ڪتاب جو نالو: ڳوٺ جروار کان جپان
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 مئي 2019 ع
پڙهيو ويو: 848 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 217 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ دنيا جو پهريون سفرناما نويس آهي، جنهن ايتري وڏي تعداد ۾ ايترن گهڻن ملڪن جا سفرناما لکيا آهن. هن سنڌي ادب ۾ پڙهندڙن جو تعداد وڌايو آهي، سنڌي سفرنامي کي عروج تي رسايو آهي، الطاف شيخ جو سنڌي ادب ۾ تمام وڏو Contribution آهي، جيڪو سنڌ صدين تائين ياد رکندي.
الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. بهرالحال هر دفعي جيان هن دفعي به الطاف صاحب وس ڪري هر جملي جي جوڙجڪ اهڙي ڪئي آهي جيڪا پڙهندڙن کي وڻي ۽ سندن رُڳو دلچسپي ئي نه پر معلومات وڌائڻ جو پڻ باعث ٿئي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب : ايڊووڪيٽ عبدالمجيد کوسي جي نالي
  • جپان جي ڇا ڳالهه ڪجي
  • مطالعي لاءِ مجبور ڪندڙ ليکڪ-الطاف شيخ
  • پي ايڇ ڊيءَ جو موضوع بڻجي ويل الطاف شيخ
  • جپان ايندڙن جي آسانيءَ لاءِ.....
  • جپان ۾ مسلمانن جي زندگي
  • جپان ۾رهندڙ هڪ مسلمان شاگردياڻيءَ جو انٽرويو
  •   پاڪستاني گڏههُ پاڻهي جپان پهچيو وڃي
  • ڌارين وٽ پرڻيل جپاني زالون
  • ڳوٺ جروار کان جپان پهتل مسافر
  • هاراڪِري ـــ پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ....
  •   جپانين جا دلپسند بنگالي
  • ماني ۽ ڀت جي ڪهاڻي
  • هر شيءِ High Tech
  • جپان جون ريسٽورنٽون ۽ کاڌا
  • گوليءَ جيان تيز جپان جي بليٽ ٽرين
  • غريبَ جو ٻار سدائين سورن ۾
  • ڪيتري دير هڪ ٽنگ تي بيهي سگهو ٿا؟
  • ڇا ممباسا ۽ ڪيوٽو هڪ جهڙا آهن؟
  • لاهور ۽ بنارس جهڙو شهر ڪيوٽو
  • ادب جي دنيا ۾ ڪيوٽو
  • سلطانا اڃان جيئري آهي...
  • ٻليءَ مندر جي قسمت بدلائي ڇڏي.....
  • جپاني لوڪ ڪهاڻين جو ڪردار ”تنوڪي“
  • جپان ۾ لومڙ/لومڙيءَ جا ڪَمَ
  • خوبصورت عورت جِن ڀوت هوندي هئي....
  • جپان ۾رهڻ دوران

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڳوٺ جروار کان جپان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو جپان بابت ھڪ نئون سفرنامو آهي.
    الطاف شيخ دنيا جو پهريون سفرناما نويس آهي، جنهن ايتري وڏي تعداد ۾ ايترن گهڻن ملڪن جا سفرناما لکيا آهن. هن سنڌي ادب ۾ پڙهندڙن جو تعداد وڌايو آهي، سنڌي سفرنامي کي عروج تي رسايو آهي، الطاف شيخ جو سنڌي ادب ۾ تمام وڏو Contribution آهي، جيڪو سنڌ صدين تائين ياد رکندي.
    الطاف شيخ جي سفر نامن جي شروعات به سنڌ آھي ته پڄاڻي به سنڌ آھي. ڏورانھين ڏيهن ۾ پنھنجن سنڌي سٻاجھڙن کي ڳولهي لھڻ ۽ انهن تي لکڻ اھا ڪا ننڍي ڳالھ ناھي. بهرالحال هر دفعي جيان هن دفعي به الطاف صاحب وس ڪري هر جملي جي جوڙجڪ اهڙي ڪئي آهي جيڪا پڙهندڙن کي وڻي ۽ سندن رُڳو دلچسپي ئي نه پر معلومات وڌائڻ جو پڻ باعث ٿئي.
    هي ڪتاب ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب : ايڊووڪيٽ عبدالمجيد کوسي جي نالي

    جپان جو هي سفر نامو ”ڳوٺ جروار کان جپان“ هڪ نوجوان، ذهين، محنتي ۽ قابل وڪيل ۽ هڪ نيڪ، سيلف ميڊ ۽ مثالي انسان عبدالمجيد کوسو کي منسوب ڪريان ٿو. سنڌ ۾ تعليم گھٽ آهي. بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. صحت جو ڪو خيال نه آهي. غربت آهي. ان هوندي به اسان جا شهرن توڙي ڳوٺن جا ڪي ڪي نوجوان پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان مختلف ڪاروبارن ۽ پروفيشن ۾ نالو روشن ڪندا اچن. گذريل ڏهاڪو سالن کان آئون اهڙن ئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين بابت لکندو اچان جن مشڪل حالتن ۾ رهي مختلف فيلڊن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. پوءِ اهو چاهي نيوزيلنڊ ۾ رهندڙ پروفيسر محمد عمر چَنڊ هجي يا لاڙڪاڻي جي ملائيشيا ۾ ڪم ڪندڙ پيٽروليم انجنيئر اسرار عباسي. ملائيشيا ۾ ئي ڪاروبار ڪندڙ روهڙيءَ جو علي سولنگي هجي يا جاپان ۾ ڪارن جو ڪاروبار ڪندڙ فهيم جروار..... يا ٻيا ڪيترائي جيڪي مون پنهنجي اکين سان ڏٺا ته هنن ڪيئن محنت، ايمانداري ۽ دل جوئيءَ سان زيرو مان مٿي چڙهي اڄ جي پوزيشن تي پهتا. مون کي ڪيترائي نوجوان فون ڪري شڪايت ڪندا آهن ته سائين اسان B.A ڪئي آهي پر اسان جو ڪو وزير يا سياستدان مائٽ ناهي. ان ڪري نوڪري نٿي ملي. بقول ميڊم انيتا شاهه جي اسان جي ماڻهن ۾ Self Pity جو ڏاڍو احساس آهي. هو هر وقت غربت جي ڳالهه ڪري همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. آئون هن سان سهمت آهيان ان ڪري آئون انهن نوجوانن کي هميشه چوندو آهيان ته وزيرن وڏيرن تي ڀاڙڻ بدران محنت ڪري پڙهو يا ڪو هنر سکو ۽ تعليم ۽ هنر به اهڙن ڪمن ۾ حاصل ڪريو جن جي دنيا کي ضرورت آهي پوءِ اهي ڀلي ڏکيا هجن. ان تي عمل ڪري ته ڪنڊيارو جو اوڏ ڊاڪٽر رامچند آمريڪا جي ڪولوراڊو يونيورسٽي جو پروفيسر آهي ۽ سندس پُٽ هوائي جهاز جا پائليٽ آهن. ڊاڪٽر لڇمڻ اوڏ ڪئناڊا ۾ دل جي بيمارين جي علاج جو ڊاڪٽر آهي ۽ ٽنڊو جان محمد جو ڊاڪٽر رامچند ملائيشيا ۾ اهڙي سبجيڪٽ ۾ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ ڪري رهيو آهي جو هن کي جاپان ۽ آمريڪا جھڙا ملڪ نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهن..... اهڙا ڪئين مثال منهنجي اکين اڳيان آهن ۽ ڪوشش ڪري انهن جو احوال پنهنجي ڪالمن ۾ لکان ٿو جيئن اسان جي نوجوانن کي انهن جون ڳالهيون پڙهي اتساهه محسوس ٿئي ۽ خود ترسيءَ جي خول مان نڪري حقيقت پسند ٿين ۽ انهن کي ڏسي ۽ ٻڌي انهن جي نقش قدمن تي هلن. هو ڪيئن ڳوٺن جي عام اسڪولن مان پڙهي وڏن شهرن ۾ آيا جتي سندن نه ڪو وزير مائٽ نه ڪو مشير سڃاڻو. ڪيئن هنن ڏکيو سکيو اڌ ڍؤ اڌ بُک ۾ گذر ڪري اعلى تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي فيلڊ ۾ نالو پيدا ڪيو.
    ايڊووڪيٽ عبدالمجيد کوسو انهن مان هڪ آهي جنهن جي ڪهاڻي محنت ۽ ڪاميابيءَ جي آهي. هو ڪيئن ڳوٺ ۾ گاسليٽ جي ڏيئي تي ميٽرڪ ۽ انٽر ڪري ڪراچي پهتو ۽ اتي وڪالت پڙهيو ۽ LLB ۽ LLM ڊگريون حاصل ڪيائين. هن دل لڳائي وڪالت ۽ صحيح معنى ۾ علم حاصل ڪيو جنهن لاءِ اسان جي نانيءَ جو ڀاءُ جسٽس عبدالرحمان مرزا (جسٽس حامد علي مرزا جو والد) چوندو هو ته ”سٺو وڪيل ٿيڻ لاءِ لوهه جا چڻا ڄٻاڙڻا پون ٿا.“ ۽ آئون سمجھي سگھان ٿو ته ان قسم جي محنت عبدالمجيد ضرور ڪئي آهي.
    اسان وٽ وڪيلن سان سڀني کي شڪايتون رهن ٿيون. سٺا ۽ هوشيار وڪيل ضرور آهن پر هنن کي انسان ذات سان گھٽ ئي همدردي آهي. هتي نالو نٿو لکان پر هن نوجوان وڪيل لاءِ اهو ٻُڌي حيرت ۽ خوشي ٿي جڏهن هڪ اعلى جج وڪالت جي دنيا جون ڳالهيون ٻڌائيندي عبدالمجيد کوسي جي دل سان تعريف ڪئي. ”وڪيل ته چوڌاري گھڻائي آهن.“ ۽ پوءِ هن جيڪي ٽي چار هوشيار، ايماندار ۽ همدرد وڪيلن جا نالا کنيا انهن ۾ عبدالمجيد کوسو جو پهريون نالو هو.
    عبدالمجيد کوسو وڪيل جو تعلق ڦلجي تعلقي سان آهي. ڦلجي مون ڏٺو ناهي پر ٻڌو ضرور آهي، خاص ڪري اڄ کان ڏهه سال اڳ ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچر دوران جڏهن هڪ ذهين شاگردياڻيءَ (ذهين ان ڪري جو هن جي پڇيل سوالن مان مون کي هوءَ سڀني ۾ هوشيار لڳي رهي هئي) کان جڏهن پڇيم ته هن جا وڏا سنڌ جي ڪهڙي شهر کان هتي لڏي آيا هئا؟ پڪ شڪارپور جا ئي هوندا ڇو جو ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ مون کي شڪارپور، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جا ئي هندو سڀ ۾ هوشيار لڳا آهن.
    منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن هن چيو ته، ”مونکي چڱي طرح ياد نه آهي..... لڳي ٿو هو فجيءَ کان لڏي هتي آيا.“
    ”محترما فجي ته سائوٿ پئسفڪ سمنڊ جو هڪ ٻيٽ آهي.... سنڌ ۾ ڪوبه فجي نالي شهر ناهي.“
    مون چيو: ”نه بابا امان ٻڌائيندي آهي ته اسان جو ڏاڏو فجي مان لڏي هتي آيو.“
    هن چيو.
    ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي بعد ۾ چيو ته، ”آئون هن ڇوڪريءَ جي ڏاڏي کي سڃاڻان، هو دادو ضلعي جي شهر ڦلجيءَ کان لڏي هتي آيا هئا.“
    ان قسم جا ڪيترائي مثال ٿيندا رهن ٿا جو سنڌ کان لڏي آيلن جي ٽي ٽهينءَ مان ڪيترن کي اها خبر ناهي ته هنن جا وڏا ڪهڙن شهرن کان آيا. تڏهن ته پروفيسر جگديش لڇاڻيءَ کي به هڪ اسٽوڊنٽ پنهنجن وڏن جو شهر ”ٽلٽي“ بدران ”اٽلي“ ٻڌايو. بهرحال ان بعد مون کي خبر پئي ته هندن جي لڏي وڃڻ بعد سنڌ جا ڪيترائي قابل ماڻهو ڦلجيءَ سان واسطو رکن ٿا. اسان جي اديب، ڪالم نگار ۽ بيورو ڪريٽ عمر قاضيءَ کان پوليس جي نيڪ آفيسر آفتاب پٺاڻ جو واسطو ڦلجيءَ سان آهي.
    اسان جو نوجوان وڪيل عبدالمجيد کوسو ڦلجي جي ڀرسان هڪ تمام Remote ۽ ننڍڙي ڳوٺ ”حافظ عرض محمد کوسو ڳوٺ“ ۾ 5 اپريل 1980ع ۾ ڄائو.
    ميٽرڪ پيارو ڳوٺ هاءِ اسڪول مان ڪرڻ بعد هن انٽر ڊگري ڪاليج دادوءَ مان ڪئي. ان بعد ڪراچي ۾ اچي هن LLB ۽ LLM ايس ايم لا ڪاليج مان ڪئي. وڪالت جي پريڪٽس هن مرحوم عزيزالله شيخ سان ڪئي. اڄ ڪلهه هو هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي ۽ گھڻو ڪري ڪرمنل قسم جا ڪيس کڻي ٿو. گذريل ڇنڇر تي سٽي ڪورٽ ۾ منهنجي هن سان ملاقات ٿي ۽ هن ڪجھه پيئڻ لاءِ چيو ته مون هائوڪار ڪندي چيومانس ته ”ڊسمبر جو مهينو آهي، ٿڌي هوا لڳي رهي آهي چانهه جو آسرو ٿي وڃي ته سٺو.“
    چانهه لاءِ هڪ بهترين جاءِ آهي جتي آئون نه فقط غربت وارن ڏينهن ۾ پر اڄ به پيئندو آهيان. عبدالمجيد چيو ۽ اسان ڪورٽ جي پوئين در وٽان نڪري بئڪ سائيڊ واري گلي ۾ طيب علي اسڪول وٽ هڪ داٻي واري وٽ اچي ويٺاسين.
    ”مجيد پراڻا ڏينهن ياد ڏياري ڇڏئي“ مون چيو.
    ”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مجيد پڇيو، ”پراڻا ته آئون پنهنجا ياد ڪرڻ لاءِ هتي ايندو آهيان.“
    ”منهنجي به پراڻن ڏينهن جو واسطو هن علائقي سان آهي.“ مون مجيد اڳيان راز فاش ڪيو. ”تون اڃا ڄائو به نه هئين... هيءَ 1968ع وارن سالن جي ڳالهه آهي جڏهن آئون جهاز تي جونيئر آفيسر هوس، پگھار گھٽ هو، ولايت ۾ ٻين شين جي خريداريءَ لاءِ پورو پنو پئسو هو، پوءِ گرم ڪپڙا وٺڻ لاءِ هميشه انهيءَ سامهون واري لنڊا بازار ۾ ايندو هوس. جيئن ئي ٻڌندو هوس ته جهاز تي سامان ناروي، سئيڊن، ڪئناڊا، جپان، ڪوريا يا ڪنهن ٻئي ٿڌي ملڪ لاءِ چڙهي رهيو آهي ته رڪشا ۾ چڙهي ڪياماڙيءَ کان هتي ايندو هوس ۽ ڪڏهن اوور ڪوٽ ته ڪڏهن مفلر، لانگ جونس، گرم ٽوپ يا ٻي ڪا کُٽل شيءِ خريد ڪندو هوس ۽ آئون ۽ جهاز تان آيل ٻيو ڪو دوست هتي ويهي چانهه پيئندا هئاسين.

    الطاف شيخ
    25 ڊسمبر 2018ع


    جپان جي ڇا ڳالهه ڪجي

    دل ۾ دنيا ڏسڻ، سمجهڻ ۽ گهمڻ جو شوق ننڍپڻ کان وٺي گهڻو هو. ننڍپڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ دلچسپيءَ سان دنيا جا نقشا ڏسندي هيس. اسان جي اسڪول جي ٻاهرين ڀت ۽ پرنسپال جي آفيس جي ڀرسان واري ڀت تي نقشو ٺهيل هوندو هو. هاڻ ياد نه آهي ته اهو دنيا جو نقشو هو، پاڪستان جو يا سنڌ جو- پر اسڪول ۾ اچڻ شرط پهرين آئون ان تي هڪ نظر وجهڻ نه وساريندي هيس ڄڻ ته ڪنهن مقدس درگاهه، مسجد يا مندر يا ڪليسا جي چائنٺ چمندي هجان. ڪيڏي مهل پرنسپال جي آفيس ۾ وڃي انهن ريشمي ڪتابن کي ڏسڻ نه وساريندي هيس جن ۾ دنيا جا نقشا لڳل هوندا هئا. اڃان تائين به جڏهن نئين سال جي ڊائري وٺندي آهيان ته جنهن ڊائريءَ ۾ دنيا جا نقشا تفصيل سان هوندا آهن اها وٺندي آهيان.
    زندگيءَ ته دنيا گهمڻ جو شوق پورو نه ڪيو پر الطاف شيخ جي خوبصورت سفرنامن ان گهمڻ جي سڪ کي ڪنهن حد تائين پورو ضرور ڪيو. پسنديده ليکڪ جي لکڻين تي لکڻ ڏاڍو اوکو ٿو لڳي. ننڍپڻ کان اڄ تائين الطاف شيخ کي هڪ بهترين ليکڪ جي حيثيت سان پڙهيو ۽ ياد ڪيو اٿم.
    جيڪا انفراديت الطاف جي لکڻين ۾ مون کي محسوس ٿي آهي اها سندس پنهنجائپ واري ٻوليءَ جي ڪري آهي. هو جنهن به ملڪ جو سفرنامو لکي ٿو ته اُتي جي مقامي ماڻهن سان توڙي اتي موجود پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان ڪيل ملاقاتن جو احوال هو ايترو ته دلچسپ ۽ فطري انداز ۾ ڏئي ٿو جو اسان کي هميشهه ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اسين پاڻ انهن سان ملاقات ڪري رهيا آهيون. اسان کي خود به انهن ماڻهن سان ملڻ جو اشتياق ٿئي ٿو. اهي اسان کي پنهنجا عزيز ۽ دوست محسوس ٿيڻ لڳن ٿا.
    ٻي خاص ڳالهه الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ مون کي اها محسوس ٿي ته هو هر ملڪ گهمڻ سان گڏوگڏ اتي جي ماڻهن جي نفسيات ۽ مزاج جي وضاحت به ڪندا هلن ٿا ۽ ان سان گڏ ان ملڪ جي ٻولي ۽ ٻوليءَ جي اصطلاحن جي باري ۾ به ڄاڻ ڏيندا رهن ٿا. الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ تاريخي پس منظر، رسمون رواج، مرڻي پرڻي جون ريتون هر ڳالهه ايتري ته وضاحت سان بيان ڪيل هوندي آهي جو دل ڪتاب رکڻ لاءِ تيار ئي ناهي ٿيندي. خيالن جي اڏام ڄڻ ته ان ملڪ مان ٻاهر نڪرندي ئي نه آهي. تصور ۽ تخيل جي پڙدي تي هر شيءَ جا منظر ائين چٽا نقش ٿيندا ويندا آهن ڄڻ ته اسين بذات خود اتي موجود هجون.
    الطاف شيخ جو موجوده نئون سفرنامو جيڪو جپان جي باري ۾ آهي ان ۾ هو هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته، ”جپان پهچڻ تي جپان ۾ رهندڙ هڪ سنڌي واقفڪار کان جڏهن پڇيم ته هاراڪِري (Hara Kiri) ڇا آهي ته هن ٻڌايو ته ”ڇريءَ سان پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ“.
    ”اها ته مون کي به خبر آهي، پر ان جي پٺيان مقصد يا فلسفو ڇا آهي؟“ الطاف پڇيس.
    ”اهو ئي جيڪو پاڻ وٽ سنڌ ۾ ڪاروڪاري جو آهي يعني Honour Killing غيرت ۾ اچي ڪنهن کي مارڻ“ هن چيو. الطاف لکي ٿو ته آئون ان ۾ لڪل ٽوڪ ۽ چرچو سمجهي ويس. جپاني زالون هونءَ وڏن سورن ۾ آهن، سڄو ڏينهن پورهيو ڪن، مڙس ۽ ٻارن جي خدمت ڪن، ان هوندي به مڙس جا موچڙا کائين! ساڳيو حال سنڌي عورت جو آهي، خاص ڪري هڪ ڳوٺاڻي عورت جو. بقول سنڌياڻي تحريڪ جي زاهده شيخ جي ته هو ڏينهن تتي جو توڙي سياري جي سرد رات ۾ گهر جو ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪري ٿي ۽ مڙس جي ته خدمت چاڪري ڪري ٿي پر ان جي گڏهه ۽ وهٽن جو به خيال رکي ٿي ۽ مڙس کي جڏهن وڻي هن کي غيرت جي نالي ۾ ڪاري چئي ڪهي ڇڏي ٿو. جپاني عورت گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه ۾ خوشنصيب آهي. جپاني مرد کي جڏهن غيرت اچي ٿي يعني هن جي عزت جو سوال پيدا ٿئي ٿو ته هو زال تي ڏنڊو کڻڻ بدران ”ٽانٽو“ (ڇرو) کڻي پنهنجو پيٽ چيري پنهنجو انت آڻي ٿو“.
    اڳتي هلي الطاف صاحب هارا ڪِري جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل به ٻڌائي ٿو ۽ تاريخي پس منظر کي به چٽو ڪندو ٿو هلي.
    الطاف شيخ پنهنجي سفرنامي ”جپان جپان آهي“ ۾ جپان جي معاشرتي زندگيءَ بابت باريڪ بينيءَ سان لکيو آهي.
    تعليمي نظام بابت جپان ۾ رهندڙ عمان جي هڪ ڇوڪريءَ جو انٽرويو ڪندي هن جي ڳالهه لکي ٿو ته،
    ”آئون جپان ۾ ان ڪري آيس جو هڪ ته مون کي اعليٰ تعليم لاءِ جپان حڪومت خرچ ڏنو ٻي ڳالهه ته ريسرچ ورڪ لاءِ ٽوڪيو يونيورسٽي دنيا ۾ ٽاپ جي يونيورسٽي آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڪيلي ڇوڪريءَ لاءِ جپان تمام Safe ملڪ آهي“.
    تعليمي نظام بابت معلومات سان گڏوگڏ اها ڳالهه به محسوس ٿي ته، ڇوڪريون دنيا ۾ ڪٿي به رهنديون هجن انهن لاءِ تحفظ وڏو سوال آهي. عمان جي شاگردياڻي به جپان جي چونڊ ان ڪري ڪئي ته هوءَ اتي محفوظ آهي. کوڙ اهڙيون ڇوڪريون آهن جيڪي مردن جي اڍنگي روش جي ڪري گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان ڪيٻائين ٿيون.
    الطاف شيخ تمام غير محسوس طريقي سان اسان جي سماج جون اوڻايون بيان ڪري ٿو. هو پنهنجي ملڪ جون برايون نه ٿو ڪري پر جنهن وقت تهذيب يافته ۽ ترقي يافته ملڪن جا مثال پيش ڪري ٿو ته ذهن ۾ خود بخود اسان جي سماج جا منفي پهلو نروار ٿيڻ لڳن ٿا ۽ اسين اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ٿا وڃون ته آخر اسين ان تهذيب، اخلاق، ترقي ۽ شعور ۽ تعليم کان پري ڇو آهيون! جيڏو سمنڊ وشال آهي اهڙائي الطاف شيخ جا سفرنامه وشال، وسيع ۽ گهرا آهن جن ۾ ٻوليءَ جي سونهن جا خزانا آهن ته معلومات جا به ڀنڊار آهن.
    سمنڊ هميشه مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو محسوس ٿيندو آهي. ننڍپڻ جي پهرين يادگيري پهرين ڪشش سمنڊ ۽ سفرنامه آهن ۽ انهن سان الطاف شيخ جو نالو جڙيل آهي. دل چوندي آهي ته جيڪر منهنجي وس ۾ هجي ته آئون سنڌي نصاب ۾ الطاف شيخ جا چونڊ سفرنامه شامل ڪريان ته جيئن اسان جي شاگردن کي معلومات به ملي ۽ انهن کي اڳتي تعليم حاصل ڪرن لاءِ رهنمائي به ملي.


    حسين مسرت
    ليڪچرار، ليکڪا ۽ عورتن جي
    حقن لاءِ جاکوڙيندڙ
    حيدرآباد- سنڌ


    مطالعي لاءِ مجبور ڪندڙ ليکڪ-الطاف شيخ

    ڀانيان ٿو اهو سال 1993 هو جڏهن پنهنجي ڳوٺ ملڪاڻيءَ ۾ امام دين تيل واري جي دُڪان تي هم عمر ويهي ڪچهريون به ڪندا هئاسين ته گڏوگڏ ٻاراڻا ڪتاب ارچڪ مرچڪ ۽ گُل ڦُل پڙهي انهن ۾ لکڻ جون سڌون پڻ ڪيوسين پئي ته هڪڙي ڏينهن اچانڪ هڪ ڪتاب ”ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن تائين“تي نظر پئي جنهن جو ليکڪ هو الطاف شيخ. ڪتاب پڙهيو مزو آيو. ايئن پوءِ هُر کُر وڌي ته ان ليکڪ جا ٻيا ڪتاب پڻ پڙهجن. الطاف شيخ جا ڪتاب پڙهي ايئن لڳوته ڄڻ تصور جي سواريءَ ۾ ساڻس گڏ ويٺا هجون تنهنڪري وڌيڪ مزو ٿي آيو. بابا تِن ڏينهن ۾ غير نصابي ڪتابن جي گهڻي پڙهڻ کي نصابي ڪم تي منفي اثر پوڻ سمجهندو هو ۽ اهي ڪتاب وٺڻ ۽ پڙهڻ کان منع ڪندو هو پر خرچيون بچائي اهي ڪتاب وٺي لِڪي لِڪي پڙهبا هُئا ۽ انهن ۾ وڌ ۾ وڌ ڪتاب الطاف شيخ جا هوندا هئا.
    وقت ويو گُذرندو ۽ سال 2010 آيو جڏهن سچل ڳوٺ ۾ سليمان وساڻ وٽ اوطاق تي ويٺا هجون ته خبر پئي الطاف شيخ صاحب اچن پيا (سچل ڳوٺ ۾ سنگم پبلڪيشن واري ڪرم الاهي چنه وٽ سندن اڳي ئي اچڻ وڃڻ رهيو آهي). مون وٽ الطاف شيخ جو تصور پڻ اهو ئي هو جيڪو اڪثر وڏن ليکڪن سان ملڻ کان پوءِ تجربي تحت جُڙي پوندو آهي. لکڻين ۾ لڳندو آهي کلڻا ملڻا ۽ خوش پر حقيقت ۾ ان معاملي ۾ صفا مختلف ۽ ڀرم ۾ رهڻ وارا. پر جڏهن ملاقات ٿي ته حيرت جي انتها نه رهي. انتهائي سادگيءَ سان ڀرپور شخصيت ڏسڻ لاءِ ملي. ملاقات دوران پڻ اهي ڳالهيون ٻُڌڻ لاءِ مليون جيڪي ڪتابن ۾ هونديون آهن ته سنڌي فلاڻي معاملي ۾ اڃان پوئتي آهن پر فلاڻي ڪم ۾ ڪافي اڳتي آهن. ٻارن کي رُڳو پڙهائجي نه پر ڪو هنر پڻ سيکارجي. ڇو ته ضروري ناهي هرڪو پڙهي لکي وڏو آفيسر ٿي وڃي يا ڪا نوڪري ملي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن تعليم هوندي به نوڪري نه ٿي ملي اهڙي تناظر ۾ ڪم اهو ئي ايندو جيڪو هُنر سکيو هوندو. خبر ئي نه پئي مختصر ملاقات جو اهو وقت گذري ويو ۽ الطاف صاحب وڃڻ لڳا. وڃڻ مهل ڳالهه ڪيائون ته آءُ پير پاڳاري وٽ ٿو وڃان. پر پاڻ ئي محسوس ڪيائون ته ويٺل همراهن پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي آهي ته پير پاڳاري سان الطاف صاحب جو ڪهڙو ڪم ٿي ٿو سگهي. پر الطاف صاحب به ته گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو آهي اها ڳالهه محسوس ڪري ورتائون. گاڏيءَ ۾ ويهي ڪُجهه پنڌ وڃي موٽي آيا ۽ سڀني کي مخاطب ٿيا.
    ”يارو مون کي لڳو ته متان اوهان ڪجهه ٻيو سمجهو سو وضاحت ڪري ڇڏيان. اصل ۾ منهنجو هڪ پلاٽ هو جنهن تي قبضو ٿي ويو هو. همراهه اوکو هو،پنهنجي سگهه سان منهن نه پيو ڏيئي سگهان ۽ قانوني ويڙهه ۾ به وقت لڳي ها. ڪنهن مخلص ٻُڌايو ته همراهه ان پارٽيءَ وارن مان آهي. مون پير پاڳاري کي ايپروچ ڪئي معاملو حل ٿي ويو. سوچيم گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ڏچي مان ڪڍڻ لاءِ شڪريو ادا ڪري اچان باقي منهنجو ٻيو ڪو مفاد ڪونهي. آءُ ته پاڻ سياسي ماڻهن کان پاسو ڪريان. ارباب غلام رحيم ۽ لياقت جتوئي ننڍي هوندي جا يار آهن پر جڏهن عهدا سنڀاليائون ان دوران ڪيترائي دفعا چيائون ته ملي وڃو ڪو ڪم ڪار هجي ته ڏَسيو پر مون چيو نه اوهان جو هينئر ٻيو حساب آهي. اتان واندا ٿيو ته پوءِ پيا ملنداسين“. ان معصومانه وضاحت منهنجي ساڻن عقيدت اڃان وڌائي ته واقعي سندن قول و فعل ۾ تضاد ناهي.
    الطاف شيخ جي اڪثر سفرنامن توڙي ٻين ڪتابن تي تبصرا انتهائي معروف توڙي گهٽ معروف ماڻهن پاران لکيل مليا. ان بابت پنهنجو چوڻ اٿن ته مون کي خوشي ٿيندي آهي ته منهنجا پڙهندڙ، منهنجا فين منهنجي ڪتابن تي تبصرو لکن ته ڪتابن ۾ اهي شامل ڪرايان. اهڙو ئي پُکو منهنجي نالي جو به نڪتو ۽ جپان بابت هن ڪتاب تي تبصري لاءِ الطاف صاحب جي فون اچي وئي.
    ڪتاب ميل ۾ آيو ۽ پڙهڻ ويٺس ته خبر پئي، هي ڪو هڪ سفر جو سفرنامو ناهي پر مختلف وقتن (جهاز راني، آفيشل ڪمن ڪارن يا هاڻي پنهنجي اُتي سيٽلڊ نياڻيءَ وٽ وڃي رهڻ) دوران مختلف مشاهدن آڌار لکيل احوال آهن جيڪي هونئن به دلچسپ آهن پر جيڪي جپان ويندا هجن يا اتي رهي آيا هُجن تِن لاءِ اڃان گهڻا مزيدار ۽ ڪمائتا آهن.
    جيئن شروع ۾ کاڌي بابت آهي ته اسان هر کاڌي کي ماني چئون. ڀلي ڀت کائون يا ٻوڙ پر چئبو ماني کاڌي آهي ايئن وري جپاني ان کي ڀت کائڻ چون. هر مهل جي ماني کي (چاهي ان ۾ نوڊل کائين، ڊبل روٽي کائين يا ڪجهه ٻيو پر ان کي) ڀت کائڻ چون ٿا. ايئن ڳالهين ڳالهين ۾ جپانين جي ڀت جي تاريخ، ڀت ۾ قومپرستي (پنهنجا ڍِلا چانور مهانگا به ڀلا، پرايا ڀلا ۽ سستا به نه کائبا) جو ذڪر پڙهڻ سواءِ رهيو نه ٿو ٿئي.
    ڪير به هجي سُٺو ڪتاب پڙهي ٻي کي تجويز ڪري ته ان جي اها عادت ڏاڍي وڻندي اٿم بلڪه آءُ ان ڪم کي بهترين صدقو سمجهان ٿو. الطاف شيخ ۾ اها عادت آهي ۽ ڪٿي پڙهيو هُئم سندن چوڻ ته اوهان جنهن به ليکڪ کي پڙهو ۽ پسند اچي ته وس ڪري ان جا سڀ ڪتاب پڙهو. هڪ ته اوهان کي ان مان هڪ ئي موضوع ۽ ان سان لاڳاپيل شين بابت ڄاڻ ملندي ٻيو ته اها به خبر پوندي ته لکندڙ وقت سان گڏ لکڻ ۾ ڪهڙي تبديلي ۽ نواڻ آڻي ٿو. هن ڪتاب جي باب ”جپانين جا دلپسند بنگالي“ ۾ پڻ ڪيترن ئي ڪتابن جا حوالا ڏنل آهن جيڪي يقينن پڙهڻ جوڳا هوندا.
    مون سڀ نه ته به الطاف صاحب جا ڳچ ڪتاب پڙهيا آهن. کين هڪ ملاقات ۾ چيو به هُئم ته اڳي اوهان سفر ۾ گڏ گڏ کڻي هلندا هُئا جيئن منهنجي انتهائي پسنديده سفرنامي ”اي جرني ٽو ٿائلينڊ“ جو مثال ڏجي. ملائيشيا کان ٿائلينڊ ٽرين ۾ سفر جي پل پل جو دلچسپ احوال ۽ اُتي جي پرڏيهي عياش جهونن سان ملڻ بابت سڀ ڪجهه لکيل هو. پر هاڻي لڳي ٿو ته سفر ڪري اچي چونڊ قِصا ٻُڌائي ٿو ۽ انهن بابت معلومات تي زور وڌيڪ هوندو آهي. سندن چوڻ آهي ته ماڻهو وقت سان بدلجي ٿو. مون کي لڳي ٿو هاڻي سفر بدران ان ملڪ ۽ ان سان لاڳاپيل ڳالهين بابت احوال ڏيان ته پڙهندڙن کي فائدو ٿئي. ايئن ئي مثال ڏجي ته جپان ۾ مسلمانن جي زندگيءَ وارو باب پڙهي لڳي ٿو الطاف صاحب جي سڄي زندگيءَ ۾ جپان جي ڀَريل ڀيرن جي مشاهدي جي آڌار تي لکيل آهي جيڪو انتهائي ڪارائتو باب آهي ڇو ته اسان وٽ اڪثريت مسلمانن جي آهي جيڪي متان سن 2000 کان اڳ جپان ويل همراهن کان ٻُڌي ويٺا هجن ته جپان ويندؤ ته اتي حلال کاڌو حاصل ڪرڻ مسئلو هوندو، نماز پڙهڻ لاءِ مسجد نه ملندي پر تازه اپڊيٽ اهي آهن ته اتي حيرت انگيز طور 9/11 کان پوءِ سيناريو بدلجي ويو آهي. مسلمانن جا ريسٽورينٽ کُلي پيا آهن جتي هر شيءِ حلال ملي ٿي پئي ۽ مسجدون پڻ ٺهيون آهن.
    ڪُجهه ماڻهن کي شڪايت آهي ته الطاف صاحب گهڻي ميل جول ۽ روبرو ڪچهرين جا شوم آهن. پر منهنجي خيال ۾ ته الطاف صاحب سان ملڻ کان وڌيڪ مزو ته کين پڙهڻ جو آهي. مثال طور هن ئي ڪتاب جي باب ”هاءِ ٽيڪ لئٽرين“ پڙهجي ٿو ته هر پيرا پڙهندي بار بار کِل نڪريو وڃي. ذاتي ملاقاتن ۾ نوٽ ڪيو اٿم ته الطاف صاحب ساڳي حسِ مزاح رکن ٿا پر جيڪو مزو سندن ليک پڙهي اچي ٿو اُهو روبرو ڪٿي؟
    الطاف صاحب اڪثر پنهنجي ائڊريس ملاڪا لکن ٿا. ڄڻ ته اهو به سندن هوم ٽائون آهي. هجي به ڇو نه جڏهن پاڻ اُتي ڪيترائي سال گُذاريا، مرڻا پرڻا ڏٺا. تنهنڪري سندن جڏهن به ۽ جتي به وڃڻ ٿيو آهي ته اتي جو جايون سنڌ جي ماڳن مڪانن سان ڀيٽيون اٿن پر هاڻي وري ملائيشيا سان پڻ ڀيٽڻ شروع ڪيون آهن جيئن هن ڪتاب ۾ جپانين جي توهم پرستي بابت لکندي ٽن ڄڻن جي فوٽو ڪڍڻ سان ان مان هڪ جي مري وڃڻ جو وهم ملائيشيا وارن ۾ هجڻ سان ڀيٽ ڪندي سلطانه صديقي بابت لکيو آهي ته ملائيشيا جا ماڻهو پڻ اهڙا عقيدا رکن ٿا، جيئن ٽن ڄڻن گڏجي فوٽو ڪڍرايو ته انهن مان هڪ مري ويندو. سلطانه صديقي جي ملائيشيا اچڻ ۽ الطاف صاحب جي ٻن شاگردياڻين پاران فوٽو کان منع ڪرڻ باوجود ٽن ڄڻن جو فوٽو نڪرڻ ۽ اڄ به سلطانه سميت انهن ملائي ڇوڪرين (هاڻي عورتن) جو زنده هجڻ جو ذڪر پڙهڻ وٽان آهي.ساڳي ريت ”غريب جو ٻار سدائين سورن ۾“ واري باب ۾ هڪ بنگاليءَ سان جپانين جي ٿيل سخت بي واجبي جو ذڪر آهي پر ان بابت ڳالهه چِٽي ڪرڻ لاءِ پاڻ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ماڻهن جا مثال ڏنا آهن ته ڪيئن پاڻ کي سُڌريل ملڪ سڌائيندڙ به سعودي عرب ۽ ملائيشيا جي ماڻهن کي ساڳيو ڏوهه بخشيو ڇڏين پر انڊونيشيا ۽ بنگال مُلڪ جي غريب نڌڻڪن ماڻهن جي زندگي تباهه ڪريو ڇڏين.
    بهرالحال هر دفعي جيان هن دفعي به الطاف صاحب وس ڪري هر جملي جي جوڙجڪ اهڙي ڪئي آهي جيڪا پڙهندڙن کي وڻي ۽ سندن رُڳو دلچسپي ئي نه پر معلومات وڌائڻ جو پڻ باعث ٿئي. دُعا آهي ته پاڻ اڃان وڏي ۽ صحتيابي واري ڄمار ماڻي لکندا رهن ۽ اسان پڙهندا رهون.


    ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري
    سچل ڳوٺ-ڪراچي
    Email: hafeezlaghari58@yahoo.com


    پي ايڇ ڊيءَ جو موضوع بڻجي ويل الطاف شيخ

    سفرنامو فقط سفر دوران پيش آيل واقعات يا حالات جو بيان ناهي ۽ نه ئي ان مقام جي تاريخ بيان ڪرڻ جو ڪو مضمون آهي. سفرنامو پنهنجي بيان ۽ ترتيب اندر نفاست ۽ شائستگيءَ جو مظهر ۽ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو سامان مهيا ڪندڙ هوندو آهي. ڇو ته اسان جي ان سفر ۾ ٻيو تڏهن شامل ٿيڻ چاهيندو جڏهن ان جي سوچ، پسند ۽ تعجب جو سامان ان سفر ۾ پيش ڪيل هوندو، نه ته سفر ڪرڻ، سفر ۾ تڪليفون پيش اچڻ ۽ سفر جي تاريخ ايتري پراڻي آهي، جيتري انساني ارتقا جي تاريخ.
    ”سنڌي سفرنامي“ جو اصطلاح ٻڌڻ سان ئي جيڪو نالو ذهن تي تري ايندو آهي، اهو آهي، ”الطاف شيخ“.
    سنڌي سفرنامي جي ڪتابن ۾ سينچري طرف وڌندڙ الطاف شيخ بابت عام طور تي اهو پڻ چيو ويندو آهي ته ان ايتري ڳاڻيٽي ۽ تيزيءَ سان سفرناما ان ڪري لکيا آهن جو هو نيوي ۾ مئرين انجنيئر هو ۽ نوڪريءَ جي سانگي ڏيهان ڏيهه گهمندو رهيو آهي. اهڙن مت جي منجهيلن لاءِ فقط ايترو چوندم ته اسان جا وزير، مشير ۽ ڪامورا هر ٽئين ڏينهن سرڪاري خرچ تي ڪنهن نه ڪنهن ملڪ جو دورو ڪري ٿا موٽن، پوءِ انهن ڪيترا سفرناما لکيا آهن، اگر لکيا به آهن ته ڪيترا ڇپيا آهن؟
    سنڌ جي هن سندباد سيلانيءَ پنهنجي رٽائرمينٽ کان پوءِ به پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪجهه ملڪن جا دورا پڻ ڪيا آهن ۽ انهن جا سفرناما لکي ڇپرايا آهن ۽ اڃا پڻ لکي رهيو آهي، اهي ڪهڙي کاتي ۾ رکئون!؟ نيوي، هوائي سميت ڪنهن به محڪمي جي گهمندڙ ڦرندڙ آفيسرن ڪيترا ڪيترا سفرناما تحرير ڪيا آهن؟ ظاهر ڳالهه آهي ته اهو سڀ ان دلچسپيءَ جي ڪارڻ آهي، جيڪا الطاف شيخ کي ننڍپڻ کان ورثي ۾ ملي آهي، اهو شوق جيڪو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سندس منَ اندر جاڳيو هوندو. الطاف شيخ جيڪڏهن مئرين انجنيئر نه به هجي ها ۽ ڪنهن ڪم سانگي سندس گهمڻ ڦرڻ ٿئي ها، تڏهن ڀي ضرور سندس اهڙا سفرناما اسان جي دلچسپيءَ جو ڪارڻ هجن ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ۾ حالات ۽ واقعات جو بيان ڪجهه مخلتف ضرور هجي ها.
    مرزا قليچ بيگ جي ”ڏاڙهياڙي جبل جو سير“ کان وٺي منظور جوکيي جي ”هوا جي ديوار“ تائين هر دور ۾ سفرناما شايع ٿيندا رهيا آهن پر انهن مان اڪثر سفرنامن ۾ اهو رسُ چسُ ۽ چاشني ڇو محسوس نٿي ٿئي، جيڪا الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ آهي.
    الطاف شيخ جو حالات ۽ واقعات کي بيان ڪرڻ جو انداز نهايت ئي نرالو ۽ انوکو آهي، هن جي اک عام ماڻهوءَ واري اک ناهي، محسوسات غير رواجي آهن، اِها ڪا اُلٽي اک آهي، جنهن کي انهن عام منظرن ۾ به موهه پيدا ڪرڻ جي سگهه آهي، جيڪي عام لاءِ غير اهم ۽ رواجي آهن.
    هو جڏهن پنهنجي ڪيمرا ۽ ڊائري کڻي گهمڻ نڪري ٿو ته هن وسيع دنيا جا ڪيترائي بي معنى لمحا به معنى خيز بڻجي وڃن ٿا، لفظن ۾ خيال ۽ تصور ڀرجي ٿا اچن، تصويرن ۾ حُسن اوتجي ٿو وڃي، منظرن کي معنائون ملي ٿيون وڃن.
    جيتري قدر سنڌي سفرنامي جي ڳالهه آهي ته ان تي تحقيق نه هجڻ برابر ٿي آهي، پر جيڪا ٿي به آهي، اها اڻ پوري ۽ کٽل محسوس ٿيندي. سنڌي سفرنامو پنهنجي مقبوليت جي سفر کي جاري رکندو پيو اچي. الطاف شيخ جي ئي قلم مان ڦٽي نڪتل سفرنامن جو تعداد سٺ کان مٿي ٿي ويو آهي. خود الطاف شيخ جا سفرناما ئي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي تحقيقي ٿيسز جو موضوع بڻجي ويا آهن. الطاف شيخ جا شروعاتي سفرناما ضرور هڪ مئرين انجنيئر جون يادگيريون ۽ ڊائري جي ورقن تي اتاريل سفري احوال آهن پر سندس پوءِ وارا ڪيترائي يادگار سفرناما سنڌي سفرنامي جو جوڀن آهن ۽ انهيءَ قطار ۾ سندس تازو شايع ٿيل سفرناما انتهائي اهم آهن. سندس پهريان ۽ پويان سفرناما لکت ۽ موضوع جي لحاظ کان الڳ الڳ آهن، محققن جو ڪم آهي ته اهي شروعاتي توڙي پوين سفرنامن تي تحقيق ڪندي، انهن جو سنڌي ادب تي اثر، پڙهندڙن ۾ مقبوليت ۽ ٻيا رايا قائم ڪن.
    الطاف شيخ جي لکت جي خاص خوبي اها پڻ آهي ته انهن ۾ اڪثر ٻين علائقن/ملڪن جو سنڌ سان تقابلي جائزو پڻ پيش ڪيل هوندو آهي، سنڌي ماڻهن ۽ ٻاهرين جي نفسيات ۽ انفرادي فرقن کي ظاهر ڪيل هوندو آهي، سنڌي ماڻهن جي تعليم ڏانهن بي توجهي ۽ پنهنجي وسيلن ڏانهن بي ڌياني ۽ ٻاهرين دنيا ۾ انهن ڳالهين ۽ روين جي اهميت بيان ڪيل هوندي آهي. جنهن مان سندس سنڌ ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن (تعليم، نوڪري، شادين، رسمن) ڏانهن ڌيان ڇڪايل هوندو آهي. الطاف شيخ هڪ ئي وقت هڪ سڄاڻ ليکڪ به آهي ته سڄاڻ سماج سڌارڪ به آهي.
    دعوى آهي ته الطاف شيخ دنيا جو پهريون سفرناما نويس آهي، جنهن ايتري وڏي تعداد ۾ ايترن گهڻن ملڪن جا سفرناما لکيا آهن. هن سنڌي ادب ۾ پڙهندڙن جو تعداد وڌايو آهي، سنڌي سفرنامي کي عروج تي رسايو آهي، الطاف شيخ جو سنڌي ادب ۾ تمام وڏو Contribution آهي، جيڪو سنڌ صدين تائين ياد رکندي.

