حضرت يوسف عليه السلام جي سيرت جو مطالعو
سترهن سالن کان گهٽ عمر جو هڪ نوجوان، پيءُ جي آغوشِ محبت کان زوري جدا ڪيو وڃي ٿو ۽ اوچتو ئي اوچتو پاڻ کي ڪهڙن ماڻهن ۾ ڏسي ٿو؟ اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ جيڪي چند ٽڪن جي لالچ ۾ غلام ڪري وڪڻي رهيا آهن. دنيا جون هڪ لک انساني طبيعتون اهڙي حالت ۾ ڇا ڪن ها؟ ليڪن سوچيو ته هن ڇا ڪيو؟ ائين ٿو معلوم ٿئي ته هڪ تجربيڪار دانشمند وانگر، جنهن حالتن جو پورو پورو جائزو ورتو هجي ۽ پوءِ فيصلو ڪري ڇڏيو هجي ته ڪهڙيون به حالتون پيش اچن، اهي صبر ۽ سڪون سان برداشت ڪرڻ گهرجن ۽ حالتن مطابق ڪم ڪرڻ گهرجي.
قافلي وارن يوسف عليه السلام کي غلام جي حيثيت سان پيش ڪيو، پاڻ غلام جي حيثيت سان پيش ٿيا. عزيزِ مصر کين غلامن وانگر خريد ڪيو، پاڻ ان جي غلامن وانگر خدمت ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ ان سان اهڙي طرح پيش آيا، جهڙي طرح هڪ اطاعت گذار ۽ وفادار غلام کي پنهنجي مالڪ سان پيش اچڻ گهرجي. ڪٿان به اها ڳالهه ظاهر نٿي ٿئي ته پاڻ ائين ڪرڻ کان هٻڪ محسوس ڪئي هجينِ. ڄڻ هي بي وقت مصيبت جيڪا هزارن، لکن انسانن جي پوري زندگي لاءِ ذلت ٿي پوندي آهي، هن لاءِ ڪا مصيبت ئي نه هئي. پيءُ جي آغوشِ محبت کان نڪري، اوچتو ئي هڪ غير جو غلام ٿي وڃڻ، هن لاءِ اهڙي ڳالهه هئي، جيئن پنهنجي مرضيءَ سان زندگيءَ جو هڪ عيش ڇڏي ٻيو اختيار ڪيو وڃي: نه پوئين ڳالهه تي افسوس ۽ نه موجوده حالتن جو ارمان! نه گذريل جي ياد ۾ روڄ راڙو، نه آئينده جي انديشي ۾ بدحالي، ان ارادي ڪندڙ ۽ اهڙي بي پرواهه ملاح وانگر، جنهن کي نه ته ڪناري ڇڏڻ جو غم ستائي رهيو هجي ۽ نه اچڻ واري طوفان جو انديشو، هن پنهنجي ٻيڙي هلائڻ شروع ڪئي ۽ ڏسو آخرڪار منزل مقصود تي پهچائي دم پٽيائين.
حادثن ۽ انقلابن جي بٺيءَ ۾ هن کان وڌيڪ ڪهڙو تير هو جيڪو هن تي هلايو نه ويو هو پر هن جي صبر ۽ عزم ان کي ڪک برابر به نه سمجهيو ۽ اهڙي طرح بي داغ حادثن جي چڪر مان نڪري ويو، ڄڻ هن جي خلاف ڪجهه ٿيو ئي نه هو.
تصور ڪريو ته اهڙو انسان جيڪو دنيا جي مصيبتن ۽ موافقتن ۾ پنهنجو رستو ڳولڻ چاهيندو هجي ته هن معاملي ۾ ڪهڙي نه عظيم الشان عبرت آهي. جيڪڏهن حضرت يوسف عه مصيبتن ۽ ڏکن جي پهرين منزل تي صبر، عزم، اعتمادِ نفس ۽ توڪل علي الله جو اهم عظيم روح پنهنجي اندر پيدا نه ڪري وٺي ها، ته ڇا؟ ان منزل مقصود تي پهچي سگهي ها! جيڪا آخرڪار هن جي منزلِ مقصود ثابت ٿي.
