پراڻو قرض, سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي

پراڻو قرض

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : پراڻو قرض
سنڌيڪار : ڀوَن سنڌي
ليکڪ : ڪرشن چندر
ڪيٽيگري : ڪهاڻيون
ڇپيندڙ : نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
شايع ٿيڻ جو سال : 2019
شامل ڪيو ويو : 2019-09-16
ڏِٺو ويو : 3076 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 1054 ڀيرا
هي ڪتاب ڪرشن چندر جي 17 ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ڀَون سنڌي آهي. مھاڳ ۾ ممتاز بخاري لکي ٿو: ”ڀون سنڌيءَ جا اهي وڙ اڳ ۾ به موجود آهن جو هنن پرڏيهي ادب مان بهترن چونڊ ڪري ترجما ڏنا آهن ۽ اهي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. ترجمو بنيادي طور تي ٻي تخليق جيترو ئي محنت طلب ڪم آهي. ڌاري ٻوليءَ مان پنهنجي ٻوليءَ جو حصو بڻائڻ انتهائي محنت ۽ ڌيان وارو ڪم آهي، اهو تيستائين ممڪن نه ٿي سگهندو آهي جيستائين پنهنجي ٻوليءَ سان پيار نه هجي ۽ ٻي ٻوليءَ جي عزت نه هجي. ڀون سنڌي ”پراڻو قرض“ جون سترنهن جون سترنهن ڪهاڻيون اهڙي پيار ۽ چاهه سان ترجمو ڪيون آهن جو جيڪڏهن مون کي اها خبر نه هجي ته اهي ڌاري ٻوليءَ جون آهن ته مان ڪرشن چندر جون اهي سنڌي ڪهاڻيون ئي سمجهان ها.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري ڪهاڻيون مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