غلامن جي ديس ۾ آزاديءَ جو نعرو
هن الله جي موڪليل پيغمبرن کي جادوگر، مجنون ۽ چريو چئي، کين قسمين قسمين اذيتون ڏنيون آهن. هن انهن پيغمبرن سان هر موقعي ۽ مهل تي بداخلاقي ڪئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن الله جي انهن نيڪ ٻانهن کي هن قتل به ڪيو آهي.
پر ان سرڪش انسان جو خون ايتري قدر قيمتي آهي جو ايڏي بغاوت ۽ نافرماني جي باجود هُن، الله تعاليٰ ان جي عزت ۽ آبروءَ کي قائم رکيو. پر جڏهن انساني جرم ۽ بغاوتون حد کان وڌي ويون ته قانون الاهي کي جوش آيو ۽ الله تعاليٰ انهن ظالم قومن مٿان پنهنجي عظيم الشان مخلوق کي غالب ڪري ڇڏيو. هن انهن جي بدعملن جي هنن کي پوري پوري سزا ڏني. ثمود قوم کي زمين پيهين خاڪ بڻائي ڇڏيو. عاد قوم کي هوا ڪکن پنن وانگر اڏائي وئي. نوح جي قوم کي پاڻيءَ جو سيلاب سڪل پنن وانگر لوڙهي ويو.
پر الله تعاليٰ پنهنجي حقن جي حفاظت واسطي ڪڏهن به انساني خون جو هڪ ڦڙو نه وهايو آهي. الله تعاليٰ دنيا جي وڏين وڏين مغرور قومن کي نيست ۽ نابود ڪري، سندن نسل کي دنيا تان مِٽائي ڇڏيو. سندن يادگارن کي برباد ڪري ڇڏيو . اهي زمين جي جنهن ٽڪري تي آباد هئا، اتي انهن جي خون جو ڪو نشان ئي ڪو نه آهي.
البت جڏهن انسان حقوق الله کان اڳتي قدم وڌائي پاڻ جهڙن انسانن جا فطري حق ڦري سندن ملڪن تي قبضو ڪرڻ لڳو. انهن جي آزادي ۽ خودمختياري ختم ڪري سندن ٻارن جي فطري نشوونما کي روڪڻ لڳو، انهن جي زمين جي پيدائش مان پنهنجي لاءِ عيش عشرت جا محل ٺاهڻ لڳو، انهن جي پورهئي جي پگهر ۽ گردنن مان نڪتل خون سان ظلم جي هوس کي تسڪين ڏيئي، پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ عزت ۽ عظمت جا نشان ٺاهڻ لڳو ته جيئن اهي انسان قدرتي واڌ ويجهه کي ڇڏي، هن جي اشارن تي حرڪت ڪن، ته پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي عذاب کي اڳ کان وڌيڪ سخت ڪيو. الاهي سياست جيڪا اڳ ۾ ڪارفرما هئي ان کي بدلايو ويو. پهرين انهن تي عذاب آسمان ۽ زمين طرفان، طوفان ۽ ٻوڏ ذريعي موڪليو ويندو هو، جنهن عذاب جي چڪي چند گهڙين ۾ سڄي قوم کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندي هئي پر هاڻي اها خدمت صرف انسان جي ذمي ڪئي ويئي بلڪه انساني هٿ جي ڏهن آڱرين جي ذمي! اهو هوڏي ۽ هٺيلو انسان جيستائين حقوق الله کي پائمال ڪندو رهيو ته الله تعاليٰ پنهنجي عظيم الشان مخلوق جي هٿان انهن کي عذاب ڏيندو رهيو. هاڻي جڏهن انساني حقن کي تباهه ۽ برباد ڪيو پئي ويو، ان لاءِ الله تعاليٰ انسانيت جي عزت ۽ عظمت کي قائم رکڻ لاءِ خود انسان کي ئي کڙو ڪيو.
وحشت واري زماني ۾ ان انسان پاڻ جهڙن ڪيترن ئي انسانن جي حقن کي پائمال ڪرڻ سان گڏ، ڪيترن ئي انسانن کي قتل ڪيو هوندو. ڪيترن ٻارن کي ڪٺو ۽ ڪيترين ئي عورتن جي لڄالٽ ڪئي هوندي. انهن حقن جي تحفظ لاءِ تلوارون به چمڪيون هونديون ته نيزن به پنهنجا جوهر ڏيکاريا هوندا. تيرن ۽ ڪمانن جي ڪَڙ ڪَڙ سان ڪيڏو نه خوفائتو منظر پيدا ٿيو هوندو. تاريخ انهن واقعن کي ياد نه رکيو ۽ اها به انهن قومن سان گڏ پهاڙن جي اونداهين غارن ۾ گم ٿي ويئي. پر انساني سماج ان قسم جي سون واقعن ۽ داستانن کي زباني ياد رکيو ۽ انساني خون ڪڏهن به اهڙن نشانن کي مِٽجڻ نه ڏنو آهي.
صرف ماڻهن جي گهڻائيءَ سان هڪ جانثار هٿياربند فوج بڻجي نٿي سگهي، جيستائين منجهن واحد قوميت جو روح پيدا نٿو ٿئي ۽ انهن ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ هڪ ئي هدف کي حاصل ڪرڻ جو مقصد نه هجي. جيڪي حڪومتون ظلم، ڏاڍ ۽ جبر سان ڪنهن قوم جي جهاد جي جذبي کي ختم ڪرڻ چاهينديون آهن، اهي سڀ کان پهريائين سياسي فريب جي ذريعي منجهن ڏڦيڙ، بغض، ڪينو ۽ هڪ ٻئي سان انتقام جو ناپاڪ روح پيدا ڪري، سندن هيڪڙائيءَ کي ڇيهو رسائينديون آهن ۽ پوءِ اها قوم آهستي آهستي فنا ٿي ويندي آهي پر مڪر ۽ فريب جي اها حرفت ان وقت پيش ايندي آهي، جڏهن ان قوم ۾ ڪي سجاڳ دماغ ۽ درد رکندڙ دل وارا ماڻهو موجود هوندا آهن ۽ اهي سياست جي اهڙين لڪل اٽڪلن کي سمجهندا هجن. پر جڏهن ڪا قوم دل، دماغ ۽ احساس وڃائي ويهندي آهي ته پوءِ اهڙي مڪاري ۽ ٺڳيءَ جي به ضرورت نه رهندي آهي بلڪه ڏينهن ڏٺي ان قوم جي قومي وجود جي ورثي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
هن دنيا ۾ ملڪن جي تاريخ اهڙين ڪيترين تباهه ٿيل قومن جي نشانن جو ڏس ڏئي ٿي پر مذهب جي تاريخ اهڙن واقعن ۾ ڳانڍاپي ۽ ترتيب کي ناهي ڏسندي، هو صرف دنيا کي عبرت جو افسانو ٻڌائيندي آهي. ان لاءِ هو فقط اهم ۽ گهڻن مقصدن وارن واقعن کي بيان ڪندي آهي. جيڪي سڄي دنيا واسطي تعجب ڪرڻ جهڙا هوندا آهن ۽ دنيا اڳيان انهن واقعن کي وري وري دهرائيندي آهي. ان اصول جي بنياد تي هن اسان کي فرعوني حڪومت جي ظلمن جو داستان ٻڌايو آهي، جنهن جو ظلم ۽ ڏاڍ هي هو ته هو پنهنجي رعيت جي اندر ڏڦيڙ ۽ نااتفاقي پيدا ڪري، سندن مٿان حڪومت ڪندو هو ۽ هڪ ٽولي کي ڪمزور ۽ ٻئي کي طاقتور بڻائيندو هو.