وري ڏسو، زماني جون گردشتون ڪهڙي طرح آزمائش مٿان آزمائشون پيدا ڪنديون رهيون ۽ ان جي اڏول ۽ بي داغ سيرت ڪهڙي طرح فتحن مٿان فتحون حاصل ڪندي ويئي. سڀ کان پهريائين عزيزِ مصر سان معاملو پيش اچي ٿو. هن، غلام جي حيثيت سان هن کي خريد ڪيو هو ۽ مصر جا آثار ٻڌائين ٿا ته مصرين جو غلام سان ڪهڙو رويو هوندو هو. اُهي غلامن لاءِ ايترائي سنگدل هئا، جيتريون دنيا جون ٻيون قومون رهيون آهن. تنهن هوندي به هن ٿوري وقت ۾ پنهنجي حسن ۽ ڪردار سان ان جي دل کٽي ورتي ۽ غلاميءَ جي جاءِ تي مالڪي ڪرڻ لڳو:
”هن پنهنجي گهر واريءَ کي چيو ته هن کي سٺي نموني رکجانءِ، عجب ناهي ته هي اسان کي فائدو ڏي يا اسين هن کي پٽ بڻايون.“ (يوسف 21)
سوچيو ته سهي، اهو انقلاب ڪيئن پيدا ٿيو هوندو، اها ڪهڙي وفاداري ۽ ديانتداري ۽ راست بازي ۽ امانت شعاري هئي جنهن هڪ مصري امير کي ايتري قدر متاثر ڪيو جو هو هڪ عبراني غلام کي پنهنجي پٽ وانگر چاهڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي سموري گهر ٻار ۽ علائقي جو خودمختيار بڻائي ڇڏيس ٿو.
ان کان پوءِ عزيز جي عورت جو معاملو رونما ٿئي ٿو. پويون آزمائشون ذهن ۽ دماغ جون هيون، هي جذبات جي آزمائش هئي. انسان جي لاءِ سڀ کان وڏي آزمائش جذبات جي آزمائش ئي هوندي آهي. هو سمنڊ جي ڇولين کان نٿو ڊڄي، جبلن جي چوٽين کان نٿو گهٻرائي، آسمان جي کنوڻ کان نٿو ڪنبي، درندن جي مقابلي کان منهن نٿو موڙي، تلوارن جي ڇانو ۾ کيڏڻ لڳي ٿو پر نفس جي هڪ ننڍڙي ترغيب ۽ جذبات جي ادنيٰ ڪشش جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، پر حضرت يوسف عه جي ڪردار جو پهاڙ هتي به اڏول رهيو. هن جي بي داغ فضيلت تي نفس انساني جو سڀ کان وڏو فتنو داغ لڳائي نه سگهيو.
قرآن جي معجزانه بلاغت چند لفظن ۾ معاملي جي سڄي تصوير ڇڪي ورتي آهي ۽ جيڪڏهن انهن اشارن ۽ تشريحن کي اڃا وضاحت سان بيان ڪيو وڃي ته ڪيترن صفحن جو داستان ٺهي پوي. اوهين غور ڪريو ته ترغيبات جي ڪارفرمائي جو ڇا حال هو ۽ نفساني عيش جي اها دعوت ڪهڙن نه آرامده سامانن ۽ صبر وارين حالتن سان پيش آئي هئي. عمر، ڀرپور جواني جي عمر ۽ معاملو محبت جو نه بلڪه محبوبيت جو، طلب جو نه پر مطلوبيت جو- پوءِ طلب به ٿي ته ڪهڙي طلب ٿي؟
ڪا اک ڏسڻ واري ناهي، ڪو به حجاب جو پردو حائل ناهي. ڪير آهي جيڪو اهڙي حالت ۾ به پنهنجو پاڻ کي قابو ۾ رکي سگهي ٿو. عصمت ۽ پاڪيزگيءَ جو ڪهڙو پهاڙ آهي جيڪو انهن بجلين جو تاب سهي سگهي ٿو ها، هڪڙو پهاڙ هو جنهن کي اهي بجليون به لوڏي نه سگهيون. اهو حضرت يوسف عه جو ڪردار هو جيڪو هر حال ۾ اڏول رهيو. خود عزيز جي گهر واريءَ جي لفظن ۾ (۽ ان کان وڌيڪ ان معاملي جو ڪير شاهد ٿي سگهي ٿو).
”بيشڪ، مان هن کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هي بچي نڪتو.“ (يوسف-32)
هو اهڙي حال ۾ به پنهنجي جاءِ کان بي جاءِ نه ٿيو. هن پاڪيزگي جي جبل لاءِ ذرا به لرزش نه هئي.
وري جڏهن عزيز جي گهر واري جي دعوتِ عيش جي جواب ۾ جيڪي ڪجهه هن جي زبان مان نڪتو اهو ڇا هو: (منهنجي مالڪ ته مون کي سٺي منزلت بخشي -23) تنهنجو مڙس منهنجو مالڪ آهي، هن مون تي اعتماد ڪيو، عزت ۽ احترام سان پيش آيو، پوءِ ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ان جي احساسن جو بدلو اهو ڏيان جو ان جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ لڳان!
