ڪتاب جو نالو: سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾
مصنف: پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 14 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 512 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 287 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هيءُ ڪتاب نفسياتي الف ب متعلق هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ عام موضوعن ذريعي سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، باقي پڙهندڙ انهيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو سندس نفسياتي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 131هون
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • Self reflective reading
  • مهاڳ
  • تعارف
  • 1. علم نفسيات جا بنيادي اصطلاح
  • 2. جبلت مرگ ۽ جبلت حيات
  • 3. احساس ڪمتري (Inferiority Complex)
  • 4. شخصيت جو بحران ۽ ائبنارملٽي
  • 5. نيورو لنگئسٽڪ پروگرامنگ
  • 6. شهري قدرن جي سکيا نه هجڻ
  • 7. هيروازم
  • 8. انڪار جي اهميت
  • 9. پيار جو تصور
  • 10. رومانس ڇا آهي؟ Romanticism
  • 11. وجودي فڪر جو نفسياتي جائزو
  • 12. خوشبو، رنگ ۽ نفسيات
  • 13. ڇا انسان جو بنيادي مقصد طاقت حاصل ڪرڻ آهي؟
  • ڪارل مارڪس، سگمنڊ فرائيڊ ۽ سارتر وٽ جدلياتي فلسفي جي هڪجهڙائي
  • جيون هڪ بي معنى سوال
  • وجود کان وحدت الوجود تائين (سنڌي سماج ۽ ادب جو بنيادي فڪر)

  • سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 131هون

    ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن

    ڪتاب جو نالو: سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾
    موضوع: لطيفيات
    ليکڪ: ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
    ڇاپو پهريون: نومبر 2017ع
    ٽائيٽل: اسدالله ڀٽو
    ڪمپوزنگ/لي آئوٽ: ساحل پرنٽرز حيدرآباد
    ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر دڙو – حيدرآباد
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد
    قيمت: 200 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر 


    ارپنا

    ڊاڪٽر فزا خان (سائڪاٽرسٽ) جي نالي
    جنهن منهنجي زندگيءَ کي نئون رستو ڏيکارڻ
    ۾ مدد ڪئي
    ۽
    ڊاڪٽر عنايت مگسي (سائڪاٽرسٽ) جي نالي
    جيڪو واقعي پنهنجي پيشي سان سچو ۽
    هن سماج کي سمجهندڙ ڊاڪٽر آهي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو لکيل آهي.
    هيءُ ڪتاب نفسياتي الف ب متعلق هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ عام موضوعن ذريعي سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، باقي پڙهندڙ انهيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو سندس نفسياتي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي.
    ھي ڪتاب سچائي اشاعت گهر دڙو پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    علم نفسيات انساني سڀاءَ، وهنوار، عادت ۽ رويي جو علم آهي. جنهن سماج ۾ اسان رهون ٿا، اهو 80 سيڪڙو ائبنارمل سماج آهي، ڇوته نارمل سماج لاءِ ڪجهه اصول، پابنديون، قانون ۽ قدر هوندا آهن. ڇڙواڳ سماج هجي، گهر هجي يا فرد هجي، اهو هرگز نارمل نٿو ٿي سگهي. اسان وٽ جمهوريت جي نالي ۾ جيڪو ڇڙواڳيءَ جو طوفان آهي، انهيءَ ۾ اسان جي نارمل نفسيات لڙهي ويئي آهي. ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ اچي ويئي آهي، پر استعمال لاءِ ڪوبه قانون يا ڊسيپلين ناهي. اسان جو نوجوان نسل ته ڊجيٽلائيزڊ روبوٽ بنجي ويو آهي، جنهن وٽ قدر ناهن، رشتا ناتا ناهن، پيار محبت ۽ سهپ ناهي. 1960ع- 1970ع وارو نسل انهيءَ راند ۾ پاڻ کي شامل ڪري به ٿو ته نٿو به ڪري، ڇوته هن سهپ، همدردي، پيار ۽ قدرن وارو سماج ڏٺو هو. هي نسل ٻه واٽي تي ٻڏتر ۾ ڊپريس ٿيو وڃي، پر کيس احساس آهي ته هيءَ ائبنارملٽي آهي. ٻيو نسل ائبنارملٽي کي ئي نارملٽي سمجهي ٿو.
    سنڌي سماج کري چڪو آهي. ڇڙواڳيءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي، ماڻهن کي پنڻ تي هيرايو ويو. قبضه گيري، گٽڪو، ٺرو ۽ لاغرض زندگي ماڻهن جي نس نس ۾ سرايت ڪري ويئي آهي. ڪرپشن هميشه مٿان کان هيٺ ايندي آهي. جڏهن قانون تي عمل نٿو ٿئي ته انهيءَ جو ذميدار قانوني عملو ۽ تڪ جو چونڊيل نمائندو آهي. جڏهن اسڪول ۾ ماستر نٿو پڙهائي ته تعليم کاتي جا آفيسر ذميدار آهن. جيڪڏهن بيلـدار، يا ميونسپالٽيءَ جو عملو ڪم نٿو ڪري ته تڪ جو چونڊيل نمائندو ذميدار آهي.
    سڄو مسئلو ڊسيپلين ۽ قانون تي عمل جو آهي، جڏهن وڏيرا ڪرپٽ هجن ۽ ڪرمنل پالين ته پوءِ ڪرپشن کي ڪير روڪيندو. جڏهن ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار يا جعلي دوائن جو ڪاروبار اعلى عملدارن جو هجي ته پوءِ ان کي ڪير روڪيندو. جڏهن ڪنهن سياستدان جو ٺيڪيداريءَ ۾ حصو پتي هوندو ته ڪم ڪٿان صحيح ٿيندو. تنهن ڪري کريل سماج کي سڌارڻ جي ضرورت آهي، اهو آهي سخت ڊسيپلين، سخت قانون ۽ سزا.
    مسئلو اهو ناهي ته سماج بيمار آهي، مسئلو اهو آهي ته انهيءَ بيماريءَ کي تسليم نٿو ڪيو وڃي، ته پوءِ علاج ڪيئن ٿيندو؟ اسان جي سماج ۾ ڊاڪٽر پنهنجي مسيحائي وارو ڪردار وساري ڪاسائي بنجي ويو آهي. اسپتالون ڪوس گهر جو ڏيکاءُ ڏين ٿيون. نفسياتي ڊاڪٽرن وٽ قطارون لڳل آهن، پر ڊاڪٽر صرف ڪلارڪي ڪم ڪن ٿا، يعني دوائن جا پرچا لکيو مريضن کي ڏين. Psycho Theropy هڪ اڻلڀ ۽ مهانگو علاج آهي. 50 سيڪڙو ماڻهن جي نفسيات جي ڊاڪٽرن تائين پهچ ئي ڪونهي، باقي 80 سيڪڙو ماڻهو پاڻ کي نفسياتي بيمار سمجهن ئي ڪونه ٿا. صورتحال اها آهي ته سٺن نفسياتي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي ۽ عام ماڻهوءَ تائين رسائي ناهي. ان کان علاوه ماڻهن ۾ شعور ئي ڪونهي، ته هنن کي غصو، مَ سهپ، جهيڙو ڪرڻ، هر وقت ڪروڌ، بوريت، جنون، گهڻو سمهڻ يا ننڊ نه اچڻ، اجايو مقابلي بازي ڪرڻ، گهر ۾ جهيڙو ڪرڻ، ڪو سندن نفسياتي مسئلو آهي.
    علم نفسيات جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ مواد ملي ٿو. آءٌ سمجهان ٿو ته پرائمري اسڪول کان ڪاليج تائين علم نفسيات جو موضوع لازمي سبجيڪٽ طور پڙهائڻ گهرجي. اڄ جي دور جي اهم ضرورت آهي ته ماڻهو پنهنجي ڪيفيت کي سمجهي ۽ سماج کي سمجهي، نه ته دنيا عالمي پاڳل خانو بنجي ويندي.
    هيءُ ڪتاب نفسياتي الف ب متعلق هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ عام موضوعن ذريعي سنڌي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، باقي پڙهندڙ انهيءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو سندس نفسياتي ڪيفيت تي ڇڏيل آهي.
    آخر ۾ آئون ڊاڪٽر شاهنواز دل ۽ ذوالفقار هاليپوٽي جو شڪرگذار آهيان، جنهن هن ڪتاب تي ’ٻه اکر‘ لکيا. ساڳئي وقت سائين جامي چانڊيي جي به مهرباني، جنهن ڪتاب جي پوئين سرورق لاءِ ٻه اکر لکي ڏنا. سائين يوسف سنڌي ۽ سائين امين لغاريءَ جوبه ٿورو مڃيندس، جن هن ڪتاب جي سنوارڻ ۽ پروف ڏسڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي.

    ڊاڪٽر غفور ميمڻ


    Self reflective reading

    هڪ پڙهندڙ پنهنجي مطالعي هيٺ آيل/ ايندڙ علم مان شعوري توڙي لاشعوري طور گهڻو ڪجهه پرائي ٿو. ڪي ڪتاب يا لکڻيون سندس احساسن، جذبن، ذهني ۽ جسماني ڪيفيتن تي فورًا اثر ڪنديون آهن، ته ڪي تحريرون سندن فڪري توڙي تخليقي صلاحيتن تي آهستي آهستي اثرانداز ٿينديون آهن. ڪي ڪتاب پڙهندڙ کي هڪڙي لحظي ۾ پاڻ پڏائڻ، خوش ٿيڻ يا احساس برتريءَ جهڙي رويي ۾ جڪڙيو ڇڏين، ڇاڪاڻ جو اهي لکڻيون سندس روحاني، نفسياتي توڙي سماجي ڪيفيتن تي مڪمل طور ٺهڪي اچن ٿيون. ڪجهه لکڻيون وري ساڳئي ماڻهوءَ کي ڪڙيون حقيقتون محسوس ٿينديون آهن، جو اهي سندس اندر ۾ موجود ڪيترن ئي منفي لاڙن، رجحانن، قدرن ۽ روين جو عڪس هونديون آهن.
    انسان ۽ سماج هڪ ئي سڪي جا ٻه رخ آهن. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انساني سماج جو رشتوايترو ته ڳتيل (Integrated) ٿي ويو آهي، جو هاڻي سماجي سائنس کان وٺي ميڊيڪل توڙي ٻين شعبن تائين جيڪو به علمي، فڪري، سائنسي، فلاسافيڪل بحث آهي، سو انساني سماج جي لاڳاپي جي گرد ڦري ٿو. يقينًا ان بحث ۾ ماحوليات ۽ هن ڪائنات جو ٻيو پيڪيج به اچي وڃي ٿو.
    جڏهن اڃا سماج جڙڻ شروع ٿيا هئا ۽ ڇڙواڳ ۽ ڇڙوڇڙ ماڻهو هڪ سرشتي هيٺ رياست، قانون ۽ ڪي ضابطا ۽ اخلاق طئي ڪرڻ لڳو هو، ته ان وقت ماڻهوءَ بابت بحث سڄو هن جي نظر ايندڙ جسماني حقيقتن تي هو، جنهن کي اسين طبعياتي بحث به چئي ٿا سگهون. مثال طور: ڪو وڏو حادثو يا بحران ايندو هو، ته ان بحران يا حادثي جي نفسياتي، روحاني، ذهني توڙي فڪري حقيقتن تي ڌيان ڏيڻ بدران ماڻهوءَ جي جسم يا بدن جو گهڻو خيال ڪيو ويندو هو. جيئن جيئن دنيا جديد نظرين ۽ فڪري لاڙن ڏانهن وڌي، ته انسان جي هجڻ جي حقيقت جي پيڪيج ۾ ان ڳالهه تي به بحث شروع ٿيو ته انسان جي جسم سان گڏوگڏ هن جو روح به هڪ حقيقت آهي، جنهن تي انسان جي ذهن ۽ نفسيات کي سامهون رکي بحث هيٺ آڻي ڇيد ڪري سگهجي ٿو ۽ ائين دنيا جي ماڊرن ٿيڻ سان گڏوگڏ اهي بحث به ماڊرن ٿيندا ويا.
    مشهور سماجي سائنسدان مائيڪل ڪرسلي پنهنجي ڪتاب “Narrative Psychology- Self, Trauma and the Construction of Meaning” جي هڪ باب “Theories of Self and Identity” ۾ لکي ٿو ته جڏهن ماڻهوءَ جي جسماني ۽ فڪري قد ڪاٺ جو قدر نه هو، ته ماڻهوءَ جي روح، فڪر، نفسياتي ۽ فڪري لاڙن ۽ ٻين احساسن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ ئي نه هئي، تنهنڪري اهي بحث Unchallangeable Frameworks ۾ رهيا ۽ پوءِ جيئن جيئن سماج ترقي ڪئي، ته اهو انساني ذهن ئي هو، جنهن ڪائنات جي گوناگونيت، مختلف سماجن جي اوسر ۽ ماڻهوءَ جي ترقيءَ ۾ انساني ذهن جي ڪنٽريبيوشن بابت حقيقتن کي پرکيو ۽ پوءِ جسم سان گڏوگڏ ذهن ۽ انساني نفسيات به اوتري اهميت ماڻڻ شروع ڪري ڏني.
    مثال طور ڪو وقت هو ته جنگين ۾ لکين ماڻهو مري ويندا هئا ۽ ماڻهوءَ کان وڌيڪ جاگرافي ۽ زمين ۽ قدرتي وسيلن جو قدر هوندو هو. جيئن جيئن سماج ترقي ڪئي، تيئن تيئن اها حقيقت به کلي ته انساني علم ۽ عقل، فڪر ۽ فهم به هڪ اهڙو قدرتي وسيلو آهي، جنهن جو قدر ڪري سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگيءَ کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. جنهن جو مثال هي آهي ته اڄ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪنهن مهذب ملڪ جو ڪو اڪيلو فرد به ڏچي ۾ آهي، ته پوري رياست اچي ڪڙڪندي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هاڻي هڪ فرد واحد به پوري سماج کي لوڏي سگهي ٿو.
    هي سڀ خيال ان وقت ذهن ۾ تري آيا، جڏهن مون ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جي ڪتاب ”سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾“ جو مسودو پڙهڻ شروع ڪيو. اهو مسودو تخليق جي نفسياتي ۽ فڪري اڀياس سان گڏوگڏ ان جو سنڌي سماج سان ڳانڍاپي بابت هڪ انتهائي اڪيڊمڪ مواد هو. نفسيات ۽ فلاسافي ڏکيا موضوع هئڻ ڪري اسان وٽ رائج مشهور ادب ۾ ڪا گهڻي جاءِ ان ڪري به نه والاري سگهيا آهن، جو تمام پٺتي پيل سنڌي سماج اڄ به ڪيترن ئي فڪري ۽ نفسياتي سببن ۽ سياسي توڙي سماجي زوال جي ڪري موضوعي رويا رکندڙ سماج آهي. معروضي رويا اڄ اسان کان سوين ميل پري بيٺل آهن.
    ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب هڪ سيلف ريفليڪٽو ريڊنگ آهي، جنهن ۾ ڪنهن ناول، ڪهاڻي، افساني يا نظم کي پڙهي رومانوي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيڻ بدران پڙهندڙ کي سماج ۽ ماڻهوءَ جي تعلق جي مختلف لاهن چاڙهن بابت هڪ معروضي ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن قسم جي لکڻين جو رواج اسان وٽ گهٽ آهي، تنهنڪري اهڙي ادب جي مڃتا ته پري ٿي، پر ان کي رڳو جوڳي جاءِ ڏيڻ به اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي.
    مثال طور اڄ سنڌي سماج کي جيڪي بحران ۽ چئلينج درپيش آهن، سي هن سماج ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهوءَ جي سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ جاگرافيائي حقيقتن جي جائزي سان گڏوگڏ ان جي نفسياتي، فلاسافيڪل ۽ فڪري رجحانن جو فڪري ڇيد نه ڪنداسين، ته اسان هن دور جديد ۾ ڪيئن اڳيان وڌي سگهنداسين. اهو ڪم بنيادي طور تي سماجي سائنسدانن جو آهي، ته هو انهن موضوعن تي ٽيڪاٽپڻي ڪري، ڪي دڳ ڏسي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب انهن مان ڪيترن ئي اهڙن روين ۽ رجحانن تي لکيو آهي، جيڪي بظاهر هڪڙي فرد جي نفسيات سان جڙيل آهن، پر غور سان وڏي فريم ۾ ڏسجي ته اهي فردي ۽ شخصي رويا ۽ نفسيات، اسان جي گڏيل مفادن، اجتماعي ڪيفيتن ۽ مجموعي شناخت جي معاملن تي اثرانداز ٿين ٿا. مثال طور سنڌي سماج ۾ اهو بحث عام آهي ته سياست کان وٺي علمي ادبي حلقن تائين سنڌ جو باشعور طبقو گهڻي وقت تائين گڏ هلي سگهڻ جي صلاحيت يا طبعيت نٿو رکي. ۽ هو جلد ئي مختلف گروهن ۾ تقسيم ٿي ٿو وڃي. هاڻي اهو بحث ته عام جام آهي ۽ ماڻهو ٽهڪ ڏيندي به اهو بحث ڪن ٿا ته ڪنهن مهل انتهائي افسردگيءَ ۾ به ان ڪمزوريءَ تي ڳالهائين ٿا، پر ڇا ان ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪو علمي يا فڪري بحث مباحثو ٿيو آهي، يا ان ڪمزوريءَ جي نفسياتي سببن تي ڪو سنجيده ٽاڪرو ٿيو آهي.
    ڊاڪٽر صاحب ڪن بنيادي انساني ڪيفيتن کي، جيڪي اڳيان هلي ڪنهن به سماج کي ٺاهڻ يا ڊاهڻ، اڳيان وٺي وڃڻ يا نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجن ٿا، تي سڀ کان پهرين عمومي بحث ڪيو آهي ۽ پوءِ ان بحث کي سنڌي سماج جي فڪري ۽ علمي اوسر جي بحث سان جوڙي هڪ اهڙي سٺي لکڻي ڏني آهي، جو اسان سولائيءَ سان ان فريم ۾ پاڻ کي وجهي اهو سمجهي سگهون ٿا ته اسان جا مسئلا ڪهڙا آهن ۽ انهن مان نڪرڻ جا حل ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. هڪ سٺي ليکڪ جو اهوئي ڪمال هوندو آهي ته هو جنرل ڊبيٽ يا عمومي تصورن تي اڪيڊمڪ بحث مباحثو ڪري، پوءِ ان کي پنهنجي ماڻهن يا سماج سان ائين جوڙي، جو پڙهندڙ ان لکڻيءَ کي پنهنجي عروج ۽ زوال جي تناظر ۾ ڏسي، مستقبل لاءِ ڪا پيشقدمي جوڙي سگهي، اها پيشقدمي هڪ سٺو خيال به ٿي سگهي ٿي ته ڪو عملي پورهيو به ٿي سگهي ٿو.
    مثال طور هن ڪتاب ۾ شعور، لاشعور، تحت الشعور ڇا آهي، انا، مونجهارا، ذهني دٻاءُ جهڙين ڪيفيتن جا سماجي ۽ نفسياتي سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، احساس ڪمتري، منفي توڙي مثبت چٽاڀيٽي، پيار جو تصور، هيروازم، رومانويت، وجودي فڪر وغيره جهڙن موضوعن تي بنهه سادي ۽ فهميدي انداز ۾ آرگيومينٽ ڪيو آهي، جنهن نه رڳو مون کي هي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيو، پر گڏوگڏ هن ڪتاب مون کي هڪ اهڙو آئينو ڏيکاريو، جيڪو هڪ عام شهريءَ جي حيثيت ۾ مون کي روزمره جي ڪرت، احساسن ۽ روين بابت هڪ آئينو ڏيکاري ٿو.
    پاڻ کان ڪمزور سان معتبريءَ سان پيش اچڻ ۽ پاڻ کان معتبر سان عاجزيءَ سان پيش اچڻ واري نفسياتي لاڙن بابت به هن ڪتاب ۾ هڪ اهڙو زبردست بحث موجود آهي، جيڪو اڄوڪي سنڌي سماج جو سڀ کان وڏو بحران آهي. مثال طور اسين هڪ بي ڪردار ۽ ڪرپٽ وڏيري کان متاثر ٿيون ٿا، پر هڪ عالم فاضل اسڪول ٽيچر کان متاثر ٿيڻ لاءِ تيار ناهيون. اسين انگريزي ٻوليءَ کان ته متاثر آهيون، پر پنهنجي ٻارن کي اسڪول ۾ مادري ٻولي ڳالهائڻ کان منع ڪيون ٿا. اهي ڪجهه اهڙا رويا آهن، جيڪي نه رڳو ڪتاب ۾ بحث هيٺ آهن، پر گڏوگڏ اسان جي اڄوڪي سماج جا بنيادي بحران به آهن.
    منهنجي نظر ۾ انهيءَ جو بنيادي سبب اسان جو اقتصادي سرشتو ۽ سوشل ڪرافٽ آهي. جيئن ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ بحث ڪيو آهي، سا ڳالهه به آءٌ هتي ورجايان ٿو ته اهو معاملو فرد ۽ رياست يا انساني سماج جي وچ ۾ قائم سماجي ڳانڍاپي جي فلسفي يا اصولن تي ڀاڙي ٿو. جيڪي رياستون انسان کي سڀني کان اتم سمجهي اڀريون، سي اڄ ماڊرن ۽ ائڊوانس سماج سڏجن ٿا ۽ جتي انساني ذهن ۽ فڪر جو قدر ناهي، اهي اڄ به سنڌي سماج وانگر ڪيترن ئي بحرانن جي ور چڙهيل آهن.
    هن ڪتاب ۾ ڪيترائي محقق، فلاسافرز ۽ سماجي سائنس جا عالم ڪوٽ ٿيل آهن، انهن جي ڪوٽيشنز کي پڙهندي، انهن علمن بابت ڄاڻ به هن ڪتاب جو هڪ اضافي مورچو آهي. مثال طور ڪارل مارڪس کان وٺي فرائيڊ تائين جيڪي به وڏا اسڪالر، انساني سماج جي ڳانڍاپي تي ڳالهائين ٿا، انهن جو بحث هڪ وڏو خزانو آهي.
    اسين عام طور تي لفظ ’شعور‘ کان مراد علم ۽ ڄاڻ وٺندا آهيون، پر هن ڪتاب ۾ واضح وصف ڏني وئي آهي ته شعور جي مراد ماڻهوءَ جا ڪامن سينس آهن. احساس ڪمتري بابت لکيل صفحن ۾ ڊاڪٽر صاحب خوبصورتيءَ سان ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين سنڌي سماج ۾ آيل مختلف لاڙن ۽ بحرانن کي ڪوٽ ڪري، احساس ڪمتريءَ جهڙي بظاهر هڪ انفرادي ڪيفيت جي، اسان جي اجتماعي ترقيءَ تي پوندڙ منفي اثرن بابت هڪ متاثر ڪندڙ بحث پيش ڪيو آهي. هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪافي جاين تي مرشد ڀٽائي کان وٺي ڪرشن چندر تائين اهڙا ليکڪ به ڪوٽ ڪيا آهن ۽ سندن لکڻين کي هڪ مخصوص پيرائي ۾ پيش ڪيو آهي، ته جيئن پڙهندڙن کي اها خبر پئجي سگهي ته اهي ليکڪ بنيادي طور انساني ذهن، سندس روحاني ڪيفيت بابت وڌيڪ چٽا ۽ انهن احساسن کي اهم سمجهڻ وارا عالم هئا.
    ڪٿي ڪٿي ڊاڪٽر صاحب انتهائي خوبصورت جملا ڪوٽ ڪيا آهن، مثال طور هن مارڪس جي طبقاتي سماج بابت ٿيسز تي مختصر بحث ڪيو آهي ۽ لکيو اٿئين ته دنيا مادي ۽ پيداوار جي وچ واري حقيقت آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته مادو ۽ پيداوار هڪ ئي حقيقت جا ٻه پاسا آهن ۽ ڪارل مارڪس کان وٺي ڪارل پوپر تائين معاشي اسڪالرز ان ڳالهه تي متفق آهن ته انسان ۽ سماج جو ڪاروهنوار بنيادي طور تي پيداواري سرشتي جي چؤگرد ڦري ٿو.
    ائرڪ فراهم چوي ٿو ته پيار هڪ اهڙي صورتحال آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي خودپسندي شڪست کائي، ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳي ٿي. هاڻي اهي اهڙا جملا آهن، جيڪي ڊاڪٽر صاحب جي هن ڪتاب ۾
    بي ساخته اچن ٿا ۽ لکڻيءَ کي خوبصورت بڻائين ٿا.
    ڪجهه سال اڳ آءٌ سري لنڪا جي خوبصورت شهر ڪئنڊي جي سڀ کان وڏي يونيورسٽي پرڌانيا جي ڪئمپس ۾ هڪ ٽريننگ لاءِ ترسيل هئس. ان ٽريننگ جو اهتمام لنڊن جي هڪ اين جي او، دي بئسڪ نيڊز ڪيو هو، موضوع هو قدرتي آفتن کي ڪيئن منهن ڏجي. مون سوڌو پاڪستان مان آيل همراهن جو خيال هو ته هاڻي هي اسان کي قدرتي آفتن ۾ زلزلا، ڏڪار، ٻوڏ ۽ انهن جي نتيجي ۾ آيل نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن آفتن جو شڪار ٿيل ماڻهن کي ان مان ڪڍڻ جي اپاءَ وٺڻ جا ڪي نوان طريقا سمجهائيندا. اسان جو اهو اڳ ۾ طئي ٿيل خيال ان ڪري هو، جو اسان جنهن سماجي پسمنظر مان آيل هئاسين، اتي قدرتي آفتن بابت اڄ به فلسفو جسم کي بچائڻ آهي، ذهن کي نه. ٽريننگ جو عنوان هو قدرتي آفتن جو نفسياتي، روحاني ۽ سماجي اثر. لنڊن مان آيل هڪ پروفيسر ڪيترائي ڏينهن اسان کي هن ڳالهه تي روح پرور درس ڏيندو رهيو ته جيترو اهم انساني بک ۽ اُڃ کي ختم ڪرڻ آهي، اوتروئي اهم ان ماڻهوءَ جي ذهني، روحاني ۽ فڪري اُڃ ۽ بک جو خيال ڪرڻ آهي. پوءِ ان اسان کي Psycho-Social Analysis of Disastor Management بابت ڪافي ٿيوريٽيڪل شيون سمجهايون ته ڪيئن جيڪڏهن ڪنهن سيلاب ۾ ڪو ماڻهو لڙهي ويو آهي ته ان جي لاش ڳولڻ واري عمل سان گڏوگڏ ان ماڻهوءَ جو ذهني ۽ نفسياتي خيال ڪرڻ به اوهان جو فرض آهي، جنهن ان ماڻهوءَ کي سيلاب ۾ ٻڏندي يا ضايع ٿيندي ڏٺو آهي. هن مثال ڏيڻ جو مقصد هو ته ڪتاب توڙي هن بحث کي ٿورو سولائيءَ سان سمجهجي ته ماڻهوءَ جي ماڻهپي واري پئڪيج ۾ انسان جي نفسيات به اوتري ئي اهميت جوڳي آهي، جيترا ان جي جسم جا ٻيا اهم حصا، جهڙوڪ دل، اک، ڪن ۽ هٿ وغيره.
    مان هي سٽون لکندي اهو اعتراف ڪريان ٿو ته هن ڪتاب مون کي ايترو ئي ٿڪايو آهي، جيترو فرسٽ ايئر ۽ انٽر جي ڪيمسٽري ۽ فزڪس جي ڪورس جي ڪتابن ٿڪايو. پر جيئن مون اڳ ۾ ئي لکيو آهي ته ڪتاب ايترو سيلف ريفليڪٽو هو، جو مون هن ڪتاب کي ان مفاد هيٺ به پورو ڪرڻ جو عزم ڪيو، ته اسين جيڪي سماج جي سڌاري يا بهتريءَ ۾ ڪنهن ننڍي ڪردار جي ادائگيءَ جي هام هڻون ٿا، يا اهڙو خواب ڏسون ٿا ته اسان کي به پنهنجي نفسياتي ڪيفيتن ۽ ذهني لاڙن بابت ڪيترائي معاملا رويو ڪرڻ گهرجن.
    هن ڪتاب سچ پچ ته ڪيترن ئي رجحانن بابت ڄاڻائي ڏيندي، پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ اتساهيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي سماج جي (Cultural Nomenclature) بابت بهترين تجزيو موجود آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي سماج تي بحث ڪندي، جن موضوعن تي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي، ان ۾ هڪڙي ڪمزوري اسان جي جاگيرداراڻي ۽ زرعي سماج هجڻ جي ڪڙي حقيقت به آهي، پر ڪتاب پڙهندي اها به خوشي ٿي ته ٻهراڙيءَ جي پرورش مان اڳتي آيل غفور ميمڻ صاحب پنهنجي خيال ۾ هڪ انتهائي ماڊرن سوچ ۽ فارورڊ لُڪنگ طبيعت جو ماڻهو آهي، جيڪو سنڌ کي ”جديديت پڄاڻان“ کان به اڳيان واري دنيا سان گڏ بيهارڻ جي خواهش به رکي ٿو ۽ ان لاءِ پنهنجي علمي ۽ فڪري ڪم ۾ به مصروف آهي.
    پاپولر لٽريچر کان الڳ ٿي، ههڙن ڏکين موضوعن تي لکڻ پنهنجي جيءَ کي جهورڻ ۽ طبيعت کي ولوڙڻ کان گهٽ جو سودو ناهي. ڊاڪٽر صاحب اهو چئلينج کڻي، نان پاپولر موضوعن تي لکي هڪ نئين روايت کي جنم ڏنو آهي.
    جي هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ آءٌ ڊاڪٽر صاحب کي ٽرينڊ سيٽر نه چوان، ته پوءِ اها منهنجي پنهنجي ئي لکيل ليک يا پڙهائيءَ سان ناانصافي ٿيندي.

    ذوالفقار هاليپوٽو
    منيزه جو گهر
    A-15 لطيف آباد نمبر3
    حيدرآباد، سنڌ


    مهاڳ

    وجود کي وڪوڙيل سمورين وجودي وارداتن کان ويندي سرير جي اندر سمايل ساهه سان ٽانڪيل نفسيات، انسان جي جيئڻ جا جواز ڏيڻ لاءِ آهي. اهو علم صدين کان ڏاهن، فلسفين ۽ نفسيات جي ماهرن جي زير بحث رهندو آيو آهي. علم نفسيات ڌرتيءَ جي گولي تي موجود سماجي جانور يعني انسان جي وجود جي بقا کي جٽا ڏيڻ لاءِ سر گردان آهي. نفسياتي ڪهاڻي انسان جي جسماني، نفسياتي ۽ سماجي پهلوئن توڙي ان جي محرڪن جي عملي طور ڪم اچڻ کان ويندي، وجود جي فنا ٿيڻ ۽ فنا کان پوءِ باقي بچي ويلن تي پوندڙ اثرن جي اڀياس سان ڀري پئي آهي. وجود جي وارداتن کان ويندي نفسياتي ورتائن تائين جي عملي اثرن جي اڀياس، ڪيترن ئي ماڻهن کي رڻ رلايا ۽ ڪيترن کي ڀوڳنائن جي ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو. ارتقا کان وٺي هيل تائين ڪيل سمورين ترقين، وجود کي انهن ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل وارداتن کان بچائڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا آهن، انهن انسان جي هاڪاري ناڪاري عملن جا معاشرن تي پوندڙ اثر، سندس روين ۽ سوچ ويچار جي ترتيب بي ترتيب لهرن مان ڦٽي نڪرندا آهن، پوءِ اهي جڏهن ماٺار ۾ هوندا آهن، ته انهيءَ ويل چوڏهينءَ جي چنڊ جي اڇي کير جهڙي چانڊوڪي ٿڌاڻ بڻجي، چچريل چيڀاٽيل روحن جي زخمن کي مهر وارا مينهن وسائي انساني اذيتن کي ٿڌو ڪندا آهن، پر ڪڏهن ڪي سونامي جي صورت اختيار ڪري، رت ست جي مادي جسمن کي نستو نٻل ڪري اُجاڙي وجهندا آهن، اهي رويا ئي هوندا آهن، جيڪي انهيءَ اشرف المخلوقات جي مستقبل جي راهن جو تعين ڪندي، رهبري ڪري منزلون ماڻائيندا آهن. ڪي رڻ جا راهي بڻجي سراپ جو شڪار ٿي رُڃ ۾ رُلي مٽجي ويندا آهن.
    هي ڪتاب انهن وجودي وارداتن توڙي نفسياتي ورتائن جي سولي سلوڻي سنڌيءَ ۾ سمجهاڻي آهي. ليکڪ پنهنجي ادراڪ کي سمجهه ۽ سُرت سان لفظن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. نفسياتي لفظ اصطلاح، معنائون، تشبيهون ۽ سمجهاڻيون توڙي بين الاقوامي نفسياتي ۽ سماجي علمن جي ماهرن جا حوالا اهڙي سهڻي نموني ڪتب آيل آهن، جيڪر محسوس ائين پيو ٿئي ته نفسيات جي وسيع سمنڊ کي هڪ ڪوزي ۾ بند ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هي علم هڪ منجهيل سُٽ آهي. ڪنهن به ليبارٽريءَ ۾ ڪو ڪيميائي مادو استعمال ڪري، ڪا ٽيسٽ ڪري، هن جي مرضن جي سڃاڻپ ممڪن نٿي ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته هي هڪ Non Evidence Base (يعني جنهن علم جي مادي ۽ ڪيميائي طريقي سان گواهي نه ملي) وارو علم آهي. سوچن ويچارن، حس جي پهلوئن، سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيتن کان ويندي، روين جي ڳنڍيون لڳل سُٽ کي سلجهائڻ لاءِ هر ماهر وٽ پنهنجي پنهنجي سمجهاڻي آهي، ڇاڪاڻ ته دماغ هڪ وڏي ڪائنات آهي، انهيءَ ڪائنات جا پنهنجا پنهنجا لقاءَ آهن، جيڪي وقت جي وير سان بدلبا آهن، توڙي جو روين ۽ دماغي ڪيفيتن کي تبديل ٿيڻ ۾ لمحا ئي لڳندا آهن، پوءِ اهي لمحا ئي فيصلائتا هوندا آهن، جيڪي انهيءَ ماهر کي انهيءَ بيماري پرکڻ لاءِ ڪا شاهدي بڻجي گس ڏسيندا آهن. هڪ تز ڄاڻ، گهرائي کي پرکڻ جي صلاحيت ۾ ڀڙ هجڻ، تڏهن ئي ممڪن هوندو آهي، جڏهن اهي پرکيندڙ نفسيات ۽ سماجيات توڙي ان سان واڳيل مختلف علمن جي گهراين ۾ ڪي ٽٻيون هڻي ويٺا هجن. هي علم خشڪ، گهٽ ڌيان سبب سدائين نظرانداز ٿيندو رهيو آهي، انهي کانسواءِ خلق وٽ خواري ۽ کل جي ڊپ کان هن علم واري بيمارين جي مرض ۾ مبتلا مريض کي انتهائي بيدرديءَ سان لڪائي، اذيتن جي ڌٻڻ ۾ اڪيلو زندگيون گذارڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. سائنسي ترقي، علم جي واڌ ويجهه، مسئلن جي ڳنڀيرتا توڙي هر شعبي ۾ نفسيات ۽ طب نفسيات جي وڌندڙ گهرج پٽاندڙ سڄي دنيا توڙي صحت جي عالمي ادارن جي هر ايجنڊا ۾ هاڻي هن علم کي اولين ترجيح ڏني پئي وڃي.
    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ علم تدريس جي شعبي سان وابسته رهندي، پنهنجي اندر علم جي واڌ ويجهه لاءِ جتن ڪندو رهندو آهي، سندس سٻاجهڙي ڌيمي لهجي واري طبيعت هر سوال جو تز ۽ خلاصي سان جواب ڏيڻ، علم جي گهراين ۽ گهڻ پاڙهو مزاج جي شاهدي ڏيندي آهي، سندس سمورو قلمي علمي پورهيو، پروفيسر شپ ۽ پي ايڇ ڊي سنڌي، سنڌيت جي مختلف پهلوئن جي آسپاس ئي گهمي ٿي، علم نفسيات، لطيفيات، سماجيات، مارڪس وادي نظريا، ڇيد ڪرڻ جي صلاحيت، تحقيقي قوتون، ملڪي توڙي غير ملڪي حالت پٽاندڙ سنڌي سماج، ماڻهن ۽ علمي واڌ ويجهه بابت سندس لکڻيون هر حال ۾ حالتن سان برميچي اچن ٿيون. سندس هيءُ ڪتاب ”سنڌي سماج: نفسياتي اصطلاحن جي آئيني ۾“ هڪ بي مثال واڌارو آهي. ڪتاب جي ٻولي، حوالا، تشبيهون ۽ سمجهاڻيون لطيف سرڪار کان ويندي سماجي نفسياتي ڏاهن جا ڏنل ٽوٽڪا، قول قرار، هن ڪتاب کي جلا بخشين ٿا. هن ڪتاب جو واڌارو سنڌي سماج، اديب توڙي عام ماڻهوءَ جي فڪري آبياري ڪيتري ڪندو، انهي جو جواب پڙهندڙ يا تنقيد ڪندڙ، ليکڪ کي سڌوسنئون ڏيڻ جو حق رکن ٿا. نفسيات توڙي طب نفسيات علم جو ننڍو شاگرد هئڻ ناتي، مون کي انهيءَ ڳالهه جي خوشي آهي ته پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ هن ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ منهنجي چونڊ ڪئي.
    ڪتاب جا عنوان ايترا ته دلچسپ آهن، جو عام قاري هڪ هڪ عنوان کي واري واري پڙهڻ لاءِ مجبور ضرور ٿيندو. ڇاڪاڻ ته لاشعور، تحت الشعور کان ويندي شعور تائين سمجهاڻيون ۽ رومانس جا راز توڙي هيرو ازم جا مفهوم ايڏا ته لاڀائيندڙ ۽ ڇڪيندڙ آهن، جو پڙهندڙ اهي سموريون وارتائون پاڻ ۾ سموهيل محسوس ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌي سائنسي ادب ۾ نفسيات ۽ طب نفسيات تي ڪي به برجستا سولي سمجهاڻين وارا ڪتاب موجود نه آهن. حالتن ۽ ميڊيا جي وڌندڙ يلغار توڙي ڪارپوريٽ ڪلچر کان ويندي، عالمي ڳوٺ جي صورت ۾ تبديل ٿيل دنيا جتي ترقيءَ جون ٻرانگهون ڀريندي، اسپيس ايج کان وٺي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، اتي اهي روحاني طور اڪيلائپ جو پڻ شڪار ٿيا آهن ۽ اها ويڳاڻپ ئي آهي، جيڪا روين جي ڌٻڻ ۾ نهوڙيندي وڃي پئي. انسان کي ائين محسوس ٿئي پيو ته هو وڏيون منزلون حاصل پيو ڪري، پر هن کي اها خبر ناهي ته اهو ويڳاڻپ جو هائيڊروجن بم سندس وجود کي فنا ڪري وجهندو، اهو فنا ٿيڻ هيل تائين انسان کي جذبن، روين، ڪيفيتن واري وجود مان بدلائي هڪ ڪل (مشين) بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ خود ڪار ڪل جيان پنهنجي سسٽم ۾ فيڊ ٿيل ڊيٽا تحت وڃي پيو، وجود جي وارداتن ۾ وڪوڙجندو. هن ڪتاب ۾ کٽيندڙ کان ويندي هارائيندڙ لاءِ انيڪ اهڙا اتساهه آهن، جيڪي سندس جيئڻ جي دستور ٺاهڻ لاءِ حامي ۽ مددگار آهن. شرط اهو آهي ته هن علم تي اڃان وڌيڪ ڪي ڪتاب اچڻ کپن، ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي ۽ ڊراما، فلمون ۽ ڪهاڻيون لکيون وڃن ته جيئن اندر جي اڌمن کي سمجهڻ ۾ آسانيون پيدا ٿي سگهن. هي ڪتاب پنهنجي موضوع جي لحاظ کان الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو، ڇو ته جبلتِ مرگ ۽ جبلتِ حيات، احساس ڪمتري، پيار يا عشق جو جنس سان ڪهڙو تعلق آهي کان ويندي، سارتر ۽ سندس ساٿين جي وجوديت واري فڪر جي نفسياتي جائزي توڙي خوشبوءِ، رنگ ۽ نفسيات کانسواءِ ڪارل مارڪس سگمنڊ فرائيڊ ۽ سارتر وٽ جدلياتي فلسفي جي هڪجهڙائي جهڙا موضوع، هن ڪتاب کي وڌيڪ ڪارائتو بڻائين ٿا. ليکڪ پاران ”اَلله ڏاهي مَ ٿِيان ڏَاهِيُون ڏُک ڏِسن“ جهڙي آفاقي بيت جي معنيٰ هن ريت سمجهائي آهي ته، ڏاهپ دنيا، سماج ۽ ڪائنات جي ڪاڪ محل مان ڦرندي آخر مابعد الطبيعاتي ميدان جي اونداهيءَ ۾ مايوس ٿي وڃي ٿي، ڏاهپ ماڻهو کي اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن ڪري انهن جي ننڍين ننڍين ڳالهين ۽ عام واقعن ۾ دل نه لڳندي آهي. ڏاهو ماڻهو جيون جي حقيقت کي ڄاڻي وٺندو آهي، نتيجي ۾ هو دنيا جي مسئلن جي مها ڄار جي باري ۾ غور و فڪر ڪندي، نيستي(Nothing) تي وڃي پهچندو آهي، جتي اڳيان خاموشي ۽ ماٺ آهي، ڪوبه رومانس نه آهي، ڪابه شئي زندگيءَ کي معنيٰ نٿي بخشي. انهيءَ کانسواءِ جيون هڪ بي معنيٰ سوال جي تشريح، اهڙي نموني ڪئي اٿس، جو پڙهندڙ کي وري وري پڙهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. هن ڪتاب جي اسان جي سماج کي ضرورت آهي. جهڙي ريت اسين پنهنجي ڪرمن کي ڪيفيتن جو قيدي بڻائي، رهزنين کان ويندي قبيلائي انائن جي ڏانٽي سان جيئرين جانين جا ڪنڌ ڪپي رهيا آهيون، جنهن مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهو ڪيفيتن جو قيدي هجڻ، غارن جي وقت جي وحشي پڻي جي يادگيرين کي تازو ڪري پيو، ڇاڪاڻ ته علم نفسيات ۾ اڊ يعني جسماني جبلت انسان جي وجود تي حاوي بڻجي، سڀ ڪجهه ڪرڻ تي راضي ڪيو ويٺي آهي. سماجيات جي علم جون معنائون ۽ مفهوم اسان جي اڳيان ڪا حيثيت نٿا رکن، لڳي ائين ٿو ته اسين (Survival of Fittest) يعني ڏاڍو سو گابو واري صورتحال ۾ جيئون پيا، سنڌي قوم کي هڪ اتساهه واري رهبري جي ضرورت آهي. کوکلن نعرن، نظرين ۽ ضرورتن کي ڇڏي ڪري، هاڻي اسان کي علم جي عميق ۾ گوتا هڻي ڪي موتي ماڻڻا آهن.

    حق موجود

    ڊاڪٽر شاهنواز ايم ڪي دل
    ايم ڪي اسپتال، حيدرآباد
    03342628860


    تعارف

    عام طور سان نفسيات جو ذڪر ايندي، ماڻهو جي ذهن ۾ چريي جو تصور يا ماليخوليا جو تصور پيدا ٿيندو آهي. اسان جي سماج ۾ نفسيات جي ساختياتي معنيٰ ”ائبنارملٽي“ ۾ ئي ورتي ويندي آهي. حقيقت ۾ علم نفسيات به ٻين علمن وانگر ئي آهي، جنهن جو مطالعو انساني رويي، ذهن، عادت، ڪم ۽ ردعمل متعلق آهي.
    هيءَ سڄي ڪائنات ٻن بنيادي عنصرن جي ٺهيل آهي، هڪ عنصر مادي آهي ته ٻيو عنصر انرجي يا سگهه آهي. اهڙيءَ طرح انهن عنصرن ۾ ٻه بنيادي طاقتون موجود آهن، هڪ مثبت ٻي منفي. نفسيات دراصل سگهه جي منفي ۽ مثبت اظهار جي اسٽڊي آهي. عام طور علم نفسيات رُوح يا نفس جي پڙهائي سمجهي ويندي آهي، پر اسان جي سماج ۾ رُوح مان مراد ڪا الهامي طاقت يا جن، ڀوت واري طاقت سمجهي ويندي آهي يا وري رُوح جو نالو وٺڻ سان مذهب جو تصور ذهن ۾ ايندو آهي. اسان جي سماج جي ڏند ڪٿا ۾ رُوح جي الڳ دنيا آهي، جيڪا غير مادي ۽ انسان جي زمان و مڪان کان ٻاهر الڳ وجود رکي ٿي، جنهن جو مطالعو سائنس نٿي ڪري سگهي. اسان رُوح انهيءَ معنيٰ ۾ نٿا کڻون، اسان وٽ رُوح جي معنيٰ صرف ذهن جي دنيا يا نفس سان آهي، جنهن جو انسان جي رويي سان گڏ پيٿالوجي سان به تعلق آهي. يعني جسم سان انهيءَ جو گھرو تعلق آهي. انسان جون بيماريون به ٻن قسمن جون ٿينديون آهن، هڪ جسماني ٻي ذهني. يورپ ۾ سجاڳيءَ واري دَور کان پوءِ عام طور سان دنيا کي صرف مادي تسليم ڪيو ويو ۽ سڄي تحقيق جا در مادي تي کلن ٿا. ڇو ته يورپ ۾ ڪليسا ۽ مذهبي هڪ هٽي دنيا کي اونداهي دَور ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. جنهن جي رد عمل ۾ يورپ وارن دنيا کي صرف عقل، تجربي ۽ حواسن جي ذريعي مادي دنيا کي ئي حقيقت سمجهيو. جڏهن ته انسان جي حقيقت رُوحاني به آهي، هتي روحانيت مان مراد سنگت، ڪچهري، ميل جول، ڪلچر، محبت، رحم، همدردي، درگذر ڪرڻ، سماجي مسئلن کي گڏجي انساني جذبي سان منهن ڏيڻ، رشتا ناتا ۽ تخليق آهي، پر يورپ جي مادي دنيا، صرف مادي دنيا جي حصول ۽ مادي شين جي حقيقت کي ئي اصل دنيا سمجهيو، مٿان وري مارڪسزم جي پيروڪارن ته روحانيت مان مراد صرف مذهب ورتو، تنهن ڪري سري کان هنن رُوح جي حقيقت کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب هو جو سوويت يونين ۾ فرائيڊ جي نظرين کي ۽ نه وري نفسياتي، تحليل نفسي کي ڪا اهميت هئي. اصل ۾ ماڻهو مڪينڪل مادي شيءِ ناهي، ماڻهو جو شعور ۽ ذهن به حقيقتون آهن، جيڪي مادي قانونن کان وڌيڪ اسان کان ڪجهه توجهه طلب آهن. انسان صرف مادي حصول جي عمل مان سُرور يا خوشي حاصل نٿو ڪري، بلڪ غير مادي عمل ئي انسان کي سُڪون ۽ سُرور بخشين ٿا مثال، هماليا جبل تي چڙهڻ هڪ چريائي وارو عمل لڳي ٿو، پر جيڪو هماليا جي چوٽي سَر ڪري ٿو، انهيءَ کان پڇو ته هن کي ڪيتري خوشي ملي آهي، ڪنهن شاعر جو شعر لکڻ مان ڪو به مادي فائدو ناهي، پر شاعر ڪيترو سرهو ٿيو، کيس ڪيترو ڪلياڻ مليو، انهيءَ جو اندازو ناهي. ڪنهن فنڪار جي فني اظهار تي کيس داد ملي، ڪنهن واهه واهه ڪئي ته فنڪار خوشيءَ مان نٿو ماپي. ڪو انقلابي ڦاهيءَ تي چڙهي رهيو هجي، پر پوءِ به انقلاب زنده باد جو نعرا هڻي خوشي سان ڦاهي تي چڙهي ٿو، انهيءَ کان پڇو ته توکي ڪهڙي خوشي ملي رهي آهي؟ بلڪل اهڙيءَ طرح هڪ ماءُ ٻار کي جنم ڏيڻ جي تڪليف کان باخبر آهي، پر پوءِ به کيس انهيءَ تڪليف مان خوشي ملي ٿي. انهيءَ جو مطلب ته انسان جون سڀئي سرگرميون مادي حصول لاءِ ناهن، بلڪ ذهني آسودگي سڀ کان وڌيڪ اهم آهي.
    هاڻي واضح ٿي ويو ته علم نفسيات ذهن جو علم آهي، پر جسم کان ڪٽيل الڳ ٿلڳ ناهي، جسم سان جُڙيل آهي.
    جرمن فلاسفر گوڪل (1628ع _ 1548ع) علم نفسيات کي هڪ سڪو قرار ڏنو، جنهن جي هڪ پاسي کان ذهن آهي ته ٻئي پاسي کان جسم آهي. باباءِ جديد نفسيات فلپ پينل (1826ع _1745ع) جو خيال هو ته، ”نفسيات انسان جي سماجي پابندين يا ڇڙواڳين جي صورتحال ۾ غير متوازن ٿيڻ جو علم آهي“. جون ويئر (1588ع _1515ع) جنهن کي يورپ جو پهريون نفسياتدان چيو ويندو آهي، ان جو خيال هو ته ”انساني روين کي مذهبي وهمن کان الڳ ڪري سمجهي سگهجي ٿو ۽ انساني جذبن کي سائنسي انداز سان سمجهي سگهجي ٿو“. جڏهن ته جديد سائنسي نفسياتدان سگمنڊ فرائيڊ جي اچڻ سان علم نفسيات کي تمام گهڻي اهميت ملي. هن نفسيات کان انسان جي شخصيت کي گهڻ پاسن کان سمجهڻ لاءِ انسان جي اندروني قوتن ۽ ٻاهرين حالتن جي پس منظر ۽ پيش منظر کي آڏو رکي ڪيترا نوان اصطلاح ڪم آندا، جيڪي علم نفسيات کي سمجهڻ ۾ بنيادي پٿر جو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن وقت دنيا ۾ نفسيات جا ڪيترائي الڳ الڳ شعبا ۽ موضوع قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ ٻار جي نفسيات، ڪلينڪل نفسيات، روحاني نفسيات، تخليقي نفسيات، انڊسٽريل نفسيات، ڏوهاريءَ جي نفسيات، عورت جي نفسيات، اخلاقي نفسيات. اهڙيءَ طرح وري نفسياتي بيمارين جا به ڪيترا ئي شعبا کلي ويا آهن.
    ’دنيا‘ بابت هميشه کان ٻه نڪته نظر رهيا آهن، جن جا نالا مختلف رهيا آهن، مثال روح يا مادو، ذهن يا جسم، ڪاٽو قوت يا واڌو قوت، زندگي يا موت، خيال يا حقيقت وغيره. مادي دنيا جي پوئلڳن زندگيءَ جي ارتقا کي حادثاتي قرار ڏنو، هنن جي خيال ۾ مادي جي ارتقا مخصوص قانونن تحت ٿيندي آهي، جنهن ۾ انسان مرڪزي حيثيت نٿو رکي. ڪارل مارڪس به شعور کي منظم مادي جي ارتقائي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مادي جو عڪس ئي قرار ڏنو. هن جو خيال هو ته، دماغ جو ڪم آهي خيال ۽ شعور کي پيدا ڪرڻ، جيئن بُڪين جو ڪم آهي رت صاف ڪري پيشاب خارج ڪرڻ.
    فرائيڊ جو خيال هو ته انسان جون تمام سرگرميون صرف ٻن قوتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿينديون آهن، هڪ حيات جي جبلت (EROS) ٻيو موت جي جبلت (Thanatos). فرائيڊ جي خيال ۾ ڪابه ارادي جي آزادي ناهي. ماڻهو پنهنجي لاشعوري قوتن جي نفسياتي مونجهارن جو عڪس آهي. تخليق انهن مونجهارن مان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش آهي.
    جان پال سارتر به مادي دنيا جي فلسفي جي پوئواري ڪندي اهڙي ڳالهه ڪئي ته: ”دنيا ۾ ماڻهو جي فطرت جهڙي ڪابه شيءِ ناهي“. سارتر جي خيال ۾ جي خدا ناهي ته پوءِ سڀ ڪجهه جائز آهي. جي خدا ۽ روح جهڙي ڪابه شيءِ ناهي ته پوءِ ڪو به آفاقي قدر ناهي.
    اسان وجود ڇو رکون ٿا؟ هن جي جواب ۾ سارتر چيو ته اسان صرف وجود رکون ٿا. اسان هتي بغير ڪنهن جواز يا جوهر جي رهون ٿا. اسان آزاد آهيون ته پنهنجي فطرت تخليق ڪريون ۽ اها ئي آزادي اسان جي لاءِ وڏو سور ۽ آزار آهي. انهي ڪري اسان انهيءَ درد کان بچڻ لاءِ خود فريبي جو سهارو وٺندا آهيون. سارتر جي هن خيال ۾ اسان جبلت موت جا اولڙا ڏسي سگهون ٿا، جنهن ۾ حياتي موت کان فراريت جو نالو آهي، انهي ڪري سارتر تخليق کي داخلي فرياد جو نالو ڏنو هو.
    بي ايف اسڪينر (B.F Skinner) جو خيال هو ته: ”اسان پنهنجي ماحول ۽ فطرت مان پنهنجو مزاج پيدا ڪندا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته اسان آزاد آهيون، اسان جي نجات انهيءَ ۾ آهي ته اسان وهمي ارادي جي آزاديءَ مان جان ڇڏايون ۽ پنهنجي ماحول کي بدلايون ۽ پنهنجي مزاج تي نظرثاني ڪري نئين سر انهيءَ جي تشڪيل ڪريون“. اسڪينر جو تخليقي نظريو سوئيسر جي ساختيات جي نظريي سان ملي ٿو.
    اسان ڏٺو ته مادي نظريا انسان کي جبلت موت ۽ منفي قوتن ڏانهن کڻي وڃن ٿا. حقيقت به اها آهي ته طبقاتي سماج مادي سهولتن جي حصول کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جديد دنيا اسان کي مادي ترقيءَ ۾ اڳڀري ملي ٿي، پر روحاني ترقيءَ ۾ ڪنگال آهي. اهو ئي سبب آهي جو تخليق، مادي دنيا ۾ موت کان فراريت، داخلي فرياد، مارڪيٽ وکر، انفرادي شخصيت جي مقابلي بازيءَ جو بدترين مثال بنجي سامهون اچي ٿي. اهڙيءَ طرح مادي دنيا صرف جبلت موت تي هلي ٿي. جنهن ۾ زندگي خالي جدوجهد، پيار، بوجهه، علم ۽ مارڪيٽ جو وکر آهي. خوبصورتي وري اگهاڙپ جو روپ ۽ انسانيت اسان جو خواب بنجي وڃي ٿي. ٻيو پاسو جبلت حيات جو آهي، علم نفسيات دراصل رُوح جا دروازا کولي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي مزاج کي مادي جو عڪس نه، پر انسانيت جو معراج بنائي ٿو. Gregory Bateson هڪ اهم نفسياتدان هو هن جو خيال هو ته: ”ذهن ئي زنده وجود جو جوهر آهي، دراصل ذهن ئي ماڻهو جو روح آهي، جيڪو ماڻهو جي خواهش سجاڳي، احساس، پنهنجي هئڻ جي احساس، ٻولي، تصور، خيال، پيار، سنگت ۽ همدردي جهڙن جذبن سان سرشار آهي، اهي ئي روح جون خاصيتون آهن، جيڪي مادي يا جسم جي خاصيتن کان الڳ آهن.“
    دراصل جڏهن اسان ذهن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته شعور ۽ لاشعور ٻنهي جي دنيا جي ڳالهه ڪريون ٿا، ڇو ته جسم، ذهن جي طاقت سان حرڪي آهي، بلڪ ذهن ئي جسم کي هلائي ٿو. جبلت حيات انساني سرگرميءَ جو نالو آهي، جنهن ۾ مثبت قوتن کي اڀاري انساني قدرن جي سماج کي پيدا ڪري سگهجي ٿو، جبلت حيات جو بنياد
    “To be” تي آهي، جنهن ۾ ذات جي آگاهي، روحاني تسڪين اهم آهي، مثال گوتم ٻڌ محل ڇڏي بنواس وٺي ٿو، جهنگلن ۾ حقيقت جي ڳولا ۾ نڪري ٿو. گوتم جو حصول روحاني تسڪين جو حصول آهي. سقراط کي سچ جي ڳولا لاءِ زهر جو پيالو پيئڻو پئجي ويو. حضرت محمد ﷺ جن روايتي خدائن کان انڪار ڪري، سڄي سماج ۾ انساني قدرن واري سماج جي آبياري ڪئي، ڪارل مارڪس اذيت وارين حالتن ۾ گذاريو، صرف انسانيت کي اجاگر ڪرڻ ۽ اجتماعيت جي مفاد لاءِ. اسان وٽ عبد الستار ايڌي ۽ رٿ فائو اهڙي TO BE جي مڪمل شخصيت هئا، جن پنهنجي انفرادي حصول بدران اجتماعي انسان لاءِ سوچيو. دراصل حيات جي جبلت ترقي پسند ٿيندي آهي، جنهن ۾ فرد صرف ريسپانس (Response) ڏيندو آهي صرف رد عمل نه ڪندو آهي. مادي حصول کان انڪار ناهي، پر مادي هوس، لالچ، خودغرضي، اذيت پسندي ماڻهو کي جبلت موت ڏانهن وٺي وينديون آهن، جنهن ۾ ماڻهو وٽ سڄي دنيا جي دولت گڏ ٿئي ته به پيٽ نه ڀرجندو آهي، سڄي دنيا جي طاقت کيس ملي ته به اڃا طاقت جي حصول لاءِ ڊوڙندو رهندو آهي. کيس سڄي دنيا جنسي تسڪين لاءِ ڏني وڃي ته به تسڪين نه ملنديس، اڃا به کپي اڃا به کپي. تان جو مڪمل چريو ٿي پوندو آهي. اهڙا هوس جا بادشاهه توهان کي اڄڪلهه جي دنيا ۾ گهڻا ملندا، ڇو ته اڄ جي دنيا صرف to have جي بنياد تي جبلت مرگ پٺيان هلي پئي، جنهن ۾ ماڻهو مرڻ مارڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي.
    علم نفسيات اهو علم آهي، جنهن اهڙن ماڻهن کي چريو قرار ڏنو، اهڙن سماجن کي ائبنارمل سماج قرار ڏنو. فرائيڊ انهي ڪري چيو هو ته ماڻهو ڏوهاري انهي ڪري آهي ته ماڻهو چريو آهي، ماڻهو انهي ڪري جهيڙو ڪري ٿو ته ماڻهو چريو آهي، ماڻهو پنهنجي چريائپ کي ڪيترين ڳالهين ۾ ظاهر ڪري سگهي ٿو. مثال جيڪو نشو ڪري ٿو، جيڪو گهر ۾ جهيڙو ڪري ٿو، جيڪو ذميدارين کان ڀڄي ٿو، جيڪو نفرت ڪري ٿو، جيڪو رڙين سان ڳالهائي ٿو، جيڪو هر وقت ڳالهائي ٿو، جيڪو نٿو ڳالهائي، جيڪو عادت نٿو بدلائي، جيڪو رحم نٿو کائي، جيڪو ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي تي ڪو به رد عمل نٿو ڪري، جيڪو خوش نٿو ٿئي، جيڪو هر وقت رنج رهي ٿو، جيڪو پاڙي ۾ ڪنهن سان نٿو ٺهي، جيڪو رڳو گلا ڪري ٿو، جيڪو حسد ساڙ ڪري ٿو يا هر ماڻهو سان چاپلوسي ڪري ٿو، يا جنهن کي پنهنجي اهميت جو احساس ناهي، اهو چريو آهي. اهي سڀ چريائپ جا رُوپ آهن.


