ويڙهه جو فلسفو: ڪارڻ ۽ اثر
بهرحال جنگ کانپوءِ دنيا ڌن دولت تي حقيقي روڄ راڙو ڪرڻ ۾ رڌل رهي ٿي پر جن بيدردن لاشن جي ايڏي انبار کي نهايت بي پرواهيءَ سان زمين جي کاهين ۾ دفن ڪري ڇڏيو، اهي جنگ جي خرچ جو ڪاٿو نهايت باريڪ بيبيءَ سان لڳائي، دنيا اڳيان پيش ڪن ٿا ته جيئن هر شخص سندن غم زده دل جي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي. پر انسان جو سڄو سرمايو هن جي ٽجوڙي تائين محفود ناهي، ان جو هڪ بهترين حصو سندس دماغ ۾ به آهي. جيڪڏهن اسين برباد ٿيل عمارتن جي کنڊرن تي، اجڙيل باغن تي ۽ وڃايل سُڪون تي ماتم ڪندي، خيال ڪريون ٿا ته جنگ جو طوفاني سيلاب انهن کي لوڙهي ويو، ته ساڳي وقت اسان کي پنهنجي ذهن ۾ دماغ کي به جنجهوڙڻ گهرجي ته ميدان جنگ ۾ چمڪندڙ ترار مردن سان گڏ زندهه انسانن جي هوش ۽ حواس جي سرمائي کي ته نه برباد ڪري ڇڏيو آهي؟ جيڪڏهن بيدرد فوج اسان جي سرسبز پوکن سان گڏ اسان جي عقل کي به چٽ ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ اسان کي پنهنجي مال متاع جي ماتم کان واندو ٿي، پنهنجي عقلي قوتن جي ان برباديءَ تي به چند ڳوڙها ڳاڙڻ گهرجن پر اها عقلي بربادي نهايت ڳجهي نموني ٿئي ٿي. خود ترارن، نيزن، ڪمانن ۽ تيرن تفنگن کان وڌيڪ، ترارن جي چمڪ، تيرن جي حرڪت، ڪمانن جو ڪشجڻ، بندوقن جا ٺڪاءُ ۽ توبن جا ڌڌڪا ان عقلي ميدان کي فتح ڪن ٿا. ان عقلي جنگ ۾ جوهر زياده ڪم نٿو ڪري، پر ميدانِ مرض جي هٿ ۾ رهي ٿو. جنگ جي زماني ۾ ڌن دولت جي بربادي جو ڏيک صرف دنيا جي هڪ بدقسمت حصي ۾ نظر اچي ٿو پر هي عقلي ڦرمار عام ٿئي ٿي ۽ هر جاءِ تي جهڪيل ڪنڌ نظر اچن ٿا ۽ انهن جُهڪيل سِرن ۾ ڪا به حرڪت نه هوندي آهي. مادي برباديءَ جو خاص اثر، ڏڪار ۽ بک جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو پر عقلي تباهيءَ جا ڪيترائي روپ ٿين ٿا، جيڪي مختلف شڪلين ۾ نظر اچڻ لڳن ٿا جن مان ٿورن جو تفصيل هن ريت آهي.
جنگ جي زماني ۾ هزارين غلط افواهه اُٿاريا وڃن ٿا، جن تي سموري دنيا يقين ڪري ٿي. واقعن تي تنقيد ڪرڻ جو اهو واضح بي ميل اصول آهي. جنگ جي زماني ۾ اهڙيون سوين اڻ ٺهڪندڙ ۽ ناقابل يقين خبرون شايع ٿين ٿيون، جن تي اڪثر ماڻهو ڪامل يقين سان اعتبار ڪري، انهن کي ڌيان ۽ چاهه سان ٻڌندا آهن. ايمڊن ( ) جي تسخير ۽ عدم تسخير جي حقيقت هڪ جهڙي ڪشش سان سامهون اچي ٿي.
جنگ جي زماني ۾ وهمي ڳالهيون گهڙڻ جي قوت تيز ٿي وڃي ٿي ۽ انسان جو دماغ هميشه گمان ۽ شڪ شبها گهڙڻ ۾ مصروف رهي ٿو. ان وهم پرستيءَ جي ڪري فوجون اڪثر جنگي غلطيون ڪري وجهن ٿيون. تازو ئي هي خبر شايع ٿي آهي ته بحر بالٽڪ ۾ هڪ فريق خود پنهنجن جهازن مٿان حملو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجا جهاز، دشمن جا جهاز ڏسڻ ۾ آيا. ڪن اخبارن ۾ هوائي جهازن متعلق اکين ڏٺيون شهادتون شايع ٿيون آهن، جيڪي جنگ جي زماني جي وهم پرستيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. ڪي ديندار ماڻهو قسم کڻڻ لاءِ تيار آهن ته هنن جرمني جا هوائي جهاز ڏٺا آهن.
اهڙي ريت هڪ معمولي وڳوڙ به اهڙا ئي نتيجا پيدا ڪري ٿو. ماڻهو مسجد ڪانپور جي حادثي واري زماني ۾ درياءُ جي اندران ڪلمه شهادت جو ورد ٻڌندا هئا. اهڙن واقعن تي يقين، ماڻهن جي شهادتن جي بنياد تي ڪيو ويندو هو. جنگ جي واقعن جو اسان جي روزاني وهنوار تي به واضح اثر پوي ٿو. جڏهن انسان سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان ٿڪجي پوي ٿو ته ٻين سان دل وندرائڻ چاهي ٿو. انسانن جا مختلف گروهه آهن ۽ هر ماڻهو پنهنجي لاءِ مناسب گروهه ڳولي ٿو. زاهد ۽ عبادت گذار، مسجد جي متولين سان گڏ ويهي جنت ۽ دوزخ جو ذڪر ڪن ٿا. ان ريت جيڪي ماڻهو علمي ذوق رکن ٿا، اهي ڪنهن درسگاهه يا اڪيڊميءَ ۾ وڃي چند خشڪ دماغ انسانن جي فڪري نتيجن کان لطف انداوز ٿين ٿا. جنگ جي زماني ۾ عبادت گاهن مان دُعائن جون صدائون بند ٿي وڃن ٿيون. ميخانن مان گيتن جا آواز خاموش ٿي وڃن ٿا. علمي حلقي مان ڏاهپ جا نقطا بيان ٿيڻ رڪجي وڃن ٿا. سموري دنيا هم خيال ساٿين جي مجلس بڻجي پوي ٿي، جنهن ۾ صرف فتح ۽ شڪست جا داستدان ٻڌايا وڃن ٿا. جنگ جي واقعن کانسواءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته اهو ناگوار لڳي ٿو. غلط افواهن جو اثر گهڻو ڪري اڻ پڙهيل ۽ ضعيف الدماغ ماڻهن تي پوي ٿو. موجوده جنگ جو سڀ کان وڌيڪ اثر واپارين ۽ واپارين مان به مارواڙين تي اڃا وڌيڪ پيو آهي. واپار کي جيڪو نقصان جنگ پهچايو آهي، تنهن کان وڌيڪ انهن اڻ پڙهيل واپارين پنهنجي بدحواسي ۽ پريشان خيالن سان حاصل ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ جنگ جي زماني ۾ ماڻهو فتح ۽ شڪست جون خبرون نهايت دلچسپي سان ٻڌن ٿا پر فتح ۽ ڪاميابيءَ جو جشن نهايت ئي جوش سان ملهايو وڃي ٿو. ڪنهن لاڳاپي ۽ تعلق کانسواءِ فاتح جي خوبين ۽ خامين جو غير معمولي طور تي اعتراف ڪيو وڃي ٿو. اڄڪلهه هندوستان جي قسمت سلطنت برطانيا سان وابسته آهي ۽ رعيت وفاداري نڀائڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. ان هوندي به جنگ جي شروعاتي پيش قدميءَ جي خبرن مان، عوام جي دلين ۾ جرمنيءَ جي وقعت قائم ٿي آهي. جنگ جي زماني ۾ نهايت آسانيءَ سان ڪنهن شخص کي بدنام ۽ نيڪ نام ڪري سگهجي ٿو. رستم جي نيڪ نامي صرف شاهنامي جي داستان سرائي جو ڪارڻ آهي. عيسائين، مسلمانن کي صليبي جنگين جي زماني جي گهڙيل واقعن سان بدنام ڪيو هو، تنهن لاءِ جهاد جي سفر کي منتخب ڪيو ويو. جيڪو الزام لڳايو هو، تنهن لاءِ جهاد جي سفر کي منتخب ڪيو ويو، ان مقصد لاءِ ئي جرمني ڏانهن سوين وحشاڻيون ڪارروايون منسوب ڪيون وڃن ٿيون. حضرت عمر رضي الله عنه تي اسڪندريه جي ڪتب خاني کي باهه ڏيڻ جو الزام جنگ جي زماني ۾ ئي لڳايو ويو. جنگ جي ذريعي اتحاد ۽ اتفاق، بغض ۽ ڪيني جي جذبن کي گهڻو وڌائي سگهجي ٿو. پرنس بسمارڪ ( )، جرمنيءَ جي اتحاد جو خواب جنگ جي خطرناڪ ميدانن ۾ ڏٺو هو. موجوده جنگ ۾ اٽلي، جرمنيءَ کان جيڪا عليحدگي اختيار ڪئي آهي، ان پراڻي همدردي واري جذبي کي عداوت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. روس، فرانس، فرطانيا، جرمني، آسٽريا ۽ سربيا وغيره جو باهمي سهڪار وارو معاهدو اڳ کان وڌيڪ پائيدار ۽ جٽادار ٿيو آهي. اسلام جي ابتدائي دؤر ۾ مسلمانن ۾ جنهن اتحاد ۽ اتفاق سان، گهرو تعلق پيدا ٿيو هو، اهو ان ڪارخاني جو ئي پيدا ٿيل هو، جتي ترارون تيار ٿينديون آهن. جنگ جي زماني ۾ هر قسم جا، مذهبي، اخلاقي ۽ ملڪي انقلاب نهايت تيزيءَ سان آڻي سگهجن ٿا. فرانس جو جمهوري نظام جنگ جي نتيجي جو ڪارڻ آهي.