    عباس ڪوريجو
    ايڊيٽر وائس آف سنڌ
    دبئي


    جپان ايندڙن جي آسانيءَ لاءِ.....

    ” جپان ۾ بي وقتائتو وهنجڻ“
    هر ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن جا پنهنجا رسم و رواج آهن پر جپان جا ماڻهو ايڏو پُر تڪلف آهن ۽ هنن وٽ هر ڳالهه لاءِ ايڏا آداب آهن جو اسان جهڙو ماڻهو ڪيترو به ٺهي ٺڪي هلي ته به هو پنهنجو پاڻ کي ڄٽ محسوس ڪرائي ٿو. منهنجو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقامي دوستن ۽ انهن جي فئملين سان گڏ رهڻ ٿيو آهي. ٿورو گهڻو رسم و رواج هر هڪ وٽ پنهنجو آهي پر ٿوري گهڻي ڄاڻ بعد هنن وٽ رهڻ ۾ ڪڏهن به Uneasy (ڏکيائي) محسوس نه ڪيم. يورپ جو سئيڊن جهڙو ملڪ هجي جتان تعليم حاصل ڪيم يا ملائيشيا جهڙو ملڪ جتي وڏو عرصو نوڪري ڪيم. ويندي سعودي عرب ۾ عرب دوست جي گهر هن جي فئملي سان گڏ ٻه مهينا رهيس پر ڪڏهن به مونجھارو نه ٿيو. جتي ڪٿي بوٽن سميت به ڪمرن ۾ گهڙي سگهياسين ٿي ته پيرن اگھاڙو به. ماني ڪرسي تي ويهي هٿ سان يا ڪانٽي ڇريءَ سان به کاڌي ٿي ته پٽ تي ويهي به ـــ خاص ڪري سعودي عرب، ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ سنگاپور ۾. ٻيو ته ٺهيو سئنڊوچ هٿ ۾ جھلي هلندي چلندي به کاڌي ٿي. پر سائين جپان ۾ ڪنهن جپانيءَ جي گهر ۾ رهڻ سزا لڳي ٿو. ايتريقدر جو ننڍپڻ ۾ اهي عورتون جن اسانجو ماءُ وانگر خيال ڪيو ٿي ۽ جپان ۾ اهي ”هوسٽ مدر“ سڏجن ٿيون اهي جڏهن پنهنجي گهر ۾، تڏهن توڙي اڄ به، ٽڪڻ لاءِ چون ٿيون ته مونکي ته ٻَرو وٺيو وڃي. وڏو عرصو جپان ۾ رهڻ ۽ جهازن کي مختلف جپاني بندرگاهن ۾ وٺي وڃڻ جي باوجود..... يعني انهن جي ڪلچر ۽ رسم و رواج جي ڪافي ڄاڻ هجڻ جي باوجود، آئون پنهنجو پاڻ کي Qualify نٿو ڪريان ته آئون هڪ جپانيءَ وانگر هنن وٽ رهڻ ۾ آساني محسوس ڪري سگهان. منهنجا هم وطن جيڪي جپان ۾ تعليم، نوڪري يا بزنيس جي سلسلي ۾ جپان ۾ رهن ٿا يا رهيا هوندا، اهي منهنجي ڏکيائي محسوس ڪري سگهن ٿا. جپانين جي گهرن ۾ تڏي (Tatami) تي وهڻ جي آدابن ۽ چاپ اسٽڪس (تيلين) سان کائڻ کان سمهڻ وقت اوفورو تائين منجھايو ڇڏي. ماڻهو دوست جي گهر ٿو وڃي ته ڪچهري ڪريان، آزاديءَ سان کان پيان ۽ آرام ڪريان. پر ڪنهن جپانيءَ جي گهر ۾ رهڻ دوران هر وقت ٽينشن رهي ٿي ته ڪا اهڙي ڳالهه نه ٿي وڃي يا ڪا اهڙي رسم يا آدب وسري نه وڃي جنهن جي نتيجي ۾ شرمندگي محسوس ٿئي يا ميزبان منهنجي ملڪ کي اڻ سڌريل سمجھي. جپانين ۾ اها رسم عام آهي بلڪه ضروري سمجھي وڃي ٿي ته رات جو سمهڻ کان اڳ سَنان وٺڻ کپي. ان کي جپاني اوفورو Ofuro سڏين ٿا. اها ڳالهه جپان ۾ وڏي فضيلت واري سمجھي وڃي ٿي. بنا اوفورو (وهنجڻ) جي هنڌ تي سمهڻ سمجهو ته ايڏي وڏي خطا آهي ڄڻ بنا وضوءَ جي نماز لاءِ بيهڻ. اسانکي يعني اسان سنڌ جي ماڻهن کي صبح پهر وهنجڻ جي عادت آهي ـــ بلڪه سڄي ننڍي کنڊ ۾ توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ صبح جو وهنتو وڃي ٿو ـــ وڌ ۾ وڌ آفيس مان موٽڻ وقت يا ڪاليج وارن ڏينهن ۾ راند کيڏي اچڻ بعد. هاڻ دنيا ئي بدلجي وئي آهي. پاڻي نلڪن مان اچي ٿو. گيزر لڳل آهن سو سياري ۾ به ڪو چاهي ته رات جو گرم پاڻي سان وهنجي سگهي ٿو پر اسان جي ڏينهن ۾ اسانجي ڳوٺن ۾ کوهه هئا يا هٿ سان ڌمڻ وارا نل. مطلب ته اسان ۾ رات جو وهنجڻ جي عادت نه پئي سو وڏي عمر ۾ جپان ۾ اچي سمهڻ کان اڳ اوفورو اسان جهڙن لاءِ اڻ وڻندڙ ڳالهه لڳي ٿي. وڏي عرصي کان پوءِ گذريل سال جپان ۾ پنهنجي ڌيءَ وٽ اوساڪا ۾ رهيل هوس ته ڪيوٽو جي هڪ پراڻي سڃاڻپ واري جپاني فئمليءَ مونکي ڪيوٽو گهمڻ لاءِ زور ڀريو. مون ڪنهن ڌارئين جي گهر ۾ رهي هاڻ پنهنجو لائيف اسٽائيل بدلائڻ نٿي چاهيو پر ميزبانن جي خلوص ۽ منٿن تي آئون هنن وٽ ٻن ڏينهن لاءِ هليو ويس.
    ڪيوٽو ۾ جپاني فئملي سان گڏ ٻيا ڪم ته سڀ سندن وهنوار مطابق ڪندو رهيس. کين چمچي ۽ ڪانٽي جي به تڪليف نه ڏنم ۽ چاپ اسٽڪس سان مڇي ڀت کاڌم، ياد ڪري باٿ روم ۾ باٿ روم لاءِ رکيل چئمپلن سان گهڙيس ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت جپاني اصولن (Etiquette) موجب چپلن جا منهن باٿ روم ڏي ڪري رکيم. باقي سوچيم ته سمهڻ مهل اوفورو لاءِ ميزبانن کي سنئون سڌو انڪار ڪندس ڀلي هو ڇا به سوچين. پر جڏهن رات ٿي آئون وهنجڻ لاءِ نه اٿيس ته ميزبان خاتون پنهنجي ٻانهن تي ٽوال رکي مون وٽ آئي ۽ مونکي منهنجو ڪمرو ڏيکاري، ٽوال ڏئي اوفورو لاءِ چيو. جيتوڻيڪ مون پڪو ارادو ڪيو هو ته وهنجڻو ناهي پر پٽ تي وڇايل کير جهڙي سفيد ۽ ڊراءِ ڪلين ٿيل چادر ۽ مٿان اوڍڻ لاءِ ريشم جي نئين بلاڪيٽ کي ڏسي مون چيو ته بنا وهنجڻ جي منهنجا ميرا پير هن سفيد بستر کي خراب ڪري رکندا ۽ گهر جي وڏن سان گڏ ٻار به کلندا ته ڪهڙو بي افعالو مهمان هو. سو ٽوال وٺي باٿ روم ۾ گهڙيس. وهنتس ڪونه پر ميزبان کي خوش ڪرڻ لاءِ هٿ پير ڌوئي منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڍا هڻي پاڻ کي ٽوال سان ائين اگهندو آيس ڄڻ وهنجي آيو آهيان اهڙي طرح منهنجو افورو به قبول ٿي ويو ته کير جهڙو سفيد ۽ نرم بستر خراب ٿيڻ کان به بچي ويو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته جپان ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري اهو مهانگو به آهي ته صدين کان رسم به هلندي اچي ته هڪ ئي ٽب ۾ گهر جا سڀ ڀاتي وهنجن ٿا، پهرين گهر جو مرد پوءِ پٽ ٻار پوءِ زال ۽ ڌيئرون. جي مهمان آيل آهي ته پهرين ان کي وهنجڻ لاءِ مانُ ڏين ٿا. سو اهڙي حالت ۾ جڏهن به توهان وهنجو ته پاڻيءَ جو خيال رکندا ڪريو. ڪپڙا لاهي پهريون پنهنجي جسم کي نلڪي ذريعي صاف ڪري پوءِ ٽب ۾ وهو. نڪرڻ مهل ٽب ۾ توهانجي جسم جو ڪو وار وغيره تري رهيو آهي ته ڪوشش ڪري ان کي ڪڍي پوءِ ٻاهر نڪرو ڇو جو ان ٽب ۾ توهان بعد گهر جي سڀني ڀاتين کي وهنجڻو آهي.
    دراصل هن قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هر ملڪ ۾ مختلف آهن. ڪوشش ڪري جنهن ملڪ ۾ وڃجي ان ملڪ جي رواج مطابق هلجي. هوءَ ڇا سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي ته ٻي ٽنگ ورائي ڪلهي تي رکجي.“ انگريزيءَ ۾ به ان قسم جي چوڻي آهي ته:
    “While in Rome,
    Do as Romans do”.

    ”رڳو پنهنجي ڳالهه کي صحيح نه سمجهو“
    جپان اهو ملڪ آهي جتي اڄ به اسانجي ملڪ جا ماڻهو تعليم، نوڪري يا واپار خاطر ويندا رهن ٿا. جهاز هلائڻ جي سلسلي ۾ منهنجو جپان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تمام وڏو عرصو اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو. هتي جپان جون ڪجهه ريتون، رسمون، عادتون يا فضيلتون (Etiquette) لکان ٿو جن جي ڄاڻ جپان ۾ ايندڙ نئين ماڻهوءَ لاءِ زندگي آسان بڻائي سگهي ٿي. جپان لاءِ چيو وڃي ٿو ته:
    “Japan has a unique culture with a very strict code of etiquette. There are certain rules to follow to avoid insulting a host”
    جپان ۾ ايندڙ ڌارئين کي ڪجهه ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ کپن جيئن ته چئن (4) جي انگ کان جپان ۾ پاسو ڪجي. جيئن اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ڪيترن ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته ٽن (3) جو انگ نڀاڳو آهي. چوندا ته ”ٽي شيون دشمن کي به نه ڏجن“ تيئن جپانين لاءِ ان کان به وڏي پئماني تي نڀاڳ چار جو انگ آهي. جپاني ان انگ کان پاسو ڪن ٿا جيئن يورپ پاسي جا ماڻهو تيرهن جي انگ کان ڀڄن ٿا. ايتري قدر جو اسان وٽ به انگريزن جي اها ڳالهه ڪيترن هنڌن تي اڃان قائم آهي. اسان جي جهازران ڪمپني جي PNSC بلڊنگ جيڪا 1973ع ڌاري ڪراچي جي اوچي بلڊنگ طور ٺهي ان ۾ ٻارهين ماڙ بعد جيڪا تيرهين اچي ٿي ان جو اڄ تائين 14 نمبر آهي.... يعني يارهن ٻارهن کان پوءِ چوڏهن پنڌرهن انگ اچي ٿو. سنگاپور يا ڪينيا ۾ به جتي انگريزن جي حڪومت رهي ڪيترين هوٽلن ۾ 13 نمبر وارو ڪمرو نه ملندو. ٻارهين نمبر بعد چوڏهون نمبر نظر ايندو. پر آئون چوندس ته انگريزن وٽ تيرهون يا اسان وٽ ٽيو نمبر ايڏو نڀاڳو ۽ خراب ناهي جيترو جپاني 4 کي سمجھن ٿا.
    جپاني لفظ چار جو اچار ”موت“ سان ملي ٿو جيئن اڙدو ۾ ٻن جو اچار ”ڏيڻ“ لاءِ به ساڳيو آهي..... دو معنيٰ ”ٻه“ به ته ”ڏيڻ“ به اهڙي طرح چئن لاءِ جپاني لفظ شي (Shi) آهي ۽ اهو ساڳيو اچار موت لاءِ به آهي. اها ٻي ڳالهه آهي اسان وٽ اهڙا لفظ لکڻ ۾ به ساڳيا ٿين ٿا ان ڪري ڪٿي اڙدو جو لفظ ”دو“ لکيل آهي ته ڪو پڪ سان نٿو چئي سگهي ته اهو ڪهڙي لفظ لاءِ آهي پر جپاني ٻوليءَ ۾ کانجي لکڻي چيني لکڻيءَ وانگر شڪلين واري آهي ان ڪري جپاني 4 جو انگ (شي) ۽ موت (شي) جي لکڻ ۾ مختلف شڪل ٿئي ٿي. جپان ۾ توهان تحفي ۾ به چار شيون نه ڏيو.... مثال طور 3 صوف ڏيو يا 5 صوف. ڪا به شيءِ ڪنهن کي چئن جي انگ ۾ ڏيڻ معنيٰ توهان هن کي تحفي بدران پِٽ (بد دعا) ڏئي رهيا آهيو.
    جپان ۾ مختلف هوٽلن ۾ توهان کي چوٿون فلور نظر نه ايندو. لفٽ تي ٽن بعد پنجن جو نمبر هوندو. اهڙي طرح 40 کان 49 جو انگ به غائب ملندو خاص ڪري 49 ته هرگز نه. ڇو جو جپانيءَ ۾ 9 لاءِ ڪُو (Ku) لفظ آهي ۽ ان ساڳي اچار واري لفظ جي معنيٰ تڪليف (Pain, Suffering) آهي ۽ 4 ۽ 9 انگ ملائبو ته ان جي معنيٰ ٿيندي ”مرڻ تائين تڪليف“.
    چئن جي انگ کان ڊڄڻ يا پاسو ڪرڻ کي “Tetra Phobia” سڏجي ٿو ۽ هيءَ فوبيا (موت جو ڊيڄوڙو) جپان کان علاوه ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام نظر اچي ٿي. بهرحال جپان ۾ توهان پنهنجي جپاني دوست، پروفيسر يا باس کي چئن شين جو تحفو هرگز نه ڏجو.
    ڪيتريون ڳالهيون آهن جيڪي هڪ ملڪ ۾ عام آهن پر ٻين ۾ انهن تي اعتراض ورتو وڃي ٿو. ويندي ساڳي ملڪ ۽ ساڳي شهر ۾ به ساڳي ڳالهه کي ڪي قبول ڪن ٿا ته ڪي ان کي گناهه جي حد تائين خراب يا اعتراض جوڳو سمجھن ٿا. مثال طور اڄ ڪلهه آئون ڪرسيءَ تي ويهي نماز پڙهان ٿو. نماز کان اڳ ڪن مسجدن ۾ ماڻهو ٽنگ ٽنگ تي رکي وهن ٿا پر ڪن ۾ ان ڳالهه لاءِ منع ڪئي وڃي ٿي جيتوڻيڪ عرب ملڪن ۾ ته ڪو به منع نٿو ڪري. اسان وٽ ڳوٺن جي مسجدن ۾ ته پتلون پائي نماز پڙهڻ واري تي به اعتراض ورتو وڃي ٿو جيتوڻيڪ سڄي مصر ۽ موراڪو جي مسجدن ۾ نه فقط ماڻهو پتلون ۾ پر مٿي اگھاڙو به نماز پڙهن ٿا. ذاڪر نائڪ جهڙن مولوين کي ته هميشه پتلون ۽ ٽاءِ ۾ ڏسبو آهي. اهي ته ٿيون مذهبي ڳالهيون پر عام ڳالهيون به مختلف هنڌن تي مختلف آهن. يورپ ۾ جتي اوگھڙ وڌيڪَ آهي ته به ڪنهن ڇوڪريءَ جو شهر ۾ بڪنيءَ ۾ هلڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ان ئي ڊريس ۾ بيچ (سمنڊ جي ڪناري) تي هجڻ ۾ ڪو عيب نٿو سمجھيو وڃي. يورپ جا ڪي ملڪ: سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ وغيره اهڙا آهن جتي اونهاري جو مهينو ڏيڍ عورتون فقط ڪڇي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي پنهنجي جسم کي اس ۾ سيڪينديون رهن ٿيون. مٿيون ڌڙ اگھاڙو هوندو اٿن. ماڻهو پيا ايندا ويندا آهن. ڪنهن کي ڪو اعتراض نه هوندو آهي. پر اسانجي ملڪ ۾ هو جي بڪنيءَ ۾ (يعني ڪڇي ۽ باڊيءَ ۾) سمنڊ جي ڪناري تي اچي بيهن ته ان کي به معيوب سمجھيو ويندو. اهڙي طرح اسانجي ملڪ جي ڪا عورت اڇو برقعو (تنبوءَ وارو) پائي ڪوپنهيگن يا اسٽاڪهوم جي بازارين ۾ هلندي ته اتي جي ماڻهن کي ضرور حيرت ٿيندي ۽ ٿي سگهي ٿو اعتراض به ٿئي ته ان برقعي اندر متان ڪو دهشتگرد هجي.
    سئيڊن ۾ ٻه سال تعليم دوران اسانجي هڪ انڊين ڪلاس ميٽ ڪئپٽن وجي ڪمار پنهنجي ملڪ جي ڊريس ساڙهيءَ جي سئيڊن جي ڇوڪريءَ سان تعريف ڪندي هن کي چيو ته ساڙهيءَ ۾ عورت جو جسم ڍڪيل رهي ٿو. توهان Low Neck (گلو ڍرڪيل) قميصن ۾ اگھاڙيون لڳو ٿيون. ڳالهه اها آهي ته اسان ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي هڪ ته پنهنجي هر ڳالهه صحيح لڳي ٿي ٻي جي غلط. ٻي ڳالهه ته اسان ماڻهن ۾ سهپ (Tolerance) به نه آهي. ايتري برداشت ناهي ته ٻئي جي به کڻي ڳالهه ٻڌون ۽ ٻڌي ان تي سوچ ويچار ڪيون. ٽي ڳالهه ته اسان هر هڪ تي پنهنجي راءِ زوريءَ ٿاڦڻ چاهيون ٿا.... ٻئي کي مڃرائڻ لاءِ دليل بازي ڪرڻ بدران کيس موچڙا هڻي به آڻ مڃرائڻ چاهيون ٿا.
    مٿين ساڙهيءَ جي ڳالهه تي اسانجي سئيڊش ڪلاس ميٽ ڇوڪريءَ انڊيا جي ڪئپٽن کي چيو ته ”اسان جي ڊگهي ڳچي واري قميص مان ته توهان کي فقط ڇاتين جو مٿيون حصو نظر اچي ٿو باقي جنهن ساڙهيءَ جي تون تعريف ڪري رهيو آهين ان ۾ ڇا اوگھڙ ناهي؟ پيٽ پيو نظر اچي ـــ سو به ڌن کان به هيٺ تائين ـــ باقي ڪو پنڌ پري؟“
    ان ڳالهه تان اسان جي ايشيائي ڀاءَ ايڏي ته بي عزتي محسوس ڪئي جو انڊيا يا پاڪستان جهڙو ملڪ هجي ها ته ان سئيڊش ڇوڪريءَ کي موچڙا هڻي ها نه ته به گاريون ضرور ڏئي ها. پر يورپي ملڪن جو عورتن جي حقن جي سلسلي ۾ سخت قاعدو قانون هجڻ ڪري هو زهر جو ڍڪ ڀري خاموش ٿي ويو ۽ جيستائين مالمو (سئيڊن) جي يونيورسٽيءَ ۾ هئاسين هو سئيڊن جي رهواسين جي زناني شاخ کي پر پٺ گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو.

    ”جپاني نڪ سُڻڪندا رهن ٿا“
    منهنجو ٻاهر وڃڻ وارن کي اهو ئي مشورو آهي ته هو جنهن به ملڪ ۾ رهن ته ان ملڪ جي ماڻهن جي مذهب، ٻولي، ڪلچر وغيره تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کان گريز ڪن ۽ هر ڳالهه ۾ پاڻ کي سرخرو ۽ اتم اتاهون ثابت ڪرڻ جي ڪوشش گهٽ ڪن. ان کان علاوه ڪي ڳالهيون آهن جن کي اسان ته اهميت نٿا ڏيون پر ٻين ملڪن يا قومن ۾ انهن کي خراب سمجھيو وڃي ٿو. جيئن ملائيشيا، سنگاپور، جپان، ڪوريا جهڙن ڪجهه ملڪن ۾ جتيءَ سان ڪنهن جي گهر ۾ نه گهڙجي. پيرين اگھاڙو يا اندر جي ڪمرن لاءِ چئمپل رکيل هجن ته اهي پائي اندر گهڙجي. اسان وٽ دوست يا مائٽ ٽنگ ٽنگ تي رکي وهون ٿا. ٿائلنڊ ۾ به توهان ائين ويهي سگهو ٿا پر توهان جي بوٽ جو ترو ڪنهن ماڻهوءَ ڏي نه هجڻ کپي. ان کي ٿائي ماڻهو پنهنجي بيعزتي ۽ اڳلي جي بد اخلاقي سمجھن ٿا اهڙي طرح پاڻ وٽ نوٽ کي مروڙي ان سان ڪن به کوٽي سگهون ٿا ته پٽ تي ڪرڻ تي ان مٿان پير به رکي سگهون ٿا پر ٿائلنڊ ۾ ائين ڪرڻ ڏوهه جو ڪم آهي ۽ ان کي ملڪ جي بادشاهه سلامت (جيڪو گذريل سال وفات ڪري ويو) جي بي عزتي ڪرڻ برابر آهي جو ٿائلنڊ جي هر نوٽ تي هن ملڪ جي دلپسند بادشاهه ڀُميبال جي تصوير آهي جيڪو ٿائلنڊ جي ”چڪري گهراڻي“ جو نائون بادشاهه آهي ۽ ”راما نائون“ پڻ سڏجي ٿو. هن بادشاهه پنهنجي عوام ۽ ملڪ جو ڏاڍو خيال رکيو ۽ سڀني کي سکيو ستابو بڻائي ڇڏيو. ان ڪري ٿائلنڊ جا ماڻهو هن کي ديوتا وانگر پوڄين ٿا. دنيا جي بادشاهن ۾ هن وڏو عرصو بادشاهت ڪئي. پاڻ 1927ع ۾ آمريڪا ۾ ڄائو جتي ان وقت سندس پيءُ هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ هو. 1946ع ۾ ـــ يعني 19 ورهين جي ڄمار ۾ ٿائلنڊ جو بادشاهه ٿيو ۽ 70 سال راڄ ڪرڻ بعد گذريل سال 2016ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ سئٽزرلئنڊ مان تعليم ورتائين .... تمام سٺو پينٽر، ميوزيشن، ليکڪ ۽ ترجمو ڪندڙ هو. سندس ڪيترائي ڪتاب آهن ۽ انهن کان وڌيڪَ ٻين ماڻهن هن تي لکيا آهن. هڪ عجيب شخصيت ۽ عظيم انسان هو. اسان به هن جي هوندي 48 سالن تائين ٿائلنڊ ۾ ايندا ويندا رهياسين ۽ هن ملڪ ۽ ان جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي اکين سان ڏسندا رهياسين ۽ حسرت ڪندا رهياسين. ڀلا ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس؟ ڪٿي ته بادشاهه به عوام جا خذمتگار ته ڪٿي اسان کان ووٽ وٺي عوام جا نمائنده چونڊڻ وارا جهڙا بادشاهه يا ڊڪٽيٽر – جن کي عوام جي خوشحاليءَ بدران رڳو پنهنجي خوشحاليءَ جو فڪر.
    بهرحال پاڻ جپان ۾ موجود رسمن رواجن ۽ etiquette جي ڳالهه ڪريون جو هي مضمون انهن جي سهولت لاءِ لکي رهيو آهيان جيڪي جپان وڃڻ جو ارادو رکن ٿا.
    اسان جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ـــ يعني اڄ کان پورا سٺ سال اڳ 1958ع ۾ ته انهن ڏينهن ۾ ٽشو پيپر اڃان اسان جي ملڪ ۾ ته عام نه ٿيو هو پر شايد دنيا ۾ ايجاد به نه ٿيو هو. گهڻو گهڻو پوءِ انگريزي فلمن ۾ هيرو کي هيروئن کي سندس ڳوڙها اگهڻ لاءِ ڏيندو ڏٺوسين. اسان جي ڪاليج ۾ ڊسيپلين جي سلسلي ۾ آرميءَ کان آيل ڪئپٽن عالم جان محسود اچڻ سان هڪ ته ڪمري کان ٻاهر چئمپل ۾ نڪرڻ تي پابندي وڌي ۽ ٻيو ته اسان لاءِ ضروري ڪيائين ته صبح جو پي ٽي پريڊ تي توڙي شام جو راندين تي به پاڻ سان گڏ رومال رکون. سياري ۾ پيٽارو جي جابلو علائقي ۾ سخت سيءُ ۽ ٿڌيون هوائون لڳڻ ڪري اسان جا نڪ وهندا رهيا ٿي. ڪئپٽن عالم جان (جيڪو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ اڃان حيات آهي ۽ اسلام آباد جي چڪ شهزاد علائقي ۾ رهي ٿو ۽ ”محسود“ قبيلو جو سردار آهي)، جو حڪم هو ته نڪ ته رومال سان اگھون پر ٿڪ به پٽ تي اڇلائڻ بدران رومال ۾ وجھون. بهرحال ٿڪون ته حوالدارن ۽ ڊرل ماسٽرن کان لڪي پٽ تي اڇليندا هئاسين پر نڪ اگھڻ لاءِ اڄ به رومال کڻي هلڻ جي عادت ٿي وئي آهي. يورپ ۽ آمريڪا ڏي جهاز هلائڻ دوران اتي به ڪيترن ماڻهن کي ڪپڙي جو رومال يا ٽشو پيپر کڻندي عام ڏٺم. جڏهن ”جپان ـــ ڪوريا“ يعني ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي جهاز هلائڻ شروع ڪيو ته هڪ ٻه دفعا جپان اچڻ بعد محسوس ڪيم ته جپاني ماڻهو نه فقط رومال کڻڻ کي خراب سمجھن ٿا پر ٿڌ زڪام يا هونءَ ئي نڪ وهڻ تي عام پبلڪ جاين يا ريل گاڏين ۾ جتي ماڻهو موجود آهن، سنگهه ڪڍڻ بدران سڻڪندا رهن ٿا. بعد ۾ خبر پئي ته ماڻهن اڳيان نڪ تي رومال رکي وهندڙ نڪ کي صاف ڪرڻ کي سخت معيوب سمجھيو وڃي ٿو. ان کان بهتر آهي ته سُڻ سُڻ ڪندو رهجي. اسٽيشن تي لهڻ تي ڪنهن اڪيلي ڪنڊ پاسي ۾ بيهي رومال يا ٽشو پيپر سان نڪ صاف ڪجي.
    مون کي به جپان جي پهرين سفر ۾ تجربو بلڪه حيرت ٿي جڏهن اوساڪا کان ڪيوٽو ويندڙ لوڪل ٽرين ۾ منهنجي ڀرسان چاليهن ورهين جي عورت ننڊ کان جھوٽا به کائي رهي هئي ته لڳاتار نڪ به سڻڪي رهي هئي. مون کان رهيو نه ٿيو ۽ هونءَ به سندس وڏي عمر جو سوچي ـــ ڌيان ۾ رهي ته هينئر آئون کڻي 75 جي ويجھو اچي ٿيو آهيان پر هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن آئون ستاويهه اٺاويهه سالن جو هوس ۽ هوءَ مونکان 15 سال کن وڏي هوندي، کيسي مان ٽشو پيپر ڪڍي کيس ڏنم. آخرڪار انگريزي فلمن ۾ اسان هيرو کي ائين ئي ڪندو ڏٺو هو پر هن محترما فلمي هيروئن وانگر ٿورا مڃڻ بدران پريشان ٿي وئي ۽ ايندڙ اسٽيشن تي تڪڙي تڪڙي لهي وئي. گهڻو گهڻو بعد ۾ خبر پئي ته جپان ۾ ماڻهن اڳيان نڪ صاف ڪرڻ کان بهتر آهي ته سڻڪندو رهجي. پر جيئن ته اهو ڪم به ڏکيو ۽ منجھائيندڙ آهي ان ڪري آئون توهان کي اها ئي صلاح ڏيندس ته جپانين کي ته هڻو کَڏَ ۾ توهان ٽرين جي باٿ روم ۾ وڃي نڪ صاف ڪري ڇڏجو جو توهان جپانين وانگر هارمونڪ طريقي سان سُڻڪي نه سگهندائو. ماڳهين خواري پيدا ڪندائو.

    ”اوشي يا – ڌڪا ڏيڻ وارا جپاني اهلڪار“
    اسان جهڙن ايشيائي توڙي يورپي ملڪن ۾ هوٽل جي بئري، ريلوي اسٽيشن تي سامان کڻندڙ، ٽئڪسي ڊرائيور يا حجام وغيره کي سندس مقرر في کان علاوه ٽِپ (خرچي/بخشش) ڏيڻ عام ڳالهه آهي پر جپان ۾ ڪنهن پورهيت کي ٽپ ڏيڻ نه فقط خراب آهي پر هن جي بي عزتي سمجھي وڃي ٿي. ڪيترن هنڌن تي ته اها ڳالهه اڳلي لاءِ مونجھارو پيدا ڪندي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هوٽل جو بئرو توهانجي ڇڏيل ٽِپ کي کڻي توهان ڏي ڊوڙي ته هي پئسا توهان کان کڻڻ وسري ويا آهن. جپان ۾ وار ڪٽائڻ جي في يا هوٽل ۾ مانيءَ جي بل ۾ ٽپ اڳواٽ ئي شامل هوندي آهي جيڪا هنن کي مهيني جي پگهار سان گڏ هوٽل جي مالڪ يا ٽئڪسي ڪمپني طرفان ملي ٿي. البت توهان ڪنهن جي ڪم يا خذمت مان خوش آهيو ۽ پنهنجي دل جو اظهار ڪرڻ چاهيو ٿا ته ٽِپ طور ڪئش ڏيڻ بدران هن کي ڪو تحفو وٺي ڏيو.
    جيتوڻيڪ هلندي کائڻ کان اسانجو مذهب به منع ڪري ٿو پر اسلامي ملڪن ۾ توڙي يورپي ملڪن ۾ دڪان تان ورتل بسڪٽ، سئنڊوچ، صوف، ڪيلو يا پٽئٽو چپس هلندي چلندي کائڻ کي ڪو خراب نٿو سمجھي. پر جپاني ڪلچر ۾ ان ڳالهه کي قبول نٿو ڪيو وڃي. ڪيترا ته ريل گاڏين، پارڪن ۽ ٻين پبلڪ جاين تي کائڻ کي به خراب سمجھن ٿا. ان ڳالهه پويان اهو به پهلو آهي ته توهان کي ڪا شيءِ کائيندو ڏسي متان ٻي جي دل به چوي پر هو غربت ڪري مجبور هجي.... ته ائين کائڻ سان ٻي جي دل کي رنج پهچائڻ آهي. جپانين جي اها سوچ قابلِ داد آهي. اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ جتي لکين ماڻهن کي ٻه ويلا دال مانيءَ جا نصيب نٿا ٿين اتي ٽي وي تي کاڌن جي اشتهارن ۾ سِڪائڻ واري انداز ۾ ماڊل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڪيڪ، بسڪيـٽ يا چاڪليٽ چٽيندو ڏيکارڻ سان به ته غريب ۽ مجبور ماڻهوءَ جي دل آزاري ٿي ٿئي. ۽ اسلام ته ايتريقدر ٿو چوي ته توهانجي گهر ۾ ڪو اهڙو کاڌو تيار ٿئي جنهن جي خوشبوءِ ٻاهر وڃي ته توهان اهو پاڙي وارن کي به کارايو. جپانين جون اهي ڳالهيون يا سوير سمهڻ سوير اٿڻ، گهر سان گڏ گهٽي صاف رکڻ، ايمانداريءَ سان نوڪري ڪرڻ، سچ ڳالهائڻ، پاڙي وارن جو خيال ڪرڻ کي ڏسي اسان جهڙا ماڻهو هميشه چوندا آهن ته جپاني کڻي مسلمان نه هجن پر هو اسلام جي اصولن تي هلن ٿا.
    بهرحال جپان ۾ جتي هلندي ڪا شيءِ کائڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو اتي هڪ ٻه اهڙيون شيون آهن جن جو گهٽيءَ مان هلندي کائڻ کي عيب نٿو سمجھيو وڃي. ”آئيس ڪريم ڪون“ انهن مان هڪ آهي.
    اسان ماڻهن ۾ بي صبري ڏاڍي آهي. جپان ۾ سگنل کلڻ وقت رستو ڪراس ڪرڻ مهل توڙي سئنيما هال مان نڪرندي، جپاني ماڻهو آرام سان نڪرن ٿا. ٻين کي ٿيلها ۽ ڌڪا ڏئي پاڻ گوءِ نٿا کڻڻ چاهين. اسان پاڪستانين، ايرانين، ترڪن ۽ سوڊانين لاءِ ته دنيا جا سڀ مسلمان شڪايت ڪن ٿا ته اسين ڪعبي جو طواف ڪرڻ مهل به ٻئي جو خيال نٿا ڪريون ۽ حجر اسود کي چمڻ لاءِ ڪمزورن کي به ڌڪا ڏئي اڳتي وڌون ٿا. جپان ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڌڪا نٿا ڏين پر هڪ اهڙو هنڌ آهي جتي کين ڌڪا ڏيڻ لاءِ سرڪار طرفان پهلوان پگهار تي مقرر ٿيل آهن جيڪي ”اوشي يا“ Oshiya سڏجن ٿا يعني ”ڌڪا ڏيڻ وارا“ جن کي انگريزيءَ ۾ Pushers چئي سگهو ٿا. هي ”رش اور“ ۾ ٽوڪيو، ڪيوٽو، يوڪوهاما، اوساڪا جهڙن شهرن جي اسٽيشنن تي ٽرين جي دروازن اڳيان يونيفارم ۾ هوندا آهن. هو هٿن تي اڇا جوراب ۽ مٿي تي ٽوپلو پائي بيهن. هنن جو ڪم واقعي ماڻهن کي ڌڪا ڏئي ريل جي دٻي ۾ پئڪ ڪرڻو هوندو آهي. ريل جي هر دٻي ۾ بيهڻ لاءِ ڪافي جاءِ ٿئي ٿي. جيئن گهڻي کان گهڻا ماڻهو سوار ٿي وقت تي آفيس ۽ موڪل مهل پنهنجي گهرن ڏي پهچي سگهن. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪو جپاني ماڻهن ۾ نظم (Discipline) ناهي. هو ڪو گاڏي ۾ چڙهي در وٽ بيهي ٻين لاءِ رستو روڪ نٿا ڪن. جپاني بيحد آرگنائيزڊ ماڻهو آهن. ٽرين اچڻ تي پليٽ فارم تي بيٺل ماڻهو دٻي ڏي نٿا ڊوڙن بلڪه هو تيستائين قطار ۾ بيٺا رهن ٿا جيسين لهڻ وارا لهي وڃن. ان بعد چڙهن ٿا. پر رش واري وقت هر دٻي ۾ ايترا ته پئسينجر هوندا آهن جو ڪيترن جي لهڻ بعد به دٻو پئڪ هوندو آهي. قطار ۾ بيٺل مسافر دٻي جي چائنٺ تائين مس پير رکي سگهندا آهن جن کي هي ”اوشي يا“ انهن جي چيلهه تي ٻئي هٿ رکي اندر ڌڪين ٿا. ان بعد ٿوري جاءِ ٿيڻ تي ٻيا چڙهن ٿا ته انهن سان به اها ڪارروائي ڪن ٿا ۽ پوري ڪوشش ڪن ٿا ته ڪو مسافر رهجي نه وڃي. هر مسافر جو دٻي اندر هجڻ ان ڪري به ضروري آهي جيئن ريل جا سڀ دروازا چڱي طرح بند ٿي سگهن. هتي جون ٽرينون توڙي بسون اهڙي قسم جون آهن جن جا جيستائين دروازا چڱي طرح بند نه ٿيندا تيستائين گاڏي اسٽارٽ ٿي نه سگهندي. اها ڳالهه مسافرن جي حفاظت (Safety) خاطر رکي وئي آهي. دروازا ڀچي بند ٿيڻ تي اليڪٽرڪ جا Contact ملن ٿا ۽ ڪرنٽ ٽرين جي ڦيٿن کي هلائڻ وارين موٽرن ۾ پهچي ٿو. جپان جون هي ٽرينون ڏسي جيڪي وقت تي اچن ٿيون دل چوندي آهي ته اسان پاسي يعني انڊيا ۽ پاڪستان ۾ به ائين هجي. هاڻ مڙيئي گذريل ڏهن سالن کان انڊيا وڃڻ تي ڏسي رهيو آهيان ته هنن ان ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. مسافرن جو وڏو تعداد ريل گاڏين ۾ چڙهي ٿو وقت جي پابندي رکي وئي آهي، ريلوي اسٽيشنون خوبصورت ٿينديون وڃن گاڏا هر خيال کان آرامده آهن ۽ حادثن تي به ڪنٽرول ڪري ورتو اٿن. ان جي مقابلي ۾ اسانجي ريلوي جو سسٽم ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ آهي. ريل گاڏين جي کوٽ آهي، ريلوي اسٽيشنون اجڙيل نظر اچن ٿيون ۽ وقت جي پابندي ته آهي ئي ڪانه يعني اسان جي ملڪ جي ريلوي جو ٻين ملڪن سان ڇا مقابلو ڪجي. اسانجي ملڪ جي ريلوي ان گنجي عورت وانگر آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ته ”ڇا ڌوئندي، ڇا نچوڙيندي ۽ ڇا سڪائيندي!“ اسان وٽ ريل جون انجڻيون ته کوٽ ۾ هونديون آهن پر ٻارڻ جو تيل (ڊيزل) به کوٽ ۾ هوندو آهي.
    بهرحال پاڻ جپان جي ريلوي اسٽيشنن تي ڪم ڪندڙ ”اوشي يا“ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هنن کي پگهار ان ڳالهه جو ٿو ملي ته هو ماڻهن کي ڌڪي گاڏي اندر ڪن ۽ خاطري ڪن ته اسٽيشن تي موجود سڀ مسافر گاڏيءَ ۾ داخل ٿي ويا ۽ ڪنهنجو به هٿ پير يا ڪوٽ قميص گاڏي جي دروازن ۾ رنڊڪي نه پيو آهي.
    جپان جي ريل گاڏين جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به لکندو هلان ته ٽرين ۾ سفر ڪندڙ ڪيترا جپاني سفر دوران ننڊون ڪندا هلن ٿا. ڇاهي جو جپان ۾ هرڪو سخت پورهيو ڪري ٿو ۽ مقرر وقت کان وڌيڪَ ئي ڪم ڪري ٿو. جپان لاءِ مشهور آهي ته اتي آفيس يا ڪارخاني ۾ فقط وڃڻ جو وقت مقرر آهي. موڪل مقرر ٽائيم تي ورلي ٿئي. ڪم پورو ڪندي ڪندي ڪڏهن رات به ٿيو وڃي ۽ پوءِ ظاهر آهي گهر ويندي هنن کي ننڊ کڻيو وڃي. پر هتي ڳالهه فقط ننڊ جي نه آهي. ننڊ ۾ بيهوش مرد يا عورت جو ڪنڌ ڀر ۾ ويٺل مسافر جي ڪلهي تي ڍرڪي پوڻ کي هڪ عام ڳالهه سمجھيو وڃي ٿو ۽ ان کي برداشت ڪيو وڃي ٿو. توهان جي اسٽيشن اچڻ تي هن جو ڪنڌ سڌو ڪري توهان روانا ٿي سگهو ٿا.

