ڪتاب جو نالو: وطن، پرين ۽ موت
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 28 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 551 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 123 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾ رسول ميمڻ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ لکيل ڪالمن ۽ مضمونن سان گڏ مختلف شخصيتن جي فن ۽ فڪر تي لکيل بھترين لکڻيون موجود آھن. رسول ميمڻ ھن وقت جي افساني ۽ ناول جو وڏو نالو آھي. سندس ڪيترائي پڙھندڙ موجود آھن، تنھنڪري سندس مضمونن جي بہ وڏي اھميت آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • گاڊ جين
  • منٽو جا سوَ سال
  • پڪي ٻير
  • حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا!
  • لفظن جي چير ڦاڙ
  • آٿتا
  • من شڪتي
  • ڪهاڻي ڌرتيءَ مان ڦُٽي ٿي!
  • جديد سنڌي ناول جو معيار
  • سرگوشيون: ”امر اقبال جي ڪالم ڪتاب تي تصبرو“
  • وجوديت ۽ اشتراڪيت
  • هر صنف جو شاعر (ادل سومري جي شاعريءَ جو تجزيو)
  • شيخ اياز جون ڪهاڻيون
  • ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي
  • هڪ شاگرد، هڪ فقير
  • وطن، پرين ۽ موت
  • کاڌي جي ٽيبل تي رکيل ڪتاب!
  • ڪراچي يا ڪلاچي (المياتي مزاح)
  • پيار جي هڪ ٻي صدي!
  • پارٽيون
  • آتم نرآستي Autodetachment
  • نالو ئي رفيق هيو!

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : وطن، پرين ۽ موت!
    موضوع : مضمون
    ليکڪ : رسول ميمڻ
    پهريون ڇاپو : 2019ع
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
    ٽنڊوالهيار

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر



    Watan, Piren aen Moot

    Writen by : Rasool Memon
    1st Edition : 2019
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Published by: Digital Publishing House
    Tando Allahyar


    ارپنا

    رزاق مهر
    ڪيهر شوڪت
    ۽
    واجد
    جن کي وسارڻ پاڻ وسارڻ آهي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وطن پرين ۽ موت“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. مختلف قسم جي مضمونن جي ھن مجموعي جو ليکڪ ناميارو ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار رسول ميمڻ آهي.

    ھن ڪتاب ۾ رسول ميمڻ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ لکيل ڪالمن ۽ مضمونن سان گڏ مختلف شخصيتن جي فن ۽ فڪر تي لکيل بھترين لکڻيون موجود آھن. رسول ميمڻ ھن وقت جي افساني ۽ ناول جو وڏو نالو آھي. سندس ڪيترائي پڙھندڙ موجود آھن، تنھنڪري سندس مضمونن جي بہ وڏي اھميت آھي.

    ھي ڪتاب اڳ ڪٿي بہ ڇپيو ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گھر لاءِ موڪليو آھي. سنڌ سلامت ڪتاب گھر ذريعي اسان ڪوشش ڪئي آھي تہ سنڌي ادب ۽ سنڌي لکڻين کي ھر ھنڌ پھچايون. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    گاڊ جين

    گاڊ جين
    (Godgene)

    فرانس ۽ سئزر لينڊ جي سرحدن وٽ سرن (Cern) طرفان ڪائناتي وجود جي کوجنا ۾ مادي جي ائٽم کي ان حد تائين ٽوڙيو ويو آهي جو ان اندر هڪ اهڙو ذرو هٿ آيو آهي. جيڪو مادي کي جنم ڏئي ٿو. ان ذري جا ٻيا به نالا آهن، پر مجموعي طور ان کي گاڊ پارٽيڪل جو نالو ڏنو ويو آهي.
    اڄ کان ڪجهه سال اڳ طبعات جي ماهر هيگس (Higgs) جيڪو نظريو پيش ڪيو هيو ته ڪائنات جي ظهور ۽ وجود پويان جنهن طاقت جو هٿ آهي، اها خارجي نه پر داخلي آهي. اها خود مادي اندر موجود آهي ۽ مادي کي جنم ڏئي ٿي. هيگس (Higgs) جي ان نظريي تحت سائنسدانن جزي اندر ان هستيءَ کي ڳولهي لڌو آهي. اها هستي يا گاڊ پارٽيڪل جيڪو جزي اندر ذري جيان موجود آهي. اهو جزن کي پيدا ڪري مادي جي تخليق ڪري ٿو. ائين هر مادي اندر، هر جزي اندر هڪ ذرو آهي ۽ ذري اندر هستيءَ جو وجود موجود آهي. مادي جو هر جزو هستيءَ جو مرڪز آهي. هستي ٻاهر نه اندر آهي، ائين روحاني دنيا ۾ مادو جيڪو ڌڪار لائق آهي ۽ هر مادي اندر جيڪو فنا جو فلسفو آهي، اهو بدلجي پوي ٿو، ڇو جو مادو هاڻي جٽادار صورت ۾ سامهون آيو آهي، جنهن اندر تخليق ۽ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اهو وڏي طاقت وارو آهي، ائٽم ٺهي ٿو ته ڪائنات کي ٺاهي ٿو ۽ ڊهي ٿو ته ڪائنات کي ڊاهي ٿو، جيئن هيرو شيما ۽ ناگاساڪيءَ ۾ ٿيو.
    انساني وجود جي صورتحال به مادي کان مختلف نه آهي، انساني وجود اندر ٺوس مادي جيان ائٽم جا جزا ۽ جزن جا ذرا ته نه آهن، پر انهن جا متبادل موجود آهن.
    جاندار جيوگهرڙن (Cells) جو ٺهيل آهي، وجود اندر هر جيو گهرڙو پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو. هر جيو گهرڙو انڪري منفرد آهي ڇو جو اهو پاڻ هڪ فرد جي حيثيت رکي ٿو، دنيا ۾ اهڙا وجود به آهن، جيڪي صرف هڪ جيوگهرڙي تائين محدود آهن ۽ اهو هڪ جيوگهرڙو اهي سڀ خصلتون رکي ٿو جيڪي جيئڻ لاءِ ضروري آهن. جيئن Emoeba جيڪو خودبين ۾ نظر ايندو آهي، انساني وجود جيڪو گهڻ جيو گهرڙن (Multicells) جو ٺهيل آهي، ان اندر هر جيو گهرڙو انساني وجود کي جيئارڻ جي انفرادي ڪوشش ڪري ٿو، انساني وجود جو هر جيو گهرڙو جيئڻ جي جدوجهد ۾ مشغول آهي، اهو حالتن پٽاندڙ موسمن، ماحولياتي تبديلين، جراثيمي تابڪاري اثرن، ڏکن سورن، غربت، وڇوڙن، خوشين ۽ ٽهڪن جي زير اثر پاڻ کي بدلائي انساني وجود کي سهارو ڏئي، تخمن (Genes) ۾ تبديليون (Multations) ڪري. جنهن تي اثرانداز ٿي هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ نسلن جي هاٺي ڪاٺي ۽ بدني بناوتون ان حد تائين تبديل ڪري وجهي ٿو جو اهي ماحول کي قبول ڪري پنهنجو ڪري وجهن ٿيون ۽ ائين انساني وجود دنيا ۾ برقرار رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اسان جا ايندڙ نسل ماحولياتي ناپاڪين کي قبول (Adapt) ڪندي، ائين تبديل ٿي ويندا جو اهي ناپاڪيون پنهنجو اثر وڃائي ويهنديون، صدين کانپوءِ تابڪاري، سگريٽ يا ٻيون هاڃيڪار شيون ڪينسر جو سبب بنجي نه سگهنديون، ڪينسر انساني جسم جو حصو بنجي ان کي جيئرو رهڻ ۾ مدد ڏيندي، انسان تابڪاري، تماڪ ۽ ٻين هاڃيڪار شين سان ايڏو رلي ملي ويندو جو انهن کانسواءِ ڪنهن ٻئي جسماني بيماريءَ ۾ وڪوڙجي ويندو.
    ساهوارو ڪجهه نه آهي ڇڙو مغز (Brain) آهي ۽ جسم جا سڀ سرشتا (Systems) مغز کي جيئرو رکڻ جي جاکوڙ ڪن ٿا، انسان جو موت دراصل مغز جو موت آهي، جيئن مادي انهن گاڊ پارٽيڪل کي ڳولهي لڌو ويو آهي، ائين ساهواري جي جيو گهرڙي اندر گاڊجين ضرور موجود آهي، جيڪا انسان کي وجود برقرار رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، اهو منهنجو ذاتي خيال آهي ۽ اهڙو ڪو به حوالو ڪنهن سائنسي ڪتاب ۾ ڏنل نه آهي، نه ئي ڪنهن اهڙو نظريو پيش ڪيو آهي، جنهن تحت کوجنا جو نئون در کولي سگهجي، ساهواري جي جيوگهرڙي اندر ڊي.اين.اي (DNA) جي ڪروموسوم (Chromosome) ۾ خدا ضرور ڪٿي لڪيل آهي، خدا انسان جي اندر آهي.
    بيسڪ ميڊيڪل سائنسز جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ مون ٻه سال ڳلي جي گدود (Thyroid) تي کوجنا ڪئي، انهن جي ڊي اين اي تي جسم جي مختلف رتوبتن (Hormones) جي اثرن جو تجزيو ڪيو، منهنجي خيال ۾ ڪينسر ڪا بيماري نه آهي، اها جسم جو رد عمل آهي، جيڪو ماحولياتي تذليل ڪري سامهون اچي ٿو، جيو گهرڙن جا گروهه عجلت ۾ پيدا ٿي جسم کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ بگڙجي ڪينسر جي صورت اختيار ڪن ٿا.
    خدا جو ڪم انسان کي مارڻ نه جيئارڻ ۽ جنم ڏيڻ آهي، انسان پاڻ کي پاڻ ماري ٿو، اهو پنهنجي وجود تي پاڻ وار ڪري ٿو، جسم کي تباهه ۽ برباد ڪري ٿو، جسم هڪ ڏينهن بيزار ٿي هن کان هٿ ٻڌي معافي وٺي موڪلائي وڃي ٿو.
    اڄ کان پنجويهه سال کن پهريون جڏهن مان سول اسپتال سکر ۾ پئٿالاجسٽ هيس ته هڪ آمريڪي پروفيسر ڊيوڊسن سکر جي ڀرپاسي هڪ ڳوٺ ۾ جتي ننڍي قد وارا (Dwarf) پيدا ٿي رهيا هيا، انهن تي کوجنا ڪرڻ آيو، سندس کوجنا کانپوءِ ان جيڪو مقالو لکيو ان جو موضوع هيو.
    Dwarfism in sindh
    مون کي ان سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، هو ان ڳوٺ ۾ ويو ۽ ڍينڍڙن ڄامڙن (Dwarfs) جي ويگن ڀري وٺي آيو، هن انهن کي وڏيون خرچيون ڏنيون ۽ فل سوٽ سبرائي ڏنا، ويهه کن ڍينڍڙن لاءِ اسپتال جو هڪ پورو وارڊ خالي ڪرائي انهن کي رهائي سٺي مهمان نوازي ڪئي وئي، جنهن جو سڄو خرچ پروفيسر پاڻ برداشت ڪيو.
    مون اسپتال جي ليبارٽريءَ ۾ ان کي سڀ سهولتون مهيا ڪري ڏنيون، جنهن ۾ سينٽري فيوج مشينون، انڪيوبيٽر ۽ خوردبين شامل هيا، مون اتي پهريون دفعو پروفيسر کي ڍينڍڙن جي رت مان ڊي اين اي کي الڳ ڪندي ڏٺو، ان جا لفظ مون کي ياد آهن، سندس چوڻ هو.
    DNA is controlling authority of surviv or survivor
    ڍينڍڙن جي ان ڳوٺ ۾ ڍينڍڙائپ جو سبب ويجهن رشتيدارن ۾ شاديون هيون، جنهن ڪري اها Gene انهن جي خاندان ۾ رهندي پئي آئي، جڏهن ته ڌارين ڪٽنبن ۾ شاديون ڪري Gene Purification ٿي سگهي ٿي، دراصل انسان جي پنهنجي حڪمت عملي آهي جنهن کي خدا قبول ڪري ٿو، خدا انسان جي خواهشن جو احترام ڪري ٿو.
    اهو سچ آهي ته سڀ انسان جي اندر موجود آهي، نيڪيءَ کان بديءَ تائين ۽ سونهن کان نفرت تائين، مادو حقيقت آهي ۽ مادي دنيا حقيقت جو گهر، حياتي ۽ زندگيءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي، اعمالن جي جنت ۽ دوزخ هتي ئي آهي، اهو ظلم آهي ته ڪنهن جي زندگيءَ کي لاحاصل لالچ ۾ زهر بنايو وڃي، خوابن جي آسري سجاڳين کي لٽيو وڃي، اهڙي سوچ کانپوءِ قانون ۽ انصاف جي اهميت وڌي وڃي ٿي، ڇو اسين ستر اُجورن جي آسري هڪ گناهه کي معاف ڪري بدامنيءَ جي حوصلا افزائي ڪري زندگيءَ جي حاصل ٿيل املهه گهڙين کي وڃائي ويهون ٿا.
    خدا برحق آهي، اهو بندي جي هر جيوگهرڙي ۾ حڪم هلائي ٿو، جيو گهرڙو جيو گهرڙي کي جنم ڏئي ٿو، جيئن گاڊ پارٽيڪل آهي، ائين گاڊ جين ضرور هوندي، جيڪا مادي جيان جزن کي جنم ڏيڻ بجاءِ ساهوارن جي جيو گهرڙي کي جنم ڏئي انهن جي حفاظت جا رستا هموار ڪندي هوندي.
    مان فزسٽ يا بائلاجسٽ نه آهيان ۽ نه ئي ان نظريي جو دعويدار آهيان، ايترو ضرور آهي ته جيئن گاڊ پارٽيڪل کي ڳولهي لڌو ويو آهي ائين هڪ ڏينهن گاڊ جين کي به ضرور ڳولهي لڌو ويندو.
    شايد صوفين سچ چيو آهي ته رب بندي جي من ۾ موجود آهي، خبر نه آهي، منصور “اناالحق” چئي ايڏي وڏي ڳالهه ڪيئن ڪئي؟ “اناالحق” جنهن جي لغوي معنا آهي “مان خدا آهيان” جڏهن منصور جي اهڙي دعويداريءَ تي سوچيان ٿو. “مون کان اڳ اهڙيون سڀ ڳالهيون ته منصور ڪري ويو هيو، مان ڪير ٿيندو آهيان حام هڻڻ وارو؟”

    o


    منٽو جا سوَ سال

    منٽو جا سوَ سال


    ڪو وقت هيو ڪرشن چندر ۽ منٽو اردو ادب جا سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندڙ اديب هيا، هاڻي ڪرشن چندر گهٽ نظر اچي ٿو، پر منٽوءَ جو نانءُ گهڻن جي زبان تي آهي، ان حد تائين جو هڪ فوجي حڪمران کيس روشن خياليءَ جي علامت چئي طالبان خلاف سياسي استعمال ڪيو. ڪڏهن روشن خيالي فيشن ٿي پوندي آهي، ماڻهو روشن خياليءَ کي تمغن جيان سجائيندا آهن، ٿي سگهي ٿو انهن ائين سمجهيو هجي ته روشن خيالي تڏهن وجود ۾ ايندي آهي جڏهن ڪو “اوندهه خيالي” ۾ ميڻ بتي ٻاري لکندو آهي.
    منٽو جي شايد ڪا اهڙي ڪهاڻي هجي، جيڪا سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿي هجي، منٽو مڪمل سنڌي ٿي چڪو آهي، تخليقڪار ۽ پڙهندڙ وچ ۾ ڪو به ترجمو ائين هوندو آهي، جيئن سکر کان لاڙڪاڻي ويندڙ روڊ، جيڪو سال ۾ ٻه دفعا ٺهندو آهي ۽ چار دفعا ڊهندو آهي.
    مون پال ورلن کي فرانسيسيءَ ۾ پڙهيو، سمجهه ۾ نه آيو پر محسوس ڪيم ڄڻ چپن ۾ چنگ وڄندو هجي، سامهون ڪتاب جي ٻئي صفحي تي انگريزي ترجمو هيو، پڙهيم سمجهه ۾ ته آيو پر اها رواني ۽ رڌم نه هيو، ٻين زبانن جي ڀيٽ ۾ اردو اسان جي در سامهون ڪڙي کلڻ جي انتظار ۾ آهي ۽ در جي وٿين مان ڏسجي رهي آهي.
    دنيا جا سمنڊ مليل آهن پر انهن جا نالا الڳ آهن، ڪناري تي ماڻهن جا سمنڊ آهن، ڪي بحرالڪاحل آهن، ڪي بحرالجاهل آهن، قومون خطن سان سڃاتيون وينديون آهن، مذهبن ۽ زبانن سان نه.
    بڙ جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل آهن پر ان جون ڪجهه پاڙون هوا ۾ لڙڪي ڌرتي ڳولهين ٿيون، ڌرتيءَ جي اهميت ان ڪري آهي جو اها پير رکڻ ڏئي ٿي، هوا ۾ لڙڪڻ خودڪشي آهي، وڻ پاڙن سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ انسان ڌرتيءَ ۾ پوريل اَور سان.
    سنڌ جي سرزمين تي سرجندڙ نئون اردو ادب ٻه واٽي تي بيٺل آهي، پاڪستان ۾ ڪامياب اردو ادب پنجاب جي خطي ۾ لکيو ويو آهي، جنهن جو پس منظر پنجاب جي ڌرتي آهي، پنجابي اديب پنهنجي زبان کي پوئتي رکي جيڪا اردو ادب جي خدمت ڪئي آهي ان عيوض کيس پاڪستان پڻ نوازيو آهي.
    منٽو جو تعلق به پنجاب سان آهي ۽ ان اردو زبان ۾ پنجابي ڪهاڻيون لکيون آهن، منٽو جي سڀ کان سٺي ڪهاڻي “ٽو باٽيڪ سنگهه” آهي، ڇو جو اهو “سنگهه” ئي آهي جيڪو هن جي اڪثر ڪهاڻين ۾ موجود نظر اچي ٿو، ٽوبا ٽيڪ سنگهه اها ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ جنس Sex جو عنصر نظر نه اچي ٿو، سواءِ سک پاران ٻن چئن گارين جي، باقي هن جون اڪثر ڪهاڻيون جنسي پس منظر ۾ لکيل آهن، بلڪل ائين جيئن موپاسان جي ڪهاڻي نيڪلس جيڪا جنسي تذڪري کان سواءِ لکيل آهي، نه ته موپاسان منٽوءَ جو جنسي استاد آهي.
    گڏيل پنجاب جي پس منظر ۾ اردو ادب جا پير پختا آهن، راجندر سنگهه بيدي، احمد نديم قاسمي، اشفاق احمد، امرتا پريتم، بلونت سنگهه ۽ ٻيا، ان صورت ۾ ڪامياب اردو ادب لکي سگهيا جو انهن وٽ پنجاب جي ڌرتي هئي.
    اردو مختصر ڪهاڻيءَ جي ابي پريم چند پنهنجي چوڌاري رهندڙ مظلوم انسانن جي ڏکن ۽ سورن کي پيش ڪيو آهي. ان جا ڪردار اتي سرجن ٿا جتي ان جنم ورتو، پريم چند ترقي پسند اردو ادب جو بڻ بنياد هندستان جي سرزمين کي بنايو ان وقت جڏهن هندستان بدترين اقتصادي دور مان گذري رهيو هيو.
    برصغير ۾ اردو ادب جو پس منظر آزاديءَ جي تحريڪ، اشتراڪيت جا نعرا ۽ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو آهن، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي برصغير جي ادب کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو اهو تاريخ جو روپ ڌاري چڪو آهي، ڪرشن چندر جو “غدار” ان دور جو اهڙو ناول آهي جيڪو ان سانحي جي جذباتي انداز ۾ تبليغ ڪري ٿو، منٽو مذهبي جنون جي زير اثر جنسي تشدد کي ڇرڪائيندڙ انداز ۾ پيش ڪري ٿو، سندس ڪهاڻين جا نفسياتي اثر حيرت انگيز حدن کي ڇهن ٿا، جنهن جا مثال هن جون ڪهاڻيون “ٺنڊا گوشت” ۽ “کول دو” آهن.
    بشير منگيءَ جو ترجمو ساراهه جوڳو آهي، ڇو جو هو شاعر آهي ۽ شاعر وٽ لفظن جي کوٽ نه هوندي آهي، سنڌي زبان ۾ هيءَ ڪتاب ان ڪري اهم آهي ته ٻين زبانن جا اديب منٽو کي ياد ڪن يا نه، پر سنڌي اديب ان جي سوَ سال پورا ٿيڻ تي کيس هڪ ڪتاب ارپي ان جي مهورت جي صورت ۾ خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن.
    اسين مسلسل لکي رهيا آهيون، پوءِ اهو تخليقي ادب هجي، تحقيقي يا ترجما، سنڌي زبان کي فخر حاصل آهي ته ان جو پرنٽ ميڊيا پاڪستان جي سڀني ٻولين کان وڌيڪ آهي.
    باقي ايترو چوندس ته سنڌ ۾ معياري اردو ادب سرجي نه سگهيو آهي، اهو ختم ٿي رهيو آهي، انهن کي هن ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪرڻي پوندي، مونکي اميد آهي ته ڪا اهڙي قرت العين حيدر ضرور پيدا ٿيندي جنهن جي اردو ناول جون پاڙون سنڌ ۾ کتل هونديون ۽ سندس موضوع هن ڌرتي جا ڏک سور ۽ ڀوڳنائون هوندا، پوءِ ان ناول جو نالو “آگ ڪا دريا” نه صحيح “دريا ڪي آگ” ئي ڇو نه هجي.

    o


    پڪي ٻير

    پڪي ٻير


    زهر قاتل جو جام ڀري پيئاريو يارو،
    ڇوٽڪارو ڏاهپ کان مونکي ڏياريو يارو.

    واقعي ئي ڏاهپ انسان کي مونجهارو عطا ڪيو آهي، ڏاهپ جي وصف مڪمل نه آهي، ڏاهپ معنا بدلائي ٿي، ڪڏهن سچ ڏاهپ جي اڳواڻي ڪري ٿو، ڪڏهن ڪوڙ ڏاهپ جو علمبردار آهي، سچ ۽ ڪوڙ جاڙا ڀائر آهن، جيڪي همشڪل آهن، هڪ کي ڳولهيو ٻيو ملي ٿو، ٻئي کي ڳولهيو پهريون ملي ٿو، چوراهي تي بيٺل انسان ڏاڍو منجهيل آهي، رستن جي رهنمائي ڪندڙ تير جي نشان جا نٽ ڍِلا ٿي چڪا آهن، اهو هوا تي رخ بدلائي ٿو.
    تاج بلوچ جي شاعري حقيقت جي ڳولها ۾ هيت بدلائي ٿي، جستجوءَ جي جاکوڙ ۾ ان کي چار مغز آهن، اٺ اکيون سورنهن ڄنگهون ۽ ٻارنهن ٻانهون، تاج جي شاعريءَ پويان لاتعداد فانوس ٻرن ٿا جنهن ڪري ڌرتيءَ تي ان جا ارڙهن عڪس ٺهن ٿا، هن جي شاعري علامتن جو روپ ڌاري سچ ۽ ڪوڙ کان مٿي هڪ نئون روپ اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن کي نئون لفظ ڏيڻو پوندو، جنهن لاءِ نئون اچار تخليق ڪرڻو پوندو.

    آئينا چور ٿيا، ڪوئي چهرو،
    پنهنجو نه پرائو ٿو لڳي.

    يا

    هر عڪس ۾ ملندوسانءِ،
    ڪنهن شخص ۾ ملندوسانءِ
    يا رقص ۾ ملندوسانءِ.

    تحرير انفرادي سوچ ۽ سمجهه جي حد اندر پنهنجو ڏيکاءُ ڏئي ٿي، هر سوچ جي سگهه ساڳي نه آهي، ساڳي تحرير هر الڳ ذهن ۾ منفرد عڪس اڀاري ٿي، تجريد گهڻ رخو ڏيک آهي، جيئن خدا ۽ ان جا الڳ روپ.
    تجريد پوءِ به سچ نه آهي، اسين مونجهارن کي سهل بنائڻ لاءِ علامتون ايجاد ڪيون ٿا، جيئن ڪو صوفي مذهب جي ڊهندڙ عمارت کي ٿوڻيون ڏئي ٿو، دراصل اسين جيئري رهڻ لاءِ صورتحال يا وايو منڊل جي تبديلين جي زيراثر حيت بدلايون ٿا، جيڪا وس کان ٻاهر خودبخود نازل ٿيندڙ فطرتي عمل آهي، حالتون انسان کي بدلائي وجهن ٿيون ۽ انسان جيئرو رهي ٿو.
    خدا انسان جي تخم (Gene) ۾ موجود آهي، اسين تخم (Gene) جا غلام آهيون، جيڪڏهن سچي دل سان خدا جا انڪاري ٿيون ته پوءِ هزارين سال انتظار ڪرڻو پوندو جيسين انڪاري نسلن جي تخم (Gene) مان خدا صاف نه ٿي وڃي، خدا جو انڪاري ٻارهين منزل تان پاڻ کي اڇلائي ٿو، موت جي خوف کان رڙيون ڪندو خدا کي ٻاڏائيندو پٽ تي ڪري ٿو، بي ڌيانيءَ ۾ رب جو نانءُ زبان تي چڙهي ٿو، ڇا ڪيون مجبور آهيون.

    ساقي تنهنجي اک لڳي هوندي،
    ميڪشن جا رنگ ساڳيا آهن.
    ڪنهن ساقيءَ کان پڇيو:
    “ڪڏهن پاڻ به پيتو ٿي يا ٻين کي پيئاريندو ٿو وتين؟”
    ساقيءَ خماريل نيڻ کڻي چيو:
    “اسين پيتي بنا پرباش آهيون”

    مون کي ننڍي هوندي پاڙي مان لنگهيندڙ جيٺمل پنساريءَ جي ڪپڙن مان هريڙن جي بوءِ ايندي هئي ۽ جمعي جي نماز کانپوءِ موتي مجسد ٻاهران نياز ورهائيندڙ ويئشيا جي چانورن مان شرم گاهه جي بوءِ، ساڳي طرح ساقيءَ جا ڪپڙا مڌ ڀنل آهن ۽ شهيد جا رت رنگيل، ميڪشن جا رنگ ساڳيا آهن، باقي اک لڳيءَ جا مطلب گهڻا آهن، جيڪڏهن ساقي سمهيو ته سرمستيءَ جا ڪم لٿا ۽ ڪنهن جي اک لڳي ته ان جهڙو خوشقسمت ڪير؟

    مڌ ۾ ٻوٽل اکيون،
    ڄڻ وڙهي پرتل اکيون.

    اهڙا شعر پڙهڻ سان خمار طاري ٿئي ٿو، لفظن جا چپ چمڻ تي دل چوي ٿي.

    آئينا چور ٿيا،
    ڪوئي چهرو پرائو نه پنهنجو لڳي ٿو.

    دنيا شيشي جي ٺهيل آهي ۽ اسين پاڇا آهيون، اسان جي چهرن جا عڪس شيشن ۾ ٺهن ٿا، آئيني جو ٽٽجڻ شناخت جو مٽجڻ آهي، وجود پاڇي ۾ بدلجي وڃي ٿو، پاڇو نٽهڻ اس ۾ بيٺل آهي، ان جي چهري کي ڪا تشبيهه نه آهي، وجود پاڇن جي ڇانوَ ۾ لڪيل آهن.

    ننڊ ۾ هلندي تاج نيڻ ڦٽيا

    عشق ارتقا جو عروج آهي، جڏهن ماڻهو مڪمل ٿيندو ته عاشق سڏائبو، ننڊ ۾ هلڻ جي جاکوڙ ڪنهن کي ڏسڻ جي جستجو آهي، اهڙي حسرت تصور ۾ محبوب جو چهرو تخليق ڪري ٿي ۽ چهري ڏسڻ جي آرزوءَ ۾ اکيون جنم وٺن ٿيون، نيڻ ڦٽن ٿا، جستجو جيئرو رکي ٿي، وڇوڙي جي خوف کان دل جي ڌڙڪن جاري آهي، توڏانهن پهچڻ جي ارادي تي رت جي گردش روان آهي، مان جيئرو آهيان، تون مون ۾ جيئرو آهين.

    جام نه آهي سر ٽڪرايو،
    ڪنهن نموني دل وندرايو.

    فرار حرارت بخشي ٿو، ڀڄي نڪتل قيدي جي نرڙ تي پگهر جون بوندون چمڪن ٿيون، فرار نئون رستو ڏيکاري ٿو، جام نه هوندي سر ٽڪرائڻ ۽ دل وندرائڻ زندگيءَ جو پيغام آهي، مدهوشيءَ جي سرور ۾ سڀ ڏک خودڪشي ڪن ٿا، دنيا ۾ مست جي دل سڀ کان وڌيڪ خوشي ماڻي ٿي، سرمستي نجات آهي.

    تنهنجي زلفن سان جن جو ڪم آهي،
    تن جي دنيا ۾ پيچ وخم آهي.

    اسان جي عقل جون آڱريون زماني جا زلف سلجهائي نه سگهيون آهن، اسين واٽون وڃائي ويٺل شخص آهيون، ترين تي سج رکيل آهن، تيز روشنيءَ ۾ انڌا ٿي چڪا آهيون، انا ۽ ڏاهپ جا سج، دعويداري ۽ Perfection جا سج، ڇاتين سان چنبڙيل، ٻار جيڪي زلفن سان کيڏن ٿا ۽ محبوبا جنهن جي چميءَ جو ذائقو کٽي کير جهڙو آهي.

    رت جي درياهه ۾ ٻڏي ويا رنگ

    ڏاڍو ڏکيو آهي سٽ کي سمجهڻ ۽ وضاحت ڪرڻ، سمجهه احساس آهي، جيڪو شعور جي پهچ جو حاصل آهي، احساس ساڳيا نه آهن، سمجهه جي وصف ناممڪن آهي، هرڪو پنهنجي رنگ ۾ محسوس ڪري ٿو، جيترو محسوس ڪري سگهي، پر ايترو ضرور آهي ته رت جي درياهه جو منظر باهه جي ٻوڏ کان گهٽ نه آهي.

    حرف حرف جي بيهڪ بگڙي،
    جذبي جو اتساهه مئو،
    لفظ لفظ جي معنا بدلي،
    لهجي جو ويساهه مئو.

    ڪجهه به حتمي نه آهي، هر شيءِ مڪمل ٿيڻ جي آرزوءَ ۾ بگڙجي تبديليءَ جا مرحلا طئي ڪري ٿي، ايتري پڪ آهي ته ڪائنات جي بقا تائين ڪا به شيءِ مڪمل ٿي نه سگهندي، مون هڪ دفعي ڪهاڻي لکي مڪمل ڪئي، ڏاڍو خوش ٿيس.
    ان ۾ سڌارو ڪرڻ لاءِ جڏهن پين کڻي پڙهڻ شروع ڪيم ته جملن تي لڪيرون پائيندو ان حد تائين هليو ويس جو پوري ڪهاڻي ڪٽي ڦٽي ڪيم، سوچيم ان ڪهاڻيءَ جو سڀ کان سٺو عنوان آهي “اڇا پنا، ڪارا پنا”
    سوچن جا وار به سفيد ٿين ٿا، اتساهه ۽ ويساهه مرڻ کان اڳ پوڙها ٿين ٿا، لفظ جيڪي ليکڪ جا غلام آهن، بگڙجي بغاوت ڪن ٿا، تفسيرون رت وهائين ٿيون.

    دل جي اجلي چادر تي ڪا،
    البيلي پائي ويٺي ليڪا.

    چون ٿا دنيا جي وڏي ۾ وڏي ايجاد ڦيٿو آهي، پر مان چوان ٿو ته وڏي ۾ وڏي ايجاد ليڪ آهي، ڪائنات جي هر شيءَ ليڪ جو بگاڙ آهي، جڏهن پيغمبرن الله کي ڳولهڻ جي دعوا ڪئي ته ليڪ پاتي، جڏهن سائنسدان ليڪ کي ڦيرايو ته ڦيٿو ايجاد ٿيو، انسان جي جسم تي پنج سو ٻارنهن ليڪون آهن، قسمت جون ليڪون هٿ تي نه آهن ڪنهن ٻئي هنڌ آهن، پر دل جي چادر اجري آهي، جنهن تي ليڪ جو اختيار محبوب کانسواءِ ڪنهن وٽ نه آهي.

    نت نئون زخم نئون درد مليو،
    هٿ هٿ سان جو مليو سرد مليو.

    سردخاني تي موسم جو اثر نه هوندو آهي، جسم بي حس ۽ چرپر کان عاري هوندا آهن، روين جي لحاظ کان دنيا تي هڪ موسم طاري آهي، هٿ سرد ٿي چڪا آهن، جذبا سيءَ ۾ سڙي چڪا آهن، اسين اڪيلا آهيون.

    جيڪي ٽانڊاڻا سيه رات ۾ سوڀارا ٿيا ها جانان،
    محض اهڄاڻ جيان هاڻ ڳڻجن ٿا ستارا جانان.

    ٽانڊاڻا سيه رات ۾ سوڀارا ٿي ستارن جا اهڄاڻ ٿي وڃن ٿا، بودليئر چيو “دنيا علامتن جو جهنگ آهي” ڪائنات جي هر شيءِ علامت کانسواءِ ڪجهه نه آهي، چوڪنڊا، مستطيل، گول ۽ ٽڪنڊا هر هنڌ وکريا پيا آهن، ڪائنات فطرت جي هٿ سان لکيل مورتي الفاظ آهن، Cubism مدي خارج ٽٽل علامتن جو ڍير آهي، تجريد جي ديو کي لاتعداد منڍيون آهن، ڪائنات ۾ موضوعن جيان شبيهن جي ڪا کوٽ نه آهن، پير هيٺان پيل ڪک ڪائنات جي نمائندگي ڪري ٿو، ڳوڙهي ۾ سمنڊ جو ذائقو آهي.

    ايڏو جلد ڪراڙو ڪيئن ٿيو؟
    سنڍ عورت وانگيان
    سمنڊ هاڻي سمنڊ بدران
    سنڍ عورت لڳي ٿو

    سمنڊ جي سطح تي پيدا ٿيندڙ لهرون چهري جا گهنج آهن، سمنڊ مرگهيءَ جو مريض آهي، جنهن جي وات مان گج نڪري ٿي، حياتي ڏيندڙ سمنڊ جون ٻچيدانيون خالي ٿي چڪيون آهن، کير ختم ٿي چڪو آهي، تمر جا وڻ ڪٽجي چڪا آهن، فطرت سمنڊ مان جنم ورتو، سمنڊ جيو گهرڙن جو جهان آهي، اسين ايمفوبيا جو بدليل وجود آهيون، اسان جي رڳن ۾ سمنڊ جو پاڻي آهي ۽ ڳوڙهن ۾ نمڪيات، سمنڊ جو سنڍ ٿيڻ ان دروازي جو بند ٿيڻ آهي، جتان زندگي داخل ٿئي ٿي.

    جسم تي روح جي ڪنهن جاءِ تي
    ڪا جاءِ بچي نه آهي
    عشق آکيرو ڪٿي جوڙيندو

    گلن جا ٽوڪرا توهان کڻو، عيسيٰ جي ڪلهن تي صليب آهي، زخم ڏيڻ لاءِ جاءِ ڳولهيو ڇو جو وجود وڍيل آهي، روح جسم ۾ ائين سمايل هوندو آهي جيئن حرف ۾ مس، روح ڦاٽل ڪتابن جا ورق آهن، پکي جي وات ۾ ڪک آهي، ڪک جيتري جاءِ ڪٿي نه آهي.

    هو مسيحا ڪٿي موٽي نه وڃي،
    زخم دل جا جي ڇٽي ويا آهن،
    تن کي سوچيان ٿو اڊيڙي ڇڏيان.