قرآن مجيد جي تعليم پکڙجڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو جهاد في سبيل الله هو، جنهن عرب جي ادبي ۽ اخلاقي نظام ۾ هڪدم انقلاب آڻي ڇڏيو. عمرو بن ڪلثوم جي مشهور ۽ پرجوش شعرن کي بنو تغلب قبيلي جو هڪ هڪ ٻار سندس جنگي ڪارنامن جي ڪري زباني ياد رکي ٿو. شاهنامي جي مقبوليت صرف هن ڪري ٿي جو ان ۾ گذريل جنگين جي واقعن کي ٻيهر زندهه ڪيو ويو. هومر جي اليڊ جي شهرت ان بنياد تي، يوناني حڪمت جي ساک کي نقصان پهچايو جو ان ۾ جنگ جي ميدان جو رنگين خاڪو آهي. 1870ع ۾ فرانس ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ لڳل جنگ فرانسين جي بهادري ۽ دليريءَ جو خاتمو آڻي ڇڏيو. جنهن جو اثر اڄ به ميدان جنگ ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي. اڄڪلهه جرمن سپاهين جي رڳن ۾ جيڪو گرم خون ڊوڙي رهيو آهي، ان کي صرف تيز و تند شراب سان پيدا نه ڪيو ويو آهي، پر ان ۾ 1870ع جي خوني سيلاب جي نظارن جو هٿ به شامل آهي. يهودين ۾ موجود بد اخلاقيون جنگ ۾ لڳاتار شڪستون کائڻ جو نتيجو آهن. بيت المقدس ۾ هن قوم ٽي دفعا شڪست کاڌي. فرعون جي درٻار ۾ غلام ٿي رهي. عرب جي ميدانن ۾ اُڀرندڙ روحاني قوت به هن قوم لاءِ ڪا جاءِ نه ڇڏي. اهڙين مسلسل ذلت آميز شڪستن جو داغ هر يهوديءَ جي اخلاقي دامن تي نظر اچي رهيو آهي. جيتري قدر جهاد مسلمانن جي اخلاقي معيار کي بلند ڪيو، حضرت عيسيٰ عه جي اخلاقي تعليم ايتري قدر ان جي مقابلي ۾ بلڪل بي اثر ٿي ويئي. مطلب ته هر قسم جو انقلاب صرف جنگ جي ذريعي ئي آڻي سگهجي ٿو. فلسفي اڄ تائين ڪائنات جي نظام ۾ ڪا به تبديلي ڪو نه آندي آهي پر جنگ هڪ ذرڙي کي سج ۽ ڪڻي کي جبل بڻائي ڇڏيو آهي. جبلن کي صرف زلزلا متزلزل ڪري سگهن ٿا. ڪا قوم قديم عقيدن، رهڻي ڪهڻي ۽ اُٿي ويٺي کي نٿي بدلائي سگهي، جيڪا ڪجهه عرصي کان پوءِ اڏول جبل بڻجي پوي ٿي پر لڙائيءَ جو صرف هڪ واچوڙو هن کي پاڙن کان ڪڍي ڦٽو ڪري سگهي ٿو. مساوات جو حقيقي روح صرف جنگ جي زماني ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو. فرانس جي وڳوڙن جو نتيجو، مساوات جي صورت ۾ سامهون آيو.
مساوات عدل ۽ انصاف جي هڪ شڪل آهي. عدل ۽ انصاف جي ٿنڀي کي صرف قوت ۽ طاقت سان قائم رکي سگهجي ٿو. جنگ جي زماني ۾ هر شخص جي مخفي قوت هڪدم جوش کائي ٿي. فوج جنهن دلسوزي ۽ بي جگريءَ سان جنگ جي ميدان ۾ وڙهندي آهي. امن جي حالتن ۾ ان جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. اخبارن جا نمائندا جنگ جون خبرون گڏ ڪرڻ ۾ جهڙي ڪاوش ڪندا آهن، تهڙي امن جي خبرن ۾ محنت نه ڪندا آهن. ايڊيٽرن جي قابليت جو غير معمولي اظهار، جنگ بابت لکيل مضمونن مان ٿئي ٿو. حافظي جي قوت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي وڃي ٿو. عرب جي ٻن اڳوڻن شعرن کي ان غير معمولي حافظي محفوظ رکيو ۽ وري عرب جي ان حيرت ۾ وجهندڙ روايتي قوت کي فوجي اثر ترقي ڏياري. شاهنامي جو سرمايو جيڪو فردوسي کي آساني سان ملي ويو هو، اهو ترار جي ان جوهر کان ان ڪري محفوظ رهيو، جو هن جي دماغ ۾ گهڙي ويو هو، جنگ ۾ ماڻهو درندگي ۽ بداخلاقيءَ ڏانهن گهڻو لاڙو رکندا آهن. فوج ته ان نشي ۾ مست هوندي آهي پر عام ماڻهو به رعيت جي جان، مال، عزت آبروءَ کي نهايت بي دردي سان پائمال ڪري ٿو. 1857ع واري جنگ آزادي ۾ فوج کان وڌيڪ بدمعاشن لٽ مار، قتل غارت ڪئي ۽ عزتون لٽيون هيون. پر هڪ اعليٰ قيادت اهڙين وحشياڻين ڪاررواين کي روڪي سگهي ٿي. اسان کي پاڻ سڳورن ﷺ جن نبوت ۽ صحابه رضه جي دؤر ۾ اهڙا ڪيترائي شاندار مثال ملن ٿا. موجوده زمانو به اهڙن مثالن کان خالي ڪو نه آهي. فوج بک وگهي مري ٿي پر مال غنيمت جو بهترين سرمايو پنهنجي سپه سالار جي قدمن ۾ آڻي گڏ ڪري ٿي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي خيانت نٿي ڪري. 1848ع جي وڳوڙن ۾ جنهن گروهه قصر سويلري تي حملو ڪيو هو، ان اتان جي بهترين يادگارن کي هٿ به نه لڳايو هو. روس ۽ جاپان جي جنگ ۾ جاپاني سپاهي ڪنهن مقتول جي کيسي مان جڏهن گيني ڪڍندو هو، ته ان کي پنهنجي آفيسر کان لڪائي رکڻ ۾ ڪاميابي ۽ بهتري سمجهندو هو، پر اسلام جي مجاهدن جو ڪردار اڄ به دنيا اڳيان موجود آهي ۽ تاريخ ان کي محفوظ رکيو آهي. دنيا ان کي ڏسي پاڻ فيصلو ڪري سگهي ٿي.
