تاريخ، فلسفو ۽ سياست

صدين جون صَدائون

ھي ڪتاب نامياري اسڪالر امام الھند مولانا ابوالڪلام آزاد جي مضمونن جو مجموعو آھي جنھن جو سنڌيڪار عبدالرزاق ڊکڻ آھي. ھن ڪتاب ۾ انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيل آھي.
Title Cover of book صدين جون صَدائون

احتساب ۽ اسلام

انسان جي اکين تي غفلت جا پردا اچي وڃن ٿا. هن جي دل تي جهالت ۽ گمراهيءَ جي مهر لڳي وڃي ٿي. هن جي ڏسڻ جي قوت بيهجي وڃي ٿي، تنهن هوندي به هو ايترو انڌو نٿو ٿئي جو نور ۽ ظلمت جي واضح فرق کي محسوس نه ڪري سگهي. ايتري قدر ٻوڙو به نٿو ٿئي جو سُريلو آواز ۽ تلخ گفتگو، هن جي ڪنن جي پردن تي ٻه مختلف گونجون پيدا نه ڪري سگهن. هو ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو. بلڪل ائين ئي هو ڪڏهن نٿو ڏسي، نٿو ٻڌي ۽ نٿو سمجهي. ڇاڪاڻ ته:
ذَہَبَ اللّٰہُ بِنُوۡرِہِمۡ وَ تَرَکَہُمۡ فِیۡ ظُلُمٰتٍ لَّا یُبۡصِرُوۡنَ ﴿۱۷﴾ صُمٌّۢ بُکۡمٌ عُمۡیٌ فَہُمۡ لَا یَرۡجِعُوۡنَ ﴿ۙ۱۸﴾
(البقرة-17-18)
”خدا انهن ماڻهن جي اکين جو نور کسي ورتو ۽ کين اونداهي ۾ ڇڏي ڏنو. هاڻي انهن کي ڪجهه نظر نٿو اچي. ٻوڙا، گونگا، انڌا ٿي ويا آهن. بهرحال ڪنهن به طرح اهي سنئين واٽ تي نٿا اچي سگهن.“
هي لفطن جي ضدن جو ميڙ ناهي، بلڪه ڪائنات جو هڪ لڪل راز آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ ڏوهه ناهي، بلڪه هنر آهي. دنيا جي هر شيءِ ۾ خير ۽ شر مليل آهي. گلن سان گڏ ڪنڊا آهن. ماکيءَ جي لار زهريلن ڏنگن هيٺان آهن، نور، ظلمت سان ڳنڍيل آهي. مٺو پاڻي ۽ کارو پاڻي گڏوگڏ وهن ٿا.
مَرَجَ الۡبَحۡرَیۡنِ یَلۡتَقِیٰنِ ﴿ۙ۱۹﴾ (رحمان:19)
”هن کاري پاڻي ۽ مٺي پاڻي جا ٻه سمنڊ ڪڍيا، جيڪي پاڻ ۾ گڏوگڏ وهن ٿا.“
پر ان ميل جول ۽ ربط جي باوجود ٻنهي جي وچ ۾ هڪ هلڪو پردو به ڏنو ويو:
بَیۡنَہُمَا بَرۡزَخٌ لَّا یَبۡغِیٰنِ ﴿ۚ۲۰﴾ (رحمٰن:20)
”انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو ڏنل آهي، جنهن جي ڪري هڪ ٻئي ڏانهن وڌي نٿا سگهن.“
اها هڪ جزوي تمثيل آهي ۽ قرآن حڪيم جي خطاب جو نمونو به اهو آهي جو هو ڪليات کي جزئيات ذريعي سمجهائي ٿو ۽ پوءِ ڪليات کي حذف ڪري ڇڏي ٿو.
اهو فرق عبادات، معاملات، سياسيات، اخلاقيات مطلب ته سڀني شين ۾ نظر اچي ٿو. نبوت جي ضرورت ۽ نبين سڳورن جي وجود جو صرف اهو ئي مقصد آهي ته خير ۽ شر جي وچ ۾ جيڪو پردو ڏنو ويو آهي، ان کي گمراهيءَ جي طوفان کان بچائي، قائم رکن، ته جيئن قانون الاهي جي تحفظ سان گڏوگڏ دنيا ۾ عدل ۽ اعتدال قائم رهي.
پر آنڌاري اُٿي ٿي، طوفان اچي ٿو ۽ ڇوليون ڪناري سان ٽڪرائجن ٿيون، ته ان وقت فطرت جا پارکو گهٻرائيندا آهن ته ڪٿي خير ۽ شر، نور ۽ ظلمت، اتر ۽ ڏکڻ، مٺو ۽ کارو پاڻي پاڻ ۾ ملي نه وڃن. پوءِ هو هٿ وڌائي، انهن جي پردن کي پڪڙيو وٺن. تڏهن آنڌاري رڪجيو وڃي. سيلاب رڪجيو وڃي ۽ ڇوليون خاموش ٿيو وڃن. ڇاڪاڻ ته جيڪو هٿ حق جي حمايت لاءِ کڙو ٿئي ٿو، اهو اهڙي لوهي پُل جي طاقت رکي ٿو، جنهن مٿان سيلاب گذري وڃي ٿو، مگر اها تباهه نه ٿي ٿئي.
خير ۽ شر، هدايت ۽ گمراهي، حق ۽ باطل جو اهو تعلق امر بالمعروف و النهي عن المنڪر جي واٽ کولي ٿو. جيڪي ماڻهو انهن جي وچ ۾ فرق کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن جو نالو ‘آمرين بالمعروف والناهين عن المنڪر’ آهي. نبين سڳورن جو صرف اهو ڪم آهي ته شين جي فائدي ۽ منافعي کي، جيڪو ڪيترن پردن اندران لڪل ٿئي ٿو، بي نقاب ڪن، ته جيئن تاساري دنيا مٺي پاڻيءَ کي حاصل ڪري ۽ ان کان محروم نه رهي.
اَلَّذِیۡنَ یَتَّبِعُوۡنَ الرَّسُوۡلَ النَّبِیَّ الۡاُمِّیَّ الَّذِیۡ یَجِدُوۡنَہٗ مَکۡتُوۡبًا عِنۡدَہُمۡ فِی التَّوۡرٰىۃِ وَ الۡاِنۡجِیۡلِ ۫ یَاۡمُرُہُمۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہٰہُمۡ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ یُحِلُّ لَہُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیۡہِمُ الۡخَبٰٓئِثَ. (الاعراف:157)
”اهو نبي اُمي رسولِ خدا آهي، جنهن متعلق توريت ۽ انجيل ۾ بشارت ڏني ويئي آهي، اهو نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو آهي، بڇڙائيءَ کان جهليندو آهي، سٺيون شيون حلال ۽ پليت حرام ڪندو آهي.“

