مذهب جي نالي تي دڪانداري
اسان جو عقيدو آهي ته دنيا جي سڀني مذهبن ۽ قومن جي بانين ڪڏهن به شرڪ ۽ انسان پرستيءَ جي تعليم نه ڏني آهي. دنيا ۾ پراڻي کان پراڻي ڳالهه صرف سچائي ۽ خدا پرستي آهي پر مذهب جي مڃڻ وارن شرڪ ۽ بت پرستيءَ جو رستو اختيار ڪري پنهنجين سڀني غليظ سوچن کي انهن ڏانهن منسوب ڪيو. جڏهن ته نبين سڳورن جي صاف ۽ کرين ڳالهين کي ڇا مان ڇا بڻايو ويو. جڏهن امت جي اصلاح ڪرڻ وارا اصل حقيقت کان پري آهن ۽ انهن تي ٻين جو رنگ چڙهي ويو آهي ته پوءِ فتني فساد کان ڪيئن بچي سگهن ٿا؟ دڪانداري چمڪائڻ لاءِ ڪيترن جو معاملو دعاوي شطحيات (سڀ ڪجهه پاڻ کي سمجهڻ جي دعويٰ ڪرڻ)تائين پهچي ويو ۽ اعلان ڪيائون ته وکلام السکاريٰ يحمل ويصرف عن الظاهر (يعني مستن جي ظاهر تي نه هلجي پر ان جي باطني مراد وٺجي) جو ڌنڌو اختيار ڪيو. ڪنهن چيو: لوائي ارفع من لواءِ محمد صلي الله عليه وسلم (يعني نبي محمد ﷺ کان منهنجو جهنڊو اعليٰ ۽ اوچو آهي) ۽ سبحاني سبحاني ما اعظم شاني. (منهنجي ذات پاڪ آهي، منهنجي ذات پاڪ آهي، ڏسو! ڪيڏو نه وڏو منهنجو مرتبو ۽ شان آهي!) ڪنهن صدا هنئي
”ليس في جيبي الاالله“
(الله کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ منهنجي دل ۾ نه آهي)
هي به چيو ويو ته:
جئنا بحراً وقف الانبياءَ عليٰ ساحله
(اسان ته درياهه ٽپي پار ٿي وياسين جڏهن ته انبياءِ سڳورا به ڪناري تي رهجي ويا)
۽ هي به مشهور آهي ته: قدمي هذا عليٰ رقبه کل ولي الله (الله پاڪ جي هر وليءَ جي ڪنڌ تي مٿان، منهنجو پير آهي) وغيره..... ڇاڪاڻ ته ڪنهن غير معصوم جو قابل احترام هجڻ ۽ اتباع لاءِ لازمي نه آهي ته ان جو هر قول ۽ چوڻي حجت هجي ۽ نه ڪنهن غير معصوم جي قول ۽ اجتهاد جو غلط هجڻ اها معنيٰ رکي ٿو ته قولن ۽ عملن جي سڀني خوبين کي نظرانداز ڪيو وڃي. قرآن حڪيم ۾ سچن مومنن جو جيڪو شان ٻڌايو ويو آهي، اهو انهن جي گهرڻ واري دعا مان ظاهر آهي.
وَ لَا تَجۡعَلۡ فِیۡ قُلُوۡبِنَا غِلًّا لِّلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا (الحشر-10).
جڏهن عام مومن لاءِ اهو حڪم آهي ته علم ۽ فضيلت جي صاحبن لاءِ ڪينو رکڻ ڪيئن جائز ٿي سگهي ٿو.
مگر حق ۽ يقين جو اصل بنياد ڪتاب ۽ سنت آهي. اهو بنياد پنهنجي جڳهه تان هٽي نٿو سگهي. ٻين سڀني کي پنهنجي جاءِ ڇڏڻي پوندي. ان در کي ڪنهن ٻئي جي خاطر ڇڏي نٿو سگهجي. ٻين سڀني جا در ڇڏڻا پوندا.
لايؤمن احدکم حتي اکون احب اليه من والده و لده والناس اجمعين.