    1. علم نفسيات جا بنيادي اصطلاح

    شعور (Conscious)
    شعور مان مراد علم يا ڄاڻ ناهي، بلڪ هوش و حواس ۾ رهڻ شعور آهي، اسان جيڪي ڪجهه ڏسي رهيا آهيون، ٻڌي رهيا آهيون، محسوس ڪري رهيا آهيون، اهو شعور آهي. مثال؛ گهر ۾ ڪو ڪتاب پڙهي رهيا آهيون، ٽي وي جو آواز اسان جي ڪن تي پوي پيو، ٻاهر ڪو موٽر سائيڪل وارو ڦٽ ڦٽ ڪندي گذري ويو، ڪنهن ننڍڙي ٻار جي رڙ جو آواز اسان جي ڪن تي پيو، وري خيال ۾ اسان جي ڪا ڳالهه اچي ويئي، اهو سڀ ڪجهه شعور آهي. ايتري قدر جو اسان سمهي رهياسين، ڪنهن ماڻهو اچي آواز ڏنو ته اسان جاڳي پياسين معنيٰ اسان شعور ۾ هئاسين. سمهڻ وقت شعور جي گرفت ڪمزور ضرور هوندي آهي، پر شعور ختم نه ٿيندو آهي. اسان جا پنج حواس صحيح ڪم ڪندا آهن، معنيٰ اسان شعور ۾ آهيون. انهيءَ ڪري ڊاڪٽر آپريشن وقت بي هوش ڪندا آهن، معنيٰ شعور جي گرفت مان ڪڍي ڇڏيندا آهن. شعور زمان و مڪان جي مخصوص حالت ۾ موجود هئڻ جو نالو آهي، مثال جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زمان مڪان مان نڪري، ڪنهن ٻي زمان و مڪان ۾ اچي ته هو شعوري طور سالم نه رهندو، بدحواس ٿي پوندو. اڄ جنهن زمان ۽ مڪان ۾ اسان رهون ٿا انهيءَ کي اسان آهستي آهستي سهساهي ويا آهيون، تنهن ڪري سالم آهيون. شعور جو تعلق دماغي پيٿالوجي سان پڻ آهي. جي دماغي پيٿالوجي سالم آهي، انهيءَ ۾ ڪابه کوٽ يا زيادتي نه آهي ته شعور صحيح ڪم ڪندو، پر شعور مادي طور دماغ ۾ ڪا پيٿالوجيڪل جڳهه نٿو والاري، اهو صرف دماغ جي صحيح ڪم جي ڪري هڪ غير مادي عمل آهي. انهي ڪري دماغ کي دوا ذريعي بي شعور به ڪري سگهجي ٿو ته شعور ۾ آڻي به سگهجي ٿو.

    تحت الشعور (Pre-conscious)
    فرائيڊ جي اصطلاح مطابق انسان جي شعور کان پوءِ جو اسٽور روم آهي تحت الشعور آهي، ڪجهه نفسياتدان تحت الشعور کي نٿا مڃين.
    ٿورو اڳ ڪتاب پڙهي رهيا هئاسين، ياد ڪريون ٿا ته اسان ڇا پڙهيو؟ ان وقت ڪهڙو آواز اسان جي ڪن تي پيو هو! ٻار روئي رهيو هو ۽ موٽر سائيڪل جي ڦٽ ڦٽ به هئي. اسان آساني سان ياد ڪري ويا سين پر اهي سڀ ڳالهيون ڪٿي هيون؟ جن کي مرضيءَ سان ياد ڪري ورتوسين. اهي سڀ ڳالهيون اسان جي تحت الشعور (Preconscious) ۾ هيون، جيڪي ضرورت وقت اسان ياد ڪري سگهياسين.

    لاشعور (Un-conscious):
    ڪڏهن ڪڏهن اسان ڪنهن ڳالهه کي ڪيتري به ڪوشش ڪريون پر ياد نه ايندي. سوچيندا رهنداسين ته ڪجهه هو ضرور پر الائي ڇا هو؟ ٿوري وقت کان پوءِ اوچتو اها ڳالهه ياد اچي ويئي، يا وري ننڍپڻ جي ڪا ڳالهه اوچتو ياد اچي ويئي. اهي سڀ ڳالهيون ڪٿي موجود هيون؟ اهو لاشعور هو، جنهن ۾ سڀ ڳالهيون اسٽور ٿيل هيون، جنهن کي نفسياتدان لاشعور جو نالو ڏين ٿا. لاشعور انسان جي زندگيءَ ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿو، ڇو ته شعور هڪ قسم جي ڪئميرا آهي، جنهن جو ڪم آهي عڪس کي گذاري دماغ تائين پهچائڻ. تحت الشعور هڪ ڊيسڪ ٽاپ تي رکيل فولڊر آهي، جيڪو جلدي آرام سان کولي سگهجي ٿو، پر لاشعور هڪ وڏي هارڊ ڊسڪ آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي فائيل آهن، پر خبر ناهي ڪهڙو ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي ڪهڙي نالي سان آهي؟ ڪا خبر ناهي. جيئن اسان جي گهر ۾ ڪو اسٽور روم هجي، جنهن ۾ هر فالتو شيءِ اڇلائي ڇڏيندا آهيون. خبر ناهي ڪهڙي شيءِ ڪٿي آهي، پر اوچتو ڪو ٻار ويو ان مان ڪم جي شيءِ ڪڍي کڻي آيو، اسان چونداسين اڇا اها اسٽور روم ۾ هئي! اها ته ڪم جي آهي. لاشعور هڪ سمنڊ آهي، جنهن جي تهه ۾ ڇا آهي ۽ ڪٿي آهي اهو مٿاڇري کان نظر نٿو اچي سگهي. نفسياتدانن جي خيال موجب لاشعور انساني شخصيت جي عمارت جو بنياد آهي. ڊاڪٽر جنگ وري لاشعور جا ٻه قسم ڄاڻايا هئا؛ هڪ ذاتي لاشعور ٻيو اجتماعي لاشعور، ذاتي پنهنجي ڄمڻ کان شروع ٿئي ٿو، پر اجتماعي ان فرد کي خانداني يا موروثي طور ورثي ۾ ملي ٿو. مثال ڪنهن خاندان ۾ ڦڏو ڪرڻ، غنڊا گردي ڪرڻ جو عام رواج آهي ته ممڪن آهي ته ايندڙ جنم وٺندڙ فرد ۾ لاشعوري طور ڦڏي وارا اهڙا لاڙا موجود هجن. يا ڪنهن قوم ۾ بزدلي ۽ خوف ورهين کان رهيو آهي، ته ممڪن آهي ته هر ايندڙ فرد ۾ بزدليءَ جا پاڇا موجود رهن، اهڙيءَ طرح جذبا، همدردي، ويڙهه، شڪار، نفرت، بي مروت، ڏوهه، ٺڳي ڪم ظرفي خانداني طور نسلي طور فرد جي لاشعور ۾ موجود هوندي آهي، انهي ڪري اڳ جا ماڻهو، خانداني ماڻهو، اعليٰ ظرف ۽ انساني قدرن واري امن پسند ماڻهو کي چوندا هئا. فرائيڊ جي خيال ۾ لاشعور ان اونداهي کوهه وانگر آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجون يادون اڇلائيندو رهندو آهي. انسان جي زندگي ۾ ڏک، اذيتون، تڪليفون ۽ خوف يا دهشت به پيدا ٿيندي رهندي آهي. اسان وقتي طور پريشان ٿي وري خوشين ۾ اچي ويندا آهيون، پر فرائيڊ جو خيال آهي ته اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ دفعو جيڪي آيو، سو اسان جي زندگيءَ جو حصو ٿي ويو، اسان جي باقي زندگي انهيءَ اثر جو شڪار رهندي، ڇو ته اهي سڀ خوشگوار يا ناخوشگوار ڳالهيون سڀ لاشعور ۾ موجود آهن، ختم ڪجهه به ناهي ٿيو. اهي ناخوشگوار يادون انهيءَ اونداهي واري کوهه مان ڪڏهن به نڪري اسان جي شعور ۾ اچي سگهن ٿيون، پر جي شعور ۾ نه اچي سگهيون ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جي شعور پٺيان بيهي اسان کي سُئي وانگر چُڀنديون رهنديون. اسان کي خبر نه پوندي ته اسان کي ڇا ٿئي پيو، پر اسان سخت مونجهاري جو شڪار ٿي وينداسين. اسان جي طبعيت ۾ بي سبب اداسي رهندي. لاشعور ۾ ڪا ڳالهه آهي، جيڪا اندر کائيندي رهندي. اها ڳالهه جي شعور ۾ اچي ويئي ته اسان ٺيڪ ٿي وينداسين، ڇو ته شعور انهيءَ قابل آهي ته منهن ڏئي سگهي. بلڪل انهي دشمن وانگر، جيڪو سامهون اچي وڙهي ته اسان بچاءَ به ڪري وينداسين ۽ وڙهي به سگهنداسين، پر جي لڪي اسان جي خلاف سازشون ڪندو رهي ته اسان رڳو منجهنداسين ته آخر ڇا پيو ٿئي؟ لاشعور ۾ هر اها ڳالهه خود به خود هلي ويندي آهي، جيڪا اسان کي ناگوار گذري، اها جنسي نوعيت جي هجي يا اخلاقي نوعيت جي هجي يا وري زندگيءَ جي ڪشمڪش واري صورتحال هجي، جنهن ۾ اڳيان باهه پٺيان پاڻي هجي، سمجهه ۾ نه اچي ته هاڻ ڇا ڪجي؟ انهيءَ وقت شعور عين ممڪن آهي ته سڀني ڳالهين کي شعور مان ڪڍي ڇڏي، ان صورت ۾ اهو به ممڪن آهي ته ماڻهو کان سڀ ڪجهه وسري وڃي، ماڻهو پنڊ پهڻ (Still) ٿي وڃي، سندس نروس بريڪ ڊائون ٿي وڃي. شعور جيترو بار کڻي سگهندو اوترو کڻندو، وڌيڪ لاشعور ۾ موڪليندو، پر جي لاشعور ۾ موڪلڻ ۾ ڪامياب نه ويو ته ان وقت ماڻهو جي چريي ٿيڻ جا امڪان موجود آهن. لاشعور وري اهڙن اذيت ناڪ ڳالهين کي رنگ روپ ڪري انهن جو ويس مٽائي، ڪڏهن به انهن کي شعور ۾ موڪلي سگهي ٿو، پر ڇو ته شعور اهڙي ڪابه ڳالهه جيڪا ناگوارا هجي قبول نه ڪندو، اهڙي صورت ۾ لاشعور اندران اندران سُئي وانگر چُڀندو رهندو يا وري اهڙين يادن کي لاشعور شعور جي گرفت ڪمزور ٿيڻ وقت خواب رستي شعور ۾ آڻيندو آهي. جيتوڻيڪ سمهڻ وقت شعور ۽ لاشعور وچ ۾ هڪ سينسر موجود آهي، جيڪو خطرناڪ خوابن کي يا ناخوشگوار واقعن کي خوابن ۾ آڻڻ نه ڏيندو آهي، پر پوءِ به اهڙيون تلخيون ۽ ڪرب ويس مٽائي خواب ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. سينسر اتي هڪ چوڪيداري جو ڪم به ڪندو آهي. جيڪڏهن خطرناڪ خواب مسلسل چوڪيدار کي ڌوڪو ڏئي، اچڻ لڳن ته اتي چوڪيدار جو ڪم آهي، توهان کي اٿاري ڇڏي، ته اهڙي ريت سينسر توهان کي ڊيڄاريندڙ خوابن جي خطرناڪ اثر کان بچڻ لاءِ توهان کي اٿاري ڇڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو توهان رڙيون ڪري اٿي ويهي رهندا آهيو. ساڳي وقت لاشعور جو دٻاءَ سمهڻ وقت شعور کي آرامده ٿيڻ نه ڏيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ وري ننڍا ننڍا ڪڙا مٺا خواب ننڊ دوارن هلندا رهندا آهن، جن جي ڪري ماڻهو سُتو پيو هوندو آهي، اهڙي صورتحال ۾ خواب ننڊ جا محافظ هوندا آهن. ڳالهه اها آهي ته لاشعور ۾ موڪليل تلخ ڳالهيون ماڻهو کي ايترو آسانيءَ سان جيئڻ نه ڏينديون آهن. ماڻهو تي دٻاءَ (Repression) رهندو آهي. اهڙيءَ طرح سندس شخصيت ۾ اهڙا دٻاءَ جا اثر نمايان رهندا آهن.
    فرائيڊ جو خيال هو ته ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ سندس بنيادي پنج سال اهم آهن، جن ۾ سندس نفسيات ٺهندي آهي. آئينده سڄي ڄمار ان لاشعور تي شخصيت تعمير ٿيندي آهي، جنهن ۾ ڪيئي مونجهارا ٻار جي زندگيءَ جو حصو بنجندا آهن، اڳتي هلي اسان انهن مونجهارن جو ذڪر ڪنداسين.

    اڊ ID
    جرمنيءَ ۾ ES جي معنى ۾ ورتل لفظ IT آهي، جنهن جي معنيٰ ڪا به بي جان شيءِ آهي، فرائيڊ انهيءَ کي ’اڊ‘ سڏيو، ان کان اڳ نٽشي به اهڙي جبلت جو ذڪر ڪيو هو. اڊ مان مراد صرف جبلت آهي، جنهن کي اسان عام معنيٰ ۾ نفس چوندا آهيون، اڊ هر جاندار ۾ ٿيندي آهي، جيڪا جبلي طور اها تقاضا ڪندي آهي ته ضرورت پوري ٿئي. جيئن ماڻهو کي بک لڳندي ته جسم ۽ ذهن اها تقاضا ڪندو ته ڪجهه کاءُ، هاڻي ماڻهو ان گهرج کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن به دڪان تان مٺائي کڻي کائي يا ڪنهن جو به مال کڻي کائي، پر اهو صرف جانور ڪري سگهي ٿو، ماڻهو ٿورو رڪجي ويندو، ڇو ته هو سماج ۾ رهي ٿو، جتي هن جي ’انا‘ ٺهيل آهي.

    انا (EGO):
    انا سماج مان پيدا ٿيندي آهي، جنهن مطابق ماڻهو کي ڪا به گهرج پوري ڪرڻ لاءِ اهڙي حرڪت ناهي ڪرڻي، جنهن ۾ سندس
    بي عزتي ٿئي يا وري موچڙا کائي، انا کيس روڪيندي ته نه ائين نه ڪر. هاڻي وچ ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ وارو هجي، جيڪو مصالحتي ڪردار ادا ڪري.

    عظيم انا (Super Ego)
    انسان جي زندگيءَ ۾ پنهنجي اندر ئي جج ويٺل آهي، جيڪو پاڻ غلط صحيح جو فيصلو ڪندو آهي. اهو جج ڪرپٽ به ٿي سگهي ٿو ته انصاف پسند به ٿي سگهي ٿو. جڏهن اڊ ۽ انا جي ڪشمڪش ٿيندي آهي ته فيصلو عظيم انا کي ڪرڻو هوندو آهي. هاڻي سماج جي قدرن، انسانيت جي اُصولن ۽ سچائيءَ کي اڳيان رکي فيصلو ڪرڻو آهي. مثال جنسي ضرورت اڊ آهي، انا دوکو يا غلط ڪاري نٿي ڪرڻ ڏئي ته عظيم انا ان کي سماجي رسمن مطابق حل ڪڍي ڏيندي، جيئن نانگ به مري ته لٺ به نه ڀڄي. ڪڏهن ڪڏهن عظيم انا فيصلو نه ڪري سگهندي آهي اڊ ۽ انا جي ڪشمڪش خطرناڪ حد تائين وڌي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو ۾ هڪ مونجهارو پيدا ٿيندو. ماڻهو ڊپريس ٿيندو. جيڪڏهن ’اڊ‘ وري ’انا‘ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي ته اهو ماڻهو ڏهاري ٿي پوندو يا وري دوکي باز ٿيڻ، بدمعاش ٿيڻ، پرايا حق ڦٻائڻ شروع ڪري ڇڏيندو. ان جو ضمير يعني عظيم انا مري ويندي، جيڪو به اڊ چوندي، اهو ڪندو رهندو.

    مونجهارا (Complexes)
    شخصيت ۽ تخليق پٺيان اهم ڪردار مونجهارن جو هوندو آهي. مونجهارا ڪيترن ئي قسمن جا ٿيندا آهن، پر هر مونجهارو ماڻهو جي زندگيءَ کي ڪو نه ڪو نئون روپ ڏيندو آهي، ماڻهو کي ڪڏهن نفسياتي مريض بنائي ڇڏيندو آهي، ڪڏهن جدوجهد تي اڀاريندو آهي. ڪڏهن وڙهڻ لاءِ ماڻهو تيار رهندو آهي. ڪڏهن گهڻو خوش پيو ٿيندو آهي، ڪڏهن ڪاوڙ ۾ رهندو آهي، ڪڏهن برا حال کڻي پيو هلي ته ڪڏهن هار سينگار پيو ڪري. ڪڏهن خودڪشي ڪريو ڇڏي، ڪڏهن تخليق پيو ڪري، ڪڏهن فنڪار ٿيو پوي، مطلب ته هر عمل پٺيان ڪو نه ڪو مونجهارو هوندو آهي، هتي اسان ڪجهه مونجهارن جو ذڪر ڪريون ٿا.

    ايڊيپس مونجهارو (Oedipus Complex):
    هي اصطلاح فرائيڊ جو ڏنل آهي، جيڪو يوناني ميٿالوجي جي ديوتا ايڊيپس تان اخذ ڪيل آهي.
    Sigmund Freud: introduced the concept in his Interpretation of Dreams (1899). The term derives from the Theban hero Oedipus of Greek legend, who unknowingly slew his father and married his mother;
    ايڊيپس بادشاهه پنهنجي پيءُ کي چڪر ڏئي، پنهنجي ماءُ سان شادي ڪندو آهي. هي اهو اصطلاح آهي، جيڪو فرائيڊ جي نفسياتي ٿيوري ۾ وڌ ۾ وڌ اختلافي رهيو. ڪيترن ماڻهن انهيءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ٻار ۾ جنسي سمجهه نه هوندي آهي. فرائيڊ جو چوڻ هو ته دنيا جنس جي چوڌاري گهمي ٿي. ماڻهو پيدائشي طور جنسي هوندو آهي، هتي جنس مان مراد اندر جو جوش حيات آهي، جيڪو ماڻهو جي رڳن ۾ رت بنجي ڊوڙي ٿو. فرائيڊ جو خيال آهي ته ننڍي هوندي ٻار ۾ قدرتي طور پنهنجي مخالف جنس سان رغبت هوندي آهي. ٻار جي ڄمڻ وقت سڀ کان پهرين نئين ماحول زمان ۽ مڪان ۾ پاڻ کي سهساهي نه سگهندو آهي، جنهن ڪري رڙيون ڪرڻ شروع ڪندو آهي. ماءُ هن کي گود ۾ کڻندي آهي ته پاڻ کي ماءُ جو ئي حصو محسوس ڪندو آهي، ٻيو ته ٻار کي بُک جو احساس جبلي طور ٿيندو آهي، ماءُ جي ٿڃ پيئڻ سان پرچڻ شروع ڪندو آهي. هتي پرچڻ مان مراد آهي زندگيءَ مان پرچڻ. ماءُ ٻار کي جڏهن تنجن ۾ ويڙهندي آهي ته ٻار وري پاڻ کي ماءُ جو ئي حصو محسوس ڪندو آهي. پهرين رغبت ٻار جي پنهنجي ماءُ سان ٿيندي آهي. ماءُ هن جي جنس جو مرڪز هوندو هو. ايڊيپس مونجهارو دير سان پيدا ٿيندو آهي، جڏهن ٻار کي اهو احساس ٿيندو آهي ته سندس ماءُ ۾ ڪنهن ٻئي جي شراڪت آهي. خاص طور سان پٽ ۾ اهو جلن جو احساس ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، جيڪو لاشعوري هوندو آهي، پر ڌيءَ ۾ اهو احساس ابتو ٿيندو آهي، جڏهن هن جو واسطو پنهنجي پيءُ سان پوندو آهي ته هوءَ وري پنهنجي پيءُ سان رغبت رکندي آهي، جنهن کي فرائيڊ وري اليڪٽرا مونجهاري جو نالو ڏنو. مخالف جنس سان رغبت رکڻ قدرتي هر جيو ۾ موجود هوندي آهي. وري ساڳي جنس سان جلن يا حسد ٿيڻ به قدرتي آهي. فرائيڊ جو خيال آهي ته ايڊيپس يا اليڪٽرا مونجهارو لاشعور ۾ سڄي زندگي رهندو آهي، جنهن جا عملي طور به ڪيترائي عمل ڏسي سگهجن ٿا. جنهن جا مثبت ۽ منفي ٻئي روپ آهن. ڌيءَ پنهنجي پيءُ جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪندي آهي يا پُٽ پنهنجي ماءُ جو خيال رکندو آهي. فرائيڊ جو چوڻ آ هي ته سڄي زندگي فرد کي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي ضرورت رهندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو لاشعوري طور مرد پنهنجي زال يا محبوبه ۾ پنهنجي ماءُ ڳوليندو آهي ۽ ڌيءَ وري پنهنجي مڙس ۾ پنهنجو پيءُ ڳوليندي آهي.

    لبيڊو (Libido)
    لبيڊو مان مراد اها قوت، جيڪا ذهن ۾ جنس جي نمائندگي ڪري ٿي. گهڻا ماڻهو اڊ کي ئي لبيڊو سمجهن ٿا، پر ائين ناهي، اڊ جبلي ضرورتن جي فوري پوري ٿيڻ جي خواهش جو نالو آهي، جنهن ۾ جنس به اچي وڃي ٿي، پر لبيڊو انسان جي خاص خاصيت آهي، جنهن جو مطلب آهي ذهن ۾ جنسي لذت جي نمائندگي، پر اها ساڪن خواهش ناهي، اها صرف خواهش به ناهي، جيتوڻيڪ فرائيڊ انهيءَ کي ايترو واضح ڪري نه سمجهايو، پر انهيءَ جبلت کي ذهن ۾ جنس کي محسوس ڪرڻ تائين محدود رکيو، پر حقيقت اها آهي ته هيءَ جبلت ئي بنيادي قوت آهي، جنهن انسان کي جانور کان علحده ڪري بيهاريو.
    ڪارل مارڪس چيو هو ته، ماڻهو جانور کان الڳ انهيءَ ڪري ٿيو ته هن هٿيار کڻڻ شروع ڪيو، پر سوال اهو آهي ته هن هٿيار ڇو کنيو؟ صرف شڪار لاءِ ته پوءِ ٻين جانورن هٿيار ڇو نه کنيا؟ انهيءَ جو جواب لبيڊو ڏي ٿو ته، انسان ۾ اها واحد قوت آهي، جيڪا تبديلي پسند آهي، انسان جيڪا به لذت هڪ دفعو محسوس ڪري ٿو، ان کان وڌيڪ لذت جو طلبگار آهي، هن جو ذائقو وڌندو ويندو آهي، جيڪا شروعات ٿي ويئي ان جو ڪوبه انت ناهي، انهيءَ ڪري انسان ڪڏهن ميوا کاڌا، ڪڏهن ڀاڄيون کاڌيون، ڪڏهن گوشت کاڌو، وري انهن ۾ به ذائقو وڌائڻ لاءِ انهن جو مختلف طريقن سان رڌ پچاءُ ڪرڻ لڳو. گهر ٺاهي رهڻ، وري انهن ۾ وڌيڪ آسائشون ڳولڻ، جنسي لذت کي مختلف طريقن سان حاصل ڪرڻ، ڪڏهن گوشت کائڻ ڪڏهن ڀاڄي کائڻ، ڪڏهن دال کائڻ وري ڪڏهن رڌي کائڻ، ڪڏهن فراءِ ڪرڻ، ڪڏهن ڀت ته ڪڏهن ماني، اهڙيءَ طرح تفريح ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن وري ڪا نئين جاءِ، نئون مطلب تلاش ڪرڻ، نئين شيءِ جي جستجو، انهيءَ جو حصول وري اڳتي وري اڳتي، ڪٿي به بيهڪ ناهي. انهيءَ سڄي عمل جو بنياد نفسياتي طور لبيڊو آهي.
    جيتوڻيڪ انسان جي اڻ تڻ جا سبب فلسفي ۾ الڳ آهن. مارڪس انهيءَ کي مقابلي بازيءَ جي فطرت قرار ڏئي ٿو، ڇو ته هن جي خيال ۾ فطرت ۾ تضادن جو قانون موجود آهي، وجودين جي خيال ۾ ڇو ته انسان جو جوهر ڪو به ناهي، انهيءَ ڪري هو ڪنهن به شيءِ مان مطمئن ناهي، هن جو خال ڀرجڻ جو ناهي، ڀلي ڪائنات سڄي هن جي جهوليءَ ۾ وجهي ڇڏجي. انهيءَ ڪري هو سرگردان رهي ٿو، سور ۽ ڏک به انهيءَ ڪري کيس ملن ٿا:
    جيئن سو هرڻ هماءُ، سرگردان سنسار ۾
    هو پڳ نه کوڙي پٽين، هو سر دڙ دري نه سا
    جيڪس تن ملا، سسئي سور پرايا.
    مطلب ته لبيڊو انسان جي انوکي ۽ الڳ ٿلڳ خاصيت آهي، جيڪا جانور ۾ ناهي، گهوڙو سئو سال اڳ گاهه کائيندو هو ته اڄ به اهو گاهه کائي ٿو. هاڻي سماج ان لبيڊو جي خاصيت کي مهذب انداز سان پورو ڪري ٿو، پر جنس جي اهڙي انداز کي اسان جو سماج رد ڪري ٿو، تنهن ڪري ماڻهو ۾ ڪيترين ئي قسمن جا دٻاءُ پيدا ٿين ٿا. انسان اهو ئي آهي، جيڪو پنهنجي جنسي سگهه کي ڪو مهذب رُخ ڏي، تنهن ڪري انسان جنس کي تخليقي سرگرمين جو رُخ ڏيئي سگهي ٿو. سماجي طور ڪيترا اهڙا ڪم ڪري سگهي ٿو، جن ۾ سندس جنسي سگهه تبديل ٿي وڃي، پر جي کين اهڙا موقعا نٿا ملن ته هو اندر ۾ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندو. لبيڊو ماڻهو جي ذات جي سڃاڻپ لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇو ته انسان جي جنس جا ٻه مرحلا آهن، 1. نرگسيت وارو جنهن ۾ هو پاڻ اندر محو ٿيندو آهي، پاڻ کي مرڪزي قوت ۽ حسن جو مجسمو ٺاهي انهيءَ سان عشق ڪندو آهي 2. جنس جو ٻاهريون پهلو، جنهن ۾ هو پاڻ کان ٻاهر جنس جا محرڪ ڳوليندو آهي.
    نرگسيت جو هڪ پهلو پنهنجي ذات جي تعريف ۽ تشهير به آهي. هر ماڻهو ٿورو نرگسي ضرور هوندو آهي، جيڪو پاڻ کي وڻندو اهو ماڻهو چاهيندو ته ٻين کي به وڻي، جنهن پنهنجي حسن جا جلوا ڏٺا ۽ پسند ڪيا، اهو چاهيندو ته انهن جي ٻيو ڪو تعريف ڪري.
    اردو جو مشهور شعر آهي ته؛

    خدا جب حسن دیتا ہے٬ نزاکت آ ہی جاتی ہے
    قدم کتنا بھی سنبھال کے رکھو٬ لچک آ ہی جاتی ہے۔

    تنهن ڪري انسان پنهنجي ناموس چاهيندو آهي، هو چاهيندو آهي ته کيس تسليم ڪيو وڃي، سندس ساراهه ڪئي وڃي. جنهن کي مهذب رستو ڏيندي ماڻهو سائنسدان، ڪڏهن تخليقڪار، ڪڏهن سماجي خدمتگار، ڪڏهن ڪو ٻيو اهڙو ڪم ڪندو آهي، جنهن ۾ هو هيرو سڏجي، سندس مداح ٿين، پر جيڪڏهن انسان اهڙو ڪجهه به نه ڪري سگهي، ته هن ۾ مونجهارا وڌندا، سندس شخصيت ۾ تخريب جو عنصر وڌندو.

    ذهني دٻاءُ ۽ ذهني توازن بگڙڻ
    Psychotsis and neurosis Disorders


    عام طور سان اسان ڊپريشن جو نالو ٻڌندا رهندا آهيون، پر اسان مان گهڻن کي خبر ناهي ته ڊپريشن ڇا آهي؟ ساڳئي وقت اسان ٻيا به اصطلاح ٻڌاندا آهيون، جيڪي هن ريت آهن:

    ڳڻتي / بي چيني Anxiety
    ٻهروپيت جو شڪار Bipolar dis order
    ذهني ڀڃ ڊاهه يا ذهني انتشار Schizophrenia
    خوف پکيڙڻ يا دهشت ڦهلائڻ Panic attack
    علتي يا عادت کان مجبور Compulsive disorder
    اهي مختلف اصطلاح اسان ٻڌندا آهيون. هتي آئون انهن جي نفسياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، يا انهن جا طبي سبب ڄاڻڻ بجاءِ انهن جا سماجي سبب ٻڌائيندس.
    جديديت پڄاڻان جي سماج دنيا ۾ ماڻهوءَ کي ڪٿي پهچايو آهي، ڪهڙا نفسياتي مسئلا پيدا ڪيا اٿس، اهي ڏاڍا اهم موضوع آهن. مثال هائپر ريئلٽي Bipolar Disorder پيدا ڪيو آهي ۽ شيزوفرينا پيدا ڪئي آهي. وري عدم مرڪزيت ماڻهوءَ ۾ اڪيلائي ۽ ڊپريشن جهڙا مسئلا پيدا ڪيا آهن. جديديت پڄاڻان جي زمان و مڪان ماڻهوءَ کي ڪنفيوز ۽ نروس ڪري ڇڏيو آهي. جديديت پڄاڻان صورتحال ماڻهوءَ کي فطرت کان ڪٽي شيزوفرينڪ بنائي ڇڏيو آهي. اڃا جديديت پڄاڻان جا اثر شروع ٿيا آهن. اڳتي ڪهڙا ڪلور ٿيندا، ٻڌائي نٿو سگهجي. ايترو اندازو آهي ته ماڻهو سالم نه رهندو.
    عام طور تي نيوروسز بيماري مان ساڪوسز ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن. فرق ايترو آهي ته نيوروسز ۾ سڄي شخصيت جو هڪ حصو بيمار هوندو آهي، پر سائڪوسز ۾ سڄي شخصيت تباهه هوندي آهي. نيوروسز ۾ حقيقت سان تعلق بهرحال رهندو آهي، پاڻيءَ ۾ گوتا کائيندو وري ٻاهر نڪرندو آهي، پر سائڪوسز ۾ حقيقت کان ماڻهو ڪٽجي ويندو آهي. نيوروسز ۾ ماڻهو ۾ اهو احساس ٿيندو آهي ته هو ڪنهن ائبنارملٽي ڏانهن وڃي پيو، هو پنهنجي ڳالهه ڪميونيڪيٽ ڪري سگهندو آهي، پر سائڪوسز ۾ ماڻهو کي پنهنجي ائبنارملٽي جو احساس ئي نه رهندو آهي. هو پنهنجي ڳالهه ڪميونيڪيٽ ڪري نه سگهندو آهي. ڳالهائيندو ضرور آهي، پر غير معمولي منشتر ڳالهيون، جن جو ڪو سرو ٻي سري سان نه ملي. شيزوفرينيا ٻنهي ۾ ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ ٻن قسمن جا وهم ٿين ٿا، هڪ کي انگريزيءَ ۾Hallucination ٻي کي انگريزي ۾ Delusion چوندا آهن. پهرين قسم جي وهم ۾ ماڻهو کي اهڙيون شيون نظر اينديون آهن، جيڪي اصل ۾ موجود ئي نه هونديون آهن. مثال ڪو ’جن‘ نظر اچي، ڪا پري نظر اچي، ائين ئي ڪو ماڻهو نظر اچي، ڪا شڪل ڪو آواز، ڪا خوشبو سنگهڻ ۾ اچي، پر اها حقيقت ۾ هوندي ناهي. مثال ڪجهه فلسفي دنيا کي هڪ مايا قرار ڏيندا آهن ته هي سڄو مانڊاڻ اکين جو دوکو آهي، اصل ۾ ڪجهه به ناهي، معنيٰ اسان سڀ پيدائشي شيزوفرينيا جا شڪار آهيون، جو اسان کي جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو اهو دوکو آهي، پر هيءَ ٿيوري اهو ٻڌائي ٿي ته جيڪا شيءِ هر ماڻهو کي ساڳي نظر اچي، اهو وهم ناهي، پر ڪنهن هڪ کي نظر اچي پر ٻيو نه ڏسي سگهي ته پوءِ اهو وهم آهي. ٻيو اصطلاح Delusion جو آهي. هن جو مطلب آهي ته، هجي نوڙي پر ماڻهو کي نانگ ڏسڻ ۾ اچي، هجي ڪنهن ڪاٺيءَ جو پاڇو پر ماڻهو سمجهي مون تي ڪير بندوق تاڻيو بيٺو آهي. اوچتا ڇرڪ ڀري ته ڪا شيءِ آهي.
    نيوروسز بيماريون جڏهن به ٿين ٿيون ته ان جا سماجي سبب هوندا آهن. ماڻهو جي دماغ جي عضوياتي خرابي نه هوندي آهي يعني معاملو پيٿالوجيڪل نه هوندو آهي.
    انسان صدين کان هڪ مخصوص سماج، فطرت، زمان و مڪان ۾ نشونما حاصل ڪئي آهي. پٿر جي دَور کان وٺي، غلاميءَ واري سماج ۽ وري جاگيرداريءَ واري سماج تائين آيل تبديليون جلدي ڪونه اينديون هيون، پوءِ هزارين لکين سال تبديليءَ ۾ لڳندا هئا. انسان جا نسل انهيءَ تبديلي کي ڪڏهن محسوس ڪونه ڪندا هئا. تنهن ڪري انسان پنهنجي ماحول ۾ رچيل هو. ان وقت ڪو ساختياتي نقص جي ڪري ماڻهو نفسياتي مريض ٿيندو هو يا وري ڪنهن خوف، آفتن ۽ بيمارين جو شڪار ٿي نفسياتي مريض ٿيندو هو، پر مريضن جو تعداد تمام گهٽ هو. انسان جيترو فطرت جي ويجهو رهندو، اوترو هو گهڻين ڳالهين کان بچيل رهندو، جنهن ۾ نفسياتي مرض به شامل آهي. سجاڳيءَ واري دَور کان پوءِ جڏهن سائنسي ايجادن پيداوار جي ذريعن ۾ تبديلي آندي، ته هٿ جو ڪم مشينون ڪرڻ لڳيون، جنهن ڪري پيداوار کپت کان وڌيڪ ٺهڻ لڳي. واڌو پيداوار کي کپائڻ لاءِ مارڪيٽ وجود ۾ آئي، خريد و فروخت جو تصور پيدا ٿيو، سرمائيداري نظام شروع ٿيو. تبديلين جو آغاز شروع ٿيو. جيڪي فطري تبديليون اينديون هيون، اهي هاڻ هٿرادو تبديلين ۾ شامل ٿي ويون. شهرن جو ٺهڻ، گندگي، ماحولياتي آلودگي، جنگيون، فساد، سياست، لڏ پلاڻ وغيره سڀ تبديليون شروع ٿي ويون، جنهن سان خاندانن جو ٽٽڻ، رشتن جو ٽٽڻ، مفادن جو اڀرڻ، ويڳاڻپ، ڍونگي مذهبي ماڻهو ۽ جنوني ماڻهو پيدا ٿيڻ لڳا. 20 صدي تائين ته ڪجهه بچاء هو، ڇو ته دنيا ٻن بلاڪن ۾ ورهايل هئي، قومي سرمائيداري نظام ۽ جاگيرداري گڏ پئي هليا. سُڌ سماءَ جا ذريعا ڪمزور هئا ، واقعا جلدي ٻين تائين ڪونه پهچندا هئا. انسان ويساهه رکندو هو. اعتبار، ڪهل، همدردي ، پيار اڃا هو. پاڪستان ۾ سُڌ سماءَ جي ذريعن ۾ سرڪاري ريڊيو، جيڪو رات جو ٻارهين وڳي کان پوءِ بند ٿي ويندو هو ۽ سرڪاري ٽي وي جيڪا شام جو چئين وڳي کان شروع ٿي رات جو يارهين وڳي بند ٿي ويندي هئي. ٽي وي اداڪارائن جي مٿي تي به رئو هوندو هو. ڪو واقعو ٿيندو هو سال پيو ڳائبو هو. چوري ڪرڻ چور ايندا هئا، جي ڀاڳيو جاڳي پيو ته چور ڀڄي ويندا هئا، نياڻيءَ سياڻيءَ جو ته نالو به ڪونه وٺندا هئا. ان وقت ٺڳي ڪندڙ، چور، ڌاڙيل، رشوتي، ڪوڙ ڳالهائيندڙ ، ڊيوٽي نه ڪندڙ پاڻ ڪونه پڏائيندو هو، پر لِڪ ۾ رهندو هو، جو کيس شرم ايندو هو، ڪسب ڪرڻ واري ته اڃا پري رهندي هئي. شريف جو تصور واضح هو. هر شيءِ چٽي ۽ صاف هئي. 1980ع کان پوءِ تڪڙين تبديلين جو دور شروع ٿيو. 21 صدي جي شروع ٿيڻ سان گلوبل وليج جو نعرو لڳو. سُڌ سماءَ جا ذريعا تيزيءَ سان وڌڻ لڳا. ڪمپيوٽر جي ايجاد دنيا کي لوڏي ڇڏيو. موبائل، ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ جي منڊل سڄي دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو، جتي هر وقت ماڻهو انفارميشن جي منهن ۾ آهي. ان کان پوءِ نظرياتي دَور، جنهن ۾ هر شيءِ جي مرڪزيت هوندي هئي. اخلاق جي مرڪزيت، رشتن جي مرڪزيت، تهذيب جي، ثقافت جي ۽ لوڪ ڏاهپ جي مرڪزيت هئي، اها مرڪزيت ٽٽي ويئي، ان ڪري سچ ۽ ڪوڙ جي پرک ختم ٿي ويئي. بلڪ ماڻهو کي ايترو نام نهاد اشوز ذريعي جهنجهوڙيو ويو، جو وائڙائپ ۾ ماڻهو هڪڙي شڪ ۽ شڪايت واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويو. تبديليون ايتريون تڪڙيون جو ڪٿي ڪابه شيءِ بيهي نٿي، نتيجي طور هڪ خطرناڪ مقابلي بازي واري صورتحال پيدا ٿي ويئي. ماڻهو وٽان فطري ڪلچر ختم ٿي ويو. مطلب ته ماڻهو اڌ مشين اڌ انسان بنجي ويو. ان کان پوءِ لڏ پلاڻ شروع ٿي ويئي، هر ڪوئي چاهي ٿو هو شهر ۾ رهي، ڇو ته روزگار جا ذريعا به اتي، سهولتون به اتي، مشيني فائدا به اتي آهن. زندگي اڇلجي ويئي. سڪون ختم ٿي ويو. بي چيني، هيرو ازم، مقابلي بازي، ٻئي کي ٺڳڻ، ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ، ٻئي جي گلا ڪرڻ، ٻئي خلاف سازشون ڪرڻ اسان جا قدر بنجي ويا. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو نارمل رهي ته معجزو ئي چئبو.
    هڪ ٻيو اهم سبب، جنهن سان نه صرف ذهني صحت تباهه ٿي پر اهو جسماني صحت لاءِ به هاڃيڪار آهي، اهو کاڌ خوراڪ جو آهي. توهان سوچيو هائپر ريئلٽي صرف اشوز يا واقعن يا شين جي ناهي، پر کاڌ خوراڪ به هائپر ريئلٽي جو شڪار آهي. اصلي ٻج سڀ گم ٿي ويا. هائبرڊ ٻج مارڪيٽ ۾ اچي ويا، جن ۾ ڪيميائي ملاوٽون ڪيل آهن، جو اُهي اصلي پيداوار کان ٻيڻ تي پيداوار ڏين ٿا، پر انهن ۾ غذائيت ناهي. ان کان پوءِ ايترا ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جو غذا زهريلي بنجي وڃي ٿي. پاڻي گندو ٿيندو وڃي. کير ۾ ملاوٽ، تيل ۾ ملاوٽ، گيهه ۾ ملاوٽ، مصالحن ۾ ملاوٽ، پلاسٽڪ جي ٿانون جو استعمال، اي سي ۾ سمهڻ، جسماني ڪم گهٽ هئڻ، اهي سڀ شيون به ذهني صحت کي متاثر ڪري رهيون آهن.
    هڪ اهم مسئلو اسان جي ميڊيا آهي. هن وقت ميڊيا جو ڪم آهي سنسني ڦهلائڻ، بريڪنگ نيوز ٺاهڻ، لاشن جون تصويرون ڏيکارڻ، اسان کي ٻن قسمن جي دهشت گردي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، هڪ اها جيڪا ڪنهن جڳهه تي ٿئي ٿي، مثال بم ڦاٽو، ٻي اها جيڪا وري رپورٽ جي صورت ۾ اسان کي ڏيکاري وڃي ٿي. گذريل ڏينهن ۾ اهڙا ڪيترائي ڪيس نفسياتي ڊاڪٽرن وٽ آيا، جن ۾ ماڻهو خوف ۾ گهرن کان ٻاهر نٿا نڪرن، ڊپ مان ڇرڪ پيا ڀرين ته اجهو گولي لڳي، اجهو بم ڦاٽو. اهڙي ماحول ۾ ٻارن جي پڙهائي متاثر ٿئي ٿي، سماجي وهنوار متاثر ٿئي ٿو. عام طور تي ٽي وي چئنل يا سوشل ميڊيا تي خطرناڪ تصويرون رکيون وڃن ٿيون، جيڪي ماڻهو کي خوف ۽ هراس ۾ مبتلا ڪن ٿيون. اسان کي چيو وڃي ٿو ته اهو اسان جو حق آهي ته اسان ماڻهن کي باخبر رکون، پر ڳالهه اها آهي ته ڪو اخلاق، ڪو قدر، ڪو قانون ته هئڻ گهرجي يا سڀ ڪجهه جائز آهي. جي جائز آهي ته پوءِ اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن پرائمري ٻارن کي نصاب ۾ پڙهايو ويندو ”مرني ڪي بعد ڪيا هوگا“ يا بهشتي زيور. ان کان پوءِ ٻيو مسئلو ميڊيا ذريعي مشهورين (Advertisements) جو آهي، جن تي ڪو به قانون لاڳو نٿو ٿئي. ڳورو جسم ڪرڻ واري ڪريم جي شيشي وڪڻڻ لاءِ جيترو سيڪس اڀاريو وڃي ٿو، اوترو ڪو کدڙو به پنهنجي مالڪ جي شهوت کي اڀارڻ لاءِ ڪونه ڪندو هوندو. جيترو هنن ڪمرشل يا اشتهارن ۾ ماڻهو کي لالچايو وڃي ٿو ، ماڻهوءَ کي جيترو ڇتو ڪيو وڃي ٿو، شايد اوترو ڪو ڀوائتو خواب به نه هجي. آخر ماڻهو وڃي ڪيڏانهن؟؟ ڊراما ڏسو ته گهريلو سازشن سان ڀرپور، مٿئين طبقي جي نوجوانن جي عياشي سان ڀرپور، يا وري ڌاڙيل ڪلچر وارا ڊراما، لباس ڏسو ته گهمندڙ ڦرندڙ وائگرا. نجي ٽي وي جا صحافي وري جڙتو خبرون ٺاهڻ، نوڙيءَ مان نانگ ٺاهڻ ۽ انهن جزن ۾ سنسني ڀرڻ ۾ پورا آهن.
    اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ۾ بيزاريت، پوءِ چڙ جو پيدا ٿيڻ، آهستي آهستي خوف، اڪيلائي، پيٽ خراب ٿيڻ، هاضمي جو سرشتو خراب رهڻ، بلڊ پريشر جو وڌڻ يا گهٽجڻ، ڪاوڙ اچڻ، معمولي ڳالهه تي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيڻ، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، ٿوري ڳالهه تي نفرت جي انتها تي پهچي وڃڻ، گهريلو زندگيءَ جي نا آسودگي، طلاقن جو وڌڻ، ٻارن جو خود ڪشي ڪرڻ، ڏوهاري ذهنيت پيدا ٿيڻ، قتل جهڙا ڏوهه ڪندي دير نه ڪرڻ، ننڊ نه اچڻ، بي خوابي، يا رڳو ننڊ جو اچڻ، مايوسي، وزن جو وڌڻ يا وزن جو گهٽجڻ، ڪم ۾ دل نه لڳڻ، مَ سهپ، ٿوري ڳالهه تي ڪاوڙ ۾ اچڻ، (يورپ ۾ پراڻي چوڻي آهي ته جيڪو هلڪو ڦلڪو اخلاق جي دائري ۾، مذاق نه سمجهي ۽ مذاق تي چڙي پوي، اهو ائبنارمل آهي) اسان وٽ ته کل ڀوڳ وارو جذبو ئي ختم ٿي ويو آهي. ماڻهو هر وقت ويڙهه ۾ آهي، اهي سڀ ڪيفيتون ذهني دٻاءَ جون آهن. جن ۾ ماڻهو آهستي آهستي ائبنارمل ٿيندو ويندو آهي، پر هن کي خبر نه پوندي آهي ته هو ائبنارمل آهي، پر ڪجهه ماڻهو پاڻ محسوس ڪري وٺندا آهن ته ڪا ائبنارملٽي هنن سان ٿئي پئي، ڊپ جو وڌڻ، موت جو خوف، ويڳاڻپ، زندگي مان لطف اندوز نه ٿيڻ، يا مسلسل پيٽ خراب رهڻ، رات جو ننڊ نه اچڻ سان ماڻهو عام ڊاڪٽرن جو رخ ڪن ٿا، پر اسان جي عام ڊاڪٽرن کي خبر نه پوندي آهي ته اصل مسئلو ڪهڙو آهي؟ ڊاڪٽر دوائن جو پرچو لکي ڏيندو، خاص اسٽور تان توهان کي وٺڻي آهي، ڇوجو ڊاڪٽر صاحب جو فرمان آهي، ڪميشن ڊاڪٽر کي ملي ويندي، توهان ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه، پر ڊاڪٽر دوائن جي ڪمپنين ۽ اسٽور جي مافيا جي خرچ تي سينگاپور جو سير پيو ڪندو، فرج، ٽي وي، فرنيچر فرمائش تي پيو ملندس، پر توهان کي افاقو نه ٿيو ۽ توهان وري ڊاڪٽر وٽ ويندا، ڊاڪٽر دوا بدلائندو، پر ٿيندو ڪجهه ڪونه، ڇو ته ڊپريشن جي بيماري لاءِ نفسياتي ڊاڪٽر کپي يا وري علم نفسيات جو ماهر کپي، جيڪو توهان جي physcho therapy ڪري، توهان ۾ مثبت خيال اڀاري، توهان کي سمجهائي. هڪ ڊاڪٽر راجيش ڪمار سان انهيءَ سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته اسان وٽ مريض جڏهن اچي ٿو ته هو سائيڪوٿراپي واري مرحلي کان چڙهي چڪو هوندو آهي. صرف دوائن وسيلي ئي هن جو علاج ٿي سگهندو آهي. ڇوته اسان جي سماج جا ماڻهو نفسياتي مسئلن کي نفسياتي سمجهن ئي ڪونه ٿا. سائيڪوٿراپي شروع وارو مرحلو آهي.