[b]تمدن ۽ احتساب:
[/b]مذهب جا سڀئي ارڪان سڌي يا اڻ سڌي طرح تمدن سان تعلق رکن ٿا ۽ وري احتساب سموري تمدني دنيا تي حاوي آهي بلڪه سلطنت ۽ حڪومت کي به (جيڪي تمدن جون محافظ آهن) احتساب ئي پيدا ڪيو آهي. فطرت جو هي قانون اوهان کي معلوم هوندو ته هر شيءِ خير ۽ شر سان مليل آهي، جنهن ڪري انسان کي هر وقت هوشيار ڪرڻ ۽ جاڳائڻ جي ضرورت رهي ٿي، ته جيئن هو ماکيءَ بجاءِ زهر نه کائي وجهي ۽ لعل بدران ٽانڊا نه کڻي وٺي. جيڪڏهن ڪو شخص وحيءَ جي ذريعي ان فرق کي سڃاڻي قائم رکي ٿو ته اهو پيغمبر آهي. جيڪڏهن ڪو شخص فلسفي ۽ اخلاقي اصول ۾ اهو راز ٻڌائڻ چاهي ٿو ته اهو فيلسوف آهي. جيڪڏهن ڪو شخص حڪومت جي طاقت سان ان فرض کي ادا ڪري ٿو ته اهو حاڪم آهي. جيڪڏهن ڪو شخص واٽ تي ويهي انڌن کي راهه ڏيکاري ٿو ته اهو خدا جو نيڪ ٻانهو آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ماڻهن کي بازار جا اگهه صحيح ٻڌائي ٿو ته اهو ايماندار واپاري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو صرف سچائي کي سچائيءَ سمجهي وعظ ۽ نصيحت ڪري ٿو ۽ نيڪيءَ جو دروازو کولي ٿو ته اهو مومن ۽ مسلم آهي.
وَ مَنۡ اَحۡسَنُ قَوۡلًا مِّمَّنۡ دَعَاۤ اِلَی اللّٰہِ وَ عَمِلَ صَالِحًا وَّ قَالَ اِنَّنِیۡ مِنَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ ﴿۳۳﴾
(حٰم السجده-33)
”ان تعاون ۽ همراهيءَ جو (يعني پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ۽ نقصان ۽ خرابي کان بچائڻ جو) نالو تمدن آهي. احتساب جي ضرورت صرف تمدن جي حفاظت لاءِ آهي. جيڪڏهن اهو نه رهي ته تمدن به قائم نٿو رهي سگهي.“
تعاون ۽ مدد هر هڪ مسلمان تي فرض آهي. ان ڪري هر مسلمان طبيعتاً محتسب ٿئي ٿو ۽ اهڙي طرح هر مومن هن عالم جي تمدن جو محافظ ٿئي ٿو. جيڪڏهن ايمان ۽ اسلام جي حقيقت دنيا مان غائب ٿي وڃي ته دنيا برباد ٿي وڃي. ان ڪري الله تعاليٰ هر مسلمان کي هڪ ٻئي جو معاون ۽ مددگار چيو آهي:
وَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتُ بَعۡضُہُمۡ اَوۡلِیَآءُ بَعۡضٍ ۘ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
(التوبه: 71)
”مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون هڪ ٻئي جا مددگار آهن، نيڪيءَ جو حڪم ڪندا آهن ۽ بڇڙائيءَ کان جهليندا آهن.“
هت ‘ولي’ جو لفظ فرمايو ويو آهي. ‘ولي’ جو صرف هي ڪم آهي ته هو جنهن جو ولي آهي، ان کي نيڪ واٽ ڏيکاري ۽ بڇڙائيءَ کان روڪي. هن جي نيڪين ۽ ڀلاين جو لحاظ رکي. هن جي ضرورتن ۽ گهرجن جو محافظ هجي. سڀني براين، بڇڙاين، شيطاني ۽ ابليسي تسلط کان هن کي بچائڻ جو آرزو مند هجي.
حڪومت جي مختلف کاتن جي ورهاست ان امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو نتيجو آهي. رستي ۾ ڪنڊا وڇايل آهن، تنهن ڪري هر شخص جو فرض آهي ته لنگهندڙن کي ٻڌائي ته خيال سان هلو. پر هڪڙو ماڻهو هر جاءِ تي موجود رهي نٿو سگهي ۽ هر ڪم نٿو ڪري سگهي. تنهن ڪري ورهاست جي لحاظ کان ڪم، فرض ۽ ڌنڌا عليحده ٿي وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو تمدن جيتري قدر ترقي ڪندو آهي، ورهاست به ايتري قدر ترقي ڪندي آهي. اهڙي طرح اسلام احتساب جي ان بهترين اصول کي هر موقعي تي قائم رکيو ۽ چيائين ته قاعدن، قانونن ۽ معاملن لاءِ هميشه هڪ شخص کي پنهنجو امير مقرر ڪيو. ايستائين جو جيڪڏهن صرف ٽي مسلمان ڪيڏانهن ويندا هجن ته انهن لاءِ به ضروري آهي ته پاڻ مان هڪ کي امير مقرر ڪن:
لايحل لثالاثته يکونون بفلاة من الارض، الا امروا احدهم. (الحديث، ابوداؤد)
”ٽن ماڻهن لاءِ اهو جائز ناهي ته اهي ڪنهن ميدان ۾ هجن ۽ هڪ کي پنهنجو امير مقرر نه ڪن.“
ڇاڪاڻ ته هدايت ۽ رهنمائيءَ جي هر وقت ضرورت رهي ٿي. ان لاءِ امير يا حاڪم جو اهو فرض ناهي ته اهو گلن جي سيج تي ويهي هدايت ۽ ارشاد ڪري، هن کي پيرن اگهاڙو ٻين سان گڏ ڪنڊن تي هلڻ گهرجي ته جيئن ٻين جي پيرن ۾ ڪنڊا نه لڳن!

[b]عبادات ۽ احتساب:
[/b] اسلامي عبادتن جي حڪمت ۽ مصلحت متعلق گهڻو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته اهي سڀئي حڪمتون ۽ مصلحتون هڪ لاڳو عالمگير قانون جو حصو آهن. احتساب تمدن جو محافظ آهي ۽ اسلام هڪ تمدني زندگيءَ جو خالص ۽ حقيقي اخلاقي ضابطو آهي. ان بنياد تي احتساب جو قانون به اسلام جي سموري تعليم ۾ عمل جي هڪ جهڙي قوت سان لاڳو آهي. نماز خود هڪ محتسب اعظم آهي:
اِنَّ الصَّلٰوۃَ تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ(العنڪبوت-45)
”نماز بڇڙين ڳالهين ۽ سڀني بداخلاقين کان روڪي ٿي.“
احتساب تمدن جو محافظ آهي ۽ تمدن پنهنجو پاڻ ۾ مدد ۽ سهڪار جو نالو آهي. ان ڪري زڪوات ۾ احتساب هي آهي جو ان سان فقيرن کي مدد ملي ٿي ۽ اها ئي نماز جي حقيقت آهي.
یُقِیۡمُوۡنَ الصَّلٰوۃَ وَ مِمَّا رَزَقۡنٰہُمۡ یُنۡفِقُوۡنَ ۙ﴿۳﴾(البقرة-3)
”نماز قائم ڪندا آهن ۽ اسان جيڪو ڪجهه انهن کي ڏنو آهي، ان مان ماڻهن کي به ڏيند اآهن.“
سموري قرآن جو مطالعو ڪريو، توهان کي هر جاءِ تي قيام صلواة سان گڏ ايتاءِ زڪوات جو ذڪر ملندو. اهڙي طرح حج تعاون ۽ مدد جي بهترين نمائش گاهه آهي ۽ ساڳي وقت واپار جو ذريعو به آهي.
لَیۡسَ عَلَیۡکُمۡ جُنَاحٌ اَنۡ تَبۡتَغُوۡا فَضۡلًا مِّنۡ رَّبِّکُمۡ. (البقرة-198)
”توهان تي ڪو گناهه ڪونهي جو خدا جي فضل (مال ۽ واپار) جي تلاش ڪريو.“
واپار باهمي سهڪار جو نالو آهي، جيڪو زڪوات جي راهه هموار ڪري ٿو.
فَمَنۡ کَانَ مِنۡکُمۡ مَّرِیۡضًا اَوۡ بِہٖۤ اَذًی مِّنۡ رَّاۡسِہٖ فَفِدۡیَۃٌ مِّنۡ صِیَامٍ اَوۡ صَدَقَۃٍ اَوۡ نُسُکٍ ۚ.
(البقرة-196)
”توهان مان جيڪو ماڻهو مريض هجي يا هن جي مٿي ۾ ڪو اهنج هجي ته ان کي گهرجي ته فدئي ۾ روزا رکي يا صدقو ڏي يا قرباني ڪري.“
روزو تقويٰ تي دلالت ڪري ٿو ۽ تقويٰ جي لغوي معنيٰ ‘بچڻ’ آهي. شريعت جي اصطلاح ۾ هر بڇڙائيءَ کان بچڻ جو نالو تقويٰ آهي ۽ وري ڏسو ته ‘بچڻ ۽ بچائڻ’ جو نالو احتساب آهي.
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُتِبَ عَلَیۡکُمُ الصِّیَامُ کَمَا کُتِبَ عَلَی الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ
لَعَلَّکُمۡ تَتَّقُوۡنَ ﴿۱۸۳﴾ۙ (البقرة-183)
”مسلمانو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيئن اوهان کان اڳين ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ته جيئن توهان تقويٰ حاصل ڪريو.“
اهي محتسب اوهان وٽ پنج وقت اچن ٿا، هر سال اچن ٿا، سڄي عمر ۾ هڪ دفعو اچن ٿا، مگر افسوس! جو وري به توهان کي هدايت نٿي ملي؟ فاين تذهبون: ”توهان گمراهيءَ ۾ سرشار ٿي ڪيڏانهن ڀُليا وڃو ٿا؟“