غور ته ڪريو! هيءَ برائي اهڙي برائي هئي جو ان کان لنوائڻ لاءِ ڪيترائي بهانا ڪري پيا سگهجن پر هُن جو ذهن ان ڳالهه جي طرف ويو ۽ جنهن کي قرآن به ظاهر ڪري ڇڏيو. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته هُن جي ڪردار جو اصلي جوهر اتي ڳولڻ گهرجي. ايمانداري، پاڪبازي ۽ فرض جي ادائگيءَ جو روح اهڙي طرح هن تي واسو ڪيل هو جو هر موقعي تي سڀ کان پهريائين اهو ئي سامهون ايندو هو.
پوءِ لائمات (ملامت ڪندڙين) جو معاملو پيش اچي ٿو. اڳي صرف هڪ عزيز جي گهرواريءَ جو فتنو هو ۽ هاڻي دارالحڪومت مصر جا سڀئي فتنه گر اچي گڏ ٿيا هئا ته جيئن هن جي ضبط ۽ تحمل جي اسباب جي برباديءَ ۾ حصو وٺي سگهن. مگر هتي به نتيجو ڪهڙو نڪتو:
وَ قُلۡنَ حَاشَ لِلّٰہِ مَا ہٰذَا بَشَرًا ؕ اِنۡ ہٰذَاۤ اِلَّا مَلَکٌ کَرِیۡمٌ (یُوسُفَ -31)
(۽ چيائون ته پاڪ آهي الله تعاليٰ، ناهي هي ڪو آدمي، مگر هڪ فرشتو وڏي مان شان وارو.)
وري ڏسو ته پاڪبازي ۽ حق پرستيء جي آزمائش اچانڪ ڪهڙي صورت اختيار ڪري ٿي. انسانن کي دنيا ۾ سزائون ۽ مصيبتون ان لاءِ ڀوڳڻيون پون ٿيون جو اهي پاڻ کي ڏوهه ۽ گناهه کان روڪي نٿا سگهن، پر حضرت يوسف عه جي سامهون قيد جي سزا انهيءَ لاءِ آندي پئي ويئي ته هو جرم ۽ گناهه کان پاڻ کي ڇو روڪي رهيو آهي!
ماڻهن کي قيدخاني جي سزا انهيءَ لاءِ ڀوڳڻي پوي ٿي جو اهي زندگيءَ جو عيش ڳولين ٿا ۽ جڏهن نٿو ملي ته زوري وٺڻ چاهين ٿا پر حضرت يوسف عه کي قيدخاني ذريعي ان ڪري ڊيڄاريو پئي ويو ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي هر عيش پنهنجي سمورين دلفريبين ۽ دلڪشين سان کيس دعوت ڏني ۽ هن انڪار ڪري ڇڏيو.
حضرت يوسف عه جي ڪردار جو اهو عظيم مظاهرو آهي. اهو عشق حقيقيءَ جو اعليٰ نمونو آهي. اهو پرستاري ۽ صداقت جو دستور العمل آهي. اهو ئي ڪامل ايمان جو پيمانو آهي. جڏهن سندس سامهون ٻه ڳالهيون پيش ڪيون ويون: هڪ هيءُ ته زندگي جو عيش پر گناه جي رستي ۾، ٻيو هيءُ زندگيءَ جا ڏک ڏاکڙا پر پاڪبازي ۽ نيڪيءَ جي راهه ۾ ۽ پوءِ هن عظيم هستيءَ جو قطعي ۽ بغير ڪنهن هٻڪ جي فيصلو هي هو ته
”قيدخانو مون کي منظور آهي مگر اها ڳالهه نه جنهن جي مون کي دعوت ڏني پئي وئي.“ (يوسف33)
اسان جا مفسر ڪرام لکن ٿا ته ”اها حضرت يوسف عه جي بدشگوني هئي جو پاڻ ئي قيدخاني متعلق چيائون. جيڪڏهن تڪڙ ۾ ائين نه چون ها ته اها مصيبت پيش ئي نه اچي ها.“
افسوس، ڪيتري قدر نه حقيقت کان فراموشي آهي! حضرت يوسف عه جي جيڪا ڳالهه سندس پاڪيزگي ۽ عظمت جو سڀ کان وڏو جوهر هئي، سا هنن حقيقت کان اڻواقفن جي نظر ۾ سندس ڀل هئي. يعني سندن خيال موجب حضرت يوسف عه جو قيدخاني کي گناه تي ترجيح ڏيڻ ۽ ان کي خوشي سان قبول ڪرڻ اهڙي ڳالهه هئي جا نه ٿيڻ کپندي هئي ۽ اها صرف ان ڪري ٿي پئي جو حضرت يوسف عه بدشگوني ڪئي. غور ڪريو ته قرآن ڪٿي ۽ ان جي تشريح ڪرڻ وارا ڪٿي آهن!