    2. جبلت مرگ ۽ جبلت حيات

    فرائيڊ جبلت حيات جي ضد ۾ جبلت مرگ جو اصطلاح قائم ڪيو، هن جو خيال هو ته انسان ۾ جبلت مرگ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جهڙي طرح انسان پنهنجي اڊ (id ) کي شعور ۾ سماجي پابندين جي احساس ٿيڻ کان پوءِ مهذب (sublimate) ڪندو آهي، اهڙيءَ طرح جبلت مرگ کي تعميري ڪم لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو بلڪ جبلت مرگ کانسواءِ جبلت حيات ٿيندي ناهي. فرائيڊ هڪ ٻيو اصطلاح به ڪتب آندو، اهو آهي اذيت پسندي (Sadism ) جنهن جو مطلب آهي ته انسان ۾ جتي پيار، همدردي، نفاست ۽ سنڀال موجود آهي، اتي ڀڃ ڊاهه، تخريبيت ۽ ايذاءَ پسندي به انسان ۾ موجود آهي. يقينن ايذاءَ پسندي جبلت حيات نٿي بنجي سگهي، اها جبلت مرگ ٿي سگهي ٿي، پر اها به تعمير لاءِ ۽ پيار لاءِ ضروري آهي. مثال اسان گهر ٺاهڻ لاءِ وڻ وڍيون ٿا، جبل ڪٽي پٿر ڪڍون ٿا، هڪ شاگرد رات ڏينهن سخت اذيت سان سفر ڪري پڙهڻ وڃي ٿو، يا والدين سخت محنت ڪري پگهر وهائي، پنهنجي روزي ڪمائن ٿا، اهي عمل بظاهر ته اذيت پسند آهن، پر جبلت مرگ کي مهذب Sublimation)) بنايا ويا آهن. فرائيڊ جو خيال هو ته جبلت مرگ ۾ اذيت پسند جنسي عمل لاءِ به ضروري آهي. مثال ٻن مخالف ڌرين جو پيار ۾ هڪٻئي کي زور سان ڀاڪر پائڻ، چڪ پائڻ، چمڻ، لِڳوئڻ بظاهر ته اذيت پسندي آهي، پر اها تخريب تعميري ۽ پُر مسرت آهي. اهڙيءَ طرح ننڍڙي ٻار کي کڻڻ انهيءَ کي سيني سان لڳائڻ، انهيءَ کي چهنڊڙي پائڻ، چڪ پائڻ، يا زور سان مٿي هيٺ ڪرڻ سڀ عمل بظاهر اذيت پسنديءَ جا آهن، پر انهن ۾ لذت ۽ مسرت به موجود آهي. علم نفسيات ۾ اذيت پسنديءَ کي تعميري بنائي سگهجي ٿو. معنيٰ جبلت مرگ ذريعي زندگيءَ ۾ جبلت حيات پيدا ڪري سگهجي ٿي. بلڪل اها ڳالهه هائڊيگر اڳتي هلي ڪئي ته زندگي جي سڀني عملن جو بنيادي محرڪ حيات ناهي پر موت آهي. يعني موت کي سمجهي اسان زندگيءَ کي سمجهي سگهون ٿا. هائڊيگر موت کي ٻن حصن ۾ ورهايو هو. هڪ عملي موت ٻيو موت جو تصور، هائڊيگر جو خيال هو ته موت جو تصور عملي موت کان وڌيڪ دهشت زده ڪري ٿو. ماڻهو جيڪا حياتياتي سرگرمي ڪري ٿو، اها موت جي خوف کان ڀڄڻ لاءِ ڪري ٿو، پر موت جو خوف سڄي زندگي انهيءَ جو پيڇو ڪري ٿو، موت جي خوف کان ڀڄندي ڀڄندي وڃي عملي موت ۾ پناهه وٺي ٿو. جديد وجوديت ۾ انهيءَ ڳالهه کي بنيادي اهميت ڏني ويئي ته انسان پنهنجي وجود جي اهميت ڪنهن انتهائي درد، پابندين ۽ اذيت مان گذري پوءِ حاصل ڪري ٿو، پر انسان پنهنجي هئڻ جي جواز کي محسوس ئي تڏهن ٿو ڪري، جڏهن روايتن کان هٽي ڪو ڪم ڪري ٿو يا درد مان گذري ڪا ڪاميابي ماڻي ٿو. جبلت مرگ وجوديت ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، ڇو ته وجوديت ۾ منفيت کان مثبت ڏانهن وڃڻ جو رستو آهي، يعني لاشيت، مايوسي، واهيات پڻي، موت، دهشت، بوريت، خود فريبي ۽ ضمير بد جو احساس ماڻهو ۾ اهو احساس جاڳائي ٿو ته هو انا ۽ غرور جي ڪوڙي ڦنڌي ۾ ڦاٿل آهي، ڪروڌ ۽ لالچ جي ڪري غير انساني زندگي ڏانهن وڃي ٿو، تنهن ڪري زندگي کي هلڪو ڦلڪو وٺي ۽ ڪروڌ يا ونڊ ورڇ جا حساب ڪتاب ڪندي، پاڻ کي برباد نه ڪري. ٺيڪ اتان جبلت حيات پيدا ٿئي ٿي. صوفين وٽ به اهو ئي طريقو هو:

    جَا ڀُونءِ پيرين مُون، سَا ڀُونءِ مَٿي سَڄڻين
    ڌِڱ لٽبا ڌُوڙ ۾، اُڀي ڏِٺاسين
    ڏِينهن مِڙوئي ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چَئي.

    شاهه لطيف جا اهڙا ڪيترا بيت ملندا، جيڪي منفيت کان مثبت ڏانهن وک وڌائين ٿا، جن ۾ جبلت مرگ کان جبلت حيات جو فلسفو ملي ٿو:

    سُورائِتي سَڏ، ڪَري سَڏ سُورن کي
    سُورن ڀَڳس هَڏ، سي پڻ سيڪي سُورن سِين.

    يا هي بيت ڏسو:

    مَر ته موچَارِي ٿِيين، ويهي جِيءُ مَ جوءِ
    هاري ڪَر هِمت، ته ڏيئي دَم دَوس لَهين!

    هاڻي اسان غور ڪنداسين ته اسلام ۾ به، ’لا‘ کان شروعات ٿئي ٿي. يعني Nothing to thing جو سفر اسان کي ملندو.
    فرائيڊ وٽ جبلت مرگ تيستائين ڪارگر آهي، جيستائين اها تعميري آهي، پر جي اها قوت تخريبي بنجي پئي، ماڻهو انهيءَ کي مثبت رخ نه ڏيئي سگهي ته اها قوت ماڻهو کي اذيت پسند بنائي ڇڏيندي، انهيءَ قوت جو اندريون اثر ماڻهو جي شخصيت ۾ اذيت پسندي (Masochism) پيدا ڪندو، اها ئي قوت ٻاهر نڪري ماڻهو جي تخريبي قوت بنجي ويندي. ڪجهه نفسياتدانن جو خيال آهي ته جبلت مرگ احساس ڪمتريءَ مان پيدا ٿيندي آهي، گهٽتائيءَ جو احساس ئي بنيادي احساس آهي:

    پاڪستان ۾ جبلت مرگ
    جبلي طور ماڻهو ۾ ڪيتريون ئي منفي قوتون آهن، ڇو ته ماڻهو بنيادي طور جانور آهي، هن ۾ منفي قوتن جو هڪ ڄار وڇايل آهي، سماج انهن ڇڙواڳ قوتن کي قابو ڪري ماڻهو کي مهذب ٺاهي ٿو، سماج انسان جي انهن ڇڙواڳ قوتن کي بلڪل ختم نٿو ڪري، بلڪ انهن کي ڪو تعميري رُخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، مثال جنس جي جبلت کي مهذب بنائڻ لاءِ شادي جو ادارو موجود آهي، چيرڦاڙ ڪرڻ جي جبليت، سرجري، فوجي مقصد، شڪار ۽ تعمير لاءِ ڀڃ ڊاهه ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي. انسان جي اهم جبلت بُک آهي، جنهن کي سماج مهذب بنائڻ لاءِ مختلف روزگار جا ذريعا پيدا ڪري، ماڻهو کي عزت سان کاڌ خوراڪ مهيا ڪري ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿو.
    انسان جي جبلت آهي ته هن جي ذات کي سڃاڻپ ملي، هن جي واهه واهه ٿئي، سماج انهي جبلت کي فن، موسيقي، تعميراتي ڪم، ٻين جي مدد ڪرڻ، تخليقي ڪم، پنهنجي صلاحيتن جي ميدان ۾ جوهر ڏيکاري، هُو پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي سگهي ٿو، پر انسان مطمئن ڪٿي به نظر نٿو اچي، هڪ ته سماج جي پابندين ۾ انسان بور ۽ ڪڪ ٿي پوي ٿو. ان لاءِ ان کي تفريح جا ذريعا مهيا ڪيا ويندا آهن ته هو، پاڻ کي ٿانيڪو رکي. ڪو به سماج صرف تڏهن صحتمند ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان ۾ ڊسيپلين، قانون جي پابندي ۽ انسان جي زندگيءَ جا آسائتا ذريعا مهيا هجن، پر پوءِ به ماڻهو مان هورا کورا نٿي وڃي، ڇو ته انسان غير منطقي جيو آهي، هن جي طبيعت جا هزارين رينڊم پهلو آهن، سندس جيون ۾ ڪيتريون وجودي وارداتون کيس وڪوڙين ٿيون، جي کيس جنگل ۾ ڇڙواڳ ڇڏيو وڃي ته اُتي به چير ڦاڙ ڪندي، فطرتي آفتن جو شڪار ٿي ويندو.
    ٻيو سڀ کان وڏو مسئلو آهي انسان جو ’لبيڊو‘ Libido)) هي اها جبلت آهي، جنهن کي فرائيڊ جنس جي بنيادي قوت قرار ڏنو هو، جيڪا ذهن ۾ انسان جي جنس جي نمائندگي ڪري ٿي. لبيڊو تي اسان اڳ ڳالهائي آيا آهيون.
    هاڻي پاڪستاني سماج جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، ڇڙواڳي ۽ ڪرپشن، جنهن ڪري ڪو به انفرا اسٽرڪچر سالم ناهي، نه اسپتالون، نه اسڪول، نه روڊ رستا، نه وري تحفظ، طبقاتي سماج جي هيءَ بڇڙي شڪل، جنهن ۾ ڪوبه ڊسيپلين ناهي، ٻئي طرف مارڪيٽ جو ڪلچر هر شيءِ وکر بنجي ويئي آهي، جنهن ڪري ماڻهن انساني قدرن کي وڃائي ڇڏيو آهي.
    جڏهن به ماڻهو کي روزمره جي زندگيءَ ۾ تڪليفون ملڻ شروع ٿينديون، هر قدم تي ناانصافي، اذيت، طبقاتي ويڇا، بي روزگاري، غربت ۽ جهالت سان واسطو پوندو ته ماڻهو کان برداشت ڪرڻ آهستي آهستي ختم ٿي ويندو، زندگي دٻاءُ ۾ رهندي، جنهن ڪري ماڻهو ۾ اذيت پرستي وڌندي، جيڪا ماڻهو ۾ جبلت مرگ پيدا ڪندي. هاڻي توهان غور سان ڏسو، اسان جي سماج ۾ ماڻهو هر وقت ڪاوڙيل، وڙهڻ، مرڻ مارڻ لاءِ تيار هوندو آهي، روڊ تي ڄاڻي واڻي خطرناڪ ڊرائيونگ، موٽر سائيڪل کي غلط سائيڊ کان هلائڻ، سڀ جبلت مرگ جا مظاهرا آهن، ٻئي طرف منشيات واپرائڻ، گٽڪو، ٺرو، تماڪ ۽ ٻيا ڪيترا نشا ماڻهو واپرائن ٿا. کين خبر آهي ته هنن شين مان خطرناڪ بيماريون ٿينديون، پر پوءِ به هو نٿو مڙي، ڇو ته هو جبلت مرگ جي رستي تي هلي پيو آهي، دهشت گردي، جنون، گهر مان عورتن جو ڀڄڻ، طلاقن جو تعداد وڌڻ، زندگي ۾ نا آسودو رهڻ هڪ عادت بنجي اسان ۾ سرايت ڪري ويئي آهي، جبلت مرگ جي رستي تي هلڻ واري سماج ۾ زندگي ائبنارمل ٿيڻ لڳندي آهي. آهستي آهستي سماج چريو ۽ ماڻهو ان جا چريا ڪردار بنجي ويندا آهن، ڇو ته جانوراڻي جبلت کي مهذب بنائڻ جا موقعا ئي نه ڏنا ويندا آهن، انهيءَ ڪري ماڻهو مهذب ٿيڻ ئي وساري ڇڏيندو آهي. ڪو سالم دماغ جيڪڏهن انهن ماڻهن کي چريائپ کان روڪيندو ته ان کي به جبلت مرگ ڏانهن ڌڪيو ويندو. پاڪستاني سماج ۾ ماڻهن جي نفسيات اهڙي ائبنارمل آهي. جبلت مرگ جي نشاني اها آهي ته ماڻهو شروعات ئي منفي ڳالهين کان ڪندو، مثال توهان گهر ٺهرايو. ڪي ماڻهو توهان کي مبارڪون ڏيندا، پر گهڻا ماڻهو اهڙا ايندا جيڪي چوندا يار هي نقشو صحيح ناهي، يار! هن ۾ هي ٽائلس نه لڳرائين ها. هي ڪمرو ننڍو آهي وغيره. وري ٻيو مثال توهان وٽ حڪومت يا اين جي اوز جو آهي، ڪو تعميري ڪم ڪرايو ته گهڻا ماڻهو شروعات ئي اتان ڪندا ته سڀ کائڻ پيئڻ جو ڌنڌو اٿن. ڪروڙين کاڌا اٿن تڏهن هي ٽڪي جهڙو ڪم ڪيو اٿن.
    اهڙيءَ طرح ڪو ٻار رزلٽ کڻي آيو ته بابا آئون پهرين نمبر تي پاس ٿيو آهيان، پڻس ڪارڊ ڏسي چوندو پر مارڪون ته گهٽ اٿئي، ڀلا ڪهڙو ڊپٽي ڪمشنر ٿيندين؟ پڙهائي هئي اسان جي دور ۾، توهان ڇا ٿا پڙهو!
    اڄ جو اڪثر نوجوان جديد اليڪٽروانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا مان جلدي متاثر ٿئي ٿو. ميڊيا ماڻهن کي ڇتو ڪري ٿي، مشهورين جي نالي ۾ سيڪس اڀارڻ، بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ دهشت ڦهلائڻ، لاشن جون تصويرون ڏيکارڻ، جڙتو خبرون ٺاهي وحشت ڦهلائڻ، نوجوان کي ميڊيا روز ورغلائي تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿي، اڪثر ٽي وي ڊراما سطحي، جنسي ۽ دولت جي نمائش جا مظاهرا ڪندا رهندا آهن، جيڪي اسان جي روزمره زندگي جي نيرو لئنگويج پروگرام ذريعي ماڻهو جو لاشعور تباهه ڪندا رهندا آهن، اڄ جو نوجوان جلدي متاثر ٿئي ٿو، منجهس ڪاوڙ، جلد مايوس ٿيڻ، غير قانوني حرڪت ڪرڻ، نشو واپرائڻ، جنسي ڇتو ٿيڻ وغيره جهڙا مسئلا ڏاڍا موجود آهن. اهي سڀ جبلت مرگ جا مظاهرا آهن، جيڪي پاڪستان ۾ عام جام آهن. اهڙيءَ طرح سماج جي منفيت توهان کي هر قدم تي ملندي.


    3. احساس ڪمتري (Inferiority Complex)

    Inferior = A state of being Inferior
    Inferior = someone or thing lower in rank, Social status, importance, quality etc in relation to others in comparison.
    Inferiority complex= A state of Mind in which a person has morbid feeling of being inferior to others.
    احساس ڪمتري جا ٻه قسم آهن:
    1. مريضاڻو احساس ڪمتري (Morbid Inferiority complex ).
    2. صحت مند احساس ڪمتري (Healthy Inferiority complex)
    دنيا جا سڀئي مسئلا هن مونجهاري سان جُڙيل آهن. مقابلي بازي، ريس ڪرڻ، ترقيءَ جي خواهش، سماجي ڀڃ ڊاهه، رشتن ناتن ۾ ڏار پوڻ، جلن، حسد، دشمنيون، پيار، نفرت، دهشت، جهيڙا جهٽا، شادين جو ڪامياب يا ناڪام ٿيڻ، ماڻهوءَ جو مِرُون ٿيڻ، قومن جو ترقي ڪرڻ، ڀاڙيو ٿيڻ يا ڦورو ٿيڻ، ڏيکاءَ پرستي، جنسي نمائش، فن، فنڪاري، تخليق، ناموس ۽ عزت وغيره سڀ شيون ان مونجهاري سان جڙيل آهن.
    هن مونجهاري جا نفسياتي ۽ فلسفياڻا پهلو نمايان آهن. نفسيات ۾ هن مونجهاري کي الفريڊ ايڊلر متعارف ڪرايو، جهڙيءَ طرح فرائيڊ جو خيال هو ته ”دنيا جنس جي چوڌاري گهمي ٿي“ بلڪل اهڙيءَ طرح ايڊلر جو خيال هو ”دنيا طاقت جي چوڌاري گهمي ٿي“
    (The world moves around the power). ٻار ننڍي هوندي ڪمزور هوندو آهي. هن کي نه هلڻ اچي نه ڳالهائڻ اچي نه ڪا شيءِ کڻي سگهي، ان جي مقابلي ۾ هو ڏسي ٿو ته ٻيا ٻار هن کان ڏاڍا آهن، ته هو ڪمزور محسوس ڪندي احساس ڪمتري ۾ وڃي ٿو. ان احساس ڪمتريءَ مان نڪرڻ لاءِ هو هر طرح ڪوشش ڪندو رهي ٿو ته ڪجهه ڪري، ڪا شيءِ کڻي وات ۾ وجهڻ، ڪنهن شيءِ کي کڻي ڀڃڻ، غصي جو اظهار ڪرڻ، ڪڏهن هروڀرو رڙيون ڪرڻ، اهي سڀ حرڪتون هو انهيءَ احساس مان نڪرڻ جي لاءِ ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ڇوڪري کي ڇوڪريءَ جي مقابلي ۾ ترجيح ڏيڻ سان وري ڇوڪريءَ ۾ احساس ڪمتري پيدا ٿيندو آهي. جنهن ڪري ٻار پوءِ سڄي زندگي اها طاقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي ڪمزوريءَ مان جان ڇڏائي سگهي. جواني ۽ جوش حيات ۾ اهڙيون حرڪتون وڌيڪ ڪندو آهي، هتي هڪ اهم سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا هر ماڻهو احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا رهندو آهي؟ ته ها بلڪل هر ماڻهو ۾ احساس ڪمتري موجود هوندو آهي، ڇوته ماڻهو سدائين ڀڄندو ڀُرندو رهندو آهي. فطرت جي اڳيان بي وس لاچار آهي، ڄمڻ سان منجهس کوٽ آهي، جيڪا هو پوري ڪرڻ لاءِ سدائين سرگردان رهندو آهي.
    ايڊلر عضون جي ڪمزوريءَ کي اهم قرار ڏنو، ماڻهو عضوياتي طور ڪٿي ڪمزور آهي، ڪهڙو عضوو هن جو ٺيڪ ناهي ته ان ڪمتري کي هو ٻي طرح سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مثال جو ماڻهو نابين آهي ته ممڪن آهي ته هن جا ٻيا حواس وڌيڪ تيز ڪم ڪن، ٿي سگهي ٿو هو سٺو موسيقار ٿي اڀري، ٿي سگهي ٿو هو سٺو شاعر ٿئي، يا وري زندگيءَ جي ٻين ميدانن ۾ گهڻن کان گوءِ کڻي وڃي.
    احساس ڪمتري کي ٻين فلسفين ڪيئن ڏٺو؟ سارتر چيو هو ته انسان خلا ۾ لٽڪيل آهي، جيڪو هر لمحي چونڊ جي مرحلي مان گذري ٿو، چونڊ هميشه انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته ڪا کوٽ آهي، جنهن جو پورائو ڪرڻو آهي. کوٽ آخر ڪهڙي آهي؟ سارتر چيو هو، وجود پهرين آهي، يعني پهرين پنهنجو سامهون ڪري ٿو، پوءِ پنهنجي هئڻ جو جوهر تلاش ڪري ٿو، ان جو مطلب ته انسان هڪ نيستي آهي، هڪ خال آهي، جنهن کي هر لمحي وجود ۾ اچڻو آهي، هن جو ڪوبه جوهر ناهي، ڪو به عمل ڪا به شيءِ هن جي متحمل ناهي، ته پوءِ انسان ڇو آهي؟ سارتر جي خيال ۾ ماڻهوءَ جو وڏو ڪرب ۽ درد اهو ئي آهي ته هن کي پنهنجي هئڻ جو جواز نٿو ملي، مٿان وري کيس موت جي دهشت وڪوڙيو وڃي، تنهن ڪري اڪيلائيءَ جو ٻوجهه کڻي، پنهنجو ئي لاش ڪُلهي تي کڻي هلندو رهي ٿو. احساس ڪمتريءَ جو بنياد اسان کي اتان ملي ٿو ته انسان ۾ ڪا ازلي کوٽ آهي، جيڪا هو چونڊ ڪري ٿو اها به هن جي متحمل ناهي، معنيٰ پوءِ چونڊ ڪرڻ به هڪ فريب آهي، اهڙي خود فريبي ماڻهو پاڻ کي ڏيندو رهندو آهي، بلڪ زندگيءَ لاءِ پاڻ کي فريب ڏيڻ ضروري آهي ستي
    Suttie (1898-1935)نفسيات جي ماهر وري انهيءَ کي Fear of loss of love جو احساس قرار ڏنو يعني ماڻهو ۾ هر وقت ڪجهه وڃائڻ جو ڊپ لڳو رهندو آهي.
    “Hate and aggression are not as in Freud basic instinct but are result of deprivation of love”
    هن جي خيال ۾ نفرت ماڻهو جو بنيادي جذبو ناهي، جيئن فرائيڊ چيو هو ته نفرت ۽ محبت هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، پر سُتي جو خيال هو نفرت جو جذبو محرومي مان پيدا ٿئي ٿو. ٻار جيئن ماءُ کان الڳ ٿيندو ويندو آهي تيئن پيار کان محروم ٿيندو ويندو آهي، جنهن ڪري هو توجهه ۽ پيار وڌيڪ چاهيندو آهي، پر اهو نه ملڻ جي ڪري ان ۾ محروميءَ جو احساس پيدا ٿيندو آهي، انهيءَ ڪري ٻار ۾ نفرت پيدا ٿيندي آهي.
    ايرڪ فراهم جو خيال هو ته ٻار مڪمل فطرت مان نڪري الڳ ٿيڻ شروع ٿئي ٿو، جيئن وڏو ٿئي ٿو تيئن فطرت کان پري ٿئي ٿو، هن جو وڌندڙ شعور کيس فطرت کان دور ڪندو وڃي ٿو، تيئن الڳ ۽ اڪيلو ٿيندو وڃي ٿو. اصل ۾ وجود جي بنيادي کوٽ اها ئي آهي، جيڪا احساس ڪمتريءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
    ٻار فطرت ۾ ماءُ کان پري ٿئي ٿو معنيٰ فطرت کان پري ٿئي ٿو ماءُ کيس هنجهه ۾ کڻي ٿي، سيني سان لڳائي ٿي، پيار ڪري ٿي، سندس سنڀال ڪري ٿي، بغير ڪنهن لالچ يا غرض جي هن تان قربان پئي وڃي پر ٻار جيئن وڏو ٿئي ٿو ماءُ جو توجهه هٽي وڃي ٿو، ٻار وڏو ٿي ويو، پر انهيءَ جي اها ئي فطرت، منجهس کوٽ بنجي وڃي ٿي. هو انهيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ پيار جي تلاش ۾ رهي ٿو، اهو ئي پيار هو محبوبه ۾ زال ۾ ڳولي ٿو. مطلب ته هو سڄي زندگي ماءُ ڳوليندو رهي ٿو، اهو احساس ڪمتريءَ جو بنياد بنجي ٿو. فرائيڊ انهيءَ سڄي عمل کي جنس جو عمل قرار ڏي ٿو. هن جو خيال هو ته ٻار ماءُ جي ڇاتي چوسي ٿو، گود ۾ ويهي ٿو، ماءُ جي سيني سان لڳي ٿو، ماءُ کيس کارائي ٿي، پياري ٿي، اهو سڄو عمل ٻار کي هڪ لذت مهيا ڪري ٿو، جيڪو جنسي عمل آهي فرائيڊ جو جنسي نظريو تمام وسيع معنيٰ ۾ آهي، جيڪو صرف خاص عمل تائين محدود ناهي، ان کان پوءِ ٻار جيئن ئي ماءُ کان الڳ محسوس ڪري ٿو ته آڱوٺو چُوسي ٿو، جيڪو پڻ جنسي عمل آهي، اڳتي هلي هو جنس جي وسيع ميدان ۾ پهچي وڃي ٿو، پر کيس خاندان، اخلاقي قدرن ۽ سماج سان واسطو پوي ٿو، جيڪو انهيءَ جنسي عمل کان روڪي ٿو. ٻار آهستي آهستي انهيءَ خواهش کي دٻائڻ شروع ڪري ٿو. سندس لاشعور ۾ مونجهارا ٿيڻ شروع ٿين ٿا. احساس ڪمتريءَ جي شروعات ٿئي ٿي.

    جديد سماج ۾ احساس ڪمتري
    احساس ڪمتريءَ جي اظهار جا ٻه روپ آهن. هڪ پاڻ کي گهٽ سمجهڻ ۽ خود اعتماديءَ جي کوٽ ٻيو احساس برتري، پاڻ کي ٻين کان بالاتر سمجهڻ يا ٻين تي پنهنجي ڌن دولت، صلاحيت ۽ طاقت جو دٻدٻو ويهارڻ.
    عام طور سان اسان جي سماج ۾ احساس برتري وڌيڪ آهي، جيڪا يقينن احساس ڪمتريءَ مان پيدا ٿي آهي. اسان جو سماج جاگيرداريءَ هيٺ هزارين سال رهيو آهي، جنهن ۾ ڳوٺ جي عام ماڻهو ۽ وڏيري جو ڪردار هن جي زندگيءَ ۾ روان رهيو. ڳوٺ ۾ غربت ۽ محنت جي چوڌاري سماج گهمندو هو، جنهن ۾ سهوليتن جي اڻاٺ سدائين رهي آهي، پر ذات فطرت سان هم آهنگ هئي، انسان جيترو فطرت سان هم آهنگ رهندو، سندس جيءَ فطرت سان جڙيل رهندو، ڳوٺن ۾ ماڻهو هڪٻئي کي سڃاڻندا آهن، تنهن ڪري فرد اڪيلو ناهي، هر ڪنهن جي پنهنجي ڪرت آهي، هر ماڻهو پنهنجي ڪرت ۾ رڌل آهي، پر سندس سڃاڻپ ڪرت کان وڌيڪ ڳوٺائي هئڻ ۾ آهي، جنهن ڪري هو اجتماعيت سان جُڙيل رهي ٿو، تنهن ڪري سڀئي ڳوٺاڻا پنهنجي سڃاڻپ روايتن، لوڪ ادب، اوطاق، مهمان نوازي، عيد براد ۽ ڏڻن ملهائڻ سان ڪندا آهن، ڪنهن هڪ جو ڏک سڀني جو ڏک هوندو آهي، ڪنهن هڪ جي شادي سڀني جي خوشي هوندي آهي، اتي ڪا به مادي مقابلي بازي ناهي. فطرت اجتماعيت، يڪجهتي جو نالو آهي، جنهن ۾ زندگي حرڪي هوندي آهي پر شهرن ۾ فطرت کان ماڻهو پري ٿئي ٿو. مصنوعي ماحول سان واسطو پوي ٿو، کيس ڪير نٿو سڃاڻي، سڀ اڪيلا فرد آهن، هڪ گهر جي ٻئي گهر کي خبر ناهي، هن جي زندگي صرف ڊيوٽي، گهر، ماني، کاڌو، ٽي وي تائين محدود آهي، شهرن ۾ ڪابه اجتماعيت ناهي، ڪو به ڏڻ ناهي، نتيجي طور ماڻهو ۾ پنهنجي وجود جي شناخت جو وڏو مسئلو پيدا ٿئي، جنهن جو پورائو هو شين سان ڪري ٿو. گهر ٺهرايو، فرنيچر ورتو، ايل اي ڊي ورتي، ڪمپيوٽر ورتو، ڪار ورتي، زيور ٺهرايا وغيره، اهڙي سندس سڃاڻپ شين ذريعي ٿيندي، اڪثر توهان ٻڌندا هوندا فلاڻو ڪير جنهن جو وڏو بنگلو آهي، فلاڻو، جنهن جي ويگو گاڏي آهي، فلاڻو، جيڪو انجنيئر آهي، فلاڻو، جيڪو وڏو ڊاڪٽر آهي، فلاڻو، جنهن جو پٽ انگلينڊ ۾ پڙهي ٿو، فلاڻو جيڪو بزنيس مين آهي، فلاڻو جنهن جي زال جپاني آهي، وغيره مطلب ته اسان اهي ناهيون جيڪي اسان آهيون، پر اسان اهي آهيون جن وٽ شيون آهن، شيءِ سان گڏ ’انا‘ به پيدا ٿئي ٿي، پنهنجي سڃاڻپ اسان ۾ انا (Ego) پيدا ڪري ٿي. اسان نئين ڪار ورتي معنيٰ نئين انا ورتي، اسان وٽ وڏو عهدو آيو معنيٰ وڏي انا آئي، هاڻي انا اسان کي اجتماعيت مان اڃا پري ڪري ٿي، اسان انا جي ڪري ٻئي ماڻهو جا حريف ٿي پيا آهيون، نتيجي طور شهر ۾ جيئڻ وارا ماڻهو هڪٻئي جا حريف هوندا آهن، پاڙيواري جو پُٽ ڪنهن ڊاڪٽرياڻيءَ سان پرڻجي آيو، اسان جلڻ شروع ڪيو، اندر ۾ کامي وينداسين، ظاهري طور ان کي مبارڪون ڏينداسين، پاڙي واري گهر ٺهرايو، اسان کي مسئلو آهي، ڪنهن دوست کي ترقي ملي اسان اندر ۾ جلي وياسين، وري ائين به ناهي ته ڪو پاڙي وارو يا دوست شيءِ وٺي ٻي تي ڌونس نٿو ڄمائي، بلڪ هن جي انا کي تسڪين ئي تڏهن ملي ٿي، جڏهن ٻيو جلي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪنهن پاڙي واري جي ڪار جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو، اسان کي هڪ عجيب تسڪين ملي ٿي، پاڙي واري جي زال جهيڙو ڪيو، ماڻهو اچي گڏ ٿيا اسان جي ذات ۾ هڪ عجيب خوشيءَ جو احساس ٿي پيو، اسان اندر ئي اندر ۾ خوش ٿينداسين، دوست کي ڪاروبار ۾ نقصان ٿيو، اسان کي اندر ئي اندر ۾ خوشي ٿي، پاڙي واري جو پُٽ امتحان ۾ فيل ٿي پيو اسان دل ئي دل ۾ خوش ٿياسين. هي ڪهڙي زندگي آهي؟ اسان بگهڙن وانگر جي رهيا آهيون، اسان جي ڪا اجتماعي سڃاڻپ ناهي. ٻهراڙيءَ جو نسل چنڊ تارن سان ٿو رهي، هو نکٽن کي سڃاڻي ٿو، هو هوائن جا رخ سمجهي ٿو، هن کي وڻن، ٻوٽن، جهر جهنگ، جبلن جي خبر آهي، هو اجتماعي ڏڻ ملهائي ٿو، پر شهر جو نسل گٽرن جي بدبو، ٽريفڪ جو گوڙ، دونهاٽيل ماحول ۾ ۽ بند گهٽين ۾ پلجي وڏو ٿئي ٿو. طبقاتي سماج جي شهرن ۾ ماڻهو مرون بنجندو ٿو وڃي.
    سنڌي سماج ۾ احساس ڪمتري
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي شهري آبادي لڏي ويئي، جنهن ۾ واپاري، پڙهيل طبقو شامل هو، باقي سنڌي ڳوٺن وارا رهيا، جن کي هونئن به هندو ڄٽ چوندا هئا. جيڪي ذات پات ۾ ورهايل هئا، منجهن قبيلائي قدر موجود هئا. اهي انگريز سرڪار ۽ نوڪر شاهي جا ٺٺ ڏسي چپ پيا چٽيندا هئا، بلڪ انهن لاءِ ڳوٺ ۾ هڪ مختيارڪار، ماستر، پوسٽ ماسٽر ۽ تپيدار به وڏي ڳالهه هئا. انهن 1970ع کان پوءِ شهرن جو رخ ڪيو. انهن جي پهرين نسل نوڪريون ڪرڻ شروع ڪيون. ان کان اڳ ڳوٺ جا ماڻهو شهرن جا قصا پراسرار طرح هڪٻئي کي ٻڌائيندا هئا. جڏهن سنڌي پهريون ڀيرو شهرن ۾ آيا ته اتي وڏيون بلڊنگون، سهوليتون، عورت جي آزادي، شين جي نمائش، دولت جي نمائش جي مقابلي بازي، پئسا ڪمائڻ جهڙن عملن سان سندس واسطو پيو. سنڌي نسل پهريون ڀيرو تعليم ڏانهن به راغب ٿيو.
    هر اهو ماڻهو، جيڪو محروم رهي ٿو، ان ۾ جبلت مرگ منفي طرح سان اڀري سگهي ٿو، سنڌي ماڻهو تاريخ ۾ يا ٻاهرين حملي آورن يا وري وڏيرن جي تسلط هيٺ رهيا، جنهن ڪري هنن ۾ احساس ڪمتريءَ جو پيدا ٿيڻ اڻٽر هو. اذيت پسنديءَ جي هڪڙي شڪل هيرو پسندي آهي. يعني يا ”مڙس ٿجي يا مڙس جي پاڙي ۾ رهجي“ يا سورمو ٿجي يا سورمي جو پوئلڳ ٿجي، بلڪ ان جون جُتيون کڻڻيون پون ته کڻجن، انهيءَ ڪري غريب ماڻهو وڏيرن جون جُتيون کڻڻ کي پنهنجي خوشنصيبي سمجهندا هئا. اڪثر اهڙا محروم ماڻهو وڏيرن جون جُتيون کڻي ٻاهر وري غريب غربي تي رعب وجهندا هئا ۽ مڇون وٽي پيا هلندا هئا. وڏيرا وري حڪمرانن جي چَٺ ڪندا هئا. جيئن انگريزن جي دَور ۾ خان بهادر جا لقب وٺي خوش ٿيندا هئا. ان وقت نوڪر شاهي جو دٻدٻو ته مشهور هو. شل نه ڪو مختيارڪار به اچي ته وڏيرا ڊوڙندا رهندا هئا. نسيم کرل جي ڪهاڻي ”ڪچو رنگ“ ۾ وڏيري جي نفسيات بلڪل صحيح ڏيکاري ويئي آهي. اها نفسيات عام هئي ته گهڻا ماڻهو وڏيرن جي حقي ٽوپي تي رکيل هئا، ڪي مالشي هئا، ڪي زور ڏيڻ لاءِ رکيل ته ڪي وري شڪار تي ڊوڙڻ لاءِ رکيل هوندا هئا. ڪي وري وڏيرن وٽ ڪچهري مچائڻ لاءِ رکيل هئا. اڪثر وڏيرن جي گهر مان ماڻهو ڏڌ ۽ کير وٺندا هئا. وڏيرو ماڻهن کي ڏيندو وٺندو هو، عيد براد تي سنڀاليندو هو. مطلب ماڻهن جي نفسيات ۾ غلامي گهر ڪري ويل هئي. ان ڪري نفسيات به اذيت پسندي واري هئي، جنهن ۾ هنن جي شخصيت جي ڪابه اهميت نه هئي نه وري هنن جي شخصي سڃاڻپ هئي، هو وڏيري جي چوڻ تي خون به ڪندا هئا ته ڌاڙا به هڻندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو واقعو به ٿيندو هو، جو ماڻهو وڏيري جي ظلم کان تنگ ٿي بغاوت ڪندا هئا، ان صورت ۾ کين ڌاڙيل بنجڻو پوندو هو يا پوليس جو کاڄ بڻجڻو پوندو هو. ماڻهو ان کي سورمو قرار ڏيندا هئا، ڇو ته يا مڙس ٿجي يا مڙس جي پاڙي ۾ رهجي واري ڳالهه هيٺ ڌاڙيل ئي سهي، پر مڙس ماڻهو ان کي سمجهيو ويندو هو، جيڪو غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي بغاوت ڪري، انهيءَ ڪري اهو پهاڪو به ٺهيو ته ’مڙس ته ڦڏو نه ته آهي جڏو‘.
    اذيت پسنديءَ جي انتها بت پرستي آهي، خود ڪشي آهي يا ائبنارملٽي آهي، ڇو ته ان ۾ جبلت مرگ اڀريل هوندي آهي، ماڻهو پاڻ کي طاقتور ڏانهن منتقل ڪري پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌي قوم تي ون يونٽ مڙهيو ويو. ساڳي وقت دنيا تي ترقي پسنديءَ جو راڄ تيزيءَ سان ڦهلجي رهيو هو. سنڌي نوجوان پڙهائي ڏانهن راغب ٿي رهيو هو. مڊل ڪلاس ٺهڻ جي شروعات ٿي چڪي هئي. سنڌ جي تاريخ جو بهترين دور اهو هو، جنهن ۾ سنڌ وڏيرن جي غلاميءَ مان نڪري رهي هئي. سنڌ هڪ قومي وحدت ۾ جڙي رهي هئي، ذات پات جي چڪرن مان نڪري رهي هئي. ماڻهو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ فّخر ڪرڻ لڳا، سنڌي نالا رکڻ لڳا. سنڌي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ لڳا. اهو دور هو جڏهن پيپلز پارٽي ميدان تي آئي، جنهن سنڌي ماڻهن کي سندن سرڪشي مان ڪڍي وري وڏيري جي حوالي ڪرڻ جي تياري ڪئي. جيڪڏهن ڀٽو صاحب چاهي ها ته ان وقت ملڪ جي لڪيل طاقت کي نروار ڪري، سنڌي ماڻهن کي خودمختياري ڏياري ها، رياست جي روايتي پاليسي کي بدلائي ڇڏي ها، پر ڀُٽي صاحب ائين نه ڪيو، (انهيءَ موضوع تي جامي چانڊيي صاحب پنهنجي ڪتاب: ”سنڌي سماج: تاريخي ۽ تنقيدي اڀياس“ ۾ تمام سٺو بحث ڪيو آهي) ڀُٽي صاحب جي ان دور ۾ سنڌ جو مڊل ڪلاس ٺهڻ ۾ تيزي آئي. ماڻهن شهرن جو رخ ڪيو. شهرن ۾ محروميءَ جو احساس، دولت جي نمائش، وڏا عهدا، سرمائيدارن جا ٺٺ ڏسي، نئين آيل سنڌي نوجوان ۾ احساس ڪمتري پيدا ٿيڻ لڳي. ان وقت وجوديت جهڙي فلسفي ان نوجوان کي پنهنجي گود ۾ کڻي اذيت پسندي جي ٻاڙ کي پورو ڪيو. هڪ اڻ کٽ مايوسي جي ڌٻڻ ۾ نوجوان وکري رهيو هو. اها ئي شروعات هئي، سنڌي ماڻهو ۾ ڪرپشن جي پيدا ٿيڻ جي. ساڳي وقت وڏيرن کي ڀٽي صاحب جي دور ۾ بي انتها ڪرپشن جا موقعا فراهم ڪيا ويا. آخر ڀٽي صاحب جي انت کان پوءِ پ پ پ سنڌي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪري ورتيون. ضيا الحق جي دور ۾ سنڌي ماڻهو وڌ ۾ وڌ مايوسي ۽ بغاوت جي حالتن مان گذريا. هڪ طرف ترقي پسند تحريڪ عروج تي هئي، جنهن جي ڪک مان سنڌي پڙهيل نوجوان پيدا ٿي رهيو هو. ٻئي طرف جمهوريت کي هڪ آئيڊيل خواب سمجهي، ماڻهو ان کي پنهنجو آجپو سمجهي ويٺا. آخر سي 30 (C-30) سان گڏ سوويت يونين به ٽٽي ويو. هڪ طرف سنڌي ماڻهن مٺايون ورهايون، ٻئي طرف هنن کي خبر نه هئي ته سوويت يونين جو ٽٽڻ سنڌ کي اونداهي واري دور ڏانهن وٺي وڃڻ جو ڀير تي پهريون ڏونڪو هو.
    نفسياتي طور ماڻهو وٽ ڪجهه به ناهي ته هن وٽ احساس ڪمتري لاشعور ۾ کيس هيڻو ڪري ڇڏي ٿو. جنهن ڪري وٽس مسڪيني ۽ عاجزي اهڙا گڻ آهن، جو ماڻهو کيس پيار ڏين، پنهنجو ڪن، پر جيئن هن وٽ طاقت ايندي، هن وٽ انا اچي ويندي. هو ڦونڊجي هلندو. شيون ماڻهن کي ڏيکاري اهو پيو جتائيندو ته ماڻهو هاڻ مون کي مسڪين، غريب عاجز نه سمجهن، مان به وڏو ماڻهو آهيان. ڏسو آئون ڪلارڪ آهيان، رشوت جي پئسن مان ڪار ورتي اٿم، ٻارن کي موبائل وٺي ڏنا اٿم، پاڻي منرل ٿا پيون، زال نوٽ کڻي بازار ۾ فضول شيون وٺي ٿي، هاڻ مون کي ڪو گهٽ نه سمجهي. اهو دور ويو جڏهن بابا، ڏاڏا وڏيري جي حقي جي ٽوپي ٺاهيندا هئا. اهو وقت ويو جڏهن اسان جُتيون ڳنڍيندا هئاسين. جڏهن وڏيرو اسان جون مايون کڻندو هو. اها ماڻهو جي نفسيات آهي ته هن وٽ جيئن طاقت ايندي ڪنڌ ۾ ڪلي لڳي وينديس. شهرن ۾ اسان جو مڊل ڪلاس ٺهڻ لڳو شهرن ۾ هنن جا ٻار پڙهڻ لڳا. ڊاڪٽر، انجنيئر ٿيا. جيترو اسان جو ماڻهو پسمانده ٻهراڙيءَ مان، غربت مان نڪري آيو، اوترو هن ۾ احساس ڪمتري وڌي ۽ اوترو ئي هو وري شين جي نمائش ڪرڻ لڳو. اوترو ئي پاڻ کي پڏائڻ لڳو. جيترو گهٽ ذات وارو، ڪمي ڪاسبي، پورهئي ڪرڻ وارو غريب هو اوترو هن ۾ انا وڌي.
    اهڙيءَ طرح سرمائيداري سماج جو بنياد ئي شين جي نمائش تي رکيل آهي، سرمائيدار شين جي مشهوري ڪري ٿو، خريد ڪريو ماڻهو وري شيون وٺي نمائش ڪري ٿو ته ڏسو مان اهي شيون خريد ڪري سگهان ٿو. ماڻهو جو بنياد to have تي رکجي وڃي ٿو. ماڻهو اهو جيڪو خريدار هجي نه ته ماڻهو ناهي. وري خريداري جو به مقابلو؛ مون طارق روڊ تان شيءِ ورتي، ته هن وري هائپر اسٽار تان خريد ڪئي، تان جو مون دبئي مان خريداري ڪئي. وري شادين ۾ نمائش، گاڏين جي نمائش، گهرن جي نمائش، فرنيچر جي نمائش تان جو پنهنجي زال جي نمائش، پنهنجي ڌيءَ جي نمائش، بس اسان وڏا ماڻهو آهيون، اسان جو احساس ڪمتري ختم نٿو ٿئي، ٻي تي ڌونس ڄمائڻي آهي.
    موجوده دور، جنهن کي پوسٽ ماڊرن دور چيو وڃي ٿو، اهو گلوبل وليج جو تصور کڻي آيو آهي، جنهن ۾ ماڻهو اهو جيڪو پاڻ کي ڪيش ڪرائي سگهي، پاڻ کي مکي چکي مارڪيٽ جو وکر بنائي سگهي، مقابلو، جڳاڙ بس اڳتي وڌڻو آهي، پوءِ ڇا به ڪجي. انهيءَ صورتحال ۾ ڪرپشن جي نئين شڪل متعارف ٿي. هزارن ۽ لکن جي ڪرپشن نه پر اربن ۽ کربن جي ڪرپشن ۽ روزانه ڪرپشن ڪرڻي آهي. ان لاءِ نوڪري، سياست کان وٺي هڪ گاڏيءَ واري جي به ذهنيت اها ٺهي ته ماڻهو کي دوکو ڪيئن ڏجي؟ ڪنهن جي کيسي مان پئسا ڪيئن ڪڍجن؟ مون اڳ چيو ته شروعات جو ڪو به انت ناهي. مايا جي حصول جو ڪو به ڇيهه ناهي اڃا اڳتي اڃا اڳتي، تان جو ماڻهو گم ٿيو وڃي، صرف شيون وڃيو رهن. ماڻهو جي اندر جو خالي پڻو ظاهر ٿيو پوي. ماڻهو فقير ٿيو پوي. اها احساس ڪمتري موجود رهي ٿي. هاڻي اسان عالمن، دانشورن، اديبن ۽ شاعرن جي ڳالهه ڪنداسين.
    اسان وٽ احساس ڪمتري زندگيءَ جي هر ميدان ۾ موجود آهي، رڳو ڪوچڙن، ڪولهين، حجامن، ڪنڀارن جي ڳالهه ناهي، انهن ته شهرن ۾ ا چي پنهنجون ذاتيون مٽائي ڇڏيون هاڻي ته ذات ناهي ڏات، جيڪو ارب پتي سو ئي ڀلي ذات وارو. چوندا آهن ”رن پٽ کي لڳي ڀاڳ ته جوهر کي ڏي داڳ“ سو اسان وٽ پئسي وارو ماڻهو چاهي ته ذات مٽائي يا ٻه ذاتيون هڪ وقت سڏائي ”شينهن کي ڪير چوي ته تُنهنجي منهن ۾ ڌپ“ سو اسان جا دانشور، اديب هڪ خطرناڪ احساس ڪمتريءَ ۾ وٺجي ويا. انسان جو بنيادي مسئلو اهو آهي ته هن جي سڃاڻپ ٿئي. هن کي ڪير تسليم ڪري. هر فنڪار جي فن کي تسليم ڪيو وڃي ته هن وٽ ڪاريگري آهي. چون ٿا اها خدائي صفت آهي. صوفي چون ٿا خدا سُونهن جو ڳجهو خزانو هو، پنهنجو ئي جلوو پئي پسيائين ته جنبش جاڳيس ته سڃاڻجان ۽ پاڻ کي ڪائنات جي صورت ۾ ظاهر ڪيائين. سو انسان جي اها ئي پَرِ آهي. ايستائين ته صحيح آهي ته پاڻ سڃاڻجان، پر سڃاڻجڻ ۾ مقابلو به ڪريان اها خدائي صفت ناهي. ڇو ته انسان خالي آهي اندر ۾ کوٽ اٿس، جيترو ان کوٽ کي ڀريندو اوترو اها کوٽ وڌندي اوترو خال وڌندو، ڇو ته مقابلو ڪرڻ مارڪيٽ جو ڪم آهي، جڏهن فن مارڪيٽ جو وکر بنجي وڃي، ته پوءِ اهو فن نٿو رهي. اهڙيءَ طرح فنڪار به مارڪيٽ ۾ اچي وڃي ته ڪلا طوائف بنجي وڃي. اهڙيءَ طرح علم جو سلسلو آهي، ول ڊيورانٽ جي هن جملي کي آئون وري ورجايان ٿو: ”علم جي شروعات حيراني کان ٿيندي آهي پر علم جي انتها به حيراني تي ٿيندي آهي“. پهرين حيراني جهالت واري آهي ٻي حيراني عرفانيت واري آهي پر اسان مان ڪوبه عرفانيت جي منزل تي نٿو پهچي، اسان وچ ۾ ٽٻيون هڻي پاڻ پڏائڻ جا عادي ٿي ويا آهيون، ڇو ته اسان تي آفيسرن جو، دولت مندن جو، وڏيرن جو رعب ويٺل آهي، انهيءَ ڪري هاڻ اسان اهو رعب ٻين کي ڏيکارڻ ٿا چاهيون ته اسان به انهيءَ قابل آهيون جو رعب ڪريون. اسان جو ڪوبه اديب انهيءَ کان بچيل ناهي. هو سمجهن ٿا اسان ئي عقل ڪل آهيون. اسان ئي وڏا اديب، اسان جي تخليق به اعليٰ، اسان به اعليٰ، اسان جي تعريف ڪرڻ وارو به اعليٰ، باقي سڀ اسان جا دشمن. اصل ۾ گهڻا ماڻهو پاڻ کي درست سمجهڻ ۽ ٻئي کي غلط قرار ڏيڻ جا ماهر آهن. ان کان علاوه وڏو مسئلو ته اهو آهي، جو هتي هر ماڻهو ٻئي کي صلاحون ڏيڻ ۾ پورو آهي، هو سمجهي ٿو ٻيو نابالغ يا جاهل يا ڪو انڌو آهي. اها سياست ۽ ڄنڊا پٽ سنڌ ۾ حد کان وڌي چڪي آهي. پاڻ کي صحيح سمجهڻ ٻئي کي غلط قرار ڏيڻ کي Paranoia چوندا آهن ته ماڻهو پاڻ کي حق سچ تي سمجهندو آهي، باقي سڀني کي غلط سمجهندو آهي. کيس سدائين ٻين کان شڪايت هوندي آهي.
    جنهن جو بنيادي سبب احساس محرومي هوندو آهي، پر آهستي آهستي اهو احساس هوس ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. هٻڇ ۽ هوس وڌڻ شروع ٿيندي آهي. ايتري هوس جو ماڻهو سڄي دنيا جو مالڪ ٿئي، پر هوس پوري نه ٿيندي. سڪندر اعظم سڄي دنيا فتح ڪرڻ جو خواب کڻي نڪتو هو. نمرود پاڻ کي خدا سڏائي به بس نه ڪئي. مطلب ته مايا جو فريب ايترو خطرناڪ آهي، جو ماڻهو پاتال بنجي کوٽ پوري ڪري، سڄي ڪائنات ان ۾ سمائجي وڃي، پر کوٽ پوري نه ٿيندي.
    ٻي Narcissism جي بيماري آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي مرڪز ۾ گم ٿي ويندو آهي، هو سمجهندو آهي ته مون کان وڌيڪ نه ڪو خوبصورت آهي نه وري ڪو معتبر آهي، هن بيماري جو به سبب احساس ڪمتري آهي.
    Schizophrenia (Living Nightmare): هن بيماريءَ جو به بنيادي سبب احساس ڪمتري آهي، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ پنهنجي شخصيت نه جيئندو آهي، بلڪ ڪنهن ٻئي جي شخصيت جيئندو آهي. دراصل شيزوفرينيا ۾ ماڻهو ڪنهن به تصور يا ماڻهو کي پنهنجو آئيڊيل ٺاهيندو آهي، پوءِ ان جي تصور، خواب يا شخصيت ۾ محو ٿي ويندو آهي. آهستي آهستي ماڻهو پاڻ تان هٿ کڻندو ويندو آهي، تان جو هڪ ڏينهن هو انهن تصورن ۾ گم ٿي ويندو آهي. هو ڪنهن ٻئي جي زندگي جيئندو آهي. پاڻ کي وڃائي چڪو هوندو آهي. يعني حقيقت کان ڏور ٿي ويندو آهي، پوءِ آهستي آهستي هن کي illusion ۽ delusion ٿيڻ لڳندا آهن، هن کي شيون نظر اچڻ لڳنديون، هن سان پاڇولا ڳالهائيندا، هن سان خواب ڳالهائيندا. بلڪل سماجي شيزوفرينيا به ائين ٿيندي آهي ته ماڻهو پاڻ کي اهو سمجهڻ لڳندو آهي، جيڪو هو هوندو ناهي. ٿي سگهي ٿو ماڻهو پاڻ کي وڏيرو سمجهي. پاڻ کي اداڪار سمجهي، ڪرڪيٽي سمجهي، وڏو اديب سمجهي، يا پيغمبر سمجهي، لازمي ناهي ته ماڻهو پاڻ کي صدر ٽرمپ سمجهي، پر خيالي تصور به ماڻهو پاڻ تي حاوي ڪري سگهي ٿو. اسان جي سماج ۾ جڏهن کان ماڻهن وٽ رشوت ۽ ڪرپشن جو پئسو آيو آهي. ماڻهو پاڻ کي پنهنجي ئي ڪمتري مان نڪرڻ لاءِ انهن شين جي نمائش ڪرڻ ۽ ٻئي کان گوءِ کڻڻ ۾ لڳي ويا. اسان جي اديب وٽ دنيا جي وڏن اديبن جا تصور آهن مثال: هر اديب جي ذهن ۾ سارتر ٿيڻ جي خواهش موجود آهي، سارتر نه ٿئي پر گهٽ ۾ گهٽ سيمون ڊي بوارا ته کيس ضرور ملي، جيئن ڪنهن اديب چيو هو ته، دنيا جو هر ڪارو ماڻهو ڳوري انگريز سان سمهڻ چاهي ٿو. اهڙيءَ طرح سنڌ جو هر اديب سارتر جهڙو ٿيڻ چاهي ٿو، سارتر جي فلسفي سان کيس دلچسپي هجي يا نه، پر سارتر ۽ سيمون ڊي بوارا جي رشتي ۾ کين ضرور دلچسپي آهي. ڪو اديب ڪافڪا ٿيڻ ٿو چاهي، ڪو وليم بوروف بنجڻ جي تياري ۾ آهي، ڪو وري دريدا ٿيڻ ٿو چاهي. ٻيو اسان جو اديب فلمي هيرن وانگر نمبر ون ٿيڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو، اسان وٽ اهو بحث هلندو آهي ته شاهه لطيف کان پوءِ ڪير وڏو شاعر آهي؟ اسان وٽ نمبر جي گوءِ کڻڻ لاءِ هر اديب ٻئي کان وڏو اديب بنجڻ لاءِ هڪ اڻ کٽ ڊوڙ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو، ڇو ته اسان پنهنجي سڃاڻپ عهدن، ناماچاري، دولت، طاقت، اختيارن ۽ شين تي رکي آهي، پنهنجي ڪم، تخليق، شخصيت تي نه رکي آهي.
    ان کان علاوه منفي تنقيد جنم ورتو آهي، ذاتي جلن ۽ حسد جنم ورتو، هي سڄو سڃاڻپ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. جنهن جو اصل سبب انفراديت جو پيدا ٿيڻ ۽ اجتماعي سوچ جو ختم ٿيڻ آهي. ماڻهو پنهنجي ذات جي سڃاڻپ ٻئي کي گهٽ ڪرڻ ۾ ٻئي کي نظر انداز ڪرڻ ۾ ڪرائي ٿو. هڪ سخت بيڪار مقابلي بازي ۾ ماڻهو پنهنجي طاقت ۽ وقت لڳائي ٿو. ان کان پوءِ ماڻهو عهدن سان، شين سان، دولت سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ٿو. اسان وٽ هزارين ڪتاب سال ۾ ڇپجن ٿا، جن تي چار پنج مقدما لکايا وڃن ٿا. وري انهن تي ورڪشاپ ٿين ٿا. پر سنڌ ۾ انهن جو اثر ڪو به نظر نٿو اچي، ڇو ته اسان وٽ معيار جي بجاءِ مقدار کي اهميت ڏني وڃي ٿي. اڪثر ماڻهو اهو جتائيندا آهن ته هنن جا 20 ڪتاب لکيل آهن، وڏو ڪم ٿيل آهي، پر ڪم جو معيار ڪهڙو آهي؟ انهيءَ تي ڪير نٿو ڳالهائي. اڪثر ماڻهو ڪتاب پڙهن نٿا. اعزازي ڪاپيون ورهايون وڃن ٿيون. انهن ڪتابن مان ڪيترو لاڀ مليو؟ اهو حساب ڪتاب نٿو ٿئي. ان کان علاوه اهڙو طبقو به آهي، جيڪو نڪته چيني ڪري پاڻ پڏائي ٿو، هر ڳالهه مان عيب ڪڍڻ، هر ڳالهه تي نڪته چيني ڪري پنهنجي سڃاڻپ ڪرائن ٿا. ادبي حلقي ۾ اهڙن ماڻهن جو خوف رهندو آهي، جنهن ڪري اهڙن ماڻهن کي خوش رکڻ ۾ گهڻا ماڻهو هٿ جوڙ ڪندا رهندا آهن يا وري مخالفتون ۽ دشمنيءَ جي حد تائين ڳالهه وڌيو وڃي. پوءِ لابيون، حلقي بندي، پنهنجن ماڻهن کي ساراهڻ، ٻين جي گلا ڪرڻ، اهڙي قسم جو ماحول پيدا ٿي چڪو آهي، انهيءَ پٺيان واپاري سماج جو ڪيترو هٿ آهي اچو ته انهيءَ کي ڏسون.

