تاريخ، فلسفو ۽ سياست

صدين جون صَدائون

ھي ڪتاب نامياري اسڪالر امام الھند مولانا ابوالڪلام آزاد جي مضمونن جو مجموعو آھي جنھن جو سنڌيڪار عبدالرزاق ڊکڻ آھي. ھن ڪتاب ۾ انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيل آھي.
Title Cover of book صدين جون صَدائون

انقلاب ۽ جنگ جي اصليت

حرب ۽ اسلام ۾ ڪنهن به قسم جو اتحاد ۽ اشتراڪ ڪو نه آهي. هِجِي ۽ ترڪيب جي لحاظ کان انهن ٻنهي لفطن ۾ هڪڙي اکر جو به ميل ميلاپ ڪونهي. لغوي معنيٰ ۾ اڃا ان کان به وڌيڪ اختلاف آهي. حرب جي لغوي معنيٰ کان هر هڪ واقف آهي پر جيڪڏهن ڪو بدقسمت انسان اهڙو به آهي، جنهن کي ان جي تحقيق جي ضرورت آهي ته قاموس ۽ لسان العرب جي ورق گرداني ڪرڻ بجاءِ هن کي دنيا جي برباديءَ جي تاريخ جو غور سان مطالعو ڪرڻ گهرجي، جنهن جو هڪ هڪ صفحو ان لفظ جو عبرت ۾ وجهندڙ تفسير بيان ڪري رهيو آهي.
جيڪڏهن هن کي ان مان به اطمينان نه ٿئي ته هن وقت يورپ جو جنگي ميدان( ) جامع لغت وانگر دنيا اڳيان کليل آهي. رت جا ريلا هن جي هڪ هڪ سٽ کي واضح ڪري رهيا آهن ۽ انهن سٽن ۾ اِن لفظ جي لالاڻ سولائيءَ سان نظر اچي سگهي ٿي!
پر جڏهن الله جي ڌرتيءَ جو امن خون جي لهرن ۾ ٻڏي ويو آهي. صلح ۽ آشتيءَ جي ديوي خون سان ٻڏل چادر ۾ منهن لڪائي ڇڏيو آهي. اطمينان ۽ سڪون کي خونخوار توبن ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ته اهڙي حالت ۾ لفظ اسلام جي لغوي تحقيق ڪرڻ نهايت مشڪل آهي. پوءِ دنيا کي ڪيئن يقين ڏيارجي ته ”ان لفظ جو مادو سلم آهي ۽ جنهن جي معنيٰ صلح آهي.“ صلح جو آخري نتيجو اطاعت ۽ فرمانبرداري آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته اسلام جي معنيٰ ”ڪنڌ جهڪائڻ“ آهي ته پوءِ دنيا جي سڀني مذهبن ۾ صرف اهو ئي هڪ مذهب اهڙو آهي، جيڪو صلح ۽ ڀائيچاري جو آخري سهارو آهي.
وَ اذۡکُرُوۡا نِعۡمَتَ اللّٰہِ عَلَیۡکُمۡ اِذۡ کُنۡتُمۡ اَعۡدَآءً فَاَلَّفَ بَیۡنَ قُلُوۡبِکُمۡ فَاَصۡبَحۡتُمۡ
بِنِعۡمَتِہٖۤ اِخۡوَانًا. (آل عمران-103)
”۽ خدا جي ان احسان کي ياد ڪريو، جڏهن توهان هڪ ٻئي جا دشمن هيؤ، ته خدا اوهان ۾ محبت ۽ الفت پيدا ڪئي ۽ اوهان ان جي فضل سان ڀائر ٿي ويؤ.“
جيئن ته هينئر پاڻ ۾ نفرت ۽ حقارت، اختلاف ۽ مخالفت، دشمني ۽ عداوت آهي. هن وقت تائين يورپ انهن ٻنهي لفظن (حرب ۽ اسلام) کي هم معنيٰ ۽ هڪ ٻئي جو مترادف سمجهندو رهيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن يورپيءَ اڳيان اسلام جو نالو ورتو وڃي ٿو ته سندس نظرن اڳيان جنگ جو هڪ وسيع، خونريز ۽ وحشت انگيز، غارت گر ۽ بدامنيءَ جو خوني منظر سامهون اچي وڃي ٿو. ان منظر کي ڏسي سندس نگاهه رت جي وهڪرن سان ملي وڃي ٿي. هن جي سامهون بي پرده ۽ اگهاڙين ٻانهين جون قطارون بيٺل نظر اچن ٿيون. هن جي آڏو خزاني جو هڪ ڍير لڳي وڃي ٿو، جنهن کي هر مجاهد لوڀ ۽ لالچ سان لٽي ۽ ڦري ٿو!
جيتوڻيڪ ان جو مخالفانه جواب نهايت سولائي سان يورپ جي جديد ۽ قديم تاريخ مان ڏيئي سگهجي ٿو، جو يورپ جي مذهبي جنون جي يادگار صليبي جنگ جي تاريخ کان وٺي دنيا جي امن ۽ سڪون کي پنهنجي اندر لڪائي ڇڏيو آهي. ان کان به وڌيڪ اهو ته يورپ جو موجوده جنگي ميدان ڪافي وقت کان قيامت جي حشر جهڙو بڻيل آهي، جنهن جي توپن جي منهن مان هي صدائون بلند ٿي رهيون آهن.
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اتَّقُوۡا رَبَّکُمۡ ۚ اِنَّ زَلۡزَلَۃَ السَّاعَۃِ شَیۡءٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱﴾ یَوۡمَ تَرَوۡنَہَا تَذۡہَلُ کُلُّ مُرۡضِعَۃٍ عَمَّاۤ اَرۡضَعَتۡ وَ تَضَعُ کُلُّ ذَاتِ حَمۡلٍ حَمۡلَہَا وَ تَرَی النَّاسَ سُکٰرٰی وَ مَا ہُمۡ بِسُکٰرٰی وَلٰکِنَّ عَذَابَ اللّٰہِ شَدِیۡدٌ ﴿۲﴾ (الحج-2-1)
” اي لوڪو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، ڇو ته وعدي ڪيل وقت وارو ڌڏاءُ وڏي مصيبت آهي. جنهن ڏينهن سڀ ڪا ٿڃ پياريندڙ ماءُ پنهنجي ٿڃ پياڪ ٻار کي (دهشت کان) وساريندي ۽ سڀ ڪنهن ڳڀ (حمل) واري جو ڳڀ ڪري پوندو ۽ توهان ماڻهن کي ڏسندؤ ته اُهي بيهوش ۽ بدحواس هوندا، حالانڪه اهي بيهوش نه هوندا پر خدا جو عذاب ڏاڍو سخت آهي، جنهن انهن کي بدحواس ڪري ڇڏيو آهي!“

[b]الحرب ۽ العرب:
[/b] پر ان سوال جي تحقيقي جواب لاءِ اسان کي سڀ کان پهريون عرب جي قديم تاريخ کي ڏسڻ گهرجي، جتان اسلام جو ظهور ٿيو هو، جنهن سماج ۾ اسلام نشو و نما پاتي هئي ۽ جنهن لاءِ يورپ کي گمان آهي ته اسلام خون جو درياهه وهايو هو. عربن ٻين قومن وانگر شروع کان ئي جنگ جو نهايت اڻ وڻندڙ مثال قائم ڪيو هو. سندن اڪثر لڙايون ڦرلٽ لاءِ هونديون هيون، جيڪي جنگيون غيرت ، خود داري، ننگ ناموس جي لاءِ وڙهيون وينديون هيون، تن ۾ پڻ غارتگريءَ جو وحشياڻو جنون صاف نظر ايندو هو، بلڪه اهڙي قسم جي جنگين ۾ بغض ۽ عداوت جا شعلا انهن وحشياڻين ڪاررواين کي اڃا به وڌيڪ خوفناڪ ڪر ي ڇڏيندا هئا. عرب جي جنگين جون خاصيتون هيٺينءَ ريت هيون.
(1) عورتن کي عام طور بي پردي ڪيو ويندو هو ۽ ان ڳالهه تي فخر محسوس ڪيو ويندو هو.
و عقليه يسعي عليها قيم
متفطرس ابديت عن خلخالها
”گهڻيون پرديدار عورتون آهن جن جا خوددار مڙس انهن جي حفاظت جي ڪوشش ڪن ٿا پر ان جي باوجود مان انهن جا پازيب لاهي ورتا.“
ان ڪري اهل عرب عورتن جي حفاظت ۽ سندن پردي کي پنهنجو سڀ کان وڏو ڪارنامو سمجهندا هئا. مٿئين شعر مان ان جي تصديق ٿئي ٿي. هڪ ٻيو شاعر چوي ٿو:
وخمار غاشيھ عقدت براسها
اصلاو کان منشرا بشمالها
” ۽ هڪ نوجوان عورت کي مون شام جي وقت رئو اوڍائي ڇڏيو، حالانڪه هوءَ سڄو ڏينهن بي پردي ۽ بدحواس رهي چڪي هئي.“
جنگ جي ميدان ۾ دشمن جي لاش کي بغض ۽ عداوت جي نشي ۾ ذليل ۽ خوار ڪرڻ ۽ گهلڻ اڪثر جو معمول هو. تنهن ڪري هي چوڻ ته ”مان مخالف کي جنگ جي ميدان ۾ پيرن کان وٺي گهليو،“ ان جملي جي مترادف هو ته ” مان هن کي قتل ڪيو،“ ڄڻ قتل ڪرڻ ۽ لاش کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لازم ۽ ملزوم هو.
هڪ شاعر چوي ٿو:
وشدواشده اخريٰ فجروا
بارجل مثلهم ورموا جوينا
”دشمنن ٻيو حملو ڪري پنهنجي مخالف جا پير پڪڙيا ۽ گهليو ۽ جوين کي تير ماريو.“
(2) دشمن جو نڪ ۽ ڪن ڪٽڻ ۽ سندس پيشانيءَ کي بگاڙڻ نه صرف مردن تائين محدود هو، بلڪه عورتون به ان ڪم ۾ مردن کان اڳريون هيون.
تاريخ اسلام ۾ حضرت حمزه رضه جي لاش جي هنده جنهن وحشياڻي نموني توهين ڪئي، سا ڏکوئيندڙ منظر پيش ڪري رهي آهي.
(3) دشمن کي زندهه باهه ۾ ساڙڻ هڪ تاريخي ڪارنامو ليکيو ويندو هو. هڪ شخص ڪنهن قوم کي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو هو، جنهن جي ياد ۾ عربن هن کي مُحرِق (جلائيندڙ) جو لقب ڏنو هو. عرب جي جنگي تاريخ ۾ هڪ نئين روايت پيدا ڪئي وئي. اهڙي طرح هڪ شاعر عرب جي چند بهادرن جي ساراهه ۾ ڪيڏي نه شان ۽ فخر سان چوي ٿو:
کانوا عليٰ الاعداءَ نار محرق،
ولقو مهم حرما من الاحرام.
”اهي ماڻهو دشمن لاءِ ته محرق جي باهه هئا، جنهن هڪ قوم کي زندهه ساڙي ڇڏيو هو، مگر پنهنجي قوم لاءِ پناهه گاهه وانگر هڪ پناهه گاهه هئا.“