    ”جپاني چشڪا ڏئي کائين“
    جپاني ماڻهو بوٽ کي گهر جي ٻاهر لاهي اندر گهڙڻ لاءِ اتي رکيل چئمپلن مان هڪ پائين. يورپ يا آمريڪا جي ٻي ڳالهه آهي جتي جا ماڻهو بوٽن سميت نه رڳو پنهنجي بيڊروم ۾ گهڙيو وڃن پر بوٽن سميت بستر يا صوفي تي ليٽيو به پون. جپان جي هر گهر، مندر، ڪجهه مڪاني هوٽلن ۽ آفيسن ۾ پيرين اگھاڙو گهڙڻو پوي ٿو پر جي ٻاهر چمپل رکيل آهن ته انهن مان هڪ پائي اندر گهڙجي. ڪيترن عجائب گهرن ۽ آرٽ نمائشن ۾ به بوٽ لاهي اندر گهڙجي. بنيادي نقطو اهو ئي ياد رکڻ کپي ته جتي به توهان کي چئمپلن جي قطار نظر اچي اتي بوٽ لاهي چئمپل پائجي. جپان ۾ تعليم يا نوڪري وغيره لاءِ اچڻ وارن کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هو ڪَهيُن وارن بوٽن ۾ هرگز نه اچن. سليپر ٽائيپ بوٽ ۾ اچن جو جپان ۾ جتي ڪٿي بوٽ لاهڻو پوي ٿو ۽ ڪهيُن (Laces) وارو بوٽ مٿي جو سور بڻجيو پوي.
    اهو پڻ لکندو هلان ته جپاني گهرن ۾ باٿ روم لاءِ الڳ چئمپل ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن به ڪمري واري چئمپل سان باٿ روم ۾ نه گهڙجي ۽ نه باٿ روم وارو چئمپل ٻاهر کڻي اچجي.
    جپان ۾ اها عزت جي ڳالهه آهي ته ڪو توهان کي گهر ۾ دعوت ڪري. ۽ جيڪڏهن ڪو توهان کي گهرائي ٿو ته توهان هن لاءِ ڪو تحفو ضرور کڻي پهچو. ۽ ان تحفي کي سٺن رنگين پنن ۽ ربينن ۾ ويڙهي پوءِ ميزبان کي ڏيو. ساڳي وقت توهان کي ڪو تحفو ڏئي ته ان کي وٺڻ کان انڪار نه ڪريو. اها ٻي ڳالهه آهي ته شروع جي جملن ۾ هلڪو انڪار ضرور ڪريو ته هيءَ تڪليف ڇو ورتي اٿانوَ.... وغيره.
    اسان وٽ پاڪستان هندوستان، توڙي يورپ آمريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ چانهه يا ڪو ٻيو مشروب اچي ٿو ته توهان مان ڪو ـــ خاص ڪري ميزبان پاڻ يا سندس پاسي جو ماڻهو چانهه جي ڪٽلي يا شربت جو جڳ کڻي ٻين جي ڪوپن يا گلاسن ۾ وجھي پوءِ آخر ۾ پنهنجي ۾ به وجھي ٿو. جپان ۾ به ويٺلن مان هڪ ڄڻو جڳ کڻي سڀني جا گلاس ڀري ٿو پر هن کي پنهنجو گلاس هرگز ڀرڻ نه کپي. ان لاءِ هن کي انتظار ڪرڻ کپي جيئن ٻين مان ڪو جڳ کڻي هن جو گلاس ڀري. ۽ پوءِ وري ترسجي ته ڪو گلاس کڻي ”ڪانپائي“ (Kanpai) چئي. ان بعد پيئڻ شروع ڪجي. جپاني لفظ ڪانپائي ائين اهي جيئن انگريزيءَ ۾ اسان Cheers چئون ٿا..... يا ڀنگ وارا ”ڀلي ڀلي اچي“ جو نعرو هڻن ٿا. هونءَ جپاني لفظ ”ڪان پائي“ جي لفظي معنيٰ آهي Dry Cup يعني سڀ پي گلاس خشڪ (خالي) ڪريو جيئن يورپ ۽ آمريڪا جي گهتن (Pubs) ۾ شرابي ”باٽم اپ“ جو نعرو هڻي هڪ ئي ڳت ۾ پيگ خالي ڪري وٺن ٿا ..... ۽ پوءِ بارٽينڊر کان ”سوائيءَ“ جي گهر ڪن ٿا ..... يعني ڪجهه سُرڪ (چوٿو کن پيگ) پيار.
    جپان ۾ ماني يا ڊبل روٽي نه برابر هلي ٿي. ڀت ۽ ان کان وڌيڪَ نوڊلس (Noodles) هلن ٿيون جن سيوين جا ٿولهه مطابق ڪيترائي قسم ۽ نالا آهن. گهڻيون مشهور رامين (Ramen) آهن. هي نوڊلس (سيويون) چيني نموني جون ڪڻڪ مان ٺهيل ٿين ٿيون. اهڙي طرح سوبا، سومين، اُڊان يا ڪي سوبا، شيراتاڪي وغيره. بهرحال نوڊلس (سيوين) جو ڪهڙو به ڊش هجي جپاني ماڻهو چاپ اسٽڪس سان کانئين. نوڊلس جي پيالي کي وات جي ويجھو آڻي تيلين سان ڇڳو ڪڍي ان جو هڪ پاسو وات ۾ وجھي پوءِ باقي کي وات سان چوسين (Suck ڪن) ۽ انهن کي کائڻ مهل چشڪا ڏين. جيتوڻيڪ يورپ توڙي آمريڪا ـــ ويندي اسان جي ملڪ ۾ چشڪا ڏئي يا سُرڪون ڀري چانهه يا ٻي شيءِ کائڻ کي خراب سمجھيو وڃي ٿو پر جپان ۾ معاملو ان جي ابتڙ آهي. ميزبان خوش ٿو ٿئي ته مهمانن کي سندس پيش ڪيل ”رامين“، ”سوبا“ يا ”اڊان“ وغيره پسند آيا آهن ۽ مزو وٺي کائي رهيا آهن.
    چشڪا ڏئي ڪنهن شيءِ کي چوسڻ جنهن لاءِ انگريزيءَ جو لفظ “Slurping” آهي جپان ۾ خراب نٿو سمجھيو وڃي ڇو جو اهو ٻڌائي ٿو ته کاڌو لذيذ آهي ۽ توهان مزو وٺي رهيا آهيو. ٻي صورت ۾ جپاني ميزبان غلط فهميءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو ته توهان کي هن جي ٺهيل سيوين (نوڊلس) جو ڊش پسند نه آيو. بهرحال جپان ويندڙ پنهنجن پڙهندڙن کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هو پاڻ ۾ اها عادت پيدا نه ڪن جو سواءِ جپان جي باقي ملڪن ۾ ان کي خراب سمجھيو وڃي ٿو ۽ ٻار لاءِ به چيو وڃي ٿو ته وڏو بدافعالو آهي. مائٽن ڪا فضيلت نه سيکاري اٿس.
    هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته چشڪا ڏئي سيويون کائڻ نه فقط Polite ڳالهه آهي پر ضروري پڻ سمجھي وڃي ٿي. جپاني ماڻهو نوڊلس تمام گرم حالت ۾ کائين ٿا. جنهن سُوپ ۾ رامين، سوبا يا ٻي ڪنهن قسم جي نوڊل ٿئي ٿي اهو ٽهڪندڙ حالت ۾ هوندو آهي. ۽ Slurping (سُرڙ سُرڙ ڪرڻ) سان وات سڙڻ کان بچيو وڃي. هي ائين آهي جيئن اسان گرم گرم چانهه ڦوڪي ڦوڪي پيون ٿا.
    کائڻ جي ڳالهه نڪتي آهي ته هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ٻين سان گڏ ماني کائڻ دوران اوگرائي ڏيڻ کي جپاني بداخلاقي سمجھن ٿا. جيتوڻيڪ اسانجي ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن ۾ ـــ پاڪستان، هندوستان کان وٺي سري لنڪا ۽ ملائيشيا ۾ ان کي خراب نٿو سمجھيو وڃي. بلڪه ميزبان اهو ئي سمجھي ٿو ته مهمان پيٽ ڀري کاڌو آهي.

    ”پليٽ فارم تي رات گذارڻ وارا جپاني“
    اسانجي شروعاتي ڏينهن ۾ يعني 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏهاڪن ۾ رات جي آخري گاڏي ڇٽي ويندي هئي ته اسين توڙي جپاني صبح جي پهرين ريل گاڏي جي انتظار ۾ اسٽيشن جي پليٽ فارم تي رکيل بئنچن تي يا پٽ تي سمهي رهندا هئاسين. اسٽيشن جي ٻاهران ڪيتريون ئي هوٽلون ٿين ٿيون پر جپان ۾ هر شيءِ جي قيمت ڳاٽي ٽوڙ هجڻ ڪري آئون ڏسندو هوس ته امير جپاني به ڪمپليٽ سوٽن ۾ پٽ تي اخبار يا دفتري جو گتو وڇائي سمهي رهندا هئا.
    جپان ۾ اڄ به هر شهر ۾، ويندي ٽوڪيو اوساڪا ۾ رات جو ڏهين بجي بسون ۽ ٽرينون بند ٿيو وڃن ۽ گهٽين جون بتيون ته ساڍي اٺين وڳي کان آف ڪيون وڃن ٿيون. ٽرينون صبح جو پنجين کان هلڻ شروع ٿين. پليٽ فارم تي سمهڻ جو اهو به فائدو آهي ته صبح جي ٽرين جي آواز تي اک کليو وڃي ۽ ٽپ ڏئي دٻي اندر داخل ٿيو وڃجي.
    جيئن جيئن جپان اچڻ ٿيندو رهيو ته اها به ڄاڻ پئي ته ريلوي پليٽ فارم تي سمهڻ وارا نه فقط اسان جهڙا آهن جن کان آخري ٽرين مِس ٿيو وڃي پر ٻيا به ڪيترائي حالي موالي آهن. هڪ دفعي، لڳي ٿو 1973ع وارو سال هو، ”چناب“ نالي جهاز تي آئون ٿرڊ انجنيئر هوس، ڪوبي نالي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيل هو. هڪ ڏينهن اسان جهاز جا ٽي دوست شام جو چڪر لاءِ نڪتاسين. ڪوبي ۾ اسان لاءِ ٻه جايون دلپسند رهيون آهن. هڪ ”موتو ماچي“ جو علائقو جيڪو ڪوبي جي بندرگاهه کان ايترو پري آهي جيترو ڪياماڙيءَ کان ٽاور يا بولٽن مارڪيٽ. موتو ماچي مارڪيٽ حيدرآباد جي شاهي بازار وانگر ڍڪيل (Covered) آهي ۽ ميل کن ڊگهي ٿيندي. موتو ماچيءَ جي هڪ پاسي ڪوبي بندرگاهه آهي ته ٻئي پاسي جپان جو مشهور جبل ”روڪو“. هن جبل نالي ڪوبي ۾ هڪ سک جو تمام آڳاٽو ڪپڙي جو دڪان Rokko-Saris نالي آهي جتان ننڍي کنڊ جا جهازران ڪچو ڪپڙو ۽ ساڙهيون وٺندا آهن.
    هونءَ ڪوبي جو موتو ماچي علائقو جتي توهانکي فارينر تمام گهڻا نظر ايندا، ائين آهي جيئن ٽوڪيو جو گنزا يا اوساڪا جو ”شين سائي باشي“. جپان ۾ هڪ موتو ماچي مارڪيٽ يوڪوهاما شهر ۾ به آهي پر ڪوبي جي موتوماچي مارڪيٽ ڀرسان چائنا ٽائون به هجڻ ڪري مقامي جپانين ۽ ٽوئرسٽن جي رش رهي ٿي. ان رات اسان ڪجهه دير موتو ماچيءَ ۾ هلڪي ڦلڪي شاپنگ ۽ پاڪستان کان آيل ٻين جهازن ـــ خاص ڪري اسان جي ڪمپني جي جهازن جي دوستن ۽ ساڳي نيول اڪيڊمي مان تعليم حاصل ڪندڙ پنهنجن پراڻن ڪلاس ميٽن سان خبر چار ڪري موتوماچي اسٽيشن تي آياسين جتان ڇڪاٽيٽسو (سب وي ٽرين) ۾ چڙهي ٻي اسٽيشن ”سَنومِيا“ تي پهتاسين جيڪا سمجهو ته ڪوبي جو مرڪزي علائقو آهي جتان ريل گاڏيون اوساڪا، ڪيوٽو، يوڪوهاما ۽ ٽوڪيو جهڙن شهرن ڏي به وڃن ٿيون. موتوماچيءَ کان سَنوميا (Sannomiya) ايترو پري آهي جيترو بولٽن مارڪيٽ کان امپريس مارڪيٽ. ان بعد اڳتي ڪوبي جون ٻيون اسٽيشنون: نادا، مايا، زوڪو، مِچي، سمي يوشي وغيره ائين آهن. جيئن گرومندر، تين هٽي، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، سرجاڻي ٽائون، وغيره.
    سَنوميا جو علائقو بيحد رونق وارو آهي. هي علائقو هتي جي مشهور درگاهه (Shrine) سَنوميا کان مشهور ٿيو. رڳو رستن تان پيو هل ته به مزو پيو اچي جيئن صدر جي بوهري بازار يا زينب مارڪيٽ ۾. هڪ هنڌ ويهي ڪافي به پيتيسين ۽ هر وقت ڌيان ۾ هو ته آخري ٽرين جي وڃڻ کان اڳ اسٽيشن تي پهچي وڃون. ۽ بنا شڪ جي اسان وقت تي سنوميا اسٽيشن تي پهچي وياسين پر پنهنجي ٺٺ مسخري ۾ غلط پليٽ فارم تي اچي نڪتاسين. جيئن ئي ان جو احساس ٿيو ته صحيح نمبر واري ڏي ڊوڙياسين پر عين ان وقت ٽرين جا دروازا بند ٿي ويا ۽ گاڏي چرڻ لڳي. اسان کانپوءِ ڪجهه منٽن بعد ٻيا به ٻه ٽي جپاني مرد پهتا. هونءَ جپاني تمام وقت جا پابند، هوشيار ۽ آرگنائيزڊ ٿين ٿا ۽ هنن کان فقط ڪڏهن ڪڏهن ٽرين مِس ٿيو وڃي. پر پوءِ ان رات مون ڏٺو ته ڪلاڪ ٻن بعد.... يعني ٻارهن هڪ کان پوءِ به ڪجهه مرد آيا جيڪي نشي ۾ ڌت هئا. هڪ جيڪو ڪجهه هوش ۾ هو تنهن ٻڌايو ته: ”هتي فقط اهي نٿا اچي رات گذارين جن کان ٽرين ڇٽيو وڃي پر اسان جهڙا به جيڪي ڪنهن رات چڪو سوائي زيادهه پي وڃڻ ڪري زالن جا دڙڪا کائڻ بدران هتي سمهيو پئون.“ اهڙي طرح ڪنهن ٻئي شهر ۾ ريل ڇٽڻ تي اسٽيشن تي هڪ اهڙي به جپاني گامون سچار سان ملاقات ٿي جنهن اسٽيشن جي ٻاهران هڪ عمارت ڏي اشارو ڪري چيو ته منهنجو فلئٽ ان بلڊنگ جي پنجين فلور تي آهي.
    ”ته پوءِ ته تون واڪ ڪري هليو وڃ. هتي پٽ تي ڇو ستو پيو آهين؟“ مون پڇيو.
    ”زال تي رعب رکڻ لاءِ“ هن جواب ڏنو.
    هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين بعد هن ٻڌايو ته هو زال سان وڙهي گهران نڪتو آهي ۽ زال تي اهو رعب رکيو اٿس ته هو پنهنجي گرل فرينڊ سان رات گذارڻ ٿو وڃي! اهو ٻڌي مونکان ٽهڪ نڪري ويو ۽ پاڻ به کلندو رهيو. دل ۾ آيو ته وس پڄي ته جوڻس کي بئناڪيولر وڃي ڏيان ته دريءَ مان ڏسي ته سندس مڙس سامهون ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي کونگھرا هڻي رهيو آهي.
    اهو به لکندو هلان ته جپان ۾ انهن ڏينهن کان يعني 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي کان هر ريلوي اسٽيشن ۽ ٻين هنڌن تي مسواڙ جا لوهي لاڪر هئا جن ۾ پنهنجو سامان رکي پوءِ اسٽيشن تي سمهي ٿي رهياسين. اسان به ٽنهي دوستن هڪ لاڪر 8 ڪلاڪن جي مسواڙ تي وٺي موچو ماچيءَ مان خريد ڪيل شيون ان ۾ وجھي آجا تاجا ٿي ليٽي پياسين. هونءَ موتو ماچي اسٽيشن وٽ هجون ها ته پنهنجي جهاز تائين يعني ڪوبي بندرگاهه تائين ”ٽاور کان ڪياماڙي“ جيترو فاصلو پيرين پنڌ ڪري پهچي وڃون ها. پر هيءَ سنوميا اسٽيشن اسان جي ”ڪياماڙيءَ کان صدر“ جيتري پري هئي.

    ”جپان جون ڪئپسول هوٽلون“
    سال تي سال گذرڻ تي مون ڏٺو ته جپان جي ريلوي اسٽيشنن تي نام نهاد ٽرين ڇٽڻ وارن مسافرن جو تعداد وڌڻ لڳو پر بقول هوٽل بزنيس وارن جي مسافرن جو تعداد نه پر ٻارهين هڪ کان پوءِ ـــ يعني آڌي رات کانپوءِ مئه خانن، پبن ۽ هوٽلن مان نڪرندڙ انهن ماڻهن جو وڌڻ لڳو جيڪي نشي جي سرور ۾ هجڻ ڪري پنهنجي ڪار هلائي نٿي سگهيا. جپان ۾ زمين جو اگهه تمام وڏو آهي ان ڪري هوٽل جي ڪمرن جي مسواڙ به وڏي آهي پر جپان جي واپاري طبقي پئسو ڪمائڻ ۽ رات جا چند ڪلاڪ گذارڻ وارن لاءِ 1980ع ڌاري ”ڪئپسول هوٽلون“ ايجاد ڪيون. هنن هوٽلن جا ڪمرا عام هوٽلن وانگر نه ٿين جن ۾ ڪرسي ٽيبل، ڪٻٽ، باٿ روم ٿين ٿا. هنن هوٽلن جا ڪمرا دوا جي ڪئپسول جي شڪل جا جنازي جي تابوت کان ڪجهه وڏا ٿين جن ۾ ماڻهو بيهي ته نٿو سگهي، هو فقط ويهي ۽ سمهي سگهي ٿو. هنن هوٽلن جي گهٽي (راهداري) عام هوٽلن وانگر ضرور ٿئي ٿي پر ٻنهي پاسي ڪمرن جي درن بدران تيل جي ڊرمن جهڙا هيٺ مٿي ٻن قطارن ۾ ڪئپسول رکيل ٿين. هي ڪئپسول يعني مهمان جي سمهڻ لاءِ ننڍڙا ڪمرا پلاسٽڪ يا فائبر گلاس جا ٺهيل ٿين ٿا جن مان هر هڪ جي سائيز: ڊيگهه 2 ميٽر (6 فوٽ 7 انچ)، ويڪر هڪ ميٽر (3 فوٽ 3 انچ) ۽ اوچائي سوا ميٽر (4 فوٽ 1 انچ) ٿئي. مختلف هوٽلن جي ڪئپسولن ۾ مختلف سهولتون ٿين ٿيون پر هر هنڌ هر ڪئپسول ۾ ٽي وي، انٽرنيٽ، ايئرڪنڊيشن، لائيٽ جو بندوبست، هنڌ بسترو رهي ٿو. هي ڪئپسول هڪ ٻئي جي ڀرسان قطار ۾ جڙيل ٿين ٿا جن جي مٿان هڪ ٻي قطار هوندي آهي. مٿين قطار جي ڪئپسولن ۾ وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ جو بندوبست ٿئي ٿو، مونکي پاڪستان جي جناح يا سول اسپتال جي خبر ناهي پر ٻين ملڪن جي اسپتالن جي مرده خانن ۾ جيئن مرده رکڻ لاءِ خانن جي قطار هيٺ مٿي ٿئي ٿي تيئن هي ڪئپسولن وارا ڪمرا لڳندا آهن.
    ڪئپسول جو منهن جنهن مان داخل ٿجي ٿو اهو پڙدي يا فائبر گلاس ذريعي ڍڪي سگهجي ٿو جيئن ٻاهران لنگھندڙن جي نظر اندر نه پوي. ڪئپسول ۾ سامان رکڻ جي جاءِ ناهي ان کي هر هڪ ٻاهر هوٽل جي يا ڪنهن ٻي ڪمپني جي مسواڙ لاءِ رکيل لاڪرن مان ڪنهن ۾ رکي سگهي ٿو. ڪئپسولن ۾ رهڻ وارن کي پبلڪ باٿ استعمال ڪرڻو پوي ٿو. جپان ۾ جتي ڪٿي ان قسم جا پبلڪ باٿ آهن جن کي محلي ۾ رهندڙ اهي ماڻهو استعمال ڪن ٿا جن جا گهر ننڍا هجڻ ڪري انهن ۾ باٿ روم نه آهن.
    هنن هوٽلن ۾ يعني ڪئپسولن ۾، رهڻ وارن کي ڪئپسول اندر ڪجهه کائڻ يا سگريٽ ڇڪڻ جي اجازت نه هوندي آهي. اهڙين ڪئپسول هوٽلن جي ٻاهران ماني ٽڪي کائڻ لاءِ ريسٽورنٽون ٿين ٿيون يا گهٽ ۾ گهٽ وينڊنگ مشينون لڳل ٿين جن ۾ مقرر سڪا وجھي گرم چانهه، ڪافي، پاڻي، ڪولڊ ڊرنڪ يا گرم گرم سئنڊوچون يا ٻيون شيون ڪڍي سگهجن ٿيون.
    ڪئپسول هوٽلون مختلف سائيزن جون 50 کان 700 ڪئپسولن واريون ٿين ٿيون ۽ بنيادي طرح مردن جي رهائش لاءِ ٺاهيون ويون آهن. ڪن هوٽلن ۾ عورتن لاءِ الڳ سيڪشن پڻ آهي. ڪن هوٽلن جي ڪئپسولن ۾ توهان کي پنهنجي وڳي ۾ سمهڻ جي اجازت نه هوندي آهي. اهڙين هوٽلن ۾ داخلا وٽ رسيپشن تي توهان کي پنهنجا اوڍيل ڪپڙا ۽ جوتا جمع ڪرائڻا پون ٿا ۽ ڪئپسول ۾ سمهڻ لاءِ هوٽل طرفان ”ياڪوتا“ (جپاني اسٽائيل جو سليپنگ سوٽ) ۽ گيتا (Geta) جپاني اسٽائيل جا چمپل جن جو ترو سنڌ ۾ وضوءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ چاکڙين وانگر ڪاٺ جو ٿئي ۽ مٿان ڪپڙي يا ڏوريءَ جون پَٽيون Thogs ٿين (جيئن اسان وٽ اسپنج جي هوائي چمپل ۾ رٻڙ جون ٿين) ملن. جپان ۾ هن قسم جون چئمپل Geta صدين کان استعمال ۾ آهي. اسان وٽ استعمال ٿيندڙ هوائي چمپل هن گيتا تان ڪاپي ٿيل آهي جيڪو ٻي جنگ عظيم دوران نيوزيلئنڊ ۽ آمريڪا وارن ٺاهيو. گيتا کان علاوه هڪ ٻيو چمپل جيڪو جپان ۾ استعمال ٿئي ٿو زوري (Zori) سڏجي ٿو. هن جو ترو گيتا وانگر ڪاٺ جو هجڻ بدران پلال (Rice Straw) مان ٺهيل ٿئي ٿو. ڪن ڪن هوٽلن ۾ ٽوال پڻ ڏنو وڃي ٿو.
    هنن ”ڪئپسول هوٽلن“ جو اهو فائدو آهي ته سوليون ۽ سستيون آهن. خير سستيون سستيون پر ان هوندي به هڪ رات جي مسواڙ ٻن کان چار هزار يين آهي. اڄ ڪلهه جپاني هزار يين اسانجي 800 روپين برابر آهن. ان قبر ۾ سمهڻ جا ئي ايترا پئسا آهن ته ان مان اندازو لڳايو ته هڪ عام هوٽل جي ڪمري جي ڇا مسواڙ هوندي جنهن ۾ بسترو به آهي ته باٿ روم به، ۽ ماڻهو ڊگهو ٿي هلي به سگهي ٿو. هن ڪئپسول ۾ سمهڻ ائين آهي ڄڻ ڪنهن مريض کي سي ٽي اسڪئن (CT-SCAN) مشين ۾ داخل ڪجي. پر هنن هوٽلن جي ايجاد تي رولاڪ جپاني خوش آهن. بقول هڪ جپانيءَ جي:
    “They provide an alternative for those who may be too drunk to return home safely, or too embrassed to face their spouses”.
    جپان جي هن ايجاد (يعني Capsule Hotel) کي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪا خاص پذيرائي نه ملي آهي جيتوڻيڪ پهرين ڪئپسول هوٽل جيڪا 1979ع ۾ اوساڪا جي با رونق علائقي ”اُميدا“ (Umeda) ۾ ٺهي، اڄ ان کي چاليهه کن سال اچي ٿيا آهن. ڪجهه سال اڳ (2014ع ۾) بيلجم ۾ يورپي اسٽائيل جي هڪ ڪئپسول هوٽل ٺهي ۽ 2015ع ۾ اڪينو ايئرپورٽ منيلا (فلپين) ۾ ٺهي ۽ 2017ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ پڻ هڪ ڪئپسول هوٽل ٺهي آهي.
    نشي ۾ ڌت يا دير سان گهر پهچڻ تي پنهنجي ڇتري زال کي منهن نه ڏئي سگهڻ واري هڪ جپاني مرد کي هن قبر جهڙي ڪئپسول ۾ ته ضرور ننڊ اچي وڃي ٿي پر آئون نٿو سمجھان ته اسانجي ملڪ جو ماڻهو ان ۾ آرام سان سمهي سگهندو ..... بهرحال منهنجي اها سوچ ڏهاڪو سال کن اڳ هئي پر هاڻ جڏهن پنهنجي ملڪ جي هوائي جهازن جي اڏام دير سان ٿيڻ تي ويهه ويهه ڪلاڪ ايئرپورٽ جي ڪرسيءَ تي وهڻو پوي ٿو ته دل چوندي آهي ته ڪاش ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪا ڪئپسول هوٽل ئي کڻي هجي جنهن ۾ ڪجهه ڪلاڪ ليٽي چيلهه سڌي ڪجي!
    جپان ۾ ايندڙ نون ماڻهن لاءِ اهو به لکندو هلان ته هن قسم جي ڪئپسول هوٽل کي جپاني ڪئپُو سَيرو هوتيرو (Kapuseru Hoteru) سڏين. جپان جي ماڻهن آمريڪا جا بم کائڻ بعد ڪجهه سالن لاءِ هنن کي گاريون ۽ پِٽ پاراتا ضرور ڏنا پر پوءِ ان بعد هو آمريڪا جي هر ڳالهه مان اهڙو ته متاثر ٿيا جو هو هنن جو رانديون گوريفو (Golf)، بيسو بارو (Base Ball) هنن جي ميوزڪ، هنن جا کاڌا - ويندي هنن جي ٻولي (انگريزي) پسند ڪرڻ لڳا. ايتريقدر جو ڪا نئين شيءِ ايجاد ڪرڻ تي ان جو جپاني نالو رکڻ بدران انگريزي رکڻ لڳا ـــ چاهي ٺهي يا نه ٺهي. جيئن اسان وٽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ عربن وٽ پيٽرول جي دولت اچڻ تي اسان انهن مان اهڙو ته Impress ٿياسين جو هر نالي کي عربي رنگ ڏيڻ لاءِ اڳيان ”ال“ هڻڻ لڳاسين. ان وقت جو ”الپروين“ گهر جو رکيل نالو اڄ به ڪراچيءَ ۾ نظر اچي ٿو. يا پاڻ کي عرب سڏائڻ يا ٻين تي پنهنجي ڌاڪ ويهارڻ لاءِ حيدرآباد ۾ هڪ مستريءَ پنهنجي گئريج جو نالو ”الٻروچ گئريج“ رکيو. هاڻ اندازو لڳايو ته عرب کي اهڙن نالن پڙهڻ سان پنهنجائپ ته نه ٿيندي هوندي ته اسان جي مائٽ جو گهر يا گئراج آهي ماڳهين وايون ضرور بتال ٿينديون هونديون جو پ، ٻ ۽ گ جهڙا اکر عربيءَ ۾ آهن ئي ڪونه.
    اهڙي طرح ڪيترائي انگريزيءَ جو لفظ جپانين لاءِ اچارڻ ناممڪن آهن ۽ شڪلين واري لکڻي ”کانجيءَ“ ۾ ته نٿا لکي سگهن پر اچارن واري الفابيٽ ”ڪاٽا ڪانا“ ۽ ”هراگانا“ ۾ به اهي هوبهو لکي نٿا سگهجن ته به هو اهڙن اکرن وارن انگريزي لفظن کي به پنهنجي جپانيءَ ۾ آڻين ٿا. جپاني لفظن ۾ هر Consonant اکر پويان Vowel ٿئي ٿو سواءِ “N” جي جيڪڏهن اهو آخر ۾ اچي ٿو. توهان ميمن ۽ پاڪستان جهڙا لفظ جپانيءَ ۾ هوبهو ائين لکي سگهو ٿا جو ٻنهي لفظن Memon ۽ Pakistan ۾ هر اکر پويان Vowel آهي سواءِ پاڪستان جي “S” اکر پويان جتي “I” هڻڻ سان ڪو خاص فرق نٿو پوي پر منهنجي نالي Altaf وارو لفظ جپاني ٻوليءَ ۾ اچارڻ يا لکڻ سان ڪافي تبديل ٿي Aritafu (اري تافو) ٿيو وڃي ڇو جو L ۽ F پويان نه رڳو Vowel لڳائڻو پوي ٿو پر L بدران R اچارڻو پوي ٿو جو جپانيءَ ۾ لام يعني “L” جو اچار آهي ئي ڪونه. سچ پڇو ته منهنجو نالو اريتافو به اهي جپاني اچاري سگهن ٿا جيڪي انگريزي اسڪولن مان پڙهيا آهن نه ته ٻيا اريتاهو (Aritahu) پڙهن ان ڪري جو جپاني ٻوليءَ ۾ ف جو به اُچار ناهي جپاني ”ف“ کي ”ح” اچارين. اهڙي طرح هوٽل Hoteru ٿيو وڃي ۽ Capsule ڪئپوسِيرو Kapuseru ٿيو وڃي.
    * * *


    جپان ۾ مسلمانن جي زندگي

    جپاني ماڻهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هنن جو واسطو ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم سان آهي پر مذّهب جي معاملي ۾ هو ڪو اهڙو سنجيده ۽ جذباتي نه آهن جهڙا سري لنڪا، برما يا ٿائلنڊ پاسي جا ٻوڌي آهن. جپانين لاءِ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي صحيح چيو هو ته: Japanese are economical animals. هنن کي هر وقت پورهئي ۽ نوڪريءَ جي تات لڳي رهي ٿي جيئن هو پئسو ڪمائي گهر ٻار هلائي سگهن. سالن کان عيسائي مبلغ، جپان ۾ پنهنجي مذهب جي تبليغ ڪندا رهيا. هنن آفريڪا توڙي اسان جي ملڪن ۾ ته يڪدم عيسائي بنائي ڇڏيا پر جپان ۾ اهي نتيجا حاصل ڪري نه سگهيا. جڏهن کان منهنجو جهاز هلائڻ دوران جپان ۾ وڃڻ شروع ٿيو آئون به عيسائي مرد پادرين ۽ عورتن (Nuns) کي جپان جي پارڪن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ توڙي هڪ هڪ گهر ۾ وڃي جپانين کي عيسائي ٿيڻ جي تلقين ڪندو ڏسندو رهان ٿو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ته پاڪستان کان ايندڙ تبليغي جماعتن کي به اسلام جي پرچار ڪندي ڏٺو پر مذهب جي معاملي ۾ جپانين ڪو اثر نٿي ورتو. سڄي جپان ۾ ٻه ئي مسجدون نظر آيون ٿي هڪ ٽوڪيو واري ۽ ٻي ڪوبي واري جيڪي ويهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ جپان ۾ رهندڙ ترڪ ۽ روسي رياستن جي مسلمانن ٺهرايون هيون. مسجد جي ڀر وارن گهرن ۽ دڪانن ۾ ڪم ڪندڙ جپانين تي به ڪو اثر نٿي ٿيو ته کڻي مسلمان ٿجي. ايتري قدر جو پڙهيل ڳڙهيل جپانين کي به خبر نه هئي ته اسلام ڇا آهي.
    عرب دنيا (سعودي، ڪويت، ايران وغيره) ۾ تيل نڪرڻ ڪري نه فقط اتي پر سڄي دنيا ۾ بهتري ۽ خوشحالي اچي وئي. ظاهر آهي ڪارخانن ۽ جهازن تي جتي انجڻين ۾ ڪارو ڪوئلو استعمال ٿيو ٿي اتي ڪوئلي بدران تيل (ڊيزل، پيٽرول) استعمال ٿيڻ لڳو. تيل جي ڪري نه فقط انجڻيون (ڪارخانا) بهتر هلڻ لڳا پر تيل مان ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ٺهڻ لڳيون.... جيئن ته پلاسٽڪ جو سامان، عطر، نقلي وار (Wigs) وغيره. جپان ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳڀرو هجڻ ڪري جپاني ان قسم جون نيون نيون شيون ٺاهي ناڻو ڪمائڻ لڳا ۽ جپان ۾ ته هيڪاندي خوشحالي اچڻ لڳي..... ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ مٿي ۾ لڳل نقصانن مان هنن جي تڪڙي تڪڙي جان ڇٽڻ لڳي. ڪجهه سالن بعد عربن تيل جو اگهه وڌايو. يورپ جي ڪيترن ملڪن مخالفت ڪئي ۽ هنن اهو ئي سوچيو ته هو جي تيل نه وٺندا ته عرب پاڻهي سڌا ٿي ويندا. ان تناظر ۾ اسان ڏٺو ته جپان جو وزير اعظم يورپ جي ملڪن سان شامل ٿيڻ بدران عرب ملڪن ۾ ٺاهه لاءِ پهچي ويو ته اسان توهان سان بائڪاٽ نٿا ڪريون. اسان توهان کان مهانگي اگهه تي به تيل وٺڻ لاءِ تيار آهيون جو اسان جو ان بنا گذارو نه ٿيندو. هي اهو دؤر هو جڏهن جپاني ماڻهن کي پهريون دفعو عربن جو احساس ٿيو ته اها به هڪ اهم قوم آهي ۽ تيل جي ڪري وڏي طاقت رکي ٿي ..... جپانين کي انهن جي مذهب ۽ ڪلچر جي ڄاڻ رکڻ جو شوق ٿيو ۽ اسان ڏٺو ته ان بعد جپان ٽي وي تي اڌ ڪلاڪ لاءِ عربيءَ جا ڪلاس شروع ڪيا ويا .... جپان جي ٽي وي پنهنجن ماڻهن کي حج جا نظارا ۽ ٻانگ ڏيکارڻ لڳي... اڳتي هلي ڪنهن ڪنهن جپانيءَ بابت ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو ته هن اسلام قبول ڪيو آهي. پر حيرت جي ڳالهه اها ته جپان ۾ جپانين جي وڏي تعداد جو مسلمان ٿيڻ ۽ مسجدن جو ٺهڻ ”نائن اليون“ واري واقعي بعد ٿيو. 1980ع واري ڏهاڪي تائين به (جيسين اسانجو جپان اچڻ وڃڻ لڳو رهيو)، جپان جون فقط ٻه مسجدون مشهور هيون جن بابت مٿي لکي چڪو آهيان.... يعني ٽوڪيو واري جيڪا 1938ع ۾ ٺهي ۽ ڪوبي واري جيڪا ان کان اڳ 1935ع ۾ ٺهي. جپاني ماڻهو جن کي مذهب سان ڪا دلچسپي نه هئي اڄ ڪيترائي، ويندي نوجوان طبقو، اسلام قبول ڪري رهيو آهي. اڄ جپان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مسجدون نظر اچن ٿيون. انهن مان ڪجهه مشهور هن ريت آهن:
    • جامع مسجد يوڪوهاما
    • ٽوڪيو جي علائقي ايڊوگاوا ۾ ”ايڊوگاوا اسلام بُنڪا سينٽر“.
    • ٽوڪيو جي اساڪسا علائقي جي ”اساڪسا مسجد“، جيڪا 1998ع ۾ ٺهي.
    • ٽوڪيو جي ڪاماتا (Ota) علائقي جي ”ڪماتا مسجد“.
    • چيبا شهر جي ”حرا مسجد“، جيڪا 1997ع ۾ ٺهي.
    • اوياما (Tochigi) جي مسجد ”بابل اسلام مسجد“.
    • تاتي باياشي (Gunma) جي ”قبا مسجد“ جيڪا 2004ع ۾ ٺهي.
    • ميتو (Ibaraki) شهر جي مسجد ”ابو بڪر مسجد“ جيڪا 2015ع ۾ ٺهي.
    • توچيگا جي هڪ ٻئي علائقي ”ناسو شيئو باراشي“ جي مسجد ”رياض الجنة مسجد“ جيڪا پڻ 2015ع ۾ ٺهي راس ٿي.
    جپان ۾ ٻيون کاڌي پيتي جون حلال شيون ۽ مصالحا ته نه ملندا هئا پر گوشت به نٿي مليو. 1980ع تائين به اسان جا جهاز جڏهن جپان جي بندرگاهن ۾ ايندا هئا ته اتي موجود آسٽريليا جون ڪمپنيون آسٽريليا کان گهرايل حلال رڍون ۽ ڍڳيون وڪڻنديون هيون. انهن سان گڏ ذبيحا جا سرٽيفڪيٽ ”ايم. ڪي“ (Muslim Killed) به آسٽريليا جي مولوين جا هوندا هئا پر هاڻ ان قسم جا سرٽيفڪيٽ جپاني مولوين يا جپان ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ترڪ مولوين جا ڏنا وڃن ٿا ۽ ڍڳيون ۽ رڍون به جپان ۾ ئي حلال ڪيون وڃن ٿيون يا وري برازيل مان ڪٺل اچن ٿيون جتي جپانين جو وڏو تعداد رهي ٿو ۽ اهو ڪاروبار گهڻو ڪري اهي پاڪستاني ۽ لبناني ڪن ٿا جن جون زالون برازيل جون جپاني آهن.
    جپان ۾ هاڻ نه رڳو هر مسجد جي ڀر وارن دڪانن تي حلال بسڪيٽ، ڪيڪ، چاڪليٽ ۽ ٻيون کاڌي جون شيون ملن ٿيون پر جپان جي هر وڏي شهر ۾ مسلمانن لاءِ اها سهوليت موجود آهي. جپان جي حڪومت به ان قسم جي حلال کاڌن ۽ ريسٽورنٽن جي همٿ افزائي ڪري ٿي جيئن عرب ملڪن، ايران، ترڪي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن امير ملڪن جا ٽوئرسٽ جپان اچي سگهن ۽ جپان جي ڪمائي ٿئي.
    جپان ۾ رامين (Ramen) نالي نوڊل (سوين) جو مشهورسوپ ڊش ٿئي ٿو جنهن ۾ گوشت ۽ مڇيءَ جا ٽڪرا به وڌا وڃن ٿا. ان کان علاوه سويا يا مِسو ساس (چٽڻي)، سامونڊي گاهه ۽ سوئر جي گوشت جون سنهيون سلائيسون به وڌيون وڃن ٿيون. مسلمان سياحن ۽ شاگردن جي گهڻائي ڪري اڄ ڪلهه ڪيترن هنڌن تي ”حلال رامين“ جون ريسٽورنٽون کلي ويون آهن جتي اسلامي عقيدي موجب هر حلال شيءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ پورڪ (سوئر جي گوشت) يا بيئر شراب جهڙي شيءِ جي استعمال تي پابندي آهي.
    ٽوڪيو جو ”اساڪسا“ وارو علائقو جنهن کي ٽوڪيو جو ”ڊائون ٽائون“ به سڏجي ٿو دنيا جي سياحن کان مشهور آهي ـــ جتي هو ”سينسوجي مندر“ به ڏسڻ اچن ٿا. ”ڪامي ناريمون گيٽ“ کان وٺي مندر تائين ناڪامِسَي نالي چوٿو ڪلوميٽر کن ڊگهي گهٽي آڳاٽن ۽ تاريخي دڪانن کان مشهور آهي. چون ٿا ته هيءَ گهٽي جپان جي پُراڻي ۾ پُراڻي آهي جڏهن جپان تي ”سينگوڪي“ دؤر (1493ع کان 1590ع) جي حڪومت هئي. هتي ٻه سال کن اڳ 2015ع ۾ ”ناري تايا“ نالي حلال رامين جي ريسٽورنٽ کلي آهي. جتي مسلمانن کان علاوه مڪاني ماڻهو پڻ اچن ٿا. هن ۾ ٻن سوادن جون رامين وڪامن ٿيون. زارو (Zaru) رامين ۽ ماذي سوبا (Mazesoba) هر هڪ جي قيمت 700 يين رکي وئي آهي. هيءَ ريسٽورنٽ نوڊل فئڪٽري وارا ئي هلائين ٿا. هن ۾ ڪيميڪل بنا پوکيل ڪڻڪ جون نوڊل ۽ حلال چڪن ۽ حلال مصالحا ۽ چٽڻيون استعمال ٿين ٿيون ۽ ڪنهن به قسم جو الڪوحل (شراب) ڪتب ۾ نٿو اچي ۽ نه ئي بيئر جهڙو ڪو مشروب Serve ٿئي ٿو.
    جپان ۾ کڻي ايترا مسلمان نٿا رهن پر جپان ۾ هر سال مسلمان ٽوئرسٽن جو وڌندڙ تعداد ڏسي جپان جي ڪيترن شهرن ۾ ان قسم جي ريسٽورنٽن ۽ هوٽلن جو تعداد وڌندو وڃي ۽ ڪيترين ۾ حلال کاڌي سان گڏ گراهڪن کي نماز پڙهڻ لاءِ مصلا به ڏنا وڃن ٿا ۽ اهڙن هنڌن تي قبلي جي به نشاندهي رکي وئي آهي ته نماز ڪهڙي طرف پڙهجي. ان قسم جون سهولتون هاڻ جپان جي هر وڏي ايئرپورٽ تي پڻ مهيا ڪيون ويون آهن.
    هن وقت جپاني ۽ ڌارين ملڪن جي مسلمانن جو تعداد جيڪي جپان ۾ رهن ٿا ـــ جن کي جپان جو پاسپورٽ يا ريزيڊنسي آهي هڪ لک کان مٿي چيو وڃي ٿو ۽ مسلمان ٽوئرسٽن جي وڌندڙ تعداد کي ڌيان ۾ رکي جپاني واپارين کي اهو لڳي ٿو ته حلال کاڌي جو ڪاروبار ڏينهون ڏينهن وڌندو رهندو. حلال کاڌي تي چيڪ ۽ بئلنس رکڻ لاءِ 2013ع ۾ جپان ۾ ”نپان ايشيا حلال ائسوسيئيشن“ پڻ ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ ويهارو کن مختلف ڪمپنيون شامل آهن جيڪي جپان ۾ حلال کاڌي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪن ٿيون. سعيد اختر نالي جپان ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ان ائسوسيئيشن جو سربراهه آهي. هو 1996ع کان جپان ۾ رهي ٿو ۽ هن ٽوڪيو يونيورسٽيءَ مان ”فُڊ سائنس“ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
    جهاز تي نوڪريءَ دوران اسانجو ”ڪوبي“ تمام گهڻو وڃڻ ٿيندو هو ـــ ڪوبي بندرگاهه جي ويجھو ”ناڪاياماتي گهٽي“ ۾ جپان جي سڀ کان پهرين ٺهيل مسجد آهي جيڪا جوزف سواگر (1969ع - 1885ع) نالي عمارتساز ترڪش اسٽائيل سان ڊزائين ڪئي. 1995ع ۾ جيڪو ”ڪوبي“ ۾ تمام وڏو زلزلو آيو هو ان ۾ هن مسجد جو بچاءُ ٿي ويو هو. هن مسجد جي روزمره جو خرچ ڪوبي جي ”اسلامڪ ڪميٽي“ ڀري ٿي. ڪوبي ۾ اسان جي ڏينهن ۾ 1960ع کان 1980ع واري ڏهاڪي تائين انڊين ۽ ايراني ريسٽورنٽون ضرور هيون پر انهن ۾ بيئر ۽ وائين به وڪرو ٿيو ٿي. ڪا به اهڙي ريسٽورنٽ نه هئي جيڪا حلال سڏجي. پر سال 2000ع بعد جڏهن به جپان وڃان ٿو ته جتي ڪٿي حلال دڪانن ۽ ريسٽورنٽن جو تعداد وڌندو وڃي ـــ خاص ڪري انهن شهرن ۾ جتي مسلمان گهڻا رهن ٿا يا مسلمان ملڪن جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. ڪوبي شهر ۾ به هاڻ ڪيتريون ئي ريسٽورنٽون ۽ دڪان آهن جن جي ٻاهران حلال کاڌي جا بورڊ نظر اچن ٿا. ايتريقدر جو مسلمان گراهڪن جي گهڻائيءَ ڪري ڪيترن انڊين واپارين پنهنجن دڪانن ۽ ريسٽورنٽن کي نج حلال کاڌي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. جيئن ته:
    • آرتي (Aarti): هن نالي سان ڪوبي ۾ ٻه انڊين هوٽلون آهن ۽ ٻئي حلال کاڌو ڏين ٿيون. پورڪ (سوئر جي گوشت) يا بيئر جهڙي شيءِ هتي Serve نٿي ٿئي. هڪ آرتي ريسٽورنٽ ڪوبي مسجد واري گهٽي ۾ ”هنٽر بلڊنگ“ جي پهرين فلور تي آهي ۽ ٻي جيڪا ڪيفي سڏجي ٿي ڪوبي شهر جي Shimoyamatate روڊ تي آهي. (فون نمبر 0081-78-371-7588).
    • ”مدراس ڪچن“ نالي هيءَ ريسٽورنٽ به ڪوبي مسجد واري روڊ تي آهي. (فون نمبر: 0081-78-222-2502)
    • نيو محفل ـــ هي حلال کاڌي واري ريسٽورنٽ ڪوبي جي ڪيتا ناگاسا روڊ تي آهي.
    • ڪُوسوم (Kusum) ترڪ هوٽل: هيءَ ياماتو روڊ تي Ijin پلازه ۾ آهي. زياده تر هن ۾ ڀاڄيون Serve ڪيون وڃن ٿيون.
    • Cappadocia نالي هيءَ حلال کاڌي جي ترڪن جي ريسٽورنٽ آهي جيڪا ياماموتو روڊ تي آهي.
    • مورت ـــ هيءَ به ترڪن جي ريسٽورنٽ آهي ـــ ڪوبي مسجد واري گهٽيءَ ۾.
    • پارس ڪزين ـــ حلال کاڌي جي هيءَ ڪيفي ڪيتاناگاسا روڊ تي آهي.
    ريسٽورنٽن کان علاوه ڪوبي جون ڪجهه هوٽلون جهـڙوڪ: ANA ڪرائون پلازه، هوٽل اوڪُورا، اورينٽل هوٽل ۽ پورٽوپيا هوٽل جهڙيون هوٽلون گهرڻ تي ڀاڄيءَ جا ڊش جيڪي حلال آهن، ڏين ٿيون. نماز لاءِ ڪمرو، مصلو، ”قبلو ڪمپاس“ پڻ مهيا ڪن ٿيون.
    اهڙي طرح ڀر واري شهر اوساڪا ۾ به ڪيتريون ئي هوٽلون حلال کاڌو Supply ڪن ٿيون.
    حلال کاڌي کان علاوه جپان جي وڏن شهرن ۾ اسان جا ڪيترائي شاگرد ـــ خاص ڪري شاگردياڻيون ۽ مسلمان ٽوئرسٽ عورتون اسلامي ڊريس ۾ نظر اچين ٿيون ۽ هو بلڪل Comfortable محسوس ڪن ٿيون ـــ جپاني ماڻهو هنن تي رمارڪ ڏيڻ بدران هنن جي ڊريس، مذهب ۽ سوچ جي عزت ڪن ٿا. 80 جي ڏهاڪي تائين مسلمان عورتون (ويندي ملائيشيا ۽ ايران جون) جپان پهچي حجاب لاهي ڇڏينديون هيون. منهنجي ڌيءَ سندس مڙس جي جپان ۾ نوڪري هجڻ ڪري گذريل 25 سالن کان هيروشيما، فڪوڪا ۽ اوساڪا ۾ رهندي اچي. پهريان ڪجهه سال هن پڙدو نه ڪيو پر هاڻ 10 سالن کان حجاب ۽ اوبايا اوڍي ٿي ۽ سندس ڌيءَ جيڪا اوساڪا يونيورسٽي ۾ پڙهي ٿي شروع کان حجاب استعمال ڪري ٿي. هنن جو چوڻ آهي هنن کي اها ڊريس پائڻ تيِ ڪو پرابلم ناهي ۽ ڪو به نفرت جو اظهار نٿو ڪري بلڪه قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هاڻ ته ٻن ٽن سالن کان عرب ملڪن جون ڪيتريون ئي شاگردياڻيون جپان جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيون آهن ۽ انهن مان گهڻيون تڻيون پڙدو ڪن ٿيون ـــ يعني حجاب اوڍين ٿيون. اهڙي ئي هڪ عمان جي ڇوڪري عزا الاسماعيل جو انٽرويو جپان جي هڪ انگريزي اخبار ۾ آيو آهي جيڪا ميڊيسن ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي آهي. پاڻ ڪيوٽو يونيورسٽي ۾ ريسرچ اسٽوڊنٽ آهي ۽ جپان حڪومت جي اسڪالرشپ تي هتي پڙهي رهي آهي. کانئس پڇيل ڪجهه سوال ۽ سندس ڏنل جواب ٻئي مضمون ۾ ڏيان ٿو جن مان پڙهندڙ کي جپان جي اڄ جي ماحول جي آئيڊيا ٿي سگهندي.