”فرعون خدا جي زمين تي وڏي ٽانءِ ۾ ڀرجي ويو هو ۽ ان تي رهڻ وارن ۾ نفاق وجهي انهن کي ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڏيو هئائين. هو انهن مان هڪ ٽولي کي ڪمزور رکندو هو ۽ ان کي اڀرڻ نه ڏيندو هو“. (قصي-4)
مذهبي حڪومت کان سواءِ ظلم ۽ ڏاڍ دنيا جي هر سلطنت ۽ حڪومت جو بنياد هوندو آهي. مختلف قسم جي ظلم ڪرڻ سان اها حڪومت يا سلطنت پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري ڇڏيندي آهي. پر جڏهن ڪا سلطنت ظلم جي انتها تي پهچندي آهي ۽ انساني حقن جي تباهي ۽ برباديءَ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي آهي ته پوءِ اهي ڏينهن سندس زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن هوندا آهن. ان وقت ان جي تاج ۽ تخت کي اونڌو ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي وجود کي غلط اکر وانگر ميساريو ويندو آهي. اڄ به اسين ڏسون ٿا ته خدا جو اهو قانون ڪيئن نه ڪم پيو ڪري.
هن دنيا تي هڪ ٻئي پٺيان متضاد طاقتن حڪومت ڪئي آهي. رات کان پوءِ هميشه ڏينهن روشن ٿيندو آهي. انڌيري پٺيان روشني ظاهر ٿيندي آهي. ساڳي طرح ظالم سلطنت جي جاءِ تي عادل سلطنت قائم ٿيندي آهي. ظلم جو مٽجڻ ئي عدل ۽ انصاف جي پيدا ٿيڻ جو پيغام آهي. جڏهن ظالم قومن جي طاقت ختم ٿيندي آهي ته هڪ عادل ۽ انصاف وارو نظام قائم ٿي پوندو آهي. فرعون جي جابر سلطنت جو زوال، هڪ ٻي قوم جي عدل واري حڪومت قائم ڪرڻ جو پيش خيمو هو. ان لاءِ الله تعاليٰ فرعونن جي تباهي ۽ برباديءَ سان گڏوگڏ الاهي عدل ۽ انصاف واري حڪومت جي پيغام جي خوشخبري ٻڌائي آهي:
”۽ (اسين دائمي عادل قانون جي آڌار چاهيون ٿا ته) جيڪي ماڻهو اسان جي زمين تي ڪمزور آهن، انهن تي احسان ڪيون ۽ انهن کي دنيا جي پيشوائي عطا ڪيون. (وڏين وڏين طاقتور قومن جي تاج ۽ تخت جا) اهي ئي وارث هجن ۽ انهن جي بادشاهي زمين تي قائم هجي. فرعون، هامان ۽ ان جي حڪمران قوم کي سندن پاران جنهن شيءِ جي ڳڻتي هئي ۽ جنهن ڪري اهي هنن کي ڪمزور رکندا هئا، اهي ئي انهن جي سامهون آڻينداسون.“ (قصص-5 ۽ 6)
اهو ته فرعوني سلطنتِ انقلاب جو داستان هو پر غور ڪريو ته قرآن پاڪ ان آيت سڳوريءَ ۾ ڪهڙي نه طرح قانون الاهي جي خبر ڏني آهي. هو ٻڌائي ٿو ته هيءَ دنيا ڏاڍ وارن لاءِ شان شوڪت، دٻدٻي جي نمائش گاهه ۽ ڪمزور ن لاءِ قتل گاهه آهي. طاقتور قومون، ڪمزور قومن کي پنهنجو غلام بڻائي منجهن نفاق ۽ بغض پيدا ڪنديون آهن. انهن جي مختلف فرقن ۽ گروهن کي پاڻ ۾ ملڻ نه ڏينديون آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي ملي هڪ ٿي وڃن ته پوءِ ڪمزور رهي نه سگهنديون. اتفاق ۽ اتحاد وڏن وڏن ظالمن جي تخت ۽ تاج کي لوڏي ڇڏيندو آهي. اهو ئي حال مصر ۾ بني اسرائيل هٿان فرعونن جو به ٿيو.
ان کان سواءِ دنيا ۾ هڪ ٻيو قانون به آهي. ڪنهن وقت الله جي قهر کي جوش به ايندو آهي. جڏهن ظلم ۽ ڏاڍ جون شيطاني قوتون وڌي وينديون آهن ته پوءِ ائين به ٿيندو آهي ته هيءَ دنيا طاقتورن بجاءِ ڪمزورن جي حوالي ڪئي ويندي آهي. اها ئي زمين جيڪا هيڻن لاءِ قتل گاهه هوندي آهي سا ڏاڍن جي قتل ٿيڻ جي نمائش گاهه بڻجي پوندي آهي. ان ڏينهن تي هيڻن کي ڏاڍو ۽ ڏاڍن کي هيڻو بڻايو ويندو آهي. اهي جيڪي ڪمزور بڻايا ويا هئا، وقت اچڻ تي الله جي احسان ۽ مدد جا حقدار بڻجن ٿا ۽ ڪمزوريءَ جي جاءِ تي طاقت، بيڪسيءَ جي جاءِ تي فرمانروائي ۽ روئڻ پٽڻ جي جاءِ تي کلڻ ۽ خوشيون ملهائڻ، ماتم جي جاءِ تي عيش عشرت ۽ لٽجڻ جي جاءِ تي لٽڻ وارا بڻجي سڄي دنيا ۾ نمايان ٿي پوندا آهن. فرعوني طاقت جي جاءِ تي موسوي طاقت جهٽ پَٽ ۾ دنيا جو نقشو بدلائي ڇڏيندي آهي ۽ ڪيترين ئي صدين کان ڪريل ۽ تباهه ٿيل قومون رباني ظهور جي لاءِ شان شوڪت سان وري دنيا جون وارث بڻايون وينديون آهن.
