ڪتاب جو نالو: عورت ۽ احساس
مصنف: ڊاڪٽر آمنه سومرو
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 13 فيبروري 2019 ع
پڙهيو ويو: 998 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 503 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپــنــا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • ڊاڪٽر آمنه سومرو: مختصر تعارف
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • پيش لفظ : عورت جا درد
  • مرد جنه مات ڪيا
  • ڪهاڻيون

  • نه وسرندڙ سارَ
  • سُگھَـڙ
  • پتلي نما زال
  • حاصلات
  • پرسنٽيج (Percentage)
  • سـوچ
  • اندر جي روشني
  • مـُرڪـَ
  • تـفـريح
  • پرينءَ جي محبت
  • سُڏڪندڙ جيءُ
  • سُندرتا ۽ سونهَن
  • چار سهيليون
  • پاتال
  • اڪيلائين جي اذيت
  • ٿـڌا سـاهَه
  • غربت، جهالت ۽ بيحسي
  • جياپي جو سوال
  • بنا عنوان
  • يــاد
  • ڪوڊ آف لائيف (Code of Life)
  • مينٽل ائپروچ
  • وڏائي
  • بئڪ ٽائيٽل صفحو

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : عورت ۽ احساس
    موضوع : (ڪھاڻيون)
    ليکڪه : ڊاڪٽر آمنه سومرو
    ڇاپو : پھريون، آگسٽ 2018ع
    ڳاڻيٽو : هڪ هزار
    ٽائيٽل : مصور منگي
    ڇپائيندڙ : سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو.


    مُلھه : 100 روپيه

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ڪتاب گهرائڻ ۽ رابطي لاءِ:
    عيسى ميمڻ
    7555986-0333
    essa.memon1985@gmail.com


    ارپــنــا

    ان عورت جي نانءِ
    جنھن عورت صدين تائين
    ڏکن سان رشتو جوڙي،
    هن ڪائنات ۾ پنهنجي
    وجود کي برقرار رکندي،
    سُکن لاءِ سامان مُيسر
    پئي ڪيو آهي.


    ڊاڪٽر آمنه سومرو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عورت ۽ احساس“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
    بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.

    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري عيسيٰ ميمڻ جا جنهن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com



    اداري پاران

    سنڌي ادب جي تاريخ ۾، سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ 1914ع کان شروع ٿي، جڏهن ڪھاڻيءَ جي جديد گهرجن مطابق امر ڏني مل پھرين ڪھاڻي ”حُر مکيءَ جا“ لکي هئي. ان دؤر کان موجوده دؤر تائين سنڌي ڪھاڻيءَ جو شاندار سفر رهيو آهي. جنھن عالمي ادب جي معيار ۽ سطح کي ڇُهيو آهي. موجوده دؤر ۾ جتي سندس ڪھاڻي پنھنجو شانائتو ۽ مانائتو سفر جاري رکيون پئي اچي اتي ڊاڪٽر آمنه سومرو جو هيءُ ڪتاب انهيءَ سفر ۾ سڦلائتو ۽ مھلائتو قدم آهي.
    ڊاڪٽر آمنه سومرو جنھن پنھنجي سموري ڄمار، علم۽ ادب جي کيتر ۾ خدمت ڪندي گذاري آهي. هن غربت جي حالت ۾ به علم جي مشعل کي اُجهامڻ نه ڏنو آهي. ڊاڪٽر آمنه سومرو، زندگيءَ جي هر پل کي سڦلائتو بنائڻ جي جستجو پئي ڪئي آهي، جنھن حالتن کان هارَ مڃي خاموش ٿي ويهڻ کي ڪفر سمجهيو آهي.
    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري پاران ڊاڪٽر آمنه سومرو جو هيءُ پھريون ڪتاب آهي جيڪو ”عورت ۽ احساس“ جي نالي سان شايع ٿي اوهان تائين پھتو آهي. يقينن هن جون ڪھاڻيون سنڌي ادب جو املهه اثاثو آهن. هنن ڪھاڻين ۾ انهن مظلوم عورتن جون پيڙائون بيان ڪيل آهن، جيڪي عورتون هن سماج جو گهڻ طرفو جبر برداشت ڪن ٿيون. اوهان جا رايا اسان لاءِ رهنمائيءَ جو سبب رهيا آهن ۽ رهندا.

    عيسى ميمڻ
    چيئرمين
    سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري.


    ڊاڪٽر آمنه سومرو: مختصر تعارف

    نالو: آمنه سومرو
    ولد: محمد حسن سومرو
    ڄم جي تاريخ: پهرين اپريل 1978ع.
    ڄم جو هنڌ: ڳوٺ عالي کبڙ تعلقو وارھ
    ضلعو شھدادڪوٽ.
    تعليم:
    پرائمري جا پنج درجا : 1988ع
    مئٽرڪ: 1993ع
    انٽر: 1996ع
    بي ايس سي: 1999ع
    ايم اي : (سنڌي ادب) 2001ع
    پي ايڇ ڊي : 2015ع ( انيس انصاري جون علمي ۽ ادبي خدمتون)
    لکڻ جي شروعات : 1988ع
    پھرين لکڻي : شاعري

    نوڪري:
    ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو تي 1996ع کان انائونسر ۽ ڪمپيئر.
    چنيوٽ اسلاميه پبلڪ اسڪول ڪراچي ۾ ايس ايل ٽي طور 1998ع کان 1999ع تائين نوڪري ڪيائين.
    2001ع کان 2006ع تائين لاڙڪاڻي مختلف خانگي اسڪولن ۾ استاد طور تي نوڪري ڪيائين.
    2006ع کان وٺي ليڪچرر طور گورنمينٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ نوڪري هلندڙ آهي.

    اڻ ڇپيل ڪتاب :
    انيس انصاري جون علمي ۽ ادبي خدمتون ( پي ايڇ ڊي)
    وڄَ (ڪهاڻيون)
    ٽٽل سپنا ( شاعري)
    ڀيڄ ڀني ( مقالا ۽ مضمون)
    عڪس ( خاڪا)

    رابطو:
    Malkasoomro15@gmail.com

    تعارف: منير ايس. سومرو


    پنهنجي پاران

    ڪائنات لامحدود آهي، انسان ان جي وسعتن تائين پڄڻ جي ڪوشش ۾ اڄ به سرگردان آهي، سندس هيءُ سفر جوکائتو ۽ مھم جوئي وارو آهي، تنھن کان پوءِ ئي هو سُکَ جي ساگر جو سونھون ٿيندو آهي. سندس دنيا جي اها عجب ڪھاڻي، حقيقت، طلسمات ۽ ڪرشمات سان ڀرپور هجڻ سان گڏوگڏ، هڪ طويل ٿڪائيندڙ سفر آهي جنھن ۾ پل پل پيڙا، عذاب ۽ ڀوڳنائون آهن، پر مزي جي ڳالهه اها آهي ته دنيا جي هر ڪردار جي نڀاءَ لاءِ هر چيز اڳواٽ موجود هئي بس هن کي هتي پھچي انهن کي سمجهڻو هو جاچڻو هو ۽ سوچڻو هو.
    ڪيڏي نه عجب ۾ وجهندڙ حالت آهي انسان جي.... خير سان سندس جھان سڀ رنگ ۽ سروپ کان انسان آشنا ٿيو ۽ پوءِ هو پاڻ کي پاڻ مان ڳولهڻ جو تمنائي پڻ ٿيو. سندس وجود جي جهلڪ مٽيءَ مان نه پر سندس وجود جي حصي مان جوڙي وئي جنھن تي ڪنھن جو متفق هجڻ ضروري نه آهي. ڇاڪاڻ جو اهو بعد جو مسئلو آهي. اڳيان جو ٿيڻو هو سو ٿي چڪو هو، خير اشرف المخلوقات جي لقب سان نوازيل هي انسان شروع شروع ۾ ته پاڻ کي پنھنجي دنيا سان هڪجھڙو ٿيڻ لاءِ پنھنجي شعوري سگهه کي اڀارڻ لاءِ، ان کي ڪڏهن قدرت جي نماءَ ۽ لقائن تي ڇڏيندو ته ڪڏهن پاڻ سان ڳالهائيندي، ووڙيندي ۽ جهيڙيندي گذران ۾ جنبجي ويو.
    سونھن ۽ فطرت جي حسين رنگن ۽ لقائن سان آڌرڀاءُ ڪيو هو ۽ هڪ دلڪشيءَ جا سندس وجود مان ٺاهي وئي سان سندس پاڇو بڻجي ساٿ ڏئي رهي هئي. پر وقت جي ظالم وهڪري ۾ هلي اهي ٻئي هڪٻئي لاءِ ڪڏهن پيار ته ڪڏهن پوڄا، ڪڏهن وجود ته ڪڏهن آتما، ڪڏهن ڪل ڪائنات جي سونھن ته ڪڏهن لڇمي ۽ مايا ۽ پوءِ ڇايا ته ڪڏهن آشا ته ڪڏهن وبا، بلا، ڪروڌ بڻجي پئي. اها ڪا ٻي نه پر اهو عورت جو وجود جو دنيا جي مھا ساگر ۾ پنھنجي ساگر هٿان ڪڏهن ٻُڏندو، جُهرندو ۽ جيئندو رهيو آهي.
    جھانن جي ڪل جڳ جي تاريخ جا ورق هڪ سِٽَ ۾ ڪڏهن به بيان نه ٿا ٿي سگهن. جڳن کان انسان تاريخ ۾ الميا، حادثا ۽ وبائون هن سان گڏوگڏ رهنديون آيون آهن ۽ ”عورت“ باوجود ان جي پھريون عنصر آهي. سنسار جي جنت ۾ ظلم سھڻ ۽ وفا ڪري ان جي وجود کي بچائڻ ئي سندس پھرين ۽ آخري ڪامنا (خواهش) رهي آهي.
    جُڳن کان هوءَ انهيءَ جنگ ۾ پنھنجي سچيتائيءَ جي ڪردار کي نڀائي پئي پر سندس وجود ڪنھن قيديءَ کان گهٽ جو ناهي. هوءَ سنسار ۽ مرد جي زينت ۽ سونھن هئڻ جي بجاءِ سندس قيدياڻي، باندياڻي، ڪنيز، زرخريد وجود آهي. سو هي تاريخ جي ستم ظريفي جو بيان ئي نه آهي پر اڄ جي سڌريل سماج جي منھن تي سواليه نشان ضرور آهي ته ڇا عورت جنھن وجود مان ٺاهي وئي اهو ته ”انسان“ آهي ”اشرف المخلوقات“ آهي پر ”عورت“ ڪجهه به نه آهي. عورت ڪائنات جو حسين راز آهي ۽ هن سونھن ڀري سنسار جي سونھن آهي. هن ڪتاب جي ڪھاڻين ۾ اسان اڄوڪي دؤر ۾ ٿيندڙ ڪجهه ظلمن ۽ وارتائن جو ذڪر اوهان تائين پڄايو آهي. اسان جي سنڌ جي حالت دنيا جي ٻين خطن ۽ علائقن کان مختلف آهي. سنڌ پنھنجي حسناڪين ۾ بيحد بينظير آهي، سندس اوائلي رخن ۾ هن ”سنڌياڻي“ عورت جي حالت زار اڄوڪي نه هئي، پر اڄ جي سنڌ جي عورت پنھنجي بقا لاءِ پنھنجي وجود کي ڳولي رهي آهي. سندس ڳولا جاري رهندي جيستائين کيس منزل ملي ۽ هوءَ پنھنجي منزل کي پُڄي. پر منزل تي رَسائيءَ لاءِ اوهان کي ۽ سندس پاڻ جھڙي سرتيءَ کي به پاڻ موکڻو پوندو ته جيئن اڄ جي سنڌي عورت، سنڌ جي نياڻي، ڌرتيءَ جو قرض لاهي ۽ پنھنجي وجود سان، پنھنجي دنيا کي انڊلٺي رنگ ارپي ۽ پنھنجي جيءَ کي ڪمزور، هيڻو، لاچار ۽ بويس ۽ باندي نه بلڪه هڪ آزاد وجود جي اڏام هڻي سگهي جتي سنڌوءَ جي جل جا سڀ رنگ هن جا ساڻي بڻجي سمبارا کي ”ساهه ڏين“ ته جيئن هوءَ سنڌ ۽ سارنگ سان سکائتي ٿي سنڌڙيءَ جو سينگار بڻجي سگهي.
    هيءَ ڪٿا ان عورت جي درد ڪٿا آهي، جنھن صدين تائين ڀوڳيو آهي، هيءُ ڪتاب ان ڀوڳنا جو عڪس آهي.
    ڪتاب جي ڏس ۾ انهن سڀني مھربانن جا ٿورا جن هيءُ ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پھچائڻ ۾ ساٿ به ڏنو ۽ سھڪار به ڪيو. انهن ۾ خاص ٿورا عيسى ميمڻ جا، جنھن پورهيا ڪري، ڪتاب کي بھتر کان بھتر ڪرڻ ۾ ڪوششون ڪيون ته ٻئي طرف ڪتاب کي شايع ڪرائي، اوهان تائين پڄايو. ان کان پوءِ سائين مدد علي سنڌيءَ جا به لک ٿورا جنھن ڪتاب جو زبردست مھاڳ لکيو. ڊاڪٽر عابد مظھر ۽ نثار سولنگيءَ جا اڻ ڳڻيا احسان، جن ڪتاب تي پنھنجي راءِ ڏني. مصور منگيءَ جا به ٿورا جنھن ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل ٺاهي ڏنو.
    وڌيڪ اوهان جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.


    ڊاڪٽر آمنه سومرو
    لاڙڪاڻو


    مهاڳ

    ڪھاڻي/آکاڻي، جو سلسلو انسان سان گڏوگڏ هلندو پيو اچي، داستان گو/آکاڻي وغيره يا ڪٿا ان دؤر جون ڳالهيون آهن، جڏهن انسان، اڃا هن ڪائنات ۾ نئون نئون هو. سندس چؤگرد آسمان پکڙيل هو، تارا، چنڊ، سج، هوا، پاڻي، پکي، اونداهي، سوجهرو، رات ڏينھن ۽ صبح و شام هن لاءِ اچرج ۾ وجهندڙ هئا. رات جو جڏهن ڪائنات تي اونداهيءَ جو راڄ پنھنجا پر پکيڙيندو اچي، ويھندو هو، ۽ آسمان تي هزارين ستارا جڳمڳ جڳمڳ ڪندا هئا، اسان تي پنھنجي اسرار جا نت نوان تجلا ڏيندا هئا ۽ اماس راتيون، جڏهن چانڊوڪيءَ ۾ تبديل ٿي وينديون هيون ۽ آڪاس تي ڪي پکي ولر ڪيو اڏامندا هئا ته انسان باهه جا مچ ٻاري، ڪٿا/داستان ٻڌندا هئا. داستان گو ڪھاڻي-ڪٿا ۽ ڪائي داستان ٻڌائيندڙ ماڻهن کي پنھنجي ڳالهه جي اثرات ۾ گم ڪري ڇڏيندا هئا، ان وقت به آکاڻي موجود هئي. وقت ان گڏ، ڪھاڻي/ ڪٿا ۽ داستان ٻڌائڻ جو طريقو به ايئن بدليو، جيئن انسان ترقيءَ جون ڪيئي منزلون ماڻيندو اڳتي آيو آهي.
    سنڌ ۾ ڪھاڻيءَ جي تاريخ، يا ائين کڻي چئجي ته جديد ڪھاڻيءَ جي تاريخ ڪا ايتري پراڻي ڪونهي، بلڪه اهو وقت هڪ صديءَ جو آهي. هڪ صدي لنگهي ويئي آهي، موجوده جديد ڪھاڻي جي بنياد کي. اهو سال 1914ع جو آهي، جڏهن لالچند امر ڏني مل ”حُرمَکيءَ جا“ ان کانپوءِ سنڌي ڪھاڻي جو سلسلو هلندڙ آهي.
    ورهاڱي کانپوءِ، سنڌ ۾ سنڌي نينگرين سنڌي ادب ۾ پير پاتا. ماهتاب محبوب، ثميره زرين، سنڌي ادب جون اولين ڪھاڻيڪار آهن. ان کانپوءِ سلسلو وڌندڙ آهي. لاڙڪاڻي جي تاريخي علائقي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر آمنه سومرو، بنيادي طور تي شاعره آهي ۽ خير سان پي ايڇ.ڊي به ڪئي اٿس. ساڳئي وقت لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۾ پڙهائي به ٿي. علم ۽ ادب سان شوق شروع کان اٿس. انهيءَ ڪري ئي پاڻ، مشھور سنڌي ڪھاڻيڪار محترم انيس انصاريءَ جي فن ۽ فڪر تي تحقيق ڪري، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ.ڊي ڪري، پنھنجي جداگانه حيثيت مڃرائي اٿس. شابس هجيس جو تدريس سان گڏوگڏ پنھنجي ٻوليءَ سان موهه به جاري رکيون پئي اچي. اهو ئي سبب آهي، جو ڪھاڻين جي ميدان ۾ پڻ طبع آزمائي جو سلسلو جاري رکيو پئي اچي.
    هن ڪھاڻين جي ڪتاب ”عورت ۽ احساس“ ۾ سندس ڪھاڻيون شامل آهن، ڪھاڻين جو موضوع عورت ئي اٿس. هن جون لکيل ڪھاڻيون هروڀرو طويل ڪونهن، بلڪه اهي شارت اسٽوريز آهن. بھرحال کيس ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ اڃا گهڻو پڙهڻو پوندو، جو ڪھاڻي، هڪ وڏو فن آهي، جيڪا عبارت ۽ موضوع جي حساب سان پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ گهرجي. هن جي ڪھاڻين جو موضوع ته طويل آهي، پر ٻڌائڻ يعني بيان ڪرڻ جو سلسلو بنهه مختصر آهي. ڄڻ ڳالهه وڏي، پر اها بيان ٿيل بلڪل مختصر آهي.
    ”نه وسرندڙ سار“ ليکڪه جي هن ڪتاب ۾ پھرين ڪھاڻي آهي، اها پرهه جي ڪھاڻي آهي، جنھن جي پڙهڻ دوران ئي مائٽ شادي ٿا ڪرائي ڇڏين ۽ هي ڪھاڻي ٻن ساهيڙين جي آهي. ليکڪه ڪوشش ڪري سونھن جي احساسن کي ويھي چٽيو آهي.
    سندس ڪھاڻي ”سگهڙ“ هڪ ڇوڪري فضيلا جو مختصر داستان آهي، اصل ۾ اڄ به سنڌ اندر، نياڻين جي شاديءَ لاءِ هرهڪ ماءُ وٽ خواب ۽ اميدون هونديون آهن، پر اجائي ضد ۽ هوڏِ انهن خوابن کي برباد ڪري ڇڏيندي آهي. پراڻا رسم و رواج ۽ تعليم جو فقدان انهن مڙني بيمارين جو ڪارڻ آهن، جيڪي اسان جي سنڌي سماج ۾ صدين کان پيون هلنديون اچن.
    سندس هڪ ٻي مختصر ڪھاڻي ”پتلي نما زال“، سنجها نالي ڇوڪري ۽ شعيب جي پيار جو مختصر داستان آهن پر شاديءَ کانپوءِ حسب معمول، شعيب به بدلجي، عام مرد ٿي پوي ٿو ۽ پنھنجي محبوبا، جنھن سان هن وهانءُ ڪيو هو، عام رواجي گهرواريءَ جي حيثيت ٿو ڏيئي ڇڏي. هي آهي ته مختصر ڪھاڻي پر هن ننڍڙي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ مڪمل ڪھاڻي موجود آهي. خبر ناهي ڇو ليکڪه، ننڍڙي ڪھاڻيءَ ۾ هڪ وڏي داستان کي سموهي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پڙهندڙ اڃا به وڌيڪ پڙهڻ گهري ٿو.
    ڪھاڻي ”حاصلات“ به حسن آرا جي حياتيءَ جو داستان آهي، جيڪا پڙهي به نٿي ۽ آخرڪار هن جا مائٽ سندس شادي سندس سؤٽ سان ڪري ٿا ڇڏين، جيڪا پڻ پوءِ ائين عام رواجي عورت جي روپ ۾ مومل کي گڏجي ٿي. پر اها به ”ميل شاؤنزم“ جو شڪار ٿي سندس آڏو آهي. محسوس ائين ٿو ٿئي ته ليکڪه هن سماج ۾ مرد طرفان عورت سان ٿيندڙ اڍنگي ورتاءَ جي خلاف آهي ۽ هن اهڙا ڪيترائي مثال ڏنا آهن، جو سندس ڪھاڻين ۾ مرد کي ظلم ڪندڙ ڏيکاريو ويو آهي.
    ”پرسنٽيج“ ڪھاڻي هڪ مرد جي آهي، جنھن کي نوڪري نه ملي آهي، پر جڏهن هو نوڪريءَ جو آرڊر کڻي صاحب وٽ وڃي ٿو، ته اهو شخص هن جو دوست هو، صاحب کانئس پرسنٽيج طلب ڪري ٿو ۽ اهو مسئلو به اسانجي ڊهندڙ سماج جو جزو بڻجي ويو آهي.
    ”سوچ“ ڪھاڻي نماڻي نالي ڇوڪريءَ جي آهي، ڳوٺ جي ماحول ۾ رهندڙ پر پوءِ اتان لڏي پرڏيهه وڃي، پنھنجي ديس جي ماڻهن کي نٿي وساري ۽ ورهين بعد پنھنجي وطن موٽي اچي، پنھنجي ڳوٺ وڃي ٿي، ۽ اتي نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول کولڻ جو عزم ڪري ٿي.
    اهڙيءَ ريت ليکڪه جون ٻيون ڪھاڻيون مختصر آهن جن وڌيڪ تفصيل ڏيڻ، يا انهن تي تبصرو ڪري، پڙهندڙن جو وقت ضايع نٿو ڪريان. وڌيڪ پڙهندڙ ئي فيصلو ڪندا ته ليکڪه، پنھنجي ڪھاڻين ۾ جيڪي داستان بيان ڪيا آهن انهن مٿس ڪيترو اثر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته فيصلو ڪندڙ ته پڙهندڙ ئي هوندو آهي.
    ليکڪه جي ڪھاڻين جي هن ڪتاب ۾ سندس چئن سٽن واري هيءَ عبارت ”ياد“ ڏاڍي اثرانگيز آهي، جيڪا آءٌ پڙهندڙن سان شيئر ٿو ڪريان ؛
    ”زندگي جو اهو نه وسرندڙ باب هوندو آهي جيڪو ڪڏهن به نه وسرندو آهي، انسان ترقيءَ جي ڪيترن ئي ڏاڪن تي ڇونه پھچي وڃي، پر هن وٽ هڪ نه هڪ شبِ غم ضرور هجي ٿو.“
    ۽ سچ به اهو ئي آهي ته انسان جي زندگي ڏکن، سکن ۽ غمن سان ڀريل آهي. پر انهن ڏکن جي لمحن کي ڪھاڻيءَ جو روپ ڏيڻ، ڏکيو فن آهي. پر هڪ ليکڪ، اهو ڏکيو ڪم سرانجام ضرور ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته هر ليکڪ، حساس دل هوندو آهي، ۽ اهو زندگيءَ جي هر پل، ۽ هر ڳالهه کي ڏاڍي ويجهڙائپ ۽ دوربينيءَ جھڙي نگاهه سان ڏسي ٿو.
    لاڙڪاڻو، خود هڪ تاريخي علائقو آهي، هزارين سالن جي پراڻي سنڌي تھذيب جو مرڪز رهيو آهي. هزارين سالن کان اتي سنڌو درياءُ وهندو پيو اچي ۽ ان جي ڪناري تي وسندڙ ماڻهو به صدين اهو اتھاسڪ ۽ قديم ورثو پاڻ سان نسل در نسل سانڍيندو پيو اچي. ڊاڪٽر آمنه سومرو صاحبه پاڻ شاعري به ڪري ٿي ۽ ڪيتري وقت کان سنڌي ادب سان سلهاڙيل آهي. سندس ڪھاڻين جو هي پھريون مجموعو آهي. اميد اٿم ته لائق پڙهندڙ سندس همت افزائي ڪندا ته جيئن هوءَ صاحبه اڳتي به سنڌي ادب سان پنھنجو موهه جاري رکي سگهي.
    منھنجي کيس به گذارش آهي ته هوءَ سنڌي ادب جي ڪھاڻي کيتر جو مطالعو جاري رکندي اچي، ته جيئن کيس ماضيءَ جي بھترين ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون پڙهڻ جو موقعو حاصل ٿي سگهي.
    اميد ته هوءَ پنھنجي ادبي ذوق ۽ شوق کي آئنده به جاري رکندي. ساڳئي وت تحقيق جي شعبي سان به پنھنجو تعلق جاري رکندي، ته جيئن اسان کي سندس پي ايڇ.ڊي ڪيل ٿيسز جو مطالعو حاصل ٿي سگهي.