حضرت يوسف عه جو اهو ڪردار ئي آهي جنهن قيدخاني جي سوڙهي ۽ اونداهي ڪوٺيءَ کي به اهڙي طرح روشن ڪري ڇڏيو، جهڙي طرح هن عزيزِ مصر جي ايوان کي روشن ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته ڏيئو ڪٿي به رکيو وڃي ته روشني ئي ڏيندو ۽ هيري جي چمڪ انهيءَ ڪري گهٽ نه ٿيندي جو ان کي شاهي جواهرخاني ۾ رکڻ بجاءِ گند ۾ رکيو وڃي. تورات جي وضاحت پڙهي چڪا آهيو ته قيدخاني جو آفيسر هن جو معتقد ٿي ويو هو ۽ قيدخاني ۾ حضرت يوسف جو اثر رسوخ قائم ٿي چڪو هو.
وري عين قيدخاني ۾ به دعوتِ حق جو ارادو سندن دل مبارڪ ۾ اٿي ٿو. انهيءَ وقت تائين پاڻ مصر ۾ دين حق جي تبليغ ڪا نه ڪئي هئائون، جيتوڻيڪ پاڻ ان تي قائم هئا پر هاڻي وقت اچي ويو هو ته سندس خانداني نبوت جو ظهور ٿئي. اهو خانداني نبوت جو ئي اثر هو جو پاڻ پنهنجي دل کي تبليغ جي جذبي سان پُر ڪيائون پر هتي ڪير هو جيڪو سندس تبليغ جو مخاطب ٿئي. صرف قيدخاني جا ڪجهه ساٿي، جيڪي طرح طرح جون مصيبتون ڀوڳڻ لاءِ هتي پهچايا ويا هئا. غور ڪريو! پاڻ آزاديءَ جو انتظار نه ڪيائون. قيدين ۾ دعوت حق جي تبليغ شروع ڪري ڏنائون ۽ هاڻي مصر جو قيدخانو دعوت حق جي تعليم جي درسگاهه بڻجي ويو. وري تبليغ حق جي جذبي جو حال ڇا آهي: ٻه نوان قيدي اچن ٿا جيڪي بادشاهه جي خاص خادمن مان آهن ۽ اهي پنهنجو پنهنجو خواب بيان ڪن ٿا. خواب ٻڌندي ئي پاڻ سمجهن ٿا ته هڪ جي آزادي ويجهي آهي ۽ ٻئي جو موت. بس پوءِ وقت جو هڪ لمحو زيان ڪرڻ کانسواءِ تعليم حق کان انهن کي واقف ڪري ڇڏين ٿا.
ممڪن آهي جيڪو آزادي ماڻڻ وارو آهي اهو ٻج کڻي درٻار ۾ پوکي سگهي ۽ جنهن جو موت ويجهو آهي ته مانَ هو سچائي کي قبول ڪري ۽ دنيا مان وڃي ته راهه حق تي وڃي. تنهن ڪري اسين ڏسون ٿا ته پاڻ خواب ٻڌندي ئي ان جي تعبير نه ٻڌايائون، بلڪه انهن جي توجه جو فائدو وٺي هڪ ٻيو بيان شروع ڪري ڏنائون.
”تحقيق مان ترڪ ڪيو آهي مذهب انهيءَ قوم وارن جو جيڪي ايمان نٿا آڻين الله تعاليٰ تي ۽ اهي آخرت (جي برپا ٿيڻ کان به)سڀئي منڪر آهن.“ (يوسف-37)
سندس سيرت جي ان هنڌ اسين معلوم ڪري سگهون ٿا ته دعوت حق جو فرض ڪيئن ادا ڪيو وڃي ۽ دعوت جي ادائگيءَ جو ڪهڙو حال هئڻ گهرجي. قيدخاني جي زندگي به فرض جي ادائگيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي نه سگهي. اهڙي حالت ۾ فڪر ان ڳالهه جو هو ته مان آزادي ڪيئن حاصل ڪريان بلڪه اهو هو ته خدا جا ٻانها جهالت ۽ گمراهيءَ کان نجات ڪيئن حاصل ڪن. جڏهن به مهلت ملي ۽ جنهن گهڙي به ملي، فوراً انهيءَ مقصد لاءِ ڪم آندي ويئي. جهڙي طرح ان ماڻهوءَ جي هدايت لاءِ جلدي ڪيائون جيڪو اڃا سالن تائين زنده رهڻ وارو آهي. اهڙي طرح ان جي لاءِ به صبر نه ڪري سگهيا جنهن جي ڪنڌ تي موت