تاريخ، فلسفو ۽ سياست

صدين جون صَدائون

ھي ڪتاب نامياري اسڪالر امام الھند مولانا ابوالڪلام آزاد جي مضمونن جو مجموعو آھي جنھن جو سنڌيڪار عبدالرزاق ڊکڻ آھي. ھن ڪتاب ۾ انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيل آھي.
Title Cover of book صدين جون صَدائون

هدايت ۽ سعادت جو انساني سفر

دنيا جون روحاني بيماريون هميشه هڪ جهڙيون رهيون آهن، ان ڪري انهن جو علاج به اصولي طرح هڪ ئي هجڻ گهرجي. دنيا کي جڏهن به پردي پٺيان ڏٺو ويو ته ان جي تلاش سندس ان جستجوءَ کان ڪڏهن به مختلف نه هئي، جيڪا جستجو اڄ اسان کي درپيش آهي. هڪ ئي شيءِ هئي جنهن جي هميشه تلاش جو سفر ڪڏهن به ختم نه ٿيو. هن مضمون ۾ به اڄ اسان ان کي ڳولينداسين.

[b]حضرت نوح عليه السلام:
[/b]اڄ کان هزارين سال اڳ هن ئي زمين تي خدا جي هڪ مخلص ٻانهي خدا کي درد ۽ پيڙا وچان پڪاري چيو هو ته:
رَبِّ اِنِّیۡ دَعَوۡتُ قَوۡمِیۡ لَیۡلًا وَّ نَہَارًا ۙ......(نوح-5)
”اي منهنجا پالڻهار! مان پنهنجي قوم کي رات ڏينهن حق ۽ هدايت جي دعوت ڏني پر افسوس جو منهنجي دعوت جو اهو نتيجو نڪتو جو هيڪاري وڌيڪ ڀڄڻ لڳا. مون جڏهن به انهن کي سڏيو ته جيئن توڏي لڙي پون ۽ تون کين معاف ڪرين ته هنن پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ پئي وجهي ڇڏيون ته جيئن منهنجو آواز نه ٻڌي سگهن. پنهنجي مٿان لٽو پئي اوڍي ڇڏيائون ته جيئن منهنجو چهرو نه ڏسن. ضد ۽ هٺ ۾ آڪڙجي بيٺا. ان تي به مان ماٺ ڪو نه ڪئي. وري انهن کي سڏي سڏي تنهنجو پيغام پهچايو. ان کان پوءِ به ظاهر توڙي لِڪل نموني هر طرح کين سمجهايم.“
قَالَ نُوۡحٌ رَّبِّ اِنَّہُمۡ..... (نوح -5-9)
”اي منهنجا پالڻهار! ايتري ڪوشش ۽ سمجهائڻ کان پوءِ به هُنن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي غلامي ڪندا رهيا جن سندن مال ۽ اولاد کي فائدي بجاءِ نقصان پهچايو هو.“ (نوح-21)
تڏهن حضرت نوح به پنهنجي قوم کي انهيءَ تلاش جو ڏس ڏئي رهيو هو.

[b]حضرت ابراهيم عليه السلام:
[/b] جڏهن ڪالدا جي بتخاني ۾ هڪ پڪي نوجوان نيڪيءَ ڏانهن سڏڻ ۽ بديءَ کان بچائڻ جو فرض ادا ڪيو. جڏهن هن پنهنجي هٿ ۾ ڪاتي کنئي ۽ پنهنجي پياري پٽ کي محبت الاهي جي بي خوديءَ ۾ زمين تي ليٽائي وڌو. جڏهن هن دنيا کان موڪلائڻ وقت پنهنجي خاندان کي الله جي دين تي هلڻ جي وصيت ڪئي ۽ چيو ته:
یٰبَنِیَّ اِنَّ اللّٰہَ اصۡطَفٰی: (بقره-132)
”اي منهنجا فرزندؤ! الله تعاليٰ توهان جي لاءِ هي سچو دين (اسلام) پسند فرمايو آهي. پوءِ سنڀالجو، متان اسلامي فرمانبرداريءَ جي حالت ۾ اچڻ کان اڳ ئي مري وڃو.“
تڏهن ابراهيم به ان کي ڳولي ۽ ماڻي ورتو هو.

[b]حضرت يوسف عليه السلام:
[/b] جڏهن فرعون جي تختگاه جي هڪ قيدخاني ۾ ڪنعان جي قيديءَ الله جي دين جي پرچار ڪئي ۽ پنهنجي ساٿين کان پڇيو ته:
یٰصَاحِبَیِ السِّجۡنِ ءَاَرۡبَابٌ... (يوسف 40-39)
”اي منهنجا جيل جا ساٿيو! (توهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته) جدا جدا معبودن جو هئڻ بهتر آهي يا هڪ الله جو، جيڪو يگانو ۽ سڀني تي غالب آهي. توهان ان خدا کان سواءِ جن هستين جي بندگي ٿا ڪيو (تن جي حقيقت هن کان وڌيڪ ڇا آهي ته) فقط ڪي نالا آهن جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن کڻي رکيا آهن. الله تعاليٰ سندن لاءِ ڪا به سند نازل نه ڪئي آهي. حڪومت ته الله جي لاءِ آهي، جنهن جو فرمان هي آهي ته سندس ئي بندگي ڪيو. ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪيو. اهو ئي سنئون سڌو دين آهي. مگر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (اها ڳالهه به) نٿا ڄاڻن. “
تڏهن يوسف عليھ السلام جي نظر به ان طرف هئي ۽ کيس انهيءَ جي تلاش هئي جنهن جو ڏس پتو کيس ڏسڻ ۾ پئي آيو.