    مدد علي سنڌي
    ڪلفٽن ڪراچي.


    پيش لفظ : عورت جا درد

    ڊاڪٽر آمنه سومرو سان پھريون دفعو منھنجي ملاقات ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ٿي جتي هوءَ ايم.فل، پي ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ ابتدائي ريسرچ ورڪ جي هڪ سال جو ڪورس ڪندي هئي، ڏسڻ سان مونکي هي پروقار، پاڻ تي اعتماد ڪندڙ ڇوڪري لڳي. ڪورس ڪرڻ کانپوءِ هئ مون وٽ پي ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ آئي ۽ مون پنھنجو هٿ هن جي مٿي تي رکي ٻه اهم پاڪ رشتا هن سان جوڙي ڇڏيا هڪ ڀاءُ جو ٻيو استاد جو ۽ ٽيون رشتو هن جو مونسان جوڙيو اهو هو اعتماد جو، اهي ٽئي رشتا اڄ به قائم دائم آهن.
    هن جي پي ايڇ.ڊي جو موضوع هو، ”انيس انصاريءَ جون علمي ادبي خدمتون“. سائين انيس انصاري پنھنجي دور جو هڪ معزز، علمي ادبي شخصيت سان گڏ باوقار، ايماندار آفيسر هو، سندس پورو خاندان علم و ادب سان سلهاڙيل آهي، جن مان اشتياق انصاري، اخلاق انصاري، ڊاڪٽر اسحاق انصاري هن دور جا ناميارا ليکڪ آهن.
    ڊاڪٽر آمنه سومرو سنڌي ادب ۾هڪ محققه، شاعره ۽ ڪھاڻيڪار جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. هيءَ پنھنجي اظھار ۾ هڪ نھايت پڪي، پختي، پاڻ تي اعتماد ڪندڙ ڇوڪري آهي. هن مرداڻي سماج ۾ خاص طرح اهو به سنڌين جو اهو سنڌي ڇوڪرين لاءِ کوڙ سارا مسئلا پيدا ڪري ٿو، جن جو اظھار هن پنھنجي ڪھاڻين/ افسانن جي مجموعي ۾ ڪيو آهي ۽ مرد معاشري جي ڀوائتين اکين ۽ جذبن تي لکيو آهي. سندس افسانن جو مجموعو ڊاڪٽر آمنه جي اندروني احساسن جو لکت ۾ اظھار آهي، هن جي آڏو سنڌي مرداڻو سماج ڪيئن آهي، ان جو هن جي تخليقن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت جي حالتن کي جيئن محسوس ڪيو آهي ايئن هن لکيو آهي. منھنجي نظر ۾ هن جو نظريو فلاسفيڪل تاثرائتي سماجي عڪسن منجهان ڦُٽي نڪتل احساس آهي. هن جي لکت جو هڪ پنھنجو تاثر آهي، هن جي سڀني تاثر نما ڪھاڻين ۾ عورتن جا مسئلا آهن.
    هن جي ڪھاڻين جا ڪلائيميڪس وارا جملا پنھنجي اظھار جي سگهه رکن ٿا. هن جي ڪھاڻين ۾ مرداڻي سماج جي تلخي آهي، جنھن ۾ وڏي عمر تائين شادي نه ڪرڻ جا احساس ۽ انيڪ مرداڻي سماج جا چٽ موجود آهن.
    هن جي تاثراتي افسانن جاڪجهه جملا نھايت سگهارا آهن جيڪي زندگيءَ جي احساسن مان لکيل آهن. ڊاڪٽر آمنه جون ڪھاڻيون زندگيءَ جون ڪھاڻيون آهن، جن مان سندس هرهڪ جملو هن جي زندگيءَ جي ڪھاڻي آهي، جن کي پڙهڻ سان ليکڪه جي زندگيءَ جا سڀ درد پَسي سگهجن ٿا. سندس هر افساني جو آخري جملو هن جي زندگيءَ جو گهاريل پَلَ جو آواز آهن.
    ”سونھن درد جي سمنڊ ۾ غمِ جانان کان غمِ دوران تائين پنھنجي سفر کي ڪاٽيندي رهي ٿي ۽ پنھنجي ننڍي وڏي منزل صبر سان طئه ڪري ٿي.“
    مون سندس هن جملي ۾ سندس ڪردار کي محسوس ڪيو آهي، جيڪا نھايت صبر سان طئه ڪندي رهي ٿي، صبر زندگيءَ جو هڪ مِٺو ڦَل آهي، جيڪو هڪ ليکڪه کي دردن سان بسر ڪري زندگيءَ کي گذارڻ پوي ٿو. ”نه وسرندڙ سارَ“ ڪھاڻي/افساني ۾ زندگيءَ ڪين گذارجي جو جملو ڄڻ جيون گذارڻ جي ڪا نصيحت هجي؛
    ”هوءَ زندگيءَ جا باقي ڏينھن زندگيءَ جي سارن ۽ ڪاميابيءَ جي خوشين سان گذاري ٿي، رشتن جي خودغرضي کي ڄاڻي پاڻ ئي سوڀارو ڪري ٿي.“
    سچ به جڏهن خبر هجي ته هت هر ڪردار خود غرض آهي ته پوءِ ڪنھن ۾ اميد ۽ آسرو رکڻ اجائي آهي .... .
    ”سگهڙ“ ڪھاڻي/افساني ۾ هڪ عورت پنھنجي ڌيءَ جي شادي پنھنجي رشتيدار وڏي عمر واري کي ڏيڻ چاهي ٿي.... گهڻو ڪري اسانجي سنڌي معاشري ۾ اها رسم گهڻي پراڻي آهي جيڪا هاڻ ختم ٿيندي به وڃي ٿي پر ڪيتريون نياڻيون ان رسم جي ور چڙهي يا ته ڪنوارپڻ جو درد کڻي ٿيون گهمن يا ڏکي ازدواجي زندگي گذارين ٿيون. هن ڪھاڻيءَ جو ڊائلاگ آهي، ”ڪيترو وقت سانت ڇانئجي وئي، هن ڄڻ ڪنھن انسان نه پر ڪنھن جانور جي ڏيتي ليتي جي ڳالهه پئي ڪئي.“
    ”حاصلات“ ڪھاڻيءَ جو ڊائلاگ ڏاڍو سوچائيندڙ آهي،”عورت شايد شاديءَ تائين خوبصورت هجي ٿي، شاديءَ کانپوءِ عورت لاش ۽ ٻارن ڄڻڻ کانپوءِ گهمندڙ ڦرندڙ لاش بڻجي ويندي آهي.“
    ”سوچ“ ڪھاڻي/افساني جو هڪ اڳتي وڌڻ وارو ڊائلاگ مون کي وڻيو، ”پوءِ هو سڀ گڏجي اڳتي وکون ڀرڻ لڳا.“ اڳتي وکون کڻڻ هڪ سڀاويڪ ڳالهه آهي. ”پرينءَ جي محبت“ واري ڪھاڻي/افساني ۾ اندر جي سونھن جو ذڪر آهي، جيڪا مون کي ليکڪا جي ظاهري ۽ اندروني سونھن جو ذڪر لڳو. ٻيو هڪ ڊائلاگ جنھن ۾ مردن کان سنئون سڌو نفرت جو اظھار آهي، ”اڙي ڇوريون انهن جي بيانن تي نه وڃو، اهي مرد پنھنجي امڙين، ڌيئن ۽ زالن کي ڪھاڙين سان ڪھندا اٿوَ، انهن جي خطابن ۽ ظاهري ڏيک تي نه وڃجو.“
    ”ٿڌا ساهه“ عورت خاص طرح اڻ پرڻيل دونھين آهي، ان جا ٽانڊا ڪڏهن به ڪونه وسامندا آهن، شايد ڪڏهن به نه ٿيا“ ”زندگيءَ جو ته وسرندڙ چيپٽر هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن به نه وسرندو آهي.“ هن ڊائلاگ ته مون کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو، انسان چاهي ترقي جي ڪيترن ئي ڏاڪن تي پھچي وڃي پر ان جي هڪ شبِ غم ضرور هجي ٿي. شادي شده عورتون ڪنوارين ڇوڪرين تي ايئن پيون تير اڇلائينديون ڄڻ غير شادي شده هجڻ ڪو جرم آهي.
    اهڙي طرح ڊاڪٽر آمنه سومرو جون تاثراتي نموني ۾ لکيل ڪھاڻيون سنڌي سماج جو آئينو آهن ته اولڙو به آهن، جن کي پڙهي سنڌي ڇوڪرين جي مسئلن جي ڄاڻ پئي ٿي، خاص طرح وري اها عورت جيڪا خوبصورت به هجي ۽ شعوريافته به، پوءِ ان جي زندگي ته مرد هجن يا عورتون زندگي زهر ڪري ڇڏينديون آهن، اهو زهر هنن ڪھاڻين جي اندر ۾ موجود آهن جن کي هڪ وڏي عمر واري غير شادي شده خوبصورت عورت ڪيئن محسوس ڪري ٿي، اهو احساس ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪھاڻين ۾موجود آهي.
    آخر ۾ مان کيس صلاح ڏيندس ته پاڻ هڪ محقق به آهي ته ان حوالي سان ڪو اهڙو ڪتاب آڻي، جنھن سان تحقيق جي ميدان ۾ هڪ واڌارو ٿئي ۽ هڪ محقق ليکڪه جو هن تحقيقي کيتر ۾ واڌارو به ٿئي.


    پروفيسر ڊاڪٽر عابد مظهر
    ڪراچي


    مرد جنه مات ڪيا

    مرد جنه مات ڪِئا، سسئي لنگهئو سو،
    جبل وڏو جو، نوڻِ مڙيئي نيھه کي.

    محترمه ڊاڪٽر آمنه سومرو لاڙڪاڻي شھر جي هڪ باوقار، نازڪ نفيس ۽ سلڇڻي اسڪالر آهي. ساڻس منھنجي پھرين روبرو ملاقات 8-مارچ 2015ع تي پريس ڪلب لاڙڪاڻو ۾ ٿي هئي جيڪو عورتن جو عالمي ڏهاڙو هو. ان حوالي سان پاڻ عورتن جي حقن بابت تقرير ۾ چيو هيائين ته، ”عورتن کي حق ايستائين نه ملندا جيستائين عورتون پاڻ سجاڳ نه ٿينديون.“ سندس هيءُ ڪھاڻين جو ڪتاب به عورتن جي مسئلن کي ئي اجاگر ڪري ٿو.
    مان سمجهان ٿو ته عورتن جي مسئلن، احساسن ۽ تڪليفن کي پوريءَ ريت هڪ سڄاڻ عورت ئي بھتر نموني سمجهي سگهي ٿي. ڊاڪٽر آمنه سومرو ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي عورت جي احساسن کي، عورت جي ڪمزورين جي سببن کي، عورت جي مجبورين کي انهن کي بھترين نموني نه صرف سمجهيو آهي پر ڏاڍي خوبصورتيءَ سان ڪھاڻين جي ڪردارن جي واتان چَوِرايو به آهي.
    ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته ڊاڪٽر آمنه سومرو جي، اسان جي سنڌي سماج تي گھري ۽ ڪـَرڙي نظر آهي. هڪ ڪھاڻي ”پتلي نما زال“ ۾ ليکڪه چوي ٿي ته،”ماڻهو پيار ڪري مٽجي ٿو وڃي؟ وڏيون وڏيون دعوائون وقت سان واريءَ جي ڪوٽ جيان ڪِري پون ٿيون. هونءَ ته محبت جي لباس کي ته هڪ ڀيرو پائبو آهي پر اڄ جو مرد هر روز مند مٽائڻ کي ئي محبت ڪوٺي ٿو. اسان جي سماج ۾ محبت جو اصطلاح ۽ اطلاق جو سرٽيفڪيٽ صرف مرد کي ئي مليل آهي ته پوءِ ان سان گڏ رهندڙ عورت ڪٿي آهي، جنھن لاءِ هن پاڻ سڪڻ جي سڌ ڪئي هئي. جي عورت ايئن محبت ڪري جيئن مرد ڪري ٿو ته پوءِ هي سماج پاڻ کي ڪٿي ڪٿيندو؟“
    ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪھاڻين جا موضوع، مقصد احساس، پڙهندڙن لاءِ پيغام هڪ جديد فلسفي ڏانھن پڪو اشارو آهن ۽ اهو فلسفو آهي ”عورتا زاد“ جو جنھن کي انگريزي ۾ Feminism چئجي ٿو. سادن لفظن ۾ جيڪڏهن عورتا زاد جي تشريح ڪجي ته هي ٿيندو ”عورت ۽ مرد، ٻئي برابر آهن يا ٻنهي کي هڪجھڙا ۽ هڪ جيترا حق حاصل آهن.“
    عورتا زاد جي فلسفي مطابق مرد ۽ عورت هر لحاظ کان برابر آهن ان ڪري کين زندگي جي هر شعبي ۾ برابريءَ جا حق ملڻ گهرجن. عورتن ۾ مرد جي اطاعت ۽ پنھنجي ذات جي نفي جا رجحان مصنوعي طرح پيدا ڪيل آهن ته جيئن هو مرد جي خواهش جو پورائو ڪري.
    قانون، اخلاقي معيار، محاورا وغيره مرد جا ٺاهيل آهن، جنھن تحت عورت کي گهر جي سونھن، وفا جو پتلو، خدمتگار، شرميلي، پرده دار، مرد جي عزت ۽ غيرت، گهٽ عقل قرار ڏئي کيس هر طرح محدود بڻايو وڃي ٿو. ان ڪري هوءَ آزاديءَ کي آوارگي ۽ برابريءَ کي بدتميزي سمجهندي پنھنجي خودمختياري تان هٿ کڻي وڃي ٿي.
    عورتا زاد جو فلسفو هڪ مثبت فلسفو آهي پر اسان جي سماج جي مردن ان کي ايترو خراب ڪري پيش ڪيو آهي جو اڪثر پڙهيل ڳڙهيل مرد ۽ عورتون به ان جي برخلاف ٿي پيا آهن.
    ڊاڪٽر آمنه سومرو جي ڪتاب جون ڪھاڻيون نه صرف اسان جي مرداڻي سماج کي وائکو ڪن ٿيون پر عورت جي ڏکن، احساسن، ضرورتن ۽ مسئلن کي بيان ڪن ٿيون.
    بيشڪ هي تاثراتي ۽ احساساتي ڪھاڻيون آهن ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪنھن جي احساسن کي سمجهڻ هڪ ڏکيو عمل آهي. پر ڊاڪٽر آمنه سومرو نه صرف ڪردارن جي احساسن کي سمجهيو آهي پر انهن احساسن کي انتھائي خوبصورت انداز ۾ بيان به ڪيو آهي، ان لاءِ کيس جس هجي.


    نثار سولنگي
    2018ع


    ڪهاڻيون

    نه وسرندڙ سارَ

    پيار امرت آ .... اهو ئي ”امرت“ جڏهن جدائيءَ ۾ بدلجي ته زهر بڻجي پئي ٿو پر ان پيار جي امرت پيئڻ اصل موکيءَ ۽ متارن وارو قصو بڻجي پئي ٿو. زندگيءَ ۾ پرهه ۽ سونھن به اهڙي واٽ مان گذريون هيون، سندن جيون بھار مان رڻ بڻجڻ وارو هو. پر انسان کي جيون جي بھارن ۾ اهو پتو ئي نه پوندو آهي ڪيئن نه ننڍپڻ جون سندر ساعتون اسان کان پل ۾ وڇڙي هميشه ننڍپڻ جون يادگيريون، حسرتون ۽ آهون ڏئي وينديون آهن، پر وقت، ها ها وقت جتي سماج جي ظلم جو منصف بڻجي پوندو آهي. اتي ئي اهو وقت وڇوڙي جا ڏهاڳ ۽ انسان جي مٽجڻ جو وارو به جلد آڻيندو آهي ۽ اهڙي ئي وقت مان گذرڻ واريون هيون پرهه ۽ سونھن. سندن اسڪول کان ڪاليج تائين دوستي رهي. هو ٻئي بيحد نفيس، ذهين ۽ پياريون ڇوڪريون هيون، سندن دوستيءَ جا مثال ڏنا ويندا هئا. پرهه صبح جي پھرين ٿڌڙي روشني مثل هئي ۽ سونھن ته هئي ئي وينس، جيڪا سونھن جي ديوي آهي.
    پرهه جي پڙهائيءَ دوران سندس شادي ۽ سونھن جي زندگي المين ۽ حادثن جو ڪُن بڻجي پيئي جنھن مان آسانيءَ سان گذري وڃڻ هنن ٻنهي لاءِ وڏو مشڪل مرحلو هو. پرهه ۽ سونھن ٻارهين ڪلاس پاس آئوٽ ڪرڻ شرط ئي سندن نتيجو وڄ بڻجي ڪريو ۽ هنن ٻنهي کي پھريون ڀيرو زندگيءَ پنھنجو اصل رنگ ڏيکاري رهي هئي ته وڇوڙا به ڪي زندگيءَ جا ٿيندا آهن، زندگي صرف ٻاروتڻ کان نوجوانيءَ تائين جي، ٻالڪپڻ کان نازن سان پلجڻ، ذهانت ۽ صرف پيار جو نالو نه آهي. پر اها زندگي ئي آهي ۽ اهو وقت ئي آهي جيڪو اسان کي الميا، حادثا، وڇوڙا، مٽجڻ، بھتر ۽ ابتڙ ٿي حالتون ارپي ٿو ۽ انسان کي زندگيءَ جي وزن جي خبر پوي ٿي. سونھن، ڏاهپ جو ڀنڊار هئي. سندس سونھن وينس ديوي جيان هئي. پر.... ايندڙ وقت پرهه کان به وڌيڪ سندس ڏاهي دوست سونھن ۽ سندس وجود لاءِ ٽريجڊي آڻي رهيو هو.....!؟ پر جتان شروعات ٿي هئي، اهي مشڪل گهڙيون سھڻ نه صرف مشڪل پر مصيبت بڻجي پيون هيون. ٻارهين درجي جي نتيجي انهن کان دوستي جھڙو پاڪ ۽ اعلى رشتو کسي ورتو هو. اهي ٻئي حيرت جي احساسن ۾ هڪجھڙين ڪيفيتن ۾ مبتلا هيون ۽ پنھنجي اندر نراسائي هڪٻئي تائين پڄائي رهيون. اچانڪ سونھن سندس هٿ تي هٿ رکي چيو هو،”ڪو مسئلو نه آهي پرهه؟“.
    ”مان تنھنجي سليڪشن تي تمام گهڻو خوش آهيان ۽ پوءِ به اسان ٻئي گڏ هونديون سين.“ پرهه خاموش رهي! ۽ پوءِ جڏهن اهي هليون ته انهن جا پير پاڻهي نه ڄاڻ ڪلارڪ آفيس ۽ ڪاريڊور ۽ پوءِ لان ڏانھن هلندا رهين. سندن مارڪ شيٽون کين پنھنجي پنھنجي هٿن ۾ هيون. پرهه جون مارڪون اي ڪلاس جون ٽاپ مارڪون هيون، جڏهن ته سونھن هن کان ٻن مارڪن تان گهٽ هئي.
    هوءَ بنهه خاموش هئي ۽ سونھن اهڙي خاموش هئي ۽ سونھن جي اهڙي خاموشي ڪنھن جي به پسند نه آهي، سندس پنھنجي به نه. هوءَ اهڙي خاموش جنھن ۾ ٻه انسان هڪ ٻئي کان الڳ هجن، انهن کي اداس ڪري وجهندي آهي ته پوءِ ڪيئن هوءَ پنھنجي هڪڙي سھيلي کي ايڏي گنڀيرتا ڏسي سنگهندين تنھن ڪري سونھن تسلي وارو حصو ادا ڪندي، پنھنجي اداس پرهه کي چيو،”پرهه ان ۾ اداس ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي، تون ۽ مان هر چيز کي منھن ڏيئي سگهون ٿا، پنھنجن همتن ۽ حوصلن سان.“ پرهه چيو ”سونھن اسان ٻئي هڪٻئي کان سوا ڪيئن رهي سگهنديون سين؟“
    ”مان توکي اڪيلو نه ٿي ڪري سگهان؟ اسان ٻنهي جي هڪٻئي سوا ڪنھن ٻئي سان دوستي به نه آهي ۽ توکي مان ڪيئن اڪيلو ڪريان؟ مون کان نه پڄندو ۽ تون ٻڌاءِ تون مون کان سواءِ ڪيئن رهي سگهندينءَ، تون ته مون کي ئي پنھنجي دوست مڃيندي آهين ۽ صرف مون کي ....“
    سونھن اداس ٿيندي ”پرهه اسان جي گهر ۾ ٽيليفون آهي ته اسان جو پاڻ ۾ رابطو رهي سگهندو، تون بس خوشيءَ خوشيءَ سان ميڊيڪل ڪاليج ڏانھن اچڻ جي تياري ڪر. اها تنھنجي مون تي مھرباني ٿيندي. پرهه مان توکي خوش ۽ ڪامياب ڏسڻ گهران ٿي.“
    پرهه چيو، ”ڏسجانءِ سونھن اسان ٻئي هڪٻئي کان جدا ٿي ڪٿي اڪيليون نه ٿي وڃون.... ۽ خاص طور ”تون“ سونھن هون .... ائين ٿي سگهي ٿو؟ پرهه ائين به ٿي سگهي ٿو. دنيا ممڪنات جو نانءُ آهي..... پر پوءِ مون کي تنھنجي خوشيءَ لاءِ ۽ تنھنجي سھڻي مستقبل لاءِ اهو سڀڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو ۽ شايد تون به ساڳين ڪينٽين ۾ رهين ..... ۽ شروع ۾ ميڊيڪل ڪاليج تو لاءِ نئون هجي پر پاڻ کي آهستي آهستي ان ماحول ۾ ايڊجسٽ ڪري وڃجانءِ.“
    اهي سندن الوداعي ملاقات جا آخري جملا هئا، جنھن کانپوءِ بھرطور ”هنن“ کي پنھنجي پنھنجي زندگيءَ جي رستن تي هلڻو هو. سونھن جي گريجوئيشن جي ڪلاسن جو آغاز نه ٿيو هو پر پرهه ميڊيڪل جي شاگردياڻي بڻجي، پنھنجي والدين سان گڏ وڃي پنھنجي داخلا جي طريقه ڪار کي وڌايو ۽ هڪ نئين وک جيڪا عزم ۽ مستقبل سان ڀرپور هئي ڏانھن وڌي ان کي پنھنجو ڪيو ۽ مستقبل ۾ صرف ۽ صرف بھترين ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواب کي سامھون رکيو.
    انسان جي سمورن رشتن ۽ دعوائن کي وقت پرکي اسان کي اها پرک ڏيندو آهي جو اسان پوءِ .... سمجهندا آهيون.... ته کليل۽ بند اکين جا سمورا خواب اجايا هوندا آهن.
    چوندا آهن ”جو چلهه تي سو دل تي“ وقت جي دوري ڏاڍائي بڻجي اهي وٿيون پيدا ڪندي آهي جيڪي پھريان عذاب، ايذاءَ، پيڙا ۽ پوءِ ڪڏهن به نه ڀرجڻ جا گهاوَ بڻجي پوندا آهن.
    پرهه پنھنجي گهر ۾ صبح جي ٿڌڙي هير مثل هئي ته سونھن ته هئي ئي وينس. سونھن، عقل ۽ ڏاهپ جي ديوي هئي. سونھن ۽ پرهه جا گهراڻا روايت پسند گهراڻا هئا پر انهن ٻنهي گهرن جو ناهي گوهر ماڻڪ موتين جيان هيون.
    هنن ٻنهي کي نه صرف ٻنهي روايتن سان پيار هو پر ان سان گڏوگڏ هو ٻئي جدت کي پڻ پسند ڪنديون هيون. سندن ارڏائپ جو ويجهو سايو انهن تي اچڻ وارو هو ۽ انهن ٻنهي کي پنھنجي پنھنجي خيالن روايتن ۽ جدت سان گڏ کڻي هلڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو هو، جنھن کان دنيا اڻ واقف هئي.
    پر سونھن کي ڪجهه ڪجهه ڄاڻ پئجي رهي هئي. بھرحال هو وقت سان گڏ ڪڏهن سھانجڙيءَ جي ڇانوَ، ڪڏهن نم جي ڇانوَ، بيد مشڪ جھڙي نزاڪت، کان پپل جي جي ڇانوَ جھڙين روايتن مطابق بڻجي پيون ۽ زندگيءَ جي تيش کان پنھنجن کي ۽ پاڻ بچائڻ جي ڪيائون. پرهه ان سلسلي پنھنجي والدين جي چوڻ تي شادي، تعليم ۽ ٻارن جي صورت قرباني ۾ ڏئي، آخرڪار ذات جي قيدي وهڪري ۽ خواهشن، جي پورائي ڪئي ۽ پنھنجي ماءُ جي اسٽيٽس تي ٻه ڀرا قربان ٿي. اسٽيٽس جي ڇانوَ کي سڀڪجهه ڄاتو ۽ پنھنجي اوائلي زندگيءَ اديس رشتن ۽ سڀ کان وڌيڪ سونھن کان پري هلي وئي. جڏهن ته سونھن زندگيءَ جي ڌرتـتين کي منھن ڏئي ٿي، ايستائين جو هوءَ سڳنڌ ۽ سرهاڻ، گلاب، موتيو، رابيل ۽ سوسن، مگرو ۽ مارح بڻجي پئي ٿي پوءِ به دردن جا درياءَ سمنڊ بڻجي پون ٿا.
    پرهه جي شادي ميڊيڪل جي چوٿين سال ۾ ٿي ۽ سونھن اڪيلائين ۾ قلم، ڪتاب، ڌرتي ۽ سرتي سان دل لڳائي محبت لافاني جذبي جي آڌار تي مامتا کان شفقت تائين، دوستيءَ کان ويندي پيار جي جدائي ۽ ان جي معراج تائين هجر ۽ وصال جي وارداتن تائين، اڪيلائين جي رڻ کان حقيقي محبوب جي سرمستي عشق تائين پڄي ٿي.
    سونھن درد جي سمنڊ ۾ غمِ جانان کان غم دوران تائين پنھنجي سفر کي ڪاٽيندي رهي ٿي، پنھنجي هر ننڍي وڏي منزل صبر سان طئي ڪري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سونھن ئي روئي ٿي، رَڙي ٿي، پوءِ به پنھنجي بنياد جي پاڙن کي نه ٿي ڇڏي. آخر سندس شمار نه صرف سونھن راڻين ۾ ٿئي ٿو پر هو ڪاميابين جا ڪجهه قدم اڳتي ڀري پنھنجي نانءَ کي پنھنجي ڌرتيءَ جي سرتين منجهه شامل ڪرائي ٿي ۽ پوءِ اڪيلايون ئي سندن رشتا، ناتا بڻجي پون ٿيون ۽ هوءَ زندگيءَ جا باقي ڏينھن زندگيءَ جي سارن ۽ ڪاميابين جي خوشين سان گذاري ٿي ۽ رشتن جي خودغرضي کي ڄاڻي پاڻ کي سوڀاري ڪري ٿي. پوئتي صرف ڀوڳنائون ۽ ڀوڳنائن جون يادون رهجي وڃن ٿيون.