[b]اسلامي تعليم جا ضابطا:
[/b] اسلام جا اخلاقي ضابطا ان احتساب جون شاخون آهن. مون وٽ چانهه جو چمچو ناهي، اهو تو کان گُهران ٿو ۽ تون نٿو ڏين. ان سان تون احتساب يعني تعاون جو هڪ بي بها موقعو وڃائي رهيو آهين. تو کي اهو موقعو معمولي لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته تون املهه شين جو قدردان آهين پر شريعت جي احتسابي نگاهه ڪجهه ٻيو اشارو ڪري ٿي:
الَّذِیۡنَ ہُمۡ یُرَآءُوۡنَ ۙ﴿۶﴾ وَ یَمۡنَعُوۡنَ الۡمَاعُوۡنَ ٪﴿۷﴾ (الماعون: 7-6)
”ڦٽڪار آهي انهن ماڻهن تي جيڪي رياءُ ڪندا آهن ۽ معمولي شين ڏيڻ ۾ نٽائيندا آهن.“
توهان ڪنهن لاءِ سودو توريو ٿا ۽ پنهنجي هٿ جي چالاڪيءَ سان اُن ۾ هڪ تولو گهٽ ڪريو ٿا. ڇا هڪ تولو ڪا وڏي ڳالهه آهي؟ ها، مادي سامان ۾ ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر روحاني اعتبار سان اها وڏي ڳالهه آهي. ان سان تعاون ۾ رخنو پوي ٿو ۽ احتساب جو عمل ٽٽي پوي ٿو. ان جي ٽٽڻ ۾ هڪ رتي جو معاملو به اهڙو ئي آهي، جهڙو هڪ مڻ جو.
وَیۡلٌ لِّلۡمُطَفِّفِیۡنَ ۙ﴿۱﴾ الَّذِیۡنَ اِذَا اکۡتَالُوۡا عَلَی النَّاسِ یَسۡتَوۡفُوۡنَ ۫﴿ۖ۲﴾ وَ اِذَا کَالُوۡہُمۡ اَوۡ وَّزَنُوۡہُمۡ یُخۡسِرُوۡنَ ﴿ؕ۳﴾ (المطففين: 3-1)
”گهٽ تورڻ وارن لاءِ ويل آهي، جيڪي ماڻهن کان وٺندا آهن ته توري پورو ڪري وٺندا آهن، پر جڏهن ڏيندا آهن ته گهٽائي ڏيندا آهن.“
رستي ۾ هڪ پٿر پيو آهي، توهان هٽائي ڇڏيو ٿا، اهو توهان لاءِ دلي اطمينان جو شغل آهي. ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن زخمي ٿيل پير کي ان کان بچايو آهي؟ جيڪڏهن بچايو آهي ته پوءِ احتساب جو فرض ادا ٿيو. تنهن ڪري اهو صدقو آهي، جنهن جو اوهان کي ثواب ملندو. جيڪڏهن اوهان احتساب جو عمل قائم ڪريو ته ان لاءِ اوهان کي يورپ جي ڪنهن قانون تي عمل ڪرڻ جي ضرورت ناهي، صحاح سته (حديث جا ڇهه صحيح ڪتاب) ڪافي آهي.

[b]اسلامي مساوات:
[/b] حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنھ فرمايو ته:
لم استعبد تم الناس وولدتهم امهم احرارا
”توهان ماڻهن کي ڇو غلام بڻايو آهي، حالانڪه انهن جي مائرن ته انهن کي آزاد ڄڻيو آهي.“
آزاد ۽ غلام ۾ اوهان کي ڪهڙو فرق نظر اچي ٿو؟ اهو ته توهان ڪرسيءَ تي ويهو ٿا، هو زمين تي. توهان گوشت کائو ٿا، هو سڪل ماني. اوهان ريشمي ڪپڙو ڍڪيو ٿا ۽ هو ٿلهو ٽاٽ جو ڪپڙو. ها، هڪ مغرور انسان اهو ئي ڪجهه سمجهندو پر خدا جي اک هن کان وڌيڪ روشن آهي:
لَا تُدۡرِکُہُ الۡاَبۡصَارُ ۫ وَ ہُوَ یُدۡرِکُ الۡاَبۡصَارَ ۚ (الانعام: 103)
”هن کي اکيون نه ٿيون ڏسي سگهن، مگر اُهو اکين کي ڏسندو آهي.“
اهو اکين جي نگهباني ڪندو آهي ته ڪٿي ميوي کي ڇڏي کل تي ته نه ٿيون پون. ان ڪري جڏهن نگاهون ڀٽڪيل ڏسي ٿو ته هوشيار ڪري ٿو:
اِنَّ اَکۡرَمَکُمۡ عِنۡدَ اللّٰہِ اَتۡقٰکُمۡ ؕ. (الحجرات-13)
”توهان مان تمام شريف اهو آهي جيڪو ڏاڍو پرهيزگار آهي.“
يا ٻين لفظن ۾ جيڪو سڀ کان وڌيڪ ناهي عن المنڪر يعني محتسب آهي. هاڻي آزاد ۽ ٻانهي، مالڪ ۽ مملوڪ، آقا ۽ غلام جي اصلي صورت ڏسي وٺو. توهان کي نظر گهٽ هئڻ جي شڪايت هئي، عينڪ توهان جي اڳيان آهي. ڇا توهان عينڪ کي به نٿا ڏسو؟
حضرت امام ابو حنيفه رحمت الله عليه فرمايو آهي ته لا حجر علي الحر (آزاد کي ڪو آزادي استعمال ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي.) ان ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙي طرح هن کي احتساب جي ان مقدس فرض کان ڪير نٿو روڪي سگهي. اهو ئي هڪ غلام ۽ آزاد زندگيءَ جو حقيقي فرق آهي. تنهن ڪري اسلام غلاميءَ کي ته ختم ڪري ڇڏيو پر پابندي ۽ مطيع هجڻ کي قائم رکيو، جيڪو تعاون لاءِ ضروري آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو حڪومت کان ان ڪري آزادي گهري ٿو ته هو به ان گلاس ۾ شراب پئي جنهن ۾ فرانس جو هڪ متوالو پئي ٿو، ته اهو خالص آزادي جو طالب ناهي بلڪه غلاميءَ جو عارضي طوق لاهي، لعنت جو ابدي طوق پائڻ گهري ٿو:
اِنَّا جَعَلۡنَا فِیۡۤ اَعۡنَاقِہِمۡ اَغۡلٰلًا فَہِیَ اِلَی الۡاَذۡقَانِ فَہُمۡ مُّقۡمَحُوۡنَ ﴿۸﴾ (يٰس: 8)
”اسان سندن ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن، جيڪي انهن جي کاڏين تائين اچي ويا آهن ۽ انهن جا سر ڳاٽي ٽنگيل آهن.“
ها، جيڪڏهن هو احتساب جو ميدان وسيع چاهي ٿو ته پوءِ پنهنجي آزاديءَ جو صحيح استعمال ڪري دنيا کي بڇڙاين کان بچائي ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪري، ته هو خدا جو سچو ٻانهو آهي ۽ هن کي سچي آزاديءَ جو سچو سک ملڻ گهرجي.
ان اصول تي اسلام حريت ۽ مساوات جي تعليم ڏي ٿو. جيئن هر مسلمان طبيعتاً بالمعروف و النهي عن المنڪر تي عمل ڪري ٿو، ان ڪري مساوات هن جي مادي جو خمير آهي. ”الهلال“ ان مساوات جي دعوت ڏي ٿو. حريھ افرنجيه ۽ حريت اسلاميه جو اهو عظيم فرق، هن جي دعوتي طريقي کي آزاديءَ جي ٻين طريقن کان ممتاز ۽ مختلف ڪري ٿو.
دنيا اڃا تائين حريت جي مفهوم کي نه سمجهيو آهي. اها آزاديءَ جي روح کي، جيڪا شرعي تعليم جي غلاف ۾ لڪل آهي، ڪيئن ٿي سمجهي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو دعوت جي ان طريقي جي راز تان پردو کڻڻو ٿو پوي پر کڄي نٿو. انهيءَ ڳجهه کي سلڻ لاءِ حضرت موسيٰ عليه السلام دعا گهري هئي:
وَ احۡلُلۡ عُقۡدَۃً مِّنۡ لِّسَانِیۡ ﴿ۙ۲۷﴾ (طٰه: 27)
”خدايا، منهنجي زبان جي هٻڪ ختم ڪر.“
بهرحال مساوات جو ٻيو نالو احتساب آهي ۽ وري احتساب جو نالو آهي اسلام؛ ان ڪري اسلام مساوات جو حقيقي روح آهي.