[b]حضرت موسيٰ عليه السلام:
[/b] هو ايمن جي واديءَ جو مقدس ڌنار جڏهن سينا جبل جي ڪناري اِنِّیۡۤ اَنَا اللّٰہُ رَبُّ الۡعٰلَمِیۡنَ (القصص-30) (مان الله جهانن جو پالڻهار جي) محبت واري سڏ سان مخاطب ٿيو هو ۽ جڏهن هڪ ظالم ۽ جابر حڪومت جي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ جي لاءِ هن اڪيلي ۽ تنها وقت جي حاڪمن سامهون سينو ساهي پيشنگوئي ڪئي هئي ته:
رَبِّیۡۤ اَعۡلَمُ بِمَنۡ جَآءَ بِالۡہُدٰی..... (القصص-37)
”(توهان مڃو يا نه مڃو پر) منهنجو رب انهيءَ کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪو وٽانئس هدايت ۽ سچائي کڻي آيو آهي ۽ جنهن لاءِ عاقبت جو چڱو گهر آهي ۽ هي به يقين آهي ته ظالم ڪڏهن به ڪامياب ڪو نه ٿيندا.“
تڏهن حضرت موسيٰ به انهيءَ ڳولا جو اعلان ڪري رهيو هو ۽ اها ئي ڳولا هئي جنهن کيس مقصد واري منزل تائين پهچائي ڇڏيو هو.

[b]حضرت عيسيٰ عليه السلام:
[/b]”ناصره“ جو اسرائيلي نوجوان جيڪو پوين ڪتابن جي پيشنگوئيءَ مطابق آيو هو، تان ته اسرائيلي دور جي خاتمي ۽ اسماعيلي دور جي آغاز جو اعلان ڪري. جڏهن هن مارچ کان اڳ هڪ باغ جي ڪنڊ ۾ پنهنجي ڀورڙن ساٿين کي چيو هو ته :
اِنِّیۡ رَسُوۡلُ اللّٰہِ اِلَیۡکُمۡ مُّصَدِّقًا ...... (الصف-6)
”مان الله جي طرفان اوهان ڏانهن موڪليل رسول آهيان. مون ڪا نئين شريعت نه آندي آهي بلڪه منهنجو ڪم صرف هي آهي ته تورات جيڪو مون کان پهريان اچي چڪو آهي، تنهن جي تصديق ڪريان ٿو ۽ هڪ اچڻ واري رسول جي خوشخبري ڏيان ٿو، جيڪو مون کان پوءِ ايندو ۽ جنهن جو نالو ‘احمد’ هوندو.“
تڏهن اهو به ساڳي جستجوءَ جي واديءَ ۾ محبت جو ڪامياب قدم هو.

[b]حضرت محمد صلي الله عليه وسلم:
[/b] پوءِ انهيءَ عظيم انسانيت جو ظهور ٿيو. اهو عظيم الاهي نعمت جو مجسمو، اهو علم ۽ حڪمت جو استاد، اهو انساني نفسن جو تزڪيو ڪندڙ، اهو سڌي واٽ تي وٺي ويندڙ رهبر، اهو انڪ لعليٰ خلق عظيم جو سراپا مثال، اهو خدا پرستن جو تاجدار، اهو انساني دلين جي قلعن جو فاتح، جنهن جي نور مبين جي تجلي فاران جي چوٽين تي حضرت موسيٰ ڏٺي هئي، جنهن جي عشق ۾ حضرت دائود گيت جهونگاريا هئا، جنهن جي جمال الاهي جي تقديس ۾ حضرت سليمان پنهنجي تخت تي جهڪي ويو هو ۽ جنهن جي لاءِ ناصره جي اسرائيلي نبي (عيسيٰ) پنهنجو سر وڃڻ بهتر سمجهيو هو ته جيئن پنهنجي پيءُ کان جيڪو آسمان تي آهي، سفارش ڪري ته ”جيڪو اچڻ وارو آهي“ ان کي جلد موڪلي ڏي. (يوحنا 18-16)
مطلب ته جڏهن اهو اچڻ وارو آيو ۽ خدا جي زمين آخري ڀيرو سنواري وئي ته جيئن ان جي ابدي سرواڻي ۽ جلال جو تخت وڇائجي. ته خدا جي فرمان جو آخري اعلان ٿيو:
وَ مَنۡ یَّبۡتَغِ غَیۡرَ الۡاِسۡلَامِ دِیۡنًا فَلَنۡ یُّقۡبَلَ مِنۡہُ ۚ وَ ہُوَ فِی الۡاٰخِرَۃِ مِنَ الۡخٰسِرِیۡنَ ﴿۸۵﴾
(آل عمران-85)
”هاڻي کان جيڪو ماڻهو به اسلامي حڪمن جي جاءِ تي ڪنهن ٻي تعليم کي تلاش ڪندو ته يقين ڪري ان جي تلاش ڪڏهن به مقبول نه ٿيندي ۽ ان جي سڀني ڪمن جو آخري نتيجو نامرادي ٿيندو. “
تڏهن هو به انهيءَ جستجو ۾ نڪتو هو جنهن جي جستجوءَ ۾ سڀ نڪتا هئا. انهيءَ کان اڳ جو هو انهيءَ لاءِ بي قرار ٿئي، خود هن بيقرار ٿي سندس هٿ پڪڙي ورتو.
وَ وَجَدَکَ ضَآلًّا فَہَدٰی ۪(الضحيٰ-7)
”اي پيغمبر! اسان ڏٺو ته اسان جي ڳولا ۾ نڪتل آهين، سو اسان (پاڻ ئي)تو کي پنهنجي واٽ ڏيکاري ڇڏي سين.“