    **


    سُگھَـڙ

    فضيلا پنھنجي ماءُ جي اڪيلي ڌيءَ هئي، سندس ماءُ ٽيچر هئي ۽ پيءُ هوٽل جو مئنيجر، جيڪو سندس دوست جو هئو. فضيلا جي ماءُ چڱي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سمجهدار خاتون هئي پر سندس ساهراڻو ۽ پيڪاڻو گهر ڄڻڪ هڪ ئي وقت وڏي گهراڻي جي مالڪياڻي هئي ٻنهي طرفن ڏانھن.
    مائي سمجهدار هئڻ سان گڏ ڪنھن قدر جواني ۾ خوش شڪل پڻ هئي، نظر محمد، فضيلا جي پيءُ جي وڏي دل هئس. پنجن ٻارن منجهان فضيلا سڀن کان ننڍي، چار ڀائر وڏا هئس پر فضيلا ۽ نذر محمد جو سموريون خوشيون ڄڻ ته فضيلا هئي. سندس ناز ۽ نخري، تعليم ۽ تربيت، پيار ۾ ٻنهي وسان ڪونه گهٽايو هو. جيتوڻيڪ هو ٻين پٽن کي به تمام گهڻو ڀائيندا هئا. پر فضيلا ته سندن نياڻي هئي، سندس هر ضرورت کي پورو ڪيو ويندو هو، ماءُ سگهڙ ته ڌيءُ به سگهڙ ۽ سلڇڻي سو فضيلا کي سندس امڙ هر طرح سان سنواري سينگاري وڏو ڪيو ته اصل مائي جي مٿي ۾ اچي جونءَ پئي سو هيڏانھن نھاري هوڏانھن نھاري ته به مائي اها ئي اوک ۽ ڊوک ته بس فضيلا هاڻي وڏي ٿي وئي آهي. مان پنھنجو فرض پورو ڪيان ۽ کيس شينھن ڪلهي چاڙهيان، سماج ۾ جتي عورت کي مرد مڙس جي حيثيت ۾ سڀڪجهه ۽ سڀ گهر گهر جا گورننگ پاور ڏيندو آهي ۽ مائي جي ئي ٻڌندو آ ته مائي، بس آپي مان نڪرندي ۽ اهو ڪري ويھندي جيڪا سندس حاڪميت جي سوچ ۽ رڳ ظاهر ٿي پوندي آهي. بس پوءِ مڙس به ويچارڙو ٿي گهمندو نه ته اڳتي ماني ڳڀي لاءِ به سڪائيندس، پئسي ڏوڪڙ کان به ويندو ويچارو. دوست داڙين به پئي پڇندس ته ادا ڏسوس حال ويچاري جا اصل مائيءَ جي اڳيان ته هلي ئي ڪونه ٿي. سو نظر محمد به ڪئي بس، جيڪو ڪري فضيلا جي ماءُ ..... ۽ فضيلا جي ماءُ کي وڻي ٺاهه ٺوهه، پئسو پائي... حسب نسب يا مئي جا لشڪارا ته مان فلاڻي نسب جي آهيان..... آهي ڪو ٻيو جو اسان جھڙو جسو رکي نه ته ادي اميران ..... اهي ماڻهو وڏا ڪمينا اٿئي ..... اسان ته ادي پنھنجن کان سوا ڪٿي نه ڪيون، پنھنجا ماري به ڇانوَ ۾ اڇلائين پرايا......... سو منھنجي فضيلا ته وڏن نازن سان پالي اٿئي.
    ”ادي بس تون ٻيھر تڪليف نه ڪجانءِ.“ فضيلا جي ماءُ چانهه جا ٻه ڪوٽ ۽ بسڪوٽ ٽيبل تي رکندي اميران کي چيو.
    اميران چيو ته، ”مائي ڪو آسرو اٿئي، تڏهن پئي ٺپ جواب ڏينم... ادي وڃي پاڻ ڄاڻ .... ڀلا ٻڌائينم ته پوءِ ڪٿي آهن تنھنجا ارادا .... “
    ”اميران مان ته پنھنجي فضيلا ڪو گهر کان ٻاهر ٿوروئي ڏيندس. ادي منھنجو ته هنيانءُ ڦاٽي پوندو....“
    ”جيئي شال..... ڪھڙي نه نماڻي آ منھنجي ڌيئڙي....“
    ”ها ته پوءِ مان به ته تو ڏانھن ان ڪري اهو رشتو آندو آهي... وڌيڪ تنھنجي مرضي... ادي ... ماڻهو ته هي به ڀلا هيئي ڇوڪرو پڙهيل لکيل ۽ انڪم ٽيڪس ۾ آفيسر پڻ آهي. حسب نسب ۽ چڱي پوش وارا هيا.“
    ”ادي نه نه اميرا! پرايا پرايا آهن.“ فضيلا جي ماءُ وراڻيو.
    ”ته پوءِ ڀلا کڙڪ ته ڏينم ته تنھنجي ڪٿي مت منجهي آ، آخر تون ڪٿي ڏيڻ ٿي چاهين؟“
    ”ادي پاڻ تائين رکجانءِ بس منھنجا ارادا اٿئي پنھنجي ماسات ڏانھن .....“
    اميران ”هان ... هان چوي ڇا پئي ..... ائي ادي تون پڙهي لکيءَ جون به متيون منجهيل ته پوءِ اسان جھڙين جو ڪھڙو ڏوهه جن اسڪول ڏٺو ئي ڪونه مائي ....“
    ”ڀلا تنھنجي ماسات ۾ ڪھڙا سرخاب جا پـَرَ آهن، اڙي اِن جي عمر ته ڏس، پنھنجي فضيلا ته هن جي ڌيئن جي برابر آهي.....“
    فضيلا جي ماءُ ”بس ادي منھنجي ماسات مُئي ماسيءَ جي نشاني اڪيلو ڇوڪرو .... ڪو نه اٿي! .... سواءِ منھنجي، سو ڪمائي به جام ٿو.... ڪاروبار ڪپڙي جو جام پيو هليس. واپار وڙوته وڌندڙ ٻيو ته پنھنجو آهي. نظر محمد کي به ڪَنَ تي هنيو اٿم. ادي هاڻي توکي خبر پئي سو ٻيلي خدا کي مڃ، ايئن نه ٿئي ته ملڪان ملڪ کڻي مشھور ڪرين.“
    ”ائي مائي تنھنجي آهي ڌيءُ، شي به تنھنجي- وئي آئينو ڏسي، مت کسي، سو جيئن وڻئي تيئن ڪر. اڳتي جو به سوچ، زماني جي مائي، اولاد جو به سوچ.... ڇوڪري تنھنجي پئسو ڀي ٿي پر ..... اسان جو ڇا ..... وڃي کڏ ۾ پئو .....“
    ڪيترو وقت سانت ڇانئجي وڃي ٿي. هن ڄڻ ڪنھن انسان نه پر جانورن جي ڏيتي ليتي لاءِ ڳالهه پئي ڪئي.

    **


    پتلي نما زال

    ماڻهو پيار ڪري مٽجي ٿو وڃي، وڏيون وڏيون دعوائون وقت سان واريءَ جي ڪوٽ جيان ڪِري پون ٿيون. هونءَ ته محبت جي لباس کي ته هڪ ڀيرو پائبو آهي پر اڄ جي محبت هر روز بند مٽائڻ کي ”محبت“ ئي ڪوٺي ٿو. اسان جي سماج ۾ محبت جو اصطلاح ۽ اطلاق جو سرٽيفڪيٽ صرف مرد کي ئي مليل آهي ته پوءِ ان سان گڏ رهندڙ ”عورت“ ڪٿي آهي. جنھن لاءِ هن پاڻ سڪڻ جي سڌ ڪئي هئي، جي عورت ايئن محبت ڪري جيئن مرد ڪري ٿو ته پوءِ هي سماج پاڻ کي ڪٿي ڪٿيندو.
    سنجها سان پيار ڪندڙ تمام خوش شڪل، خوبرو، رعبدار ۽ شان شوڪت رکندڙ هن سماج جو فرد ۽ مرد هو. اسان جي سنجها کي ڏسندي ئي چريو ٿي پيو هيو..... اصل ”ديوانو“ مجنون وانگيان ... سنجها سان به ساڳي ئي وارتا هئي. شعيب جي پيار ۾ هوءَ پنھنجي ننڍپڻ جي سھيلين کي به وساري چڪي هئي، ۽ پوءِ آخرڪار جيئن ٿيندو آهي ٻنهي خاندانن، شعيب ۽ سنجها جي رضامنديءَ سان شادي به ٿي وئي ۽ هاڻي اسان جي سھيلي اپسرائن جي ديس جي هڪ اپسرا بڻجي سندس نانءَ کي هٿن، لبن ۽ دل جي تحرير سان ليک مڪمل طور تي مسز شعيب بڻجي هڪ وڏي اسٽيٽس واري زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪي هئي، حد ته ايتري ڪئي هئائين، جنھن جي هن کان اميد نه هئي.
    هن پنھنجي شاديءَ جي انهيءَ سھڻي ۽ سندر خوشيءَ ۾ پنھنجي ڪنھن به سھيليءَ کي نه گهرايو هو. سنجها جي سڀني سھيلن کي ان ڏينھن ياد ڪيو هو ۽ هوءَ پجارو ۾ رخصت ٿي سندن شھر ئي ڇڏي هلي وئي هئي. پر وقت وڏو بي رحم ۽ محبت جو ڍونگ ان کان به قاتل هوندو آهي. سنجها بنيادي طرح روايتي ڇوڪري هئي..... پر شعيب بنهه ان جي ابتڙ. سنجها جھڙي ماهه پري ڪجهه سالن ۾ شعيب جي گهر ۾ اجنبي ۽ اوپري ٿي پئي، ڇاڪاڻ جو هوءَ هاڻي سنجها سندس زال هئي ۽ شعيب پنھنجي خالي محبتي خول ۾ هن کان سڀڪجهه وٺي چڪو هو. بس هاڻي هوءَ هن جي گهر ۽ دل جي گهر ۾ هڪ پتلي نما زال هئي جنھن کي پنھنجي شعيب جي هر ضرورت، سندس گهر ۽ ٻار سڀڪجهه ته سنڀالڻو هو، نه هيو ته ڪوئي فرض صرف شعيب جو نه هو، جنھن هن کي ڪوڙي محبت جي دعوى ڪري سندس شخصيت اعتماد به کسي ورتو هو.
    جڏهن هڪ ڏينھن ان جھڙي ئي وجود کي گهر وٺي اچي هن جي سامھون چوي ٿو توهان ڪچن ۾ وڃو ۽ ترت چانھه ۽ مانيءَ جو بندوبست ڪريو، ڏسو نه پيا مھمان آيا آهن، سي به پري کان ....!!!
    ان وقت سنجها پاڻ کي بلڪل به پتلي سمجهڻ شروع ڪيو، جنھن جون ڏوريون مردن جي آڱرين ۾ هونديون آهن ۽ مرد جڏهن چاهين ۽ جيئن چاهين کيڏائي سگهن ٿا.

    **


    حاصلات

    منھنجي ملاقات هن سان پندرهن سالن کانپوءِ ٿي رهي هئي، جڏهن پاڻ ٻئي جدا ٿيون هيونسين. تڏهن اسان جي عمر 10 سال هئي. پندرهن سالن کانپوءِ 25 سالن ۾ اسان جي عمر داخل ٿي چڪي هئي. سو مون لئه حيرانگي ۽ هن لاءِ به حيرت وجهندڙ هو. نو نو بلڪل نه، ڪيئن هڪ شھر ۾ رهندي به انسان هڪٻئي لاءِ پرديسي بڻجي پوي ٿو.... سو .... ڇو.... گهڻا ئي سبب آهن. سڀ کان وڏو سبب آ هڪٻئي کان لاتعلقي رکڻ، دليلون ۽ ڪارگذاريون ذهني ليول ملي ته ٺيڪ نه ته انسان ڏاڍو آهي. ڇاڪاڻ جو جنھن هن کي ٺاهيو سو به ڏاڍو آهي. سڀ رنگ ڏنا اٿائين....
    ننڍپڻ کان وٺي وڏي لاءِ تائين هر رشتي۽ هر تعلق ۾ ويجهڙائي قائم رهڻ جا اسباب اهي آهن ته انهن ٻنهي جي شين متعلق ائپروچ ساڳي نه ته گهٽ ۾ گهٽ سليڪشن ساڳي هجي. حسن آرا ۽ منھنجي وچ ۾ ويڇا به ايئن ئي ٿيا هئا. هوءَ منھنجي گهر ۾ منھنجي حيثيت يعني بلڪل مون جيان ڌيءَ سمجهي ويندي هئي ۽ مان هن جي گهر ۾ پيار جي قابل سمجهي ويندڙ سمجهدار ۽ ڏاهي سمجهي ويندي هئس. پر سندس ناني مون کي حسن آرا جي جڳهه تي سمجهندي هئي سندس گهر ڀاتين ۽ اوڙي پاڙي وارا سڀ مون کي سونھن ۽ پيار جو مرڪب ۽ ذهين سمجهندا هئا. جڏهن ته حسن آرا جي خوبين ۾ سندس ٻاراڻي سونھن سوا ٻيو ڪجهه نه هئو ۽ نه هوءَ وڏن جو چوڻ وٺندي اسڪول ويندي هئي ۽ نه راند کيڏڻ کان مڙندي هئي. سندس هٿ تي سڄو ڏينھن رانديڪا، ٺڪرين وارا ٺپا ۽ ٻئي هٿ ۾ ........ جا کٽاڻ وارو ڪاغذ جنھن کي هوءَ کائيندي ۽ واپرائيندي رهندي هئي. سو انهن ڳالهين ڪري سندن نانا بابا، ناني امان ۽ سندس امڙ ڏاڍا پريشان رهندا هئا. حسن آرا سھڻي ته هئي پر عقل کان ڪڏهن به ڪم نه وٺندي هئي. ڪوئي به ڪجهه به سمجهائيندو هئس ته هوءَ چپ ڪري بيھي رهندي هئي ۽ دڙڪا کائي کسڪي وري کيڏڻ هلي ويندي هئي.
    اسڪول کان پري رهڻ، سيپاري جو سبق پڙهڻ تي هن کي ٻاجهه جو ٻرو چڙهي ويندو هو. باقي ڪا سھيلي جيڪڏهن هن سان سڄو ڏينھن راند ۾ گذاري ته پوءِ حسن آرا خوش خوش رهندي هئي. هن جو پيءُ سدائين ٻاهر رهندو هو، ڇاڪاڻ جو هو ٽيڪسي ڊرائيور هو. جنھن گهر ۽ ٻار تي پيءُ جي تربيت ۽ ڪشش جو پرتوو گهٽ هجي اهو ٻار ۽ گهر ڪڏهن نه ڪڏهن ٽٽي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو اسان جو سماج ”مرد“ جي آڌار تي بيٺل آهي، نه ڪي ماءُ جي. سو ايئن ته ٿيڻو هو، حسن آرا هڪ ڏينھن مون کي چيو هو، ”ڏس مومل تنھنجي ڪري مان گهر ۾ هر روز دڙڪا کاوان ٿي، تون ڀلا روز اسڪول ڇو ويندي آهين؟ تون اسڪول کان گسائيندي ڇو آهين؟ توکي اسان سان مزو ڇونه ايندو آهي؟ اسان تنھنجيون سھيليون نه آهيون؟ راند روند ڪرڻ ۾ توکي آرام نه ايندو آ؟ ڇو؟؟ سڄو ڏينھن ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪھڙو مزو آهي؟“
    مان ان وقت پنجين ڪلاس ۾ هئس چاهيم پئي ته سندس هر سوال جو جواب ڏيانس پر سڀني سوالن جو صرف هڪ سوال هيو، ”توکي تعليم، اسڪول ۽ ڪتابن سان پيار ڇو آهي؟“ بس پوءِ انهيءَ سوال جو جواب ڏيندي مون ان کي چيو ته،”اڄ کانپوءِ تون ۽ مان سھيليون نه آهيون. نه تون مون ڏانھن ايندي ڪر ۽ نه مان توڏي اينديس. ڇاڪاڻ جو توکي پڙهائي سان ڪابه دلچسپي نه آهي. پر تون اڳتي وڏي ٿي پڇتائيندينءَ.“ ۽ پوءِ ٿيو به ايئن هوءَ منھنجي پياري دوست هئي ننڍپڻ جون خوشيون انسان کي اهو سرمايو هونديون آهن جنھن جي آڌار تي وڏي ٿيڻ جا ڏک سٺا ويندا آهن. تنھن لاءِ ته هر ڪنھن کي ننڍپڻ عزيز ۽ پيارو لڳندو آهي.
    سو اسان جو بابا جو هڪ مل ۾ ڪم ڪندو هو تنھنجي مل جي نئين کليل سيڪشن ۾ ٽرانسفر ٿي ۽ ائين اسان ٻئي گهڻو پري هليون ويوسين، جنھن ڏينھن اسان اتان ٻئي شھر جي وڃڻ جي تياري ڪري رهيا هئاسين مون ان ڏينھن حسن آرا کي ڏاڍو ڳوليو پر هوءَ نه لڌي. مون سندس گهر وڃي سندس نانا ناني ۽ امي جنھن کي وري مان ادي ڪوٺيندي هئس موڪلايو ۽ سندس لاءِ گهڻا سلام ڏنا. ڏکاري دل سان اسان اهو شھر ڇڏيوسين، تن ڏينھن ۾ انسان جا انسان سان لاڳاپي جا ذريعا صرف خط پٽ هئا ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه دل جي آهي. پر منھنجي دل ته هن سان هئي پر پوءِ به مان هن کي ”ڪونه پڙهائي سگهيس“ ڪوئي به هن کي ”ڪونه پڙهائي سگهيو“ ۽ نتيجي ۾ هوءَ اٺ درجا پڙهي گهر ويٺي. سندس تعلق ٻروچ خاندان سان هو، سو هاڻي جڏهن هن کي پاڻ سان ڪيل بري ڀلي جي خبر پئي ته هن جو گهر کان نڪرڻ بند ٿيو.
    حسن آرا سھڻي ته هئي ۽ ماٺيڻي پڻ پر هاڻي اندر جو جيءُ هن سان نه هيو. سندس رشتو بغير پڇا ڳاڇا جي سندس سئوٽ سان طئي ٿيو ۽ پوءِ هن پنھنجو پاڻ وڏي ۽ پنھنجي ننڍپڻ جي دوست کي ياد ڪري ڏاڍو رُنو هو. جڏهن هوءَ مون سان ملي ته سندس سڏڪا هئا جو بس نه پيا ڪن ۽ پوءِ هن پنھنجي شادي شده زندگي ڪجهه ڏکاري انداز ۾ بيان ڪئي؛ پر مون کي ايئن لڳو ڄڻ هوءَ شادي هوندي زنده لاش بڻجي وئي آهي.
    مان جڏهن هن جي گهر اندر داخل ٿيس ته پھريان پڇيم هي حسن آرا جو گهر آ.... شڪ ۾ پوندي ها ۽ ڪجهه قدر سڃاڻيون جيڪو مون کي سندن چھرن مان معلوم ٿيو ۽ ايئن سامھون بيٺل سندس ننڍي ڀيڻ جيڪا منھنجي هم نام آهي سا مون کي ڏسڻ شرط ڊوڙندي اچي مون کي ڳل لاتو باجي، آپي، ڀيڻ توهان اسان جي ڀيڻ آهيو نه .... مون اوهان کي صحيح سڃاتو نه. مون چيو، ”ها راڻي بلڪل صحيح، تون ڪيڏي نه وڏي ٿي وئي آهين، حسنه ڪٿي آهي.... توهان سڀ هتي شفٽ ٿي ويا آهيو؟؟ مون توهان کي ڪيڏو ڳوليو آهي؟“
    ”ها هي منور جو ساهراڻو گهر آهي. باجي اندر آهي، هوءَ مون کي هٿ کان وٺي اندر وٺي وئي..... وائيٽ چادر ۾ سھڻي ۽ اڇي چٽ رنگ تي سندس ”حسن آرا“ نالو هن وقت به فٽ پيو اچي. هوءَ جڏهن مون سان ڳلي ملي ته ننڍپڻ کان وڏي لاءِ تائين جا سڀ درد اسان ٻنهي جي اکين مان لڙڪن جي صورت ۾ وهي هليا ۽ پوءِ اسان اتي ئي ويهي رهياسين.هوءَ مون کي جيئري ستي بڻيل محسوس ٿي ۽ منھنجي من کي به هوءَ بلڪل سمجهي وئي. اجهاميل اجهاڻيل انتظار زندگي جي ڪجهه سالن جو هجي پر هئو صدين جي پيڙا ۾ گذرندو آهي ۽ حسن آرا شادي شده هوندي به اجڙيل هئي. سندس چھري تي ڪا خوشي ۽ سندن لبن تي ڪا لالي نظر نه آئي. سندس ور گڏ هوندي به سندس جو نه آهي. ٻڌايائين مون کي خبر نه آهي؟شاديءَ کي ڏهه سال ٿيا آهن پر هو مون سان ڳالهائڻ به گوارا نه ڪندو آهي. منھنجي هٿ جي ڪابه چيز نه وٺندو آهي. بس مان زنده لاش آهيان، جيڪو پيو ساهه کڻي. اسان جي روايتن کي ته تون ڄاڻين ٿي، بس سڀڪجهه اهو ئي حاصل ٿيو اٿم. شايد عورت شادي تائين خوبصورت هوندي هئي، شاديءَ کان پوءِ عورت لاش ۽ ٻارن ڄڻڻ کان پوءِ گهمندڙ ڦرندڙ لاش بڻجي ويندي آهي.
    **