[b]هڪ خاص فضيلت:
[/b] دنيا جي سڀني مذهبن ۾ اختلاف موجود آهن. اهل ڪتاب کانسواءِ ڪي مذهب اهڙا به آهن، جيڪي آخرت جي سزا ۽ جزا جا قائل ناهن پر دنيوي آرام ۽ سڪون جي وسيلن ۾ ڪنهن کي به اختلاف ناهي. اهو احتساب هر مذهب جو حصو آهي. ان جي سزا دنيا جي اخلاقي معيار کي قائم رکي ٿي. سلطنت جي اطاعت، والدين جي فرمانبرداري، قانون جي پابندي هر مذهب جي تعليم ۾ سمايل آهي:
وَ مَنۡ یَّعۡصِ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ وَ یَتَعَدَّ حُدُوۡدَہٗ یُدۡخِلۡہُ نَارًا خَالِدًا فِیۡہَا ۪ وَ لَہٗ
عَذَابٌ مُّہِیۡنٌ ﴿٪۱۴﴾ (النساءِ-14)
”جيڪو شخص خدا ۽ ان جي رسول جي نافرماني ڪري ٿو ۽ انهن جي قانونن جي خلاف ورزي ڪري ٿو ته ان کي باهه جي عذاب ۾ وجهندو، جنهن هو هميشه رهندو ۽ هن لاءِ ڏکوئيندڙ هوندو.“
پر ان باري ۾ اسلام کي هڪ خاص شرف حاصل آهي يعني اسلام احتساب جي سمورن عملن ۽ شرطن جو مجموعو آهي:
وَ یُحِلُّ لَہُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیۡہِمُ الۡخَبٰٓئِثَ. (الاعراف-157)
” ۽ انهن لاءِ سڀئي پاڪ شيون حلال ڪندو آهي ۽ سڀئي پليت شيون حرام ڪندو آهي.“
پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي بعثيت هنن جامع لفظن ۾ بيان فرمائي آهي:
انما بعثت لاتمم مکارم الاخلاق (الحديث)
”مان صرف ان لاءِ مبعوث ٿيو آهيان ته جيئن اخلاقي اوصافن جي تڪميل ڪريان.“
ان مان ثابت ٿيو ته اخلاقي اوصافن جي تڪميل اڃا رهيل هئي. شريعت واري محل جي آخري سر ان عمارت کي مڪمل ڪري ڇڏيو.
حقيقت هيءَ آهي ته احتساب قديم مذهبن جو به جزو هو پر هڪ ناقص جزو، ڪنهن به شريعت دنياوي شين جي فائدن ۽ نقصانن کي ماڻهن اڳيان اهڙي وضاحت ۽ جامعيت سان پيش نه ڪيو هو، جهڙي وضاحت سان اسلام انهن کي پيش ڪيو ۽ اهو هن جو اعليٰ شان آهي. ڪن مذهبن ته ڪو به پرهيز نه رکيو. جيتوڻيڪ ‘الحميته راس الدواءَ’ يعني پرهيز دوا جو بنياد آهي.
کُلُّ الطَّعَامِ کَانَ حِلًّا لِّبَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ اِلَّا مَا حَرَّمَ اِسۡرَآءِیۡلُ عَلٰی نَفۡسِہٖ .(آل عمران: 93)
”سڀ کاڌي جون شيون بني اسرائيل لاءِ حلال هيون مگر اهي جيڪي اسرائيل پاڻ پنهنجي مٿان حرام ڪيون هيون.“
يعني ٻين مذهبن ۽ شريعتن ۾ خاص خاص حڪم احتساب جي دائري اندر اچي ويا هئا پر هر شخص ان فرض کي ادا نه ڪندو هو ۽ نه اهو هنن جو فرض قرار ڏنو ويندو هو. منطق جي ز بان ۾ هيئن سمجهڻ گهرجي ته صرف جزوي قوت جزوي مادي ۾ عمل ڪندي هئي.
مگر اسلام جي اصلي فضيلت ڪبريٰ ۽ زينت عظميٰ اها آهي ته سموري دنيا ۾ صرف اها ئي اخلاقي نيڪيءَ جي پهرين بادشاهي آهي، جنهن هڪ طرف انسان جي هر عمل کي احتساب جي پڪڙ جي ماتحت ڪري ڇڏيو ته ٻئي طرف هر انسان تي احتساب فرض ڪري محتسب قوت کي بلڪل عام ڪري ڇڏيو. جهڙي طرح هڪ مومن نماز پڙهي ٿو ۽ روزو رکي ٿو، بلڪل تهڙي طرح هن کي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو هڪ دائمي محتسب به هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مومن اهو آهي جيڪو نيڪي ۽ انصاف لاءِ محتسب هجي.
ڪن مذهبن کي صرف ڪجهه شين کان پرهيز ڪرڻ لاءِ چيو ويو:
فَبِظُلۡمٍ مِّنَ الَّذِیۡنَ ہَادُوۡا حَرَّمۡنَا عَلَیۡہِمۡ طَیِّبٰتٍ اُحِلَّتۡ لَہُمۡ. (النساءَ: 160)
”پوءِ يهودين جي ظلم سببان اسان انهن تي اهي پاڪ شيون حرام ڪيون، جيڪي انهن لاءِ حلال هيون.“
پر اسلام سمورين ننڍين وڏين شين تي حلت ۽ حرمت جي فتويٰ لڳائي. ان سان نفعي ۽ نقصان جو ڪو به پهلو لڪل نه رهيو:
وَ یُحِلُّ لَہُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیۡہِمُ الۡخَبٰٓئِثَ (الاعراف: 157)
(سٺيون شيون اُنهن لاءِ حلال ڪندو آهي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آهي)
حلت ۽ حرمت جي ڄاڻ محتسب لاءِ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته طبيب اهو آهي، جنهن کي شين جي خاصيتن جي خبر هجي. جيتوڻيڪ اسلامي تعليم ان فرض کي سڀني شين تي لاڳو ڪيو هو پر شروعات ۾ دعوت جو اهو طريقو عام نه هو. حجته الوداع احتساب جا سڀئي رستا کولي ڇڏيا ۽ دنيا احتساب جو هڪ کليل ميدان ڏٺو. بهرحال آسماني وحي جي زبان کلي ۽ زمين وارن کي شريعت جي تڪميل جي خوشخبري ٻڌائي ويئي:
اَلۡیَوۡمَ اَکۡمَلۡتُ لَکُمۡ دِیۡنَکُمۡ وَ اَتۡمَمۡتُ عَلَیۡکُمۡ نِعۡمَتِیۡ وَ رَضِیۡتُ لَکُمُ الۡاِسۡلَامَ دِیۡنًا ؕ(المآئدة:3)
”اڄ اوهان جو دين ڪامل ڪيم، پنهنجيون نعمتون توهان تي پوريون ڪيم ۽ توهان لاءِ اسلام جو مذهب پسند ڪيم.“
احتساب جو اهو تعلق صرف مادي سان هو پر اُن وقت تائين قوت فاعلي غير متعين هئي. مادي جي عموميت متعلق آيتون مٿي بيان ٿي چڪيون آهن. هاڻي قوت فاعلي جي ڪليت تي نظر وجهون ٿا.
وَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتُ بَعۡضُہُمۡ اَوۡلِیَآءُ بَعۡضٍ ۘ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ
عَنِ الۡمُنۡکَرِ. (التوبه: 71)
”مسلمان مرد ۽ عورتون هڪ ٻئي سان نيڪيءَ ۾ مددگار آهن. هڪ ٻئي کي نيڪيءَ جو حڪم ڪندا آهن ۽ بڇڙائيءَ کان جهليندا آهن.“
هڪ ٻي جاءِ تي فرمايو ويو:
کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ.
(آل عمران-110)
”اوهان اهڙي ڀلي اُمت آهيو، جيڪا دنيا ۾ انساني هدايت لاءِ موڪليل آهي. نيڪيءَ جو حڪم ڪندا آهيو ۽ بڇڙائيءَ کان جلهيندا آهيو. “
توهان پڇندؤ ته ڇا انڌا، منڊا ۽ گونگا به محتسب آهن؟ ڇا هي فالج جو ماريل هٿ به مادي شين کي حرڪت ۾ آڻي سگهي ٿو؟ اهو ته ڇا پر ان سان اوهان انساني قوت جي غير محدود وسعت ۽ طاقت کي بلڪل پابند ڪري ڇڏيو، سو، جيڪڏهن هٿ حرڪت پيدا نٿا ڪري سگهن، پير نٿا هلي سگهن، زبان نٿي اُٿلي ته ڇا دل به حرڪت نٿي ڪري سگهي؟ ڇا اوهان سرد لاش آهيو؟ ڇا اوهان کي روشني ۽ اوندهه ۾ ڪو فرق نظر نٿو اچي؟ ڇا اوهان کي ماکيءَ جي مٺاڻ ۽ ايريي جي ڪوڙاڻ هڪ جهڙي محسوس ٿئي ٿي؟ يعني ڇا توهان کي بڇڙائي، خراب معلوم نٿي ٿئي؟ جيڪڏهن نٿي ٿئي ته پوءِ ان احساس يعني خير ۽ شر، معروف ۽ منڪر، صلح ۽ فساد، نور ۽ ظلمت جو نالو احتساب آهي ۽ توهان محتسب آهيو. پر جي اهو احساس ختم ٿي ويو ته پوءِ مومن به ناهيو:
وليس وراءَ ذلک من الايمان حبته خردل مِن اِيمان
”ان کانسواءِ ايمان هڪ ذري جيترو به ناهي.“ (الحديث)