جي تلوار لٽڪي رهي هئي. ڇاڪاڻ ته انسان زنده رهڻ وارو هجي يا مرڻ وارو، هدايت حاصل ڪرڻ ان جو بنيادي ۽ فطري حق آهي، ان کي اهو حق هڪدم ملڻ گهرجي. پوءِ معاملو صرف ايتري تائين ختم نٿو ٿئي بلڪه جيستائين پهچائڻ جي گنجائش، موقعو ۽ ضرورت سمجهن ٿا ايستائين ڪوشش ڪن ٿا. جيئن ئي کين معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن مان هڪ بادشاهه جي ساقين جو سردار آهي ۽ وري ساڳي عهدي تي ڪم ڪرڻ وارو آهي ۽ هر وقت بادشاهه جي خدمت ۾ رهڻ وارو آهي، ڪيترو نه سٺو ٿيندو جو حق جي دعوت بادشاهه جي ڪنن تائين پهچائي ڇڏجي. اهڙي طرح تعبير بيان ڪرڻ بعد فرمايائون:
”جڏهن پنهنجي آقا وٽ وڃين ته مون کي ياد ڪجانءِ. يعني منهنجي هيءَ تعليم ۽ دعوت حق ياد رکجانءِ ۽ پنهنجي آقا سان موقعو وٺي ان جو ذڪر ڪجانءِ. ممڪن آهي ته حق جي پيغام کي قبول ڪري وٺي.“ (يوسف-42)
عام طور تي حضرت يوسف جي انهيءَ قول جو اهو مطلب ورتو وڃي ٿو ته اهو هن پنهنجي آزاديءَ لاءِ چيو هو يعني پنهنجي آقا وٽ منهنجي سفارش ڪجانءِ. پر جنهن موقعي تي اها ڳالهه ڪئي ويئي آهي تنهن مان ان جي تائد نٿي ٿئي. قيدين سان سندس جيڪا به گفتگو ٿي سا يا ته تعبير جي باري ۾ هئي يا دين حق جي باري ۾، انهيءَ جو ڪو به اشارو نٿو ملي ته پاڻ قيد جي ڏکن جو ذڪر ڪيو هجينِ. پوءِ انهيءَ ڳالهه جو اهو مطلب ٿي سگهي ٿو، جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آهي. هي ڳالهه به صاف ٿي ويئي ته قيدين جو خواب ٻڌي پاڻ تعبير فوراً ڇو نه ٻڌايائون. مفسر لکن ٿا ته وحي جو انتظار هو. جيڪڏهن وحي جو انتظار هجي ها ته پاڻ ايڏي يقين سان ڇو چون ها ته (اڃا ايندو ئي ڪو نه اوهان ٻنهي جو طعام جيڪو توهان کي قيدخاني ۾ کارايو وڃي ٿو، مگر مان ٻڌائيندس توهان کي انهيءَ (خواب جي حقيقت) ۽ وحي جي فيض سان ته سندس دل معمور ٿي رهي هئي. تعبير جي لاءِ انتظار جي ضرورت ڇو پيش آئي. ڳالهه صاف آهي ته دير ڄاڻي واڻي ڪئي هئائون ۽ انهيءَ خيال کان ڪئي هئائون ته تعبير جي غرض ٻنهي کي منهنجي طرف متوجهه ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ توجهه مان جلدي فائدو وٺڻ گهرجي ۽ دين حق جي دعوت ڇيڙڻ گهرجي. اهڙي طرح دعوت جو ذڪر هنن لفظن سان شروع ڪيائون: ”تحقيق مان ترڪ ڪيو مذهب انهيءَ قوم وارن جو جيڪي ايمان نٿا آڻين الله تعاليٰ تي ۽ اهي آخرت جي برپا ٿيڻ کان سڀئي منڪر آهن.“ يعني خواب جي تعبير ته مان ٻڌائي ڇڏيندس. ڇاڪاڻ ته پروردگار مون کي انهيءَ جو علم ڏنو آهي پر منهنجي علم کي اهڙو علم نه سمجهو، جهڙو پنهنجن ڀوپن ۽ جادوگرن کي سمجهو ٿا. منهنجو رستو جدا آهي ۽ اوهان جي طريقي جو پابند ناهيان. پوءِ اهڙي طرح ڳالهين مان ڳالهيون ڪڍندي دين حق جي دعوت شروع ڪري ڇڏيائون.