    پرسنٽيج (Percentage)

    سـارنـگ پـنـھـنـجـي ڪـمــري ۾ پـنھنجي پــراڻي اســٽــڊي ٽــيــبل (Study Table) ۽ ڪرسيءَ تي ڪنھن قدر پراڻن ڪتابن جي ڍڳ کي اڳيان رکيون، ٻه چار اڇن پنن ۽ هڪ ڊالر پين سان پنھنجون يادگيريون لکي رهيو هو. سياري جي رات هئي،قسمت سان مھيني جي پگهار جي بچت مان ”ڪافي“ پڻ خريد ڪئي هئائين. ان جو ڪوپ ٺاهي پوءِ هو پڙهندو به هو ۽ لکندو به هو. اسان پاڙيسري ٻار هئڻ ڪري جڏهن به سندس ڏانھن ڪجهه کڻي ويندا هئاسين، ڪڏهن جمعي جي ختمي جي ماني، ڪڏهن ڪائي سٺي پڪل شيءِ، ڪڏهن عيد جي ماني.... اسان ان کي سندس هڪ ڪمري ۽ ورانڊي واري گهر ۾ تن تنھا ڏٺو، ڪوئي مٽ مائٽ ڪونه هئو. چاچا سارنگ جو. بس هڪ دوست هئس. اسان پاڙي جي ٻارن کي سارنگ چاچا پيارا ٻارو ڪري کيڪاريندو هئو. هميشه پڙهائي ڪرڻ جي نصيحت ڪندو هو.
    چاچا سارنگ جو اهو هڪ يا ته روز پيو ايندو هيس يا وري مھينن ۾ به ڪونه ڏسندا هئاسين. سندس نالو هو ”سورهيه“ اسان سڀ ان کي به چاچا ئي ڪوٺيندا هئاسين پر هو اسان ٻارن کي ايترو مچلو نه ڪندو هو. پر سندن ٻنهي جي دوستي هئي لازوال ڏسڻ ۾ ئي ايندو هيو ته پر هوندي به هنن جي هڪٻئي سوا سري ئي نه ٿي ۽ شايد دنيا ۾ ٻيو ڪوبه هنن کي سمجهڻ لاءِ رشتو شايد نه مليو هجي. تنھنڪري ئي هو هڪٻئي جا دوست بڻجي ويا هئا. پر خير اسان ته هئاسين پنھنجي راند جي ميڙ ۾ ڪجهه ڳالهائي، راند کيڏي وري هڪ ٽنگ تي ٽپا ڏيندا گهر ڀڄندا هئاسين. امان جي ڊڄ کان ۽ بابا جي اچڻ کان.
    چاچا سورهيه هميشه خاموش رهندو هو ۽ چاچا سارنگ وري کل مک انسان هو. اسان جڏهن به ڪجهه سٺو پچائيندا هئاسين ته مان انهن لاءِ امان کان پليٽ ٺھرائي چاچا سارنگ ڏانھن ضرور کڻي ويندي هئس. چاچا سارنگ سورهيه سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو.
    هڪ ڀيري چاچا سارنگ مون کي ٻڌايو هو ته سورهيه منھنجي ننڍپڻ جو دوست آهي. منھنجي ذهن ۾ سندن اڪيلائي متعلق سوال ته گهڻا هئا پر آءٌ گهڻي ڀاڱي اهي پڇڻ کان لنوائيندي هئس. ڇاڪاڻ جو چاچا سارنگ جي گهر ۾ رڳو اڪيلائي هئي. پر چاچا سارنگ کان هڪڙو انگل مون به ڪيو هو، جي چاچا سورهيه اوهان جو دوست آهي ۽ ٻيو ڪوبه نه آهي ته چاچا سارنگ مان ......!!!؟؟؟
    کلندي چيائين، ”اڙي بابا تون به منھنجي ننڍڙي.... پياري دوست آهين.... پريت تون تمام گهڻي صدوري آهين ۽ ذهين پڻ، تون پنھنجي چاچا جو ڪيڏو نه خيال رکندي آهين ۽هونءَ به نياڻي نماڻي هوندي آهي...... پريت ڌيءَ منھنجي جيڪڏهن ڪا اولاد هجي ها ته مان خدا کان تو جھڙي نياڻي گهران ها. جي چاچا.... پر مان آهيان نه اوهان جي اولاد وانگيان.“
    ”ها... ڇونه ڌيءُ“
    ايتري ۾ دروازو کڙڪيو، مونکي هن ۾ ٿانوَ ڏئي چاچا سارنگ جيئن ئي دروازو کوليو .... ته سامھون وارو ماڻهو ٻيو نه پر .... چاچا سورهيه هو ....
    چاچا سارنگ ”سورهيه تون .... اچ اچ .....“
    ان ڏينھن چاچا سرويچ تمام پريشان ۽ هاءِ گهوڙا ڪندو گهر اندر داخل ٿيو. سندس غصي ڪري چھرو به لال هيس. مان ته پاسي تي بيٺي ڏسندي رهيس.
    ورانڊي ۾ هڪ کٽ پيل هوندي هئي. ان تي ويھندي چاچا سورهيه پنھنجي چپن ۾ ڀڻڪيو....
    ”انسان..... انسان .... ماڻهو .... خبر نه آهي!؟ ڇا ٿيو آهي، ڪھڙو واءُ گهليو آهي؟ اڄوڪي انسان کي“ چئي... ڪنڌ هيٺ ڪري ٻئي هٿ منھن تي ڏئي ويٺو رهيو. هوڏانھن مان ۽ چاچا سارنگ ٻئي صفا هڪاٻڪا ٿي وياسون پر مان ته اڃا به وڌيڪ ويس پئي پاڻ کي ڀت ۾ هڻندي. ڇو جو چاچا سورهيه جي اسان ٻارن سان ته پئي ئي ڪونه. ڄاڻڻ گهريم پر ٻنهي چاچن جي حالت کان واقفيت به ضروري هئي. نيٺ چاچا سارنگ پاڻيءَ جو گلاس پنھنجي ٽيبل جي سائيڊ سان رکيل ڪولر مان ڀري سورهيه چاچا کي ڏيندي چيو. سورهيه اچي هي پاڻيءَ جا ٻه ڍڪ ڀر۽ سامت ۾ اچي ٻڌاءِ يار ٿيو ڇا آهي؟“
    چاچا سورهيه گلاس وٺندي پاڻيءَ جا اهي ٻه ڍڪ پي ڪجهه سامت ۾ آيو. بس يار ڪجهه نه آهي، بس اڄوڪي وقت جي ۽ انسانن جي خبر ڪونه ٿي پئي. اهو ڀلا اڄ انسان تي قھري نظر آهي تنھنجي، يار! ڪوئي وظيفو مليو اٿئي اڄوڪي انسان کي انسان ڪرڻ جو.“
    ”نه يار، اهڙوته ڪو سلسلو نه آهي...... سارنگ!
    بس ڳالهه هي آهي ته اڄ صاحب وڏي ڏي ويو هئس، پو اول ته ملڻ سان سڃاتائين ڪونه. پر وڏيءَ ڪوشش سان جڏهن پار پتا ڏنم تڏهن وڃي سڃاتائين پنھنجو ذات ڀائي هجڻ تي به مٺيان لڳي ويس. پوءِ خبر اٿئي ڇا چيائين.
    ”پيارا آهين ته پنھنجو ذات ڀائي ۽ ڳوٺائي، هاڻي يار توسان ڪھڙا ليکا ڪجن، پر ٻيلي تنھنجي هن آرڊر ۾ ڪا اهڙي چڪ آهي، تنھنجو ڪم ته کـڻي ٿي ويندو پر يار اڄڪلهه هلي پئي ”پرسنٽيج“ جو دؤر، سو بس خيال ڪجانءِ اسان به تنھنجا پنھنجا آهيون.“
    سورهيه وڌيڪ چيو، ”يار سارنگ! هڪ هٿ خالي، کيسي ۾ لڀي ٽڪو ڪونه، سرڪاري نوڪري ملي آهي، پر ادا اڄ جي انسان جو واهپو ۽ واسطو اٿئي ”مايا“ سان.
    چاچا سارنگ چيس ته، ”توکي اڄ خبر پئي آهي.“
    ”ها يار... مون کي ته اڄ خبر پئي آهي... مان ته خيالن جي دنيا ۾ رهڻ وارو ماڻهو آهيان، منھنجي اڏام ڪجهه مٿي هئي، اڄ زمين تي هيٺ لھي آيو آهيان.“
    ”خبر اٿئي سارنگ هو جيئن جيئن منھنجي ئي ڪم لاءِ مون آڏو پنھنجي استدعا رکي رهيو هو، مون کي ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ ته هو ٺھيل ئي نوٽن جو آهي، ڄڻ کائڻ ۾ به نوٽ ڳھندو آهي، سو يار ”پرسنٽيج“ وڏي شيءِ اٿئي.“
    ”اها منھنجي دوست کي اڄ خبر پئي آهي ۽ اهو سڀ حقيقت ۾ هجڻ باوجود تون چوندي ته تون زمين تي موجود نه آهين.“
    ”Be practical Surhia“ ۽ پرسنٽيج واري ڳالهه هن جي دماغ کي چڪرائي ڇڏيو هو. مون کي انسانيت جي پرسنٽيج ديوارن مان ڳالهائڻ لڳي هئي.

    **


    سـوچ

    هوءَ سوچن ۽ خيالن جي سمنڊ ۾ غرق رهندي هئي، تان جو جوانيءَ جا ڏينھن به اچي پوراٿيا. پر نماڻيءَ جا خيال ۽ جذبا ساڳيا ئي رهيا. نماڻي ننڍپڻ کان پنھنجي چوڌاري سماج جي ابتـڙ حالت تي دل ئي دل ۾ خائف رهندي هئي. هن کي هر وقت، هر گهڙي، هر طرف جيڪو ڪجهه به نظر آيو ان تي هيءَ پنھنجي دل ۾ پنھنجي سوچن جي اتاهه گھرائين ۾ نفرت ڪندي هئي. جيئن سندس ڳوٺ ۾ اهو روڄ ۽ راڙو جنھن وقت هوءَ چئن سالن جي هئي، نماڻي ٻڌو پئي ۽ ڏٺو پئي ته سندس چوڌاري گهمندڙ ڦرندڙ هلندڙ سڀ محبتي ماڻهو، محنتي ماڻهو سڀ جا سڀ اڄ هاءِ هاءِ ڪلور ۽ ايڏو وڏو ظالم جا لفظ اچاري اکين منجهان ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا. نماڻي ڪالهه تائين سڀ سڀ هنج ۾ کنيو هن سان ڳالهيون ڪندا هئا. اڄ اهي سڀ بي خبر آهن. سندس تيز ڀوري رنگ وارا وڏيون اکيون، سڀ ڏسي رهيون هيون جڏهن سندس امڙ هن کي پنھنجي هنج جي ٻانهن تي کڻي اوسارا ڪڍندڙ ۽ پارڪڍندڙ عورتن کي لوڙهي تان ماني ٽڪيءَ جو پڇي رهي هئي. اهي سڀ نرمل چھرن واريون اڄ اٻاڻڪيون ۽ سندس منھن مصحف تي لڙڪن جو مينھن وسيل ڏسي هوءَ ڪيڏي مھل پنھنجي امڙ ۽ ماسي رحيمان جنھن کي سندس گهر جا وڏا ڀائر ۽ ڀينرون سڀئي سندس امڙ ڀيڻ سڏيندي هئي ۽ پڦي رحيمان امڙ کي ڀاڄائي ڪوٺيندي هئي. سندن ويڙهو سندن گهرن جي پٺيان ئي ته هو.
    پرهي ڇا ڀاءُ ڀاءُ کي، چاچي ڀائٽي کي ماري ۽ مارائي ڇڏيو. صحيح چوندا آهن ”پنھنجي وير شل نه مچي ڪير.“ نماڻي هاڻي ٿڪجي پئي هئي ۽ هوءَ اهو سڀ ڏسي ڪري پريشان ٿي رهي هئي. سندس امڙ هن جي چھري ۽ چرپر مان سمجهي ورتو. نماڻي اداس ٿي پئي هئي. هوءَ پنھنجي امان جي ڳلي ۾ پنھنجي ٻانهن کي هار بڻائي رهي هئي. ڪنھن ڪنھن مھل سندس سيني تي ڪنڌ رکندي هوءَ پڦي رحيمان جي اکين مان لڙڪ ڪرندي ۽ پنھنجي امڙ کي به ساڳي حالت ۾ ڏسڻ ڪري سندس منھن کي سامھون ڪري ڏسي رهي هئي.
    اهو ظلم ڇو ٿيو هو ڪوئي خاص سبب نه هو جتي علم جي بدران جھالت جو جهنڊو بلند هجي اتي ان قسم جو سماجي ورتاءُ عام ڳالهه آهي، بس اسان جي ڳوٺن جا رهندڙ ماڻهو انهيءَ نفسيات جا هوندا آهن ته پوءِ هي ڳالهه کي ڳنڍ ڏئي بيھندا سماٽ هوندا ۽ مسلمان ته عورتن کي پردي ۾ رکندا، سڱاوتي تڪرار، ٽڪن تي عورت ڏيڻ ۽ وٺڻ ۽ ڏي وٺ جا بنياد. ٻنين ٻارن ۽ ٽڪرن تان پنھنجي ئي ڀائپيءَ جا ماڻهو هڪٻئي جا ويري بڻجي پوندا آهن. وڏ ننڍائي، ڀائپي برادري ۾ ڪنھن ڪنھن جو سڱ گهري ورتو ته ڪھاڙيون اڀيون. ٻنيءَ تي پاڻيءَ جو وارو. ”هلا ٿي هلا ٿي“ جا لفظ ۽ ڳترا ڳترا ٿيل لاش. سنڌي ماڻهو زر، زمين ۽ زن تي سِرُ ڏئي وجهندا آهن.
    نماڻي پنھنجي يادگيرين کي اندر ۾ ساريندي اڄ پنھنجي عمر جا 50 ورهيه گهاري چڪي هئي سندس بابا جي شھر ڏانھن هجرت سڦل ٿي هئي. نماڻي پنھنجي بابا ۽ امان سان گڏ پنھنجي ديس کي اڄ کان ٽيھه سال اڳ خيرآباد ڪري چڪي هئي. هاڻي هوءَ ٻاهرين ملڪ رهندي هئي. جتي سندس پيار ۽ پاٻوهه به ساڻس گڏ هو. نماڻي ديس ۾ رهندي پنھنجي ڳوٺ پنھنجي ماڻهن، پنھنجي شھرن جي حالتن کي بھتر ڪرڻ چاهيندي هئي پر جڏهن هن ايئن ڪري ڏٺو هو تڏهن به ڪوئي به راضي نه هو. اهڙا ماڻهو پنھنجي ڳوٺن، شھرن ۽ پنھنجي ديس جي لاءِ اوپرا بڻجي پوندا آهن جيڪي پنھنجن ۽ ديس ۾ رواج ۾ آيل غلط روايتن جي مخالفت ڪندا آهن ۽ ان جو حل ڏيندا آهن. انهن کي ڪڏهن به بخشيو نه ويندو آهي، ڪوئي به انسان جي چڱو ڪندڙ جو ساٿ نه ٿو ڏئي ۽ پنھنجي ڀلي کي نه ٿو سمجهي، پوءِ نماڻيءَ جھڙيون ڪيتريون نينگريون پنھنجي شعور جي روشنيءَ کي اڳتي وڌائي نه سگهنديون آهن ۽ سارنگ جو سندس پيءُ هو، جنھن يتيميءَ کي پنھنجي پڦيءَ جي سھاري جهليو هو. ڳوٺ جي اڻوڻندڙ حالت کي ڀانپي نماڻيءَ پنھنجي سڀني ٻچڙن لاءِ پنھنجي پڦي ۽سندس گهر واري سورٺ سان شھر ڏانھن رخ ڪيو هو جتي هوءَ امن ۽ سڪون سان پنھنجي ٻچن کي علم جي لازوال سچ سان آگاهي ڏئي سگهي. اڄ نماڻي جڏهن پنھنجي ديس ٽيھن سالن کانپوءِ موٽي آئي .... زندگيءَ جا رخ جڏهن مٽجي چڪا آهن، دنيا ايٽمي طاقت کان ٽيڪنالاجي، سرمايه داري کان سرمايه دار جي آمريت تائين پڳي آهي،جتي هر روز انسان، انسان کي قيمتن ۾ خريد ڪري ٿو. اتي ان دؤر ۾ نماڻي موٽي آئي آهي، پنھنجي ديس پنھنجي ڳوٺ پر حيراني ته اها ٿئيس ٿي، پنھنجي سوچن ۽ خيالن، ڳالهين، مشڪل ۽ مونجهارن کي هوءَ ننڍپڻ ۾ ڏسندي وڏي ٿي هئي، ظلم ته اهو هو سندس ڌرتيءَ ۽ سندس ڳوٺ اڄ به انهن ئي واٽن ۾ منجهيل هو، بلڪل ايئن جيئن ”مومل جو ڪوٽ“
    نماڻي جيڪا تازو دنيا جي اهڙن ملڪ ۾ پنھنجا ٽيهه ورهيه گذاري آئي هئي جتي جا ماڻهو ۽ ملڪ دنيا جي شاهوڪار ماڻهن ۾ شمار ٿيندا هئا. سندس پريشاني وڌي وڃي ٿي، جڏهن هوءَ پنھنجي جنم جاءِ کي ڏسي ٿي ۽ چوڌاري نظر ڦيرائي انهن منجهان ته ڪوئي نه هو جيڪي سندس کي هنج وٺندا هئا. پنھنجن جي ازل جي جدائي ڀٽائيءَ جي شعر جي ترجماني ۾ هوءَ هينئن ورجائي ٿي؛
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.

    سندس ڳوٺ جا ماڻهو هئا ته محبتي پر سندس مسئلا هئا غربت، لاچاري، بيوسي ۽ بيڪسي، غلامي به طرحين طرحين جي، نه ته سندس ڳوٺ جا سڀ ماڻهو ڪيڏا امن پسند هئا، نه هين ته علم جي لاٽ ميسر نه هين. هنن جا مسئلا سڀ جا سڀ حل ٿي پئي سگهيا جنهن ملڪ ۾ علم جي روشنيءَ جي آڏو رنڊڪون نه هجن، ته پوءِ اسان جو ڳوٺ ۽ اسان جي ملڪ جا ماڻهو به بدلجي سگهن ٿا ۽ هو پاڻ کي سمجهي ۽ سڃاڻي سگهن ٿا. پنھنجي وسريل پيغام کي ڄاڻي سگهن ٿا.
    پنھنجي سٺي گاڏيءَ مان لھندي نماڻي پنھنجي بابا، امان ۽ پنھنجي ڏاڏي جي وصيت کي ياد ڪندي اهو پڪو پهه ڪري ٿي ته هوءَ جيتوڻيڪ هاڻي وڌيڪ اڪيلي آهي پر هوءَ پنھنجي ديس جي قرض کي لاهيندي. هوءَ پنھنجي ڳوٺ ۾ عورتن جي تعليم لاءِ ۽ ڳوٺ جي ٻارن لاءِ اسڪول ۽ هنري اسڪول کوليندي. پنھنجي وڏڙن جي نشانين کي جديد دنيا جي خوبصورتين سان سينگاريندي ته جيئن سندس ڳوٺ جا ماڻهو روشن دماغ، سان پنھنجي زندگي جي نئين سر اڏاوت ڪن.
    هوءَ پنھنجي انهن پولارن ۾ هئي ته سندس چوڌاري ميڙو مچي ويو ننڍا وڏا ڇوڪراٽ سڀ سندس کي چوڌاري ورائي ويا ۽ پوءِ هن همت ڪندي کين چيو ته،” اوهان وڃي پڦي رحيمان کي ٻڌايو ته،”نماڻي آئي آهي، خاوند ڏني جي ڌيءَ.“ ٻارڊوڙندا ويا، ڪجهه منٽن کانپوءِ سندن گهر جي پرئين ويڙهي مان ڪا جهور پوڙهي عورت ٻارن جي هٿن جي سھارن ڏانھنس اچي رهي هئي ته نماڻيءَ جي نظر ان ڏانھن پئي ته هوءَ ڊوڙي وڃي پڦي رحيمان سان ملي. سندس نور جهڪو ٿي ويو هو. هڏڙن جي ڳنڍ جي وجود ۾ يادگيريون ۽ زندگيءَ جو ڪرب هو جيڪو هن ديس ۽ سندس ڳوٺن جي عورت عمر ڀر ڪاٽيندي آهي.
    نماڻيءَ جي پڦيءَ نماڻيءَ کي چيو، ”امان وڏي ٿي وئي آهين، تون صاحب ٿيڻ کانپوءِ اڪيلي ڇو آئي آهين، ادا ۽ ڀاڄائي جن ڪٿي آهن؟“
    ”پڦي اهي ته مون کي اڪيلو ڇڏي پنھنجي ازلي سفر جا راهي ٿي ويا آهن ۽ مان اوهان سان ملڻ، بابا ۽ امڙ جي وصيت پوري ڪرڻ آئي آهيان جيڪو ڪم انهن پورهيتن هٿن ۾ کنيو هو، مان ان کي پورو ڪرڻ چاهيان ٿي. مان هاڻي توهان سان هتي رهنديس ۽ پنھنجي ڳوٺ جي لاءِ نه صرف تعليم پر مٺي پاڻيءَ لاءِ به جاکوڙ ڪندس. منھنجي يادگيرين ۾ اوهان سڀ موجود آهيو ۽ مان اوهان جي آهيان. مان هتان جي غربت کي اميري ۽ هتان جي دماغن کي سجاڳيءَ ۾ بدلائڻ آئي آهيان. پڦي ڇا اوهان ۽ ٻيا سڀ منھنجو ساٿ ڏيندا.“ پڦيءَ جي منھن تي مسڪراهٽ ۽ ٽھڪ اچي ويا. ٻار سڀ مسڪرائڻ لڳا ۽ پڦيءَ چيو، ”هائو منھنجي امان اسان جي آخري ساهه تائين مان توسان گڏ آهيان پٽ ۽ خدا تنھنجو ساڻي آهي، تون هنن غريبن ۽ لاچارن لاءِ ڪجهه ڪندينءَ ته مالڪ توکي ان جا اجورا ڏيندو ۽ پوءِ هو سڀ گڏجي اڳي وکون ڀرڻ لڳا آهن.
    **