    جپان ۾رهندڙ هڪ مسلمان شاگردياڻيءَ جو انٽرويو

    جپان ۾ ميديسن ۾ Ph. D ڪندڙ عمان جي هڪ مسلمان ڇوڪري عزا اسماعيل جا خيال
    • توکي جپان ۾ اچڻ جو ڪيئن خيال ٿيو؟
    عزا: ”آئون جپان ۾ ان ڪري آيس جو هڪ ته مونکي اعليٰ تعليم لاءِ جپان حڪومت خرچ ڏنو، ٻي ڳالهه ته ريسرچ ورڪ لاءِ ڪيوٽو يونيورسٽي دنيا ۾ ٽاپ جي يونيورسٽي آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڪيلي ڇوڪريءَ لاءِ جپان تمام Safe ملڪ آهي.“
    (عماني شاگردياڻي عزا جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي. جپان ۾ جيتوڻيڪ مهانگائي تمام گهڻي آهي. پر جپان حڪومت شاگردن کي اسڪالرشپ ٺاهي ٺوڪي ڏئي ٿي. ايتريقدر جو ڪيترائي شاگرد پنهنجي زال ۽ هڪ ٻن ٻارن سان ان اسڪالر مان سادگي ۾ رهي گذارو ڪريو وڃن. عزا جي اها ڳالهه به صحيح آهي ته ڪيوٽو يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملڻ وڏي خوش نصيبيءَ جي ڳالهه آهي. ڪيوٽو يونيورسٽي جپان جي ٻيو نمبر آڳاٽي يونيورسٽي آهي جيڪا 1869ع ۾ ”ڪيمسٽري اسڪول“ جي نالي سان ڀر واري شهر اوساڪا ۾ کلي هئي. اڄ هن جا ٽي ڪئمپس آهن. ٻه ڪيوٽو جي يوشيدا ۽ ڪتسورا علائقن ۾ ۽ هڪ اُجي (Uji) شهر ۾. ڪيوٽو يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت 22000 شاگرد تعليم وٺي رهيا آهن. دنيا جا ڪيترائي سائنسدان، سياستدان، پروفيسر هن يونيورسٽي جا تعليم يافته آهن ۽ انهن شاگردن مان ڏهه ته اهي آهن جن کي نوبل پرائيز ملي چڪا آهن. انهن ۾ برما (ميانمار) جي ”انگ سان سُو ڪِي“ به آهي جنهن کي 1991ع ۾ ”نوبل پيس پرائيز“ ملي هئي. ”انگ سو“ 1945ع ۾ برٽس برما جي شهر رنگون ۾ ڄائي هن 1964ع ۾ دهلي يونيورسٽي مان ۽ 1968ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان پڻ گرئجوئيشن ڪئي. ”انگ سو“ کان علاوه جپان جا پنج وزير اعظم هن يونيورسٽي جا گرئجوئيٽ آهن: هاماگچي، هاياتو، ڪاتاياما، فومي مارو ۽ شِيدِيهارا.
    ڪيوٽو يونيورسٽي جي Ph.D جي شاگردياڻيءَ عزا جي اها ڳالهه به صحيح آهي ته اڪيلين ڇوڪرين لاءِ جپان تمام Safe ملڪ آهي. سچ ڳالهه اها آهي ته عرب ملڪن سعودي عرب، ڪويت، دبئي وغيره ۾ به هڪ عورت پريشان رهي ٿي .... اتي هوءَ نه آزاديءَ سان محلي ۾ نه مارڪيٽ بازارين ۾ هلي سگهي ٿي. ان خيال کان جپان، سئيڊن، ناروي جهڙا ملڪ جن ۾ ڀلي عيسائي ۽ يهودي رهندا هجن پر اتي جا ماڻهو انهن اصولن تي هلن ٿا جن جي اسلام اسانکي تعليم ڏني آهي.)
    • جپان ۾ رهڻ ۾ توهانکي جپانين جون ڪهڙيون ڳالهيون بهتر لڳن ٿيون؟
    عزا: ”جپاني وقت جا پابند آهن.... هنن کي وقت جو قدر رهي ٿو. جپاني سٺين عادتن ۽ Manners جا مالڪ آهن. دنيا جي صاف ۽ منظم ملڪن مان جپان هڪ آهي.“
    (عزا جي جپانين بابت اها Observation به بلڪل صحيح آهي. جپانين کي وقت جو وڏو قدر آهي. هو ڪڏهن به وقت ضايع نٿا ڪن ۽ وقت جا پابند آهن. هر ڪم ٽائيم تي ڪن ٿا. آفيسن، اسڪولن، دڪانن تي هر هڪ وقت تي پهچيو وڃي. جپان جون ريل گاڏيون ڏسو. بسون ڏسو .... هر ڪا وقت تي پهچي ٿي وقت تي هلي ٿي. دنيا ۾ ان مقابلي جو ٻيو ملڪ سئيڊن ڏسڻ ۾ آيو. اسان جي تر ۾ ايران ۽ انڊيا جون ريل گاڏيون ان معيار کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪافي ڪامياب وڃي رهيون آهن. پاڻي جي جهاز ٺاهڻ ۾ سوين مسئلا درپيش اچن ٿا. مون يورپ جي ملڪن جي شپ يارڊن کي به وقت جو ايترو پابند نه ڏٺو. اسپلٽ (يوگو سلاويا) ۽ بريمن (جرمني) ۾ نئون جهاز ٺاهڻ جو مدو 8 مهينا چيائون پر ٻنهي هنڌن تي ڏهه مهينا کن لڳي ويا. جپان وارن کان اسان جي جهازران ڪمپنيءَ ڇهه جهاز ٺهرايا. هنن 5 مهينن جو چيو ۽ هر جهاز وقت تي ٺاهي ڏنائون. انهن مان هڪ جهاز جو چيف انجنيئر آئون به ٿي رهيس. جهاز تيار ٿيڻ جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن جهاز جي مختلف انجڻين ۽ جهاز جي ڪارڪردگي جا ٽيسٽ ٿي رهيا هئا ته هڪ ڏينهن سخت طوفان ڪري مون شپ يارڊ وارن سان ان جو اظهار ڪندي چيو ته بهتر ٿيندو اڄ رات جهاز کي کلئي سمنڊ ۾ نه وٺي هلجي. پر مون ڏٺو ته هنن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ طوفان ۾ به جهاز کي ٻاهر وٺي آيا. سڄي رات ٽيسٽ ڪندا رهيا سين. تڪليف ته سڀني کي ٿي. صبح جو سمنڊ تان موٽي جهاز کي جيٽي تي لڳائي اسان رات وارا همراهه هوٽل ۾ سمهڻ ٿي وياسين ته شپ يارڊ جي مئنيجر شروع ٿيندڙ ڏينهن جي ”ڪمن جي لسٽ“ جي ڪاپي مونکي ڏيکاريندي چيو ته ”ڪي ڪانچيو (چيف صاحب) جيڪڏهن رات نه هلون ها ته هينئر اٺين بجي شپ يارڊ ۾ صبح جي شفٽ وارا انجنيئر هي ڪم ڪرڻ کان رهجي وڃن ها جن جو مدار رات وارن ٽيسٽن تي آهي ۽ اسانجي شپ يارڊ کي نقصان رسي ها.“
    ان وقت مونکي احساس ٿيو ته يورپين کان به سستو ۽ وقت اندر جهاز ٺاهي ڏيڻ ۾ ڇا راز آهي. دراصل جپانين لاءِ وقت ناڻي مثل آهي.
    عزا جي اها ڳالهه به صحيح آهي ته جپان صاف سٿرو ۽ منظم ملڪ آهي. جپان ۾ ڪا به مليريا، ڊينگي، ٽائفائيڊ، پوليو، ڪالرا جهڙي بيماري ناهي جو هنن انهن بيمارين جا جراثيم ئي ختم ڪري ڇڏيا آهن. جپاني ايڏو خبردار رهن ٿا جو ڪنهن کي ٿڌ لڳي ٿي ته هو ماسڪ چاڙهي هلي ٿو جيئن ان جو اثر ڀر ۾ ويٺلن کي نه ٿئي. جپان ۾ عام Tap Water (نلڪن جو پاڻي) به صاف سٿرو ۽ پيئڻ جوڳو آهي.)
    • مسلمان هجڻ جي حيثيت ۾ جپاني ماڻهو توکان ڪجهه پڇن ٿا؟
    عزا: ”جي ها. هو مونکان اڪثر پڇندا آهن ته آئون هر ريسٽورنٽ ۾ ڇو نٿي ماني کايان ... يا ڇو نٿي بيئر پيان؟ ۽ اهو پڻ ته آئون ڪنهن غير مسلم سان ڇو نٿي شادي ڪري سگهان؟ آئون هنن کي انهن سڀني ڳالهين جا جواب سٺي نموني سان ڏيندي آهيان ۽ هو هميشه منهنجي عقيدت ۽ عادتن جو احترام ڪن ٿا.“
    • جپان ۾ رهڻ ۾ توکي ڪهڙيون ڳالهيون سٺيون لڳن ٿيون ۽ ڪهڙيون خراب؟
    عزا: ”خير في الحال ته مونکي ڪا خراب ڳالهه نظر نٿي اچي. جپان ۾ رهڻ ۾ اها Feeling رهي ٿي ته ماڻهو Safe آهي. رستي هلندي ڪو حادثو ٿي پوي يا بيهوش ٿي وڃي ته پوليس ان کي اسپتال پهچائي ٿي. رستو ڀلجڻ تي هر هڪ مدد ڪري ٿو. اسان سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائي جپاني ٻار خوش ٿين ٿا. جپان ۾ ڪيتريون ڳالهيون ۽ رسم و رواج اسان جي مشرقي وهنوار سان ملن ٿا. يورپ واري نه اوگھڙ آهي نه ايشيائي ملڪن وارو ٽوڪ طعنو ۽ گلا. جپان ۾ رهندڙ اڪيلي ڇوڪري پاڻ ئي هر ڳالهه Manage ڪريو وٺي.“
    • جنهن علائقي ڪانسائي Kansai ۾ توهان رهو ٿيون اتي ڪي اهڙا دڪان يا ريسٽورنٽون توهان ٻڌائي سگهنديون جتي حلال شيون ملنديون هُجن ۽ ڌارئين آيل مسلمان ٽوئرسٽ يا اسٽوڊنٽ کي آساني رهي.
    عزا: ”جپان جي هر وڏي شهر ۾ توهان کي ڪيترائي دڪان حلال کاڌي جا ملندا نه ته به ڪوبي، ٽوڪيو يا جپان جي ڪنهن ٻئي شهر جي مسجد وارن کي فون ڪري معلوم ڪري سگهو ٿا.“
    • جپان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پروفيسرن ۽ شاگردن جون نوميڪائيون (دعوتون جن ۾ الڪوحل به هلي ٿو) توهان کي پريشان ته ڪنديون هونديون؟
    عزا: نه. مون سان گڏ تعليم وٺندڙ اسٽوڊنٽس اسان مسلمانن جي احساسن جو خيال ڪن ٿا. جڏهن به ڪا نوميڪائي ٿئي ٿي ته ان ۾ پهريون ڪلاڪ بيئر بدران رڳو جيوس پيتي وڃي ٿي جيئن اسان مسلمان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به ان ۾ حصو وٺي سگهون. ان بعد اسان جي وڃڻ تي باقي شاگرد ڪلاڪ کن وڌيڪَ دعوت هلائي سگهن ٿا جنهن ۾ ڪو بيئر پيئڻ چاهي ته پي سگهي ٿو.
    • ويڪ اينڊس (ڇنڇر آچر) ڏينهن ڇا ڪريو؟
    عزا: ”آئون بيحد بزي رهان ٿي. ڪا تاريخي جاءِ ڏسڻ هلي ويندي آهيان يا هائيڪنگ ڪندي آهيان. پنهنجي ملڪ عمان جي مقابلي ۾ جپان ۾ جتي ڪٿي جبل آهن جن تي چڙهڻ ۽ جھنگل جي سير ڪرڻ جا هتي تمام سٺا ۽ Safe بندوبست آهن. ان کان علاوه آئون مختلف شيون سکي رهي آهيان جنهن جو جپان جي ڪلچر سان ئي واسطو آهي. جيئن ته شودو (Shodo) ائڪيدو، پيانو، ٽي سيريمني جا ڪلاس، اوريگامي، اڪيبانا .... وغيره وغيره. جپان ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ شيون آهن جيڪي اسان واندڪائيءَ ۾ سکي سگهون ٿا.“
    (Shodo ڪئليگرافي جو طريقو آهي. هي برش ۽ قلم سان لکڻ جو آرٽ آهي.
    Aikido جپاني ويڙهه جو آرٽ Martial Art آهي جيئن جوڊو، ڪراٽي يا تڪونڊو.
    Origami ــ هي پني مان شيون ٺاهڻ جو آرٽ آهي.
    Ikebana ــ هي گلن ۽ ٽارين کي گلدستي ۾ سينگاري رکڻ جو آرٽ آهي.
    Tea Ceremony جپان ۾ مهمان کي چانهه پيش ڪرڻ به هڪ آرٽ ليکيو وڃي ٿو).
    • ڇا توکي لڳي ٿو ته حجاب اوڍڻ وارين مسلمان ڇوڪرين لاءِ جپان ۾ رهڻ ڏکيو آهي؟
    عزا: ”نه. هرگز نه. جپان ۾ رهڻ هنن لاءِ بيحد آسان آهي جو جپاني ماڻهو هڪ ٻئي جي عزت ڪن ٿا ۽ ڌارين ماڻهن جي ذاتي زندگيءَ جو به خيال ڪن ٿا. هو ٻي کان پُڇ پُڇ نٿا ڪن ۽ نه ٻين جي معاملن ۾ پون ٿا ۽ نه پنهنجا ويچار ٻين تي ٿاڦين ٿا. جپاني reserved رهن ٿا. ان ڪري مسلمان عورتن لاءِ جپان ۾ زندگي گذارڻ سؤلو ڪم آهي. جپاني ماڻهو مسلمان عورتن جي حجاب اوڍڻ تي مٿن ڪاوڙ يا نفرت نٿا ڪن. ڪيوٽو ۾ مسلمان ملڪن جا ٽوئرسٽ ايندا رهن ٿا ۽ انهن جي تعداد وڌائڻ لاءِ (جيئن ٽوئرزم مان ڪمائي سگهجي) ڪيوٽو جي واسطيدار کاتي مسلمان ڇوڪرين کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ اوچي ڪپڙي، ڊيزائين ۽ رنگن ۾ اسڪارف ٺهرايا آهن جيڪي حجاب طور استعمال ٿي سگهن ٿا. انهن جي مارڪيٽ ۾ قيمت 6500 يين آهي. (يعني اٽڪل پنج هزار رپيا). “
    • جپان ۾ ايندڙ مسلمان ڇوڪرين جي همٿ افزائي لاءِ تو وٽ ڇا پيغام آهي يا تون هنن کي ڪجهه چوڻ چاهيندينءَ؟
    عزا: (عزا مٿين سڀني سوالن جا جواب انگريزيءَ ۾ پئي ڏنا جيڪي مون ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڏنا آهن. عربن جي، خاص ڪري عمانين جي انگريزي سٺي نه آهي پر عزا تمام سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي. پاڻ جپاني به سکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بهرحال سندس هن آخري سوال جو جواب آئون ترجمي سان گڏ سندس انگريزيءَ ۾ به انهن ئر لفظن سان لکان ٿو:)
    “Stick to God & He will be with you in every step making the life happier & he will never disappoint you”.
    (پنهنجي رب تي ئي ڀروسو ڪيو جيڪو توهان جي قدم قدم تي ساٿ ڏئي توهانجي زندگي سکي بنائي ٿو ۽ توهان کي ڪڏهن به نا اميد نٿو بڻائي).


      پاڪستاني گڏههُ پاڻهي جپان پهچيو وڃي

    هي قصو مان اڳ به لکي چڪو آهيان ته:
    جپان جي ڪنهن پارڪ، ميلي، چڙيا گهر يا ڪنهن سالياني جشن ۾ توهان جو وڃڻ ٿئي ته هڪ هنڌ ڪنڊ ۾ ويهي چوڌاري نهار ڪندائو ته توهان کي وڏن کان وڌيڪ ٻار نظر ايندا جن کي وري پاڻ کان وڏا گڏا گڏيون (Dolls) هٿن ۾ هونديون. برٿ ڪنٽرول ته ڄڻ آهي ئي ڪونه! پر ساسيبو شهر جي شپ يارڊ ۾ اسانجي جهاز تي هلندڙ مرمت (repair) جي انچارج فورمئن چيو ته اها ڳالهه ناهي. ”اڄ ڪلهه جي جپانين کي هڪ يا ٻن کان مٿي ٻار نه هوندو.“ هن چيو.
    ”توهان وٽ Space جو مسئلو آهي“، مون وراڻيومانس، ”جپان هڪ ننڍڙو ملڪ آهي جيڪو گهڻي آدمشماريءَ کان اڳهين ڦاٽي ٿو.“
    ”نه اها ڳالهه به ناهي. يا ٿي سگهي ٿو ته اهو به هڪ فئڪٽر هجي،“ هن ٻڌايو، ”پر اهم ڳالهه اها آهي ته اڄ ڪلهه جون جپاني ڇوڪريون هيلٿ ڪانشس ڏاڍيون ٿي پيون آهن. گهڻا ٻار ڄڻي پنهنجي جسم جي شيپ خراب ڪرڻ نٿيون چاهين“.
    ”اهو ئي حال ٻين ملڪن جي ڇوڪرين جو ٿيندو وڃي.“ مون چيو مانس.
    ”صحيح ٿا چئو“، جپاني فورمئن منهنجي ڳالهه کي مڃيندي چيو، ”پر هنن کي گهٽ ۾ گهٽ گهر جي ڪم ڪار لاءِ سندن مڙس به مدد ڪري ٿو ۽ هوءَ ٻارن جي نگهبانيءَ لاءِ نوڪر چاڪر يا آيا ته رکي سگهن ٿيون....“
    ”۽ توهان ڪڏهن به نه چاهيندائو ته ان ڪم تي خرچ ٿئي. ڀلي رنن جي پورهيو ڪري بيک نڪري وڃي.“
    جپاني فورمئن اهو ٻڌي ايڏو ته وڏو ٽهڪ ڏنو جو جهاز جي ڊائننگ هال ۾ موجود جپاني ورڪر ۽ جهاز جا اسانجا پاڪستاني آفيسر پنهنجيون ڳالهيون ڇڏي اسان کي ڏسڻ لڳا.
    ياد رهي ته دنيا ۾ جپان انهن ملڪن مان آهي جنهن ۾ ڪا به هائوس وائيف پنهنجي سهوليت لاءِ ڪا ماسي، ڪا آيا، ڪا ماني پچائڻ واري، ڪا ڪپڙا يا ٿانوَ ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ واري نٿي رکي سگهي. ۽ نه وري ٻاهران ڀاڄي ڀتي وٺي اچڻ ۽ گهر ۽ گهٽيءَ کي صاف رکڻ لاءِ ڪو ڇوڪرو رکي سگهي ٿي. اهي سڀ ڪم هن کي پاڻ ڪرڻا پون ٿا، چاهي سندس مڙس وٽ ڪيڏو به پئسو هجي! امير جپاني مرد پنهنجي دولت جو نماءُ ڪرڻ لاءِ دوستن يارن کي مهانگين هوٽلن ۾ ماني کارائيندا، مئخانن ۾ وٺي ويندا، سريتون رکندا پر پنهنجي ملڪ جي اسيمبليءَ مان زال کي گهرو ڪمن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ نوڪرياڻي رکڻ جو بل پاس نه ڪرائيندا. گهر جا پورهيا ڪري ڪري جپاني عورتن جا ڀلي هٿ پير مڇيءَ جا ڇلر ٿي وڃن، چيلهه چٻي ٿي وڃي پر جپاني مردن کي ڪڏهن قياس نه ايندو. وقت کان اڳ هوءَ ڪراڙي نظر اچي ٿي. پوءِ ڪيترائي جپاني مرد ڪنهن بزنيس يا آفيشل دعوت ۾ پنهنجي کِٿريل، عمر کان وڏي لڳندڙ زال کي پارٽيءَ ۾ وٺي وڃڻ بدران آفيس جي ڪا ٺاهوڪي ڪلارڪ ڇوڪري وٺي ويندا.
    جپاني ٻارن لاءِ اسانجي يوڪوهاما آفيس جي هڪ جپاني همراهه ٻڌايو ته اهي اسان ڌارين کي موڪل وارن ڏينهن تي پارڪن ۽ چڙيا گهرن جهڙن تفريح گاهن ۾ ضرور نظر اچن ٿا. ”هو هر هفتي جي باقي ڏينهن ۾ ته ڇا آچر واري ڏينهن تي به گهٽين ۾ نظر نه ايندا،”
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو مانس.
    ”جپاني ٻارن جو هڪ ته اسڪول صبح جو اٺين کان پنجين بجي تائين ٿئي ٿو.ان ۾ ماني به اسڪول ۾ کائين ۽ ڪلاڪ کن بئنڊ (ميوزڪ) يا فٽ بال راند به اسڪول ۾ ڪرائين. شام جو ٿڪجي گهر اچن ۽ وهنجي سهنجي ڊنر کائي هوم ورڪ پورو ڪري رات جو سوير ئي سمهيو رهن، جيئن هنن جي صبح جو ڇهين بجي اٿڻ مهل اٺ ڪلاڪن کان مٿي ننڊ مڪمل ٿئي، سو انهن کي هفتي جو هڪ ڏينهن به ٻاهر گهٽيءَ ۾ نڪرڻ لاءِ وقت نٿو ملي.“ هن ٻڌايو.
    ”ڀلا آچر ڏينهن يا ڪنهن موڪل جي ڏينهن تي؟“ مون پڇيو.
    ”انهن ڏينهن تي هو ڪنهن پارڪ، ميدان يا چڙيا گهر ۾ وڃن،“ هن ٻڌايو، ”اسان وٽ ننڍي هوندي ئي ٻار جي دماغ ۾ اها ڳالهه وڌي وئي آهي ته پاڙي وارن جو خيال رکجي ۽ پاڙي ۾ ڪنهن به قسم جو گوڙ نه ڪجي. ان ڪري موڪل واري ڏينهن تي هر ڪا ماءُ پنهنجن ٻارن کي پارڪ ۾ وٺيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن واري وٽي تي پاڙي جي هڪ ماءُ ٻن ٽن گهرن جي ٻارن کي گهمائڻ يا کيڏائڻ وٺيو وڃي. ان ڪري توهانکي هڪ ماءُ سان گڏ چار پنج ٻار نظر اچن ٿا.“
    *******
    جپان جي چڙيا گهرن (zoo) ۾ جپانين کي اُٺ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي ۽ ٻئي نمبر تي گڏهه جو! ظاهر آهي هي ٻئي اهي جانور آهن جيڪي جپان جي شهرن يا ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ته نظر نٿا اچن پر هتي جا جھنگل به انهن کان خالي آهن. اٺ ته کڻي اهڙو جانور آهي جيڪو ملائيشيا ۽ جپان جهڙي مينهوڳي واري موسم ۽ جابلو ملڪ ۾ رهي نٿو سگهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جپان گڏهن کان به خالي آهي. هاڻ مڙيئي ٽوڪيو جي چڙيا گهرن وارن منگوليا کان هڪ مهري اٺ خريد ڪري پنهنجي ZOO ۾ رکيو آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ننڍن توڙي وڏن جي رش لڳي رهي ٿي. ان کان علاوه جيئن ته هي اٺ منگوليا جو آهي ان ڪري هر هڪ جي زبان تي منگوليا جو نالو آهي يعني منگوليا ملڪ جي مفت ۾ مشهوري ٿي رهي آهي.
    اسانجي جهاز جي ٿرڊ انجنيئر عاشق حسين کي جڏهن اها خبر پيئي ته هو پريشان ٿي ويو. جپان جي هر بندرگاهه ۾ نيرن کان پوءِ اهاني بهاني اها ڳالهه ڪڍڻ لڳو ته اسانجي ملڪ جي ٽوڪيو ۾ موجود ”جهازران آفيس“ ٻين ڳالهين تي هيڏو خرچ پئي ڪري، ڪراچيءَ مان هڪ گڏهه باءِ ايئر گهرائي ڪنهن ”چڙيا گهر“ کي تحفي طور ڇو نٿي ڏئي؟ يا وري چوندو ته اسان جو سست سفارتخانو ملڪ جو نالو ٻئي ڪنهن طريقي سان ته روشن نٿو ڪري، هڪ گڏهه کڻي هن ملڪ کي گفٽ ڪري ته جپاني ”منگوليا“ وانگر ”پاڪستان“ کي به ياد ڪندا رهن. يا وري چوندو جپان کي جڏهن خبر آهي ته اسانجي ملڪ ۾ گڏهن جي کوٽ ناهي ته پوءِ هو اسانجي ملڪ مان هڪ عدد گڏهه خريد ڪري پنهنجن ماڻهن کي ڇونٿا ڏيکارين.
    هڪ ڏينهن اسانجي جهاز جو فرج انجنيئر محمود (جنهن کي سندس رنگ ڪري ڪاليا به سڏيوسون ٿي) نيرن تي سخت بگڙيل موڊ ۾ هو. ويتر اسٽيورڊ ٺريل چانهه ۽ سڙيل ٽوش اچي رکيس ته هو هڪدم مڇرجي ويو. اتي کڻي ٿي کٽي عاشق کي جو هو نيرن لاءِ ان وقت پهتو ۽ وهڻ سان وري ساڳي ڳالهه ”گڏهه“ جي ڪيائين. بلڪه اڃان شروع ئي مس ڪيائين ته محمود فرج انجنيئر بنا ڪنهن رک رکاءَ جي چيس:
    ”عاشق صاحب! بڪواس بند ڪر. جيستائين تون پاڻيءَ جي جهاز تي جپان ايندو رهندين نه جپان جي حڪومت ۽ نه پنهنجو سفارتخانو پاڪستان مان ڪو گڏهه گهرائيندو. آخر گڏهه کي گهرائين ڇو جڏهن تو جهڙو هڪ گڏهه هر ٻي ٽي مهيني جپان جي بندرگاهه ۾ پاڻهي ئي پهچيو وڃي......!؟“
    *******
    جپان بابت هڪ ٻي ڳالهه جپان ۾ جيڪو واقف ٿئي ٿو اُهو اِهو ئي پڇي ٿو ”اسانجو جپان توهانکي پسند آيو؟“
    ۽ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ بابت توهانکي شڪايت هوندي ته هو يڪدم دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ڄڻ ان ۾ هن جو ڏوهه هجي. جپانين جي اها ئي ته ڳالهه آهي جنهن مان هر هڪ محسوس ڪري ٿو ته هر جپانيءَ کي پنهنجي ملڪ سان پيار آهي. هو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي ملڪ جي بدنامي نٿو چاهي. ڪنهن فرد کي توهان ڀلي ڪيترو به گهٽ وڌ ڳالهايو هو برداشت ڪري ويندو پر هو پنهنجي ملڪ جي بدنامي ڪڏهن به سهي نه سگهندو.