    منفيت Negativity
    جديد دور جو نعرو هو slow and steady wins the race پر جديديت پڄاڻان جو نعرو آهي just win by hook and crook، تنهن ڪري ڏاهپ، عقل، سرت، ساڃاهه، جي بجاءِ ماڻهوءَ ۾ صرف حرفت ڪاهي پئي آهي، ماڻهو چاهي ٿو ته محنت کان بغير آسمان جا تارا لاهي وٺي. اڳ دنيا ۾ ماڻهو مثبت ڪم ڪرڻ ۾ سال لڳائي ڇڏيندا هئا، ائين به ممڪن هوندو هو ته سندن ڪارنامو سندن دور کان پوءِ ڳاڻيٽي ۾ آيو هجي. جيئري کين سڃاڻپ نه ملي هجي، ڪم ٿورو ڪندا هئا، پر سندن گڻ مطابق ۽ معياري ڪم ڪندا هئا. ٻئي جي ڪم ۾ ٽنگ ڪين آڙائيندا هئا. جيڪڏهن ڪو فلمي دنيا جو ڪم آهي ته اهو ماڻهو ئي ڪندو هو، جنهن جي فيلڊ هوندي هئي، ڪو شاعر آهي ته ڊاڪٽر بنجڻ جي ڪوشش ڪين ڪندو هو. ماستر آهي ته ماستري سٺي ڪندو هو، صحافي بنجڻ جي ڪوشش ڪين ڪندو هو. انجنيئر آهي ته سٺو انجنيئر بنجندو هو، اديب بنجڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندو هو. پنهنجي ڪم ۾ مثبت طرح آهستي آهستي ڀڙ ٿيندو ويندو هو. کيس شهرت جو شوق ڪونه هو، ڪريڊٽ وٺڻ جو شوق ڪونه هو. وٽس محروميءَ جو رومانس ڪونه هو، روئندو پٽيندو ڪونه هو. صبر ڪندو هو ۽ پنهنجي ڪم ڏانهن ڌيان ڏيندو هو، ڇو ته مثبت ڪم ڪرڻ واري ماڻهو کي شهرت يا ملندي ڪونهي يا دير سان ملندي آهي، ٻيو ته ماڻهو ان ڏانهن ڌيان ڪونه ڏيندا آهن. اڄ جي دور ۾ هر ماڻهو کي مشهور ٿيڻ ۽ Celebrity ٿيڻ جو شوق ٿي پيو آهي. سڀڪو چاهي ٿو ته هو رات وچ ۾ مشهور ٿي وڃي، مٿان پوسٽ ماڊرن ازم جو نعرو آهي ته غلط يا صحيح ڪابه شيءِ ناهي صرف حاصل ڪريو، بس ڪهڙي طرح حاصل ڪريو، سٺي يا خراب ڪابه شيءِ ناهي، ڇو ته ضد ڪابه شيءِ ناهي هر هڪ شيءِ پنهنجي جڳهه تي اهم آهي، ڪا به عورت مرد ۾ تفريق ناهي عورت پنهنجي جڳهه تي اهم آهي، مرد پنهنجي جڳهه تي Unified آهي، منجهن ڪا هڪجهڙائي جيڪڏهن آهي ته انهيءَ تي گڏ ٿيڻ گهرجي بلڪ هڪٻئي جا ضد ناهن.
    هاڻي اهڙي صورتحال ۾ هر ماڻهو پاڻ کي صحيح ۽ درست پاڻمرادو سمجهي ٿو، جي ڪو هن کي غلط چوي ٿو ته جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. ٻيو ته ماڻهو ڏسي ٿو ته هي ميڊيا جو دور آهي، جيڪا منفي خبرون ڏاڍي شوق سان بريڪنگ نيوز ڪري هلائي ٿي، مثبت خبر جي ڪابه تشهير ناهي، انهيءَ ڪري ماڻهو پاڻ کي چمڪائڻ لاءِ مفت جو سهارو وٺي ٿو. مثال هڪ ماڻهو پاڻ ته ڪجهه ڪري نٿو سگهي، پر نالو چمڪائڻ جو شوق اٿس، هاڻي هو ڪنهن وڏي نالي جي خلاف ڳالهائيندو، وڏي اديب تي تنقيد ڪندو، جيئن ماڻهو متوجهه ٿين، سندس سڃاڻپ ٿئي. رڳو ادب نه پر سماج جي هر پرت ۾ ائين ٿي رهيو آهي: مثال اوچتو آغا وقار چيو ته، هو پاڻيءَ تي ڪار هلائي سگهي ٿو، واهه واهه ٿي ويئي، آغا صاحب مشهور ٿي ويو، ميڊيا جي زينت بنجي ويو. تصور مارڪيٽ ۾ هلي ويو، ميڊيا لاءِ بريڪنگ نيوز ٺهي وئي، ڪوڙ يا سچ کي بعد ۾ ڏٺو ويندو، وڌ ۾ وڌ اهو ٿيندو ته ڪوڙ ثابت ٿيندو، پر آغا وقار صاحب جي مشهوري ٿي ويئي. مثال: وينا ملڪ ڏٺو ته جهٽ پٽ ۾ ڪيئن مشهور ٿيان، هوءَ ڪپڙا لاهي بيهي رهي، فحشيت تي کليو ڳالهائڻ لڳي، ماڻهن کي اشو ملي ويو، ميڊيا کي بريڪنگ نيوز ملي ويئي، مئگزين جي زينت بنجي ويئي، شرافت يا عزت ڇا ٿيندي آهي؟ وينا مشهور ٿي ويئي، آهستي آهستي سندس نالو گهٽ ٿيڻ لڳو، ته رڪارڊ جو پاسو بدلائي شريف ٿي ويئي، چوي ته ڏسو آئون شريف آهيان، رئو ويڙهيو اٿم، وري شادي ڪئي اٿم، ميڊيا تي واهه واهه، ماڻهو واهه واهه ڪن.
    هي واپاري دور آهي، رڳو خبر کپي، تصور کپي، صحيح يا غلط کي ڪير ڪونه ٿو پڇي. اهڙيءَ طرح اسان وٽ گهڻا ماڻهو چاهين ٿا ته هو مشهور ٿين، مثال ڪو انجنيئر آهي يا ڪو بيوروڪريٽ آهي، پنهنجي ڪم ۾ مهارت اٿس، پر مشهور ته ڪونه ٿيندو ۽ اسان جو سماج ان کيCelebrity ته ڪونه ٺاهيندو، تنهن ڪري ممڪن آهي ته اهو اديب ٿئي، شاعر ٿئي يا ڪو ڪتاب لکي يا سفرنامو لکي، وري ان جي رونمائي ڪرائي، ته جيئن واهه واهه ٿئي. اهو ان جو حق آهي، پر مسئلو ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن هو پاڻ کي وڏو اديب ڪليم ڪري ٻين تي نڪتي چيني ڪرڻ شروع ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ هزارين شاعر پيدا ٿيا آهن، وري سڀ اُها دعوى ٿا ڪن ته اسان تمام وڏا شاعر آهيون، جي سندن حق ۾ ڪا ڳالهه نه ٿي ته واويلا شروع، روئڻ پٽڻ، گهوڙا گهوڙا ڪرڻ اسان جي سماج جو بهترين مشغلو آهي، هاڻي مسئلو اهو آهي ته اديب به منفيت جي سلسلي ۾ ڪاهي پيو آهي، ڇو ته سماج ۾ مٿان کان هيٺ ڪرپشن اچي ٿي، مٿي ڪرپشن آهي، ميڊيا ان کي بليڪ ميلنگ جو ڌنڌو بنايو آهي، واويلا ڪري ڪجهه ڪمائڻو آهي، ته عام ماڻهن وٽ به اها روش آهي، واويلا ڪريو، هاڻي اديبن به اها واويلا شروع ڪري ڏني آهي.
    هڪ اهم مسئلو اهو آهي ته بر صغير ۾ هر ماڻهو ٻئي جي ڪم ۾ ٽنگ اڙائڻ پنهجو فرض ٿو سمجهي، پر پنهنجو ڪم ناهي ڪرڻو، چانهه وڪڻڻ وارو به وزير اعظم کي مشورا ڏيندو ته حڪومت ڪيئن هلائڻ گهرجي، پر اها خبر ڪين رکندو ته سٺي چانهه ڪيئن ٺاهجي. اهڙيءَ طرح هر اديب فرض سمجهي ٿو ته هن کي ٻين اديبن جي خلاف، ادارن جي خلاف ڳالهائڻو آهي، پر سندس ڪهڙي فيلڊ آهي ان ۾ ڇا ڪيو اٿس، اها خبر نه رکندو. اسان اڪثر چوندا آهيون ته سنڌ ۾ وڏا ماڻهو، دانشور، ڏاها يا ڪي عظيم ماڻهو ڇو پيدا نه پيا ٿين، انهيءَ جو سادو جواب آهي، ته پيدا به ٿيندا ته اسان انهن کي تسليم ڪونه ڪنداسين، کيس اذيت ڏئي ماري ڇڏينداسين، ٻيو ته ڪير پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته انهيءَ ڪم ۾ مهارت ڪيئن پيدا ٿيندي؟ ٻئي جي ڪم ۾ ٽنگ اڙائڻ اسان جو بهترين مشغلو آهي، ٻئي کي ڊسٽرب ڪرڻ اسان لاءِ ضروري آهي، وڏو مسئلو اهو آهي ته ڪنهن کي به سندس ڪم ڪرڻ ناهي ڏيڻو، ڪو به سٺو ڪم ڪندو ته کيس ٽنگن مان جهلي ڪيرائڻ جا جتن ڪرڻا آهن. ها! جي خاموشيءَ سان ويهي، مشهور نه ٿئي، ڪو اديب نه هجي، پوءِ ڀلي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري ڪو به ڪونه ڪڇندو. مثال صرف هڪ تعلقي جي تعليم جي بجيٽ ڪروڙين رپيا اچي ٿي، جيڪا سڀ وڏيرا، نوڪرشاهيءَ سان ملي ڪري هڙپ ڪندا آهن، ٽائون ڪاميٽيءَ جي صفائي جي بجيٽ به کاڄيو وڃي، اسپتال جي مڪمل بجيٽ ڪرپشن جي نظر ٿيو وڃي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اديب ماستر پاڻ به رشوت ڏيو ڪم ڪرائين، روڊ ٽٽل، پاڻي پيئڻ جو به هن قوم کي نصيب نٿو ٿئي، پر اديب ڪونه ڳالهائيندو، اديب کي رڳو اهو نظر اچي وڃي ته فلاڻي اديب کي ايوارڊ مليو آهي، يا ڪنهن اديب کي ڪا سٺي نوڪري ملي آهي، يا اديب جو ڪو ڪتاب آيو آهي. سڀ گڏجي ان اديب جي کل لاهيندا، فيس بڪي اديب وري ها ۾ ها ملائڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن، اکيون پوري ها ها ڪرڻي آهي. توهان ڪجهه به لکي ڇڏيو، تصديق ڪرڻ کان بغير سڀ ان جي تائيد ڪندا، ڪو هڪ اڌ هوندو، جيڪو چوندو ادا ائين نه ڪريو، ته ان کي ’انفرينڊ‘ ڪيو ويندو.
    ڪو وقت هو جڏهن اديب جو آئيڊيل عالمي معيار جون شخصيتون ۽ عالمي نظريا هئا، اديب سنڌ ۾ تمام وڏي تحريڪ
    ون يونٽ خلاف هلائي، ايم. آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌي اديب اڳيان هو، سنڌي ادب سماج کي نعرا ڏنا، سنڌي سماج کي پنهنجي ثقافت ۽ ٻوليءَ تي فخر ڪرڻ سيکاريو. سنڌ ۾ ترقي پسنديءَ جي تحريڪ عروج تي هئي، ان جو بنيادي ڪارڻ سنڌي ادب هو، جنهن کي برصغير ۾ وڏي مڃتا هئي، پر اسان ڪهڙي ڪُن ۾ ڦاٿا آهيون، جو اديب جو آئيڊيل مايا ميڙڻ جو نظريو آهي، اديب پنهنجي واهه واهه مان ٻاهر نٿو نڪري. سڄو زور اٿس ڄُنڊا پٽڻ تي، ٻئي کي ڪيرائڻ تي، ڪيڏانهن ويو نظريو، ڪيڏانهن ويو ادب، ڪيڏانهن ويون تحريڪون. اديب مايا ميڙڻ ۾ مشغول آهي.
    مطلب ته اسان جي رڳن ۾ منفيت گهر ڪري ويئي آهي،اسان بغاوتي، اسان هاءِ گهوڙا ڪرڻ وارا، اسان ٻين کي مشورا ڏيڻ وارا، پر پنهنجو ڪم نه ڪنداسين.


    4. شخصيت جو بحران ۽ ائبنارملٽي

    شخصيت مجموعي طور رويي، عادت ۽ مجموعي عمل سان پيدا ٿيندي آهي. ڪابه شخصيت سندس زمان و مڪان، ماحول، خانداني روايتن ۽ عادتن، طبعي ۽ طبي حالتن جي عڪاسي هوندي آهي.
    فرائيڊ جي ٿيوري مطابق شخصيت ننڍپڻ جي عمر ۾ ٺهندي آهي، جيڪا اڊ، انا ۽ عظيم انا مان ٺهندي آهي ، ساڳي وقت شخصيت جي ٺهڻ ۾ ننڍپڻ جا ۽ خانداني مونجهارا به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
    Personality is formed through conflicts among three fundamental structures of the human mind: the id, ego, and superego.( Sigmund Freud)
    وري ايرڪ فراهم فرائيڊ جي ٿيوري خاص طور لبيڊو ۽ ايڊيپس مونجهاري جي بنياد تي ٺهندڙ شخصيت کان انڪار ڪندي چيو ته شخصيت سماجي ساخت ۽ اخلاقيات جي نظام مان ٺهندي آهي، جيڪا سماجي پابندين ۾ پاڻ کي توازن ۾ رکي ٿي پر ان وقت شخصيت بحران جو شڪار رهي ٿي جڏهن بغير ڪنهن گوڙ ڪرڻ جي ماڻهو سماجي پابندين جي پيروي ڪندا رهن، ته شخصيت بيٺل پاڻي وانگر سينوارجي وڃي ٿي، ايرڪ فراهم پنهنجي ڪتاب “ Fear of freedom” ۾ تمام ڪارائتو بحث ڪندي، اذيت پرستيءَ جي اصطلاح کي ڪم آندو آهي، هن جو چوڻ هو ته سماج ۾ شخصيت قابل قبول صرف ان وقت هوندي آهي، جڏهن خاموشي سان سماج جي جيءَ حضوري ڪندي رهندي آهي، پر ان وقت شخصيت اندر ئي اندر ۾ خالي ۽ کوکلي ٿيندي ويندي آهي، ايرڪ فراهم شخصيت کي پروان چاڙهڻ لاءِ سماجي ۽ شخصي آزادي جو قائل هو، پر اهو دور جديد هو، جنهن ۾ نظريا ۽ آدرش هئا اڄ جي دور جي ڪٿ ڪنداسين ته صورتحال ٻي آهي. جنهن آزادي يا سماج جي ڳالهه ايرڪ فراهم ڪري ٿو، اهو دور آمريت يا سامراجي پرماريت جو دور ۽ دنيا جي ٻن بلاڪن ۾ ورهايل دور هو. پر اڄ جي جديديت پڄاڻان دور جي شخصيت آدرشن، نظرين ، اخلاق، روايتن ۽ ڪلچر جي دائرن مان نڪري چڪي آهي.
    انسان فطرتي طور جانور آهي، پر اهي سماجي قدر، روايتون، نظريا، ۽ نفسياتي ساخت آهن، جيڪي ماڻهو کي مهذب بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. سماج ۾ ڀلي ڪهڙيون به حالتون هجن، غريبي هجي يا اميري، پر جي قدر زنده آهن، مثبت روايتون زنده آهن، (جن ۾ انصاف، عدل، پيار ، ڀائپي، همدردي، ڪهل، لحاظ، صبر، سهپ، مهمان نوازي، دوستي، رشتا، ڏيتي ليتي ۾ ايمانداري وغيره شامل آهن) ته انسان جلدي پنهنجي شخصيت جي بحران تي قابو پائي وٺندو آهي.
    پر جڏهن سماج پنهنجي قدرن جي فطري تبديلين جي بجاءِ جڙتو ۽ واپاري مفادن واريون تبديليون پيدا ڪري، سي به ايترو جلدي جو ڪا به تبديلي ماڻهو وٽ جٽاءَ نه ڪري، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو وٽ سماج ۽ فطرت جي بجاءِ صرف شين جو تصور ۽ انهن جي حصول جو تصور ئي جٽاءَ ڪندو آهي. آهستي آهستي ماڻهو پنهنجي معروضي صورتحال ۾ داخلي فرد جي حيثيت سان داخل ٿيندو آهي، جنهن کي قدر مارڪيٽ مهيا ڪندي آهي، ڪمپنيون يا حڪومتون پنهنجي مفادن وارا جڙتو مسئلا مهيا ڪري ، ماڻهن کي رڌل رکن ٿيون. ماڻهو جو جوش حيات اجتماعيت سان جڙيل آهي، گڏيل خوشي ، اجتماعي جذبا، اجتماعي خوشحالي، گڏيل جدوجهد، اجتماعي نظريا، گڏيل رشتا، ماڻهو کي فردي ۽ داخليت مان ڪڍي سماج سان جوڙين ٿا، پر سماج صرف حصول جو سبق ڏي ٿو، مقابلي بازي لاءِ همٿائي، ذاتي مفادن لاءِ ڪجهه به ڪرڻ کي جائز قرار ڏئي، يا رات وچ ۾ امير بنجڻ جا نسخا ڏئي، اهڙي صورتحال ۾ فرد ۾ انساني ذات جو خلا پيدا ٿيندو آهي، هن جي مقابلي بازي ۽ اسٽيٽس جي دنيا جلد ٿڪي، هارائي ويندي آهي، جنهن ڪري فرد ۾ جبلت مرگ پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. عام طور تي ماڻهو شين جي حوالي آهي، شين سان سڃاڻپ اٿس، جنهن ڪري خوشي دائمي ۽ دلي نٿي مليس، منجهس چڙ جو پيدا ٿيڻ، ذات جي زيان جو احساس، خوف، مَ سهپ، بوريت ۽ زندگيءَ جو رس چس محسوس نه ٿيندو اٿس. نتيجي طور هو سمجهندو آهي ته اڃا دولت هٿ ڪري، اڃا اسٽيٽس وڌائي، اڃا طاقت حاصل ڪري ، اڃا دٻدٻو وڌائي ته سندس مڃتا ٿيندي. ٻي صورت ۾ هو ضايع ٿي ويندو . جبلت مرگ جي وڏي نشاني اها آهي ته ماڻهو دنيا جي هوس ۾ ايترو انڌو ٿي پوندو آهي، جو کيس ڪجهه به نظر نه ايندو آهي. اڪثر طاقتور ماڻهو سڄو ڏينهن مصنوعي دنياداري واري زندگي گذاري، رات جو شراب نوشي، جنسي عياشي جو سامان مهيا ڪري، پاڻ کي وندرائيندا آهن، وڏين گاڏين ۾ چڙهي ٺٺ ٺانگر سان سڪيورٽي گارڊ کڻي، ماڻهن تي رعب وجهندا آهن. سمجهندا آهن ته هنن جا ٺٺ آهن، هو وڏي شخصيت آهن، پر حقيقت ۾ هو پاڻ کي وڃائي چڪا هوندا آهن. ٻي طرف وري مڊل ڪلاس انهن جي ٺٺ کي ڏسي چپ چٽيندو رهندو آهي، ته ڪيئن اڳتي نڪرجي. وٽس ٻه طريقا هوندا آهن. هڪ ته جڳاڙ ڪري، چمچاگيري ڪري، ڀڙوت ڪري، ڪنهن وڏي جي اڳيان ڪِري، پنهنجا مفاد حاصل ڪري يعني دولت يا ڪو اسٽيٽس حاصل ڪري، يا ٻيو وري پنهنجي ميرٽ ۽ ٽيلينٽ کي استعمال ڪري ۽ پنهنجا مفاد حاصل ڪري. عموماً ميرٽ تي هلندڙ لتاڙجي ويندا آهن ۽ چمچا يا شاطر ماڻهواڳيان وڌي ويندا آهن. ٻيو طريقو عورت جو اڄڪلهه مقبول ٿيندو وڃي . دنيا ۾ عورت کي اهو احساس ڏياريو ويو آهي ته تو وٽ هڪ هٿيار ”جنس“ آهي. جنهن جي مارڪيٽ ۾ وڏي گهرج آهي. جيترو فني طور مکي چکي ان کي استعمال ڪري سگهين ٿين ڪر. فرائيڊ جڏهن چيو هو ته “Anatomy is destiny” ته ان جو مطلب ڏاڍو وسيع هو ، اسان وٽ سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو پنهنجي خانداني ڪرت ۽ روش مان نڪري شهري ۽ جديد پڄاڻان سماج ۾ داخل ٿيا آهن، يا ڪا سڻڀي نوڪري ملي وئي، يا وري ڪا دولت هٿ اچي وئي، ته انهن جون خصلتون نٿيون بدلجن، پر وري اهي ماڻهو پنهنجي خانداني ڪرت کي دنيا جي هوس ۾ استعمال ڪن ٿا. اصل ۾ شخصيت بگڙجڻ ان وقت شروع ٿئي ٿي جڏهن ماڻهو شيطاني هوس جي چرخي ۾ اچي ٿو. سٺي دنيا ۾ ڪامياب شخصيت صرف انهيءَ کي سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو ڪٿان به، ڪيئن به ڪري حاصلات جي جنگ ۾ اڳتي هجي، ڀلي ان کي غيرت ڇڏڻي پوي، پنهنجي محسن جي خلاف دشمني ڪرڻي پوي، رشتن کي ٽوڙڻو پوي، يا وري پاڻ کي فريب ڏيڻو پوي، اهو عمل ڪندي ڪندي ماڻهو بگهڙ بنجي وڃي ٿو. شخصيت بگاڙڻ ۾ اسان جي ملڪ جي سياست جو به وڏو هٿ آهي، سفارشي ڪلچر، جڳاڙي ڪلچر، جوڙتوڙ ڪرڻ، گلاخوري ڪرڻ، چمچاگيري ڪرڻ، پاڻ وڻائڻ، ٻئي مان ڪم ڪڍڻ لاءِ اجايون تعريفون ڪرڻ، رشوت ڪلچر، گليمر ڪلچر، فوٽو سيشن ڪلچر، وغيره ماڻهو کي هيرائي ڇڏيو آهي ته محنت ناهي ڪرڻي، ڳالهائڻ ذريعي وڏا ڊاڙ هڻي پاڻ پڏائڻو آهي، آهستي آهستي شخصيت خطرناڪ بنجي وڃي ٿي. دنيا انهيءَ کي ڪامياب شخصيت به چوي ٿي.

    شخصيتن جا نفسياتي خلل
    • ڪي ماڻهو خوامخواهه گلا ڪرڻ پسند ڪندا آهن، ڪيئن به ڪري ٻي جي گلا ڪجي ان ۾ کين مزو ايندو آهي.
    • ڪي ماڻهو ڪنهن جي به نصيحت يا چوڻ نه وٺندا آهن، هڪ ڪن مان ٻڌي ٻي مان ڪڍي ڇڏيندا آهن.
    • ڪجهه اهڙا ماڻهو توهان کي ملندا، جيڪي نرم لهجي ۾ پيار سان ڳالهائيندا، پاڻ کي مظلوم ثابت ڪندا، توهان سان خيرخواهه ٿي ملندا، پر اصل ۾ نيت بد هوندا آهن، توهان مان ناجائز ڪم ڪڍڻ چاهيندا آهن ، جي توهان ناجائز ڪم نه ڪيو ته فورن توهان جي خلاف واويلا شروع ڪري ڇڏيندا.
    • ڪي ماڻهو ڳالهائيندا ته اکيون توهان سان ملائي نه ڳالهائيندا ، يا ته اکيون هيڏانهن هيڏانهن ڪندا يا وري هيٺ مٿي ڇڪيندا، ان جا ٻه سبب آهن هڪ ته هو پاڻ اندر ۾ ڏوهاري محسوس ڪن ٿا، ٻيو توهان کي اهو تاثر ڏين ٿا ته اسان وڏا ماڻهو آهيون، اسان جا وڏا تعلقات آهن، توهان جي ڪا به اهميت اسان وٽ ناهي، توهان سان ڳالهائي توهان تي ٿورو ڪريون ٿا.
    • ڪي ماڻهو وري ڳالهائيندا ڪونه، بس چپ توهان ڪجهه به ڳالهايو پر ڪو تاثر نه ڏيندا بس چپ رهندا، اهي ماڻهو خطرناڪ ٿيندا آهن. اندر ۾ انهن وٽ وڏا منصوبا هوندا آهن.
    • ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڳالهه توهان آڏو رکي نه سگهندا، پر هوندا مخلص آهن.
    • ڪي ماڻهو پنهنجيBody Gesture مان اهڙيون حرڪتون ڪندا، جو توهان کي اهو احساس ڏياريندا ته هو وڏا ماڻهو آهن. مثال بيهڻ مهل ٻانهن ٻڌڻ جو هڪ خاص طريقو استعمال ڪندا، هڪ ڪلهي تي رکندا ٻي ٻانهن وري ان ٻانهن جي هيٺان رکندا. ڪي ماڻهو پنهنجا پير ٽڪائي نه بيهندا بار بار اڳيان پويان ٿيندا، انهن ۾ اعتماد جي کوٽ هوندي آهي يا وري اهي ماڻهو ڪو تڪيو ڪلام به چوندا آهن، يا وري اهي ماڻهو اکين کي بار بار ڇنڀيندا آهن.
    • ڪي ماڻهو اکين سان کلندا آهن، غور سان نهاريندا آهن، سمجهو توهان کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا.
    • ڪي عورتون بار بار گندي يا رئو ٺيڪ ڪنديون آهن، يا ڳالهائيندي اکيون وڏيون ڪنديون آهن، عدم تحفظ يا منجهن اعتماد جي کوٽ يا وري sex conscious هونديون آهن .
    شخصيت جو ائبنارمل هئڻ ۽ بحران ٻه الڳ الڳ مسئلا آهن، اسان وٽ ٻئي مسئلا آهن، شخصيت جي انفراديت ۾ سڪڙجي وڃڻ. ذات جي تشهير شين سان ٿيڻ ڪري شخصيت جو بحران پيدا ٿيو آهي، جو ماڻهو صرف پنهنجي تشهير لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهي، توهان ڏٺو هوندو ڪي ماڻهو وڏين شخصيتن سان سيلفي ڪڍرائڻ ۾ مشغول هوندا آهن، ڪي ماڻهو ٻاهران آيل ڪنهن عورت يا مرد پر زياده تر عورت سان شوق سان فوٽو ڪڍرائڻ چاهيندا آهن. اسان جي نوجوانن ۾ اهو مرض خطرناڪ حد تائين ڦهليل آهي، ڪو سيلفي ڪڍڻ جي شوق ۾ مبتلا آهي يا جتي ڪٿي فوٽو ڪڍرائي فيس بڪ تي رکي ٿو، وري انتظار ڪري ٿو ته ڪنهن لائيڪ ڪيو يا ڪمينٽس ڏنا، پڪ سمجهو ته ان جي شخصيت بحران جو شڪار آهي، سندس اڌوري ذات جي ڪري هو پنهنجي تشهير ڪرڻ لاءِ فيس بڪي تشهير ۾ مبتلا ٿئي ٿو. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته اهو نارمل آهي، جو فيس بڪ تي موجود ماڻهو رابطي ۾ رهي ٿو ٻيو ته پنهنجي عمل کان آگاهه ڪري انفارميشن ڏيڻ چاهي ٿو. اصل ۾ ماڻهو ۾ پنهنجي تشهير ڪرڻ جي هوس ڪٿي به ڇيهه نٿي ڪري، توهان اندازو لڳايو ته ماڻهو جنازي نماز ۾ به ڌڪا ڏيئي، پهرئين صف ۾ بيهڻ چاهين ٿا ته جيئن فوٽو ۾ نظر اچن، اهڙي طرح ماڻهو پنهنجي شخصيت جي بحران ۾ ڦاسي پوي ٿو. آهستي آهستي هو ائبنارمل حرڪتون ڪري انفرادي ذات ۾ گم ٿيڻ لڳي ٿو. توهان ڏسو ڪيتريون ڇوڪريون ميڊيا تي اچڻ لاءِ جتن ڪن ٿيون، پنهنجي ڪردار جو به خيال نٿيون رکن، اهو حال هڪ عام ماڻهو کان وٺي ادبي شخصيتن جو به آهي. جڏهن ماڻهو جي خوشي رڳو ان ۾ وڃي رهي ته سندس فوٽو ماڻهو ڏسن، يا ماڻهو پاڻ پڏائڻ لاءِ نيچ حرڪتون ڪرڻ لڳي ته ائبنارملٽي شروع ٿئي ٿي. ماڻهو هيرو پسند ٿيڻ ان سان پنهنجي تشهير ڪرڻ چاهي ته سمجهو، هو پنهنجي شخصيت تان هٿ کڻي چڪو آهي، هو ٻئي جي ذريعي پاڻ پڏائڻ چاهي ٿو.
    • ڪجهه ماڻهو بار بار انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا ته جيئن پنهنجو ڪمپليڪس ٻين تي مڙهي سگهن، انگريزي ڳالهائڻ ڪو خراب عمل ناهي، پر جتي ضرورت نه هجي يا جتي سنڌي سمجهڻ وارا موجود هجن اتي اڌ گابرا انگريزي جملا ڳالهائي ماڻهو پاڻ پڏائڻ چاهي ٿو، جيڪو سندس ذات جو ڪمپليڪس آهي، اسان جي سماج ۾ روز اهڙيون حرڪتون وڌي رهيون آهن. ان جو مطلب ته مونجهارا سماج کان انفرادي ذات ڏانهن پيا وڃن، تان جو سماج سڄو انفراديت ۾ وٺجي وڃي ٿو. اصل ۾ ڪجهه ماڻهو سڀني سان ٺاهي رکڻ چاهيندا آهن، هو چاهيندا آهن ته هن سان خوش هجن هن جي حق ۾ هجن، سندس مخالفت ڪابه نه ٿئي، اهڙن ماڻهن جو ڪوبه نظريو نه هوندو آهي، ڪوبه آدرش، ڪوبه دين ايمان يا قدر نه هوندو آهي، چوندا آهن ”جنهن جي سڀني سان دوستي آهي اهو ڪنهن جو دوست ناهي“ وري جنهن جي سڀني سان دشمني آهي اهو Paranoid جو شڪار آهي. ماڻهو جا اصول، خيال ۽ ڊسيپلين جيڪڏهن مضبوط آهي ته هن جا ڪي دوست به ٿيندا، ڪي دشمن به ٿيندا، اڄڪلهه اهو هڪ رجحان رهي ٿو ته پنهنجو گرپ ٺاهڻو آهي، جيڪو هن جي هر ڳالهه تي واکاڻ ڪري واهه واهه ڪري، اهڙا ڪيترا گروپ ٺهي چڪا آهن، اهڙا ماڻهو موقع پرست ٿيندا آهن ، هو هر طاقت واري ماڻهو يا جنهن ۾ سندن ڪو ڪم هوندو آهي، انهيءَ کي سيڙهي ٺاهيندا آهن، مفاد حاصل ٿيو ته ان سيڙهي کي ڌڪو ڏنو، وري ٻي سيڙهي، بس اڳتي وڌڻو آهي، لتاڙي، منافقي ڪري، هر اها حرڪت ڪرڻي آهي، جيڪا محسن ڪش هجي، جيڪا صرف سندس ذات جي تشهير لاءِ هجي، اهڙا ماڻهو چاپلوس ٿيندا آهن. هو هر چاپلوسي جو ڪم ڪندا، توهان کي خبر به نه پوندي ، توهان مان ڪم ڪڍي ويندا.
    وہ اس کمال سے کھیلا تھا عشق کی بازی
    میں اپنی فتح سمجھتا رہا مات ہونے تک
    هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن مونجهاري ۾ ورتل آهي، توهان ڪجهه به ڪريو پر هيءَ دنيا جڳاڙين جي، گلا خورن جي، چمچن ۽ حقي ٽوپي وارن جي آهي، اهي هر قدم تي توهان کي تنگ ڪندا، پر ڳالهه صرف ايتري آهي توهان پنهنجو ڪم ڪندا رهو آخر ۾ فيصلو تاريخ ڪندي. توهان جو ضمير مطمئن هجي، پر اذيت پرست ماڻهو توهان کي تنگ ڪري وقتي خوشي ضرور ماڻيندا، پر دائمي پريشانين ۾ مبتلا رهندا. هر ماڻهو رڳو ايترو سمجهي ته هن جي حسد ۽ ساڙ سان، هو پاڻ ئي جلي رهيو آهي، ٻئي جي جيڪا قسمت هوندي، جيڪا محنت هوندي انهيءَ کي انهيءَ جو ڦل ضرور ملندو. اڄڪلهه جي دنيا جنهن اونداهي واري دور ۾ داخل ٿي آهي، اهو ڏاڍو آزمائشي آهي، پر سالم ماڻهو کي ثابت قدم رهڻ گهرجي.


    5. نيورو لنگئسٽڪ پروگرامنگ

    Neuro linguistic programming is an approach to communication, personal development, and psychotherapy created by Richard Grinder in California, United States in the 1970s.
    NLP (Neuro-Linguistic Programming) has helped millions to overcome their fears, increase their confidence, and achieve greater success in their personal and professional lives and relationships. Now, from the company that created NLP: The New Technology of Achievement one of the bestselling NLP books of all time comes NLP: The Essential Guide to Neuro-Linguistic Programming*

    هي جديديت پڄاڻان جي مارڪيٽ جو اهم پروگرام آهي. واپاري دنيا جو اصول آهي ته شيون وڪڻڻ لاءِ ماڻهن کي آماده ڪجي، جو ماڻهو شيون ضرورت هجي نه هجي پر خريد ڪن. انهيءَ لاءِ اهڙا ننڍڙا جملا ترتيب ڏنا ويندا، جيڪي ماڻهو جي لاشعور تي سڌو سنئون اثر ڪن. انهيءَ پروگرام کي هاڻي هر ميدان تي آزمايو پيو وڃي، سياست، ميڊيا، رياستي پاليسي، سماجي وهنوار سڀ ۾ اهڙا جملا ڇڏيا وڃن يا وري اهڙو ماحول پيدا ڪجي، جو ماڻهو سوچڻ سمجهڻ کان بغير انهيءَ جملن ۾ محو ٿي پٺيان پٺيان هلڻ شروع ڪن. مثال، پيزا، ڪي ايف سي، شيشو يعني عربي حقو پيئڻ، موٽر سائيڪل هڪ ڦيٿي تي هلائڻ، فيس بڪ تي فوٽو رکڻ جو شوق، وري انهيءَ کي پسند ڪرڻ جو رجحان، گٽڪو ۽ مين پڙي کائڻ، محروميءَ جو رومانس، ميڊيا تي مشهور ٿيڻ، موبائل جي مشهوري، پيڪيجن جو شوق، رات شروع بات شروع، اب سب ڪچهه ڪهي دو، جيئي ڀٽو، ڌرڻا، پريزنٽيشن جو ليپ ٽاپ ڪلچر، سيلف ميڊيڪيشن، گرل فرينڊ يا بواءِ فرينڊ رکڻ، ڊيٽنگ، ڪنهن جي واهه واهه ڪرڻ، ڪنهن جي گلا ڪرڻ وغيره سڀ نيورو پروگرامنگ جا حصا آهن. توهان پيزا ۾ ڇا کائو ٿا خود توهان کي خبر ناهي، پر اهڙا به ڪيميڪل ايجاد ڪيا ويا آهن، جيڪي توهان جي روزمره جي شين ۾ موجود آهن، جن جو ڪم آهي توهان کي سوچ کان عاري ڪرڻ. لاشعور ۾ هر ڳالهه توهان جي شخصيت تي هڪ وڏو اثر ڇڏي ٿي، آهستي آهستي توهان اهو ڪجهه ڪرڻ لڳو ٿا، جيڪي واپاري چاهين ٿا، مثال ٻارن جون اڌ اگهاڙيون گڏيون، ڪارٽون ۾ جنسي ڦهلاءُ، اڌ گابرا فحش جملا، ننڍي هوندي کان ٻارن ۾ واپاري مفادن جو ڪلچر ڦهلائين ٿا. جيڪڏهن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڇڙواڳي نه ملندي ته، نه پيزا هٽ هلندا نه ڪير شيشو پيئندو، نه وري مارڪيٽن مان ڳرن اگهن جي خريداري ٿيندي، انهيءَ ڪري ڇڙواڳي لاءِ ننڍي هوندي ماحول ٺاهيو ويندو آهي.
    نيورو لنئگويج پروگرامنگ جو ڪم صرف منفي رجحان ڦهلائڻ ناهي. هر سماج ۾ جملن، نعرن، چوڻين، اصطلاحن جو رواج اڳ ئي موجود هوندو آهي، جنهن ذريعي علم، ادب، ساڃاهه ۽ تاريخ جي سمجهه ايندي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي شخصيت کي بهتر بنائيندو رهندو آهي. مثال، ڏينهن شينهن، ٻار مڇ جو وار، مڙس ماڻهو، نياڻي سياڻي، وڻج واپار، ڪر ڪا ڪم واري ڳالهه، گهر گرهستي، پاڪ صاف اهڙيءَ طرح هزارين جملا اسان جي روزمره زندگيءَ تي اثر ڪندا رهندا آهن، ننڍپڻ ۾ اسان جيڪي نانين ڏاڏين کان جملا، لوڪ ڪهاڻيون، نصيحتون ٻڌندا آهيون، اهي اسان جي لاشعور ۾ وڃي اسان جي شخصيت جو حصو بنجنديون آهن. سڄي زندگي اسان تي انهن جو اثر رهندو آهي. مثال: ننڍي هوندي جنن، پرين جو تخيلاتي تصور، ديو هيڪل طاقتور بادشاهن ۽ سورمن جو تصور، سوداگرن ۽ پرڏيهي دنيا جو تصور، اسان جي لاشعور جي دنيا کي وسيع ڪندو آهي، اهڙيءَ طرح ماڻهو جيڪو پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندي به دنيا جي وسعت ۽ پنهنجي شخصيت کي جامع ٺاهيندو هو. مثال اڄ به اسان جي ذهن ۾ جنن جو غيب وارو تصور موجود آهي، اڄ به اسان جي لاشعور ۾ تخيل جي حسين دنيا موجود آهي، سماجي قدر، شرافت، بهادري، پيار جهڙا تصور اسان جي لاشعور ۾ رهي اسان جي شخصيت ٺاهين ٿا.
    شاعرن جو ڪم به اهڙا نعرا ڏيڻ آهي، جيڪي مثبت انداز سان ماڻهو جي لاشعور ۾ داخل ٿي زندگيءَ تي اثر وجهن. مثال، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڏسو:

    • عالم سڀ آباد ڪرين،
    • لَوڪ وَهي لَهوارو، تُون اُوچو وَهو اوڀار،
    • جيڏو تُنهنجو نانءُ ٻاجهه به اوڏيائي منڱا،
    • جيها سي تيها، مُون مَارُو مَڃيا،
    • اَکيُون عبداللطيف چَئي مَاڻڪ نه مَٽائِن،
    • سي چِلولا چَئجن، جي دَر دَر لَائِن دِلڙِي،
    • سَڄڻ ۽ سَاڻيهه، ڪَنهن اَڻاسِيءَ وِسرن
    • وِڇوڙي جا ڏِينهن، رَهِي رَهندا ڪيترا
    • تَنهن عِشق کي شَاباس، جَنهن محبتي ميڙيا.

    شاهه ڪريم جي شاعريءَ ۾ ڏسو:
    • مُٺ ڀيڙيائي ڀلي
    • پَاڻِي مَٿي جُهوپڙا، مُورک اُڃ مَرن.

    اهڙيءَ طرح شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ نيورو لنئگوسٽڪ پرگرامنگ مثبت انداز ۾ موجود آهي:
    • اعلان هزارين مان نه رڳو،
    • سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو.
    • لوڏ سامراج کي ڌوڏ سامراج کي
    • جڏهن کلندا ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين.
    • مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان

    اهڙيءَ طرح اسان جي ادب ۾ نثر به مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، امر جليل، جمال ابڙو، نسيم کرل، علي بابا، نجم عباسي ۽ ٻين ڪيترن اديبن جي ڪاميابي ۽ مقبوليت جو سبب ئي اهڙا جملا آهن، جيڪي لاشعور ۾ نوجوانن کي زندگي جي رومانس ڏانهن موٽائين ٿا. اهڙين ڪهاڻين جا عنوان ئي مثبت يا منفي لنئگوسٽڪ پروگرام بنجن ٿا. مثال؛ دل جي دنيا، منهنجي دل موئن جو دڙو، نيٺ گونگي ڳالهايو.
    پر ساڳي وقت اسان جي گهڻن اديبن محرومين جو رومانس، ڏکن جو رومانس، روئڻ پٽڻ جو رومانس به ڦهلايو. مثال امر جليل جي ڪهاڻي ”منهنجو پٽ مهدي“ ۾ محرومي ۽ غربت کي رومانٽڪ بنايو ويو آهي، جو هر نوجوان اهڙو ڪردار بنجڻ چاهيندو يا اهڙو انقلابي رومانس ڦهليل آهي، جو نوجوان اهڙي عشق ۽ انقلاب جي رومانس ۾ وڃڻ چاهيندو.
    اردوءَ ۾ ڪرشن چندر به اهڙو رومانس ڦهلايو هو. غدار،
    ان داتا، ميري يادون ڪي چنار (ناول)، وري ڪهاڻيون مسڪراني واليان، ايڪ پهول ڪي تنهائي ۾ هيرو جي المين جي رومانس، لاشعوري طور ماڻهو کي ريجهائي انهيءَ ڪردار جو حصو بنائي ٿو. ٿورو اسان غور ڪريون ته اسان جو اڄ جو نوجوان، صحافي رڙيون ڪرڻ، گهوڙا گهوڙا ڪرڻ ۾ اڳتي ڇو آهي؟ انهيءَ ڪري ته اشتراڪين جو طريقي ڪار اهو ئي هوندو هو، ته انقلابي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مطالبا ڀلي مڃيا به وڃن، ته به جدوجهد جاري رکڻ لاءِ رڙيون ڪرڻيون آهن، نوجوانن ۾ انقلاب جو رومانس ايترو ڦهلائڻو آهي، جو هو آرام سان جيل وڃن، ڦٽڪا کائن، ڦاهيون چڙهن، پر ڊپ نه ڪن، اهو ئي رومانس اسان کي ادب ۾ ملي ٿو ته، ڏک، محروميون ڪي الميا ناهن، پر جدوجهد جي لاءِ هٿيار آهن، تنهنڪري سماج آهستي آهستي محرومين جي رومانس ۾ وٺجي ويو. سنڌي قوم جي صحافت ۾ اهو عنصر توهان کي وڌيڪ نظر ايندو ته رڙيون ڪرڻيون آهن. حڪومت جي خلاف يا ڪنهن ڪمپني خلاف، يا ڪنهن اداري خلاف دٻاءُ پيدا ڪرڻو آهي. مسئلي جي نوعيت، خبر جي نوعيت، قانوني پيچيدگيون، اُصولن ۽ ضابطن جي نوعيت سمجهڻ کان بغير واويلا ڪرڻي آهي. نتيجي طور نيورو لنئگوسٽڪ پرگرام تحت سنڌي قوم جي لاشعور ۾ محروميءَ جو ۽ منفيت جو رجحان ويهي رهيو آهي. هاڻي سنڌي ماڻهو ڪنهن مثبت ڳالهه جي به آجيان نٿا ڪن، ڪنهن بهتر ڪم جي همت افزائي نٿا ڪن، انهيءَ صورتحال ۾ وري اڃا انفرادي محرومي بڇڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، مثال منهنجي ذهن ۾ جيڪا ڳالهه آهي، انهيءَ جي تجويز ڏيڻ بدران آئون گهوڙا گهوڙا شروع ڪريان ته هيئن ڇو نه ٿيو؟.
    اسان اديبن جي لاشعور ۾ ڇو ته اهي سڀئي مونجهارا موجود آهن، انهيءَ ڪري اسان ترتيب، اُصول، اخلاق، قانون، صبر، برداشت، پاڻ مڃڻ ۽ پنهنجو احتساب ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، بس هڪڙي ڳالهه تي زور آهي ته آئون صحيح آهيان. ٻيو اهو جيڪو مون سان سهمت آهي، باقي سب غلط آهن. اچو ته واويلا ڪريون، اسان پنهنجي قوم کي وڏو نقصان پيا ڏيون، اهڙي فضول واويلا ڪندي. توهان بگهڙ ڙي بگهڙ واري ڳالهه ٻڌي هوندي، روز گهوڙا گهوڙا ڪري، اسان احتجاج جي اهميت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ڪنهن حقيقي هاڃي خلاف گهوڙا گهوڙا ڪريون ٿا ته به اها نٿي ٻڌي وڃي.
    اسان وٽ منفي جملن جي ڀرمار ايتري آهي جو ماڻهو، لاشعوري طور طئي ٿيل ڪلچر ۽ ساخت جي پٺيان هلي ٿو. هن جي سوچ ۾ ماڻهو روبوٽ آهي، جنهن وٽ ڪو به احساس ناهي، ماڻهو جي انفراديت واري سوچ جي پٺيان سڀ هلن، يعني هر ماڻهو چاهي ٿو ته هن کي ئي صحيح سمجهيو وڃي، جيڪو هو چوي ٿو اهو ئي صحيح آهي، سنڌي اديب ۾ اهو خطرناڪ ڪلچر گهر ڪري ويو آهي ته هر وقت بغاوت ڪجي، هر وقت گهوڙا گهوڙا ڪجي، هر عمل ۾ ڪيڙا ڪڍجن، صرف ناڪار، بغاوت، ادارن ۽ شخصيتن ڏانهن نيگيٽو رويو، ڪم ڏانهن نگيٽو رويو، ڪنهن کي ڪم ڪرڻ هرگز ناهي ڏيڻو، ٻئي خلاف هر وقت بغاوت، بليڪ ميلنگ، دٻاءُ وجهڻ، پنهنجن مفادن جي پيروي ڪرڻ، بس صحيح صرف اهو آهي، جنهن ۾ سندس مفاد آهي، باقي سڀ غلط، جيترو ٿي سگهي ٻئي کي هيسائڻو آهي. اهو ئي ڪلچر وري صحافين جو آهي، اسان وٽ سنڌ جا 60 سيڪڙو صحافي ماستر آهن، جن اهو سکي ڇڏيو آهي ته ٻئي کي بليڪ ميل ڪيئن ڪجي، گهوڙا گهوڙا ڪيئن ڪجي!!!
    اصل ۾ سنڌي ماڻهو جو اهو نان پروفيشنل رويو انهي ڪري پيدا ٿيو آهي، جو حڪومتي ۽ رياستي سطح تي ڊسيپلين ناهي، سياستدان ڪرپٽ آهن، بيروڪريسي ڪرپٽ آهي، ادارن ۾ ڪم جي بجاءِ وڏيرڪو ڪلچر آهي، ڪميشن سسٽم عروج تي آهي، انهيءَ ڪري رڙيون ڪندي ڪندي، رڙيون ڪرڻ هڪ ڌنڌو ۽ رويو بنجي ويو آهي. اديب رڙ ڪئي ته ڪو سڻڀو گرهه ملي ويو، وري صحافي رڙ ڪئي ته ڪا هڏي ملي ويئي، بس اهو هاڻ ڪمائي جو ذريعو ٿي ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اديب يا صحافي سٺي ۽ خراب ۾ تميز ڪرڻ ڇڏي ڏني، ڪير صحيح آهي يا ڪو شريف ماڻهو آهي، ڪو ڪم جو ماڻهو آهي، انهن ڳالهين سان ان جو ڪو به سروڪار ناهي، هاڻ ڇو ته ڌنڌي جو سوال آهي ان ڪري ڪابه تميز ناهي ڪرڻي، بس رڙيون ڪريو، واڪا ڪريو، ماڻهن کي مُنجهايو، ابهام ۽ تضاد اڀاريو، مسئلا پيدا ڪريو، ڪوڙ ڳالهايو ۽ ايترا ته بهتان مڙهيو، جو عام ماڻهو منجهي پوي، سرڪاري سطح تي به هلچل ٿئي ته آخر ڇا مسئلو آهي؟ اڄ جو اديب پنهنجي سڃاڻپ ادب يا ريسرچ جي ذريعي نٿو ڪرائي، بلڪ ٻئي جي خلاف گهوڙا گهوڙا ڪندي، اجائي تنقيد ڪندي ڪرائي ٿو. سڀ اديب ائين ناهن، پر اڪثريت اها ئي آهي، هاڻي اديب ڪير؟ اديب اهو، جنهن ٻه ٽي آزاد نظم، ٻه ٽي غزل، هڪ اخباري ڪالم لکيو هجي، گهوڙا گهوڙا واري چنڊال چوڪڙيءَ ۾ سڃاڻپ پيدا ڪئي هجي، پوءِ ڪو خوبصورت ڪاغذ ۽ ٽائيٽل سان لکين رپين جي خرچ سان ڪتاب ڇپرائي، پنج تاري هوٽل ۾ پڌرائي ڪرائي ۽ ڪنهن حڪومتي وزير کان صدارت ڪرائي، اهو اديب آهي.
    پر واقعي ڪو اديب آهي ته ان کي ڪير ڪونه ٿو پڇي! اڄ ڪلهه لابيون ٺهڻ جو رواج آهي، تون مون کي سٺو چؤجان، آئون توکي سٺو اديب چوندس! هر جڳهه تي هڪٻئي جي حمايت ڪنداسون، اهڙي سنڌي ادبي سماج ۾ هڪ ٻي اهم روايت به موجود آهي. اها آهي خانداني روايت، يعني ڏاڏو اديب، پُٽ به اديب، ننهن به اديب، ڌيءَ به اديب، ڀاءَ به اديب وري احساس برتري ايتري، جو صرف اسان جو خاندان ئي سٺو آهي، اديب به اسان، ماهر به اسان، سنڌ جو درد به اسان کي، ٻيا اهي سٺا، جيڪي اسان جي خاندان تي قصيدا پڙهن.
    ان کان علاوه هڪ ٻيو رجحان اڀريو آهي، جيڪڏهن ڪو خاندان ۾ اديب ٿي پيو ته پويان ان کي ڪيش ڪرائيندا. انهيءَ تي پروگرام ٿيندا، ان جا ڪتاب ڇپجندا، وري انهن جي پڌرائي ٿيندي، وري انهيءَ ۾ جيڪي مقالا پڙهيا ويندا، اهي به ڇپبا وري انهيءَ جي مهورت ٿيندي. ڪو پنهنجي زال جي نالي پيو ڪتاب ڇپرائيندو، ته ڪو پنهنجي محبوبه کي شاعري لکي ڏيندو، ڪو وري هڪ مقالو لکرائي، ستن ملڪن ۾ سرڪاري خرچ سان اهو پڙهي ايندو. مطلب ”يا ڦٻئون يا ڦٻئون واري ڪار، ڪانهي ڪا ٻي تنوار“. توهان ٿورو غور سان سوچيو اسان ڪهڙي نفسياتي طور معذور ماحول ۾ رهي رهيا آهيون، جتي اسان جي چوڌاري ائبنارمل ڪردار آهن. هتي وڏا اديب، وڏا قوم پرست، سنڌي ٻوليءَ جا خيرخواه، اسڪالر الائي ڪهڙا ڪهڙا نالا ملن ٿا، پر ٿورو غور ڪريو، انهن مان گهڻن جي گهرن ۾ سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي؟ انهن جا ٻار به اردو ڳالهائن ٿا. گهڻن قوم پرستن، اديبن جون ڌيئر يا پُٽ پنجابين ۾ پرڻيل آهن؟ گهڻن جا ٻار آمريڪا، ڪئنيڊا، آسٽريليا ۾ آباد ٿيل آهن، هنن سڄي زندگي ڪمايو، قوم پرستيءَ جي نالي، ادب جي نالي، ڀٽائي جي نالي، هاڻي سندن سڄو ڪٽنب ٻاهر منتقل ٿي چُڪو آهي، جيڪي سنڌي ٻولي بچائڻ نڪرندا آهن، اڪثر انهن جي ٻارن کي سنڌي نه ايندي آهي. ڇا تماشو آهي،! پر اسان جي نيرو لئنگئيج پرگرامنگ ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري صرف سنڌ جي ڪنهن ڳالهه ڪئي ته اسان تاڙيون وڄائيندا آهيون.