[b]لغوي استدلال:
[/b] جيتوڻيڪ جنگ دنيا لاءِ هميشه هڪ مصيبت سمجهي وڃي ٿي پر عرب جي وحشياڻن جنگي طريقن، روم ۽ بابل جي جنگ اڃا به وڌيڪ هيبتناڪ ۽ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو هو. عربي ٻوليءَ ۾ جنگ لاءِ جيڪي لفظ، ترڪيبون استعارا استعمال ڪيا ويا هئا، تن سڀني مان ان جو اظهار ٿئي ٿو.
اهل عرب جنگ کي باهه سان تشبيهه ڏيئي، باهه جون سڀئي ڪيفيتون ثابت ڪرڻ گهرندا هئا:
و اوقد نارا بينهم بضرامها
لها وهج للمصطلي غير طائل
”۽ خدا ٻنهي قبيلن ۾ باهه جا شعلا ڀڙڪائي، جيڪي ڏنڀجڻ واري لاءِ سخت تڪليف ده هجن.“
خود قرآن مجيد به ان استعاري کي استعمال ڪري هڪ لطيف روايت پيدا ڪئي آهي.
کُلَّمَاۤ اَوۡ قَدُوۡا نَارًا لِّلۡحَرۡبِ اَطۡفَاَہَا اللّٰہُ ۙ.(المائدة-64)
”ته جڏهن انهن جنگ جي باهه کي ڀڙڪايو ته الله ان کي وسائي ڇڏيو.“
جنگ کي اُٺ سان ڀيٽ ڏيند اهئا، جيڪو سڀني کان وڌيڪ انتقام وٺندڙ جانور آهي ۽ جڏهن زمين تي ويهي ٿو ته سندس وزني سيني ۽ گردن جي بار سان ان شيءِ کي چُور چُور ڪري ڇڏي ٿو جيڪا هن جي هيٺان اچي وڃي ٿي.
انختم علينا کلکل الحرب مرة
فنحن منيخوها عليکم بکلکل
”جهڙي طرح اوهان، اسان جي مٿان جنگ جي اٺ کي ويهاري اسان کي چُور چُور ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءُ طرح اسان به اوهان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏينداسين.“
مفرد استعارا به اهڙي مفهوم تي دلالت ڪندا آهن. النطاح دنبن جي ويڙهه کي چوندا آهن. جيئن ته جنگين ۾ به اهڙي قسم جي درندگي ۽ حيوانيت جو اظهار ڪيو ويندو هو، ان ڪري حملو ڪرڻ کي ان لفظ سان ڀيٽ ڏيندا هئا.
والکر بعد الفراذ
کره التقدم والنطاح
” ۽ پاسو بچائڻ کان پوءِ حملو، جڏهن اڳتي وڌڻ ۽ ٽڪر هڻڻ ناگوار معلوم ٿيندو آهي.“
ان کانسواءِ مفرد لفظ به اهڙي قسم جي معنيٰ تي ٻڌل هوندا هئا. عربي ٻوليءَ ۾ جنگ لاءِ هڪ مروج لفظ ‘روع’ آهي، جنهن جي معنيٰ خوف ۽ دهشت آهي.
اذا حملتني والسلاح مشيحھ
اليٰ الروع لم اصبح عليٰ سلم وائل
”جڏهن گهوڙو مون کي هٿيارن سميت کڻي ڪنهن ميدان طرف ڊوڙندو ته مان بڪر بن وائل جي صلح کي قبول نه ڪندس بلڪه ڄمي وڙهندس.“
لڙائيءَ کي يوم ڪريهه به چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ آهي مصيبت ۽ تڪليف جا ڏينهن. جيڪي ماڻهو مانجهي مجاهد هوندا هئا، تن کي ‘ابن الڪريهه’ جو لقب ڏيندا هئا يعني مصيبت جو فرزند:
امافي بني حصن من ابن کريهھ
من القوم طلاب التراث غشمشم
”ڇا قبيلي بني حصن ۾ ڪو مصيبت (جنگ) جو انتقام وٺندڙ ۽ اولوالعزم فرزند ڪو نه آهي؟“

[b]حرب:
[/b] عربي ٻوليءَ جي ڪشادگي ان قسم جا سوين بلڪه هزارين مثال پيش ڪري سگهي ٿي پر سڀ کان وڌيڪ مناسب لفظ حرب هو جيڪو لغوي معنيٰ جي لحاظ کان جنگ جي مقصدن جو هڪ جامع تفسير آهي. دنيا ۾ صرف ڦرمار ڪرڻ يا بغض ۽ انتقام وٺڻ لاءِ جنگ جي باهه کي ڀڙڪايو ويندو هو. پهرين قسم جي جنگين کي (جيڪي صرف ڦرمار ڪرڻ لاءِ وڙهيون وينديون هيون) عربن هڪ معمول جي روايت بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري انهن ڪا به تاريخي حيثيت حاصل ڪا نه ڪئي پر ٻي قسم جي جنگين جي عبرت انگيز داستانن کي تاريخ محفوظ رکيو، جنهن لاءِ ادب جي اصطلاح ۾ ‘ايام الحرب’ جو لفظ جوڙيو ويو آهي.
لفظ ‘حرب’ انهن ٻنهي قسمن جي لڙاين جي سببن ۽ مقصدن تي پورو بيهي ٿو، جيئن لغت جي وضاحت مان ثابت ٿئي ٿو ته:
حرب خشمگين شدن، تحريب بر غالا نيدن و خشم گرفتن، و بخشم آوردن و تيز کردن سنان را، حربيھ الرجل مالُه الذي يعيش به، حربُ گرفتن مال کسي و بي چيز ماندن. وقد حرب مالُه اي سلبه فهو محروب و حريب واحربته اي دللته عليٰ ما يغنمُه من عدو.
”حرب جي معنيٰ ڪاوڙجڻ آهي ۽ تحريب جي معنيٰ ڀڙڪائڻ، ڪاوڙ ڪرڻ، ڪاوڙ ڏيارڻ ۽ نيزو تيز ڪرڻ آهي. حربيھ ان مال کي چوندا آهن جنهن تي ماڻهو زندگي گذاري ٿو. حرب جو اطلاق ڪنهن جو مال وٺڻ ۽ ڪنگال رهجي وڃڻ تي به ٿئي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ”حُرِب ماله“ يعني هن جو مال کسيو ويو. ڦريل شخص کي ‘محروب’ ۽ ‘حريب’ چوندا آهن. چئبو آهي ته ”احربتُه“ يعني مان ڪنهن کي دشمن جي مال متاع جو ڏس ڏنو.
اها ئي قوم، اهو ئي لٽريچر ۽ اها ئي ٻولي هئي، جنهن ۾ قرآن مجيد نازل ٿيو. هاڻي اسان کي ڏسڻ گهرجي ته قرآن عربن جي عقيدن، عملن، چال چلت ۽ اٿي ويٺيءَ ۾ ڪهڙا سڌارا آندا ۽ تبديليون ڪيون. عرب جي جنگي تاريخ تي ۽ ٻي سموري دنيا جي جنگي تهذيب تي انهن تغيرات ۽ سڌارن جو ڪو اثر پيو به يا نه؟

[b]الحرب ۽ القرآن:
[/b] قرآن مجيد عقيدن، عملن، اخلاق، اُٿي ويٺي ۽ چال چلت متعلق جيڪي سڌارا آندا، سي رڳو اندروني سطح تائين محدود ناهن پر انهن جو اثر ظاهري طور تي به ٿيو آهي. لفظ ۽ اصطلاح جيتوڻيڪ حقيقي شيءِ ناهن پر معنيٰ جو پردو ضرور آهن، جيڪو مٿن چاڙهيو وڃي ٿو. پر جيئن ته اسلام باطني توڙي ظاهري اصلاح ڪئي، ان ڪري هن ٻين سمورين شين سان گڏ عربي لٽريچر ۽ عربي ٻوليءَ جو پڻ سڌارو ڪيو آهي.
ٻولي حقيقت ۾ اسان جي نفسياتي ڪيفيتن جي سفير ٿئي ٿي، جيڪا نهايت ديانتداريءَ سان اسان جي دل جو پيغام دنيا کي پهچائي ٿي. ان بنياد تي اها اسان جي خيالن، عقيدن، اخلاق ۽ عادتن جي ماتحت آهي. جيئن ته جاهليت جي زماني ۾ انسان جا خيال نهايت ڪُڌا ۽ ذليل هوندا آهن، ان ڪري لفظن ۽ ٻوليءَ تي به انهن جو اثر پوندو آهي. ڪمينين قومن ۾ سوين فحش لفظ ان اخلاقي زوال جي ڪري رواج ۾ اچي وڃن ٿا، جن کي هڪ مهذب ۽ با اخلاق ماڻهو ٻڌڻ به پسند نٿو ڪري. عرب جي جاهليت ۽ بدويت ان قسم جا جيڪي لفظ پيدا ڪيا هئا، تن کي اعليٰ درجي جو اهو تمدن قبول ڪري نٿي سگهيو، جنهن کي قرآن مجيد پيدا ڪرڻ چاهيو ٿي. تنهن ڪري قرآن مجيد اهڙن سمورن لفظن جي اصلاح ڪري، انهن کي بدلائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هيٺ چند مثال پيش ڪجن ٿا.
خيالن جي اظهار جو سڀ کان وڌيڪ نازڪ موقعو اهو هوندو آهي، جڏهن انسان ازدواجي تعلق ۽ ميل ميلاپ جا لاڳاپا بيان ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندو آهي. عرب جي مشهور شاعر امرا القيس، جنهن فحش نموني اهڙن خيالن کي ظاهر ڪيو هو، اسلامي ادب جي سموري تهذيب ان کان پاڪ آهي.
و مثلک حلبي قد طرقت و مرضع
فالهيتها عن ذي تمائم محول
‘تو جهڙيون ڪيتريون محبوبائون جيڪي پنهنجن ٻارن کي کير پياريندڙ آهن، تن کي مان پنهنجي محبت ۾ ايڏو ته مست ڪيو، جو اهي پنهنجن معصوم ٻارن کي وساري ويٺيون.’
پر قرآن مجيد ۾ خاص ڪري عورتن متعلق سورت النساءَ نازل ٿي. جيئن ته ان ۾ عورتن جي نڪاح ۽ طلاق جا سڀئي مسئلا بيان ٿيل آهن، تنهن ڪري فطري طور تي نازڪ موقعا بار بار بيان ٿيڻا هئا پر قرآن مجيد جن مهذب لفظن ۽ لطيف اشارن سان انهن جو ذڪر ڪيو آهي، شرم ۽ حياءَ تن کي پنهنجي چهري جو نقاب سمجهي ٿو.
مثال طور هي مفهوم ادا ڪرڻو هو ته پنهنجي گهرواريءَ سان جماع ڪرڻ کانپوءِ حق مهر واپس نٿو وٺي سگهجي. ان کي قرآن مجيد هنن لفظن ۾ ادا ڪيو آهي.
وَ کَیۡفَ تَاۡخُذُوۡنَہٗ وَ قَدۡ اَفۡضٰی بَعۡضُکُمۡ اِلٰی بَعۡضٍ وَّ اَخَذۡنَ مِنۡکُمۡ مِّیۡثَاقًا غَلِیۡظًا ﴿۲۱﴾
(النساء: 21)
” ۽ توهان انهن کان حق مهر ڪيئن ٿا واپس وٺي سگهو، حالانڪه توهان مان هڪ، ٻئي تائين پهتو ۽ عورتن توهان کان پڪو واعدو ورتو.“
قرآن حڪيم هڪ ٻئي موقعي تي ان لاءِ لمس جو خاص لفظ ڪتب آندو آهي، جنهن جي معنيٰ ‘ڇهڻ’ آهي. مرد ۽ عورت جي ميلاپ کي صرف ‘عورت کي ڇهڻ’ سان تعبير ڪري ٿو:
اَوۡ لٰمَسۡتُمُ النِّسَآءَ فَلَمۡ تَجِدُوۡا مَآءً فَتَیَمَّمُوۡا صَعِیۡدًا طَیِّبًا. (النساء: 43)
”جيڪڏهن اوهان عورتن کي ڇهيو هجي ۽ غسل لاءِ پاڻي نه ملي ته پاڪ زمين تي تيمم ڪندا ڪريو.“
انسان جي ڪن فطري حاجتن جو ذڪر ڪرڻ به اڪثر حالتن ۾ تهذيب جي خلاف سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري قرآن حڪيم جاءِ ضرورت جو خيال لاهڻ جو ذڪر ‘غائط’ سان ڪيو آهي، جنهن جي معنيٰ هموار زمين آهي، ڇاڪاڻ ته انسان فضاءَ حاجت لاءِ اڪثر سڌي زمين جي چونڊ ڪندو آهي.
اَوۡ جَآءَ اَحَدٌ مِّنۡکُمۡ مِّنَ الۡغَآئِطِ اَوۡ لٰمَسۡتُمُ النِّسَآءَ فَلَمۡ تَجِدُوۡا مَآءً فَتَیَمَّمُوۡا
صَعِیۡدًا طَیِّبًا.(النساء: 43)
”جيڪڏهن اوهان مان ڪو شخص جاءِ ضرورت جي خيال کان ٿي اچي يا عورتن کي ڇُهيو هجيوَ ۽ پاڻي نه لهو، ته پاڪ زمين تي تيمم ڪندا ڪريو.“
ماڻهو اڪثر کل ڀوڳ ۾ يا بيعزتي ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا نالا بگاڙي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ اهي بگڙيل نالا اصلي ٿي پوندا آهن. مديني ۾ ان جو عام رواج هو. بظاهر اها هڪ معمولي ڳالهه هئي پر ان ڳالهه متعلق قرآن مجيد ۾ هڪ خاص آيت نازل ٿي:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا یَسۡخَرۡ قَوۡمٌ مِّنۡ قَوۡمٍ عَسٰۤی اَنۡ یَّکُوۡنُوۡا خَیۡرًا مِّنۡہُمۡ وَ لَا نِسَآءٌ مِّنۡ نِّسَآءٍ عَسٰۤی اَنۡ یَّکُنَّ خَیۡرًا مِّنۡہُنَّ ۚ وَ لَا تَلۡمِزُوۡۤا اَنۡفُسَکُمۡ وَ لَا تَنَابَزُوۡا بِالۡاَلۡقَابِ ؕ بِئۡسَ الِاسۡمُ الۡفُسُوۡقُ بَعۡدَ الۡاِیۡمَانِ ۚ وَ مَنۡ لَّمۡ یَتُبۡ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۱۱﴾ (حجرات: 11)
”مسلمانو! ڪا قوم ڪنهن قوم تي ٺٺولي نه ڪري، شايد اها ان کان بهتر هجي ۽ نه زالون ٻين زالن سان ٺٺوليون ڪن جو متان اُهي انهن کان ڀليون هجن. هڪ ٻئي جي بيعزتي ڪرڻ جي غرض سان اشاري بازيون نه ڪريو، ماڻهن جا نالا نه بگاڙيو، ايمان آڻڻ کانپوءِ اهڙن نالن جو هجڻ ڪيڏي نه خراب ڳالهه آهي ! ۽ جيڪي ماڻهو هاڻي به نه مُڙيا ته اهي ظالم آهن.“
اهي اصطلاح انهن خيالن جي اظهار جي طريقي متعلق نه هئا جن جي حقيقت کي اسلام نه بدلايو هو پر اسلام جنگ جي حقيقت، ان جي سببن ۽ مقصدن ۾ هڪ عظيم الشان انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، جيئن پهريان بيان ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري جنگ متعلق عربن جو لٽريچر ان اصلاح جي وڌيڪ لائق هو. عرب ۾ جنگ لاءِ سوين لفظ، ترڪيبون، محاورا ۽ استعارا پيدا ڪيا ويا هئا پر اهي سڀئي هڪ وحشياڻي جنگ لاءِ مناسب هئا. هڪ مهذب قوم، ترقي يافته نظام، صلح پسند مذهب، هڪ امن جي ڳولائو جماعت لاءِ اهي لفظ استعمال ڪرڻ جي قابل نه هئا.