    تندرست کي به مسيحا جو ساٿ گهرجي، مسيحا آهي ته آٿت آهي، بيماري ته بهانو آهي، عيادت کي اهميت آهي، منهنجو زخم سيني تي رکيل تنهنجي تريءَ هيٺان تازو نه آهي پر سڀ سور ڍڪيل آهن. اي ڌڻي زخم کي گهرو ڪر جيئن پرينءَ جو ساٿ سلامت رهي.

    هٿ سڙي ويا آهن،
    خط بچي ويا آهن،
    چپ سڙي ويا آهن،
    ڳل بچي ويا آهن.

    توکي چمندي چپ سڙي ويا پر تنهنجا ڳل ائين بچي ويا، جيئن هٿ ساڙيندي خط بچي ويا، يقين ڪيو عاشق مٽيءَ مان ۽ محبوب باهه مان ٺهيل هوندا آهن، اسين خاڪ ٿي محبوب کي ڳولهي لهندا آهيون.

    يا ته ڪوئي ڊوهه هو يا اکين جو ڏوهه هيو،
    واٽ ۾ جيڪا ملي سرسبز آبادي ملي.

    واٽ ۾ سرسبز آباديءَ جو ملڻ ڊوهه آهي، اکين جو ڏوهه آهي، پر انهن اکين کي شابس جن واٽ تي سرسبز آبادي ڏٺي، نظارا ناياب ٿي ويا آهن، ساوڪ سڙي چڪي آهي، منظر ويران آهن، اکين تي اعتبار نه آهي، ندين جو پاڻي اڃايل آهي، پوکن ۾ نيڻ ڦٽن ٿا، ٻرندڙ جبل تي برف چمڪي ٿي، خبر نه آهي ڪڏهن يقين ڪرڻو پوندو ته اڀرندڙ دونهون جنگ جي ميدان مان نه پر ڳوٺ جي رنڌڻن مان اڀري رهيو آهي.

    ڪيڏانهن اڏائي خوشبو،
    اجڙيل گهر گل ۽ گلدان،
    ڀت تي ماڻهوءَ جي تصوير،
    گهر ۾ رهي ٿو پر حيوان.

    تاج جو ڪتاب Grief in Tetters جيڪو پڻ ساڳي ئي شاعريءَ جو انگريزي ترجمو آهي، تنهن باري ۾ ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي ته سنڌ کي لطيف نوناريءَ جهڙن ترجمي نگارن جي سخت ضرورت آهي.
    o


    حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا!

    حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا!


    سٺو نثر نويس اهو آهي جيڪو بنيادي طرح شاعر آهي، ڇو جو شاعر وٽ لفظن جا انبار آهن، لفظن جي استعمال جو ڏانءُ آهي، طارق عالم به بنيادي طرح شاعر آهي، سندس پهرين تحرير هڪ نظم هيو، جيڪو 1975ع ۾ ماروئڙا رسالي ۾ شايع ٿيو.

    ڇو نه بادل جيان برسين ٿو ڀلا منهنجي مٿان،
    ڇو ٽپهريءَ جيان هي وڻ ٿو جلائين اي دوست.

    ٽپهريءَ جيان وڻ جو جلڻ ائين آهي جيئن سج هيٺ لهڻ کان اڳ سموري تپش مان آجو ٿيڻ چاهيندو هجي، جيئن طارق عالم جي حياتي، جيڪو ٽاڪ منجهند گذاري، ٽپهريءَ جو موڪلائي ويو، چوونجاهه سال ڪا وڏي عمر نه آهي، ٿڌن ملڪن جي ماڻهن تي جواني پنجاهه سالن کان پوءِ ايندي آهي، اسين ٽاڪ منجهند جهڙا ماڻهو ننڍي عمر ۾ گذاري هليا وڃون ٿا.
    طارق عالم نه رهيو پر ڌرتيءَ تي سندس پيرن جا نشان، ڀتين تي آڱرين جا نشان ۽ ورقن تي قلم جا نشان موجود آهن، اديب کي انڪري امرتا حاصل آهي ته لفظ ان جو روح آهن، هو جملن ۾ سمائجي وڃي ٿو، ڪهاڻين ۾ جيئرو رهي ٿو، ان جو فڪر سندس لفظن ۾ محفوظ رهي ٿو ۽ آزاد نظمن مان خارج ٿئي ٿو.
    طارق عالم جو “رهجي ويل منظر” اسان جي اکين ۾ نقش آهي، هڪ سانتيڪو ڏيک جنهن ۾ عاشق موت کان محفوظ آهي ڇو جو اهو محبوبا جي هنج ۾ سمهيل آهي.

    نگاهه عڪس کي موتئي جي ماڪ ڌنڌلايو،
    سمورا ڏيک اجهاڻا پري پري تائين.

    تخليل ساڳيو نه آهي، تخليق هر فرد جو انفرادي مظاهرو آهي، دماغ آکيرو آهي ۽ رهندڙ پکيءَ جي اڏام الڳ آهي، آکيري جا ڪي پکي هيٺائينءَ تي اڏامن ٿا، ڪي اوچائين تي، ڪي تمام مٿي هجڻ ڪري نظر نه ٿا اچن، وري ڪي اهڙا آهن جيڪي اڀ ٽپي وڃن ٿا، سڀ کان سگهاري اڏام شاعر جي آهي، ان جا منظر، عڪس، تشبيهون مختلف آهن، جنهن ڪري ان کي تخليقڪار چئون ٿا. ڇو جو هو خلقي ٿو، وسيع سوچ جو مظاهرو ڪجي ته هر انسان ۾ خلقڻهار موجود آهي، خلقڻهار پاڻ کي خلقي ٿو، ڪو هن جهڙو سندس لاشعور ۾ ضرور آهي، جيڪو کيس بدلائي ٿو، بچائي ٿو، جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو، اسين نِسرتائي گهوڙا آهيون.
    We are the evolutionary horses
    اسين ماضيءَ جي لڏ ۾ ليٽي مستقبل ڏي ڊوڙون ٿا، ڊوڙندي ڀل ڄنگهون زراف جيڏيون ٿي وڃن پر وجود مان لڏ جي بوءِ ختم نه ٿيندي، بقول طارق عالم جي ته:

    منهنجي ڪروڙين سال قديم
    نيڻن جي واديءَ ۾
    وڇوڙن جي ڌنڌ
    اڻ چٽو ڏسڻ جو
    عادي بنائي ڇڏيو آهي

    سندس ان نثري نظم تي غور ڪيو، هن ڪروڙين سالن جي قدامت کي لحظي ۾ قيد ڪيو آهي، انساني سمائي سگهڻ جي سگهه (Adaptive Capability) سمجهه کان ٻاهر آهي، اسين غلاميءَ کي اڻ سڌي طرح آزادي محسوس ڪيون ٿا، ظلم کي ائين برداشت ڪيون ٿا، جيئن ظلم ڪو احسان هجي، اسين ذلت کي Justify ڪري عزت لائق بنايون ٿا، ان لاءِ ته هر حال ۾ جيئرو رهڻو آهي، انسان عادي Habitual آهي، هو هر شيءِ جو عادي ٿي پوي ٿو، عشق، آواراگي، سگريٽ، شراب، علت المشائخ و مشائخ العت.
    هڪ ڪروڙ سالن تائين ڪائنات ڌنڌ ۾ وڪوڙيل هجي ته اسين مري ڪين وينداسين، پر بدلجي (Modify) وينداسين، ٻاهر ٻانها آهيون، اندر ڪو آهي، جنهن جي تابع اڻ چٽي ڏسڻ جا عادي ٿي وينداسين، تڏهن ته چوندا آهن “سنڌوءَ ۾ انڌي ٻلهڻ رهي ٿي، جيڪا دنيا جي منفرد ٻلهڻ آهي” مون کي ياد آهي سکر ۾ ٺڳڙي شاهه راڄ گهاٽ وٽ ڪنڍي وجهي ويٺل هوندو هيو، سندس ڪنڍيءَ ۾ ڪل کڳا ڦاسندا هيا، هن ٻڌايو “ڪنڊيءَ ۾ ڪل اکين وارا ڦاسن ٿا، ڪا انڌي ڦاسي ئي ڪونه ٿي.”
    ڏسڻ لاءِ اکيون ضروري آهن پر جيڪڏهن ڪنهن نسل کي صدين تائين اوندهه ۾ رکيو وڃي ته ان جون اکيون ختم ٿي وينديون ۽ ڏسڻ جي حِس ڪنهن ٻي احساس ۾ جاڳي پوندي ۽ اها حِس اکين کان ڏهوڻي حساس هوندي.

    دردن کي ائين ورايان جيئن،
    ڌڻ پويان هوڪر ڌنار ڪري.

    ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ گهڻن ليکڪن لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي آهي، جيڪي نثرنگار شاعريءَ کان وانجهيل آهن، اهي ائين آهن جيئن رندي بنا ڊکڻ، پر عظيم ڊکڻ اهي آهن، جن جي گهر ۾ ڏوئي آهي.
    چون ٿا جڏهن ڊکڻ ڪوڪا هڻي صليب تيار ڪيو هيو ته رومين هن کي چيو: “چار ڪليون عيسيٰ کي به هلڻ”
    ڊکڻ وراڻيو هيو: “اهو ڪيئن ممڪن آهي ته لوهر جو ڪم ڊکڻ ڪري”
    سنڌ ۾ لوهر به جام آهن ۽ تنقيد نگاريءَ جو ڪم انهن حوالي آهي.

    تصور ۾ تنهنجو ڳڙي روپ ائين،
    لڳي ٿو هوا ۾ ڪنول پيو تري.

    طارق جي لکڻين جو محور رومانس آهي، هن جي لکڻين جو هيرو سرد شام ۾ ململ جي قميض پائي ڪنڌ ۾ مفلر ويڙهي بيٺل آهي، خبر نه آهي هن کي ڪنهن جي نظر لڳي، ڪارن ڌاڳن ۾ ترقي پسندن جو ايمان نه آهي، مٿي ڏنل سِٽن ۾ روپ جو ڳڙڻ عجيب منظر آهي، برف جا روپ رجندا آهن، ته شايد ڳڙندا آهن، مائيڪل اينجيلو بي روزگاريءَ ۾ پٿر جا بت ٺاهيا، اٽليءَ جي بادشاهه کيس روزگار ڏئي برف جا بت ٺهرايا، هو بادشاهه جي حڪم تي صبح جو سوير برف مان بت تراشيندو هيو، بادشاهه سلامت مصروفيتن مان وقت ڪڍي ايندو هيو ته برف جا بت ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙندا هيا، هڪ دفعي بادشاهه مائيڪل اينجيلو کي چيو: “جيڏي تنهنجي تعريف ٻڌي هئي تون ايڏو آهين ته نه؟”
    جواب ۾ مائيڪل اينجيلو جون اکيون ڳڙڻ لڳيون.
    “رات سانت ۽ سوچون” “سڃاڻپ جي ڳولا ۾” طارق جي ڪهاڻين جا ڪردار زندگيءَ کي ويجها آهن، پر افسوس هو موت کي ويجهو ٿي ويو، شايد ڪلا جي مزار ٻاهران هن حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا پاند ۾ وجهي، زائرين کي ورهائي ڏنا، هن جو پاند خالي ٿي ويو، اسين جيئرا آهيون شايد ان ڪري جو ورهائڻ ۾ ڪنجوس آهيون.

    سمورا سوال رهجي ويا هوا ۾،
    فقط احوال رهجي ويا هوا ۾.

    o


    (طارق عالم ابڙو جي ٻي ورسيءَ تي ڪيل صدارتي تقرير)


    لفظن جي چير ڦاڙ

    لفظن جي چير ڦاڙ


    جديديت (Modernism) جو ڪو وجود نه آهي، انڪري ته جديديت تبديلن جو تسلسل آهي، ضروري نه آهي ته تبديليون حدن کي اجاگر ڪن، هر شيءِ پراڻيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿي ۽ وري نئينءَ ۾ تبديل ٿئي ٿي ۽ وري نئينءَ ۾ تبديل ٿي سامهون اچي سگهي ٿي، ائين جدت پنهنجي اهميت وڃائي ويهي ٿي، جديد عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنا نئون يا تازو وارد ٿيل آهي، ڏٺو وڃي ته لفظ جديد ڪائنات جي ڪنهن به شيءِ تي لاڳو نه ٿو ٿئي، پوءِ اها شيءِ مادي هجي، روحاني يا تخليقي.
    عربي لفظ جديدت انگريزي لفظ Modernism جي صحيح ترجماني نه ٿو ڪري، ماڊرنزم جي لغوي معنا “نواڻ” نه آهي، پر “تازي آيل تبديلي” آهي. جيڪا لفظ Modo مان نڪتل آهي، جڏهن ته لفظ جديديت تبديليءَ جي وضاحت بنا صرف نواڻ کي اجاگر ڪري ٿو، جيڪا ماڊرنزم جي صحيح وصف نه آهي، انگريزي طاقتور زبان آهي. ان جي هر لفظ ۾ وصف سمايل هوندي آهي. ماڊرنزم کي جديديت نه پر جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ لفظ “نوبلدتا” چئجي ته پوءِ بحث ڪري سگهجي ٿو، ستارن جو ستارن مان ڦٽي نڪرڻ ۽ انسان مان انسان جو نروار ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، انسان جڏهن ڌرتيءَ تي ڪڻڪ جو ٻوٽو پوکيو ته پاڻ کي ترقي يافيا ۽ مهذب سمجهيو.
    دراصل نوبدلتا (Modernism) کي سچو ثابت به ڪجي ته پوءِ اها ارتقائي Evolutionary لقائن جو نتيجو آهي.
    مون کي لفظ ارتقا لکندي وري مونجهارو محسوس ٿئي ٿو. انگريزي لفظ Evolution لاءِ ارتقا جو لفظ غلط بيانيءَ ڏانهن ڌڪي ٿو. ڇو جو ڪٿي به فطري طرح ترقيءَ جو عمل جاري نه آهي، پر اهو گهرج مطابق تبديليءَ جو عمل آهي، جيڪو ضرورتن جي آڌار ساهواري يا فطرت جي سرشتي کي برقرار رکڻ ۾ سهولت فراهم ڪري ٿو.
    سنڌي زبان ۾ Evolution لاءِ ڪهڙو لفظ استعمال ٿي سگهي ٿو؟ اسين مضمونن ۾ اهي لفظ استعمال ڪريون ٿا جن جون معنائون انگريزي جي استعمال ٿيندڙ لفظن جي مفهومن تي ٺهڪي نه ٿيون اچن. اردو ۽ فارسيءَ جا ڪئي اهڙا لفظ آهن، جن ۾ انگريزيءَ جي اصل لفظن جي معنا ۽ مفهوم جي وضاحت سمايل نه آهي، اسين سنڌي جيڪي دنيا جي قديم زبان جا دعويدار آهيون، پنهنجا سائنسي ۽ ادبي لفظ جوڙڻ بجاءِ ڌارين ٻولين جا ٺهڪي نه ايندڙ لفظ ڪتب آڻيون ٿا، جيڪي عالمي معيار جا نه آهن، شايد سوچن کي تڪليف ڏيڻ جي عادت اسان مان نڪري چڪي آهي.
    دارون جي نظريي ۾ ارتقائي Progressive مفهوم سمايل نه آهي، پر اهو Evolving آهي، معنا هڪ شيءِ ٻئيءَ شيءِ مان ظهور پذير ٿئي ٿي. اسين ان کي ارتقائي ان صورت ۾ چئون ها، جڏهن اهو ترقيءَ جون منزلون طي ڪندو اڳتي وڌي ها پر اها ترقي نه، ضرورت آهر هڪ تبديليءَ مان ٻئي تبديلي آهي.
    منهنجي خيال ۾ لفظ Evolution کي سنڌيءَ ۾ “نسرتا” چئي سگهجي ٿو، جيڪو حتمي نه آهي، وس وارن کي هڪ اهڙي ڪميشن جوڙڻ گهرجي، جنهن ۾ سائنسي لفظن جون آسان ۽ ٺهڪندڙ معنائون چونڊيون وڃن، جيڪي اسان جي زبان جي ترتيب ۾ موجود آهن.
    نسرتائي Evolutionary لقاءُ ترقي نه پر اهڙي تبديلي آهي، جيڪا جاندار جي فطري ڦير ڦار ڪري ٿي، هڪ اهڙي ڦير ڦار جيڪا هن کي حالتن سان مقابلي جي طاقت عطا ڪري ٿي. ساهوارا جن ۾ انسان، پکي جانور، وڻ ٻوٽا، جيت جڻا، جراثيم ۽ وائرس شامل آهن، انهن ۾ وايو منڊل جي اثرن تحت (اثر جيڪي فطري تبديلين جو سبب ٿين ٿا) اندروني ۽ ٻاهرين ڦير ڦار حيرت انگيز آهي، اها ڦير ڦار ترقي نه آهي، پر سڌارو آهي، جيڪو وقتي طرح جاندار کي بقا ۾ مدد ڏئي ٿو. اهڙو سڌارو عارضي به ٿي سگهي ٿو ۽ حالتن جي آڌار تي بدلجي سگهي ٿو، هر تبديليءَ مان ٻي تبديلي نسرجي سامهون اچن ٿي.
    اهو ساڳيو نظريو آهي جيڪو نوبدل Modernism تي لاڳو ٿئي ٿو، جدت روپ بدلائي ٿي، انسان اڄ کان ڪروڙين سال پهريون به جديد هيو ۽ هاڻي به جديد آهي، انڪري جدت نواڻ نه آهي.
    جيڪڏهن ڏهه هزار سال پهريون واري انسان کي جيئرو ڪري هلندڙ دور ۾ آندو وڃي ته اهو نسرتائي نظريي تحت پنهنجي گذاريل دور سان مطابقت رکندو هوندو، هن ڪچو گوشت کاڌو هوندو ته کيس پڪل مان ذائقو نه ايندو، اهو اوائلي انسان هلندڙ وقت ۾ گهڻو جئي نه سگهندو، ڇو جو وقت سان ٿيل ماحولياتي تبديليون هن جي غير مدافعتي سرشتن تي جلد اثرانداز ٿينديون، اهو بيمارين ۾ وٺجي ويندو سندس ساهه کڻڻ مشڪل ٿي پوندو.
    اهڙي ريت جيڪڏهن هلندڙ وقت جو ساهوارو ڏهه هزار سال پراڻي ماحول ۾ موڪليو وڃي ته اهڙو ساهوار پڻ ماحول سان مطابقت نه رکڻ ڪري بي سڪون ٿي پوندو، نه سمهي سگهندو، نه کائي سگهندو.
    اڄڪلهه استعمال ٿيندڙ لفظ جديديت پڄاڻان Postmodernism منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. سنڌيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ جديديت پڄاڻان Postmodernism جي صحيح معنا نه آهي، جديديت پڄاڻان End of Modernism آهي، جڏهن ته Post modernism هڪ اهڙو تسلسل آهي، جيڪو جاري آهي، نوبدلتا (جديديت) پڄاڻيءَ کي نه پهتي آهي، پر هاڻي نوبدلتا (جديديت) جي پوءِ وارو دور آهي، جيڪو خود نوبدلتا جو تسلسل آهي، نوبدلتا ڪڏهن پڄاڻيءَ کي نه پهچندي پر ادوارن کي مختلف نالن سان ترتيب ڏني ويندي، جيڪڏهن مان فڪري رعايت پيدا ڪري چوان ته جديد وقت يا دور نه هوندو آهي، پر ساهوارو هوندو آهي، ساهوارو عمر سان گڏ جيڪي تبديليون ڏسي ٿو، ان کي نواڻ چئي ٿو.
    دنيا ڪميونزم جهڙا انقلاب عيسيٰ کان اڳ ڏسي چڪي هئي، اسان جي عمر واري ڪميونزم جي ناڪام انقلابن جي ڀيٽ ۾ اهي نظام ۽ سوشلسٽ سماج ڪاميابيون ماڻي چڪا هيا، سپارٽا جي سوشلسٽ حڪومت ان جو مثال آهي، عيسيٰ کان ٻه سوَ سال اڳ پيغمبر مانيءَ صوفيزم جو پرچار ڪيو، ماني صوفين جو پهريون پيغمبر آهي، شاهه عنايت شهيد مارڪس جي جنم کان پهريون هارين جي حقن جي ويڙهه وڙهي شهيد ٿيو، دنيا جو هر دور فڪر ۽ انقلابن سان ڀرپور آهي. هر دور ۾ انسان پاڻ کي ترقي يافتا سمجهيو آهي. ڪو به ملڪ ترقي پذير يا ترقي يافتا نه هوندو آهي، پر سڌريل ۽ اڻ سڌريل هوندو آهي.
    جيڪڏهن Postmodernism کي نظر ۾ رکجي ته ڇا دنيا ٽن دورن تائين محدود ٿي ويندي.
    نوبدلتا اڳ Premodernism
    نوبدلتا Modernism
    نوبلدتا پوءِ Postmodernism
    دنيا جاري ۽ ساري آهي. نظريا، انقلاب، ادب، شاعري، سائنس، کوجنائون، ايجادون، تسلط، ظلم ۽ محڪوميون روان آهن، اڃا دنيا جو انت نه ٿيو آهي، خبر نه آهي ايندڙ وقت کي ڪهڙو نانءُ ڏنو ويندو؟
    نوبدلتا پوءِ Postmodernism جو مفروضي فلسفو سرمائيداراڻي سوچ جو عڪاس آهي. ان نظريي تحت دنيا جي هر شيءِ کي مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ پيش ڪرڻو آهي، جن ۾ عام واهپي جي شين کان سواءِ مذهب، ادب، فلسفو، تعليم ۽ خود انسان جيسين مارڪيٽ جي گهرج مطابق پاڻ کي ٺاهي سنواري خوبصورت ليبل سان سامهون نه ٿو اچي اهو بيڪار آهي، ان کي وقت قبول نه ڪندو ۽ ان جي ڪا به قيمت نه هوندي.
    ادب کي اهڙي ريت نوبدلتا پوءِ Postmodernism جي دائري ۾ آندو ويو آهي، جنهن مطابق گلوبل لٽريچر تيار ڪرڻو آهي، جيڪو گهڻن ماڻهن جي گهرج مطابق هجي، پڙهندڙن جي ضرورت مطابق لکڻو آهي، جيئن مارڪيٽ ۾ ادب جي کپت ٿي سگهي Death of Author جو تصور ڏئي لکندڙن کي بي وس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. نوبدلتا پوءِ Postmodernism هڪ منجهائيندڙ مسئلو آهي، جنهن کي جيئن وڻي ٿو ان کي استعمال ڪري ٿو، ڪن جو چوڻ آهي ته سحرانگيز حقيقت نگاري Magical Realism نوبدلتا پوءِ جو وڏو مثال آهي، ان جي ترتيب ڪجهه هيٺين طريقي بيهندي.
    حقيقت Premodernism
    حقيقت نگاري Modernism
    سحرانگيز حقيقت نگاري Postmodernism
    منهنجو سوال آهي ته ڇا سحرانگيز حقيقت نگاري (Magical Realism) کي عروج بخشيندڙ گارشيا مارڪيز مارڪيٽ کي نظر ۾ رکي ناول نگاري ڪئي؟ ڇا هن تفريحي ادب ڏنو آهي؟ مارڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامجندڙ ڪتاب تفريحي آهن، جيڪي ادب جو حصو نه آهن.
    اولهه ۾ خالص ادب به پسند ڪيو وڃي ٿو، اتي ناول جي ڪاميابيءَ جو سبب نوبدلتا پوءِ کي ڄاڻايو ويو آهي. ڇو جو سندن چوڻ مطابق ناول جي صنف نوبدلتا پوءِ جي گهرجن مطابق آهي، منهنجي خيال ۾ ائين نه آهي. ادب طبقاتي ٿي چڪو آهي، ان ۾ معاشي عمل دخل آهي، ادب انهن جو مسئلو آهي، جن وٽ پئسو وقت ۽ سکيا آهي، ڪن معاشرن ۾ ادب فيشن آهي. سنڌي معاشري ۾ Postmodernism جو تصور ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ Death of Author جي المياتي فڪر تي غور ڪيون ته پوءِ اديب جو موت ادب جو موت آهي.
    اديب ڪي به احڪام يا اشارا ذهن ۾ رکي نه لکندو آهي، جيستائين ان جون سوچون آزاد نه آهن، اهو تخليق کان قاصر آهي، تنقيدنگار صلاحون ڏئي سگهي ٿو حڪم صادر نه ٿو ڪري سگهي، قابل قبول تجويزون پاڻ مرادو قبول پون ٿيون. ليکڪ کي راهه ٺاهي ڏيڻ ان کي انڌو ڪرڻ آهي، تنقيد نگار راهه ۾ پيل ڪنڊا هٽائي سگهي ٿو، پٿر وڇائي نه ٿو سگهي.
    ادب براءِ ادب يا ادب براءِ زندگي ٺلها نعرا آهن، ادب جون سڀ راهون زندگيءَ تي منزل پذير ٿين ٿيون، سحرانگيز حقيقت نگاري ايڏي اوائلي آهي، جيڏي انساني تاريخ، انسان جو سفر سحر مان نڪري حقيقت ڏانهن روان آهي، پر حقيقت اها آهي ته حقيقت ڪا به نه آهي، حقيقت جي ڄاڻ سحر کي ٽوڙي وجهندي، ڪائنات سحر جي سمنڊ ۾ ٻڏل آهي، نه سمنڊ سڪندو، نه ڪائنات جو ظهور ٿيندو، سحر جي حقيقت مذاق کانسواءِ ڪجهه نه آهي، لفظن جي جادوگري لکڻيءَ کي پراسرار بنائي ٿي ۽ پڙهندڙ پراسراريت کي ان ڪري قبول ڪري ٿو جو اها سندس اندر جي خوف کي تسڪين بخشي ٿي.
    مان گارشيا مارڪيز جو مداح آهيان، سندس لکڻيون ان حد تائين مروج ٿينديون پيون وڃن جو اهي وقت سان اثر وڃائي ويهنديون، پڙهندڙ جي نفسيات ڪا نئين شيءِ ڳولهڻ تي مجبور ٿي پوندي. دنيا ۾ علم جا هٿ ٺوڪيا پارکو Classificational computers جو ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي ايندڙ ڪجهه صدين جي ادب کي نوبدلتا پوءِ واري دور جي پڄاڻيءَ تي ڪهڙي سانچي ۾ فٽ ڪندا؟
    انساني تاريخ جو هر دور ترقي يافتا آهي، جديديت ان لاءِ بي معنا آهي ته اها قديميت جي ماءُ آهي، اها قديميت ئي آهي، جنهن جديديت مان جنم ورتو، اڄ جي جديديت سڀان جي قديميت آهي. نسرتائي Evolutionary سڀاءُ ارتقائي يا ترقيءَ ڏانهن سفر پذير نه آهي، پر اهو جاندار کي قابل قبول Adaptive تبديلين ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ساڳيو نظريو، وقت، فڪر، ادب، شاعري، فلسفي، استحصال، نظرين، ڪلچر، مذهبن، ٻولين، وطن پرستين، تعليم ۽ جهالت تي پڻ لاڳو ٿئي ٿو. نسرتائي Evolutionary لقائن Phenomenon ۾ سچ ڪوڙ ٿي پوي ٿو ۽ ڪوڙ سچ، جهالت نکرجي علم جي روشني ٿي پوي ٿي ۽ علم اوندهه، انقلاب ڪوڙا ٿي پون ٿا، گناهگار شهيد سڏائين ٿا ۽ شهيد وقت جا شيطان، فلسفو مذاح ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ مزاح وقت جو سنجيدا مسئلو. فطري ڦير ڦار انسان کي فنا ٿيڻ کان بچائي ٿي، انسان ڪڏهن فنا نه ٿيندو، ڀل ان جي شڪل انسان جهڙي نه هجي.
    منهنجو اندازو آهي، زندگيءَ جي گاڏي کي گهليندي نفسانفسيءَ جي عالم ۾ هڪ ڏينهن انسان گڏهه ۾ تبديل ٿي ويندو، پوءِ ان دور کي ڇا چيو ويندو.
    شايد نوبدلتا پوءِ جي چيرڦاڙ
    Postmortum of postmodernism جو نالو ڏنو ويندو.

    o



    آٿتا

    آٿتا
    Placebo

    پرينءَ جي پيرن جا ڪک، عاشق جي اکين جو علاج آهن، ڪائنات آٿتا جي ٿنڀن تي بيٺل اهڙو ٿيٽر آهي، جنهن ۾ ڪردار عيوض ۾ ملندڙ ڪنهن داد جا منتظر آهن، آسرو زندگيءَ جي بقا جو سڀ کان وڏو سهارو آهي، دل مطمئن آهي ته ڪيل گناهه معاف آهن. ثوابن ۽ گناهن ۾ سمجهه جو فرق آهي.
    آٿتا اهڙو عقيدو آهي جو قاتل جي روپ ۾ ويٺل محبوب جي هٿن جو زهر آب حيات بنجي پوي ٿو، آٿتا تسڪين ڏئي ٿي ته محبوب ماري نه ٿو سگهي، ڀل اهو محبوب جو نه قاتل جو چهرو ئي صحيح، پر اکيون ان ۾ محبوب ڏسن ٿيون ۽ ائين آٿت جي آسري زهر امرتا ٿي پوي ٿو. اسين ازل کان دوکي جي ديوارن ۾ قيد رهيا آهيون ۽ دوکو حقيقت جو گمان بنجي سچائيءَ سان سامهون آيو آهي، آٿتا اهڙو عقيدو آهي، جنهن ۾ شڪ ڪرڻ جي تِر جيتري گنجائش به موجود نه آهي، جنهن ۾ وار جيتري وٿِي ماليخوليا ۾ مبتلا ڪري وجهي ٿي.
    بيشڪ سچي فقير جو چهرو زرد هوندو آهي، فقرائن کي فڪر کان مٿاهون ٿي اهڙي اوچائيءَ تي اچڻ گهرجي جتي فڪر کان آزادي آهي. فڪر ننڊ ڦٽائي ٿو ميلنڪلي Melancoley منهن انهن جا هوندا آهن، جن اوجاڳا ڪري علاج ڳولهيو، اڻ ڏٺل کي ڳولهيو، ماڻهن جي آجپي جو فڪر هيو، در در وڃي پيغام پهچايا، سڀ ڪوڙ، فقرائن فڪر ۾ اوجاڳا ڪري اکيون ڳاڙهيون ڳل پيلا ڪيا، ڪهڙو ضرور هيو؟ ڇا رب کي ياد ڪري، رب حاصل ڪري سگهجي ٿو؟ ياد ان کي ڪبو آهي جيڪو هڪ رات توهان جي مهمان خاني ۾ بسر ڪري هليو ويو، ياد ان کي ڪبو آهي جيڪو وسري ويو، ياد ان کي ڪبو آهي جيڪو مري ويو، رب آٿتا آهي، اهو مئو نه آهي. وسريو نه آهي، هڪ رات مهمان خاني ۾ رهڻ بجاءِ مهمان خاني جو مالڪ آهي، انسان آزاد آهي، جيڪڏهن کيس خودلذتيءَ مان تسڪين ملي ٿي ته ان عمل کان جهل واجب نه آهي، جهل اتي آهي جتي انسان جي عمل کان ٻئي انسان کي تڪليف پهچي ٿي، ڪو انسان پنهنجو ماس وڍي کائڻ جو عادي آهي ته کيس ڪو به روڪي نه ٿو سگهي.
    جڏهن ميهار جي ڪنڍيءَ ۾ ڪا مڇي نه ڦاٿي ته هن ران جو ماس ڪٽي باهه تي سيڪي سهڻيءَ کي کارايو، سهڻي اهو مڇيءَ جو ٻيرو سمجهي کائي وئي، محبوب جي گوشت مان مڇيءَ جو سواد آيو، ڇو جو اهو محبوب “مڇيءَ جو گوشت” چئي هٿن سان کارايو.
    محبوب ڌرتيءَ کي آسمان چوي ته مڃڻو پوندو، آسمان کي ڌرتي چوي ته ستارا وڻ ٿي پوندا ۽ چنڊ هو پاڻ.
    آٿتا (Placebo) کي هر مرض جو علاج سمجهي قبول ڪرڻو پوندو، مان جڏهن ننڍو هيس ته ڪن ۾ سور پيو، ان سور جي شدت اها هئي جو پنجاهه سالن کانپوءِ ياد آهي، رڙيون ڪري روئي رهيو هيس، بابو هڪ بزرگ وٽ وٺي ويو، ان ڪجهه پڙهي ڦوڪ ڏني ۽ ڪن جو سور لهي ويو، ان بزرگ لاءِ مشهور هيو ته اهو راتين جو پنهنجي بستري تان گم ٿي ويندو آهي، ڪنهن ان جي تصديق ڪئي “بزرگ گم ٿي خدا جي محفل ۾ وڃي ويهندو آهي، جتي وڏا وڏا ويٺل هوندا آهن.”
    مون مٿان ان بزرگ جو رعب هيو، عقيدو هيو ته ان جي ڦوڪ فرق ڪندي، ان بزرگ وٽ بيمارن جا ديرا لڳل هوندا هيا، حقيقت ۾ مون کي ان بزرگ شفانه ڏني پر عقيدي ڏني.
    اڄڪلهه سوچن ۾ وچڙيل آهيان، وائڙن جيان ڪا به راهه نه ٿي سجهي، ڀٽڪيل آهيان، پڪ اٿم ته سڌو رستو ملي نه سگهندو، ڇو جو سئون رستو آهي ئي ڪونه، دراصل رستا اسان جي سوچن ۾ آهن، حقيقت ۾ انهن جو ڪو وجود نه آهي، ڪي به رستا راهون نه آهن. اسين جتي آهيون، اها ئي منزل آهي، اتي ئي حقيقت ۽ مقصد جي رواني آهي، آٿتا جادو آهي، سحر آهي، اهڙو مڪالمو آهي، تحرير آهي، جملو يا لفظ آهي، جيڪو چپن ۾ پڙهي ڪنهن تي شوڪارجي ته ان جون اکيون کلي وڃن، اکيون بند ٿي وڃن، اهو روئي پوي، کلي پوي، اهو گناهه گار ٿي پوي، ثوابن سان کيڏي، اهو جنتي هجي، دوزخي هجي، ٿوهر کائي، شراب المطهورا چکي، ماکيءَ جي لار سان دل وندرائي، حورن سان راتيون بسر ڪري.
    اکڙين جي جوئا ۾ دل هارائڻ دنيا کٽڻ آهي، روحن جي راند کيڏڻ سڀ جي وس جي ڳالهه نه آهي، سڀ اڇلي هٿ مٿي ڪرڻا آهن، پيش پوڻ، پيش قدمي ۽ فتحيابيءَ جي نشاني آهي، جيڪي عقيدي جي ادا ڪيل لفظن تي وڪامي ويا اهي املهه آهن، اي مٺا منهنجي مٿي ۾ درد آهي، پيشانيءَ تي آڱر رک نانگ جو ڏنگيل آهيان، محبت جي مڻي رک، وقت جو کاڌل آهيان وارن ۾ ويڙهه، تنهنجي چانٺ جي مٽي “خاڪِشفا” جو نانءُ آهي، تنهنجن چپن جي مُرڪ، جام جي سُرڪ آهي، مونکي معاف ڪجانءِ مان عقيدت مند نه رهيو آهيان، مان پاڻيءَ کي پاڻي سمجهي پيتو، هوا کي هوا سمجهي کنيو، مان جيڪو ليبارٽريءَ ۾ هر شيءِ جي تشخيص ڪيان ٿو، جيڪو پنهنجي سڃاڻ وڃائي ويٺو آهيان، مان جيڪو تنهنجي کٻي هٿ جي وچين آڱر جي ننهن ۾ پيل جهڙو به نه آهيان، مان جيڪو پاڻ ڳولهي ويٺو آهيان.
    وڻ جي چوٽيءَ تي سڀ کان ننڍا پن هوندا آهن، سمنڊ جي ڇولين ۾ پاڻي گهٽ هوا وڌيڪ هوندي آهي، ٻرندڙ جبل ڌرتيءَ جو اهڙو ناسور آهن جن مان روگ لاوي جيان وهندو آهي. مان اجنين جي دنيا ۾ داخل ٿي گمنام ٿي چڪو آهيان، اي آٿتا منهنجي سيني تي هٿ رک، تسلي ڏي، مونجهاري کي يقين ڏي، مان ورهايل آهيان، ڳڀا ڳڀا، پنهنجي وجود جا حصا سنڀاليندي مايوس ٿي چڪو آهيان، ڪٿي دل ڪري پوندي ته ڪا خبر نه پوندي، ڪٿي اکيون وڃائجي وينديون ته ڪجهه نظر نه ايندو، اي آٿتا، پرينءَ جي پترالي پکي جا ڪَک ڏي، ڪائنات به ڪک ئي ته آهي ۽ ڪک وقت جي واءُ ۾ اڏامي ٿو، گردش اهڙي رقص آهي جنهن جي وجدان ۾ سج، چنڊ، ڌرتي، ستارا رقاص جي چوغي تي جڙيل آهن.
    مون کي اهڙو دوست ياد آهي جيڪو چانهه پي ننڊ ڪندو هيو ۽ اهڙو دوست پڻ جيڪو ننڊ جي دوا “ويلم” کائي سڄي رات جاڳندو هيو، موکيءَ هٿان متارا، اهڙي مٽ مان مڌ پي جيئرا رهيا جنهن ۾ مئل نانگ هيا، موٽيا، ان احوال تي دهشت مان جان ڏنائون ته “گذريل سال انهن جيڪا مڌ پيتي هئي ان مٽ ۾ مئل نانگ هيا.” سپ نه ماري سپ جو سراپ ماري.
    منهنجي هڪ ڪهاڻي “لالواڻيءَ جي لئبريريءَ جا ڪوئا” جيڪا ڪهاڻين جي مجموعي “فونو” ۾ ڏنل آهي، ان جو لڪيل موضوع آٿتا (Placebo) آهي. هندستان کان آيل هڪ مهاجر ڪليم ۾ مليل لالواڻيءَ جي جاءِ ۾ لئبريريءَ جا ڪتاب کائيندڙ ڪوئن جون ڦولڻيون، جيڪي کيس ڌيءَ غربت ڪري آفيم جي جاءِ تي استعمال ڪرائي ٿي، اهو ڪتابن جون ڦولڻيون کائي عالم بنجي وڃي ٿو.
    ميڊيڪل جي دنيا ۾ آٿتا (Placebo) کي غير دوائي (Unmedicated) انداز ۾ ڪنهن دوائي (Medicated) اثر کي آزمائڻ لاءِ مريضن تي استعمال ڪيو ويندو آهي، آٿتا جو مرضن تي پڻ اثر آهي.
    هر اها شيءِ جنهن جو ڪوڙو يا سچو هجڻ ضروري نه آهي، پر ضروري اهو آهي ته توهان کي ڪيترو اطمينان بخشي ٿي، واپرائڻ عمل ڪرڻ يا قرباني ڏيڻ کانپوءِ اوهان جي دل ڪيترو مطمئن ٿئي ٿي، اها آٿتا (Placebo) آهي.
    مان ڪجهه عرصو ٿر ۾ رهيو آهيان، اتي هڪ اوجاڳي (Insomnia) جي ماريل شخص کي لبريڪس جون گوريون ڏيڻيون پيون، اتفاق سان اسپتال ۾ گوريون ختم ٿي ويون، ان شخص جي ڌيءَ ڪنڊيءَ جي سڱرين مان ٻج ڪڍي پيءَ کي ڏنا، اهو لبريڪس جون گوريون سمجهي کائي ويو، کيس ڪنڊيءَ جي سڱرين مان نڪتل ٻجن مان به ايترو ئي سڪون مليو جيترو لبريڪس جي گورين مان، ڪافر کي ان ڳالهه جو ڏک آهي ته “افسوس دنيا خدا کان خالي آهي، جيڪر هجي ها ته ڪفر جو منهن ڏسڻو نه پوي ها، هڪجهڙائي ۽ امن هجي ها. سڀني جي عزت محفوظ هجي ها، ڪنهن جاهل جج جي ضرورت نه پوي ها، ڪنهن ظالم ڊاڪٽر جو منهن ڏسڻو نه پوي ها، بدشڪل سياستدانن کان بچي وڃون ها، ذخيرو ڪندڙ پاڻ ٻورين ۾ بند گودامن ۾ پيا هجن ها.”
    خدا غريب جي آٿتا (Placebo) آهي. هن جي دل مطمئن آهي ته خدا آهي ضرور، جيڪو انصاف ڪندو، ظالمن کي سزا ڏيندو، مظلومن کي جزا ڏيندو، جيڪڏهن غريب جو آٿتا مان ايمان کڄي وڃي ته اهو نه هِن دنيا جو رهندو، نه هُن دنيا جو، خدا جو آٿت غريب جو آخري سهارو آهي.
    هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ جڏهن پنهنجو هٿ مريض جي هٿ ۾ ڏيان ٿو ته اهو پنهنجو هٿ محفوظ سمجهي ٿو، ڪنهن مرندڙ مريض مون کان پڇيو “ڊاڪٽر بچي ويندس؟”
    مون “ها” ڪئي، ان جي منهن تي اطمينان اچي ويو.
    سکر وارو گرڌاري مل جيڪو پراپرٽيءَ جو ايجنٽ هيو، اهو گهنٽا گهر وٽ ڌرمشالي ۾ رهندو هيو، ڪراچي اچڻ کان اڳ مونکي جاءِ مسواڙ تي ڏيڻي هئي، ڌرمشالي پهتس ته خبر پئي ته ان تي اڌرنگي جو حملو ٿيو آهي، منهنجو واقفڪار هيو، اندر گهرايائين، هو بستر تي ليٽيل هيو، سندس مٿن کان شيرانواليءَ جو وڏو فوٽو لڳل هيو، جنهن ۾ اها ڳاڙهي ڄڀ ڪڍي تلوار جهلي شينهن تي ويٺل هئي، گرڌاريءَ جي ڪمري ۾ ٽيپ رڪارڊ تي شيران واليءَ جا ڀڄن هلي رهيا هيا، گرڌاري وجد ۾ بستر تي هڪ هٿ کڻي نچي رهيو هيو، مون کي ويهاري حال احوال ورتائين، مون پڇيو “ڪهڙي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائي رهيو آهين؟”
    هڪدم شيران واليءَ ڏي اشارو ڪندي چيائين “منهنجي شيران والي ويٺي آهي، پاڻ ئي ٺيڪ ڪندي.”
    ٽن ڏينهن کانپوءِ خبر پئي گرڌاري گذاري ويو، گرڌاري روئندي نه، نچندي هليو ويو، آٿتا (Placebo) دل تي پوندڙ اهڙو ڇنڊو آهي، جهڙو ننڍي هوندي امڙ جو پچايل ڀت کائي پاڙي جا ٻار نلڪي تان هٿ ڌوئي مونکي هڻندا هيا ۽ چوندا هيا، “ڇُٽو ڇُٽو” مان بخار ۾ ٻرندي به چڱو ڀلو محسوس ڪندو هيس.
    مذهب، عبادت، دعا، تعويذ، قرباني، توبهه، جادو، ٽوڻو، خيرات، زڪوات، ڦوڪ، شوڪارو ۽ سهڻي جو ديدار، اهي سڀ آٿتا (Placebo) آهن، آٿتا، حوصلو، همت ۽ سهارو آهي.
    منهنجي هيءَ لکڻي پڻ آٿتا جو هڪ مثال آهي، جيڪڏهن توهان تي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ ان جي سحر ۾ اچي چڪا آهيو ته پوءِ قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهيان.