وري هن جي ڪردار جي فضيلت جو ڪهڙو نه عجيب منظر سامهون اچي ٿو ته جڏهن مصر جو بادشاهه خواب ڏسي ٿو ۽ ساقين جو سردار اهو معاملو کڻي اچي هن کي ٻڌائي ٿو. دنيا جو هر ماڻهو اهڙي موقعي تي ڇا ڪري ٿو؟ دنيا جو هر اهڙو قيدي ڇا ڪندو جنهن کي بغير ڪنهن ڏوهه ۽ گناهه جي قيد ڪيو ويو هجي ۽ سالن تائين بغير ڪنهن مدد جي قيد هجي؟ يقيناً اهڙي موقعي کي غيبي مدد سمجهي ان مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ چوندو ته مان اها مشڪل حل ڪري سگهان ٿو. مون کي قيد کان نڪرڻ ۽ بادشاهه جي حضور ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي پر اسين ڏسون ٿا ته حضرت يوسف عليه السلام جي طرفان اهڙي ڪا به خواهش ظاهر نٿي ٿئي. پاڻ خواب ٻڌندي ئي ان جي تعبير بيان ڪري ڇڏيائون. ذري برابر به خيال نٿو ٿيئس ته پنهنجي مطلب لاءِ اها قيمتي ڳالهه ٿوري دير لاءِ روڪي ڇڏي. پوءِ نه صرف ايترو جو جيڪا ڳالهه پڇي ويئي هئي اها ئي ٻڌايائون پر ان کان به زياده علم جي بخشش مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيائون؛ يعني خواب ۾ ايندڙ تباهيءَ جي خبر ڏني ويئي هئي. پاڻ تعبير سان گڏ اهو به ٻڌائي ڇڏيائون ته ان تباهي ۽ مصيبت کان بچڻ جو ڪهڙو رستو آهي. سوال بادشاهه جي طرف کان هو پر جنهن جواب ڏنو اهو قيدخاني جي ڪوٺڙيءَ ۾ هوندي پنهنجي علم جي بخشش ۾ بادشاهن کان به وڌيڪ سخي هو.
حضرت يوسف عليه السلام ائين ڇو ڪيو، انهيءَ لاءِ ته دنيا هن سان ڪجهه به ڪيو هجي پر هو دنيا جي خدمت ۽ هدايت کان سواءِ ڪو به مقصد نٿي رکي سگهيو. جڏهن خواب ٻڌائون ۽ سندس علم ۽ بصيرت خواب جو تعبير معلوم ڪري ورتو ته هڪڙي گهڙيءَ لاءِ به علم ۽ هدايت جي بخشش انسانن کان روڪي نه سگهيا. هن جو فرض هو ته جڏهن به گهر جائو هٿ سندس آڏو اچن ته انهن جي رهنمائي ڪرڻ فرمائين ۽ پاڻ رهنمائي ڪيائون. جيڪڏهن ائين نه ڪن ها ته حق جي دعوت ڏيندڙ ڪيئن سڏجن ها. سندس خدمت جو بي لوث جذبو انهيءَ خود غرضي واري مطلب پروريءَ کي برداشت نه پيو ڪري سگهي ته هڪ انسان جي مشڪل ۽ مصيبت کي پنهنجي آزاديءَ جو ذريعو يا سبب بڻائي. وري جڏهن بادشاهه ملاقات لاءِ مشتاق آهي ۽ پنهنجو قاصد موڪليائين ته گهرجي ها ته خوشيءَ سان انهيءَ پيغام جو استقبال ڪري ها. ڇاڪاڻ ته هاڻي پنهنجو پاڻ آزادي سامهون هئي ۽ آزادي اهڙي حالت ۾ ٿي رهي هئي جو وقت جو بادشاهه زيارت لاءِ مشتاق آهي پر ڏسون ٿا ته حضرت يوسف عليه السلام جي نظرن ۾ معاملي ٻي شڪل اختيار ڪئي. پاڻ قيدخانو ڇڏڻ ۽ بادشاهه سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون ۽ چئي ڇڏيائون ته پهرين منهنجي معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.
هاڻي بي اختيار ساڳيو سوال وري سامهون اچي ٿو ته (اهڙي صورت حال ۾) دنيا جو هر مظلوم قيدي ڇا ڪري ها ۽ هن حق ۽ صداقت جي پيڪر ڇا ڪيو؟ هن جي سيرت ڪهڙن جواهرن مان ٺاهي ويئي هئي ۽ ڪهڙي نه صبر ۽ ضبط جي بي مثال قوتن سان خود داري، عزت نفس ۽ روح هڪ هڪ ذري ۾ شامل هو. حضرت يوسف عليه السلام جي ان انڪار ۾ سندس اخلاقي ذهنيت جي پوري دنيا لڪل آهي، ڄڻ اهي چئي رهيا آهن ته قيد کان آزادي بيشڪ خوشخبري آهي، پر اهڙي آزادي مون کي ڪهڙي خوشي ڏيئي ٿي سگهي، جيڪا منهنجي بي گناهيءَ جو سبب نه هجي ۽ بادشاهه جو عطيو ۽ بخشش هجي. هيم ته مجرم پر بادشاهه خواب ڏٺو. ڪو تعبير ڪري نه سگهيو، مون کي انهيءَ ڪري بادشاهه خوش ٿي آزاد ڪري ڇڏيو. پوءِ ته هي بادشاهه جو احسان ٿيو، حق ۽ صداقت جو فيصلو ته نه ٿيو. هرگز نه! مان پنهنجي آزادي احسان طور قبول نٿو ڪريان. جيڪڏهن مجرم آهيان ته سزا جو حقدار آهيان، ڇو بخشيو وڃان. جيڪڏهن ڏوهي ناهيان ته منهنجي بي ڏوهي هجڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪري آزاد ڪرڻ گهرجي ته سزا جو حقدار نه هيم، انهيءَ لاءِ نه ته ڪنهن ڏوهه بخشي ڇڏيو.