جيتوڻيڪ هر جنگ، بلڪه معمولي وڳوڙ به اهڙا سڀئي نتيجا لازمي طور تي پيدا ڪري ٿو، جن ڏانهن گذريل بحث ۾ مٿاڇرو اشارو ڪيو ويو آهي پر جنگي صلاحيت ۽ حرفت انهن نتيجن کي گهٽ وڌ ڪري سگهي ٿي يعني جنگ جو حملو، جهڙي شدت سان جسم ۽ مادي تي ٿيندو، تهڙي سختيءَ سان عقل ۽ روح کي به متاثر ڪندو. جيڪڏهن جنگ ۾ مٿي کي ڪا معمولي ٺوڪر لڳندي ته، دماغ ۾ به هڪ هلڪو جهٽڪو پيدا ٿيندو. مطلب ته جهڙيءَ طرح هر جنگ ڪائنات جي چهري کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور زخمي ڪري ٿي، تهڙي طرح اسان جو دماغ به ان جي حملي کان مڪمل طور تي محفوظ رهي نٿو سگهي.
تنهن ڪري جڏهن اسين املهه خون ۽ خون کان وڌيڪ عزيز مال متاع جي برباديءَ تي ماتمي مجلس منعقد ڪريون ٿا، ته ان سان گڏ اسان کي پنهنجي هوش ۽ عقل جي سرمايي جي تباهي تي به ماتمي مجلس منعقد ڪرڻ گهرجي. سڀئي نتيجا مڪمل طور تي اسان جي سامهون آهن ۽ اسان جي عقل ۽ روح جي ڪائنات جي برباديءَ جو حيرت انگيز نظارو پيش ڪري رهيا آهن. جنگ جو ميدان گرم ٿيڻ سان، اسان جو عقل ايترو ته انڌو ٿي وڃي ٿو جو بي ميل، اڻ ٺهڪندڙ ۽ ناقابل عمل ڪاررواين کي به ممڪن سمجهڻ لڳي ٿو.
ان وقت هن لاءِ روايتي اصول بيڪار ٿي وڃن ٿا. هڪ شخص کي سندس معمولي غلطيءَ تي بدنام ڪري ٿو ۽ هن جي سمورين خوبين ۽ چڱاين کان اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هڪ شخص کي ايترو ته وڌائي شهرت ڏي ٿو، جو ڪڏهن هن کي فرشتو ۽ ڪڏهن ديوتا بڻائي ڇڏي ٿو. هو جنگ جي ميدان ۾ اخلاقي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪري، وحشت ۽ بهيمت ۾ نواڻ پيدا ڪري ٿو. ڪٿي ڪٿي فائدي مند نتيجا به پيدا ڪري ٿو ۽ تاريخ کي محفوظ رکي ٿو ۽ ادبي لٽريچر کي زباني ياد ڪرائي ٿو. مرده جسمن ۾ شجاعت ۽ بهادريءَ جو روح ڦوڪي ٿو. اهي فضيلتون اختياري نٿيون ٿين، بلڪه صرف اضطراري ٿين ٿيون ۽ وري اهو ڪڏهن ان وچٿري واٽ کان اڳتي وڌي وڃي ٿو.
بهرحال جنگ اسان جي دماغ ۾ هڪ جوش، هڪ طوفان ۽ هڪ ڇڪتاڻ جو عالم پيدا ڪري ٿي. ان ڪري جيڪا شيءِ اسان کي ٺوڪرن کائڻ کان بچائي سگهي ٿي، اها خود مسلسل ٺوڪرون کائڻ لڳي ٿي، تنهن ڪري جنگ جي زماني ۾ اسان کي نه صرف پنهنجي کيسي کي جانچڻ گهرجي پر دماغ کي به جهنجهوڙڻ گهرجي ته هن ۾ ڇا آيو ۽ ڇا ويو؟
جنگ جي زماني ۾ جيڪو جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو، سو ايترو ته واضح ٿئي ٿو، جو ان جي سببن تي تحقيق ۽ غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت ئي نٿي رهي. پر دماغ جي حالت ان کان بلڪل مختلف ٿئي ٿي. هو پنهنجي سموري سرمائي کي وڃائي ڇڏي ٿو پر هن کي خبر به نه ٿي پوي. اسان جي سامهون ئي اسان جي عقل جو خزانو لٽجي وڃي ٿو پر ان ڦرلٽ کي اسان پنهنجين اکين سان نٿا ڏسون.
هاڻي عقلي نقصانن جي فهرست مرتب ٿي چڪي آهي، جيڪا اسان جي سامهون آهي، تنهن ڪري اسان کي ان جي سببن جو پتو لڳائڻ گهرجي جيڪي ان محفوظ ۽ مخصوص سرمائي کي هڪدم برباد ڪن ٿا، تنهن ڪري اسان چند مقدما مرتب ڪريون ٿا، جن جو تفصيل هيٺين ريت آهن:
گروهه جي وصف ۽ مخصوص خاصيتون:
1- عام طور چند فردن جي ميڙ تي گروهه جو لفظ لاڳو ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هڪ وسيع ميدان يا وسيع سڙڪ تي سؤ ٻه سؤ ماڻهو گڏ ٿين ته عام ماڻهو اهڙي ميڙ تي گروهه يا فرقي جو لفظ لاڳو ڪندا آهن پر فلسفين گروهه جي هڪ نئين ترتيب قائم ڪئي آهي. گروهه جي ترڪيب لاءِ ماڻهن جو اجتماع ضروري ناهي، پر صرف دماغي ۽ خيالي رابطي جو اتحاد ڪافي آهي. جيڪڏهن هڪ لک ماڻهو ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪنهن پُر فضا ميدان ۾ بيهاريا وڃن، پر انهن ۾ ڪنهن به قسم جو دماغي تعلق نه هجي ته انهن تي گروهه جي لفظ جو اطلاق نٿو ڪري سگهجي. ان جي برعڪس چار ماڻهو اوڀر ۽ اولهه، اُتر ۽ ڏکڻ جي ڪنڊن ۾ جدا جدا بيهاريا وڃن سندن خيالن ۽ عقيدن جي هڪجهڙائي منجهن اتحاد ۽ اتفاق جو تعلق پيدا ڪيو هجي، ته اُهي هڪ حقيقي گروهه آهن.
تنهن ڪري گروهه کي صرف دماغ مرتب ڪري سگهي ٿو. اهو ڪم هٿن ۽ پيرن جي وس جو ناهي. البته اهو دماغي اشتراڪ ڪڏهن ڪڏهن جسمن ۾ اتحاد ۽ اتفاق به پيدا ڪري وجهي ٿو، تنهن ڪري هم خيال ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃن ٿا. دنيا جون رنگين محفلون، دلچسپ جلسا، مفيد ڪانفرنسون انهن هم خيال ماڻهن جي اجتماع جو نتيجو آهن. پر اهو هڪ اجتماع، گروهه جي حقيقت ۾ داخل ناهي، بلڪه عارضي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جاپان جو سوشلسٽ، پنهنجو پاڻ کي روس جي سوشلسٽن جي گروهه ۾ داخل سمجهي ٿو، حالانڪه هن، انهن ماڻهن جي صورت به نه ڏٺي آهي، تنهن هوندي به دماغي اشتراڪ ۽ جسماني اجتماع ۾ هڪ قسم جو مخفي رابطو ضرور آهي. ڪجهه ماڻهو هڪ هنڌ گڏ رهندي رهندي، پاڻ ۾ هم خيال ٿي وڃن ٿا ۽ وري ساڳي رجحان وارا ماڻهو خود بخود هڪ جاءِ تي گڏ ٿي وڃن ٿا، کين دماغ هڪ بڻايو آهي.