[b]الجهاد:
[/b] تنهن ڪري جنگ جي حقيقت ۽ انقلاب سان گڏ اسلام سڀني لفظن ۽ محاورن کي هڪدم بدلائي ڇڏيو ۽ اسلامي غذوات لاءِ صرف هڪ سادولفظ ”جهاد“ استعمال ڪيو، جنهن مان جنگ وانگر نه غضب ۽ درندگيءَ جا جذبا ظاهر ٿين ٿا ۽ نه ڦر لٽ ۽ حيوانيت جي بوءِ اچي ٿي، بلڪه اهو لفظ صرف ان ڪوشش تي اُڪسائي ٿو، جيڪا هڪ اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري سگهجي ٿي. پوءِ چاهي اها طاقت، زبان، بدني افعال يا ترار جي نوڪ ذريعي حاصل ڪري سگهجي.
وَ اَنۡ لَّیۡسَ لِلۡاِنۡسَانِ اِلَّا مَا سَعٰی ﴿ۙ۳۹﴾ (النجم: 39)
”انسان کي صرف پنهنجي ڪوشش جو صلو ملي سگهي ٿو.“
قرآن حڪيم جنگ جي هر موقعي تي انهيءَ لفظ کي استعمال ڪيو آهي ۽ قرآن جي اصطلاح ۾ ان لفظ جو اطلاق ۽ استعمال صرف جنگ ۽ خون ريزيءَ تائين محدود ناهي، بلڪه عام ڪري ان ذريعي ايثار ۽ قرباني، نفس تي ضابطي ۽ پاڪائي، امن ۽ سلامتي ۽ اخلاق ۽ ڪردار جو اظهار ڪيو ويو آهي.
لٰکِنِ الرَّسُوۡلُ وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مَعَہٗ جٰہَدُوۡا بِاَمۡوَالِہِمۡ وَ اَنۡفُسِہِمۡ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ لَہُمُ الۡخَیۡرٰتُ ۫ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۸۸﴾ (التوبه: 88)
” مگر رسول ۽ اهي ماڻهو جن هن سان گڏ ايمان آندو، سي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي جان و مال ٻنهي سان جهاد ڪيو ۽ سڀئي ڀلايون ۽ خوش نصيبيون انهن لاءِ مخصوص آهن ۽ اهي ڪامياب آهن.“
وَ الَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمۡ سُبُلَنَا ؕ وَ اِنَّ اللّٰہَ لَمَعَ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿٪۶۹﴾
(العنکبوت: 69)
” ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي راهه ۾ (يعني حق جي واٽ تي هلڻ لاءِ) هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا تن کي اسان پنهنجي (سڌين ۽ حقيقي) واٽن تي آڻينداسين ۽ (ياد رکو ته) يقيناً الله تعاليٰ نيڪي ڪندڙن سان شامل آهي ۽ سندن مددگار آهن.“
ان آيت ۾ نفس ۽ روح جي جهاد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کي هيٺين ام الاحاديث يعني حديث جبريل ۾ پاڻ سڳورن ﷺ بلڪل واضح ڪري ڇڏيو آهي:
ان تعبد الله کانک تراه فالم تکن تراه فِانه يراک (مشڪوات)
”خدا جي عبادت اهڙي طرح ڪيو ڄڻ توهان ان کي ڏسي رهيا آهيو ۽ جيڪڏهن ائين نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته استغراق ضرور هجي ڄڻ هو توهان کي ڏسي رهيو آهي.“
ثُمَّ اِنَّ رَبَّکَ لِلَّذِیۡنَ ہَاجَرُوۡا مِنۡۢ بَعۡدِ مَا فُتِنُوۡا ثُمَّ جٰہَدُوۡا وَ صَبَرُوۡۤا ۙ اِنَّ رَبَّکَ مِنۡۢ بَعۡدِہَا لَغَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۱۰﴾٪ (النحل:110)
”انهن ماڻهن لاءِ جن سخت آزمائش کانپوءِ هجرت ڪئي، پوءِ جهاد ڪيو ۽ صبر ڪيو، الله جو فضل تيار آهي. خدا اهڙين صداقتن کان پوءِ ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.“
وَ تَوَاصَوۡا بِالۡحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ ٪﴿۳﴾ (العصر:3)
”اهي مسلمان ڪامياب آهن، جن حق ۽ صبر جي تلقين ڪئي.“
اِنَّ اللّٰہَ یُحِبُّ الَّذِیۡنَ یُقَاتِلُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِہٖ صَفًّا کَاَنَّہُمۡ بُنۡیَانٌ مَّرۡصُوۡصٌ ﴿۴﴾ (الصف:4)
”خدا انهن ماڻهن کي دوست رکي ٿو جيڪي هن جي واٽ ۾ اهڙي طرح استقلال سان صف ٻڌي وڙهندا آهن، ڄڻ اُهي سيهي پلٽيل ديوار آهن.“

[b]القتال اسلامي:
[/b] انهن آيتن مان واضح ٿئي ٿو ته اسلامي جهاد جي حقيقت صبر ۽ استقلال، ايثار ۽ قربانيءَ سان متقوم ٿئي ٿي. مال غنيمت جي تمنا، غضب ۽ قهر جو اظهار نه ته هن جي حقيقت ۾ داخل آهي ۽ نه ئي ان جو مقصد. اهي صرف عارضي شيون آهن. جهاد جو اصلي مقصد انهن کان گهڻو مٿانهون آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسلام جي شروعاتي دور ۾ مال غنيمت جي طلب تي عتاب الاهي نازل ٿيو هو.
فلما کان يوم بدر وَهو في الغنائم قبل ان تحل لهم فانزل الله ”لولاکتابُ من الله سبق لمسکم فيمآ اخذتم عذاب عظيم.“ (الانفال-68) (ترمذي ڪتاب التفسير، ص:305)
”جڏهن بدر جو واقعو پيش آيو ته صحابي مال غنيمت گڏ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا، حالانڪه اهو اڃا حلال نه ٿيو هو ، ان تي خدا هيءَ آيت نازل فرمائي ته جيڪڏهن خدا جي مشيت ان (معافيءَ) جو فيصلو نه ڪري ڇڏيو هجي ها ته جيڪو مال توهان بطور غنيمت جي لٽيو آهي، ان تي تمام وڏو عذاب نازل ٿئي ها.“
ان حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام جي سڀ کان پهرين ۽ وڏي جهاد جي معرڪي ۾ غنيمت جو مال حرام هو، حالانڪه جيڪڏهن اسلامي جهاد جو مقصد ڦرمار ڪرڻ هجي ها ته قريش جي تجارت جو قافلو اسلام جي دامن کي چڱي طرح ڀري پئي سگهيو. ان لاءِ اهو ئي ان جو مناسب موقعو هو. جيتوڻيڪ ان کانپوءِ غنيمت جو مال حلال ڪيو ويو، تنهن هوندي به ان سان جهاد جي ثواب ۽ نيت جي پُرخلوص هجڻ ۾ ڪمي اچي ويندي هئي.
مَامن غازية تغزوا في سبيل الله فيصيبون الغنيمته الا تعجلوا ثلثي اجرهم من الاخرة ويبقي لهم الثلثُ وان لم يصيبوا غنيمته تم لهم اجر. (مسلم، جلد:2)
”جيڪا فوج خدا جي واٽ ۾ وڙهي مال غنيمت حاصل ڪندي آهي ته ان کي آخرت جي ثواب جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو فوراً ملي وڃي ٿو ۽ باقي هڪ ڀاڱي ٽي وڃي بچندو آهي ۽ پوءِ جڏهن ڦرلٽ نٿي ڪري ته اهو ٽيون حصو به ملي وڃي ٿو.“
انتقام وٺڻ جي جذبي تي خود پاڻ سڳورن ﷺ کي خدا خبردار ڪيو ويو:
لَیۡسَ لَکَ مِنَ الۡاَمۡرِ شَیۡءٌ اَوۡ یَتُوۡبَ عَلَیۡہِمۡ اَوۡ یُعَذِّبَہُمۡ فَاِنَّہُمۡ ظٰلِمُوۡنَ ﴿۱۲۸﴾
(آل عمران: 128)
”اوهان کي ان جو ڪو حق ناهي، يا ته خدا انهن جي توبه قبول ڪندو يا عذاب ڏيندو، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو ظالم آهن.“