جهڙي طرح تلوار جو آخري وار ظالم سلطنت جي نظام کي ڪاٽي ڇڏيندو آهي، اهڙي طرح عدل ۽ انصاف واري حڪومت کي پهرين ڌڪ سان قائم ڪندو آهي. حڪومت سياست جو سرچشمو آهي ۽ سياست جي اڃ هميشه تلوار ئي اُجهائي آهي. الله تعاليٰ حضرت موسيٰ کي فرعوني حڪومت ختم ڪرڻ ۽ بني اسرائيل جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ هڪ انقلابي ليڊر جي حيثيت ۾ ظاهر ڪرڻ فرمايو، ان لاءِ ڏسو ته ڪيئن نه هُن کي ننڍپڻ کان ئي جنگ جي ميدان جي مصيبتن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪرڻ جي قابل بڻايو ۽ کيس طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڌو. اڃا پاڻ هن جهان ۾ پهريون قدم رکيائون ته ماءُ جي هنج کان ڌار ٿي ويا، جنهن کان زمين تي هلندڙ جيت به محروم نه رهندا آهن. الله جي حڪمت ۽ تدبر، پنهنجي نبي اولوالعزم کي ان کان محروم ڪري ڇڏيو ۽ کيس نيل نديءَ جي طوفاني لهرن جي حوالي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن ان نديءَ جي طوفاني لهرن مان هن کي پنهنجو رستو ڪڍڻو هو.
”۽ اسان موسيٰ جي ماءُ جي دل ۾ هي ڳالهه ويهاري ته کيس کير پياري ۽ جيڪڏهن فرعون جي ظلم سبب ان جي جان جو خوف هجي ته درياهه ۾ وجهي ڇڏي ۽ ڪنهن به قسم جو خوف ۽ غم نه ڪري. اسين پوءِ سندس ئي جهوليءَ ۾ ان جي دل جي ٽڪري کي واپس ڪنداسين ۽ ان کي پنهنجو پيغمبر بڻائينداسون.“ (قصي-7)
حضرت موسيٰ جي والده پنهنجي لخت جگر کي درياهه جي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيو پر نيل نديءَ جون لهرون ان مقدس امانت کي ٻيو ڪيڏانهن به نه کڻي ويون، البته ان محل تائين حفاظت ۽ سلامتيءَ سان پهچائي ڇڏيائون جنهن جي تڪبر ۽ گهمنڊ کي ختم ڪرڻ لاءِ آخرڪار هن ٿڃ پياڪ ٻار کي وڏو ٿيڻو هو. الله تعاليٰ فرعون جي محل جي عورتن کي هن تي مهربان ڪري ڇڏيو. انهن هن جي پنهنجن ٻارن وانگر پالنا ڪئي ۽ سندس ماءُ دائي ٿي. ان ۾ الله جي وڏي مصلحت اها هئي ته جڏهن حضرت موسيٰ بادشاهه جي محل ۾ پرورش وٺندو ته هُن جي دل مان سندن رعب ۽ دٻدٻو ختم ٿي ويندو. ننڍپڻ کان ئي شاهي زندگي، سياست، حڪومت هلائڻ جي طريقن ۽ ظالم حڪومت جي رازن کي هو سمجهي سگهندو.
”پوءِ ان کي فرعون جي گهر وارن درياهه مان ڪڍيو ۽ ان ٻار جي پرورش ڪئي ته (هن لاءِ نه ته) جيئن اڳتي هلي هو انهن جو دشمن ۽ سندن رنج ۽ غم جو سبب بڻجي. بيشڪ فرعون، هامان ۽ ان جو لشڪر غلطيءَ تي هئا. جڏهن ته پنهنجي دشمن کي پنهنجي گهر جي اندر پرورش ڏيئي رهيا هئا.“ (قصص-8)
ان کان پوءِ آزمائش ۽ امتحان جا ڪيترائي موقعا سامهون آيا، هن هڪ ظالم شخص کي ظلم ڪندو ڏسي قتل ڪيو هو.
”جڏهن سڀ ماڻهو غافل هئا. موسيٰ شهر ۾ آيو ۽ اتي ٻن ماڻهن کي جهيڙو ڪندي ڏٺائين. ان مان هڪ ماڻهو هن جي قوم جو هو ۽ ٻيو هن جي دشمن ٽولي جو. موسيٰ کي ڏسي سندس قوم جي ماڻهو دشمن جي ظلم جي فرياد ڪئي ۽ موسيٰ ان (دشمن) کي اهڙو ٺونشو هنيو جو هو مري ويو. اهو حال ڏسي هو (موسيٰ) گهٻرائجي ويو ته شيطان مون کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو. بيشڪ، شيطان گمراهه ڪندڙ دشمن آهي.“ (قصص-15)
هاڻي الله تعاليٰ ظلم، ڏاڍ ۽ انساني غلامي ۽ ٻانهن جي ڌرتيءَ کان هن کي پري رکڻ گهريو، ڇاڪاڻ ته اِن ڳالهه جي ضرورت هئي ته هو ڪنهن آزادا نه ماحول ۾ رهي، اچڻ واري وقت لاءِ تيار ٿئي.
”جڏهن موسيٰ مصر کان نڪري مدين طرف روانو ٿيو ته چيائين ته خدا مون کي ضرور سنئين واٽ ڏيکاريندو.“
(قصص-22)
الله تعاليٰ سندس نگهباني ڪئي ۽ سنئين واٽ ڏيکاري کيس هڪ صالح ٻانهي جي تربيت هيٺ آڻي ڇڏيو، جتي پورن اٺن سالن تائين آزاديءَ جي ماحول ۾ پنهنجي جذبات ۽ خيالات جي نشو و نما ڪيائون. پوءِ جڏهن موٽيا ته فرعون جي تخت ۽ تاج کي ختم ڪرڻ جي سموري سامان سان مسلح هئا.