    o


    من شڪتي

    من شڪتي
    (Innergy)

    دنيا ۾ اهڙا جاندار به آهن، جيڪڏهن انهن جي جسم جو ڪو عضوو وڍجي پوي ته ٻيهر ڄمندو آهي، جيئن ڄنگهون، پڇ، چنبا وغيره، انسان جا زخم به ڇٽي وڃن ٿا، ڪڏهن نشان رهجي وڃن ٿا، ڪي زخم دل کي نقصان پهچائي ڇٽي وڃن ٿا ۽ ڪي حدون اورانگي اهڙو تباهه ڪن ٿا جو اهي دل جو حصو بنجي وڃن ٿا.
    ڪيئن به هجي پر وجود مدافعت ڪندي زخمن سان مزاحمت ڪن ٿا. زخمن کي فنا ڪن ٿا يا پاڻ فنا ٿين ٿا. وجود جي مزاحمت ۽ مدافعت اندر جي شڪتي آهي. شڪتيءَ جون حدون انفرادي طور گهٽ يا وڌ فرد ۾ فطري طور موجود ٿين ٿيون، ڪو زهر پي زنده رهي ٿو، ڪو ماکي چٽي مري وڃي ٿو.
    ڪجهه به هجي پر ساهواري جي مدافعت ۽ مزاحمت هڪ فطري عمل آهي. اسين ڊڄون ٿا، ڊڄڻ به مزاحمت جو هڪ مثال آهي، ڊڄڻ اسان جي جيئري هجڻ جي تصديق ڪري ٿو، ڊڄڻ سان اسان جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿئي ٿي، ساهه تيز کڄن ٿا، دماغ تيزيءَ سان ڪم ڪري ٿو، هر ساهوارو اندر ۾ ڊنل آهي.
    پيار جي گهڙين ۾ وڇڙجڻ جو الڪو تڙپائي وجهي ٿو، جنگ کان پوءِ زخمن تي پٽيون ويڙهي گهمڻ جو نالو امن آهي.
    جاندار خوف جي پيداوار آهي، سائنسي طور ڪائنات جو وجود ڌماڪي سان ٿيو آهي، ڌماڪو ڪهڙي خير جي خبر کڻي ايندو؟ اسين ڌماڪي جي پيداوار آهيون، مذهب ۽ اخلاقيات خوف مان جنم ورتو ۽ خوف جو درس ڏين ٿا، تاريخي طور دنيا جي ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جي انسان عبادت نه ڪئي هجي؟ مذهبن، ٻلن، ڪتن ۽ لنگ تائين هر پاڇي عڪس ۽ اوندهه جي عبادت جي تعليم ۽ ترغيب ڏني آهي، ڇو جو انسان آد کان ڊنل ۽ منجهيل آهي.
    منهنجو ايمان آهي ته ايمان اڃا مڪمل نه ٿيو آهي ۽ اهو به ايمان آهي ته ايمان جي ڪا حيثيت نه آهي ڇو جو اهو ڪڏهن به مڪمل نه ٿيندو، جيڪڏهن اهو مڪمل ٿيو ته اهو ئي ڪائنات جي انت جو ڏينهن هوندو ۽ ڪائنات جي انت جو ڏينهن انڪري نه ايندو جو ڪائنات کي ڪو ڳولهي نه سگهندو، فطرت اهڙي وئشيا آهي جيڪا روز نئون وڳو پائي يار مٽائي ٿي ۽ ان ۾ انسان جو ڪردار هڪ دلال جو آهي، انسان فطرت کي يرغمال بنائي وڌو آهي. فطرت ڪمائي ساهواري جون گهرجون ائين پوريون ڪري ٿي جيئن ڪا بيواهه ماءُ غلط راهه هلي ٻارن جون ضرورتون پوريون ڪندي آهي.
    فطرت ماحول تائين محدود نه آهي، فطرت هر شيءِ اندر انفرادي صورت ۾ موجود آهي، اسان جي هڪ هٿ جي فطرت ٻئي هٿ کان مختلف آهي، انسان جي من ۾ به ڳجها هٿ آهن، اهي هڪ ٻئي سان مقابلو ڪن ٿا، هر انسان جو اندر ڪڏهن فتحيات ٿئي ٿو، ڪڏهن شڪست تسليم ڪري مايوسين سان همڪنار ٿئي ٿو، انسان ٺهي ٿو، ڊهي ٿو ۽ ڊهي وري ٺهي ٿو.
    ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ساهواري کي ارادو (Will) جيئرو رکي ٿو، جيئڻ پويان هن جي ارادي جو ڪردار آهي، هو ارادو ڪري ٿو انڪري سندس جسم ۽ رت گردش ڪري ٿو، مايوسي ارادي جي دشمن آهي، مايوسي موت آهي.
    اهو سچ آهي ته ڪا اهڙي من شڪتي (Innergy) ضرور آهي، جيڪا انسان کي جيئري رهڻ ۾ مددگار ٿئي ٿي، هڪ پئٿالاجسٽ جي نظر سان جڏهن مان انسان جي وجود جو مطالعو ڪريان ٿو ته مونکي ان جو هر ذرو جيئڻ جي حسرت ۾ بي قرار نظر اچي ٿو، لاشعوري طرح انسان جو اندر جنگ جو ميدان آهي، جتي هر رضاڪار ڪنهن حملي کان بچاءَ جي مشق ۾ رڌل آهي، انسان جو انگ انگ ائين وريل آهي جيئن ڪنهن عمارت جون ٿوڻيون، هڪ انسان ڪروڙين جاندارن جو مجموعو آهي، اهي جاندار انسان جا جيو گهرڙا (Cells) آهن، هر جيو گهرڙو (Cell) انفرادي طور جيئڻ جي جدوجهد ڪري ٿو، اسان جو اندر اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن ۾ هٿيارن کانسواءِ، پيار جو پرفيوم ۽ نفرت جي بوءِ ٺهي ٿي، اتي وهم، گمان، ماليخوليا، هسٽريا، شيزو فرينيا ۽ مينيا وجود وٺن ٿا، اتي محبتون، انتقام، ساڙ، ڪروڌ ۽ بغاوتون ڪرَ کڻن ٿيون، ڪائنات جو هر ساهوارو انسان سميت نفسياتي مريض آهي، اها ساهواري جي انفرادي سگهه آهي ته هو اندر جي انهن موذي مرضن کي ڪيئن ۽ ڪيترو منهن ڏيڻ جي قابل آهي. اهو منفي جبلتن جي گهوڙي کي واڳن کان وٺي ڪهڙي راهه اختيار ڪري ٿو، اها ان جي من شڪتي (Innergy) آهي، جيڪا کيس فطرت فراهم ڪئي آهي. سٺا وجود فطرت کي قبول ڪندي ان سان هم آهنگ ٿي وڃن ٿا. اميد جي اڻ ڏٺل ڇت مذهب جي نظر نه ايندڙ پاون تي بيٺل آهي، پر ڇت جو احساس ولهه کان پناهه ڏيڻ جو حوصلو ڏئي ٿو.
    دنيا جون فاتح قومون بکايل قومون آهن، بک، بغاوت ۽ جنگ کي جنم ڏئي ٿي، جيڪو دنيا ۾ آيو آهي ان کي رزق گهرجي، ڊاول اوڳرائي ڏئي فرحت محسوس ڪري ٿو، جڏهن ته ٻين لاءِ اها اوڳرائي بوءِ جو باعث آهي.
    بک انسان کي اهڙو ڪتو بنائي ٿي جنهن کي شينهن جي دل آهي. جتي پاڻي نه هوندو اتي ٿوهر ڄمندا آهن، ٿوهر جي مزاحمت تي غور ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته سندس وجود جا ڪنڊا صرف حملي آورن کان محفوظ نه رکندا آهن پر اهي ان عمل کان به بچائيندا آهن ته جيئن پاڻيءَ جي اڻ هوند ڪري گهڻو پاڻي ٻاهر نڪري هوا ۾ تحليل Evaporate نه ٿئي ۽ اهو اندر محفوظ رهي، جيڪڏهن سانڊو رنگ بدلائي ٿو ته ان ۾ اعتراض جي ڪا ڳالهه نه آهي. ان مسڪين کي اهي رنگ فطرت عطا ڪيا آهن ته جهڙو رنگ ڏسي ان مطابق ڍلجي جان بچائي سگهي، پوپٽ گلن ۾، ڪوئا گٽرن ۾ خوش آهن.
    ننڍي هوندي مون اهڙو پکي پڪڙيو هيو جنهن جا کنڀ ساوا نيرا هيا، پکين جي باري ۾ منهنجي ڄاڻ گهٽ آهي، خبر نه آهي ڪهڙو پکي هيو، مون جيئن پکيءَ کي پڃري ۾ قيد ڪيو ته ان مٿو پڃري سان ٽڪرائڻ شروع ڪيو، جڏهن ڏسان ته ويٺو ٿو پڃري سان مٿو ٽڪرائي، هڻي پنهنجو مٿو ڦاڙي وڌائين، سڄا کنڀ رت ۾ آلا ٿي ويس، مون بهتري ان ۾ سمجهي ته کيس آزاد ڪيان نه ته اهو پاڻ ماري وجهندو، پکيءَ جي ايڏي مزاحمت آزاديءَ لاءِ هئي جنهن خوف مان جنم ورتو هيو.
    ڪن جو چوڻ آهي ته پيار جيئڻ جو حوصلو ٿو ڏئي، انسان کي جيئري رکڻ ۾ پيار جو وڏو ڪردار آهي، ماڻهو پيار ۾ مبتلا رهي زندگيِءَ ۾ مبتلا رهي ٿو، پيار سان زندگي آسان ٿي وڃي ٿي، پر پيار انهن جي ملڪيت آهي جن جي ٻنين ۾ امن جا اڇا گل ڦٽن ٿا، امن چميءَ جي آواز ۾ سمايل آهي ۽ چميون انهن ديوارن پويان اڏامن ٿيون، جن ديوارن کي بارود سان نه اڏايو ويو آهي.
    ڪو عاشق رڻ جهاڳي محبوب جي در تي پهتو، سندس چپ ڦاٽل ۽ زبان خشڪ آهي، اهو اظهار ڪرڻ کان قاصر آهي، محبوبا کيس پاڻيءَ جو گلاس پيئاري ٿي ۽ عاشق سامت ۾ اچي چوي ٿو، “ان لاءِ آيس ته تنهنجي عشق جي اڃ لڳي هئي”
    محبوبا موٽي ٻيو گلاس ڀرڻ وڃي ٿي.
    اها مذاق نه آهي ۽ ان ۾ ڪا مرڪڻ جي گنجائش آهي، پر حقيقت آهي ته پيٽ اهڙو پيران پير آهي، جنهن جا مريد سڀ ماڻهو آهن، مون ڪڏهن برڪت علي آزاد جي لئبريريءَ ۾ “خيام” جي فارسي رباعين جو هڪ ڪتاب ڏٺو هيو، هر رباعيءَ اڳيان هڪ اسڪيچ ٺهيل هيو، هڪ اسڪيچ ۾ ٻچي ڏاڙهيِءَ وارو سنهڙو عاشق پڳ پائي ويٺل هيو، سندس هنج ۾ سهڻو محبوب مرڪي رهيو هيو، عاشق جي هٿ ۾ مانيءَ ڳڀو هيو، اتي جيڪا رباعي لکيل هئي، ان جو مفهوم ڪجهه ائين هيو ته دنيا جي وڏي نعمت اها آهي جو محبوب هنج ۾ هجي ۽ مانيءَ ڳڀو هٿ ۾.
    جيڪڏهن ڪنهن عمارت جا پلستر اکڙي پون ته گاري يا سيمينٽ جي ضرورت پوي ٿي، ائين انسان جي زخمن ۾ گوشت ڀرڻ لاءِ گوشت يا ان جا متبادل کائڻ ضروري ٿي پون ٿا. انسان جي اندر جا مزدور خالي ٽوڪرين سان بيروزگار ٿي ويندا.
    من شڪتي (Innergy) اهڙو پاڻ مرادو سرشتو آهي جنهن ۾ انسان جو ذاتي عمل دخل نه هجڻ برابر آهي، اها شڪتي ساهواري کي جيئرو رکڻ لاءِ جتن ڪري ٿي، شڪتيءَ جو ڳڙهه دماغ (Brain) آهي، دراصل ساهوارو انڪري جيئرو آهي جو سندس دماغ جيئرو آهي، داخلي يا خارجي فطرت جي تبديلي دماغ جا رويا تبديل ڪري ٿي. هر سرشتو دماغ کي جيئرو رکڻ جي ڪوشش ۾ مبتلا آهي. دماغ دل کي توانائي فراهم ڪري ٿو ۽ دل پاڻيءَ جي موٽر جيان هلي ان کي رت سان آبيار ڪري ٿي. جسم ۾ اسٽور آهن جن ۾ توانائيون درزيءَ جي دوڪان اندر بند ڪٻٽ ۾ نون سبيل جوڙن جيان پيل آهن. جسم ۾ ڀنگي آهن، مالهي آهن، جسم اندر لئبريري آهي، هڪ ڪتاب ۾ اسان جي تخم (Gene) جي ڳجهن اکرن ۾ تقرير جا داستان لکيل آهن، شرافت، ڀڙوت، جنسي رويا، حياتي ۽ موت جا لفظ اڪريل آهن. اتي خدا موجود آهي، هر اها شيءِ موجود آهي، جيڪا موروثي طرح وڏڙن کان عطا ٿيل آهي. مون کي هائوس جاب دوران اهي پيءُ پٽ ياد آهن، جن کي ڇن (Hernia) جي بيماري هئي. پروفيسر انهن ٻنهي کي آفيس ۾ اگهاڙو ڪري سامهون ليڪچر ڏنو هيو، پيءُ جي عمر پنجٽيهه ۽ پٽ جي عمر يارهن سال هئي. انهن ٻنهي کي ڇڻ (Hernia) جي بيماري هئي. حيرت جي ڳالهه اها ته ٻنهي جي لنگ (Penis) تي هڪ جهڙو ڪارو تر هيو.
    ارادو (Will) خوف (Fear) ڳڻتي (Anxiety) يا پيار (Love) اندر جا اهڙا اڌما آهن، جيڪي رت جي گردش کي روان دوان رکي سگهن ٿا. پر من شڪتي (Innergy) انهن شين جو نانءُ نه آهي. من شڪتي هڪ بي نانءُ قوت آهي، جيڪا انسان جي اندر ڪنهن اونداهي ڪوٺيءَ ۾ لڪيل آهي. ٿي سگهي ٿو ان اونداهي ڪوٺيءَ کي روشن ڪرڻ سان اها شڪتي گم ٿي وڃي. ان کي ڏسڻ لاءِ ضروري آهي ته من جي اوندهه کي پرکڻ لاءِ اسان کي ڪنهن نئين نظر جي ضرورت پوندي ۽ اها نئين نظر اڃان دريافت نه ٿي آهي.
    مان گاڊجين (Godgene) جو دعويدار آهيان، مان داخليت جو عبادت گذار آهيان، خارجيت ۾ منهنجو دين ايمان نه آهي، مونکي آسمان ۾ اوندهه ۽ اندر ۾ سج ٻرندي نظر اچي ٿو، چانڊوڪي منهنجين اکين ۾ آهي، پيٽ جو دوزخ مون لاءِ توانائيءَ جو سبب آهي ۽ ان توانائيءَ جي زير اثر مان جنت جو متلاشي آهيان.
    من شڪتي (Innergy) گاڊجين (Godgene) جا اهي ڪرڻا آهن، جن جي زيراثر جسم مدافعت ڪري ٿو، مزاحمت جا رستا اختيار ڪري جيئڻ جي جنگ جوڙي ٿو. منهنجي ڪائنات مون سان گڏ جنم ورتو ۽ مون سان گڏ فنا ٿيڻي آهي. مون کان پوءِ منهنجن ٻارن جي ڪائنات آهي ۽ منهنجي جدوجهد ٻارن لاءِ آهي، جڏهن دنيا مان روانو ٿيندس ته اڪيلو نه هوندس، منهنجو خدا مون سان گڏ هوندو، ڇو جو خدا منهنجي جسم جي هر جيوَ گهرڙي (Cell) جي ڪروموسوم (Chromosome) ۾ رهي ٿو.

    o


    ڪهاڻي ڌرتيءَ مان ڦُٽي ٿي!

    ڪهاڻي ڌرتيءَ مان ڦُٽي ٿي!


    مان ڪهاڻيون نه لکندو آهيان، مٽيءَ جا بت ٺاهيندو آهيان، بت هم ڪلام ٿيندا آهن، مٽي جيڪا ڌرتي آهي، ڌرتي جنهن جا ڏک اسان جا ڏک آهن ۽ اسان جا ڏک ڌرتيءَ جا ڏک.
    ڌرتي تخليق جو وسيلو آهي. ڌرتي آهي ته اسان جون تخليقون آهن، ڌرتيءَ کان سواءِ سڀ تخليقون بي مقصد ٿي وڃن ٿيون، مان معاشري جو فرد آهيان ۽ هڪ فرد جي حيثيت سان ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جا ڏک سور محسوس ڪيان ٿو. هڪ ليکڪ جا اندروني سور به انسانن کان الڳ نه آهن. اسان جون لکڻيون معاشري مان جنم وٺن ٿيون، معاشرو جيڪو ڏکن، سورن، غربت ۽ بيروزگاريءَ سان ڀريل آهي. معاشرو جنهن کي ڌرتي پناهه ڏئي ٿي. معاشرو جيڪو قوم جو بنياد بنجي ٿو ۽ قوم جيڪا ڌرتيءَ سان جنم وٺي ٿي.
    منهنجون ڪهاڻيون سنڌ جون ڪهاڻيون آهن، پوءِ مان اهي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ لکان، اردوءَ ۾ لکان يا انگريزيءَ ۾، زبان سان ڪو فرق نه ٿو پوي، زبانون اظهار جو ذريعو آهن، اسين جيڪا زبان لکي پڙهي ۽ ڳالهائي سگهون ٿا، اها زبان اسان جي آهي، قوم جو تعلق ڌرتيءَ سان هوندو آهي، زبان سان نه، آفريڪا جي ڪجهه خطن ۾ پنجويهن ڪلوميٽرن جي دائري ۾ پنجويهه زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. ايشيا جي ڪجهه حصن ۾ به ساڳي صورتحال رهي آهي. فرد ويڙهي کي جنم ڏئي ٿو. ويڙهو وڌي قبيلو ٿي پوي ٿو. قبيلن جي وچ ۾ وٿيون آهن، پهاڙ آهن. جبل آهن، ريگستان، درياهه، سمنڊ ۽ حجاب آهن، وچ جون وٿيون زبانن جي فرق جو سبب بنجن ٿيون، لهجا ڦري پون ٿا، اچار بدلجي پون ٿا. زبانون بگڙجي وڃن ٿيون، پر هاڻي رابطن جي بحاليءَ ۾ تيزي آئي آهي. زبانون هڪ ٻئي ۾ ائين جذب ٿي رهيون آهن جيئن ست سمنڊ. توهان چکي ڏسو ستن ئي سمنڊن جو پاڻي کارو آهي.
    نسرتائي عمل (Evolutionary Process) هيٺ دنيا ۾ زبانن جي کچڙي پچي رهي آهي، چمڙين جا رنگ بدلجي رهيا آهن. طاقتور تهذيبون ڪمزور تهذيبن کي ڳڙڪائي رهيون آهن. پر فطري طور اهو سڀ انسانن جي ڀلي لاءِ آهي. فطرت (Nature) هر عمل ۾ ساهواري کي ترجيح ڏئي ٿي، قومون، فطرت نه ٺاهيندي آهي، اسان پنهنجي سڃاڻپ ۽ بچاءُ لاءِ قبيلا ۽ قومون ٺاهيندا آهيون.
    اڄ جڏهن مان هندستان لڏي ويل سنڌي اديبن جي نئين نسل جون لکڻيون پڙهان ٿو ته انهن ۾ استعمال ٿيل ٻولي ڏکئي محسوس ٿئي ٿي. ائين ئي جڏهن اهي سنڌ جي نئين نسل جون لکڻيون پڙهندا هوندا ته کين ڏکيائي محسوس ٿيندي هوندي، اهو سڀ فطري آهي، اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته ڌرتيءَ تي رچندڙ ماحول فطري طرح شين کي تبديل ڪري ٿو. برصغير، جنهن جو سرجيڪل آپريشن ڪري جسم ڪٽيو ويو. ٿيڻ ته ائين گهربو هيو جو سرجيڪل آپريشن کان پوءِ ان جي زخمن ۾ روڳ نه ڀرجڻ گهرجي ها، پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو آپريشن ٿيٽر ۾ وڍ ڪٽ جو سامان جراثيمن کان پاڪ ڪندڙ مشين (Autoclave) ڀڳل هوندي آهي ۽ اهڙن اوزارن سان ڪيل آپريشن زخمن اندر روڳ جمع ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي. برصغير جي جسم جا چير، بنگال ۽ پنجاب ۾ ته ڇٽي ويا پر سنڌ اندر روڳ اڃا وهي رهيو آهي. خبر نه آهي سنڌ جا زخم ڪڏهن ڇُٽندا؟ منهنجي پرامن ۽ پاڪدامن سنڌ، جنهن جي جهول ۾ صبر جا ڦل مٺا نه آهن، ڪڏهن ائين لڳندو آهي، ڄڻ گذريل سٺ سالن اندر سنڌ جي سطح هيٺ ٿي وئي آهي ۽ هيٺائينءَ ڪري ندي نالن جي صورت ۾ وهندڙ ماڻهن جي سيلاب ڪري ٻڏندڙ سنڌ ۾ اسان دربدر ٿي ڪيمپن ۾ پناهه ورتي آهي، جتي سرڪاري کاڌي جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
    جيئن فطرتي (Natural) رويو آهي ائين غير فطري (Antinatural) رويو پڻ آهي. فطرت سان ڇيڙڇاڙ هاڃيڪار آهي. بابل، نينوا، يونان ۽ روم جي ڪن حصن ۾ ڪڏهن عورت جي سڀ کان ويجهي رشتي سان شادي جائز هوندي هئي، اتي اهڙا ٻار ڄمندا هيا جن کي ٻه منڍيون ۽ ڪتي جهڙا پڇ هوندا هيا، غير فطري عمل ڀيانڪ ردعمل پيدا ڪري ٿو، اسين تماڪو ڇڪي، ٻيلا ڪٽي، جبل ٽُڪي، درياهن جا رستا روڪي، ايٽمي ڌماڪن ۽ ميزائيلن مان ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا؟ تابڪاري ۽ غير فطري جنسي عمل ڇا ڏئي سگهن ٿا. تلاءَ ۾ مٽي پاڻيءَ جي تري ۾ هوندي آهي. ڪو پاڻيءَ ۾ پير وجهي انهيءَ جاءِ تان گندو ڪري ٿو جتان پيئڻ جي جاءِ آهي. سنڌ ۾ گذريل سٺ سالن کان غير فطري عمل جاري آهي. ان کي روڪڻو پوندو، سنڌ جي سطح کي اونچو ڪري سيلابن جا رُخ بدلائڻا پوندا، ڇو جو اهڙي عمل سان مفاهمت (Adaptation) جي اميد نه ٿي رکي سگهجي. فطرت ۾ مفاهمت پاڻ مرادو (Autonomous) عمل آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ اهڙا ڪئي ڌارا پاڻ ۾ سمائي چڪي آهي پر سيلابن جي صورتحال ابتر آهي. سنڌي ڪهاڻي اهڙن ئي موضوعن تي مشتمل آهي. سنڌ جي تخليقي ادب ۾ سنڌ کان وڏو موضوع ڪو به نه آهي. اسان ڌرتيءَ کان الڳ ٿي لکڻ لائق نه ٿا رهون.
    ادب اهڙو وڻ آهي، جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ سان جڙيل آهن، مون هڪ اهڙو ئي مقالو پڙهيو هيو، جنهن جو غلط مطلب ورتو ويو، مون جڏهن چيو ته “ادب اهڙي بڙ جيان آهي جنهن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ آهن پر بڙ جون ڪجهه پاڙون هوا ۾ لڙڪي ڌرتي ڳولهين ٿيون.” ته چيو ويو “لکڻ لاءِ ڌرتيءَ جو هجڻ ضروري نه آهي ڇو جو آفاقيت به ڪا شيءِ آهي.”
    آفاقيت جو مطلب Achievement آهي، آفاقيت آسماني ڳالهيون ڪرڻ جو نانءُ نه آهي، جڏهن لکڻيون تخليق جي اوچائين کي ڇُهن ته اها آفاقيت آهي.
    ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌي ڪهاڻي گذريل ڪجهه سالن کان زوال پذير آهي، ان جو سبب بنيادي تعليم جو غير معياري هجڻ ۽ مطالعي جي گهٽتائي آهي. ساڳي حالت سنڌ ۾ لکي ويندڙ اردو ڪهاڻيءَ جي آهي، جنهن جو موضوع گهريلو ۽ ذاتي مسئلن تائين محدود آهي. اردو ڪهاڻي بنگالي ڪهاڻيءَ کان پوءِ برصغير جي سڀ کان طاقتور ڪهاڻي رهي آهي، ڇو جو ورهاڱي کان اڳ اتان جي اديبن ڌرتيءَ کي موضوع بنائي ماڻهن جي ڏکن کي اجاگر ڪيو. پريمچند مفلسيءَ کي موضوع بنايو. ان جا ڪردار ڌرتيءَ سان رچيل آهن، جيڪڏهن منٽو عظيم اديب آهي ته اهو پنجاب جي ڌرتيءَ سان وابستا آهي. امرتا پريتم، بلونت سنگهه ۽ راجندر سنگهه بيدي اردو زبان جا عظيم اديب آهن جن پنجاب جي سرزمين تي وسندڙ ماڻهن جي جذبن جي عڪاسي ڪئي، ڪرشن چندر ڌرتيءَ جي ورهاڱي تي وڍيل دل هٿ ۾ کڻي ظ:م خلاف نعرا هڻندي نظر اچي ٿو.
    ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ آيل ڀائر جن کي هاڻي “مهاجر” نه ٿو چئي سگهجي، ڇو جو ڪنهن به خطي ۾ آيل ڪنهن نسل جي ستين پيڙهي مهاجر نه هوندي آهي، سنڌ ۾ نسرتائي عمل (Evolutionary Process) تحت هڪ نئين ثقافت جنم وٺي رهي آهي. سنڌ جي رهڻي ڪرڻي، رڌ پچاءُ ۽ طعام تبديل ٿي رهيا آهن. سٺ واري ڏهاڪي اندر ڪراچيءَ ۾ نظر ايندڙ پوڙها جن کي شيروانيون، ڪرتا، پاجاما پاتل هوندا هيا، مٿي تي اڇي ٻيڙيءَ نما ٽوپي هوندي هئي. هاڻي اتي سلوار قميصن ۾ ملبوس نوجوان نظر اچي رهيا آهن، دراصل جاگرافيائيءَ طرح ڪنهن به معاشري ۾ هڪجهڙائي (Homogenity) کي اچڻ لاءِ صدين جي ضرورت پوي ٿي، جيڪڏهن اهڙي معاشري کي ٽوڙيو وڃي ته پوءِ ان کي هڪجهڙائي حاصل ڪرڻ لاءِ وري وڏي وقت جي ضرورت پئجي وڃي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ ۾ جاري ٻاهرين آمد کي روڪيو وڃي، جيئن افراتفريءَ کي ٻنجو ڏئي جيڪي موجود آهن، انهن ۾ نئين سماج جي جوڙجڪ ٿي سگهي، ان لاءِ شرط آهي ته سڀني کي سنڌ ڌرتيءَ سان ناتو جوڙڻو پوندو.
    اچو ته ڪنڊا ميڙي ڌرتيءَ کي ريڄ ڏيون، ڦٽندڙ سرنهن جا گُل اسان جي ڪهاڻين جي ڪردارن جا هيڊا چهرا ئي ته هوندا.