[b]وعدو پاڙڻ:
[/b]دوکو ۽ بيوفائي جنگ جي عام روايت هوندي هئي. عورتن، ٻارن، قاصدن ۽ نوڪرن کي قتل ڪرڻ ۾ ڪو فرق نه رکيو ويندو هو، بلڪه سڀني کي ترار سان ڪٺو ويندو هو. دشمن کي جيئرو باهه ۾ ساڙيو ويندو هو، دشمن جا نڪ ۽ ڪن ڪٽي فخر طور هار ڪري پاتا ويندا هئا. دشمن جا هٿ ۽ پير ٻڌي کين قتل ڪيو ويندو هو، کائڻ پيئڻ لاءِ رستي ۾ ڪنهن کي ڦرڻ معمولي ڳالهه هئي پر اسلام جنگ جي ان وحشياڻي روايت کي بدلائي، اهڙين سمورين وحشياڻين ڪاررواين کي ختم ڪري ڇڏيو.
لکل غادر لواءُ يوم القيام يعرف به يقال هذا غدرة فلان (مسلم)
”قيامت ۾ هر بد عهد لاءِ هڪ جهنڊو کڙو ڪيو ويندو، جنهن جي ذريعي هو سڃاتو ويندو ۽ اعلان ٿيندو ته فلاڻي وعدي جي خلاف ورزي جو جهنڊو آهي.“
هڪ ٻي حديث آهي ته:
ان امراة وجدت في بعض مغازي رسول الله مقتولته فانکر رسول الله قتل النساءِ والصبيان. (مسلم)
”پاڻ سڳورن ﷺ ڪنهن لڙائيءَ ۾ هڪ عورت کي قتل ٿيل ڏٺو ته ان تي پاڻ ﷺ جن ٻارن ۽ عورتن کي قتل ڪرڻ کان سختيءَ سان منع فرمايائون.“
مسيلمه ڪذاب جو جڏهن قاصد خط کڻي آيو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو:
لولا ان الرسول لا تقتل لضربت اعنا قکا (ابودائود)
”جيڪڏهن قاصد کي قتل ڪرڻ جائز هجي ها ته مان تنهنجي گستاخيءَ جي بدلي ۾ تنهنجي ڪنڌ ڪپايان ها. هاڻي وڃ تون امن ۾ آهين.“
ابو دائود ۾ هڪ ٻي وضاحت هن طرح آهي:
لاتقتلن امراة ولاصبيا
” عورتن ۽ ٻارن کي هرگز قتل نه ڪيو وڃي.“
باهه ۾ ساڙڻ کان به روڪي ڇڏيائون.
لاينبغي ان يعذب بالنار الارب النار. (ابو دائود)
”باهه جو عذاب صرف خدا ڏيئي سگهي ٿو.“
پاڻ سڳورن ﷺ مسلمانن لاءِ جهاد ۾ اخلاق جو اعليٰ ترين نمونو قائم ڪيو ۽ اخلاقي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو:
قال: اعفُ الناس قتلته اهل ايمان.
”سڀ کان وڌيڪ محفوظ ۽ باپرده مسلمانن جا مقتول دشمن آهن.“
عضوا ڪپڻ جي جاهلاڻي رسم جي منع ڪيائون. ان باري ۾ ڪيتريون ئي وضاحتون آهن:
کان يحثنا علي الصدقه وَينهانا عن المثلته. (ابودائود)
”پاڻ سڳورا ﷺ اصحابن کي صدقو ڏيڻ جي ترغيب ڏيندا هئا ۽ ماڻهن جا عضوا وڍڻ کان روڪيندا هئا.“
دشمن کي ٻڌي عضوا ڪپڻ ۽ عذاب ڏيئي مارڻ جو رواج اڄڪلهه جي مهذب قومن لاءِ فخر سمجهيو وڃي ٿو پر اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ حجاز جي ريگستان جو اسلامي تمدن هي هو:
غزونا مع عبدالرحمان بن خالد بن وليد فاتي باربعته اعلاج من العدو فامربهم يقتلوا صبرا.... فبلغ ذلک بايوب الانصاري فقال سمعت رسول الله (صلي الله عليھ وآلھ وسلم) نهي عن قتل الصبر فوالذي نفسي بيده لو کانت دجاجھ مان صبرتها. فلغ ذلک عبدالرحمن بن خالد بن اوليد فاعتق اربعة رقاب.
(ابو دائود)
”اسين عبدالرحمان بن وليد سان هڪ غزوي ۾ شريڪ هئاسين ته چئن ڪافر دشمنن کي پڪڙي آندو ويو. هن انهن کي ٻڌي قتل ڪري ڇڏيو. ابو ايوب انصاري رضه کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته ان چيو ته پاڻ سڳورن ﷺ اهڙي قسم جي قتل کان منع فرمايو آهي. خدا جو قسم! جيڪڏهن ڪڪڙ به هجي ها ته ان کي ٻڌي ايئن نه ڪُهان ها. خالد کي جڏهن معلوم ٿيو ته هن ان جي ڪفاري ۾ چار غلام آزاد ڪري ڇڏيا!!“
الله اڪبر! ڇهين صدي عيسويءَ جي ريگستان ۾ رهندڙ عربن جي اخلاق ۾ انسان دوستيءَ جو اهو حال هو جنهن جهڙو مثال اڄ بيلجيم جي مهذب ايوانن ۾ به نٿو ملي سگهي. اڃا وڌيڪ اهو ته ڦرمار ڪرڻ ۽ مال متاع لٽڻ کان مسلمانن کي خاص طور روڪيو ويو:
قال ان النهبة ليست باحل من الميتة. (ابودائود)
” پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته ڦرمار جو مال بلڪل اهڙو ئي آهي جهڙو مردار گوشت، اهو مردار گوشت کان وڌيڪ حلال ناهي.“
ان کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي جزوي ڳالهيون هيون جيڪي بظاهر معمولي معلوم ٿينديون هيون پر حقيقت ۾ ان قسم جون شيون وحشت ۽ پرامن شهريت جي وچ ۾ هڪ حد قائم ڪن ٿيون. مثلاً عرب رومين ۽ قرطاحنين وانگر جنگ ۾ ڏاڍو گوڙ ڪندا هئا، ان ڪري ويڙهه کي، عربي ٻولي ۾ ‘وغيٰ’ چوندا آهن جنهن جي معنيٰ گوڙ گهمسان آهي. جاهليت واري دؤر جو هڪ شاعر چوي ٿو:
قد ضجت معن بجمع ذي لجب،
قيساً و عبد الهم بالمنهب
”قيس قبيلو پنهنجن تابعدارن سان گڏ منهب ۾ معن قبيلي جي گوڙ ڪرڻ وارن جانبازن کان شڪست کائي ويو ۽ ڦرجي ويو.“
پر اسلام لڙ ۽ ڌمچر جي جاءِ تي غزوات ۾ سڪون ۽ وقار پيدا ڪيو.
کان اصحاب النبي (ﷺ) يکرهون الصوت عند القتال.
”اصحاب ڪرام جنگ ۾ گوڙ کي ناپسند ڪندا هئا.“
هڪ دفعي اصحاب سڳورن ڪنهن غزوي ۾ زور سان تڪبير جا نعرا هنيا ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته:
اربعو اعليٰ انفسکم انکم لاتدعون اصم. (ابودائود)
”ابودائود روايت ڪيو آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته آهستي آهستي، خدا ٻوڙو ته ناهي جو اوهان زور سان ان کي پڪاريو ٿا.“
عرب جي جنگجو فطرت هميشه جنگ ۽ جهڙي جي منتظر رهندي هئي ۽ ان کي مال حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهندي هئي. هڪ جاهلي شاعر چوي ٿو:
فلئن بقيت لا رحلن بغزوة،
تحوي الغنائم اويموت کريم.
”هاڻي جيڪڏهن جيئرو رهيس ته هڪ اهڙي جنگ جي تياري ڪندس جيڪا مال غنيمت گڏ ڪرڻ جو بهترين ذريعو هوندي، نه ته شرافت جي زندگي گذاري مري ويندس.“
پر پاڻ سڳورن ﷺ جن مسلمانن کي اهڙين اڻ وڻندڙ اميدن کان منع فرمايو ۽ قتل ڪرڻ جي تمنا کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو:
قالا لاتمنوا لقاءَ العدو فاذا لقيتمو هم فاصبروا (مسلم)
”دشمن سان مقابلي ڪرڻ جي آرزو نه ڪريو پر جڏهن مقابلو ٿئي ته پوءِ صبر ڪريو.“

[b]القتال ۽ الحرب:
[/b] جنگ جون اهي وحشياڻيون ڪارروايون هيون، جن تي ‘حرب’ جو مفهوم مشتمل هو ۽ اهل عرب عملي طور حرب جو اهو ئي نمونو قائم رکيو هو، جيڪو دنيا جي ٻين سڀني قومن بڻايو هو پر اسلام جنگ جي انهن سڀني آثارن ۽ نشانن کي ميساري هڪ نئون سماجي نظام قائم ڪيو. ان بنيادي لغت ۽ حقيقت جي حيثيت سان اسلامي جهاد تي حرب جو اطلاق نه ٿي سگهندو هو. اهو ئي سبب آهي ته قرآن مجيد ۾ جهاد لاءِ ڪٿي به ان لفظ کي استعمال نه ڪيو ويو آهي. البت جهاد جي هڪ خاص صورت کي قتال سان تعبير ڪيو ويو آهي جيڪو بي عقلن لاءِ ظاهري مفهوم جي لحاظ کان نهايت خطرناڪ لفظ آهي، حالانڪه جهاد ۽ قتال ۾ هڪ طرح جو عام ۽ خاص جو فرق آهي:
فَاقۡتُلُوا الۡمُشۡرِکِیۡنَ حَیۡثُ وَ جَدۡتُّمُوۡہُمۡ. (التوبه:5)
”ڪافرن کي جتي به لهو تتي کين قتل ڪيو.“
وَ اقۡتُلُوۡہُمۡ حَیۡثُ ثَقِفۡتُمُوۡہُمۡ وَ اَخۡرِجُوۡہُمۡ مِّنۡ حَیۡثُ اَخۡرَجُوۡکُمۡ.(البقر ة:191)
”ڪافرن کي جتي لهو اتي قتل ڪيو ۽ جتان اوهان کي ڪڍيائون اُتان اوهان به انهن کي ڪڍو.“
پر هڪ ٻي آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته اها لفظ جي لفظ سان ڀيٽ آهي، جيڪا ڳالهه ۾ زور پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي. خدا پاڻ متعلق فرمائي ٿو:
وَ مَکَرُوۡا وَ مَکَرَ اللّٰہُ ؕ وَ اللّٰہُ خَیۡرُ الۡمٰکِرِیۡنَ ﴿٪۵۴﴾ .(آل عمران:54)
حالانڪه خدا مڪار ناهي پُرزور طريقي سان ڪافرن جي برن عملن جو جواب ڏنو ويو آهي. جيئن اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ چوندا آهيون ته برائي جو بدلو برائي آهي، حالانڪه برائي خود برائي آهي مگر هن جو بدلو برائي ناهي پر اهو ته عدل جي قانون جو احسن انجام آهي. ارشاد خداوندي آهي:
وَ جَزٰٓؤُا سَیِّئَۃٍ سَیِّئَۃٌ مِّثۡلُہَا ۚ.(الشوريٰ-45)
”برائي جو بدلو اُهڙي برائي آهي.“
اهڙي نموني ان لفظ کي استعمال ڪيو ويو آهي، نه ته ان جي حقيقي معنيٰ برائي ناهي ۽ نه ٿي سگهي ٿي. جهڙي طرح خدا جي مڪر مان حقيقي مڪر مراد نٿي وٺي سگهجي. اهڙيءَ طرح هت قتال مان مراد نيا جو عام قتال ناهي:
فَاِنۡ قٰتَلُوۡکُمۡ فَاقۡتُلُوۡہُمۡ ؕ. (البقرة:191)
”جيڪڏهن اوهان سان مقابلو ڪن ته توهان به انهن سان مقابلو ڪيو.“
جيڪڏهن ان کي تسليم نه ڪيو وڃي، تڏهن به خود ڪافرن جي عملن جي شامت جو نتيجو آهي ۽ جهاد جو اصل مقصد ناهي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي آيت ۾ ان جي وضاحت ڪئي ويئي آهي:
فَمَنِ اعۡتَدٰی عَلَیۡکُمۡ فَاعۡتَدُوۡا عَلَیۡہِ بِمِثۡلِ مَا اعۡتَدٰی عَلَیۡکُمۡ ۪ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ مَعَ الۡمُتَّقِیۡنَ ﴿۱۹۴﴾.(البقرة-194)
”جيڪو شخص اوهان تي زيادتي ڪري، توهان به ان جهڙي زيادتي ڪري سگهو ٿا پر ان کان وڌيڪ زيادتي ڪرڻ ۾ خدا کان ڊڄو ۽ يقين ڪريو ته خدا پرهيزگارن سان گڏ آهي.“