”۽ اسان موسيٰ کي حڪم ڏنو ته پنهنجي لٺ کي اڇل. موسيٰ پنهنجي هٿ مان لٺ کي اڇليو پر جڏهن ڏٺائين ته اها نانگ وانگر حرڪت ڪري ٿي ته پُٺي ڏيئي وٺي ڀڳو ۽ پوءِ ان طرف منهن ئي نه ڪيائين. اسان چيو: اي موسيٰ! اڳتي وڌ، بلڪل خوف نه ڪر، تون حفاظت ۾ رهندين. پوءِ اسان حڪم ڏنو ته پنهنجي هٿ کي بغل ۾ وجهه. اهو چمڪندڙ ٿي نڪرندو. تنهنجي خدا طرفان فرعون ۽ ان جي درٻارين لاءِ اهي ٻه نشانيون ڏنيون ويون آهن.“
(قصص-31، 32)
فوج جي تنظيم ۽ تربيت لاءِ جنهن سپه سالار جي ضرورت هئي، اهو جنگ جي سامان سان مسلح ٿي آيو هو. هن جي ماڻهن مان پنهنجي فوج ٺاهڻ ٿي گهري، انهن جي حياتي مصيبتن ۽ مونجهارن ۾ گرفتار هئي. ان لاءِ هن فرعوني سرڪار کان جيڪو پهريون مطالبو ڪيو اهو ان فوج جي آزاديءَ جو هو.
”الله جي انهن ٻانهن کي منهنجي سپرد ڪر، آءٌ تو وٽ هڪ امانتدار پيغمبر بڻجي آيو آهيان.“ (الدخان-18)
پر فرعون ٻين سڀني ظالم بادشاهن وانگر، ان الاهي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو. ان لاءِ اهو ضروري هو ته مصر ۾ رهي بني اسرائيل جي تعليم ۽ تربيت جو انتطام ڪرڻ گهرجي. صدين جي غلامي بني اسرائيل کي جيتري قدر جهاد جي جذبي کي گهٽايو آهي، ايتري قدر ڪنهن بامقصد تعليم ۽ تربيت جي ذريعي انهن ۾ آزادي ۽ استقلال جي ارادن کي مضبوط ڪيو وڃي.
ان لاءِ حڪم الاهي مطابق حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي اندروني تبليغ ۽ اصلاح جي پروگرام ۾ مشغول ٿي ويو ۽ بني اسرائيل کي مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيائون. ان تياريءَ جا طريقا ۽ اصول جيڪي قرآن پاڪ ٻڌايا آهن اهي ڪنهن ٻي مجلس ۾ ٻڌائينداسين.
جڏهن ڳچ وقت گذريو ته حڪم خداوندي ٿيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهيءَ تيار ڪيل فوج کي حرڪت ۾ آڻ. پهرين مهم اها هئي ته فرعوني گورنمينٽ جي ساز و سامان ۽ قانونن جي پاسداري ڪرڻ کان سواءِ، جيڪو بني اسرائيل کي غلاميءَ مان نڪرڻ نٿو ڏئي، تون انهن کي ساڻ ڪري رات رات نڪري پئو. اوهان جو پيڇو ڪيو ويندو پر عذاب الاهي به انهن جي ڪڍ هوندو.
”منهنجن ٻانهن کي وٺي راتو رات نڪري پئو ۽ پڪ ڄاڻ توهان جو پيڇو ڪيو ويندو.“ (الدخان، 23)
هنن الله جي حڪم جي تابعداري ڪئي ۽ جهڙي طرح فوجي ميڙ واسطي بندوبست ڪرڻو پوندو آهي، ڪيو ويو پر فوج صرف ماڻهن جي ان ميڙ جو نالو ناهي، جنهن کي جنگ جي ميدان ۾ ديوار وانگر بيهاريو ويو هجي. بلڪه جهڙي طرح دنيا جي حقيقت مادي ۽ توانائيءَ تي ٻڌل آهي، اهڙي طرح فوج به جسم ۽ روح جي مجموعي جو نالو آهي. اهو پروردگار جو ڪم آهي، جيڪڏهن هو چاهي ته هڪ انسان کي هڪ هزار انسانن مٿان غالب آڻي سگهي ٿو.
”اي پيغمبر! مسلمانن کي جهاد لاءِ تيار ڪر، جيڪڏهن توهان مان ويهه ماڻهو به صبر ڪرڻ وارا هوندا ته اهي ٻه سؤ دشمنن تي غالب ٿي پوندا ۽ جيڪڏهن توهان مان هڪ سؤ ماڻهو به صبر ڪرڻ جي طاقت رکندڙ هوندا ته ڪفار جي هڪ هزار ٽولي جي ماڻهن تي غلبو حاصل ڪري وٺندا.“
(انفال-64)
ارادي، استقلال، صبر ۽ تحمل جي طاقت صرف گهڻن ماڻهن جي هجڻ سان پيدا نه ٿيندي آهي. ان کي آزاديءَ جهڙي نعمت پيدا ڪندي آهي، جيڪا انساني نشو و نما جي فطري تربيت گاهه آهي.
پر آزادي هڪ اهڙو جوهر آهي جيڪو ڪڏهن ايترو سستو هوندو آهي جو ريگستان جي واريءَ جي هر ذري ۾ ملي سگهي ٿو ۽ ڪڏهن ايتري قدر مهانگو هوندو آهي جو صرف شاهي تاج ۾ جڙيل موتين جي جهلڪ ۾ نظر ايندو آهي.
پر حضرت موسيٰ عليه السلام جنهن فوج جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ الله تعاليٰ طرفان مقرر ڪيا ويا هئا، ان جي اندر اهو آزاديءَ جو روح اڻ لڀ ٿي ويو هو، فرعون جي غلامي انهن جي سڀني شريفاڻن جذبن کي ختم ڪري ڇڏيو هو. هُنن ڪڏهن حڪومت جو خواب به نه ڏٺو هو. حضرت موسيٰ عه جي پيغمبرانه دعوت ۽ تبليغ جي قوت سان مومنن جي هڪ ننڍڙو گروهه پيدا ٿيو، جنهن آزاديءَ جي روح سان معمور ٿي فرعون کي للڪاريو.