2- مطلب ته گروهه دماغن، خيالن ۽ عقيدن جي عقلي مجموعي جو نالو آهي. پر جهڙي طرح چند مادي عنصرن جي ملاوٽ ۽ جوڙجڪ سان هڪ نئين حقيقت وجود ۾ اچي ٿي ۽ انهن جي جزن جون اڳيون سڀئي خوبيون ۽ خاصيتون هڪ نئين ڪيفيت ۾ جمع ٿي وڃن ٿيون. جهڙي ريت آڪسيجن ۽ هائيڊروجن جا ماليڪيول ملي پاڻي جي شڪل اختيار ڪن ٿا، انفرادي حالت ۾ انهن جون جيڪي خاصيتون هيون، اهي هڪ نئين ڪيفيت ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. بلڪل ايئن ئي چند دماغن جي ميلاپ ۽ ترڪيب سان هڪ مستقل دماغ پيدا ٿي پوي ٿو، جنهن جون عقلي قوتون فرد جي دماغ کان بلڪل مختلف ٿين ٿيون. ان ملاوٽ ۽ ترڪيب کان اڳ انهن ۾ هڪ دماغ ارسطوءَ جو، ٻيو افلاطون جو، ٽيون هڪ چرئي شخص جو ۽ چوٿون هڪ نهايت بي عقل شخص جو هو، پر هاڻي اشتراڪ ۽ اتحاد جي عمل انهن سڀني مختلف عقل جي ماڻهن کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. شراڪت جي ان مجموعي ۾ شامل ٿي ارسطو ۽ افلاطون جون مخصوص دماغي قوتون بلڪل فنا ٿي وڃن ٿيون. تنهن ڪري اسان کي دماغن جي ان مجموعي ۾ ارسطو ۽ افلاطون جي انهن مخصوص فڪري قوتن کي تلاش نه ڪرڻ گهرجي، جن مشايه ۽ اشراقيه فلسفي جي مستقل شاخن کي قائم ڪيو هو. اسان کي ان مجموعي ۾ ان بي عقل ۽ چرئي شخص جا کِل ڏياريندڙ خيال به نٿا ملن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اسان لاءِ چرچي جو سامان پيدا ڪن ٿا. هاڻي هڪ مستقل دماغ ۽ جديد خيال جو هڪ سلسلو پيدا ٿي ويو آهي. اهو ئي دماغ آهي جنهن کي گروهه جو دماغ ۽ انهن خيالن کي گروهه جو علم ۽ عقيدو ڪوٺيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ان دماغ ۾ چرين جهڙيون ڪيفيتون آهن ته سمجهو ته ارسطو ۽ افلاطون چريا ٿي ويا آهن پر جيڪڏهن اهو دماغ ارسطو ۽ افلاطون جي عقلي قوتن جو مرڪز بڻجي پيو آهي ته پوءِ يقين ڪرڻ گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن چريا ۽ بي عقل شخص به ارسطو ۽ افلاطون بڻجي وڃن ٿا.
اجتماعي صورت جي دماغ جي بي قراري:
3- چند دماغن جي ترڪيب سان جيڪو مستقل دماغ ٺهي ٿو، جيتوڻيڪ اهو ڪڏهن ڪڏهن ارسطو ۽ افلاطون جي فڪري نتيجن سان لبريز ٿئي ٿو پر اڪثر پريشان خواب ئي ڏسندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جون دماغي ڪلون سندس وس ۾ نٿيون رهن. اهي اضطراري طور تي ڪنهن اندروني برقي طاقت سان پنهنجو پاڻ هلنديون رهن ٿيون ۽ ڪڏهن به ٿڪجن نٿيون، بلڪه هميشه جديد اثرات کي قبول ڪرڻ جون منتظر نظر اچن ٿيون.
جيتري قدر مادو صورت کي قبول ڪرڻ لاءِ آماده هوندو، صورت ايتري قدر آسانيءَ سان عمل ۾ اچي ويندي. اهڙي ريت گروهه جو دماغ به اثرات کي قبول ڪرڻ لاءِ منتظر ۽ تيار رهي ٿو، جنهن ڪري هو هر قسم جي غلط افواهن ۽ ناقابل يقين خبر کي قبول ڪري، نواڻ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. حقيقت جي هن کي ڪا به غرض نٿي ٿئي. جهڙي طرح سخت بک سان سٺي ۽ خراب کاڌي جو خيال نٿو رهي، اهڙي طرح گروهه جو دماغ به بک جي ان مرض (جؤالبقر) ۾ مبتلا رهي ٿو ۽ ان ڪري هر قسم جي غذا کي آسانيءَ سان هضم ڪري وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو قديم لٽريچر ۾ جيڪي عجيب و غريب قصا بيان ٿيل آهن، انهن کي گروهه جي دماغ ئي خوبصورتيءَ جي پوشاڪ پهرائي آهي.
[b]بي مقصد سفر:
[/b] انسان کي صرف نتيجا ئي وچٿري واٽ تي هلائين ٿا. جيڪڏهن اوهان کي بازار مان سودو خريد ڪرڻو آهي ته اوهان ان رستي سان ويندؤ، جيڪو سڌو بازار ڏانهن وڃي ٿو، پر جيڪڏهن اوهان هوا خوريءَ لاءِ نڪتا آهيو ته پوءِ اوهان لاءِ هر سڙڪ هڪ جهڙي اهميت رکي ٿي. گروهه تمام مختلف قسم جي هم خيال ماڻهن جو مرڪب ٿئي ٿو. ان اتحاد ۽ اتفاق جو اڪثر ڪو حقيقي مقصد نٿو ٿئي. تنهن ڪري هن جو دماغ هميشه آواره گردي ڪندو رهي ٿو. في کل واديهيمون. (هر واديءَ ۾ ڀٽڪندا ڦرن ٿا. القرآن) آواره گرد ماڻهو هميشه تيزيءَ سان قدم کڻندا آهن. ان ريت گروهه جو دماغ به عام طور تي اجائي ڊيگهه طرف لاڙو رکندڙ ٿئي ٿو ۽ مختلف دماغن جي ترڪيب سان هن جي ڊيگهه پسندي جي قوت ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿي وڃي ٿو ۽ هر شيءِ ۾ وڌاءُ پيدا ڪري ٿو. خبرن جي اشاعت نهايت مبالغه انگيز طريقي تي ڪئي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح گروهه جو دماغ ڪنهن شخص جي تعريف ڪري ٿو ته سندس واکاڻ ۾ وڌاءُ لازمي ٿئي ٿو، جيڪڏهن گلاڪرڻ تي آماده ٿئي ٿو ته انسان کي چوپايو جانور بڻائي ڇڏي ٿو. ڪنهن سان دوستي رکي ٿو ته هن جي محبت ۾ بغض ۽ حسد جي سمورن جذبن کي وساري ڇڏي ٿو. وري جڏهن دشمن ٿئي ٿو ته پراڻي دوستيءَ واري ناتي کي ياد نٿو رکي. اهڙي حالت ۾ هو بداخلاق به ٿي پوي ٿو. هن جي نظر ۾ خون، پاڻيءَ جي برابر ٿئي ٿو. هو مسجد ۽ بت خاني ۾ بلڪل ڪو فرق نٿو سمجهي. ڪڏهن ڦرلٽ ڪري ٿو، ڪڏهن باهه لڳائي ٿو، ڪڏهن خون وهائي ٿو ۽ ڪڏهن عظيم الشان عمارتن کي ڊاهي ڇڏي ٿو. اهڙي حالت ۾ هن جي جسماني قوت ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو. پُلين کي ڊاهي وجهي ٿو ۽ جبلن کي مسمار ڪري ڇڏي ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن هن جي اها اجائي ڊيگهه هڪ نئون رستو اختيار ڪري ٿي. يعني جڏهن واقعن ۾ وڌاءُ جو ڪو نئون پهلو پيدا ڪري نٿو سگهي ته ان کي مسخ ڪري ڇڏي ٿو. قديم زماني جي جنگجو قومن جا خوفناڪ چهرا، هيبتناڪ هٿيار ۽ جنگي فن جي عجيب ۽ غريب داستانن کي ، اڄ اسين کِل جهڙو سمجهون ٿا پر حقيقت ۾ اهي اصليت کان خالي ڪو نه آهن. البته گروهه جي دماغ انهن کي اسان جي اڳيان بگاڙي پيش ڪيو آهي، تنهن ڪري انهن جي اصلي شڪل و صورت اسان جي نظرن کان غائب ٿي وڃي ٿي.
4- مناسب هي هو ته ان زماني ۾ اهي مصنوعي پردا هٽايا وڃن ها ۽ دنيا انهن واقعن کي اصلي صورت ۾ ڏسي ها پر گروهه جنهن عالمگير مرض ۾ مبتلا ٿئي ٿو، اهو وڌيڪ پکڙجندڙ ٿئي ٿو. هو هڪ اک سان ڏسي ٿو ۽ هڪ ڪن کان ٻڌي ٿو ۽ هڪ ئي دل سان يقين ڪري ٿو. ان ڪري هڪ شخص جيڪي ڪجهه چوي ٿو، ڄڻ سموري گروهه جي زبان جي ترجماني ڪري ٿو. هر شخص ان تي اهڙيءَ طرح يقين ڪري ٿو، جهڙي طرح چوڻ واري ان تي ايمان آندو هو.