[b]احتساب جو طريقو:
[/b] احتساب جي دعوت جي مختلف طريقن جي لحاظ کان اسلام کي ٻين مذهبن مٿان فضيلت آهي. قديم قومن ۾ سڀ کان وڌيڪ مڪمل مذهب حضرت موسيٰ عليه السلام جو آهي. ان مذهب ۾ دين ۽ دنيا جي جهلڪ ڏسي سگهو ٿا. تنهن ڪري اسلام جي ڀيٽ ان سان ڪرڻ گهرجي.
امر بالمعروف جو آخري طريقو قتال آهي، جيڪو ديني جهاد جو آخري ڏاڪو آهي پر ڪڏهن به دنيا جي ڪنهن قوم ان لاءِ جهاد نه ڪيو آهي، ته نيڪي پکڙجي. جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي امت کي جهاد لاءِ اُڪسايو ته انهن هي جواب ڏنو:
اِنَّ فِیۡہَا قَوۡمًا جَبَّارِیۡنَ ٭ۖ وَ اِنَّا لَنۡ نَّدۡخُلَہَا حَتّٰی یَخۡرُجُوۡا مِنۡہَا ۚ(المائدة: 22)
”ان ملڪ ۾ هڪ نهايت سخت ۽ جابر قوم رهي ٿي. اسان ان وقت اتي وڃي سگهون ٿا، جڏهن اهي ماڻهو اُتان نڪري وڃن. اهڙي طرح اسان انهن سان مقابلو نه ڪنداسين.“
هڪ عرصي کانپوءِ جڏهن آماده به ٿيا ته هن لاءِ نه، ته ڪو نيڪي ۽ انصاف جو گهر آباد ڪنداسين، پر ان لاءِ ته اسان جا گهر اُجاڙيا ويا آهن، اهي آباد ڪنداسين.
وَ مَا لَنَاۤ اَلَّا نُقَاتِلَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ قَدۡ اُخۡرِجۡنَا مِنۡ دِیَارِنَا وَ اَبۡنَآئِنَا ؕ(البقرة-246)
”اسان خدا جي راهه ۾ ڇو نه وڙهون، حالانڪه اسان پنهنجي گهرن مان ڪڍيا وياسون ۽ اسان جي اولاد کي به ظلم جو نشانو بڻايو ويو.“
سندن حال هي هو ته:
فَلَمَّا کُتِبَ عَلَیۡہِمُ الۡقِتَالُ تَوَلَّوۡا اِلَّا قَلِیۡلًا مِّنۡہُمۡ ؕ(البقرة-246)
”جڏهن مٿن قتال فرض ڪيو ويو ته انهن ان کان انڪار ڪيو، سواءِ هڪ ٿورڙي تعداد جي جيڪي اطاعت لاءِ تيار هئا.“
پر جڏهن اسلام جهاد جو اعلان ڪري ٿو ته سمورو مدينو اُٿي پوي ٿو. ڇا مديني جا ماڻهو به بني اسرائيل وانگر پنهنجن گهرن مان ڪڍيا ويا هئا؟ ڇا انهن جي ڪنهن سلطنت تي نظر هئي؟ جيڪڏهن حضرت خالد جو نالو کڻو ٿا، ته حضرت ابوذر کي به نه وساريو. جيڪڏهن مهاجرن جي فهرست اوهان جي نظر ۾ آهي ته انصارن کي به ياد ڪيو. بيشڪ، مڪي جا مهاجر ظلم ۽ ڏاڍ جو بدلو وٺي پئي سگهيا، پر مديني جي انصارن کي ته قريشن پنهنجن گهرن مان ڪو نه ڪڍيو هو؟ بهرحال نيڪي جي حمايت، مظلومن جي نصرت، حق جو اعلان، معروف جو اظهار، باطل ۽ فساد کي ختم ڪرڻ کانسواءِ انهن جو ڪهڙو مقصد هو؟ ها، انهن جو جهاد صرف هِن لاءِ هو ته:
وَّ یَکُوۡنَ الدِّیۡنُ لِلّٰہِ(البقرة-193)
”۽ دين صرف الله لاءِ ٿي وڃي. “
جيڪي پنهنجي گهر لاءِ وڙهيا هئا، خدا ڄاڻي انهن کي گهر مليو الائجي نه؟ پر اسان کي معلوم آهي ته غنيمت ڪو نه ملي. انهن کي رڳو پنهنجي ٻارن جو فڪر هو، اهي انهن کي مليا هوندا. پر هڪ قوم جيڪا پنهنجو گهر گهاٽ، مال ملڪيت ۽ ٻار ٻچا ڇڏي حق لاءِ جهاد ڪري ٿي، جنهن جا ٻار يتيم ٿي وڃن ٿا، جنهن جون عورتون بيواهون ٿي وڃن ٿيون ۽ جنهن جي گهرن جو سرمايو برباد ٿي وڃي ٿو؛ ته ضروري هو ته خدا تعاليٰ انهن جي دل جي بلنديءَ کي قائم رکي ۽ ان جو انهن کي معاوضو غنيمت ۽ يمن ملڪ جي شڪل ۾ ڏي. توهان ان کي غلامي سمجهو ٿا ۽ اسان ان کي لازمي تعليم جو ذريعو سمجهون ٿا. جيڪڏهن انسان پاڻ نيڪ بڻجڻ نٿو چاهي ته اسان هن کي زوري به نيڪ بڻائينداسون. توهان غلامن کان درباني ۽ پهريداريءَ جو ڪم وٺندا هيؤ پر اسان ته انهن کان يگاني خدا لاءِ اذان چورائي!
پر اسلام ماديات تي راضي نٿو ٿي سگهي. هن کي روحاني غذا جو معاوضو به ملڻ گهرجي. توهان چوندؤ ته ان مان جنت مراد آهي؟ بيشڪ آهي، پر توهان کي ان فضل الاهي جي ڏسڻ جو موقعو ڪيئن ملي سگهندو. تنهن ڪري روحاني انعام سان گڏوگڏ محسوس انعام به هجي، جيڪو هن دنيا ۾ حق جي ڪاميابي جو ظهور آهي. جنهن قوم جو هر فرد سچائيءَ جو مجسمو هجي، جيڪو دنيا ۾ صرف نيڪي ڦهلائڻ لاءِ آيو هجي، ان جي مجموعي قوت ڪڏهن به ڀٽڪي نٿي سگهي. جنهن قوم جو هر فرد امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر هجي، جڏهن اها قوم پاڻ ۾ ملي هڪ شيءِ کان روڪي ٿي ۽ ٻي کي اپنائڻ لاءِ چوي ٿي، ته ان ۾ هڪ اهڙي الاهي طاقت پيدا ٿي وڃي ٿي، جنهن کي ڪا به قوت فتح نٿي ڪري سگهي: ويد الله علي الجماعھ: (الحديث) ۽ الله جي مدد جو هٿ جماعت سان آهي. ان جو نالو اُمت جو اجماع آهي. اهو شرف ڪنهن به اُمت کي حاصل نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اُمت احتساب جي فرض کي ڪامل طور تي ادا نه ڪيو هو.