”جيڪو حڪم چاهين اسان لاءِ ڏي. تنهنجي حڪومت وڌ کان وڌ هن دنياوي زندگيءَ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي ته اسان کي قتل ڪيو ويندو . ان کان وڌيڪ اوهين ڇا ٿا ڪري سگهو ؟“ (طھ-72)
اها ايماني نور جي روح جي ندا هئي، جنهن غلامن جي ديس ۾ آزاديءَ جو نعرو بلند ڪيو، نه ته اسرائيل جي حلقي مان ڪڏهن به ان قسم جي صدا بلند نه ٿئي ها.
ان لاءِ بني اسرائيل جي فوجي تعليم ۽ تربيت لاءِ اهو ئي قدرتي مرڪز بهتر هو، جتي انسان سڀ کان پهرين آزاديءَ جي هوا کاڌي هجي، يعني آبادين ۽ بستين کان الڳ ڪنهن صحرا ۽ ميدان ۾، جتي نه ڪنهن جي حڪومت هجي ۽ نه ڪنهن انسان جو حڪم هلي. آزاد ۽ خودمختيار پکين جا آکيرا هجن. انهيءَ فطري ۽ حقيقي ڪائنات ۾ رهي اهي پنهنجي وڃايل آزاديءَ کي حاصل ڪري پيا سگهن، جيڪا مصر جي آبادين ۾ گم ٿي ويئي هئي.
حضرت موسيٰ عليه السلام انهن جي اڳوڻي جاه و جلال ۽ عظمت کي ياد ڏيارڻ ۽ سندن بهادريءَ جي جذبن کي تازو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ چيائين:
”جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو هو ته، اي منهنجي قوم وارؤ! الله جي ان نعمت جو خيال ڪريو جيڪا هن توهان کي عطا ڪئي هئي. هن توهان ۾ پيغمبر پيدا ڪيا، توهان کي فرمانروا بڻايو ۽ توهان کي اهو ڪجهه ڏنائين، جيڪو دنيا ۾ ڪنهن کي نه ڏنو هئائين. اي قومي ڀائرو! پختو ارادو ۽ همت ڪريو ۽ مقدس سرزمين ۾ داخل ٿي وڃو. ان جي حڪومت صرف توهان جي قسمت ۾ لکي ويئي آهي ۽ ڪڏهن به بزدلن وانگر پوئين پيرين نه موٽو، نه ته ان جو نتيجو صرف ناڪامي ۽ محروميءَ کان سواءِ ڪجهه نه هوندو.“ (مائده-20-21)
پر اهو امتحان اهڙي قوم لاءِ فائيمند ثابت نه ٿي سگهيو جيڪا صدين کان غلاميءَ جي لعنت ۾ گرفتار هئي. بني اسرائيل نهايت ئي بزدليءَ سان جواب ڏنو:
”اي موسيٰ! مقدس سرزمين ۾ هڪ نهايت هيبتناڪ قوم رهي ٿي. اسين ان ۾ هرگز داخل نه ٿي سگهنداسون. اهي پنهنجي ساز و سامان ۽ طاقت سان اسان کي ختم ڪري ڇڏيندا. جيستائين اهي پنهنجو پاڻ نه هليا وڃن اسان اوڏانهن رخ نه ڪنداسين.“ (مائده-22)
مقدس شهر ۾ داخل ٿيڻ جو مقصد صرف شاهي جاه و جلال جو منظر ڏيکارڻ نه هو بلڪه بني اسرائيل جي وڃايل قديم عظمت کي خلافتِ الاهيءَ جي صورت ۾ قائم ڪرڻ هو ۽ خلافت الاهي کي قائم ڪرڻ لاءِ جنهن قسم جي شجاعت گهربل هوندي آهي اها صرف ايماني نور سان ئي پيدا ٿي سگهي ٿي. بني اسرائيل قوم جي ماڻهن جون دليون ان کان خالي هيون. ٻن مخلص مومنن پنهنجي ايماني نور جي تجليءَ سان انهن جي دلين ۾ تڙپ پيدا ڪرڻ چاهي:
”جيڪي ماڻهو فلسطين ۾ داخل ٿيڻ کان ڊڄي رهيا آهن، انهن مان ٻن ماڻهن جن کي الله پنهنجي نعمت سان نوازيو هو، چيو ته جهاد في سبيل الله کان انڪار نه ڪيو ۽ الله تي ڀروسو رکي مقدس سرزمين ۾ داخل ٿي پئو. جڏهن توهان داخل ٿيندؤ ته پڪ سان توهان ئي غالب ٿيندؤ. جيڪڏهن اوهان مسلمان آهيو ته الله تي ڀروسو ڪيو.“ (مائده-23)
ان تي به سندن دلين ۾ جهاد جو جذبو پيدا نه ٿيو ۽ انهن صاف لفظن ۾ چيو ته:
”اي موسيٰ! جيستائين اهي طاقتور ماڻهو ان شهر ۾ آهن، اسين ان شهر ۾ هرگز داخل نٿا ٿي سگهون. تون ۽ تنهنجو خدا وڃي وڙهو، اسين هتي ويهي تماشو ڏسنداسون.“
(مائده-24)
هاڻي حضرت موسيٰ عليه السلام کي مايوسي ٿي ۽ هن، ان بزدل قوم کي عليحده ٿيڻ ٿي چاهيو.
”حضرت موسيٰ چيو: خداوند! مان صرف پاڻ تي ۽ پنهنجي ڀاءُ هارون تي وس رکان ٿو، پنهنجي قوم جي بزدلي ۽ روحاني موت جو ڇا ڪريان. هاڻي مون کي ان بدڪار قوم کان عليحده ڪر.“ (مائده-25)
پر حڪم ٿيو ته اي موسيٰ! تون مايوسي ڪرڻ لاءِ پيدا نه ڪيو ويو آهين. تنهنجي پيغمبرانه استقامت جي طاقت کي انهن مصيبتن ۽ مشقتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. بني اسرائيل کي گهڻي عرصي جي غلامي، جهاد في سبيل الله کان اڻواقف ڪري ڇڏيو آهي. اهي ننڍين ننڍين راحتن جا عادي ٿي پيا آهن. وڏي مقصد جي لاءِ مصيبت کي برداشت ڪرڻ کان گهٻرائين ٿا ۽ غلاميءَ جي زندگي گذارڻ جو اهو ئي نتيجو آهي. ان لاءِ اوهين گهٻرايو نه، انهن کي ڪنهن آزاد ۽ بي قيد ماحول ۾ رهايو، جتي خالص ۽ فطري ماحول ۾ ڪو زمانو زندگي گذارين. غلاميءَ جي دور وارو نسل ختم ٿي وڃي ۽ هڪ نئون نسل پيدا ٿئي، پوءِ اهي جهاد جي رستي ۾ مشڪلاتن کي برداشت ڪري سگهندا.