    6. شهري قدرن جي سکيا نه هجڻ

    هڪ ٻيو اهم مسئلو، جيڪو ان سان جڙيل آهي، اهو آهي شهري قدرن جو (Civic Sense). ايڪهين صديءَ ۾ آهستي آهستي ٻهراڙيءَ جو درو ختم ٿي رهيو آهي، تازي (2017ع) واري آدمشماريءَ جا نتيجا سامهون آيا آهن، جن مطابق سنڌ ۾ هاڻي سٺ سيڪڙو ماڻهو شهرن ۾ رهن ٿا ۽ حقيقت به اهائي آهي، باقي جيڪي چاليهه سيڪڙو ماڻهو ٻهراڙيءَ ۾ رهن ٿا، انهن مان به اڪثر ٽي وي، ڪيئبل يا ڊش ائنٽينا، موبائل فون، ڪمپيوٽر، واشنگ مشين، فرج ۽ ايئرڪنڊيشنڊ استعمال ڪن ٿا، سواءِ سٺن اسڪولن جي، اسپتالن جي، روڊن جي يا بجليءَ جي، باقي اليڪٽرونڪ شين ۾ ٻهراڙي به خود ڪفيل آهي. هاڻي ٿورو غور ڪريو، ماڻهو شهرن ۾ اچي ويا، انهن کي جهل نڪا پل، جڏهن چاهين شهرن ۾ اچي آباد ٿين، انهيءَ جو سبب اهو آهي ته ٻهراڙيءَ ۾ سٺا اسڪول ۽ يونيورسٽيون ناهن، بجليءَ جي فراهمي درست ناهي، روزگار جا ذريعا ناهن، انهيءَ ڪري ٻهراڙيءَ جا ماڻهو تيزيءَ سان شهرن جو رُخ ڪن ٿا. پر ٻهراڙيءَ جا قدر ۽ شهري قدر الڳ الڳ آهن، جن جي اڄ جي نوجوان کي ڪا به خبر ناهي، نه ته هن جي تربيت ٿئي ٿي، نه هن کي اخلاقيات پڙهائي وڃي ٿي. گلوبل وليج جي ڳانڍاپي کان پوءِ ٻهراڙيءَ جي نوجوان مان قدر تيزيءَ سان گم ٿي رهيا آهن. رشتن ۾ ڏار پئجي رهيا آهن، ڇو ته پهرين محدود سماج هو، معلومات جا ذريعا گهٽ هئا، ماڻهو ۾ ساڃاهه هئي، اڳيان قدر موجود هئا، ننڍي وڏي جو حياءُ هو، صبر، برداشت جي قوت هئي، ماڻهو ۾ سهپ هئي. هاڻي ماڻهو بي حيا ٿي پيو آهي، دولت جي نمائش، دولت مندن جون عياشيون ڏسي، هوش مان نڪري ويو آهي. هاڻي موجوده نظام جي مطابق ماڻهو سمجهي ٿو ته زندگيءَ جو مقصد صرف دولت هٿ ڪرڻ آهي، ’صحيح‘ ۽ ’غلط‘ پنهنجي معنيٰ وڃائي چُڪا آهن، هاڻي ڳوٺن جا ڪٽڪ تيزي سان شهرن جو رُخ ڪن پيا.
    ڳوٺن ۾ سڀ هڪٻئي کي سڃاڻين، ڪير بي حيائي ڪندو ته جلدي خوار خراب ٿيندو. محدود ماحول آهي، سڀ هڪٻئي کي سڃاڻين، پر شهر ۾ ڪير ڪنهن کي نٿو سڃاڻي ڀلي پاسي ۾ ڇو نه رهندو هجي، تنهن ڪري چوري ڪجي، ٺڳي ڪجي، عورتن سان بدتميزي ڪجي، ڪجهه به ڪجي، پر هتي ڪير نٿو سڃاڻي. شهر ۾ ڪو به خانداني ناهي، جنهن وٽ دولت آهي، اهوئي خانداني آهي. هاڻي شهرن ۾ گلوبل وليج واري ڪلچر ۾ ماڻهن پئسو جام ڪمائي ورتو، هائبرڊ ٻجن جي ڀرمار، زميندارن کي امير ڪري ڇڏيو. شهرن ۾ ڪلارڪن، آفيسرن کي رشوت ۽ ڪميشن جام ملي ٿي، اهي ڪروڙ پتي ٿي پيا، پر زندگي گذارڻ جا قدر ڪٿان اچن، پوءِ ڍاوا حرام جي پئسن مان عياشيون ڪرڻ، عمرا ڪرڻ، تفريح ڪرڻ، پنهنجي سنگت ۾ مزا ڪرڻ ۾ گم آهن، سندن بيگمات وري پارٽيون، شاپنگ ۽ بيوٽي پارلرن ۾ وقت گذارين ٿيون. هنن وٽ هڪٻئي جون گلائون ڪرڻ، هڪٻئي تي رعب ويهارڻ جهڙا موضوع هوندا آهن، انهن جو اولاد ناجائز پئسي تي مست هوندو آهي، انهن کي دنيا جون سڀ آسائشون مهيا ڪري ڏنيون وينديون آهن، جن تي اهو اولاد بدمست ٿي ڏوهه ڪندو آهي، هاڻي ان طبقي کي شهري قدرن جي ڪابه خبر ناهي. هو سمجهن ٿا، شهر ۾ هنن جو حق آهي ته هو بدمستيون ڪن، تنهن ڪري ٻئي جو احترام، پاڙي واري جو خيال، روڊ تي ڪيئن هلجي، ڊرائيونگ ڪئين ڪجي، خريداري ڪيئن ڪجي، ڪابه خبر ناهي، هن کي صرف ٻئي تي رعب ويهارڻو آهي، ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻو آهي.
    اسان جي ملڪ جو ڊسيپلين خراب ڪرڻ ۾ سياستدانن جو وڏو هٿ آهي، ڇو ته سياستدان کي رات وچ ۾ ارب پتي، کرب پتي، پوءِ دنيا جي وڏن دولتمندن جو مقابلو ڪرڻو آهي، ان ڪري سياستدانن کي ڪو به نظام نه کپي، ڪو به ڊسيپلين نه کپي، ناجائز ڪم ڪرڻا آهن ۽ ماڻهن جا ناجائز ڪم ڪرائڻا آهن. اڪثر سياستدانن وٽ ڏوهاري ماڻهن جو هڪ وڏو جٿو هر وقت موجود هوندو آهي، جنهن کي سياستدان پاليندو آهي. اهو کيس اليڪشن کٽرائڻ ۾ مدد ڪندو آهي. انگريزن جي دور ۾ باقاعده CIVIC SENSE جو تصور هو. هڪ دفعي گل حسن ڪلمتي پنهنجي ليڪچر ۾ هڪ اهم ڳالهه ٻڌائي ته: انگريزن جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ پٺاڻ جي اچڻ تي پابندي هئي، پر اڄڪلهه ته هر شهر ۾ هر ماڻهو کي اچڻ جي ۽ آواره گردي ڪرڻ جي اجازت آهي.


    7. هيروازم

    اسان وٽ هڪ وڏو خطرناڪ ڪلچر هيرو هيروئن جو ڦهليل آهي، جنهن ۾ افلاطوني پيار اهم آهي. انهن جو الميو سڄي دنيا جو الميو آهي. اسان جون فلمون، اسان جا ڊراما، اسان جون ڪهاڻيون، ناول، شاعري اهڙا هيرو پيش ڪندا، جيڪي عشق جي انوکي ڪيفيت ۾ ورتل آهن، ٻيا سڀ سائيڊ ڪردار آهن، يا وِلن آهن، هيرو اهم آهي، جيڪو وڏو سورمو آهي، اهو عشق ۾ سچو آهي، سندن محبت پاڪ آهي، وري جديد دور ۾ اسان جا ڊراما، جيڪي وڏا الميا پيش ڪندا آهن، اهي ڪنهن ڇوڪريءَ جو ڇوڪري سان عشق هوندو، هوءَ انهيءَ ۾ چري هوندي، ڇوڪري جي شادي ٻئي سان پئي ٿئي، سڄو ڊرامو اهڙي دنيا ڏيکاريندو، جنهن ۾ دنيا جو وڏو مسئلو ڇوڪريءَ جو عشق آهي، دنيا جي وڏي ٽرئجڊي عشق آهي. اسان جي نوجوانن جي لاشعور ۾ اهڙا ڪردار کين محدود ڪري ڇڏين ٿا، جن جي زندگيءَ جو وڏو مسئلو ۽ زندگيءَ جو اهم جوهر عشق ڪرڻ ۽ انهيءَ کي حاصل ڪرڻ هوندو آهي. وري اسان جي جديد ميڊيا نوجوان پريمي جوڙا متعارف ڪرايا، جيڪي سماج جا وڏا واقعا ڪري پيش ڪيا ويا. موسيقيءَ ۾ آوارگي، ڇڙواڳي، پروگرامن ۾ اڌ گابرا اردو ۽ سنڌي جملا، فحش نگاري اهڙن اينڪرپرسن کي جنم ڏنو، جن کي ماڻهو گهر ويٺي هيرو سمجهڻ لڳا. اهي ماڻهن جو آئيڊيل بنجي ويا، ماڻهو سٺا ڊاڪٽر ڪٿان ٿيندا؟ سٺا انجنيئر ڪٿان ٿيندا؟ سائنسدان ڪٿان پيدا ٿيندا؟ سٺا ايماندار واپاري پيدا ڪونه ٿيندا، سٺا استاد پيدا ڪونه ٿيندا، سٺا انسان پيدا ڪونه ٿيندا، هن وقت جو ميڊيا ۽ ادب ٻڌائي ٿو ته دنيا جو وڏو مسئلو ته عشق آهي، اهو به ڇوڪري جو ڇوڪريءَ سان، ان ۾ هو چريا هجن، اها ئي وڏي ٽرئجڊي آهي، ته پوءِ جيڪڏهن مقابلي جو امتحان پاس ڪري اسان ڊپٽي ڪمشنر به ٿياسين ته ڇا ڪنداسين؟ ڪنداسين ته عشق نه، نه ته هيرو نٿا ٿي سگهون. ٻئي طرف موبائل ڪلچر ۽ انٽرنيٽ جي وسيلي، اسان جا گهر ۽ اسان جي ذاتي زندگي عيان ٿي ويئي آهي، جيڪي شريف گهر هئا، جن جون نياڻون ڪڏهن ٻاهر به نه نڪتيون، اهي اڄ موبائل ذريعي عشق ۾ مبتلا ٿي ڀڄي رهيون آهن، طلاقن جو سيڪڙو وڌي رهيو آهي، بزرگي ختم ٿي رهي آهي، ڇيڳرپڻو وڌي رهيو آهي.
    ٻارن کي ننڍي هوندي کان جنسي سرگرميون، جنسي رانديڪا، گڏين جو لباس جيڪو جنسي نمائش ڪندو هجي، ڪارٽونن ۾ جنسي ڏيکاءُ، ننڍي هوندي کان ٻارن جي ذهنن ۾ جنس جو اتساهه ويهاري ڇڏي ٿو. ٻار ننڍي هوندي ئي اسڪول ۾ يا خاندان ۾ گرل فرينڊ يا بواءِ فرينڊ ٺاهڻ شروع ڪري ٿو. يعني مڪمل لاشعوري طور مارڪيٽ جي گرفت ۾ اچيو وڃي، نتيجو اهو ٿو نڪري جو ماڻهو صرف روبوٽ بنجي جيئي ٿو. هو اهو ئي ڪجهه ڪري ٿو، جيڪو سندس لاشعور ۾ مارڪيٽ وجهي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري توهان کي اهڙا هزارين ڪردار ملندا، جيڪي ڪنهن مثبت ڪم جا ناهن، رڳو پاڻ وڻائڻ، پاڻ پڏائڻ، ٻئي جي گلا ڪرڻ، صبح جو گهر کان نڪرندا رڳو دنيا کي آزارڻ لاءِ وري بستري تي ڊهندا ٻئي کي آزارڻ لاءِ. مطلب ته تعميري ڪم جا ماڻهو نه رهيا آهن. هڪ نسل رڳو آوارگي کي زندگي سمجهي ٿو، اُهي فاسٽ فوڊ کائيندي، جنسي حرڪتون ڪندي، روڊن تي گاڏين کي ڊوڙائيندي زندگي گذارين ٿا.
    نيورو لينگوئسٽڪ پروگرامنگ جڏهن منفي انداز سان ڦهلايو وڃي ته ماڻهو سڀني انساني روين (سماجي، تعميري، صبر، برداشت، ڪهل، پيار، ڀائپي، عزت ڏيڻ،) کي ڇڏي خونخوار بنجي جيئندو، جيڪو هر طرح سان ماڻهن کي آزاريندو، ڪرپٽ به ٿيندو، حاسد، گلا خور، مَ سهپ، تنگ نظر، ڏهاري ذهنيت رکندڙ ٿيندو.


    8. انڪار جي اهميت

    ڪجهه لفظ ۽ ڪي عمل روز مره جي زندگي ۾عام حيثيت رکن ٿا. بظاهر سڄي ڪائنات عام شيءِ لڳندي آهي، پر ٿورو غور ڪيو وڃي سوچ ويچار ڪئي وڃي، ته هر عمل هر لفظ هر علامت پٺيان پيچيده راز ۽ اسرار موجود هوندا آهن.
    ايئن هڪ عمل جنهن جو لفظي روپ انڪار آهي، عام طور سان اسان گهڻن ڳالهين سان سهمت به ٿيندا آهيون ۽ گهڻن ڳالهين کان انڪار ڪندا آهيون. ڇا توهان سوچيو آهي ته اسان انڪار ڇو ڪندا آهيون؟ انڪار پٺيان ڇا هوندو آهي؟
    فطري طور سان انسان تجسس ڪرڻ ۽ سوچڻ جي صلاحيت رکي ٿو. انسان هميشه پيچيده رازن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. هڪ طريقي جو تعلق انڪار سان آهي. انڪار ۽ ”نه“ ۾ فرق آهي نه جو تعلق ضد يا انا سان آهي. صرف ”نه“ بنيادي طرح نفسياتي مونجهارن مان جنم وٺي ٿي، جنهن جي پٺيان منفي ضد آهي، جنهن جو تعلق علم سان نه، پر شخصي مونجهارن سان آهي. لازمي ناهي ته هر انڪار پٺيان علم هجي، پر جستجو علم ضرور آهي. جنهن انڪار جي پٺيان دليل ناهي، علمي جستجو ناهي، اهو صرف ”نه“ آهي، پر انڪار جو تعلق چئلينج سان آهي، شڪ ڪرڻ سان آهي، عقل سان آهي، دليل سان آهي، تجزئي سان آهي. ياد رهي علم ۽ عقيدي ۾ فرق آهي. روزمره زندگي ۾ اسان جو گهڻين ڳالهين تي صرف يقين هوندو آهي انهن جي باري ۾ اسان شڪ نه ڪري سگهندا آهيون. مثال طور: دين جو مسئلو، خانداني قدرن جو مسئلو، ايمان، ڪرامتون، معجزا وغيره. انهن سڀني ڳالهين تي اسان جو يقين هوندو آهي، ايمان هوندو آهي.
    پر علم جو بنياد شڪ تي رکيل آهي. علم جو مطلب اڃا به تحقيق ڪري سگهجي ٿي ۽ اها گنجائش هميشه رهندي آهي. علم انفرادي صورت ۾ انسان جي وجود جي حيثيت مڃرائيندو آهي ۽ وجود جي حيثيت جو اعلان انڪارسان به ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ سچائي کي تلاش ڪرڻ جي جستجو جاڳندي آهي ۽ سماج ترقي ڪندو آهي پراڻن قدرن مفروضن کان انڪار جي نتيجي ۾ نوان قدر جنم وٺندا آهن. ماضي ۽ مستقبل جي باري ۾ انسان سوچڻ لڳندو آهي. فطرت جي انڌن قانونن خلاف جنگ ڪندو آهي، پنهنجي وجود جي بقا لاءِ محنت ڪندو آهي.
    انڪار جيڪو انسان ڪڏهن فطرت جي اصولن جي خلاف ڪندو آهي. ڪڏهن سماج جي فرسوده ۽ غليظ قدرن خلاف بغاوت ڪري ڪندو آهي، ڪڏهن ڪوڙ کان انڪار ڪري سچائي جو اعلان ڪندو آهي. انسان جيترو باشعور هوندو اوترو ئي ان ۾ انڪار جي جرئت هوندي. دنيا ۾ ڪيئي اهڙيون شخصيتون گذريون آهن، جن انڪار ڪري پنهنجي شخصي آزادي برقرار رکي آهي ۽ سچائي کي مڃرايو آهي.
    يوناني ميٿالوجي ۾ پروميٿس ديوتا انڪار ڪيو ۽ زيوس جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي ۽ انسان کي باهه جو استعمال سيکاريو ۽ انهيءَ انڪار جي نتيجي ۾ پروميٿس کي سزا ملي ته هو سڄي عمر ڪوهه ڪاف جبل تي ٻڌل رهندو ۽ هڪ پکي سندس جگر صبح کان شام تائين کائيندو رهندو. اهو ڪردار ڪارل مارڪس جو پسنديده ڪردار هو. ڇو ته مارڪس خود فرسوده طبقاتي نظام کان بغاوت ڪئي ۽ هڪ نئون عالمي نظام ڏنو. سندس چوڻ هو ته هڪ محنت ڪش صبح کان شام تائين محنت ڪري ٿو ۽ استحصال جو شڪار رهي ٿو، ڄڻ ته هو پروميٿس ديوتا جو ڪردار ادا ڪري ٿو.
    ڪو پرنيڪس انڪار ڪيو، بطلوموسي جي پراڻي نظام شمسي کان ۽ هڪ نئون نظام شمسي ڏنو سقراط انڪار ڪيو سماجي روايتن کان، هٿ ٺوڪي ديوتائن کان ۽ زهر جو پيالو پي علم کي اجاگر ڪيو، پر شخصيت کي جهڪڻ نه ڏنو، ڇو ته انڪار جو تعلق ڄاڻ سان آهي. ڪجهه نه ڪجهه انڪار پٺيان ضرور هوندو آهي. مسلم ميٿالوجي ۾ شيطان انڪار ڪيو ته مان سجدو نه ڪندس، جنهن جو هن دليل ڏنو ته عبادت جي لائق صرف خدا آهي ۽ منهنجو محبوب خدا ئي آهي، خدا کانسواءِ ڪو به سجدي جي لائق ناهي، چاهي ان لاءِ مون کي خدا جي نافرماني ڪرڻي ڇو نه پوي. شاهه لطيف شيطان جي انڪار کي لازوال عشق سڏيو آهي ۽ ساراهيندي چيو آهي ته:

    عاشق ته عزازيل، ٻيا مڙئي سڌڙيا،
    منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو.

    حوا ۽ آدم انڪار ڪيو ۽ اهو منع ڪيل ميوو کاڌو، جنهن جي نتيجي ۾ اهي ٻئي جنت مان تڙجي ويا. ڏٺو وڃي ته مسلم ميٿالوجي مطابق آدم جو انڪار شيطان جو انڪار ئي سبب بنيا آهن، هن ڌرتيءَ تي ڪاروهنوار جا ۽ ڪائنات جي علم جو سبب اهو انڪار ٿو بنجي.
    اسان اڃا به آسان لفظن ۾ سمجهون ته هڪ ماڻهو جي سامهون ميز رکيل آهي ۽ ان کي خبر آهي ته هي ميز آهي يعني ان بابت ڄاڻ اٿس ۽ ان ماڻهو کي جيڪڏهن چيو وڃي ته هي ڪرسي آهي ته هو انڪار ڪندو ته نه هي ميز آهي، ڪرسي ناهي، ڇو ته هن کي علم آهي ته ميز ڇا آهي ۽ ڪرسي ڇا آهي! پر جيڪڏهن خبر نه هجي، ميز ۽ ڪرسي ڪهڙيون شيون ٿينديون آهن ته پوءِ هن لاءِ انڪار جي گنجائش نه رهندي، مطلب اهو ته علم ئي آهي، جيڪو جرئت انڪار پيدا ڪري ٿو. ڪوڙ کان غلط روايتن کان اهڙي طرح سان جيستائين فطرت جا راز نٿا کلن، تيستائين علم جا دليل طاقتور نٿا ٿين ۽ ماڻهو اڻ ڄاڻ ۽ انڌن عقيدن جي پٺيان لڳن ٿا ۽ جاهل رهن ٿا. ياد رهي ته جاهليت، غلامي ۽ اطاعت سيکاري ٿي، پر علم بغاوت ۽ انفراديت جاڳائيندو آهي. سچائي جو رستو ڏيکاريندو آهي ۽ سچائيءَ جي جستجو لاءِ انڪار جي جرئت هئڻ ضروري آهي، جيڪا قوم آزاد رهڻ چاهي ٿي، سماج کي انسانيت پسندي ڏانهن وٺي وڃڻ جا خواب ڏسي ٿي، ان کي سڀ کان پهرئين علم حاصل ڪرڻو پوندو ۽ علم ئي انڪار جي جرئت پيدا ڪندو آهي.


    9. پيار جو تصور

    عام طور تي اسان وٽ پيار جو جذبو تنگ نظريءَ جو شڪار هوندو آهي، جنهن سان پيار ڪجي ان کي ٻيو ڪير نه ڏسي، اهو صرف توهان جو ٿي رهي، ان جي شخصيت توهان جي تابع هجي، وري پيار مان مراد ڪو ’الاهي جذبو‘ سمجهيو ويندو آهي، جيڪو ٿي ويندو آهي، ماڻهو مجبور ٿي ويندو آهي، پيار ۾ ماڻهو غرق ٿي ويندو آهي، پيار ۾ فنا ٿي ويندو آهي، پيار ۾ ڪو حساب ڪتاب، ڪا سوچ ويچار ڪم نه ايندي آهي، پيار نه ٿئي ته توهان ڪجهه به ڪري بيهي رهو، نه ٿيندو، پر جي ٿي وڃي ته توهان ختم نٿا ڪري سگهو. اسان وٽ ايشيا ۾ خاص ڪري هندستان ۽ پاڪستان ۾ پيار جو اهو تصور صدين کان هلندو ٿو اچي. ڇا واقعي پيار ڪو اهڙو جذبو آهي؟ ٿورو غور ڪنداسين ته اسان وٽ عشق جو هڪ ٻيو تصور به موجود آهي. اسان جي صوفين عشق جو ذڪر عام جام ڪيو آهي:

    ايمان سلامت هر ڪوئي منگدا
    اسان عشق سلامت منگي.

    هاڻي ٿورو غور ڪنداسين ته عشق الڳ آهي، پيار الڳ آهي، مغرب ۾ عشق جو تصور ناهي، اتي صرف پيار جو تصور آهي. صوفي چون ٿا: عشق اهو جذبو آهي، جيڪو ماڻهو کي عاجزي، انڪساري ۽ هيٺاهين ڏانهن وٺي ويندو آهي، ماڻهو پنهنجو پاڻ کي محبوب اڳيان سرينڊر ڪندو آهي، عشق ڏاڍو اڻاگو آهي، جنهن ۾ سسي نيزي پاند اُڇل ته اڌ ٿئي. معنيٰ درد جي شروعات ٿيندي آهي، ماڻهو کي جڏهن درد ملندو آهي، ته ماڻهو سوچڻ شروع ڪندو آهي، ماڻهو کي جڏهن درد ملندو آهي ته ماڻهو ۾ تحرڪ ايندو آهي، ماڻهو جدوجهد ڪندو آهي، ماڻهو کي پنهنجي ۽ پرائي جي سڃاڻپ ملندي آهي. صوفين جو خيال آهي ته ماڻهو هڪ وحدت جو ڪثرتي جُز آهي، سندس زندگي خود هڪ وڇوڙي جي علامت آهي، تنهن ڪري عشق جو وڇوڙي سان گهرو تعلق آهي، جڏهن مجازي عشق جو درد ملندس ته چڻگ دکندي، جيڪا اڳتي هلي ڀنڀٽ ٿي مچندي، اهو ئي جذبو اڳتي هلي الاهي عشق ۾ تبديل ٿي ويندو، تنهن ڪري صوفي چوندو آهي ’عشق مبارڪ‘ انهيءَ رمز کي بقول صوفي جي ته بيان نٿو ڪري سگهجي.
    ٿي سگهي ٿو اسان وٽ جيڪو عشق جو فلمي تصور پيدا ٿيو آهي، اهو مجازي عشق وارو هجي، جيڪو اسان صوفين کان ورتو هجي، پر حقيقت ۾ سماج ۾ اسان کي ڪهڙي پيار جي ضرورت آهي، اهو سمجهي ڇڏڻ ضروري آهي.
    جديد مغربي ليکڪن پيار جي وصف بلڪل انهيءَ جي ابتڙ ڏني آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ايرڪ فراهم جو مشهور ڪتاب “The Art Of Loving” ڪافي شهرت ماڻي چڪو آهي، جنهن جا ڪجهه مشهور جملا آئون هيٺ ڏيان ٿو:

    • “Love is a decision, it is a judgment, and it is a promise.. ..
    • “Love isn't something natural.. ..
    • “Paradoxically, the ability to be alone is the condition for the ability to love.”
    • “The main condition for the achievement of love is the overcoming of one's narcissism.

    ايرڪ فراهم پيار جي باري ۾ چوي ٿو ته: پيار هڪ سوچيل سمجهيل فيصلو آهي، هڪ تميز آهي، هڪ واعدو آهي، پيار ڪو الاهي ناهي، پيار اڪيلو رهڻ ۽ گڏجي رهڻ جي هڪ صلاحيت آهي، پيار اها صورتحال آهي، جنهن ۾ ماڻهو جي خود پسندي شڪست کائي ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳندي آهي.
    وري ٻي جڳهه تي چوي ٿو:

    “Love isn't something natural. Rather it requires discipline, concentration, patience, faith, and the overcoming of narcissism. It isn't a feeling, it is a practice.”
    Erich Frohm, The Art of Loving

    پيار ڪا قدرتي شيءِ ناهي، اهو هڪ مضبوط ڊسيپلين آهي، جنهن ۾ ڌيان، صبر ۽ اعتبار جي ضرورت آهي. پيار غرور ۽ خودپسنديءَ کي ختم ڪري ٿو، پيار محسوس ڪرڻ جو نالو ناهي، پر هڪ عمل آهي، ته جڏهن ڪو چوي ٿو ته ”آئون فلاڻي کان بغير نٿو رهي سگهان“ ان جو مطلب ته هو نفسياتي طور ٻئي تي انحصار ڪرڻ جو عادي آهي، هو پاڻ خودمختيار ناهي ۽ جيڪو پاڻ آزاد ناهي، خودمختيار ناهي ته پوءِ پيار ڇا ڪندو؟ تنهن ڪري پيار مڪمل خودمختياريءَ کان پوءِ هڪ صحتمند چونڊ جو نالو آهي. يعني ٻه وجود آزاد خودمختيار هڪٻئي کان الڳ رهي سگهن ٿا، پر انهن اها چونڊ ڪئي آهي ته هڪٻئي سان گڏ رهندا. اصل ۾ پيار جي شروعات اتان ٿئي ٿي، اهڙي پيار کي عمل چئبو آهي، جنهن جي شروعات ٻئي جي سنڀال (Care) ٻئي جي واڌ (Growth) ٻئي جي خوشي ۽ ناخوشيءَ جو خيال رکڻ، ٻئي جي ڏک ۽ سک ۾ حال ڀائي ٿيڻ، ٻئي لاءِ سٺو سوچڻ سان ڪئي ويندي آهي، پر جيڪو پيار ٿي ويندو آهي ان ۾ مفاد آهي، ان ۾ جنسي جذبو شامل آهي، اهو پيار محدود آهي.
    ڏسو اسان پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ سان به محبت ڪندا آهيون، اسان پنهنجي ڀيڻ يا ڀاءُ سان به پيار ڪندا آهيون، اسان پنهنجي دوستن سان به پيار ڪندا آهيون ته ڇا اسان اهو چوندا آهيون ته اسان انهن جي پيار ۾ مبتلا ٿي پيا آهيون، يا ٿڌيون آهون ڀري پيا گهوڙا يا حسين ڪندا آهيون، نه اسان صرف انهن جي سار سنڀال ڪندا آهيون، انهن جو خيال رکندا آهيون، انهن سان حال اوريندا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ يا ڇوڪري سان ڪو پيار ٿئي ٿو ته ان کي به اهڙيءَ طرح عزيز رکجي، جو هن جي عزت ڪجي، هن سان ڏک سک ونڊجي، هن جي شخصيت کي اڳتي ترقي ڪرائڻ لاءِ رستا هموار ڪجن يا هن جي شخصيت جي نشو نما لاءِ هن جو اعتماد بحال ڪجي.هن کي پنهنجي پيرن تي بيهارجي.

    پيار جي تصور تي هڪ ٻيو ڪتاب ايم اسڪاٽ پيڪ
    (M. Scott peck) جو لکيل آهي، جنهن جو نالو آهي The road Less Travelled هن ڪتاب ۾ پيار جي وصف، اسان واري پيار جي عام تصور کان مختلف آهي:
    The first is that the experience of falling in love is specifically a sex –linked erotic experience. we do not fall in love with our children even though we love them very deeply we do not fall in love with our friends of the same sex –unless we are homosexuality oriented-even though we are consciously or unconsciously sexually motivated. The second problem is that the experience of falling love is invariably temporary.
    مون انهيءَ سڄي صورتحال کي مٿي بيان ڪيو آهي، ڇا عشق جي ڪيفيت ڪو دوکو آهي يا اهو حقيقي ناهي؟ ڇا پيار جو تصور صرف مغربيت وارو صحيح آهي؟
    بلڪل ائين به ناهي. اهو ته مغرب وارا به مڃن ٿا ته جسماني پيار مڪمل پيار ناهي، بلڪ ڪنهن وڏي آفاقي پيار جي شروعات آهي. جنسي عمل کي گهڻن مڪمل مراقبي جو نالو ڏنو آهي، جنهن وسيلي ماڻهو وجود جي بوريت، تلخي، ڪروڌ، مان جند ڇڏائي، ٿانيڪو ٿئي ٿو. ساڳي وقت وجود جي ٿڪاوٽ، بي تڪائيءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ به جنسي عمل مدد ڪري ٿو، هڪ صحتمند جنسي عمل صحتمند هئڻ لاءِ ضروري آهي.
    پر عشق جنسي عمل کان شروع ٿي، روحاني وحدت جي سفر ۾ داخل ٿئي ٿو. عشق دنياداريءَ کي پاڻ سان نٿو کڻي سگهي، تنهن ڪري اسان دنيا ۾ رهي پيار ڪري سگهون ٿا. ان مان هڪڙي ڳالهه ته واضح ٿي ويئي ته عشق جو تصور الڳ آهي ۽ پيار جو الڳ آهي. پيار هڪ سالم دماغي عمل آهي، پر عشق ۾ ماڻهو وس ۾ نٿو رهي، جنهن ڪري پيار جو تعلق شعور سان آهي، پيار هڪ فن آهي، جيڪو سکڻ جي ضرورت آهي، پيار هڪ انساني روش آهي، جنهن لاءِ علم جي ضرورت آهي.
    آخر پيار جو يا عشق جو جنس سان ڪهڙو تعلق آهي. ؟؟ جڏهن اسان جنس جي ڳالهه ڪريون ٿا، اسان ڪائنات جي بنيادي نُڪتي جي ڳالهه ڪريون ٿا. حضرت آدم عليه السلام کي ڌرتيءَ تي لاٿو ويو، ڇوجو هن جو جنسي شعور بيدار ٿي ويو. توها ن ٿورو سوچيو ته جنت ۾ يڪسوئي آهي، جيئڻ جو هڪ طويل سلسلو آهي، جنهن ۾ ڪا به تبديلي ناهي، آدم کي جنسي لذت جو شعور اچي ويو، جيڪو عمل خود هڪ وڏي تبديليءَ جو بنياد آهي، ملڻ ۽ وڇڙڻ جو سلسلو آهي، عروج ۽ زوال جو سلسلو آهي، اهو جنت ۾ نٿو ٿي سگهي، اتي مادي طور نٿو رهي سگجهي، جنهن ڪري انهيءَ عمل لاءِ صرف ڌرتي منتخب ڪئي ويئي. جڏهن آدم ڌرتي تي لٿو ته هو ’حوا‘ کي ڳوليندو رهيو، آخر جڏهن دعا قبول ٿيس ته واپس جنت ۾ ڇو نه گهرايو ويو، يا اها دعا ڇو نه گهريائين ته مون کي جنت ۾ واپس گهرائي وٺ، پر دعا اها گهريائين ته حوا سان ملائي ۽ باقي زندگي ڌرتي تي گذاريائين. ان جو مطلب ته دنيا جو بنياد جنس تي رکيل آهي، دنيا جي زندگيءَ جو بنياد جنس تي آهي، توهان ٿورو غور ڪريو، دنيا جي هر ڪرت جنسي عمل تي ٻڌل آهي، معنيٰ زندگيءَ جو بنياد جنس کان ٻاهر ناهي، انهيءَ ڪشش سان ماڻهو جو پاڻ ۾ لاڳاپو ٿئي ٿو، رشتا ناتا ٺهن ٿا، پر عشق صرف جنسي عمل تي نٿو گهمي، صرف جنس جو بنياد عشق ناهي، اهڙيءَ طرح پيار به صرف جنسي عمل جي چوڌاري نٿو گهمي.

    عشق جي بنياد ۾ هيٺيان محرڪ بنيادي آهن:
    • اڌوري ذات.
    • پاڻ کي تسليم ڪرائڻ جي خواهش
    • پنهنجي خوديءَ جو بار سرينڊر ڪرڻ جي خواهش
    • پنهنجي آزاديءَ جو بي پناهه وجدان جو ٻوجهه ٻئي تي رکڻ جي خواهش
    • ڪنهن نئين دنيا نئين ڪائنات کي تسخير ڪرڻ جي خواهش
    • بي خوديءَ ۾ وڃڻ جي خواهش
    • جنسي پيار جي خواهش
    هاڻي اسان غور ڪنداسين ته انسان جي ذات اڌوري آهي، وجود خواهش ڪري ٿو معنيٰ مڪمل ناهي، جي مڪمل وجود هجي ها ته ڪا خواهش نه ڪري ها، خواهش جو مطلب ته ڪنهن شيءِ جي موجود ڪرڻ جي ضرورت، جيڪا موجود ناهي. معنيٰ کوٽ جي نشاندهي، اها کوٽ ڪڏهن به پوري نٿي ٿئي، ماڻهو مڪمل نٿو ٿئي. آخر ڇو؟؟ ڇو ته هن جو ڪوبه جوهر ناهي، ڪو به سبب کڻي ماڻهو نه آيو آهي، ماڻهو پهرين پنهنجو سامهون ڪري ٿو، پوءِ پنهنجو مقصد ٺاهي ٿو، ڇو ته ڪو به مقصد هن جي ذات جو متحمل ناهي، انهيءَ ڪري مقصد ثانوي آهي. مقصد پوري ٿيڻ کان پوءِ وري ٻيو مقصد، وري ٽيون مقصد، اهڙيءَ طرح اهو سلسلو سڄي زندگي هلندو رهي ٿو، ڪڏهن به اها اُڃ نٿي اُجهامي، ڪڏهن ماڻهو ڀرجي نٿو سگهي:
    کامان پچان پڄران، لُڇان ۽ لوچان،
    تَن ۾ تَؤنس پِرينءَ جي، پِيَان نَه ڍَاپَان،
    جي سَمُنڊ مُنهن ڪريان، ته سرڪيائي نه ٿئي.
    اها ذات جي کوٽ کڻي ماڻهو هلندو رهي ٿو، مڪمل ٿيڻ جي خواهش عشق جي ڪيفيت ۾ هو محسوس ڪري ٿو، جڏهن ڪنهن سان عشق ٿئي ٿو ته هو ان جي ميلاپ جي خواهش ڪري ٿو. اچو ته انهيءَ ميلاپ جي خواهش کي سمجهون.
    ٻار ڄمڻ سان انفرادي وجود جو شعور حاصل نٿو ڪري، بلڪ هن جي لاشعور ۾ آفاقي وحدت يا مرڪز ڪائنات جو ڪل وجود هوندو آهي، يعني ٻار ماءُ کان الڳ پاڻ کي انفرادي حيثيت ۾ محسوس نه ڪندو آهي، انهيءَ ڪري هو هٿ لوڏيندو آهي ته ڪائنات پئي لڏندي آهي، هو ٽنگ لوڏي ته سڄو عالم پيو لڏي، هن کي بُک لڳي ته سڄي ڪائنات کي درد ملي ويو، انهيءَ ڪري ٻار کي تنجڻ ۾ ويڙهبو آهي، ته جيئن هڪدم کيس الڳ ٿيڻ جو احساس نه ٿئي، جو هو سهسائي نه سگهندو، ڇيڏڪ ڀريندو، انهيءَ ڪري کيس ڇاتيءَ تي ڪپڙو رکيو ويندو آهي. آهستي آهستي ٻار پاڻ کي محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ته هو الڳ آهي، هن جو وجود به الڳ آهي، اتان هن جي اڪيلائي جو، جز جو درد شروع ٿئي ٿو، ته هُو ڪائنات جي اڻ کٽ تصور ۾ محدود ۽ اڪيلو آهي، پر اوچتو هن کي رانديڪو ملندو، درد تان ڌيان هٽي ويو. ٿوري دير لاءِ دل وندري ويئي، پر جلدي بور ٿي پيو، وري ڪا نئين شيءِ کپي دل وندرائڻ لاءِ، اهڙيءَ طرح وري ٻيو رانديڪو ملندو، وري ٻيا... رانديڪا بدلبا رهندا، بوريت رهندي آهي، تان جو ٻار وڏو ٿي ويو، هاڻي رانديڪا به وڏا کپن ۽ نوان کپن.
    پيار دراصل ٻار جي اها فطري خواهش آهي، جنهن ۾ ٻار واپس ماءُ جي هنجهه ۾ وڃڻ ٿو چاهي، ماءُ جي گرڀ ۾ وڃڻ ٿو چاهي، پر هاڻي دور بدلجي ويو، ضرورتون وڌي ويون. هاڻي عورت ۾ ٽي عورتون کپن ماءُ، محبوبه ۽ طوائف کپي، جيڪا هن جي ماءُ وانگر سنڀال ڪري، جيڪا هن جو خيال رکي، جيڪا هن سان دوستي رکي، هن سان سيڪس شيئر ڪري، هن کي جنس جي مراقبي ۾ وٺي وڃي، هن جي اڪيلائي جي درد کي ختم ڪري ڇڏي، انهيءَ ڪري زور جا ڀاڪر، هڪٻئي ۾ گم ٿيڻ، هڪٻئي ۾ گهڙي وڃڻ جي ڪوشش، پر صرف وقتي ڪوشش وري اڪيلائي، وري انفراديت.
    جيئن جيئن ٻار وڏو ٿئي ٿو، هن جي وجود جي انفرادي حيثيت شروع ٿئي ٿي، اها ئي صورت ڪل کان جز واري حيثيت ۾ اچڻ واري آهي. ٻار ماءُ جي پيٽ مان نڪري الميي جو شڪار ٿيو، وري گود مان نڪري اڪيلو ٿي ويو، اهو ئي درد آهي جيڪو پيار جو بنيادي سبب آهي. اهو ئي ذات جو اڌوروپڻ آهي، جنهن کي پورو ڪندي ڪندي زندگي گذري وڃي ٿي، پر ذات مڪمل نٿي ٿئي.

    (i) پاڻ تسليم ڪرائڻ
    پاڻ کي ڪو ٻيو تسليم ڪري. اهو بنيادي جذبو آهي، جيڪو صرف ماڻهو جي فطرت ۾ موجود آهي، ماڻهو ڇو چاهي ٿو ته ان کي سڃاڻپ ملي؟ صوفين جي خيال موجب، جنهن لاءِ هو حديث جو حوالو ڏيندي ٻڌائيندا آهن ته: ”خدا حسن جو ڳجهو خزانو هو، جنهن پنهنجي ئي حسن جو جلوو پئي پسيو ته کيس جنبش جاڳي ته پاڻ سڃاڻجان“ انهيءَ ڪري خدا پاڻ کي ڪثرتي رُوپ ۾ ڦهلائي، پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪئي. هاڻي ذري ذري ۾ اها خاصيت موجود آهي ته منهنجي حُسن جي ڪير تعريف ڪري، مون کي ڪير تسليم ڪري، ڪو چوي ته تون آهين، تنهنجو وجود ڪا اهميت رکي ٿو.
    نفسياتي طور انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟ ماڻهو جي اڪيلائي انهيءَ جو بنيادي سبب آهي. ماڻهو فطرت کان وڇڙيل جُز آهي، جيڪو ڪل فطرت کان الڳ ٿي چڪو آهي، بلڪ ڪٿي هو فطرت جي مقابل آهي، ڇو ته هو شعور رکي ٿو، شعور انهيءَ جي اندر ۾ هڪ سوال جي اٿل پٿل پيدا ڪري ٿو ته آخر هو ڪير آهي؟ جنهن جو جواب هن کي ڪٿان به نٿو ملي، محبت جي پهرين نظر، پهرين مرڪ هن کي انهيءَ سوال جي هورا کورا کان مڪت ڪري ٿي.
    ان کان پوءِ موت جو خوفناڪ تصور ماڻهو کي اندر ئي اندر ۾ ڳاري ڇڏي ٿو. اڪيلائي، وجود بي جواز، روز جي وحشت، بوريت، ماڻهو کي ڊپريشن ۾ مبتلا ڪري ٿي، محبت جو پهريون احساس ته کيس ڪنهن اهميت ڏني، کيس ڪنهن تسليم ڪيو آهي، اهو احساس هڪ اهڙي رومانوي ۽ سحرانگيز صورتحال پيدا ڪري ٿو، جو ماڻهو موت جي وحشت جي احساس کان مڪت ٿي وڃي ٿو.

    (ii) پنهنجي خوديءَ جو ٻوجهه سرينڊر ڪرڻ جي خواهش
    ٻار راند ڪندي ٿڪجي اچي ماءُ جي هنجهه ۾ ويهندو آهي. ماڻهو ٿڪجي پوي ته آرام ڪرڻ چاهيندو آهي، مسلسل جاڳي نٿو سگهي، ڪو وقفو ضروري آهي، مسلسل جيئڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڪو وقفو هجي اهو وقفو ننڊ جي صورت ۾ ملي ٿو، پر توهان کي ڪاميابي ملي هجي، يا بي انتها خوشي ملي هجي ته ننڊ نه ايندي. سمهڻ تي دل به نه چاهيندي، ڇوته زندگي هاڻي ٻوجهه ناهي مزو پيو اچي، انهيءَ سرور کي جاڳي اڃا به وڌيڪ وقت تائين حاصل ڪجي.
    هاڻي خودي ڇاهي؟ خودي انا آهي، جيئن ماڻهو پنهنجي بدن کي ڪپڙن سان ڍڪي ٿو، بلڪل ائين ماڻهو پنهنجي اندر جي ماڻهو کي انا سان ڍڪي ٿو، جيڪا هن کي مجبور ڪري ٿي ته پنهنجو اسٽيٽس، پنهنجو پروٽوڪول برقرار رکجي، پنهنجي نجي سرڪل يا زون ۾ ڪنهن کي داخل ٿيڻ نه ڏجي، پر ماڻهو اهڙي مصنوعيت کان جلدي بور ٿي پوي ٿو. انا جي ماسڪ کي پائي زياده دير نٿو رهي سگهي، جي وڌيڪ رهندو ته نفسياتي مريض بڻجندو، ماڻهو پنهنجي فطرت ۾ بي تڪلف رهڻ چاهي ٿو. يعني روسو واري ڳالهه ته، فطري آزادي چاهي ٿو، صرف محبت جي ميدان ۾ هو پنهنجي خودي سرينڊر ڪري محبوب جي اڳيان پنهنجي ذات عيان ڪري ٿو.
    هاڻي اچو ته ڏسون ته جديد نفسيات انهيءَ سلسلي ۾ ڇا ٿي چوي:
    ڪارل جنگ انهيءَ سلسلي ۾ اينيما ۽ اينيمس جي ٽرمنالوجي متعارف ڪرائي، جنهن جو مطلب آهي ته هر مرد ۾ هڪ عورت هوندي آهي، جنهن کي ANIMA چئبو آهي، وري هر عورت ۾ هڪ مرد موجود هوندو آهي جنهن کي ANIMUS چئبو آهي.
    انهيءَ جو مطلب ته هر عورت ۾ هڪ مرد جي خاصيت موجود آهي، وري هر مرد ۾ هڪ عورت جي خاصيت موجود آهي، مڪمل عورت ۽ مرد ڪير ڪونهي، ائين چئجي ته هڪ ئي وجود جا ٻه پاسا آهن، جنهن جا سماجي دائرا الڳ الڳ آهن، انهن سماجي دائرن ۾ هر ماڻهو ڪجهه ظاهر ڪندو آهي، ڪجهه لڪائيندو آهي، جيڪو لڪل پاسو هوندو آهي، اها انهيءَ جيwild zone سڏبي آهي. اهو ڳجهو لڪل پاسو ماڻهو جو ذاتي دائرو ٿيندو آهي، جيڪو اڪيلو ۽ اونداهو هوندو آهي. ان سرڪل جي حد ۾ ڪير داخل نه ٿي سگهندو آهي، محبت صرف ان وقت ٿيندي آهي، جنهن وقت توهان ان کي پنهنجي نجي دائري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيو. يعني اها Wild Zone جڏهن توهان ڪنهن جي اڳيان عيان ڪريو.
    يعني اها ڪيفيت، جيڪا نجي دائري ۾ موجود هوندي آهي، اها مرد ۽ عورت هڪٻئي تي ظاهر ڪرڻ لاءِ راضي ٿين، جنهن کي Idiosyncrasy چيو ويندو آهي.
    اها ڪيفيت صرف نجي ٿيندي آهي، جيڪا صرف انتهائي وجداني ڪيفيت ۾ ماڻهو ٻئي جي مٿان ظاهر ڪندو آهي، عورت جڏهن ڪنهن کي پيار ڪندي آهي ته ان جو ثبوت هوءَ پنهنجي محبوب جي اڳيان انهيءَ ڪيفيت کي ظاهر ڪندي ڏيندي آهي، اڪثر اها ڪيفيت پريم رس جي دوران ظاهر ٿيندي آهي.
    جي عورت يا مرد انهيءَ ڪيفيت کي هڪٻئي اڳيان ظاهر نٿا ڪن ته پوءِ هو پريم نٿا ڪن. جنسي عمل جو وجدان سان تعلق به انهيءَ ڪيفيت ذريعي جُڙي ٿو، تنهن ڪري اها ڪيفيت ظاهر ڪرڻ انتها جو سرينڊر آهي. هڪ هالي ووڊ وارن جي فلم انهيءَ ڪيفيت جي فڪر تي ٺهي چڪي آهي، جيڪا ميلان ڪنڊيرا جي ناول unbearable Lightness of being تان ٺاهي ويئي آهي.

    (iii) پنهنجي آزاديءَ جو بي پناهه ٻوجهه ٻئي تي رکڻ
    خطرناڪ ترين احساس ’وجودي آزادي‘ جو احساس آهي، وجود اڪيلو ۽ خالي. هن وشال ڪائنات ۾ آئون ڪير؟؟ ڪيڏانهن ويندس ۽ ڪٿان آيس، ڪا منطق ڪو دليل اهڙو ناهي، جو مطمئن ڪري سگهي. زمان و مڪان ۾ ڦاٿل وجود، جيڪو هڪ وڏي عذاب ۾ مبتلا آهي، ڇا ڪري؟ ڪيڏانهن وڃي؟ هن جو درد ڪير ورهائي ئي نٿو سگهي، هن جو ٻوجهه ٻيو ڪير کڻي نٿو سگهي، هن کي ئي ڀوڳڻو آهي، آخر اهو ڇا آهي؟
    ننڍي هوندي ماءُ جي سهاري، پيءُ جي سهاري، استاد جي سکيا ۾ هن جا فيصلا ٻيا ڪندا هئا، جبري ئي سهي پر هو آزاد هو، نفعي نقصان لاءِ ذميوار نه هو. آهستي آهستي وڏو ٿيو ته فيصلا خود ڪرڻا پيا، ته کيس يتيمي جو احساس ٿيو. گهر جو وڏو ٿيو ته مٿان ٻوجهه محسوس ٿيو، ڇو جو هاڻ هو آزاد آهي، پر هن کي هر فيصلي اڳيان جوابده به ٿيڻو آهي، اهو جوابده ٿيڻ جو احساس خطرناڪ آهي، انهيءَ ڪري اها آزادي خود هڪ پابندي آهي.
    حضرت آدم عليه السلام ڪڏهن چيو ته مون گناهه پاڻ فيصلو ڪري ڪيو، هن چيو ته مون کي حوا برغلايو، حوا وري چيو ته مون کي شيطان برغلايو. شيطان چيو، ها! مون برغلايو، ڇوته عزازيل پنهنجي بي پناهه آزاديءَ جو وجدان کڻڻ لاءِ ئي ته شيطان ٿيو، پر انسان پنهنجي هر غلط ۽ صحيح ڳالهه جوبوجهه ٻئي تي ڪيرائڻ چاهي ٿو، ڇو ته انسان مڪمل ذات ناهي، زمان و مڪان ۾ قيد ۽ اونداهي کوهه ۾ ڪريل آهي، هاڻي ننڍي هوندي کان ته هن جا فيصلا ٻيا ڪندا هئا، پر جوانيءَ ۾ هو آزادي جو ٻوجهه ڪنهن تي رکي؟ ڪير هن جي ڇڙواڳي کي ڪنٽرول ڪري، ان ڪري محبوبا يا محبوب جڏهن عاشق تي حڪم هلائي ته عاشق جي ان کان وڌيڪ ڪا ٻي خوشي نه هوندي آهي. وڏيون وڏيون شخصيتون جن جي ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل هجي، پاڻ تي مک نه سهن، انهن کي به محبوب جي اڳيان نڪ گسائيندي ڏٺو ويو آهي، عشق جي به خواهش اها ئي هوندي آهي ته ٻئي جي انا زير ٿي پوي، همراهه ڍير ٿي پوي، جتي همراهه ڍير نه ٿيندو، اتي محبوب جي عشق جي شروعات ٿيندي آهي، يعني محبوب پاڻ عاشق ٿي پوندو آهي. دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو درد هارائڻ جو درد آهي، ٺڪرائڻ جو درد آهي، جي توهان کي ٺڪرايو ويو ته توهان جو وجود لڏي ويندو. سسئي پنهون جي عاشق ٿي جبل جهاڳيا، ان ڪري ته کيس ٺڪرايو ويو. مومل راڻي جي پٺيان در در ڀٽڪي ان ڪري ته کيس ٺڪرايو ويو. ليلا جو درد اتان شروع ٿئي ٿو، جتان کيس چنيسر ٺڪرايو.
    بي پناهه آزادي خطرناڪ اڪيلائي جي شروعات آهي، انهيءَ ڪري ذات جو ٻوجهه ڪنهن تي رکڻ ضروري آهي.