[b]ڪجهه مثال:
[/b] گذريل واقعن مان ان جا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. فرانس ۾ اتفاقي طور تي ٻه ڇوڪريون ٻڏي ويون. جڏهن لاش ڪڍيا ويا ته ڪجهه ماڻهن انهن جي سڃاڻپ ڪئي. ان تي ٻين کان شاهدي ورتي ويئي ۽ ماڻهن انهن جي تائيد ڪئي. پوليس انسپيڪٽر انهن ماڻهن جي شاهديءَ تي هنن جي دفنائڻ جو حڪم ڏنو پر ٿورن ڏينهن کانپوءِ معلوم ٿيو ته اُهي ڇوڪريون زندهه آهن. انهن زندهه ڇوڪرين ۽ ٻڏي ويل ڇوڪرين ۾ ڪا معمولي مشابهت هئي، جنهن هڪ گروهه کي دوکي ۾ وجهي ڇڏيو. اهڙي ريت هڪ ڇوڪري ٻي ڇوڪريءَ جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي ۽ ڪيترن ماڻهن هن جي سڃاڻپ تي يقين ڪيو. ان واقعي جي ڦهلجڻ تي هڪ عورت روئيندي پٽيندي آئي ته ”اهو منهنجو پٽ هو!“ لاش تان ڪپڙو لاٿو ويو ته هن جي پيشانيءَ تي هڪ زخم هو، تنهن کي ڏسي عورت دانهن ڪئي ته ‘بيشڪ، اهو منهنجو ئي پٽ آهي’ جيڪو ڪيترن مهينن کان گم هو. ڪي ماڻهو هن کي اغوا ڪري ويا هئا ۽ بعد ۾ قتل ڪري ڇڏيائون. ان عورت جا مٽ مائٽ آيا، جن به چيو ته بيشڪ، هي اهو ئي ڇوڪرو آهي. جنهن اسڪول ۾ پڙهندو هو، ان استاد کان به تصديق ڪرائي ويئي. هُن به هن جي ڳچيءَ ۾ پاتل تعويذ کي ڏسي چيو ته واقعي هي اهو ئي ڇوڪرو آهي، ڇاڪاڻ ته مان تعويذ کي ڏسي هن کي سڃاتو آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته اهي سڀئي شاهديون غلط هيون. اهو ڇوڪرو شهر جي بورڊر جو پٽ هو ۽ اتي ئي قتل ڪيو ويو هو. عورت جي پٽ سان هن جو ڪو به تعلق ڪو نه هو.
[b]سريان خيال:
[/b] گروهه جي ان دماغي مرض جو نالو سريان خيال آهي. هڪ دماغ پهرين ٻن شين جي معمولي ڀيٽ سان هڪ غلط خيال کي جنم ڏي ٿو. پوءِ سڄو گروهه اکيون بند ڪري، ان تي يقين ڪري ٿو. پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ سان جيڪو گول دائرو پيدا ٿئي ٿو، اهو آهستي آهستي سموري پاڻي جي سطح تي ڦهلجي وڃي ٿو. بلڪل اهڙي طرح گروهه ۾ هڪ شخص ڪو خيال قائم ڪري ٿو، جنهن کي گروهه جي دماغ جي ڪارروائي عام ڪري ڇڏي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو گروهه جون سڀئي روايتون غلط ٿين ٿيون يا گهٽ ۾ گهٽ اختيار ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ جي قابل نٿيون ٿين. سريان خيال جو اثر اڪثر ضعيف العقل ماڻهن تي، توهم پرستيءَ ۾ مبتلا رهڻ ڪري ٿئي ٿو ۽ گروهه عام طور تي ضعيف الدماغ ٿئي ٿو. ان ڪري ارسطو ان گروهه ۾ شامل ٿي پنهنجي دماغ جون بهترين خاصيتون وڃائي ويهي ٿو.
گروهه جي دماغي حالت عورتن سان مشابهت رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اهو توهم پرستيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. اڄ اهي ماڻهو جيڪي ڪلڪتي کان ڀڄي رهيا آهن، اهي ان سريان خيال جي وهندڙ لهر آهن! گروهه ۾ جيڪي مخصوص اوصاف ٿين ٿا، انهن جو بنياد به سريان خيال جي ڪري آهي. هڪ فرد گروهه ۾ شامل ٿي، ٻين فردن جي شرڪت سان طاقت حاصل ڪري ٿو. جهڙي طرح مسمريزم (Mesmerism) جو عمل انسان جي شعور جي اصلي قوت کي فنا ڪري هڪ نئون منظر پيدا ڪري ٿو، جنهن سان عجيب ۽ غريب فعل سرزد ٿين ٿا، اهڙي طرح فردن جي باهمي تاثير ۽ تاثر سان هڪ برقي وهڪرو پيدا ٿي وڃي ٿو، جنهن کي سريان خيال يا عددي چوندا آهن. اهو ئي سريان خيال گروهه جي عقيدن، خيالن ۽ مقصدن کي متحد ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان سان اهڙا عجيب و غريب فعل ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا، جيڪي شخصي حالتن ۾ بلڪل مشڪل هوندا آهن: هن جا سمورا عقيدا تبديل ٿي وڃن ٿا، قديم اخلاقي نظام تباهه ٿي وڃي ٿو ۽ شخصي عارضو به ختم ٿي وڃي ٿو. ڪنجوس، سخي ٿي وڃي ٿو، ڪمزور طاقت حاصل ڪري وٺي ٿو. مادي اصول مطابق جيڪا شيءِ جنهن قوت سان اُڀري ٿي، ان ساڳي قوت سان دٻجي به ٿي. جنگ جي زماني ۾ مذهبي عقيدا، وطني جوش، اخلاقي خوبيون، ادبي لٽريچر، مطلب ته هر شيءِ ۾ اُڀار پيدا ٿي پوي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن قوم انهن کي دٻائي ڇڏيو ته اهي هميشه لاءِ دٻجي ويندا ۽ جيڪڏهن کڙو ڪيو ته هميشه لاءِ کڙا ٿي ويندا. جنگ ۾ جيڪا اُٿل پُٿل ٿي پوي ٿي، اها ان سريان خيال جو نتيجو ٿئي ٿي.
برقي رو ۽ مسمريزم وانگر جيتوڻيڪ سريان خيال جي ڪا وصف بيان نٿي ڪري سگهجي، تنهن هوندي به اها هڪ فطري شيءِ آهي ۽ انسان کان وٺي حيوانن تائين موجود آهي. جڏهن ٻڪرين جي ڌڻ ۾ هڪ بگهڙ اچي پوي ٿو، ته هڪ ٻڪري ان کي ڏسي ڀڄي ٿي. ٻين ٻڪرين کي بگهڙ جي خبر ناهي پر ڀڄڻ ۾ سڀئي هن سان شامل ٿي وڃن ٿيون. اردوءَ ۾ ڀيڙ چال (انڌي تقليد) هڪ عام محاورو آهي. ڪنهن خطري جي حالت ۾ هڪ گهوڙو هڻڪار ڪري ٿو ته ٻين سڀني گهوڙن جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا. انسانن ۾ تقليد جو مادو به ان سريان خيال جي ڪري پيدا ٿيو آهي. سريان خيال دماغ سان گڏوگڏ جسم تي به اثر وجهي ٿو. طبي تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪي ڊاڪٽر چرين جو علاج ڪندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن اُهي به چريا ٿي پوندا آهن.
سريان خيال لاءِ گروهه جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ضروري ناهي. اهو هڪ سيلاب آهي جيڪو پنهنجو پاڻ اسان تائين پهچي وڃي ٿو. سن 1848ع ۾ پيرس ۾ جيڪا انقلابي هلچل هلي هئي، تنهن ٿورن ئي ڏينهن اندر سموري يورپ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.