[b]دنيا جي حالت:
[/b] دنيا جي خوشي ڪومايل هئي. ان جي سچائيءَ جو حسن ۽ ان جو هدايت وارو چهرو زخمي ٿي چڪو هو. اولاد آدم جا پنهنجي رسولن جي سامهون خدا سان ڪيل عهد ۽ پيمان گناهن ۽ نافرمانين جي ڪري ٽٽي چڪا هئا. خدا جي رحمت ۽ مهرباني زمين تي وسندڙن کان رُسي چڪي هئي. قدرت جو اهو ازلي ۽ ابدي جمال، جيڪو ان لاءِ بي حجاب هو ته ڳوليندڙن کي محرومي نه ملي، هينئر وري ستر ۽ حجاب ۾ اچي چڪو هو. خدا ۽ سندس ٻانهن ۾ ڪو رشتو باقي نه رهيو هو.
هائو، ڪير به نه هو جيڪو ان کي ڳولي. ڪو قدم نه هو جيڪو ان جي طرف ڊوڙي. ڪا اک نه هئي جيڪ ان لاءِ ڳوڙها ڳاڙي. ڪا دل نه هئي جيڪا ان جي ياد ۾ کامي ۽ پڄري. ڪو روح نه هو جيڪو کيس پيار ڪري. ان جي دنيا ان کان بي خبر هئي، ان جا ٻانها ان کان غافل هئا. انسان جو ضمير مري چڪو هو. فطرت جو حقيقي حسن جهان جي تاريڪين۾ لڪيو پيو هو. نافرماني ۽ سرڪشيءَ جو سيلاب هو جيڪو برن بحرن تائين اچي پهتو هو ۽ جنهن ۾ خدا جي رسولن جون اوساريل عمارتون لڙهي رهيون هيون.
ظَہَرَ الۡفَسَادُ فِی الۡبَرِّ وَ الۡبَحۡرِ بِمَا کَسَبَتۡ اَیۡدِی النَّاسِ لِیُذِیۡقَہُمۡ بَعۡضَ الَّذِیۡ عَمِلُوۡا لَعَلَّہُمۡ یَرۡجِعُوۡنَ ﴿۴۱﴾ (روم-41)
”بر توڙي بحر ٻنهي تي انسانن جي گناهن ۽ سرڪشيءَ جي ڪري فتنو ۽ فساد ڦهلجي چڪو هو، جو ماڻهن پاڻ پنهنجي هٿن سان بدعمل ڪيا.“

[b]منزل جو ملڻ:
[/b] جڏهن هي حالت هئي ته پوءِ دنيا بگاڙ کان پوءِ سڌري، انسانيت مري وري زنده ٿي. خدا جو رٺل چهرو بي نقاب ٿي سامهون آيو، جيڪو شام جي مرغزارن ۽ يروشلم جي هيڪل وارن ٿنڀن کان رسي ويو هو. هينئر هن حجاز جي واديءَ کي پيار ونڊڻ لاءِ پنهنجي راز و نياز جي ڳالهين لاءِ هڪ نئين قوم کي چونڊي ورتو. دنيا جيڪا صدين کان کيس وساري چڪي هئي، وري ان جي تلاش ۾ نڪتي ۽ انسان پنهنجي وڃايل منزل کي وري حاصل ڪري ورتو.
قَدۡ جَآءَکُمۡ مِّنَ اللّٰہِ نُوۡرٌ وَّ کِتٰبٌ مُّبِیۡنٌ ﴿ۙ۱۵﴾ یَّہۡدِیۡ بِہِ اللّٰہُ مَنِ اتَّبَعَ رِضۡوَانَہٗ سُبُلَ السَّلٰمِ وَ یُخۡرِجُہُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ بِاِذۡنِہٖ وَ یَہۡدِیۡہِمۡ اِلٰی صِرَاطٍ مُّسۡتَقِیۡمٍ(المائد- 16-15)
”بيشڪ توهان وٽ الله جي طرفان کان (حق جي) روشني اچي ويئي آهي ۽ چٽايون ڪندڙ روشن ڪتاب (قرآن مجيد) اچي چڪو آهي. خدا ان ڪتاب جي وسيلي ماڻهن لاءِ جيڪي (نفساني خواهشن جي بجاءِ) خدا جي راضپي (وارن حڪمن) جي تابعداري ڪن ٿا، کين سلامتيءَ جون واٽون ڏيکاري ٿو ۽ کولي کولي ظاهر ڪري ٿو ڇڏي ۽ پنهنجي حڪم سان (يعني مقرر قانون موجب) هنن کي اونداهين مان ڪڍي ٿو ۽ روشني ۾ آڻي ٿو ۽ (ڪاميابيءَ جي) سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏي ٿو.“
مطلب ته دنيا جي حياتيءَ ۾ هدايت ۽ سعادت جي حوالي سان انسان تاريخ ۾ منڍ کان وٺي تلاش ۽ جستجوءَ ۾ هميشه بيتاب رهيو آهي. انسان ان هدايت ۽ سعادت جي هر دور ۾ وڃايو ۽ وري هر دور ۾ ان جي تلاش لاءِ نڪتو. اهو جڏهن به ڪريو ته ان کي وڃائڻ جي ڪري ڪريو ۽ جڏهن به اٿيو ته ان جي تلاش جو جذبو کڻي اُٿيو. سندس هادين ۽ سڌارڪن جڏهن به هن کي جاڳايو ته انهيءَ لاءِ جاڳايو ۽ جڏهن به سندس هٿ پڪڙيو ته انهيءَ جستجوءَ ۾ نڪرڻ لاءِ پڪڙيو. ان جي هيءُ تلاش هميشه ڪامياب ٿي ۽ هُن جڏهن سڏ ڏنو ته هن کي ورندي ملي. پاڻيءَ جي ملڻ ۾ ڪڏهن به دير نه ٿي، البته اڃ جو ثبوت هميشه گهريو ويو.
جال حال شود ترجمان استحقاق
دليل آب جگر خفتگی و تشنہ لبی است.