”الله تعاليٰ چيو: بيت المقدس ۾ داخل ٿيڻ انهن تي چاليهن سالن تائين حرام آهي. اهي زمين ۾ ٿاٻا کائيندا وتندا. عظمت حاصل ڪرڻ ۾ اها چاليهن سالن جي دير انهن جي بزدليءَ جو نتيجو آهي. تو کي اهڙن ماڻهن جي محرومي تي افسوس نه ڪرڻ گهرجي.“ (مائده-26)
اسلامي هٿياربند سکيا نهايت اهم ۽ گهڻي وسيع آهي. سڀ کان پهريائين قرآن جون اهي وضاحتون سامهون اچن ٿيون جن ۾ مسلمانن جون قومي خاصيتون بيان ڪيون ويون آهن ۽ هر خاصيت ۾ هٿيابند تربيت جي هڪ اعليٰ حقيقت موجود آهي. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن صه جي زندگي، سندن نبوت جا قول ۽ عمل، اسوه حسنه، ڏينهن ۽ راتين جا واقعا، جهاد في سبيل الله جون ڪارروايون ۽ حالتون سامهون آڻڻ ۽ انهن ۾ ترتيب پيدا ڪرڻ اڄ جي بحث لاءِ ضروري آهي. پر انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي صرف عام ۽ سرسري نظر وجهي اسلامي ۽ موسوي نظام جي باهمي تعلق کي ظاهر ڪيون ٿا.
حقوق الله ۽ حقوق العباد جي جيڪا عادلانه ورهاست الله تعاليٰ ڪئي آهي، ان کي عدل و اصليت سان قائم رکڻ هڪ ڪامل مذهب جو فرض آهي. انسان شروع کان ئي حقن ۾ هٿ چراند ڪرڻ شروع ڪئي آهي. هن جيتري قدر حقوق الله کي پائمال ڪيو، ايتري قدر حقوق العباد کي به تباهه ۽ برباد ڪيو آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام جي زماني ۾ حقوق الله جي تباهي پنهنجي آخري حد کي پهچي چڪي هئي ۽ انسان ظاهر ظهور خدائي صفتن جو دعويدار بڻجي چڪو هو.
”ڇا اوهين ان شخص کي نٿا ڏسو جنهن ابراهيم سان خدا جي باري ۾ ان غرور تي حجت ڪئي ته خدا هن کي بادشاهه بڻايو آهي. جڏهن ابراهيم چيو ته منهنجو خدا اهو آهي جيڪو زنده ڪندو آهي ۽ ماريندو آهي، ته هُن سرڪش چيو ته مان به زنده ڪندو آهيان ۽ ماريندو آهيان. “
(بقره-258)
پر الله تعاليٰ پنهنجن حقن جي حفاظت لاءِ ڪڏهن به زمين تي انساني خون نه وهايو آهي. صرف انسان جي ڏاڍ ۽ ظلم ئي زمين کي خون سان رڱيو آهي ۽ اهو داغ ان وقت کان وٺي لڳو آهي جڏهن هڪ ڀاءُ (قابيل) ٻئي ڀاءُ (هابيل) کي قتل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو حديثن ۾ سڀني خونن جو ذميوار قابيل کي قرار ڏنو ويو آهي. حضرت موسيٰ عليه السلام جي زماني تائين حقوق الله بلڪل ختم ٿي چڪا هئا ۽ شيطان انسان جي اندر مان صاف ڳالهائي رهيو هو.
” ۽ فرعون پنهنجن درٻارين کي چيو ته مان نٿو ڄاڻان ته مون کان سواءِ ٻيو ڪو توهان جو خدا آهي.“ (القصص-38)
هو جيڪڏهن ايستائين بس ڪري ها ته شايد خدا جي قهر کان بچي وڃي ها. جيئن ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي زماني تائين هن دنيا تي الله تعاليٰ جو لطف ۽ ڪرم ڇانيل رهيو پر فرعون حد کان وڌي حقوق العباد جي دائري ۾ ظلم ۽ ڏاڍ شروع ڪيو. اهڙي ئي موقعي تي الله تعاليٰ جي تلوار مياڻ مان نڪرندي آهي ۽ پوءِ دنيا کي خون جي درياهه ۾ ترڻو پوندو آهي. خدا تعاليٰ پنهنجي حقن کي نظرانداز ڪري پئي سگهيو پر حقوق العباد جي برباديءَ کي برداشت نه ڪري سگهيو. ان لاءِ حضرت موسيٰ کي انهن جي حفاظت لاءِ فرعون ڏانهن موڪليو:
”اي موسيٰ فرعون وٽ وڃ، ڇاڪاڻ ته هو نهايت ظالم ۽ سرڪش ٿي ويو آهي.“ (يعني خدا جي ٻانهن تي ڏاڍو ظلم ڪندو آهي) (طھ-24)
اهو پهريون موقعو هو جڏهن الله جي صالح ٻانهي عدل ۽ امن جي قيام جي حمايت ۾ تلوار هٿ ۾ کنئي ۽ ان ڏينهن کان ئي هٿياربند تربيت جو مذهبي روح هن دنيا ۾ ظاهر ٿيو.
اسلام الله جو آخري دين آهي، جيڪو حقوق الله ۽ حقوق العباد ٻنهي جو ذميدار آهي. هڪ طرف هو انهن بتن کي ڀورا ڀورا ڪرڻ گهري ٿو جن خدا جي پاڪائي ۽ قدوسيت ۾ پاڻ کي شريڪ بڻايو آهي ۽ ٻئي طرف انسان کي انهن ٻنڌڻن کان مڪمل نجات ڏيارڻ چاهي ٿو جيڪي هر قسم جي سياسي، مذهبي، اخلاقي، معاشرتي ۽ مذهبي غلامين جي صورت ۾ وڪوڙيل آهن، جنهن جي ڪري هي جهان حقوق العباد جي تباهي ۽ بربادي جو جهنم بڻجي چڪو آهي.