    (iv) ڪنهن نئين دنيا نئين ڪائنات تسخير ڪرڻ جي خواهش
    انسان جي فطرت آهي نئين دنيا تسخير ڪري، نيون ڳالهيون نوان ماڻهو، نيون جايون، نيون دريافتون، ايجادون، پر ڪا نئين شيءِ هن جي علم ۾ اچي، انسان خود هڪ ننڍڙي ڪائنات آهي، ان جا پنهنجا رنگ جيترا ٻاهر ظاهر آهن، اوترا اندر ۾ لڪيل به آهن، انسان ان جي به دريافت ڪرڻ چاهي ٿو، انهيءَ ڪري ماڻهو ۾ دوستي ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي.
    جنسي جذبي ۾ اهڙي کوج به لڪل هوندي آهي، ته ماڻهو ٻئي کي دريافت ڪري ٿو، ٻئي ننڍڙي ڪائنات ۾ داخل ٿي، انهي جي ”اڊيوسنڪريسي“ (Idiosyncrasy) کان واقف ٿئي ٿو. ماڻهو جي اها بنيادي خواهش جبلت آهي ۽ ماءُ جي پيٽ ۾ به اهو ڪم ڪري ٿي، جنهن ڪري ٻار جيئن وڌي ٿو ته هن کي ماءُ جي پيٽ کان ٻاهر اچڻو پوي ٿو. گود کان گهر ۾، گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾، گهٽيءَ کان ڳوٺ ۾، ڳوٺ کان شهر ۾، شهر کان ٻئي ملڪ ۾، ملڪ کان ٻئي سياري تي، اهڙيءَ طرح ماڻهو جي جبلت کيس گهمائيندي رهندي آهي، اهڙيءَ طرح جنس ۾ به ماڻهو ڪائناتي سير ڪري ٿو.

    (v) بي خوديءَ ۾ وڃڻ جي خواهش
    زندگي به عجيب آهي، هڪ دفعو شروع ٿئي ٿي ته ڪٿي به وقفو نه اٿس، ڪٿي به بيهي ساهي نٿي پٽي. دل آهي، جيڪا مسلسل هلندي رهي ٿي، بغير ڪنهن وقفي جي! ڇا ڪو ٿڪ نٿو ٿي سگهي؟ مسلسل جيئڻ مان، يا گهٽ ۾ گهٽ ڪا خواهش ته اڀري سگهي ٿي ته ٿورو ساهي پٽجي. نفسياتدانن جو چوڻ آهي ته: ننڊ اهڙو عمل آهي، جنهن مان ساهي ملي ٿي، پر ننڊ جو اهڙو عمل، جيڪو نارمل ذهن کي ته آرام ڏئي ٿو، پر ڊپريس يا پريشان ماڻهو کي آرام نٿو ڏئي، بلڪ ننڊ به هڪ جنگ بنجي وڃي ٿي، جڏهن ماڻهو اُٿي ٿو ته لڳي ٿو هڪ جنگ مان گذريو آهي، اها خواهش ته ساهي ملي، يڪ ٽڪ جيئڻ مان ٿڪجي ڪو ٿڪ ڀڃجي، سڌو سنئون عمل ناهي. پر اهڙو ٿڪ ڀڃڻ جا ٻيا طريقا موجود آهن، جن مان محبت به هڪ طريقو آهي. محبت ڪرڻ وارا جڏهن محبت جي جنون ۾ مبتلا ٿيندا آهن ته دنيا انهن کان وسري ويندي آهي، نه کين وقت جو احساس رهندو آهي نه کين مڪان جو ڪو خيال رهندو آهي، اهڙا ماڻهو جيڪي اونداهي کان ڊڄندا هجن، اهي محبوب جو انتظار رات جو قبرستان ۾لڪي ويهي ڪري سگهن ٿا. يا وري ٻه چاهيندڙ ڪنهن جڳهه تي ايترو محو ويهي سگهن ٿا، جو 24 ڪلاڪ گذري وڃن، پر کين اندازو به نه ٿيندو. اصل ۾ وقت جو گذرڻ ان وقت بور عمل ٿئي ٿو، جڏهن توهان جو ڪو ڪارج نه هجي، پر جي توهان عشق جي ڪيفيت ۾ آيو ۽ محبوب گڏ آهي ته پوءِ وقت توهان لاءِ ڪابه معنيٰ نٿو رکي. بس اهو ئي جيئڻ جو وقفو آهي، جڏهن محبوب توهان سان گڏ هجي، توهان زمان ۽ مڪان کان ٻاهر هجو.

    (vi) جنسي پيار جي خواهش
    ٿورو غور سان ڏسندا ته دنيا جي ڪرت ۾ هڪ ئي اهم ڳالهه نظر ايندي، اها آهي جنسي ڪرت. ٻوٽا هجن، جيت جڻا، جانور، وڻ ٽڻ ۽ ماڻهو سڀني ۾ هڪ اهم ڪرت فطري طور موجود آهي، اها آهي جنسي خواهش جي. فطري طور جنسي خواهش موجود نه هجي ها ته دنيا ڪڏهن جو ختم ٿي وڃي ها. جنسي سگهه دراصل حيات جي سگهه آهي. پر انسان جي اها سگهه شعوري سطح تي وڌيڪ بيدار ٿئي ٿي. انسان جي جنس جو تعلق سندس يادداشت تي بنياد رومانٽڪ ٿيندو ويندو آهي، انسان جنس کي رومانس جي بنياد تي وڌيڪ سرور وارو ۽ لذت افروز ڪندو ويندو آهي. جنس هڪ اهڙي سگهه آهي، جيڪا انسان اندر ائٽمي ڌماڪا ڪندي رهندي آهي، جوانيءَ جي دور ۾ جنسي سگهه هر جاندار کي مست ڪري ڇڏيندي آهي، انهيءَ ڪري هر نر جو جواني ۾ مادي ڏانهن مائل ٿيڻ ۽ مادي جو نر ڏانهن رجحان رکڻ فطري آهي، هاڻي انهيءَ عمل لاءِ ماڻهو ڏاڍو رومانٽڪ بنجي ٿو.


    10. رومانس ڇا آهي؟ Romanticism

    عام طور رومانس مان مراد پيار ۽ محبت جي ورتي ويندي آهي، جيڪڏهن توهان ڊڪشنري ۾ رومانيٽسزم جي معنيٰ ڏسندا ته توهان کي ملندي ته؛ اها ادبي تحريڪ آهي، جيڪا 18 صديءَ ۾ روسي جي فلسفي کان شروع ٿي، وليم ورڊس ورٿ انهيءَ کي انتها تي پهچايو، جنهن انسان کي سندس فطرت ڏانهن موٽائڻ جي ڳالهه ڪئي، اڳتي هلي توهان کي رومانس جي معنيٰ اها ملندي ته اها فرد جي داخلي بغاوت آهي، جيڪا ماڻهو کي پنهنجي جذبن ڏانهن موٽائي ٿي، يا وري تخيل جي قوت کي اُڀاري ٿي، سماج جي رائج قانونن ۽ روايتن کان بغاوت تي اُڀاري ٿي. يورپ ۾ رومانويت ڪلاسيڪل روايتن کان بغاوت جي بنياد تي اُڀري، جيڪا عقل جي مقابلي ۾ جذبن کي وڌيڪ اهميت ڏيندي هئي، انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو ته رومانوي اديب پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏاڍو بي ترتيب هئا، ڇو ته فارمولو عقل جي بنياد تي ٿيندو آهي، جذبي جي بنياد تي نه، انهيءَ ڪري وليم ورڊس ورٿ کان وٺي پشڪن، وڪٽر هيوگو تائين اديبن جي زندگي بي ترتيب گذري. مثال: پشڪن ٽيهن سالن ۾ 150 عشق ڪيا ۽ آخر ڊوئل راند کيڏندي مارجي ويو. دوستو وسڪيءَ جي گهڻي زندگي سائبيريا ۾ سزا ڪاٽيندي گذري، باقي زندگي هن پيرس جي جواخانن ۾ گذاري، وليم ورڊس ورٿ جا مخفي عشق ۽ ناجائز اولاد جا قصا مشهور آهن، وڪٽر هيوگو جذبن کي روحاني طاقتن جي بنيادن تي پرکيو، هن وٽ جسم سان جڙيل بدصورتي ۽ روحاني خوبصورتي گڏ سفر ڪندي هئي، جنهن جو عظيم مثال ”هنچ بيڪ آف نوٽرڊيم“ جو ڪردار هو.

    رومانويت جي نئين وصف
    هتي آئون جنهن رومانس جي وصف پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، اها بلڪل الڳ آهي، جيڪا عام ڊڪشنري ۾ ناهي. رومانويت اها قوت آهي، جيڪا ماڻهو کي جيئڻ سان جوڙي رکي ٿي، يعني ماڻهو ۽ دنيا جي وچ ۾ جيڪا طاقت جيئڻ جو اُتساهه پيدا ڪري ٿي، اها رومانوي طاقت آهي. اچو ته هن ڳالهه کي سمجهون، توهان ٿورو غور ڪريو. ننڍڙو ٻار ڄمڻ سان رڙيون ڪري ٿو. انهيءَ ڪري ته هن جي وجود جو نئون ماحول شروع ٿئي ٿو. ٻار جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ هو ته فطرت جو حصو هو، پهريون دفعو فطرت کان الڳ ٿيڻ جو عمل شروع ٿيو ۽ پنهنجي وجود جو خالي پڻو، جيو (روح) جي رڙ شروع ٿي، انسان جو اهو پهريون عدم تحفظ insecurity) ) شروع ٿيو. ماءُ ٻار کي ٿڃ ڏيندي، هنجهه ۾ کڻندي ته ٻار کي ڪجهه آٿت ملندي، ٻار ٿورو سڪون ۾ ايندو، پر وري ٿوري دير کان پوءِ روئڻ شروع ڪندو، اهو عمل هلندي ٻار آهستي آهستي پاڻ کي الڳ وجود طور سڃاڻڻ لڳندو، هو ٻين ماڻهن، شين ۽ پاڻ ۾ تميز ڪرڻ لڳندو، پر سندس وجود بي چين رهندو، هن کي پهرين توهان ٿڃ ڏيئي ماٺ ڪرايو، پر آهستي آهستي هن ۾ کوس ڦٽائي وڌندي، ڪڏهن هو بي سبب به روئڻ لڳندو، ان وقت توهان هن کي جهنجڻو ڏيندا يا وڄائي ڏيکاريندا ته هن جو ڌيان جهنجهڻي ڏانهن ويندو، ٿوري دير لاءِ دل وندري وينديس، پر وري اهو ئي عمل توهان بار بار ڪندا رهندا. ٻار جيئن وڏو ٿيندو رانديڪا بدلجي ويندا، تان جو ٻار پنجن ڇهن سالن جو ٿيندو ته وري سائيڪل، ڪمپيوٽر گيم، بازار جون شيون، ٽيبليٽ، ڪپڙا، جوتا وغيره کيس کپن، جيڪي سندس دل وندرائيندا رهندا. 1980ع کان اڳ ٻارن کي نانيون، ماسيون، ڏاڏيون، ڏاڏا آکاڻيون ٻڌائي دل وندرائيندا هئا، ٻار ڪڏهن کاڌي جي شيءِ مان دل وندرائيندو هو، ڪڏهن وري عيد براد تي خرچي وٺي خوش ٿيندو هو، تان جو ٻار وڏو ٿيندو ويندو، رانديڪا بدلجندا ويندا. هاڻي سنگت به کپي، گهمڻ ڦرڻ به کپي، خرچي وڌيڪ کپي، هوڏانهن وري مائٽن جي زندگيءَ جو رومانس به اهو ئي آهي، ٻارن جو زندگيءَ ۾ هئڻ، انهن جون اميدون ڏسڻ، بس زندگيءَ جي اها ئي ڪرت رهندي آهي.
    هاڻي ٿورو سوچيو. ٻار ڇا رانديڪي لاءِ پيدا ٿيو هو؟ بلڪل نه: ته پوءِ رُنو ڇو؟ ڇا رانديڪي لاءِ رُنو ٿي؟ بلڪل نه، ته پوءِ آخر ٻار رنو ڇو! رانديڪي سان چپ ڇو ٿي ويو؟ انهيءَ جو جواب سادو آهي ته ٻار پنهنجي مرضيءَ سان پيدا ڪونه ٿيو آهي، نه وري ڪو پنهنجو جوهر کڻي پيدا ٿيو آهي، نه وري جيئڻ جو مقصد طئي ٿيل اٿس. هاڻي پيدائش کان وٺي بس کيس دل بهلائڻي آهي، کيس پنهنجو ڌيان هٽائڻو آهي، نه ته بوريت پيدا ٿيندي، اڪتاهٽ ٿيندي، گهٻراهٽ ٿيندي، هاڻي ٿوري دير لاءِ سوچيو، جهڙي طرح ٻار بهلائڻ لاءِ ڪنهن رانديڪي جو سهارو ورتو، بلڪل اهڙيءَ طرح اسان هر روز پاڻ کي بهلائڻ لاءِ مخلتف ڪمن ڪارين جو سهارو وٺون ٿا، رشتن ناتن جو سهارو وٺون ٿا، رواج رسمن جو سهارو وٺون ٿا، حقيقت ۾ ڪنهن به شيءِ يا ڪنهن به ڪم، رشتي ۽ رواج سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي. يعني انهن سڀني ڪمن سان اسان جو ڪو حقيقي رشتو ناهي، پر اهو رشتو اسان جوڙيون ٿا، بس اهو ئي جيڪو رشتو اسان جوڙيون ٿا، جيڪو تعلق اسان ڳنڍيون ٿا، اهو رومانوي رشتو يا تعلق آهي، يعني ڪوبه تعلق خود دلچسپي وٺي جوڙيون ٿا، اهو رومانوي آهي. هاڻي اسان چئي سگهون ٿا ته رومانويت اها قوت آهي، جيڪا پنهنجي آس پاس سان رشتو جوڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي. اها قوت ئي جوش حيات آهي، نه ته دنيا سان انسان جو ڪوبه حقيقي تعلق ناهي، ڇو ته اسان ڪنهن طئي ٿيل ڪم لاءِ پيدا ئي نه ٿيا آهيون. اسان پاڻ کي جوڙي رکيو آهي، پنهنجي آس پاس سان رشتو جوڙي رکڻ رومانوي قوت وسيلي ئي ممڪن آهي. زندگي پل پل جيئڻ جو نالو آهي، ان لاءِ هر لمحي پنهنجو رشتو ڪنهن ماڻهوءَ، شيءِ، واقعي، رشتي، فطرت، نظريي سان جوڙڻو پوي ٿو، اهو شعوري يا لاشعوري ڪرڻو پوي ٿو، نه ته ماڻهو مڪمل ويڳاڻو، اڪيلو يا بي يار و مددگار ٿي پوندو. هاڻي سوچيو هڪ ماڻهو صبح جو بستري تان اٿي ڇو ٿو؟ ڪا ته دلچسپي هجيس، ڇو اُٿي برش ڪري، ڇو نيرن ڪري، ڇو ڪم تي وڃي، جي ڪا دلچسپي نه هجيس، ته پوءِ ستو ئي رهي، پر سمهي به ڇو؟ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته بغير دلچسپيءَ جي جيئي به ڇو؟ بس اها دلچسپي ئي آهي جو هو صبح سوير اٿي وهنجي سهنجي، ڦڻيون ڏيو ٻاهر نڪري ٿو. مطلب ماڻهوءَ کي سڄي زندگي پاڻ کي بهلائڻو پوي ٿو، رانديڪا بدلجندا رهن ٿا، دلچسپيون بدلجنديون رهن ٿيون، پر پاڻ کي پرچائڻو پوي ٿو، زندگيءَ جو فطرت، سماج ۽ ماحول سان رشتو صرف رومانوي آهي، حقيقي ناهي. ڀڳت ڪنورام جي ڳايل سيد سليمان شاهه جي ڪافي بلڪل انهيءَ تي ٺهڪي ٿي اچي:
    ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان توکي.
    ڏس ڪو ڏانءُ.
    انهيءَ ڪري هائيڊيگر چيو هو ته:
    Man is not the lord of being Man is Shepherd of being
    رومانويت جي رشتي ۾ تاريخي رشتي جو وڏو عمل دخل آهي، تاريخي رشتي مان مراد اهو رشتو آهي، جيڪو اسان وقت گهاريون ٿا، ڪنهن جڳهه، ڪنهن ماڻهوءَ سان، ڪنهن جانور سان، ڪنهن رشتيدار سان وغيره. هتي هڪ مثال ڏيئي توهان کي سمجهائيندس، ڪنهن ماءُ جو ٻار ڄمڻ کان پوءِ ٻن ٽن ڏينهن ۾ مري وڃي ٿو، ٻيو ٻار ڏهه سال زنده رهي پوءِ مري ٿو، ماءُ ڪهڙي ٻار لاءِ وڌيڪ روئندي؟؟ يقينًا ڏهن سالن واري ٻار لاءِ وڌيڪ روئندي، ڇو ته هڪ ٻار سان صرف ٻن ڏينهن جو تاريخي رشتو هو، پر ڏهن سالن واري سان ڏهن سالن جو تاريخي رشتو قائم رهيو. وري هڪ ٻيو مثال ڪنهن ماءُ کي اسپتال وارا چون ٿا ڏهه سال اڳ تنهنجو ٻار بدلجي ويو هو، جنهن کي تون پنهنجو پُٽ سمجهين ٿي، اهو تنهنجو ناهي، اهو ڏئي ٻيو ٻار وٺي وڃ. توهان سوچيو ماءُ ڇا چوندي؟ ماءُ چوندي ڪجهه به هو، پر هي ٻار آئون واپس نه ڏيندس. انهيءَ ڪري ماءُ واپس نه ڪندي، ڇوجو ان ٻار سان سندس تاريخي رشتو ٺهي چڪو آهي، جيڪو هڪ وڏو رومانٽڪ رشتو آهي، اهڙيءَ طرح ڪنهن جڳهه ۾ توهان رهندا هئا يا ننڍپڻ ۾ اتي ويندا هئا، 20 سالن کان پوءِ جڏهن توهان انهيءَ جڳهه تي ويندا ته توهان ان جڳهه کي جذباتي ٿي ڏسندا. ڪو ننڍپڻ جو دوست ملي وڃي يا ڪو پراڻو دوست ملي وڃي، توهان ان سان وابسته هوندا. اهڙيءَ طرح توهان ڪنهن پراڻي ڏک يا سک سان رومانوي طرح وابسته آهيو، بلڪل پنهنجي محبوب سان به اهڙي تاريخي رشتي سان وابسته آهيو، تاريخي رشتو صرف ڏسڻ يا ملڻ سان وابسته ناهي، بلڪ تصور يا خوابن ۾ ڏسڻ سان به ٺهي ٿو، يا ذڪر ڪرڻ سان به آهي.
    رومانوي رشتا ٺهندا به آهن، ڊهندا به آهن، لازمي ناهي ته هميشه رشتي جي نوعيت هڪجهڙي هجي. هڪ رشتي مان موهه گهٽجي ويندو وري ٻئي ۾ پيدا ٿيندو، پر زندگي پاڻ کي رومانس سان جوڙيندي رهندي، اهائي زندگي آهي، پر جنهن وقت هڪدم رشتن مان موهه گهٽجي وڃي، ڪنهن به شيءِ سان پاڻ پرچائي نه سگهجي، ته پوءِ ماڻهو اڪيلو ٿيندو ويندو، نه ماڻهن سان موهه، نه شين سان، نه پاڻ سان. نتيجو اهو نڪرندو جو ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي پوندو، کيس ڪابه شيءِ ناهي وڻندي، بس اهو وقت آهي، جو ماڻهو مايوس ٿي خودڪشي به ڪري سگهي ٿو. نفسياتي طور ڊپريشن جو مطلب ئي اهو آهي ته ماڻهوءَ مان رومانوي قوت ختم ٿي وڃي. انهيءَ ڪري ڊاڪٽر چوندا آهن ته ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ خوشي ملهايو، دوست ٺاهيو، کل خوشي ڪريو، تخليق ڪريو، پيار ڪريو، گهمو ڦرو، مطلب ڪا دلچسپي پيدا ڪريو، انهيءَ لا ءِ اڄڪلهه دوائون به اچي ويون آهن جيڪي دماغ ۾ هٿرادو سيروٽنن پيدا ڪري موڊ ٺاهن ٿيون، پر جيئن گاڏيءَ کي ڌڪو ڏجي، پوءِ خود چالو ٿي وڃي ۽ هلي وڃي. ڊپريشن جو مطلب اهو به آهي ته رومانوي ڪرت وڌايو، ڪي ڪارناما ڪريو، پاڻ کي ڳولي لهو، ڊپريشن جو مطلب اهو به آهي ته توهان جو رومانس ڪافي ناهي، اڃا وڌايو. جيڪڏهن مڪمل رومانس ختم ٿي وڃي ته ماڻهو چريو يا نروس بريڪ ڊائون يا وري خودڪشي ڪندو. بنيادي طور سان ماڻهو جو هن دنيا ۾ ڪير به ناهي، سندس هتي ڪا به سڃاڻپ ناهي، سڀڪجهه نئون ۽ ڌاريو آهي، پوءِ انهن مان ڪنهن سان اُنسيت ٿئي ٿي، ڪنهن سان رشتو جُڙي ٿو، ڪنهن سان پيار ٿئي ٿو. عام طور سان ماڻهو رومانس مان مطلب پيار محبت يا جنسي ڪرت جو وٺندا آهن، اصل ۾ رومانويت جو تعلق تخيل سان آهي، ڪنهن اڻ ڄاڻ دنيا کي ڄاڻڻ سان آهي، عدم کي موجود ڪرڻ سان آهي، انهيءَ ڪري ڪنهن سان نينهن جو ناتو جوڙڻ جو بنيادي تعلق پنهنجي اندر جي خالي پڻي سان آهي، جيڪو رومانوي سطح سان اعليٰ ترين رشتو آهي. ڇو ته رومانوي تعلق بنيادي جوهر ناهي، انهيءَ ڪري ڪنهن به وقت رومانوي رشتو ٽٽي سگهي ٿو.

    رومانويت ۽ نفسيات
    رومانويت جي قوت گهٽ ٿي ته ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿي پوندو، ذهني دٻاءَ(anxiety) ۾ هليو ويندو. ماڻهو جي نفسيات ۾ شعور جو عمل دخل تمام وڏو هوندو آهي، ڇو ته ماڻهو پنهنجي ماحول جي اثر جو رد عمل ڏيکاريندو آهي. سندس جذبن جي اُٿل پٿل به ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري انسان جو مسئلو شعور آهي، پنهنجي هئڻ جو شعور، پنهنجي محروميءَ جو شعور، پنهنجي سک ۽ ڏک جو شعور، انهيءَ ڪري ماڻهو کي پاڻ سان ٻين کي جوڙي رکڻو آهي، جانور صرف پنهنجي نفس جي بنياد ۽ ماحول جي بنياد جي وهڪري ۾ جيئندو آهي. هيگل چيو هو ته: شعور هڪ زنده فطرت آهي، جنهن کي پنهنجي هئڻ جو شعور آهي، جيڪا پنهنجي بچاءَ جي لاءِ بيشعوري فطرت سان هم مقابل آهي. جانور وٽ شعوري رومانس جو تصور ناهي، هو اڪيلو آهي، يا هن کي ٻين سان رشتو جوڙڻو آهي، اهو هو شعوري طور نه ڪندو آهي، پر جبلت طور ڪندو آهي، جانور وٽ موت جو شعوري تصور هائڊيگر وارو تصور ناهي، انهيءَ ڪري هو ڊپريس نه ٿيندو آهي. نفسياتي مريض نه ٿيندو آهي، پر انسان وٽ موت جو شعوري تجربي جو تصور موجود آهي، تنهن ڪري کيس دهشت، بوريت واري ڪيفيت مان گذرڻو پوندو آهي، ان لاءِ هن کي رومانوي رشتو جوڙڻو پوي ٿو. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته، ڇا ماڻهو رومانويت ذريعي ڏک کان بچي سگهي ٿو؟ وجود جا ٻه پاسا آهن هڪ خالي پڻي سان ڀريل، ڏک ۽ چڪر ۾ گهمندڙ وجود، ٻيو ڀريل سڌو گهمندڙ وجود. جيڪڏهن وجود شعوري طور سجاڳ آهي ته خالي پڻي ۽ ازلي واهياتپڻي سان ضرور همڪنار ٿيندو. ان وقت رومانس هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جيڪو پل پل جيئڻ سان جوڙي ٿو، وجود کي ماحول سان جوڙي ٿو. يعني وجود ۽ خارجيت کي جوڙڻ واري قوت رومانس آهي، اها قوت قدرتي طور فرد ۾ موجود هوندي آهي، جيڪا تمام گهڻي مايوسي، محرومي، ڏک، بيڪاريت، اڪيلائي، بوريت ۽ دهشت سان گهٽجي سگهي ٿي.


    11. وجودي فڪر جو نفسياتي جائزو

    وجوديت جو بنيادي نڪتو اهو آهي، انسان لامحدود ڪائنات ۾ اڪيلو آهي، هن کي ڪابه خبر ناهي ته هن وشال ڪائنات ۾ هو ڪٿان آيو آهي ۽ ڪيڏانهن ويندو! وجود جو بنيادي نڪتو جوهر کان پهرين وجود کي اهميت ڏئي ٿو، وجوديت بنيادي طور فطري صورتحال آهي، جنهن کي مختلف نظرين، مذهبن جي لباس ۾ ويڙهي تاريخ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
    وجوديت انسان ۽ خدا جي رشتي کي طئي ڪري ٿي، ڇا هي سنسار حقيقي آهي؟ تصور، خيال ۽ حقيقت ۾ ڪيترو فرق آهي؟ ڪائنات جو بنيادي محرڪ سگهه آهي يا مادو؟ خدا لامحدود تصور آهي، جيڪو ماڻهو عقلي طور جهٽي نٿو سگهي. وجودين جو خيال آهي ته اهو تصور هڪ ئي آهي، جيڪو وجود جي روپي سنسار ۾ موجود آهي، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا روپي سنسار جي پٺيان ڪجهه آهي؟ اتان وجوديت ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي؛ هڪ ديني وجوديت ٻيو لاديني وجوديت. ديني وجوديت جي مطابق ڪائنات جو روپ وجود جو ڪثرتي روپ آهي، جنهن جي وحدت هڪ ازلي ۽ آخري سچ آهي، جيڪو خدا آهي، يعني انسان هڪ ازلي وجود جو ڪثرتي روپ آهي، جيڪو حقيقي وجود کان وڇڙيل جُز آهي، يعني زندگي هڪ وڇوڙو آهي، جيئن آدم عليه السلام کي زمين تي پنهنجي گناهه جي سزا ڀوڳڻ لاءِ اڇلايو ويو، جنهن مطابق زندگي هڪ سزا آهي، انسان پنهنجي گناهن جي معافي وٺي بخشرائي ته کيس جنت ملندي، هندو مت ۾ به انسان جنم جنم کان سزا ڀوڳي رهيو آهي، هن جا ڪرم ئي کيس جنم جي چڪر کان مڪت ڪري سگهن ٿا.
    لاديني وجوديت ۾ انسان جو جوهر ناهي، ڪو به وجود پنهنجي وجود جو سامهون ڪري، پوءِ وقت به وقت پنهنجو جوهر ٺاهيندو رهندو آهي، پر ڇو ته جوهر ناهي، انهيءَ ڪري جيڪو جوهر ماڻهو پنهنجو ٺاهي ٿو، اها خود فريبي آهي، پاڻ کي دوکو آهي، پر مجبوري اها آهي ته جي پاڻ کي دوکي ڏيڻ جي صلاحيت نٿو رکي، ته کيس ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو يا چريو ٿيندو، ڇو ته جوهر طئي ٿيل ناهي، انهيءَ ڪري هر عمل مان آخر ماڻهو بور ٿي پوي ٿو، هر شيءِ مان آخر واهياتپڻو ظاهر ٿيو پوي، انهيءَ ڪري هر عمل بي تڪو ٿيو پوي، ماڻهو هر لمحي جيئڻ لاءِ ڪا نه ڪا چونڊ ڪري ٿو، جي چونڊ نٿو ڪري ته اها به سندس چونڊ آهي، انسان بي وس ۽ لاچار آهي.
    سارتر هن سلسلي ۾ انسان کي آزاد قرار ڏئي ٿو، سندس خيال هو ته انساني فطرت جهڙي ڪابه شيءِ ناهي. هو چونڊ جي عمل ۾ آزاد آهي، پر هن دنيا جي دائري مان ڪيڏانهن ٻاهر ڀڄي نٿو سگهي، سندس آزاديءَ کي متاثر ڪرڻ وارو صرف ٻئي جو وجود آهي، انهيءَ ڪري ”ٻيو ماڻهو جهنم آهي“، هن جو وجود هڪ خال آهي، جنهن ۾ هر لمحي چونڊ واري عمل سان ڀرڻو آهي، پر اهو خال ڀرجڻو ناهي. هاڻي غور سان ڏسنداسين ته وجوديت دنيا جو پراڻو ۽ فطري فلسفو آهي، جيڪو اوڀر ۾ مذهب اندر صوفي مت جي روپ ۾ظاهر ٿيندو رهيو آهي، پر يورپ ۾ جديد وجوديت جي روپ ۾ ڪرڪي گارڊ کان وٺي سارتر تائين جي فلسفي ۾ ظاهر ٿيندو رهيو آهي. غور سان ڏسنداسين ته وجوديت ۾ وڏو مسئلو خود وجود طئي ڪرڻ جو آهي ته آخر وجود جهڙي شيءِ آهي؟ يعني واقعي به ڪو وجود موجود آهي؟ يا انسان مادي ظاهريت ۾ صرف هڪ خال کڻي هلي ٿو، جيڪو مخصوص زمان مڪان جي ٿانو ۾ پاڻيءَ وانگر آهي، جنهن جو ڪو رنگ ناهي، ڪو ذائقو ناهي، بغير ٿانوءَ جي خلا ۾ وجود نٿو رکي سگهي، وجود جيڪڏهن جسم آهي ته اهو مختلف جزن ۾ ورهايل آهي. هن ڌرتيءَ جا سڀئي عنصر ان ۾ موجود آهن، وار، جسم، رت، هڏا سڀ ترڪيبي عنصر آهن، جيڪي صرف هڪ ڪمپوزيشن ۾ آهن، جن جو هڪ تناسب آهي، ڪا نئين شيءِ ناهي، جي اهو وجود آهي ته اهو ڪائناتي عنصرن جو جمع ٿيڻ آهي، جي انسان ۾ ڪا سگهه آهي ته اها هر مادي ائٽم ۾ موجود آهي، پوءِ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته روح ڇا آهي؟ ڇا ڪو روح آهي؟ جيڪڏهن ڪو روح آهي ته اهو ڪٿان آيو آهي؟ ۽ ڪيڏانهن ويندو؟ ان روح جي ڪا الڳ دنيا آهي؟ مطلب ته وجود جي ڪا وصف ناهي، انهيءَ سلسلي ۾ ڪا ڳالهه سلجهيل يا منطقي ملي ٿي ته اها صوفين جي آهي، ته روح ڪنهن ازلي وحدت جو جز آهي، ان جو ڪثرتي روپ انهيءَ وحدت کان وڇڙيل آهي، پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته انسان انهيءَ عمل مان ڇو گذري ٿو؟ ڪو منطقي جواب نٿو جُڙي، تنهن ڪري مذهبي وجوديت يا لاديني وجوديت هڪٻئي کان مختلف ناهن. نفسياتي طور اهڙو بي تڪو وجود جنهن جو ڪو منصب ناهي، ڪا منزل ناهي، هڪ سفر ڪندي فنا ٿي وڃڻو آهي، اهڙو تصور ماڻهو ۾ وجودي وارداتون اڀاري ٿو:
    1. بوريت
    2. موت جو خوف
    3. ابسرڊٽي
    4. دهشت
    5. مايوسي
    6. بيڪاريت
    7. اڻ ڄاتل خوف
    8. ڪراهت
    وجودي وارداتون اهي ڪيفيتون آهن، جيڪي هر انسان ۾ لازمي طور پيدا ٿين ٿيون، تنهن ڪري وجودي نفسيات جو هڪ اهم باب کلي ٿو. هي اهي ڪيفيتون آهن جيڪي وقتي طور ته هر ماڻهو ۾ ٿين ٿيون، پر جي وڌيڪ وقت ماڻهو انهن جو شڪار رهي ته پوءِ نفسياتي خلل پيدا ٿيندو، کيس خوشي محسوس نه ٿيندي، خود ڪشي ڪرڻ چاهيندو، يا چريو ٿي پوندو. وجوديت جي انهن ڪيفيتن تي ماڻهو زندگي ڏانهن موٽي ٿو، جو سنگت جوڙڻ، رواج رسم، گهمڻ ڦرڻ، محبت، جنسي مزا، تخليق ڪرڻ، سڃاڻپ پيدا ڪرڻ، شهرت حاصل ڪرڻ وغيره سڀ اهي عمل آهن، جن ۾ ماڻهو وجودي وارداتن کان ڀڄي پناهه وٺندو آهي، پر وجودي پاڻ بهلائڻ ۽ ڪوڙا دلاسا ڏيئي آخر ٿڪجي پوي ٿو، وري ڪوڙ جو سهارو وٺڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. انهيءَ ڪري البرٽ ڪاميو چيو هو:
    "Fiction is the lie through which we tell the truth"
    تخليق اهو ڪوڙ آهي، جنهن ذريعي سچ کي سمجهي سگهجي ٿو. تخليق تخيل جي قوت سان ڀريل آهي، تخليق جي ذريعي ماڻهو تخيل جي نئين دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري جيئن تخليق ڪري ٿو ته ماڻهوءَ جي مرڻينگ شخصيت کي قرار ملڻ شروع ٿئي ٿو، ڇو ته هو اندر جي دٻيل خواهشن جو اظهار ڪري ’ڪيٿارسسز‘ ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح وجودي وارداتن مان جند ڇڏائڻ جو موقعو مليو وڃي. انسان هڪ عجيب جيو آهي، جنهن جي ڪا معروضي منطق ناهي، هن جي طبيعت جا هزارين پاسا آهن، تنهن ڪري سندس هزارين ڪيفيتون آهن، هن کي شعور جي قابو ۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، انسان جي مزاج کي مڪمل ڪير به نٿو سمجهي سگهي، ايتري قدر جو پنهنجو پاڻ کي به نٿو سمجهي سگهي، ڇوته هن وشال ڪائنات ۾ انسان زمان و مڪان ۾ قيد وائڙائپ جو شڪار آهي. علم، ڄاڻ، سمجهه، ويچار سڀ جزوي ۽ مادي آهن، انسان شعوري طور هڪ دائري ۾ سواليه نشان آهي، هن ڳالهه جي سمجهه گهڻن ساڃاهه وندن، سماج وادن، ترقي پسندن، اميد پرستن جي دائري ۾ نٿي اچي ۽ اهي سوال انهن جي سوچ ۾ اچن ئي نٿا، ڇو ته وجودي شعور، عملي طور انهن ڪيفيتن مان گذرڻ کان پوءِ حاصل ٿئي ٿو، تنهن ڪري ڀوڳنا، ڏک، بي انتها وجودي ٻڏتر ۽ احساس جي حد پار ڪندڙ اڪيلائي جي ڪيفيت جيستائين ماڻهو نٿو ڀوڳي هن وٽ وجود جو سوال اڀرندو ئي ڪونه. !!
    ڏيکاريس گُوندر گَس پِرينءَ جو،
    سونهائي سُورن، ڪي هيڪاندي هَوت سِين.
    هاڻي سڀئي ڏک يا سڀئي سک انسان لاءِ نه ته هاڃيڪار آهن نه وري سک سلامتي لاءِ آهن. اهي زندگيءَ کي ڌونڌاڙين ٿا، جهنجهوڙين ٿا، ان وقت توهان ريسٽ زون يعني سڪون واري حالت مان نڪري ڪا جدوجهد ڪريو ٿا، يقينن اهو وقت ڏکيو ضرور آهي، ان وقت ماڻهو پريشان ضرور ٿئي ٿو، پر جڏهن جفاڪشيءَ کان پوءِ ڪاميابي ملي ٿي، ته هڪ عجيب سُرور ۽ خوشي ملي ٿي، جيڪا زندگيءَ کي وڌيڪ سگهارو ڪري ٿي.
    جيڪڏهن مڪمل زندگيءَ جي حالت ۽ مطلب کي سمجهيو وڃي ته مايوسي ٿيندي. تنهن ڪري جيڪڏهن مڪمل شعوري طور زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪبي، ته انتها جي ڏکيائي ٿي پوندي، بلڪل ائين جو توهان ساهه شعوري طور کڻڻ شروع ڪريو ته ٿوري دير ۾ ٿڪي پوندا، بيزار ٿي پوندا، اهڙيءَ طرح زندگي جبلت طور خود ڪار پنهنجو پاڻ گذرندي آهي، جنهن ۾ ڏک ۽ سک ايندا رهندا، پر وجودي ڪيفيت شعوري طور هوشيار بنائي ڇڏي ٿي، مشڪل ان وقت اچي ٿي، جو ماڻهو سوچڻ لڳي ٿو ته جيئڻ ۾ ڪو وقفو ناهي، ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ جي جاءِ ناهي، مسلسل جيئڻ ڪيڏو ٿڪائيندڙ عمل آهي، اهو ئي وقت آهي جڏهن شاهه لطيف چوي ٿو:
    اَلا! ڏَاهِي مَ ٿِيان، ڏَاهِيُون ڏُک ڏِسَن،
    مُون سَان مُون پِرين، ڀَورائِي ۾ ڀَالَ ڪَيا!


    12. خوشبو، رنگ ۽ نفسيات

    ڪنهن به بوءَ جو ۽ رنگ جو تعلق سڌو سنئون جنس سان آهي، وري هر انسان جي جسم جي پنهنجي به خوشبو آهي، انسان جي هڪ حس جيڪا سنگهڻ جو حواس آهي، تنهن جو تعلق موڊ سان جڙي ٿو، جيئن ڪنهن گوڙ گهمسان، گرمي ۽ ناخوشگوار ماحول ۾ ماڻهو جو ڌيان جنس ڏانهن نه ويندو، بلڪل ائين ڪنهن خوشگوار ماحول، گلن جي سرهاڻ ۽ نويڪلائيءَ واري ماحول ۾ ڌيان جنس ڏانهن ويندو، انسان جو تعلق جنس ۾ جانور کان مختلف صرف ’لبيڊو‘ جي ڪري آهي، لبيڊو ڇوته جنس جي ذهن ۾ نمائندگي ڪري ٿو، ان ڪري جنس ماڻهو جي محسوسات، سوچ ۽ ماحول سان جڙيل آهي، جنسي اشتها ماڻهو جي لاشعور ۾ موجود آهي، دنيا ۾ هاڻ خوشبو تي تمام وڏي ريسرچ ٿي آهي، جنهن ۾ اهو اندازو لڳايو پيو وڃي ته ڪهڙي خوشبو مرد کي جنسي اشتها ڏيندي ۽ ڪهڙي خوشبو عورت ۾ جنس جاڳائيندي، انهيءَ ڪري مارڪيٽ ۾ اهڙيون خوشبوئون اچي چڪيون آهن، انسان جي جنس جو خوشبو سان تقريبن 30 سيڪڙو تعلق جڙي ٿو، ڪنهن به ماڻهوءَ ۾ جيڪڏهن خوشبو سنگهڻ جو احساس ناهي يا سندس اهو حواس ڪم نٿو ڪري ته پوءِ سمجهو ته اهو ماڻهو 30 سيڪڙو نامرد يا جنسي طرح سرد آهي، هاڻي اسان غور ڪنداسين ته هر جسم جي پنهنجي خوشبو ٿيندي آهي، وري هر خاندان، قوم، نسل جي پنهنجي پنهنجي خوشبو ٿيندي آهي. هر ماڻهو جي مزاج مطابق خوشبو سان سندس سيڪس جڙي ٿو. خوشبو لاشعور ۾ جنس جي نمائندگي ڪندي آهي، ڪنهن به خوشبو سان وابسته ياد انهيءَ وقت بيدار ٿي پوندي آهي، جڏهن ان جهڙي ڪا به خوشبو سنگهڻ ۾ اچي، مثال توهان جي لاشعور ۾ توهان جي ٻار جي خوشبو ويٺل آهي، ان وقت توهان کي پنهنجو ٻار ياد ايندو، جڏهن توهان کي ان جهڙي خوشبو ڪٿي به سنگهڻ لاءِ ملي. اهڙيءَ طرح دنيا ۾ پيار جي ياد جو تعلق به انهيءَ خوشبو سان آهي، عام طور ته جانورن ۾ جڏهن جنسي ميلاپ جو وقت ايندو آهي ته ان وقت انهن مان هڪ خاص قسم جي خوشبو نڪرندي آهي، ان خوشبوءَ پٺيان نر ڇتو ٿي مادي پٺيان لڳندو آهي، پر ڇو ته اهو عمل صرف جبلت جي تحت آهي، انهيءَ ڪري انهن جي شعور ۾ اها ڳالهه ياد ناهي هوندي، پر لاشعوري طور جانور ۾ خوشبو جو احساس موجود هوندو آهي، اسان ائين چئون ته تحت الشعور يا قبل شعور جانور ۾ نه ٿيندو آهي، جنهن کي جانور مرضي سان ياد ڪري سگهي.
    انسان جو خوشبو وارو اهو عمل جسماني کان وڌيڪ شعوري آهي، تنهن ڪري شعور ۾ اهو احساس پيدا ٿيندي ئي يا ذهن ۾ اهڙي خوشبو جو تاثر ايندي ئي انسان ۾ سيڪس اُڀري سگهي ٿو. اڪثر اهڙا جانٺا جوان مرد به عورتن کي نه وڻندا آهن، جن جي خوشبو عورت کي نٿي وڻي، بلڪل اهڙيءَ طرح خوبصورت عورتون به مرد لاءِ ڪشش جو ذريعو نه بنجي سگهنديون آهن، جن جي خوشبو مرد کي نه وڻي، پر اهو عمل لاشعوري ٿيندو آهي، جنهن جي خبر نه پوندي آهي. هاڻي هر عورت ۽ مرد جي خوشبو جو احساس الڳ الڳ آهي، تنهن ڪري اهڙا شادي شده جوڙا جيڪي بي سبب نٿا ٺهن، انهن جو تعلق خوشبو سان به آهي، ٿي سگهي ٿو، ان مرد جي خوشبو، ان سان ملندڙ عور ت کي ناگوار گذرندي هجي، يا وري عورت جي خوشبو مرد کي ناگوار گذرندي هجي. اهڙي صورت ۾ انهن جوڙن جو پريم اڌورو رهجي وڃي ٿو، هنن کي ميلاپ ۾ ڪا آسودگي نه ملندي، وري ان جي ابتڙ جنهن مرد يا عورت کي هڪٻئي جي خوشبو وڻي ٿي، اهي هڪٻئي جا ديوانا به ٿي سگهن ٿا. اسان وٽ خوشبو جي ياداشت جو هڪ ٻيو به طريقو آهي، مثال جنهن مرد کي ڪنهن عورت سان پريم آهي، هو ان جو ديوانو آهي، ته هو جڏهن به ان عورت سان ملندو، ان جي خوشبو هن کي مست ڪندي، وري اها خوشبو هن جي لاشعور ۾ ويهي رهندي. جيڪڏهن ڪٿي به اهڙي خوشبو ملي ته هو ان عورت کي ياد ڪندو. بلڪ ائين به ٿي سگهي ٿو ته هو ان خوشبو جو عادي هجي سندس ذهن ۾ اهڙو ويهي وڃي، جو ڪنهن به ٻي عورت سان ملڻ کان پوءِ هن کي اها آسودگي نه ملي.
    دنيا ۾ مختلف رنگ نسل جا ماڻهو آهن، مثال اسان کي يورپي ماڻهن مان ڌپ ايندي، يا چيني ماڻهن مان ڌپ ايندي، ڇو ته اسان انهن جي خوشبو جا عادي ناهيون، پر هنن کي ٿي سگهي ٿو ته اسان ماڻهن مان ڌپ ايندي هجي. اڄڪلهه گلوبل وليج جي تصور کان پوءِ ماڻهن جي غذا، ماڳ مڪان، آبهوا، ميل ميلاپ وڌي رهيو آهي، تنهن ڪري نسلي طور خوشبو يونيڪ ٿي رهي آهي، ٿي سگهي ٿو اسان کي هڪ صديءَ کان پوءِ انهن ماڻهن مان ڌپ نه اچي.
    خوشبو جو تعلق وقت سان به آهي، مثال شام جي خوشبو الڳ آهي، رات جي خوشبو الڳ آهي، يورپ ۾ ماڻهو عام طور صبح جو خوشبو ڪونه هڻن، هو صرف شام يا رات جو خوشبو استعمال ڪندا آهن.
    تاريخ ۾ اهڙا ڪيترا واقعا ٿيا آهن، جن ۾ ڪنهن مرد ڪنهن عورت جا پيل ميرا ڪپڙا سونگهيا ته ان جي خوشبو تي مست ٿي پيو، ان عورت جي ڳولا شروع ڪري ڏني، پرپٺ ان تي عاشق ٿي پيو.
    تنهن ڪري پرفيوم، عطر يا ڪابه خوشبو لڳائڻ کان اڳ اهو ضرور ڏسي وٺجي ته اهو وقت مطابق آهي يا نه؟ مرداڻو آهي يا زنانو، سندس دوستن يا جيون ساٿي کي وڻي ٿو يا نه؟ ڏٺو وڃي ته عورت يا مرد جي جسم جي پنهنجي خوشبو ئي بهتر هوندي آهي، تنهن ڪري عام طور سان گهمڻ ڦرڻ ته ٺيڪ آهي، باقي ميلاپ لاءِ پرفيوم استعمال نه ڪجي، ها البته جيڪڏهن ڪنهن ساٿيءَ جي بوءِ ناخوشگوار هجي ته پوءِ هٿرادو خوشبو جو استعمال ضروري آهي.
    رنگ به اهڙيءَ طرح سان انساني نفسيات جو اهم جزو آهي، جيڪو انساني موڊ سان تعلق رکي ٿو. هر سماج ۾ هر رنگ جون علامتون ٺهيل آهن، مثال اسان وٽ ڪارو رنگ غم جي علامت آهي، پر جي اهو غم حسين رضي الله عنہ جو هجي ته ڪارو رنگ پاڪيزگيءَ جي علامت بنجي وڃي ٿو، ان ڪري گهڻا ماڻهو ڪارو رنگ صرف محرم ۾ پائيندا آهن، پر ڪارو رنگ نظر بد کان بچائڻ جي به علامت آهي، يا وري ڪوجهائپ جي به نشاني آهي، اڪثر ماڻهن کي رات جي اونداهي نه وڻندي آهي، ان ڪري ڪارو رنگ به نه وڻندو آهي، ڪارو رنگ ڇو ته انداهي جو رنگ آهي، تنهن ڪري مايوسي، ڏک، غم، ظلم، نا انصافي جي به علامت آهي، پر ڪارو رنگ جنسي طور اشتها جي علامت به آهي، ڇو ته ڪارو رنگ گرمي پاڻ ڇڪي ٿو، يعني رنگ قوت باهه جي به علامت آهي، دنيا ۾ جتي گهڻي گرمي ٿئي ٿي، اتي ماڻهن جو رنگ ڪارو ٿيندو آهي، جنهن ڪري آفريڪا جو نسل ڪارو ٿئي ٿو، دنيا ۾ دراوڙي نسل جو رنگ وري سانورو ٿئي ٿو، سانورو رنگ ۽ جسم جا نقش جيترا دراوڙي نسل ۾ وڻندڙ آهن، اوترا ڪنهن به نسل ۾ ناهن، سانورو رنگ جنسي طور اشتها ڏياري ٿو، ڇو ته سانورا رنگ جا دراوڙي اڪثر دريائن جي ڪپن تي رهيا، سندن کاڌي ۾ مڇيءَ جو استعمال گهڻو رهيو، انهيءَ ڪري دراوڙي نسل جنسي طور وڌيڪ سگهارو آهي، اسان وٽ سنڌ ۾ مهاڻن جو نسل، اوڏ، ڪولهي، يا ڪجهه سماٽ ذاتيون دراوڙي نسل سان وابسته آهن:
    امن لاءِ وڙهو، پيار لاءِ وڙهو
    يار ڪاراڻ آهي، سونهن تي به اڃا.

    ڳاڙهو رنگ
    ڳاڙهي رنگ جا ڪيترائي قسم آهن، ڪڪو، ڀنڀو، ريٽو، لال، وغيره. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پسنديده رنگ ڳاڙهو هو، هو پنهنجي محبوب کي به ڳاڙهو چئي ٿو:
    آ لالڻ موٽي گهوريا رسڻ ڏينهڙا،
    يا وري پاڻ کي به ڳاڙهي رنگ سان تشبيهه يا استعاري طور استعمال ڪري ٿو:
    لالئون لال لطيف چئي.
    حضرت قلندر شهباز به پاڻ کي لال شهباز قلندر سڏائيندو هو. پنجاب ۾ ماڌو لال آهي.
    ڳاڙهو رنگ رت جو رنگ آهي، جنهن ڪري رت زندگي، تحرڪ، حرارت، سيڪس جي معنيٰ ۾ ورتو ويندو آهي، تنهن ڪري انقلابين جو پسنديده رنگ ڳاڙهو آهي، سنڌ ۾ ڳاڙهي رنگ جي تمام وڏي اهميت آهي، ڳاڙهو گهوٽ، ڳاڙهي ڪنوار جو اصطلاح عام آهي:
    ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾ (شاهه)
    سيج جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي، ڪنوار کي ڳاڙها ڪپڙا پارايا ويندا آهن، ڳاڙهي ميندي هٿن تي هنئي ويندي آهي، ڳاڙهن گلن جا هار پارايا ويندا آهن.
    وري هوڏانهن اجرڪ جي رنگن ۾ زياده ڳاڙها رنگ هوندا آهن، مطلب ته سنڌ ۾ رنگن جو هڪ وڏو جهان آهي، جنهن جو نفسيات سان گهرو تعلق آهي.
    سنڌ ۾ ڳاڙهو رنگ شاديءَ جي هر عمل ۾ موجود آهي، ان جو مطلب ته جنسي جذبي کي بيدار ڪرڻ ۾ ڳاڙهو رنگ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. خوشيءَ جو رنگ ڳاڙهو آهي، زندگيءَ جو رنگ ڳاڙهو آهي. نفسياتي طور ڳاڙهو رنگ بيدار ڪري ٿو يا وري متحرڪ ڪري ٿو.
    وري ڳاڙهو رنگ رچڻ جي علامت آهي، ڪاميابي جي علامت آهي، پچي راس ٿيڻ جي علامت آهي:
    سا ڏيکاريائون جوءِ، جتان لاهوتي لال ٿيو.