[b]جماعت:
[/b] پر اهو عظيم انقلاب جو انساني هيئت ۾ نروار ٿيو، جنهن دنيا کي يڪسر بدلي ڇڏيو ۽ جنهن وڃايل ورثي کي اها وساري ويٺي هئي، ان جي ڳولا ۽ تڙپ ۾ گم ٿي وري نمودار ٿيو، سو ڪهڙي شيءِ جو نتيجو هو؟
پڪ سان اها هڪ الاهي صدا هئي پر اها ڪنهن جي اندر مان اڀري؟ بيشڪ اها جمالِ رباني جي هڪ بي نقاب نظاري جي بخشش هئي. ليڪن اهو جلوو پسائيندڙ آفتاب ڪهڙن چهرن جي نرڙ تي جرڪيو؟ انهن جي نرڙ تي، جن لاءِ چيو ويو ته
”سِیۡمَاہُمۡ فِیۡ وُجُوۡہِہِمۡ مِّنۡ اَثَرِ السُّجُوۡدِ“ (الفتح- 29)
(سجدن جي ڪثرت ڪري انهن جي نرڙ تي نشان پئجي ويا آهن- اصل ۾ اها هڪ جماعت هئي. دنيا جي اصلاحي تاريخ ۾ ياد رکڻ گهرجي ته انقلاب ۽ اصلاح جي هر دعوت سڀ کان پهريائين جماعت تيار ڪئي. دعوت الاهي جيڪڏهن ڪو ٻج آهي ته انهيءَ وڻ جي پهرين ٽاري جماعت ئي آهي. دنيا ۾ جڏهن به ڪا اصلاحي تبديلي آئي آهي ته اها رڳو تعليمات سان نه آئي آهي، بلڪه ان تعليمات جي پوئلڳ ۽ محافظ جماعت جي عملن سان آئي آهي. اهي صدائون جيڪي رڳو ڳياڙين مان اڀرن ٿيون، سي هوا جي ڄميل سطح ۾ لهرون ته پيدا ڪري سگهن ٿيون پر دلين جي سمونڊ ۾ لهرون پيدا نٿيون ڪري سگهن. ڪن انهن کي ٻڌي سگهن ٿا پر دليون ان جي اڳيان ڪنڌ نٿيون نوائين!
اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ جڏهن به حق جي سڌارڪن جو ظهور ٿيو آهي، توڙي اهو ظهور نبين ۽ رسولن جو ٿيو هجي، جيڪي اصل منزل آهن يا انهن جي پوئلڳ مجددن جو جيڪي انهن جي پاڇولو آهن، مگر انهن جو پهريون ڪم هميشه اهو ئي رهيو آهي ته انهن پنهنجي تعليم ۽ دعوت جو نمونو هڪ جماعت جي صورت ۾ پيش ڪيو. پوءِ اهو جماعت وارو بنياد جيترو سگهارو بڻجي سگهيو، اوترو ئي استحڪام بعد جي اڏاوتن کي به حاصل ٿيو.

[b]نبين سڳورن جا مثال:
[/b]حضرت ابراهيم جي باري ۾ قرآن ڪريم چٽائيءَ سان بيان ڪيو آهي ته:
قَدۡ کَانَتۡ لَکُمۡ اُسۡوَۃٌ حَسَنَۃٌ فِیۡۤ اِبۡرٰہِیۡمَ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗ ۚ.(الممتحنه-4)
”بيشڪ، توهان جي لاءِ پوئواريءَ واسطي بهترين نمونو ۽ نصب العين حضرت ابراهيم جي زندگيءَ ۾ آهي ۽ سندس ساٿين جي زندگيءَ ۾.“
فرمايائين: ” وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗ “ ۽ اهي ماڻهو جيڪي سندس ساٿي آهن. اهو ئي ”ساٿ“ آهي جيڪو نبوت جي اصلاح وارن عملن جو پوئلڳ ۽ محافظ هوندو آهي ۽ انهيءَ اصلاح ۽ پرچار واري امانت کي دنيا ۾ ڦهلائڻ جي لاءِ سنڀالي وٺندو آهي، جيڪا نبي سڳورا دنيا ۾ کڻي ايندا آهن.
حضرت نوح جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ته ستر ماڻهو ان سان گڏ هئا. حضرت موسيٰ جو ساٿ ابتدا ۾ خود بني اسرائيلين مان به هڪ ننڍڙي تعداد ڏنو. حضرت مسيح پنهنجي سڄي حياتي ۽ پرچار سان ٻارهن ماڻهن پيدا ڪيا پر حقيقت ۾ اهي ئي جماعتون هيون جن لکين ڪروڙين دلين کي فتح ڪيو ۽ ڌرتيءَ جي وڏن حصن کي پنهنجي اصلاح ۽ پرچار جي آڏو ڪنڌ نوائيندي ڏٺو. ڇاڪاڻ ته اهي پرچار ۽ سڌاري جون جماعتون هيون جيڪي پنهنجي عملن ۽ فعلن ۾ انهيءَ تعليمات جو نمونو رکن پيون؛ انهيءَ ڪري زبان جي پڪار ضايع ٿي سگهي ٿي پر عملن جي صدا ڪڏهن به ورنائجڻ کان وانجهي نه رهندي آهي.