    ***


    ڌارين وٽ پرڻيل جپاني زالون

    هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته جپاني ڇوڪريون کڻي سونهن ۾ اهڙيون حور پريون نه آهن جهڙيون سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ يا ايران، مصر ۽ اسپين جون آهن پر بيحد پورهيت، فضيلت واريون، مڙسن سان وفادار، غلامن ٻانهن وانگر خذمتگار ۽ هر حال ۾ خوش رهڻ واريون هجڻ ڪري ڪيترائي آمريڪن ۽ يورپي ملڪن جا ماڻهو هنن سان شادي ڪندي پنهنجي خوشنصيبي سمجھن ٿا ۽ ساڳي وقت جپان جون ڇوڪريون به پنهنجن جپاني مردن جي سخت مزاج طبيعت، بي قدري ۽ ’گهر جي مرغيءَ کي هميشه دال برابر‘ سمجھڻ ڪري، ڌارين سان شادي ڪرڻ جو موقعو هٿ مان نٿيون وڃائين. هڪ امير ۽ ٺاهوڪي آمريڪن يا يورپيءَ سان ته ڇا هو هڪ انڊين، پاڪستاني، عرب ۽ ايرانيءَ سان شاديءَ جي رشتي ۾ ڳنڍجڻ ۾ به خوشي محسوس ڪن ٿيون - بشرطيڪه هنن کي اهو احساس ٿي وڃي ته اڳلو جوابدار قسم جو ماڻهو آهي ۽ هن جي دل ۾ سندس لاءِ چاهت آهي.
    جپان ۾ توڙي جپان کان ٻاهر ڪيترائي اسانجا پاڪستاني نظر ايندا جن جون زالون جپاني آهن ۽ هنن کي ڪڏهن به انهن مردن وانگر دانهون ڪندو يا آزار ۾ نه ڏٺم جنهن ۾ اڪثر اهي هوندا آهن جن جون زالون يورپ جي ملڪن جون آهن يا آمريڪا جون. سنڌ جا به ڪيترائي نظر اچن ٿا جيڪي پنهنجين جپاني زالن سان خوش آهن. تازو هينئر اتر جپان جي شهر سپورو ۾ ڊاڪٽر سعيد ميمڻ سان ملاقات ٿي جيڪو سنڌ ۾ ائگريڪلچر بئنڪ ۾ هو. هو اسڪالر تي جپان ۾ پوسٽ گريجوئيشن لاءِ آيو ۽ پي ايڇ ڊي دوران هڪ جپاني ڪليگ سان شادي ڪيائين ۽ هاڻ هتي جپان ۾ ئي رهي ۽ نوڪري ڪري ٿو. مون سان گڏ جهاز تي ڪم ڪندڙ منهنجن ڪيترن سڃاڻن جپاني ڇوڪرين سان شادي ڪئي ۽ اڄ تائين اهي جپاني ڇوڪريون هنن سان خوش آهن توڙي کڻي ڪي غربت جي زندگي ۾ آهن ته ڪي امير ٿي ويا. ڪي جپان جي وڏن شهرن ۾ آهن ته ڪي مڙسن جي اباڻن ڳوٺن م پر هو پنهنجي گهر ٻار سان خوش آهن. هڪ اسانجي بلوچ انجنيئر دوست جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڪجهه سالن بعد نوڪري ڇڏي ڪراچي اچي رهيو ۽ سندس گهر به ڪو ڪراچي جي ڊفينس يا ڪلفٽن جهڙي علائقي ۾ نه هو پر ملير پاسي هڪ ڳوٺ ۾ آهي. هينئر ته ملير به شهر ٿي ويو آهي پر هيءَ 1973ع ڌاري جي ڳالهه آهي ـــ يعني اڄ کان چوئيتاليهه سال اڳ جي. اسان سمجھيو ته ٽوڪيو جي گنزا ۽ شنجوڪو علائقن جي رهاڪو جپاني ڇوڪري ملير ۽ ميمڻ ڳوٺ جهڙين ٻهراڙين ۾ هفتو ٻه به ڪو مس گهاري سگهندي. ٽن چئن مهينن بعد اسانجو جهاز جپان جي ٽرپ هڻي آيو ته اسان هن جوڙي کي ڏسڻ لاءِ ڪياماڙيءَ کان هلي ملي ملير وياسين. هوءَ ٻين ٻروچ عورتن وانگر گھگھو (ڀرت جو ڊگھو چولو) پايو ٻين عورتن جي وچ ۾ ويٺي هئي ۽ ڪافي حد تائين سنڌي سکڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن ٽوڪيو ۽ اوساڪا وغيره جو ڇڏي اچي ماروئڙن جي ملڪ ۾ رهي ته ناني ڏاڏي ٿي وئي. مڙس کي اهو نه چيائين ته ”ملير جي ٻهراڙيءَ مان ڪڍي مونکي شهر ڀيڙو ته ڪر“. مونکي ڪا اهڙي جپاني ڇوڪري نه سجھي جيڪا مڙس کي ڇڏي موٽي هجي. مڙس جي ڌڪا ڏئي ڪڍڻ تي به هوءَ آخري حد تائين Compromise ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کي گهٽتائي نٿي سمجهي.
    منهنجي خيال ۾ جپاني عورتن جي Credit واري خاني ۾ اسانجي هڪ مرحوم دوست انور ڪٻر جنهن کي اسان ۽ جپاني ”جوني“ سڏيندا هئاسين، جي جپاني زال جي تعريف ڪرڻ بي وقتائتي نه ٿيندي جنهن جو احوال گهڻو اڳ اسانجو ڪامن شاعر دوست عنايت بلوچ هڪ سنڌي اخبار ۾ پڻ لکي چڪو آهي.
    جوني ٽوڪيو ۾ رهيو ٿي ۽ هن اتي ايندڙ هر هم وطنيءَ جي مدد ڪئي ٿي پوءِ اهو چاهي سنڌي هجي يا پنجابي پٺاڻ. هو شڪل شبيهه ۾ ته سهڻو جوان هو پر اخلاق ۾ به. سندس لاءِ اهو مشهور هو ته ٽوڪيو ۾ جيڪڏهن ڪو سار سنڀال لهي ٿو ته اهو انور آهي. ڪيترا ويچارا نوڪري جي ڳولا وارا هن وٽ اچي رهندا هئا يا ڪو گهمڻ لاءِ اڪيلو ايندو هو ته هو پنهنجي ڪار کڻي هن وٽ پهچي ويندو هو. عنايت بلوچ جي به هن سان ٽوڪيو ۾ دوستي ٿي جڏهن هو پهريون دفعو 1992ع ۾ جپان گهمڻ لاءِ آيو هو. جيتوڻيڪ عنايت جو ڀاءُ فيض محمد کوسو انهن ڏينهن ۾ ٽوڪيو ۾ پاڪستاني جي ايمبسيءَ ۾ قؤنصلر هو پر ان هوندي به هن جو ڪافي وقت انور جوني سان گذريو ۽ ٻئي دفعي عنايت جڏهن JICA طرفان سال 2000ع ۾ ٽوڪيو آيو ته انهن ڏينهن ۾ سندس ڀاءُ فيض محمد نه هجڻ ڪري انور هن جي بيحد خذمت چاڪري ڪئي. ٻن سالن بعد يعني سال 2002ع ۾ جڏهن ته انور اڃان ڪو 33 سالن جو مس هو ته بيمار ٿي پيو. عنايت پنهنجي ڪالم ۾ لکي ٿو ته ٽوڪيو جهڙي ترقي يافته شهر ۾ به نه ڦڪين فرق ڪيو، نه ويڄن طبيبن ۽ ماهر ڊاڪٽرن جي دوائن ۽ علاجن مان ڪو نتيجو نڪتو. خبر اها پئي جو اوچتو ئي اوچتو سندس مڙهه ٽوڪيو مان سيٺارجا شهر ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ ”محمد صادق ڪُٻر“ ۾ اچي پهتو. شاهه لطيف ٿو چوي ته: ”تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ٿئي ان کي“. ڦڪين کي امر نه ٿيو ۽ انور اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
    عنايت بلوچ انور جوني جي وفات کان پورن ٻن سالن بعد 19 آڪٽوبر 2004ع تي هن تي ڪالم لکيو ته: ”اڄ ٽوڪيو جي اوتسڪا مسجد ۾ سندس ٻي ورسي ملهائي پئي وڃي جتي انور جا ڪيئي دل گهريا دوست، سندس ڀاءُ منور، سندس زال ۽ انور جا ٻار اچي گڏ ٿيندا ۽ قرآن خواني ڪئي ويندي. عنايت لکي ٿو ته: ”جتي انور جي وڇوڙي جو صدمو ذڪر هيٺ آيو آهي اتي هڪ سڪون ۽ آسيس ڏيندڙ خبر هيءَ آهي ته انور جي جپاني گهر واري ساچيڪو (Sachiko) هڪ بيحد وفادار عورت ثابت ٿي آهي. انور جي لاڏاڻي کان پوءِ هن ڪيئي رشتا ٺڪرائي سيٺارجا ۾ انور جي مائٽن سان رابطو ڪيو ۽ کين چيو ته انور جو ننڍو ڀاءُ مُنور ڪُٻر ڪوشش ڪري ٽوڪيو پهچي ته هوءَ ساڻس شادي ڪرڻ چاهيندي. ائين ڪرڻ سان کيس سڪون پهچندو ته سندس ٻيو مڙس ڪو غير نه، پر انور جو سڳو ڀاءُ آهي. هيڏانهن منور به ٽوڪيو وڃڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون. هنن ڪوشنن ۾ ٿورو گهڻو منهنجو حصو به آهي. دل ۾ خلوص هجي ۽ جذبا سچا هجن ته پوءِ ماڻهن جي آس ۽ اُميد الله پاڪ ضرور پوري ڪري ٿو.
    ”منور ڪٻر سال، ڏيڍ کان ٽوڪيو ۾ آهي ۽ انور جي بيوهه ساچيڪو سان شادي ڪري، هن ٻيهر اهو گهر آباد ڪيو آهي جيڪو انور جي اوچتي وڇوڙي سبب اُجڙي ويو هو. انور جا ٻه پٽ عامر ۽ اَمان ۽ ننڍڙي نياڻي دُعا پنهنجي گهر ۾ خوش آهن ۽ منور کي بابا بابا ڪري ڪوٺين ٿا. الله پاڪ کين سدائين سرهو ۽ شاد آباد رکي آمين“.
    فلپين جي قومي ڏينهن تي انهن طرفان ٽوڪيو ۾ هلندڙ هڪ دعوت ۾ مون اسانجي ٽوڪيو واري پاڪستان ايمبسي ۾ ڪم ڪندڙ روهڙي جي ڊپلومئٽ قاضي طفيل کي فلپين جي سفير جي زال ڏي اشارو ڪندي چيو: ”فلپين جي سفير جي زال فلپينو گهٽ پر جپاني وڌيڪَ لڳي رهي آهي.“
    ”اهو اِن ڪري جو“، طفيل وراڻيو: ”هوءَ آهي ئي جپاني ۽ سندس نالو ڪازوڪو (Kazuko Siazon) آهي.“
    ڪازوڪو ٽوڪيو جي هڪ يونيورسٽي (Ayoma Gakuin) ۾ اڃان پڙهي رهي هئي ته سندس شادي فلپين کان آيل هڪ شاگرد ڊومنگو سان ٿي. ڊومنگو پنهنجي ملڪ فلپين جي تعليم کاتي طرفان مليل اسڪالرشپ تي ٽوڪيو يونيورسٽيءَ ۾ جپاني سکڻ لاءِ آيو هو ۽ بعد ۾ فزڪس ۾ به ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ڪازوڪو انگريزي ادب ۾ ڊگري حاصل ڪئي. گرئجوئيشن بعد ڊومنگو کي سندس حڪومت طرفان ٽوڪيو ۾ موجود سندن سفارتخاني ۾ ئي نوڪري ملي وئي. اهڙي طرح ڪازوڪو جي زندگي هڪ ڊپلومئٽ جي زال جي زندگيءَ سان شروع ٿي. هونءَ به ڪازوڪو جو واسطو جپان جي اعليٰ پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان آهي. جڏهن اڃان جپان کان ٻاهر نڪرڻ جو رواج نه هو ان وقت ڪازوڪو جو ڏاڏو ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ آمريڪا ۽ يورپ ويو هو. ان لاءِ کيس جپان جي شهنشاهه پاڻ موڪليو هو. ڪازوڪو جي ماءُ ۽ پيءُ پڻ اعليٰ تعليم يافته ۽ پروفيشنل رهيا آهن. ڪازوڪو جپان جي يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد آمريڪا جي ليزلي گرئجوئيٽ اسڪول مان پبلڪ ائڊمنسٽريشن ۾ پڻ ايم اي ڪئي ۽ کيس جپاني، جرمن، انگريزي ۽ تگالوگ سميت ڪل پنج زبانون اچن ٿيون. 1964ع ۾ ٽوڪيو اولمپڪ رانديون ٿيون هيون ته هن مترجم جا فرض ادا ڪيا هئا. پاڻ ويانا ۾ UNO جي آفيس ۾ تيرهن سال ڪم ڪيو جتي هن باربرا بُش جو ڪتاب Millie’s Book” ترجمو ڪيو جنهن مان مليل آمدني روس جي Chernobyl واري حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻارن لاءِ امداد طور ڏنا. پاڻ هڪ ڪتاب جي ليکڪا پڻ آهي جنهن جو نالو آهي: “Philippines and Japan: 500 Years of Relations” هي اهو ڪتاب آهي جنهن تي وڊيو فلم “Rizal in Japan” جي عنوان سان ٺهي جنهن ۾ اوڻهين صديءَ جي فلپيني وطن پرست ”جوزي ريزال“ جي ڪهاڻي آهي.
    اڄ ڪلهه جپان جهڙي ماڊرن ۽ امير ملڪ اڳيان فلپين، انڊونيشيا يا اسانجي پاڪستان ۽ انڊيا جهڙو ايشيائي ملڪ ڪا حيثيت نٿو رکي پر ان هوندي به ڏسان پيو ته اڄ به ڪيتريون ئي جپاني ڇوڪريون اهڙن ايشيائي ملڪن جي ڇوڪرن سان به شادي ڪن پيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته 1980ع ۽ 1990ع واري ڏهاڪي کانپوءِ اهڙيون شاديون گهٽ ٿي ويون آهن جو هاڻ اسان جي ايشيائي ماڻهن جو جپان وڃڻ مشڪل ٿي پيو آهي خاص ڪري پاڪستانين جو. اسان جي ماڻهن کي هاڻ اعليٰ تعليم، گهمڻ يا بزنيس جي سلسلي ۾ به وڏي مشڪل سان ويزا ملي ٿي نه ته 1980ع تائين اسان کي فقط هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺڻي پوندي هئي. ٽوڪيو ايئرپورٽ تي لهڻ سان ٽن وڏن شهرن جي ويزا ملي ويندي هئي. پر پوءِ آهستي آهستي اسان جي ماڻهن جي وڌندڙ ڏوهن خاص ڪري ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد جپان ۾ ترسي پوڻ ۽ غير قانوني طرح نوڪريون ڪرڻ تي جپان طرفان سختي ٿيندي وئي. ٻئي پاسي ٿو ڏسان ته سنگاپور جهڙا دو نمبري ۽ ٺڳ ملڪ، يا ملائيشيا جهڙن پٺتي پيل ملڪن کي انهن ڏينهن ۾ جپان جي ويزا نٿي ملي. اڄ اهي ملڪ سڌرڻ ۽ دنيا ۾ نالو پيدا ڪرڻ ڪري ٻنهي ملڪن جي ماڻهن لاءِ جپان حڪومت جپان ۾ بنا ويزا اچڻ ڪري ڇڏيو آهي.
    اڄ ڪلهه جپان ۾ ڪجهه اهي پاڪستاني به رهن ٿا جيڪي برازيل کان هتي آيا آهن ۽ انهن جون زالون برازيل جون جپاني آهن. هي جپاني زالون ۽ سندن پاڪستاني مڙس گهڻو ڪري حلال کاڌي جا دڪان هلائين ٿا. حلال کاڌي کان علاوه حلال ڳائو گوشت به وڪڻن جيڪو برازيل يا آسٽريليا کان گهرائين.
    پاڪستانين جي مقابلي ۾ جپان ۾ انڊين تمام گهڻا نظر ايندا جن جون زالون جپاني آهن. انهن ۾ ڪيترا ته پڙهيل ڳڙهيل، پروفيسر، ڊاڪٽر انجنيئر آهن جيڪي جپان ۾ نوڪري ڪن ٿا. انهن کان علاوه عام طبقي جا انڊين هندو ۽ مسلمان پڻ آهن جن سان جپان جي ڇوڪرين انڊيا وڃي شادي ڪئي ـــ خاص ڪري بهار رياست مان جتي ٻڌن جو پاڪ شهر ٻڌگيا آهي جيڪو جپانين لاءِ ائين آهي جيئن هندن لاءِ بنارس.
    انڊيا ۾ ٽوئرزم جو تمام سٺو بندوبست آهي ۽ سستو پڻ. ان سان گڏ امن امان جي حالت به بهتر آهي دنيا جي مختلف کنڊن جا امير توڙي غريب، گهمڻ جا شوقين انڊيا جون تاريخي جايون، قدرتي نظارا، شاپنگ ۽ عياشيءَ لاءِ انڊيا جي وڏن شهرن ممبئي دهلي، لکنؤ، آگره، امرتسر، بنارس، چنائي، ڪلڪتي ۽ ڳوٺن ۾ وڃن ٿا. جتي ڪٿي رهڻ توڙي کائڻ پيئڻ ۽ سواريءَ جو سستو ۽ سٺو بندوبست آهي. جتي ڪٿي ڪيترائي نوجوان گائيڊ ملن ٿا جيڪي هر شهر جون تاريخي جايون گهمائين ٿا ۽ انهن بابت ڄاڻ ڏين ٿا. سياحن جي سهوليت لاءِ اهي گائيڊ مختلف ٻوليون به ڄاڻن ٿا. مون ڏٺو آهي ته ڪيتريون جپاني ٽوئرسٽ ڇوڪريون انڊيا جي نوجوان ۽ سهڻن گائيڊ ڇوڪرن سان دوستي رکن ٿيون ۽ شادي به ڪن ٿيون. ڪيترن کي شايد ان ڳالهه جي حيرت ٿئي ته جپاني ڇوڪريون ٻڌ گيا (بهار رياست جي شهر) جي گائيڊن يا ٻين اتي جي رهاڪو ڇوڪرن سان شادي ڇو ٿيون ڪن. ان جا هي سبب آهن:
    جپاني مرد توڙي عورتون، خاص ڪري نوجوان يونيورسٽي جون ڇوڪريون، سڀ کان گهڻو انڊيا جي شهر ”ٻڌ گيا“ ۾ وڃن ٿيون جتي گوتم ٻڌ کي گيان مليو.... ٻوڌي (روشني/Enlightment) ملي.
    جپان جي ماڻهن جو تعلق ٻڌ ڌرم سان آهي. هو گوتم ٻڌ جا پوڄاري آهن. ڪيترن جپانين جي اها تمنا هوندي آهي ته هو زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ان هنڌ جو ضرور ديدار ڪن جتي گوتم ٻڌ ڄائو يا جتي هن کي نور مليو يا جتي هن وفات ڪئي. هاڻ ته ايترو نه رهيو آهي پر 1970ع واري ڏهاڪي ۾ يعني اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ جڏهن منهنجو جپان وڃڻ شروع ٿيو ته انهن ڏينهن ۾ اهو جپاني جيڪو بقول هنن جي انڊيا جي پاڪ جاين تان ٿي ايندو هو اهو وڏو ”حاجي“ سمجھيو ويو ٿي۔.... پوءِ ڀلي هو ٻوڌي بکشوئن کان ڪو علم نه پرائي آيو هجي. سڄو وقت ٻڌ گيا جي ناچ گهرن ۾ گذاري يا ڀنگ پيئڻ ۾ گذاري جپان جپان موٽيو هجي پر جپان پهچي اهو ڏيک ڏيندو هو ڄڻ ”ٻڌ گيا“ وڃڻ تي هن تي به اهو نور نازل ٿيو هجي جيڪو 3000 سال اڳ گوتم تي نازل ٿيو ۽ هو ”عظيم ٻڌا“ بڻجي ويو.
    اڄ به ڪيترين جپاني ڇوڪرين کي اهو وهم آهي ته ٻڌگيا، ڪوشي نگر، لُمبِني ۽ سرناٿ ۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا انهن تي گوتم ٻڌ جي نور جو Direct اثر آهي. ان ڪري ٻڌ ڌرم جي انهن پوتر شهرن جي نوجوانن کي هو پير مرشد سمجھن ٿيون. انهن چئن شهرن مان ٻڌن لاءِ گهڻو مان وارو شهر ٻڌ گيا(Bodh Gaya) سمجھيو وڃي ٿو جتي دنيا جا عقيدتمند ٻڌ ٻارهوئي ويندا رهن ٿا. هي شهر بهار رياست جي گاديءَ واري شهر پٽنا کان 96 ڪلوميٽر پري ”گيا“ ضلعي ۾ آهي. هن شهر جو اصل نالو اُرويلا يا اُربيلا هو. اشوڪ بادشاهه پهريون هو جنهن هتي مندر ٺهرايو.
    سن 563 قبل مسيح راڻي مايا ديويءَ ”لمبِني“ شهر ۾ گوتم کي جنم ڏنو. لمبِني اڄ ڪلهه نيپال ملڪ جي ”روپان ديهي“ ضلعي ۾ آهي. گوتم ٻڌ جا ڪيترائي چيلا لمبني جي به ياترا ڪن ٿا جتي ڪيترائي مندر آهن.
    سن 563 قبل مسيح گوتم سچ جي ڳولا ۾ ٻڌ گيا آيو جتي هڪ پپر جي وڻ هيٺ اچي ويهي رهيو. هتي هن کي حقيقت جي نور جي ڄاڻ ٿي ان بعد هو گوتم ٻڌ سڏيو ويو. گيان حاصل ڪرڻ بعد گوتم ٻڌ پهريون ليڪچر سرناٿ ۾ اچي ڏنو. ”سرناٿ“ ورانسي (بنارس) کان 13 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي جنهن بابت تفصيل سان پنهنجي سفرنامي ”بنارس کان برمودا“ ۾ لکي چڪو آهيان.
    ”ڪشي نگر“ جيڪو ”ڪُسي نارا“ به سڏجي ٿو. اهو شهر اتر پرديش رياست جي ”گورکپور“ شهر کان 52 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. هتي گوتم ٻڌ جي وفات ٿي ان ڪري ٻڌن لاءِ هي شهر به اهم حيثيت رکي ٿو. جيئن هندو ڌرم جا ماڻهو زندگيءَ ۾ هڪ دفعو بنارس ڏسڻ جا خواهشمند آهن تيئن ايشيا جا ٻوڌي ڪشي نگر جي زيارت ڪرڻ پنهنجي خوش نصيبي سمجھن ٿا.
    هي سڀ ڪجهه لکڻ جو مطلب اهو آهي ته جپان جا ماڻهو جيڪي ٻوڌي آهن هنن شهرن کي اهم سمجھن ٿا جو انهن جو واسطو گوتم ٻڌ سان آهي.
    ڪيوٽو شهر ۾ ”يوڪي“ نالي هڪ جپاني عورت ساڙهي ۽ سيندور ۾ نظر آئي. هوءَ انڊيا کان پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪيوٽو آئي هئي. هوءَ 1998ع ۾ جڏهن پهريون دفعو ٻڌگيا جي تيرٿ تي وئي ته هن جي ملاقات ترجميڪار ”سڌاما پراساد“ سان ٿي جنهن بيحد سُٺي جپاني ڳالهائي ٿي. ٻڌگيا ۾ هفتو کن رهڻ دوران هنن جو هڪ ٻئي سان عشق ٿي ويو. يوڪيءَ جپان پهچي پراساد کي گهرايو. يوڪيءَ جي پيءُ تاڪاهيرو کي به هي ڇوڪرو پسند آيو جنهن جي ان وقت عمر 32 سال هئي. هنن جي شادي ٿي جنهن بعد ”يوڪي“ هڪ ڳوٺاڻي انڊين ڇوڪريءَ وانگر پراساد جي ڳوٺ ۾ وڃي رهي. هوءَ هاڻ ساڙهي ۽ شلوار قميص پائي ٿي. ٻانهن ۾ ڪانچ جون چوڙيون پائي ٿي. هندي ڳالهائي ٿي ۽ هندن جون ريتون رسمون ڪري ٿي. هڪ ٻي جپاني عورت جيڪا انڊين مڙس سان نظر آئي اها اساڪاوا ڪيئڪو آهي. ڪيئڪو 1996 ۾ ٻڌ گيا وئي هئي ۽ هوءَ ڪمار جي گيسٽ هائوس ۾ رهي. ان بعد هوءَ وري 1998ع ۾ وئي ۽ هن جي ڪمار سان اهڙي ته سٺي Understanding ٿي جو هنن نيٺ 2000ع ۾ شادي ڪئي. ڪيئڪو ٻڌايو ته: “After the success of my marriage, my friends in Japan became crazy about Bihari boys”.
    ڪيئڪو کي انگريزيءَ کان علاوه هندي/اڙدو به تمام سٺي اچي ٿي. هن چيو ته: ”ميرا پريوار انڊين هي ــ اس لئي مين اڌر ڪي ساري ريت رواج اور پرمپرا سيک گئي هون....“
    جتي ڪيتريون ئي جپاني ڇوڪريون شاديءَ بعد پنهنجن مڙسن وٽ انڊيا هليون وڃن ٿيون اتي ڪجهه جپان ۾ به ترسيو پون ۽ پنهنجن مڙسن کي جپان ۾ رهائي کين نوڪري يا ڌنڌي ۾ لڳائين ٿيون. جيئن تڪاڪو نالي جپاني عورت شاديءَ بعد پنهنجي بهاري مڙس سنيل راٺوڙ سان جپان جي اتراهين شهر سپورو ۾ رهي ٿي. سنيل هڪيدو يونيورسٽيءَ ۾ ”تاريخ“ پڙهائي ٿو. هڪ ٻيو ٻڌ گيا جو بهاري همراهه پرامود جيسوال جنهن جي ڪجهه سال اڳ جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ٿي جپان ۾ هوٽل هلائي ٿو.
    جيستائين جپان وڃڻ سؤلو هو ۽ اسانجا پاڪستاني به نوڪري، مزدروي، تعليم، گهمڻ ۽ بزنيس لاءِ جپان آيا پئي ته ڪافي پاڪستانين جپاني ڇوڪرين سان شادي ڪئي. انهن مان چار ته منهنجي ڳوٺ جا آهن هڪ ته منهنجو ڪلاس ميٽ عبدالرزاق ميمڻ هو جنهن تعليم دوران ٽوڪيو ۾ شادي ڪئي ان بعد ڏهه سال کن رکي هن جي ٻن ڀائرن آفتاب ۽ اشفاق ميمڻ جپان ۾ اچي جپاني ڇوڪرين سان شادي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ اسانجو جهاز جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ ايندو ويندو رهيو ٿي ۽ اشفاق جي شادي اسان به اٽينڊ ڪئي. ان بعد سن 2002ع ڌاري منهنجو باءِ ايئر جپان وڃڻ ٿيو ته هالا جي هڪ اهم شخصيت ”جمعي ٽِيڪي“ جي پوٽي نويد ميمڻ سان ملاقات ٿي جيڪو اتي جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ڪري رهي ٿو. اهڙي طرح ان دفعي ٻيا به ڪيترا سکر، لاڙڪاڻي ۽ دادو پاسي جا سومرا، مهر، چنا ۽ ٻرڙا ذات جا نوجوان مليا جيڪي جپاني ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ ڪري اوساڪا، ڪوبي ۽ نگويا ۾ رهن ٿا. پر اهي سڀ ان زماني ۾ جپان ۾ آيا ـــ يعني 1990ع کان اڳ جڏهن اسان پاڪستانين ۽ انڊين لاءِ جپان اچڻ آسان هو. هينئر انڊين لاءِ به اسان وانگر جپان ۾ اچڻ لاءِ سختي آهي پر تڏهن به انڊين گهڻا نظر اچن ٿا جن جون جپاني ڇوڪرين سان شاديون ٿينديون رهن ٿيون. اهو ان ڪري جو جپان جا ماڻهو انڊيا جي مختلف شهرن جو سير ڪرڻ لاءِ ويندا رهن ٿا ـــ خاص ڪري ٻڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ شهرن جي تيرٿ ياترا ڪرڻ ۾ هو دلي سڪون محسوس ڪن ٿا. انهن جپاني ٽوئرسٽن ۾ موجود ڪيتريون ئي ڇوڪريون انڊيا ۾ ٽوئر گائيڊ، ترجمو ڪندڙ، هوٽلن ۽ گيسٽ هائوس ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن تي موهت ٿي انهن سان شادي ڪن ٿيون ۽ پوءِ انهن کي پاڻ وٽ جپان گهرائين ٿيون يا پاڻ انڊيا ۾ اچي پنهنجي گھوٽن جي ڳوٺن ۾ رهن ٿيون.
    ڪجهه ڏينهن اڳ، هي مضمون لکڻ دوران، ٽوڪيو ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني دوست کي فون ڪري پڇيم ته ”ٻڌ گيا“ جا بهاري همراهه جپان ۾ ايندا رهن ٿا يا نه؟
    هن ٻڌايو ته سال کن کان جپان ۽ چين جي اخبارن ۽ ٽي وي ذريعي جپاني ڇوڪرين کي خبردار ڪيو پيو وڃي ته انڊيا ـــ خاص ڪري ان جي بهار رياست ۾ سوچي سمجھي ويندا ڪريو. هي چتاءُ جپاني ڇوڪريءَ سان پيش آيل حادثي بعد ڏنو ويو آهي.
    ياد رهي ته گذريل سال (2015ع) جنوري ۾ هڪ 23 سالن جي جپاني ڇوڪريءَ کي ٻن ڀائرن: 25 سالن جي جاويد خان ۽ 32 سالن جي ساجد خان جيڪي بِهار ۾ ٽوئر آپريٽر آهن ۽ جپاني به ڳالهائين ٿا انهن هن جپاني ڇوڪريءَ کي ٻڌ ڌرم جون پاڪ جايون ٻڌ گيا، سرناٿ وغيره ڏيکارڻ بهاني پنهنجي ڳوٺ ۾ يرغمال ڪري رکيو. هن جا اسي هزار رپيا به کڻي ويا ۽ هن کي ريپ ڪندا رهيا. بيمار ٿيڻ تي هن کي رات واري ٽرين ۾ ڪلڪتي لاءِ چاڙهي ڇڏيو. ڪلڪتي پهچي جپاني ڇوڪريءَ پنهنجي سفارتخاني کي دانهن ڏني ۽ ٻنهي ڏوهارين کي جھليو ويو. ان واردات ڪري انڊيا جي سخت بدنامي ٿي ۽ جپان توڙي چين کان ويندڙ ٽوئرسٽن جي تعداد ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.
    ان ڳالهه مان پڙهندڙ اهو اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ٽوئرزم لاءِ امن امان جو ماحول هجڻ ضروري آهي. تاريخي جايون، سستي رهائش ۽ صحيح کاڌي خوراڪ ملڻ سان گڏ امن امان به ضروري آهي. اسان وٽ کڻي موهن جو دڙو يا گورک هل اسٽيشن جهڙيون شيون آهن پر امن امان ڪٿي آهي؟. ناريون ته ڇا نر به ڏينهن ڏٺي جو اغوا ٿيو وڃن. اهڙي حالت ۾ اسان جي ملڪ ۾ ٽوئرزم انڊسٽري ڪيئن هلي سگهندي؟ انڊيا ۾ جيتوڻيڪ ان قسم جي ڪا ورلي واردات ٿئي ٿي جو حڪومت ان معاملي ۾ بيحد خبردار آهي. ڏوهارين کي به هنن يڪدم گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون ان هوندي به هڪ واردات ڪري ٽوئرزم تي ڪيڏو اثر پوي ٿو.
    جپاني ڇوڪرين بابت شروع ۾ لکيو اٿم ته هو ڌارين سان شادي ڪرڻ ۾ بهتري ان ڪري ٿيون سمجھن جو جپاني مرد پنهنجين زالن جو خيال نٿا رکن ۽ ڌارين ملڪن جا خاص ڪري يورپي ۽ آمريڪن جپاني زالن کي بهتر ان ڪري ٿا سمجھن جو اهي چئيوان، خذمتگذار ۽ سٺي طبيعت جون آهن. ان جي مقابلي ۾ يورپي يا آمريڪن زالون سخت مزاج آهن. هو هر ڳالهه ۾ مڙس کان برابريءَ جي ڊمانڊ ڪن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ جپاني مردن جي فطرت ۾ تبديلي اچي رهي آهي ۽ هو زالن کي برابر سمجھڻ لڳا آهن ۽ ماءُ پيءُ جي مرضيءَ بدران Love Marriage کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن.
    جپاني مرد به ڌارين ملڪن جي عورتن سان شادي ڪن ٿا پر تمام تمام گهٽ. ان جو سبب اهو ئي ٻڌايو وڃي ٿو ته يورپي ۽ آمريڪن زالون قد ۾ ڊگهيون آهن جن جي مقابلي ۾ جپاني مرد ڄامڙا آهن ٻيو سبب ٻوليءَ جو به آهي. جپاني مردن کي اهو احساس رهي ٿو ته هنن جي انگريزي خراب آهي.
    جپاني مردن کي گهٽ پسند ڪرڻ جو اهو به سبب ٻڌايو وڃي ٿو ته هو پيار جو کلي طرح اظهار نٿا ڪن..... يعنيExpressive ناهن. اڄ ڪلهه مغرب جون انگريزي فلمون ڏسي ڏسي جپاني ڇوڪريون به چاهين ٿيون ته هننجا مڙس به ڏينهن ۾ ڏهه دفعا اهاني بهاني “I Love you” چوندا رهن ۽ گهر مان نڪرڻ ۽ اچڻ مهل کين چمي ڏين. جپاني مرد هر وقت پريشان ۽ دماغ ۾ نوڪري يا پورهئي جو ڀوت وهاريل ڪٿي ٿو ٻيون ڳالهيون سوچي! واپسي تي دير سان موٽندو يا ڪنهن پب مان ٻه پيگ پي گهر اچي بستر تي ڊهندو ۽ اهو ئي چاهيندو ته سندس جپاني زال سندس بوٽ به لاهي ته جوراب به.
    يوڪوهاما واري اسانجي شپنگ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترين جپاني ڇوڪرين مان هڪ جنهن جي هڪ ڪنگلي آمريڪن سان شادي ٿي هئي.... ڪنگلو ان ڪري جو کانئس نوڪري نه پڄندي هئي سڄو ڏينهن ننڊون ڪندو هو يا شهر جا چڪر هڻندو هو. گهر جي خرچ جو پورائو سندس هيءَ جپاني زال ٻه ٻه نوڪريون ڪري منهن ڏيندي هئي. ان هوندي به هيءَ درويشياڻي خوش هئي ۽ وڏي فخر سان چوندي هئي ته ”مونکي هر وقت چوي ٿو You are the most beautiful girl in the world ۽ ڪٿان گهمي اچي ٿو ته مونکي هميشه تحفي طور تازو گلاب جو گل پيش ڪري ٿو......“ اهي ڳالهيون ٻڌي اسان پاڪستاني دل ئي دل ۾کلندا هئاسين. ظاهر آهي نه فقط جپاني مرد پر ايشيا جي ٻين ملڪن جا مرد به مغربي مردن وانگر پيار جو هر هر اظهار ڪرڻ کان شرمائين ٿا. هو فون تي يا منهن سامهون هر هر “I Love you” چوڻ کي ٽرڙپائي سمجھن ٿا. مٿينءَ جپاني ڇوڪريءَ چيو ته ”منهنجو آمريڪن مڙس ته مونکي هر وقت ڊرالنگ، My Love، ماءِ ٽريزر جهڙن لفظن سان سڏي ٿو.... جپاني مردن جي نڪ تي هر وقت چڙ رهي ٿي ۽ ڇوري، رن، فلاڻي ڪري سڏين ٿا.“
    بهرحال اها آهي ته حقيقت ته جپاني مرد عورتن جي معاملي ۾ ٻين ايشيائي مردن کان ڪجهه وڌيڪ ئي ڏنگا آهن پر اهو سڄي جپان جو ڪلچر آهي ته عورت سان ائين هلجي.... کيس گهڻي لفٽ نه ڪرائجي.... ۽ ننڍي هوندي کان هنن جي دماغ ۾ اهو وهاريو وڃي ٿو ته توهان مرد اتم اتاهان آهيو، زالون ڪمذات ٿين ٿيون - جيئن اسان وٽ پٽ ٻار کي وڌيڪ پيار ڏئي لاڏلو ڪيو وڃي ٿو.
    ان سلسلي ۾ هڪ لطيفو ياد اچي رهيو آهي ته هڪ نئين نويلي ڪنوار پنهنجي مڙس سان شڪايت ڪئي ته اهو ڀلا ڇو آهي ته سندس ساهيڙيءَ جو مڙس ته کيس ماهنور، نيراني هير، چوڏهين جا چنڊ، شفق جي لالاڻ، شبنم جهڙن لفظن سان سڏي ٿو تون آهين جو مونکي هر وقت منهنجي رڍ، ٿلهي مينهن، چلولي وَڇ ۽ جابلو ٻڪري سڏين ٿو!
    مڙس چيس ته: .ڏس نه تنهنجي ساهيڙيءَ جو مڙس ته آهي فلڪيات کاتي جو آفيسر سو اهي لفظ ٿو استعمال ڪري آئون ته ٿيس ڍورن جو ڊاڪٽر.“
    ان قسم جو بحث هڪ دفعي اسان جي اوساڪا واري آفيس ۾ به اچي ٿيو. جتي جپاني ڪلارڪ ڇوڪريون چانهه جي وقفي ۾ جپاني مردن جون گلائون ڪري رهيون هيون. هڪ جپاني ڇوڪريءَ جنهن جي شادي جپان ۾ نوڪري ڪندڙ فرينچ سان ٿي هئي ان ٻڌايو ته: ”مونکي پروپوزل ڏيڻ مهل هن مونکي تحفي ۾ منڊي ڏيندي چيو هو ته آئون پاڻ کي خوش نصيب سمجھندس جيڪڏهن تون مونسان شادي ڪندينءَ.“
    منهنجي ڀر ۾ جيڪا جپاني ٽائپسٽ ڇوڪري ڪافي پي رهي هئي تنهن کان آهستي پڇيم ته: ”جپاني مرد پهرين ملاقات ۾ يا شاديءَ رات پنهنجي ڪنوار کي ڇا چون؟“
    ”ماٺ اٿئي ڀلي“، هن مون ڏي منهن ڪري مونکي آهستي ٻڌايو، ”پهريون جملو جيڪو مون واري مڙس مونکي چيو اهو هو ”ڇا تون سڄي زندگي مون لاءِ مِسو سوپ ٺاهيندينءَ؟“ يقين ڪريو اڄ ڏينهن تائين اهو نه چيو اٿس ته ”آءِ لو يُو“.
    مونکان ٽهڪ نڪري ويو ۽ چيومانس ته توهانجي ان مِسو سوپ به بيزار ڪري ڇڏيو آهي. نيرن تي ٻي ڪنهن ناشتي بدران جتي ڪٿي رڳو مِسو سوپ ملي ٿو يا گوهان (پاڻيءَ پسيو ڀت) ڪنهن جي گهر وڃي رهه ته به مسو سوپ، ڪنهن گيسٽ هائوس ۾ رهه ته به مسو سوپ.
    بهرحال ان هوندي به جپان توڙي مختلف ملڪن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو جپاني مرد به نظر اچيو وڃي جنهن سان گڏ آمريڪن، فرينچ، انگريز، ايراني ويندي پاڪستاني زال آهي.
    ڪيترن جپاني مردن پاڪستاني عورتن سان شادي ڪئي آهي اها خبر نه اٿم پر هڪ جپاني ”اتاڪا سان“ (San معنيٰ مسٽر، محترم، جناب) کي ضرور سڃاڻان جيڪو منهنجو چاليهه سالن کان واقفڪار آهي جڏهن منهنجي جپان جي سفرنامي ”جپان جن جي جيءَ سان“ جي رونمائي سِگا طرفان ڪراچيءَ جي قونصل خاني ۾ ملهائي وئي هئي. اتاڪا سان 1977ع کان 2005ع تائين نوڪري ڪري رٽائرڊ ٿيڻ تائين جپان جي قونصل خاني جو ڊائريڪٽر ۽ قونصل جنرل جو ائڊوائيزر رهيو. هڪ پاڪستاني عورت پروفيسر آصفه جيڪا اڪيبانا جي ماهر آهي، سان شادي ڪيائين، ڪراچيءَ ۾ ئي رهي ٿو ۽ اڄ ڪلهه ”پاڪستان جپان ڪلچرل ايسوسيئيشن“ جو جوائنٽ سيڪريٽري آهي.
    ”اَتاڪا سان“ 18 آگسٽ 1945ع تي اوساڪا ۾ ڄائو. ”اَتاڪا“ سندس ذات آهي ۽ شيگي يوڪي (Shigeyuki) نالو آهي. اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ سندس نالو محمد عظمت اتاڪا آهي. پاڻ هاءِ اسڪول تائين اوساڪا ۾ پڙهيو ان بعد ڪيوٽو جي ”رتسو ميئيڪان يونيورسٽي“ مان بزنيس ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪيائين. ان بعد پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ’ڪراچي يونيورسٽيءَ‘ مان ڪيائين.
    هي مضمون لکڻ دوران مون پنهنجي دوست آغا ظفر کي آمريڪا خط لکيو ته آئون اڄ ڪلهه جپاني عورتن تي لکي رهيو آهيان. آغا ظفر مون وانگر جهازن جي انجنيئر جي حيثيت سان ڪيترا ئي سالSail ڪيو. هاڻ گذريل 40 سالن کان آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ سانا جو ميمبر آهي. جواب ۾ لکيائين ته.....“ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ آئون ڪيترائي دفعا جپان اچي چڪو آهيان. جپاني زالن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي آئيڊيل زالون آهن ۽ جپان ۾ رهڻ دوران آئون اها چوڻي عام ٻڌندو هوس ته:
    “If you want to have an ideal life on this planet, then, you must earn in US dollars, have a Chinese cook and marry a Japanese Woman”
    ”اهو نٿو چئي سگهان ته اهي ماڻهو جن وٽ اهي ٽئي شيون آهن، واقعي سک جي زندگي گذارين به ٿا يا نه!....“


    ڳوٺ جروار کان جپان پهتل مسافر

    ”جپاني ڇوڪرين جي ڌارين سان شادي ڪرڻ، واري مضمون بعد ڪاگوشيما جي ”ماري تسورُو زوئي“ (Mari Tsuruzoe) جي سنڌي مڙس فهيم جروار جو ذڪر نه ڪرڻ نا انصافي ٿيندو. ٽنڊي الهيار ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”خير محمد جروار“ جو فهيم جروار گذريل ويهن سالن کان يوڪوهاما ۾ رهي ٿو. هن جو جپان ۽ جپان کان ٻاهر ڪارن جو بزنيس آهي. ان کان اڳ هن ڏهه سال کن اوساڪا، ٽوڪيو ۽ جپان جي ٻين شهرن ۾ پڻ مختلف ماڻهن ۽ ڪمپنين وٽ محنت مزدوري ۽ نوڪري ڪئي.
    فهيم جروار جي ڪهاڻي محنت، ايمانداري، ذهانت ۽ ڀاڳ نڀاڳ جي ڪهاڻي آهي. نڀاڳ کي به سندس زندگيءَ ۾ حصيوار ان ڪري بنايو اٿم جو هن جي سڄي زندگي Smooth Sailing به نه رهي آهي. جتي ڀاڳ جي ديويءَ هن جو قدم قدم تي آڌر ڀاءُ ڪيو آهي اتي اڄ به ڪنهن موڙ ۽ منزل وٽ ”بئنڊلڪ“ کيس چهٽندو رهي ٿو. اڄ به رکي رکي کيس هلندڙ بزنيس ۾ لاها چاڙها اچن ٿا پر هو هميشه وانگر انهن کي ائين منهن ڏيندو اچي جيئن شروع جي ڏينهن ۾ جپان ۾ هن کي پڙهائيءَ دوران سيمسٽر جي في نه هجڻ ڪري پڙهائي ڇڏڻي ٿي پيئي يا نوڪري ختم ٿيڻ تي ٻه ويلا هٿ ڪرڻ به مشڪل ٿي پيو ٿي. مون وانگر جيڪي ماڻهو جپان ۾ رهي چڪا آهن اُهي سمجهي سگهن ٿا ته جپان ۾ ٽِڪڻ ڪو سولو ڪم ناهي جتي جي موسم ۽ ٻولي ته ڏکي ۽ نرالي آهي پر مقامي ماڻهو به، خاص ڪري جپاني مرد ماڻهو بيحد ڏنگا ۽ اڻ سهو آهن. آئون اهو به سمجھي سگهان ٿو ته جپان ۾ پورهيو ڪرڻ ـــ چاهي جسماني هجي يا ذهني، ڪا آسان ڳالهه ناهي. جپاني پاڻ به سخت پورهيت آهن ۽ هو جيڪو ڌارين کي ڪم ڏين ٿا اهو پاڻ کان به وڌيڪَ سخت ڏين ٿا. ان ڪري آئون هميشه چوندو آهيان ته جپان ۾ جيڪو به ڌاريون ماڻهو پورهيو مزدوري ڪري وڏو ماڻهو ٿئي ٿو اهو واقعي ٽف ۽ رف هوندو. هو صحيح معنيٰ ۾ محنتي هوندو. جنهن تمام گهڻو پورهيو ڪيو هوندو ۽ پئسو بچائي پنهنجو بزنيس شروع ڪيو هوندو. جپان جهڙي مهانگي ملڪ ۾ جتي پگهار يا مزدوري کڻي ڪيترن ملڪن کان گهڻي ملي ٿي پر بنا پيٽ ڀرڻ جي ته توهان جي نه سگهندائو ۽ جپان ۾ ٻه ويلا به ڪيڏو مهانگا آهن! اهو ملڪ جتي ٻه پٽاٽا يا ٻه ٽماٽا هڪ سؤ يين (سؤ رپين) جا هجن. جتي پاڻيءَ جي اڌ لٽر واري بوتل ڏيڍ سؤ رپين جي هجي اتي ماڻهو ڇا ٿو بچائي سگهي. ان جي مقابلي ۾ ملائيشيا ۽ ايران ته سستا آهن پر آمريڪا ۽ انگلنڊ به سستا آهن. جپان ۾ اڄ ڪاروبار ڪندڙ انڊين ۽ پاڪستاني مالڪن وانگر فهيم جروار به جنوني ماڻهو چئي سگهجي ٿو جيڪو هن باهه جي درياهه مان ڪاميابيءَ سان پار نڪتوآهي.
    جيستائين محنت ۽ جنون جو سوال آهي فهيم جي طبيعت تي سندس والد محترم مرحوم غلام محمد جروار جو به اثر آهي. غلام محمد صاحب به اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو جيڪو اڄ به آسان ناهي. هو جنهن ڳوٺڙي ۾ ڄائو ان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪو رجحان نه هو. پاڻ اڃان صغير ئي هو ته سندس والد (فهيم جو ڏاڏو) محمد پناهه جروار گذاري ويو. پر فهيم جي والد کي اهو شوق هو ته تعليم حاصل ڪجي. اڄ ته ٽنڊو الهيار ڪيترن ئي تعليمي ادارن سان مالا مال آهي پر اڄ کان سؤ سال اڳ سنڌ ۾ ڪٿي هئا ايڏا تعليمي ادارا، ڪٿي هئا هلڻ جوڳا روڊ رستا ۽ وقت تي پهچائيندڙ بس سروسون. چون ٿا ته مرحوم غلام محمد جنهن حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، سواري نه هجڻ جي صورت ۾ سائيڪل تي به پهچي ويندو هو. پاڻ ڏکين حالتن ۾ تعليم پرائي ٽريزري آفيسر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي مسلمان پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ ۾ عيب يا گهٽتائي سمجھيو ٿي پر فهيم جو والد ٻارن جي تعليم لاءِ ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو جيئن سندس ٻارن کي هن وانگر تڪليفون نه سهڻيون پون .... هو اهو وقت به پڙهائيءَ ۾ لڳائي سگهن ۽ هن پٽن سان گڏ نياڻين کي به اعليٰ تعليم ڏياري. کيس پنج پٽ ٽي ڌيئون ٿيون. وڏي ڌيءَ غزالا جيڪا هاڻ انگلنڊ ۾ رهي ٿي، ڪافي عرصو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ پڻ پڙهايو. وڏو پٽ وسيم پنهنجي پيءُ واري نوڪري حيدرآباد جي سٽي ڪورٽ ۾ ڪري ٿو. ان بعد فهيم آهي ۽ پوءِ نعيم آهي جيڪو والد جي 2006ع ۾ وفات بعد زمينون سنڀالي ٿو. فهيم کان جڏهن پڇيم ته هو ننڍي هوندي حيدرآباد ۾ ڪٿي رهندا هئا.... گاڏي کاتي ۾، صدر ۾، هير آباد ۾.... ته هو صحيح طرح نه ٻڌائي سگهيو جو حيدرآباد ڇڏي هن کي ٽيهن کان به مٿي سال ٿي ويا آهن. کانئس ٻيون به ننڍپڻ جون ڳالهيون پڇيم پر هن کي چٽيءَ طرح يادگيري نه هئي. ان تي مون چيومانس ته اهي احوال پاڪستان وڃي تنهنجي ڀاءُ نعيم کان وٺندس جيڪو لڳاتار اتي رهي ٿو ۽ زمينداريءَ ڪري واندڪائي جام هوندس ۽ ڪنهن به وقت سوال پڇڻ تي جواب ڏئي سگهندو. اها ڳالهه فهيم کي به وڻي ۽ ان وقت اهو به ياد اچي ويس ته نعيم اسان جي ڳوٺ هالا مان ابڙن مان شادي ڪئي آهي.
    ”پوءِ سمجهه ته مائٽ ٿياسين جو هالا جا ابڙا سمجهو ته اسان جا فرسٽ ڪزن آهن.“ مون چيومانس. ڳوٺ اچي پهرين جنهن اسانجي مائٽ ۽ دوست عبدالقادر ”منور“ ابڙو جي گهران سندس پُٽن شڪيل ۽ عقيل کان پڇيم ته هنن ٻڌايو ته سندن ڀيڻ زرقا جي شادي ٽنڊوالهيار ۾ ٿيل آهي. سندن والد منور ابڙو ننڍي عمر ۾ جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر هو ته گذاري ويو. پاڻ بهترين اديب ۽ شاعر پڻ هو ۽ مشهور ادبي شخصيت سائين عبدالرئوف ابڙو ”منصور ويراڳيءَ“ جو ننڍو ڀاءُ ۽ اڄ جي مشهور ٽي وي ائنڪر ۽ ايف ايم ريڊيو جي انائونسر ثاقب ابڙو جو چاچو هو.
    نعيم ٻڌايو ته هنن جو ننڍپڻ حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ گذريو. اسان جي محلي ۾ کٽي به رهندا هئا ۽ ڀرسان دادوءَ جي ”بچل گهلو“ جو گهر هو جيڪو پڻ هاڻ اسان وانگر قاسم آباد ۾ رهي ٿو. نعيم بعد ٻه ڀيڻون ڊاڪٽر سهيلا ۽ نائلا آهن. سهيلا پنهنجي گهر واري ڊاڪٽر اسماعيل راڄپر سان گڏ وئنڪوئر ڪئناڊا ۾ رهي ٿي ۽ نائله حيدرآباد ۾ ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي. اسان واري مائٽ ”مامي بچل گهلو“ جي ڌيئن: ڊاڪٽر شاهده ۽ ڊاڪٽر منصورا کي فون ڪري سهيلا ۽ نائلا جو پڇيم ته هنن ٻڌايو ته هو سندن ڪلاس ميٽ هيون. ڊاڪٽر شاهده چيو ته نعيم جيتوڻيڪ ڊاڪٽر سهيلا کان سال وڏو آهي پر اهو ۽ ڊاڪٽر سهيلا حيدرآباد جي ٽريننگ اسڪول ۾ پرائمري تعليم دوران ساڻس گڏ هئا ۽ نائلا، سندس ڀيڻ ڊاڪٽر منصورا گهلوءَ جي ڪلاس ميٽ هئي. بعد ۾ نزهت اسڪول ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ به ٻئي ساڻن گڏ هيون. شاهده چيو ته: ”هو مائٽن وانگر پاڙيسري هئا ۽ سڀ ڀاءُ ڀيڻ..... آپا غزالا کان ننڍي نبيل تائين هر وقت پڙهائيءَ ۾ رڌل رهيا ٿي.“
    ”بس بس. مون اهو ئي ٻڌڻ چاهيو ٿي ۽ پڙهندڙن کي اهوئي ميسيج ڏيڻ چاهيان ٿو“، مون ڊاڪٽر شاهده کي چيو، ”ته اڄ به قدرت ڪنهن جي محنت رائگان نٿي ڪري. اڄ به آئون ملڪ اندر يا ٻاهر ڏسان ٿو ته ڪيترائي ڳوٺن جا رهاڪو، گهٽ سهولتن هوندي به محنت ڪري تعليم ۾ نالو پيدا ڪري ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن.“
    فهيم جي باقي ٻن ننڍن ڀائرن مان سهيم آمريڪا ۾ بزنيس ڪري ٿو ۽ نديم جيڪو ڪجهه عرصو فهيم سان گڏ جپان ۾ رهيو هاڻ دبئي ۾ بزنيس ڪري ٿو ۽ اتي جي هڪ گلاس فئڪٽري جو مئنيجر پڻ آهي.
    اسان وارو جپاني يار فهيم جروار 14 جنوري 1960ع تي ڄائو. انهن ڏينهن ۾ سندس والد صاحب ڳوٺ خير محمد جروار کان حيدرآباد شفٽ ٿي چڪو هو. فهيم به پنهنجن ڀائرن ڀيڻن وانگر پرائمري تعليم حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج مان حاصل ڪئي ان بعد هو ماڊل اسڪول ۾ پڙهيو جيڪو پراڻي سنڌ يونيورسٽي واري بلڊنگ ۾ هو. ان بعد ڦليلي واري گورنمينٽ ڪاليج مان 1983ع ۾ B.Sc ڪئي. سندس اهم سبجيڪٽ فزڪس هو. هن M.Sc لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا به ورتي پر ان دوران 1984ع ۾ هو جپان هليو آيو.
    اسان جي ڏينهن ۾ جپان اچڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو. اڳواٽ ويزا وٺڻ جي به ضرورت نه هوندي هئي. ڪراچيءَ مان هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺي جهاز ۾ وهبو هو ته اچي ٽوڪيو کان نڪربو هو. ٽوڪيو ايئرپورٽ تان نڪرڻ مهل جپان جي اميگريشن جو آفيسر اسان جي پاسپورٽ تي جپان جي ٽن وڏن شهرن جي ويزائن جا ٺپا هڻي ڏيندو هو.... جيڪو مدو ختم ٿيڻ تي جپان ۾ وڌيڪَ رهائش لاءِ ويزا جو وري نئون ٺپو هڻائبو هو يا وري ٻه ڏينهن کن ڀر واري ملڪ ڪوريا جي ”سيول“ يا ”پوسان“ شهر ۾ رهي وري جپان ۾ نئينءَ سنئينءَ داخل ٿي ويزا جو ٺپو لڳرائبو هو. پر اهي سڀ موج مستيون 1980ع تائين هيون. ان بعد مون ڏٺو ته سائي رنگ جي پاسپورٽ وارن لاءِ..... يعني اسان پاڪستانين لاءِ سختيون ٿينديون ويون. جپان گهمڻ يا جپان ۾ نوڪري يا مزدوري ڪرڻ اسان جي ماڻهن لاءِ آسان نه رهيو. جپان ۾ اچڻ لاءِ اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ موجود سندن سفارت خانن۽ قونصل خانن مان ويزا وٺڻ ضروري ٿي پئي جيڪا پوءِ سولائيءَ سان ملڻ نه لڳي.
    فهيم کي چيم ته: ”جنهن زماني ۾..... يعني 1984ع ۾ توهان جپان ۾ آيائو ان ۾ اسان پاڪستانين لاءِ جپان ۾ اچڻ، رهڻ، نوڪري يا ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ ڪو آسان ڪم ته نه هو. جپان کان ناروي ڊئنمارڪ، آسٽريليا، ڪئناڊا..... ويندي آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ به سولو ڪم هو.... جتي اڻ پڙهيلن کي به ”جابس“ ملي ويا ٿي.... جپان ۾ مقامي ماڻهو ئي بيروزگاريءَ ۾ ڦاٿل رهن ٿا. اهڙي تناظر ۾ توهان جپان اچڻ ڇو پسند ڪيو؟
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو،“ فهيم وراڻيو، ”مونکي خواب خيال ۾ به نه هو ته آئون ڪو جپان ايندس. آئون پڙهائيءَ ۾ هوشيار هوس ۽ مون ته فزڪس ۾ M.Sc ڪرڻ بعد ڊاڪٽوريٽ جرمنيءَ مان ڪرڻ جو سوچيو هو. جنهن لاءِ مون حيدرآباد جي گوئٿي انسٽيٽيوٽ مان جرمن ٻوليءَ جو ڪورس به ڪيو.“
    ”۽ پوءِ؟“
    ”پوءِ ڇا ٿيو جو انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جا اسانجا ٻه سڃاڻا جيڪي ٻن ٽن سالن کان جپان ۾ هئا انهن مان هڪ موٽي آيو ۽ ان جون ڳالهيون ٻڌي منهنجي هڪ دوست کي جپان وڃڻ جو شوق ٿيو ۽ هن مونکي به Convince ڪيو ته آئون به هن سان گڏ هلان“.
    بهرحال فهيم ٻڌايو ته هو گهران جيڪي ٽي هزار ڊالر کڻي ٽوڪيو پهتو ان مان هن ٽوڪيو جي ”شنجوڪو“ علائقي ۾ ”جئفي لئنگئيج اسڪول“ ۾ جپاني سکڻ لاءِ داخلا ورتي ۽ ڏکيو سکيو هڪ سيمسٽر گذاريو. ”ان بعد خرچ کي منهن ڏيڻ لاءِ مون لاءِ نوڪري ڪرڻ ضروري ٿي پئي. آفيس جاب ته ڪٿي به نه پئي مليو. نيٺ پورهئي مزدوريءَ وارو ڪم ڳوليم جيڪو جپان ۾ ڪو آسان نٿو ٿئي. پهريون ته سخت محنت وارو مليو جنهن ۾ هڪ طرف تمام گهٽ اجورو ٿي مليو ته ٻئي طرف واندڪائي نٿي ملي جو کڻي تعليم جاري رکجي. ڇهه اٺ مهينن بعد هڪ پريس ۾ ڪجهه گهٽ ٿڪائيندڙ ۽ سٺي پگهار وارو پورهيو ملي ويو ۽ آئون نه فقط پيٽ ڀري ٽي ويلا ماني کائڻ لڳس پر اڳتي جي پڙهائيءَ لاءِ بچت به ڪرڻ لڳس. ان دوران منهنجي تعليم واري ويزا ختم ٿي وئي ان ڪري جپان ڇڏي ڪوريا ويس جتان پوءِ جپان لاءِ ”ورڪ ويزا“ وٺي اوساڪا آيس ۽ هاڻ پراڻو پريس جو ڪم ڇڏي هڪ ڪارن جي شوروم تي اچي نوڪري ڪيم. ان دوران هڪ جپاني ڇوڪريءَ سان شادي ڪيم. پر سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جو شروع کان ٺاهه ٿي نه سگهيو. هونءَ جيتوڻيڪ توهان ٻڌو هوندو ته جپاني ڇوڪريون وفادار ٿين ٿيون پر شايد منهنجو بئڊلڪ هو.....“
    مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس ته ”مون نه فقط ٻڌو هو ته جپاني ۽ ملئي ڇوڪريون سڌيون ساديون ۽ وفادار آهن ان ڳالهه جي پرچار به ڪندو رهندو هوس. پر اهي فقط گذريل زماني جون ڳالهيون هيون..... 1980ع واري ڏهاڪي کان اڳ تائين جون .... ان بعد ٽي وي، فلمون، ناول پڙهي جپاني توڙي ملئي ڇوڪريون ڏاڍيون تيز ٿي ويون آهن. هو ڌارين کي ته ڇا پنهنجن جپاني مردن کي به اکيون ڏيکارڻ لڳيون آهن.... جيتوڻيڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته جپاني زالن جي ميجارٽي اڄ به دنيا جي انيڪ ملڪن جي زالن کان وڌيڪَ چئيوان، پورهيت ۽ مڙسن کي چاهڻ واري آهي.“
    فهيم ٻڌايو ته هن ڪارن جي بزنيس ۾ ڏاڍا دوکا به کاڌا پر ان هوندي به خوب ڪمايو.
    ”ڪهڙي قسم جا دوکا؟“ مون پڇيو.
    ”جيئن هڪ همراهه ڪار وٺي پئسا کائي ويو. هو سوٿيءَ طور ڪجهه يين ڏئي غائب ٿي ويو.“ فهيم ٻڌايو.
    ”يار ڪمال آهي! جپاني ماڻهو اهڙا آهن ته ڪونه.“ مون حيرت جو اظهار ڪيو. فهيم ٽهڪ ڏيندي چيو ته اهو همراهه سري لنڪن هو.
    ”چئبو ته توسان به خوشونت سنگهه واري ڳالهه ٿي.“
    کيس ٻڌايم ته هڪ دفعي ڪو همراهه خوشونت سنگهه سان جپان بابت خبرون ڪري رهيو هو ته اتي ڏاڍو امن امان آهي. چوري چڪاري صفا ناهي.... وغيره. ڳالهه ٻڌي خوشونت ٿڌو ساهه کڻي چيو ته: ”اسان جي ته جپان ۾ به چوري ٿي وئي.“ ماتسوري (جپاني ميلي) ۾ گهمندي ڦرندي ڪو کيسي مان ٻَٽون ڪڍي ويو.... پر اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو جلدي جھلجي پيو ۽ اهو ڪو جپاني نه پر اسان جو ئي انڊين هو.“
    بهرحال فهيم ٻڌايو ته ڪٿي ڪو پئسا کائي ويو ته ڪٿي صحيح گاڏي خريد ڪرڻ ۾ غلط فيصلو ڪرڻ ڪري وڏا وڏا نقصان به ٿيا پر سرسري طور ڪافي ڪمايم ۽ ان ڪم جو ڪافي تجربو ٿيو. اهي ئي ڏينهن هئا جو اسان جي شادي به ختم ٿي ۽ منهنجي جپاني زال ٻار مون حوالي ڪري هلي وئي. نه رڳو ڇڏي ڏنائين پر منهنجي سيٺين جن وٽ مون ڪم ٿي ڪيو انهن کي چئي منهنجو جاب به ختم ڪرائي ڇڏيائين“.
    ”پوءِ ڀلا ’ماري تسورو زوئي‘ سان شادي ڪڏهن ٿي؟“
    ”منهنجي هن جپاني زال سان پهريون ملاقات جپان ۾ نه پر آسٽريليا ۾ ٿي هئي. 1988ع ۾ آئون آسٽريليا گهمڻ ۽ اتي نوڪري ڌنڌي جون راهون ڳولڻ جي سلسلي ۾ ڇهه مهينا کن سڊنيءَ ۾ وڃي رهيس جتي هيءَ ”ماري تسورو زوئي“ جيڪا هاڻي ”ماري جروار“ آهي يونيورسٽيءَ طرفان انگريزيءَ جو ڪورس ڪرڻ آئي هئي. منهنجي ساڻس آخري ڏينهن تي ملاقات ٿي. بعد ۾ جڏهن آئون جپان موٽي آياسين ته به اسان جي دوستي قائم رهي پوءِ جڏهن منهنجي پهرين زال کان علحدگي ٿي ۽ جاب به هليو ويو ۽ منهنجي لاءِ جپان ۾ رهڻ مسئلو ٿي پيو ته مونکي هن هيلپ ڪيو. ان بعد اسان شاديءَ جو سوچيو پر سندس پيءُ ”اڪي يوشي سان“ (Mr. Akiyoshi) راضي نه هو. هن نٿي چاهيو ته سندس ڌيءَ جي شادي ڌارئين سان ٿئي. پر پوءِ سندس ڌيءَ جي ضد تي انٽرويو وٺڻ لاءِ هن مونکي ڪاگوشيما گهرايو جتي هو انگريزيءَ جو پروفيسر هو. مون سان ملاقات ڪرڻ بعد هو يڪدم ڳالهه مڃي ويو ۽ اسان جي 1994ع ۾ شادي ٿي. شاديءَ بعد آئون ٽوڪيو ڇڏي يوڪوهاما اچي رهيس ۽ ڪنهن وٽ نوڪري ڪرڻ بدران پنهنجي ڪمپني کوليم جيڪا اڄ تائين قائم آهي ۽ ڪافي وڌي رهي آهي ۽ جپان کان علاوه هتي جون ڪارون ٻاهرن ملڪن ۾ به ايڪسپورٽ ڪريان ٿو......“
    فهيم کي هن زال مان ٽي ٻار آهن: هڪ پٽ سيف (Saif) ۽ ٻه ڌيئون: صوفيا ۽ ساره (Sarah)جيڪي جپان ۾ ئي پڙهي رهيا آهن.
    فهيم جن دوستن جو اڪثر ذڪر ڪندو رهي ٿو انهن مان هڪ پروفيسر علي گل قريشي آهي. علي گل جپان جي مشهور يونيورسٽي ”ڪيوٽو يونيورسٽي“ (Kyoto Daigaku Katsura) جي ”اربن مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ“ ۾ پروفيسر آهي.
    ان کان علاوه ٻه پروفيسر جوهيءَ جو غلام مرتضيٰ کوسو ۽ عبدالله دايو آهي جيڪي هن وٽ جپان ۾ ايندا رهن ٿا انهن جو تعلق سنڌ يونيورسٽيءَ سان آهي.