[b]ڇهه آيتون:
[/b] سموري قرآن مجيد ۾ جهاد تي لفظ ‘حرب’ جو اطلاق ڪٿي به نه ڪيو ويو آهي. صرف ڇهن جاين تي حرب جو لفظ آيو آهي. حالانڪه سمورو قرآن مجيد جهاد جي ترغيب سان ڀريو پيو آهي.
1-وَ الَّذِیۡنَ اتَّخَذُوۡا مَسۡجِدًا ضِرَارًا وَّ کُفۡرًا وَّ تَفۡرِیۡقًۢا بَیۡنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ وَ اِرۡصَادًا لِّمَنۡ حَارَبَ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ مِنۡ قَبۡلُ ؕ.(التوبه: 107)
” جن ماڻهن مسلمانن کي نقصان پهچائڻ، ڪفر ڪرڻ ۽ منجهن ڦوٽ وجهڻ ۽ ان شخص جي وجهه وٺڻ لاءِ جنهن خدا ۽ ان جي رسول سان اڳ ويڙهه ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪفر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مسجد ٺاهي آهي.“
هن آيت ۾ لفظ حرب کي استعمال ڪيو ويو آهي پر ان جو اسلامي جهاد سان ڪو به واسطو ناهي. هڪ عرب ابو عامر واهب هو، جنهن مذهبي لئي کي پاڻ سڳورن ﷺجي بعثت سان نقصان پهتو هو. ان پنهنجي عزت ۽ مان کي قائم رکڻ لاءِ ڪيتريون ئي جنگيون ڪيون هيون. ان ڪري آيت ۾ مِن قَبلُ جو لفظ خود ان ڳالهه جي دلالت ڪري ٿو پر جڏهن هوازن قبيلي شڪست کاڌي ته هو شام ڏانهن ڀڄي ويو. اُتان مديني ۾ رهندڙ منافقن ڏانهن پيغام موڪليائين ته توهان هڪ مسجد ٺاهي اُتي آکاڙو ڄمايو ۽ جنگي هٿيار به گڏ ڪيو. مان قيصر روم کان مدد وٺي اچان ٿو ۽ محمد (ﷺ) کي مديني مان ڪڍي ساهه پٽيندس. ان جي اشاري تي مديني ۾ رهندڙ منافقن هڪ مسجد ٺاهي، جنهن کي بعد ۾ پاڻ سڳورن ﷺ ڊاهي باهه لڳائي ڇڏي. ان مان صاف ظاهر آهي ته ان جنگ جو مقصد صرف، بغض، انتقام، دغا ۽ دولاب، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ رياست جي طلب هو، جنهن تي لفظ حرب جي لغوي حقيقت بلڪل ٺهڪي اچي ٿي. ان ڪري قرآن مجيد ان لفظ کي صحيح لغوي مفهوم ۽ معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي، نه ڪِي جهاد لاءِ.
2- اِنَّمَا جَزٰٓؤُا الَّذِیۡنَ یُحَارِبُوۡنَ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ وَ یَسۡعَوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ فَسَادًا اَنۡ یُّقَتَّلُوۡۤا اَوۡ یُصَلَّبُوۡۤا اَوۡ تُقَطَّعَ اَیۡدِیۡہِمۡ وَ اَرۡجُلُہُمۡ مِّنۡ خِلَافٍ اَوۡ یُنۡفَوۡا مِنَ الۡاَرۡضِ ؕ ذٰلِکَ لَہُمۡ خِزۡیٌ فِی الدُّنۡیَا وَ لَہُمۡ فِی الۡاٰخِرَۃِ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ﴿ۙ۳۳﴾. (المائدة-33)
”جيڪي ماڻهو خدا ۽ سندس رسول سان وڙهن ٿا ۽ زمين ۾ فساد ڦهلائين ٿا، تن جي سزا هيءَ آهي ته انهن کي قتل ڪيو وڃي يا انهن کي ڦاهي ڏني وڃي يا انهن جا هڪ هڪ سڄا ۽ کٻا هٿ پير وڍيا وڃن يا جلاوطن ڪيا وڃن. دنيا ۾ اها انهن لاءِ ذلت ۽ رسوائي آهي ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ سخت عذاب تيار آهي.“
هيءَ ٻي آيت انسانن جي قاتلن، ڪوڙن، امن ۽ اخلاق کي بگاڙيندڙ رهزنن ۽ ڌاڙيلن متعلق آهي. ڦرمار ۽ قتل غارت حرب جي مفهوم ۾ داخل آهي ۽ ان ڪري هيءَ آيت پهرين آيت کان به وڌيڪ واضح آهي.
3- یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ ذَرُوۡا مَا بَقِیَ مِنَ الرِّبٰۤوا اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۲۷۸﴾ فَاِنۡ لَّمۡ تَفۡعَلُوۡا فَاۡذَنُوۡا بِحَرۡبٍ مِّنَ اللّٰہِ وَ رَسُوۡلِہٖ ۚ .(البقرة:278-279)
”مسلمانو! خدا کان ڊڄو ۽ جيڪا توهان جي وياج جي رقم ٻين تي رهيل آهي، جيڪڏهن مسلمان آهيو ته ان کي ڇڏي ڏيو ۽ جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪيو ته الله ۽ ان جي رسول جو توهان سان جنگ جو اعلان آهي.“
هن ٽئين آيت ۾ الله تعاليٰ بيشڪ پاڻ ڏانهن ۽ پنهنجي رسول ڏانهن ‘حرب’ کي منسوب ڪيو آهي، پر هتي به ان لفظ مان جهاد مراد ناهي. خود مفسرن کي اهو شڪ آهي ته مسلمانن سان ان طرز جو خطاب صرف ڳالهه کي زور وٺائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، پر اهو ڪيئن سمجهيائون ته اسلام جي هر جنگ جو مقصد جهاد ٿئي ٿو. ان جا ڪي سياسي ۽ دنيوي مقصد به ٿي سگهن ٿا. ان لحاظ سان اهو لفظ به اهڙي جنگ جي حقيقت تي پورو بيهي ٿو. وياج کائڻ هڪ قسم جو ڌاڙو آهي ۽ هر وياج خور هڪ ڌاڙيل آهي جيڪو خدا جي ٻانهن جو مال مفت ۾ ڦري وٺي ٿو، ان ڪري خدا فرمايو ته جهڙي طرح توهان غريبن جو مال ڦٻايو ٿا، اسان به اهڙي طرح توهان جو مال ڦري انهن کي واپس ڏينداسين. اها ئي لفظ حرب جي معنيٰ به آهي.
4- وَ اَلۡقَیۡنَا بَیۡنَہُمُ الۡعَدَاوَۃَ وَ الۡبَغۡضَآءَ اِلٰی یَوۡمِ الۡقِیٰمَۃِ ؕ کُلَّمَاۤ اَوۡ قَدُوۡا نَارًا لِّلۡحَرۡبِ اَطۡفَاَہَا اللّٰہُ ۙ وَ یَسۡعَوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ فَسَادًا ؕ وَ اللّٰہُ لَا یُحِبُّ الۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۶۴﴾ .
(المائدة:64)
”اسان يهودين ۽ نصارن جي پاڻ ۾ قيامت تائين دشمني وجهي ڇڏي آهي. جڏهن به اهي جنگ جي باهه ڀڙڪائين ٿا ته خدا ان کي وسائي ڇڏي ٿو مگر اهي دنيا ۾ فساد ڦهلائن ٿا ۽ الله فسادين کي دوست نٿو رکي.“

هي آيت ڪنهن به تاويل جي محتاج ناهي. هي يهودين ۽ نصارن متعلق آهي، جن پاڻ ۾ جنگيون جوٽيون هيون. انهن جنگين جو سبب صرف بغض ۽ انتقام، شر ۽ فساد هو، جنهن جي لغوي حيثيت تي اهو لفظ دلالت ڪري ٿو. بهرحال خدا ان کي پسند نٿو ڪري ۽ ان ڀڙڪندڙ باهه کي وسائي ڇڏي ٿو. کلما اوقدوا نارً لِلحرب اطفاءَ ها الله. ”جڏهن به اهي جنگ جي باهه ڀڙڪائين ٿا ته خدا ان کي وسائي ڇڏي ٿو.“ هاڻي اها باهه ٻيهر مسيحي دنيا ۾ ان الاهي اعلان جي دائمي تصديق کي پختو ڪندي ڀڙڪي پئي آهي.
5- اَلَّذِیۡنَ عٰہَدۡتَّ مِنۡہُمۡ ثُمَّ یَنۡقُضُوۡنَ عَہۡدَہُمۡ فِیۡ کُلِّ مَرَّۃٍ وَّ ہُمۡ لَا یَتَّقُوۡنَ ﴿۵۶﴾ فَاِمَّا تَثۡقَفَنَّہُمۡ فِی الۡحَرۡبِ فَشَرِّدۡ بِہِمۡ مَّنۡ خَلۡفَہُمۡ لَعَلَّہُمۡ یَذَّکَّرُوۡنَ ﴿۵۷﴾ . (الانفال: 56-57)
”اهي ماڻهو جن سان توهان انجام ڪيو پر هر ڀيري اهي پنهنجي انجام کي ٽوڙيندا آهن ۽ خدا کان بلڪل نٿا ڊڄن، تنهن ڪري جيڪڏهن تون انهن کي جنگ ۾ لهين ته گهرجو ته انهن تي ڏاڍو دٻاءُ وجهو ته جيڪي ماڻهو انهن جي پٺيان آهن، انهن کي به ڀڄڻو پوي.“
هيءَ آيت بنو قريظه قبيلي متعلق آهي، جن اسلا سان ڪيترائي دفعا معاهدا ڪري ٽوڙي ڇڏيا هئا ۽ عرب جي سمورن قبيلن کي پاڻ سڳورن ﷺ سان جنگ ڪرڻ تي آماده ڪيو هو. آيت ۾ لفظ حرب مان اها ئي حرب مراد آهي، جيڪا انهن جي شرارتن جو نتيجو هئي ۽ هي به ظاهر آهي ته انهن جيڪي جنگيون وڙهيون هيون تن جو ڪارڻ صرف بغض، عداوت، شر ۽ فساد هو. تنهن ڪري هتي ‘حرب’ مان مطلب اسلامي جهاد ناهي بلڪه، اها ئي لغوي حقيقت يعني حيوانيت ۽ درندگي آهي.
6- فَاِذَا لَقِیۡتُمُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا فَضَرۡبَ الرِّقَابِ ؕ حَتّٰۤی اِذَاۤ اَثۡخَنۡتُمُوۡہُمۡ فَشُدُّوا الۡوَثَاقَ ٭ۙ فَاِمَّا مَنًّۢا بَعۡدُ وَ اِمَّا فِدَآءً حَتّٰی تَضَعَ الۡحَرۡبُ اَوۡزَارَہَا ۬ .(محمد:4)
”جڏهن توهان جو ڪافرن سان جنگ ۾ مقابلو ٿئي تڏهن انهن جا ڪنڌ ڪپي ڇڏيو. ايستائين جو جڏهن گهڻي رتوڇاڻ ٿئي تڏهن انهن کي غلام بڻايو، ان کان پوءِ يا ته انهن تي احسان ڪري ڇڏي ڏيو يا فديو وٺي آزاد ڪيو، ايستائين جو جنگ پنهنجا هٿيار رکي.“ (يعني ختم ٿي وڃي).
هن آيت ۾ بيشڪ اسلامي جهاد تي حرب جو اطلاق ڪيو ويو آهي پر تشريح کان پوءِ معلوم ٿيندو ته اها ئي آيت جهاد جو مقصد ٻڌائي ٿي ۽ جهاد جي مقدس حقيقت انهيءَ لفظ ۾ سمايل آهي، جنهن جي سمجهاڻي اڳتي ڏني ويندي.