    o


    جديد سنڌي ناول جو معيار

    جديد سنڌي ناول جو معيار

    ادب ۽ تخليق ۾ لفظ معيار پراڻي گهڙيال جي پينڊيولم جيان آهي، پينڊيولم ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي، گهڙيال ۾ ڊڪندڙ وقت سان معيار جو عڪس تبديل ٿئي ٿو. ضروري نه آهي ته منهنجي معيار جا پيمانا ٻين جي پيمانن جهڙا هجن، لفظ معيار يا Standard اسان جي الڳ Perception پهچ آهي ۽ جدت هر نئين ڏينهن سان روپ بدلائي ٿي. جدت به معيار جيان ساڳي نه پر ڦرندڙ گهرندڙ (Variable) آهي.
    لفظ تنقيد جنهن کي هنديءَ ۾ آلوچنا چيو وڃي ٿو، انهن جي ڀيٽ ۾ سنڌي لفظ ڇنڊڇاڻ بهتر آهي، اسان ڪنهن جو گريبان ڦاڙي سندس سيني جو گهاءُ نه ٿا ڏسي سگهون، ڇنڊڇاڻ جو مقصد آهي ڪنهن بورچيءَ جيان چانور چاڙهڻ کان اڳ انهن کي سٺي نموني سوئجي جيئن ڪنهن کي ڪُڪرو نه اچي. اسان جي ادب جا بورچي ڪڪرن مان چانور چونڊين ٿا، سبب مايوسي آهي.
    ڪهڙي جدت؟ ڪهڙو معيار؟ ڪهڙو ناول؟ اسين ڊٺل عمارت ۾ دٻيل آهيون، ڦهليل ڊس ۾ منهن مٽيءَ هيٺان دفن ٿي چڪا آهن، سڃاڻ کان محروم ٿي چڪا آهيون، دانهون دم ٽوڙي چڪيون آهن، ڇو جو ٻاهر ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي، جيئن ٻار جي تربيت ماءُ ڪري ٿي، ائين زبان جي پرورش تعليم ڪري ٿي. تعليم اهڙو در آهي جيڪو ٻاهر کلي ٿو. اسين تازي هوا کان محروم ڪتابن جي لاشن تي ٽهڪ ڏيندڙ، تربيت جي تربت تي فاتح پڙهي، فتحمند ٿيڻ جي باس باسيندڙ قوم آهيون، اسين خواب ۾ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي جاڳي پيا آهيون ۽ جاڳ ۾ ڏسي رهيا آهيون پير مان رت ٽِمي رهيو آهي، اسين وڍيل وڻ جي لام کي، وڍ مان وهندڙ لاک سان ڳنڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
    ون يونٽ کانپوءِ تعليم جي تباهيءَ جو سبب شاگرد سياست آهي، ڏاڍ مڙسي ۽ ڪاپي ڪلچر، آمر حڪمرانن جي جهالت جي راهه تي ڏنل ڇڙواڳي ۽ آمر حڪمرانن جي زيردست مفاد پرست مسواڙي ايوانن ۾ ويٺل ڪرائيدارن جي ڏنل ڍر ته ڀل قوم تباهه ٿئي.
    جتي تعليم جو اهڙو حال هجي، اتي ادب ڪهڙي حيثيت رکي ٿو؟ جتي ڪورس جا ڪتاب نه پڙهيا وڃن، اتي ادبي ڪتاب ڪير پڙهندو؟ مايوسين تخليقڪارن کي مائوف ڪري وڌو آهي ۽ اهو تنقيدنگار ٿي پيو آهي، سنڌ ۾ جيئن اديب سينئر ٿيندو وڃي ٿو تيئن تنقيدنگار ٿيندو وڃي ٿو. نفسياتي طرح اگهاڙي انسان جو عڪس نه وسرندڙ آهي. شهر جي گهٽين ۾ گهمندڙ مست منفرد آهي، مايوس تخليقڪار کي اهو وهم آهي ته کيس تنقيدنگاري اهم بنائي ٿي. ڏٺو وڃي ته حقيقي تنقيدنگار يا ڇنڊڇاڻ ڪندڙ مٿاهين Superlative سطح آهي، جيڪا کيس ڄاڻ، وسيع قلبي، پرک ۽ چونڊ ذريعي ادب جو تاج پارائي تخت نشين ڪري ٿي ۽ سندس صادر ڪيل ترميمون حڪم سمجهي قبول ڪيون وڃن ٿيون، لڀندڙ سون خالص (Pure) حالت ۾ نه هوندو آهي، ان کي ڇاڻي صاف ڪيو ويندو آهي. صراف لوهر جا اوزار استعمال ڪري جيڪا شيءِ ٺاهيندو اها زيور نه هوندي.
    سنڌي ناول جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اسان جو ناول قومپرستيءَ جي پرچار، نعري بازي، جذباتپڻي، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ماحول مان جان ڇڏائي هڪ وک اڳتي وڌيو آهي، حقيقت اها آهي ته اسان ٽوٽا ٽڪر گڏ ڪري ناول جي بنياد ڀرڻ جو ڪم ئي هاڻي شروع ڪيو آهي، انهن بنيادن جي اهميت آهي ڇو جو عمارت جو نقشو انهن بنيادن تي ئي بيٺل هوندو.
    ان ۾ شڪ نه آهي ته سنڌي شاعري عالمي معيار جي ۽ ناول سنڌي ادب جي سڀ کان پوئتي پيل صنف آهي.
    اسان وٽ تخليقي ادب سان لاڳاپيل اديب ٻڍائپ جي حدن کي رسندي لکڻ ڇڏي ڇڏين ٿا، جيڪڏهن ڪي لکن به ٿا ته انهن جي لکڻين جو معيار اهڙو نه آهي جهڙو لکي چڪا آهن. سبب مايوسي آهي؟ موت جو خوف؟ يا سرڪاري سرپرستيءَ جو نه هجڻ؟ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، ان جي ڀيٽ ۾ عالمي سطح تي اديب جيئن پوڙهو ٿئي ٿو تيئن سگهارو ٿئي ٿو. گوگول مئل ارواح (Dead Souls) ناول اڻويهين صديءَ ۾ لکيو ۽ اهو عمر جي آخري اٺن سالن ۾ لکيو. گوگول به عمر جي آخري گهڙين ۾ پنهنجي ناول جو اڻ ڇپيل ٻيو حصو هڪ پادريءَ جي چوڻ تي ساڙيو هيو، هن مرڻ کان نوَ ڏينهن اڳ کاڌو پيتو ڇڏي ڏنو ۽ 1852ع ۾ گذاري ويو، مقصد ته ان لکڻ سان ساٿ نڀايو.
    دوستو فسڪيءَ جو ته گذر ئي ناول تي هوندو هيو، ان آخري وقت تائين قلم جو ساٿ نه ڇڏيو، ان مفلس ۽ قرضي اديب 1881ع ۾ وفات ڪئي، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ان ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريندڙ اديب جي جنازي ۾ ماسڪو جي لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، پر جيئري هڪ دوست کانسواءِ ڪنهن مالي مدد نه ڪئي.
    اسان جي وقت جي سڀ کان وڏي ناول نگار گارشيا مارڪيز موت کان ڪجهه سال پهريون “منهنجيون سوڳوار رکيلون” (My melancholy whores) ناول ڏنو.
    دنيا جا اديب عمر جي آخري گهڙين تائين قلم جو ساٿ نه ٿا ڇڏين، جڏهن ته اسان جا اديب ٿڪجي ماٺ ٿي وڃن ٿا، اهي حال حيات آهن ۽ گهڻي وقت کان ادب ۾ انهن جو ڪردار نه آهي، ڪنهن به زبان کي عالمي سطح تي ادب ئي متعارف ڪرائيندو آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهي ويندڙ صنف ناول آهي. ناول اسان وٽ هاڻ ڳڀريو (Fertilize) ٿيو آهي، اهو ڪڏهن ڄمندو؟ ڪڏهن بانبڙا پائيندو؟ چئي نه ٿو سگهجي، ان هوندي به شل جواني ماڻي جانب، هجي پوڙهائپ جو پنڌ پري.
    o
    (هيءَ مضمون 11 سيپٽمبر 2015ع تي اڪيڊمي ادبيات ڪراچيءَ ۾ ”ناول“ تي ٿيل هڪ بيٺڪ ۾ پڙهيو ويو.)


    سرگوشيون: ”امر اقبال جي ڪالم ڪتاب تي تصبرو“

    سرگوشيون: ”امر اقبال جي ڪالم ڪتاب تي تصبرو“


    امر اقبال پنهنجي ڪالم ”ڪراچي، بي نانءُ ڀوءُ ۽ وسوسن جي ڊگهي زنجير” ۾ لکي ٿو:

    “مون کي الاءِ ڇو!
    موناليزا جي لازوال مرڪ
    ملبي مان اُٿندڙ دونهي ۽
    سڙيل لاشن تي
    طنز وانگر محسوس ٿي رهيو آهي.”

    هڪ تخليقڪار صحافتي انداز ۾ به تخليقڪار ئي رهي ٿو، امر اقبال جي ڪتاب “سرگوشيون” ۾ شامل ڪالم ڪاوش اخبار ۾ شايع ٿيل آهن، هو صحافي نه آهي ڇو جو صحافت وارتا جو کليل لفظن ۾ اظهار آهي جڏهن ته امر اقبال اظهار جي قوت سان وارتائن کي جنم ڏئي ٿو.
    دنيا ۾ اهي وڌيڪ نروار ٿين ٿا جن پنهنجي ذات کي پويان رکي ٻين جو تذڪرو ڪيو آهي، انهن جي ذات ڪردارن جي هجوم ۾ گمنام رهي غيب جو درجو ماڻي ٿي. امر اقبال پاڻ پنهنجن ڪالمن ۾ ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، روڊ، رستا، شهر، ڳوٺ، دوستن ۽ دوستن جي دوستين کي ياد ڪندي، هو پاڻ وساري ويهي ٿو.
    ڪراچيءَ جي برنس روڊ تي فوڊ سينٽر پويان هڪ ڪچري ڪونڊيءَ تي ڳاڙهي رنگ سان ڪنهن دل ٺاهي ڇڏي هئي. دل لڳائڻ کان دل ٺاهڻ آسان آهي، پنج لکو دل ٺهي ويندي، ڏٺو وڃي ته دل پنجن جي انگ جهڙي صفا نه آهي، پر دل خون جي لڙڪندڙ قطري جهڙي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته خون جو قطرو دل جيڏو نه آهي، ان ڪچري ڪونڊيءَ ۾ گلاب جون ڏانڊيون به پيل هونديون هيون، ڇو جو ڀرسان هڪ قديم اسڪول آهي، اهي ڏانڊيون ضرور مالهي باغ جي صفائيءَ کانپوءِ اتي اڇلائيندو هوندو، دل ۽ گلاب ڪچري ڪونڊين جيان آهن، جن ۾ محبتون ۽ نفرتون گڏ سمايل آهن.
    امر اقبال وفائن جي ڳالهه ڪندي ٿڪجي نه ٿو ۽ جفائن جي ڳالهه ڪندي گهڻو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، هو منتشر خيالن جو مالڪ آهي. ڳالهه مان ڳالهه ڪندي، هڪ ڳالهه پويان ڪئي ڳالهيون ڪري وڃي ٿو، دانشور جي دماغ ۾ سوءُ دروازا هوندا آهن ۽ خيال قافلا، لکي ٿو “بس ۾ لڙڪندي هڪ بي نانءُ ڀوءُ ۽ وسوسن جي ڊگهي زنجير ٺهندي وڃي ٿي.”
    هو لاشعوري طور خيالن جو اظهار سحرانگيز حقيقت نگاري (Magical realism) ۾ ڪري وڃي ٿو. ڀوءُ ۽ وسوسن جي ٺهندڙ ڊگهي زنجير، هن جي اظهار جي قوت خيالن جي زنجير جيان آهي، جنهن ۾ ڪئي خيال ڪڙين جيان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، دهشت گردي، خودڪش ڌماڪا، بيروزگاري، بازار حسن، سچل ۽ کجين جا وڻ، شبانا اعظمي، ارونڌتي راءِ، کان وٺي خيرپور جي ميرن ۽ شاعرن جي تذڪري کان شيخ اياز جو قداور عڪس، هو هر ڪنهن جو ذڪر عجز ۽ خلوص سان ڪري ٿو. ڪڏهن ڪجهه سٽن ۾ پورو ڪتاب سمائجي وڃي ٿو. ڪالم “جمالان جنهن کي انصاف جي غربت ماري ڇڏيو” ۾ هو لکي ٿو.
    “حيدرآباد جي ضلعي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ مينديءَ رتي ڏاڙهيءَ واري يونين ڪائونسل ناظم پاران جذباتي ٿي پنهنجو پاڻ کي رتورت ڪري ڇڏڻ کان وٺي، اتر سنڌ جي عوامي حلقن ۾ گهڻي مقبوليت رکندڙ مزاحيا فنڪار ڏاڙهون مسخري جي “خاموش موت” تائين، سکر جي بازار حسن ۽ پوليس تشدد وگهي ان “سدا سهاڳڻ” جي ضايع ٿيل ٻار کان وٺي، ٽيڪسيلا ۾ عيسائي ميشنري اسپتال تي ٿيل بم حملي ۾ مارجي ويل ٽن نرسن تائين اهڙا موضوع هيا، جن تي الڳ الڳ ڪالم لکڻ سان اخبار جي ايڊيٽوريل صفحي جي ڀيٽ ۾ هڪڙي ڪنڊ آسانيءَ سان ڀري پئي سگهي، پر الائي ڇو ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي منهنجي ساڄي هٿ جي آڱرين ۽ آڱرين ۾ جهليل بال پين جو گڏيل اضطراب “جمالان” جي موت تي اچي بيهي ٿو.”
    ٿورن لفظن ۾ گهڻو ڪجهه چوڻ جو ڏانءُ ۽ ڪڏهن چوندي چوندي نه چوڻ جي گنجائش هن جي خوبي ظاهر ڪن ٿا. جتي هو تذڪرو ڪندي گهڻا نانءَ ظاهر ڪري ٿو، اتي خوبيون ڳڻائيندي ڪجهه نانءَ مخفي رکي ٿو. هو لکي ٿو “هن ديس ۾ سڀ کان وڏو غريب انصاف نظر اچي ٿو.”
    غريب جي ڪا حيثيت نه هوندي آهي انڪري انصاف به ڪا حيثيت نه ٿو رکي، انصاف جي کوٽ کان دلين جي کوٽ سوءُ دفعا بهتر آهي. انصاف جي کوٽ مظلومن کي سوليءَ تي لڙڪائيندي آهي ۽ دلين جي کوٽ ناانصافيءَ جو احساس ڏياريندي آهي، جنهن ديس جا غريب انصاف کي پاڻ جهڙو غريب سمجهن، ته اهي انصاف کي جهوپڙين ۾ پناهه ڏيندا آهن ۽ ايوانن ۾ موجود ناانصافي، انصاف جو روپ ڌاري عدالتن جي تارازين جا وَٽ کوٽا ڪري وجهندي آهي.
    امر اقبال سٺو شاعر آهي ۽ هن جو نثر اثرانگيز، جڏهن شاعر نثر لکندو آهي ته ان جو نثر، نثري نظم ٿي پوندو آهي. شاعر جي ٻولي ان ڪري سگهاري هوندي آهي جو وٽس لفظن جا انبار هوندا آهن. شيخ اياز جو نثر خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ آهي. شاعر، جيڪو شاعريءَ جي پابندين ۾ قيد هوندو آهي، ان کي جڏهن آزاد ڇڏيو وڃي ٿو ته پلٽجي پوي ٿو، مون هر سٺي شاعر جو نثر اثرانگيز محسوس ڪيو آهي.
    ڪالم “عيد جون خوشيون ۽ ڊسمبر جو غم” ۾ هو لکي ٿو ته: “ويندڙ سال جو غم ۽ عيد جون خوشيون ڪجهه سالن کان هن ديس ۾ گڏجي اچن ٿيون، پر جتي سڀني ڏينهن جون شڪايتون هڪجهڙيون ٿي وڃن، اتي عيد جو ڏينهن به عام ڏينهن وانگر گذري وڃي ٿو.”
    هن جي تحرير ڪڏهن تجريد اختيار ڪري وڃي ٿي، سڀني ڏينهن جون هڪ جهڙيون شڪايتون عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ٿي، امر اقبال وٽ ڏات جي شاعراڻي ڏانءَ سبب لکڻين ۾ جدت جا گهڻا روپ سمايل آهن، هن ڪتاب جي ڪجهه ڪالمن ۾ دوستن کي ڀرپور نموني ياد ڪيو آهي. ڪالمن جي وچ ۾ خوبصورت شعر ڏنل آهن، هو شيخ اياز کان گهڻو متاثر ڏسجي ٿو. ڪالمن ۾ ڪجهه شعر ۽ ڳالهيون ورجهائجي ويون آهن، ان جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪالم مختلف وقتن تي شايع ٿيل آهن جنهن ڪري چئي ويل ڳالهيون ياد نه هجڻ ڪري ورجهائجي ويون آهن.
    ڪالم نگاريءَ جا مختلف طريقا آهن، هڪڙا ڪالم جاري وارتائن (Current Affairs) تي هوندا آهن، انهن ۾ کليل طريقي سياست ۽ معاشي حالتن تي تبصرا هوندا آهن، اهڙا ڪالم وقت سان اهميت وڃائي ويهندا آهن، حالتون بدلجي پونديون آهن، چڱا مڙس خوار ٿي ويندا آهن ۽ دربدر پريا مڙس سڏائيندا آهن، پر تخليقي قوت سان ڀريل ڪالم هر دور جو حصو ٿي ويندا آهن، اهي هر وقت جي ڀوڳنائن تي لاڳو هوندا آهن، امر اقبال جا ڪالم هر دور جا ڪالم آهن، انهن جو درد هر دور جي مظلوم جي دانهن آهي.
    تخليقڪار جي طبيعت ان جي لکڻين ۾ ظاهر هوندي آهي، امر اقبال هڪ پرخلوص ۽ همدرد شخص آهي، سندس ڪالمن جو ڪتاب “سرگوشيون” ادبي لحاظ کان منفرد آهي.

    o


    وجوديت ۽ اشتراڪيت

    وجوديت ۽ اشتراڪيت


    وجوديت جو فلسفو ايڏو گنڀير نه آهي جيڏو ان کي بنايو ويو آهي، وجوديت، هستي يا Existentialism جو تصور ان وقت کان آهي، جڏهن شعور جاڳيو، انسان پاڻ متعلق سوچيو ۽ اندر هڪ الڳ انسان کي محسوس ڪيو، بقول فريد الدين جي ته وجود ان جي صفتن تي مشتمل آهي.
    فريد الدين جو ڪتاب وجوديت، تعارف ۽ تنقيد ان سلسلي ۾ سٺي ڪوشش آهي، پر اهو پنهنجي مقصد کان هٽيل ڪتاب آهي، ستهتر صفحن جي مختصر ڪتاب ۾ صرف پنجٽيهه پنا اهڙا آهن جن تي وجوديت بابت بحث ٿيل آهي.
    ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي “راءِ” ڏيندي چوي ٿو “ٻئي جنگ عظيم کانپوءِ وجوديت جي تحريڪ سهارو ڏنو، جيئن فردن، طبقن ۽ جماعتن لاءِ نوان قدر ۽ روايتون پيدا ٿي سگهن، جيڪي زندگيءَ کي مقصد يا معنا ڏئي سگهن.”
    جڏهن ته وجوديت فردن، طبقن ۽ جماعتن جي نفي ڪري ٿي، اها هجومن جا اجتماعي فيصلا مڙهڻ خلاف آواز آهي.
    فريد الدين وجوديت ۽ تاريخي پس منظر ۾ لکي ٿو ته ڊارون به هيوم وانگر روماني ۽ غير عقلي تصور کي اڳتي وڌايو.
    ڊارون کي هيوم سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي، اهڙو خيال هيوم سان لاڳو ٿي سگهي ٿو پر ڊارون سان نه، ڊارون هڪ سائنسدان هيو، جنهن ارتقا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ تصور کي حقيقت جو روپ ڏنو، ڊارون عقل ۽ مشاهدي جي بنيادن تي ارتقا کي واضع ڪري ٿو.
    وجوديت زندگيءَ جو شعور آهي، موجودگيءَ جو احساس وجوديت آهي. انفرادي يا اجتماعي احساس ٻئي صورتون وجود جو يقين ڏيارين ٿيون، انسان جو انفرادي احساس انڪري آهي جو سندس لاشعور ۾ اجتماعي احساس وجود رکي ٿو، هڪ فرد پنهنجي ڪردار ۽ سوچ ۾ آزاد آهي ڇو جو هڪ الڳ وجود رکي ٿو، فرد تي هجوم، اڪثريت يا عقيدي جا فيصلا مڙهي نه ٿا سگهجن، وجوديت جو نظريو مڙهيل اجتماعي نظامن ۽ نظرين کان بغاوت آهي.
    وجوديت جو فلسفو اوڻويهين صديءَ تائين هڪ عام فلسفو هيو جيڪو شهنشاهيت ۽ مذهب خلاف آواز هيو، ويهين صديءَ جي حالتن ان کي اُڀاريو، ڪميونسٽ انقلابن دنيا کي متاثر ڪيو، پهرين ۽ ٻئي جنگ عظيم ۾ لکين انسان موت جي ور چڙهي ويا، ڪيترن انسانن کي جلاوطني اختيار ڪرڻ پئي، يهودي سرمائيدار گهڻو متاثر ٿيا، ان کانپوءِ ٿڌي جنگ (Cold War) شروع ٿي. اهو نظرين جي جنگ جو زمانو هيو، هڪ طرف اجتماعي سوچ ۽ ٻئي طرف انفرادي سوچ جنم ورتو، اهو وقت هيو جڏهن اشتراڪي نظريي خلاف وجوديت (Existentalism) جي نظريي کي زور وٺائڻ جي ضرورت پيش آئي، ڇو جو وجوديت فرد جي انفرادي حيثيت کي اهميت ڏئي ٿي ۽ ڪو به مڙهيل نظام قبول نه ٿي ڪري.
    ان دور ۾ وجوديت جو فلسفو ادب جو حصو نظر اچي ٿو، وجودي ناول گهڻا مقبول ٿيا، سوويت يونين اندر پڻ اهڙا اديب پيدا ٿيا، جن وجوديت کي موضوع بنايو ۽ اهي سزا طور جلاوطن ٿيا.
    ٿڌي جنگ جي ڏينهن ۾ نوبل انعام کي ڪميونزم خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو ويو. وجودي اديبن کي انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ چئي کين نوبل پرائيز سان نوازيو ويو، سارتر نوبل انعام کي انڪري ٺڪرايو جو کيس خبر هئي ته اهو انعام ان کي وجوديءَ جي حيثيت ۾ نه پر سياسي طور اڻ سڌيءَ طرح سوويت يونين ۽ ان جي نظريي جي مخالفت ڪري آڇيو ويو آهي، ڌرتيءَ تي انسان، انسان جو ئي غلام رهيو آهي، مذهب، نظريو، طاقت انسان کي زير ڪندا آيا آهن، انسان جو پاڻ ڳولهڻ وجوديت آهي.
    گهڻن وجودي فلاسافرن انڪري شادي نه ڪئي جو شاديءَ کانپوءِ فرد ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وڃي ٿو ۽ ڪٽنب جو حصو بنجي انفرادي حيثيت وڃائي ويهي ٿو. وجوديت هيگل جي نظريي جو ردعمل آهي، جنهن چيو “انفرادي حيثيت ۾ فرد جي حيثيت نه آهي. فرد تي هجوم کي فوقيت حاصل آهي.”
    هيگل کان اڳ به اهڙي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اخلاقيات جو فلسفو فرد جي اجتماعيت تي زور ڏئي ٿو.
    اڻويهين صديءَ ۾ ڪيئر ڪگارڊ، هيگل جي فلسفي کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان چيو “اجتماعي نظريا غلط آهن ڇو انهن ۾ فرد جي اهميت نه آهي. ڪيئر ڪگارڊ انسان جي انفرادي حيثيت جي ڳالهه ڪندي مذهب سان لاڳاپيل هيو. هن جو پيءَ جيڪو ڪليسيا جو پادري هيو. ان زال جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ نوڪرياڻيءَ سان گناهه جو ارتڪاب ڪيو، جنهن مان کيس ڪيئر ڪگارڊ ڄايو، سندس پيءُ سدائين ان گناهه جي احساس ۾ رهيو ته ان چڱو ڪم نه ڪيو آهي. پيءُ کان ورثي ۾ مليل گناهه جي احساس هيٺ ڪيئرڪگارڊ به زندگيءَ ۾ ان مورثي گناهه جي احساس هيٺ رهيو، هو خوف ۽ گناهه جي احساس ۾ ان حد تائين ورتل هوندو هيو جو چوندو هيو ته “وجود جي موجودگي گناهه جي احساس ڪري آهي، اسين گناهن کي محسوس ڪيون ٿا، جنهن جي خوف کان موجودگيءَ جو احساس ٿئي ٿو.”
    سارتر وٽ به ساڳيو نظريو آهي پر هو خدا جي نفي ڪري ٿو، سندس چوڻ موجب “انسان پاڻ کي خدا سان ڳنڍي آزاد رهي نه ٿو سگهي.”
    وجود ۽ ڪجهه نه (Being and nothingess) ۾ هو فرد کي اهميت ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو “انفرادي وجود کانسواءِ ڪجهه نه آهي، جيڪي آهي فرد جي اندر جي روشني آهي، جيڪا وجود کان ٻاهر هر شيءِ روشن ڪري ٿي، ائين فرد پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڻ معنا پيدا ڪري ٿو.”
    هن وٽ زندگيءَ جي بي معنا هجڻ جو احساس خوف جو سبب آهي، جنهن ڪري هڪ دانشور وٽ مايوسي ۽ اداسيءَ جي ڪيفيت نظر اچي ٿي. وجود کان ٻاهر ڪجهه نه هجڻ جو احساس دنيا کي نفرت لائق بنائي ٿو. اهڙو ئي احساس هيو جنهن هن کان ڪتاب “اوڪارا” (Nausea) لکرايو. وجودي اديب پنهنجن ناولن ۾ پاڻ ڳولهيندي نظر اچن ٿا. ڪاميو جو “ڌاريو” (Outsider) اهڙن احساسن سان ڀريل آهي. ڪافڪا جو نروار (Metamosphosis) انساني وجود کي هڪ ڪيڙي جي تبديليءَ ۾ نروار ڪري ٿو، جيمس جوائس جو “يوليس” (Ulysses) به ڪاميو جي سسيفس جي ڏند ڪٿا (Myth of sisyphus) جيان ديو مالائي ڪردارن ذريعي انسان جي بي سبب ڀوڳنائن کي واضح ڪري ٿو، هڪ خوف ۾ ورتل انسان، ان جي اڪيلائي، زندگيءَ جو بي معنا ٿي پوڻ انفرادي وجود ۾ انسان آزادي ڳولهيندي پاڻ به قيد ٿي وڃي ٿو. سسيفس سزا طور هڪ وڏو پٿر جبل تي چاڙهي ۽ لاهي ٿو. وجود ڀوڳنا آهي. سزا کاڌل پروميٿيس جيڪو زنجيرن سان ٻڌل آهي. ڳجهون ان جو جيرو کائن ٿيون ۽ جيرو وري پيدا ٿي پوي ٿو، انسان مرضيءَ کانسواءِ دنيا ۾ آيو آهي ۽ بي سبب موت هٿان ماريو وڃي ٿو.
    فريد الدين نظرياتي طور ڪميونزم جو حامي رهيو آهي، جنهن ڪري اهو وجوديت سان انصاف ڪري نه سگهيو آهي، سندس بقول “هيءُ فلسفو وهمي ۽ غير عقلي تصورن کي جنم ڏئي ٿو، هيءُ فرد جي نجات جو رستو نه آهي پر ان رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو، هيءُ نظريو جاڳيرداري ۽ سرمائيداريءَ جي بچاءَ لاءِ هڪ موثر هٿيار آهي.”

    o



    (هيءُ مضمون تاريخ 4 جولاءِ 2015ع تي فريد الدين جي ڪتاب ”وجوديت، تعارف ۽ تنقيد“ تي هڪ مطالعاتي بيٺڪ ۾ پڙهيو ويو.)


    هر صنف جو شاعر (ادل سومري جي شاعريءَ جو تجزيو)

    هر صنف جو شاعر (ادل سومري جي شاعريءَ جو تجزيو)


    ڇا!
    اسان کي
    موهن جي دڙي ۾
    رهڻ جي اجازت
    ملي سگهندي؟

    ڪي وقت کان اڳ پيدا ٿيندا آهن، اسين وقت کان پوءِ پيدا ٿيا آهيون، جيڪي وقت کان اڳ پيدا ٿيندا آهن، انهن کي زمانو نه سڃاڻندو آهي ۽ جيڪي وقت کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن، اهي زماني کي نه سڃاڻيندا آهن.
    اسان جو زمانو گذري چڪو آهي، اسين اونچين عمارتن وچ ۾ کنڊرن جيان گهمي رهيا آهيون، کنڊرن مان لڌل سونهن جي ديويءَ جون ٻانهون ڪٽيل آهن، موهن جي دڙي جي نچڻي چيلهه تي هٿ ڏئي حيرت جي حالت ۾ بيٺل آهي، اسان جون اکيون جن کي صدين جو مشاهدو آهي. اکيون جيڪي پنڊ پهڻ ٿي چڪيون آهن، رت جا ڳوڙها پٿر ٿي چڪا آهن، خبر نه آهي سنڌ ڪڏهن روئندي جو درياهه ڀرجي ويندا ۽ اسين رت ۾ وهنجنداسين.
    ادل سومرو جنهن جي شاعريءَ جو مرڪز سنڌ آهي ۽ ان جا مارو آهن.
    ادل سومري کي ان وقت کان سڃاڻان جڏهن شاعر نه هيو پر لڳندو هيو ته شاعر آهي، منهنجي ننڍپڻ جو دوست جنهن سان سکر ۾ ڌرتتيءَ جو روڊن تي رليس، اسان ڪچهريءَ لاءِ سکر جي هوٽلن جون غير ضروري چانهيون پيتيون، سينيمائن ۾ منجهند جو شو ڏسڻ لاءِ مٿي تي ٽوال ڏئي ڪشالا ڪڍيا، پر حقيقت اها آهي ته انهن غير ضروري پيتل چانهن جو ذائقو ۽ مزو اڄ جي فائيوَ اسٽار هوٽلن کان وڌيڪ آهي، اهي ڪشالا، اهي رولاڪيون ڪڍندي دل ۾ جيڪا خوشي ۽ تجسس هوندو هيو، اهڙو اڄ نصيب نه آهي، مون وٽ اڄ به هزارين فرصتون آهن پر منهنجيون مصروفيتون اڪيلائين سان گفتگو ڪندي گذري وڃن ٿيون.
    ادل باڪمال شاعر آهي.

    گل ٽاريءَ مان ڇني، پوءِ آڱريون سوچڻ لڳيون،
    ساز جون تارون ڇهي، پوءِ آڱريون سوچڻ لڳيون.

    زندگي تو کانسواءِ ڀي مان گذاري ٿو سگهان،
    خط ۾ جملو لکي، پوءِ آڱريون سوچڻ لڳيون.

    سٺي شاعري اها آهي جيڪا توهان کي وڻي ۽ خودبخود “واهه” نڪري وڃي، شاعريءَ جو اهوئي ته ڪمال هوندو آهي، اها موسم جيان توهان جي طبيعت تي اثر ڪري، وايو منڊل کي بدلائي وجهي، سڪون تازگي يا اشتعال ۽ نفرت ڏياري وجهي، شاعري انقلاب نه آڻيندي آهي، انقلاب حالتون آڻينديون آهن، شاعري بدحال سماج ۾ بي حال محبوب جي عڪاس آهي.

    سار تنهنجي اچي، پوء ِ ٻڏي ٿي وڃي،
    دل ته منهنجي نچي، پوءِ ٻڏي ٿي وڃي.

    عشق جي انتها وجدان آهي، وجدان غيب جي ڪمري کي روشن ڪري ٿو، ادل جي انهن سٽن ۾ بي خودي سمايل آهي، هڪ اهڙي ڪيفيت جنهن ۾ ڪو ٻڏندو ۽ ترندو وڃي، تري ته موت ڏسي، ٻڏي ته زندگي حاصل ڪري.

    نظر واٽ ويندي، نظر ۾ ٻڏي وئي،
    ڪائي ناوَ ڄڻ ڪا، لهر ۾ ٻڏي وئي.

    انهيءَ کي ته ڪورڻ چاهيو سنگتراش،
    اها مورتي جا، پٿر ۾ ٻڏي وئي.

    هر شاعريءَ ۾ سريئلزم، اهڄاڻ يا تجريد خودبخود موجود هوندا آهن، شاعري ٿيندي ئي تڏهن آهي، جڏهن اهڙن لوازمات سان سينگاريل هجي، باقي اهڙيون خاصيتون ڪنهن حد تائين ۽ ڪهڙي طريقي ان ۾ شامل آهن، اها شاعر جي انفرادي سگهه آهي، هن جي ڏات آهي ته ان ڏانءَ کي ڪيئن آزمايو آهي، ادل ۾ اهي خوبيون عروج تي آهن، هو انهن جو سگهارو اظهار ڪري ٿو.

    بنا ڪنهن اعلان جي، اچيو اُجاڙين،
    مون کي لتاڙين، فوجون تنهنجي ياد جون.

    ادل جي انهن سٽن کي پڙهي منهنجي ذهن ۾ يادون مارشلا جيئن اچن ٿيون ۽ مان اها دُعا گهرندس ته “اي خدا يادن جي مارشلا کانسواءِ ڪنهن ٻيءَ مارشلا جو منهن نه ڏيکارجانءِ”
    ادل ڪمال ڪيو آهي، هن جي جمالياتي حِس محبوب کي گواهه بنائي ڊڪٽيٽرشپ کي نندي ٿي، شاعريءَ ۾ هر اظهار جو ذريعو سونهن هجڻ گهرجي، جنهن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي، ان حوالي سان ادل جو اهي سِٽون مثال آهن ته حالتن جو سونهن ۾ اظهار ڪيئن ڪجي.

    ٿڌي ڇانوَ نم جي، هو پنڇي هو پينگهو،
    اباڻو ڊٿل گهر، هو ڳالهيون پراڻيون.

    پڙهي مونکي پنهنجو گهر ياد اچي ويو، دل باغ باغ ٿي وئي، منهنجو گهر صفا اهڙو هيو “نم جو وڻ” جنهن جو ذڪر منهنجين اٺن ڪهاڻين ۾ آهي، ان ڊٿل گهر جي الميي ۾ صرف منهنجيون يادون دفن نه آهن پر اڪثر گهر اهڙا هوندا هيا، سکر جي وچ شهر ۾، ادل سومري جي گهر سامهون وڏي ميدان ۾ کجين جا وڻ جن کي پٿر هڻي کارڪون کائيندا هياسين.

    ڄڻ سڪل ڪنهن نان جان، مان تو سوا،
    رديءَ جي اخبار ۾ ويڙهيو پيو آن.

    ائين لڳي ٿو ڄڻ رديءَ جي ڪفن ۾ اٽي مان ڳوهيل انسان جو لاش ويڙهيل هجي، محبوب بنا مايوسيءَ جو اظهار جنهن ۾ هر شيءِ فنا جي درجي تي پهتل آهي، هڪ منفرد خيال ۽ ميرانجهڙي رنگ سان ڪچي ڀت تي ٺهيل اڻ مٽ چتر آهي.

    گهر خوشين جا ڪيترا ڪمزور هن،
    ٿوري ڏک تي ڏار ٿا پئجي وڃن.

    انديشا انهن جي حصي ۾ اچن ٿا، جن وٽ گهڻو ڪجهه هئڻ جو احساس آهي، نه هئڻ جو احساس اهڙي محرومي عطا ڪري ٿو، جنهن ۾ کسجڻ جو ڪو به امڪان نه آهي، ڏک سگهارا ۽ خوشيون ڪمزور آهن.

    ڪوئل پاڻ الائي ڪاڏي اڏري وئي،
    وڻ تي پوءِ به، هن جي ٻولي ڦتڪي ٿي.