(الحديث)
سرڪشي ڪرڻ وارن جي غلطي اها آهي ته اهي پنهنجن غير معصوم پيشوائن جي چوڻين ۽ قولن کي اصل بنياد ۽ انهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ناجائز سمجهندا آهن. وري چاهين ٿا ته وحي الاهي ۽ صاحب وحي کي پنهنجي اصلي مقصد کان هٽائي، پنهنجن هٿرادو ٺاهيل خيالن جهڙو ثابت ڪن ۽ جي ٿي سگهي ته زوري به ڪن. ظلم اهو جو ان عمل کي هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جو طريقو چون ٿا. جيڪڏهن اها هڪ جهڙائي يا مطابقت ڪرڻ آهي ته پوءِ ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي ته دنيا ۾ نه تحريف جو وجود باقي رهي ٿو ۽ نه ڪڏهن اهل ڪتاب تحريف ڪئي.
افسوس! ارادي تحت انهن ڪوڙن عقيدن مسلمانن کي جيڏو نقصان پهچايو آهي، ڪنهن به شيءِ نه پهچايو آهي. نيڪ عملن جي اهميت ويندي رهي! سڄو نظام چند هٿرادو عقيدن تي هلي رهيو آهي. ڪو شخص صرف ان غرور ۾ آهي ته هو الف کان بي تائين نفساني عقيدن جو گهر آهي. ٻين سڀني مسلمانن کي گهٽ ۽ گمراهه سمجهي ٿو. الله سان محبت ۽ نيڪ عمل ڪا به شيءِ ناهن! ڪو شخص تقويٰ ۽ پاڪبازيءَ ۾ ڪيترو ئي نيڪ هجي پر ڪنهن هڪ ننڍڙي عقيدي ۾ ڀليل آهي ته ان جي ساري عمر جي نيڪي ۽ ڀلائي بيڪار ويئي ۽ سموري عمر جي نيڪ عملن ۽ ايمان جي باوجود انهن جي نظر ۾ ڪافر جو ڪافر ئي رهيو! جنهن ڪلمي جي هڪ دفعو پڙهڻ سان ابو سفيان جهڙو اسلام دشمن ۽ حضرت حمزه جو قاتل بخشجي وڃي ٿو، جيڪڏهن ابوجهل به اقرار ڪري ها ته ان جي سموري زندگي جي ناشڪري ۽ سرڪشي معاف ٿي وڃي ها. اڄ اوهين سڄي زندگي ايمان ۽ نيڪ عمل تي بسر ڪري ڇڏيو، پوءِ به مؤمنن جي گروهه ۾ شامل ٿيڻ جو اوهان کي حق ناهي!
افسوس! 13 سؤ سال گذري ويا پر ڪفر ۽ ايمان جو مسئلو اڄ تائين حل ٿي نه سگهيو. نانگ ۽ وڇون هڪڙي سوراخ ۾ گڏ ويهي سگهن ٿا پر دنيا پرست عالم هڪ جاءِ تي گڏ نٿا ٿي سگهن. ڪتن جي لوڌ هونئن ته خاموش هوندي پر هيڏانهن ڪاسائي هڏو اڇليو ناهي ۽ هوڏانهن انهن جا چنبا تيز ۽ ڏند زهر آلوده ٿيا ناهن. اهو ئي حال انهن دنيا جي پوڄاري ڪتن جو آهي جيڪي سمورين ڳالهين ۾ ته متفق ٿي سگهن ٿا، پر جتي دنيا پرستي جو هڏو ڌپو هڻي رهيو هجي اتي پهچي پنهنجي ڏندن ۽ چنبن تي وس نٿا رکي سگهن. انهن جو سرمايو حقيقي علم ناهي، جيڪو فرقي بازي کي ختم ڪري ۽ مختلف طريقن جي پيروي ڪرڻ بجاءِ هڪ ئي صراط مستقيم تي هلائي. سندن علم جنگ ۽ جدال وارو آهي. نفس پرستي انهن جي بڇڙاين کي اوٻر ڏئي ٿي ۽ دنيا پرستي جي باهه انهن جي ناپاڪيءَ جي بخارن کي اڃا به وڌيڪ اڀاري ٿي. گنهگار ۽ بدڪردار شراب خاني ۾ ڀائرن وانگر هڪ ٻئي جي خيريت معلوم ڪندا آهن، چور ۽ ڌاڙيل گڏجي ڌاڙا هڻندا آهن پر هي ٽولو خدا جي گهر (مسجد) ۾ متحد ٿي نٿو سگهي ۽ هميشه وحشين وانگر هڪ ٻئي کي ڦاڙيندڙ جانورن وانگر چيريندا ڦاڙيندا ۽ چنبا هڻندا رهن ٿا. شراب خاني ۾ پيار جا ترانا ۽ محبت جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون پر مسجدن جي محرابن ۾ اسان کي اڳواڻي واسطي انهن مان هرهٿ ٻئي جي گريبان کي پڪڙيندي نظر اچي ٿو ۽ خونخوار اک ٻئي ڀاءُ جي خون جي تاڙ ۾ آهي. حضرت مسيح عليه السلام احبار يهود لاءِ فرمايو هو ته