    اندر جي روشني

    هوءَ سرڪاري نوڪريءَ ۾ نئين نئين آئي هئي، پھريون ڀيرو ڪنھن سرڪاري ”دفتر“ ۾ هن کي نوڪري ملي هئي. جيتوڻيڪ هن کان اڳ هوءَ تمام ننڍي عمر ۾ زندگيءَ جي ڪجهه مختلف اسائينمينٽس کي مڪمل ڪري چڪي هئي، پر اڄ هوءَ اعلى امتحان پاس ڪري پنھنجي پريڪٽيڪل زندگي شروع ڪرڻ واري هئي. جيئن ئي پنھنجي آرڊر ڪاپي کڻي انهيءَ ڊگهي سفر تي رواني ٿي، ڇاڪاڻ جو ترت هن کي پنھنجي لاڳاپيل سيڪشن سان رابطو ڪري پنھنجي ڊيوٽي جوائننگ ڪرڻي هئي. آفيس جي انهيءَ ڪمري ۾ 4 کان 5 ماڻهو هئا، هر طرف فائلن جا ڍير ۽ ڀڳل ڪرسيون رکيل هيون، هوءَ جيئن ئي ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي، هٿ ۾ فائيل کنيون وڏي اعتماد سان سلام ڪري ٿي.
    ”وعليڪم سلام“ جو آواز ڪجهه هڪ ڪرو مليس ٿو ۽ انهن سڀني جون نظرون ڏانھنس کڄن ٿيون ۽ پوءِ انهن مان ڪوئي هڪ هن کي ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چئيس ٿو. هوءَ انهيءَ ڪرسيءَ تي ويھندي پوري ڪمري جو دل ئي دل ۾ جائزو وٺڻ جي ڪري ٿي، ٿوري دير پوري ماحول تي سانت ڇانيل رهي ٿي ۽ هوءَ سنڌ جي نياڻي پنھنجي ذهن ۾ سوچيندي انهيءَ سانت کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي. ڇاڪاڻ جو اتي موجود ڪوئي به شخص ان کان اچڻ جو سبب نه ٿو معلوم ڪري. هوءَ جيئن ئي ادا چئي پنھنجو مدعو ٻڌائڻ چاهي ٿي ته انهن مان ڪوئي هڪ ساڻس ڪجهه هينئن مخاطب ٿئي ٿو.
    ميڊم پليز- هڪ منٽ.
    جي....!! چئي هوءَ خاموش ويٺي رهي ٿي ۽ اندر ئي اندر ۾ ذهن جي پيڙائن ۾ هوءَ سوچي ٿي، هڪ منٽ خاموشي...!!!؟ ڇا مطلب.
    ڇا مون کي ايئن ئي ويٺو رهڻ گهرجي ها؟
    ڇا مون کي پنھنجي مسئلي تي نه ڳالهائڻ گهرجي ها؟
    ڇا مون کي ادا به نه چوڻ گهرجي ها؟
    ڇا هنن جو ڪو ٻيو مقصد آهي... ڇا سرڪاري دفتر آهي ته پوءِ مطلب ماٺ جو پئسو ڏيڻ....!!!، يا اڃا ڪجهه ٻيو؟
    ڇا هيتري دير کان ڏسان پئي هو فائلن جا پنا پيا اٿلائين؟ اهڙا ڪيترا سوال هن جي ذهن ۾ اڀرن پيا. احساساتي طور تي هوءَ اندران بلڪل ڪنفيوز ٿي وئي هئي. هڪ ته عورت ذات، مٿان نئين نئين بيروزگاري جو ختم ننڍڙو باب ڇا هاڻي... آسودگي اچي وئي. ڇا هتي ڪجهه ڏيڻو پوندو. هوءَ بلڪل خشڪين ۾ وٺجي وئي هئي، ڇاڪاڻ جو سندس پرس ۾ ڪجهه رپيا ئي هئا.
    جيڪڏهن هن ڪجهه پئسا گهريا ته ڏيڻا ته پوندا. هوءَ پاڻ سان ڳالهائيندي رهي. گهڻا پئسا گهريائون ته واپسيءَ جو ڪرايو به نه بچندو. هون ته پوءِ ڇا ٿيو رڳو فائيل تيار ٿئي، پوءِ پنڌ هلبو. هن پنھنجي اندر تھذيب سان ڳالهايو. ٻنهي انٽرڪنيڪٽيڊ سسٽم وسيلي هڪٻئي کي دلاسو ڏنائون ۽ جڏهن اندر جي تھذيب جي مڪمل تسلي ملي وڃي ته ظاهر ۾ بھادريءَ جا اهي آثار انسان جي پيشانيءَ تي ايندا آهن جن کان دنيا جي هرباطل قوت ڊڄندي آهي. سندس انهيءَ اعتماد جي ظھور ٿيڻ سان انهن منجهان هڪ بندي هن کان سندس آرڊر گهريو، وڏي اعتماد سان مليل لفافو هُنَ کي ڏيندي هوءَ ڪرسيءَ تي ويهي رهي. وڏين اکين ۽ خوبصورت انداز جي مالڪ هئي، اها سندرتا جنھن جي اندر جي تھذيب تي ڪجهه خاص دنيا جي شناسائي ٿيل آهي. انهن مان هڪ چئي ٿو، ”ميڊم اوهان اسان کي جوائننگ لکي ڏيو، ته اوهان جو آرڊر فائيل ٺاهي ڏيون ٿا.“
    ”پر مون کي هڪ پيپر گهرجي.“ هوءَ چوي ٿي.
    ”جي جي هي وٺو.“
    سندرتا پنھنجي جوائننگ لکندي هنن کان ڪجهه معلومات پڻ وٺي ٿي، جتي هوءَ منجهي ٿي پئي.
    جوائننگ لکندي اتي موجود ڪوئي ٻيو بندو هن کان پڇي ٿو، ”ميڊم ڪٿان جا آهيو؟ منھنجو مطلب آهي اوهان سنڌ جي ڪھڙي شھر کان آيا آهيو ۽ توهان پنھنجي شھر ۾ ئي آرڊر ڇونه ورتو؟“
    هوءَ چوي ٿي، ”جي ادا! مان لاڙڪاڻي کان آئي آهيان.“
    ”اڇا! هن هيڏي وڏي شھر ۾ اچڻ جو مقصد؟“
    ”مقصد ادا، صرف اهو آهي ته وڏن شھرن ۾ اعلى تعليم جاوڌيڪ موقعا آهن ۽ دنيا هڪ هنڌ بيھي رهڻ جو نالو نه آهي. انسان کي پنھنجي وجود ۽ منزلن جي حاصلات لاءِ هڪ هنڌ کوهه جو ڏيڏر ٿي نه رهڻ گهرجي. هميشه تحرڪ ۾ رهڻ سان انسان پنھنجون ۽ پنھنجن لاءِ، ڌرتيءَ لاءِ تياري وٺون، سوچ، سمجهه، سرت ۽ ساڃاهه حاصل ڪندو آهي. هيڏا ڪشالا صرف انهيءَ ڪاڻ ڪٽيا آهن.“
    قلم روڪي هن هڪ ساهيءَ ۾ ڳالهايو هئو. اهو سڀ اَنِ پلاننڊ (Un planned) ڳالهائيندي هئي، اها ئي اها وٿ هئي. جنھن تي هلڻ ڪري هوءَ ان ننڍڙي نوڪري مان ڊائريڪٽر جي عھدي تي پڳي هئي. اهڙيون ڪيتريون تڪليفون ۽ آزار هئا، مصيبتون ۽ پريشانيون هيون، بک ۽ بدحالي سان گڏ پيرين پيادل هئي، ڪوئي به ته هن جو ڪونه هئو. هوءَ اڪيلي هئي، سنڌ ڄائي، ويهين ۽ اڪيهين صدي جي سنڌ جي نياڻي سڀڪجهه سهي گهڻو ڪجهه ڏئي وئي. جيڪي ان جا خواب، سچائي، سچتائي، سرت ۽ ساڃاهه جا سبق، عملي طور پنھنجي خاندان کان وٺي پنھنجي شھر جي هر نياڻيءَ لاءِ تعليمي ۽ هنري گهر، اعتماد ۽ عزت ۽ آجپي جو درس ڏيندڙ عورت کي هڪ نئين سنڌ اڏيندڙ جي عظمتن جي ڪناري تي ڏسڻ واري هئي.
    آرٽ فنون لطيفه، شاعري، ادب ۽ سياست ۽ فلفو سندس پسند جا موضوع هئا. انهن سڀني ۾ هن ايترو ڪم ڪيو جيترو چوندا آهن، جھڙو حال حبيبان تھڙو پيش پريان. آخر ۾ هوءَ زندگيءَ جا اڃا به وڌيڪ ڏکيا ڏينھن گهاري ٿي جڏهن سڀ ڪجهه سڀ ڪنھن لاءِ ڪرڻ کانپوءِ آخر ۾ انسان بلڪل بيوس ۽ لاچار ٿي پوي ٿو. تڏهن هن جي ”اڪيلائين جو ڪن“ آخر ۾ بلڪل گھرو ٿي وڃي ٿو. هوءَ پنھنجي عمر جون سڀ حدون اورانگهي آئي آدرشي هئي ان لاءِ، شايد نه پر پڪ آدرشي ۽ تھذيب وارو انسان دنيا جي هجوم ۾ اڪيلو رهجي ويندو آهي. هوءَ ڪاميابين لاءِ جوانيءَ ۾ هوءَ دعائون به گهرندي هئي ته بغير هٿ کڻي به ان سان ڳالهائيندي، اهي سڀ ڪاميابيون ته ملي ويون، پر اندر جي دنيا جي روشني به هن وٽ ججهي هئي جا ڪوملتا جي روپ ڏانھن وڃي رهي هئي پر دنيا جي ”لوڪ جا طعنا“ اڃا ختم نه ٿيا هئا، اهي ڳالهيون اڃا وڌي ويون هيون، جيتوڻيڪ انهيءَ دنيا جي ڪاڻ هِن اڪيلو رهڻ پسند ڪيو هو. پر دنيا ته پنھنجي نقطه نظر تي هلندي آهي. ان کي ڪٿي پتو پوندو آهي ته طنز جا تير جڏهن ڪنھن تي تاڻيا ويندا آهن ته اتي ڪيترا زخم ٿي پوندا آهن، وڏي ڳالهه ته اهي زخم پيا رسبا آهن ۽ زندگي ختم ٿي ويندي آهي.
    **


    مـُرڪـَ

    هوءَ پنھنجي انٽرويوءَ ۾ ناڪام ٿي هئي، ناڪامي، جنھن کان هوءَ شديد نفرت ڪندي هئي. هوءَ دنيا ۾ هر رنگ ۽ روپ ۾ چاهت جي علَم کي هٿ ۾ رکندي هئي ۽ دنيا کي خوش دليءَ سان چاهيندي هئي. پر جڏهن ناڪام بڻبي هئي ته سندس اندرَ ۾ هڪ لاوو پيو ٻرندو هو.... جنھن ۾ هوءَ پئي سڙندي ۽ جلندي هئي، پر مرڪ تي مک نه ويندي هئس، جيئن جيئن هوءَ زندگيءَ جي سورن کي پيئندي هئي، تيئن تيئن هڪ لازوال طاقت حاصل ڪندي هئي. پر اهي ماڻهو، اهي حالتون، اها جڳهه ۽ رويا هوءَ ڪڏهن نه وساريندي هئي.
    هوءَ هئي اهڙي سوڀياون، حسين جنھن کي پنھنجي ديس سان محبت هئي، جنھن کي درد هو پنھنجن جو، جنھن کي درد هو پاڻ لاءِ نه پر نا انصافين تي. هن جو نالو مرڪ هو، هوءَ پنھنجي ڪم سان محبت ڪندي هئي، هوءَ هر ڪم محبت سان ڪندي هئي، هوءَ پنھنجي پروفيشن کي عبادت سمجهندي هئي ڇاڪاڻ جو سندس پروفيشن پيغمبري پيشو هو. تڏهن ئي ته سندس ڏنل پيپر جا سوال کٽڻا ئي نه هئا. شايد قدرت هن کان اڃا به وڏا ڪم وٺڻ چاهي پئي! سندس ناڪام واپس موٽڻ تي ڪوئي سندس همدرد، ته ڪوئي پرپٺ طنز ۽ منھن تي ڦڪي مرڪ سجائي کوڙ سارين دلجائين سان هن سان ملي رهيا هئا ۽ هوءَ هئي جو اندران اچي ڀرپور ٿي پئي سندس سماج جو تاڃي پيٽو اهڙو اُڻجي ويو آهي جنھن جو ڪو جواب نه آهي! پر هوءَ همت هارڻ وارن مان ڪٿي هئي.
    هر تنقيد ۽ تنقيدي روين تي هوءَ ڳوڙهي ويچار سان ٻڌندي هئي. سچي دل سان مڃي پنھنجي غلطين ۽ اوڻاين کي سڌارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي هئي. پر زندگي جي مس هٿ کان نڪرڻ ۽ آدرشي هجڻ جي فطرت جتي ڪجهه هن کي ڏئي رهي هئي ته اتي گهڻو ڪجهه هن کان کسي به رهي هئي. مرڪ سماج جي ڪوڙهه ورتل روين ۾ زندگي گذاري رهي هئي جتي آدرشي ۽ سچو هجڻ سڀ کان وڏو ڏوهه آهي. جتي سماج جي تبديلي صليب تي چڙهڻ برابر آهي، جتي حق ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڏک آهي، اتي هوءَ ڪجهه وڏن مقصدن ۾ اڳڀري ٿيڻ بجاءِ پوئتي ڌڪجي رهي هئي. هن ۾ ڪي به ڇڪتاڻ جون ڳالهيون نه هيون پر جڏهن به هوءَ ڳالهائيندي هئي، ان کي اعتراض جوڳو (ڪنٽراڊڪٽِو) سمجهيو ويندو هو. پر هوءَ جيڪو ڪجهه هئي ان ۾ الاهيائي فلسفا، سائنسي کوجنائون، فلسفو، پريت ۽ پريتم، غريب ۽ لاچاري، همدرديون ان جي پٺيان پيار جو سوڳنڌ، انهن سڀني خوبين باوجود سندس همدرد ۽ خيرخواهه هن کي سمجهائڻ ۽ پرچائڻ دلاسا ڏيڻ جا شوقين ماڻهو ظاهر ٿي پيا.توکي ڪڏهن به سبجيڪٽِو نه پر آبجيڪٽِو هجڻ گهرجي، تنھنجي سائيڪالاجي جا آرٽيڪل ڇپيل هجن ها ته تون ئي حقدار هئينءَ وغيره وغيره. پر هوءَ ته سڀڪجهه ڄاڻندي هئي، پاڻ کي به ۽ ٻين کي به مرڪ ذهني طور مٿاهين ۽ بلندين واري سوچ رکندڙ هئي. پر جيئن فطرت ۾ ڪجهه شيون هونديون آهن، هو ته جيتري مرڪ هئي اوترو هئي سارنگ، ائين وسائيندي جيئن قدرت هن جي اکين ۾ ۽ روح ۾ ”درد“ جا ڪڪر وسڻ لاءِ ڪجهه سيل ڏنا هجن ۽ هوءَ روئي پئي. پنھنجي ناڪاميءَ تي، پنھنجي درد تي، پنھنجي ڏکن تي ۽ سڀ کان وڌ هوءَ انهيءَ ناڪاميءَ تي ته سندس سماج بدلاءَ لاءِ تيار نه هو. هر منزل تي پڄڻ ته سولو ڪم نه آهي، پر زندگيءَ جي محاذ واري جنگ تي ڪوبه محاذ کليل نه ڇڏيو آهي. هوءِ سڀ ڄاڻندي به خاموش بت بڻجي رهي هئي، جنھن کي شيون وري وري ورجاءَ سان اچي رهيون هيون، ڪنھن چيو هيو ته، عورت جي ڪاميابيءَ پٺيان عورت هجڻ ڪافي آهي ۽ پوءِ پنھنجو پاڻ تي ڪنٽرول رکي نه سگهي.... ۽ چيائين ايئن نه آهي؟! توهان ته وڏي واڪ عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪندا آهيو، اسان کي چڱي ريت اها ڄاڻ آهي ته مرد عورت جي چونڊ ڪرڻ، سيوا ڪرڻ ۾،پيار ڪرڻ ۾ پنھنجو پاڻ کي حق تي ۽ ان يقين کي رد عمل سمجهي پاڻ کي آجو سمجهندا آهن.
    جيڪڏهن ڪابه عورت ڪامياب ٿئي به ٿي تڏهن به اوهان سڀ انهن کي انهيءَ ڳڻپ ۾ شمار ڪري سندس ڪٿ هڪ شو پيس واري رکندا آهيو. توهان مرد ائين ڇو ڪيو ٿا؟ ٺيڪ آ مون کي ناڪامي ٿي ته ڇا ٿيو.... پر منھنجي جڳهه تي آيل به عورت ئي آهي، ۽ مون کي هر عورت لاءِ احترام آهي. ڀل اها مونکان ذهانت جي اسٽيٽس ۽ محنت ۾، سونھن ۾ وڌيڪ هجي يا گهٽ .
    مرد ”ميڊم توهان صحيح فرمايو، پر عورت جي وڪالت ڪرڻ ۾ توهان ڪجهه حقيقت کان پاسيرا ٿي رهيا آهيو.“
    مرڪ ”ڪو مسئلو نه آهي، مان ايئن نه ٿي سمجهان ۽ منھنجي ائپروچ ڪريل نه آهي. معاشري جا اڏيندڙ اسين سڀ ٻين جي ڪاميابيءَ کي انهيءَ ليکي ۾ آڻينداسين ته پوءِ عام ماڻهو-انسان ڪڏهن بڻبو، اسان سڀ پنھنجي معاشرتي اصلاح وقت ۽ ماحول، دنيا جي مطابق ڪيئن ڪنداسين. اوهان ايئن سمجهو ته ڄڻ مون ئي کٽيو آهي، ڇاڪاڻ جو مان سرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جو سوڳنڌ آهيان جيڪا ڏکن ۽ پيڙائن منجهه به مرڪندي آهي، جيڪا ”مرڪ“ آهي.
    **


    تـفـريح

    پورو هفتو شاگردن جو هفتو ملهايو ويو، سڀ شاگرد ائين خوش هئا ڄڻ زندگيءَ ۾ اهڙيون خوشيون هنن کي روز ملندڙ هجن، بس وسان ڪين گهٽايائون، پنھنجي اندر جي اظھار، فن سان فطرتي پيار ۽ پوري سال جي پڙهائي جي بوريت کان بچڻ لاءِ گهڻو ڪجهه سوچيائون، سڀ رٿائون جن۾ هو پنھنجو اظھار ڪري خوشي حاصل ڪري سگهن. ريکا، رابيل، موٽو، قلندر بخش، زرينه، ساگر، سرسوتي، مھراڻ، نرمل سڀ جا سڀ ميڊم سان ها ۾ ها ملائي مرڪ جا مھا ساگر بڻجي رهيا هئا. سندن يونيورسٽيءَ ۽ ڊپارٽمينٽ ۽ پنھنجي زندگيءَ جي انداز بوريت لاءِ اهو سمو عيد جھڙو هو. سو پورو هفتو ڪڏهن ڪنھن تفرح لاءِ مقرر ڪيائون ته ڪڏهن ڪنھن لاءِ ..... ۽ پوءِ بس ڪم ڪاريون، ڪچھريون، چانهيون، مھمانن جي لسٽ، ڊرامن، ٽيبلوز جا اسڪرپٽ ۽ ڪاسٽيوم بس ڄڻ زندگي هڪ نئين رخ ۾ هلڻ لاءِ تيار هئي ۽ هي سڀئي ان کي ويلڪم ڪرڻ لاءِ تفريح سمجهي رهيا هئا.... ۽ جڏهن ته اهڙي تفريح کان فوراً بعد سندن امتحان ويجهڙ ۾ هئا، تنھن لاءِ سڀني استادن واعدو ڪيو هو ته هن ڀيري صرف اسٽوڊنٽ ويڪ ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ تي اوهان کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا پر...... امتحان ۾ پڻ اوهان سان يعني پڙهندڙ ٻار سان ڪابه زيادتي نه ڪئي ويندي سو پورو هفتو.... ڌم ڌمان سان پروگرام ٿيا، تقرير جا، بحث مباحثن جا، نعتن، ڊرامن، ٽيبلوز، گانن ۽ ثقافت جا سڀ رنگ تان جو ادب جي رنگ کي به شاگردن پنھنجي هفتي جو شان بڻايو .... ۽ انساني حقن جي حوالي سان، ڪارو ڪاري، نياڻين جي تعليم، عورتن جا حق ۽ زندگيءَ جا نئين نسل لاءِ ايندڙ نوان لاڙن ۽ صورتن ۽ شڪلين جي بيان ٻڌڻ لاءِ شاگردن، اڪابرن ۽ اسڪالر، اديب ۽ شاعرن کي به نينڍ ڏني. پر آخري ڏهاڙي تي جڏهن اسٽيج سيڪريٽري مھمانن کي مٿي گهرائي رهيو هو ۽ مھمان اچي چڪا هئا، پنڊال ڀرجي ويو هو، ته اچانڪ آيل مھمانن مان هڪ تمام وڏي برجستي ڪردار ڳالهائڻ شروع ڪيو پنھنجو پاڻ سندس ڀرسان ساڄي کان سندس جوڙ جون ٿوريون۽ کاٻي کان اسان شاگردياڻيون هئاسين، هن ڪرسيءَ تي ويھندي ڪجهه ڀڻ ڀڻ ڪئي..... سماج جا ٺيڪيدار محبت جا عملبردار، انساني حقن جا پارکو، سڄاڻ، بنياد پرست سماج جي نيمن کي بدلائڻ گهرن ٿا. يعني اندر جي دنيا ته غلاظتن ۾ ڀڀوت ٿي پئي اٿن.
    اڙي ڇوريون انهن جي بيانن تي نه وڃجو، اهي مڙد، پنھنجي امڙين، ڌيئن، ڀيڻن ۽ زالن کي ڪھاڙين سان ڪھندا اٿوَ. انهن جي خطابن ۽ ظاهري ڏيک تي نه وڃجو. مان ريکا، رابيل، سرسوتي ۽ رابيل تي ڄڻ بت بڻجي پياسين ۽ جڏهن هوءَ پاڻ خط، لاءِ گهرائي وئي ته هوءَ انهن سان گڏ بيٺي رهي. شاگردن ۽ آيل مھمانن کي خطاب ڪيائين، شاگردن ۾ سَنَدون ورهايون ويون ۽ اسين سڀ پنھنجي اندر رهنمائي ڪندڙ شخصيت جن کي اسان پنھنجو آئيڊيل قرار ڏينداآهيون، انهن شين کي ۽ سندن شين کي ڄاڻي سمجهي ورتوسين. ديس جا جهونجار ڪنھن وڏي نفسياتي بيماريءَ ۾ ورتل آهن جو سندن ڪجهه به نه هلي ٿي سي پنھنجي پوڄا ۾ پر آهن.