[b]جنگ ۾ صلح:
[/b] جيتوڻيڪ يورپ فطرت جا سمورا راز کولي ڇڏيا آهن پر هن وقت تائين التوحيد في التثليث ۽ التثليث في التوحيد جي ڳجهه کي سلي نه سگهيو آهي. اسلام السلم في الحرب والحرب في السلم جي ڳجهه کي حل ڪري سگهي ٿو. يعني ”امن ۽ صلح ۾ جنگ ۽ جنگ ۾ امن ۽ صلح! “ مگر ان مسئلي ۾ اسان کي سڀ کان پهرين يورپ جي عملي ڪارنامن تي نظر وجهڻ گهرجي.
امن ۽ صلح جي جنهن دؤر کي اسلام قائم ڪيو هو، دنيا ۾ درندگي ۽ حيوانيت جيتوڻيڪ ان کي جنگ ۽ فساد ۾ بدلائي ڇڏيو پر ڪڏهن ڪڏهن سياسي صلح ڪرائيندڙن جي زبان تي اها وساريل حقيقت اچي وڃي ٿي ۽ ان وسريل خواب کي ٻيهر ياد ڪيو وڃي ٿو. انهن صلح ڪرائيندڙن جو گذريل ڏينهن هيگ ۾ اجلاس ٿيو هو، جنهن جو نالو سياسي ڪارندن ”هٿياربند صلح“ (Armed Peace) رکيو هو!
عرب جي ڪنهن شاعر هڪ قبيلي جي گل ۾ چيو هو ته ”اهي نه مرد آهن ۽ نه عورتون، جهڙي طرح شترمرغ نه پکي آهي ۽ نه اُٺ.“ اهڙي طرح ان صلح جي حقيقت جيتوڻيڪ شڪ ۾ پيل آهي پر اسين امن جي فرشتي بجاءِ اُٺ پکيءَ جي پر جي ڇانوَ ۾ زندگي گذاري سگهون ٿا. تنهن جي باوجود بعد ۾ ايندڙ خوني واقعن ثابت ڪيو آهي ته اهو اٺ پکي به ڪن خاص موسمن ۾ پنهنجي کنڀن جي ڇانو ظاهر ڪري ٿو!
ان هوندي به جنگ ۾ صلح جي ان ملاوٽ دنيا لاءِ نهايت دلچسپ سول پيدا ڪيو آهي ته ڇا جنگ جو خاتمو ٿي سگهي ٿو؟ ڇا جنگ جا شعلا، جلندڙ چهرن تي امن ۽ سڪون جي ڪڪر جي ٻيهر دائمي ڇانوَ آڻي سگهن ٿا؟ يورپ جي وڏن وڏن مسئلن کي حل ڪندڙ مفڪرن ۽ سياسي ڪارندن ان سوال جو جواب مختلف طريقن سان ڏنو آهي پر هڪ امن چاهيندڙ شخص لاءِ انهن مان ڪو به جواب دلجاءِ ڪندڙ ناهي. آمريڪا جو اڳوڻو صدر چوي ٿو ته، ”ها دنيا کي صلح ۽ آشتيءَ جا وسيلا مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي پر هر صلح به پسنديده نٿي ٿي سگهي. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ظالم پيدا ٿي پيا آهن جن جو سينو فتح جو خطرناڪ ۽ تنگ ميدان آهي، پر اهي ان ميدان کي صلح ۽ امن جو گهوارو چون ٿا.
ڪيترائي ماڻهو بزدلي، رسوائي، مڪر ۽ فريب کي به امن ۽ ٺاهه جي پردي ۾ لڪائي رهيا آهن. تنهن ڪري اسان تي فرض آهي ته پنهنجو پاڻ کي اهڙي ٺاهه کان عليحده رکون، جنهن جو بنياد ظلم ۽ بزدليءَ تي ٻڌل هجي. بهرحال ظالماڻيون جنگيون گهڻيون ۽ ظالماڻا ٺاهه گهٽ هوندا آهن پر ٻئي نفرت قابلِ آهن.“
لارڊ اوبيري سر جان ليڪ جي راءِ هن ريت آهي.
”مون کي ٺاهه جي اميد تمام گهٽ آهي، خود اسان انگريز پنهنجي بري ۽ بحري جنگي خرچن کي وڌائي، دنيا اڳيان جنگ جي تياريءَ جو بدترين نمونو پيش ڪري رهيا آهيون.“
سر فيڊرڪ پواليڪ پنهنجن قانوني تجربن جي بنياد تي، جيڪي هن کي جنگ جي زماني ۾ حاصل ٿيا هئا، هي راءِ قائم ڪئي آهي:
” عام خيال هي آهي ته سلطنت جا جهڳڙا به شخصي جهڳڙن جهڙا ٿيندا آهن، ان ڪري حڪم ڏيڻ جي ذريعي انهن جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو، پر سلطنتن جون اڪثر حالتون شخصي جهڳڙن کان مختلف ٿين ٿيون. مثال طور گڏيل معاهدن جي شرطن جي تشريح يا انهن جي خلاف ورزي جو فيصلو عدالتن ۽ ٽياڪڙن ذريعي نٿو ٿي سگهي. سڀ کان وڏو مسئلو حڪومت ۽ اقتدار جو آهي، جنهن کي هڪ سلطنت ڪنهن ملڪ تي قائم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙين سمورين ڳالهين جو فيصلو صرف سڀني سلطنتن جي اتحاد ۽ اتفاق سان ٿي سگهي ٿو، ان اتحاد کي ان قوت کان وڌيڪ پائيدار ۽ مضبوط هئڻ گهرجي جيڪا هن جي مخالف بڻجي مقابلو ڪرڻ گهري ٿي. پر پوءِ به اهو اتفاق ۽ اتحاد صرف ننڍن جهڳڙن ۽ جنگين کي روڪي سگهي ٿو. اها عظيم الشان سلطنت جيڪا ٻي سلطنت کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي يا ان کي پاڻ سان ملائڻ جي طاقت رکي ٿي، سا ان اتحاد ۽ معاهدي جي پرواهه بنهه نٿي ڪري.“
سر گلبرٽ پارڪر نهايت دليريءَ سان صلح ڪانفرنس جي خلاف هي راءِ ظاهر ڪري ٿو:
” مان صلح جي خوش نما اميدن سان پنهنجي دل کي مطمئن نٿو ڪري سگهان، واقعا اسان کي هڪ خطرناڪ جنگ ڏانهن ڌڪيندا ٿا وڃن. جيستائين وحشت موجود آهي ۽ جيستائين مڪمل طور تي تهذيب يافته قومون زمين تي آباد آهن تيستائين اتفاق ۽ اتحاد ناممڪن آهي. اسان کي خدا تي ڀروسو رکي پنهنجي بارود کي ختم ڪرڻ گهرجي.“
سر ٿامس برڪلي جو خيال آهي:
”دائمي صلح آسان ناهي. ڪي لڙايون زندگيءَ جي جدوجهد جي ارتقائي قانون جي ثابت ٿيل اصولن لاءِ ڪيون وڃن ٿيون. نو آبادين لاءِ صرف ان مقصد تحت جنگيون وڙهيون وڃن ٿيون ته انسان لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ جو دائرو تنگ ٿي وڃي ٿو ۽ هو ٻين قومن کي ڌڪي اڳتي وڌڻ گهري ٿو، ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ هن جو زندهه رهڻ ناممڪن آهي.“
ڪي جنگيون ظلم ۽ ڏاڍ ڏيکارڻ لاءِ وڙهيون وڃن ٿيون، ڪي جنگيون وري پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي قائم رکڻ جي غرض سان وڙهيون وڃن ٿيون. جيڪڏهن درندگي ۽ حيوانيت پنهنجي آخري حد تي پهچي ويئي آهي ته ان قسم جون جنگيون پرامن شهريت جي ڀلائيءَ لاءِ نيڪ گمان آهن.
ان کانسواءِ جاهليت وارن جذبن جي جوش کي به روڪي نٿو سگهجي. جنگ کي روڪڻ جيتوڻيڪ ڏکيو آهي پر تنهن هوندي به هر انگريز، هر فرينچ، هر آمريڪي ۽ هر جرمن جنگ کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ۽ ان ۾ پنهنجي دلچسپي ۽ شوق نٿو رکي.“
مسٽر آئزڪ آمريڪا جو هڪ سياسي فلاسافر آهي. سندس خوشنما اميدون هن طرح آهن:
” منهنجي خواهش آهي ته جنگ کان عليحدگي اختيار ڪجي پر اها منزل اڃا گهڻو پري آهي. گهڻا مسئلا ٽياڪڙيءَ رستي حل ٿي سگهن ٿا پر زيادتي ڪندڙ اقتدار کي ڪير روڪي ٿو سگهي؟ هر طاقتور حڪومت ٻي حڪومت کي نيچ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جنهن کي امن ۽ سڪون جي آخري حد سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان کي يورپ جي ترقي يافته قومن سرانجام ڏنو آهي پر امن جو اهو فرشتو يورپ کان نڪري بلقان، طرابلس ۽ ايران جو دورو ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي خود پنهنجي يورپي ٺڪاڻي جي تخت کي چنبڙي دنيا کي پنهنجو زخمي چهرو ڏيکاري رهيو آهي.
وَّ حُمِلَتِ الۡاَرۡضُ وَ الۡجِبَالُ فَدُکَّتَا دَکَّۃً وَّاحِدَۃً ﴿ۙ۱۴﴾ فَیَوۡمَئِذٍ وَّ قَعَتِ الۡوَاقِعَۃُ ﴿ۙ۱۵﴾ وَ انۡشَقَّتِ السَّمَآءُ فَہِیَ یَوۡمَئِذٍ وَّاہِیَۃٌ ﴿ۙ۱۶﴾ .(الحاقه: 14-16)
”آسمان ۽ زمين کڻي گڏ هيٺ ڪيرايا ويا ۽ اهي هڪدم ڪُٽجي ويا پوءِ اڄ قيامت جو سڀ کان وڏو ڏينهن اچي ويو، آسمان ڦاٽي پيو ۽ هن جون چوڙون ڍليون ٿي پيون!!“

[b]جنگ جي سببن جي تشريح:
[/b] سياست جي زبان جيتوڻيڪ ڪن حالتن ۾ جنگ جي سببن ۽ مقصدن کي نهايت پيچدار لفظن ۾ بيان ڪري ٿي پر مجموعي ۽ جزوي تحقيق سان ان جو تعين نهايت آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو.