    جيئن لکڻ جي ڏات هوندي آهي ائين پڻ پڙهڻ جي ڏات هوندي آهي، پڙهڻ گلن جي رس چوسڻ آهي، سڀ مکيون هڪجهڙيون نه هونديون آهن، ڪنهن چيو پئي ته “گونگو ڳڙ کائي ذائقي جو اظهار نه ڪندو آهي.” پر حقيقت اها آهي ته گونگو ڳڙ کائي نچندو آهي ۽ ان جو اهڙو اظهار زبان رکندڙ کان سگهارو آهي.
    موسم جو مزو پوپٽ کان پڇو، جيڪو چار ڏينهن بهار جا رهي دنيا مان موڪلائي ويندو آهي، ڪي ڏک ۾ خوشي محسوس ڪندا آهن، پر ڪن کي خوشيون غمگين ڪري وجهن ٿيون. ڪوئل جي اڏرڻ کان پوءِ وڻ تي ان جي “ڪوڪ” جو ڦتڪڻ ڪهڙو تاثر ڇڏي ٿو. اهو انفرادي Perception آهي.

    درد جون دل تي چٽيل ڳالهيون پڙهي،
    ڪير ڪڪرن تي لکيل ڳالهيون پڙهي،
    حالتن کان هو لنوائي گهر ۾ بس،
    ٿو ڪتاب ۽ ڇپيل ڳالهيون پڙهي.

    فرد جيڪو معاشري جي چوديواري ۾ رسن سان ٻڌل آهي ۽ رسا جيڪي هن جي رڳن سان جڙيل آهن، رسا جيڪي وجود جي پاڙن جيان زماني ۾ کُتل آهن، اهي وقت سان ڇڏن ٿا، فطرت جو اهڙو عمل خودبخود آهي، فرد جي چاهڻ يا نه چاهڻ کي ڪا اهميت نه آهي، اسين تخم جي حد تائين Precoded ۽ Preplanned آهيون، وقت جي ڪلهن تي ويٺل فرد يرغمال ٿيل آهي. جڏهن رسا ڇڏن ٿا ته هو اڪيلائين ۾ آزاد ٿي دنيا مان روانو ٿي وڃي ٿو، ادل اهڙي ڪيفيت کي چِٽيو آهي، جي ڪڏهن معاشي حالتون اجازت ڏين ته اڪيلائيءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ شراب کان وڏي عياشي آهي.

    اسان کان لنوائي هليو ٿو وڃي،
    هو رستو مٽائي هليو ٿو وڃي،
    نه ترسي ڳالهائي عجب دوست آ،
    رڳو هٿ ملائي هليو ٿو وڃي.

    ادل دوست جي بي رخيءَ کي سٺن لفظن ۾ چِٽيو آهي، شاعريءَ جي ارتقا سونهن جي ساراهه سان شروع ٿي هئي ۽ پڪ سان ان جي بي رخيءَ تي ختم ٿيڻي آهي، اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شاعري اها سگهه آهي، جيڪا ارتقا کان وڌيڪ اثرانداز ٿئي ٿي، شاعري پٿر دل محبوب کي پاڻي ڪري سگهي ٿي. دوست جي بي رُخيءَ کي نئون رُخ ڏئي سگهي ٿي.
    سُڏڪن سان سحري ڪئي، ڳوڙهن سان افطار،
    روئندا ڏسي ٻار، رمضان به روئي پيو.

    ادل جي ان بيت ۾ درد سمايل آهي، غلام فريد جو ڪلام آهي.

    ڏکان دي روٽي،
    سوران دا سالن،
    آهان دا ٻالڻ ٻال ني،
    آيل ڙي مين ڪنون آ کان،
    درد وڇوڙي دا حال ني.

    پر ادل جو بيت منفرد آهي، سڏڪن جي سحري ۽ ڳوڙهن جو افطار. بي وسي غربت ۽ ڏک جي اظهار جو نئون انداز آهي.
    ادل سومرو سنڌي شاعريءَ جو اهڙو نانءُ آهي، جنهن کي شاعريءَ جي ڪنهن به هڪ صنف سان وابستا نه ٿو ڪري سگهجي، هن کي سڀني صنفن تي عبور حاصل آهي، جيئن چيو ويو ته “ادل وائي ۽ بيت جو شاعر آهي.” مان ان راءِ سان متفق نه آهيان، هن وٽ غزل جو ڀرپور اظهار آهي ۽ هن آزاد نظم، نظم، نثري نظم ۽ نوَ لکا به تمام سٺا لکيا آهن، هن جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري سنڌي ٻوليءَ جو سرمايو آهي.
    سندس ٻوڏ تي لکيل ڪجهه بيت ملاحظا ڪريو.

    ٻڏي ويل وڻ تي، پکي ويٺا ها،
    انهن جا ٻچا، آکري ۾ ننڊ هيا.
    ***
    طبقاتي نظام جيان، درياهه جو دستور،
    ٻوڙي ٿو مزدور، ڳڙڪائي ٿو جهوپڙيون.
    ***
    پاڻيءَ ٻوڙي آ ڇڏي، پونجي ۽ ميڙي،
    اڪيلي ٻيڙي، ماڻهن کي ڳولهي پئي.

    سيلاب تي لکيل غزل جون دل ڇهندڙ سِٽون:

    ٻارڙيءَ جو پتو ناهي ته هوءَ ڪاڏي وئي،
    هيکلي ترندي رهي، هن جي گڏي سيلاب ۾.

    هن جي وائيءَ جو هڪ علامتي انداز:

    ٻار ٿا اوندهه ۾ روئن،
    درد ئي ٻاري ڇڏيون،
    زندگي گهاري ڇڏيون.
    جي تري ٻيڙي نه پنهنجي،
    لڙڪ ئي ٽاري ڇڏيون،
    زندگي گهاري ڇڏيون.

    هن جي نثراڻي نظم “اسان آسمان جو رنگ تبديل ڪرڻ ٿا چاهيون” جيڪو آمريڪا جي عراق تي حملي وقت 2003ع ۾ لکيو، مان ڪجهه سِٽون:

    کين دلاسو ڏيو ته،
    هڪ ڏينهن سڀني کي مرڻو آهي،
    پر اسين ڪوشش ڪنداسين ته،
    مرڻ وارن جو تعداد،
    روئڻ وارن کان وڌي نه وڃي.

    هن جو آزاد نظم “اکين ۾ رڃ جو رستو” بين الاقوامي آواز آهي:

    تون پڙهين ٿي شاعري جنهن شخص جي،
    تو اڳيان هوندي به هو ڪُڇندو ڪٿي،
    روپ بادل جو ڪيو محبوب آهي،
    دل پچي ٿي هو ڀلا وسندو ڪٿي.

    سندس غزل ۾ خاموشيءَ ڳالهائي ٿي، محبوب جي بادل جو روپ ٿڌو احساس پيدا ڪري ٿو.

    ڳاڙها ساوا نظريا، رکي پاسي تي،
    آءُ ته هڪ ٻئي کي، درد ٻڌايون ديس جا.

    هن جا بيت نوان خيال اڀارن ٿا، شاعر جو نظريو بي رنگ هوندو آهي، شاعر شفاف هوندو آهي، شفافيت هوا کي غيب جو درجو ڏئي ٿي ۽ بي رنگي پاڻيءَ کي الڳ ذائقو ڏئي ٿي، عظيم شاعرن ديس ۽ ان جي مارن کي اهميت ڏني آهي، ويريون پيدا نه ڪيون آهن، پر ديوارن کي ڊاٿو آهي.
    ادل ڪوڙي قومپرستيءَ کي پڻ ننديو آهي.

    قوم پرستيءَ جي ڪمبل ۾،
    لڪيل خنجر،
    دودي جي پٽ کي ئي،
    زخمي ڪري ٿو.

    ادل سومرو سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر آهي، ادل همدرد انسان ۽ سٺو دوست آهي، هن سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، حيدرآباد ۾ ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جو بنياد ادل سومري جي ڏينهن ۾ پيو، هو سٺو خطاط ۽ چترڪار آهي، شيخ اياز لاءِ ان جي آخري ڏينهن ۾ ڪيل خدمتون ڪنهن کان لڪيل ڪين آهن، هن وٽ عجز نيازي ۽ انڪساري آهي، هن جون هيٺيون سِٽون سندس عظمت جو مثال آهن.

    بس ائين لوڪ سان ڌڪجي وياسين،
    حال پنهنجو نئين صديءَ جهڙو نه هو،
    سومري جو مان ۽ نالو ته هو پر،
    پير ۾ تنهنجي جتيءَ جهڙو نه هو.

    o












    شيخ اياز جون ڪهاڻيون

    شيخ اياز جون ڪهاڻيون


    سڄي هٿ ۾ قلم جهلي شاعري ڪندڙ لاءِ نثر کٻي هٿ جو کيل آهي، محاورو “کٻي هٿ جو کيل” ظاهر ڪندو آهي ته جنهن جو کٻو هٿ ايڏو سگهارو هجي ته سڄو هٿ خبر نه آهي ڪهڙي عظمت کي ڇُهندو هوندو، سڄي ۽ کٻي هٿ مان منهنجي مراد ان نظريي طرف نه هئي، جيڪو مري چڪو آهي ۽ ان جا ٻئي هٿ ڪفن مان ٻاهر نڪتل هيا، منهنجو مطلب ته هڪ شاعر لاءِ نثر ائين آهي جيئن ٻار، جنهن کي سامهون ويهاري ڳالهائڻ سيکاري ٿو، لفظ سيکاري ٿو ۽ جملن ۾ لفظن جو استعمال ٻڌائي ٿو. شاعر جون ٽجوڙيون لفظن سان سٿيل هونديون آهن، ضرورت پوي ته لفظ شاعر کان اوڌارا وٺو. وياج “داد” تائين محدود آهي.
    شيخ اياز املتاس جو وڻ، سنجها ويل سوجهري ۽ اونداهه جي وچ تان وقت کي چيريندڙ ڪوئل جي ڪوڪ، رڻ ۾ پوريل نهٺا نيڻ جن جي ڳوڙهن جي لوڻاٺ کوهن کي کارو ڪري ٿي. اياز اسان جي وقت جو معجزو هيو ۽ اهو معجزو اکين سان ڏسڻ کانپوءِ يقين ٿئي ٿو ته مايوسين جي هيڊي وڻ تي اميدن جا ڳاڙها گُل ڦُٽن ٿا.
    هن جو نثر شاعريءَ جي وڻ مان ڇڻيل پاروٿا ڪيسوڦل آهن. چون ٿا صبر جو ڦل مٺو هوندو آهي ۽ مان چوان ٿو پاروٿو پڻ، ڇو جو پاروتي ڦل جي رس شراب ۾ تبديل ٿئي ٿي ۽ ڪيسوڦل واس ئي تڏهن ڏيندا آهن جڏهن پاروٿا ٿين.
    ڪڏهن مائي “رتن ماءُ” غريب آباد جي کوهي پڌر ۾ جتي ٽين جي چادر سان ڍڪيل کوهه هوندو هيو ۽ عورتون چرخي ۾ رسيءَ سان ٻڌل ڏول ڇڪي دلن ۾ پاڻي ڀرينديون هيون. تڏهن مان ڇهن سالن جو هيس. رتن ماءُ ان پڌر ۾ گلاب، سونف، ڪرن گل ۽ ڪيسوڦل سڪائي، ٻه وڏا ديڳڙا هڪ ٻئي مٿان رکي انهن جي ڪنارن سان مٽي لمبي اندر گل ٽهڪائي “چکائڻ” جي عمل سان ٽيپو ٽيپو نڙ مان وهندڙ عرق بوتلن ۾ گڏ ڪري وڪڻندي هئي. پاروٿا ڪيسوڦل جن جي عرق سان ڪورا ڪاغذ ڌوپجي لفظ نروار ڪن ٿا.
    اياز جو نثر پڙهجي ٿو ته خبر پوي ٿي اهو ڪنهن شاعر جو آهي. لفظ شاعر جون رڍون هوندا آهن ۽ هو ڌڻ کي لڪڻ سان نه پر قلم جي اشاري سان قابو ڪندو آهي. ڌڻ جو مالڪ ڌڻي آهي، جيئن وڻيس تيئن ڪري، ڪهل اچيس ته ڪهين، وڻيس ته وڍي. شاعر اڳيان لفظ مجبور آهن. لفظن جي هٿ ۾ ڪجهه نه آهي. لفظ بيوس ۽ لاچار آهن. وڻيس ته تجريدي بنائي بگاڙي وجهي. وڻيس ته حقيقت کي شوڪارو هڻي خواب بنائي وجهي. سرئلزم جي اڏرندڙ کٽولي تي ويهاري ان جا چار پاوا ڪڍي وجهي، انڌو بنائي ڪنهن جا دونگريءَ ۾ طلسم اندر ڀٽڪائي وجهي.
    اياز جو نثر ٽاڪ منجهند جو گهاٽي بڙ جهڙي شاعريءَ مان ڇڻندڙ اس جي تيز ترورن جيان موجودگيءَ جو احساس ڏياري ٿو. هن جي ڇانيل شاعري هر شيءِ تي غالب آهي، سندس ٻيون صنفون تخليق جي قافلي جا پويان ايندڙ اُٺ آهن، جن جا پاکڙا وزندار تخليقن جي بار کان ڪڏهن نه ٿا ٿڪجن.
    شيخ اياز جون ڪهاڻيون پڙهي لڳي ٿو هن ڪهاڻيڪار ٿيڻ چاهيو پئي. اهي مڪمل ڪهاڻيون آهن. اهي ڪهاڻيون فني ضرورتون پوريون ڪن ٿيون. پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ اهي ڪهاڻيون ان دور جي نامور ڪهاڻيڪارن جي فن سان سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿيون، پر شيخ اياز وٽ ڪهاڻيءَ جا پنهنجا معيار آهن. مون کي ياد پوي ٿو ته هن ڪنهن ڪچهريءَ يا ڪنهن انٽرويوءَ ۾ چيو هيو ته “سٺي اديب کي ڊرامائي انداز يا حد کان وڌيڪ جذباتي انداز کانسواءِ ائين لکڻ گهرجي جو معاشري جون ڪوتاهيون ۽ مسئلا اجاگر ٿي پون ۽ انهن مسئلن جو حل پڻ انهن ۾ سمايل هجي.” هن سنڌي ڪهاڻيڪارن کي گهٽ ساراهيو آهي ۽ هڪ ٻن وڏن ڪهاڻيڪارن لاءِ چيو آهي ته اهي ڪهاڻيڪارن جي قطار ۾ شامل نه آهن، اياز اسان وٽ قدآور تخليقڪار آهي، ان جي هر ڳالهه اهميت رکي ٿي.
    جڏهن اياز جي ڪهاڻين تي نظر وجهجي ته اهي ان دور جون آهن، جڏهن سنڌ ۾ افساني جي ابتدا ٿي رهي هئي. سوويت يونين ۽ ان جو نظريو دنيا جي درياهن ۾ داخل ٿي چڪو هيو، سوويت ادب عوامي روپ ڌاري خارجي مسئلن جي ڳالهه ڪري رهيو هيو. داخلي ادب ٻي جنگ عظيم ۾ تباهه ٿيل ملڪن جي هارايل ماڻهن جي شخصي ڀوڳنائن تائين محدود ٿي ويو هيو. انهن ڏينهن ۾ ادب جي ڪولڊ وار پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. Pessimism ۽ Optimism ترقي پسند ۽ رجعت پسنديءَ جهڙا محاورا عام ملن ٿا. اسان جو سنڌي ادب به اهڙي ئي ٻه واٽي تي هلي ٿو. ان وقت اياز ترقي پسند سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جو سرواڻ نظر اچي ٿو. هن جون ڪهاڻيون مروج حد بنديون ٽوڙي نئين جوش ۽ جذبي سان اڀرن ٿيون. جيئن ته اهو ڪهاڻيءَ جو ابتدائي دور هيو انڪري چئي نه ٿو سگهجي ته شيخ اياز يا ٻين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ادب جون جديد گهرجون پوريون ڪن ٿيون يا نه؟ پر ان دور جي لحاظ کان انهن ۾ نواڻ ۽ نئون گس سمايل آهي.
    اياز جي ڪهاڻين جي خوبي منظر، تشبيهون ۽ خوبصورت ٻولي آهي. هن تي ٻاهرين ڪهاڻيءَ جو اثر پڻ ڏسڻ اچي ٿو. سندس ڪجهه ڪهاڻيون ڇرڪائيندڙ ۽ تجسس سان ڀريل آهن. هن جون ڪهاڻيون Climax تي پهچي Anticlomax ٿي وڃن ٿيون. ان دور ۾ اوهينيري ۽ ارنسٽ هيمنگوي جون ڪهاڻيون پڻ ساڳي انداز ۾ لکيل آهن.
    شيخ اياز جي ڪهاڻين جو واحد مجموعو “پنهل کانپوءِ” ان ساڳي دور سان تعلق رکي ٿو، جڏهن سنڌي ڪهاڻي سرجي رهي هئي پر سنڌي ڪهاڻيءَ جي تجزيي وقت هن عظيم شاعر جي ڪهاڻين جو تذڪرو گهٽ ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته هن جون ڪهاڻيون جدت ۽ موضوع جي لحاظ کان وڏو درجو ماڻين ٿيون. سفيد وحشي، کلڻي ۽ ٻيون ڪهاڻيون پڙهي اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته سندس شاعريءَ جي انبارن هيٺان هن جون املهه ڪهاڻيون اوجهل آهن، شيخ اياز جي ڪهاڻين کي ڳولهڻو پوندو.
    سنڌ جي هن عظيم شاعر جي ڪوري ڪاغذ تي پاتل ٺلهي ليڪ به وڏي اهميت رکي ٿي.

    o










    ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي

    ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي


    جڏهن انسان شعور ۾ آيو هوندو ۽ پهرين دانهن ڪئي هوندي ته ان دانهن ڪهاڻيءَ جو روپ ڌاريو هوندو. ڌرتيءَ تي ظلم جي عمر سڀ کان وڏي آهي. پيار اهڙو معصوم ٻار آهي جيڪو ڪڏهن وڏو نه ٿيندو.
    لکين سال اڳ ڪنهن ڪهاڻي ٻڌائيندڙ ضرور ڪنهن ظلم جو انجام معجزي تي ڪيو هوندو، ديو مالائي ڏند ڪٿائون جن ۾ انسان ڀوڳنائن کان نجات ديوتائن ۾ ڳولهي ٿو. ازل کان انسان پاڻ وڻائڻ ۾ مصروف رهيو آهي، ان اندر معتبر ٿيڻ جي حسرت رهي آهي. اها ئي حسرت آهي جنهن تحت ان ڪهاڻيءَ کي دردناڪ روپ ڏئي ٻڌندڙ کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. جڏهن انسان درد جي احساس کي ويجهو ٿيندو آهي ته “واهه” ڪندو آهي ۽ اها “واهه” ڪهاڻي ٻڌائيندڙ جي ان حسرت جو پورائو ڪندي هوندي ته اهو ٻڌندڙ تي ڪيترو اثر انداز ٿيو آهي.
    هر ڳالهه ڪهاڻي ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن ٻڌائڻ واري وٽ ٻڌائڻ جو انداز آهي. ڪهاڻي ڳالهه جو فضيلت ڀريو نانءُ آهي. جڏهن ڳالهه يا ڪهاڻي نه هئي ته پڪ سان تڏهن ڌرتيءَ تي ظلم نه هيو. جڏهن ظلم نه هيو ته ڌرتي ٺهي نه هئي ۽ جڏهن ڌرتي ٺهي نه هئي ته ڪائنات پٿر جو بت هئي.
    وس پڄي ته ڪهاڻيءَ کي “ڳالهه” چوان، منهنجي ڳالهه جا ڪردار سياري جي رات ۾ سَوڙِيون پائي سمهيل ڀائر ۽ ڀينرون آهن، هٿ بتيءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ هڪ ماءُ بي اولاد بادشاهن جا قصا پنهنجي اولاد کي ٻڌائي ٿي، فقير جي ڏنل تير سان وڻ مان ڪريل ست انب، ست راڻيون کائن ٿيون. ستن شهزادن جا پريُن سان پيار جا قصا، پکي بنجي پڃري ۾ قيد ٿيڻ، ديو کي مامو ڪوٺي آزاد ٿيڻ، سامريءَ سان مقابلو ڪري فتحياب ٿي موٽڻ، وڇڙيل شهزادن جي غم ۾ نابين ٿي ويل بادشاهه جو پٽَ ڏسي نوبنو ٿيڻ.
    ماءُ جو ڳالهه ٻڌائيندي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڇڻيل چوني واري ڀت تي ٺهندڙ پاڇو. پاڇي جا ڳالهه جي هر موڙ تي حرڪت ڪندڙ هٿ، چرندڙ چپ ۽ چپن تي ٻارن لاءِ رقص ڪندڙ چميون. ڇڻيل چوني جي چاپڙن ۾ ٺهيل تجريدي عڪس، جڏهن ننڍو هيس ته ڀت جي ڇڻيل چوني جي سوين تصويرن ۾ ماءُ جي ٻڌايل ڳالهه جا ڪردار چرپر ڪندي نظر ايندا هيا.
    سنڌي تنقيد نگارن جا اڇا وار صرف اهو سوچيندي ٿي ويا ته ڪهاڻي ۽ افساني ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ادب جو ڏوهٽو ۽ پوٽو اڌ عمر ان ۾ گذارين ٿا ته ناني ۽ ڏاڏيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ننڍي هوندي سيپارو کڻي مسجد ويندو هيس ته مولوي منهنجي دوست غلام حسين جو ڏاڏو هيو، جڏهن مولوي پڙهائيندو هيو ته غلام حسين کيس ائين سڏيندو هيو جيئن “ڏاڏو” نه پر ان کي “پاڏو” چوندو هجي. مان هڪ ڏينهن غلام حسين کان پڇيو “ڏاڏي کي پاڏو ڇو ٿو چوين؟” ڳالهه تي کيس ڪاوڙ لڳي، جواب ڏنائين “پاڏو نه، ابا وڏو ٿو چوان. ڪن کولي ٻڌندو ڪر.” اسان کي ٻڌڻ جي عادت گهٽ آهي، مون تي غلام حسين جي وضاحت جو ايڏو ته اثر ٿيو جو حجائتن جي محفل ۾ جملو پورو نه ڪري سگهندو آهيان ڇو جو هرڪو ڳالهائڻ لاءِ بي قرار آهي.
    ڪهاڻي ۽ افساني جي فرق تي بحث ڪري وقت وڃائڻ کان چانهه پيئڻ بهتر آهي. پاڙي جي هڪ مائي سمجهندي هئي ته ٻه گهر ڇڏي ٽئين گهر ۾ رهندڙ مائيءَ کي ٻه پٽ آهن، جڏهن ته ان جي هڪ پٽ کي ٻه نالا هيا.
    حشرات (Species) کي ورهائي (Classify) ڪري سگهجي ٿو، سوچن کي نه! ڇو جو سوچن کي هيت (Form) نه آهي. سوچون لهرن جيان ڪڏهن هڪ ڪناري ته ڪڏهن ٻي ڪناري ٽڪرائجن ٿيون، ڪهاڻي شعور جو وهڪرو (Stream of consciousness) آهي. وهڪري کي ڪنهن به صورت ۾ ٻنجو ڏئي قابو ڪري نه ٿو سگهجي.
    طويل ڪهاڻي، مختصر ڪهاڻي، افسانو يا ٻيو ڪو ڪتب آندل لفظ، ساڳي ڳالهه آهن. اهميت زماني ۽ زمان کي آهي. ارتقائي لاهن چاڙهن کي آهي، طويل شيون وقت جي واءُ ۾ گسي مختصر ٿي چڪيون آهن. حياتي انڪري ٿوري محسوس ٿئي ٿي جو مصروفيتن وقت سوڙهو ڪري وڌو آهي. خوشنصيب هيا اڳ وارا انسان جيڪي وقت گذاريندا هيا، هاڻي وقت اسان کي گذاري رهيو آهي. اسڪول ۾ پڙهندو هيس ته لکيل هوندو هيو اولهه پاڪستان جي آبادي پنج ڪروڙ آهي، اها پنج ڪروڙ آبادي هزارين سالن کان پوءِ هئي، هاڻي ويهه ڪروڙ آهي، پندرهن ڪروڙ آبادي گذريل چاليهن سالن ۾ وڌي آهي، اهو سلسلو جاري رهيو ته ڌرتيءَ کان محروم ٿي انسان انسانن ۾ دفن ٿي ويندا.
    طويل ڪهاڻي وقت جي قلت ڪري ننڍي ٿي چڪي آهي، ڪائنات جي هر شئي ۾ برقرار رهڻ لاءِ سمائجي وڃڻ جي سڪت (Adaptive Capability) موجود آهي. شيون فنا نه ٿيون ٿين پر تبديل ٿين ٿيون. ڪهاڻي به ائين آهي، وقت جي ضرورت موجب اها ڦيرڦار فطري آهي. پڙهندڙن وٽ وقت نه آهي. ڪهاڻي روپ بدلائي اهڙي ٿي چڪي آهي، جيئن ٿوري وقت ۾ سمائجي پڙهندڙن لاءِ موجود رهي سگهي، مختصر ڪهاڻي (Short Story) ٿورن لفظن ۾ گهڻن لفظن جي تفصيلي وضاحت آهي.
    ڪهاڻي صرف ڪهاڻي آهي ٻيا ان جا روپ آهن. قسم اٺ جا هوندا آهن، چون ٿا ته اٺ جا ٻارنهن قسم آهن پر آهن سڀ اٺ، اکيون زبان کان سٺو ڳالهائي سگهن ٿيون، روح جي مرڪ ڳوڙها آهن. ڪهاڻي جادو آهي ۽ لفظ منتر.
    ڪهاڻي جا ڪجهه روپ هيٺ ڏجن ٿا.
    وضاحتي ڪهاڻي: سادن لفظن ۾ کولي بيان ڪيل ڪهاڻي، جنهن ۾ مسئلن جو ذڪر ۽ انهن جو حل موجود هجي. اها ڪهاڻيءَ جي قديم هيت (Form) آهي.
    مونولاگ ڪهاڻي: اڪيلي ڪردار جي ڪهاڻي جنهن ۾ پاڻ سان مخاطب ٿئي ٿو. فرض ڪيو ڪو ڪردار سگريٽ دکائي ڪش هڻي سوچي ۽ دونهون لفظن جو روپ ڌاري سندس وات مان نڪري.
    ڊائلاگ ڪهاڻي: جنهن ۾ ڪردار ڳالهائين ٿا ۽ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ ڪهاڻيءَ جو مقصد واضح ٿي وڃي ٿو. سنڌ ۾ ڪهاڻيءَ جو اهو روپ گهڻو مقبول رهيو آهي.
    علامتي ڪهاڻي: چون ٿا ته ادب ۾ علامتي انداز انڪري آيو جو ڊڪٽيٽرشپ سڌي تنقيد برداشت نه ڪندي آهي. انڪري علامتي انداز اختيار ڪيو ويو. ان راءِ سان ڪيترا دانشور متفق نه آهن. استحصالي قوتون ايڏيون ته ذهين هونديون آهن جو چڱن کي چور چئي ڦاهيءَ چاڙهي ڪافر قرار ڏئي قل به نه بخشرائينديون آهن. اهڙين لوهه جي مڄالي وارين ٿنڪ ٽينڪس جي اڳيان علامتي انداز اختيار ڪري بچڻ ائين آهي جيئن ڪبوتر رنگ ۾ ڪري ڪانءُ ٿي پوي.
    دراصل علامتون انڪري وجود ۾ آيون جو عمر سان گڏ انسان اڳيان موجود هر شيءِ معنا وڃائي ويهي ٿي. ساڳيا گل، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ تي وسندڙ شيون متاثر ڪندڙ نه ٿا رهن. جستجو سدائين نواڻ ڳولهي ٿي. تشبيهون وڻن ٿيون، نوان خيال وڻن ٿا ۽ علامتن ۾ نئون رنگ ڏسجي ٿو، ائين اندرُ نون نظارن ۽ سوچن سان واقف ٿئي ٿو.
    تجريدي ڪهاڻي: علامت ۽ تجريد ۾ اهو فرق آهي ته علامت اڻ سڌيءَ طرح ڪنهن به نظاري Image يا سوچ جو نئون عڪس اڀاري ٿي. جڏهن ته تجريد (Abstract) بگڙيل (Distorted) نظاري Image يا منجهيل سوچ جي عڪس يا معنا جو اندازو پاڻ لڳائي ٿي. ڪيوبزم Cubisim بلاڪ ورڪ تجريدون آهن جن ۾ پڙهندڙ يا ڏسندڙ Puzzle بلاڪ پاڻ ۾ ملائي صلاحيت ۽ سمجهه موجب عڪس ذهن ۾ آڻي ٿو. تجريدي ڪهاڻيون گهڻ معنائون هونديون آهن جو انهن جو تَتُ (Conclusion) فيصلاتي (Decisive) نه هوندو آهي، پر پڙهندڙ تي ڇڏيل هوندو آهي ته اهو ان جي معنا يا مفهوم پنهنجي سمجهه مطابق ڪيئن ٿو ڪڍي.
    ڇرڪائيندڙ ڪهاڻيون: Anticlimax ڪهاڻيون هونديون آهن، اهڙيون ڪهاڻيون فن جو جادو آهن، اهو ائين آهي ڪو کيسي مان رومال ڪڍي نڪ صاف ڪري ۽ سندس نڪ مهٽجي غائب ٿي وڃي. اوهينري، موپاسان ۽ ڪجهه ٻين اديبن اهڙيون ڪهاڻيون لکيون آهن، انهن ڪهاڻين جو انت ڇرڪائيندڙ آهي.
    ياداشتي (Nostalgic) ڪهاڻيون: ڪهاڻيءَ جو سڀ کان خوبصورت روپ آهي. يادن ۾ موجود طلسماتي ڪردارن کي سحرانگيز بنائڻ هر ليکڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي. ڏکڻ آمريڪا جو ويهين صديءَ ۾ تخليق ٿيل ادب گهڻو ڪري ياداشتي (Nostalgic) آهي. گارشيا مارڪيز اهڙي فن ۾ ڪمال ڪيو آهي.
    احساساتي ڪهاڻيون: جن ۾ انسان جي اندروني جذبات جو اوچتو اظهار ٿئي، ڏک سک نفرت پيار همدردي افسوس ۽ بيوفائيءَ جو ارمان، بي قرار سوچون، مايوسيون، اميدون، پاڻ کي پنهنجا دلاسا، قرب اقرار جون حسرتون، سگهاري قلم کان سرجي وڃن ته اهي احساساتي ڪهاڻين جو روپ ڌاري وٺن ٿيون، چيخوف وٽ اهڙا اظهار آهن. ايلس منرو جون ڪهاڻيون پڻ اهڙن احساسن جو اظهار ڪن ٿيون.
    فنٽسي ڪهاڻيون: جن ۾ حقيقي دنيا کان هٽي فوق الفطرت (Supernatural) ڪردار ترتيب ڏئي خيالي دنيائن جو ذڪر ڪيو وڃي. اهڙيون ڪهاڻيون تخليقي ادب جو حصو آهن جيڪڏهن انهن ۾ اهي خصلتون موجود آهن جيڪي ادبي گهرجائن کي پورو ڪن ٿيون نه ته ٻي صورت ۾ اهي تفريحي ادب جو حصو بنجي وڃن ٿيون.
    سرئلزم (Surrealism) ادب ۾ Extra Perceptional احساس آهي. جاڳ ۾ خواب ڏيکارڻ سرئلزم آهي. سرئلزم ڪو ڪهاڻي يا ناول جو روپ نه آهي پر لکڻين ۾ سمايل خوابناڪ ڪيفيت آهي. اهڙي ننڊاکڙائپ (Hypnotism) جنهن جي پڙهڻ سان ماڻهو Mesmerize ٿي پوي. اها ادب جي جوان جسم مان اٿندڙ جنسي بوءِ آهي جيڪا تجسس جي باهه ڀڙڪائي ٿي. اهو صدين کان ادب اندر سمايل اهڙو احساس آهي جنهن کي نئون نانءُ ڏنو ويو آهي.
    تخليقي ڪهاڻي يا ادب دنيا جي مخصوص حلقن تائين محدود ٿي چڪو آهي. تجارتي لحاظ کان تفريحي ادب دنيا جو ڪامياب ادب آهي.
    سنڌي ڪهاڻي ڪٿي هئي! ڪٿي پهتي آهي؟ اهو فيصلو نقادن کي ڪرڻو آهي، ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪهاڻي لکجي رهي آهي ڇو ته پڙهندڙ موجود آهن.