[b]دنيا جي اونداهين ۾ سوجهرو:
[/b] پوءِ دنيا جي سڌاري جو هي آخري ظهور جنهن الله تعاليٰ جي دين کي ان جي قديمي نالي ”اسلام“ سان پيش ڪيو، سو به دنيا ۾ انهيءَ لاءِ آيو ته هڪ جماعت پيدا ڪري ۽ انهيءَ ”جماعت“ پيدا ڪئي. اها ئي جماعت هئي جنهن کي خدا پنهنجي ڪمن لاءِ چونڊي ورتو ۽ انهن جي دلين کي پنهنجي جمال ۽ الاهي صفتن جو مسڪن بڻايو. عشق الاهيءَ جي اها مقدس آڳ جنهن جي لاءِ نوح عليھ السلام ڪاٺيون ميڙيون، جنهن کي ابراهيم خليل پنهنجي قربانيءَ واري جهول سان هوا ڏني، جنهن جون چڻنگون ايمن واديءَ جي اونداهين ۾ چمڪيون، جنهن جي شعلن کي مسيح عليھ السلام جي قربانيءَ واري خون ڀڙڪايو ۽ جيڪا آخر ڪار بوقلبيس جي غارن ۾ ”سراجاً منيراً بنجي ڀڙڪي، ان جي شعلن سان انهيءَ الاهي جماعت پنهنجي دلين جي چلهن کي دکائي ورتو هو. اهي چلها توڙي جو تعداد ۾ گهٽ هئا ۽ دنيا جي اونداهي وسيع ۽ عالمگير هئي، پر انهن مان پرچار ۽ سڌاري جا اهي لاتعداد ڏيئا روشن ٿيا، جن مان هڪ هڪ ڏيئي وڏين وڏين ايراضين ۽ انسانن جي وڏين وڏين آبادين ۾ جهان کي تاب بخشيندڙ آفتاب بڻجي انڌيرن کي ٽاري ڇڏيو.
اها ساڳي خدا جي روشني هئي جيڪا ان جي جماعت ۾ چمڪي جنهن کي خدا ”نور الله“ جي نالي سان ياد ڪيو.
یُرِیۡدُوۡنَ لِیُطۡفِـُٔوۡا نُوۡرَ اللّٰہِ بِاَفۡوَاہِہِمۡ وَ اللّٰہُ مُتِمُّ نُوۡرِہٖ وَلَوۡ کَرِہَ الۡکٰفِرُوۡنَ (صف-8)
”اهي ماڻهو چاهن ٿا ته الله جي روشني پنهنجي ڦوڪن سان وسائين حالانڪه الله اها روشني پوري ڪرڻ کان سواءِ رهڻ وارو ناهي، توڙي جو اها ڳالهه ڪافرن کي پسند نه اچي.“