[b]ابن آدم جي پهرين جنگ:
[/b]قرآن مجيد مان ثابت ٿئي ٿو ته دنيا جي سڀ کان پهرين جنگ کي صرف بغض ۽ حسد جي جذبن برپا ڪيو هو:
لَئِنۡۢ بَسَطۡتَّ اِلَیَّ یَدَکَ لِتَقۡتُلَنِیۡ مَاۤ اَنَا بِبَاسِطٍ یَّدِیَ اِلَیۡکَ لِاَقۡتُلَکَ ۚ اِنِّیۡۤ اَخَافُ اللّٰہَ رَبَّ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۲۸﴾ اِنِّیۡۤ اُرِیۡدُ اَنۡ تَبُوۡٓاَ بِاِثۡمِیۡ وَ اِثۡمِکَ فَتَکُوۡنَ مِنۡ اَصۡحٰبِ النَّارِ ۚ وَ ذٰلِکَ جَزٰٓؤُا الظّٰلِمِیۡنَ ﴿ۚ۲۹﴾ فَطَوَّعَتۡ لَہٗ نَفۡسُہٗ قَتۡلَ اَخِیۡہِ فَقَتَلَہٗ فَاَصۡبَحَ مِنَ الۡخٰسِرِیۡنَ ﴿۳۰﴾ فَبَعَثَ اللّٰہُ غُرَابًا یَّبۡحَثُ فِی الۡاَرۡضِ لِیُرِیَہٗ کَیۡفَ یُوَارِیۡ سَوۡءَۃَ اَخِیۡہِ ؕ قَالَ یٰوَیۡلَتٰۤی اَعَجَزۡتُ اَنۡ اَکُوۡنَ مِثۡلَ ہٰذَا الۡغُرَابِ فَاُوَارِیَ سَوۡءَۃَ اَخِیۡ ۚ فَاَصۡبَحَ مِنَ النّٰدِمِیۡنَ ﴿ۚۛۙ۳۱﴾ مِنۡ اَجۡلِ ذٰلِکَ ۚۛؔ کَتَبۡنَا عَلٰی بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ اَنَّہٗ مَنۡ قَتَلَ نَفۡسًۢا بِغَیۡرِ نَفۡسٍ اَوۡ فَسَادٍ فِی الۡاَرۡضِ فَکَاَنَّمَا قَتَلَ النَّاسَ جَمِیۡعًا ؕ وَ مَنۡ اَحۡیَاہَا فَکَاَنَّمَاۤ اَحۡیَا النَّاسَ جَمِیۡعًا ؕ وَ لَقَدۡ جَآءَتۡہُمۡ رُسُلُنَا بِالۡبَیِّنٰتِ ۫ ثُمَّ اِنَّ کَثِیۡرًا مِّنۡہُمۡ بَعۡدَ ذٰلِکَ فِی الۡاَرۡضِ لَمُسۡرِفُوۡنَ ﴿۳۲﴾
” ۽ آدم جي ٻنهي پٽن جو صحيح صحيح قصو انهن ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ. جڏهن انهن ٻنهي خدا لاءِ قرباني ڪئي پر هڪ جي قرباني قبول پئي ۽ ٻئي جي قبول نه پئي. ان تي ٻئي حسد وچان چيو: ‘مان تو کي قتل ڪندس.’هن جواب ڏنو اهو حسد ناحق آهي، ان ۾ منهنجو ڪو به قصور ڪونهي. خدا ته صرف پرهيزگارن جي ئي قرباني قبول ڪندو آهي. جيڪڏهن تون مون کي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگهيڙيندين ته خير مون کي قتل ڪري ڇڏ مگر مان ته پنهنجو هٿ تنهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڊگهو نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته مان دنيا جي پالڻهار کان ڊڄان ٿو. مان چاهيان ٿو ته تو تي ئي منهنجي ۽ تنهنجي ٻنهي گناهن جو وبال پوي ۽ تون ئي دوزخي بڻجين. ظالمن کي ظلم جو اهو ئي بدلو ملڻو آهي. نيٺ سندس دل کيس پنهنجي ڀاءُ جي قتل تي آماده ڪيو ۽ هن کي قتل ڪري پنهنجي اڳيان ناڪاميءَ جو رستو کولي ڇڏيائين. پوءِ خدا هڪ ڪانءُ کي موڪليو جيڪو زمين کوٽڻ لڳو ته جيئن هن کي پنهنجي ڀاءُ کي دفن ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي. اهو ڏسي چوڻ لڳو: حيف آهي منهنجي حال تي، مان هن ڪانءُ جهڙو به نه ٿي سگهيس! هو ته پنهنجي هڪ هم جنس کي پورڻ لاءِ زمين کوٽي رهيو آهي پر مان انسان ٿي ڪري پنهنجي ڀاءُ سان اهڙو سلوڪ ڪريان ٿو! مطلب ته هو پنهنجي دل ۾ ڏاڍو پشيمان ٿيو. انهيءَ ڪري اسان بني اسرائيل تي اهو لاڳو ڪري ڇڏيو ته جنهن ماڻهو ڪنهن هڪ انسان کي بغير ڪنهن فساد جي قتل ڪيو ته ان ڄڻ پنهنجي گردن تي سڀني انسانن جي قتل جو خون کنيو ۽ جنهن ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي قتل ٿيڻ کان بچايو، ان ڄڻ سڀني انسانن کي زندهه ڪيو. “ (المائدة: 27-32)
ان بيان کي تورات سان ملائڻ کانپوءِ واضح ٿئي ٿو ته اهي آدم جا پٽ هابيل ۽ قابيل هئا. هابيل جي قرباني قبول ٿي. ڇاڪاڻ ته نيڪيءَ جي قرباني ڪڏهن به رد نٿي ٿئي ۽ قابيل جي قرباني قبول نه ڪئي ويئي جو اهو دل جو نيڪ نه هو ۽ بڇڙائيءَ جو عمل ڪڏهن به قبول نٿو ڪيو وڃي. اها دنيا جي پهرين ويڙهه هئي جنهن ۾ آدم جي اولاد شيطان کان پنهنجي بهيميت سکي.
حقيقت ۾ اهي آدم جا پٽ نه هئا بلڪه جنگ ۽ صلح جا ٻه مجسما هئا ۽ انهن مان هر هڪ دنيا کي جنگ ۽ صلح جا ٻه مختلف منظر هڪ ئي وقت ڏيکاري رهيو هو. هڪ حسد جي جذبي کان پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري سندس گناهن بلڪه سموري دنيا جي گناهن جو بار پنهنجي مٿان کنيو. هن بهيمي ۽ شيطاني جذبي جو بدترين نمونو قائم ڪري، انسان ذات لاءِ سڀ کان وڏي مصيبت جو بنياد رکيو. کما ورد في الحديث: قال ﷺ:
لا تقتل نفس الا کان علي ابن آدم کفل منها (بخاري)
”هر اهو شخص جيڪو قتل ڪيو وڃي ٿو، سندس قتل جو هڪ حصو آدم جو ان پٽ جي ئي ڳچي ۾ پوي ٿو، جنهن قتل ۽ خونريزيءَ جو سڀ کان پهريون بنياد وڌو.“
پوءِ ان ناپاڪ جو گناهن جي بار سببان ۽ شرم کان ڪنڌ جهڪي وڃي ٿو. “ فَاَصۡبَحَ مِنَ النّٰدِمِیۡنَ ﴿ۚۛۙ۳۱﴾ (المائدة-31)
پر ٻئي صلح جو هٿ اڳتي وڌايو ۽ خون وهائڻ تي آماده نه ٿيو. هن چيو ته تون منهنجي قتل لاءِ هٿ کڻي ٿو ته ڀل کڻ مگر مان تنهنجي قتل لاءِ هٿ نٿو کڻي سگهان. آخرڪار صلح ۽ امن جي ملڪوتيت مٿان جنگ جي بهيميت غالب آئي ۽ هو قتل ڪيو ويو. پوءِ فضا ۾ اُڏامندڙ هڪ مڪروهه، بدشڪل، مردار خور ۽ ذليل پکي، جيڪو جنگ ۾ قتل ٿيندڙن جي لاشن کي چنهب سان پٽي کائي ٿو، اچي ٿو ۽ پنهنجي هم جنس جي لاش کي دفن ڪري قبر کوٽڻ جو طريقو ٻڌائي ٿو. ان تي قاتل جي بهيميت کي ڪانءُ جي حيوانيت کان به شرم اچڻ لڳي ٿو ۽ پڪاري چوي ٿو ته :
یٰوَیۡلَتٰۤی اَعَجَزۡتُ اَنۡ اَکُوۡنَ مِثۡلَ ہٰذَا الۡغُرَابِ فَاُوَارِیَ سَوۡءَۃَ اَخِیۡ ۚ فَاَصۡبَحَ مِنَ النّٰدِمِیۡنَ ﴿ۚۛۙ۳۱﴾ (المائدة:31)
نيٺ خدا جنگ ۽ صلح جي ان پهرين تمثيل کانپوءِ هميشه لاءِ هڪ عدل جو نظام قائم ڪري ڇڏي ٿو.
مِنۡ اَجۡلِ ذٰلِکَ ۚۛؔ کَتَبۡنَا عَلٰی بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ. (المائدة:32 الخ)

[b]اسلام ۽ صلح:
[/b]اسلام ان هابيلي صلح جو آخري نتيجو ۽ انهيءَ نظامِ عدل جي آخري ڪڙي آهي. اها ڪڙي ان ابتدائي بشري عهد کان لڳاتار وڌندي رهي ۽ مختلف شڪلين ۽ تعليمات ۾ ظاهر ٿيندي رهي پر دنيا ۾ هميشه نيڪي بڇڙائيءَ کان پوءِ ڦهلجي ٿي ۽ نور هميشه اونداهيءَ کانپوءِ جلوه گر ٿئي ٿو.
عرب جون سڀئي جنگيون بغض ۽ انتقام، حسد، ساڙ، نفرت ۽ حقارت جو نتيجو هيون. جنگ داحس ۽ غبراءَ ( ) جي ڪري سڄي عرب ۾ باهه لڳائي ويئي. حرب بسوس ( ) صرف هڪ ڏاچيءَ جي ڪري سڄي عرب ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏي!
مهذب سلطنتن ۾ ملڪ گيري لاءِ جيڪو جنگي سلسلو قائم ٿي وڃي ٿو، اهو جيتوڻيڪ پنهنجي خاصيتن ۾ غير تهذيب يافته قومن جي وحشياڻين جنگين کان ڪنهن قدر مختلف نظر اچي ٿو پر حقيقت ۾ ان جي آخري ڪڙي به ان بنيادي فطرت سان وڃي ٿي ملي، جنهن جو ظهور قابيل جي شيطانيت مان ظاهر ٿيو هو ۽ جنهن جي تمثيل توريت ۽ قرآن ٻنهي ڏني آهي.
اسلام جڏهن دنيا ۾ آيو ته انهن ٻنهي قسم جي جنگين زمين جي مٿاڇري کي هڪ جنگي معرڪو بڻائي رکيو هو پر اسلام هڪدم جنگ جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو؛
لاتبا غضوا ولا تحاسدوا ولا تدابروا
” هڪ ٻئي سان دل ۾ عداوت ۽ ڪينو نه رکو! پاڻ ۾ حسد نه ڪيو! ۽ نه ئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي جاءِ تي هن کي هٽائي قبضو ڪيو.“
وَ کُنۡتُمۡ عَلٰی شَفَا حُفۡرَۃٍ مِّنَ النَّارِ فَاَنۡقَذَکُمۡ مِّنۡہَا ؕ کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللّٰہُ لَکُمۡ اٰیٰتِہٖ لَعَلَّکُمۡ تَہۡتَدُوۡنَ ﴿۱۰۳﴾ (آل عمران: 103)
”۽ اوهان پاڻ ۾ جنگ ۽ جدل، قتل ۽ خونريزيءَ جي ڪري ڄڻ باهه جي آڙاهه جي ڀَر تي بيٺا هيؤ ته اها باهه ڀڙڪي رهي هئي پر خدا اسلام جي تعليم ڏيئي توهان کي ان باهه مان ڪڍي ورتو.“
روم ۽ فارس جون مهذب سلطنتون ملڪ گيريءَ لاءِ پاڻ ۾ جنگ ۾ رُڌل هيون. اسلام انهن جي مقابلي ۾ اعلان ڪيو ته دنيا ۽ دنيا جي زمين ان لاءِ نه بڻائي ويئي آهي ته ان جي مٿان انسان ذات جو خون وهايو وڃي. هڪ ڌُر ٻي ڌُر کي ختم ڪري سڄي زمين تي قابض ٿي وڃي ۽ آدم جي بي گهر اولاد کي نو آباديون ڳولڻيون پون. بلڪ دنيا جي سطح صرف ان لاءِ آهي ته هن تي آدم جو هر ٻچو پنهنجي مرڪز تي قائم رهندي خدا جي عبادت ۾ مصروف رهي ۽ جيڪا خلقت عبادت الاهي لاءِ بڻائي ويئي آهي، اها جنگ ۽ خونريزيءَ جي ڪمن لاءِ ٿي نٿي سگهي:
وَ مَا خَلَقۡتُ الۡجِنَّ وَ الۡاِنۡسَ اِلَّا لِیَعۡبُدُوۡنِ ﴿۵۶﴾ (الذارايت:56)
”۽ اسان جنن ۽ انسانن کي صرف پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي.“
ان وقت جڏهن دنيا امن جي نظام کي بلڪل بدلائي ڇڏيو هو، جڏهن هڪ فريق ٻئي کي نيست و نابود ڪري رهيو هو، جڏهن هڪ سلطنت ٻي سلطنت جي ملڪن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري رهي هئي، ته اسلام آيو ۽ ان ظالماڻي نظام کي تبديل ڪري هڪ نئون عادلاڻو نظام قائم ڪيو، جنهن جو مقصد دنيا جي سمورين جنگين کان بلڪل مختلف هو.