”اوهان دائود جي گهر کي ڌاڙيلن جو ڀَٽُ بڻايو آهي.”ڌاڙيلن جي ڀَٽُ جي ته خبر ناهي پر مسجدن جي اڱڻن ۾ بگهڙن کي هڪٻئي تي گُرڪندي ۽ خونخوار ڏند ڪرٽيندي ڏسون ٿا.“
مرض کان ڇوٽڪارو دوا سان ٿيندو آهي، نه مرض کي پيدا ڪرڻ سان. جيڪڏهن دنيا جو اصل مرض يقين ۽ سچي خيال کان محرومي آهي ته پوءِ شڪ ۽ گمان کي ختم ڪرڻ جو علاج اهي ڪيئن ٿا ڪري سگهن جن جو پنهنجي فڪر ۽ سوچ جي حد جو آخري نعرو هي آهي ته ”لا ادري ولااعلم.“ اسين نٿا ڄاڻون ۽ نه ڪجهه چئي سگهون ٿا ته ڇا آهي ۽ ڪنهن لاءِ آهي.) ”اهي پنهنجي خيال جي ذريعي جاهليت کان وڌيڪ نٿا ٻڌائي سگهن. انهن جي علاج جي شفا وارو نسخو ته وحي کان ملي سگهي ٿو جيڪو گمان جي جاءِ تي يقين، انڌيري جي جاءِ تي نور، بي علميءَ جي جاءِ تي علم ۽ بصيرت، بدگماني ۽ انومان جي جاءِ تي حجت، ”لااعلم“ جي جاءِ تي ”اني اعلم“ ۽ ”اني عَليٰ بينَته من رَبي ۽ اِني اُشهد“ بلڪه ”دريت و سمعت“ جي دعويٰ ۽ اعلان ڪري رهيو آهي. سڀني انسانن کي هي چئي سڏ رهيو آهي
”ہٰذِہٖ سَبِیۡلِیۡۤ اَدۡعُوۡۤا اِلَی اللّٰہِ ۟ؔ عَلٰی بَصِیۡرَۃٍ اَنَا وَ مَنِ اتَّبَعَنِیۡ“ (يوسف-108)
۽ سڀني هٺ ڌرمن کان وري وري گهر ڪري ٿو ته،
ہَلۡ عِنۡدَکُمۡ مِّنۡ عِلۡمٍ فَتُخۡرِجُوۡہُ لَنَا (الانعام-148)
يعني هي علم ۽ يقين ۽ خروج من الظلمات والجهل اليٰ نور المعرفھ والحقيقت جو رستو آهي، جنهن جي آءٌ اوهان کي دعوت ڏيئي رهيو آهيان. پوءِ اوهان وٽ به ڪو علم ۽ يقين آهي جنهن کي دنيا اڳيان پيش ڪري سگهو؟
ہَلۡ یَسۡتَوِی الۡاَعۡمٰی وَ الۡبَصِیۡرُ (الانعام-50) ۽
ہَلۡ یَسۡتَوِی الَّذِیۡنَ یَعۡلَمُوۡنَ وَ الَّذِیۡنَ لَا یَعۡلَمُوۡنَ؟(الزمر-9)
هڪڙو چئي ٿو: مون وٽ شڪ آهي، جيڪڏهن اوهين مون ڏانهن اچو ته اوهان کي شڪ ۽ گمان سان معمور ڪري ڇڏيندس. ٻيو چئي ٿو ته مون وٽ صرف يقين ۽ دليل کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.
َا یَاۡتِیۡہِ الۡبَاطِلُ مِنۡۢ بَیۡنِ یَدَیۡہِ وَ لَا مِنۡ خَلۡفِہٖ ؕ تَنۡزِیۡلٌ مِّنۡ حَکِیۡمٍ حَمِیۡدٍ
(حم سجده-42)
۽ بَلۡ ہُوَ اٰیٰتٌۢ بَیِّنٰتٌ فِیۡ صُدُوۡرِ الَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡعِلۡمَ (الۡعَنۡکَبُوۡتِ-49)
مان بصيره آهيان، علم جي دعوت آهيان، دليل ۽ يقين جو پيغام آهيان. حقيقت جيڪا هڪ کان وڌيڪ ٿي نٿي سگهي، ان جي هڪ ئي راهه آهيان: اقوام الطريق، اوضح السبل، صراط السوي.