    هاراڪِري ـــ پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ....

    پهريون دفعو جپان پهچڻ تي اتي رهندڙ هڪ سنڌي واقفڪار کان جڏهن پڇيو هوم ته هاراڪِري (Harakiri) ڇا آهي ته هن ٻڌايو ته ڇري سان پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ ”هاراڪِري“ سڏجي ٿو.
    ”اها ته مونکي به خبر آهي پر ان پٺيان مقصد يا فلسفو ڇا آهي؟“ مون پڇيو هئومانس.
    ”اهو ئي جيڪو اسان وٽ ڪارو ڪاري جو آهي يعني Honour Killing غيرت ۾ اچي ڪنهن کي مارڻ.“ هن چيو ۽ آئون ان ۾ لڪل ٽوڪ ۽ چرچو سمجھي ويس.
    جپاني زالون هونءَ وڏن سورن ۾ آهن. سڄو ڏينهن پورهيو ڪن، مڙس ۽ ٻارن جي خذمت ڪن ۽ مڙسن جا موچڙا پڻ کائين! ساڳيو حال سنڌي عورت جو آهي _ خاص ڪري هڪ ڳوٺاڻي عورت جو. بقول سنڌياڻي تحريڪ جي زاهده شيخ جي ته هوءَ ڏينهن تتي جو توڙي سياري جي سرد رات ۾ گهر جو ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪري ٿي ۽ مڙس جي ته خذمت چاڪري ڪري ٿي پر ان جي گڏهه ۽ وهٽن جو به خيال رکي ٿي ۽ مڙس کي جڏهن وڻي هن کي غيرت جي نالي ۾ ”ڪاري“ چئي ڪهي ڇڏي. جپاني عورت گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه ۾ خوشنصيب آهي. جپاني مرد کي جڏهن غيرت اچي ٿي، جڏهن هن لاءِ عزت جو سوال پئدا ٿئي ٿو ته هو زال تي ڏنڊو کڻڻ بدران تانتو (ڇرو) کڻي پنهنجو پيٽ چيري پنهنجو انت آڻي ٿو.
    هڪ غيرتمند جپاني مرد، خاص ڪري جنگجو جوڌو، سپاهي، ڪنهن جو جانثار سپاهي يا خذمتگار شرم کان بچڻ لاءِ، ذلت جي زندگي کان بچڻ لاءِ، پڇتاءَ واري حالت ۾ جيئڻ کان عزت جي موت کي ترجيح ڏيڻ بهتر سمجهي ٿو ۽ هن لاءِ عزت جو موت هاراڪِري آهي.
    هاراڪِري (Harakiri) هڪ اهڙي خودڪشي آهي جيڪا ائين ڌوم ڌام سان ڪئي وڃي ٿي جيئن اسان وٽ وڏيري جي پٽ جو طهر يا نڪاح .... جنهن ۾ تر جي خاص ماڻهن کي گهرائي ڳائڻ وڄائڻ سان طهر جي رسم ادا ڪئي وڃي ٿي يا گهوٽ کي موڙ ٻڌي گهوڙي تي سرگس ڪرائي شاديءَ جي رسم ادا ڪئي وڃي ٿي.
    مغربي دنيا ۾ جپان جي هيءَ رسم ”هاراڪِري“ تڏهن مشهور ٿي جڏهن جپان جي مشهور ليکڪ (جيڪو منهنجو پڻ فئوريٽ آهي) مشيما يوڪيو ننڍي عمر ۾ پيٽ ڦاڙي هاراڪِري ڪئي. سندس ڪيترائي ناول ۽ انهن تي ٺهيل انگريزي فلمون دنيا ۾ مشهور آهن.
    جپان جي هن رسمي خودڪشي جو دراصل صحيح نالو سيپُوڪو (Seppuku) آهي پر جپان جي عام ماڻهن ۽ اسان ڌارين جي زبان تي هاراڪِري لفظ وڌيڪَ اچي ٿو. ٻنهي جي معنيٰ پيٽ ڪپڻ آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ٻنهي لفظن جي ڪانجي (شڪلين واري جپاني لکڻي) ساڳي آهي. بهرحال هِتي پاڻ سيپوڪو بدران هاراڪري لفظ استعمال ڪنداسين جيڪو لفظ جپان کان ٻاهر ايترو مشهور آهي جو انگريزي، جرمن، ملئي ۽ ٻين ڪيترن زبانن ۾ شامل ٿي چڪو آهي. ٻي جنگ عظيم ۾ جپان جي فوج پنهنجي پائلٽن کي، جن کي ملايا (اڄ واري ملائيشيا) تي حملو ڪرڻو هو تن کي ڪلمو ياد ڪرائي ڇڏيو هو ته جهاز جي تباهه ٿيڻ تي جھلجڻ تي پنهنجي جان جي بچاءَ لاءِ پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪلمو پڙهجو. جن کي ياد نه هو يا پڪڙجڻ وقت پڙهي نه سگهيا ته دشمن جي حوالي ٿيڻ بدران هنن هاراڪري ڪري ڇڏي. ۽ پوءِ ملائيشيا، سنگاپور وغيره تي جپانين جو قبضو ٿيڻ بعد جڏهن هيروشيما ۽ ناگا ساڪيءَ تي بم ڪريو ۽ جپانين آڻ مڃي ته ملايا ۽ سنگاپور ۾ رهيل ڪيترا جپاني هار جي احساس ۽ شرم کان پنهنجي وطن وڃڻ بدران جنگلن ۾ لڪي ويا يا پنهنجو پيٽ ڦاڙي (رسمي خودڪشي هاراڪري ڪري) پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح هيءَ رسم ايترو ته مشهور ٿي جو هاراڪري لفظ اڄ ڪلهه ملئي ۽ انگريزي ڊڪشنري ۾ به نظر اچي ٿو.
    هاراڪري ڪير ڪن ٿا؟ اڄ کان ٻه سؤ سال کن اڳ هاراڪري فقط سامورائي (جپان جنگجو) سپاهين ۾ مشهور هئي. جنگ هارائڻ جي ڏک ۽ صدمي ڪري، دشمن جي حوالي ٿيڻ کان بچڻ لاءِ يا پنهنجي سردار ڀوتار، جاگيردار جي چوڻ تي هنن هاراڪِري ڪئي ٿي.
    سامورائي (Samurai) لفظ جپاني فعل Samorau مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي خذمت ڪرڻ يعني ”سامورائي“ هڪ خذمتگار ٿيو ــ پنهنجي مالڪ جو خادم.
    هي نوڪرَ، خادمَ، جانثار جيڪي سپاهي ۽ فوجي جي صورت ۾ پنهنجي مالڪ ۽ ان جي ملڪيت جي نگهباني ڪندا هئا، اهي هڪ اخلاقي ڪوڊ مطابق زندگي گذاريندا هئا جيڪو ضابطهِ اخلاق ”بشيدو“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جپاني لفظ Bushido جي معنيٰ ئي آهي ”سپاهين جي رهڻ ڪرڻ جو طريقو.“ هارا ڪري پيٽ چيري خودڪشي ڪرڻ، ان بشيدو فلسفي جو هڪ حصو سمجھي وڃي ٿي. بشيدو فلسفي مطابق جيڪڏهن هڪ سپاهي، ويڙهاڪ جنگجو ويڙهه هارائي وجھي يا مالڪ جي صحيح خذمت سرانجام نه ڏئي سگهي ته ان شرمساري کان بچڻ ۽ سندس پوين کي ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ لاءِ هن کي هاراڪري ڪرڻ کپي. بشيدو ڪوڊ ۾ فقط هاراڪِري نٿو اچي. ان ۾ ٻيون به ڳالهيون شامل آهن جيئن ته ٻارن کي ڪيئن نپائجي، ڪيئن اٿجي وهجي ۽ موت لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ کپي ۽ موت لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ کپي.
    هاراڪِري يعني پيٽ چيرڻ لاءِ جيڪو خاص خنجر استعمال ٿئي ٿو ان کي جپاني ۾ Tanto سڏين ٿا. هاراڪري شادي ۽ طهر جي رسم وانگر ڳائي وڄائي به ڪئي وڃي ٿي يعني دعوتين کي گهرائي باقاعدگي سان به ته لڪ چوريءَ گهر جي ڪنڊ پاسي ۾ اڪيلي سر پڻ، يا جنگ جي ميدان تي ڪنهن خاموش ڪنڊ تي جھٽ پٽ ۾ به سرانجام ڏئي سگهجي ٿي.
    جنگي دنيا ۾ ’هاراڪِري‘ هڪ بهادري جو ڪم مڃيو ويو ٿي. اهو سپاهي واکاڻ جوڳو سمجھيو ويو ٿي (۽ اڄ به سمجهيو وڃي ٿو) جيڪو ويڙهه هارائڻ، ذليل ٿيڻ يا سخت زخمي ٿيڻ وقت هاراڪري ڪري ٿو. سمجهو ته بقول جپانين جي هو شهادت جو جام نوش ڪري ٿو.
    اهڙي سپاهيءَ ڄڻ ته پنهنجي خواري پنهنجي ساهه سان گڏ ختم ڪري ڇڏي. ان جو اولاد شرمسار ٿيڻ بدران ڳاٽ اوچو ڪري هلي ٿو. ”هاراڪري“ ذريعي يعني پنهنجو پيٽ چيري آپ گھات ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. دل يا ٻئي ڪنهن اهڙي عضوي ۾ گولي يا ڇُرو لڳڻ سان انسان يڪدم مريو وڃي پر پيٽ ۾ ڇرو (خنجر) کپائي ان سان پيٽ کي ساڄي کاٻي ۽ هيٺ مٿي چيهڪ ڏيڻ سان ماڻهوءَ جو موت يڪدم نٿو اچي. آنڊا ٻاهر نڪريو اچن ۽ جڏهن تمام گهڻو رت وهي ٿو پوءِ هو مري ٿو. ان دوران هو ذبح ٿيل ڪڪڙ وانگر زمين تي ڦٿڪندو رهي ٿو. ان ڦٿڪڻ واري کي بي عزتي کان بچڻ لاءِ ۽ پٺيان ڪرڻ بدران اڳيان ڦهڪو ڪرڻ لاءِ هو پنهنجن گوڏن کي مضبوط ٻڌي ٿو. هي موت تمام گهڻو تڪليف وارو ٿئي ٿو ۽ هاراڪري ڪرڻ وارو گهڻو ڪري پاڻ سان گڏ هڪ ساٿي ڀر ۾ بيهاري ٿو جيڪو جپاني زبان ۾ ڪائي شاڪونين (Kaishakunin) سڏجي ٿو. گهڻي سور ۽ پيڙا جي حالت ۾ اهو ڪائي شاڪونين کي اشارو ڪري ٿو جيڪو خنجر سان هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪريو ڇڏي. پر ان لاءِ به ضروري آهي ته هو بيحد قابل هجڻ کپي ۽ هو خنجر سان اهڙي طرح واري ڪري جو سر ڌڙ کان صفا ڌار نه ٿئي. ٿوري کل رهڻ کپي. مشهور ناول نويس مشيما يوڪيو جڏهن ”هاراڪري“ ڪئي هئي ته هن جو سر ڪپڻ وارو ساٿي 25 سالن جو نوجوان ماساڪاتسو موريتا ٿيو هو. موريتا اسانجو همعمر هو يعني 1944ع ۾ ڄائو ۽ ٽوڪيو جي واسيدا يونيورسٽي مان 1967ع ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد مشيما جي سنگت ۾ آيو ۽ مشيما جا پرستار اسين پاڪستاني جهاز ”سندر بنس“ جا مئرين انجنيئر پڻ ان وقت کان هئاسين جڏهن 1969ع ۾ اسانجو هي جهاز ناروي جي بندرگاهه ۾ بيٺل هو جِتي اسان کي پهريون دفعو مشيما جا انگريزي ترجمو ٿيل ناول ملي ويا هئا ۽ اسان کي هن جي لکڻيءَ تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. مشيما 1970ع ۾ نومبر جي مهيني ۾ هاراڪري ڪئي.
    انهن ڏينهن ۾ ”سندر بنس“ جهاز جو منهنجو هڪ دوست بديع زمان جيڪو ”راوي“ نالي جهاز تي بدلي ٿي ويو هو، ان وقت ٽوڪيو ۾ هو جنهن مونکي ان ڏينهن جي جپان مان نڪرندڙ انگريزي اخبار اشائي پوسٽ ذريعي موڪلي ڏني هئي ته پنهنجو دلپسند ليکڪ هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. ان اخبار موجب مشيما جڏهن هاراڪري ڪئي يعني خنجر سان پيٽ چيريو ۽ شديد تڪليف ٿيس ته هن پنهنجي مٿئين ساٿي ماساڪاتسو کي سر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ جو اشارو ڪيو. ماساڪاتسوءَ ٽي دفعا خنجر جا وار ڪيا پر افسوس جو ٽئي دفعا هن کان نشانو خطا ٿي ويو. ان بعد مشيما جي هڪ ٻئي ساٿيءَ اهو ڪم سرانجام ڏنو. ماساڪاتسوءَ کي پنهنجي ان ناڪاميءَ تي اهڙي ته شرمساري ٿي جو هن مشيما واري تانتو (خنجر) سان پاڻ به پنهنجو پيٽ ڦاڙي ”هاراڪري“ ڪري ڇڏي. بهرحال هاراڪري جيڪا جپان ۾ جنگي جوڌن، سپاهين ۽ جانثار خذمتگارن کان شروع ٿي اڄ جپان جا شاعر، اديب، سياستدان پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر به ڪن ٿا. تازو هينئر جپان جي وزير اعظم ڪرپشن جي چارج لڳڻ تي پنهنجي عهدي تان استيفا ڏني ته مون سندس عظمت جي واکاڻ پنهنجي هڪ جپاني دوست سان ڪئي.
    ”اها ته ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي،“ هن وراڻيو، ”کيس هاراڪِري ڪرڻ کپي.“
    آئون ان پوزيشن ۾ ته آهيان ئي ڪونه جو کيس چوان ته صحيح ٿو چوين اسانجي ملڪ ۾ به سياستدان هاراڪري ڪن ٿا. پر چڱو جو اسانجا سياستدان نٿا ڪن. ڇو جو هو غيرتمند ٿي پنهنجي غلط ڪارين خاطر هاراڪري ڪن ته پوءِ اسان وٽ باقي سياستدان بچندائي ڪيترا؟؟!
    هاراڪري (پيٽ ڦاڙي خودڪشي) ڪرڻ جي رسم پوئواري لاءِ ڪافي ساٽ سوڻ يا ريتون ادا ڪيون وڃن ٿيون. هاراڪري ڪرڻ وارو همراهه پنهنجي پيٽ کي چيرڻ يعني Harakiri ڪرڻ کان اڳ پهرين وهنجي سهنجي اڇو وڳو اوڍي ٿو جيڪو رنگ سندس ارادي جي پوتر پڻي جو اظهار ڪري ٿو. ان بعد هن کي هن جي پسند جي ماني پيش ڪئي وڃي ٿي. ماني کائڻ بعد ٿانوَ ٿپا کڻي هن جي اڳيان پيٽ چيرڻ لاءِ تانتو (خنجر) رکيو وڃي ٿو جنهن سان هو فقط پيٽ کي سڌا ۽ اڀا چيهڪ ڏيئي سگهي ٿو. پيٽ ڦاڙڻ سان آنڊا گجيون ته ڪپجيو وڃن پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو نٿو مري يا مرڻ ۾ دير ٿو لڳائي، يا هن کي سخت اذيت ٿي پهچي ۽ هاراڪري ڪرڻ واري لاءِ اها وڏي بي عزتي آهي ته هو سور کان دانهون ڪري. ان ڪري هاراڪري ڪرڻ وارو جپاني جيئن ئي پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي ته پنهنجو هڪ اسسٽنٽ يا ساٿي ڳوليندو آهي جيڪو ڪائيشاڪونين سڏجي ٿو ۽ هن کي ان جي قابل سمجھيو وڃي ٿو ته هو هڪ ئي وار سان هاراڪري ڪرڻ واري جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري سگهندو. هونءَ ڏٺو وڃي ته ٽيڪنيڪلي هاراڪري سان ماڻهوءَ جو موت نٿو اچي. هاراڪريءَ سان هن جو فقط پيٽ چيرجي ٿو. ان بعد هو مرڻ نه چاهي ته ممڪن آهي ته هن جو پيٽ سبي بچاءُ ڪري سگهجيس ٿو. پر هاراڪري ڪرڻ وارو جيئن ته پنهنجو پيٽ چيرڻ کان علاوه هن جهان مان لاڏاڻي ڪرڻ جو پڪو عزم رکي ٿو ان ڪري هو پاڻ سان Kaishakunin يعني جلاد آڻي ٿو جيڪو سندس سِسي ڪپي ساهه ڪڍي ٿو. هاراڪري لاءِ صحيح جاءِ ڪو باغيچو يا ٻڌ مندر سمجھيو وڃي ٿو. ياد رهي ته جپان ۾ ٻن قسمن جا ڌرم ۽ مندر آهن ـــ ٻڌ ڌرم جا مندر جِتي گوتم ٻڌ جي مورتي رکيل ٿئي ٿي جنهن جي پوڄاپاٺ ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻيا شنتو ڌرم جا مندر جِتي جپاني پنهنجي وڏن جي روحن کي خراج تحسين بخشين ٿا. هاراڪري لاءِ شنتو ڌرم جا مندر ايترو مناسب نٿا سمجھيا وڃن ٿا. هاراڪري لاءِ رکيل خنجر سان گڏ شراب جو گلاس به رکيو وڃي ٿو جنهن کي ڀرڻ لاءِ مقرر ٿيل ماڻهو کاٻي پاسي کان اچي، ان کي کاٻي هٿ سان ساڪي شراب سان ڀري ٿو. ساڄي هٿ سان گلاس ڀرڻ يا ساڄي پاسي کان بيهڻ، بيحد خراب سمجھيو وڃي ٿو. گلاس ۾ ڀريل ساڪي شراب کي هاراڪري ڪرڻ واري کي پورن ٻن ڍُڪن ۾ پيئڻو پوندو آهي. هڪ ڍڪ ۾ پيئڻ وارو لالچي سمجھيو وڃي ٿو. ٽن يا مٿي ڍڪن ۾ گلاس خالي ڪرڻ واري کي نروس ۽ ڊڄڻو سمجھيو وڃي ٿو. گلاس ڀرڻ وارو هڪ دفعو وري گلاس ۾ شراب اوتيندو آهي جيڪو هاراڪري ڪرڻ وارو وري ٻن ڍُڪن ۾ ختم ڪندو آهي. اهي ٿيا ٽوٽل چار ڍُڪ. جپاني زبان ۾ چئن جي انگن کي ”شي“ به سڏين ان ساڳي لفظ جي معنيٰ موت به آهي. جپاني ان قسم جي ڳالهين تي گهڻو ڀاڙين ٿا. هنن لاءِ ڪجهه انگ وڏي نوعيت رکن ٿا.
    ساڪي شراب پيئڻ بعد هاراڪري ڪرڻ واري اڳيان پنو ۽ پين رکيو وڃي ٿو جيئن ”جيسيئي“ لکي سگهي. Jisei مرڻ جي شاعريءَ جو نالو آهي۽ جپاني ادب ۾ Death Poem وڏي اهميت رکي ٿو. ڪجهه جپاني ماڻهن جا موتي شعر (Jisei) نموني خاطر هيٺ لکان ٿو. اهي شعر گهڻو ڪري واڪا اسٽائيل ۾ ٿين. جپاني شعر Waka پنجن سٽن جا ٿين جن مان پهرين ۾ پنج، ٻي سٽ ۾ ست، ٽيءَ ۾ به ست، چوٿينءَ ۾ پنج ۽ آخري پنجين سٽ ۾ ست Syllables (اُچار) ٿين. پر ڪن جا شعر بي ترتيب، هائيڪو، سينرو ۽ ٻين صنفن ۾ به ٿين. شنسوئي نالي هڪ ٻائي جڏهن هاراڪري ٿي ڪئي ته سندس هڪ مريد هن اڳيان پنو ۽ برش وڌائيندي ڪو موت جو شعر لکڻ لاءِ عرض ڪيو. ٻائي برش کڻي شعر لکڻ بدران فقط گولو ٺاهيو. گول چڪر زين ٻڌ ڌرم (ٻڌ ڌرم جي شاخ جيڪا جپان ۾ مشهور آهي) ان مطابق وڏي اهميت رکي ٿو. اهو نور، پاڪائي ۽ هر ڳالهه جي نمائندگي ڪري ٿو.
    موت جي شاعري لکڻ بعد هو پنهنجو ڪمونو (چولو) هٽائي خنجر سان پيٽ ڦاڙي ٿو. سندس ساٿي ڪائيشاڪونين خبردار ٿيو وڃي ۽ جيئن ئي هن کي اشارو ملي ٿو يا هو سمجھي ٿو ته هاراڪري ڪرڻ وارو سور جو اظهار ڪري رهيو آهي ته هو پنهنجي خنجر سان هن جو سر ڌڙ کان اهڙي طرح ڌار ڪري ٿو جو اهو صفا الڳ ٿيڻ بدران ٿوري کل ذريعي ڳچيءَ سان ڳنڍيل رهي.
    جپاني صدين تائين پاڻ کي دنيا کان جدا رکندا آيا ۽ سندن انهن ڳالهين جي ڌارين کي خبر ئي نٿي پيئي. پهريون دفعو جنهن ڌارئين ماڻهو هاراڪري وارو لقاءُ ڏٺو اهو فرانس جي هڪ جهاز جو ڪئپٽن هو. 15 فيبروري 1868 تي فرانس جي ڊپليڪس نالي جهاز جا يارهن خلاصي بنا اجازت جي اوساڪا جي ڀرسان هڪ شهر ساڪائي ۾ گهڙي پيا. شهر جي رهواسين غيرجپانين کي ڏسي گوڙ ڪيو ۽ پوليس کين واپس جهاز تي موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ يارهن ئي خلاصي مارجي ويا. فرينچ حڪومت جي احتجاج تي جپاني حڪومت معاوضي طور ڏيڍ لک يين ڀري ڏنا ۽ جيڪي هن واردات جا جوابدار هئا انهن کي موت جي سزا ڏني وئي. هنن کي هاراڪري ڪرڻ لاءِ چيو ويو جيڪو ڪم جهاز جي ڪئپٽن اڳيان شروع ڪيو ويو. ههڙي نموني جو موت ڏسي جهاز جي ڪئپٽن کي ايڏو ته صدمو رَسيو جو هن کين معاف ڪرڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ اهڙي طرح نو ڄڻا هاراڪِري کان بچي ويا. هي واقعو جپان جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس موري اوگائيءَ وڏي ڊرامائي انداز ۾ Sakai Jiken نالي افساني ۾ بيان ڪيو آهي. موري اوگائي جپان جي آرمي ۾ ڊاڪٽر، شاعر ۽ ترجميڪار پڻ هو. پاڻ جرمنيءَ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ رهيو. سندس ڪيترائي شاعري جا ڪِتاب ۽ ناول آهن جن مان هڪ ”مائيهيمي“ پڻ آهي جنهن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ”دي ڊانسنگ گرل“ 1890ع ۾ ڇپيو هو. هن ۾ جپاني مرد ۽ جرمن عورت جي معاشقي جو قصو آهي، ان کان علاوه The Wild Geese ۽ ”دي مسٽريس“ پڻ سندس بهترين ناول آهن، جيڪي انگريزي ۾ ترجمو ٿيل آهن. موري جنهن گهر ۾ رهيو اهو اڄ به ان حالت ۾ ساڳيو رکيو ويو آهي ۽ ڪوڪورا شهر جِتي آئون چئن مهينن کان رهيل آهيان، ان جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان آهي. هِن گهر ۾ رهي موري اوگائيءَ مشهور ڪِتاب ”ڪوڪورا نڪي“ يعني ڪوڪورا جي ڊائري لکيو. سندس گهر اڳيان سندس مورتي پڻ رکيل آهي.
    هاراڪِري بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ اکين ڏٺو احوال Tales of Old Japan نالي ڪِٽاب ۾ پڻ آهي جيڪو ڪِتاب جپان ۾ 1860 واري ڏهاڪي ۾ انگلنڊ جي سفير فريمن مٽفورڊ لکيو آهي جنهن جو گهر ”47 رونين“ جي دفن واري جاءِ جي بلڪل ويجھو هو. 47 واري سچي ڪهاڻي جيڪا مٽفورڊ پڻ پنهنجي ڪِتاب ۾ لکي آهي، جپان ۾ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ اها ڪهاڻي سچائي، وفاداري ۽ دليري جي علامت سمجھي وڃي ٿي.
    رونين (Ronin) جپان ۾ ان سپاهي، جنگجو، خادم کي سڏيو وڃي ٿو جيڪو مالڪ بنا آهي. يعني هن جو ڀوتار ڪنهن ويڙهه ۾ مارجي ويو آهي يا خودڪشي ڪري ڇڏي اٿس يا هن جي مالڪ کان ’شهنشاههِ جپان‘ جاگيرون ۽ سهولتون کسي ورتيون هجن. هونءَ به رونين جي لفظي معنيٰ بي گهر ماڻهو يا ڀٽڪندڙ ماڻهو آهي. اهڙي سپاهيءَ کي جيڪو رونين ٿي پيو هجي جپاني بشيدو اخلاق مطابق هاراڪري ڪرڻ کپي. هي ”47 رونين“ جو واقعو هڪ قومي ليجنڊ سمجھيو وڃي ٿو جنهن ۾ 47 سمورائي (جنگجو سپاهين) رونين بنجڻ تي هاراڪري ذريعي پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو ۽ هو اهڙي طرح جپان جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ هيرو بڻجي ويا. هنن 47 رونين (جن هاراڪري ڪئي) جي ڪهاڻي جپان جي مختلف ڪِتابن، ڊرامن، ڪبوڪي اسٽيج ڊرامن، ٽي وي سيريلن ۽ آرٽ جي دنيا ۾ بيان ڪئي وئي آهي. هنن 47 رونين مان ڪيترن جون ـــ خاص ڪري او اِشي جون، ڪيترن هنڌن تي مورتيون (Statues) به نظر اچن ٿيون.
    هارا ڪري ـــ پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ جي جپاني رسم بابت لکندي آخر ۾ ڪجهه موتي شعر (Death Poem) تي ڪجهه لکڻ بي محل نه ٿيندو. جپان جيڪو هڪ ڌارئين کي پهرين نظر ۾ ماڊرن ٽيڪنالاجي جو ملڪ لڳي ٿو اتي صدين کان مذهبي روايتون، وڏن جا حق ادب رکڻ ۽ شعر و شاعري جهڙيون ڳالهيون پڻ ماڻهن جي دل و دماغ تي ڇانيل آهن. شادي ته ماڻهو ٻيو دفعو به ڪري ٿو پر ”هاراڪري“ ذريعي موت کي ڀاڪر پائڻ جو موقعو فقط هڪ دفعو ئي ملي ٿو. خودڪشي (هاراڪري) ڪرڻ وقت هِتي جا ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا ٻاوا ٻانڀڻ (ڀکشو)، انهن جا شاگرد، اديب ۽ شاعر وغيره پنهنجي پيٽ ۾ ڇرو هڻڻ کان اڳ يادگار خاطر ڪجهه سٽن جو شعر لکن ٿا. منهنجي ڊائريءَ ۾ ڪجهه جپاني Jisei No Ku يعني موتي شعر لکيل آهن جن مان ڪجهه هِتي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ لکان ٿو.

    * هٿين خالي آيس، آئون هن دنيا ۾
    اگھاڙن پيرن سان ڇڏيان پيو.
    منهنجو اچڻ، منهنجو وڃڻ
    ٻه مختصر واقعا
    جيڪي آهن منجھيل هڪ ٻئي ۾.

    * ماڪ جي ڦڙن جيان
    ڪنول جي پن تي
    آئون غائب ٿي ويندس.

    * سرءَ جو گاهه، هاڻ سڪل آهي
    ڪنهن وقت اهو هيڏانهن مڙي،
    هوڏانهن ٿي مڙيو!

    * هڪ پوراٽيل ڪاٺيءَ وانگر
    جيڪا اڌ زمين اندر آهي ـــ
    منهنجي زندگي، جنهن ۾
    ڪا بهار نه آئي
    غمگين خاتمي سان پوري ٿي رهي آهي.

    * Nora Ni Saku
    Na wa kore made zo
    Kusa no hana

    رومن جپاني ۾ لکيل مٿيون شعر هن ريت پڙهيو وڃي ٿو:
    نورا نِي ساڪُو ــ ناوا ڪورِي مادي زو ــ ڪُوسانو هانا

    (ڌرتي ۽ ڌاتو.....
    جيتوڻيڪ منهنجو ساهه بند ٿي ويندو
    وقت ۽ وير جو سفر هلندو رهندو.

    * Koko Chiyoshi
    Aki no hiyori O,
    Shide no tabi

    (روشن ۽ وڻندڙ
    چونڊيل بهار جو ڏينهن
    موت جي سفر لاءِ)

    ۽ آخر ۾ هڪ ٻيو موت جو شعر جيڪو جپان ۾ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ 1795ع جو چيو وڃي ٿو).

    Jisei to Wa
    Sunawachi mayoi
    Tada Shinan

    (موت جا شعر
    هڪ خود فريبي ئي آهي،
    موت موت آهي.)


      جپانين جا دلپسند بنگالي

    جپان جو وزير اعظم شنزو نه فقط بينظير جو هم عمر آهي پر هن وانگر سياسي خاندان ۾ ڄائو. جپان جي Seikei يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هن وڌيڪَ تعليم آمريڪا مان حاصل ڪئي. سندس پيءُ ڪان ۽ ڏاڏو شنتارو جپان جا اهم سياستدان هئا ۽ سندس نانو نوبسوڪي 1957ع کان 1960ع تائين جپان جو وزير اعظم ٿي رهيو.
    گذريل سال جڏهن شنزو جپان جو وزير اعظم چونڊيو ويو ته هو بينظير وانگر ملڪ جو ننڍي ۾ ننڍو وزير اعظم هو. حڪومت جي ڪوتاهين ڪري ۽ مٿس ڏوهه اچڻ تي هن وڌيڪَ ان اعليٰ رتبي تي رهڻ بدران استعيفا ڏيئي ڇڏي. جپانين ۾ ان قسم جي بيحد گهڻي غيرت آهي. جپان جي جنهن شپ يارڊ سان آئون لاڳاپيل هوس ان جي چيئرمين نوڪريءَ تان ان ڪري استعيفا ڏيئي ڇڏي جو ان شپ يارڊ ۾ ٺهندڙ پنجن جهازن مان هڪ جي مشينري فِٽ ڪرڻ دوران سندس هڪ انجنيئر کان غلطي ٿي ويئي جنهن ڪري شپ يارڊ جي ساک کي ڪجهه ڇيهو رسيو. ان شپ يارڊ ۾ مون سان گڏ ڪم ڪندڙ جپاني اليڪٽرانڪ انجنيئر منهنجي تعجب تي وراڻيو: ”ڪا اهڙي ڳالهه ناهي. کيس ’هاراڪِري‘ ڪرڻ کتي ٿي.“ يعني نه فقط نوڪري ڇڏڻ کَتيس ٿي پر جپاني روايتي خودڪشي مطابق ڇري سان پيٽ ڦاڙي پاڻ کي مارڻ کتو ٿي. جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته ٻڏي مرڻ کپي. پر اسان وٽ اهو جملو فقط چوڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. اسان وٽ ڪنهن به سياستدان، حاڪم، اداري جي سربراهه يا ڊاڪٽر انجنيئر کي ايترو شرم ته نٿو اچي جو ٻڏي مري پر پنهنجي عهدي تان استعيفا به نٿو ڏئي. جپان جو وزير اعظم شنزو پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ کان اڳ انڊيا آيو هو جنهن جي خبر نه فقط انڊيا ۽ جپان جي اخبارن ۾ پر دنيا جي سڀني اهم اخبارن ۾ شايع ٿي هئي. هن انڊيا جي پارليامينٽ ۾ پنهنجي تقرير دوران انڊيا جي هڪ جج راڌا بنود کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ان بعد هو ڪلڪتي روانو ٿيو جِتي جج صاحب جي 81 سالن جي پٽ پراسانتا سان ملاقات ڪئي.
    اها خبر پڙهي ٽوڪيو ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني پروفيسر مون سان حيرت جو اظهار ڪيو. ”يار ڪمال آهي!“ هن مونکي فون تي چيو، ”جپاني ماڻهو هونءَ ته ڪنهن ايشيائيءَ کي لفٽ ئي نه ڪرائين پر هن بنگاليءَ جي وڏي لئه چئبي جو ملڪ جو وزير اعظم هلي ملي ڪلڪتي سندس گهر ويو آهي.“
    مون کيس ٻڌايو ته جپانين وٽ نه فقط راڌا بنود جي پر هڪ ٻئي بنگالي سڀاش چندر ڀوش جي به وڏي لئه ويٺل آهي. ”مون کي لڳي ٿو ته تو ٽوڪيو ۾ هوندي سوندي اڃان اتي جي هڪ ياسوڪوني نالي جنجا (درگاهه) نه ڏٺي آهي؟“ مون چيومانس.
    ”ڇو ڀلا؟“ هن پڇيو.
    ”اڄ ئي ڏسڻ وڃجانءِ.“ مون کيس چيو، ”ان ۾ انهن جپاني سپاهين جون قبرون ۽ ڪتبا نظر ايندءِ جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ جپان جي شهنشاهه ڪارڻ وڙهندي مارجي ويا. ان درگاهه ۾ توکي هن بنگالي جج راڌا بنود جي مورتي به نظر ايندي.“
    ياسوڪوني جپان جي هڪ تمام اهم درگاهه (Shrine) ٽوڪيو ۾ آهي. هن قسم جي درگاهن کي جپاني زبان ۾ ”جنجا“ سڏجي ٿو. جپان ۾ ٻن قسمن جا ڌرم آهن. هڪ ٻڌ ڌرم جن جي مندر ۾ گوتم ٻڌ جي مورتي ٿئي جنهن کي هي ماڻهو پوڄين. جپان ۾ ٻيو شنتو ڌرم آهي. هن ڌرم موجب جپاني پنهنجن وڏن جي روحن کي پوڄين ٿا. ٽوڪيو جي هن جنجا (درگاه) ”پاسوڪوني“ جو واسطو شنتو ڌرم سان آهي يعني هيءَ درگاهه انهن مري ويلن جي روحن لاءِ منسوب ٿيل آهي. جيڪي فوجي سپاهي يا ٻيا اهڙا ماڻهو هئا جن جو موت جپان جي شهنشاهه خاطر وڙهندي ٿيو. ٽي سال اڳ جپان ۾ هڪ ڪِٽاب ڇپيو هو Book of Souls. ان ۾ انهن ماڻهن جا نالا ڏنل آهن جن پنهنجو پاڻ شهنشاههِ جپان کي ارپيو ۽ جن جي روحن نالي هي جنجا منسوب ٿيل آهي. انهن نالن ۾ پنجويهه لک جپاني مرد ۽ عورتون آهن ۽ اڌ لک کن تائيواني ۽ ڪورين آهن جيڪي شهنشاهه جپان خاطر مختلف جنگيون وڙهندي مارجي ويا.
    ٽوڪيو جي هيءَ درگاهه (جنجا) پاسوڪوني 1869ع ۾ بوشن جنگ کان پوءِ ٺهرائي ويئي جيڪا ميئجي گهراڻي کي قائم رکڻ لاءِ 1867ع ۾ وڙهي ويئي جنهن ۾ اٺ هزار کن جپاني مارجي ويا هئا. ان بعد ٻين جنگين جا شهيد آهن .... ويندي آخر جنگ ٻي ورلڊ وار (عالمي لڙائي) جا پڻ. هن درگاهه طرفان مليل هڪ بروشر تي لکيل آهي ته:

    “War is a really tragic thing to happen, but it was necessary in order for us to protect the independence of Japan and to prosper together with our Asian neighbours.”