    13. ڇا انسان جو بنيادي مقصد طاقت حاصل ڪرڻ آهي؟

    الفريڊ ايڊلر جي نفسيات جو جائزو

    جهڙيءَ طرح فرائيڊ جي نفسيات جو مرڪز جنس (Sex) آهي، ڇو ته هن انسان جي جوهر کي جنس قرار ڏنو هو، اهڙيءَ طرح الفريڊ ايڊلر انسان جي حرڪت جي بنياد کي طاقت قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته: انسان هڪ خال آهي، نيستي آهي ۽ هن جي وجود ۾ گهٽتائي آهي ۽ ڪا کوٽ آهي، جنهن ڪري هو هر لمحي ۽ هر گهڙيءَ سڄي عمر طاقت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾رهي ٿو، پر پوءِ به ان جي وجود جي اها کوٽ ڪڏهن به پوري نٿي ٿئي ۽ نه ئي ان جي طاقت حاصل ڪرڻ واري اها خواهش ڪٿي ختم ٿئي ٿي، ڇو ته ڪا به طاقت سندس وجود جي انهيءَ خال ۽ انهي کوٽ کي پورو نٿي ڪري سگهي، انسان مسلسل هڪ وهڪرو آهي، ڪٿي به روڪ ناهي، ڪا به ساهي نه آهي، پر مسلسل هڪ سفر آهي، تنهن ڪري ڪٿي به مڪمل هئڻ جو احساس رڳو وقتي آهي، پر کوٽ جو اهو احساس ڪل وقتي آهي، چاهي ماڻهو هٽلر بنجي وڃي، چاهي چنگيز خان يا ڪو ديومالائي ڪردار بنجي وڃي، پر هڪ طاقت کان ٻي طاقت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ سدائين قائم رهي ٿي، وڌ کان وڌ طاقت ۽ اڃا وڌيڪ طاقت ۽ پوءِ وري نيستي يعني عدم وجود آهي.
    الفريڊ ايڊلر، فرائيڊ جو Colleague هو، هن دٻاءَ ۽ لاشعور جي ٿيوريءَ کي قبول ڪيو هو، ساڳئي وقت هن جبريت کي به پنهنجي تحريرن ۾ کنيو هو، پر سندس ڪم جو بنياد سماجي ۽ ڪرداري نفسيات تي مشتمل هو.
    ايڊلر جي خيال ۾ ٻار جڏهن پيدا ٿيندو آهي ته هو پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ جيڪا شيءِ سڀ کان پهرين محسوس ڪندو آهي، اها ڪمزوري هوندي آهي، تنهن ڪري هو انهيءَ وقت کان وٺي طاقت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ڇو ته هو جسماني لحاظ کان ويندي، پنهنجي ذهني دنيا تائين ٻين جو محتاج هوندو آهي، خاص طور تي جڏهن والدين کيس ڪنهن حرڪت کان روڪيندا آهن يا تنبيهه ڪندا آهن، ان وقت ان کي پنهنجي گهٽتائيءَ جواحساس ٿيندو آهي، سندس اها ڪمزوري عضوياتي ڪمزوري هوندي آهي، ڇو ته انسان عضون جي ڄڻ ته هڪ رياست هوندو آهي، مختلف عضون جو ميلاپ (Combination) انسان آهي. هر عضوي جو پنهنجو ڪم ۽ پنهنجي طاقت هوندي آهي، پر جيڪڏهن ڪو عضوو ڪمزور آهي ۽ صحيح طرح سان ڪم نٿو ڪري ته اها ڪمزوري سڄي عضوياتي رياست جي ڪمزوري بڻجي وڃي ٿي. مثال: جڏهن ننڍپڻ ۾ هو ڪجهه ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ سندس عضوا ڪمزوري سبب اهو ڪجهه ڪري نه سگهندا آهن ۽ پوءِ ان ۾ اتان کان ئي گهٽتائي جو احساس جنم وٺندو آهي ۽ اهو احساس ان وقت شديد ٿيندو آهي، جڏهن ٻار کي ڪنهن حرڪت کان روڪبو آهي، هو رد عمل ۾ اچي اهو ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي، پر سندس عضوا انهيءَ قابل نه هوندا آهن. عضون جي گهٽتائيءَ جو هڪ سماجي پهلو به آهي. مثال اخلاقي قدرن ۾ دٻجي ڪجهه ڪري نه سگهڻ به احساس ڪمتريءَ کي جنم ڏيندو آهي ۽ پوءِ اها گهٽتائي سڄي عمر ماڻهوءَ سان گڏ رهندي آهي. ڪنهن کي پنهنجي ڪاري رنگ جي گهٽتائي ته، ڪنهن کي پنهنجي ننڍي قد هجڻ جو احساس ته، ڪنهن کي وري وڏن ڏندن جي گهٽتائي جو احساس هوندو آهي، ان کان پوءِ ان جي جڏهن ڦوهه جواني ايندي آهي ۽ هر عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته ماڻهو پنهنجي ان گهٽتائي کي ڪنهن نه ڪنهن فن يا تخليق ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ماڻهو جڏهن پوڙهو ٿيندو آهي ته سندس عضوا، سندس ذهن جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪرڻ شروع ڪندا آهن، پر ان وقت ان جو سڀ کان وڏو الميو اهو هوندو آهي ته سندس ذهن تمام گهڻو باشعور ٿي چڪو هوندو آهي ۽ جسم جي ذريعي حاصل ٿيل سک، سهوليتون ۽ لذتون سندس ذهن ۾ موجود هونديون آهن. اهڙي وقت ۾ جڏهن ذهن Excite ۽ بالغ هجي پر جسم ڪم ڪرڻ کان لاچار هجي ته انسان ۾ هڪ قسم جو خطرناڪ مونجهارو جنم وٺندو آهي، جيتوڻيڪ اهڙي قسم جا مونجهارا سڄي عمر ماڻهوءَ سان گڏ هوندا آهن، جيڪا هڪ قسم جي عضوياتي احساس ڪمتري هوندي آهي، جنهن مان نڪرڻ لاءِ ماڻهو طاقت حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ طاقت جون وري لکين صورتون آهن. جيئن پهلواني جي طاقت، اقتدار جي طاقت، دولت جي طاقت، حُسن جي طاقت، تخليق جي طاقت، پيار ۽ محبت جي طاقت، فن جي طاقت، راند روند جي طاقت، سڀني ۾ ماڻهو پنهنجي احساس ڪمتريءَ کي ختم ڪرڻ گهرندو آهي ۽ پنهنجيءَ ذات جو اظهار ڪرڻ چاهيندو آهي. ايڊلر جي انهيءَ نقطي بابت تمام گهڻن فلسفين ۽ نفسيات دانن پنهنجا نظريا پيش ڪيا آهن ۽ اهو ئي نقطو آهي ته ماڻهو آخر ڇا آهي؟ ڇا ٿو چاهي؟؟؟ سارتر جو خيال آهي ته انسان نيستي آهي. اها ڳالهه انهيءَ ڳالهه سان مشابهت رکي ٿي ته سندس وجود ۾ هڪ خال آهي. ايڊلر چوي ٿو ته انهيءَ خال کي پُر ڪرڻ لاءِ انسان طاقت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، پر سارتر چوي ٿو انهيءَ خال کي پُر ڪرڻ لاءِ ماڻهو خود فريبيءَ جو سهارو وٺي ٿو، هو اهو ڪجهه ڪري ٿو، جيڪو اصل ۽ حقيقت ۾ آهي ئي ڪونه، يعني زندگي هڪ رومانس آهي، فطرت عالم ۾ خود فريبيءَ جو رومانس ئي هستيءَ جي حقيقت آهي.
    هستي مڪمل هئڻ گهرجي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ انسان نه آهي، تنهن ڪري سارتر چيو ته انسان صرف انهيءَ وقت سڏائبو، جڏهن هو ڪا ’شيءِ‘ نٿو بنجي ۽ ڪنهن شيءِ بنجڻ لاءِ هن کي پنهنجي خوديءَ ۽ پنهنجي اختيار کي اڀارڻو پوندو، پنهنجي روايتن ۽ دائرن کان بغاوت ڪري، پاڻ کي مڃائڻو پوندو، مطلب ته طاقت جو تصور سارتر وٽ انهيءَ ’شيءِ‘ مثل آهي، جنهن کي حاصل ڪري، ماڻهو پنهنجي وجود جي خال کي ڀرڻ چاهيندو آهي.
    سارتر وٽ ان جا ٻه رستا آهن: هڪ خود فريبي جو ۽ ٻيو انڪار جو. خود فريبيءَ ۾ ماڻهو پنهنجيءَ ذات کي ڪنهن عمل جي ذريعي ڪنهن شيءِ مثل بنائڻ چاهيندو آهي، مثال: هڪ شادي شده جوڙو هڪٻئي کي يقين ڏيارڻ چاهيندو آهي ته هو هڪٻئي سان افلاطوني محبت ڪندا آهن ۽ ان لاءِ هو مثالي محبت ڪرڻ واري جوڙي وانگر عمل ڪندا آهن يا هڪٻئي سان اهڙو رويو رکندا آهن، جيئن ڪو نئون آفيسر جڏهن پنهنجي آفيس ۾ ڪرسيءَ تي اچي ويهندو آهي ۽
    رُعب تاب رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن سڄيءَ ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته انسان جو پنهنجو ڪجهه به ڪونهي، هو دنيا ۾ فطرت جي قانون کانسواءِ چونڊجي شعور جو قانون به کڻي اچي ٿو ۽ پوءِ جڏهن هو پنهنجيءَ ذات لاءِ ڪا چونڊ ڪري ٿو ته اها مصنوعي هوندي آهي، ڇو ته ان جي ذات جو حصو اها شي ناهي هوندي. بقول سارتر جي ته، انساني فطرت جهڙِي ڪا به شيءِ ناهي، ان ڪري هستيءَ لاءِ چونڊ ضروري آهي، ۽ ايڊلر جي اها ڳالهه مشابهت رکي ٿي ته انسان جي هئڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته هو پاڻ ۾ گهٽتائي کي محسوس ٿو ڪري، ٻيو ان جي وجود جي خال مان نڪرڻ جو طريقو انڪار ۾ آهي، جهن ۾ جبري طور مڙهيل پابنديون، ماڻهو جي آزاديءَ جو دائرو تنگ ڪري ڇڏينديون آهن، ته ان وقت ماڻهو انهن پابندين جي خلاف بغاوت ڪري، پنهنجي وجود جو اظهار ڪندو آهي ۽ اهو ئي اظهار هن جي ذات جي گهٽتائي کي ختم ڪندو آهي.
    انسان بيچين ڇو رهندو آهي؟ سندس اندر ۾ کوٽ ڪهڙي آهي؟ هو آخر ڇا ٿو چاهي؟ ڇا واقعي اهو وجود جو خال آهي؟ ڇا واقعي وجود نيستي آهي؟
    انهيءَ سوال جو جواب ڪارل مارڪس پنهنجي مابعدالطبعيات ۾ هن طرح ڏنو آهي ته: ڪائنات جو بنياد جبلياتي ماديت تي رکيل آهي، هر ڪا شيءِ فطرت جي اصولن مطابق عمل ڪري ٿي، ان ڪري انسان پڻ مسلسل تبديلي چاهي ٿو، ڇو ته انسان سوچي ٿو ۽ پورهيو ڪري ٿو، جنهن ڪري هو پنهنجي سُک ۽ سهوليت لاءِ فطرت جي قانونن خلاف جدوجهد ڪندو رهي ٿو، پر سندس ذات ۾ گهٽتائي تڏهن پيدا ٿئي ٿي، جڏهن هن جو واسطو طبقاتي نظام سان پوي ٿو، جنهن ۾ سندس شخصيت مسخ ٿي وڃي ٿي ۽ سندس پورهئي جو استحصال ٿئي ٿو، ان وقت قدر ختم ٿيو وڃن ۽ ان جي جاءِ تي وحشيت ۽ بربريت جنم وٺي ٿي. ماڻهو حرص ۽ لالچ ۾ گهيرجيو وڃي ٿو، ذات جا منفي رجحان وڌي وڃن ٿا ۽ تبديليءَ جو عمل تباهه و برباد ٿي، تجريدي رخ اختيار ڪري ٿو. بنيادي طرح تبديلي ڪائنات جي ذري ذري ۾ موجود آهي، تنهن ڪري انسان تبديليءَ کانسواءِ رهي نٿو سگهي، اها ئي تبديلي آهي، جنهن کي ايڊلر ذات جو خال ٿو سمجهي.
    انهيءَ ذات جي خال متعلق ۽ تبديليءَ جي سببن بابت فرائيڊ جو به دلچسپ نقطه نظر آهي، فرائيڊ جو چوڻ آهي ته، جنس جا ٻه قسم آهن: هڪ جسماني طرح، ٻيو ذهني طرح. ذهني طرح جنس کي محسوس ڪرڻ ۽ انهيءَ جي لذت جي احساس کي فرائيڊ ’لبيڊو‘ جو نالو ڏئي ٿو. لبيڊو جا ٻه مرحلا آهن: پهرئين مرحلي ۾ انسان جسماني ضرورت ۽ جسماني آسودگي محسوس ڪري ٿو. ٻئي مرحلي ۾ ذهني سطح تي لذت کي محسوس ڪري ٿو. جسماني سطح تي ته انسان تبديلي نٿو چاهي، پر ذهني سطح تي لذت جي احساس ۾ هو تبديلي چاهي ٿو، اهو آهي جنس جو لبيڊو فارم.
    آئون انهيءَ کي وڌيڪ Explain ڪندو هلان ته لبيڊو فارم ڪٿي به ماڻهو کي رڪجڻ نٿو ڏئي، بلڪه ذهني سطح تي هو هميشه لذت جي تبديلي چاهي ٿو، تنهن ڪري انسان هميشه هڪ سک کان وڌيڪ ٻئي سک ڏانهن، هڪ حُسن کان وڌيڪ ٻئي حُسن ڏانهن ۽ هڪ منزل کان ٻي منزل ڏانهن هلڻ چاهي ٿو، ڇو ته انسان کي جانور کان جدا سندس لبيڊو فارم ڪيو آهي، اهو ئي فارم تبديليءَ جو آهي. انسان جو وجود ئي انهيءَ سان آهي ته تبديل ٿيندو رهي ۽ اها تبديلي ڪجهه اصولن تحت ٿيندي آهي. ڇڙواڳ ۽ بي ترتيب نه ٿيندي آهي.
    طبقاتي سماج ۾، انسان جي جبلت کي وڌ ۾ وڌ ڌڪ لڳو آهي، سو سندس لبيڊو فارم جي فطري عمل جو ڊسٽرب ٿيڻ آهي. يعني انساني عمل جو بنياد تباهه ٿيڻ، ڇو ته طبقاتي سماج جا قدر مٿين طبقي لاءِ دولت گڏ ڪرڻ ۽ انهيءَ ۾ واڌاري ڪرڻ لاءِ ڪارآمد هوندا آهن، باقي وچون ۽ هيٺيون طبقو پنهنجي سڄي زندگي، پنهنجين ضرورتن ۽ تبديليءَ جي عمل لاءِ ڳهي ڳهي مري ويندو آهي. فطرت جي انهيءَ عمل کي تباهه ڪرڻ سان، انساني ذهن تجريدي رخ اختيار ڪري چڪو آهي. سندس نفسيات ۾ جانورن وارا رجحان وري بيدار ٿي پيا آهن. ذات جو خال وڌي ويو آهي، ڇو ته ان جون بنيادي ضرورتون پوريون نٿيون ٿين.
    هاڻي اسان طاقت جي فلسفي کي آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا، جنهن سماج جو بنياد ئي طاقت تي رکيل هجي، يعني انسان جو جوهر طاقت ۾ منتقل ٿي ويو آهي ۽ انسان بنجڻ جا سڀ رستا طاقت جي حصول سان مشروط آهن، ان ڪري انسان بنجڻ لاءِ ماڻهو لازمي طور طاقت حاصل ڪرڻ چاهيندو، ڇو ته ٻيءَ صورت ۾ ماڻهو انسان بنجڻ جي عمل کان ڪٽجي ويندو ۽ هن طبقاتي سماج ۾ ائين آهي. هيٺين طبقي ۾ انسان بنجڻ لاءِ اتساهه ته هوندو آهي، پر اهو ان ۾ محروميءَ جو احساس وڌيڪ پيدا ڪندو آهي ۽ هو وڌيڪ ڏکي انهيءَ ڪري ٿيندو آهي، جو هو حيواني زندگيءَ ۾ واپس وڃي نه سگهندو آهي ۽ انساني قدرن جي حاصلات لاءِ هن وٽ دولت نه هوندي آهي ۽ جيڪڏهن دولت هوندي آهي ته سماج ان جو متحمل نه هوندو آهي، ڇو ته نيم انساني ۽ نيم حيواني سماج ۾ مستقبل جي اعليٰ آدرشن واري ڀرپور زندگيءَ جا خواب ڏسڻ وارو ماڻهو، خوش رهي نه سگهندو آهي. هو ته اڪيلو ئي هوندو، جڏهن طاقت ئي سڀ ڪجهه هجي ته پوءِ طاقت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ طاقتور هڪٻئي سان مقابلو ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا ۽ اها هڪٻئي کان اڳيان نڪرڻ واري ۽ پاڻ کي منفرد حيثيت ڏيکارڻ واري ڊوڙ ماڻهن کي انساني قدرن مان ڪڍيو ڇڏي ٿي.
    طاقت جي فلسفي تي هڪ ٻيو نقطه نظر جرمنيءَ جي فلسفي نيٽشي ۽ علامه اقبال جو آهي: اقبال جو چوڻ آهي ته جيئن ئي انسان ۾ شعور ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو علم اچي ٿو، تيئن انسان جي آزاد حيثيت به بحال ٿئي ٿي ۽ آهستي آهستي زندگي هڪ اهڙي مرتبي تي پهچي وڃي ٿي، جتي سندس ذهني حيثيت بحال ٿئي ٿي ۽ اها منزل خوديءَ يا ذات جي شعور جي منزل آهي، جنهن ڪري انسان کي مرڪزي حيثيت ملي ٿي ۽ هو هڪ جدا قوت جي حيثيت سان پنهنجي رستي جو تعين پاڻ ڪري ٿو ۽ پوءِ هو زمان ومڪان جي حدن مان نڪري هڪ اعليٰ هستي بنجي وڃي ٿو.
    پر اها منزل مقرر ٿيل ڇاپ يا يڪسانيت جو نالو ناهي، بلڪه نيون نيون خواهشون انهيءَ ۾ پيدا ٿينديون رهن ٿيون، خدا به اهو ئي آهي، جنهن ۾ حقيقت ۽ خيال ٻئي ضم ٿي وڃن ٿا، تنهن ڪري انسان انهيءَ هستيءَ جي خال کي پوري ڪرڻ لاءِ خوديءَ جي انهي منزل ڏانهن سفر ڪرڻ کان پوءِ ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو.
    سرمائيداري سماج جو بنياد حيواني سماج تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ انسان مان سندس اندر جو انسان ڪڍي مارڪيٽ ۾ رکيو وڃي ٿو، هاڻي جيڪڏهن اوهان وٽ طاقت آهي ته انهيءَ کي بازار مان خريد ڪري وٺو، نه ته ذلت جي زندگي گذاريو، ڇو ته انسان جي تبديليءَ جو عمل ٻاهر جي مادي شين سان جُڙي وڃي ٿو ۽ اهي مادي شيون طاقت سان حاصل ڪري سگهجن ٿيون. سرمائيداري سماج ۾ طاقت جو قدر دولت تي رکيو ويو آهي، انهيءَ ڪري هر ڪو ماڻهو هڪ اڻ کٽ ڊوڙ ۾ لڳل آهي، ته هو ڪيئن به ڪري ڪا نه ڪا طاقت حاصل ڪري، انهيءَ متعلق وليم جيمس جو فلسفو به ڪافي مشهور آهي، جنهن جو اصل مقصد هي آهي ته هر اها شيءِ جيڪا ذاتي فائدو ڏئي سگهي، يعني صداقت تيستائين آهي، جيستائين اها اسان جي زندگيءَ لاءِ فائديمند هجي، نتيجي پرستي، نتيجي ڪڍڻ جو هڪ مخصوص انداز آهي، جيڪو اصول ضروريات، فطرت، انسانيت جي بجاءِ حاصل نتيجن ۽ واقعن کي ڏسندو آهي، ان ڪري انهيءَ فڪر ۾ انساني قدرن کي ڪا به اهميت نه آهي، سڀ ڪجهه لتاڙي اڳتي وڌڻ واري هوس هوندي آهي، جيڪا سماج کي بحران جو شڪار ڪري ڇڏيندي، ٻي صورتحال اها ٿيندي آهي، جو جمهوريت ته آهي پر بقول برٽرينڊرسل جي ته: ”اها غريب کي بک مرڻ جي امير کي وڌيڪ دولتمند ٿيڻ جي لاءِ آهي“. لکين آسائشون ۽ رنگين محفلون ته آهن، پر انارڪيءَ جي دونهين ۾ سڀ ڪجهه ڌنڌلو آهي ۽ اندر کاڌل ۽ دهشت ۾ پليل انسان اڪيلو آهي.
    طاقت جي فلسفي جي حوالي کان اسان مقبول طارق جي ڪتاب ”سنگين فڪري مغالطي“ کي به نظر انداز نٿا ڪري سگهون، جنهن ٽئين دنيا جي ڪمزوري ۽ پستيءَ جو سبب به طاقت کي ئي قرار ڏنو آهي. هن ٽئين دنيا کي ترقي يافته ملڪن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ مشورو ڏنو آهي ته کين کپي ته طاقت حاصل ڪن ۽ ان ۾ ئي نجات آهي.

    تنقيدي جائزو
    ايڊلر جي خيال ۾ جنس جو به هڪ عضوي پهلو آهي، ٻين عضون کان جنسي عضوا وڌيڪ حساس ۽ پيچيده هوندا آهن، بلڪه اهي ذهني حالت ۾ ڪيفيت جو سڌو اثر قبول ڪندا آهن، ڇو ته جنسي عضوا ذهن جا محتاج آهن، انهيءَ لاءِ ٻن ذهنن جي هڪجهڙائي ضروري آهي، هڪٻئي کي قبول ڪرڻ ضروري آهي، تنهن ڪري اهو مسئلو ذاتي گهٽ ۽ سماجي وڌيڪ آهي، ان ڪري جو سماجي قانون ۽ پابنديون انهيءَ خواهش کي وڌيڪ نظم و ضبط ۾ آڻين ٿيون.
    هتي ايڊلر جنس کي وجود جي جوش حيات مان ڪڍي، سماج جي تهذيبي سانچي ۾ وجهي ٿو ڇڏي، اهڙيءَ طرح ايڊلر جنس کي ثانوي مسئلو قرار ڏيندي، طاقت جي مسئلن کي بنيادي مسئلو بنائي ٿو.
    نيٽشي وٽ لاشيءِ جو يا نيستيءَ جو تصور مرگ خدا جي تصور سان گڏ آهي. هو چوي ٿو ته، دراصل انسان کي کپي ته هو روح جي گهرائين ۾ خدا جي موت کي محسوس ڪري ۽ انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪري، ته هن سڄي ڪائنات ۾ هو اڪيلو آهي، ان جي ڪا به آفاقي حيثيت ناهي، سندس نجات صرف انهيءَ ۾ آهي ته هو پنهنجيءَ ذات جي طاقت کي گڏ ڪري، نئين شڪل ۽ نئين معنيٰ ڏي، مطلب ته انسان کي پنهنجي دهشت، اڪيلائي ۽ ڏک جي منهن سامهون ٿيڻو آهي ۽ پنهنجيءَ هستيءَ کي ايترو ته طاقتور بنائڻو آهي، جو خود خدا هن جو پنهنجو بنجي وڃي. اهو آهي سپرمين جو تصور، اهو ئي فلسفو جڏهن پنهنجي فلسفياڻي جوهر مان نڪري سماجي يا سياسي فڪري ٿي پوي ٿو، ته اهو سرمائيداري سماج جو هٿيار بنجي وڃي ٿو، پر مسئلو اهو آهي ته انساني وجود کي آخر طاقت حاصل ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟
    انهيءَ جواب لاءِ اسان وري به فلسفه لذت (Hedonism) جي مڪتب فڪر سان رجوع ڪنداسين، هڪ طرف ڪرب، پيڙا ۽ ڏک آهي، ٻئي طرف لذت سرور ۽ خوشي آهي، توهان ٻنهي مان ڪنهن جي چونڊ ڪندا؟
    جيڪڏهن توهان ڪمزور آهيو ته طاقت ڇا لاءِ حاصل ڪرڻ چاهيندا؟ مطلب ته طاقت جو ڪارج ڇا آهي؟؟ توهان جي ذات جي برتريءَ جوا حساس، توهان کي ڪهڙي سک ۽ سهوليت سان جوڙي ٿو، انهن سڀني سوالن جي جواب ۾ هڪ ڳالهه لڪيل آهي. اها آهي ته انسان جيئڻ چاهي ٿو سندرتا، سک ۽ لذت سان ۽ انهن شين جي تبديلي واري عمل سان، انهن شين کان انسان هٿ کڻڻ نٿو چاهي ۽ جيڪو هٿ کڻندو آهي، اهو موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي.
    ذات جو خال ڀرڻ لاءِ طاقت جي بجاءِ لذت ۽ خوشي کپي، وجود جو اظهار (Self Expression) کپي، ذهني سطح تي جنسي تسڪين (يعني لبيڊو فارم) کپي.
    جيڪڏهن طاقت ئي سڀ ڪجهه هجي ها ته پوءِ ڪنهن پهلوان ماڻهوءَ کي اربين رپيا ڏئي، جهنگ ۾ موڪلي ڇڏجي ۽ پوءِ ان تي پابندي وجهي ڇڏجي ته هو هميشه اڪيلو رهي، ته ڇا اهو ماڻهو خوش رهي سگهندو؟ ۽ رڳو طاقت ئي سندس ڪم اچي سگهندي؟ يقينًا نه؛ ڇو ته دولت مان هو پنهنجي سُک ۽ سهوليتن واريون شيون وٺڻ چاهيندو، جيڪي هن کي جهنگ ۾ نه ملنديون ۽ هو جيڪا شيءِ وٺڻ چاهيندو، اها شيءِ لذت ۽ ذهني تسڪين لاءِ هوندي، ان جو مطلب ته بنيادي شيءِ دولت ۽ طاقت نه پر سُک ۽ آسودگي ۽ لذت آهي.


    ڪارل مارڪس، سگمنڊ فرائيڊ ۽ سارتر وٽ جدلياتي فلسفي جي هڪجهڙائي

    هر ڏسڻ واري جو پنهنجو انداز آهي. هر جانچ ۽ پرک جو پنهنجو اسلوب آهي. شين کي عام طور سان ڪثرتي انداز ۾ ڏٺو وڃي ته هنن جو پنهنجو وجود، پنهنجي انفراديت به هوندي آهي، پر غور ڪيو وڃي ته ڪٿي انهن ۾ هڪجهڙائي به هوندي آهي، اهائي هڪجهڙائي ڪائنات جي ڪثرت کي وحدت ڏانهن وٺي وڃي ٿي.
    بظاهر مارڪس، سارتر ۽ فرائيڊ جي فلسفي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. فرائيڊ جو موضوع نفسيات هو. سارتر وجودي هو ۽ مارڪس جدلياتي ماديت جو فلسفو ڏنو هو، پر هنن جي فلسفي جي تت ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي به موجود آهي.
    مارڪس تبديليءَ جو بنياد مادي کان کنيو، جنهن ۾ هن واضح طور تي قانون متعارف ڪرايا. هڪ تضادن وارو قانون، ٻيو مقدار کان ڪيفيت، ٽيون نفي کان نفي وارو قانون. انهيءَ بنياد تي فطرت جي هر شيءِ تبديل ٿيندي رهي ٿي. غيرجاندار کان وٺي جاندار تائين جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي، انهيءَ جو بنياد انهيءَ قانون تي رکيل آهي، پر ڇا انسان جو ذهن، شعور جدلياتي شعور مادي حالتن جي تابع آهي؟ جانور کان انسان بنجڻ واري سفر ۾ به مادي حالتن جو هٿ هو. جڏهن انسان هٿيار کنيو ته هو جانور کان علحده ٿي ويو، يعني محنت واري عمل ماڻهوءَ کي جانور مان انسان ٺاهيو. مارڪس چيو هو ته:

    “The labour of millions of ordinary men and women constitutes the indispensable foundation of mankind’s life and progress. (1)”
    مارڪس سماجي تبديلي ۽ ترقيءَ جو بنياد به پيداواري ذريعن جي تبديليءَ کان ڄاڻايو هو ۽ هن اهو به چيو ته معاشي حالتون ئي فلسفي جو تعين ڪنديون آهن. يعني انساني شعور به جدلياتي عمل ۾ آهي، پر انهيءَ تبديليءَ جو تعين مادي حالتون ڪن ٿيون، پر اتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر انسان هٿيار ڇو کنيو؟ ڇا انسان جي ذهن ۾ شعور جي اها خاصيت هئي ته هو مادي حالتن مان هي نتيجو ڪڍي؟ نه ته ٻي صورت ۾ ٻين جانورن لاءِ به اهي مادي حالتون هيون، انهن هٿيار ڇو نه ٺاهيو يا کنيو؟
    “The force by which the sexual instincts is represented in the mind we call “libido”. Sexual hunger regarding it as analogous to the force of hunger or the will to power and other such trends among ego.” (2)

    لبيڊو اها طاقت آهي، جنهن جي ذريعي جنسي جبلت کي ذهن ۾ نمائندگي ملندي آهي ۽ اسان لبيڊو کي جنسي طلب به چئي سگهون ٿا ۽ شدت اختيار ڪرڻ کان پوءِ بک، هوس، طاقت جو رُخ به وٺي سگهي ٿي.
    لبيڊو فارم جي معنيٰ ويسٽر آمريڪن ڊڪشنريءَ ۾ هن ريت لکيل آهي:
    Libido: psyche analysis, psychic energy generally specific a basic from of psychic energy comprising the positive loving instincts and of personal development (3)

    هاڻي اسان لبيڊو کي واضح طور سمجهي سگهون ٿا ته اها قوت آهي، جنهن ذريعي جنسي لذت کي ذهني طور محسوس ڪري سگهجي ٿو. اتي اها ڳالهه واضح ٿيڻ گهرجي ته جنس ٻن قسمن جي آهي، هڪ جسماني طور (جبلي طور ضرورت وقت) ٻيو ذهني طور.
    ذهني طور جنس جو تعلق صرف انسان سان آهي، اها قوت جانور ۾ ناهي. جانور کي جڏهن جبلي طور محسوس ٿيندو آهي ته اها ضرورت پوري ڪندو آهي، پر انسان جو لبيڊو فارم ارتقائي مرحلن مان ترقي ڪندو، اهڙي مرحلي تي پهتو، جو هن جو جدلياتي عمل واضح ٿيڻ لڳو.
    لبيڊو ذهني سطح تي مسلسل تبديلي ذريعي ترقي ڏانهن وڃي ٿو. اڄ جيڪا شيءِ مسرت، لذت ۽ سُک جو باعث آهي، سڀاڻي ان مان اها لذت نه ملندي، تنهن ڪري ان جي ڪيفيت ۾ تبديليءَ جي ضرورت آهي. مثال انسان روز ڪڪڙ جو گوشت نه کائي سگهندو. ڪڏهن سبزي، ڪڏهن دال، ڪڏهن پلاؤ، ڪڏهن ٻوڙ، ڪڏهن ڪجهه ٻيو، پر يڪسانيت مان هو ڪڪ ۽ بدذائقي وارو ٿي پوندو، ايتري قدر جو سندس پسنديده کاڌو کارايو وڃي، بغير وقفي جي، ته هو هڪ ڏينهن الٽيون ڪري ڪڍي ڇڏيندو، پر کائي نه سگهندو، تنهن ڪري تبديلي لازمي آهي. اهوئي سبب آهي جو ماڻهو وڻن جي پنن، ڪچو گوشت کائيندي سٺا سٺا طعام تيار ڪرڻ تائين اچي پهتو آهي. رهڻ جي جاءِ، فرنيچر، آسائشون، سواري سڀني شين ۾ آهستي آهستي ڪيفيتي تبديلي ڪري انسان سک، لذت ماڻيندو رهيو آهي. فرائيڊ جنس کي به اهڙي عمل ۾ هئڻ واري ڳالهه ڪئي آهي. طبقاتي نظام ۾ مٿيون طبقو سُک، آسائشون، تبديليون پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏي ٿو ۽ غريب ماڻهو ضرورت به پوري نٿو ڪري سگهي. تبديليءَ واري ڪيفيتي عمل مان گذري لذت، مسرت ڪٿان ماڻيندو؟ ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪوشش هو ڪري به ٿو ته وري مٿان سماج جا قدر کيس روڪي ڇڏين ٿا ۽ اهڙيءَ طرح لبيڊو فارم جو جدلياتي عمل رُڪجي وڃي ٿو ۽ انسان بيهڪ (Fixation) جي ڪري جانوراڻي حالت ۾ پهچي وڃي ٿو. ان وقت جدليات جو عمل صرف مادي طور عنصرن جو ٿئي ٿو، انسان جي ذهني ڪيفيت جو نٿو ٿئي، تنهن ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته انسان جو جانور مان انسان ٿيڻ جو سبب لبيڊو فارم آهي. مسلسل تبديلي ذريعي لذت جو حصول انهيءَ کي مجبور ڪري ٿو ته هو هٿيار کڻي، هو حالتن ۾ تبديلي پيدا ڪري.
    ياد رهي ته ضرورتن کي طبقاتي سماج ورهائي ڇڏيو ۽ سرمائيداري سماج وري ضرورتن کي صرف معاش جي دائري ۾ قيد ڪري ڇڏيو، اهوئي سبب آهي، جو اسان وٽ جنس ۽ معاش کي الڳ الڳ سمجهيو ويندو آهي. اصل ۾ اهي ضرورتون آهن، پهرئين جنس آهي يا معاش. اهو ٻاراڻو سوال آهي بلڪل ائين جيئن پڇجي ته پهرين پاڻي ضروري آهي يا ماني؟ يا ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ عورت ضروري آهي يا مرد؟ ماڻهو مانيءَ کان بغير زندهه رهي نه سگهندو، جسماني طور مري ويندو، پر جنسي عمل کان بغير ذهني طور مري ويندو. (مطلب ته انسان مري ويندو، باقي جانور وڃي رهندو).
    مارڪس جو اهو جملو ڏاڍو معنيٰ خيز آهي ته:
    ”انسان کي اڃا اُڀرڻو آهي.“
    هاڻي توهان غور ڪندا ته مارڪس کان وڌيڪ فرائيڊ جي نفسيات ۾ سماجي انقلاب جي ڳالهه آهي. فرائيڊ جي لبيڊو جي تڪميل لاءِ مارڪس جي معاشي انقلاب جي ضرورت آهي.
    اڃا به بنيادي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر انسان ۾ لبيڊو ڇو آهي؟ ۽ لبيڊو فارم جي تبديليءَ واري ضرورت ڇو آهي؟ ان جو جواب وجوديت ٿي ڏئي:
    سارتر چيو هو:
    “Being presupposes essence, although essence appears in relation to being returns to its ground, being is surpassed in essence”.(94)

    وجود جوهر کان پهرين آهي. پهرئين وجود پنهنجو پاڻ کي سامهون ٿئي ٿو، جوهر جي تشڪيل پوءِ ڪري ٿو، پر اهو جوهر هر ماڻهوءَ جو پنهنجو آهي ۽ اهو به مستقل ناهي. مطلب ته انسان پنهنجي دنيا خود تعمير ڪندو آهي، انهيءَ ڪري ته وجود هڪ مڪمل نيستي خال آهي ۽ انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ هستي بنجڻ لاءِ ماڻهو مسلسل سرگرم عمل رهندو آهي، ڇو ته ڪابه شيءِ سندس ذات جي خال کي پُر نه ڪري سگهندي آهي. (انهيءَ ڪري ته ڪابه شيءِ سندس وجود جي متحمل ئي ناهي، سندس طئي شده جوهر آهي ئي نه).
    انهيءَ ڪري هو مسلسل جستجو ڪندو آهي، پر رهندو اڌورو آهي ۽ اهو اڌورو پڻ جو احساس سڄي عمر کيس ڀٽڪائيندو آهي. هو هر وقت پنهنجي نيستي، خلا مان نڪرڻ لاءِ فطرت، سماج، رسمن، رشتن، آسائشن، تخيل، سان رومانس جو رشتو جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر اهو خود فريبيءَ تي مبني هوندو آهي:

    “We say indifferently of a person that he shows signs of bad faith or that he lies to himself”. (5)
    تنهن ڪري انسان ڪنهن هڪ شيءِ تي ٽڪي بيهي نٿو سگهي. هو مسلسل چونڊ ڪندو رهي ٿو، اهو چونڊ جو عمل ڪڏهن به ختم ٿيڻ جو ناهي. ماڻهو ذات جي خلا کي انهيءَ وقت اڃا به وڌيڪ محسوس ڪري ٿو، جڏهن وجودي وارداتن مان گذري ٿو. جهڙوڪ: موت، دهشت، بوريت، ڪراهت، واهيات پڻو وغيره. ۽ انهن وجودي وارداتن جو احساس ان وقت وڌي وڃي ٿو، جڏهن تبديليءَ جو عمل رڪجي وڃي ٿو. لبيڊو فارم جدلياتي عمل کان ڪٽجي وڃي ٿو، يا وري سماج بحران جي ور چڙهي وڃي ٿو، جيئن موجوده پاڪستاني سماج مڪمل بحران جو شڪار آهي. معاشي بحران، اخلاقي بحران، دهشت گردي، ويڳاڻپ، ڏيکاءُ پرستي، ناانصافي، بي وسي ۽ ڊپريشن وغيره.
    جدليات جا رُخ صوفي ازم. هندستان جي قديم فلسفن جهڙوڪ: ٻڌازم، چارواڪ، ڪرشنا وٽ ۽ يونان جي هيراقليطس وٽ موجود هئا. سنڌ جي صوفي ازم ۾ به اهڙو طريقو موجود آهي، پر فرق اهو آهي ته سنڌ جو تصوف مذهب سان ڳنڍجي ويو آهي، جنهن ڪري هنن وٽ وجود پهريائين ناهي، بلڪ جوهر مان نڪتل حصو آهي ۽ جوهر خدا آهن. انسان اڌورو خال آهي، هو مڪمل تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن خدا کي حاصل ڪري، يعني پنهنجي ذات کي خدا ڏانهن منتقل ڪري، انهيءَ لاءِ روحاني تجربن مان گذرڻو پوندو، عشق ڪرڻو پوندو، باقي دنيا ۾ دل لڳائي، رومانس پيدا ڪري، ذات جي تڪميل نٿي ڪري سگهجي، ڇوته اها مايا آهي، جنهن کي فنا آهي، پر شاهه لطيف رومانس جي به ڳالهه ڪئي آهي، ڀرپور زندگيءَ جي عشق ۽ محبت جي، پرينءَ جي پيار جي نينهن اڇل جي، يعني هڪ خوشحال سماج جي ڳالهه ڪئي آهي:
    اَڱڻ تَازيُون، ٻَاهِر ڪنڊيون، پَکا پَٽ سُونهن،
    سُرهيءَ سَيج، پَاسي پِرِين، مَر پِيا مِينهن وَسَن،
    اَسان ۽ پرين، شَال هُون بَرابَر ڏِينهَڙا.
    شاهه لطيف جو اهو تصور ڪنهن سائنسي ڪميونزم، جدلياتي ماديت واري عمل ۾ رهڻ واري انسان کان مختلف ناهي.
    هندستان جي ساڌن، يوگين، ٻڌن مسلسل تبديليءَ ۽ مسلسل ڏکن کان بچڻ لاءِ مايا سان دل لڳائڻ واري عمل کان بيزار ٿي، نرواڻ مڪتبي جي ڳالهه ڪئي، ڇوته مسلسل تبديلي ۽ ڀڄ ڀڄان ماڻهوءَ کي بيزار ۽ ماندو ڪري وجهي ٿي، ماڻهو وڌيڪ ڏکن ۾ هليو وڃي ٿو، پر فرائيڊ انهيءَ کان بچڻ لاءِ Sublimation مهذب پڻي جو فلسفو ڏنو. هن چيو ته انسان وٽ جانوراڻيون جبلتون آهن. مثال: چير ڦاڙ، وڙهڻ ۽ جنس وغيره.
    “Sublimation: which is the solution par excellence. Sublimation means transforming the instinct into socially useful, as when unsatisfied maternal instincts are transformed in to an interest in orphans or school, teaching and the aggressive instincts into an interest in surgery”. (7)

    اهڙيءَ طرح سان جبلي حيواني ضرورتون، سماجي، انساني، ضرورتن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، پر ياد رهي ته پهريائين ضرورت آهي، جيڪا جانوراڻي وجود کي قائم رکي ٿي، پوءِ انساني ضرورت يعني ڪيفيتي طور تبديلي، يعني ضرورت پوري ٿيڻ کان پوءِ هو معيار (Quality) ڏانهن ويندو، انهيءَ ڪري شيخ اياز چيو هو ته:
    ڍؤ بنا ڍولا، ناهي سَاڃاهه سُونهن جي.
    ڇوته ڍؤ کان پوءِ ئي هن ۾ ذوق پيدا ٿيندو، بهترين چونڊ تڏهن ئي ڪندو، جڏهن هن وٽ سڀ ڪجهه مهيا هوندو، پر هن وٽ آهي ئي دال ته گوشت کائڻ وارو ذوق ڪٿان پورو ڪندو؟ سخت اُڃ مري رهيو هوندو ته گٽر جو گندو پاڻي به پي وٺندو، سخت جنسي گهٽ ۽ هيجان ۾ طوائف وٽ به هليو ويندو، ڇو ته زندهه رهڻو آهي پر ڇا اها زندگي انسان جي هوندي؟ ڇوته صرف انساني حُلئي سان ماڻهو انسان نٿو ٿي سگهي، پر جيڪڏهن هر شيءِ ڪثرتي انداز سان بغير جهل پل جي موجود هوندي ته پوءِ ذوق واري مهذب طريقي سان چونڊ ڪندو، سٺي کان سٺي شيءِ ڏانهن ويندو.
    انسان جي تخليق هئڻ جو اهو جدلياتي عمل ڪروڙن سالن جو آهي، گڏيل تجربن جو آهي، تنهن ڪري هڪ ڏينهن ۾ يا هڪ فرد جي زندگيءَ ۾ سڀ سهوليتون مهيا ڪري، کين جهنگ ۾ انسان نٿو بڻائي سگهجي.
    آئون ايئن نٿو چوان ته ٽنهي فلسفين جي فلسفن ۾ ڪي اختلاف ڪونهن. ڪافي اختلافن جي باوجود هڪ جهڙايون به آهن، جن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.


    جيون هڪ بي معنى سوال

    ڪڏهن ڪڏهن سوچن جو اڻ کٽ سلسلو، سوچن جي ڪوهيڙي مان ٿيندو، هڪ نڪتي تي اوچتو ڪر موڙي بيهي رهندو آهي، ته جيون ڇا آهي؟ غير منطقي، بي ربط، جيون جو هي وهنوار سمجهه ۾ نه ايندڙ صرف وقت جي وسعت ۾ ڦهليو پيو آهي. جيون کي ڪو به نظريو، ڪا به آٿت ٿانيڪو ڪري نه سگهي آهي، شايد انهي ڪري ول ڊيورانٽ چيو آهي ته: ”انسان غير فلسفيانه مزاج رکندڙ جيو آهي. هو ڪنهن به نظرئي سان هميشه لاءِ ٺهڪي نٿو سگهي.“ تاريخ شاهد آهي ته ڪو به رومانس، ڪو به نظريو، ڪو به مذهب، اڄ تائين انسان جو متحمل ٿي نه سگهيو آهي. زندگيءَ اها ريل گاڏي آهي، جيڪا پنهنجي تاريخي سفر ۾ لکين نظارا پار ڪندي رڳو هلندي رهي ٿي، ڪو به نظريو، ڪا به جڳهه هن جي منزل ناهي، ڪو به فلسفي، ڪو به گياني، ڪو به عالم هن جو مقصد طئي نه ڪري سگهيو آهي.
    جيون جو موهه خود جبلي تقاضائن مطابق آهي، لذت، سک، خوشي، جيون کي برقرار رکڻ جو جبلي قانون آهي، پر جيون کي برقرار رکڻ جو ڪو منطقي جواز ناهي، ڇو ته جبلي قانونن جي انحرافي ڪندي، انسان تياڳي بنجي وسيع ڪائنات ۾ اڻ حل ٿيندڙ سوالن جا جواب ڳوليا آهن، خوشي نسبتي آهي، ڪهڙي به حال ۾ ڪٿي به ملي سگهي ٿي، جنهن لاءِ ڪنهن به حالت يا سهوليت جو شرط ناهي، جنهن ڪري هيٺين پيماني کان وٺي مٿي تائين جستجو ۽ پيڙا جو تسلسل ساڳيو آهي. ڏک بادشاهن کي به آهي ته فقيرن کي به، طور طريقا الڳ الڳ آهن، مادي سهوليت ماڻهوءَ کي آهستي آهستي آرامده ۽ نازڪ بڻائي، ڏک ۽ پيڙا جي هڪ نئين سرزمين مهيا ڪندي رهي آهي، ڇو ته انسان صرف جبلي ۽ فطري پورائيءَ سان خوش نٿو رهي سگهي. سندس ٻيو به مسئلو آهي، اهو ’شعور‘ جو آهي.
    شعوري جياپو، شعوري نظر هڪ کنوڻ وانگر آهي، جيڪا لڪل کڏن کوٻن کان وٺي جهر جهنگ روشن ڪندي رهي آهي. تنهنڪري شعوري طرح جيئڻ سان ذهن ڪائنات جي وسعتن کان وٺي موضوعي سمنڊ ۾ گهمڻ لڳندو آهي، ان وقت شعوري جيئڻ جي معنيٰ چاهيندو آهي، اتان ئي ان جي اڻ تڻ شروع ٿيندي آهي، جنهن لاءِ قاضي قادن چيو ته:

    سي ئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻهان،
    اکر اڳيان اڀري، واڳون ٿي وريام.

    ۽ ڀٽائي چيو ته:
    اَلا ڏَاهِي مَ ٿِيَان، ڏَاهِيُون ڏُک ڏِسَن.

    ڪبير ڀڳت چيو هو:
    جانت ڪو دکهه هي اجانت ڪو سکهراج، مورک بيچارا ڪيا جاني، جنين پيٽ ڀرڻ سو ڪاج

    ڇو ته ڏاهپ دنيا، سماج ۽ ڪائنات جي ڪاڪ محل مان ڦرندي آخر مابعد الطبعياتي ميدان جي اونداهيءَ ۾ مايوس ٿي وڃي ٿي. ڏاهپ ماڻهوءَ کي اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي، جنهن ڪري ان جي ننڍين ننڍين ڳالهين ۽ عام واقعن ۾ دل نه لڳندي آهي. ڏاهو ماڻهو جيون جي حقيقت کي ڄاڻي وٺندو آهي، نتيجي ۾ هو دنيا جي مسئلن جي مهاڄار جي باري ۾ غور فڪر ڪندي نيستي (Nothing) تي وڃي پهچندو آهي، جتي اڳيان خاموشي ۽ ماٺ آهي، ڪو به رومانس ناهي، ڪا به شيءِ زندگيءَ کي معنيٰ نٿي بخشي.
    قرآن شريف ۾ آهي: ”بيشڪ انسان خساري ۾ آهي.“ هر مذهب ۾ انسان جو زوال ڏيکاريو ويو آهي، توريت ۾ لکيل آهي: ”مون کان اهو نه پڇو ته دنيا مسلسل برائي ڏانهن ڇو وڃي رهي آهي.“
    بس اها ئي جڳهه آهي، جنهن تي پهچي شاعر چيو آهي ته:

    جيون ڇا آهي ڪوئي نه ڄاڻي،
    جنهن ڄاتو، تنهن پڇتايو.

    اصل ۾ اها ئي غور ۽ فڪر جي منزل، جنهن کان وجودي فڪر شروع ٿو ٿئي. وجوديت کي انهيءَ ڪري فطري انسيت قرار ڏنو ويو آهي. سارتر وجود کي نيستي چيو آهي، ٽي ايس ايليٽ زندگيءَ کي اجڙيل زمين چيو آهي ۽ آخر ۾ مذهب ۾ پناهه ورتي آهي. البرٽ ڪاميو چيو آهي ته، زندگي واهيات آهي، بغاوت جي ذريعي ان تي قابو پائي سگهجي ٿو. ڪريڪي گارڊ پڇاڙيءَ ۾ پاڻ کي مورڳو ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، نذرالاسلام چريو ٿي پيو هو. ڀٽائي موسيقيءَ ۾ پناهه ورتي هئي. گهڻا فلسفي آخر ۾ مايوس ٿي اڪيلائي جو شڪار ٿي ويا، ڪن ته وري خودڪشي ڪئي.
    ڪارل مارڪس، مابعدالطبيعات ۽ جدلياتي ماديت جو رخ ڏئي، فلسفي کي ڪائنات جي ڪاڪ محل مان سماج ۾ وٺي آيو. طبقاتي جدوجهد جو ماڻهن کي نئون رومانس ڏنو. اهڙيءَ طرح مارڪس ازم ”زندگي ۽ موت کي نئون رخ ڏيڻ جي دانشورانه ۽ مجاهدانه روش آهي، جيڪا ديرپا ۽ فلسفي جي ذريعي عام ماڻهو کي ’شفا ڏيڻ جو به رستو‘ آهي.
    پر فلسفو رڳو اتي به ختم نٿو ٿئي. انسان جو مسئلو، بي ربط زندگيءَ جي حقيقت کي منهن ڏيڻ جو سوال آهي، تاريخ ۾ فلسفياڻا سوال جن جي ذهن ۾ به آيا آهن، جيڪي مادي آسائش سان آراستا هئا، جن وٽ سڀ سک ۽ خوشيون هيون. جيئن گوتم ٻڌ آهي، جنهن بادشاهت کي ٺڪرائي جهنگ منهن ڪري نڪري پيو هو، زندگيءَ جي اڻ تڻ بي معنى سوالن جا جواب ڳولهڻ، جيتوڻيڪ هيٺين طبقي ۾ ته اڃا به پنهنجي معاشي حالتن کي سڌارڻ ۽ موجوده دنيا ۾ آسائشون حاصل ڪرڻ جو رومانس موجود هوندو آهي. اهو ڪلاس زندگيءَ جي بي معنيٰ سوالن کان ڪجهه پڇيل هوندو آهي، ڇو ته ان ڪلاس لاءِ جلدياتي ماديت جي قانون مطابق مسلسل عمل جو رستو کليل هوندو آهي، پر مٿئين طبقي ۾ شعوري ماڻهن، ڏاهي ماڻهو لاءِ دنيا جا اڻ ڳڻت سوال سامهون آندا آهن، انهي ڪري ته ڪميونسٽ چوندا هئا ته مارڪس کان اڳ جو فلسفو يا زندگيءَ جي اهڙن سوالن وارو فلسفو اميرن جو فلسفو آهي.
    اهڙيءَ طرح فلسفي ۾ اهڙا به شڪ شبها جاڳيا ته ذهن ۽ مادي دنيا شايد الڳ الڳ آهن. ڊيڪارٽ نظريو تعامل (Interactionism) ڏنو، جنهن ۾ هن ذهن ۽ جسم جي دنيا کي جدا جدا ڪري بيهاريو. هن چيو ته ”مان سوچيان ٿو انهيءَ لاءِ مان آهيان.“ ساڳيءَ طرح علامه اقبال پنهنجي وجود جي مرڪز کي پنهجي جسم کان جدا قرار ڏنو:

    ”فرشته موت ڪا، ڇوتا هي گو تيرا بدن،
    تيري وجود ڪي مرڪز سي دور رهتا هي.“

    سچل سرمست به شعوري دنيا جا مرڪز ۽ اسرار جسم کان ٻاهر ڳوليا، هن چيو:

    ”مين تان ڪو ئي خيال هان،
    ملسان نال خيال دي.“

    اهڙيءَ طرح فلسفي جي دنيا ۾ مابعدالطبعيات روحاني اسرارن کي ڪا معنيٰ نه ڏني، مذهب ڏانهن موٽي وئي، مذهب صرف خدا کي تسليم ڪرڻ تي نٿو ختم ٿئي، بلڪه پنهنجي ذات ڪمزوري، بي وسي، موت جي ڀيانڪ تصور لاءِ هڪ آٿت بڻجي وڃي ٿو. دراصل مذهب دنيا کي تياڳڻ جو هڪ منطقي نظريو آهي. مذهب ٻي ابدي دنيا جو تصور ڏئي موجوده دنيا کي فضول ۽ لاحاصل قرار ڏئي ٿو. مذهب ۾ مادي دنيا تڇ آهي، نيڪي شرافت جو تصور مادي دنيا جي لذتن کان ڪناره ڪشي ڪرڻ ۾ آهي، پر دهريت پسند نظرين ۾ اهڙي آٿت ناهي، جنهن ڪري زندگيءَ بابت ٻه تصور جاڳيا، هڪ مايوسي وارو، جنهن ۾ زندگيءَ ڏکن ۽ سورن جو ٻيو نالو آهي، ٻيو اميد وارو ته ماڻهو پنهنجي پاڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي ۽ پاڻ تي ڀروسو ڪري سگهي.
    مطلب ته جڏهن ڪجهه به هئڻ جو بي معنيٰ سوال ڪر موڙي اُٿي ۽ اڳيان خاموشي کانسواءِ ڪجهه به نه ملي، ته پوءِ انسان جي هٿ ۾ صرف چونڊ رهي ٿي ته يا هو خودڪشي ڪري ڇڏي يا مادي ۽ روحاني لذتن واري ڀرپور زندگيءَ گذاري، يعني واپس زمين تي موٽي اچي ۽ رومانس ۾ زندگيءَ گذاري، بي معنيٰ سوال وساري جيون جيئن آهي تيئن گذاري. ڪارل مارڪس جو فلسفو اتان شروع ٿئي ٿو ته: جڏهن ماڻهو زمين تي موٽي ڀرپور زندگيءَ گذارڻ جو فيصلو ڪري ٿو، ته پوءِ زمين تي اهڙيون حالتون سازگار ڪجن. يعني طبقاتي گهٽ وڌائڻ خلاف جدوجهد ڪري، سماج کي جيئڻ لائق بڻائجي، پر فلسفو اتي ختم نٿو ٿئي. تمام گهڻا سوال ۽ وري نوان سوال تجسس ۽ وري تجسس، ڇو ته اهي سڀ شيون زندگيءَ گذارڻ جو هڪ رومانس آهن، پر زندگيءَ فطرتي تجسس کي پروڙڻ ۽ يڪسانيت مان نڪري بي معنيت جو جواب ٿي چاهي، تنهن ڪري زندگيءَ وري به ڪميٽمينٽ مان نڪري وڃي ٿي، وري به اهي سوال اهو بي تڪي پن جي بوريت، جيون جي انهيءَ خال کي تاريخ ۾ هر سوچڻ واري ذهن محسوس ڪيو آهي.
    شيخ اياز انهيءَ متعلق اظهار ڪندي چيو هو:

    ”عمر گذري وئي اياز الا،
    مون نه ڄاتو ته نيٺ ڇاهيان مان.“

    جيون جي خاليپڻي ۽ بي معنيٰ وجود کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ صوفين هڪ ٻيو رستو ڳولي لڌو. اهو هو ’عشق‘، جنهن جو تصور قديم سنڌ کان وٺي جديد دَور تائين موجود آهي، قديم لوڪ يات فلسفين عشق کي مادي آسائشن ۽ جنس جي وسيع تصور ۾ ڦهلايو، جنهن ۾ هنن زندگيءَ جو مقصد صرف سک، لذتن کي قرار ڏنو. يونانين ۾ ايپڪيورس جي فلسفي ۾ اهڙو پڙاڏو موجود آهي، پر تاريخ جا ورق اٿلائيندي اهو عشق زمين تي لهي ٿو اچي، انسان، انسان سان محبت ٿو ڪري، جنهن ۾ جنس کي وٺي معاشي، سماج جو وحدتي ۽ خوشحاليءَ وارو تصور جڙي ٿو. ڀٽائي وٽ اهڙو تصور موجود آهي:

    خوشحالي:
    اَڱڻ تَازي ٻَاهر ڪنڊيون پَکا پَٽ سُونهن،
    سُرهي سَيج پَاسي پِرِين، مَر پِيا مِينهن وَسن.
    اسان ۽ پِرين شَال هُون بَرابر ڏينهَڙا.