اَنَّ ہٰذَا صِرَاطِیۡ مُسۡتَقِیۡمًا فَاتَّبِعُوۡہُ ۚ وَ لَا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِکُمۡ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ
(الانعام-153)
پوءِ ٻڌايو دنيا کي تسڪينِ دل جي تڙپ، نفساني بيچيني ۽ گمان جي زخمن سبب موت ويجهو آهي ته ڪنهن جو ساٿ ڏجي؟ ان جو جيڪو شڪ جي اونداهين کاهين ۾ ٺوڪرون کائي رهيو آهي ۽ هڪ گمراهي مان نڪرڻ لاءِ ٻي گمراهي ۾ داخل ٿئي ٿو؟
اونداهين جو ته اهو حال آهي جو پنهنجو هٿ به نظر نٿو اچيس. هڪڙي مسئلي کي حل ڪرڻ گهري ٿو ته ٻي الجهن ۾ ڦاسي وڃي ٿو.
اِذَاۤ اَخۡرَجَ یَدَہٗ لَمۡ یَکَدۡ یَرٰىہَا ؕ وَ مَنۡ لَّمۡ یَجۡعَلِ اللّٰہُ لَہٗ نُوۡرًا فَمَا لَہٗ مِنۡ نُّوۡرٍ (نور-40)
جنهن جون اهي سموريون ڪوششون حقيقت تائين پهچڻ ۽ هستيءَ جو راز معلوم ڪرڻ لاءِ آهن، ان جو اهو حال آهي جو هر مرحلو نئين گمراهيءَ جو پيغام ۽ هر منزل نئين گمراهيءَ ۾ گم ٿيڻ جو ٺڪاڻو آهي، جنهن نظريي کي ڪامياب سمجهي پوڄڻ چاهي ٿو، جڏهن ان تائين پهچي ٿو ته يقين جي جاءِ تي نئين شڪ ۾ مبتلا ٿئي ٿو، جواب جي جاءِ تي نئون سوال جنم وٺي ٿو. اهڙي طرح ان جون سموريون اميدون ۽ خوشيون ان اُڃايل شخص جي اميدن وانگر آهن جيڪو رُڃ کي پاڻي سمجهي ان جي پٺيان ڊوڙندو رهي ٿو.
سن 1911ع ۾ مولانا شبلي مرحوم عالمن جي هڪ وفد جي قيادت ڪري رهيو هو ۽ ڪجهه وقت ڪلڪتي ۾ ترسيا هئا. عالمن جي وفد مان هڪ بزرگ پڙهڻ پڙهائڻ جي خيال کان هڪ خاص مقام رکندو هو. هڪڙي ڏينهن ان ئي انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو جيڪو انهن بزرگن جي لاءِ مخصوص هوندو آهي. انگريزي تعليم يافته شخص جي مذهب کان بي خبري، الحاد ۽ ڇڙواڳي جي شڪايت ڪرڻ لڳو. مون چيو ته اها شڪايت گهٽ ۾ گهٽ اوهان جي زبان تي نٿي سونهين. منهنجي خيال ۾ اوهين ۽ اُهي هڪ ئي آستاني جا مجاور ۽ هڪ ئي سڪي جا ٻه مختلف پاسا آهيو. وڌ کان وڌ اوهان جي قدامت ۽ اوليت کي ڏسندي، انهن کي اوهان جو ننڍو ڀاءُ چئي سگهجي ٿو. اوهين يونانين جا پرستار ۽ اُهي يورپ جا ثناخوان. قرآن ۽ سنت کان اوهين به ڏور ۽ اُهي به بي خبر ۽ اڻڄاڻ- جيڪڏهن حقيقت پڇو ته هڪ لحاظ کان اُهي اوهان تي فوقيت رکن ٿا. اوهان جا رهنما ۽ رهبر يوناني فيلسوف آهن، جن جي ذهنيت عام عادتن ۽ طور طريقن کان اڳتي وڌي نه سگهي. هنن جي علم جا پيشوا يورپي فيلسوف آهن، جن دنيا جي اڳيان تجربن ۽ مشاهدن جو دروازو کوليو. انگريزي تعليم يافتن مان ڪنهن به درجي جو ٻار جيڪو سائنس ۽ فزڪس پڙهي ٿو، اوهان جي مدرسي جي طالب علم کان صحيح رستي تي آهي، جيڪي صدر ۽ شمس بازغه کان اڳتي وڌي نه سگهيا آهن. البت اوهان صاحبن جا مترجم ۽ نقل ڪندڙ عرب هئا جن يونانيت کي عربي جو جامو پهرائي مقدس بڻايو ۽ معتزله ۽ اخوان الصفا وغيره پيدا ڪيا جن کي اهڙا موقعا ميسر ٿي نه سگهيا. سر سيد مرحوم پاڻ اُن جي غير معترف پوئلڳن کان اڳتي وڌي نه سگهيو. جيڪڏهن هنن مان به اهڙي سڀاءُ جو ڪو ماڻهو پيدا ٿئي ها ته ضرور اوهان کان بازي کٽي وڃن ها.