گروهه جي سڀني وحشياڻن فعلن جو اهو ئي ڪارڻ آهي. انسان کي ڪنهن ڪم کان صرف لعنت ۽ ملامت باز رکي سگهي ٿي پرسريان خيال، گروهه جي سمورن فردن کي هم خيال بڻائي ڇڏي ٿو. ان ڪري هڪ فرد ڪنهن ٻئي فرد کي جهل پل نٿو ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو گروهه جيڪو ڪجهه چاهي ٿو ڪري وجهي ٿو ۽ ان ۾ هن کي ڪنهن به قسم جي ندامت نٿي ٿئي. خود هر فرد جي اخلاقي حس جي قوت فنا ٿي وڃي. ٻيا فرد ان کي روڪي پيا سگهن پر اهي به ان مرض ۾ مبتلا آهن. اهڙي حالت ۾ انڌن کي ڪير رستو ڏيکاري سگهندو؟
ڪن ڊاڪٽرن تجربي سان ثابت ڪيو آهي ته جنگ جي زماني ۾ سڄي قوم؛ خاص ڪري فوج جنون ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. ممڪن آهي ته اها سريان خيال جي غلط تعبير هجي يا دماغي هيجان کي حقيقي جنون پيدا ڪيو هجي.
شايد ڪنهن جو خيال هجي ته گروهه ڪي فائدي مند ڪم به ڪري ٿو، يعني هو مذهبن جو بنياد وجهي ٿو، قديم عقيدن کي محفوظ رکي ٿو، آزاديءَ جي پيڙهه جو پٿر رکي ٿو، عزت جو عَلَم بلند ڪري ٿو، مظلومن جي حمايت ۾ جان ڏيڻ کان نٿو ڪيٻائي. اهي سڀئي ڪم ڪنهن شعور جي قوت سان سرانجام نٿا ڏئي سگهجن. انهن ۾ هڪ لازوال روح حيات ڏسجي ٿو پر حقيقت ۾ اهو خيال صحيح ناهي. ڪنهن عمل جو فائديمند هجڻ، هن ڳالهه جو دليل نٿو ٿي سگهي ته اهو ڪنهن بيدار دماغ جي فڪري قوت جو نتيجو آهي.
دنيا جو نظام لاشعوري قوتن جي اشاري تي هلي رهيو آهي. سج جي تپش، چنڊ جي روشني، درياءُ جي رواني، هوا جا جهوٽا دنيا لاءِ ڪيتري قدر فائديمند آهن؟ پر ڇا اهي ذي شعور هستيون آهن؟ خون ماده حيات آهي پر اهو اسان جي رڳن ۾ تيز ڊوڙي رهيو آهي. هاضمي جي عمل تي زندگيءَ جو دارو مدار آهي پر هاضمي جي قوت ۾ ڪو حس ۽ ادراڪ ناهي.
سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ ته تيز ۽ چالاڪ دماغ تي مسمريزم جي عمل جو تمام گهڻو اثر ٿئي ٿو. گروهه خود ڪمزور دماغ ٿئي ٿو، تنهن ڪري سريان خيال جي پڪڙ ۾ اچي وڃي ٿو. ان ڪري هو پنهنجي ذهن ۽ ذڪاءُ کي محفوظ رکي ٿو. گروهه کان سڀئي فائديمند ڪم اڳواڻ وٺي ٿو. گروهه صرف ڪم ڪرڻ ڄاڻي ٿو، هن جو نفعي ۽ نقصان سان ڪو واسطو نٿو ٿئي. عظيم الشان عمارتون مزدور ٺاهين ٿا پر عمارت جو نقشو ڪنهن ٻي دماغ جو نتيجو ٿئي ٿو. مزدور ان جي خوبصورتي ۽ بدصورتي کان ناواقف ٿين ٿا.
بهرحال گروهه دماغ رکي ٿو، مگر عقل ۽ شعور کان خالي ٿئي ٿو. پر سوال هي آهي ته گروهه ۾ داخل ٿي فردن جي حالت ۾ اهڙو عجيب غريب انقلاب ڇو ٿو پيدا ٿئي؟ بظاهر اها هڪ تعجب ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ارسطو به چريو ٿي پوي ٿو ۽ وري ڪڏهن بي عقل ماڻهو افلاطون جهڙين ذهني خاصيتن جو مالڪ بڻجي پوي ٿو. حضرت ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنه جي سنجيدگي، بُردباري بي مثال آهي.
ڇا اهو دنيا کان ڪو جدا واقعو آهي؟ ڇا اهو ڪنهن مادي اصول جي دائري ۾ نٿو اچي سگهي؟ دنيا جن خارجي اثرات سان ڀريل آهي، اهي اثر جهڙي نموني دنيا تي جابرانه حڪومت ڪن ٿا، انهن کي سامهون رکڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته اهو انقلاب به مادي نظام جي دائري ۾ اچي سگهي ٿو. اهو ڪيترو ئي عجيب و غريب هجي پر ڪو معجزو ناهي جنهن کي بيان نه ڪري سگهجي.
[b]گروهه جا خارجي اثرات:
[/b] دنيا ۾ فردن مٿان مختلف شيون اثر وجهن ٿيون: مذهب، قوميت، سياست، رسم و رواج ۽ زمانو، مطلب ته انسان اهڙي قسم جي سمورن اثرن کان شخصي حالت ۾ متاثر ٿيندو رهي ٿو. خطاب ڪندڙن جون تقريرون ٻڌي ٿو، کيل گهرن ۾ وڃي ٿو، متحرڪ تصويرن جو تماشو ڏسي ٿو ۽ انهن سڀني شين جون هن تي مختلف نمونن سان اثر پوي ٿو. هو بخمل جي پوشاڪن، پوليس جي وردي ۽ سلطنت جي جهنڊي جي ڦڙڪڻ کان مرعوب ٿي وڃي ٿو. هو اخبار پڙهي ٿو ۽ هيبتناڪ خبرن سان هن جي اعصابن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوي ٿي. هو خاڪ نشين فقيرن جي معنوي روحانيت اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿو. مطلب ته دنيا جي هر شيءِ هن تي اثر وجهي ٿي ۽ انساني وجود انهن اثرن کي حاصل ۽ قبول ڪرڻ جو هڪ نمونو ۽ مثال آهي.
گروهه تي به اهي ئي شيون اثر وجهن ٿيون پر گروهه جي معنوي جوڙجڪ عام طور تي رقيق، نرم ۽ لچڪدار ٿئي ٿي، تنهن ڪري هن تي فردن جي ڀيٽ ۾ انهن اثرن جو دٻاءُ وڌيڪ شدت سان پوي ٿو ۽ مسمريزم جي عمل وانگر، هن جي شعور جي قوت کي ختم ڪري ڇڏي ٿو.
ڪن شخصي حالتن ۾ ضعيف الدماغ فردن کي ڏٺو ويو آهي ته خارجي اثرن جي دٻاءُ کان بدحواس ٿي ويندا آهن. هڪ سڙيل لاش کي ڏسي يا ڪنهن ڪٽيل ڪنڌ تي نظر وجهڻ سان ڪيتريون ئي عورتون بي هوش ٿي وينديون آهن.
ساڳي طرح گروهه عام طور تي ضعيف الدماغ هوندو آهي ۽ تمام گهٽ حالتن ۾ هن جو دماغ قوت جي نمائش ڪري سگهندو آهي. تنهن ڪري اهي خارجي اثرات ان تي ڇانئجي وڃن ٿا ۽ ان جي هر فرد کي هڪ جنون ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا. اهو ئي جنون گروهه جي عجيب و غريب ڪردارن ۽ افڪارن جو بنياد بڻجي پوي ٿو.
جيتوڻيڪ گروهه دنيا جي هر شيءِ جي اثرن کان تقريباً متاثر ٿئي ٿو، ليڪن ڪن شين جو اثر هن تي خاص طور شديد ۽ اڻٽر ٿئي ٿو. انهن اثرات کي گروهه جا ‘اهڙن اثرن’ سمجهڻ گهرجي. اسان هت انهن جو نمبر وار تفصيلي ذڪر ڪنداسين.