    نينهن:
    هَلو هَلو ڪَاڪ تَڙين، جِتي گَهڙجي نِينهن،
    نَه ڪَا رَات نَه ڏِينهن، سَڀڪو پَسي پِرين کي.

    جنس:
    نيڻين نَظر نِينهن، جَڙون جِت جوڙيجن،
    سَاهه اُنين تَان صِديق، اَندر سِين عُضون،
    لاهي تِن لَطيف چَئي، اَنگ پڻ اڇجن،
    هِيئين ۽ اکين، ڦاهِي کَاڌِي پِرينءَ لاءِ.

    زندگيءَ جو وسيع تصور ۽ صوفين جي عشق ۾ بهرحال فرق آهي، صوفين جو عشق انهيءَ شعوري اڇل کي ٿانيڪو ڪرڻ جو هڪ رومانس آهي، ڇوته سماجي قدر، ريتون رسمون، طبقاتي فرق، زندگيءَ کي مٽائي ڇڏيو، انسانيت کي مٽائي ڇڏيو، تنهن ڪري قديم خوشحالي ۽ پيار وارو تصور مبهم بنجي ويو.
    هن وقت موجوده بحراني سماج ۾ زندگيءَ اڃا به واهياتپڻي، خاليپڻي، ويڳاڻپ کي سامهون کڻي آئي آهي. هي ڪمرشل دنيا خريد فروخت کانسواءِ ڪجهه به نٿي ڄاڻي، رشتا صرف معاشي بڻجي چڪا آهن، پيار، محبت، جذبا، احساس، سڀ ڪرنسي جي معيار تي ماپيا وڃن ٿا.
    اهڙي صورتحال ۾ جيون وري به بي معنيٰ سوال بنجي وڃي ٿو، تڏهن ته شيخ اياز چوي ٿو:

    جيون سارو جک،
    پيار به مري ويو،
    وڃي رهي آهي رک،

    ۽ زندگيءَ کي هڪ وئيشيا سان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو:

    زندگيءَ، مجبور قعبه جي مثال،
    ٿي ڪرين پنهنجي تبسم پائيمال،
    آهه مصنوعي سندو حسن و جمال،
    ناهه تو ۾ روح جي پاڪيزگي،
    ۽ نه ڪائي جسم و جان جي تازگي،
    زندگي، او زندگي، او زندگي،

    زندگي اهڙي ئي آهي، ڪروڙن رنگن ۽ روپن سان نروار، جنهن جو ڪو به روپ پنهنجو ناهي، ڪو به رنگ اصلي ناهي، بس خود فريبي جو ڄار آهي، دوکي بازيءَ جو ڪاڪ محل آهي، هر رويو هر مزاج پنهنجي دنيا رکي ٿو، جيئڻ جا پنهنجا گس آهن، جن جي ڪا به منزل ناهي، زندگيءَ اهڙو ئي سوال آهي، جنهن جو ڪو به جواب ناهي.


    وجود کان وحدت الوجود تائين (سنڌي سماج ۽ ادب جو بنيادي فڪر)

    وجود
    ڪو به شخص جڏهن چوي ٿو ته هي منهنجو وجود آهي ته هن جملي ۾ ٿورو غور ڪريو ’هي منهنجو وجود آهي‘ هي ضميراشارو آهي، جيڪو ڪنهن وجود ڏانهن ڪيو پيو وڃي، اهو وجود ڪنهن جو آهي ؟؟ پنهنجي پاڻ جو، ته اشارو ڪير پيو ڪري يعني ’ آئون‘ ۽ وجود ٻه الڳ شيون آهن، جي آئون ۽ وجود گڏ آهن ته پوءِ هر شيءِ پنهنجو وجود ڇو نٿي ڳڻائي، هر شيءِ جو هئڻ يا مشاهدي ۾ اچڻ ئي سندس وجود جي علامت آهي پر ’آئون‘ کي پاڻ ڏانهن اشارو ڇو ڪرڻو ٿو پوي؟ موت کان پوءِ وجود موجود آهي، پر ان مان آئون نڪري ويئي. مادي يا روحاني وجود جو بنياد ڇا آهي ؟ جوهر ڇا آهي؟ هڪ ننڍڙو جيت به وجود آهي، ته هماليا جبل به وجود آهي، خود ڌرتي به وجود آهي، ڪائنات ۾ ديو قامت ڦرندڙ ستارا به وجود آهن ۽ جيڪو آئون ٿو چوي اهو به وجود آهي. سائنسدان چون ٿا مادو اهو آهي، جيڪو وزن رکي ٿو، جڳهه والاري ٿو، پر وزن وري به نسبتي آهي. مثال ڌرتي تي ڪنهن شيءِ جو وزن 60 ڪلو آهي ته چنڊ تي ان جو وزن صرف 10 ڪلو ٿيندو، پر يورينس تي 600 ڪلو ٿيندو، پوءِ اصل وزن ڇا آهي؟ معنيٰ مادي ۽ وجود ۾ فرق آهي. شعور ڇا آهي؟ درد ڇا آهي؟ احساس ڇا آهي؟ خوشي ۽ پريشاني جيڪي نه وزن رکن ٿيون نه جڳهه والارين ٿيون ڇا آهن؟؟ ڊالٽن-1844) 1766 John Dalton) ائٽم جو نظريو ڏنو، هن سوچيو ته مادو ٽوڙي ڏسجي ته آخر ڇا ٿو بچي؟ ان بنياد تي هن مادي کي ذرا ذرا ڪندي اهو نظريو ڏنو ته مادي جو آخري ذرو ائٽم
    آهي، جنهن کي وڌيڪ ٽوڙي نٿو سگهجي، ان کان پوءِ ردر فورڊ (Ernest Rutherford 1871 -1937) چيو ته ائٽم ۾ نيوٽران به آهي، وري
    نيل بوهر 1885- 1962 Niels Henrik David Bohr) ( آيو هن چيو ته ائٽم جا ٻاهريان خول به آهن جن ۾ اليڪٽران گردش ڪن ٿا ۽ آئنسٽان -1955)1879 ( Albert Einstein چيو ته ائٽم کي ٽوڙي به سگهجي ٿو. ائٽم کي ٽوڙڻ سان ان مان خطرناڪ طاقت نڪرندي، ان جو مطلب ته ائٽم ۾ طاقت قيد آهي، معنيٰ مادي وجود هڪ قسم جو خول آهي طاقت کي قيد رکڻ جو، هاڻي وجود طاقت آهي يا مادو؟ يا ائين چئجي ته اصل قوت مادو آهي يا انرجي؟ ڇا ڪائنات کي ڪي ٻه قوتون پيون هلائين؟ وجود کي سمجهڻ لاءِ ثنوئيت يعني Dualism جي ٿيوري وجود ۾ آئي.

    دوهي يا Dualism
    هن نظرئي مطابق ڪائنات جو بنياد ٻن جوهرن ۽ حقيقتن تي مبني آهي. ڪيترن فلسفين هڪ قوت کي خير جي ۽ ٻي قوت کي شر جي قوت قرار ڏنو. سندن چوڻ هو ته هي ڪائنات ٻن جوهرن ۽ ٻن حقيقتن تي مبني آهي. هڪ خير جو خدا ۽ ٻيو شر يعني بديءَ جي طاقت. جهالت واري دور ۾ سينٽ آگسٽائن جو خيال هو ته ڪائنات ٻن جوهرن، هڪ مادو ۽ ٻيو روح جو ميلاپ آهي. دوهي جو وڏو مبلغ رين ڊيڪارٽ هو، جنهن جو خيال هو ته ڪائنات جي حقيقت ٻن قسمن جي آهي. هڪ دماغي قوت يعني شعور يا روح جي دنيا، ٻيو مادي وجود. ڊيڪارٽ جو خيال هو ته نفس ۽ مادو ٻه Parallel حقيقتون آهن، جيڪي pineal gland جي ذريعي پاڻ ۾ رابطو رکن ٿيون.

    ڪثرتي نظريو Polytheism
    هن نظريي مطابق ڪائنات جو جوهر هڪ نه پر لاتعداد وجودن تي مبني آهي. هي ڪائنات لاتعداد خود مختيار شين جو مجموعو آهي. هن نظريي کي اسان ٻن حصن (1) مادي ڪثريت (2) روحاني ڪثرت ۾ ورهائي ڏسون ٿا.

    (1) مادي ڪثرت: مادي ڪثرت جي دعويٰ آهي، ته ڪائنات خودمختيار ذرن جو مجموعو آهي، قديم يوناني فلسفي ڪائنات جي بنيادي جوهرن کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو هو، هوا، مٽي، پاڻي ۽ باهه. اڳتي هلي سائنس ثابت ڪيو ته ڪائنات جي طبعيات جا بنيادي عنصر 105 آهن، جن ۾ ڪي ڌات جا آهن، ڪي گئس جا ۽ ڪي پاڻياٺ جا ۽ انهن عنصرن کي هڪٻئي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، پر هن نظريي ۾ هڪ خامي اها آهي، ته اسان صرف ڌرتيءَ جو مشاهدو ٻڌائي سگهون ٿا، پر سڄي ڪائنات جي طبعيات اها ناهي، ٻيو ته هر بنيادي ذري جي ساخت ائٽم جي آهي. هر ائٽم جو ائٽمي نمبر الڳ آهي، پر ائٽم جي ساخت تبديل ڪري سگهجي ٿي، ان ڪري لاتعداد خودمختيار ايڪن وارو نظريو رد ٿي وڃي ٿو.

    (2) روحاني ڪثرت: هن نظريي ۾ ٻه نظريا موجود آهن. هڪ ڪثرتي خدائن وارو نظريو ٻيو مونادئيت وارو نظريو.
    ڪثرتي خدائن جي نظريي مطابق ڪائنات مختلف ديوين ۽ ديوتائن جي ماتحت روان دوان آهي. قديم انسان به لاتعداد خدائن جو حامي هو، هن جو خيال هو ته ڪائنات جي هر شيءِ جو الڳ خدا آهي، سمنڊ جو خدا، هوا جو خدا، رزق جو خدا، موت جو خدا، برسات جو خدا، وغيره هر خدا پنهنجي منفرد دنيا جو مالڪ هو.

    مونادئيت: هن فلسفي جو باني لائبنز -1724 )1646 Labinz ( هو. هن جو چوڻ هو ته، ڪائنات انتهائي سادي قسم جي ذرن جي ٺهيل آهي، جيڪي وڌيڪ ورهائي يا ٽوڙي نٿا سگهجن، پر اهي ذرا بنيادي طرح روحي طاقتون آهن، جن مان طاقت خارج ٿيندي رهندي آهي. ڪائنات جو سڄو نظام انهن روحي ذرن تي مشتمل آهي، مطلب ته جهڙيءَ طرح ائٽم جي ٿيوري مطابق ائٽم مادي جو ننڍڙو ذرو آهي، اهڙيءَ طرح موناد روح جو ننڍڙو ذرو آهي.

    وحدت : Monism
    هن نظريي مطابق ڪائنات جو حقيقي مواد صرف هڪ آهي، يعني ڪائنات کي ڪُل جي حيثيت سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن مطابق هڪ ئي مواد ڪائنات جو بنيادي جوهر آهي. وحدت جا ٽي قسم آهن:
    (1) مادي وحدت (2) روحاني وحدت (3) بي رنگ وحدت
    مادي وحدت: هن نظريي مطابق ڪائنات جو حقيقي مواد مادو آهي، مادي کان علاوه ڪابه حقيقت ناهي. زندگي به انهيءَ جي هڪ اعليٰ باترتيب شڪل آهي، شعور مادي جي ارتقائي منظم شڪل آهي. قديم يوناني ڊيموڪريٽس، ليوڪريشس، هندستان ۾ چارواڪ ۽ جديد فلسفي ڪارل مارڪس (Karl Marx 1818- 1883 ) هن نظريي جا حامي هئا. هن نظريي مطابق ڪائنات پنهنجي مادي قوانين تحت هلي ٿي، ڪنهن به ٻاهرين قوت جو عمل دخل ناهي، هن نظريي جا ٻه گروپ آهن، هڪ مڪينڪل ماديت ٻيو جدلياتي ماديت. مڪينڪل ماديت ۾ هيگل جو شاگرد فائرباخ هن جو نمائندو هو، جنهن مطابق ڪائنات مادي جو مڪينڪل عمل آهي، منجهس ڪا به حرڪي قوت ناهي. جدلياتي ماديت مطابق مادو حرڪي آهي، جيڪو مسلسل پنهنجي قانون مطابق حرڪت ڪري ٿو. ڪارل مارڪس انهيءَ جا مشهور ٽي قانون واضح ڪيا هئا 1. تضادن جو قانون 2. نفعي جو نفعي وارو قانون، ٽيون ڪيميت جو ڪيفيت ۾ تبديليءَ وارو قانون. ڪارل مارڪس سائنسي دريافتن ۽ ايجادن جي روشني ۾ تمام غير مرئي قوتن کان انڪار ڪيو، روح يا پراسرار قوتن کان انڪار ڪيو. هن صرف مادي وجود کي ئي ڪائنات جو جوهر قرار ڏنو. ويهين صدي ۾ آئنسٽائن جي ٿيوري آف رليٽوٽي جي اچڻ کان پوءِ هڪ نئون بحث ڇڙيو ته مادو پهرين آهي يا سگهه Energy)). آئنسٽائن اهو ثابت ڪيو ته ڪائنات جو راز وقت ۾ لڪل آهي. وقت هڪ اضافي شيءِ به آهي ته وقت رڪجي به سگهي ٿو. مادي جي بنيادي ايڪي ائٽم جي اندر اليڪٽران مادو به آهي ته سگهه به آهي، جنهن مان اهو بحث پيدا ٿيو ته ڪائنات فارمولائيز به آهي ته رينڊم به آهي، ان کان پوءِ اسٽيفن هاڪنگ )1942 (Stephen William Hawking وقت جي ٿيوري تي تحقيق ڪري نوبل انعام کنيو، هن جو خيال هو ته زمان و مڪان اضافي آهن ۽ صرف مادي دنيا ۾ ڳڻي سگهجن ٿا. ڪائنات جو عمل ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو آهي، جيڪو هر وقت جاري آهي. ڪيترا سيارا ۽ ستارا پنهنجو ٻارڻ (Fuel) ختم ڪري بليڪ هول ۾ تبديل ٿي ويا. هڪ بليڪ هول ۾ هڪ انچ اسڪوائر مادي جو وزن هزارين ٽن ٿي سگهي ٿو، يعني ڪائنات سڪڙجي نڪتي ۾ سمائجي سگهي ٿي، جتان اسان کي Intangible مادي جو تصور مليو. پر ڪارل ساگان – 1996) 1934 (Carl Edward Sagan اڃا اڳتي وڌي سائنسي فڪشن پيش ڪندي چيو ته ڪائنات کي واپس پٺيان موٽائي سگهجي ٿو. وقت کي بيهاري عمر وڌڻ کان روڪي سگهجي ٿي. ڪائنات ۾ نه هيٺاهين آهي، نه مٿانهين آهي، نه طرف آهي، نه مرڪز آهي، نه وزن آهي ۽ نه رنگ شايد ڪو وقت به ناهي.
    هنن تحقيقن مان هڪڙي ڳالهه ته ثابت ٿئي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪائنات ڏاڍي پراسرار ۽ پيچيده آهي، صرف مادي وحدت ناهي.

    روحاني وحدت :
    روحاني وحدت مطابق ڪائنات جو بنياد روح يا سگهه، يا وري ڪو تصور آهي. روحاني وحدت جا ڪيترا قسم آهن. مثال: مابعدالطبعياتي روحانيت، علمياتي روحانيت، خيالي روحانيت، وغيره. روحاني وحدت يا خيالي وحدت جا ٻه اهم پهلو اسان جي سامهون اچن ٿا. هڪ معروضي خيال پرستي، ٻيو داخلي خيال پرستي. يونان ۾ افلاطون معروضي خّيال پرست هو، مغربي فلسفي اسپينوزا روحاني وحدت جو قائل هو، جنهن جو خيال هو ته دنيا جو آخري جوهر هڪ آهي. هيگل به هن نظريي کي اڳتي وڌايو. هو هن جدلياتي طريقي ڪار جي ذريعي ’مطلق عقل‘ تائين پهتو، هن جو خيال هو ته مطلق عقل ئي ڪائنات جو جوهر آهي، جنهن پاڻ کي ڪائنات جي ڪثرت ۾ ظاهر ڪيو آهي. مذهبي دنيا ۾ وحدت جا ڪيترائي نظريا موجود آهن، جن ۾ الٰهيات، وحدة الشهود، وحدة الوجود، الا پرستي وغيره.
    وجود جي دنيا ۾ سڀ کان انوکو نظريو ۽ جديد نظريو وجوديت (Existentialism ) جو آهي، جيڪو ديني به آهي ته لاديني به آهي. بقول ڊاڪٽر افتخار بيگ جي ته ”وجوديت پنهنجي ترقي يافته شڪل ۾ عهد حاضر جو عڪس آهي، پر ان جون پاڙون تمام پري ماضيءَ جي فلسفي جي تاريخ ۾ به تلاش ڪري سگهجن ٿيون.“( ) وجوديت بقول هنٽرميڊ جي ته ’هڪ فطري انسيت جو نالو آهي‘.( ) پاڪستان ۾ وجوديت لاءِ هڪ تصور ٺهيل آهي، ته اها نفسياتي مونجهارن مان پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ مايوسي، لاچارگي، بيوسي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. حقيقت ۾ ائين ڪونهي، هن فلسفي ۾ وجود جي بنيادي ماهيت ۽ جوهر مطلق هڪ اهم بحث آهي، وجوديت صرف جان پال سارتر يا ڪريڪي گارڊ تائين محدود ناهي. وجوديت جو بنيادي بحث اسان کي ويدن ۾ به ملي ٿو. عيسائيت ۾، ٻڌمت ۾، جين مت ۾، اسلام ۾ ۽ صوفي مت ۾ به وجوديت جو اهو بحث ملي ٿو. وجوديت جي تت ۾ وجود لاءِ هڪ ئي راءِ آهي ته ’وجود هڪ خال ۽ نيستي آهي، اصل ۾ اسان جي ذهن ۾ هڪ امڪاني وجود آهي‘. وجود مان مراد پنهنجي وجود جو احساس آهي، پر اهو مڪمل ناهي اهو اڌورو آهي، منجهس کوٽ آهي، سڄي زندگي ماڻهو انهي کوٽ کي پوري ڪرڻ جي جدوجهد ڪندو رهي ٿو، پر اها کوٽ پوري نٿي ٿئي. ان جو سبب صرف اهو آهي ته وقت جي وهڪري ۾ سڀ ڪجهه لڙهي وڃي ٿو، هر لمحي انسان نئين صورتحال ۾ آهي، هر پل انسان نئون وجود آهي. علامه اقبال انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته:

    فريب نظر هي سڪون وثبات
    تڙپتا هي ذره ڪائنات
    ٺهرتا هي نهين ڪاروان وجود
    هر لحظـه هي نيا شان وجود

    ڇو ته هڪ انسان پنهنجي مرضي سان پيدا نه ٿيو آهي، نه وري سندس ڪو جوهر آهي. هڪ مذهبي ماڻهو ته اهو چئي سگهي ٿو ته انسان جو جوهر الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ آهي، پر ان لاءِ ته انسان جو روح ڪافي هو، نفس انسان کي ڇو مليو؟ جي اها ڳالهه مڃي وٺجي ته انسان جي زندگي هڪ آزمائش آهي، ته ان لاءِ ته اها آزمائش هن وجود جو وڏو مسئلو بنيل آهي. انهيءَ ڪري ڪو به حتمي جوهر ناهي. وجود اونداهي رات ۾ ٽانڊاڻي وانگر تجلا ڏيندو رهي ٿو، پر ان ڏانهن جيئن ئي هٿ وڌائي کيس جهلڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته هو پنهنجي جڳهه بدلائي چڪو هوندو آهي. اهڙيءَ طرح تجلا ڏيندڙ ٽانڊاڻي جي ڪابه راهه طئي ٿيل ناهي. هاڻي صورتحال اها آهي ته وجود جو اڌورو پن ۽ جوهر کان بغير رُڃ ۾ ڀٽڪڻ جو ڪرب ۽ لاچارگي اندر ۾ بي پناهه اضطرابي ڪيفيت پيدا ڪري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هو وري جدوجهد ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو مسلسل چونڊ جي عمل مان گذرندو رهي ٿو، پر کيس جوهر هٿ نٿو اچي، مٿان وري وڏو ڪرب ۽ خوف موت جو آهي. ماڻهو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين موت جي دهشت مان گذري ٿو.
    اهڙي صورتحال ۾ انسان ڇا ڪري؟ هو پنهنجي وجود جو بار ڪنهن تي وجهي؟ ليوٽالسٽائي چيو هو ته: جي خدا ناهي ته سڀ ڪجهه جائز آهي. سارتر انهيءَ نڪتي کان اڳتي وڌي ٿو ته واقعي ئي انسان سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آزاد آهي، بلڪ هو پنهنجي بي پناهه آزاديءَ جو ٻوجهه کڻي نٿو هلي سگهي، ڪنهن نه ڪنهن تي انهيءَ جو بار وجهندو آهي، انهيءَ ڪري اختيار ۾ وڏو درد به آهي، انهيءَ ڪري آدم ۽ حوا پنهنجي گناهه جو ٻوجهه شيطان تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ به ماڻهو جي خاصيت اها آهي ته هو ڪنهن مذهب جو سهارو وٺندو يا سياسي پارٽيءَ جو سهارو وٺندو يا ڪنهن پير، مرشد جو سهارو وٺندو جي ڪنهن تي به آزاديءَ جو ٻوجهه نٿو وجهي ته بيمار ٿي پنهنجي بيماريءَ تي پنهنجي آزادي جو ٻوجهه وجهندو ۽ پنهنجن فيصلن جي ذميداري کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ آخر ۾ قسمت جو سهارو وٺندو، پر اهو سڀ ڪرڻ جي باوجود به انفرادي ذات جي خالي پڻي کان، اڻ ڄاتل اڪيلائي کان، بوريت کان، بي تڪي پن کان جان نٿو ڇڏائي سگهي. جيئن وجود جو شعور وڌندو، اهي ڪيفيتون وڌنديون.
    ڪن ڏاهن ماڻهن انهيءَ ڪرب مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو اهو حل ڪڍيو ته وجود کي وسارجي، پنهنجو ڌيان هٽائجي، صوفين مراقبي ذريعي ان جو حل ڪڍيو، ڪن موسيقيءَ ۾ پناهه ورتي، ڪن فطرتي نظارن ۾ پاڻ کي گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انسان جڏهن فطرت جي ويجهو هو، ته اجتماعي طور گڏ رهندو هو، گڏجي شڪار ڪندا هئا، گڏجي دل به وندرائيندا هئا. مطلب ته انفرادي ذات اجتماع ۾ گم هئي، پر جيئن انسان ترقي ڪئي، سائنسي ايجادون ٿيون ته انسان فطرت کان پري ٿي انفراديت حاصل ڪندو ويو. نتيجي طور وجود جو ٻوجهه وڌي ويو، هاڻي جوهر جي تلاش ۽ اختيار لاءِ چونڊ جي مرحلي مان پل پل گذري ذات کي مڃرائڻو پوي ٿو. ذات جي مڃرائڻ جا ٽي طريقا آهن: (1) بغاوت يا مزاحمت (2) عشق (3) تخليق
    روايتي قدرن ۽ قانونن کان بغاوت ڪري پنهنجي ذات جو ڪارج حاصل ٿئي ٿو. ان ڪري وڏا وڏا سورما، انقلابي خوشيءَ سان ڦاهي تي چڙهي ويندا آهن، جيئن ميٿالوجيءَ ۾ شيطان جي بغاوت، يوناني ميٿالوجيءَ ۾ پروميٿس ۽ سسيفس جي بغاوت مشهور آهي. سنڌ ۾ مارئي جي مزاحمت ۽ مورڙي جي مانگر مڇ خلاف مزاحمت وغيره. سنڌي قوم کي سندس سڃاڻپ هميشه مزاحمت ڪندي ملي آهي، جيئن انگريزن خلاف مزاحمت، سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ واري تحريڪ جي مزاحمت، ون يونٽ خلاف مزاحمت، 1983ع ۾ ايم آر ڊي واري تحريڪ ۾ مارشلا خلاف مزاحمت وغيره. هنن مزاحمتن ۾ سنڌي قوم کي پنهنجي وجود جي سڃاڻپ ملي ۽ قوم متحد ٿي. دراصل مزاحمت ڪندي ماڻهو کي پنهنجي وجود جو جواز ملي ويندو آهي، کيس پنهنجي اهميت جو احساس ٿيندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو شاهه لطيف مارئي جي واتان هيئن ٿو چورائي:

    سَکر سي ئِي ڏِينهن، جي مُون گَهاريَا بَند ۾
    وَسَايَم وَڏ ڦُـڙا، مَٿي مَاڙِيَن مِينهن
    وَاجَهائيندي وصال کي، ٿِيَس تَنوارون تيئن
    نير مُنهنجو نينهن، اُجاري اَڇو ڪَيو.

    شاهه جو هي بيت بلڪل ان ڳالهه جي فلسفي جو پيش منظر پيش پيو ڪري، جيڪو سارتر پيش ڪيو هو، سارتر خود پنهنجي ذات لاءِ چيو هو ته: ” اسان کي الجزائر جي فوجين قيد ڪيو هو ۽ تشدد ڪندا هئا، پر اسان انهن کي ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ نه آڻ مڃي، ان وقت اسان کي پنهنجي وجود جي اهميت جو اندازو ٿيو ۽ پهريون دفعو اسان کي مزاحمت مان سرور مليو. “ اهڙيءَ طرح سسئي جبلن ۾ واڪا ڪندي، رڻ پٽ ۽ بيابان جهاڳيا، تڏهن ئي کيس ذات جو وجدان ٿيو، تڏهن ئي ڀٽائي چوي ٿو ته: پُنهون ٿِيس پَاڻ، سَسِئي تان سُور ويا

    عشق :
    عشق پنهنجي وجود کي تسليم ڪرائڻ جو ٻيو نالو آهي. ”خدا سونهن جو ڳجهو خزانو هو، پنهنجو ئي جلوو پئي پسيائين ته جنبش جاڳيس ته پاڻ سڃاڻجان“
    هاڻي هر ذري ۾ اها ئي خاصيت آهي ته پاڻ سڃاڻجان ۽ تسليم ٿيان. جڏهن ڪوبه عشق ۾ مبتلا ٿئي ٿو ته دراصل هن کي سڃاڻپ ملي ٿي ۽ ٻئي جي اڳيان تسليم ٿئي ٿو. ان وقت ان شخص کي پنهنجي وجود جو وجدان ٿئي ته ’مان آهيان‘ مون کي ڪنهن تسليم ڪيو آهي. اها حيثيت سندس وجود جو جواز مهيا ڪري ٿي ۽ سندس جوهر بنجي ٿي، پر عشق جي خطرناڪ صورتحال ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن ڪنهن کي ٺڪرايو وڃي ته ان وقت وجود جو خالي پڻو ظاهر ٿيو پوي، وجود بي جوهر ٿيو پوي، جيڪو ناقابل برداشت آهي، ان ڪري شاهه جي سُورمين جي ڪهاڻيءَ جي ٽرئجڊي شروع ئي اتان ٿئي ٿي، جڏهن ڪردارن کي ٺڪرايو وڃي ٿو، جيستائين پرين گڏ آهي، ماڻهو آرام Rest Zone )) ۾ آهي:
    ڪَڻا مَنجهه قَرار، هُئا هيڪاندا سَنگ ۾
    پر جيئن ئي محبوب ٺڪرائي ٿو. وجود جي بي چيني شروع ٿيو پوي. صوفين جي بقول ته زندگي دراصل آهي ئي هڪ وڇوڙو، بي چين وجود جو اڌوروپن، مڪمل وجود جي ڳولا، تنهن ڪري شاهه جون سورميون ان وقت بي چين ۽ متحرڪ ٿين ٿيون، جڏهن ٺڪرايون وڃن ٿيون. دنيا جي وڏي ۾ وڏي ٽرئجڊي ماڻهو کي ٺڪرائڻ ۽ نظر انداز ڪرڻ سان ئي شروع ٿئي ٿي. ٻي معنيٰ ۾ ائين چئجي ته ماڻهو جي وجود کي تسليم نه ڪرڻ سان ٽرئجڊي شروع ٿئي ٿي. ماڻهو جو اڌوروپن ظاهر ٿيو پوي، جوهر کان ماڻهو خالي ٿيو پوي، پوءِ اهو ٺڪرايل ڪردار در در ڀٽڪندو رهي ٿو، واجهائيندو رهي ٿو، درد اندر ۾ سرايت ڪندو وڃي ٿو، ماڻهو پنهنجي داخليت ۾ ٻڏڻ لڳي ٿو. شاهه لطيف جا سڀ ڪردار انهيءَ موهه ۾ ڀٽڪندي، پنهنجي وجود جو وجدان حاصل ڪن ٿا، شاهه لطيف انهن ڪردارن جي ليلائڻ، واجهائڻ ۽ ڀٽڪڻ ۾ زندگيءَ جو مقصد واضح ڪري ٿو ته زندگي آهي ئي جدوجهد جو نالو، پر سڪ ختم ٿيڻ جي ناهي، هٿ ڪجهه اچڻو ناهي، يعني جدوجهد ته ڪرڻي آهي، پر لاحاصل، سڀ مايا جو موهه آهي:
    چَئي چَنيسر ڄَام سِين، لِيلائي لَکائي مَ تُون
    اَي ڪَانڌ ڪَنهن جو نه ٿِئي، نَڪا تُون نه مُون
    روئندي ڏِٺيون مُون، هِن دَر مَٿي دَادليون.
    صوفين وٽ عشق آگهي ۽ عرفان حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي، يعني صوفين وٽ اصل علم عرفانيت جو آهي، جنهن ۾ وجود جو وجدان ٿئي ٿو، اهو دنيائي علم سان نٿو ملي، اهو صرف عشق سان ملي ٿو، عشق جي آخري ڪيفيت اها آهي ته وجود سڄو خود ڪائنات بنجي وڃي ٿو، اهو احساس ٿئي ته جيڪي ڪجهه آهي، اهو محبوب آهي ٻيو ڪجهه آهي ئي ڪونه:
    ڪيڏانهن ڪَاهيان ڪَرهو، چَوڏس چِٽاڻو،
    مَنجهه ئِي ڪَاڪ ڪَڪوري، مَنجهه ئِي لڏاڻو
    رَاڻو ۽ رَاڻو، ناهي رَاڻي رِيءَ ڪو ٻِيو.

    تخليق Creation
    تخليق انسان جو داخلي فرياد آهي. تخليق انسان جو ٻيو جنم آهي ۽ تخليق اندر جي خاليپڻي کي پرۡ ڪرڻ ۽ سڃاڻجڻ جو ذريعو آهي.
    انسان جو اهو ئي وجودي خالي پڻو کيس مجبور ڪري ٿو، هو اهڙو ڪجهه ڪري جو کيس تسليم ڪيو وڃي. فرائيڊ چيو هو ته: انسان ۾ ٻه اهم جبلتون ٿينديون آهن 1. جبلت مرگ 2. جبلت حيات.
    انسان هڪ وقت جي وهندڙ وهڪري ۾ تجلا ڏيندڙ وجود Becoming Existence)) آهي. وقت ڇا آهي ؟ تبديلي جو ماپو آهي. ملا صدرا وقت لاءِ چيو هو ته “time is neither original nor ideal but “Quantity of motion.” ملا صدرا جي فلسفي ۾idea of temporality موجود آهي يعني وجود جي حقيقت ’مطلق‘ ناهي. مطلق وجود صرف خدا /برهما جو آهي. پر ان نيستي کي مطلق وجود جو گيان آهي. اڻ پوري وجود جو درد ۽ بي چيني انسان کي ڪيترين ئي نفسياتي خرابين جو شڪار ڪري ٿي. ماڻهو ۾ جبلت مرگ پيدا ٿئي ٿي، اها جبلت مرگ ماڻهو کي اذيت پسند بنائيندي آهي، ماڻهو ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندو، پر جبلتِ حيات تعمير پسنديءَ ڏانهن وٺي ويندي. تخليق دراصل ان جوش حيات جي اڇل جو نالو آهي، جيڪا جبلت حيات ڏانهن وٺي ويندي آهي. چوندا آهن ته تخليق درد مان جنم وٺندي آهي، اهو درد وجود جي اڌوري پن جو درد آهي، اهو درد ماڻهوءَ ۾ ٻن قسمن جون بيماريون پيدا ڪري سگهي ٿو:
    (1) Psychoses (2) Neuroses
    Psychoses ۾ شيزوفرينا، چريائپ، وهم، خيالي شيون ڏسڻ، خفت (Phobia) اذيت پسندي، وغيره جهڙيون بيماريون جنم وٺن ٿيون.
    Neuroses ۾ وري ڊپريشن، ذهني دٻاءَ، اضطرابي ڪيفيت، بي چيني، بوريت، مزو نه اچڻ، دل نه لڳڻ جهڙيون ڪيفيتون جنم وٺن ٿيون.
    ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته هڪ ڪيفيت ۾ ماڻهو منفيت ڏانهن گهڻو ويندو، کيس خبر نه پوندي ته هو ائبنارمل آهي، ان ۾ جيڪي ڪيفيتون پيدا ٿينديون، انهن ۾ وهندو ويندو ۽ دماغي توازن وڃائي ويهي رهندو. ٻي ڪيفيت ۾ هو بي چين رهندو ته ڪجهه ڪجي، ڪا تبديلي هن جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن ان ڪيفيت کي ڪو مثبت رستو ملي ويو ته، ماڻهو ڪاميابيءَ جي رستي تي هلي پوندو. نه ته دريا ۾ گوتا پيو کائيندو. شاهه لطيف انهيءَ ڪري چيو هو ته:
    جِنين چِت چَريو، ڏُونگر سَي ڏَورِينديُون.
    علامه اقبال انهيءَ ڪري چيو هو ته:
    خدا تجھے کسی طوفان سے آشنا کردے،
    کہ تیری بحر کی موجوں میں اضطراب نہیں۔

    وحدت الوجود :
    اپنشد ۾ لکيل آهي ته: ”هي ڪائنات سراسر دوکو ناهي بلڪ حقيقي آهي، هيءَ ڪائنات انهيءَ ڪري حقيقي آهي ته مظهر ذات حق آهي. غير حقيقي انهيءَ ڪري آهي ته ڪائنات وجود نه پر عدم آهي، جڏهن ته برهما ته وجود آهي.“ اڳتي وري اپنشد ۾ چيل آهي ته ”ڪائنات کي مستقل حقيقي سمجهڻ سڀ کان وڏي ناداني آهي ۽ دوکو آهي. هيءَ ڪائنات ائين آهي جيئن سج مان ڪرڻا نڪري نروار ٿيندا آهن. خدا هر شيءِ ۾ جلوه گر آهي ۽ هر شيءِ ۾ ظاهر آهي. وري هڪ جڳهه تي لکيل آهي ته جنهن کي برهما جو گيان ٿي ويو، اهو برهمڻ ٿي ويو. قرآن شريف ۾ لکيل آهي ته
    ” هوالاول والآخر و الظاهر والباطن وهو بڪل شيءِ عليم. 57/3
    ترجمو: بس اهوئي هر شيءِ جي شروعات آهي ۽ هر شيءِ جو ظاهر آهي، ۽ هر شيءِ جو باطن آهي (اهو ئي اهو آهي). هو هر شيءِ جي ماهيت کان واقف آهي.
    وحدت الوجود، صوفي مت، ويدانيت، همه اوست جو بنيادي نڪتو اهو آهي ته ’وجود‘ هڪ آهي. ڪائنات نمو مسلسل Becoming) ) آهي. بلڪ ائين چئجي ته ڪائنات ڪثرتِ وجود آهي. وجود جي وحدت جو آخري نڪتو زمان و مڪان کان بالا تر آهي. مادي وجود روح جو پردو آهي. مادي وجود فطرت ۽ زمان و مڪان ۾ قابو آهي. روح ڇا آهي؟ خود آگهي، ڄاڻ، علم، شعور، جوش حيات، محبت ’حق مطلق‘ آهي. روح فريب نظر ناهي پر هن روپي سنسار ۾ قيد آهي. روپي سنسار حق مطلق جو پاڇو آهي، هن دنيا جو ظهور حق جي ڪري آهي، جيڪو سچ آهي. باقي هي مايا نه سچ آهي نه ڪوڙ بلڪ آهي به ناهي به. مطلب ته دنيا جي حقيقت دريا مثل آهي، جيڪو هڪ وهڪرو آهي. هڪ وقت ۾ نظر به اچي ٿو ۽ سوچيو وڃي ته دريا هر لمحي نئون آهي. سائنس مادي علمن جو نالو آهي، پر تصوف روح جي سائنس آهي. مادي علم ڪتابن مان تجربي ۽ عقل مان حاصل ٿئي ٿو، پر روح جو علم عشق، درد ۽ فڪر مان حاصل ٿئي ٿو. مشهور فلسفي برٽرينڊرسل چيو هو ته:
    ”دنيا ۾ جيتري قدر عظيم ترين فلسفي گذريا آهن، انهن تصوف جي ضرورت جو به اعتراف ڪيو آهي. انسان فڪر جي دنيا ۾ انتهائي بلند مقام صرف تڏهن حاصل ڪري سگهي ٿو، جڏهن هو سائنس ۽ تصوف کي سمجهي ۽ ان تي عمل ڪري. حقيقت اها آهي ته بهترين انساني خوبين جو اظهار صرف تصوف جي ئي ذريعي ممڪن آهي.“ هن ڳالهه مان ظاهر ٿيو ته بهترين انساني ڪردار ۽ معزز شخصيت يا Genius تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هو سائنس ۽ تصوف کي سمجهي ٿو، معنيٰ تصوف انسان جي ڪرداري سائنس آهي، جهالت ۾ انسان مايا جي روپي سنسار کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي کوهه جي ڏيڏر وانگر زندگي گذاري ٿو ۽ خالي سائنس جو علم ماڻهوءَ کي مشين يا روبوٽ ٺاهي ڇڏي ٿو، پر تصوف ڪائنات جي ماهيت کي سمجهڻ ۽ پنهنجي ذات جي حقيقت کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
    دنيا جي حقيقت ڇا آهي؟؟ صوفي چون ٿا دنيا ڪيڏي به خوبصورت هجي، منجهس ڪيڏو به رومانس هجي، ڪيتري به جمالياتي هجي، ڪيتري به لذت ۽ سک هجنس پر آهي سڀ موهه. هٿ ڪجهه به ناهي اچڻو. شايد مصري شاهه انهيءَ ڪري چيو ته:
    ” عيش دنيا جا مڙئي مان وارا ملوڪ
    سک هڪئي ساعت جو، ساري عمر جو سور ٿيو“.
    جيڪي ڪجهه آهي حاصلات آهي سڀ وقتي آهي، پر توهان ڪيترو به مادي حاصلات ڪريو، پر وجود جو خال اڃا وڌيڪ ظاهر ٿيندو، کوٽ وڌندي ۽ هوس وڌندي، شروعات جو ڪوبه انت ناهي. توهان کي ڪارون جا خزانا به پورا ڪونه پوندا، خواهشون وڌنديون وينديون، هٻڇ ۽ هوس لالچ، ڪروڌ وڌندو ويندو، تان جو توهان ۾ ڪوڙي انا، مايا ڀرجي ويندي، تان جو صرف ڪوڙو ڏيکاءَ وڃي رهندو، جئين ماڻهو جو اندر کوکلو ٿيندو ته روح ان کان پري ٿي ويندو. ماڻهو غير انساني جيو بنجي ويندو.
    اڪثر ماڻهو تصوف کي مذهب سان ملائي ڇڏيندا آهن. David Emile Durkhein جو چوڻ آهي ته تصوف جون پاڙون مذهب ۾ ناهن، بلڪ انسان جي وجود ۾ آهن. مذهب ۽ تصوف ٻئي سچائي کي پرکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر مذهب سماجي ظاهري رسمن جو شڪار ٿي صرف عقيدي تي هلي ٿو، جڏهن ته تصوف انسان جي ماهيت ۽ روحانيت جي اعليٰ قدرن جي جستجو ۾ رهي ٿو.
    وجوديت پرست چون ٿا ته انسان بي يار و مددگار، اڪيلو وجود جو ٻوجهه کڻي ڀٽڪندو رهي ٿو، ڇو ته نه سندس جوهر آهي، نه بقا آهي، نه وري سندس وجود جو جواز آهي. انسان هڪ عظيم خال آهي، جنهن کي ڀرڻ لاءِ ڀٽڪي ٿو، پر خال ڀرجڻ جو ناهي. ساڳي ڳالهه تصوف ۾ موجود آهي ته ڪائنات مايا روپي سنسار آهي، ڪابه شيءِ هٿ اچڻي ناهي.
    تصوف جو بنيادي نڪتو اهو آهي، ته ماڻهو پاڻ سڃاڻي، خود آگهي ۾ اچي، پاڻ سڃاڻڻ جو طريقو هڪ رياضت ذريعي ٿئي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو مادي حصول جي ڊوڙ مان نڪري آفاقي سوچ رکي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو انا، غرور، ڪروڌ، تڪبر، وڏائي ڇڏي پاڻ ۾ عاجزي، انڪساري پيدا ڪري ٿو، درگذر، صبر، ڪهل، همدردي، پيار جهڙا جذبا پاڻ ۾ بيدار ڪري ٿو ته جنهن ۾ ماڻهو جو شعور زمان ومڪان کان بالاتر ٿئي ٿو، ڪائناتي جماليات سان سندس روح سرشار ٿئي ٿو ۽ کيس همه گيريت جو وجدان ٿئي ٿو، کيس ڪشف حاصل ٿئي ٿو، انسان ۾ خدا جاري و ساري ٿي وڃي ٿو، ان وقت انسان مڪمل ٿئي ٿو. هائڊيگر جو امڪاني وجود صوفي پنهنجي رياضت سان ماڻي ٿو. سارتر جو خالي وجود صوفي آفاقي بنائي، فطرت ۾ ضم ٿي وجود مڪمل بنائي ٿو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته واقعي صوفي ڪشف ماڻي ٿو؟ يا سندس اها رياضت کيس نفسياتي مريض بنائي ڇڏي ٿي. هو Hallucination, illusion, Delusion, جو شڪار ٿي، شيزوفرينا Schizophrenia)) جو مريض ٿي وڃي ٿو. پلگرم سائمن (Pilgrim Simon ) پنهنجي ڪتاب “Mysticism , Madness and mania” ۾ انهيءَ موضوع تي پرمغز فڪري بحث ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته: “schizophrenic is drowning in the same river in which the mystic swims in with delight”
    هن بحث ۾ صوفي ۽ شيزوفرينڪ مريض ٻئي هڪ پراسرار دنيا جي ڳالهه ڪن ٿا، ٻئي چون ٿا ته تجربي ۽ عملن مان جيڪو ملي ٿو يا حواسن ذريعي جيڪو محسوس ڪن ٿا، اهو بيان ڪرڻ مشڪل آهي. شيزوفرينڪ مريض وٽ ڪابه آئيڊيالاجي ناهي ۽ عام نارمل زندگيءَ ۾ به نارمل ناهي. هو وري حقيقت جي دنيا ۾ موٽي نارمل نٿو ٿئي، پر صوفي پنهنجي روزمرهه زندگيءَ ۾ نارمل ۽ حقيقت جي دنيا ۾ واپس موٽي اچي ٿو. صوفي صرف روحاني رمز جي خمار ۾ رهي ٿو، اها اڃا تحقيق طلب ڳالهه آهي ته روحاني دنيا ۽ نفسياتي بيمارين ۾ ڪو ڳانڍاپو آهي يا نه؟؟ جيڪڏهن دنيا حقيقي ناهي، صرف مايا آهي، ته پوءِ اسان سڀ شيزوفرينيا جا مريض آهيون ۽ خوبصورت هالوسينيشن جا شڪار آهيون. صوفي جي رياضت ۽ ڪشف شعور جي اهڙي شڪل آهي، جيڪا مراقبي ذريعي زمان و مڪان کان ٻاهر جهاتي پائي ٿي، جنهن کي بيان نٿو ڪري سگهجي. هندستان ۾ صديون اڳ مها يوگي، سنياسي ۽ ساڌو اهڙا يوگ ڪندا هئا، جنهن جي ذريعي هو وڏي ڄمار ماڻيندا هئا يا پنهنجي عمر بيهاري ڇڏيندا هئا. مطلب ته ڪائنات جو راز پروڙڻ جا جتن ڪيا ويندا هئا، صوفي مت به اهڙي قسم جي رمز آهي. هاڻي صوفي زمان و مڪان کا ٻاهر جهاتي پائي ٿو، پر پنهنجو دماغ به سالم رکي ٿو، پر جي دماغ سالم نه رکي سگهيو ته پوءِ چريو ٿي پوندو، انهيءَ ڳالهه کي اسان هيئن به سمجهي سگهون ٿا، مثال ڪو ماڻهو 2 صديون اڳ مري ويو هجي، ان کي وري جيئرو ڪجي ته هو هيءَ دنيا ڏسي وائڙو ٿي ويندو ۽ کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو، ڇوته هو هڪ مخصوص زمان و مڪان جو عادي هو. هي ماحول هن لاءِ مڪمل اوپرو هوندو، جنهن لاءِ سندس شعور عادي نه هوندو، بلڪل اهڙيءَ طرح رياضت سان جيڪو ڪشف حاصل ٿئي ٿو، اهو موجوده زمان و مڪان کان ٻاهر جي سمان جو گيان ڏئي ٿو، انهيءَ ڪري شعور جي بلندي، جڏهن ماڻهو کي آفاقي بنائيندي آهي، ته هو پنهنجي رويي ۾ صوفي ٿيندو آهي، ڇو ته ڪثرتي وجود پنهنجي جز جي خول ۾ قيد هوندو آهي، اوترو محدود زمان و مڪان ۾ قيد هوندو آهي. سندس سوچ ننڍڙي هوندي آهي، دنيائي حساب ڪتاب، مادي حاصلات ۾ هو صرف To Have ۾ جيئندو آهي،To Be ۾ نه جيئندو آهي. وجوديت ۽ صوفي مت جو بنيادي نڪتو اهو ئي ساڳيو آهي ته وجود کي To Be ٺاهيو. سچل سرمست جو هي شعر ڏسو:
    پٺيءَ ڄڃ مَ ڄل منجهه تماشي نه ٿي
    گهوٽ ڪري تون پاڻ کي ڪر هنگاما هل
    نيٽشي انهيءَ ڪري اهو اعلان ڪيو ته ڀڳوان مري ويو آهي، هاڻ پاڻ کي ڀڳوان ٺاهيو. ايرڪ فرام پنهنجي ڪتاب “To have or to be” ۾ هن موضوع کي چڱيءَ طرح زير بحث آندو آهي: سندس چوڻ آهي ته، انسان جو مادي وجود، ظاهري شڪل شبيهه، سندس شين سان تعلق، سندس شين جي مالڪي to have جي زمري ۾ اچن ٿا، پر محبت، جذبا، انسانيت، همدردي، رُوح جو سڪون، اطمينان، رشتا ناتا، ثقافتي سرگرميون، to be جي دائري ۾ اچن ٿيون
    هتي ’ٽو بي‘ جو مطلب سپرمئن يا هٽلروارو تصور ناهي، بلڪ وجود کي آفاقي بنائي پُر ڪري ٿو. اها صورتحال آهي، جڏهن ماڻهوءَ مان اهنڪار ختم ٿي ويندو، هوس، ڪروڌ، نفس پرستي نه رهندي، بلڪ منجهس روحاني طاقت وڌڻ لڳندي، انهيءَ ڪري اسان صوفي مت کي نظريي کان وڌيڪ رويو سمجهون ٿا.
    نتيجو: وجود جو هي بحث ثابت ڪري ٿو ته: وجود مان مراد عام مادي وجود ناهي، دنيا جو ظاهري پاسو اصلي وجود جي ماهيت کي سمجهڻ کان قاصر آهي. انسان جي وصف جي اهم خاصيت ان جي روحاني زندگي آهي، يعني انسان هئڻ جي خاصيت.
    مادي دنيا جي هن واپاري دور ۾ هوس، لالچ، لوڀ، ۽ مادي حصول جي ڊوڙ ۾ ماڻهو جانور بنجي ويو آهي، ان مان انساني خاصيتون ختم ٿينديون وڃن، انهيءَ ڪري دنيا کي تصوف جي ضرورت آهي، جيڪو ماڻهو مان شدت پسندي ۽ مادي هوس کي ڪڍي سگهي ٿو، ماڻهوءَ ۾ رواداري، خدا ترسي جهڙا گڻ پيدا ڪري سگهي ٿو. تصوف رُوح جي سائنس آهي ۽ وجود جي خال کي مثبت انداز سان پورو ڪري انسان کي ٿانيڪو ڪري سگهي ٿي.

    References :حوالا

    1. Erick fromm The Sane Society
    www.gofaster.net/books/.../Erich_Fromm_The_Sane_Society.pdf p56
    2. ڊاڪٽر افتخار بيگ ”وجوديت “ سٽي بڪ پوائنٽ اردو بازار ڪراچي 2011ع ص:31
    3. Hunter mead “Types and Problems of Philosophy” Holt ,Rinchart and Winston , October 1962 p 412
    4.
    5. قاضي قيصر السلام ”فلسفي ڪي بنيادي مسائل“ نيشنل بڪ فائونڊيشن ڪراچي پهريون ايڊيشن 1976ع صفحو: 529
    6. پروفيسر يوسف سليم چشتي ” تاريخ تصوف“ دارالڪتاب اردو بازار لاهور، 2009 ع ص: 108
    7. Research Paper “conception time and being in the transcendent Philosophy of Mulla Sadra” by syed Alam Shah. Journal of Social Science and humanities volume 50 part -1 januarry and june 2011 university of Karachi.
    8. پروفيسر يوسف سليم چشتي ” تاريخ تصوف“ دارالڪتاب اردو بازار لاهور، ص: 42
    9. پروفيسر يوسف سليم چشتي ”تاريخ تصوف“ محمد يوسف گورايه دارالڪتاب اردو بازار لاهور، ص: 16 کان 25
    10. ايضًا ص 21
    11. ايضًا ص 105
    12. پروفيسر يوسف سليم چشتي ”تاريخ تصوف“ محمد يوسف گورايه دارالڪتاب اردو بازار لاهور، ص: 09
    13. Pilgrim simon “ Mysticism Madness Mania” Robert Laynton 2009 P 38-39
    14. Pilgrim simon “ Mysticism Madness Mania” Robert Laynton 2009 p 34
    15. Erick Fromm “ To Have or To be “ the world perspective by harper & row 2nd edition 1997 p 25
    16. شاهه جا بيت ٻانهي خان جي رسالي تان ورتل آهن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2067147
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 539094
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