حقيقت هي آهي ته شڪ شبهو ايتري تائين پيدا نه ٿيندو آهي، جيتري تائين ان کي ختم ڪرڻ وارا کيس پيدا نه ڪن. هميشه مطابقت ۽ برابري ڪندڙن ۽ شڪ شبهي کي ختم ڪندڙن شڪ شبهي کي پيدا ڪيو آهي. قديم علمن جي اشاعت جي زماني ۾ هڪ تمام ننڍڙي جماعت يوناني فلسفي کي پڙهيو ۽ خليفن جي ويجهن درٻارين ۽ ترجمي ڪندڙن کان سواءِ عام ماڻهو به متاثر ٿيڻ بنا رهي نه سگهيا. سڀ کان اول خود معتزله انهن تيرن کان زخمي ٿيا ۽ پوءِ سمورا مسلمان زخمي ٿي پيا. انهن جو علاج عالم قرآن ۽ سنت مان ڪري نه سگهيا. پنهنجو پاڻ کي معالج ۽ طبيب سمجهڻ لڳا ۽ جنهن بيماريءَ جو وجود ئي نه هو، ڪوشش ڪري، هٿ وٺي گهرائي ورتائون. نتيجو هي نڪتو جو انهن جي بحث مباحثي هزارن انسانن جي عقيدي کي لوڏي ڇڏيو. مشهور عالمن ۽ دانائن جو به اهو ئي حال هو. اسان جي زماني جي به ساڳي حالت آهي، جنهن تي اڄ تائين ڪنهن به ويچار نه ڪيو آهي. هن وقت نه ته مسلمانن ۾ نئين علم جي تڙپ رهي آهي ۽ نه جوش ۽ جذبو پيدا ٿيو آهي. صرف ڪجهه ماڻهو هئا جن نه ته يورپ جي ڪا زبان سکي ۽ نه ڪنهن مادي علم جي ڄاڻ حاصل ڪئي، فقط ٻڌل ڳالهين ۽ پوئلڳيءَ جي جوش کان پنهنجي ذهن ۾ شڪ شبها پيدا ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ ئي چوڻ لڳا ته جديد علم اسلام جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي. جديد علم جي سيلاب مسلمانن جي 13 سؤ ساله عقيدن کي لوڏي ڇڏيو آهي. هاڻي ان کان سواءِ چارو ناهي ته اسلامي عقيدن ۾ نئين سر ترميم ڪئي وڃي!
نتيجي طور ويڇا ۽ دوريون وڌنديون وڃن ٿيون ۽ هاڻي ته هيئن چيو پيو وڃي ته انگريزي تعليم يافته نوجوانن مذهب کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي. حقيقت هي آهي ته انهن سموري امت کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هاڻي غور ڪجي ته ان جو علاج ڪيئن ٿي سگهندو. جيڪڏهن سڀني بيمارين بابت ڄاڻ حاصل نه ڪبي ته بيماريءَ جي سڃاڻپ ڪيئن ٿي سگهندي. وهم ۽ گمان بيماري ناهي پر بد پرهيزي ۽ بي اعتدالي آهي. بيماري ايمان ۽ يقين جو نه هئڻ آهي ته پوءِ بيماريءَ کي ضرور ڳولڻ گهرجي. بيماريءَ جي مڪمل سڃاڻپ ڪرڻ ڪامل طبيب جي قابليت آهي.