    **


    پرينءَ جي محبت

    سنڌ جي هڪ سندر شھر جي پوش علائقي ۾ هنن وٽ وڃڻ ٿيو، جيئن مون کي پنھنجي ان ننڍڙي ۽ سندر سھيلي ثميره دعوت ڏني هئي. سندر، ويڪري ڪشادي بنگلن۽ خوبصورت هوائن واري شھر ۾ جڏهن آءٌ پھتي هئس ته منھنجي اڪيلائين جا به ڄڻڪ ٿڪ لھي پيا هئا. هي اهي انسان خوشنصيب هوندا آهن جن کي دوست هوندا آهن، جيڪي مضبوط هوندا آهن، پر ڪي اسان جھڙا به بدنصيب هوندا آهن جيڪي زندگيءَ جي هر سندرتا اڌوري حاصل ڪندا آهن.... پر جيئندا آهن پنھنجي لاءِ، نه ٻين ڪاڻ. پنھنجي جيئڻ تي ته شروعات ۾ ئي ڪيترا فل اسٽاپس، ڪاما ۽ ڪُئيسشن مارڪس لڳي ويندا آهن جيڪي لک ڀيرا ڪوشش باوجود به نه هٽي سگهندا آهن. پر اهڙا خالي وجود ٻين جي بھتر رهنمائي، ٻين کي خوشيون ڏئي سگهندا آهن.
    ثميره بلڪل اڪيلي هئي... هن جي ٻي ڪابه ڀيڻ نه هئي، مان جيتوڻيڪ هن کان عمر ۾ سال وڏي آهيان پر پوءِ به هوءَ منھنجي لاءِ اڻ ميو پيار رکندي ۽ ظاهر به ڪندي آهي. سندس والدين به سٺي سڀاءَ وارا آهن. پر پئسي ۽ بنگلن هوندي به انسان اڪيلو آهي. اڄڪلهه ته ”آدم بيزار“ واري حالت مان هر ڪوئي گذري رهيو آهي، سنڌ ۾ ٻن ڏهاڪن کان آيل هن موبائيل جنھن کي انگريز پنھنجي ڪارگر طريقي تي استعمال ڪري ٿو ۽ اسان هر سھولت غيري ضروري طريقي سان خرچ ڪريون ٿا، جنھن ڪري گهر جا جيترا به ڀاتي آهن سي گهڻو ڪري گڏ هوندي به اڪيلائين کي منھن ڏيڻ تي، زندگي جي ڪار وهنوار جو سرشتو محبت ۽ خيال رکڻ هجي اتي اهو سرشتو بس ڪروڌ ۽ بي ڌيانيءَ جي ور چڙهي وڃي ٿو. هڪ گهر جي ڇت هيٺان پيءُ، پٽ کان، پٽ ماءُ کان، ڌيءُ ماءُ کان، ڀاءُ ڀيڻ کان ۽ ٻار والدين کان بيزار نظر اچن ٿا.
    ثميره سان ويھندي ۽ چانهه جي سرڪين، پڪوڙن ۽ بسڪيٽن جي ميزبانيءَ تي مون کي محسوس ٿيو اتي من ۾ اڪيلائي هئي. ٻاهران شاندار ۽ ڪلر شين ۽ وڏن ڪشادن بنگلن باوجود، ڪلر اسڪين، موبائيل، ليپ ٽاپ، اِي ميل هجڻ باوجود اڄوڪو انسان رشتن ۾ سڪڙجي پيو آهي. هن جي من جي ويڪري پڌر تي محبتن جا اهي نشان اڄ نظر نه ٿا اچن، سونھن صرف ظاهري ته نه هوندي آهي، سونھن اندر جي به هوندي آهي، جتي جو ڪئنواس ايڏو وسيع آهي جو هن ڪائنات جي هزارها تڪيلفن کي به سھي وڃي پر جي پرينءَ جي محبت ملي پويس، نه ته انسان جيئري ئي لاش آهي.
    **


    سُڏڪندڙ جيءُ

    رومانه سونھن ۽ سندرتا جي ديوي هئي، سياڻپ ۽ ماٺيڻي هجڻ ڪري سندس ماءُ هن تان گهور گهور ويندي هئي. رومانه پنھنجي ماءُ جي تمام لاڏلي ڌيءُ هئي. يونيورسٽي وڃڻ وقت کان ماسي رضيه هن جي رشتي جي ڳولا ۾ هئي. پر اڄ هوءَ بيوه ٿيڻ کانپوءِ رومانه لاءِ اوتري ئي پريشان آهي جيتري هن کي جنم ڏيڻ وقت تڪليف جي ڪري پريشان هئي. سندس مٺڙي رومانه جي اکين ۾ لڙڪ آهن، ساهرن جي ڏنل تڪليف تي هوءَ 9 ڪلاڪ روئندي رهي پر سندس مڙس 9 ڪلاڪن ۾ ٽي وي ڊرامو ڏسي لت ڏئي سمھي رهيو. هي اهو گهوٽ هو جنھن لاءِ رومانه خواب ڏٺا هوندا، جنھن جي ڄڃ آئي هوندي، ڀت برادر ٿيو هوندو، سيج سجي هوندي، غلاميءَ جو جوڙ ۽ ڳھه ڳٺا پارايا ويا هوندا ۽ اهو سڀڪجهه ان ڪري ڪيو ويندو آهي جو جيئن عورت کي پيار جي دوکي ۾، پڇتاءَ جي دوکي ۾، سھاري جي دوکي ۾، غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهڻ جا سڀ جتن ڪري سندس ذهن کي بند ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ٿيندو. اهي لمحا جي ان کي ملندا آهن، انهن چند ٺڳيءَ جي لمحن تي هوءَ آزار سھندي آ. پنھنجي عزت ٻئي جي حوالي ڪري ان جي خوشين جو سبب بڻجندي آهي. سڄي عمر انهيءَ جنجهٽ کي ڀوڳيندي وَرَ کان ويندي گهر، ساهرن ۽ ٻارن کي سنواريندي آهي. موٽ ۾ هر ڏينھن هوءَ مرندي آ، هر ڏينھن ڌرتتيءَ وانگر بڻجي پوي ته به ان کي نياءُ ڪرڻو آ..... .
    رومانه جو پيءُ وفات ڪري چڪو هو، سندس ماءُ پڙهيل هجڻ باوجود بيوس هئي، ڇاڪاڻ جو جوانيءَ ۾ هن به اها ئي ويڌن ڪاٽي هئي. سندس پٽ ڇا ٿي ڪري سگهيو، رومانه ڪيئن پنھنجي ڀاءُ وٽ واپس اچي سندس سڀ درَ ته بند هئا.
    رومانه يونيورسٽيءَ جي پڙهيل شاگردياڻي هجڻ باوجود سڀ شيءِ کان واقف هئي. اندرين صورتحال ته اها آهي پر ٻاهرين صورتحال ان کان به منجهيل آهي. هوءَ چڱيءَ طرح ڄاڻندي هئي ته عورت جي لاءِ ڪٿي به ڪو معاشرو آئيڊيل ته نه آهي پر اسان وٽ به گهڻو ئي ظلم آهي. تنھنڪري هوءَ بيوسيءَ ۾ انهيءَ ڌوکي ڪري گهر جي خالي پيل ڪمرن ۽ فرنيچر سان ٺاهه ڪندي رهي ۽ هر سوال پاڻ کان پڇي پاڻ کي جواب ڏئي زندگي گذاريندي رهي پر مرد پنھنجي منافقين جيان جڏهن هن جي سامھون اچي ٿو ته تذليل وارو پاسو ڳـَرو ٿي وڃي ٿو. پوءِ عورت انهيءَ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوي ٿي ۽ ٻارن کي ڏسي جيئي ٿي. پر آخر ڪيترو! خبر ناهي ڇو ٻه جسم ۽ الڳ الڳ ذهن، دل ۽ باقي عضوا رکڻ باوجود گڏ رکيا ويا آهن. پر ڇاڪاڻ!!؟؟ عورت هجڻ ڄڻ ته ڏوهه .... حورون ته مرد لاءِ هونديون آهن، پر اهي به ملڻيون اٿس پنھنجي غرض لاءِ. انهن جو نانءُ به وڏي فخر ۽ خوشيءَ سان کڻندو آهي .... ۽ انهن جي آرزو به اٿس........!!!
    رومانه مون کي ادي ڪوٺيندي هئي، هن جو ۽ منھنجو دک ساڳيو ئي آهي، ڇاڪاڻ جو اسان ٻئي عورتون آهيون پر فرق صرف اهو آهي ته هوءَ مراد ورتل هئڻ باوجو بي مراد آهي ۽ مان ته آهيان ئي باغي ......
    هي جھان آهي ته انسانن جو پر اهڙي ٺڳيءَ جي واردات آخر هو ڇو ٿو رکي؟ ڇا هن کي اهو الزام نه ٿو ڏئي سگهجي ته جي گهڙي پل هو بھتر رهي سگهي ٿو ته هو عمر ڀر به ائين ئي بھتر رکي سگهي ٿو پر ..... پنھنجي شڪتين جو غلط استعمال ڪري ٿو، ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته پاور سپلاءِ جا سڀ ذريعا هو پاڻ استعمال ڪري سگهي ٿو. عورت صرف سڏڪندڙ جيءُ بڻجي رهجي ويندي آهي.

    **


    سُندرتا ۽ سونهَن

    هوءَ سندرتا جو حسين مجسمو هئي ۽ سندس محبوب به ڪوهڪاف جو شھزادو هو، ٻنهي جي جوڙي خوب لڳي ها. جي ٻنهي جي دل لڳي ها.... پر هي ته قصو ئي اُلٽو هو. زندگي به ڪيڏي نه عجيب آهي، اسان سان ڪيڏا ڪيڏا نه کيڏَ کيڏندي آهي. ساهه جي هر تنتي چرپر تي ڪنھن کي پنھنجو رکجي !! ”نتيجو- بي نتيجو“
    هي جھان جنھن کي اسان سڀڪجهه سمجهي ويٺا آهيون، اصل ۾ ڪجهه به نه آهي. زندگيءَ جو اچڻ ۽ وڃڻ جو سلسلو جاري رهندو. زندگي ۽ فطرت جون سڀ خوبصورتيون ۽ رعنائيون، دک ۽ سک، سندس وجود ڪڏهن درد ته ڪڏهن پيار پِڻو. ڪڏهن هِجر فراق ته ڪڏهن سُرور بڻجي، ياد بڻجي ڏنگيندو رهيو ۽ نيٺ انسان جي ازل جي ڀل جي خطا وري سامھون ٿي ۽ هوءَ هن جي محبت سندس لاءِ امتحان بڻجي پئي ۽ ان مرد لاءِ ”هوءَ هڪ ڀُلَ“ بڻجي پئي.
    سونھن جا پاڇا جهڪا ٿيا، درد جا دؤر وڌي پيا، سِڪَ ۽ اُڪيرَ- تَنَ ۾ تؤنر جا درياءَ وهي پيا پر سندس محبت کي ان جو ڪوبه فرق نه پيو. هوءَ درد جي ايذائن ۾ جلندي رهي، لڇندي پڇندي رهي، پر ڪا سارَ نه هئي جيڪا هن کي ساري.
    مرد جي محبت ايئن بدلي جو موسم به مٽجڻ ۾ دير لڳائيندي آهي. هو هن جي زندگيءَ ۾ هوندي ساڳئي شھر ۾ رهندي اوچتو غائب ٿي ويو. سڀ نينھن جا نياپا، سڀ پارپتا، روح جا سڀ قسم بيسود بڻيا. اڳيان اهڙي ڳجهارت سامھون جو نه ڀڄڻ جي هئي ۽ نه ئي سَلِڻَ جي. ساهه کي سارَ جي ڳڻتي ڳاراڻو ڏئي ڇڏيو ۽ هوءَ ازل جي پياسي، پنھنجي محبت جي دنيا ۾ دنيا وارن کان هارائي وئي، جنھن پنھنجي ”الف“ جي ڊائري ۾ ”نه“ سان انڪار ڪڏهن به نه رکيو. اها اندر ئي اندر پچي ڀور ڀور ٿي رهي هئي. پر ڪوئي نه هو جنھن هو درد جو داستان ٻڌائي پنھنجي سور کي هلڪو ڪري. ڪوئي نه هو جنھن کي نياپو ۽ سنديس ڏئي سگهي ۽ سڀ هن وٽ بي بسي هئي، ڳڻتي ۽ سندس محبوب جو آخري تحفو بي وفائي. بي وفائي ۽ وفا جيئن ته ماڻهو مٽجي ٿو، اندر ئي اندر ۾ جنگ ڪري ڪري هاڻي هو ساڻي ٿي پئي هئي. ڪڏهن به سندس محبوب کي هن تي رحم نه آيو، جو هو ”مرد“ هو. مرد سان محبت بيڪار آهي.
    هن جھان ۾ محبت ڪرڻ بيڪار آهي، هوءَ اڪيلائين جي زندگيءَ جي ور چڙهي وئي. بس هن سان ملڻ ۽ جدا ٿيڻ تائين جي پوري فلم ان جي اکين ۽ اندر ۾ هلندي رهندي هئي. سندس دل ۽ من اڄ به سندس ياد جا ڏيئا ٻاريندو رهندو آهي.
    محبت ڇا آهي، ڪيئن آهي ۽ ڇو آهي؟ ان جا سڀ جواب هن کي ملي ويا ۽ پوءِ هوءَ ”قالو بلى“ جي انهيءَ واعدي ڏانھن وڌي جتي سندس نفسي بدن ۾ قيد روح کي اڃا به ڪجهه ياد ڪرڻو ۽ ڪيئن ڪرڻو ۽ ڪين تي ڪرڻو، ٻئي فيصلا تمام ڏکين حالتن جي سامھون اچڻ کان پوءِ سمجهيائين.
    جڏهن هن پيار جي سمورن رشتن سان محبت ڪئي هن ڄاتو سڀ ڪجهه وقتي طور تي جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ انساني محبت جا ڪل رشتا جزوقتي آهن. بس جڏهن محبت ڀريو دائمي نقش چٽيندو انسان، پنھنجي اڻپورتا کان پورنتا تائين پڄندو يا وري زندگيءَ جي آويءَ ۾ پچي راس ٿي ڪنھن نه ڪنھن نينھن سان ملاقات ڪندو. وڇوڙا ۽ ميلاپ، ڄمڻ ۽ مرڻ سڀڪجهه ايئن ئي هلندو رهندو جيستائين هو پاڻ چاهيندو رهندو، ڪوئي به نه، سونھن ۽ سندرتا به اڻ مٽ رهندو، پوءِ ڪوئي منزل تي پڄندو، ڪوئي منزل تي پڄڻ کان اڳ ئي ٿڪجي پوندو.
    بس هن جي آکاڻي به ڪجهه اهڙي ئي روح جي محبت هئي جيڪا غرض جي دنيا کان گهڻو پري هجي ٿي، اتي پڄڻ لاءِ اکين ۾ وسيل ان عڪس جي ڇاڄي جي ڳولا، پنھنجي اڌ جي ڳولا لاءِ هوءَ محبت جي آويءَ ۾ پچي ۽ پوءِ پنھنجي انت کان بي خبر هن اهو سفر شرع ڪيو. قالوبلى جي ڪيل واعدي تائين پڄڻ لاءِ ۽ منطقي انجام تائين تڏهن پھچي ٿي جڏهن اهي سڀ پيار ۽ محبتون توهان کان ڇڏائجي وڃي وري ڪو ٻيو روپ وٺن ٿيون، تڏهن توهان کي واپسيءَ جو رستو کليل رکڻ گهرجي، جتي اوهان ان سان ”قالو بلى“ جو واعدو ڪيو هو. جتي اچي محبت عشق جي روپ ۾ دوام بڻجي پئي ٿي، عشق ۽ حسن ٻئي لافاني بڻجي پوندا آهن. پر عشق جي منزل ايتري سؤلي ۽ سھنجي ڪونهي. اها سچل جي ان شعرن وانگر بلڪل اهڙيءَ ريت پرڪشا ڪري ٿي جو انسان جا سمورا ڪباب بڻجي پون يا وري ڇڻيل اَن وانگر ان کي محنت مان گذاري ان جو ذرو ذرو الڳ ڪري وري ملايو وڃي ته پوءِ ”قالو بلى“ جو واعدو پورو ڪري سگهجي ٿو ۽ ان پل ڳالهه هڪ ڀيرو ٻيھر ياد ڪري سگهجي ٿي.
    پـيار جي هر روپ ۾ هوءَ دردوندي ديس کي هارَ ئي هئي ۽ ڪيڏي ۽ ڪھڙي نه جنگ وڙهڻي پئي هيس. هن جھان ۾ فطرتي ۽ انساني راز صرف ۽ صرف امتحان ۽ آزمائش کانسواءِ ڪجهه نه آهن، اسان انهيءَ گهاڻي ۾ پيڙهبا پيا ٿا رهون ۽ پوءِ پنھنجي پنھنجي منزل تي پڄون ٿا. هتي هئا ويچار ان جا جيڪا سونھن، سندرتا ۽ سوچن ۾ ورتل هئي، هن پنھنجو سفر ان تنھائين جي قيد مان شروع ڪيو هو. نه ڄاڻ هوءَ ڪھڙي منزل جي مسافر هئي، جنھن تائين هن کي پڄڻو هو يا صرف ڪن کي منزل تائين رسائڻ جو وسيلو هئي. هوءَ ڇا به ۽ ڪيئن به هئي پر محبت جي ڪُنَ ۾ ڦاٿل هئي. جتي هن جي روح ۾ ”قالو بلى“ جو واعدو وساري نفس جي دنيا ۾ اجنبي بڻجي سندس وجود جي دنيا ۾ اجنبي بڻجي پئي سندس وجود طئي ٿيل مقام ڏانھن راهي هو. هوءَ جڏهن پيدا ٿي هئي پنھنجي امڙ جي بدن مان، چون ٿا، جڏهن ان کي ٻڌايو ويو ته تمام تڪليف کانپوءِ اڃا به وڌيڪ ويجهن کي گهرائڻ جي التجا ڪئي وئي هئي. سندس پيءُ وٽ ۽ هن کي سنديس اماڻيو ويو هو ته ٻنهي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ پوءِ نيٺ ته هن سورن جي سرزمين تي هن کي روئندي اچڻو پيو، جيئن هرڪو آيو آهي. پر هوءَ روئندي نه آئي هئي، پر ماٺ ۾ هئي. خاموشيءَ ۾ هئي. سندس ڀوريون ۽ ڳريون وڏيون اکيون، گول منھن ۽ صحتمند جسم ۽ چپن جي مرڪ ڏسي گهر جي مڙني ڀاتين جا سمورا درد لھي ويا. جڏهن ”الله اڪبر“ جي صدا بلند ٿي، جڏهن آذان ڏني وئي ٻن پھرن جي ته هوءَ پنھنجي وجود سان اچي نڪتي هڪ ڪکائين گهر جي منَھن ۾ جتي سندس امڙ جا سور پنھنجي ٻچي کي ڏسندي لھي ويا.
    ڏاڏي امان هن کي ڏسي سرهي ٿيندي چيو، ”هو بھو پنھنجي ناني جي مثل، هاڻي اها به اسان کان ڏاج وٺندي، زندگيءَ جون حسناڪيون ڪيتريون نه دل لڀائيندڙ هونديون آهن. ڪائنات جي مالڪ ڪيڏا نه رنگ ۽ روپ جوڙيا آهن. انهن ۾ ڪيڏي نه سندرتا ۽ سونھَن آهي.
    رشتا جن ۾ پيار آ .... امن، احساس ۽ سرور آهي.
    ڪيف آهي، مستي ۽ موج آهي، محبت ۽ عشق آهي، ڪيئن نه لازوال آهي. پر ڇا واقعي اهو سڀڪجهه آهي به صحيح يا ڪوئي خواب آهي.
    يا ڪائي حقيقت آهي.
    يا ڪائي درستگي آهي.
    يا ڪائي دنيا الڳ هئي.
    هيءَ ان جي بي يقيني آهي .....
    بلڪل آهي ..... جيئن يقين ٿئي.

    **


    چار سهيليون

    هوءَ سدائين سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏل رهندي هئي، سندس ڪاليج ۾ هڪ ته دوست هئي سھڻي ۽ سندر، هميشه کِلندي رهندي هئي ۽ رانيا جو به تمام گهڻو خيال رکندي هئي. رانيا۽ مرڪ ڇھين درجي کان گڏ پڙهيون هيون ۽ ڪاليج ۾ پڻ ساڳئي گروپ ۾ داخلا ورتي هئائون، جيتوڻيڪ مرڪ کي ڊاڪٽر بڻجڻ کان سخت نفرت هئي پر پوءِ به هن رانيا ۽ باقي سھيلين جي ڪري سائنس پڙهڻ کي ترجيح ڏني هئي. رانيا انهن جي گروپ جي سرواڻ هئي پر مرڪ سندس خيال پوءِ به گهڻو ئي رکندي هئي.
    هڪ ڏينھن چارئي سھيليون ڪاليج جي لان ۾ ويٺي ڳالهيون ڪري رهيون هيون، ٻارهين ڪلاس جو امتحان اچڻ وارو هو ۽ رانيا اهي ئي خوابن ۽ خيالن ۾ رهڻ واري آئيڊيلسٽ (Idealist) ڇوڪري هئي پر... مرڪ .... ادب ۽ فلسفي، آرٽ تي ڳالهائڻ واري هئي ته رانيا وري سائنس ۽ ٽيڪنيڪل حوالن سان پنھنجي سڃاڻپ رکندي هئي. هوءَ ادب ۽ شاعري جھڙيون تحقيقي ڳالهيون ۽ ڳجهارتون ڏيندي هئي ته هوءَ ڪلاس جي سائنس سبجيڪٽ ۽ مئٿ ۾ سٺا نمبر کڻندي هئي.
    رانيا جيڪا پاڻ سونھن جي اڻمٽ نقش هئي، سندس صورت ۽ سيرت، ڪردار ۽ نفاست ۾ هن کي ڪاليج جون ٽيچرز کان ويندي شاگردياڻيون ۽ سھيليون پنھنجو آئيڊيل سمجهنديون هيون.
    رانيا تصورات جي دنيا سان گڏ ڏکن جي پاسي کي ڪجهه گهڻو محسوس ڪندي هئي. هوءَ پنھنجن کان رتيءَ برابر رُسڻ جي سگهه نه ساريندي هئي. هوءَ بيحد پيار ڪندڙ ۽ پيار ڏيندڙ رانيا هئي. بلڪل ايئن جيئن ”سڄو سون“.
    هوءَ پيار جي دنيا جي راڻي هئي، سندس زندگي آخر انهيءَ تي End ٿي ۽ هوءَ پيار جا سڀ ورق ڪائنات جي ازلي سچ سان ملائي پاڻ کي امر بڻائي هتان هلي وئي ۽ اتي وڃي پھتي جتي نيچر هن جي روح ۽ جسم کي آزاد ڇڏيو آهي.
    انٽر جي امتحان کان پوءِ رانيا ۽ سندس سھيليون هاڻي صرف فون تي ڳالهائي سگهنديون هيون. پر پاڻ ۾ ملي نه سگهنديون هيون. سِڪَ ۽ اُڪيرَ جو اظھار ڪري هو پنھنجي پنھنجي گهر ڀاتين جو خيال رکندي هئي. بس انهن جي لاءِ ايترو ئي ڪافي هو ته ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي سان ٽيليفونڪ گفتگو ڪري سگهن.
    رانيا سڄو ڏينھن پنھنجو پاڻ کي ڪتابن ۾ مصروف رکندي هئي يا ٽي وي ڏسڻ ۾ يا وري وڏين ڀينرن کان هٿ جو ڀرت ۽ سلائي ڪرڻ پڻ. جڏهن ته سيما گهر ۾ اڪيلي هئي، هن جي پوري فئملي ڊاڪٽر هئي تنھنڪري هن کي گهر ۾ اڪيلائي ئي ملي هئي، جڏهن ته رانيا سڀني ڀائر ۽ ڀينرن ۾ ننڍي هئي، سندس ڀائر نوڪريءَ ۾ ۽ ڀينر وڏيون هيون.
    رانيا پنھنجي گهر ۽ سيما پنھنجي گهر ۾ لاڏليون هيون. پر سمجهداري ٻنهي جو شيوو هئي. هو ٻئي ڪڏهن به اهڙيون ٻاراڻيون حرڪتون نه ڪنديون جنھن سان سندن پيءُ ماءُ جي دل ڏکي. پر هو ٻئي پنھنجي پنھنجي خاندان جو ساهه هيون. سندن سڀاءَ ۾ ايتري طاقت هئي جو بغير ملاقات جي هڪٻئي جي گهر ڀاتين کي سڃاڻنديون هيون ۽ اهي سڀ هڪٻئي سان غائبانه پيار ڪندا هئا.
    امتحانن کان رزلٽ تائين چار کان پنجن مھينن جي عرصي ۾ آخر هو ٻئي ڇا ڪن نيٺ ٽيليفون تي اهو فيصلو ڪيائون ته سيما ڪمپيوٽر ٽرينر جوائن ڪندي ۽ رانيا به گهر وارن سان ڳالهائيندي ۽ اهو فيصلو رانيا جو هئو ...!!
    ڇاڪاڻ جو سيما گهر ۾ بور ٿي رهي هئي، اڪيلائي هن کي سڄو ڏينھن کائيندي هئي، ٻيو ته هن جي پلاننگ ميڊيڪل جي وڏي فرصت کان بچڻ پڻ هو، جنھن کان هوءَ ڊنل ۽ خائف رهندي هئي ۽ شديد نفرت ڪندي هئي. هوءَ چوندي هئي،
    ”ڊيئر رانيا! مون کي ڊاڪٽر اصل نه وڻندا اٿئي. ممي پاپا ڊاڪٽر، ڀيڻ ڀاءُ ڊاڪٽر. حد ته اها آهي جو ڀاڄائي به ڊاڪٽر، انهن سڀني وٽ مون لئه وقت ئي ڪونهي ۽ آءٌ، ماسي ڪم واري ۽ پورو گهر سانءِ سانءِ ڪندو آهي.“
    رانيا،”تون به ڊاڪٽرياڻي ٿجانءِ.“
    ”مون کي ڊاڪٽر نه وڻندا آهن-I hate medical field “
    رانيا سندس ڳالهه ٻڌي چپن تي هميشه واري مسڪراهٽ آڻيندي سوچيندي چيو،”ائين ته ٿيندو پر اسان جي Parents جي خواهش اسان جي خواهشن کي هميشه مات ڏئي ڇڏيندي آهي....!!“