[b]جنگ جو مقصد:
[/b] دنيا جي خونريز جنگين جو مقصد جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، صرف بغض ۽ انتقام جي خبيث روحن جي اُڃ اُجهائڻ هو. انسان غيظ ۽ غضب جي حالت ۾ جيتوڻيڪ جنگ کي هڪ عظيم الشان مقصد خيال ڪري ٿو پر حقيقت اها آهي ته جنهن شيءِ کي انساني ڏاڍ عظيم مقصد تصور ڪري ٿو، اعليٰ شهريت ان کي ڪو مقصد قرار نٿي ڏي. ڌاڙو ۽ رهزني ڪنهن مهذب انسان جو مقصد نٿو ٿي سگهي. ظلم ۽ ڏاڍ انساني صفت ٿي نٿي سگهي، بغض ۽ انتقام کانپوءِ انسان جي هٿ ۾ انسانيت لاءِ ڇا وڃي بچي ٿو؟ جيڪڏهن تمدن سچو ۽ شائستگي واقعي شائستگي آهي ته اهو قومي ۽ ذاتي بغض ۽ انتقام سان ڪڏهن به گڏجي نٿي سگهي.
عرب کان سواءِ ٻي ڪنهن قوم ان قسم جي جنگ ۽ خونريزيءَ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي هوندي؟ پر ڏسو خدا تعاليٰ خود چوي ٿو:
قُلۡ ہَلۡ نُنَبِّئُکُمۡ بِالۡاَخۡسَرِیۡنَ اَعۡمَالًا ﴿۱۰۳﴾ؕ اَلَّذِیۡنَ ضَلَّ سَعۡیُہُمۡ فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا وَ ہُمۡ یَحۡسَبُوۡنَ اَنَّہُمۡ یُحۡسِنُوۡنَ صُنۡعًا ﴿۱۰۴﴾ (الڪهف:103-104)
” ڇا اسان اوهان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ رهڻ وارن جي سُڌ ڏيون؟ اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جون ڪوششون هن دنيا جي زندگيءَ ۾ به بيڪار ويون، حالانڪه اُهي سمجهي رهيا آهن ته هڪ وڏو ڪم ڪري رهيا آهن.“
حقيقت اها آهي ته ان بنياد تي اسلام کان پهرين جنگ جو نمونو حقيقي روح يعني مقصد کان بلڪل خالي هو ۽ دنيا کي خون خرابي کانپوءِ شرمساري کانپوءِ ڪجهه به هٿ نه ايندو هو. اهڙي طرح هڪ جاهلي شاعر جنگ جي آخري نتيجن جو ذڪر هنن حسرت ڀرين لفظن ۾ ڪري ٿو:
فابوا بالرماح مکسرات وابنا بالسيوف قد انحنينا
”اهي ماڻهو ڀڳل نيزا ۽ مڏيون ترارون کڻي جنگ جي ميدان کان واپس آيا.“
اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي ٻولين ۾ جنگ لاءِ ڪو به اهڙو لفظ نه جوڙيو ويو هو، جيڪو ان مقصد کي ظاهر ڪري ها. بلڪه جنگ جا سڀئي نالا صرف اِن جي نتيجن ۽ صفتن جو بيان هئا پر اسلام جنگ کي ”جهاد“ جي هڪ وسيع اصطلاح هيٺ آڻي سندس مقصد ۽ حقيقت کي ان نالي سان واضح ڪيو.
اهو ئي اعليٰ مقصد آهي جنهن لاءِ اسلام هر موقعي تي جدوجهد، ڪوشش، سعي ۽ ڊڪ ڊوڙ جي ترغيب ڏني آهي.
لَا یَسۡتَوِی الۡقٰعِدُوۡنَ مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ غَیۡرُ اُولِی الضَّرَرِ وَ الۡمُجٰہِدُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ بِاَمۡوَالِہِمۡ وَ اَنۡفُسِہِمۡ ؕ فَضَّلَ اللّٰہُ الۡمُجٰہِدِیۡنَ بِاَمۡوَالِہِمۡ وَ اَنۡفُسِہِمۡ عَلَی الۡقٰعِدِیۡنَ دَرَجَۃً ؕ وَ کُلًّا وَّعَدَ اللّٰہُ الۡحُسۡنٰی ؕ وَ فَضَّلَ اللّٰہُ الۡمُجٰہِدِیۡنَ عَلَی الۡقٰعِدِیۡنَ اَجۡرًا عَظِیۡمًا ﴿ۙ۹۵﴾
”مسلمانن ۾ جيڪي ماڻهو معذور نه هئا ان جي باوجود گهر ۾ ويٺا رهيا، اهي انهن ماڻهن جهڙو درجو نٿا وٺي سگهن جن پنهنجن مالن ۽ جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو، اهڙن مجاهدن کي گهر ۾ ويهي رهندڙن مسلمانن تي هڪ خاص درجي تائين بزرگي ڏني، جيتوڻيڪ ٻنهي لاءِ خدا بهتري جو واعدو ڪيو مگر مجاهدن لاءِ غير مجاهدن جي مقابلي ۾ عظيم اجر آهي. “(النساء: 95)
اهو اعليٰ مقصد ڪهڙو هو؟
قرآن مجيد ان جو جواب نهايت مختصر ۽ سادن لفظن ۾ هيئن ڏنو آهي:
حَتّٰی لَا تَکُوۡنَ فِتۡنَۃٌ وَّ یَکُوۡنَ الدِّیۡنُ کُلُّہٗ لِلّٰہِ ۚ(الانفال: 39)
”دنيا ۾ فتنو، ظلم ۽ فساد باقي نه رهي ۽ دين الله لاءِ ٿي وڃي.“
ہُوَ الَّذِیۡۤ اَرۡسَلَ رَسُوۡلَہٗ بِالۡہُدٰۦ وَ دِیۡنِ الۡحَقِّ لِیُظۡہِرَہٗ عَلَی الدِّیۡنِ کُلِّہٖ ؕ.(الفتح: 28)
”اهو خدا جنهن پنهنجي رسول کي انسان ذات جي هدايت ۽ دين حق جي دعوت لاءِ موڪليو، ته جيئن ان جي سچائيءَ کي دنيا جي سڀني دينن تي غالب ڪري.“
انهن ئي سادن ۽ ٿورڙن لفظن عرب جي جنگي تاريخ جي ڍانچي کي بدلائي ڇڏيو.
قديم قومن جي جنگين جو اصل مقصد عام طور قتل عام، ملڪ گيري جي هوس، عزت ۽ ناموس ۽ بهادري جو اظهار هوندو هو، عرب جو به اهو ساڳيو حال هو جنهن ۾ اسلام جي دعوت شروع ٿي.
وايا منا مشهورة في عدونا،
لها غرر معلومھ وحجول.
”اسان جا معرڪا اسان جي دشمنن ۾ ڏاڍا مشهور آهن، انهن جا نقش نغار اڃا تائين چڱي طرح چمڪي رهيا آهن.“
والا الکن کل الشجاع فانند،
بضرب الطلي والهام حق عليم.
”جيتوڻيڪ مان وڏو بهادر نه آهيان، پر تنهن هوندي به سر ۽ گردن اڏائي ڇڏڻ جو ماهر آهيان.“ (اها ڄڻ ڪسر نفسي آهي.)
مشينا مشينھ الليث،
عدا وا لليث غضبان
” اسان جنگ جي ميدان ۾ شينهن جي چال هلياسين، اهو شينهن جيڪو صبح جي وقت شديد بُک ۾ نهايت غضبناڪ ٿي شڪار جي ڳولا ۾ اُٿي کڙو ٿيندو آهي.“
ان مقصد جو اظهار صرف جنگ جي ميدان ۾ نه ڪيو ويندو هو پر اُتان موٽي، عورتن کي پنهنجي بهادريءَ جا افسانا ٻڌائي، انهن کي پنهنجن ڪارنامن کان مرعوب ڪندا هئا:

فانک لورايت ولن تريه
اکف القوم تخرق بالقنيتا.
”اي محبوبه! جيڪڏهن تون ڏسين ها حالانڪه تنهنجو جگر ۽ دل اهڙي ناهي جو ڏسي سگهين ته دشمنن جا هٿ ڪيئن نه نيزن سان چڀجي رهيا آهن، ته تو کي قيامت جي ميدان جو منظر نظر اچي وڃي!“
کفاک التاي ممن لم تريه
ورحبت العواقب للبنينا.
”جيڪڏهن تو مون کي ان معرڪي ۾ نه ڏٺو ته اهو بهتر آهي، نه ته پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي فرزندن لاءِ تون به دعاءِ خير ڪرين ها.“
جهڙيءَ طرح عرب جو اصل مقصد ”غارتگري“ ان مقصد جي خلاف نه هو، بلڪه ٻئي گڏوگڏ پورا ڪيا ويندا هئا، اهڙيءَ طرح حق جي اعلان ۽ پرچار ۽ سچائي ۽ عدل جي دعوت سان گڏ به ان مقصد کي پورو ڪري پيو سگهجي. عرب جي سڀني جنگين جون خاصيتون اصحابن رضوان الله عليهم جي سامهون موجود هيون ۽ انهن جو جوش اڃا وڌيڪ ان کي نمايان ڪرڻ گهرندو هو. هڪ اصحابي پاڻ سڳورن ﷺ جن کان پڇي ٿو:
الرجل يقاتل للمغنم و الرجل يقاتل للذکر والرجل يقاتل ليري مکانه فمن هم في سبيل الله؟ (بخاري)
” ماڻهو ڪڏهن ڦرمار ڪرڻ لاءِ وڙهي ٿو ۽ ڪڏهن مشهوريءَ لاءِ ۽ ڪڏهن ميدان ۾ پنهنجي بهادري ڏيکارڻ لاءِ پر حضور جن ٻڌائين ته انهن مان ڪهڙو ماڻهو مجاهد في سبيل الله آهي؟“
اسلام هر عمل جو بنيادي اصول هيءُ مقرر ڪيو آهي:
انما الاعمال بالنيات (حديث)
” هر عمل جو ثواب توهان جي نيتن تي مدار رکي ٿو.“
تنهن ڪري جيتوڻيڪ اهي مقصد حق جي ڪلمي جي اعلان جي خلاف نه هئا، پر تنهن هوندي به اسلام جنهن خلوص ۽ جنهن حق ۽ عدل جو اعلان ڪندڙ هو، ان لحاظ کان ضروري هو ته ان باري ۾ سڀ کان پهرين نيتن کي درست ڪجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو اثر عملن تي به پوي ٿو. پاڻ سڳورن ﷺ ان سائل کي جواب ڏنو:
من قاتل لتکون کلمته الله هي العليا فهوفي سبيل الله! (بخاري)
” جنهن شخص ان نيت سان جنگ ڪئي ته خدا جي ڳالهه مٿي ٿئي ۽ ان جي سچائي قائم ڪئي وڃي ته صرف ان جو قتال خدا جي واٽ ۾ آهي.“
حقيقت جيڪڏهن حقيقت آهي ته پردي ۾ رهي نٿي سگهي. حضرت داعي اسلام عليه الصلواة والسلام اسلامي جهاد جو ان حقيقت سان اظهار ڪيو ته خدا عملي نمونو قائم ڪري ان جي مشابهت کي ختم ڪري ڇڏيو. هڪ غزوي ۾ هڪ ماڻهو ڏاڍي دليري سان وڙهيو. ايتري تائين جو جنگ جي ميدان کان موٽي، سڀني اصحابن سندس بهادريءَ جي ساراهه ڪئي پر پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو، ”اهو دوزخي آهي.“ هڪ اصحابيءَ کي ان تي ڏاڍو تعجب ٿيو. ان هن جي جنگي حالتن جي جانچ شروع ڪري ڏني. اتفاقي طور تي اهو هڪ موقعي تي سخت زخمي ٿي پيو ۽ تڪليف کان بيقرار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏيائين (جيڪا حرام آهي، ڇاڪاڻ ته اسلام جي نظر ۾ پنهنجو پاڻ کي جيئرو رکڻ انسان جو بنيادي فرض آهي.) اهو اصحابي ڀڄندو پاڻ سڳورن ﷺ جن جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين، ”بيشڪ، اوهان خدا جا رسول آهيو.“ پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته، ”توهان صرف هن جو ظاهر حال ڏسي متاثر ٿي ويؤ پر خدا ته نيتن کي ڏسندو آهي. اهو ماڻهو نهايت دليريءَ سان جنگ ۾ وڙهيو پر جيئن ته خلوص ۽ سچائيءَ جي جذبن کان محروم هو، ان ڪري حرام موت مري پنهنجي سموري محنت ختم ڪري ڇڏيائين، تنهن ڪري مان هن کي جهنمي چيو هو.
ان الرجل ليعمل عمل اهل الجنھ فيما يبدو للناس وهو من اهل النار وان الرجل ليعمل عمل اهل النار فيما يبدو للناس وهو من اهل الجنھ. (بخاري)
”هڪ ماڻهو بظاهر اهل جنت جو ڪم ڪري ٿو حالانڪه اهو دوزخي هوندو آهي ۽ هڪ ماڻهو بظاهر دوزخين وارو طريقو اختيار ڪري ٿو پر اهو جنتي هوندو آهي.“
اسلام جي اولين دعوت جو مقصد مخلصين ۽ قانتين جي هڪ پاڪباز جماعت پيدا ڪرڻ هو، اهڙيون خاصيتون جن کي هر گروهه، هر جماعت، هر زندگي، هر حال ۽ هر هڪ فرد ۾ هئڻ گهرجي. فوج جي تنظيم ۽ ترتيب ۾ به هميشه اهو ئي مقصد سامهون رکڻ گهرجي. ان ڪري جيڪڏهن آب زم زم ۾ شراب جو هڪ ڦڙو به ملي وڃي ته اسلام جي خلوص جي دامن تي ان جو داغ ٿي پوي ٿو.
اهڙي طرح هڪ دفعي غنيمت جي لالچ ۾ هڪ مشرڪ پاڻ سڳورن ﷺ سان جهاد ۾ شامل ٿيڻ گهريو. هُن ٽي دفعا عرض ڪيو پر پاڻ سڳورن ﷺ هر ڀيري انڪار ڪري ڇڏيو. اهو واقعو تفصيل سان حديث جي ڪتابن ۾ نقل ٿيل آهي.

[b](الهلال، جلد-5، نمبر- 10، 11 ۽ 12، سيپٽمبر- آڪٽوبر 1914ع)[/b]