عزت نفس ۽ حق جي استقامت جو ڪيڏو بلند مقام آهي ۽ اخلاقي ڪردار جي ڪيتري نه عجيب مضبوطي آهي، جنهن ۾ ڪٿي به لچڪ نظر نٿي اچي. ڪهڙي رخ کان ڏسو ۽ ڪيئن به ڏسو، سندس بي داغ خاصيتون هڪ جهڙيون آهن ۽ اهڙي سج جي روشني ڪڏهن به جهڪي نٿي ٿئي.
حقيقت ۾ حضرت يوسف عليه السلام جي حسن جون اهي خوبصورتيون هيون جن هڪ ئي نظر ۾ بادشاهه جي دل فتح ڪري ورتي. پوءِ سڀ کان آخر ۾ انهيءَ موقعي جو مطالعو ڪريو جڏهن هن جا ڀائر سامهون اچي بيهن ٿا. ڪهڙا ڀائر؟ جن کيس قتل جو ارادو ڪيو ۽ پوءِ غلام بڻائي غيرن جي هٿ وڪڻي ڇڏيو. ڪنهن جي سامهون اچي بيٺا؟ انهيءَ مظلوم جي سامهون جيڪو اڄ مظلوم ناهي پر وقت جي سڀ کان وڏي سلطنت جو مالڪ ۽ ڏڪر جهڙي سڀ کان وڏي مصيبت ۾ زندگيءَ جو سامان بخشڻ وارو آهي. ڪيڏو نه سٺو موقعو هو ۽ نفس انساني جي انتقام لاءِ ڪيڏي نه صبر واري آزمائش هئي. تڏهن به غور ڪريو ته شروع کان وٺي آخر تائين سندس طرز عمل ڪهڙو رهي ٿو. ڪٿي به اهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي جو چئي سگهون ته بغض مان انتقام ۽ بدلو ورتائون، نه صرف ايترو پر پاڻ ته انهن لاءِ سراسر شفقت ۽ رحمت ٿي پيا. بدلي ۽ ملامت جي ڇا ڳالهه؟ هن جي زبان مان ته ڪو اهڙو لفظ ئي نه نڪتو جنهن سان ڀائرن جي دل آزاري ٿيندي هجي. صاف ڏسڻ ۾ پيو اچي ته شرمندگي ۽ پشيمانيءَ جو ڦٽ ڀائرن کان وڌيڪ سندس ئي دل ۾ آهي. هاڻي فڪر هي آهي ته انهن جي دلي تسڪين لاءِ ڪهڙو سامان پيدا ڪجي.
جڏهن ٽئين دفعي ڀائرن اچن ٿا ۽ پنهنجي مصيبتن جو داستان ٻڌائڻ لڳا ۽ پوءِ سوالي هٿ وڌايائون ته محبت جي جذبي کان بي قرار ٿي پيا. ان وقت ۾ انهيءَ ڳالهه کان سواءِ سندن سامهون ٻيو ڪجهه به نه هو ته منهنجا ڀائر مفلسي ۽ ناداريءَ ۾ مبتلا آهن. مان عزت جي تخت تي ويٺو آهيان ۽ هو پينوئن وانگر سوالي هٿ ڊگهيڙي بيٺا آهن! بي اختيار سندس دل گهريو ته پاڻ کي ظاهر ڪن، ”اوهان کي اها ڳالهه ياد آهي جا يوسف ۽ ان جي ڀاءُ سان ڪئي هُيوَ؟“ چوڻ لاءِ ته چئي ويا، پر انهيءَ چوڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه هو، ڇاڪاڻ ته ياد ڏيارڻو هو ته مصر ڪيئن پهتا ليڪن فوراً خيال ٿيس ته انهيءَ معاملي جي يادگيريءَ ۾ سراسر شرمندگي ۽ ندامت آهي، تنهن ڪري جلدي هڪ اهڙي ڳالهه چئي ڇڏيائون جنهن مان معذرت جو پهلو نڪري آيو ۽ شرمندگي جو بار محسوس نه ڪيائون.
”انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اوهان جي نادانين جو زمانو هو.“ (يوسف-89)
يعني انهيءَ تي شرمنده ٿيڻ جي ضرورت ناهي،ڇاڪاڻ ته ڪير آهي جنهن تي ڪو نه ڪو وقت نادانين جو نه گذريو هجي.
اهو ٻڌندي جڏهن هُنن سڃاڻي ورتو ۽ عاجزي ۽ شرمندگيءَ کان سر جهڪائي چوڻ لڳا:
”خدا جو قسم آهي ته يقيناً فضيلت ڏني آهي تو کي الله تعاليٰ اسان سڀني جي مٿان ۽ بيشڪ اسان آهيون وڏا خطاڪار.“ (يوسف-91)
ته بنا دير جي هي جواب مليو:
”ناهي ڪا به ميار توهان تي اڄ (کان پوءِ) خدا تعاليٰ شال معافي ڏئي توهان کي ۽ الله تعاليٰ وڏو مهربان آهي سڀني مهربانن کان.“ (يوسف-92)
اڄ جو ڏينهن وڇڙيلن جي ملڻ ۽ ٽٽل لاڳاپن کي ڳنڍڻ جو ڏينهن آهي. ملامت ۽ الزام جو هتي سوال ئي ناهي. منهنجي دل ته هر طرح جي ناراضگيءَ کان صاف آهي. باقي رهيو خدا جو معاملو ته ان لاءِ به منهنجون دعائون توهان سان گڏ آهن. الله، توهان جا سمورا قصور بخشي ڇڏيندو ڇاڪاڻ ته ان کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو ڪير آهي.
پوءِ اڳتي الله جي فضل و ڪرم جو شڪريو ادا ڪندي ڪهڙي نه طرح اشارو ڪري رهيا آهن:
”جڏهن ائين ٿيو هو ته شيطان مون ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪيو هو.“ (يوسف-100)
يعني معاملي کي شيطان جي طرف منسوب ڪري ڇڏيائون جيئن اهو بار به ڀائرن تي نه پوي. ڄڻ هي شيطان جو فساد هو، نه ته منهنجا ڀائر ائين ڇو ڪن ها. پوءِ ساري معاملي کي هڪ اختلاف سان تعبير ڪيائون جيئن اصل معاملي جي اجائي کول نه ٿئي. پوءِ جيڪو ڪجهه به ظاهر ڪيائون ته هن طرح ته
”مون ۾ ۽ منهنجي ڀائرن ۾ اختلاف ٿي پيو هو.“
(يوسف-100)
ڀائرن جو بغير ڪنهن سبب جي ڏاڍ نه هو. ڪا اهڙي ڳالهه هئي جيڪا ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪندي آهي. ٻنهي طرفن جو اختلاف ۾ هٿ هوندو آهي، اهو نٿو چئي سگهجي ته هڪ طرف جو قصور هو.
غور ڪريو ته درگذر جو ڪيڏو نه مقام آهي. همت جي ڪيڏي وسعت آهي جيڪا دشمني ڪرڻ وارن سان اهڙو سلوڪ ڪري سگهي ٿي. جنهن جي سيرت جو اهڙو حال آهي انهيءَ لاءِ فضيلت جي ڪهڙي ڳالهه رهجي ويئي.
مظلوميت ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ بيشڪ صبر ڪرڻ بزرگي آهي پر طاقت ۽ اختيار جي حالت ۾ بدلو نه وٺڻ ۽ بخشي ڇڏڻ، دنيا جي سڀ کان وڏي بزرگي آهي ۽ سيرت جي عظمت ۾ ٻئي مقام هڪ هنڌ آهي. جڏهن بيوسي هئي ته آه به نه ڀريائون ۽ جڏهن طاقت ملي ته انتقام ۽ بدلي جو وهم ۽ گمان به نه ٿيو، بيشڪ اهو، سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو اسوه حسنه آهي. سڀ کان آخر ۾ سندس دعا سامهون اچي ٿي، جنهن ۾ هن جي سيرت جي هڪ هڪ ذري کي جاچي سگهجي ٿو. وڏائي ۽ بزرگيءَ جي مقام تي پهچڻ بعد به جيڪا صدا سندن دل ۽ دماغ مان نڪري پئي سگهي، سا اها هئي ته:
”زندگيءَ جي سمورين سوڀن جي آخري گهرج ۽ آرزو اها آهي ته اطاعت حق تي خاتمو ٿئي ۽ لاڳاپو انهن سان هجي جيڪي تنهنجا صالح ٻانها هجن.“ (101)
(مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”تحريڪ آزادي“ تان ترجمو ڪيل)