    **


    پاتال

    مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي، جنھن کي زندگيءَ جو ساٿ گهرجي، جنھن کي پوري زندگي ساٿ نڀائڻو آهي، سو نظر ئي نه اچي. جنھن کي تن من وٺڻو سو بي خبر، جنھن کي احساس وٺڻا ۽ ڏيڻا آهن، سو لاچار. سندس شادي ڪرائڻ وارا اسان جي سماج جا ماڻهو سندس ابي امان کان ويندي مٽن مائٽن تائين ايئن ڪڏندا ڄڻ ....... جي اهو کيرٿر جبل نه ڪاهيائون ته ڄڻ سڄي زندگيءَ جو کيل انهن لاءِ. سو زائفون توڙي مرد ائين پيا پڇائون ڪندا ڄڻ شادي نه ڪرڻ ڪو گناهه ڪبيره هجي ۽ وري رشتو ائين ڳوليندا ته جھڙوڪ مرد يعني پٽ يا ڀاءُ، نُنھَن يعني عورت ڌيءُ يا ڀيڻ ڄڻ جانور جو واڪ لڳائي پوءِ پنھنجي سڀني مھارتن جن ۾ رشتي، مڱڻي، پڌرائي، تاريخ، ڀت برادر، نڪاح، لاؤن ۽ رخصتيءَ تائين سندن واپار ڪندي ڪندي انهن سڀني کي خبر به نه پوندي ته اڳتي هلي سندن شاديءَ جو اهو وهنوار کين ڪيتري ۾ پوندو.
    جڏهن عورت چانئٺ ٽپندي آهي ته پوءِ تنھن ڏينھن کان ٿيندا فيصلا، رک مولا تي، اصل پيءُ ماءُ، ڀينر ڀائر گهٽ ڪونه ڪندا. باقي رهي سھي ڪسر ٻنهي جا مائٽ اڳتي هلي گڏ پوريون ڪندا. چوندا آهن ته،”مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو.“ سو شينھن ڪلهي چاڙهڻ وارو مرد، جنھن تي چڙهي اهو به مرد، جنھن لاءِ اڳتي جيئندي سو وري ٿيندس پٽ، جنھن آندو اٿس ڪشالا ڪاٽي اهو سھرو. هاڻي ٻه منھپ ڦاٿي.
    پٽ يعني مرد هاڻي نه رهيو ابي جو ۽ نه امڙ جو، اهي پيرن تي هٿ رکڻ به وسري ويس. هاڻي ماءُ جو ٿيءُ يا زال جو. هو به اهڙو وائڙو ٿي بيھي ٿو جھڙو شاديءَ جي خفت مھل هيو. پوءِ بس سائين ڇا ٿا پڇو؟
    ”ڪٿي ڍور سڃيا، ڪٿي چور سڃيا“ واري ڪارِ به ٿئي ته ڪٿي ٻئي اٻوجهه جو ناٽڪ ڪري پيا گاڏي کي گھليندا ويندا. روز ڏاند گاڏي مان جهاڙ جي چڙهڻ جي ڪري. ”اڙي ڇورا مارَ پوئي، ماڻهين اهو سيکاريو اٿئي!“ جي ڏاڏر ڪندڙ، پنھنجي ئي ابي امان جو ظلم.
    ”پيار ڄاڻي ٿي ڪرائي“ پنھنجي ڌيءُ جي سڱ جي ڳڻتي ڪرڻ وارو مرد.
    ”اڙي سُکان ٻُڌين پئي، ابو امڙ به ويٺي وارو وڃائي......“
    ”هائو هائو! ٻُڌم .... رات ياد پيا اٿئي، ائي ماريا ڪھڙن پورن ۾ آهين، ننڊ ته ڪرڻ ڏي.“
    ”ڪڏهن نه سھجانءِ سک ......“
    ”بلي ..... اصل بس پڻهين وٽ ته هندورن ۾ پئي لڏندي هئي، منھنجي ابي امان جو ٻڌي ته بس ننڊون ٿيون ڦِٽَني.“
    ”ٻيو نه ته هي ڪا مھل آ، انهن کي ياد ڪرڻ جي.“
    ”ڇو؟ ڪونه آ مھل، ماري پَوَئي،هاڻي ٺهيو گهڻو بڪ نه ... صبح ٿئي ته کڻي قرآن بخشرايون، ته من نه من ڪو ڇوٽڪارو ٿين.“
    ”مار.... توسان ته ڳالهائڻ ئي اجايو آ.“
    ”مون کي چِٽو ياد آهي، ماسي ڦاپل وارن جڏهن پنھنجي پوٽن جي سنت جو سڏ ڏنو هو، اسان شھري ماڻهو، ڳوٺاڻن جي پھرين ريت ۾ شريڪ ٿي هئس پر اڃا تائين نه وسرندي آهي......“
    ”اها ريت، اها ڀت برادري، اتي ڪھڙا ڪھڙا لقاءَ ڏٺا هئا.... هڪٻئي جي هٿ رت، ٻني ۽ گهر جي ڀت تان ڪيئن جهيڙي ۾ جهٽجي ويا هئا. ديڳيون ۽ مانيون سڪي رهيون هيون پر سڀني پاڻ کي غلام گردش جي پاتال ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.“
    **


    اڪيلائين جي اذيت

    هوءَ هن ڀيري 900 ڪلوميٽرن جو سفر نه پئي ڪرڻ چاهي، پر پنھنجي عزت مآب ڪلاس فيلوز جي ڪري سندن ساٿ ۾ ساٿ ڏيڻ جي ڪري سشما کي سفر جي شيٽ سان گڏوگڏ Call ٿي، پنھنجي استاد ۽ ڪلاس فيلوز سان اهو وچن ڪرڻو پيو ته هوءَ ان اسائنمينٽ ۾ گڏ هوندي. پر سشما پنھنجي گهر ۾ به تمام گهڻي مصروف رهندي هئي. سندس عمر هاڻي چاليهه سالن جي لڳ ڀڳ ٿيڻ واري هئي پر سندس دل اڃا ”ڪنواري“ هئي ڪوئي به ته اُتي ڪونه آيو. ڪير اچي به ڪيئن هوءَ ايتري خوبصورت ۽ ساڀياون هئي، ڪوئي پاڻ ۾ سگهه ئي نه ساري سگهيو هو.
    ڪائنات ۾ هوءَ اڪيلي رهڻي هئي، شايد قسمت ڪري به پر هيءَ ته ڪوئي مڃڻ لاءِ تيار نه هو، هر ڪوئي پڇڻ وقت، وقت جي دز جا جوتا ان تي لڳائيندو هو. موٽ ۾ سشما منجهي پوندي هئي. ڪڏهن ڪوئي بھانو ته ڪڏهن ڪو ٻيو بھانو ڪري هوءَ پنھنجي ڄاڻ سڃاڻ مان پنھنجو پاڻ کي پاس ڪرائي ويندي هئي. پنھنجي پر ۾ سندس دوست ته هاڻ ڪائي نه هئي، تنھنڪري پيار ۽ شاديءَ جا سوال سڀ دوستيءَ جو دم ڀريندي پڇندا هئس ۽ اهو ئي باور ڪرائيندا هئس ته اهي سڀئي سندس سڄڻ ئي ته آهن.
    هوڏانھن پنھنجي دنيا ۾ اڪيلائين جي اذيت ۾ گذاريندڙ سشما پنھنجي دنيا کان واپس اچي پنھنجي پيار ۾ حاصل ڪيل اذيت کي ڪنھن جي سامھون بيان به نه ڪري سگهندي هئي. سشما پنھنجي خاندان جي اڪيلي پرگهورَ لھڻ واري شخصيت پڻ هئي. هوءَ جڏهن به ان پيهه پيهان واري شھر مان پنھنجي ڪم ڪندڙ اداري مان واپس ٿيندي، اها بس ۽ سندس تنھائي جي لاءِ خوشين جا جهونڪا آڻيندي هئي.
    هوءَ پنھنجي فرم مان شام جو ڇھين وڳي نڪرندي هئي. انهيءَ فرم ۾ هوءَ ڪم ڪندي ڪنھن سان به نه ڳالهائيندي هئي. ڪائنات ۾ ان کي دوکا به ايترا ئي مليا هئا. سشما پاڻ کي گهڻو پري ڪري ڇڏيو هو، جتي سندس من جي اڪيلائي سندس سھيلي هئي... بس ۾ شڪر ادا ڪندي هئي ته سندس ڪابه فرم ڪليگ ان روٽ جي نه هئي. نه ته اسٽاپ کان وٺي گهر تائين شايد ان کي اها جهٽ به سڪون جي ملي ها. ڇاڪاڻ ته زندگي زنده آهي، ان کي خوشي پيار ۽ سانت يقين گهرجي ٿي. پر سشما ۽ ٻين ڪيترن انسانن وٽ زندگيءَ ۾ اصل جوهر هجي ئي نٿو، ان تحت هو به هن زندگيءَ کي ماڻي سگهن ۽ زندگيءَ ۾ ڪڏهن رليڪس رهن. سشما کي ڀلا اهو ڏينھن ڪيئن وسرندو جڏهن فائن آرٽ ڊپارٽمينٽ ۾ پاس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ هڪ وڏي پروگرام کي رٿيو ويو، جنھن پروگرام کي هنن پنھنجي استادن سان گڏ ويهي ڊيزائن ڪيو هو ۽ جڏهن پروگرام حتمي شڪل ۾ اچڻ واري صلاح تي پڄڻ لڳندو هو ته سشما جهٽ سان چوندي هئي، ”پر مان شايد پروگرام ۾ پھچي نه سگهنديس.“ ته سڀ ڪلاس فيلوز هن ڏانھن تڪي اهو ئي چوندا هئا، ”ڏسو ايئن نه ٿيندو ته پوءِ اسان پنھنجي ٽارگيٽ تائين ڪونه پڄنداسين، اسان کي هن قسم جا پروگرام پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪرڻا پوندا، ڇاڪاڻ جو اسان آرٽ کي پروموٽ ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اسان سڀ اهو چاهيون ٿا.“
    اهي سمورا ويچار پيش ڪيا سندس ان ڪلاس فيلو جيڪو فائن آرٽ مان ۽ هنن جي بيچ مان پھريون شاگرد هو جنھن يونيورسٽيءَ مان گولڊ ميڊل حاصل ڪيو هو.
    راول، سشما سان مخاطب ٿيندي چيو،”سشما! توکي هر حال ۾ اچڻو پوندو. توهان کان سواءِ ۽ توهان جي ساٿ کانسواءِ اسان اهو پروگرام نه ٿا ڪري سگهون. اسان جي فائن آرٽ ڊپارٽمينٽ اسان جي بيچ ۾ آرٽ جا مجسمه ته توهان ئي آهيو.“
    ”ڏسو آءٌ توهان کي سڀني جي سامهون چوان ٿو ته توهان ايئن نه ڪندا، ڇاڪاڻ جو سڀئي پروگرام ڊزائن ڪرڻ وارا آهيون پر آرٽ سان دلچسپي جي ڪري ان ۾ سڀ کان وڌيڪ Contribution به ته توهان جو ئي آهي. اسان جو به آهي اسين سڀ دوست ايئن ئي گڏ هونداسين ۽ اسان گڏجي نئين وٿ سان اهڙا ڪم ڪنداسين. هاڻي ڏسو نه آرٽ جي لاءِ ڪڏهن به يونيورسٽي جو ايڏو وڏو شعبو آهي، ان ۾ ڪابه Exhibition نه لڳائي وئي آهي، پر اسان ڪنداسين.“
    راول جي ايڏي وڏي سٺي ڀاشڻ تي چانھه پيئندي سڀني هاڪار ڪئي. ۽ سشما پڻ پنھنجي مجبورين ۽ معذورين کي ڪٿيندي پنھنجي ذهن ۾ نيٺ هاڪار ڪئي.
    “Ok - It’s ok”
    سشما وراڻيو،”۽ اسان سڀ اهڙيون ڪوششون وٺي فن کي پروموٽ ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اسان سڀئي پنھنجي ڪمٽمينٽ سان سچا آهيون ۽ اهو سڀ ڪندي اسان ڪيڏا نه خوش هوندا آهيون پر هڪ تمام وڏي Exhibition جيڪا اسان پنھنجي استادن کي پنھنجي يونيورسٽي کي Tribute ڪنداسين.“
    قلندري طبيعت جو هڪ ٻيو ڪلاس فيلو جيڪو سشما سان مذاق ڪري پنھنجي زندگيءَ جو بار هلڪو ڪندو هو، ان پنھنجا ويچار ڪجهه هيئن پيش ڪيا، ”يار! اهو ڪم آهي ته بھتر ۽ ڀلو پر توهان سڀ رڳو صلاحن جون ٻٽاڪون هڻدؤ يا اسان مان هرڪوئي پنھنجي پنھنجي ڪم کي ورهائي کڻي- پوءِ وري ڪنڊا نه ڪڍڻا پون.“
    راول،”تون ته صفا ڄٽ آهين، اڙي چرٻٽ اسان جي بيج مان توهان چار ئي ته آهيو جيڪي ايڏي وڏي آرٽ جي ايگزيبيشن ڪرائيندا. باقي اسان سڀ ساٿ ۾ ئي ته آهيون.“
    ”ڇا مطلب يار؟“ چرٻٽ چيو.
    راول،”چريا! Financially توهان چارئي پوزيشن ۾ ۽ نوڪرين وارا آهيو، سو اهو ڪم توهان چئني ئي تي آهي. يعني تون، سشما، سورمي ۽ سورٺ.“
    ڪريم ڏني چيو،”۽ سائين توهان پاڻ ....؟؟“
    روال ”سائين اسان ته آهيون ئي آهيون.“
    سشماپنھنجي بيوقوفيءَ کي ظاهر ڪندي فرمايو،”پر اهو ته ٻڌايو پر هيڊ ڪيترو حصو بيھندو“ ۽ ان سان گڏوگڏ ٿلهي متاري سورمي به چيو، ”حاضر جيڪڏهن توهان سڀ سيريس آهيو ته پوءِ سڀني کي Participate ڪرڻو پوندو.“
    راول،”اڇا ڀلا سيريس ڪيئن ٿيون؟ مان چيئرمين صاحب سان ڳالهائي ڇڏيو آ، سائين به راضي آ- ۽ اهو سڀ پھريان، ڇا توهان نه پئي چاهيو...؟؟“
    سشما،”او. ڪي“
    ”هاڻ جڏهن اهو سڀ ڪرڻو ئي آهي ته پوءِ ڪرڻو آ، نه ته پوءِ وقت نه سيڙايو. آخر .... ٻيا به ڪم ڪار آهن، فضول وقت نه وڃايو ۽ بس سڀ ايگريڊ ٿيو ۽ اهو ٻڌايو ڪڏهن تائين پروگرام ڪرڻو آهي؟ ڇاڪاڻ جو موڪل به وٺڻي پوندي. باقي توهان سڀ ته آهيو واندا ماڻهو.“
    راول ”ها سائين .... سچ ٿا چئو.“
    سشما ”ان ۾ سائين چوڻ جي ڇا ڳالهه آ، مون غلط ته ڪونه چيو. ڪرڻو آهي ته ڪرڻو آ، صبح کان وٺي گهوگهيتي وانگر ڄمي پيا هلو.“
    راول ”Ok - Ok“
    سشما ”ماءِ ڊيئر! اسان سڀني جي راءِ اها آهي ته جيئن ته برسرِ روزگار آهيو ۽ سڀن کان سينئر آهيو ته هن پروگرام جي Finance ۾ صرف ۽ صرف توهان Participate ڪيو. باقي توهان جي فرم مان اوهان کي موڪل ته ڏکي ملندي ته پوءِ سڀ Arrangements اسان تي آهن.“
    ”پر...!“ سشما وراڻيو،”اها ته زيادتي آهي، مان اڪيلي سر هن Exhibition لاءِ ڪيئن سڄو امائونٽ ڀرينديس، توهان سڀ ڇا ٿا چاهيو؟“
    راول ”اڙي بابا اسان به توهان سان گڏ آهيون.... اسان ۽ توهان ۾ ڪھڙو فرق آ.“ سڀن چيو ايئن نه آهي.
    سورمي چيو،”سشما اسان سڀ گڏ آهيون يار!“
    سشما ”پنھنجي اندر جي دنيا ۾ ائين فرق ٿي وئي جيئن ٽوٻو پاڻيءَ ۾.“
    هوءَ سوچڻ لڳي .... پر اهو سڀ ڪيئن ٿيندو؟ باقي سڀ مسئلا ڪيئن مئنيج ڪنديس.
    سورميءَ جي آواز تي سشما خيالن جي دنيا مان واپس وري آهي.
    سورمي ”سشما! اسان به ڪنٽريبيوٽ ڪنداسين، تون دل نه لاهه ۽ هي سڀن جو پروگرام تو هڪڙيءَ جو ٿورئي آهي، مون مان صرف موٽ.“
    سشما تي دل ڏيندڙ ته گهڻا هئا، پر هن جي ڪنھن تي اک ئي نه ٻڏندي هئي. هن کي اها خبر ئي نه هئي ته جنھن پيار ۽ پاٻوهه ۾ هوءَ پنھنجي ڊپارٽمينٽ جي ناماچاري ۽ آرٽ جي پروموشن لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي، اتي ئي هوءَ سھڻيءَ وانگيان ٻڏندي ......
    ڪير ڄاڻي ته اڳيان وقت سندس لاءِ ڪھڙي سوغات آڻي ٿو ۽ چيو جيوَ کي ڪھڙي خبر ته زندگيءَ جي جيو گهرڙن ۾ ساڻس وابسته جيو هن لاءِ ڪيئن نه اذيت جو سمنڊ آڻيو ڇڏين.
    سشما وراڻيو،”ته پوءِ مون کي اجازت ڏيو، مان هلان ٿي، پنھنجي فلائيٽ تيار آهي. ٿوري به دير ٿي ته فلائيٽ اڏامي ويندي ۽ پوءِ ڊيمي رينجر لاؤنچ يعني بس اسٽاپ تي سڄي حياتيءَ جو اڌ حصو ڪنھن ايبسٽريڪٽ پينٽنگ وانگر بڻجي ويندو.“
    سڀ هڪ آواز ۾ ”ها صحيح پئي چوين....“
    ”ايئن ئي ٿيندو....؟؟؟“ سڀ کلندي.
    سشما،”هاڻ اٿو به کڻي، شيئر جو فڪر نه ڪريو، متان ساهه وڃيو، مان پارٽيسيپيٽ ڪيان وڏي خود سا دلي سان باقي توهان سڀ پاڻ ڄاڻو.“
    ”نه سشما سان سڀ گڏجي ڪيون پيا ۽ اسين سڀ ڪلاس فيلوز ۽ دوست آهيون. ڪراين کي سرڪائيندي انهن سڀني پنھنجا پنھنجا لفظ ڀڻڪيا.“
    جڏهن هو هوٽل مان نڪتا ۽ پنھنجي منزل ڏانھن راهي ٿيا هئا ته راول چيو، ”بس مھيني ۾ اهو پروگرام ڪرڻو آهي. توهان ٽئي سشما کي اطلاع ڏنو ويندو ڇاڪاڻ جو توهان ڪجهه ڏينھن فرم جي طرف ڪنھن ٽريننگ تي ويندا.“
    ” Oh! really “ سورميءَ چيو ۽ سڀني مسڪرايو.
    سشما،”هون هون ته پوءِ مون کي Inform ضرور ڪجو. جي اچي سگهيس ته اچي وينديس.“
    راول، چرٻٽ، سورمي سڀني ”Ok“ وراڻيو.
    سشما تڪڙيون وکون کڻندي روڊ ڪراس ڪيو ۽ پرئين پاسي ڏانھن ڪجهه وکون هلندي اسٽاپ تائين پڄي بيھي رهي. بس جيڪا اچڻ جو نالو ئي نه پئي کڻي. پندرهن منٽ ۽ هنن وڏي شھرن جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ اصل دم ڪڍيو ڇڏي. بيھي بيھي پير سُن ٿي وڃن ته به بس جو نالو ئي ڪونهي.
    سشما اهو ئي سوچي رهي هئي ۽ بس اچي وئي، وڏي مشڪل سان جڳهه ملي ته ڪجهه ساهه کنيائين بس هلندي هلي ۽ روڊ به ان سان ڀڄندو رهيو ۽ وقت به اهڙو درياءُ آهي ڪڏهن ٻوڙي ته وري ڪڏهن تاري.
    سشما هاڻي پنھنجن خوابن ۽ خيالن مان نڪري آئي، عمر جي ان حصي ۾ جڏهن پيار جا ڏانوڻ ڪاٽيا وڃن ته عمر پڪي لڳندي آهي.
    سشما پنھنجي اندر جي دنيا ۾ ڀڄي ڀور ڀور ٿيل نازڪ ۽ نفيس روح هئي جنھن وٽ سوا درد ۽ انهن کي جهيلڻ جي ٻيو ڪو وس نه هو. سشما جا والدين انتھائي پيرسن هئا، هوءَ پنھنجي والدين جي پوري پوري سنڀال لھندي هئي. پروگرام جي فنڊنگ ۾ سندس ڪنٽريبيوٽ نه ڪرڻ هن کي پنھنجي فرض سان ڪوتاهي پئي محسوس ٿئي. پر سشما پنھنجي پاڇي وقت مان پينٽنگز ٺاهي پنھنجي واڌو خرچن کي پورو ڪندي هئي ۽ اهي پينٽنگز سندس شھر جي هڪ وڏي بيگم ”بي بي“ وٺندي هئي. هوءَ پنھنجي سڀني پينٽنگز جو ڪوبه ملهه نه رکندي هئي. بس سشما ڏاڍي ڀورڙي ڇوڪري هئي. هوءَ جنھن تنھن جي پيار ۾ پنھنجو سڀ تَنُ مَنُ وسائي ڇڏيندي هئي.
    سشما ”اڄ مون کي ميڊم بي بي سام ملڻ گهرجي.“ هوءَ بس اهو سوچيندي رهي ته ايتري رقم آڻيندي ڪٿان، ڀورڙائيءَ ۾ هوءَ ها ته ڪري ويٺي پر ..... هاڻي ته ڏچي ۾ اچي پئي. هن مھيني سندس امڙ جي دوائن تي گهڻو خرچ اچي ويو هو. بھرحال هاڻي پريشانيءَ ۾ هن پاڻ سان ڳالهايو ۽ ائين سندس گهر جو اسٽاپ به اچي ويو، سشما کي خبر ئي نه پئي.
    وقت ڪائنات جو ازلي ۽ ابدي سچ بخشيندو آهي، سو هڪ اهڙو سچ سشما جي لاءِ اچي رهيو هو جنھن جي سشما کي ڪا ڪلَ ئي ڪانه هئي. بس هو را کورا هيس ته پروگرام ٿي وڃي ۽ سندس ڊپارٽمينٽ جو نالو ٿئي، ان بھاني سان هوءَ آرٽ ۾ ڪا خدمت ڏئي سگهي.
    سشما بس اسٽاپ تي بس مان لھي پنھنجي امان ۽ بابا کي ياد ڪندي تڪڙيون وکون کڻندي گهر پھتي. سندس امان ۽ بابا جيستائين هوءَ گهر پھچي، در ۾ ديدون وجهي ويٺا نھاريندا هئا. سشما گهر پھچي پنھنجي والدين کي پرنام ڪيو ۽ کٽ تي پيل امڙ جي وجود کي وڏو ڀاڪر پاتو.
    سشما جي امان، ”سشما پٽ! ايڏي دير؟“
    ”ڇا ڪيان امان؟ پنڌ به ته ڏسو، بس جي حالت کان ته توهان واقف آهيو. مان پاڻ ٿوروئي دير ڪئي.“
    ”چڱو ابا، خير آ، بس اسان جو ٻچو پھچي ويو.“ سندس پيءُ چيو
    هوءَ اٿي پنھنجي پيءُ کي به هڪ ڀاڪر پائي ٿي.
    سشما جو پيءُ ماءُ ۾ ساهه هوندو هو. هوءَ انهن جي ئي پيار ۾ ديواني رهجي وئي. ساري دنيا ان کي ديوانو ۽ ڀورڙو سمجهندي هئي ۽ هوءَ هئي جو پنھنجي من متي ۽ سادگيءَ ۾ پئي سفر کي جاري رکندي هئي.
    ويٺي ويٺي سشما کي خيال آيو،”آئي امڙ روٽيءَ ۾ ڇا ٺاهيان؟“
    سندس امان،”جيڪو وڻئي ٺاهه.“ پوءِ هن رسوئي گهر ڏانھن ڊوڙ پاتي. کاڌو تيار ڪري جلدي سان پنھنجي امڙ ابي کي ڏئي پاڻ پوءِ کاڌائين.
    برتن رسوئي گهر ۾ رکندي هن کي خيال آيو، ڪاش اڄ ليلى اچي نڪري، شام تائين وجود تي ڪجهه بار هئا. ليلى سندس اڪيلي دوست هئي ۽ هو ٻئي هڪٻئي کي ڏاڍو ڀائينديون هيون.
    ڇا ليلى جي سچ ۾ به دوست هئي؟....؟؟؟
    ڪڏهن سشما ان باري ۾ به سوچ ويچار ڪندي هئي.
    سشما سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏي وئي، پنھنجي پِتا (پيءُ) جي آواز جي سڏ تي هن کان ڇرڪ نڪري ويو.