[b]احتساب جي ترتيب:
[/b]پر ڪنهن محتسب کي صرف ان تي بس نه ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن جو هر برائيءَ تي هٿ پڪڙي وٺي يا زبان سان ان کي جهلي يا دل ۾ برو سمجهي بلڪه احتساب هڪ خاص ترتيب جو پابند آهي. ان مقدس فرض کي ان ترتيب سان ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ سڀ کان پهريون پنهنجي نفس جي اصلاح آهي:
اِنَّ النَّفۡسَ لَاَمَّارَۃٌۢ بِالسُّوۡٓءِ . (يوسف:53)
” نفس بڇڙائيءَ ڏانهن آماده ڪرڻ وارو آهي.“
ان ڪري جڏهن پنهنجو من ميرو هجي ته سڀ کان پهرين ان کي پاڪ ۽ صاف ڪيو. ان سان ٻين جا ڌوڙ ٿيل چهرا ڪيئن پاڪ ٿي سگهندا؟ الله تعاليٰ هڪ ٻئي موقعي تي ان کان وڌيڪ وضاحت سان فرمايو:
قَدۡ اَفۡلَحَ مَنۡ زَکّٰىہَا ۪ۙ﴿۹﴾ وَ قَدۡ خَابَ مَنۡ دَسّٰىہَا ﴿ؕ۱۰﴾ (الشمس: 10-9)
”اهو ڪامياب ٿيو جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو، اهو نامراد ٿيو جنهن پنهنجي خير جي قوت کي برباد ڪيو.“
اهڙي طرح هيءُ به فرمايو:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا قُوۡۤا اَنۡفُسَکُمۡ وَ اَہۡلِیۡکُمۡ نَارًا. (التحريم:6)
”مسلمانو! پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل عيال کي باهه جي عذاب کان بچايو!“
پاڻ سڳورن ﷺ کي جڏهن تبليغ جو حڪم ٿيو ته الله تعاليٰ ان جي تربيت هن طرح قرار ڏني:
یٰۤاَیُّہَا الۡمُدَّثِّرُ ۙ﴿۱﴾ قُمۡ فَاَنۡذِرۡ ۪ۙ﴿۲﴾ وَ رَبَّکَ فَکَبِّرۡ ۪﴿ۙ۳﴾ وَ ثِیَابَکَ فَطَہِّرۡ ۪﴿ۙ۴﴾
وَ الرُّجۡزَ فَاہۡجُرۡ ۪﴿ۙ۵﴾ . (المدثر: 5-1)
”اي چادر ويڙهي سمهڻ وارا! اُٿ، پوءِ ماڻهن کي ڊيڄار، پنهنجي خدا جي وڏائي بيان ڪر، پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک ۽ بتن کان پري رهه.“
نفس جي اصلاح کانپوءِ آل اولاد، عزيزن قريبن جو درجو آهي:
وَ اَنۡذِرۡ عَشِیۡرَتَکَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ ﴿۲۱۴﴾ۙ (الشعراءِ: 214)
ان کانپوءِ پنهنجي قوم آهي:
وَ ہٰذَا کِتٰبٌ اَنۡزَلۡنٰہُ مُبٰرَکٌ مُّصَدِّقُ الَّذِیۡ بَیۡنَ یَدَیۡہِ وَ لِتُنۡذِرَ اُمَّ الۡقُرٰی وَ مَنۡ حَوۡلَہَا ؕ.
(الانعام: 92)
”۽ هي قرآن الله جو ڪتاب آهي، جنهن کي اسان نازل ڪيو، جيڪو برڪت وارو آهي ۽ انهن ڪتابن جي تصديق ڪري ٿو، جيڪي هن کان اڳ موجود آهن ۽ اي پيغمبر! اسان قرآن ان ڪري لاٿو ته جيئن تون مڪي وارن ۽ سندن آس پاس ماڻهن کي بڇڙن عملن جي نتيجن کان ڊيڄارين ۽ دين حق جي دعوت ڏِين.

[b]قوم کانپوءِ سموري دنيا:
[/b]وَمَاۤ اَرۡسَلۡنٰکَ اِلَّا کَآفَّۃً لِّلنَّاسِ. (سبا-28)
”۽ اسان تو کي نه موڪليو، مگر سموري عالم جي انسانن جي نجات لاءِ.“
وَ مَاۤ اَرۡسَلۡنٰکَ اِلَّا رَحۡمَۃً لِّلۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۰۷﴾ . (الانبيآءَ: 107)
”۽ اسان اي پيغمبر، تو کي سموري جهان لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي.“
اهڙي طرح حضرت داعي اسلام عليه الصلوة والسلام، ان ترتيب سان احتساب حق شروع ڪيو ۽ انهيءَ اسوه حسنه اندر احتساب جي سلسلي جي قدرتي ترتيب سمايل آهي.

[b]محتسب جي شخصيت:
[/b] ڪتاب ۽ سنت ۾ احتساب جو اصلي طريقو اهو ئي آهي پر ڇا هڪ اهڙو شخص به اهو فرض ادا ڪري سگهي ٿو، جيڪو خود گناهه گار هجي ۽ مٽن مائٽن جي اصلاح کان بي خبر هجي پر هو عوامي ميڙ ۾ اسٽيج تي اچي، سموري دنيا کي احتساب جي دعوت ڏي ٿو. هو هڪ پلڪار وانگر ڪنهن هڪ نقطي تي ڄمي نٿو بيهي، هوا ۾ دائري جي چوڌاري گردش ڪندو رهي ٿو. پوءِ ڇا ان جي اها دعويٰ صحيح آهي؟ ڇا هن جي ان دعوت کي قبول ڪجي؟ ان باري ۾ عالمن ۾ اختلاف آهن. جڏهن ته قرآن مجيد هيئن چوي ٿو:
اَتَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبِرِّ وَ تَنۡسَوۡنَ اَنۡفُسَکُمۡ. (البقرة-44)
”ڇا توهان ٻين ماڻهن کي نيڪيءَ جو حڪم ڏيو ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو ٿا.“
عقلي دليل به ان جو ساٿ ڏين ٿا:
1- احتساب جو مقصد هي آهي ته غيرن کي صالح بنجڻ جي هدايت ڪجي ۽ بڇڙاين ۽ براين کان بچائجي. اهو هڪ عظيم احسان آهي، جيڪو محتسب دنيا تي ته ڪرڻ گهري ٿو پر پاڻ مٿان اهو احسان ڪرڻ غير جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر آهي.
2- جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي ڪنهن شيءِ کان منع ڪري ٿو، پر پاڻ اها شيءِ واپرائي ٿو ته ان جو ابتو اثر ٿيندو. اڳيون سمجهندو ته اهو علم هئڻ جي باوجود پاڻ اها واپرائي ٿو، تنهن ڪري هن کي روڪڻ ۽ منع ڪرڻ جي حقيقت معلوم ڪو نه آهي. پوءِ يقيناً بيان ڪيل نقصان هن اڳئين ۾ ناهن پر جيڪڏهن نقصان آهن به ته اهڙا خطرناڪ ناهن جو انهن کي هڪدم ڇڏي ڏجي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته معلم ۽ نصيحت ڪندڙ پهريان ئي ان کي ڇڏي ڏي ها. مطلب ته اهو ان کان بچڻ بجاءِ، اڃا وڌيڪ عمل ڪرڻ جو خواهشمند ٿي پوندو، جيئن عام چوڻي آهي: الانسان حريص علي ما منع.
3- هڪ ماڻهو وعظ ان ڪري ٿو ڪري ته جيئن ماڻهن تي اثر ٿئي پر جڏهن اهو خود گناهن ۾ گهريل آهي ته پوءِ اثر بجاءِ هن جي وعظ ۽ نصيحت کان نفرت پيد اٿيندي.
4- هڪ فاسق ۽ فاجر احتساب جو فرض ادا ڪري ٿو. فرض ڪريو، هو هڪ عورت سان زنا ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت هن کي هيئن به چوي ٿو ته نامحرم کي منهن ڏيکارڻ حرام آهي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ناداني ٿي سگهي ٿي.
5- سڀ کان وڌيڪ هي ته احتساب جو فرض ۽ دعوت الي الحق هڪ الاهي مقصد ۽ هڪ زباني عمل آهي ۽ ان جون نوراني برڪتون ڪڏهن به اهڙي زبان سان ادائگي نه چاهينديون، جنهن پنهنجي نفس کي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو مخاطب نه بڻايو هجي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙي محتسب جو وعظ ڪجهه گهڙين تائين ٻن چئن دلين تي اثر ڪري پر دلين جي اندر سچي قبوليت ۽ عملن ۾ حقيقي تبديلي پيدا ڪرڻ ۾ هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندو. ان جو حقيقي بنياد صرف نبين سڳورن جي اسوه حسنه ۾ آهي، جن جو هي حال هو ته جيڪا صدا زبان مان نڪرندي هئي، عمل ۽ ڪم ان جو پيڪر ۽ عملي نمونو هوندا هئا.