    o



    هڪ شاگرد، هڪ فقير

    هڪ شاگرد، هڪ فقير

    والد صاحب ويهه جون 2013ع خميس ڏينهن وفات ڪري ويو، تڏي تي جن شخصيتن تعزيت ڪئي انهن ۾ فقير امان الله ماڪو به شامل هيو، وڏي عرصي کان پوءِ فقير امان الله سان ملاقات ٿي، سندس ذات ۾ ساڳي نيازمندي، نوڙت ۽ همدردي شامل هئي جيڪا کين ننڍپڻ کان ورثي ۾ ملي، هن تڏي تي ڏک ونڊيندي بابا کي اهڙو ته ياد ڪيو جو مان ماضيءَ جي ڌنڌ جو پردو هٽائي ان ڳوٺ ۾ هليو ويس جتي بابا ڪيترا سال هڪ استاد جي حيثيت ۾ گذاريا.
    منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته هڪ پرائمري استاد جو پٽ آهيان، بابي مون کي لکڻ لائق بنايو، هو هڪ عظيم استاد هيو، ننڍپڻ ۾ ميٽ ميساريل ڦٽيءَ تي منهنجو هٿ، هٿ ۾ وٺي مس ۾ ڪلڪ ٻوڙي لکڻ سيکاريندو هيو. اڄ به محسوس ڪندو آهيان، لکڻ وقت منهنجو هٿ بابي جي هٿ ۾ جهليل آهي.
    مان ٽن/چئن سالن جو هيس. اڃان ڪنهن اسڪول ۾ داخلا نه ورتي هيم. بابو صبح سان سائيڪل تي ويهاري ڳوٺ لائق ماڪا وٺي ويندو هيو. ڳوٺ لائق ماڪا سکر شهر جي شڪارپور ريلوي ڦاٽڪ کان هڪ ڪلوميٽر پري اوڀر طرف آهي. اهو ننڍڙو ڳوٺ جيڪو تازي پاڻيءَ جي ڪنبن سان ويڙهيل هوندو هيو ۽ هر طرف ناڙي جي ول جي جهنگلي گلن جي خوشبوءِ ڦهليل هوندي هئي، ساڳيو نه رهيو آهي، سکر شهر اڳتي وڌي هڪ ازدها جيان ان کي ڳڙڪائي ويو. ان ڳوٺ جو حسن مون ننڍپڻ ۾ ڏٺو. وڻن تي ڏار ٽڪيندڙ ڪاٺ ڪٺا ايڏا ته وڻندا هيا جو هڪ استاد جي لاڏلي پٽ جي حيثيت ۾ شاگردن کي چوندو هيس ته “اهي مونکي پڪڙي ڏيو.”
    فقير امان الله ماڪو ان وقت بابا جي پيارن شاگردن مان هڪ هيو. اهو منهنجي دل رکڻ لاءِ ڪنهن پٽ تي ويٺل ڪاٺ ڪٺي پويان ڊوڙندو هيو، ڪٺ ڪٺو ڀڙڪو کائي اڏامي ويندو هيو. هو مرڪي چوندو هو. “اڏامي ويو، ٻئي دفعي پڪڙينداسين.”
    مون ان ڳوٺ ۾ کٻڙن مٿان پيرن تي اڏامندڙ اهڙيون رنگين ڀنڀوريون ڏٺيون جيڪي وري ڪٿي نظر نه آيون، کجيءَ جا وڻ ۽ انهن تي ويٺل وَهيا. انبن جا وڻ، انهن جو ڇڻندڙ ٻور ۽ لڪي ٻوليندڙ ساوا طوطا. ڪڻڪ جا فصل ۽ اهي آڀون، جن کي ترين سان مهٽي ڪچڙا داڻا ڪڍي فقير امان الله ماڪي مون کي کارايا. اڄ به منهنجي اندر جي سانت ان ڳوٺ جي سانت جهڙي آهي. ان سانت ۾ ڳيرن جا آواز گونجن ٿا. کٻڙن ۾ لڙڪندڙ ڳاڙها پيرون اکيون کڻي مون ڏي ڏسن ٿا.
    فقير امان الله ماڪو تڏهن نون/ڏهن سالن جو هيو. ڦڙت ذهين ۽ بي باڪ، پنهنجي عمر کان وڏو، هو مون کي پري بيهاري پٿر کڻي اسڪول جي پوئين پاسي واهيءَ وٽ بيٺل انب جي وڻ کي وهائي ڪڍندو هيو، هڪ پٿر سان چار ساوا انب ڪرندا هيا. منهنجي جهول ڀرجي ويندي هئي.
    ڳوٺ لائق ماڪا جو نالو شايد انڪري پيو جو اتان جا رهواسي واقعي لائق پئي رهندا آيا آهن. اهي خوبين سان نوازيل آهن. انهن ۾ موروثي خداداد صلاحيتون موجود آهن. انهن جي اڪثريت کي بابي جي شاگرديءَ جو شرف حاصل آهي. بقول فقير امان الله ماڪي جي ته “ننڍپڻ ۾ بابي انهن جي ڪجهه اهڙي ترتيب ڪئي جو کين اڳتي وڌڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿي.”
    هڪ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ بابا جون خدمتون پندرهن سالن تائين محدود آهن، سندن نظر ويهجي وئي ۽ وقت کان اڳ ريٽائرڊ ٿيڻو پيو، بابو پنهنجي پيارن شاگردن کي سدائين ياد ڪندو هيو. فقير امان الله سان کين خاص رغبت هئي، منهنجي ننڍي ڀاءُ امان الله جو نالو بابي فقير جي نالي پويان رکيو.
    مون کي فقير جي وڏڙن کي ڏسڻ جو شرف پڻ حاصل ٿيو، سندن والد نواب ماڪو (جنهن جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي، سندن شخصيت تي محمد قاسم ماڪا جو مضمون شايع ٿيل آهي) ۽ والده ماجدا، جيڪا جڏهن ويڙهي ۾ ويندو هيس ته پيار سان پيش ايندي هئي ۽ کيسي مان خرچي ڪڍي ڏيندي هئي.
    اهو سڀ ياد ڪري روح جي گهرائين تائين تازگي محسوس ڪري رهيو آهيان. ان ڳوٺ جي هوائن جي خوشبوءِ ۾ ويڙهجي ويو آهيان. اهو امن ۽ سڪون جو دور هيو، مان ڪڏهن اسڪول مان نڪري ڀرسان ڪچسري جاءِ ۾ هڪ بزرگ محمد بچل ماڪي وٽ ويندو هيس. ان بزرگ کي سدائين ڪلف لڳل ڪاٽن جا اڇا ڪپڙا پاتل هوندا هيا، سندن اڳيان ڪُپڙيءَ ۾ زعفراني مس پيل هوندي هئي، جنهن مان ڪلڪ ٻوڙي هيڊن اکرن ۾ تعويذ لکندا هيا، ان وٽ رش لڳل هوندي هئي، مون کين ڪڏهن فارغ نه ڏٺو، تعويذ عيوض جيڪي ملندو هيو ڳڻڻ بنا وڇايل چادر هيٺ رکي ڇڏيندا هيا. اهو بزرگ صاف سٿرو هوندو هيو، جنهن کي مٿي تي اڇا چمڪندڙ وار هيا. منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻئي شخصيت، محمد پناهه نوناري اچي رهيو آهي، جيڪو اسڪول ٻاهران شئي وڪڻندو هيو ۽ ان کان لائي وٺي کائيندو هيس اهو پڻ مهربان شخص هيو.
    ننڍپڻ ۾ فقير امان الله ماڪي سان گهاريل گهڙيون ذهن تي اڃان اڪريل آهن. اها سندن عجز ۽ نياز جي انتها آهي جو وقت کين فقيريءَ جو اوج عطا ڪيو، سندن وڏي ڀاءُ ممتاز علي ماڪي، ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر اسماعيل ماڪي ۽ ڀائٽي ڊاڪٽر عثمان ماڪي سان ساڳي نيازمندي آهي.
    فقير امان الله ماڪو الفرقان ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ ميوزم جو باني آهي، ميوزم ڏسڻ وٽان آهي جنهن مان سندن جاکوڙ جي خبر پوي ٿي، پاڻ وڏي جدوجهد کانپوءِ جيڪي ديني نوادرات ڪٺا ڪيا آهن انهن عيوض خدا کين ضرور اجورو عطا ڪندو.
    o


    وطن، پرين ۽ موت

    وطن، پرين ۽ موت

    نيٺ هو موت کي برداشت ڪري ويو، مان ان ڳالهه جي وضاحت ڪئين ٿو ڪري سگهان ته هن ان کي ڪيئن محسوس ڪيو. هُو جيڪو وقت جو سڀ کان حساس شخص هيو، انسان جيڪو زندگيءَ جي ڏور ۾ ويڙهيل آهي ۽ ڏور جنهن کي موت پويان بيهي آهستي آهستي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. معرفت جيڪا عظيم مفڪرن کي جستجوءَ سان عطا ٿئي ٿي، هو هر غيب کي ڏسي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو، هن کي خبر پوي ٿي ته هاڻي فاصلو ڪيترو بچيو آهي. هن جون آڱريون پنهنجي زندگيءَ جي گرفت مان ڍليون ٿي الڳ ٿين ٿيون ۽ زندگي جيڪا اڃان به هٿن جي اشاري سان اداسي ۽ پيار مان هن کي سڏي ٿي، زندگي جنهن جي ٻانهن تي موڪلائيندڙ جي هٿن جي ڍلي ٿيندڙ گرفت ۽ ننهن جا نشان رهجي وڃن ٿا، ان تي ڪجهه رهڙون آهن ۽ گلابي لڪيرون آهن. زندگي جيڪا دنيا آهي، تون آهين، مان آهيان، ڏک ۽ ڪرب ۾ رڙندڙ هن جا محبوب دوست ۽ عزيز آهن، شرمسار تنقيدنگار آهن، دشمن آهن، ناسمجهه ۽ ناسهو هن جا ڪجهه ويجها ڪردار آهن، هو سڀ عجب ۽ حسرت مان ڏسن ٿا، هڪ روشني جيڪا ٻڌل ڌاڳي ۾ سفر ڪندي مون تائين پهچي موت کي روشن ڪري ٿي، موت ۾ سمائجي ان جي جسم ۽ رڳن ۾ زندگيءَ جيان گردش ڪري ٿي. موت جيڪو خوش نصيب آهي، موت جيڪو مقدس آهي، امر آهي.
    اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو مون هن کي ڏٺو ۽ هن سان ڳالهايو. آئون وقت جو ٿورائتو آهيان جنهن مونکي اهو دور فراهم ڪيو جنهن ۾ هو موجود هيو، دنيا جي ڪنهن به شيءِ کي فنا نه آهي. سڏڪن کي بقا آهي ۽ ٽهڪ سدائين فضا ۾ گونجندا رهندا. آواز جيڪي زبان جي لرزش سان پيدا ٿين ٿا سي دنيا جي در ۽ ديوار ۾ ان جي انت تائين سمايل ۽ لڪيل رهندا. دنيا ڪنهن ڪيسٽ جيان گولائيءَ ۾ ڦري ٿي. اهڙو وقت اچڻو آهي جو ان کي Rewind ڪري ماضيءَ کي ٻڌي سگهبو. جاندار ۽ بي جان جو ويڇو ختم ٿيڻ وارو آهي. خود موت هڪ جاندار شيءِ آهي. ڪائنات جي ڪا به شيءِ زندگيءَ کان خالي نه آهي. ساڪت شيءِ، چُرندڙ شيءِ، نظر ايندڙ شيءِ، نظر نه ايندڙ شيءِ، ٻرندڙ شيءِ، جيئاريندڙ شيءِ، ماريندڙ شيءِ، کائيندڙ شيءِ، کائجي ويندڙ شيءِ، هر شيءِ کي امرتا آهي. هڪ زندگي ٻئيءَ زندگيءَ ۾ منتقل ٿئي ٿي. زندگي جيڪا انت تي پهچي ٻئيءَ زندگيءَ جي ننڍن ذرن ۾ ورهائجي ٿي. زندگيءَ جي ابتدا هڪ حيرت انگيز ڪيميائي ترتيب جو تسلسل، زندگيءَ جي انتها ان ڪيميائي تسلسل جي نئين سر تشڪيل، هڪ نئين جوڙ جڪ، هڪ نئون آغاز، هڪ نئون سلسلو، هڪ نئون سفر، منتقليءَ مان منتقلي ۽ لامحدود رواني، بي انت سلسلو، بقا ۽ صرف بقا.
    اي قديم ڪراڙ تنهنجي ڪنڌيءَ تي ڪڏهن ڪارا گلاب ڦٽن ته تون گواهي ڏجانءِ ته هو جيئرو آهي ۽ نروار ٿيو آهي. هن جي اکين ۾ ڦاٿل ڳوڙهن جو لوڻ زمين جي سطح تي اڀري اچي ۽ جڏهن مينهن جي پاڻيءَ ۾ وهي اڳتي وڌي ته اي ڌرتي تون ان جي ذائقي کي محسوس ڪجانءِ ۽ هن جي جسم جي آلاڻ جڏهن ڪنهن ڪڪر مان هيٺ وسي ته اي سمنڊ تون گواهي ڏجانءِ ته هو مون ۾ موجود آهي. اياز اسان جي ٻنين تي وسندو، هو اسان جي رزق ۾ موجود هوندو ۽ ائين هو اسان جي رت ۾ گردش ڪندو.
    اياز جنهن کي پڙهي مان شاعر ٿي پيس، اياز جيڪو ڏات ورهائيندڙ آهي. هو جنهن کي ڌڻيءَ ڏات جا انبار ڏنا. هو سخي مرد جنهن آڏو جنهن به جهول جهلي ته هن کي ان مايوس نه ڪيو. اڄ جڏهن هو پنهنجي لازوال تخليقي انبارن سان اوجهل آهي ته اسان جا ذهن ان خالي آکري جيان آهن جنهن جا پکي هڪ خوفناڪ ٺڪاءَ تي اڏامي وري نه اچڻ جو چئي ويا آهن. پر مان جڏهن تنهنجي چهري جي مرڪ ياد ڪيان ٿو ته لکڻ شروع ڪيان ٿو. تنهنجي چهري جي مرڪ جيڪا تنهنجيءَ جدائيءَ جي نفي ڪري ٿي. من کي اعتبار ئي نه ٿو اچي ته تون موڪلائي ويو آهين. تون ته منهنجي سامهون موجود آهين، اهو ئي صحتمند، ڀريل جسم وارو پنهنجي ڪئنس روڊ واري آفيس ۾ ڪم ڪندڙ اياز. منهنجو ادبي استاد رشيد ڀٽي مونکي تنهنجو نياپو ڏيندي نظر اچي ٿو. “رسول ميمڻ اياز تنهنجي شاعريءَ جو مجموعو پڙهيو آهي، چيو اٿائين ته مون سان ضرور ملي.” هو مونکي چوي ٿو، مون ۾ ايتري جريت نه آهي جو تنهنجي سامهون اچان، هڪ رعب آهي، هڪ شخصيت ۽ فن آهي، جيڪي مون تي حاوي آهن. مان “ها” چئي لنوايان ٿو. ڀٽي صاحب وري ياد ڏياري ٿو ۽ وري ياد ڏياري ٿو. آخرڪار هڪ ٽيويهن سالن جو نوجوان شاگرد هيسيل حالت ۾ هڪ آفيس جو دروازو ٽپي اندر داخل ٿئي ٿو. هڪ نوجوان وڪيل هن کي وٺي هڪ ٻئي ڪمري ۾ جنهن ۾ هيڊي روشنيءَ وارو بلب ٻري رهيو آهي، هڪ زرد ۽ سرمئي ماحول آهي، ٻه چار پٽڪن وارا ماڻهو آهن ۽ هڪ وڏي ميز جي پاسي واري ڪرسيءَ تي هڪ سٻاجهڙو شخص ويٺو آهي. جيڪو ڪمري ۾ داخل ٿيڻ سان ٿڌيون نظرون کڻي نهاري ٿو. نوجوان اڳتي وڌي ادب مان جهڪي هن سان هٿ ملائي ٿو ۽ تعارف ڪرائي ٿو. “سائين مان رسول ميمڻ” اياز جي چهري تي مرڪ اچي ٿي. “ويهه” هو چئي ٿو. هو سامهون هڪ ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ۽ اياز ان سان ڳالهائي ٿو.
    مون کي ارڙنهن اڻويهه سال پهرين ڪيل ان ملاقات ۾ ايترو ياد آهي ته اياز جي اکين ۾ اهڙو پيار هيو جيڪو اولاد لاءِ هوندو آهي، مونکي هن جون شفقت سان ڀريل اکيون ياد آهن، مان هن جي مرڪ کي ڪڏهن وساري نه ٿو سگهان. هڪ اهڙي مرڪ جنهن ۾ حياتيءَ جو پيغام آهي. هڪ اهڙي مرڪ جنهن کي ياد ڪري دل اعتبار ئي نه ٿي ڪري ته هو دنيا کان موڪلائي ويو آهي.
    هُو جيڪو اڄ به هڪ پاڇي جيان مهراڻ مرڪز جي ڪنهن بوڪ اسٽال تي بيهي ڪتابن کي جاچيندو نظر اچي ٿو. هو جيڪو اوچتو بغير ڪنهن اطلاع جي رشيد ڀٽيءَ جي جاڳيراڻي پاڙي واري اوطاق ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ هلندڙ ڪارروائي دوران اچي هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهي ٿو. هو جيڪو رشيد ڀٽيءَ جي اوچتي وفات تي تعزيتي ميڙ ۾ اسٽيج تي بيهي بي اختيار ڍاڍيون ڪري روئي ڳوڙها اگهندي نظر اچي ٿو. هُو جيڪو ادل سومري ۽ مون سان پراڻي سکر واري گهر ۾ ڪميونزم جي زوال ۽ گوربا چوف تي ڳالهائيندي نظر اچي ٿو، هو جيڪو اندر گهر ۾ وڃي پنهنجو نوٽ بوڪ کڻي اچي ٿو ۽ اسان کي پنهنجي تازي لکيل شاعري ان مان پڙهي ٻڌائي ٿو. هو جيڪو پنهنجو نئون ڇپيل ڪتاب هٿ سان لکي اسان کي سوکڙي ڏئي ٿو. هو جيڪو ڪيترائي دفعا اسان نوجوانن جي سامهون واريءَ ڪرسيءَ تي ويهي ادب ۽ شاعريءَ تي ڳالهائي ٿو. ڪيتريون ئي محفلون، ڪيتريون ئي قربتون، مون کي اهي سڀ ياد آهن. هو ڳالهيندو هيو ته دل چوندي هئي ته هو ڳالهائيندو رهي. اسان جي ٽهيءَ جنهن هن کي پڙهيو ۽ ٻڌو. هن جي عزت ڪئي، هن کي مان ڏنو، جنهن ڪڏهن به گستاخي يا ذاتي حملي جو تصور به ذهن ۾ نه آندو.
    ڪنهن به عظيم انسان جي آتم ڪٿا ايستائين اڻپوري آهي، جيستائين ان ۾ پنهنجن جون مخالفتون، اذيتون ۽ دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون شامل نه آهن. اها ڪسر ڪن شخصن کي پوري ڪرڻي هئي ڇو جو اياز جي آتم ڪٿا کي به ڀرپور نموني پورو ٿيڻو هيو. اياز جي عظمت اها هئي جو هو پنهنجي ڪنهن به مخالف کي جواب نه ڏيندو هيو. انسان آزاد پيدا ٿيو آهي، جنهن ڪري هن جي سوچ به آزاد آهي. ان کي ڪنهن مخصوص پيماني تي ماپي ڪو معيار مقرر نه ٿو ڪري سگهجي. حقيقت اها آهي ته تخليق پروان ئي اتان ٿي چڙهي جڏهن سرعام ان جي مخالفت ٿي ٿئي. ها ۾ ها ملائڻ يا پاڻ وڻائڻ مصلحت پسنديءَ جو اهڙو رستو آهي، جتي فڪري ارتقا کي مات ملي ٿي ۽ سرجڻ جو عمل متاثر ٿئي ٿو. اياز ڀڙڪو ڏئي اُڏاميو. هن جي پرواز نرالي هئي. هو آزاد فضا جو پنڇي هيو. هن مخصوص نظريي تي هلي زندگيءَ کي زنگ نه ڏنو، پر هن پنهنجون راهون ۽ نظريا متعارف ڪرايا ۽ ائين هو تنقيدن جي زد ۾ اچي ويو. ماڻهن هن لاءِ اهڙا رايا ڏنا جيڪي پڙهي دل تي گهاءُ لڳي ٿو. انهن دانشور سڏائيندڙن تي رحم اچي ٿو جن ذاتي حملا ڪري اياز جي شفقت کي پڙهندڙن کان الڳ ڪرڻ چاهيو، پر لاشعوري طور هو اياز کي اڃان به وڌيڪ جاندار ۽ امر بڻائي ويا. ڇو جو ڪنهن به مها ڪويءَ جي حياتي، ڏکن ڏولاون، ذاتي حملن ۽ غير ضروري تنقيد کان سواءِ اڌوري نظر اچي ٿي. اهي سڀ ڳالهيون اياز جي حياتيءَ ۾ ٿيڻيون هيون ۽ ٿيون.
    اڄ کان ويهه سال کن پهرين جي ڳالهه آهي، مرحوم قربان بگٽي جو پنهنجي وقت جو پڙهيل لکيل ۽ وڏي مطالعي وارو ماڻهو هيو ان اياز ۽ بين ترقي پسندن تي دل کولي تنقيد ڪئي. مون کي ياد آهي اياز جي شاعريءَ جي مجموعي کان ٿلها هن جا تنقيدي ڪتاب هوندا هيا. ان شخص جو جڏهن ڪو به تنقيدي ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندو هيو ته هو هميشه اتاولو ڪنهن هوٽل يا مانڊڻيءَ تي ويٺل نظر ايندو هيو. جڏهن اسان دوست لاڙڪاڻي جي ڪنهن به روڊ کان ڳالهائيندا ويندا هياسين ته قربان بگٽي اٿي اسان پويان چپ ڪري آهستي هلندو هيو ۽ ڪِنائيندو هيو ته اهي ڇا تي بحث ڪري رهيا آهن. ڇا انهن جي بحث جو موضوع منهنجو ڪتاب آهي؟ منهنجي تنقيد آهي؟ ۽ ائين هو پويان هلندو ايندو هيو ۽ جڏهن اسان پوئتي ڏسندا هياسون ته وڏي قرب ۽ پاٻوهه مان ڀاڪر پائي ملندو هيو. پنهنجي ڪتاب لاءِ پڇندو هيو “ڇا توهان اهو پڙهيو آهي؟”
    “ڇا اهو شيخ اياز پڙهيو هوندو؟”
    “شيخ اياز ان تنقيد جو جواب ڇو نه ٿو ڏئي؟”
    هو مسلسل ڳالهيندو هيو.
    “توهان ان لڏي جا ماڻهو آهيو، انهن کي چئو ته ڪجهه ته منهنجي ڪتاب جي جواب ۾ لکن!”
    نه اياز نه ئي اياز جي ڪنهن دوست ڪڏهن ان تنقيد جو جواب ڏنو، مون کي ياد آهي قربان بگٽيءَ جهڙو ماڻهو مون کي هٿ مليندي نظر آيو ۽ پوءِ هن تنقيد ڪرڻ ڇڏي ڏني.
    جيستائين اياز جي فن جو تعلق آهي ان سان وقت انصاف ڪندو. اسين جيڪي دنيا جي ڏتڙيل ملڪ جا علائقائي اديب آهيون، اسين جيڪي خوف ۽ دهشت ۾ ويڙهيا هڪ ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجا ڏک سور لکي هڪ ٻئي کي ٻڌائي رهيا آهيون. اسين جيڪي ان ٻوليءَ جا ليکڪ آهيون جنهن جي زبان اڃان سائنسي فقرن کي پاڻ ۾ سمائڻ جي سگهه نه ساري سگهي آهي. جتان جي آدمشماري اڃان به اڻ پڙهيل ۽ جهالت جي انڌيرن ۾ ڀٽڪي رهي آهي. جتي ڪاپي ڪلچر جي سرڪاري طرح حوصلا افزائي ڪئي وڃي ٿي، اسين جيڪي تيزيءَ سان پوئتي ڌڪجي رهيا آهيون، اڳتي وڌندڙ دنيا ۽ اسان ۾ وڇوٽي پنهنجي ٻيڻائي رفتار سان وڌي رهي آهي. ان معاشري يا ان دنيا ۾ اياز جهڙي ماڻهوءَ جي ڪهڙي سڃاڻ ٿيندي. اياز جو فن ۽ فڪر انهن ماڻهن جي فن ۽ فڪر کان مٿاهون نظر اچي ٿو، جيڪي ترقي يافتا معاشري ۾ پيدا ٿيا، انهن معروف زبانن کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بنايو ۽ دنيا جا وڏي ۾ وڏا انعام ۽ ايوارڊ حاصل ڪيا.
    اڄ جڏهن اٺيانوي جي اڀرندڙ سج جي روشنيءَ ۾ مان ڪاري رنگ جي قلم مان وهندڙ ڪاري مس سان هي سٽون لکي رهيو آهيان، سج ڪجهه دير بيهي شايد پنهنجن ڪرڻن سان هي سِٽون پڙهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان نئين سال جي سج کي ڌرتيءَ تي اياز نظر نه آيو آهي. مرڻ کانپوءِ ماڻهوءَ لاءِ سج ڇا؟ چنڊ ڇا؟ اڀرندڙ سج ۽ چنڊ مري ويل ماڻهوءَ کي ڳولهين ٿا ۽ ائين وقت جي گردش سست ٿي وڃي ٿي. جڏهن ڪو عظيم انسان دنيا مان موڪلائي ٿو ته وقت ڊگهو ٿي وڃي ٿو. اياز جي موت وارو ڏينهن هڪ صديءَ جيان مون مٿان گذري ٿو. ماڻهن هوندي بازاريون ويران لڳن ٿيون ۽ آئون قيامت جي باهه کي پنهنجن ڳوڙهن سان وسائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
    مان جيڪو هر رات اياز کي خواب ۾ ڳالهائيندي ٻڌان ٿو، هن کي مرڪندڙ ۽ تندرست هڪ تڏي تي ويٺل ڏسان ٿو. هڪ تڏو جنهن جي وچ تي هو ويٺل آهي ۽ اسين سڀ دوست هن کي ٻڌي رهيا آهيون. هن جو آواز غير واضح آهي. هو جيڪو شايد موت جي فلسفي تي ڳالهائي ٿو. اياز جنهن آڏو مان دانهون ڪري موت جي تجربي ۽ ان جي ذائقي بابت دريافت ڪرڻ چاهيان ٿو. اياز جنهن جي شاعريءَ جو محور “وطن” “پرين” ۽ “موت” هيا. موت جي وضاحت اياز جهڙي ٻيو ڪير ڪندو. مان خواب ۾ ان تڏي تي ويهي اياز کي آخري شعر لاءِ عرض ڪريان ٿو. هن کان موت جي حقيقت دريافت ڪرڻ لاءِ هر هر سمجهه ۾ نه ايندڙ جملا ڪنايان ٿو. اي فلسفي راز کي کول ۽ ڏاهن جي خوف کي گهٽاءِ. مان چوان ٿو ۽ هو مرڪندو رهي ٿو.
    اي ڀٽ ڌڻي تنهنجي روضي ڀرسان هڪ نئين قبر آهي، جنهن جي مٽي اڃان آلي آهي. ان قبر ۾ ڪتاب دفن آهن. هڪ ڪتاب اهڙو آهي جنهن جي مس اڃان آلي آهي. اهو هاڻي هاڻي مڪمل ٿيو آهي. ڪنهن لکي پورو ڪيو آهي، اهو کول ۽ اسان آڏو رازن تان پردو کڻ.
    دوستو! اياز نه رهيو، هو ڪتابن ۾ منتقل ٿي ويو، ڪتاب ڪي ڌرتي مٿان آهن ۽ ڪي ڌرتيءَ ۾ دفن آهن. دوستو اياز موت جي فلسفي جو آخري ڪتاب ٿي ويو، حڪم ڌڻيءَ جو.

    o


    کاڌي جي ٽيبل تي رکيل ڪتاب!

    کاڌي جي ٽيبل تي رکيل ڪتاب!

    مون پهرين ڪهاڻي نون سالن جي عمر ۾ لکي، جيڪا ڦاڙي ڇڏي، ڪهاڻي ڪا ايڏي خراب نه هئي. اها ڀائرن ۽ سوٽن کي پڙهي ٻڌائي هئي، جيڪا انهن کي وڻي پر معيار جي نه هئي جو ڪنهن رسالي ۾ ڇپرائجي. تن ڏينهن اسان ڇهه ٻار هوندا هياسين. ٽي ڀائر ۽ ٽي سئوٽ. مان ايڏو حرڪتي نه هوندو هيم، سنڌوءَ ڪناري ننڍي پاڻيءَ ۾ تڙڳندو هيس، باقي ڀائر ۽ سوٽن کي بئريج جي دروازن تان پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏئي ترندي ڪناري تائين پهچندي ڏسندو هيس ته حيرت نه ٿيندي هئي پر محسوس ڪندو هيس ته منهنجو من ڊنل آهي، مون ۾ ائين ڪرڻ جي همت نه آهي. ڏاڍو محتياط هوندو هيس.
    ٻاونجاهه جي ٻوڏ ۾ اسان جا وڏا ڳوٺ ڇڏي سکر آيا، ڏاڏي جو ننڍو ڀاءُ جنهن کي اسان “ابا احمد زوار” چوندا هياسين، ڳوٺ ۾ ئي رهيو، ان کي اولاد نه هئي، اسان کي پنهنجي اولاد سمجهندو هيو. اهو ڳوٺ کان شهر ايندو هيو ته رات جو آکاڻي ٻڌائيندو هيو، پن جي ٻيڙي دکائي سوٽو هڻي ڪهاڻي ائين کڻندو هيو جو ڪردار جيئرا ٿي پوندا هيا. هن وٽ عجيب منظر نگاري هئي. حيرت ۾ وجهندڙ ڏانءُ هيو. اڳيان هر شيءِ واقع ٿيندي نظر ايندي هئي. اسان ڪهاڻيءَ جي سحر ۾ ڦاٿل هوندا هياسين، احمد زوار ڪارا ڪپڙا پائيندو هيو ۽ قدآور مڙس هيو. محرم ۾ اٿي مجلس پڙهندو هيو ته ڳوٺ جا وڻ به روئندا هيا. منهنجين ڪهاڻين تي احمد زوار جو اثر آهي، مون کي سحرانگيزي ۽ پراسراريت اتان ملي.
    هونءَ ته امڙ جي ڪهاڻين جي ٻاڙ به لڳندي هئي، جيڪا ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي، بادشاهه جنن ڏائڻين جون ڪهاڻيون ۽ ڏيڍٺڳ جهڙيون پر مزاح ڪهاڻيون جن تي اسين ٽهڪ ڏئي کلندا هياسين. مونکي چڱي طرح ياد پوي ٿو تن ڏينهن راتيون ڏاڍيون ڪاريون هونديون هيون، هاڻي رات جو رنگ ڦٽي ويو آهي. بجلي نه هئي هٿ بتيون ٻرنديون هيون ۽ ڀتين تي هر چرپر جا پاڇا ٺهندا هيا. کٽ ڀرسان ڀت جي لٿل چوني ۾ ڪئي چتر هٿ بتيءَ جي هلڪي روشنيءَ ۾ چرپر ڪندا هيا. امڙ ڪهاڻيون ٻڌائيندي ڪڏهن ننڊ جي گيرٽ ۾ هلي ويندي هئي. سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار ڪري ڏاڍي ٿڪيل هوندي هئي. امڙ جي اوچتي چپ ٿي وڃڻ ڪري هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ چرپر ڪندڙ سڀ ڪردار پٿر جا بنجي ويندا هيا. اسان گوڙ ڪندا هياسين.
    “پوءِ ڇا ٿيو؟....اڳتي ٻڌاءِ!”
    امڙ جو ڇرڪ نڪري ويندو هيو ۽ پڇندي هئي.
    “ڪهاڻي ڪٿي ڇڏيم؟”
    “جتي شهزادو طوطي ۾ تبديل ٿي ويو.”
    “ها” امڙ چوندي هئي ۽ ڪهاڻي وري شروع ٿي ويندي هئي. ڪردار ساهه کڻندا هيا ۽ انهن جي ساهه کڻڻ جو آواز اسين ڪنن جي ويجهو محسوس ڪندا هياسين.
    اڳتي هلي امر جليل جي ڪهاڻين پڙهڻ سان ادب جو شوق جاڳيو. چوڏهن سالن جو هيس ته مون ٽالسٽاءِ کي پڙهيو، ان کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته ٽالسٽاءِ هڪ اهڙي در وٽ بيٺل آهي، جنهن جو ڪڙو بند آهي. هڪ ڊگهي قطار آهي جيڪا ان دراندر داخل ٿيڻ جي خواهشمند آهي. ٽالسٽاءِ سٺن ٻارن جي چونڊ ڪري ٿو ۽ پوءِ در کولي ان ۾ داخل ڪري ٿو، انهن خواهشمندن ۾ مان به آهيان، ٽالسٽاءِ کي مون ڏٺو. شفقت مان مٿي تي هٿ ڦيريو، ڪڙو لاهي در کولي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني. مان ٽالسٽاءِ جو جهان ڏٺو. پهريون دفعو هن کي سکر جي معصوم شاهه لئبريريءَ ۾ پڙهيو ته واپسيءَ ۾ گهر تائين اکين ۾ ڳوڙها هيا. روسي ادب منهنجي ذهن تي سوار هوندو هيو، مون هڪ دفعي خواب ۾ گورڪيءَ جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي. اهو خواب ائين هيو جو اڌ اگهاڙا مزدور کٽ تي گورڪيءَ جو لاش کنيو پئي ويا. ڪچو رستو هيو ڏاڍي گپ هئي. هليا پئي ته چيڪڙ پئي اڏامي. مان به انهن جي ڪڍ هيس ڀيڏين تائين منهنجا پير به گپ ۾ ڀرجي چڪا هيا.
    ننڍي هوندي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيم ته “فن جي ديوي” هوندي آهي، جيڪا ڏات ورهائيندي آهي. مان خواب ۾ فن جي ديويءَ آڏو ايڏو ته رنس جو ڀرسان سمهيل ڀائر ننڊ مان جاڳي پيا.
    اڳتي هلي محسوس ڪيم فن نَڪل ۽ ريوڙيون نه آهن، جيڪي ڪنهن پير جي در تان حاصل ڪري سگهجن. اهو سڀ فطري آهي. موقعو ۽ مهل انهن کي اجاگر ڪن ٿا. منهنجو موقعو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ اديب ۽ ٻيو ڊاڪٽر. سوچيندو آهيان چڱو ٿيو، جيڪڏهن اديب هجان ها ته بک مران ها ۽ جيڪڏهن ڊاڪٽر هجان ها ته اديب نه هجان ها. اڌ اڌ آهيان پر آهيان ضرور.
    ڀٽي صاحب جي ڏينهن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جو عروج ٿيو، ان لحاظ کان ته تعليمي ادارا سياسي آکاڙا بنجي چڪا هيا، هر پارٽيءَ جي اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن هئي. مون اتي شهنشاهه ايران جو شاندار استقبال ڏٺو ۽ المرتضيٰ جي ڀت ٻاهران اداڪارا ممتاز جي گهگهرن جو آواز ٻڌو، مون چانڊڪا جي شاگرد يونين پاران پهرين مئگزين “موهن جو دڙو” آندي جنهن ۾ ان وقت جي حڪمرانن پنهنجا فوٽو ۽ پيغام موڪليا. تن ڏينهن روسي ادب جا ڪتاب ايڏا ته سستا هيا جو اسٽال تان خريد ڪري ڪٻاڙيءَ کي ڏجن ته وڌيڪ پئسا ملن. پوءِ بندش پئي نه ته ڪتابن تائين پهچ آسان هئي.
    ميڊيڪل ڪاليج ۾ دوستن جو وڏو هلڪو هوندو هيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر ثناءُ الله کوکر به شامل هيو، جيڪو “ويڄ” رسالي جو ايڊيٽر آهي. ڊاڪٽر اشرف آصف مصراڻي جيڪو مشهور شاعر شهيد احمد خان آصف مصراڻيءَ جو فرزند آهي، منهنجن ويجهن دوستن ۾ شامل هيو، اسان ٻنهي جا روڊن رستن تي هلندي ادبي بحث ٿيندا هيا. ٻئي مايوس عاشقن جيان ڪنهن ڪٻاڙڪي هوٽل تي ويهي چانهه پيئندا هياسين ۽ مڪيش جا اداس گانا ٻڌي ٿڌا ساهه ڀريندا هياسين. اشرف سمرسٽ ماهم جو مداح هيو ڇو جو سمرسٽ ميڊيڪل ڊاڪٽر هيو ۽ هڪ مايوس عاشق جنهن سان شاگرديءَ جي زماني ۾ محبوبا بي وفائي ڪئي. ان جي هر لکڻي عورت جي خلاف آهي. اشرف جي هٿ ۾ ان جي بائيوگرافيءَ جو بڪ هوندو هيو. جڏهن بائيوگرافيءَ ۾ سمرسٽ جا اهي جملا پڙهندا هياسين ته هو شاگرديءَ واري زماني ۾ محبوبا جي بيوفائيءَ ڪري ايڏو ته Frustration جو شڪار هيو جو هن کي Masterbation ڪرڻي پوندي هئي. پڙهي کل بند نه ٿيندي هئي. سوچيندا هياسين ڪمال آهي سمسرٽ ماهم به Masterbation ڪندو هيو.
    منهنجي لاءِ اهو مشاعرو يادگار آهي جيڪو 1974ع ۾ ڪلچرل آرٽس سکر ۾ ٿيو. ادل سومري مون کي ان مشاعري جو ڪارڊ ڏنو، مون اتي بيت پڙهيا هيا. ان مشاعري جي صدارت پير حسام الدين راشدي ڪئي ۽ خاص مهمان شيخ اياز هيو، سنڌ جا سڀ وڏا شاعر ان موجود هيا.
    سکر جي حوالي سان رفيق سومرو، ادل سومرو ۽ اياز گل منهنجا دوست آهن. سڀ کان گهڻي ويجهڙائي ادل سومري سان رهي، هو منهنجو ويجهو دوست آهي. اسان ڪيتريون فلمون گڏ ڏٺيون ۽ گڏجي مانيون کاڌيون. هن منهنجي ڪتابن جا ٽائيٽل ٺاهيا ۽ انهن کي ادبي سنگت پاران ڇپرائڻ ۾ سهڪار ڪيو، ستر واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ميمبر هيس. هر گڏجاڻيءَ ۾ ويندو هيس، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ اسان جي رهنمائي ڪئي. انهن گڏجاڻين ۾ شيخ اياز کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. اسان جي ٽهيءَ کي فخر آهي ته اسين شيخ اياز جا همعصر آهيون.
    ڪراچي ڏاڍو ڪنو شهر آهي، ماڻهن جي سمنڊ ۾ اڪيلائي آهي. ڪڏهن تاج بلوچ وٽ ويندو آهيان ته هن جون ڳالهيون ٻڌي هر شيءِ ٽهڪن ۾ وساري ڇڏيندو آهيان، تاج جو گهر منهنجي گهر جي ويجهو آهي نه ته ڏاڍو ڏکيو آهي ڪنهن جو ڪنهن سان ملڻ. اڪيلائيءَ ڪري لکڻ لئي وقت جام آهي. اڄ ڪلهه گارشيا مارڪيز جي سحر ۾ ڦاٿل آهيان. تازو هن جو ڪتاب OF love and other demons پڙهي پورو ڪيو اٿم. ان کان اڳ جي مختصر ڪهاڻين جو ڪتاب پڙهيو هيم. باقي هن جي ٻين ڪتابن جا سنڌي اردو ترجما پهريون ئي پڙهي چڪو آهيان. هن وٽ لکڻ جو مختلف انداز آهي جنهن ڪري وڻي ٿو. سوچن جو سفر پاتال طرف آهي جنهن ڪري هر شيءِ سطحي ٿيندي پئي وڃي ڇو جو پاتال ۾ گهرائي آهي. اڪثر لکڻيون صحافتي ادب جو پرچارڪ ڏسجن ٿيون. هر شيءِ ڪچي ڦڪي ٿي پئي آهي. ڪڏهن دوستو فسڪي وڻندو هيو هاڻي ٻڌل ڳالهيون ٿيون لڳن. چنگيز ائتماتوف جي منظرنگاريءَ کان متاثر هوندو هيس، تازو هن جي ڪهاڻين جي ڪتاب ڪو تاثر نه ڇڏيو. ميلان ڪنڊيرا جو ناول A book of laughter and forgethings “ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب” ۽ ان جي هڪ ڪهاڻي نثار منصور کي ترجمو ڪري ڏنم، جيڪي هن “پرک” ۾ شايع ڪيون، ميلان ڪنڊيرا وٽ ورجهاءُ آهي. ڏک جي ڳالهه اها آهي ته هو CIA جو پگهاردار هيو. هن پئسا وٺي ڪميونزم خلاف واويلا ڪئي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي سولزينٽسن جو وارڊ نمبر 6 ڪيئن وڏو ناول آهي. باقي جلاوطنيءَ دوران جرمنيءَ ۾ ان جو استقبال ڪندڙ اديب هين رخ بوئل وڏو اديب هيو جنهن جي لکڻين کي وساري نه ٿو سگهان.
    تازو ڪارلوس فيونتيس جا ٻه ناول هٿ آيا، پڙهي سوچڻ لڳس انسان وٽ ايڏا گوناگون تصور ممڪن آهن، منهنجي خيال ۾ هو گارشيا کان به وڏو اديب آهي.
    سارتر چيو جيئن ماڻهو مرندا آهن ائين ڪتاب به مرندا آهن، اهو سچ آهي ڪڏهن مان به ڪو ڪتاب پڙهندي محسوس ڪندو آهيان ڄڻ ان ڪتاب جي قبر تي قل پڙهندو هجان. هونءَ به رواجي طرح اسين ڪتابن کي ڪفن ڏئي ڪنڍيون پارائي هٿ کڻي دعائون گهرندا آهيون. منهنجي ميز تي به ڪيترا ڪتاب سٿيل آهن، جيڪي هٿ ۾ کڻڻ سان جاڳي پوندا آهن. مون ڪتابن جو اکيون ڏٺيون آهن ۽ انهن جا چپ چميا آهن. ڪڏهن جان ڪيٽس کي پڙهي ان جي محبوبا تي عاشق ٿي پيو هيس. منهنجي ڦوهه جواني هئي اها عمر جنهن عمر ۾ ڪيٽس جو انتقال ٿيو. ڪيٽس جو ڪتاب “محبوبا ڏانهن خط” منهنجي ٽيبل تي رکيل هوندو هيو جنهن جو ٽائيٽل ٽي بيءَ جي مريض جيان زرد هيو.
    بنيادي طرح مان هڪ شاعر آهيان، ستر واري ڏهاڪي ۾ مون شاعري ڪئي ۽ “اوشا جي آشا” کانپوءِ شاعريءَ جو ڪو ڪتاب منظرعام تي نه اچي سگهيو آهي. شاعري ڏکي صنف آهي، اهڙي اٿل جو اندر کي مڪمل طرح خالي ڪرڻو پوي ٿو. ان جي بنسبت نثر آسان آهي، ان کي قافيا پابند نه ٿا بڻائين پر آزاد شاعري پابند شاعريءَ کان به ڏکي آهي. آزاد شاعريءَ جا دروازا ڪنهن وڏي خيال لاءِ کليل هوندا آهن ته جيئن ڪنهن به روڪ ٽوڪ کان سواءِ اهو مڪمل طرح سمائجي پوي. سنڌيءَ ۾ آدرش آزاد نظم جو وڏو شاعر آهي. هن وٽ گهرائي ۽ ترتيب آهي.
    ڪڏهن ائين به محسوس ٿيندو آهي ادب ۽ شاعري دنيا جي وڏي عياشي آهي. حالتون هر ڪنهن کي اهو موقعو فراهم نه ٿيون ڪن ته اهي لکن ۽ پڙهن. بيروزگاري آهي، کائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي، ماڻهو ڳڀي لاءِ سرگردان آهن. ڪنهن وٽ وقت آهي جو اهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ سيڙائي ڪنڊ ۾ ويهي لکي پڙهي سگهي؟ پيٽ پهريون آهي ۽ ادب پوءِ. چمڻ لئي چپن جو توانو هجڻ ضروري آهي. حسن خوشحاليءَ ۾ آهي.
    جيڪي ڊاول آهن وقت انهن جي انتظار گاهه ۾ ويٺل آهي، لکڻ مونکي مونجهارن کان آزاد ڪندو آهي. اهڙي پناهگاهه آهي جنهن ۾ لڪي Nothingness جو حصو بنجي هر آفت کان آجو ٿي ويندو آهيان. لکڻ مونکي خوشي عطا ڪري ٿو. جڏهن لکندو آهيان اهي منهنجي زندگيءَ جا سٺا ڏينهن هوندا آهن. ڪي مصيبتون نه هونديون آهن ڪي ذاتي مسئلا نه هوندا آهن.
    لکڻ پڙهڻ ترقي يافتا معاشري جو حصو رهيا آهن، ڪراچي ان جو مثال آهي، جنهن جو هڪ حصو اونداهو ۽ ٻيو ايڏو ته روشن آهي جو سونهن ۾ وهنتل جسم اکين کي کيرو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. فٽپاٿين جي ڪٻاڙ خانن ۾ سٺن ڪتابن جا هجوم آهن ۽ فينسي بڪ اسٽالن تي خوشحال ماڻهن جا هجوم.
    تازو ڊفينس جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ عالمي ادبي ڪانفرنس ۾ وڃڻ جو موقعو مليو. وڃڻ جو سبب ڪيرن آرم اسٽرانگ هئي، جنهن “هسٽري آف گاڊ” لکيو آهي. مون اهو ڪتاب پڙهيو هيو، مذهبي معاملن تي ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي. اسلامي تاريخ تي ڏنل باب حقيقت تي مبني آهي. اهڙي ادبي ڪانفرنس جو مشاهدو مون وٽ پهريون نه هيو. سوين لکيل پڙهيل ماڻهو هيا. ڳڻت کان ٻاهر فيشن سان ڀرپور ادب جو چاهه رکندڙ عورتون هيون. هڪ وڏي هال ۾ ڪيرن آرم اسٽرانگ جو خطاب ۽ سوالن جوابن جي ڏي وٺ هئي. هال ۾ سڀ ڪرسيون ڀريل هيون. ماڻهو بيٺل هيا. اهڙو منظر ڏسي مونکي سنڌي ادب جي حوالي سان ڪراچيءَ ۾ ٿيل بيٺڪون ياد پئجي ويون، جتي مشڪل سان ويهه ماڻهو مس هوندا آهن.
    ڏٺو وڃي ته جيئن اٽو، لٽو ۽ اجهو طبقاتي آهن ائين ادب به طبقاتي آهي. ڳائڻي جي ماکي چٽڻ سان جا سر مٺا ٿي پون ٿا.