    **


    ٿـڌا سـاهَه

    زهرى اسڪول ۾ اسان کان سينئر هئي. هوءَ ۽ اسان سڀ سھيليون ٿورو گهڻو اسڪول ۾ سلام دعا ڪنديون هيون سين پر جڏهن هوءَ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ پھتي ته اسان به هن لاءِ سِڪي پونديون هيوسين. سندس مزاحيه طبيعت ۽ سڀن سان ميل جول مان ڪٿي به ايئن نه لڳندو هو ته هوءَ اسان کان ڪو عمر ۾ وڏي آهي. مون سان هن جي گهڻي گهاٽي دوستي هئي جيڪا ڪاليج ۾ B. Sc: تائين ۽ ان کانپوءِ جڏهن اسان سڀ ڪونجن جي ولر جيان هڪٻئي کان ڌار ٿيوسين. تڏهن به ڪٿي نه ڪٿي ڳچ وقت کانپوءِ ملاقات ٿي. زهرى هڪڙي گورنمينٽ جي اداري ۾ ڊيٽابيس ايڊيٽر جي طور ڪم ڪرڻ لڳي هئي. ان دوران سندس شادي به ٿي وئي.
    هي قصو اڄ کان کان پنجويهه- ستاويهه سال اڳ جو آهي، بيروزگاريءَ جي ڏينھن ۾ تعليم مڪمل ڪري سنڌ جي انهيءَ سھڻي شھر جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ اچي لڳيون سين. وڏن ماڻهن جي ڀينرن ۽ ڌيئن ته ميڊيڪل ڪاليجن جي داخلائن ۽ ڊاڪٽريءَ جي تعليم ورتي پر اسان مڊل ڪلاس پاڻ پنھنجي مدد ڪرڻ واريون سڀئي، آخر انهيءَ شھر جي رستن ۽ روڊن تي پيادل هلندي اسڪول ڏانھن هلي وينديون هيون سين. پنھنجي پنھنجي قسمت کي ٿوروگهڻو ڪوسي، پنھنجي سفر کي جاري رکيوسين. هر روز اخبارن جا پنا اٿلاياسين پر نوڪري هئي جا مَنَ جي محبوب وانگر ڪٿي ڪونه پئي لڀي، ڄڻ ڪنھن چورائي ورتي هئي.
    بھرحال اسڪول ۽ ٽيوشن مان جڏهن فارغ ٿياسين ته اچي ستاويهه ۽ اٺاويهه سالن کي پڳاسين پوءِ ڇا ٿيڻو هو جنھن کي شادي جو ٻڌڻ سؤلو لڳو انهن شادي ڪئي، جن کي چونڊ جي تلاش هئي اهي چونڊ ڪرڻ ۾ لڳي ويون، جن کي فقط انتظار هو. اهي من ئي من ۾ انتظار کي پوڄڻ لڳيون. جن کي ذميواريون هيون اهي ذميوارين سان نڀائڻ ۽ انتظار کي ئي سڀڪجهه سمجهڻ لڳيون. پڙهائي ۽ محنت، جفاڪشي، دليري، ڏاهپ ۽ سرت کان وسان نه گهٽايائون. پر قسمت به ڪا شيءِ آهي. عقل ۽ مت کسجي وڃي ته ٻنهي صورتن ۾ انسان ڏهاڳ تي چڙهي ٿو. جن جون شاديون ٿيون ساهرن جي دکن، مڙسن جي الرن، پادرن سختين، صعوبتن ۽ ٻارن پالڻ جي ڌرم کي ڌرم سمجهي پنھنجي لائون لڌن گهوٽ سان هرحال ۾ هلڻ جي هام ڀري جڏهن به اسان سان مليون ته ”ٿڌا ساهه ئي ڀريائون ٿي“.
    پاڻ ته جڳ جھڙيون ٿي ويون، هيون به منزل تي ڪونه پر منزل سمجهي سمجهوتو ڪيائون. جيڪي اولاد واريون ٿيون، اهي غير شادي شده ۽ جيڪي ڪجهه عرصي ۾ مڙسن کي ڪجهه قابو ڪيائون هو انهيءَ کي سک سمجهي اسان کان ايئن معلوم ڪنديون هيون ڄڻ اسان ڪا ٻي مخلوق هجون. پر زهرى چوندي هئي،”اڙي- شادي ڇونه ڪيئي ....“ ۽ پوءِ منھنجا ٽھڪ ...... ڪنداسين ..... .
    زهرى ”اڃا ڪڏهن ڪندينءَ .... اڇو مٿو اچي ٿيو اٿئي. ٻڌ ڀلا مان ڳوليان ....... .“
    ”مھرباني، اهو ڪم اسان جو ذاتي آهي، اسان پاڻ ڪري وٺنداسين، توهان زحمت نه ڪيو“ مون چيو
    زهرى ”چڱو پوءِ ڪر نه ڀلا .... الا ڙي ٻڌ نه .... شادي سٺي اٿئي .... هون ....“ مان سوچيندي چيو.
    جيتري دير ان موضوع تي تي گفتگو رهندي، اوتري دير اسان منھن تي مرڪون ۽ ٽھڪ پڻ. پنھنجي دکن جو پاڻ گڏجي ڪٿارس ڪندي آهي. ”عورت“ شاديءَ کانپوءِ مڪمل ٿئي ٿي ۽ اها ..... جا اڻ پرڻيل .... شايد لوڪ جي دونھين پئي ٻرندي آهي ۽ ان جا ٽانڊا ڪڏهن به نه وسامندا آهن. شايد.... شايد ..... شايد ڪڏهن به نه!!!
    **


    غربت، جهالت ۽ بيحسي

    زندگيءَ جو وقت هر ڪنھن لاءِ پنھنجو پنھنجو آهي، تڏهن ته عمر جي حد هرڪنھن جي الڳ الڳ ٿي بيھي، هر شخص، هر ماڻهو پنھنجي مليل وقت کان شڪايت به ڪري سگهي ٿو ۽ جوابده به آهي. منھنجي هڪ عزيز هڪ ڏينھن شام جي پھر ۾ پنھنجي هڪ جيڏي ساڻ ڪري اچي پھتي هئي ته مان حيران ۽ پريشان ٿي ويس ته هي ٻئي ڇوڪريون ڳوٺ کان ڪيئن اڪيليون نڪتيون آهن. اصل ۾ انسان ٻئي انسان يا ماڻهوءَ کي ڏسي پيو پاڻ کي ڪوسيندو آهي. اڻ پرڻيل ڇوڪري، پرڻيل عورت جي زندگيءَ تي رشڪ کائيندي آهي ۽ پرڻيل وري پڇتاءَ مان اڻ پرڻيل عورت کي آجپي وارو ۽ آسودو سمجهندي آهي، ڇاڪاڻ جو پرڻجي ان کي ڪجهه عرصي کان پوءِ پنھنجي مرد کان پنھنجو مڙهه ملندو آهي.
    اسان جي سماج جي جوڙجڪ جا بنياد ڪينسر جي بيماريءَ وانگر وڌي ويا آهن، سو هتي ”عورت“ مرد جي نظر ۾ انسان ته آهي ڪونه!!! باقي رهيو مرد ته ان کي ٻاهرئين ٻاڦ ملي پئي جنھن تي هو وڏا وڏا قھر ۽ ڪلور ڪري پيو. اڃا جي انگريزن جھڙا حق سمجهي وٺي پنھنجي لاءِ ته نه ڄاڻ ڇا ڇا ڪري.... خير قصو هيو اسانجي عزيز ڇوڪري، سندس سنگتياڻيءَ جو پھريان ته مان حيران ٿي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ برهم ٿيندي خديجه جنھن کي ڳوٺ وارا خُدي ڪوٺينداهئا، کانئن پڇيو ته،”آّخر توهان ٻئي ڪيڏانھن ويون هيون؟ ۽ ڪاٿئون پيون اچو؟“ سو سندس سنگتياڻي جواب ڏنو ته، ”خالا! اسان توهان ڏي ئي آيا آهيون، پر جيئن ته توهان نئون گهر ورتو آهي سو ڳوليندي ڳوليندي هاڻي پھتا آهيون. نه ته خالا اسان سوير جو تو وٽ پھچي وڃون ها.“
    منھنجي ڪاوڙ منھنجي نَڪ تان لھڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي سو پوءِ به مون پاڻ تي ضبط ڪندي انهن کان پڇيو ته،”توهان ٻنهي مانجهاندو ڪيو هئو نه ته، مان توهان لاءِ ڪجهه ٺاهي وٺان.“ پوءِ مون مرغي روسٽ ڪري گيهه ۾ ٻه مانيون پچائي کين پيش ڪيون، ڇوڪريون سموري ماني کائي ويون... ته مون کي ائين لڳو غربت، جھالت ۽ بيحسي ئي اسان جي ديس جون اصل بيماريون آهن. هو ٻئي منھنجي سِڪَ ۾ هلي آيون هيون، پر منھنجي اندر ۾ جا اڻ تڻ پيدا پئي ٿئي سان اها هئي ته، جواڻ جماڻ ڇوڪريون اڪيليون ڇو هليون آهن. ڇا هنن کي ڪنھن ٻئي پاسي ته نه وڃڻو هو ....!؟.... ڪوئي هنن جو محبوب ته نه هين ساڻ .... ڇاڪاڻ ته ڪوئي ڳجهه ته نه ٿو ڏئي پوءِ ڇا ڪجي؟ بس مان اندر جي اڻ تڻ ۾ ساڻن هليس پئي. پر ڇوڪريون سمجهي ويون سو- چيائون ”خالا توهان پريشان نه ٿيو، جيڪو توهان سوچيو پيون ايئن نه آهي، بس توهان جو گهر ڏسڻ گهريو پئي، هاڻي اسان مامي مجيد وارن ڏانھن وينداسين، توهان دلجاءِ ڪريو.“
    سندن پورهيت هٿن، ميرن لٽن، حسرتن ۽ ارمانن جو خون سندن اکين مان جهلڪي رهيو هو، جڏهن هنن منھنجي گهر کي گهمي ڏٺو تڏهن پنھنجي غير تعليمي يافته هجڻ جو احساس شدت سان محسوس ڪيائون، پر غربت ۽ وڏن جي ذهني جھالت تي پڻ افسوس جو اظھار ڪندي پنھنجي اٻوجهائيءَ کي تسليم ڪندي موڪلايائين. پر اهو احساس کين کائي رهيو هو ته هو غربت ۽ جھالت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل بيوس انسان آهن.

    **


    جياپي جو سوال

    سندس ڪھاڻي سمجهه کان ٻاهر .... سندن روايتون قبائلي، سمجهه کان ٻاهر، ”بس هي قيد تنھائي آهي، ماهم ۽ تون، منور تون ڪٿي آهين؟“
    مون چيو ”ڪٿي به نه. عورت ڪٿي ئي ڪونهي. ڪجهه پڙهي وٺان هان ته پاڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهان ها پر .... ماهم زندگيءَ، مرد جي دوکي جو نانءُ ۽ اهڃاڻ بڻجي پئي. توهان جي شفٽ ٿي وڃڻ کانپوءِ مئٽرڪ تائين پڙهيس ۽ پوءِ منھنجي شادي ڪرائي وئي ۽ مان هڪ پڃري جو قيدي پکي بڻجي رهجي ويس ۽ سڄي حياتي ايئن ئي گذرندي، ابي امان، ڀائر، ڀينرن جو سوچيندي، پھه پچائيندي آءٌ گذارو ڪريان پئي. خبر اٿئي، بابا ۽ امان وڏيءَ کانپوءِ ته هاڻي آءٌ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهان.“ اهو سڀ ٻڌائيندي سندس لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا.
    ”تون ٻڌاءِ ماهم مرد ائين ڇو هوندا آهن؟، سماج جون سڀئي ڪڌيون رسمون ۽ ڏاوڻ اسان لاءِ ڇو؟، ماهم اسين ڪٿي به نه آهيون ۽ ڪجهه به نه آهيون. عورت مرد جي نظر ۾ ڪجهه به نه آهي؟ جي ڪجهه آهي ته ڪنھن رانديڪي کان وڌيڪ نه آهي؟ ايئن ڇو؟!“ هن نھايت معصوم انداز ۾ پنھنجي لڙڪن کي اگهندي پنھنجي هٿن کي منھنجي هٿن ۾ ڏيندي چيو،
    ”مرد سچائيءَ سان دوکو ڪندو اٿئي... هن کي سچائيءَ سان پيار نه آهي ؟ هوڪوڙ ڳالهائيندو آهي؟ هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ايئن آهي يا نه ماهم ....؟“
    مان پنھنجي انتھائي پياري دوست سان ملي پنڊ پھڻ ٿي وئي هئس، سندس سڀ ڏکارا سوال ۽ جياپي جو سوال وڏي اذيت وارو هو.
    ”ماهم! ڇا واقعي ”عورت“ مرد جي پاسريءَ مان ٺاهي وئي آهي؟“ هن پڇيو، سندس ڪنھن به سوال جي جواب ۾ آءٌ ڪجهه ڪڇي سگهڻ جي طاقت نه ساري مون ”ها“ چيو. پر هاڻي مرد، عورت جون پاسراٽيون ڀڃندي، سڪون محسوس ڪندو آهي.
    **


    بنا عنوان

    تون مون کي دل سان چاهيو ئي نه هيو، مان پنھنجي پر ۾ ان سموري سلسلي کي چاهت سمجهيو هو. ڇاڪاڻ جو اها منھنجي ذهن ۽ روح جي پھرئين پاڪيزه عبادت هئي، جنھن ۾ مان بظاهر خالي دل، خالي روح، خالي وجود، دنيا جي انڌير نگر ۾ حاصل ڪري ويٺس. پر اهابه حقيقت آهي، اي مھربان دوست ... !!؟؟ تو مونکي دل سان صرف هڪ تحفو ڏنو آهي جيڪو آهي، تنھنجي جدائي.... تون مون کان پري ڏيھه ئي ڇڏي وئين.
    حقيقت ۾ تون پنھنجي سرشت ۾ ٻه واٽي تي هلڻ وارو فرد هئين، تنھنجي دنيا ۾ گهڻا ئي رنگ هئا. پر .... مون سمجهيو تون منھنجي رنگ ۾ رڱجڻ چاهين پيو..... جيڪا سماج ۾ منھنجي غلطي ليکبي .... پر ”سانول“ اسان جي زندگي ۾ صرف هڪ رنگ اٿئي ”عشق“ جو ..... پر قيامت ته اها ڪئي اٿئي عشق جا سڀ حرف به مون کان هجر جي گھرائين مان تو پاڻ ڏي ڇڪي وتان جڏهن تون پرينءَ جي ديس مان مون کي فون ڪال ڪئي؟ ڇو ۽ ڇاڪاڻ؟

    **


    يــاد

    زندگيءَ جو اهو نه وسرندڙ باب (Chapter) هوندو آهي، جيڪو ڪڏهن به نه وسرندو آهي. انسان چاهي ترقيءَ جي ڪيترن ئي ڏاڪن تي پڄي وڃي، ان وٽ هڪ نه هڪ شبِ غم ضرور هجي ٿي.

    **


    ڪوڊ آف لائيف (Code of Life)

    تنھنجي وئي کانپوءِ به تون مون وٽ رهجي ويو آهين....!! پر تو پنھنجي Code of Life مان مون کي خارج ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو تون زندگيءَ کي صرف هڪ تفريح (Entertainment) سمجهين ٿي.
    **


    مينٽل ائپروچ

    هوءَ مھمان ٿي آئي هئي، پر لڳي ايئن رهيو هو ته هوءَ پاڻ تي ڪجهه گهڻو نازان آهي، يا وري وڏائيءَ جو شڪار هئي. تعلق ته پڙهائڻ جي شعبي سان هئس پر فيشن، سونھن، گهر گرهستي، ٻارن جي پڙهائڻ جا نوان ڪورس، ان جون داخلائون ۽ انٽري ٽيسٽون، سڀ ته ياد هئس. پنھنجي وڏ گهراڻي جا ڪيترا قصا، آپا... فلاڻي جو پٽ آهي ته ان جي سليڪشن ٿي وئي اٿو ۽ وڏي آپا، وري خوشي ۽ مسرت جو اظھار ڪري انکي ويتر آشير واڌ ڏئي رهي هئي. ڀلا ڏئي به ڇونه. هڪ ئي ڪلاس جون مايون گڏبيون ته غريب غربي تي ته اک ئي ڪونه ٻڏندي نه. اٿن اهو اسٽيٽس، اهي ڳالهيون، گاڏين جي مٽاسٽا، برانڊ ذريعي ڪپڙن جي سيل ماستريءَ جي اها ئي ته ماستري آهي. ڪلاس ۾ ٻارن کي چپ ڪرائڻ ۾ پيرڊ پورو ۽ اسٽاف روم ۾ ڳالهين جون ڳھير، ڪجهه گلا، ڪجهه طنز، ڪجهه ٽوڪ، ڪجهه ٻٽاڪ ۽ ڪجهه مذاق، اصل بس ئي نه ڪن. ڀل ڀر ۾ ويٺل پئي جکائون کائن.
    شادي شده هونديون ته ڪنوارين تي ايئن پيون تيرن جا تير اڇلائينديون ڄڻ غير شادي شده هجڻ ڪو جرم آهي. ان مھمان ٿي آيل پنھنجي اپسرائي ۽ جوانيءَ جي جوڀن جي ڪھاڻيءَ کي انهن کي لفظن تي ختم ڪيو آپا ..... توهان ته مون کي پڙهايو آهي، ياد اٿو ته منھنجي فگر ڪيئن هئي، هي ته ٻارن کانپوءِ وڃي هاڻي منھنجو وزن وڌيو آهي. منھنجو مڙس به ايئن ئي چوندو آهي.
    آپا فروٽ کائيندينءَ .... ڪنڌ ڌوڻيو، ٿورو مسڪرايو ... پر ڏسو نه اڄوڪين ڪنوارين کي ڏسو نه هينئن لڳيون پيون آهن، ڪجهه ماڻهو پنھنجو خيال رکندو آهي. منھنجي ڀر ۾ ويٺل ٽيچر ٺونٺ هڻي چيو، ”خير ته آهي گهڻا سال ڪنواري ويٺي هئي؟“
    ”اها اٿئي اڄوڪي ٽيچر جي مينٽل ائپروچ.....“
    **


    وڏائي

    هوءَ سنهڙي آواز، سنهڙي هاٺيءَ واري نوڪري پيشه مرد جي گهرواري هئي. قبيلائي ذات هجڻ ڪري سندس وڏائي سونھن، شادي هجڻ، ڪرڪيٽ ٽيم جي برابر ٻار هجڻ کان وڌندا. ان ذات کي اورچائي مان هن سان پھريون ڀيرو شادي جي هڪڙي تقريب ۾ مليس، جتي اوڙي پاڙي ۽ شھر جون سڀ سڀاويڪ عورتون شريڪ هيون. عورت ڪھڙي ادائن تي ناز ڪري ٿي سو ته سمجهه کان ٻاهر آهي. هر قسم جي سوچ رکندڙ مايون پاڻ ۾ تڪبر جا جزا رکنديون آهن، سو سارا به انهن مان هڪ هئي. سارا ناز ۽ انداز ۾ تمام ٺاهوڪي ته نه پر پوءِ به چڱي خاص پرڪشش هئي. مون سمجهيو ته ايترو جو رعب اٿس، اهو شايد پرڻيل جڻ، گهر ٻار هجڻ، مڙس جي نوڪري هجڻ واري سبب تي اٿس يا وري ......... جي گهڻي پير جو ذڪر ڪندي پر نه سائين هتي ته هيءَ مائي پنھنجي ذات پئي پڏائي.
    سو .... اهڙي سوچ رکندڙ عورت سان پنھنجي ته لڳي ئي ڪونه .... سندس ساهراڻي ڳالهه شروع به اتان پئي ٿئي ته ختم به اتي پئي ٿئي، رکي رکي سو نه پئي آهي. پنھنجي مڙس جي جاهه ، جلال همت جو به ذڪر خير ڪيائين ٿي، سو هوءَ هڪ اڻ پڙهيل عورت هئي اسان جي سماج ۾ به وارث جي تقاضائن کي هاڻ بدلجڻ گهرجي. هاڻي جن کان سنڌ جي ماءُ انهن خلفشارن مان نڪرڻ کي ڇاڪاڻ جو سندس اهڙي سوچ مرد جو ۽ عورت جو سٺو ڪردار سامھون رکي پڙهيل لکيل ايم.اي پاس مرد کي گهٽ ۾ گهٽ ان پاسي تي توجھ ڏيڻ گهرجي ته ماءُ جي سوچ اولاد جلدي وٺندي آهي، شاديءَ کان پوءِ ٻڌوسين ته انهيءَ گهر جي ڇوڪري سندس ڇوڪري پنھنجي ڀاءُ جي شان کي وڌائڻ ۾ دوستيءَ جھڙي مقدس رشتي استعمال ڪري ٿي ۽ پنھنجي ڏاڍائيءَ تي هڪ غريب گهر جي ڇوڪري سمجهي وڃي ٿي ۽ انهيءَ ڇوڪري جو گهراڻو شھر بدلائي ٿو.
    **


    بئڪ ٽائيٽل صفحو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 865
    ڪتابن جو مشاهدو: 2388905
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 610269
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