[b]شديد ۽ مخصوص اثر:
[/b] هر گروهه هڪ ليڊر جي اثر هيٺ ٿئي ٿو پر ليڊر جنهن شيءِ سان گروهه تي حڪومت ڪري ٿو، اها هڪ مخفي طاقت ٿئي ٿي، جنهن کي نفوذ (اثر) يا روحانيت چوندا آهن. ڪو به ليڊر ان طاقت کانسواءِ ليڊر بڻجي نٿو سگهي. البت اهو نفوذ ڪن ماڻهن ۾ فطري طور تي ڪجهه سرس ٿئي ٿو جيئن نيپولين. هو پنهنجي مخصو ص اڳواڻي ۽ سرداريءَ جي لياقت پاڻ سان گڏ ڄمندي کڻي آيو هو. يا تاريخ اسلام ۾ امير معاويه، تيمور ۽ نادر وغيره ۾ قدرتي طور تي سختيءَ جي قوت موجود هئي. ان قسم جو فطري نفوذ دنيا تي هڪ لازوال طاقت سان فرمانروائي ڪندو آهي. سڪندر مري ويو ۽ نيپولين پنهنجا آخري ڏينهن ڪسمپرسي ۾ گذاريا. مگر انهن جي شهرت اڳيان اڄ به اسان جا ڪنڌ جهڪي وڃن ٿا. انهن جا نالا ٻڌي اسان ڪنبي وڃون ٿا، حجاب محسوس ڪيون ٿا ۽ هڪ عجيب و غريب مخفي اثر جي عظمت جو احساس محسوس ڪريون ٿا!
اڪثر حالتن ۾ اهو نفوذ خارجي اسباب جو نتيجو ٿئي ٿو. مال متاع، شان و شوڪت، ڏيک ويک ۽ خطابن ۽ لقبن جي ذريعي ڪي ماڻهو قوم ۾ نمايان ٿي، قوم کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏين ٿا. پوليس کي وردي ان ڪري پارائي وڃي ٿي جو ان ۾ رُعب ۽ دٻدٻو لڪل آهي. علماء جو جبو ۽ دستار ان خارجي ۽ مصنوعي نفوذ جو هڪ خطرناڪ آشيانو آهي. بادشاهن جي سواري جڏهن ڌام ڌوم سان نڪري ٿي ته رعب، دٻدٻي ۽ شان و شوڪت جي ڪيفيت طاري ٿي پوي ٿي. سلطنتون انهن ماڻهن کي خطاب ڏينديون آهن، جن جي اثر کان اهي ڪم وٺنديون آهن.
ان عارضي نفوذ ۽ فطري نفوذ ۾ ڪو به تضاد ڪو نه آهي، بلڪه ٻئي هڪ ذات ۾ جمع ٿي سگهن ٿا. نيپولين پنهنجي ذاتي نفوذ کي فوجي لباس ۾ اڃا به وڌيڪ نمايان ڪندو هو، پر اڪثر ٻئي جدا جدا جلوه گر ٿيندا آهن ۽ اڪثر ائين به ٿيندو آهي ته مصنوعي نفوذ کي بغير ذاتي نفوذ جي پيدا ڪيو وڃي ٿو. جنرل زوفري ( ) ۽ سر جان فرنچ ( )جي صورت ڪيڏي رعبدار ۽ شاندار آهي؟ مگر غالباً دل جي آتشڪدي ۾ نفوذ جي هڪ چڻنگ به ناهي، نه ته هن وقت تائين يورپ جي جنگ جو نقشو بدلجي چڪو هجي ها.
ان عارضي نفوذ جي نمائش لاءِ ليڊرن جو شاهاڻو استقبال ڪيو وڃي ٿو. اهو ئي مصنوعي نفوذ فوجن کي ويڙهائي ٿو ۽ انهن کي خون ۽ باهه جي درياهه ۾ اڇلي ڇڏي ٿو. گروهه ان مخفي اثر کان مدهوش ٿي وڃي ٿو ۽ هن کي پنهنجي عملن جي نتيجن جي بلڪل ئي خبر نٿي پوي.
پر هر نفوذ هر گروهه تي اثر نٿو وجهي سگهي، گروهه ۽ ليڊر جي عقيدن ۽ خيالن ۾ مناسبت هئڻ گهرجي. هڪ جنرل، زاهد ۽ عبادت گذار تي ڪو به اثر نٿو وجهي سگهي، ڇو ته زاهد صرف وعظ ۽ نصيحت ئي متاثر ڪري سگهن ٿا. انبياءِ ڪرام عليهم الصلواة والسلام ان ڪري امت جي قديم عقيدن ۽ خيالن جو لحاظ رکندا هئا، جڏهن باهه جا اهي ٻئي شعلا يعني جماعت ۽ قيادت پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا ته پوءِ جماعت اهڙا عجيب و غريب ڪم ڪري وجهي ٿي، جن کي معجزن ۽ عجائبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو!
2- ڪنهن ڳالهه کي وري وري دهرائڻ سان گروهه تي ڏاڍو اثر پوي ٿو. نيپولين جو قول آهي ته ‘دنيا ۾ اهو شخص ڪامياب ٿي سگهي ٿو، جيڪو هڪ ڳالهه کي بار بار دهرائي ٿو.’ پر ان باريڪ نقطي کي تمام گهٽ ماڻهو سمجهن ٿا ۽ تنهن کان به گهٽ ان جي تقليد ڪري سگهن ٿا.
ڪي ليڊر سڄي حياتي هڪ ئي موضوع تي تقرير ڪندا رهندا آهن. اخبارن ۾ اشتهار ان مقصد لاءِ وري وري ڇاپيا ويندا آهن- پر هر تاڪيد مؤثر ٿي نٿي سگهي ۽ نه ڪي هر دفعي ڳالهه کي دهرائڻ فائدي مند ٿي سگهي ٿو. اهو هڪ خاص اصول جو پابند آهي. تاڪيد جملي کي سادو، مختصر ۽ دلدل کان خالي هئڻ گهرجي. قرآن حڪيم شراب متعلق صرف هيترو چيو:
فَہَلۡ اَنۡتُمۡ مُّنۡتَہُوۡنَ ﴿۹۱﴾ (المائدة-91)
”ڇا توهان باز نه ايندؤ؟“
حضرت عمر رضي الله عنه پڪاري چوڻ لڳا: انتهينا، انتهينا!! ‘اسان باز آيا سون، اسان باز آياسون.’
پر جيڪڏهن هڪ ڳالهه مختلف نمونن سان بدلائي ڪئي وڃي ته تاڪيد جو اهو اڃا به موثر ترين طريقو آهي. هڪ سادي اشتهار کي جڏهن رنگين ڪاغذ تي ڇاپيو وڃي ٿو ته ان جو اثر ڏاڍو وڌي وڃي ٿو!
تڪرار جو هر شخص تي اثر پوي ٿو، پر جيئن ته گروهه جي معنوي بناوٽ نهايت ڳوڙهي آهي، ان ڪري هن جو جيڪو نقش، تڪرار جي ذريعي قائم ٿئي ٿو، اهو ڪڏهن به نٿو ميسارجي.
انسان جڏهن هڪ ڳالهه مختلف ماڻهن کان ٻڌي ٿو ته ان تي مجبورن يقين ڪري ٿو. ان ريت جڏهن گروهه ساڳي ڳالهه بار بار ۽ مختلف طريقن سان ٻڌي ٿو ته هن تي ان جو اهو ئي اثر پوي ٿو، جيڪو هڪ شخص تي ڪنهن روايت جي مختلف وصفن ۽ ڪيترن راوين جي روايت سان پوي ٿو. ان تڪرار جي اثر کان گروهه ۾ يقين ۽ اعتبار جي پختي ڪيفيت پيدا ٿي پوي ٿي، جنهن جو نالو ‘سريان خيال’ آهي ۽ گروهه کي فڪر و عمل جي رشتي ۾ يڪجا ڪري ڇڏي ٿو!
3- گروهه صورت کان ڏاڍو متاثر ٿيندو آهي پر ان جي ابتڙ حقيقت جو مٿس گهٽ اثر پوي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن گروهه کي ٻڌايو وڃي ته فلاڻي پاڙي ۾ ڏهه ماڻهو تپِ دق جي مرض ۾ لوڙي مري ويا آهن، ته هن تي ڪو به اثر نه ٿيندو، پر جيڪڏهن ان واقعي کي هن طرح بدلائي بيان ڪجي ته هڪ گهر جي ڪِرڻ سان پنج ماڻهو دٻجي مري ويا ته اهو چؤٻول گهر گهر تائين ڦهلجي ويندو!
پليگ ۾ هر سال لکين جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون. اسان اخبارن ۾ انهن متعلق خبرون پڙهندا آهيون، مگر ان کي هڪ معمولي واقعو سمجهندا آهيون. پر ڪنهن اخبار ۾ اسان جي نظر کان هڪ سٽ جي خبر گذري ٿي ته فلاڻو جهاز غرق ٿي ويو ۽ ان جو ڪو به مسافر زندهه نه بچيو ته هڪدم اسان جا اعصاب متزلزل ٿي وڃن ٿا ۽ اسان جي اندر ۾ ڏک ۽ غم جي ڪيفيت پيدا ٿي پوي ٿي!