    o


    ڪراچي يا ڪلاچي (المياتي مزاح)

    ڪراچي يا ڪلاچي (المياتي مزاح)


    جڏهن ٻار هياسين ته پيروليون ڏئي هڪ ٻئي جي ذهانت آزمائيندا هياسين. اهو به هڪ رعب جو طريقو هوندو هيو. منجهيل پيرولي مت منجهائي وجهندي هئي ۽ پيرولي ڏيندڙ فخر سان مرڪندو هيو. ٻين کي منجهيل ڏسي، پاڻ ئي چوندو هيو.
    “ٽِڪي چڙهي؟”
    “ها”
    پوءِ ٻڌائيندو هيو ته ان پيروليءَ جو مطلب ڇا آهي، مون کي ياد آهي هڪ دوست اهڙي پيرولي ڏني هئي جو ٻڌي حيران ٿي ويا هئاسين. اها پيرولي هئي. “ڪراچي، حيدرآباد.”
    ان ۾ صرف ٻن شهرن جا نالا هيا، وڌيڪ ڪجهه نه هيو.
    “اڙي بابا ڪراچي، حيدرآباد ته شهرن جا نالا آهن.” هڪ دوست چيو “پوءِ اها پيرولي ڪيئن ٿي؟”
    “نه، اها پيرولي آهي سوچيو.” پيرولي ڏيندڙ چيو.
    سڀ سوچ ۾ پئجي ويا، ننڍڙا ذهن پريشان ٿي ويا، ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو.
    “ادا ٽڪي چڙهي” هڪ دوست چيو.
    پيرولي ڏيندڙ فخر مان ٽهڪ ڏئي ٻڌايو، ان جو مطلب آهي “ڪَر اچي هي در آباد”
    ان وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو “زال مڙس ڏي ڳجهو نياپو موڪليو جنهن جو مطلب اهو هيو.”
    اسين سڀ ٻار کِل ۽شرم ۾ اونڌا پيا هياسين، ٻار هونئن ته حرڪتي هوندا آهن پر جنس جي تذڪري تي سندن منهن ڳاڙها ٿي ويندا آهن، اسان جو به هڪ اهڙو ئي شرميلو دوست هيو جنهن کي “ٽماٽو” چوندا هياسين، ٽماٽو انگريزي لفظ آهي، سنڌيءَ ۾ اصل لفظ “چماٽو” آهي. ڪو وقت هيو “چماٽا” سستا هيا. ڪڏهن ائين به ٿيندو هيو جو ناپسند ماڻهن کي اسٽيج تي ڦتل چماٽا هڻي نفرت جو اظهار ڪيو ويندو هيو. وري اهي ٻيا موچڙن وارا چماٽا هوندا هيا، جيڪي ماستر ٻارن کي گهرو ڪم نه ڪرڻ ڪري ڪلاس ۾ هڻندا هيا. مون کي ياد آهي مان سکر جي سبزي مارڪيٽ مان ڪريلا وٺي رهيو هيس، هڪ ڳوٺاڻو آيو ۽ ان دوڪاندار کان پڇيو “ڀائي چماٽا ڪيئن ٿو ڏئين؟”
    دوڪاندار هٿ سڌو ڪري کيس ڏيکاريندي چيو “چماٽا اس ڪو بولتي هين، يي ٽماٽا هي”
    ڳوٺاڻي جو منهن لهي ويو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري بيهي رهيو.
    ان ڏينهن کانپوءِ مان خوف کان ٽماٽا چوندو آهيان نه ته حقيقت ۾ اهي چماٽا آهن. پاڪستان جي مهرباني جو ٽماٽا آهن نه ته چماٽا کائڻا پون ها، سو ڪراچي حيدرآباد واري ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي، جنهن جو مطلب آهي. “ڪر اچي هي در آباد”
    ڪهڙا در آباد ڪيون، سڀ گهر ۽ در برباد لڳا پيا آهن، جنهن در اڳيان لنگهه سٽڪن جو آواز ٿو اچي. اسين سنڌي پنهنجن ئي شهرن ۾ ڌاريا بنجي چڪا آهيون. چون ٿا سنڌين جي حڪومت آهي. ڏاڍي کل ٿي اچي اهو فحش لطيفو ياد ڪندي جيڪو ڄاڻي واڻي نه ٻڌائيندس. صرف ايترو چوندس ته ان ۾ “جهنگ جي بادشاهه شينهن جي، جهرڪيءَ ضمانت ڏني هئي.”
    دهل کي ڌڪ لڳندو آهي ته چوندا آهن “ساز ٿو وڄي” خبر نه آهي شعبان جي شاديءَ ۾ دهل جو ڪهڙو ڏوهه جو هر دفعي موچڙا ٿو کائي. ٻلي هش ۾ خوش. سنڌي اهڙو حلوو ٿا کائين جنهن کي “سيرو” چوندا آهن. ڪنهن لغت جي ماهر کان لفظ سيري جي وڍڪٽ ڪرائبي ته ان لفظ جو مفهوم ئي وڍ ڪٽ بيهندو. ڇو جو جانورن کي قربان ڪرڻ لاءِ سير ڏبي آهي نه ته لفظ حلوو به وڏي معنا وارو آهي. کائجي ته مٺو نه ته “هل وو” مطلب هل هتان، ميدان صاف ڪر.
    مشهور چوڻي آهي.

    پرسُو، پرسَو، پرسرام،
    مايا تنهنجا ٽي نام.

    غربت ۾ پرسُو هيو، ٿورو ڪمايائين پرسَو ٿي پيو. دولت آيس ته هرڪو پرسرام سڏڻ لڳس. مايا ماڻهوءَ جا نانءَ بدلائي وجهي ٿي، پر هتي مسئلو مايا نه آهي، مذهب ۽ ٻولي آهي. مذهب جي زيراثر جاين جا نالا بدلجي چڪا آهن. پارڪ، روڊ ۽ عمارتون مسلمان ٿي چڪا آهن. رام باغ جتي سيتا ۽ رام جو ملن ٿيو هيو اهو آرام باغ ٿي چڪو آهي. ٻولي ۽ لهجن جا اثر ڳوٺن ۽ وٿاڻن تي پڻ ڏسجي رهيا آهن.
    تيرهن سال ڪياماڙيءَ جي هڪ ڊسپينسريءَ ۾ ڪم ڪندي ٿي ويا. ڊيوٽي تي ويندي پٺاڻ ڪنڊيڪٽر پڇندو آهي “ڪِڌر جائو گي؟”
    چوندو آهيان. “ڪياماڙي”
    “ڪيا؟” هو ڪن کڙا ڪندو آهي.
    “ڪياماڙي”
    “اڇا ڪيماڙي”
    هاڻي مان ڪياماڙيءَ کي ڪيماڙي ڪئين چوان، پٺاڻ منهنجو لفظ سڌارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پٺاڻ عالم آهي. دانشور آهي. ٻوليءَ جو ڄاڻو آهي. مان پنهنجي شهر جو جاهل آهيان. منهنجو شهر جنهن جي ڪنارن تي ٺهيل مندرن جي برجن تي سمنڊ جي ڇولين جي چُمين جا نشان آهن. جنهن جون مسجدون در ٻاهران پيل منافقن جي پادرن کان پاڪ هيون. منهنجي مظلوم شهر جي پٿر جون عمارتون جيڪي خودڪش بمبارن جي اڏامندڙ جسم جي ٽڪرن سان ناپاڪ ٿي چڪيون آهن. منهنجا ماڻهو، منهنجي ٻولي، جيڪي انسانن جي ايندڙ سيلابن ۾ غرق ٿي چڪا آهن.
    دل چوي ٿي روئان، ننڍي هوندي روئندو هئس ته امڙ چوندي هئي “بس ڪر، روئي روئي ڪِن ڪيا ٿي.”
    ڪراچيءَ ۾ ڪِن ڪرڻ لئي جاءِ نه بچي آهي، سو نه روئندس، کلڻ جي گنجائش انڪري نه آهي جو ڪراچيءَ ۾ گنجائش آهي ئي ڪونه، جيڏانهن وڃ. “ڊوميسائيل ڏيکار.”
    ڇا سنڌ اسان جي آهي؟ فطرت هڪ مهرباني ڪري ها. جڏهن پيدا ٿيون ها ته ڪنهن هڪ عضوي تي اهو لکيل هجي ها ته “سنڌي” گهٽ ۾ گهٽ وقت تي کولي ڏيکاري ته سگهون ها.
    هتي ته ماڻهن الله کي به نه بخشيو آهي. ڪياماڙي ٽائون ۾ ماڙيپور اڳيان هڪ اهڙو ڳوٺ آهي جنهن کي “الله بانو” چيو وڃي ٿو. جنهن کان پڇ “ڳوٺ جو نالو ڇا آهي؟”
    چوندو “الله بانو”
    مون شهر بانو ته ٻڌي آهي پر خبر پئي ته هتي الله بانو به آهي. (نعوذ باالله) جڏهن سوچ لڙايم ته اهو اُچار صحيح نه هيو. اهو “الله ٻانهو” آهي، جيڪو انگريزيءَ ۾ Allah Bano لکجڻ ڪري بدلجي الله بانو ٿي پيو آهي. هاڻي جيڪڏهن مان ڪياماڙيءَ جي اسپتال ۾ ويهي ڪنهن کي چوان ته “بابا اهو الله ٻانهو آهي.”
    ته پڇندا “کوچا، اهو ٻانهو ڇا آهي؟”
    پهريون ته مهاجر ۽ پٺاڻ ٻانهو چئي ڪو نه سگهندا، ڇو جو ٻانها صرف اسان سنڌي آهيون، پر جيڪڏهن انهن کي سمجهايان ته ٻانهو ان کي چئبو آهي جيڪو غلام هجي ۽ پنهنجو اصل نالو به ٻڌايان ته “جيئن مان ڊاڪٽر غلام رسول” ته پوءِ ائين چئي سگهن ٿا ته ان ڳوٺ جو نالو الله ٻانهو نه پر غلام الله هجڻ گهرجي، جيئن نالو کڻڻ ۾ آساني ٿئي ۽ هو ان عظيم گناهه کان بچي وڃن.
    وري ڪياماڙيءَ ۾ ٻيو قهر ڏسو. هتي هڪ اهڙو ڳوٺ آهي جنهن کي “بودني” سڏيو وڃي ٿو. اهو ڳوٺ به ماڙي پور جي پريان آهي. مان جڏهن به ڪنهن ويڪسينيٽر کي چوندو آهيان. “وڃ ۽ وڃي بودنيءَ ۾ پوليو جا قطرا پيئار”
    چئي ڏاڍي شرمندگي محسوس ڪندو آهيان، ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن شريف ماڻهوءَ کي ان جي ڪيل گناهن جي صلي ۾ گار ڏيندو هجان. پر اها منهنجي مجبوري آهي. ڳوٺ کي سالن کان وٺي ان نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هاڻ ڀل محسوس ڪيان ته اهڙا گندا لفظ چئي سٺو ڪم نه ڪري رهيو آهيان، پر ٻڌندڙ کي ان ڳالهه جو احساس صفا نه ٿيندو، ڇو جو اهو عام مروج لفظ آهي، جيڪو ٻڌي ٻڌي سڀ هري ويا آهن. جيڪڏهن ڪنهن کان پڇندم “ڪٿان جو آهين؟”
    هو چوندو “بودنيءَ جو”
    ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور، اهو آهي ئي بودنيءَ جو. قصور انهن جو آهي جن نالا بگاڙيا. دراصل اهو بودني نه پر سنڌ جو تاريخي ڳوٺ “ٻڍاڻي” آهي. جيڪو انگريزيءَ ۾ Bodani لکجڻ ڪري تلفظ مٽائي ويو. اهي سڀ ڪراچيءَ جي اولهه ۾ سمنڊ ڪناري آباد ڳوٺ آهن. جيڪي ٽرڪ اڏن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. اردو ۽ پشتو زبانن ۾ انهن جا اچار نه هجڻ ڪري تلفظ بدلجي چڪا آهن. ٻاهران آيل ماڻهو سنڌي اچارن تي طنز ڪري رهيا آهن ۽ اسين سنڌي به تذليل جي خوف کان اهي بگڙيل لفظ استعمال ڪري رهيا آهيون، جيئن ٻين کان مختلف نظر نه اچون ۽ ڪنهن به عتاب کان محفوظ رهي سگهون. تاريخ ۽ وقت جو ستم ته ڏسو ٻاونجاهه اچارن واري زبان جي مالڪ کي “اڌ اکري” تلفظ صحيح ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيا آهن. پٺاڻ وري پشتو ڳالهائيندي غير ارادي طور سنڌي ڳالهائي وڃن ٿا. ائين ئي هڪ دفعي جڏهن بس ۾ ويٺو هيس ته سچل ڳوٺ کان اڳتي ڪنڊيٽر بس جي لوهه جو در کڙڪائي وٺي رڙيون ڪيون. “مروڙا....مروڙا” ڊرائيور بس روڪي، مون سمجهيو شايد هن کي مروڙا پيا آهن، لهي جهاڙين ۾ ويندو، پر هڪ همراهه ٻڌايو ته “ماروئڙا ڳوٺ اهو اٿئي لهي وڃ.”
    ساڳي طرح جڏهن جناح اسپتال وڃڻ ٿيو ته دل جي اسپتال وٽ هڪ ڪنڊيٽر زور سان آواز ڏنو. “ڪاڏي ويو....ڪاڏي ويو.”
    مون سمجهيو شايد ڪنهن جو کيسو ڪٽجي ويو آهي ۽ جيب ڪتري کي ڳولهيندي پٺاڻ ڪاوڙ مان رڙيون ڪري کيس ڳولهي رهيو آهي، پر پوءِ خبر پئي ته هو چئي رهيو آهي. “ڪارڊيو...ڪارڊيو” معنا دل جي اسپتال اچي وئي آهي جنهن کي لهڻو آهي لهي وڃي.
    اهڙي طرح جڏهن نيپا چورنگي ايندي آهي ته پٺاڻ چوندو آهي. “نياپا....نياپا” ۽ سنڌي سمجهي ويندا آهن. پڪ سان ڪو فرشتو هوندو جيڪو سندن لاءِ موت جو پيغام کڻي آيو آهي.
    ڪياماڙي ٽائون جي گُل ٻائيءَ ۾، جنهن کي پٺاڻ گل ڀائي چوندا آهن. انهن هڪ ڏينهن گل ڀائيءَ جي پرپوٽن سان ٽيڪم ۽ بيلچا کڻي مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي قبرن کي مسمار ڪيو جيئن کين ٽرڪن بيهارڻ لاءِ ويڪري جاءِ نصيب ٿي سگهي. دراصل اهي ان مانگر مڇ جي اولاد مان هيا جنهن کي مورڙي پنهنجي ڏاهپ سان ناس ڪيو هيو. هاڻي وري اهڙي مورڙي جي ضرورت آهي جيڪو اهڙن مانگر مڇن کي ختم ڪري.
    ٻين کي ڇڏيو، انگريزن به چڱائي نه ڪئي. انهن جتي به حڪومت ڪئي، پنهنجي آسانيءَ لاءِ اچار به بدلائي وڌا، ترڪيءَ ۾ سلطنت عثمانيا جي باني عثمان کي “اُٽومين” جي نالي سان نوازيو. اهڙا ڪئي مثال آهن. هندستان ۾ حڪومت ڪندي ممبئي کي بمبئي ۽ ڪولڪتي کي ڪلڪتو جي نالي ۾ ڦيرائي وڌو. انهن ڪلاچيءَ کي ڪراچي ڪوٺيو. هاڻي ته مدراس چنائي ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. بمبئيءَ کي ممبئي ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ڪلڪتي کي ڪولڪتو. شابس آهي ڀارت جي جمهوري حڪومت کي جنهن شهرن جي اصل نالن کي بحال ڪيو، پر ڪلاچي اڃان ڪراچي آهي.
    ڪياماڙيءَ جي سرڪاري ڪاغذن ۾ ڪياماڙيءَ کي ڪيماڙي، ٻڍاڻيءَ کي بودني ۽ الله ٻانهون کي الله بانو لکيو وڃي ٿو. جيڪي فحش Blasphemic ۽ غير فطري نالا آهن. مان سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيان ٿو ته سرڪاري رڪارڊ ۾ درستگيون ڪيون وڃن. انهن نالن کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي. ڪراچيءَ جو نالو بدلائي ڪلاچي ڪيو وڃي.

    o







    پيار جي هڪ ٻي صدي!

    پيار جي هڪ ٻي صدي!
    (رفيق سومري جي ڪتاب تي تبصرو)


    تازو 2011ع ۾ ڇپيل رفيق سومري جو ڪتاب “پيار جي هڪ ٻي صدي” نظر مان گذريو. ڪتاب ۾ ناويلا، ڪهاڻيون، خط، تنقيد ۽ تاثرات شامل آهن.
    “ڦيٿي ۽ قسمت جي چڪر ۾ وڏو فرق آهي.”
    ڪتاب ۾ شامل ناويلا “انساني تماشو” درد جو اهڙو تيز وهڪرو آهي، جيڪو ٻوڏ جيان هر شيءِ کي پاڻ سان وهايون پيو وڃي، تيز وهڪري ۾ ڪردار ٻڏندا ترندا ٻانهون بلند ڪري پڪاريندا ۽ موجودگيءَ جو احساس ڏياريندا وڌندا پيا وڃن. شايد ان کان اڳ سنڌي ادب ۾ ناويلا نه لکي وئي آهي. رفيق سومرو اهو پهريون اديب آهي جنهن اها صنف متعارف ڪرائي آهي. پوري ناويلا شعور جو وهڪرو آهي. جيڪڏهن (ٽيڪنيڪل انداز) واري نظر سان پرکبو ته ان ۾ ڪجهه خاميون نظر اينديون. بي ربط روانيون ۽ بي ترتيب سوچون محسوس ٿينديون، وکريل ۽ غير مسلسل ڪوتاهيون ڏسڻ ۾ اينديون، پر خوابناڪ حقيقتون ڪا ٻي شيءِ آهي، شعور جو وهڪرو اهڙو سيلاب آهي جيڪو جيڏانهن وهندو آهي رستو ٺاهي لنگهي ويندو آهي. تيز پاڻيءَ جي وهڪري کي ڪي بند روڪي نه سگهندا آهن. اهو ٺهيل ڊيم ڪيرائي وجهندو آهي. هر لڙهندڙ شيءِ ان جو حصو بنجي ويندي آهي. ترندڙ نانگ، جيئرا ماڻهو، مئل ماڻهو، رانڀون ڪندڙ ڍور، اونڌيون ٻيڙيون، ڦتڪندڙ مڇيون ۽ پاڙن کان پٽيل وڻ.
    حقيقت اها آهي ته اسين خوابن ۾ سچائيءَ سان جيئندا آهيون، جڏهن سجاڳ آهيون ته وجود ۾ قيد آهيون، خوابن جي ان وهڪري کي ئي سرئلسٽڪ سوچون سڏيو وڃي ٿو. هيءَ ناويلا اهڙين ئي سوچن جو مجموعو آهي، هڪ درياهه جيڪو ابتو وهي ٿو. هڪ سفر جيڪو ماضيءَ ڏانهن آهي. ڪردار ٻڏن ٿا، ترن ٿا ۽ ڳالهائين ٿا. انهن جو ڳالهائڻ سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي. اهي مرندڙ ماڻهوءَ جا چپ آهن جيڪي جهيڻي آواز ۾ وصيت ڪن ٿا. ڪردار جيڪي زندگيءَ جي جدوجهد ۾ هٿ هڻي رهيا آهن ۽ پاڻ ڏانهن پڪاري رهيا آهن.
    هو لکي ٿو “ماضي اونداهي غار، حال آسمان وانگر صاف ۽ چٽو ڄڻ کليل ڪتاب. آئيندو ڏک سک.”
    هو املتاس جي وڻ جيان Nostalgia جي بي پاڙي ول ۾ وڪوڙيل آهي. هن جا ڳوڙها هيڊن گلن جيان ڇڻي پٽ تي ڪرن ٿا. ماضي اهڙو قاضي آهي جنهن قلم وهائي بي خطا اسان کي سوليءَ تي لڙڪائي وڌو آهي. اسين پنهنجن لڙڪندڙ لاشن جي پاڇن ۾ پناهه وٺي ويٺل آهيون. ماضِ ظالم آهي. بي رحم ۽ خوفناڪ. ان ڏي منهن ڪري ٿڪ ڇلاءِ ته هيڊا ڏند ڪڍي کلي ٿو. اسين جڪڙيل آهيون ۽ زنجيرن جي هر ڪڙي گهاريل ڏينهن آهي، رات آهي، مهينو سال ۽ صدي آهي.
    هو لکي ٿو “اتي بکايل ٻار هيا جيڪي جهرڪيءَ جي بکايل ٻچن جيان چوڳي لاءِ وات کولي بيٺل هيا. ماءُ جي مٿي تي ماني ڏسي سندن مرجهايل منهن ٻهڪي اٿيا. سچ پڇو ته پنهنجو پيءُ جهٽ لاءِ وسري ويو.”
    رفيق جي ناويلا جو مرڪزي ڪردار ماءُ آهي. هن جي ماءُ گورڪيءَ جي ماءُ کان ان ڪري سگهاري آهي ته ان وٽ انقلاب، نظريو يا سياسي هلچل جي پٺڀرائيءَ بجاءِ پنهنجي بقا جي جدوجهد آهي. ڏکن مان پار پوڻ جا سپنا آهن. ماءُ جنهن جا نقش ماضيءَ جي گهنجن سان ملي گهرا ٿي ويا آهن. هوءَ دعا لاءِ هٿ کڻي بيٺل آهي. هيومن ڪاميڊيءَ ۾ بلزاڪ جو هڪ ڪردار پنهنجي ڌيءَ جي عاشقن کي دعائون ڏئي ٿو. رفيق جي ماءُ پٽ جي دوستن کي دعائون ڏئي ٿي ماءُ ٻار اڳيان موت مصيبتن ۽ بيمارين سامهون هٿيار جيان هيلينا جو وڍيل سڱ جهلي بيٺل ديوي آهي. اها مزاحمت ڪري ٿي. ان جو سڀ کان وڏو نظريو اولاد جي بقا آهي. هو چوي ٿو “اي مالڪ منهنجي ماءُ جي جيئري منهنجي موت جو غم نه ڏيکارجانءِ نه ته هوءَ صفا مري ويندي.”
    اولاد جو موت ماءُ جو موت آهي. هن جو ڪردار شفا ڳوليندي ماءُ جي بقا جو طلبگار آهي.

    “اي موت!
    در در تون ٿو ٿاٻا کائين
    شايد رولو ڪتو آهين
    ها منهنجي در به ايندين
    هڏي جيان ساهه چوسيندين.”

    رفيق اندر هڪ لڪيل شاعر آهي ۽ هڪ شاعر لاجواب نثرنگار آهي، شاعر لفظن جو سرمائيدار آهي.
    “هوءَ درد روئندي رهي، ڏک کي ڏينهن رات ڳوهيندي رهي، شڪر جي سايي ۾ صبر سوئيندي رهي ۽ پاڻ لوئيندي رهي، ور سان ڪيل وچن ۽ نينهن ڌوئيندي رهي ۽ سورن جي سڳي ۾ موتي وفا جا پوئيندي رهي.”
    هن وٽ جڏهن “انساني تماشي” جي نتيجي ۾ ٽهڪ بلند ٿين ٿا ته سندس سيني ۾ لڪيل درد کان اکيون ڳاڙهيون ٿي ڳوڙهن سان ڀرجي وڃن ٿيون.
    هو لکي ٿو “ويلو ٽي ڏينهن، شفقت ست ڏينهن، مهرباني ڪهل مهينن جي مهمان ٿيندي آهي. قياس ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پنهنجي معنا ڦيرائي قياس آرائي ٿي پوندي آهي.”
    شعور جي وهڪري ۾ لکيل هيءُ ناول سرئلسٽڪ علامتن ۽ اشارن سان ڀريل آهي.
    “ماءُ جي دل تي ڄڻ ڪرٽ وهي ويو، ڄڻ زهر ۾ ٻڏل فوجي خنجر سندس سيني جي آرپار لهي ويو، ڳڙپ جو آواز ٿيو جيڪو سندس جانب ور جي تصوير ئي ٻڌي سگهي.”
    “پڳ نه، پاهڻ جي جنڊي سندس مٿي تي رکيل هجيس ته اٿ پٽ ڏک ڏر.”
    “سندس جهاز جا پر ڊيڊالس جي ڏند ڪٿا وانگر رٻڙ جا هيا ۽ تيز اس جي حرارت ۾ پگهرجي ويا. جهاز ڪريو پر پراشوٽ نه کلي انسان جو نصيب. هو اڌ ماڻهو رهجي ويو.”
    اڌ مئل ماڻهوءَ جو تصور پڪاسو جي ڪنهن پيٽنگ جيان آهي، وجود جو جيئرو حصو مئل حصي کي سهارو ڏئي ٿو. انسان پاڻ کي پنهنجي ڪلهي تي رکي ڍوئي ٿو، سج اڳيان هلندڙ انسان جو اڌ پاڇو ٺهي ٿو. سرئلسٽڪ سوچن جو اظهار عڪسن کي انفراديت بخشي ٿو. هڪ نواڻ ۽ توجهه طلب سوچ عطا ڪري ٿو.
    هو چوي ٿو “تون لوڪل ٽرين ۾ سفر ڪندين، طوفان ميل توکان اڳتي نڪري ويندي.”
    پوئتي رهجي وڃڻ جو خدشو انسان کي اڳتي وڌڻ تي مجبور ڪري ٿو. ماضيءَ جي لوڪل ٽرين ۾ سفر ڪندڙ رفيق سومرو اڳتي وڌڻ جي آس ۾ وٽ کائيندڙ خوبصورت جانٺو جوان، ڪڏهن معاشري کي حسد ۽ چڙاڪ نظرن سان ڏسندڙ پر تجسس شخص ۽ اڄ جو رفيق سومرو ڳوڙهن ۾ وهنتل، غم ۾ ٻڏل. دشمن جي ساراهه ڪندڙ دوستن کي ياد ڪندڙ. هن پويان سندس ناول اداس عورت جيان ماتمي ڪارو لباس پائي، ٿالهه ۾ گلابن جا گل، ڪنڊا، زهر جي پيالي، ماکي ۽ شراب جي بوتل سجائي ائين پئي اچي جيئن اها هن جي ٻانهي هجي ۽ هو اهي سڀ شيون حيثيت آهر ٿالهه مان کڻي راهه ويندڙن ۾ ورهائيندو هجي.
    “دهشت منجهه درياهه ڏسي امڙيون جهلينديون هيون، پٽ ان شينهن درياهه جي ويجهو نه وڃجو، انهن ڪڙڪاٽ ڪندڙ ڪنن ۾ مڇيون ماريندڙ ميربحر مري ويو.”
    هن وٽ سحرانگيز حقيقت نگاري آهي، سندس ڪردار اکرن جو روپ ڌاري جيئرا ٿي چڪا آهن.
    “پوءِ نڪتا اسڪول مان ڪيترائي بدمعاش، مراد بلوچ، عيسو جاڳيراڻي، دلوڪ شيدي، ڀولو موچي، سڪندر موچي، نبو ڪاڻو، مولو مڪراڻي ۽ ڪاڻو قاسم.”
    هن جا ڪردار حقيقت جي ويجهو ۽ خوابناڪ آهن، اهي بي ترتيب، ڀڳل ٽٽل، وچڙيل، لاتسلسل ۽ بي ربط آهن. انهن کي سمجهڻ ۾ ٿوري ڏکيائي ٿيندي جيڪي رفيق جي جيون ڪهاڻيءَ کان غير واقف آهن، سندس ڪتاب ۾ ڏهه ڪهاڻيون پڻ شامل آهن، جيڪي گهاڙيٽي ۽ اصلوب جي لحاظ کان منفرد آهن. انهن جو انداز رفيق جي ڳولهي لڌل الڳ طرز ۽ گهاڙيٽو آهي. سندس ڪهاڻيون بيماريءَ واري دور کانپوءِ جون لکيل آهن.
    o


    پارٽيون

    پارٽيون

    (ادل سومري جي حوالي سان)