    ان ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته ٻي جنگ عظيم ۾ آمريڪا جپان جي شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ائٽم بم ڪيرائي جپان کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ جپان کي آڻ مڃڻي پيئي ۽ پوءِ جپان جي بچيل اهم سولجرن کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا الائيڊ فورسز جي ملڪن جا نو جج مقرر ڪري الائيڊ فورسز طرفان جيڪو هٿ ٺوڪيو ٽربيونل ٺاهي جپاني فوجين تي ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو ـــ انهن اهم جپاني فوجي جرنيلن مان ڪن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويئي ته ڪن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو جن ۾ هائديڪي توجو، سائيشيرو، ڪِمورا، ڪوڪي هيروتا جهڙا مشهور فوجي جرنل به اچي وڃن ٿا ۽ ملٽري ٽربيونل طرفان اهي سڀ “Class A” ڏوهاري قرار ڏنا ويا ـــ يعني اهي وڏا ظالم ۽ ڏوهاري هئا ۽ انهن انسان ذات سان اهڙا ته ظلم ڪيا جو ويندي سندن هم وطني جپانين کي هنن سان نفرت ڪرڻ کپي.
    شروع جا سال جپاني خوف کان آمريڪن سان ها ۾ ها ملائيندا رهيا پر پوءِ هنن Class A ڏوهارين کي ظالم قبول ڪرڻ بدران کين شهادت جو درجو ڏيئي سندن نالا ٽوڪيو جي هن ياسوڪوني درگاهه ۾ ڏئي ڇڏيا جيئن جپاني انهن مري ويلن جي روحن جي پڻ پوڄا پاٺ ڪن. الائيڊ فورسز طرفان ڪورٽ ۾ فيصلو ڏنل انهن ”اي ــ ڪلاس“ ڏوهارين جا نالا پڻ هن تازي ڇپيل ڪِتاب Book of Souls ۾ ڏنا ويا آهن. ان ڪري يورپين ۽ آمريڪن سان گڏ ڪيترن ايشيائي ملڪن جي ماڻهن لاءِ هيءَ درگاهه Controversy جو سبب بڻجي پيئي آهي. ڪي هن درگاهه ۾ وڃڻ سعادت سمجھن ٿا ته ڪي هن درگاهه کان نفرت ڪن ٿا.
    سوال ٿو پئدا ٿئي ته انڊيا جي بنگالي جج راڌا بنود پال جو هن درگاهه سان ڪيئن واسطو بڻيو. جپاني اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڻ کان علاوه دنيا جي باقي ملڪن جي ماڻهن کي چماڙ ۽ چوڙهيا سمجھن ٿا سو هڪ هندوستانيءَ کي ايڏو مان مرتبو ڪيئن ڏنائون جو هن جي روح جي نه فقط عبادت ڪئي وڃي ٿي پر هن جي فاني جسم جي خوبصورت مورتي به ٺاهي هن درگاهه ۾ رکي وئي آهي!
    جپان تي قبضي بعد آمريڪا ۽ برطانيه يارهن ملڪن جي ججن جو هڪ پئنل مقرر ڪري جپاني جنگي قيدين تي ڪيس هلايو. اهي سڀ جج آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن جا هوا سواءِ هڪ راڌابنود پال جي جيڪو ڪلڪتي انڊيا کان گهرايو ويو هو. سڀني ججن جپاني قيدي سپاهين کي ڏوهاري قرار ڏيئي ڦاهي يا عمر قيد جي سزا جو حڪم ڏنو پر انڊيا جي هن جج راڌا بنود ان “Tokyo Trail” کي ناانصافي ۽ بد ديانتي تي جوڙيل قرار ڏنو. هن جي راءِ مطابق:
    “……. The trail was the judgement of the vanquished by the victors: such proceedings in the garb of law, resulted in nothing but the satisfaction of the desire for vengeance.”
    راڌا بنود جو چوڻ هو ته جپان اهو ئي ڪم ڪري رهيو هو جيڪو هن کان اڳ يورپ جا ملڪ ڪري رهيا هئا ۽ اهڙي طرح اهي به ڏوهاري قرار ڏنا وڃن. راڌا بنود جو چوڻ هو ته آمريڪن جپان تي بم ڪيرائي هڪ طرف لکين ماڻهن جون جانيون تباهه ڪيون ۽ ٻي طرف جپان کي وڌيڪَ وڙهڻ لاءِ ڀڙڪايو. راڌا بنود ان ۾ يقين ٿي رکيو ته ٻي جنگ عظيم ايشيا جي ملڪن کي يورپي ملڪن جي پنجوڙ مان آزاد ڪرڻ لاءِ وڙهي ويئي هئي. بهرحال هن انڊين جج کي ٻين ججن کان مختلف راءِ ڏيڻ ۽ جپانين جو پاسو کڻڻ تي، جپاني قوم هن کي هيرو سمجھي ٿي ۽ سندس روح کي تسڪين پهچائڻ لاءِ سندس مورتي (statue) ٽوڪيو جي ياسوڪوني shrine ۾ رکيو ويو آهي ۽ جپان جو وزير اعظم انڪري انڊيا اچڻ تي راڌا بنود جي پٽ پراسانتا سان ڪلڪتي ملڻ ويو.
    جسٽس راڌا بنود پال 1886 ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو ۽ اتي ئي 1967ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ڪلڪتي جي ڪورٽ جو جج هو. هِتي اهو پڻ لکندو هلان ته سندس نالو راڌا بنود نه پر راڌا ونود هو پر بنگالي زبان ۾ جيئن ته ”و“ جو اچار ناهي ان ڪري ”و“ بدران ”ب“ اکر استعمال ٿئي ٿو. چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ جي تعليم دوران اسان جي هڪ ڪلاس ميٽ ڪئپٽن بشير وسطڙو کي مڪاني بنگالي بشير بسترو سڏيندا هئا. ان جو هڪ ٻيو مثال بنگلاديش جي BIMAN ايئر لائين آهي جيڪو اصل هندي لفظ ويمال آهي.
    ٽوڪيو ۾ جڏهن آئون رهندو هوس ته لاهور جو ملڪ علي اصغر جيڪو اتي سيڪنڊ هئنڊ موٽرڪارن جو بزنيس ڪندو هو ۽ پيپلس پارٽي جو پوئلڳ هو اهو هن بنگالي جج لاءِ چوندو هو ته هي جپانين لاءِ ائين آهي جيئن اسان لاءِ جسٽس دوراب پٽيل. ياد رهي ته ذوالفقار ڀٽي جي ڦاهي واري ڪيس ۾ جٽس دوراب پٽيل ٻين ججن کان مختلف فيصلو ڏنو هو. جسٽس دوراب پارسي (Zoroastrian) هو. پاڻ 1924 ۾ ڪوئيٽا ۾ ڄائو. ٻن سالن جو ٻار هو ته سندس والده گذاري ويئي. سندس پيءُ هڪ امير واپاري هو. مختلف اسڪولن مان پڙهڻ بعد هن بمبئي يونيورسٽي مان گرئجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ لنڊن جي اسڪول آف ايڪانامڪس مان ڊگري حاصل ڪري ڪراچي ۾ وڪالت ڪندو جج ٿيو ۽ 1981ع ۾ جنرل ضياالحق جي حڪومت ۾، هن اصولن تي استعيفا ڏني ۽ زندگيءَ جا باقي ڏينهن انسان ذات جي حقن لاءِ پاڻُ پتوڙيندو رهيو. جسٽس دوراب پٽيل جو هڪ ڪِتاب ”پاڪستان ۾ آمريت اور جنون ڪا ڪردار“ پڙهڻ وٽان آهي.
    شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته جپانين لاءِ انڊيا جا ٻه بنگالي وڏي اهميت ۽ عزت رکن ٿا. هڪ جسٽس راڌا ونود پال جنهن جو ذڪر ٿي چڪو ۽ ٻيو هندستان جي آزادي جي تحريڪ جو هڪ نيتالي (ليڊر) سباش چندر بوس. جپان جي هڪ سفرنامي ”ڪراچي کان ڪوڪورا“ ۾ گيشائن جو تفصيلي احوال لکيو اٿم ته هنن وٽ ملڪي توڙي غير ملڪي اهم شخصيتون سياستدان، وزير، فوجي، ڪامورا، ڌرمي ماڻهو وڏا وڏا واپاري ۽ ناليرا لچا لفنگا ۽ ڌاڙيل خوني اچن ٿا جيڪي پنهنجا ڪيترائي راز هنن جي پيار ڀري صحبت ۾ سلين ٿا. هر گيشيا جي پيٽ ۾ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جا ڪهڙا ڪهڙا راز رهن ٿا پر هو پنهنجي اصول مطابق مرڻ کي ترجيح ڏين ٿيون پر راز ڪنهن سان هرگز نٿيون سلين. اهڙين گيشائن مان هڪ ڪيهارو (Kiharu Nakamura) جو احوال لکيو هوم جيڪا نه فقط آرٽ ۽ فن جي مڃيل ماهر هئي پر انگريزي زبان جي به ڄاڻو هئي. پاڻ مشهور ليکڪا ۽ پائلٽ به هئي. سندس ڇهن ڪِتابن مان Memories of Tokyo Born Geisha ۽ Lexicon of Obselete with Japanese Phrases بيسٽ بُڪس شمار ڪيا ويا آهن. پاڻ 1913ع ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائي ۽ ٻي جنگ عظيم وارا سال سندس ڦُوهه جواني جا هئا. مٿس جپان جي فوج طرفان تمام گهڻو دٻاءُ وڌو ويو ته هوءَ کين ڪجهه اهم ڌارين ملڪن جي شخصيتن جا راز ٻڌائي. پر هوءَ گيشائن جي اصول تي قائم رهي ۽ هن مال ملڪيت کي ٺڪرائي، جيل وڃڻ قبول ڪيو پر پنهنجن سياستدان ۽ فوجي يارن جي رازن تان پڙدو نه کنيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي هن گيشا وارو ڌنڌو ڇڏي ڏنو ۽ هڪ نوجوان عاشق سان شادي ڪئي جيڪو جپان جو اعليٰ امتحان پاس ڪرڻ تي فارين سروسز ۾ چونڊجي ويو ۽ هن جي پوسٽنگ انڊيا ۾ ٿي. مئڊم ڪيهارو پنهنجي ڊپلومئٽ مڙس سان گڏ دهلي، بمبئي، ڪراچي ۽ لاهور جا چڪر هڻي ڪلڪتي اچي Settle ٿي. بنگال جو سياسي ليڊر سڀاش چندر ڀوس جيڪو انگريز حڪومت جي خلاف هو ۽ انهن ڏينهن ۾ هماليا جبل جي لڪل هنڌن تان برطانيا خلاف تحريڪ هلائي رهيو هو.
    مئڊم ڪيهارو جيئن ته هاڻ هڪ گيشا نه هئي ۽ ويتر هڪ سفارتڪار جي زال ٿي پئي هئي ان ڪري هن کي جپاني حڪومت جي چوڻ تي انگريزن خلاف ڪم ڪرڻو پيو. هن کي اهو ڪم سونپيو ويو ته هوءَ ڪنهن نموني سان چندرا بوش کي جپان حڪومت جا ڳجھا نياپا پهچائي ۽ کانئس مليل خبرون پنهنجي مڙس ذريعي جپان جي فوجي حڪومت کي ٻڌائي.
    سڀاش چندر ڀوش مهاتما گانڌيءَ جو همعمر ۽ همعصر هو. ٻنهي انڊيا جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو پئي. فرق اهو هو ته گانڌيءَ جي اها راءِ هئي ته گوڙ گھمسان ۽ مار مارا ڪرڻ بدران انگريزن کان قانوني طرح آزادي ورتي وڃي. سڀاش ان راءِ جي خلاف هو. هن جرمنن ۽ جپانين سان ملي پنهنجي ماڻهن جي فوج ٺاهي انگريزن کي موچڙا هڻي ملڪ مان ڪڍڻ ٿي چاهيو. جپانين جي به انگريزن تي باهه هئي. هنن هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا ۽ برما تي قبضو ڪري انگريزن کي جنگي قيدي بنائي ڇڏيو هو ۽ هاڻ اچي هندستان جي ويجھو پهتا هئا ۽ سڀاش جهڙا مڪاني ماڻهو جپانين جي مدد ڪري رهيا هئا ان ڪري اڄ به جپاني سڀاش کي عزت جي نِگاهه سان ڏسن ٿا. سڀاش جپان ۾ به ڪافي عرصو گذاريو. هِتي سڀاش چندر بوش جي حياتي بابت ٻه چار سٽون لکڻ بي محل نه ٿيندو ــ جنهن جي ڪيترين ئي ڳالهين مان آئون پڻ متاثر آهيان.
    سڀاش چندر بوس 1897ع ۾ هڪ امير گهراڻي ۾ جنم ورتو پاڻ ننڍي هوندي کان پڙهڻ ۾ هوشيار هو. اسان وٽ جيڪي CSS جا امتحان ٿا ٿين اهي انگريزن جي ڏينهن ۾ ICS (انڊين سول سروسز) جي نالي سان ٿيندا هئا جن ۾ رڳو انگريز پاس ٿيندا هئا. سڀاش پهريون هندستاني هو جنهن هي امتحان پاس ڪيو ۽ ان ۾ انگريزي ۾ سڀ کان گهڻيون مارڪون کنيون. پاڻ سال کن نوڪري مس ڪري استعيفا ڏيئي ڇڏي. هو انڊيا جي آزادي واري تحريڪ جو ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. پاڻ انڊين نئشنل ڪانگريس جي به مختلف عهدن تي رهيو، جيل ڪاٽيائين، مختلف ملڪن ۾ ڏيهه نيڪالي هيٺ رهيو، ويندي ڪلڪتي جو ميئر به ٿيو. 1937ع ۾ سڀاش هڪ آسٽرين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جيڪا سندس سيڪريٽري پڻ رهي چڪي هئي، جنهن مان کيس انيتا نالي ڌيءَ ڄائي. سڀاش 1934 ۽ 1942 جي وچ ۾ جيڪي پنهنجي زال ايملي شينڪل کي خط لکيا انهن مان ڪيترائي “Letters to Emilia Schenkl” نالي ڪِتاب ۾ ڇپجي چڪا آهن. پاڻ روس ۽ جرمني ۾ به لڪل رهيو جِتي هن هندستان جي آزادي ۽ انگريزن جي خلاف تحريڪ قائم رکڻ لاءِ ”آزاد هند ريڊيو“ نالي هڪ ريڊيو اسٽِشن قائم ڪئي. آخر ۾ هو جپان ۾ به ڪيترائي سال رهيو. انگريز سرڪار کيس مارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر هو ويس بدلائي مختلف ملڪن ۾ لڪندو رهيو. سندس موت به اڄ تائين راز بڻيل آهي جو ظاهري طرح ته هو هوائي جهاز رستي تائيوان وڃي رهيو هو ته جهاز جو حادثو ٿيو. گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن جهاز ۾ بچي ويل مسافرن کان سڀاش جو پڇيو ويو ته معلوم ٿيو ته هو ان جهاز ۾ چڙهيو ئي نه هو. جي جهاز ۾ نه چڙهيو هو ته هن زندگي جا باقي ڏينهن ڪهڙي ملڪ ۾ گذاريا ۽ اتي ڪڏهن وفات ڪيائين ان جي ڄاڻ اڄ ڏينهن تائين نه پئجي سگهي آهي.


    ماني ۽ ڀت جي ڪهاڻي

    اسان وٽ هر قسم جي کاڌي لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ ئي لفظ ”ماني“ استعمال ٿئي ٿو يا اردوءَ ۾ ”روٽي“، جيڪو در اصل فقط ان شيءِ جو نالو آهي جنهن کي پاڻ چپاتي، اڦراٽو، ڊَڳڙِي، ڍوڍو، نان وغيره چئون ٿا جيڪو ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهي ٿو. اسان وٽ انگريزن ۽ يورپين وانگر مختلف وقتن جي مختلف کاڌن جا نالا نه آهن جيئن ته لنچ، ڊنر، سپر، بريڪ فاسٽ وغيره. اسان وٽ ڪنهن کان پڇبو ته ماني کائيندين ته ان مان مطلب فقط ڪڻڪ جي اٽي جي گول ماني يا چپاتي نه پر ٻوڙ ماني هوندو آهي، يعني سڄو کاڌو جنهن ۾ مٺو، سلاد، فروٽ وغيره به اچي وڃي ٿو.
    جيئن اسان وٽ هر کاڌي لاءِ ”ماني“ لفظ استعمال ٿئي ٿو تيئن جپان ۾ هر کاڌي لاءِ ”ڀَتُ“ لفظ استعمال ٿئي ٿو. جپان ۾ منجهند جي وقت ڪنهن کي چئبو ته هلو ته ڀـَـت کائون ته ان جو مطلب اهو ناهي ته فقط ڀتُ، پر ان سان گڏ مڇي، گوشت يا ڀاڄي ۽ فروٽ پڻ. ڪڏهن ته ان لنچ يعني ”ڀت“ ۾ خود ڀت (چانور) غير موجود هوندا آهن. جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته شادي جي ماني کائي ٿا اچون. پوءِ ان مانيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو چپاتي يا اڦراٽو نه هجي، ان بدران ڀت يا برياني هجي ۽ ٻيو ڪواب، مڇي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون هجن. بهرحال هي سڀ ان ڪري لکي رهيو آهيان جيئن اسان جا ماڻهو جيڪي جپان اچن ٿا انهن کي اها آئيڊيا ٿي سگهي ته جپاني جڏهن “ڀـَـت” (Gohan) کائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته معنى سڄو کاڌو ۽ اهو کاڌو ٿي سگهي ٿو، مئڪڊونالڊ يا KFC تي برگر، ڊبل روٽي ۽ چِڪن به ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ڀَتَ جو هڪ ڪڻو به ن هجي.
    ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته اسان وٽ هر کاڌي کي ماني سڏڻ جو رواج ڪيئن پيو. دراصل هي بئراجون ٺهڻ، درياهن، واهن، شاخن جي کوٽائي بعد سنڌ ۾ خوشحالي آئي آهي نه ته صدين تائين هتي جي رهواسين جي- سچ ته اهو آهي ته اڄ به هڪ غريب ۽ ڳوٺاڻي جي زندگي، گول ماني (چپاتي) جي چوڌاري ڦري ٿي. اڄ به سنڌ هجي يا پنجاب، راجستان هجي يا گجرات، هڪ غريب هاري ۽ ان جي ڪٽنب جو کاڌو ڪڻڪ جي ماني ۽ ڦِنگو پاڻيءَ جهڙو ڏُڌُ آهي. اسين نيرن (Breakfast) جي ڳالهه ڪريون يا منجهند ۽ رات جي ماني (لنچ ۽ ڊنر) جي، هڪ عام ماڻهوءَ جي دسترخوان تي اها ئي ڪڻڪ جي گول ماني نظر اچي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته نيرن تي ان مانيءَ تي گيهه ذرو مَکي ان کي اڦراٽو سڏيو وڃي ٿو، منجهند يا رات جي ماني بنا گيهه جي، خشڪ هجڻ ڪري اهو ڊڳڙ يا ڍوڍو سڏيو وڃي ٿو. سو اسان وٽ ان ڪڻڪ جي چپاتي يا ڊڳڙ جي وڏي اهميت آهي جنهن کي ماني سڏيون ٿا ۽ اسان وٽ صدين تائين نوي سيڪڙو کان مٿي عوام جي “full meal” فقط ۽ فقط ماني (گول چَپاتي) رهي آهي. اهڙي طرح جپان جي ماڻهن لاءِ ڀـَـتُ (چانور) آهن. هي جيڪو اڄ جو خوشحال جپان ڏسون ٿا، جتي هر قسم جون هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون آهن، جتي هر قسم جا بين الاقوامي معيار جا کاڌا تيار ٿين ٿا، اتي صدين تائين فقط چانور (گوهان) ئي هو. اڄ به جپانين جوStaple کاڌو چانور ئي آهن، جيئن اسان جي لاءِ ڪڻڪ آهي. وڏي عمر جا جپاني اڄ به چانورن جي ڪڻي ڪڻي کي قيمتي سمجهن ٿا ۽ اڄ تائين ڀـَـتُ (چانور) جپان جي سماجي توڙي مذهبي رسمن ۾ استعمال ٿئي ٿو. توهان جپان جو لوڪ ادب، ٻارن جون ڪهاڻيون، جهوني توڙي نئين شاعري پڙهندو ته توهان کي احساس ٿيندو ته هنن ٻيٽن جي ڪيڏي ڏکي زندگي رهي آهي، جتي جي رهاڪن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ فقط ڀـَـت ئي ملي سگهيو ٿي تنهن جي به ڏڪار ۽ جنگين واري دور ۾ اڻاٺ رهي ٿي. ايڊو دور جي آخر تائين، يعني 1867 تائين ته هنن ٻيٽن تي (جن کي پاڻ جپان سڏيون ٿا) ٻڌ ڌرم جي اثر ڪري گوشت کائڻ تي بندش هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن جابلو ٻيٽن تي هيڏي وڏي آدمشماري لاءِ ٻيو ڪي ڪجهه ملڻ ڪو سَولو ڪم نه رهيو آهي. اڄ به هن ملڪ ۾ کاڌي خوراڪ جي کوٽ ۽ مهانگائي آهي ۽ جپانين کي کاڌي لاءِ سمنڊ جو رخ رکڻو پوي ٿو يا ڌارين ملڪن ڏي ڏسڻو پوي ٿو.
    هڪ جپاني دوست کي چرچي طور چيم ته توهان ماڻهو هر سال ڪارن، ڪئميرائن، ڪمپيوٽرن جهڙين شين جا نوان ماڊل ڪڍي باقي دنيا کي سورن ۾ وجهيو ڇڏيو.
    ”ائين جي نه ڪريون ته غير مُـلڪي زرمبادلو ڪيئن ڪمايون“ هن چيو، ”جي اهو نه ڪمايون ته پوءِ پنهنجو پيٽ گذر ڪيئن ڪريون.“
    جپان ۾ رهائش لاءِ ئي جاءِ ناهي، ڪٿي اناجن ۽ ميون لاءِ پوکون ڪن، ڪٿي ٻڪرين ۽ ڍڳين جا واڙا ٺاهين. هنن کي هر شيءِ ٻاهرين ملڪن مان گهرائڻي پوي ٿي، جنهن لاءِ هنن لاءِ فارين ايڪسچينج ڪمائڻ ضروري آهي. هاڻ ته وڌيل آدم شماريءَ ڪري هنن کي چانور به ٻاهران گهرائڻا پون ٿا. 1994 ۾ ڏڪار ڪري جڏهن جپان حڪومت پهريون دفعو ڪئليفورنيا (آمريڪا) ٿائلنڊ، آسٽريليا ۽ چين مان چانور امپورٽ ڪيا هئا ته جپانين کي ڏاڍي حيرت ۽ ڏک ٿيو هو. ٽي وي، ريڊيو، اخبارن وارن وڏو احتجاج ڪيو هو. پر حڪومت مجبور هئي. دراصل اسان وٽ هر پنهنجي شيءِ يعني ”ديسي“ خرابي جي علامت سمجهي وڃي ٿي ۽ هر ڌارئين شيءِ ولايتي ۽ اوچي ليکي وڃي ٿي. پر جپاني اهڙا جنڙا آهن جن لاءِ پنهنجا ڪارا ڪانگ به چين ۽ ڪوريا جي سفيد هنجن کان سهڻا آهن. هنن کي ڪهڙا به باسمتي يا سڳداسي چانور کاراءِ پر هنن لاءِ پنهنجي کونئر جهڙن جپونيڪا چانورن جو ڀَتُ (گوهان) سڀ ۾ بهتر آهي. سو ڏڪار ڪري هڪ طرف اناج جي کوٽ ٿي پيئي ۽ ماڻهن جي بک ۽ هنگامن کي منهن ڏيڻ لاءِ چانور امپورٽ ڪرڻ ضروري ٿي پيا، ۽ جيتوڻيڪ مڪاني جپاني چانورن کان انهن ولائتي چانورن جو مارڪيٽ ۾ اگهه گهٽ هو ته به جپانين کي تشويش ۽ تجسس هو ته هيءَ ڌارئين شيءِ اڄ اسان جي ملڪ جي مارڪيٽن ۾ داخل ٿي آهي ان جا اڳتي هلي منفي اثرات ته نه نڪرندا! مون وٽ اڄ به ان وقت (14 مارچ 1994) جو نيوز ويڪ رسالو موجود آهن جنهن ۾ ٽوڪيو جي رپورٽر تاڪياما لکيو آهي ته 1853 ۾ جڏهن آمريڪا جو ڪموڊور مئٿيو پيري پنهنجي ڪَل وارن ڪارن جهازن سان جپانين جي ”اڪيلي سر رهڻ“ جي خاتمي جو اعلان ڪري، خليجِ ٽوڪيو ۾ اچي لنگر انداز ٿيو هو ته جپانين کي ڌارئين جي پنهنجي ملڪ ۾ گهڙڻ تي تمام گهڻو غم ۽ غصو آيو هو. اڄ کين اهو ئي غم ۽ غصو ڌارين ملڪن جي چانورن جو سندن ملڪ جي مارڪيٽن ۾ اچڻ تي ٿيو آهي. مونکي ياد آهي ته ڌارين ملڪن جا هي چانور (جيڪي، سچي ڳالهه اها آهي ته جپاني چانورن کان سٺا ۽ سستا هئا) هتي جي ماڻهن ورتا به پئي پر ان سان گڏ اها به واويلا ڪندا رهيا ته ٻاهر جي چانورن ۾ اها کونئر جهڙي لِئهَ (Stickiness) نه آهي جيڪا جپاني چانورن (Japonica) ۾ آهي. (دراصل جپاني چانورن ۾ Gelatin هجڻ ڪري اهي رڌڻ بعد هڪ ٻئي ۾ چمبڙيل ٿين ٿا ۽ کين زور ڏيئي ڪوفتن جهڙا گول بال ٺاهي سگهجن ٿا ته ان اندر مڇي يا ڀاڄي ذرو وجهي سمبوسا ۽ پيٽيز به ٺاهي سگهجن ٿيون.) بهرحال جپانين جي گهڻي احتجاج ڪري چانور امپورٽ ڪرڻ وارا واپاري ڊڄي ويا ته هي ڌاريان چانور وڪرو نه ٿيڻ تي، کين نقصان نه ٿئي. هنن يڪدم تيل سان ڀريل جيلٽن جا ڪئپسول ڪڍيا ۽ چانور خريد ڪرڻ وارن کي ڏنا.“ هنن مان فقط هڪ ڪئپسول ديڳڙي ۾ اڇلايو ۽ توهانجو ڀَت جپاني چانورن وانگر کونئر جهڙو ٿي پوندو“.
    جپاني ماڻهو پنهنجي هر شيءِ ٻاهر وڪڻي، پئسو ڪمائيندا پر ڌارئين ماڻهوءَ توڙي ڌارئين کاڌي جي شيءِ کي، پنهنجي ملڪ ۾ گهڙڻ کان روڪيندا. انهن چانورن جي اچڻ تي ايتري قدر جو هڪ ڪميونسٽ پارٽي جي ميمبر DIET (جپاني قومي اسيمبلي) ۾ ائگريڪلچر جي وزير عيجيرو هاتا کان سوال ڪيو هو ته انهن افواهن پٺيان ڇا اهو سچ آهي ته ڌارين ملڪن کان آيل چانورن جي ٿيلهين مان مئل ڪوئو نڪتو آهي.
    ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتي جا ماڻهو به پنهنجا مهانگا ڏڏريل ۽ سُريل چانور کائيندا پر مجال آهي جو پاڪستان يا ڀر واري ملڪ ٿائلينڊ مان اوچا (۽ سستا پڻ)، چانور گهرائين. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته اسان وڏا بيوقوف آهيون، جو هر ڌارئين شيءِ لاءِ خواهش ڪريون ٿا ۽ پنهنجيءَ مان عيب ڪڍيون ٿا.
    بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپاني سوسائٽي ۽ ڪلچر ۾ چانورن جو وڏو مانُ آهي. وڏو شان آهي. چانور جو جپان جي تاريخ ۽ مذهب تي به وڏو اثر آهي. چانور هتي اڍائي هزار سالن کان پوکيو وڃي ٿو، پوڄيو وڃي ٿو ۽ ڳايو وڄايو وڃي ٿو. هتي جي اسڪولن جي هر پنجين ڪلاس جي ٻار لاءِ ضروري آهي ته هنن کي ڄاڻ هجي ته چانور ڪيئن پوکيا ۽ لڻيا وڃن ٿا. ڪيئن رڌيا ۽ کاڌا وڃن ٿا. اڄ شهر جي اسڪولن ۾ زمين جي کوٽ هجڻ ڪري اسڪول جون ماسترياڻيون شاگردن کي ٻهراڙي ۾ وٺي وڃن ٿيون، جتي هنن کي چانورن جي پوک ڏيکاري وڃي ٿي. بسن يا ريل گاڏين ۾ سفر دوران توهانکي ان ننڍي عمر جا ڪيترائي ٻار ٻهراڙي وارين ريلوي اسٽيشنن تي لهندي نظر ايندا، جنکي ماسترياڻيون ڪتاب ۾ چانورن جي پوک جو سبق پڙهائڻ بعد اصل پوک ڏيکارڻ لاءِ وٺي هلن ٿيون.
    ڪچن چانورن کي جپاني ڪومي (Kome) ۽ رڌل چانورن (ڀَتَ) کي گوهان (Gohan) سڏين. جپاني چانور اسانجي چانور کان ننڍو ۽ ڄم ڄم وارو (Sticky) ٿئي ٿو. جپاني چانورن جون ڪيتريون ئي جنسون آهن پر مارڪيٽ ۾ ڪوشي، هڪاري ۽ اڪيتا ڪوماچي تمام گهڻو وڪامن ٿا. جيئن اسان وٽ سِيويون (Noodles) توڙي سمبوسن ۽ پيٽيز جا تَهَه ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهن ٿا تيئن هتي جي هر شيءِ چانورن جي اٽي مان ٺاهي وڃي ٿي. هتي جي مختلف ٿولهه جي سيوين کي اُڊان (Udon)، سوبا (Soba) ۽ رامين (Ramen) سڏين. جپان ۾ چانورن جي اٽي جا ڪيڪ مشهور آهن جيڪي موچي (Mochi) سڏجن. ويندي پاپڙ (Cracker) به چانورن جي اٽي مان ٺاهين، جيڪي سينبيئي (Senbei) سڏجن. جپان جو مشهور شراب “ساڪي” چانورن مان ٺاهيو وڃي ٿو. جيئن پاڻ وٽ نرگسي ڪوفتا ٿين جنهن ۾ وچ ۾ بيضو چوڌاري قيمون ٿئي، تيئن هتي اونيگري (Onigiri) ٿئي، جنهن جي اندر ڀاڄي يا ڪنهن مڇي جو قسم ۽ چوڌاري ڀِتِ جو ٿلهو تهه ٿئي. جپان ۾ مختلف قسم جون چانورن مان ٺهيل اوني گِريون ايئن وڪامن جيئن پاڻ وٽ سمبوسا ۽ پيٽيز.
    جيئن پاڻ وٽ ٺلهي ڀَتَ کان علاوه کچڻي (دال ڀَتَ)، پلاءُ، يخني، برياني وغيره ٿئي، تيئن جپان ۾ ڀَت (گوهان) کان علاوه ڀَتَ سان گڏ ڳاڙها بينز(لوبيا) به ملايا وڃن ٿا. اهڙي ڀَتَ کي سيڪيهان سڏجي ٿو ۽ اهو ڀَت جنهن ۾ ڀاڄيون ۽ گانگٽ مڇيون ملائي رڌو وڃي ٿو ان کي تاڪي ڪومِي گوهان (Takikomi) سڏين. جپان جي عام هوٽلن ۾ منجهند يا رات جي ماني ۾ اڪثر ڀَتَ (Gohan) جو پيالو، مِسو سُوپ (Miso Shiru)جو پيالو، ڪنهن ڀاڄيءَ جو آچار (Tsuke Mono) سان گڏ گوشت ذرو يا ڪنهن مڇي جو ٽڪر ٿئي. اسان وٽ مڇي مان مطلب سرمئي، رهو، ڏنڀرو، ڄرڪو يا پلو وغيره ٿئي پر جپانين لاءِ اهڙين عام ۽ سهڻي شڪل وارين مڇين کان علاوه اٺ پيري (Octopus) ، کيکڙو، نانگ جهڙي eel مڇي، ڪٽل فش، اسڪڊ Squid، سپن واري Shell fish ۽ ٻيون انيڪ سامونڊي ساهه واريون شيون مڇيءَ ۾ شمار ٿين. هو ويندي سامونڊي گاهه به کائين، جيڪو NORI سڏجي ٿو. مڇيون ڪچيون به کائين ته رڌل به! سوشي (Sushi) ۽ ساشيمي (Sashimi) ڪچين مڇين جا ٻه مشهور ڊش آهن. ڪن ڪن هوٽلن ۾ Katsuobushi يعني سڪل مڇيءَ جون چپس به ملن، جيڪي هتي جون نخريليون ٻليون وڏي شوق سان کائين. توهان جپان ۾ جيڪڏهن ٻن ٽن ڏينهن جي ٽوئر تي آيل آهيو يا هفتي کن لاءِ ڪنهن ڪاليجي ڪورس لاءِ، ته توهان لاءِ سوشي، ساشيميءَ ۽ ڪاتسو اوبوشي جهڙن مڇيءَ جي مهنگن ڊشن تي پئسا خرچ ڪري اٻڙاڪ ڏيڻ کان بهتر آهي ته اهي ٻه ٽي ڏينهن جپان جو ٺلهو ڀَتَ (Gohan) ڪنهن پٽاٽن جهڙي ڀاڄيءَ سان، يا ميري بسڪيٽ ۽ ڊبل روٽيءَ تي مکڻ هڻي گذارو ڪرڻ ۾ توهان جي وڌيڪ عافيت آهي. موٽي اچي ماريپور جي بس اسٽاپ تي يا لالو کيت جي ڏهين نمبر بس اسٽاپ تي مڇي کائڻ ڪم خرچ بالانشين آهي. جي توهان جپان ۾ وڏي عرصي لاءِ رهڻ آيا آهيو ته پوءِ هتي جي ڊشن کائڻ جو شوق آهستي آهستي ڊيولپ ڪري سگهو ٿا. انهن شين کائڻ ۾ جلدي ڪرڻ ايئن ٿيندو جيئن ڪنهن جپاني ڇوڪريءَ کي ڪراچي پهچڻ سان پهرين ڏينهن ئي برنس روڊ يا صدر ۾ وٺي وڃي گرم مسالن وارو حليم يا بِهاري ڪواب کارائجي.
    شروع ۾ اهو لکي چڪو آهيان ته جيئن اسان وٽ لفظ “ماني” فقط چپاتي (ماني) لاءِ استعال ٿئي ٿو ته سڄي کاڌي ٻوڙ ماني، مِٺي ۽ ميوي لاءِ پڻ. تيئن جپان ۾ لفظ ڀَت (Gohan) جو آهي. ايتري قدر جو نيرن، منجهند جي ماني يا رات جي مانيءَ لاءِ يورپين وانگر الڳ الڳ نالا بريڪ فاسٽ، لنچ، ڊنر وغيره نه اٿن. جپانين جي مختلف وقتن جي کاڌن جا نالا اسان وانگر ئي آهن پر مانيءَ بدران لفظ ”ڀت“ استعمال ڪن ٿا. جيئن Asa Gohan، (صبح وارو ڀت)، Hiru-Gohan (منجهند وارو ڀَت) ۽ Ban-Gohan معنيٰ رات وارو ڀَت. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هِيروگوهان (منجهند واري ڀَت) ۾ ڀَت صفا نه هجي. ڪنهن پاڪستاني يا انڊين جي گهر ۾ چپاتي ۽ ٻوڙ کائڻ بعد جپاني اهو ئي چوندو ته هو هيروگوهان(منجهند وارو ڀَتَ) کائي آيو.
    جيئن اسان پاڪستان ۾ سنڌ جي ڪيترن گهرن ۾ رات جي ماني يعني ڊنر ۾ ماني يعني چپاتي جو نالو نشان نه هوندو آهي، ڀَتَ سان گڏ ڀاڄي يا ڪو ٻيو ٻوڙ هوندو آهي، يا ٺلهو کير ڀت هوندو آهي، پر اسان مان هرڪو چوندو ته مون رات جي ماني کاڌي. ان سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيئن اسان وٽ ڪڻڪ جي مانيءَ جي صدين کان اهميت رهي آهي تيئن جپان ۾ چانورن جي رهي آهي.
    سچي ڳالهه اها آهي ته وري به سنڌ توڙي پنجاب ۾ ڪڻڪ سان گڏ چانورن جي پوک به ٿئي ٿي، پر جپان اهڙو ملڪ آهي جتي فقط چانور ئي چانور ٿين ٿا. ان ڪري هن قوم لاءِ چانور تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. ايتري قدر جو هن ملڪ جا اوائلي ماڻهو، هن ملڪ کي نپان چوڻ بدران Mizu Hono kuni يعني پاڻي واري ٻوٽي (يعني چانورن) جو ملڪ سڏيندا هئا. جپانين لاءِ چانورَ سڀ ڪجهه آهن. ايتري قدر جو پهريان جپاني جڏهن آمريڪا پهتا ۽ هنن اتي وڏي مقدار ۾ چانور ڏٺا ته هنن آمريڪا جو نالو ئي رکيو Beikoku يعني چانورن جي ڌرتي. جيئن اسان آمريڪا ۾ وڏيون ڪارون ڏسي چئون ته هي وڏين ڪارن جو ملڪ آهي يا ملائيشيا لاءِ چوندا آهيون ته هي “بارشن جو ملڪ” آهي ڇو ته اسان لاءِ بارش وڏي اهميت رکي ٿي ۽ اسان جي مقابلي ۾ ملائيشيا ۾ تمام گهڻي بارش پوي ٿي. يا جيئن اسان وٽ چوندا آهن ته فلاڻو مڇي ماني وارو آهي- معنى هو سکيو ستابو آهي. تيئن جپان ۾ جنهن جي گهر ۾ مهيني کان مٿي جو چانورن جو اسٽاڪ آهي اهو ڄڻ چانورن وارو آهي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته جنهن جي گُنديءَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا. اهڙي طرح جپانيءَ ۾ به چوڻي آهي ته ”چانورن جو مالڪ هميشه واکاڻ وارو!“ جپان ۾ گھڻو ڪري چانورن بدران Sho لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪا چانورن جي ماپ آهي. جيئن پاڻ وٽ چوٿائي، پاٽي ۽ خرار. جپان ۾ وڏي عرصي تائين چانور ڏيتي ليتي جو سڪو پڻ رهيو، ۽ چانورن کي Hard Curreney سمجھيو ويو ٿي. هڪ جاگيردار، ڀوتار، وڏيري (daimyo) جي وڏ ماڻهپي جو اندازو هن جي ٻنيءَ مان لٿل چانورن جي فصل مان لڳايو ويو ٿي. پنهنجي ڪمين ڪاسبين ۽ سپاهين خادمن کي پگهار ۾ چانور ڏنا ويا ٿي. جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ اڃان تائين حجام، واڍي وغيره کي ڪم جا پئسا بروقت ڏيڻ بدران، هر سال فصل لهڻ تي ڪڻڪ جون ڳوڻيون ڏنيون وڃن ٿيون.
    جپان ۾ چانورن جي داڻي کان ان جي ڪک ڪاني تائين هر شيءِ استعمال ۾ اچي ٿي. ڪکن مان سڀ ۾ بهترين شيءِ تونئريون ٺاهيون وڃن ٿيون، جن کي هتي جپان ۾ تاتامي سڏين. جپاني گهرن ۾ ڪرسيون ٽيبل نه برابر ٿين. هرڪو تاتامي تي وهي ۽ ان تي ئي سمهي. چانورن جي ڪٽي فيڊ طور استعمال ٿئي. چانورن جي تهن سان جاپاني عورتون پنهنجي منهن کي کرڙي صاف ڪن. ڪتابن ۽ ڪاپين کي جوڙڻ (binding) لاءِ چانورن جي لئي (Glue) ٺاهين. ان کان علاوه چانور ڪَلف لاءِ ۽ ڪپڙن جي رنڱائيءَ ۾ پڻ ڪم ۾ اچن ٿا. مختلف ملڪن ۽ قومن کي چنڊ ۾ مختلف شيون نظر اچن ٿيون. ڪن کي پوڙهي مائي نظر اچي ٿي ته ڪن کي هرڻ جو سڱ. جپانين کي چنڊ جي چهري تي سَهو نظر اچي ٿو. نه رڳو نظر اچي ٿو پر هنن کي چانور ڪُٽيندي نظر اچي ٿو. ان مان توهان جپانين جو چانورن لاءِ ڌيان جو جائزو لڳائي سگهو ٿا. جپاني اهم مذهبي ڏينهن ۽ خوشيءَ جي ڪاڄن تي چانورن کي اکڙي مهريءَ ۾ ڪُٽي، ان مان چانورن جو ڪيڪ ٺاهين، جيڪو جپان جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ موچي (Mochi) جي نالي سان مشهور آهي. مئڪڊونالڊ، ڪي ايف سي ۽ سيون اليون جهڙيون آمريڪن ريسٽورنٽون، جن ۾ دنيا جي ملڪن ۾ ڊبل روٽي ۽ هئمبرگر جهڙيون ڪڻڪ مان ٺهيل شيون وڪامن ٿيون، اتي جپان ۾ هنن ريسٽورنٽن ۾ انهن شين کان علاوه چانورن ۽ چانورن جي اٽي مان ٺهيل شيون (Snacks) پڻ رکيون وڃن ٿيون. هڪ سروي مطابق جپان جي هر ريسٽورنٽ ۾ چانورن جون شيون وڌيڪ هلن ٿيون.
    1970ع جي آخري سالن ۾ جڏهن جهاز جي ڳري مرمت خاطر اسان کي هوٽل ۾ رهائيو ويندو هو ته آئون هميشه هوٽل بدران جپاني مسافر خاني ۾ رهندو هوس. شمونو سيڪي جي هڪ مسافر خاني جي پوڙهي مالڪڻ، منهنجي ٻارن کي هميشه اهو سمجهائيندي رهندي هئي ته چانور جو هڪڙو ڪڻو به ٽيبل تي نه ڇڏجي. هوءَ هنن جي شڪايت ڪرڻ بدران مون کي چوندي هئي:
    “Okome hitotsubu ni wa 88 no hitode ga kakatte iru”.