الله جي دين جي تڪميل لاءِ يعني حقوق الله ۽ حقوق العباد جي مڪمل حفاظت لاءِ اسلام سڀني نبين مان صرف ٻن پيغمبرن جي اسوه حسنه کي مسلمانن لاءِ نصب العين قرار ڏنو آهي. حقوق الله جي حفاظت لاءِ حضرت ابراهيم عليه السلام جي نقش قدم تي هلڻ جي تعليم ڏني آهي.
”توهان لاءِ ابراهيم ۽ ان جي ساٿين جي ذات ۾ پيروي ۽ اتباع لاءِ بهترين نمونو آهي.“ (الممتحنه-4)
اسلام جي پوئلڳن ڏهن سالن تائين هر قسم جون جسماني تڪليفون برداشت ڪيون. هر قسم جي دنياوي ذلتن کي منهن ڏنو پر ڪافرن سان ڪنهن به قسم جي سختي نه ڪيائون بلڪه انهن کي نهايت نرمي ۽ محبت سان توحيد جي دعوت ڏيندا هئا. اهڙي طرح جڏهن اهي اسوه ابراهيميءَ جا پيروڪار بڻجي ويا ۽ ان سان گڏ فوجي سکيا جي سڀ کان وڏي عملي مشق يعني صبر، تحمل، پختي ارادي ۽ استقلال جي تڪميل ٿي ويئي ته پوءِ حقوق العباد جي حفاظت لاءِ اسوه موسوي جي پيروي جي تعليم ڏني. الله جي وحي دعوتِ موسوي ۽ دعوت محمدي جي ڀيٽ کي هيئن بيان ڪيو آهي:
”اسان اوهان ڏانهن پنهنجو هڪ پيغمبر موڪليو جيڪو حق ۽ انصاف جي شاهدي ڏئي ٿو، جهڙي طرح فرعون ڏانهن پنهنجو هڪ پيغمبر موڪليو هو. “ (المزمل-16)
ان نقطي کان ئي اسلام جي هٿياربند تربيت عملي طرح شروع ٿئي ٿي. حق ۽ صداقت جو پيغام جيڪو اڳي زبان سان ٻڌايو ويندو هو، هاڻي ان سان تلوار کي به شامل ڪيو ويو.
اسلام جي سڀني عملن ۽ عبادتن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اهو انقلاب اوچتو نه آيو هو ۽ نه اهو مديني جي انصارن جي مدد يا مڪي جي ڪافرن جي ڏاڍ سبب پيدا ٿيو هو پر ان لاءِ اسلام جو حقيقي دستور صرف جهاد هو ۽ اهو مسلمانن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪو هو. اسلام جي فرضن جي شروعات نماز کان ٿئي ٿي، جيڪا فوجي ڏيک جو هڪ مثال آهي. نماز جا سڀئي رڪن حق جي مجاهدن جي تصوير آهن.
پاڻ سڳورا ﷺ ۽ سندن ساٿي، جڏهن پهاڙن تي چڙهندا هئا ته تڪبير جي نعري جو آواز بلند ڪندا هئا ۽ جڏهن مٿان کان هيٺ لهندا هئا ته سبحان الله جو نعرو هڻندا هئا. نماز جي قيام، رڪوع، سجدي ۽ تڪبير و تسبيح ۾ به انهيءَ طريقي کي اختيار ڪيو ويو.
فوج کي جنگ جي ميدان ۾ بک ۽ اڃ جون جيڪي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون، روزي جي ذريعي مسلمانن کي ان جو عادي بڻايو ويو.
ٻڌايو ويو ته مال ۽ دولت سان به جهاد ڪيو ويندو آهي. يعني حق جي ڪلمي ۽ جان سان گڏ مال کي به لٽائڻ. زڪوات ۽ صدقن جي ذريعي اسلام هڪ باقاعده نظام قائم ڪيو. حج اسلام جي سڀني عملن جو مجموعو آهي ۽ ان ۾ اهم رڪن جهاد به آهي. هٿياربند زندگي گذارڻ لاءِ سفر، سفر جون مصيبتون، مٽن مائٽن کان جدائي، هڪ ئي پوشاڪ تي قناعت ڪرڻ ۽ هڪڙي ئي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ئي ميدان ۾ گڏ ٿيڻ ضروري آهي. تفصيل جو هي موقعو ناهي مگر حج جي اندر فوجي زندگيءَ جي سڄي تعليم موجود آهي.
اهڙين سڀني عبادتن کي ادا ڪرڻ لاءِ جيڪي شرط ۽ پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، انهن متعلق اسلام کي ٻين مذهبن مٿان فوقيت حاصل آهي. اسلام عبادتن جي پابندين کي آسان ڪيو آهي. سفر جي حالت ۾ يا ڪنهن ٻي مجبوريءَ ۾ انسان صرف تيمم ڪري نماز پڙهي سگهي ٿو. رڪعتن جي تعداد جي لحاظ کان صرف ٻه رڪعتون ڪافي آهن. سفر جي روزو رکڻ ضروري ناهي پر الله تعاليٰ ان رعايت کي عيش و آرام جو ذريعو ناهي بڻايو، جيئن آرام طلب ماڻهو سمجهندا آهن. ان جو مقصد صرف ان عظيم الشان فرض کي سولو بنائڻ آهي جنهن جو نالو جهاد آهي. ان لاءِ تيمم واري آيت جهاد جي سفر واري موقعي تي نازل ٿي. جيتوڻيڪ قصر نماز ۽ افطار رمضان جو حڪم هاڻي هر قسم جي سفر سان لاڳو آهي پر پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم ۽ اصحابن رضه جي سفر جو مقصد جهاد هوندو هو. ان لاءِ جيڪو مسلمان اسلام جي فرضن ۽ عبادتن جو پابند آهي اهو ئي مسلم آهي ۽ جيڪو مسلم آهي اهو لازمي مجاهد في سبيل الله ۽ الله جو سچو سپاهي آهي.
ان ڪري هڪ اهڙي جماعت جنهن کي شروع کان ئي هٿياربند سکيا ڏني ويئي هجي، جنهن جون عبادتون فوجي سکيا جو نمونو هجن، جنهن ڏهن سالن تائين صبر، استقلال، عزم ۽ جفا ڪشيءَ جي مشق ڪئي هجي. پوءِ جيڪڏهن بدر، حنين ۾ ڪافرن کي شڪست ڏين ۽ خيبر جي قلعي کي نيست و نابود ڪن ۽ قيصر ۽ ڪسريٰ کي پائمال ڪن ته ڪا تعجب جهڙي ڳالهه ناهي.