تقرير ۾ خطاب جو اثر گروهه تي رڳو ان لاءِ پوي ٿو، جو ان وسيلي سندس ذهني صورتن کي اڳيان آڻي بيهاريو وڃي ٿو. بلڪه خطاب ڪندڙ جي چرپر، سندس ڳالهائڻ جو انداز ۽ اشارا، خود هن کي ان شيءِ جي تصوير بڻائي ڇڏين ٿا، جنهن تي هو ڳالهائي رهيو آهي. گروهه ڪنن سان هن جي تقرير ٻڌي ٿو ۽ اکين سان هن کي ڏسي ٿو. ان ڪري اندر ۽ ٻاهر ٻنهي جاين تي هن جي نگاهه جو مرڪز هڪ متحرڪ صورت ۾ نظر اچي ٿو ۽ هن جي مٿان ان صورت جو اثر پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي اڪثر ليڊرن هٿن کان وڌيڪ زبان سان دنيا کي فتح ڪيو آهي!
لفظن جون معنائون هر زماني ۾ بدلجنديون رهن ٿيون. آزاديءَ جو جيڪو مفهو م اڄ آهي اهو گذريل زماني ۾ اهڙو نه هو، تنهن ڪري تقرير ڪندڙ کي لفظن جي وقتي اثر ۽ مفهوم جو به لحاظ رکڻ گهرجي. جڏهن ڪا تقرير اهڙين سڀني خوبين سان ٽمٽار هوندي آهي ته پوءِ اها جماعت تي گهرا اثر ڇڏيندي آهي.
لفظ جماعت جي سامهون، جنهن معنيٰ جي مجسمي کي کڙو ڪن ٿا، سو پرده پوش هوندو آهي، پر کيل گهر ۽ متحرڪ تصويرون هن کي بلڪل بي نقاب ڪري ڇڏين ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو جماعت تي انهن جو شديد اثر پوي ٿو.
رومن قوم جيڪا دنيا جي هڪ متحرڪ ۽ زنده قوم هئي، هميشه ناٽڪ گهرن کي پنهنجي ڪاميابيءَ جي منزل مقصود سمجهندي هئي. هاڻي به باغي خيال ان جي ذريعي ڦهلايا وڃن ٿا. شخصي حڪومتون انقلابي مضمونن وانگر تصويرن کي به ضبط ڪنديون آهن. پيرس ۾ هڪ ايڪٽر هڪ مجرم جو پارٽ ادا ڪيو ۽ هن جي ڏوهه جا مختلف منظر ڏيکاريا. تماشائين ۾ ايتري قدر هنگامو پيدا ٿيو جو هر شخص ان فرضي مجرم تي حملو ڪرڻ لاءِ وڌيو. جيڪڏهن پوليس ان ايڪٽر کي پنهنجي پهري هيٺ نه وٺي ها ته هو پنهنجي فرضي ڏوهه جي حقيقي سزا کائي ها. ناٽڪ گهر ۽ چرندڙ تصويرون (Bioscope) ان ڪري به گروهه تي زياده اثر وجهن ٿيون جو گروهه واقعن جي نتيجن جي تلاش نٿو ڪري. هو صرف واقعن جي اصلي صورت ڏسڻ چاهي ٿو. اسان ٻڌندا آهيون ته جنگ ۾ پنج هزار ماڻهو مري ويا پر چرندڙ تصويرون اسان کي انهن جي جسمن جا زخم ۽ گردنن مان وهندڙ خون ڏيکارين ٿيون. نتيجن جي لحاظ کان اخبارن جي خبرن ۽ چرندڙ تصويرن جي تماشن ۾ ڪو به فرق ناهي پر گروهه تي نتيجو ڪو به اثر نٿو وجهي. موت کان وڌيڪ خون جو سيلاب ۽ زخم کان وڌيڪ رت جي لالاڻ هن جي جذبن کي ڀڙڪائي ٿي. هڪ مئل فلاسفر جو لاش جماعت لاءِ ڪا مؤثر شيءِ ناهي پر هڪ زندهه سپاهيءَ جو خون جو هڪ قطرو هن کي هوش کان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو!!
4- گروهه تي وسوسن جو به نهايت شديد اثر پوندو آهي. هو حقيقت کي نٿو پوڄي پر حقيقت جي وهمي ڏيکاءُ جي پرستش ڪري ٿو. بت پرستيءَ جو رواج ان بنياد تي پيو جو انسان خدا کي انسان جي شڪل ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. جيڪڏهن بت خانا نه هجن ها ته بتن جي طاقت جو خاتمو ٿي وڃي ها. اسان عظيم الشان عمارتن جي برباديءَ تي ماتم ڪندا آهيون، پر پٿرن ۽ سرن جي ان ڍير ۾ ڇا رکيو آهي؟منجهس اسان جي ابن ڏاڏن جي گذريل عظمت جي وهمي حقيقت لڪل هوندي آهي. سڄي دنيا ان وهم پرستيءَ جي ڪري پنهنجن قديم قدرن ۽ روايتن کي قائم رکي ٿي. عجائب گهر ان ڪري قائم ڪيا ويندا آهن جو اهي قديم زماني جي يادگارن کي ڏيکاري اسان جي دل ۾ اها تصوير ويهارڻ چاهن ٿا. تمدن ۽ تهذيب جي ٿنڀ کي ان وهمي حقيقت قائم رکيو آهي. جيڪڏهن انهن يادگارن کي برباد ڪيو وڃي ته دنيا جي قديم وحشت وري جاڳي پوي. ميدان ۾ هزارين لاش ڪٽجي ڪرن ٿا، مگر انسانيت جي اکين مان صرف ڳوڙها وهي هلن ٿا، پر جيڪڏهن هڪ ڪتاب گهر، هڪ عجائب گهر يا هڪ قلعو ڊاٿو وڃي ٿو ته تهذيب ۽ تمدن جي اک رت جي ڳوڙهن جو سيلاب وهائي ٿي. ڇا انساني خون کان اهي شيون وڌيڪ قيمتي آهن؟ ڇا انسان لاءِ سڀ ڪجهه آهي يا انسان سر ۽ پٿر تي ماتم ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي؟
پر جماعت انهن جي حفاظت لاءِ پنهنجو خون وهائي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها صرف وهمي اميد تي زندگي بسر ڪري ٿي ۽ هن جي اميدن جو مرڪز سندس دماغ آهي. هن پنهنجي شعور جي قوت کي وڃائي ڇڏيو آهي. هن جي اميد جو آشيانو هن جي قلعي جا برج هوندا آهن. جيستائين اهي قائم آهن، جماعت زندهه آهي. جيڪڏهن اهي برباد ٿي ويا ته سمجهڻ گهرجي ته جماعت جو سلسلو ٽٽي پيو!
جنگ جي ميدان ۾ بادشاهه جو تاج اوچتو زمين تي ڪري ٿو. هڪ فلاسفر جي نظر ۾ اهو نهايت معمولي واقعو آهي پر سموري فوج جا پير اُکڙي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو ئي هنن جي اميد جو سهارو هو.
5-هڪ گروهه تجربي کان به ڏاڍو متاثر ٿئي ٿو. جيڪڏهن بار بار جي تجربي سان اهو ثابت ڪيو وڃي ته ڪا قوم يا هڪ سلطنت ظالم آهي ته گروهه کي هن جي خلاف آسانيءَ سان ڀڙڪائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن لڳاتار واقعا ڪنهن قوم جي خوبين کي ظاهر ڪري چڪا هجن ته گروهه ان جي حمايت ۾ نهايت گرمجوشيءَ سان تيار ٿي وڃي ٿو. اسلام جي معاشرتي طريقن جنگ جي موقعن تي اڪثر ان حقيقت کي نمايان ڪيو آهي. مسلمانن جي مستقل همدردانه ۽ عادلانه رويي ۽ سهڻي سلوڪ، مختلف قومن کي پاڻمرادو، هن جي حلقي ۾ آڻي ڇڏيو هو. تاريخ اسلام ان جا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهي ٿي.
[b](الهلال، جلد-5، نمبر 15، 16 ۽ 17، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1914ع تان ترجمو ڪيل)
[/b]