[b]آسمان جي بادشاهي:
[/b] منهنجو مقصود اسلامي پرچار جي اها پهرين جماعت آهي جنهن حضرت ابراهيم خليل عه جي ساٿي وانگر محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جو ساٿ ڏنو ۽ نبوت جي عملن جي پوئواريءَ ذريعي خود پنهنجي اندر نبوت جون خصلتون ۽ برڪتون پيدا ڪيون.
مُحَمَّدٌ رَّسُوۡلُ اللّٰہِ ؕ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَی الۡکُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیۡنَہُمۡ تَرٰىہُمۡ رُکَّعًا سُجَّدًا یَّبۡتَغُوۡنَ فَضۡلًا مِّنَ اللّٰہِ وَ رِضۡوَانًا ۫ سِیۡمَاہُمۡ فِیۡ وُجُوۡہِہِمۡ مِّنۡ اَثَرِ السُّجُوۡدِ ؕ ذٰلِکَ مَثَلُہُمۡ فِی التَّوۡرٰىۃِ ۚۖۛ وَ مَثَلُہُمۡ فِی الۡاِنۡجِیۡلِ ۚ۟ۛ کَزَرۡعٍ اَخۡرَجَ شَطۡـَٔہٗ فَاٰزَرَہٗ فَاسۡتَغۡلَظَ فَاسۡتَوٰی عَلٰی سُوۡقِہٖ یُعۡجِبُ الزُّرَّاعَ لِیَغِیۡظَ بِہِمُ الۡکُفَّارَ ؕ وَعَدَ اللّٰہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنۡہُمۡ مَّغۡفِرَۃً وَّ اَجۡرًا عَظِیۡمًا ﴿٪۲۹﴾ (الفتح-29)
”محمد الله جو رسول ۽ جيڪي ساڻس گڏ (سچا ۽ پاڪ مومن) آهن (تن جي وڏي خصوصيت هي آهي ته) هو حق کان انڪار ڪرڻ وارن لاءِ (جبل جهڙا) سخت آهن مگر هڪ ٻئي سان سراسر رحم (شفقت، همدردي ۽ محبت) سان ڀرپور آهن. (هو دنيا ۾ ڪنهن طاغوتي طاقت جي آڏو نٿا جهڪن) هو فقط الله جي اڳيان جهڪن ٿا. (اي پيغمبر) تون کين ڏسين ٿو ته الله جي فضل ۽ راضپي حاصل ڪرڻ جي نيت سان شروع ۽ سجدا ڪندا رهن ٿا ۽ سجدن جي اثر کان سندن پيشانين تي نشان ٺهي بيٺا آهن. تورات توڙي انجيل ۾ انهن مومنن جو بيان به اهڙي ئي طرح آيل آهي.“
هيءَ ساڳي جماعت هئي جنهن جي الاهي وهنوار کي حضرت مسيح ”آسمان جي بادشاهت“ ڪري ليکيو، ڇاڪاڻ ته حقيقت ۾ اها دنيا کي شيطاني طاقتن جي ڇنبي مان ڪڍڻ واري هئي ۽ سندن سچن عملن جي ذريعي دنيا ۾ خدا جو عدل ۽ سلامتيءَ وارو تخت وڇائجڻو هو. اهو هڪ ٻج هو جيڪو پوکجڻ وقت توڙي جو معمولي ۽ صفا ننڍو هو پر نسرڻ کان پوءِ هڪ ڪشادو ۽ وڏي جٿي وارو وڻ بڻجڻو هو. ان ڪري مسيح عليھ السلام ان کي تمثيل ۾ بيان ڪيو ته:
”آسمان جي بادشاهي سرنهن جي ان داڻي وانگر آهي جنهن کي کڻي ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پوک ۾ پوکيو. اهو سڀني ٻجن کان ننڍو آهي پر جڏهن ڦٽندو آهي تڏهن سڀني ڀاڄين کان وڏو هوندو آهي ۽ اهڙو ٻوٽو هوندو آهي جو هوا جا پکي ان جي ٽارين تي اچي ترسندا آهن.“ (ستي باب 13-آيت 23)
اهو ئي سبب آهي جو پوئين آيت ۾ انهيءَ تمثيل جي طرف قرآن ڪريم به اشارو ڪيو.
ذٰلِکَ مَثَلُہُمۡ فِی التَّوۡرٰىۃِ ۚۖۛ وَ مَثَلُہُمۡ فِی الۡاِنۡجِیۡلِ ۚ۟ۛ (فتح-29)
يعني اها ئي جماعت آهي جنهن جو مثال (کيتيءَ وارو) تورات ۽ انجيل ۾ ڏنل آهي.
اَصۡلُہَا ثَابِتٌ وَّ فَرۡعُہَا فِی السَّمَآءِ ﴿ۙ۲۴﴾ (ابراهيم-24)
اهو وڻ جنهن جون پاڙون مضبوط آهن ۽ ٽاريون آسمان ۾ پکڙيل آهن.
ڏسو! آسمان جي بادشاهت جو هي جيڪو ٻج پوکيو ويو، حقيقت ۾ ڪيترو ننڍڙو هو. هڪ ننڍڙي جماعت، جنهن کي نه دنيا جو ساز و سامان حاصل هو ۽ نه وري ڌرتيءَ تي اقتدار ۽ عزت. نه ان وٽ جنگ جا هٿيار هئا، نه ڪائي مسلح فوج، چند سادا ۽ سپتيا ماڻهو هئا، جن الاهي دعوت جو ساٿ ڏنو. الله جي سڏ کي ٻڌي ان جي تلاش ۾ نڪتا ۽ آسمان واري جي ڪري زمين وارن سان پنهنجو رشتو ٽوڙي ڇڏيائون. نه کين هيبتناڪ جسم هئا، نه ئي موتمار هٿيار، مگر سندن سيني ۾ دل جي سچائي ۽ اکين ۾ صداقت جا ڳوڙها هئا. انهن تعليم الاهي کي پنهنجي عمل جي دستور بنائي ڇڏيو. هر اهو لفظ جيڪو خدا جي مقصد لاءِ پيغمبر جي زبان مان نڪتو، ان کي پنهنجي عملن ۾ سمائي ڇڏيائون. سندن زبانون خاموش هيون، مگر انهن جا عمل ڳالهائيندڙ هئا. هُنن انهيءَ ”اسوه حسنه“ جي زندگيءَ کي پنهنجو نصب العين بڻايو هو جيڪو توڻي جو انسان هو پر پنهنجي هر فعل ۾ خدا جي جلوي جي ڏک ڏيندو هو. هو نه صرف تعليم بلڪه هڪ عملي نمونو کڻي دنيا ۾ وڌيو ۽ آسمان جي بادشاهت جو اهو مقدس تخم، جنهن جي منادي شام جي گلستانن ۾ ٿي هئي سو حجاز جي ريگستانن ۾ اسرڻ لڳو. ٿوري وقت اندر ان سرسبز ۽ ڪشادي وڻ ڌرتيءَ جي گولي کي پنهنجي ڇانورن ۾ آڻي ورتو. هوا جي پکين ان تي پنهنجا آکيرا اڏيا ۽ زمين جي مخلوق ان جي ڇانوري ۾ پناهه ورتي.
اَصۡلُہَا ثَابِتٌ وَّ فَرۡعُہَا فِی السَّمَآءِ ﴿ۙ۲۴﴾ تُؤۡتِیۡۤ اُکُلَہَا کُلَّ حِیۡنٍۭ بِاِذۡنِ رَبِّہَا ؕ وَ یَضۡرِبُ اللّٰہُ الۡاَمۡثَالَ لِلنَّاسِ لَعَلَّہُمۡ یَتَذَکَّرُوۡنَ ﴿۲۵﴾(ابراهيم 25- 24)
”اهو وڻ جنهن جون پاڙون مضبوط آهن ۽ ٽاريون آسمان ۾ پکڙيل آهن. (اهو وڻ) پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر وقت ڦل ڏيندو رهي ٿو. الله تعاليٰ ماڻهن جي لاءِ مثال بيان ڪري ٿو انهيءَ لاءِ ته هو سوچين ۽ سمجهن:

[b]گهر جي ڳولا يا رهندڙ جي ڳولا:
[/b] ياد رکو! اهو خدا جيڪو مڪان ۽ زمان کان پاڪ آهي، جڏهن دنيا ۾ ايندو آهي ته پنهنجي رهڻ لاءِ گهر طلبيندو آهي. زمين جون شاندار آباديون، پهاڙن جون آسمان کي ڇهندڙ چوٽيون، سمونڊن جون بي ڪنار موجون، ريگستانن جا وسيع ميدان، اهي سڀ ان جي لاءِ بيڪار آهن. بادشاهن جا هيبت ۽ جلال وارا تخت، هيرن جواهرن سان ٻُٽيل خزانا، وڏو گنبذن ۽ ٿنڀن وارا جوڙجڪ ۾ عظيم ايوان ۽ محل ان جو گهر نٿا بڻجي سگهن. توهان ئي ان جي لاءِ هڪ گهر پيدا ڪريو، جيڪو ان جي جمال قدس جو نشيمن ۽ ان جي حسنِ ازل جو ڪاشانو بڻجي. توهان جو ان جي ڳولا ۾ نڪرڻ گهرو ٿا سو بهتر آهي ته پهريائين پنهنجي ڳولا ۾ نڪرو. توهان جيڪي ان جي نه ملڻ جا شاڪي آهيو، گهرجيوَ ته پهريائين پنهنجي وڃائجي وڃڻ تي ماتم ڪريو. جيڪڏهن ڪجهه به ناهي ته اوهان وٽ ناهي. باقي ان جي محبت واري گهر جو دروازو هميشه کليل آهي. ان جي وصل واري ڪاشاني جي عشق نواز دروازي تي ڪو به دربان ڪونهي. اهو ته هر گهڙي ڳوليندڙن جو منتظر آهي، پر سموري محرومي انهيءَ ۾ آهي ته توهان وٽ ڪو گهر ئي ڪونهي جيڪو ان جي محبت ڀريل قدمن جو مسڪن بڻجي سگهي.
ان جي وسڻ لاءِ چاندي ۽ سون جو محل ۽ صندل ۽ آبنوس جو تخت گهربل ڪونهي، جنهن ۾ هيرن ۽ الماس جا ٽڪرا جڙيل هجن. هو انهن دلين جو طالب آهي جنهن ۾ ان جي محبت جو درد سمايل هجي ۽ ان درد جي زخمن مان خون جا قطرا وهي رهيا هجن، ان جي لاءِ فقيرن ۽ مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي هڪ اهڙي جماعت گهرجي جيڪا پاڻ ارپي ڇڏڻ جي منزل تي هجي. پوءِ انهن جي دلين جا ڦٽل کنڊر ئي سندس رهڻ لاءِ ايوان ۽ محل آهن. اهي دليون ئي اجڙي ويل بستيون آهن جن کي هن پنهنجي آباديءَ لاءِ چونڊي ورتو آهي. اها آبادين جي رونق، صحرائن جي فضا، پهاڙن جي بلندي ۽ آسمانن جون رنگينيون هن کي پنهنجي طرف متوجهه نه ڪري سگهيون پر اجڙيل وستين ۽ ڦٽل ديوارن کي هو پنهنجي وصال جو ڪاشانو بڻائي ٿو. ان گهر کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ هن کي پسند ناهي.
لا وسعني ارضي ولا سمائي ولا کن يسعني قلب عبدي المومن وايضا قال؛ انا عِند المنکسرة قلوبهم.
(مون کي آسمان ۽ زمين نه بلڪه مؤمن ٻانهي جي دل سمائي سگهي ٿي ۽ وري فرمايائين ”مان ڦٽل کنڊر بڻيل دلين ۾ رهان ٿو!“)
اِنَّا عَرَضۡنَا الۡاَمَانَۃَ عَلَی السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ الۡجِبَالِ فَاَبَیۡنَ اَنۡ یَّحۡمِلۡنَہَا وَ اَشۡفَقۡنَ مِنۡہَا وَ حَمَلَہَا الۡاِنۡسَانُ ؕ اِنَّہٗ کَانَ ظَلُوۡمًا جَہُوۡلًا ﴿ۙ۷۲﴾ “ (الحزاب-72)

[b]دلين کي بدلايو:
[/b]پوءِ انهيءَ قدوس ۽ قديم جو دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو گهر ٿي سگهي ٿو ته اهو صرف انسانن جي دلين وارو محبت جو جهوپڙو ئي آهي، جيڪو ان جي رَهڻ ڪَهڻ لاءِ پهريان ئي سنواريل سينگاريل هجي ٿو. اهي انسان ان جي سينگار کان ڪڏهن به غافل نٿا ٿين. دنيا جي گهرن وانگر ان گهر جي سينگار لاءِ نه ريشمي ۽ مخملي پردن جي ضرورت آهي، نه پشم جهڙي قالين جي. ان جي سينگار لاءِ صرف هڪ ئي شيءِ گهربل آهي يعني محبت جي زخم مان وهيل خون جي ڳوڙهن جو وسڪارو، جنهن جي ريج سان ان جي سطح هميشه گلزار رهي!
جز محبت پرچہ بردم، سود در محشر نداشت
دين و دانش عرضہ کردم، کس بہ چيزی بر نداشت
پوءِ جيڪڏهن اوهان ان جا طالب آهيو ته هڪ جماعت پيدا ڪريو ته جيئن ان جي جلال ۽ قدوسيت جو اهو آشيانو بڻجي. جيڪڏهن توهان وٽ گهر ئي ناهي ته پوءِ آباد ٿيڻ واري جي تلاش ۾ ڇو ٿا ڦٿڪو. مڪين کان پهريائين گهرجيوَ ته اوهان مڪان جو فڪر ڪريو.