[b]هڪ اهم نقطو:
[/b] البت هڪ سخت ۽ عالمگير غلط فهميءَ جو ازالو ڪرڻ به ضروري آهي، جنهن بدقسمتيءَ سان اڄ جي مسلمانن جي دلين ۾ جاءِ جوڙي ورتي آهي ۽ جنهن جي ڪري امر بالمعروف، اجتماعي ۽ انفرادي احتساب اڻلڀ آهي.
بيشڪ، محتسب لاءِ ضروري آهي ته هو سڀ کان پهريون صالح عمل اختيار ڪري ۽ پنهنجي نفس جي احتساب کان غافل نه هجي پر ان جي اها معنيٰ ڪو نه آهي ته جيستائين ڪو شخص سمورين براين ۽ غلطين کان پاڪ نه ٿئي، تيستائين امر بالمعروف لاءِ زبان به نه کولي؟ اسلام هر مسلمان تي احتساب فرض ڪيو آهي ۽ هي به ظاهر آهي ته هر مسلمان ابوذر رضه ۽ سلمان رضه نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي جنيد ۽ جيلاني بڻجي سگهي ٿو. غلطيون سڀني کان ٿين ٿيون ۽ نفس جو فريب سڀني لاءِ سخت آهي. بهرحال جيڪڏهن احتساب لاءِ محتسب جو ڪامل ۽ صالح هجڻ ضروري سمجهيو وڃي ته پوءِ اهو فرض ڪيئن عام ٿي سگهندو ۽ هر مسلمان ڪيئن محتسب بڻجي سگهندو؟
بدقسمتيءَ سان ايئن ئي سمجهيو ويو آهي، جنهن جو نتيجو اهو آهي جو ماڻهو امر بالمعروف لاءِ وڏن وڏن عابدن ۽ زاهدن کي ڳوليندا رهندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان گنهگار ڪير ٿيندا آهيون جو ماڻهن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيون! اهو ئي سبب آهي جو دعوت معروف جون صدائون خاموش ٿي ويون آهن. منڪرات جي عام واهپي کي روڪڻ لاءِ ڪير به ڪونهي. هڪ شخص مسلمان هجڻ جي باوجود اهو جائز سمجهي ٿو ته پنهنجي سامهون بڇڙايون ٿيندي ڏسي ۽ منافق ۽ گونگي شيطان وانگر خاموش رهي!
حقيقت هيءَ آهي ته مڪلف انسان کي ٻن شين جو حڪم ڏنو ويو آهي. پنهنجو پاڻ کي گناهن کان بچائڻ ۽ ٻين کي گناهه نه ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ. تنهن ڪري اهو ضروري ناهي ته جيڪڏهن هڪ مسلمان هڪ فرض کي چڱي طرح ادا نٿو ڪري سگهي ته ٻيو فرض به ادا نه ڪري.