دنيا هميشه فوجي حقيقت کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي. اسلام جو سڀ کان وڏو ڪارنامو هي آهي ته هن ان غلطيءَ جو ازالو ڪيو. ڪيتري زماني تائين دنيا، ماڻهن جي وڏي تعداد کي فوج سمجهندي هئي ۽ سندس طاقت جو اندازو تعداد ۽ هٿيارن مان لڳايو ويندو هو. اڄ به فوجي نظام جنهن جوڙجڪ تي ٻڌل آهي، ان ۾ گهڻائيءَ کي ٿورائيءَ تي ترجيح ڏني وڃي ٿي يا جيڪا فوج زمين جي زياده پکيڙ ۽ گهڻن وسيلن تي قبضو رکندي هجي. ان کان پوءِ ان سرشتي ۾ ڪجهه ترقي ٿي، جنهن ۾ جسماني صحت، تندرستي ۽ بازوءَ جي طاقت جو اضافو ڪيو ويو.
ان لاءِ اسپارٽا ۾ اهو قانون لاڳو ڪيو ويو هو ته فوجي قابليت کي وڌائڻ لاءِ، جيڪي ٻار فطرتاً ڪمزور پيدا ٿين ٿا انهن کي قتل ڪرڻ گهرجي. اسپارٽا ۾ ان قانون تي عمل ڪيو ويو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ انهن جو ملڪ ٿلهن متارن جسمن وارن نوجوانن سان ڀرجي ويو پر حقيقت ۾ فوجي جوڙجڪ جو اهو اصول غلط فلسفي جي بنياد تي ٻڌل هو. هن نظام جو اصول هو ته فوج صرف جسماني طاقت سان وڙهندي آهي، جنهن ڪري جسماني طاقت کي گڏ ڪرڻ جا صرف ٻه طريقا آهن. هڪ هيءُ ته ماڻهن جي گهڻي انگ کي فوج ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ٻيو اهو ته جيڪڏهن ايئن ممڪن نه ٿي سگهي ته ان گهٽتائيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ طاقتور سپاهي گڏ ڪيا وڃن. جهونين تاريخن ۾ انهيءَ غلط خيال کي فتح ۽ ڪامرانيءَ جو سبب سمجهيو ويندو هو.
پر حقيقت هيءَ آهي ته فوج جنگ جي ميدان ۾ ڪنهن ٻاهرين قوت سان نه وڙهندي آهي بلڪه اها مخالف سان مقابلو پنهنجي اندروني جذبي سان ڪندي آهي. جوش ۽ جذبي جي اها قوت سپاهين جي گهڻي تعداد ۽ سندن جسماني طاقت تي مدار نٿي رکي. اهو جذبو ۽ جوش ڪمزور انسانن ۽ مسڪينن ۾ به پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙا ئي نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا جيڪي فوج جو هڪ وڏو لشڪر حاصل ڪري سگهي ٿو.
اسلام پهريون مذهب آهي جنهن هٿياربندتربيت جو بنياد ان اصول تي رکيو آهي ۽ ان اصول تي هن اسلامي مجاهدن جي سکيا شروع ڪئي. اسلام ٻڌايو ته فتح ۽ ڪامراني صرف وڏين وڏين جماعتن لاءِ ناهي بلڪه هڪ ننڍو گروهه به الله تي ڀروسو رکي هڪ عظيم الشان جماعت کي شڪست ڏيئي سگهي ٿو.
”ڪيترائي ننڍا گروهه آهن جيڪي الله جي حڪم سان وڏن وڏن گروهن تي غالب اچي ويا ۽ الله صرف پختي ارادي ۽ همت وارن سان گڏ آهي. “(بقره-249)
اسپارٽا وارن جن ڪمزورن ۽ ناتوان ٻارن کي اڇلايو، اسلام انهن کي پيار ۽ محبت سان پنهنجي سيني سان لڳايو. ڇاڪاڻ ته فوج صرف جذبي ۽ روحاني طاقت سان وڙهندي آهي. جذبن جو اثر ڪمزور انسان تي طاقتور کان وڌيڪ ٿئي ٿو. پوءِ اُهي ئي بهترين خدمت سرانجام ڏيئي سگهن ٿا. انهن کي ڪمزوري ۽ ناتوانيءَ سبب ٺڪرائي نٿو سگهجي. حديثن جي ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جي ڪچهري صرف وڏن جسمن ۽ ويڪرن سينن وارن لاءِ مخصوص نه هوندي هئي پر ان ۾ هميشه ضعيفن ۽ ڪمزورن کي خاص رحمت ۽ محبت سان نوازيو ويندو هو.
”مون وٽ ضعيفن کي آڻيو ڇاڪاڻ ته توهان کي انهن جي ڪري روزي ۽ مدد ملي ٿي. “ (الحديث)
ان لاءِ اسلام فوجي نظام جي سکيا ۾ دنياوي اسباب ۽ طاقت کي بلڪل نظرانداز ڪيو آهي ۽ ان جي تربيت صرف روحاني ڪئي آهي. اهو ئي روح آهي جنهن کي اسلام نظامِ اخلاق چيو آهي.
اسلام هڪ ڪامل مذهب آهي، ان لاءِ هن عقيدن ۽ عبادتن سان گڏوگڏ اخلاق کي به جاءِ ڏني آهي. اسلام خاص طور تي جنهن حسن اخلاق جي تعليم ڏي ٿو ان جو تعلق هٿياربند گروهه سان آهي. اهو ئي اصل جوهر آهي جنهن سان ڪا به فوج جنگ جي ميدان ۾ ثابت قدم رهي سگهي ٿي. اسلام هن دنيا ۾ حق ۽ صداقت کي زور وٺرائڻ آيو آهي. حق ۽ صداقت کي جهاد جي ذريعي سوڀارو ڪري سگهجي ٿو. جهاد جو پهريون ۽ اصل شرط صبر آهي. ان لاءِ اسلام هميشه حق ۽ صبر کي ضروري ٺهرايو آهي.
”زماني جا حادثا ۽ نتيجا شاهد آهن ته انسانن جون قوتون ۽ سندن عمل وڏي خساري ۾ رهيا آهن ۽ صرف اهي ئي انسان ڪامياب ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي اندر حق جي نصيحت ۽ صبر جي تلقين ڪندا رهيا.“ (العصر)