[b]انقلاب آسان ڪونهي:
[/b] دنيا ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ آسان ڪونهي. توهان ڪنهن گهر کي هڪ ڀت اڏڻ يا دروازو وجهڻ گهرو ٿا ته ان جي لاءِ ڇا ڇا بندوبست ڪرڻا ٿا پون. پوءِ جيڪي ماڻهو زمين جي گولي تي وڏين وڏين ايراضين ۽ انسانن جي عظيم الشان آبادين جي عملن ۽ اعتقادن کي بدلائڻ گهرن ٿا، تن کي سوچڻ گهرجي ته سندن مقصد ڪيڏو نه ڏکن ۽ ڏولاون وارو آهي.
دنيا ۾ مادي انقلاب هميشه سلطنتن جي اُٿل پُٿل ۽ خوني جنگين جو نتيجو هوندا آهن. غور ڪريو ته انهن مان هر ننڍي کان ننڍو انقلاب به ڪيڏي مهانگي قدر ۽ قيمت رکي ٿو. زمانن جا زمانا فڪر ۽ تدبر ۾ گذري وڃن ٿا. خزانن جا خزانا کپايا وڃن ٿا. ڪروڙين گينيون قرض ورتيون وڃن ٿيون. پوءِ وري فوجن جا سمونڊ طوفان بڻجي اٿلن ٿا. ڳرين قيمتن وارا هٿيار پنهوار ڪروڙن جي تعداد ۾ تقسيم ڪيا وڃن ٿا. بيشمار ماڻهن جون قربانيون ڦٿڪن ٿيون ۽ خون جون نديون وهي هلن ٿيون. عورتون رنڙ ۽ ٻار يتيم ٿين ٿا ۽ پيءُ ماءُ جيئري ئي قبر ڀيڙا ٿين ٿا. اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃڻ کانپوءِ وڃي ڪو هڪ ننڍڙو ملڪي انقلابي پڄاڻيءَ تي پهچي ٿو.
جڏهن دنيا جي انهن مادي انقلابن جو حال اهو آهي جيڪي صرف انساني حڪومت جي تخت ۽ انساني نسلن جي آباديءَ کي ڦيرائڻ گهرن ٿا ته پوءِ ان روحاني ۽ قلبي انقلاب جو سوچيو، جيڪو زمين جي سطح ۽ انسانن جي جسمن کي نه پر روحن ۽ دلين جي ولايتن کي اٿلائڻ ٿو گهري ۽ ڪروڙين انسانن جي عملن ۽ خصلتن منجهه تبديلي پيدا ڪرڻ گهري ٿو: اهڙن انقلابن جي لاءِ ڇا رڳو انساني قوت ۽ تدبير ۽ رڳو اخلاق ۽ مذهب جي چند رسمي اصولن کي ورد بنائڻ ئي ڪافي ٿي سگهي ٿو؟
توهان هڪڙو دفعو پاڻ پنهنجي نفس کي آزمائي ڏسو، جنهن تي توهان جي ارادي کي پورو اختيار حاصل آهي. ڇا اوهان هڪ ننڍي کان ننڍڙي تبديلي به پنهنجي نفس ۽ عملن جي اندر آسانيءَ سان پيدا ڪري سگهو ٿا؟
جڏهن اوهان هڪ نفس جي تبديليءَ تي، جيڪا خود توهان جي اختيار ۾ آهي، قادر ناهيو ته پوءِ انهن ڪروڙين دلين کي ڪيئن بدلائي سگهو ٿا جن تي توهان جي نه، بلڪه صدين جي پرورش ورتل پختن عقيدن ۽ عملن جي ڇتي حڪومت ۽ نفس جو جابر تسلط قائم آهي.

[b]روحن ۽ دلين جي اٿل:
[/b] اصل ڳالهه هي آهي ته انسان جسمن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڏئي سگهي ٿو پر روحن کي نه ٿو بدلائي سگهي. برن ۽ بحرن جا نقشا ممڪن آهي ته بدلائي وجهي پر دل ۽ روح جو هڪڙو گوشو به ان جي ڦيرائڻ سان نٿو ڦري سگهي. هو تعليم ڏئي سگهي ٿو ۽ ”سڌارو!“ ”سڌارو!“ به پڪاري سگهي ٿو پر نه فتح منديءَ جو ٻج انسان جي جهول ۾ آهي، نه ان کي سلو بنائڻ واري اوسر سندس قبضي ۾ آهي. اهو صرف ان قدير ۽ حڪيم جي دست قدرت جو ڪم آهي جيڪو دلين کي ڦيرائڻ وارو ۽ حالتن کي سنوارڻ وارو آهي. جيڪو هميشه پنهنجي قدرت واري وهنوار جا عجائب ڏيکاري ٿو ۽ انهن عجائبات تي حيراني ۽ حيرت جون عطائون بخشش ڪري ٿو.
پوءِ جيئن ته توهان انسان آهيو، انساني روحن ۽ جهانن کي بدلائڻ گهرو ٿا ته ياد رکو، جيستائين اوهان انسان آهيو، ايئن نٿا ڪري سگهو. ڇاڪاڻ ته انسانن کي اهڙي ڪا به سگهه يا قدرت مليل ناهي. البت توهان جيڪڏهن پنهنجي اندر قوتِ الاهي پيدا ڪريو ۽ پنهنجي جماعت منجهه انهيءَ حقيقت ڪارفرما جو هڪ گهر بڻائي وٺو ته توهان جي صدائن جي جاءِ تي توهان جي اندر مان ان جو آواز نڪرڻ لڳندو. توهان جي اکين جي پنبڻين مان توهان جي نظرن جي جاءِ تي، ان جون نگاهون ڪم ڪرڻ لڳنديون. توهان جا عمل ۽ فعل يڪسر انهيءَ قادر ۽ مقتدر جو وهنوار هوندا، جنهن جي عظمت ۽ ڪبريائيءَ جو دامن انهيءَ کان گهڻو اقدس ۽ پاڪ آهي جو ناڪامي، حسرت ۽ افسوس کان آلو ٿئي!

[b]الله جو هٿ گهربل آهي:
[/b] پوءِ جڏهن اهو جيڪو سڀني جو مالڪ آهي، توهان ۾ هوندو ته توهان کي به ان جي ملڪ جي هر شيءِ تي قدرت ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته توهان جي قدرت حقيقت ۾ انهيءَ جي قدرت هوندي. توهان جي دعوت جو سڏ هڪ انقلاب جو سيلاب هوندو جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه سگهندي. توهان جي زبانن مان جيڪو ڪجهه نڪرندو. اهو دلين ۽ روحن تي نقش ٿي ويندو. پوءِ نه زمين جو پاڻي انهيءَ کي ڌوئي سگهندو ۽ نه آسمان جي بارش ان کي مٽائي سگهندي. اوهان جي تعليم ٻج ۽ ميوو ٻئي پاڻ سان گڏ آڻيندي ۽ توڙي جو توهان چپ رهند ؤ ليڪن اوهان جي خاموشيءَ واري هڪ هڪ عمل جي صدا تي ڪروڙين هستيون پنهنجي دلين کي هٿن تي رکي پيش ڪنديون. توهان جي اکين مان الاهي شعلن سان اُلا نڪرندا ته دنيا ۾ ڪنهن جي اک هوندي جيڪا ان جي سٽ سهي سگهي. توهان جي زبانن سان جڏهن انسان الاهي جي دعوت واري صدا اڀرندي ته خدا جي آواز کي ٻڌي ان جي ڪهڙي مخلوق آهي جيڪا لبيڪ نه چوندي؟