[b]احتساب جا شرط:
[/b] جيڪڏهن اوهان کي جنگ ڪرڻي آهي ته پهرين هٿياربند ٿيڻ گهرجي. جهالت ۽ گمراهي، فتني ۽ فساد، نفس جي بربادي ۽ ضمير جي تباهي، بڇڙن عملن ۽ غير معياري اخلاق، ظلم ۽ ڏاڍ، مطلب ته سڀني منڪرات، دنيا جي چهري تي ڪاري چادر وجهي ڇڏي آهي. ابليسي لشڪر اهڙي ٻات اونداهيءَ ۾ راتاهو هڻي رهيو آهي. اوهان کي ان سان جهاد ۽ قتال ڪرڻو آهي. تنهن ڪري اوهان کي هٿيار کڻڻ گهرجن. جيتوڻيڪ اهو بلڪل سچ آهي ته:
آهن بآهن توان کرد نرم!
‘لوهه کي لوهه سان نرم ڪري سگهجي ٿو.’
جيڪا مخلوق باهه مان پيدا ڪئي ويئي آهي، ان مٿان ٻرندڙ اُماڙيون وسائڻ گهرجن پر پنهنجي فطرت کي هر موقعي تي محفوظ رکڻ به اخلاقي فتحمندي آهي ۽ وقتي فتحمندين تي اصلي فطرت کي مقدم رکڻ گهرجي. خدا اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. تنهن ڪري توهان کي ان جي قوت ۽ خاصيتن جو بهترين مظهر بڻجڻ گهرجي. احتساب لاءِ علم جو هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن هڪ نيم حڪيم، مريض جو علاج ڪري ٿو ۽ ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو ڏس ڏي ٿو، پر اهو انهن شين جي خاصيتن ۽ اثرات جو علم نٿو رکي ته پوءِ پڪ سمجهو ته اهو مريض کي ماري رهيو آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته مريض کي جنهن شيءِ کان روڪي رهيو آهي، اها ماکي آهي ۽ جيڪا استعمال ڪرائي رهيو آهي، اها زهر آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڳورن ﷺ علم جي واڌاري جي دعا گهري:
رَّبِّ زِدۡنِیۡ عِلۡمًا ﴿۱۱۴﴾ .(طٰھ: 114)
” اي خدا منهنجي علم ۾ واڌارو ڪر!“
هڪ دفعي حضرت ابن عباس کي جهوليءَ ۾ ويهاري هي دعا ڏني هيائون:
اللهم فقهھ في الدين!
”اي خدا، هن کي دين جي فڪر ۽ نظر جي قوت ڏي.“
علم کانپوءِ ۽ تلقين، هدايت، نصيحت ۽ دعوت ۽ عمل جو وارو اچي ٿو. ٻڌندڙن جون طبيعتون مختلف هونديون آهن. ڪو سخت، ڪو نرم، ڪو ماٺيڻو، ڪو ويڙهاڪ، ڪو ضدي، ڪو هوڏي، ڪو عالم ۽ ڪو جاهل، مطلب ته توهان کي دنيا ۾ مختلف ۽ متضاد قوتن سان منهن ڏيڻو پوندو. پوءِ ڇا توهان هر شخص سان وڙهندا رهندؤ؟ نه، اوهان کي نرمي اختيار ڪرڻ گهرجي!
اِدۡفَعۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ. (المومنون: 96)
”ڏاڍي چڱي طريقي سان مدائيءَ کي ٽار.“
وَ لَوۡ کُنۡتَ فَظًّا غَلِیۡظَ الۡقَلۡبِ لَانۡفَضُّوۡا مِنۡ حَوۡلِکَ ۪. (آل عمران-159)
”جيڪڏهن تون الهڙ ۽ سخت دل هجين ها ته ماڻهو تو کان ڀڄي وڃن ها.“
ماکان الرفق في شي الا زانه وما کان العنف في شي الاشانه. (الحديث)
”نرمي هر شيءِ کي زينت ڏي ٿي ۽ سختي ان کي بدنما ڪري ٿي.“
ان الله رفيق يحب الرفق في الامر کله ويعطي مالا يعطي علي العنف. (الحديث)
”خدا نرم آهي ۽ هر شيءِ ۾ نرمي کي پسند ڪري ٿو ۽ نرميءَ تي هو ايترو ڪجهه ڏي ٿو، جيڪو سختيءَ تي نه ڏيندو آهي.“
سمنڊ ۾ طوفان اُٿي ٿو، ڇوليون بلند ٿي جبلن سان ٽڪرائجن ٿيون ۽ اهو ڀورا ڀورا ٿي وڃي ٿو پر توهان کي ان مثال تي مغرور ٿي، سختي نه ڪرڻ گهرجي. توهان کي ڪو ڏونگر ڪو نه ڏارڻو آهي پر شيشي جي دل ۾ عڪس وانگر نيڪيءَ کي سڃاڻڻو آهي. ان ڪري اوهان کي بجليءَ جي وهڪر وانگر هلڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن کي خبر نه پوي ۽ دنيا جا سمورا پرزا حرڪت ۾ اچي وڃن. ايستائين جو دل جو لطيف شيشو ان روح کي جذب ڪري.
دنيا ۾ بڇڙائي مخفي طريقي سان پکڙي آهي. اوهان ان گابي واري سامري لاءِ نه ٻڌو آهي ته هو ڪيئن بني اسرائلين جي دلين ۾ خاموشي سان گهر ڪري ويو هو؟
وَ اُشۡرِبُوۡا فِیۡ قُلُوۡبِہِمُ الۡعِجۡلَ. (البقرة-93)
”انهن جي دلين ۾ گابي جي پريت وڌي ويئي.“
پر نيڪي ته بڇڙاين کان وڌيڪ ڇانئجڻ واري آهي:
اِنَّمَا الۡمُؤۡمِنُوۡنَ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ اللّٰہُ وَجِلَتۡ قُلُوۡبُہُمۡ وَ اِذَا تُلِیَتۡ عَلَیۡہِمۡ اٰیٰتُہٗ
زَادَتۡہُمۡ اِیۡمَانًا. (الانفال:2)
”سچا مومن اهي آهن، جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، ته انهن جون دليون ڊڄنديون آهن ۽ جڏهن خدا جون آيتون انهن کي پڙهي ٻڌائبيون آهن، تڏهن اهي انهن جي ايمان کي اڃا وڌائين ٿيون.“
جيڪي دليون پنهنجو پاڻ زخمي ٿي پيون آهن، انهن تي زخم ڇو ٿا هڻو؟ ڪپهه جو پهو بڻجي وڃو ڇاڪاڻ ته زخمين کي ان جي ضرورت آهي پر دنيا بلڪه خود فطري قانون حسن اخلاق جو قدردان آهي. دنيا هڪ خطرناڪ سمنڊ آهي، جيڪو خاموشي سان وهندو رهي ٿو. جيڪڏهن موتي وانگر گوشه نشيني مقصد هئي ته پوءِ هڪ تنگ حجرو بڻائجي ها پر توهان ته جر جي ڦوٽي وانگر پاڻيءَ جي سطح تي ترڻ گهرو ٿا، تنهن ڪري لهرن جا لوڏا اڻٽر آهن. توهان بجليءَ جي وهڪري وانگر دنيا جي ڪارخاني ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا. ان ڪري اوهان کي ٽڪراءُ ۽ مقابلو ڪرڻو پوندو. توهان نرمي سان ڳالهائيندؤ، جواب سخت لفظن سان ملندو. توهان جهڪندؤ، توهان جي سامهون ڳاٽ اوچو ڪيو ويندو. پوءِ اهڙي حالت ۾ اوهان کي آڪڙجڻ گهرجي؟ ان جو جواب حضرت لقمان عه پنهنجي پٽ کي هيئن ڏنو هو:
وَ اۡمُرۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ انۡہَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ اصۡبِرۡ عَلٰی مَاۤ اَصَابَکَ ؕ اِنَّ ذٰلِکَ
مِنۡ عَزۡمِ الۡاُمُوۡرِ ﴿ۚ۱۷﴾ . (لقمان-17)
”نيڪيءَ جو حڪم ڏي، بڇڙائيءَ کان روڪ ۽ جيڪي ڏک تو کي پهچن، تن تي صبر ڪر، اهي وڏا همت وارا ڪم آهن.“
اهڙي طرح خود حضرت داعي اسلام عليه السلام کي رسالت جي فرضن ۽ تعليم کانپوءِ هي حڪم ڏنو ويو:
وَ لِرَبِّکَ فَاصۡبِرۡ ؕ﴿۷﴾ . (المدثر: 7)
”پنهنجي رب لاءِ صبر ڪر.“
فَاصۡبِرۡ کَمَا صَبَرَ اُولُوا الۡعَزۡمِ مِنَ الرُّسُلِ. (احقاف: 35)
”صبر ڪر، جهڙي طرح تو کان پهريون سڀئي پيغمبر ڪندا آيا آهن.“
بهرحال احتساب لاءِ علم، نرمي، صبر، بُردباري ۽ سنجيدگيءَ جي سخت ضرورت آهي.
هر حال ۾ احتساب:
پر جيڪڏهن اوهان علم نٿا رکو، نرمي اختيار نٿا ڪريو، جيڪڏهن توهان ۾ صبر ۽ بردباري ناهي، ته ڇا احتساب جو فرض يتيم ٿي، دنيا ۾ لاچار ٿي ويندو؟ اهو سچ آهي ته علم هڪ الماس آهي پر ڪڏهن ڪڏهن حسن بغير زيور جي به دنيا کي متاثر ڪندو آهي. ان ڪري اوهان کي نفس جي فريب ۾ مبتلا ٿيڻ نه گهرجي. بيشڪ، اهي صفتون پاڻ ۾ پيدا ڪريو، پر انهن کان سواءِ خدا جو ڪم جاري رکي سگهجي ٿو. اوهان غور ڪندؤ ته ٽي ضرورتون اوهان جي سامهون آهن:
1- عدم احتساب جو نقصان، انهن صفتن ۽ خاصيتن جي کوٽ کان وڌيڪ هوندو، جيڪي احتساب لاءِ ضروري شرط آهن.
2- ڪڏهن برابر.
3- ڪڏهن گهٽ.
پهريون ٻئي صورتون وڌيڪ عام آهن، تنهن ڪري باوجود انهن خاصيتن جي، احتساب جي عمل کي جاري رکجي. البته ٽين صورت ۾ سچ چوندڙ زبان ۽ هٿ جي عمل کي روڪڻ گهرجي. پوءِ به دل جي حرڪت لازمي آهي ۽ ايمان جو يا ٻين لفظن ۾ روحاني حياتيءَ جو اهو ئي آخري درجو آهي.
هاڻي اوهان کي معلوم ٿي ويو هوندو ته ڪفر خاموش آهي مگر ايمان غلغه انداز، باطن ساڪن آهي ۽ حق شور انگيز، گمراهي جمود ۾ آهي، مگر هدايت حرڪت جو نالو آهي. حرڪت ۾ ئي برڪت آهي، تنهن ڪري هڪ مسلمان ڪڏهن به خاموش ۽ ساڪن نٿو رهي سگهي.
حضرت محمد ﷺ جن فرمايو: سچو نالو حارث (ڪمائي ڪندڙ) ۽ همام (ارادو ڪرڻ وارو ) آهي.“

[b](الهلال، جلد پنجون، شمارو پنجون ۽ ڇهون، جولاءِ 1914ع تان ترجمو ڪيل)[/b]