    پارٽيون سياسي هونديون آهن، پر اسان دوستن جون پارٽيون سياسي نه هيون، اهي کائڻ پيئڻ ۽ تفريح واريون پارٽيون هيون.
    هاءِ اسڪول جي زماني ۾ چندو ڪري پارٽيون ڪيون وينديون هيون، جن ۾ استاد شاگردن کي ٻڪرين جي ڌڻ جيان چهبڪ هڻندا انهن جي قد جيتري اونهي پاڻيءَ ۾، ڪنهن وڏي واهه مان نڪرندڙ ننڍڙي نالي تي وٺي ويندا هيا ۽ ٻار وهنجي، انب چوسي، کجين هيٺان ٽپا ڏئي هڪ ٻئي سان ٽڪر وڙهائيندا هيا.
    اسان دوستن جيڪي پارٽيون ڪيون، انهن ۾ چندو شامل نه هوندو هيو. سڄو بار سهڻي دوست عبدالرحمان ڀٽي مٿان هوندو هيو. رحمان ڀٽو نمڪو تيار ڪرائيندو هيو، اهو نمڪو نه، جنهن ۾ سڱر چڻا، دال يا ٻيون تيل ۾ تريل شيون هونديون هيون، جيڪي وڏن شهرن ۾ مٺائيءَ جي دوڪانن ٻاهران اڪثر اڇيون ٽوپيون پائي، سونهارين کي ناسي رنگ ڪري، صاف ڪڙتي وارا نوراني منهن جا مالڪ، جن کي سنڌي ڳالهائڻ نه ايندي آهي، اڪثر وڪڻندي نظر ايندا آهن. پر اهو نمڪو جيڪو رحمان ڀٽو تيار ڪرائيندو هيو، وڏا گوشت جا ٻوٽ هوندا هيا، جن کي سڄي رات ٻاڦ تي ڳاري صبح سان لوڻ ۾ ڀُڃڻي ڏئي تيار ڪرائيندو هيو، پوءِ جاڳيراڻيءَ جي هوٽل تان نانَ وٺي ڪڏهن ابل واهه، ڪڏهن ستين جو آستان، ته ڪڏهن بکر جو قلعو روانگي ٿيندي هئي. ادل سومرو، رفيق سومرو ۽ مان، جڏهن ٽاڪ منجهند جو روانا ٿيندا هياسين ته دنيا جا سڀ ڏک، پيڙائون ۽ مسئلا اُس ۾ سڙي رک ٿي ويندا هيا. اهو وقت، تنهن وقت خوشيءَ جو وقت محسوس ٿيندو هيو الائي نه؟ پر هن وقت محسوس ٿي رهيو آهي ته ان کان وڌيڪ ڪو خوشيءَ جو وقت هيو ئي نه.
    جڏهن دوست دنيا ۾ نه رهندا آهن ته دنيا دوستن کانسواءِ نه رهندي آهي. اهي ڏينهن ياد ڪيان ٿو ته جيئرو ٿي پوان ٿو. منهنجي جسم ۾ تازگي تري اچي ٿي ۽ مان ابل واهه جي ميري پاڻيءَ ۾ تران ٿو. سکر ۾ رهندي مان درياهن جي ديس جو ماڻهو هيس. سکر کان جاڏي وڃ سامهون پاڻي. هڪ پاسي درياهه، ٻئي پاسي واهه. اڄڪلهه شڪارپور واري پاسي کان واهه نه آهي. پر ڪنهن وقت پنج ڪلوميٽر پري نارا واهه هوندو هيو، جنهن ۾ ڏوڏيون ۽ ڪُم ٿيندا هيا. نارا واهه ۾ گهڙڻ موت کي دعوت ڏيڻ هوندو هيو، ڇو جو ان ۾ خوبصورت گلابي ڪنولن هيٺان گهري پاڻيءَ ۾ ايڏيون ته گهاٽيون پاڙون هونديون هيون، جو ماڻهو انهن ۾ وچڙي پوندو هيو.
    درياهه انڪري ميرا هوندا آهن جو اهي مٽيءَ ۾ وهنجندا آهن. رمضان جي مهيني ۾ روزو رکندا هياسين ۽ جڏهن اڃ لڳندي هئي ته سنڌوءَ تي وڃي، پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏئي، نڪ بند ڪري، ٽٻي ڏئي اٺ ڏهه ڍڪ پاڻيءَ جا پي ويندا هياسين. روزي کولڻ وقت وڏڙن کي حيرت ٿيندي هئي ته “اڃ کان اسان جون اکيون ٿيون نڪرن، هنن ڇوڪرن کي ڪا پرواهه ئي نه آهي!” اهي سڏيندا هيا “ڇورا روزو کوليو.” اسان کي روزو ياد ئي نه هوندو هيو، يا ائين ٿيندو هيو ته روزو رکي سينيما ۾ مارننگ شو جي ٽڪيٽ وٺي ٽي بجي تائين وقت گذاريندا هياسين ۽ جيئن شو ختم ٿيندو هيو ته وري سامهون واري سينيما ۾ ٽڪيٽ وٺي روزي کولڻ تائين وقت گذاريندا هياسين. جڏهن ڪو پڇندو هيو “اهڙي روزي جو ڇا فائدو؟” ته ملان وانگر جواب ڏيندا هياسين “هڪ پاسي روزي جو ثواب، ٻئي پاسي فلم ڏسڻ جو ڏوهه، پاڻ ۾ ٽڪرائجي ختم ٿي ويا، نه گناهه ڪيوسين، نه ثواب کٽيوسين، جيڪڏهن روزو نه رکون ته گناهه، وري مٿان فلم ڏسون ته ٻٽو گناهه.”
    اهي ڳالهيون انهن ڏينهن جون آهن، جڏهن اڃان اسان جون پارٽيون نه ٿينديون هيون، ادبي دوستن سان ويجهڙايون نه ٿيون هيون، هونئن ته ادل سومري، رفيق سومري ۽ رحمان ڀٽي کي ننڍپڻ کان سڄاڻيندو هيس، پر اسان جي دوستي ادبي حوالي سان اڻويهه سوَ ٽيهتر کان ٿي، جڏهن ادل سومرو مان وٽ هڪ مشاعري جي دعوت جو ڪارڊ کڻي آيو، رفيق سومرو تڏهن ستر واري ٽهيءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار هيو. هن جون ڪهاڻيون “سوجهرو” ۾ وڏي اهتمام سان شايع ٿينديون هيون، ادل سومرو به ڪهاڻيون لکندو هيو، تنهن وقت سندس “سوجهرو” ۾ ڇپيل ڪهاڻي “انقلاب، ڇتو ۽ اسٽين گن” اڄ به مون کي ياد آهي. ادل سومري جي هڪ ٻي ڪهاڻي “قادو ڪنڃريءَ جي قدمن ۾” سخت لفظن ۾ لکيل هڪ منفرد ڪهاڻي هئي، جيڪا خبر نه آهي ڪيئن هضم ٿي وئي. ادل سومري پوءِ ٻارن لاءِ جام شاعري ڪئي، هن جو ڪتاب “روز ٽڙن رابيل” اڻويهه سوَ ڇاهتر ۾ شايع ٿيو، ان ڪتاب جو ڪمال اهو آهي ته ان جو ٽائيٽل، ڪيليگرافي ۽ اسڪيچ سڀ ادل سومري پاڻ ٺاهيا. ادل سومرو لاجواب شاعر هجڻ سان گڏ آرٽسٽ پڻ آهي. هن منهنجن چئن ڪتابن جا ٽائيٽل ٺاهيا. منهنجا اهي ڪتاب ناياب ٿي چڪا آهن. اهي ڪتاب مون وٽ نه آهن، پر ادل سومري جي لئبريريءَ ۾ موجود آهن. مون جڏهن هن کان اهي ڪتاب گهريا ته هن ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڏيو ته “تو وٽ وري گم ٿي ويندا.”
    ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر بدر اڄڻ جو، جنهن کي خبر پئي ته مان اڄ ڪلهه پنهنجا ڪتاب شهر ۾ وڃائجي ويل ٻارن جيان ڳولهي رهيو آهيان، هن اهي ڪتاب مون کي ڏنا.
    منهنجا ڪتاب ڦاٽي شهيد ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري جيئرا آهن، منهنجي خيال ۾ هر لئبريريءَ ڀرسان هڪ سرد خانو هجڻ گهرجي، جنهن ۾ شهيد ٿيل ڪتابن جا جنازا محفوظ ڪري سگهجن، جيئن وقت گذرڻ کان پوءِ ان جي مالڪ کي ياد پوڻ تي سندن منهن ڏيکاري سگهجي.
    اسان سنڌين کي نوان ڪتاب نه، پر ڦاٽل ڪتاب ڏاڍا وڻندا آهن، ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ۾ هر آچر تي لڳندڙ ڪتابن جي لنڊا بازار ۾ ماڻهو اڪثر ڦاٽل ڪتاب پسند ڪندا آهن، ڇو جو انهن تي اهڙو سن لکيل هوندو آهي، جنهن ۾ سَن ۾ اهي اڃان پاڻ پيدا ئي نه ٿيا هيا. انهن ڦاٽل ڪتابن کي عظيم چئي جلد بند ڪرائي کوجنا ڪندڙ ان ڪري محفوظ ڪندا آهن جو پڙهڻ کانپوءِ کين پنهنجي عمر ننڍي محسوس ٿيندي آهي.
    ادل سومرو سٺو دوست انڪري آهي ته ان کانسواءِ سڀ پارٽيون نامڪمل هونديون هيون. هونئن ته ادل سومري سان گڏ مان سکر جي سخت گرميءَ ۾ ٽاڪ منجهند جو مٿي تي ٽوال رکي اهي سڀ فلمون ڏٺيون آهن جيڪي اڻويهه سوَ پنجاسيءَ تائين سينيمائن ۾ لڳيون. ان دور کانپوءِ اسان وي.سي.آر تي ڪيتريون ئي آرٽ موويون ڏٺيون، جن ۾ نصيرالدين شاهه طوطي جيان اکيون گول ڪري اداڪاري ڪندو هيو. شبانا اعظمي نوٽ سنگهندي هئي ۽ ششي ڪپور کلندو هيو ته ان جا پاسن وارا وڏا ڏند ظاهر ٿيندا هيا.
    پارٽين جو ذڪر ڪندي رحمان ڀٽي جي پچايل نمڪي جي تعريف نه ڪرڻ بد ذائقو ٿيندو. ابل واهه تي وهنجندي جڏهن دسترخوان تي رحمان ڳوري هاٽ پاٽ جو ڍڪڻو کوليندو هيو ته خوشبوءِ تي چوڌاري ڪانءَ ڪٺا ٿي ويندا هيا. اهي اڏري چوڌاري ڦيرا ڏيندا هيا. هڪ هٿ سان کائيندا هياسين ٻئي هٿ سان “هُش هُش” ڪندا هياسين. چوڌاري باغن ۾ کجين جا هزارين وڻ هوندا هيا، جن ۾ رَسيل ڏوڪا ماکيءَ جي ڦڙن جيان لڙڪندا هيا. پر صد افسوس ڪانءَ ڏوڪا نه کائيندا آهن. ماڻهوءَ جو مٿو کائيندا آهن.
    ڪانءَ ڏوڪا کائين ها ته اسان کي نمڪو آرام سان نصيب ٿئي ها. هڪ دفعي رحمان ڀٽي جي وڏي پٽ جنهن جي ان وقت عمر پنج سال هئي، هڪ وڏي ٻوٽي ابل واهه جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ اڇلي ۽ سڀ سياڻا ڪانءَ لڙهندڙ ٻوٽيءَ پويان اڏرندا پري هليا ويا. ڇا ڪجي ڳالهه سنجيدگيءَ سان ٽارڻ لئي مزاح جي ضرورت پوي ٿي. ان ڳالهه کي مزاح سمجهندا، مذاق نه. مزاح جا مٿي ويندڙ ڏاڪا آهن. پهريون مزاح، پوءِ مذاق، هٿ چراند، هٿ ڇوهي، يخيون، لپاٽون، ويڙهه، لڙائي، جنگ، ايٽمي جنگ، هيروشيما، ناگاساڪي ۽ تباهيءَ کان پوءِ ٿڌي جنگ، سو ان کان اڳ جو ڪول وڌي هاٿي ٿي پوي ۽ پنهنجي ڪن ۾ پاڻ گهري. پاڻ کي ماري وجهي، چڱو آهي ته ڪول کي لت ڏئي مارجي.
    جڏهن پارٽيون ٿينديون هيون ته هڪ پارٽيءَ ۾ ستين جي آستان تي رحمان ڀٽي جيئن ڳوري هاٽ پاٽ جو ڍڪڻو کوليو ته خوشبوءِ تي پاڙي جا اٺ جوان پڄندا اچي ستين جي آستان تي پهتا. نه دعوت، نه سڏ. نمڪو کائي اهڙي “واهه واهه” ڪيائون جيئن سکر واري شاعر رحمان جا فراديءَ اڃان اڌ شعر ٻڌايو هجي. پاڙي جي هڪ جوان ٻڌايو ته کيس هادن هٽ واري کان خبر پئي سوچيم ته ست ڄڻا پاڻ سان گڏ وٺي وڄاڻ اتي چوباس راند کيڏنداسين. مون انهن کان پڇيو.
    “تاسون گهڻيون آنديون اٿوَ؟”
    چيائون “هڪ”
    “ته پوءِ هڪ تاس سان ٻارنهن ڄڻا چوباس ڪيئن کيڏندا؟”
    “سائين مسئلو ئي نه آهي.” انهن مان هڪ چيو “ٽي ٽوليون ٺاهيون، هڪ کيڏندي ٻه ڏسنديون.”
    پوءِ هاٽ پاٽ خالي ٿي ويو، رحمان ڀٽي هادن هٽ واري کي دل ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو، جنهن کان هن صبح رائتي لاءِ انب چُور ورتي هئي.
    رفيق سومرو، ادل سومرو، رحمان ڀٽو ۽ مان هڪ دفعي نمڪي جو هاٽ پاٽ، ڦودني ڌاڻن ۾ ڀڳل وڏي گوشت جون سايون ٽڪيون، نان ۽ رائتو کڻي بکر واري قلعي ۾ پهتاسين. تڏهن ان قلعي تي فوجين جو قبضو نه هيو ۽ ڪيترائي تاريخي نشان سلامت هيا. هڪ اهڙو پراڻو چبوترو جنهن جي ڇت سلامت هئي، اسان چارئي دوست چادر وڇائي اتي ڇانءَ ۾ ويٺاسين ۽ قلعي جي تاريخ ۽ اهميت تي بحث ڪرڻ لڳاسين. قيمي جون ذائقيدار ٽڪيون، ڀڳل نمڪو، نان ۽ رائتو کائي مست ٿي پياسين. ٽاڪ منجهند جو سنڌوءَ کان ايندڙ هوا ۾ ٿورو ٿڌاڻ جو تاثر هيو.
    قاضي قادن کان دارشڪوهه تائين هر ان شخصيت تي تبصرو ڪيوسين ته اوچتو رفيق سومري سٿڻ ۾ سٿر وٽ ڪنهن شيءِ کي پڪڙيو.
    “وڇون” هن چيو.
    “وٺ وٺ” ٿي وئي. سڀ دوست اٿي کڙا ٿياسين.
    “جهلي بيهيس” هڪ دوست چيو “نه ڇڏ جاسين.”
    رفيق سٿڻ جي ان حصي کي زور سان پڪڙيو ۽ پوءِ ٻئي هٿ سان ڌڪ هنيا.
    اسان سڀ خوف کان ڏسندا رهياسين ۽ سوچيندا رهياسين ته “خدا خير ڪري وڇونءَ ڏنگي ورتس ته ڇا ٿيندو؟”
    اوچتو رفيق سومري سٿڻ ڇنڊي، پانچي مان ڪا شيءِ هيٺ ڪري. ڏسي سڀ کل ۾ اونڌا پيا هياسين. اهو پوپٽ هيو.
    رفيق هليو ويو. رحمان ڀٽو هليو ويو. ادل سکر ۾ موجود آهي ۽ مان گذريل پندرهن سالن کان ڪراچيءَ ۾ رهان ٿو.

    o


    آتم نرآستي Autodetachment

    آتم نرآستي Autodetachment


    آتم نرآستي اهڙو پاڻ مرادو عمل آهي، جيڪو وقت سان گڏ انسان کي دنيا کان ڇِني الڳ ڪري ٿو.
    فطري موت ان حالت جو نالو آهي جيڪا عمر سان گڏ جسم جي مسلسل تذليل کانپوءِ ان جي انت جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. انسان ڄمڻ سان مرڻ شروع ڪري ٿو. تازو ڄاول ٻار نئين وڳي جيان آهي ۽ زندگي ڪپڙي جيان چُڙي ٿي.
    موت مئل لاءِ نه پر جيئرن لاءِ هوندو آهي. جيڪو مري ويو، ان کي موت جي ڪهڙي خبر. موت احساس جو نالو آهي، جنهن کي جيئرا ئي محسوس ڪري سگهن ٿا. اهو سچ آهي ته جيڪو جيڏانهن آيو آهي ان کي اوڏانهن واپس ورڻو آهي. سوچيو، توهان ڪٿان آيا آهيو؟
    مان جڏهن اهڙي سوال تي سوچيندس ته پوءِ ان وقت جون تصور هوندو جڏهن مان نه هيس ۽ دنيا موجود هئي. مان اڻ هوند (Nothingness) هيس. جڏهن وجود ورتم ته ڏٺم، دنيا ڪروڙها سالن کان موجود هئي پر مان نه هيس ۽ ائين موت کان پوءِ هڪ اهڙي اڻ هوند (Nothingness) ڏانهن هليو ويندس.
    اسين ان ڪري جيئرا آهيون ڇو جو جيئڻ چاهيون ٿا. موت جو خوف جيئاري ٿو. موت مقدر جيان اسان جي رڳن ۾ موجود آهي. اسان جو هر جيوگهرڙو (Cell) پري پروگرامڊ (Preprogrammed) آهي. اسين ڪروموسومز (Chromosomes) جي لاتعداد مخفين (Codings) ۾ سمايل آهيون.
    هر جيو گهرڙي (Cell) اندر مرڪز (Nucleus) آهي ۽ مرڪز ۾ ڏاڪڻ نما ڊي.اين.اي (DNA) آهي. اهو ڊي.اين.اي (DNA) ڪروموسمز جو ٺهيل آهي ۽ ڪرموسومز اندر مقدر، تقدير، خدا، شيطان، موت، ڏاهپ ۽ ڪردار لکيل آهن.
    مون هڪ تحقيقي مڪالي ۾ پڙهيو هيو، همجنسپرستن (Homosexuals) جي ڊي.اين.اي (DNA) مخفين (Codings) ۾ همجنسپرست تخم (Homosexual gene) موجود آهي. اهي اهڙو فعل ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن کي ائين ڪرڻو پوي ٿو، جيئن انهن جي اندر لکيل آهي. اهي مخفيات (Codings) لوح ۽ قلم آهن. اسان جو هر جيو گهرڙو جيئڻ جا وس ڪري ٿو ۽ ان کي ائين ڪرڻو پوي ٿو جيئن اندر جو امُر آهي.
    فطرت (Nature) انسان جي وجود اندر هڪ ڏينهن ۾ ڏهه هزار تبديليون آڻي ٿي. فطرت جون سٺايون يا خرابيون جيوگهرڙن (Cell) تي اثرانداز ٿين ٿيون. سٺايون سٺيون تبديليون آڻن ٿيون ۽ خرابيون خراب تبديليون. سڀ فطرت جي اثرانگيزين کي ساڻ کڻي بگڙجنديون يا سنورجنديون ظهور ۾ اينديون رهن ٿيون.
    هر ساهوارو جيوگهرڙن (Cells) جو ٺهيل آهي. جيڪڏهن وجود جي ڪنهن ڪٽيل حصي کي خاص مهارت سان خوردبين ۾ ڏٺو وڃي ته وجود جي مختلف حصن ۾ الڳ قسم جا جيوُگهرڙا نظر ايندا. وجود جو هر جيوگهرڙو الڳ حيثيت رکي ٿو. هر جيوگهرڙو هڪ الڳ شخصيت آهي. جيوگهرڙا ٽٽندا ۽ ٺهندا رهن ٿا. اندر جي اها ڀڄ ڊاهه حياتيءَ سان گڏ هلندي رهي ٿي. ان تي ماحول (Enviroment) اثرانداز ٿئي ٿو ۽ حياتيءَ کي متاثر ڪري ٿو. ماحول جا اثر هاڪاري هجڻ بجاءِ ناڪاري رهيا آهن. ويهين صديءَ جي صنعتي انقلاب هڪ نئون انسان ٺاهڻ شروع ڪيو، جيڪو ڏاڏن پر ڏاڏن کان گهڻو مختلف آهي. انسان کي اهڙو وجود گهرجي جيڪو صنعتي تبديلين کي قبول ڪرڻ جي قابل هجي. انسان اندر اهڙي انقلابي صورتحال آهي جو هن جي جسم جو هڪ حصو ٻئي حصي سان جنگ ۾ مصروف آهي. انسان جي بقا ان ۾ آهي ته هو هر قسم جي گدلاڻ کي قبول ڪري ماحول مطابق ڍلجي وڃي. پر اهو سڀ پاڻمرادو عمل آهي جيڪو جاري آهي ۽ رهندو. جنهن ۾ انسان جي خواهش ۽ مرضيءَ جو عمل دخل نه آهي.
    اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته انسان ۾ جيئڻ جي لامحدود صلاحيت هوندي هن تي موت طاري ٿي وڃي ٿو. انسان پنجن حواسن سان زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪري ٿو. ڇهون حواس کيس موت کان خبردار ڪري ٿو. هن جي رڳ رڳ زندگيءَ لاءِ واجهائي ٿي پر پوءِ به موت حاوي ٿي وڃي ٿو.
    ان جو سبب اهو آهي ته موت اڳواٽ مخفي (Precoded) آهي. اهو مقدر جيان هن جي ڪروسومز جي تخم (Gene) تي لکيل آهي. اهو ڪيئن لکجي ويو؟ ڇو لکجي ويو؟ انسان جيئڻ لائق ڇو نه هجي پر امرتا جي حدن کي ڇهي نه ٿو سگهي.
    تند جيوگهرڙا (Fibroblasts) جيڪي انسان جي جيوگهرڙن جي گروهن (Tissues) ۾ موجود آهن، انهن کي اها فوقيت حاصل آهي ته اهي وڍيل عضوا پيدا ڪري سگهن ٿا. تند گهرڙن کي ليبارٽريءَ ۾ خاص ماحول ڏئي ان حد تائين ورهائي (Proliferate) ڪري سگهجي ٿو جو ان مان عضوو (Organ) ٺاهي سگهجي ٿو. ورهاست دوران هر جيوگهرڙو اڳلائپ (Mitosis) جي عمل مان گذري ٿو. هڪ خاص حد تي اچي اها ورهاست رڪجي وڃي ٿي ۽ جيوگهرڙو وڌيڪ ورهائجي نه ٿو سگهي.
    هڪ تازي ڄاول ٻار مان حاصل ڪيل تند جيوگهرڙو (Fibrolast) پنجهٺ دفعا ورهائجڻ کانپوءِ وڌيڪ ورهاست جي قابل نه ٿو رهي. ائين سمجهڻ گهرجي ته اها ان جي حياتيءَ جي حد آهي. اهو سڀ ان ۾ اڳواٽ مخفي (Precoded) آهي. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ هڪ پروجيريا (Progeria) جي مريض جو تند جيوگهرڙو (Fibroblast) پنجٽيهه دفعا ورهائجي وڌيڪ ورهائجي نه ٿو سگهي.
    پروجيريا (Progeria) پيدائشي نقص آهي جنهن ۾ انسان جي عمر ننڍي ٿئي ٿي. اهو جلدي جوان ٿئي ٿو ۽ پوڙهو ٿي مري وڃي ٿو. هن جي عمر سورهن ۽ ٻاويهن سالن جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿي. هندستان ۾ ان موضوع تي “پو” نالي هڪ فلم به ٺهيل آهي جنهن ۾ پروجيريا جي مريض جو ڪردار مشهور اداڪار اميتاب بچن ڪيو.
    جيئڻ جي جدوجهد جي حد آهي ۽ ان حد کان جدوجهد جي ڪا به گنجائش موجود نه آهي. اهائي صورت حال آهي جيڪا ارتقا (Evolution) جي تصور سان متصادم ٿئي ٿي. جيڪڏهن Survival of fittest آهي ته پوءِ موت طاري ٿيڻ جو سبب سمجهه ۾ نه ٿو اچي يا ائين چئجي ته
    Nobody is fit to survive – انسان اڃان مڪمل نه ٿيو آهي، هن ۾ اڳواٺ مخفياتي سرشتو (Precoded System) سمجهه ۾ نه ٿو اچي. اهو سوچڻو پوي ٿو ته ڇا اسين ڪنهن جي تابع آهيون يا هر شيءِ پاڻ مرادي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مان منڪر (Atheist) نه آهيان پر منجهيل (Agnostic) آهيان. ڪڏهن مونکي سمنڊ جي سپ اندر خدا موتيءَ جيان نظر اچي ٿو ۽ ڪڏهن سپ خالي آهي ۽ مان موجود آهيان. توهان جيڪڏهن بيرجي ڍلائيءَ جي ڪارخاني جو جائزو وٺندا ته مها ڪاريگر واري وڇائي ان ۾ مطلب جا سانچا ٺاهيندو آهي ۽ مزدور بير بٺيءَ ۾ گرم ڪري رجائي انهن سانچن ۾ اوتيندا آهن. بير ٿڌو ٿي سانچي جي صورت اختيار ڪندو آهي، انسان به ائين فطرت جي سانچن ۾ ڍلجي وڃي ٿو.
    انسان جي هيت (Formation) ۽ خوبيون (Properties) فطرت جي سانچن ۾ پروان چڙهن ٿيون. ڊارون (Darwin) چيو “انسان حالتن موجب ڍلجي ٿو.”
    ائين نه آهي پر “حالتون انسان کي ڍالين ٿيون.”
    ڍلجڻ ۾ انسان جو ڪو ڪردار نه آهي. منهنجي خيال ۾ اهو سڀ خودڪار (Autonomous) آهي. اها خاصيت انسان ۾ ڪيڏاهن آئي. مون وٽ ان جو ڪو به جواب نه آهي!
    انسان هر لمحي ۽ لحظي جسماني تبديلين کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. حياتي پڳ جيان هن جي مٿي سان ويڙهيل آهي. ڪنهن جي پڳ ننڍي آهي ڪنهن جي وڏي. ڪنهن جي ميري آهي. ڪنهن جي اجري.
    زندگي گذارڻ پاڻ تي تشدد ڪرڻ آهي. اسان جي جستجو وجود جو ڦتڪڻ آهي. اسين ان صابڻ جيان آهيون جيڪو حياتيءَ جا داغ ڌوئي ڳري وڃي ٿو. زماني جا ذائقا چکيندي هڪ ڏينهن ڦڪا ذائقا وڻن ٿا. رت جي شگر (Sugar) اکين کي ان حد تائين متاثر ڪري ٿي جو هر نظارو ڪوڙاڻ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. گڙدا ۽ دل آکاڙي ۾ ملهه وڙهندڙ پهلوان جيان ٿڪجي پون ٿا. ڪروموسومز ۾ موجود موت جو اڳواٽ مخفي تخم (Precoded gene of death) اسان کي موت لاءِ تيار ڪري ٿي. مرڻ کان اڳ زماني سان ٻڌل ڌاڳا پراڻا ٿي ڇڏن ٿا. عشق ۽ حُسن جا ڌاڳا، خوشين ۽ غمين جا ڌاڳا، رشتن ۽ دوستن جا ڌاڳا، کائڻ پيئڻ ۽ “سمهڻ” جا ڌاڳا. اسان کي اهڙو تخم تياري ڪري ٿو ته ايندڙ مرحلو ڪهڙو آهي. پوڙهي جي بخيلائپ فطري عمل آهي. ان جو ڪُرڪڻ جائز آهي. ان جون اڪيلائيون. اکين جي ڳوڙهن ۾ ترندڙ حسرتون، مايوسيون ۽ پڇتاءُ پاڻ مرادو ظاهر ٿيندڙ آتم نرآستيءَ جون نشانيون آهن. ڄمڻ کان مرڻ تائين فطرت اسان لاءِ آسانيون پيدا ڪري ٿي. پر اسان انهن کي مشڪل بنائي وجهون ٿا. فطرت اسان کي هر گهڙي ايندڙ گهڙيءَ لاءِ تيار ڪري ٿي، ائين جيئن ننڍي ٻار کي اسڪول موڪلڻ لاءِ ماءُ تيار ڪندي آهي. اسين دنيا ۾ پهچي غفلتن جي سمنڊ ۾ غوطا کائون ٿا. حاصل ڪرڻ جي حسرت ۾ سڀ وڃائي ويهون ٿا. تابڪاريءَ کان تماڪوءَ تائين ۽ حِرس کان حسرت تائين تناع (Stress) جي ڌاري ۾ وهي ٻڏي وڃون ٿا.
    آتم نراشتي هڪ فطري عمل آهي ۽ ان تحت ڌرتيءَ ۾ ڌاڳن سان ٻڌل انسان الڳ ٿي اڻ هوند (Nothingness) ۾ تبديل وڃي ٿو.

    o


    نالو ئي رفيق هيو!

    نالو ئي رفيق هيو!


    ”ڦيٿي ۽
    قسمت جي
    چڪر ۾
    وڏو فرق آهي.“

    فطرت انسان کي قلعي جي ڀت جيئن تراشيو آهي، انسان زندگيءَ ۾ المين جا ڌڪ برداشت ڪري ٿو پر مسلسل ڌڪ کيس ڊاهي وجهن ٿا.
    رفيق سومرو ڦوهه جوانيءَ ۾ ارڏو ۽ بي باڪ هيو. هڪ سگهارو ليکڪ، ايڏو پڙهيل جو هن سان جنهن ڳالهايو ان پرايو. پر المين هن کي نهوڙي وڌو. انسان جڏهن بي وس ٿي ويندو آهي ته پاڻ کي اڻ ڏٺل حوالي ڪندو آهي، رفيق به هٿيار ڦٽا ڪيا پر نتيجو اهو نڪتو جو موت ان بي هٿيار ماڻهوءَ تي قابض ٿي ويو.
    موت غم جو دوست ۽ خوشيءَ جو دشمن آهي. موت فطري طرح خوش انسان کان ٽاهه کائي ٿو. خوشيون حياتيءَ کي ڊگهو ڪن ٿيون ۽ درد انت جو در کولن ٿا.
    “منهنجو دوست رفيق دنيا مان موڪلائي ويو.” لکندي قلم تي اعتبار نه ٿو اچي. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟! ان جي عمر ايڏي پڪي نه هئي جو موت کيس پٿر هڻي لاهي وٺي. فصل ۽ ميوي جي مند هوندي آهي، موت جي ڪا به مند نه آهي. پر جيسين موت تي يقين نه اچي هو منهنجي دل ۾ جيئرو آهي. هو منهنجي تصور ۾ ڳالهائي ٿو. سوچي ٿو. هوٽل جي ڪارنر ۾ چانهه جو ڍڪ ڀري مرڪي ٿو. هڪ خوبصورت جوان جنهن جي منهن ۾ جذبن جو رت ڇوليون هڻي ٿو. هن وٽ جواب آهن، ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جون حسرتون آهن.
    هن ون يونٽ کانپوءِ واري ٽهيءَ جي اڳواڻي ڪئي. سندس سڀ کان خوبصورت ڪهاڻيون ستر واري ڏهاڪي ۾ “سوجهرو” ۾ ڇپيون. هو جنهن تيزيءَ سان اڀري سامهون آيو ان تيزيءَ سان پس منظر ۾ هليو ويو. هو چوندو هيو “مون کي نظر لڳي آهي. مون تي تعويذ ٿيا آهن.” منهنجو به عقيدو آهي، جي نظر ۽ تعويذ اثرانگيز آهن ته انهن جو سڀ کان پهريون شڪار منهنجو دوست ئي ٿيو هوندو.
    “انسان جي ڳولا” هن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي جيڪو 1978ع ۾ شايع ٿيو. رفيق جون ابتدائي ڪهاڻيون امر جليل کان متاثر آهن پر پوءِ هن پنهنجي انفراديت ڳولهي لڌي، هن وٽ پنهنجو انداز آهي، پنهنجو اصلوب آهي. رفيق سومرو حقيقت نگار اديب آهي. هن پنهنجي آس پاس ٿيندڙ واقعن کي پنهنجي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هن هڪ صوبيدار جي خودڪشيءَ تي ڪهاڻي لکي هئي. صوبيدار جا مائٽ هن سان وڙهڻ آيا هيا. هن اهڙا ڪيترائي واقعا سچائيءَ سان بيان ڪيا آهن.
    هن جو ٻيو ڪتاب “پيار جي هڪ صدي” 2011ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ناويلا “انساني تماشو” ڪهاڻيون، خط، تنقيد ۽ تاثرات شامل آهن. سندس ناويلا پنهنجي ئي زندگيءَ متعلق آهن. ان ناويلا جو مک ڪردار هن جي امڙ آهي. ناويلا پڙهڻ سان دل ڀرجي اچي ٿي. پر ان ۾ حوصلو سمايل آهي ته انسان پنهنجي تقدير جو مالڪ پاڻ آهي. الميا مقدر يا تقدير جو حصو نه آهن.
    رفيق ننڍي هوندي پيءُ جي پاڇي کان محروم ٿي ويو. هن جي ماءُ هڪ عظيم عورت هئي. مون زندگيءَ ۾ اهڙي حوصلي واريون عورتون گهٽ ڏٺيون آهن. مون رفيق جي امڙ کي ڪڏهن مايوس نه ڏٺو. هو امڙ جي دعائن جي صَلي ۾ ئي وڏو آفيسر ٿيو.
    اهو 1978ع وارو دور هيو، جڏهن رفيق سومرو ڪراچيءَ کان سکر موٽيو. ڪراچيءَ ۾ هو سوويت يونين جي سفارتخاني ۾ قائم ڪيل سنڌي سيڪشن ۾ ڪم ڪندو هيو. جنرل ضياءَ جي ڏينهن ۾ اهو سيڪشن ختم ڪيو ويو ته هو سکر موٽيو. سکر اچي هن ادبي سرگرمين ۾ حصو ورتو. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو هيو. مون کي اڄ به اهو سوچي حيرت ٿئي ٿي ته رفيق جڏهن سکر آيو ته اسان جا ڪجهه وڏا اديب هن کان ڊنل هوندا هيا ته شايد کيس انور پيرزادي يا کاٻي ڌر ڪراچيءَ کان انڪري موڪليو آهي ته جيئن سکر وڃي ادبي سنگت تي قبضو ڪري سگهي. مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته رفيق جو اهڙو ڪو به ارادو نه هيو.
    رفيق منهنجو هم عمر هيو. ٻنهي جي پيدائش جو سال ساڳيو آهي. پرائمري اسڪول کان هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني تائين مون هن کي ڏٺو پر ويجهڙائپ ستر واري ڏهاڪي ۾ ٿي. ادل سومرو ۽ اياز گُل ساڳي قافلي جا همسفر هيا.
    مون کان اهي پڪنڪ پارٽيون ڪڏهن وسري نه ٿيون سگهن، جيڪي اسان ستين جي آستان، ساڌ ٻيلي، بکر ۽ ابل واهه تي ڪيون. انهن پارٽين جو سرواڻ عبدالرحمان ڀٽو هيو، جنهن ۾ رفيق، ادل ۽ مون کانسواءِ ٻيا دوست شريڪ ٿيندا هيا.
    رفيق سومرو ڇهين مارچ 2014ع خميس جي ڏينهن گذاري ويو، سندس وڇوڙو ادب جو انڪري نقصان آهي جو هو هڪ وڏي مطالعي وارو اديب هو ۽ لکيل پڙهيل اديبن جو تعداد سنڌي ادب ۾ لوڻ برابر آهي.هو صرف سٺو اديب نه پر هڪ سٺو دوست پڻ هيو، ڇو جو هن جو نالو ئي رفيق هيو.
    o


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 821
    ڪتابن جو مشاهدو: 1870187
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 507992
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