    (88 ماڻهن جا هٿ چانور جي هڪ ڪڻي کي تيار ڪن ٿا.) جپان ۾ جپاني مرد صبح جو به ڀت کائين. سندن زالون صبح ساڻ اٿي هنن لاءِ چانور رڌينديون ۽ جنهن گهر ۾ نيرن تي ڪنهن جپاني مڙس کي ڊبل روٽي يا بسڪيٽ کائيندو ڏسو ته معنيٰ زال مڙس جو جهيڙو ٿيل آهي. اسان جنهن مٿين مسافرخاني ۾ رهندا هئاسين، ان جي پوڙهي مالڪڻ مسافر خاني جي مسواڙ ۾ اسان کي نيرن به ڏيندي هئي، جنهن ۾ هر روز گوهان يعني چانور ۽ مسو سُوپ هوندو هو. چانور منهنجو دلپسند ڊش آهي، ڀلي دال سان هجن يا رکا ئي سهي، پر ايترا به نٿا وڻن جو فجر مهل نيرن تي ويهي کائجن. سو اسان مسافرخاني جي مالڪڻ کان پاڻهي نيرن تيار ڪرڻ لاءِ سندس ڪچن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ورتي ۽ اسان دڪان تان وٺي آيل ڊبل روٽيءَ کي فراءِ پين تي ٽوسٽ ڪري مکڻ ۽ جئم سان کائيندا هئاسين. هڪ ڏينهن آئون نيرن ڪري رهيو هوس ته هيءَ پوڙهي اچي مٿان بيٺي. مون کي سئنڊوچ ۽ ٽوسٽ کائيندو ڏسي کيس ڏاڍي حيرت ٿي ۽ منهنجي شپ يارڊ وڃڻ بعد منهنجي زال کي راز واري انداز ۾ چيو:
    “Otoko wa gohan ga tabetai noyo”.

    يعني مرد حضرات هميشه ڀت (چانورن) کي ترجيح ڏين ٿا.
    چانور جنهن جي صدين کان جپان ۾ وڏي اهميت رهي آهي. سماجي جلسن جلوسن کان مذهبي تهوارن تائين ۽ شعر و شاعري کان راڳن ڳيچن ۾ چانورن کي پوڄيو، پَچايو ۽ ڳايو وڄايو وڃي ٿو. نموني خاطر هتي ٽن مشهور جپاني شاعرن جا، چانورن بابت هائڪو (ٽن سٽن وارو شعر) لکان ٿو.
    سترهين صدي جي شاعر ماتسو باشو جو هائيڪو آهي ته:

    غريبن جو ٻار
    چانور چٻاڙيندي
    گهوري رهيو آهي چنڊ کي.

    ٻيو هائيڪو ريزان جو آهي، جيڪو پڻ سترهين صديءَ جو شاعر آهي. هن چانورن جي پوک ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين لاءِ هي ٽِسٽو (Haiku) لکيو آهي. اسان کي اها ته خبر آهي ته چانورن جا سلا وڏا ٿيڻ تي انهن کي ڪڍي هڪ هڪ ڇڍو ڪري هڻڻو پوي ٿو. هي ڪافي مشڪل ڪم آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ کي گوڏي جيڏي پاڻي ۽ گپ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گڪو ٿي ڪم ڪرڻو پوي ٿو. اسان وٽ هي ڪم مرد ماڻهو به ڪن پر جيئن اسان وٽ ڦُٽين جو چونڊو عورتون ڪن ٿيون، تيئن جپان ۾ چانورن جي پوک جو ڪم عورتن کان ڪرايو وڃي ٿو. هتي جي لاهه مرد جو اهو فلسفو آهي ته عورتون پاڻيءَ ۾ گهڻو وقت رهي سگهن ٿيون، ان ڪري اهو ڪم انهن کي ئي ڪرڻ کپي. اهڙي طرح سچن هيرن (Pearls) جي ڳولا لاءِ به هتي جو مرد پاڻ آرام سان مٿي ٻيڙيءَ ۾ ويهي سگريٽ ڇڪيندو آهي ۽ گهر جي عورتن کي برف جهڙي ٿڌي پاڻيءَ ۾ لاهيندو آهي ته هو ٽٻيون هڻي پاڻي جي تري مان سپون ڪڍن، ايترو سو ڪندو آهي جو هنن کي سفيد رنگ جا جبا پارائي پاڻيءَ ۾ موڪليندو آهي، جيئن هنن کي شارڪ مڇيون نه کائين. چيو وڃي ٿو ته اڇي رنگ کان شارڪ مڇيون ڊڄن ٿيون. ڪنهن جپاني مرد اڳيان، ههڙي ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ همدردي ڪبي يا چانورن جي پوک ۾ گپ سان ڀريل هنن چئيوان ۽ پورهيت جپاني عورتن جي تعريف ڪبي ته جپاني مرد حضرات منهن کي موڙو ڏيئي چوندا ”اهو ڪم رنن جو ته آهي.“
    چانورن جي فصل ۾ گپ ۾ ڀريل اهڙين نينگرين کي هي جپاني شاعر ريزان مخاطب آهي:
    چانورن جي پوک ۾ ڪم ڪندڙو ڇوڪريون!
    توهان جي هر شيءِ گپ سان ڀريل آهي،
    سواءِ توهان جي راڳن جي، جيڪي آلاپيو پيون.

    ويهين صدي جي هڪ شاعر ڪيوشي تاڪا هاما جو هڪ شعر (هائيڪو) آهي:

    ڇوڪريون، چانورن جا سلا ساڻ،
    پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ اولڙا پيا لڏن
    جن جا پاڇا سندن ٽوپلن تي،

    1970ع کان مشينن جي ايجاد ڪري هاڻ جپاني عورتن کي چانورن جو رونبو ڪرڻ کان مڙيئي ڪجهه فرحت نصيب ٿي آهي.


    هر شيءِ High Tech

    اها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا جپان نه ٺاهي هجي. ايجاد کڻي آمريڪا، فرانس يا انگلينڊ جي هجي، پر جپان ان ۾ اهڙيون تبديليون ۽ سٺايون آنديون هونديون جو اها شيءِ اصليءَ کان وڌيڪ جٽادار، کڻڻ ۾ هلڪي ۽ خريد ڪرڻ ۾ سستي ثابت ٿي هوندي. مثال طور ڪئلڪيوليٽر يا ٽي وي کڻي آمريڪا ايجاد ڪئي هجي، واشنگ مشين انگلينڊ، يا موٽرڪار فرانس ۽ جرمنيءَ، پر ان کي هڪ ئي وقت قيمت ۽ وزن ۾ گهٽ ۽ سونهن سوڀيا ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اتم، جپان بڻايو آهي. ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڀ کان گهڻيون شيون جپان جون هلي رهيون آهن. خاص ڪري اليڪٽرڪ، اليڪٽرانڪ، ڪمپيوٽرائيزڊ نموني جون، جن کي High-Tech يعني اتم ٽيڪنالاجيءَ واريون شيون پڻ چئي سگهجي ٿو.
    وي سي آر ڏسو. معمولي وي سي آر ۾ اڄڪلهه انيڪ فنڪشن آهن. هڪ ئي وقت، آڱر جي معمولي ڇهاءَ سان ٽي وي جو هڪ چئنل ڏسي سگهجي ٿي ته ٻيو ٽيپ ٿي سگهي ٿو. ٽي وي ڀلي بند ٿي پئي هجي، پر توهان جي غير موجودگيءَ ۾ سڄي هفتي جا گهربل پروگرام پاڻهي ٽيپ ٿي سگهون ٿا. پروگرام ۾ ٽرئڪنگ آهي ته اها به ختم ٿي سگهي ٿي. هڪ طرف اهڙيون ڪيتريون ئي سٺايون شامل ڪيون ويون آهن ته ٻئي طرف ان جي تور گهٽ، سائيز گهٽ ۽ قيمت پڻ گهٽ ڪئي وئي آهي.
    جپاني عام هنڌ بسترن تي سمهندا هئا، پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي هنن اهڙا ته کڻي پلنگ ۽ سوڙهون ايجاد ڪيون، جن ۾ ڪيتريون ئي اليڪٽرڪ/ اليڪٽرانڪ جون شيون وجهي ڇڏيائون. ريڊيو، ٽيپ، بتي، نوڪر کي سڏڻ لاءِ بيل، وقت ٻڌائڻ لاءِ گهڙيال ۽ گهربل وقت تي اٿارڻ لاءِ الارم- نه فقط ايترو پر وهاڻي کي ٿلهو ڪرڻ لاءِ هوا ڀرڻ جو بندوبست ۽ بلاڪيٽ کي ڪوسو ڪرڻ لاءِ اليڪٽرڪ سپلاءِ گهٽجڻ ۽ وڌڻ لاءِ سوئچ رکيائون. جيئن سُتي سُتي آڱر جي اشاري سان جيئن وڻي تيئن ڪري سگهجي. مطلب ته هنن هر شيءِ ۾ اليڪٽرانڪ ۽ انٽيگريٽيڊ سرڪٽس (I.C) جو استعمال ايترو ته ڪيو آهي جو هر شيءِ وڌيڪ خوبصورت، سهوليت واري ۽ انسان جي خذمت ۽ سک لاءِ هر وقت تيار ٿي پيئي آهي.
    جڏهن جپان وڃبو آهي ته جپان جي هر شيءِ مان سائنس ۽ اتم ٽيڪنالاجيءَ جو ساءُ ايندو آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ ساڳي حالت ۾ نظر آئِي ٿي ته اهي فقط جپاني ڪاڪوس هئا. سوڙها، بدبودار، سياري ۾ ويهه ته ڄڻ ماڻهو برف جي سر تي ويٺو. پر هاڻ اهي به ڏسندي ئي ڏسندي اتم ٽيڪنالاجي High-Tech جو انوکو مثال بنجي ويا آهن. اڄ جي جپاني ٽئاليٽ ۾ گهڙ ته ڄڻ هوائي جهاز جي ڪاڪ پِٽِ هجي ۽ ڪموڊ (Commode) پائلٽ جي ڪرسيءَ وانگر نظر اچي ٿو، جنهن جي ڀر ۾ ڪيترائي سوئچ ۽ بٽڻ نظر ايندا. سڄو ٽئاليٽ ٽپ ٽاپ ۽ صاف سٿرو نظر ايندو. نه ته جپان جا عام ڪاڪوس سنڌ جي سنداسن کان بدتر هئا. (ساڳيو حال ڪوريا جو هو.) جپان گهمي ايندڙ اڄ جا ماڻهو، جيڪي فقط ڪجهه ڏينهن لاءِ اتي جي وڏين هوٽلن ۾ رهي اچن ٿا، انهن کي ان ڳالهه تي يقين هرگز نه ايندو ته جپان جا پبلڪ ڪاڪوس گندگيءَ کان اهڙا مشهور هئا جو انهن کي چئن ڪافن سان سڏيو ويو ٿي. ڪِيتانائي (گدلا)، ڪُوسائي (ڌپ وارا)، ڪُورائي (ڊٺل) ۽ ڪُوائي (ڊپ وارا).
    بهرحال هاڻ، دير سان ئي سهي، جپانين کي پنهنجن ڪاڪوسن (Toilets) جو خيال ٿيو آهي ته ان کي به ماڊرن ٽچ ڏني وڃي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بي افعالن ڪاڪوسن مان اهي هاڻ فيشني ٿيندا وڃن. هاڻ جپان جي جنهن به ٽئاليٽ ۾ گهڙ ته اوچي پلاسٽڪ جا رنگين ڪموڊ نظر اچن ٿا، جيڪي سياري ۾ گرم به رهن ٿا. بٽڻ دٻائڻ سان پاڻيءَ جو وسڪارو سڄي ڪموڊ کي صاف ڪريو ڇڏي. اهي ڪموڊ Bidet جو ڪم پڻ ڏين ٿا جنهن لاءِ ٻئي بٽڻ دٻائڻ سان، ڪموڊ ۾ اندر لڳل نلڪي مان پاڻي جي سنهي ڦوهاري جهڙي لار مٿي اڀري ٿي، جيڪا ڪنهن به طرف موڙي سگهجي ٿي ۽ هٿ خراب ڪرڻ بنا جسم جي صفائي ٿي سگهي ٿي. ان بعد ٽئين بٽڻ کي دٻائڻ سان گرم هوا، هر شيءِ کي خشڪ ڪريو ڇڏي ۽ ٽئاليٽ مان نڪرڻ وقت توهان جي شلوار يا پتلون اڌ ڏينهن تائين آلي نٿي رهي. (جنهن مان ٻي صورت ۾ هر هڪ کي خبر پئجيو وڃي ته توهان ٽئاليٽ ۾ هٿ ڌوئڻ لاءِ نه پر وڏو معرڪو سرانجام ڏيڻ ويا هئائو).
    جپان جي ڪموڊ ٺاهيندڙ مشهور ڪمپني Toto جو چوڻ آهي ته ڪاڪوس بعد جسم جي صفائيءَ لاءِ پاڻيءَ جي ڦوهاري کي، هنن پنهنجن ڪموڊن ۾ بلڪل صحيح ڪنڊ تي رکيو آهي، جيئن ان کي يا پاڻ کي هيڏانهن هوڏانهن موڙڻ بنا، جسم جي چڱي طرح صفائي ٿي وڃي ٿي. ان ڪاميابيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن جي سائنسدانن، جپاني ماڻهن جي هيٺين ڌڙ جي ائناٽاميءَ جي ٻه سال ريسرچ ڪئي هئي. شايد اهوئي سبب آهي جو سڀ کان گهڻا ڪموڊ ٺاهيندڙ هن ڪمپنيءَ جو سلوگن آهي:
    “Your Bottom will like it after three times”
    ۽ اهو سلوگن هن ڪمپنيءَ جي ڪموڊن جي اشتهارن سان گڏ لکيل هوندو آهي.
    ٽوٽو ڪمپنيءَ هينئر جيڪو تازو ڪموڊ ڪڍيو آهي. ان کي Wash-let-Queen صفائيءَ جي راڻي سڏجي ٿو. ان ۾ آخر ۾ خوشبوءِ واري اسپري جو پڻ بندوبست آهي. جيئن ڪاڪوس جو در کُلي ۽ همراهه ٻاهر نڪري ته چوڌاري آفيس يا گهر ۾ خوشبوءِ جي ٻهه ٻهه ٿي وڃي ۽ ڪنهن کي به نڪ جهلڻ جي تڪليف نه ٿئي.
    هر روز ڪموڊن ۾ ترقي اچڻ ڪري جپاني ماڻهن جي نفسيات تي وڏو اثر پيو آهي. اڄ جو جپاني ماڻهو، بيڊ روم کان وڌيڪ ڪاڪوس(Toilet) تي ڌيان ڏئي ٿو. تخت تي ويهڻ لاءِ ته فقط هيرو هٽو جو اولاد ئي بادشاهه ٿي سگهي ٿو. پر ٽئاليٽ جي تخت تي ويهڻ جو فيض ته هر جپاني ماڻي سگهي ٿو.
    ڪموڊ ٺاهيندڙ، جپان جي هن ٽوٽو ڪمپنيءَ هڪ ٻي ريسرچ پڻ ڪئي آهي ته جيئن ته جپاني گهرن ۽ آفيسن وغيره جون ڀتيون سنهيون هجڻ ڪري، ڪاڪوس جي اندر پيدا ٿيندڙ آواز ٻاهر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. نتيجي ۾ اهي زالون جيڪي طبيعت ۾ شرميليون آهن، هر وقت زنجير ڇڪينديون رهن ٿيون، جيئن پاڻيءَ جي بئڪ گرائونڊ واري شپڪي ۾ باقي آواز دٻجي وڃن. هڪ جائزي مطابق هر جپاني عورت ٻه يا ٽي دفعا پاڻي ضايع ڪري ٿي. جيڪو وڏو قومي نقصان آهي. خاص ڪري جپان جهڙي ملڪ لاءِ، جنهن جي چوڌاري سمنڊ جو کارو پاڻي ته جام آهي پر تازو پاڻي تمام مهانگو آهي.
    ان ڳالهه کي منهن ڏيڻ لاءِ جپان جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪموڊن ۾ ٻين شين سان گڏ ميوزڪ جو بٽڻ پڻ ڏئي رهيون آهن. جيئن اهي ماڻهو جيڪي دستن يا باديءَ جا پراڻا مريض هجن ته اهي ضرورت وقت بٽڻ دٻائي ٽئاليٽ روم ۾ مار ڌاڙ واري ميوزڪ جو رڪارڊ هلائي سگهن ۽ سندن پيدا ڪيل گوڙ گڙڪا ان ميوزڪ ۾ جذب ٿي وڃن. اهڙيءَ ريت ٻاهر ويٺل همراهه انهن بمن بارودن ۽ خودڪش حملن کان بيخبر ئي رهن.

    هينئر ويجهڙائيءَ ۾ جپان وڃڻ تي ڪيترن ئي آفيسن توڙي گهرن ۾ انهن ماڊرن ٽئاليٽن ۾ ڪجهه وڌيڪ تبديليون نظر آيون. ميوزڪ جو بٽڻ دٻائڻ سان اها مار ڌاڙ وارا آواز نٿي شروع ٿيا پر سافٽ ميوزڪ وڳي ٿي، جنهن جو آواز فقط ٽئاليٽ جي تَخِتي (ڪموڊ) تي ويٺل همراهه جي ٻڌڻ تائين محدود هو. پنهنجن آوازن کي ڪئموفليج ڪرڻ لاءِ هاڻ هڪ ٻيو بٽڻ لڳل هو جنهن کي دٻائڻ سان شئنڪ جو آواز (يعني ڪموڊ مان پاڻي وهڻ جو آواز) آيو ٿي جيڪو ٻاهر ويٺل ٻڌي سگهيا ٿي. هتي جي جپاني همراهن ٻڌايو ته مار ڌاڙ واري ميوزڪ جي اوچتي وڄڻ سان ٻاهر ويٺل ويتر شڪيا ٿي. ان ڪري ان جي جاءِ تي، هي پاڻي وهڻ جي آواز جي رڪارڊنگ رکي وئي آهي. ڇو جو هر ماڻهو پيشاب بعد به Shank هلائي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته فارغ ٿيڻ بعد ڪموڊ کي صاف ڪرڻ لاءِ پاڻي وهڻ جا ٻه بٽڻ رکيا ويا آهن. هڪ ۾ ڪموڊ جي سڄي ٽانڪي خالي ٿئي ٿي ۽ ٻيو بٽڻ دٻائڻ سان فقط گلاس ٻه پاڻيءَ جو وهي ٿو، جيڪو پيشاب ڪرڻ وارن لاءِ آهي. اهو ان ڪري جو جپان ۾ پاڻي تمام مهانگو آهي ۽ جنهن ڪم لاءِ جيتري پاڻيءَ جي ضرورت آهي اوترو هاريو وڃي.
    هن ڀيري جپان ۾ اها به ڳالهه نوٽ ڪيم ته هي ماڊرن ٽئاليٽ جپان جي ڏورانهن ڳوٺن ۾ به پهچي ويا آهن. شمونو سيڪي جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ جي هڪ پراڻي سڃاڻپ واري مسافر خاني ۾ رات گذارڻي پيئي، جنهن جي عمارت اها ئي سٺ سال پراڻي هئي، سندس ڪِچن ۽ ڪمرا اهي ئي پراڻا ٻهراڙي نموني جا هئا پر ان جو غيباتي سوراخ وارو اونڌاهو ٽئاليٽ، جنهن تي اوڪڻو ٿي وهبو هو، اهو سڄو غائب ٿي چڪو هو. ان جي جاءِ تي زبردست قسم جي چلڪندڙ ٽائلين جو ڪمرو هو، جنهن ۾ Toto ڪمپنيءَ جو ماڊرن ڪموڊ رکيل هو جنهن ۾ خوشبو جو اسپري به لڳل هو. ڪموڊ سان لڳل مختلف سئچن جي پئنل کان علاوه ريموٽ ڪنٽرولر به هو جنهن کي ماڻهو هٿ ۾ جهلي مختلف بٽڻ دٻائي سگهي ٿو، جيئن اڄڪلهه ٽي وي ۽ ايئرڪنڊيشنر هلائڻ جا ننڍڙا Remote ٿين ٿا.
    ٽئاليٽ مان جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته مسافر خاني جي جهور پوڙهي مالڪڻ، چيلهه تي هٿ رکي سامهون بيٺل نظر آئي. هُن جپان جي هن سائنسي ۽ آرٽ ورڪ جي تعريف ۾ منهنجي واتان ڪجهه ٻُڌڻ ٿي چاهيو، يا شايد رات جي جهيڙي جي جواب ۾ هن ٻُڌائڻ ٿي چاهيو ته هن ڏهه لک يين (اٽڪل ست لک رپيا) خرچ ڪري هي ٽئاليٽ ٺهرايو آهي، جنهن ڪري هن مسافرخاني جي مسواڙ وڌائي آهي. دل ۾ مون چيو ته هاڻ توهان جپاني به اسان سنڌين وانگر انگريز ٿي پيا آهيو. سڄي عمر اونداهن ۽ غار جي چُرن جهڙن گدلن سنداسن تي اوڪڙون ٿي فارغ ٿيائو، جن لاءِ جپان توڙي ملائيشيا ۾ ايندڙ ڌاريان چوندا هئا ته” اسان دورين (بيحد ڌپ وارو ميوو) کائينداسين، پر توهان جي ڪاڪوسن ۾ نه گهڙنداسين.“
    مون کي ستر وارو ڏهو ٿو ياد اچي جڏهن منهنجو جهاز ذريعي جپان اچڻ شروع ٿيو هو. جپاني بندرگاهن ۾ جهاز تي سامان لهندي چڙهندي يا جهاز جي مرمت دوران ڪيترا جپاني، جهاز ۾ موجود ڪموڊن واري ٽئاليٽ ۾ ويندي ڊڄندا هئا جو هنن کي ڪرسي وانگر ڪموڊ تي ويهي فارغ ٿيڻ جي عادت نه هئي. شپ يارڊ جو هڪ جپاني انجنيئر چوندو هو ته هن قسم جي ڪموڊ تي وهڻ جي عادت پوڻ سان ڪٿي هو آفيس ۾، ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي فارغ نه ٿي وڃي.
    هونءَ هڪ ڳالهه ضرور آهي ۽ دنيا مڃي ٿي ته سڀ کان پهرين گٽر سسٽم وارا ماڊرن ٽئاليٽ سنڌ ۾ ٺهيا، جنهن جا ثبوت موهن جي دڙي مان ملن ٿا. وهڻ وارا ٽئاليٽ جيڪي اڄ مغرب جي ايجاد سمجهيا وڃن ٿا اهي 2800 ق.م موهن جي دڙي ۾ کوري جي سرن ۽ ڪاٺ جي صندلين مان ٺاهيا ويا ٿي. موهن جي دڙو جي هنن ڪموڊن ۽ هيٺان وهندڙ نالي (Sewer) سسٽم ڪري ان صدي يعني (3rd Millennium B.C) کي صفائي وارو دور “Age of Cleanliness” سڏجي ٿو. 1944ع کان 1948ع تائين سر مورٽيمر ويلر نالي هڪ انگريز انڊيا جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر جنرل ٿي گذريو آهي. بقول هن انگريز جي:
    “The high quality of the sanitary arrangements of Mohenjo-Daro could well be envied in many parts of the world today.”
    اهڙا ٽئاليٽ پورن هڪ هزار سالن بعد 1800 ق.م ۾ مصر ۾ فرعون جي ڏينهن ۾ ۽ پرشيا (ايران) ۽ روم ۾ نظر آيا ۽ باقي مغربي دنيا ۾ ته عيسوي سن 1850 کان به پوءِ شروع ٿيا.
    جپان ۾ ڪاڪوسن کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ جو مقابلو ايڏو وڌي ويو آهي جو هڪ ڪمپنيءَ، ڪاڪوسن ۾ ڪموڊ سان گڏ ننڍڙو ڪمپيوٽر هڻڻ جو پڻ ارادو رکي ٿي، جيڪو ان ئي وقت پيشاب ۽ ڪاڪوس کي ٽيسٽ ڪري ان جي رپورٽ ٻڌائي سگهندو. ان کان علاوه ڪاڪوس جي ان ڪرسي- ڪموڊ تي ويٺي ويٺي پنهنجي دل جو ڌڙڪو ۽ بلڊ پريشر پڻ تپاس ڪري سگهبو.
    اها قوم جنهن صديون زمين ۾ ڳڙکا ڪري، مٿان سرون رکي ڪاڪوس ڪيو سا هاڻ ڀلي High Tech ڪاڪوسن مان لست وٺي.
    آمريڪا جي مشهور ليکڪا ايرڪا جونگ- جنهن جا ٻه ڪتاب تمام گهڻو مشهور ٿيا:

    Fear of Flying ۽ ٻيو How to Save Your Own Life.
    هن پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ڪاڪوسن مان ڪنهن به ملڪ يا قوم جي اٿڻي وهڻي، رهڻي ڪهڻي، ڪردار، ذهني سوچ ۽ صفائي سٺائيءَ بابت اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ايرڪا جونگ، بقول سندس، هڪ دفعي ڪاڪوسن جي بنياد تي، ماڻهن ۽ ملڪن جي Classification ڪئي ٿي ۽ ان ڪتاب جو نالو- “The History of the World Through Toilets” رکيو ٿي. جيئن ته:

    انگريزن جا ڪاڪوس:
    بقول ايريڪا جي، اڄ ڪلهه انگريزن وٽ ڪاڪوس ئي وڃي بچيا آهن! قبضي ۾ آيل آفريڪا ۽ ايشيا جا مڙيئي ملڪ (بيٺڪي راڄ) ته کانئن ڇڏائجي ويا، هاڻ ڪاڪوس ئي سندن آخري بيٺڪون آهن. پاڻي آهي سو وڪٽوريا آبشار وانگر مٿان ڪَٽ لڳل پائيپ مان پيو ٽمي ۽ توهان نوان ملڪ ايجاد ڪندڙ Explorer جي حيثيت ۾ هڪ ڀڳل/ چٿريل ’ميڊ ان گريٽ برٽن‘ ڪموڊ تي ويٺا آهيو. پاڻيءَ جا ڇنڊا توهان جي مٿي، ڪنڌ ۽ جوتن تي پيا پون ڄڻ ته توهان جي جهاز سان سامونڊي ڇوليون ٽڪرائي رهيون آهن. هنگي بس ڪرڻ وقت هڪڙي کن پَل لاءِ (جنهن وقت ڪموڊ جي زنجير ڇڪيو ٿا ۽ پاڻي گڙ گڙ ڪري اچي ٿو) توهان جي دل ۾ ستل احساس جاڳي ٿو ته: Britannia Rules the World Again! (برطانيه هڪ دفعو وري سامونڊي لهرن تي راڄ ڪري رهي آهي)

    جرمنن جا ڪاڪوس:
    سڄي دنيا ۾ هيٺڀرين ٿلهين کان مشهور آهن. ان مان اهو فائدو آهي ته ماڻهو کي پنهنجي لَٿي جا ڇنڊا نٿا لڳن. ان کان علاوه هو ان کي الوداعي نظرن سان چڱيءَ طرح غور سان ڏسي سگهي ٿو، جيئن بيماريءَ جي حالت ۾ ڊاڪٽر يا پئٿالاجسٽ کي ان جو رنگ ۽ بوءِ، پٽڙائي، ڏاڍائي ۽ منجهس موجود ٻين شامل شين بابت ٻڌائي سگهي. جرمن ٽئاليٽ هيرن جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ پڻ سٺا ثابت ٿيا آهن، جيڪي ويٺي ويٺي سمگل ڪيل هيرا پنهنجي ڪاڪوس مان چونڊي ميڙي ڪڍي سگهن ٿا.

    اٽليءَ جي ماڻهن جا ڪاڪوس:
    اٽليءَ جا ڪاڪوس سٺا آهن، پر اُگهڻ لاءِ نرم ۽ چُهندڙ پنو هجڻ بدران اخبارن جا ٽڪرا ملندا، جن تي لکيل پراڻيون خبرون، اگهوتري، وڃايل جو ڏَس وغيره وغيره- گهڻو ڪي ڪجهه پڙهي سگهجي ٿو… جنهن جو مدار قبضيءَ تي آهي. زنجير ڇڪڻ سان پريشر سان پاڻي اچي ٿو ۽ جيسين توهان مڙي پنهنجي لَٿي تي هڪ تعريف جوڳي نظر وجهو تيسين هر شيءِ غائب ٿيو وڃي! اهوئي ته آرٽ جو هڪ نادر نمونو آهي، جنهن کان اٽلي وارا مشهور آهن.
    ڪڪڙين جي بيمارين تي تحقيق ۽ تجربا ڪرڻ واسطي ملائيشيا ۾ هڪ تمام وڏو سينٽر آهي، جيڪو Asian Poultry Disease Research & Training سينٽر سڏجي ٿو. جتي برونائي، ٿائلينڊ، سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپين جا شاگرد- ڇوڪرا ڇوڪريون، ڪڪڙين بابت علم حاصل ڪن ٿا.
    دنيا ۾، مردن ۽ عورتن جي Toilets ۾ فرق ڏيکارڻ لاءِ، انهن جي ٻاهران اڪثر عورت ۽ مرد جي تصوير هوندي آهي. يا ڪن هنڌن تي مردانو ۽ زنانو سئنڊل ٺهيل هوندو آهي. يا وري تصوير بدران ”روميو“، ”جوليٽ“، يا آدم- حوا لکيل ٿئي ٿو Gents ۽ Ladies ته جتي ڪٿي عام نظر اچي ٿو. پر هن سينٽر ۾ مٿي ذڪر ڪيل نشانين بدران ڪُڪڙ ۽ ڪڪڙِ جي تصوير هنئي وئي آهي.
    هن سينٽر ۾ نوان آيل ڪيترائي مهمان ته اهي نشانيون ڏسي، انهن ٽئاليٽن ۾ اهو سوچي اندر گهڙي پوندا آهن ته شايد اتي به ڪڪڙين بابت ڪجهه تحقيقاتي ڪم هلي رهيو آهي. ڪيترا وري ڄاڻ هوندي به ته اُهي ٽئاليٽ آهن .... صحيح جنس جو ڳولي نه سگهندا آهن ته ڪهڙو مردن جو آهي ۽ ڪهڙو عورتن جو ڇو جو ڪڪڙ ۽ ڪڪڙِ جي تصوير ۾ ٿورو ئي فرق آهي. ان مونجهاري کي منهن ڏيڻ لاءِ واسطيدار عملدارن هاڻ ڪُڪڙ کي وڌيڪ زنانو روپ ڏيڻ لاءِ سندن ڪَنَن ۾ ايرِينگ پارايا آهن ۽ ڪُڪَڙ کي وري ٽاءِ/ بو هنيو آهي. ان کان علاوه انگريزيءَ ۾ انهن مٿان Ladies ۽ Gents پڻ لکيو آهي. هونءَ اهو به لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ ٽئاليٽ کي ٽنڊاس سڏين ٿا ۽ چيني ماڻهو “Loo” سڏين.
    مارڪس ۽ اينگلز کي خبر هئي ته ’ڪميونسٽ‘ جو مطلب ڇا آهي. ”هر ملڪ ۾، مزور طبقي جو اهو ترقي پسند ڪلاس، جيڪو ٻين کي اڳتي وٺي هلي. ٻين جي رهنمائي ڪري.“ پر پولينڊ ۾ هاڻ ڪميونسٽ جو مطلب اهو نه رهيو آهي. اتي ڪنهن کي ڪميونسٽ چوڻ عزت افزائي نه پر ڄڻ گار ڏيڻ آهي. ڪِن ڪِن ڳالهين ۾ ڪميونسٽ لفظ ڇَسي ۽ بيوقوف ماڻهوءَ لاءِ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن هنڌ ڪميونزم نظام کان پولينڊ جي ماڻهن کي ايڏي نفرت ٿي پيئي آهي جو مشهور ڪتاب- داس ڪئپيٽل- جيڪو ڪنهن زماني ۾ هرهڪ لاءِ پڙهڻ ضروري سمجهيو ويو ٿي، اهو هاڻ ٽئاليٽن ۾ پني بدران استعمال ٿئي ٿو.
    هونءَ ٽئاليٽ ۾ ڪتاب رکڻ ڪا خراب ڳالهه نٿي سمجهي وڃي. ڪيترن جو اهو خيال آهي ته ٽئاليٽ اهڙي جاءِ آهي جتي ماڻهو سڪون سان صحيح طرح سوچي سگهي ٿو ۽ سوچيل ڳالهه ذهن ۾ چڱيءَ طرح رکي سگهي ٿو ۽ ذهن ۾ رکيل ڳالهه تي عمل به ڪري سگهي ٿو. ان ڪري اڄڪلهه جا Toilet- Papers (اُگهڻ جا پنا)، ڪورا هجڻ بدران ڇپيل ملن ٿا. انهن تي مختلف شين جا اشتهار آهن ۽ اهي Toilet- Papers جن تي مشهورين بابت ڇپائي آهي ٻين کان تمام گهڻو سستا ملن ٿا، جو اُن جو اڌ خرچ اشتهاري شين(Commercial Ads) جا مالڪ ڀرين ٿا.
    هونءَ ڪنهن کي سڄو ڏينهن وقت ملي يا نه ملي، پر ٽئاليٽ ۾ هر هڪ، صفائيءَ لاءِ ان ڦاڙيل پني تي سيون او ڪلاڪ يا ٽريٽ بليڊ جي خوبين جو اشتهار پڙهڻ لاءِ ضرور وقت ڪڍي سگهي ٿو ته اهي ملڪ جي ڏهن ناليرن فلم ائڪٽريسين مان نو ڄڻيون پنهنجي صفائيءَ لاءِ استعمال ڪن ٿيون ۽ ڇو نه توهان به؟
    دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ هاڻ ٽئاليٽ پيپر نه فقط اشتهارن وارا ملن ٿا، پر ڪن تي چرچا ڀوڳ، يا معما، ڳجهارتون پڻ ڏنل آهن جيئن قبضيءَ جا جهونا مريض پنهنجو وقت وندر ۾ گذاري سگهن.
    ان قسم جي پنن جي کپت ۽ مشهوري ڏسي جپان جي حڪومت ڪيترائي انتظامي آرڊر ۽ ٽرئفڪ جا قاعدا قانون پڻ انهن تي ڇپرائڻ شروع ڪيا آهن. جيئن اتي جي عوام کي اخبار پڙهڻ جو موقعو ملي يا نه ملي، پر صبح ساڻ ٽئاليٽ ۾ هڪ ٻه اهڙيون اهم شيون ته سڪون سان پڙهي وٺن.
    اهو پڻ جائزو ورتو ويو آهي ته هر ماڻهو صفائيءَ لاءِ مڙيئي ٻه فٽ کن پنو ڦاڙي ٿو. ان ڪري Toilet- Papers تي ساڳي خبر يا نياپو، اشتهار، هر ٻن ٻن فٽن بعد ورجايو ويو آهي ته جيئن ٻيو ايندڙ همراهه ساڳي ڳالهه مٿان کان پڙهي سگهي.
    جپان جي هڪ هوٽل ۾ جپانين لاءِ انگريزيءَ جي ڏکين لفظن جون ۽ ڌارين لاءِ جپاني لفظن جون، اسپيلون ۽ معنائون پڻ ٽئاليٽ پيپر تي اچن ٿيون.
    اوهيو گوزائي ماس- گڊ مارننگ
    اوگين ڪي ديسڪا- توهان ڪيئن آهيو
    اري گاتو- مهرباني
    سايو نارا- باءِ باءِ….. وغيرهه وغيرهه


    جپان جون ريسٽورنٽون ۽ کاڌا

    ڪي ريسٽورنٽون اهڙيون ٿين ٿيون جن ۾ ماڻهو ماني ٽِڪي يا چانهه ڪافي پيئڻ سان گڏ ماحول جي تبديليءَ لاءِ به اچن ٿا، جيئن هو اتي ويهي خاموش ۽ ٿڌڪار واري ماحول ۾ سڪون حاصل ڪري سگهن يا ڪنهن دوست سان ويهي ڪنهن اهم مسئلي تي ڳالهائي سگهن يا پريت جا چار ٻول ڳالهائي سگهن. دريءَ وٽ ويهي ٻاهر سمنڊ جو يا ڪنهن باغ يا ٽريفڪ سان ڳتيل رستي جو نظارو ڪري سگهن.
    جپان ۾ هڪ عام ڏينهن واري ريسٽورنٽ ۾ ماحول جي تبديلي واري ڪا ڪهاڻي ناهي. اهڙين هوٽلن ۾ جپاني مينهن واچ ڪندا اچن ٿا ۽ جلدي جلدي ماني کائي پنهنجن ڪمن ڏي روانا ٿين ٿا. ماڻهن جي پيهه پيهان ڪري جنهن کي جنهن ٽيبل تي جاءِ ملي ٿي ان تي کائي وٺي ٿو. ڪنهن ٽيبل جي خالي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ ۾ وقت وڃائڻ بدران اهو ٽائيم دوست والي بال يا بيڊمنٽن کيڏن ٿا يا پارڪ ۾ رکيل بينچن يا آفيس جي ڌِڪين تي ويهي اهي بچيل فرصت جون گهڙيون آرام ڪن ٿا، جيئن لنچ بريڪ يا رسيس وارو ٽائيم پورو ٿيڻ تي هو آفيس يا ڪارخاني ۾ ڪم شروع ڪرڻ وقت تازگي محسوس ڪن.
    انهن ريسٽورنٽن ۾ هوٽل جو بئرو کاڌي ۾ مشروب جو مينو کڻي توهان کان توهان جي پسند جو پڇي ٿو. ڪن ريسٽورنٽن ۾ اهو مينو ڀت تي چنبڙيل ٿئي ٿو. ان کان علاوه ريسٽورنٽ ۾ Serve ٿيندڙ هر کاڌي پيتي جي شيءِ جو پلاسٽڪ ماڊل ريسٽورنٽ جي در وٽ شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل ٿئي ٿو جيئن هرهڪ پنهنجي پسند جي شيءِ چونڊ، اندر گهڙڻ کان اڳ ڪري سگهي. مثال طور آمليٽ بيضو ڊبل روٽين جي سلائيسن سان ريسٽورنٽ ۾ ملي ٿو ته هُو بهو اهي شيون ساڳي رنگ ۽ شڪل ۾ پلاسٽڪ جون ٺهيل ٻاهر رکيل نظر اينديون ۽ انهن جي اڳيان جپاني زبان ڪانجي ۾ ۽ ڌارين ماڻهن لاءِ انگريزي ۾ ان ڊش جو نالو ۽ قيمت لکيل نظر ايندي. ايتري قدر جو ملڪ شيڪ جو گلاس به پلاسٽڪ جو نظر ايندو، جنهن جي مٿان پلاسٽڪ جي آئيس ڪريم، پلاسٽڪ جا هوبهو رنگ ۽ شڪل جا ٻرڪيل پستا بادام ۽ پلاسٽڪ جي اڇي رنگ جي برف نظر ايندي. پلاسٽڪ مان ٺهيل هي ڊش، جڏهن اسان پهريون دفعو 1973ع ۾ ڪن ڪن ريسٽورنٽن اڳيان ڏٺا ته وائڙا ٿي ويا هئاسين ته آيا اهي Original آهن يا نقلي .... ۽ جي نقلي آهن ته ڪهڙي شيءِ مان ۽ ڪيئن ٺاهيا ويا آهن. مون کي ياد آهن اسان جهازين مان ڪن ضد ڪيو هو ته اهي Original آهن پر پوءِ کين رايو بدلائڻو پيو جڏهن هنن ڏٺو ته بيئر جي گلاس ۾ جيڪا برف جي ڳوڙهي ۽ گجي آهي اها سڄو ڏينهن گذرڻ بعد به اهڙي جي اهڙي آهي. گهڻو گهڻو پوءِ 1980ع ڌاري اسان کي خبر پيئي ته اهي سڀ شيون پلاسٽڪ مان ٺاهيون وڃن ٿيون جن جا ڪارخانا جپان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن ۽ انهن مان هڪ ڪارخانو گهمڻ بعد ان جو احوال جپان واري سفرنامي ”ڪراچي کان ڪوڪورا“ ۾ لکيو اٿم.
    جپان جي ريسٽورنٽن ۾ بئرو توهان جي آرڊر جي شين سان گڏ انهن جو بل پڻ ٽيبل تي رکي ٿو، جنهن جي ادائگي توهان اٿڻ مهل ڪئشيئر وٽ ڪري سگهو ٿا. ملائيشيا وانگر جپان ۾ پڻ بئري کي ٽِپ (خرچي) ڏيڻ ضروري ناهي. هنن ريسٽورنٽن ۾ گراهڪ جي ويهڻ سان هن کي گرين چانهه ۽ منهن کي تازگي بخشڻ لاءِ گرم پاڻيءَ مان پُسيل ٽوال (جنهن کي شِيبوري سڏين) پيش ڪيو وڃي ٿو. ماني کائڻ بعد جپاني ٽٿ پِڪ جو استعمال آزاد نموني ڪن ٿا، جنهن تان يورپي فارينر- خاص ڪري انگريز، خارون کائين ٿا. البت جپاني عورتون ڏند جي کوٽ کوٽان ڪرڻ وقت پنهنجي وات اڳيان کاٻو هٿ آڏ طور جهلين ٿيون، جيئن ڏسندڙن کي خراب نه لڳي.
    ڪي ڪي روايتي جپاني ريسٽورنٽون فقط هڪ ڊش يا ٻه ٽي خاص ڊش Serve ڪن ٿيون. هونءَ ڪيترين ريسٽورنٽن ۾- خاص ڪري اهي جيڪي شاپنگ مال جي بيسمينٽ ۾ آهن، يا ڊپارٽمينٽ اسٽورن جي مٿين ماڙ تي آهن، انهن ۾ گهڻو ڪري توهان کي هيٺيان ڊش عام نظر ايندا.
    سُوشي
    تيمپورا
    ساشيمي
    ٽونڪا تسو
    اُڊان
    سوبا
    سئنڊ وچ
    ڪافي
    هنن جپاني ڊشن لاءِ هتي ڪجهه مختصر احوال لکان ٿو، جيئن پڙهندڙن کي اها آئيڊيا ٿي سگهي ته اهي ڪهڙين شين جا آهن ۽ سوئر يا ڳئون جي گوشت جي حالت ۾ هڪ مسلمان يا هندو کائڻ کان پرهيز ڪري سگهي.
    سُوشي (Sushi) دراصل سِرڪي (Vinegar) ۾ رڌل چانور جو ڊش ٿئي جنهن مٿان رڌل يا ڪچي مڇيءَ جون سنهيون ڳڀيون ٿين يا ڪا ڀاڄي يا ڪا ٻي شيءِ. جپان کان ٻاهر ڪيترا ماڻهو ڪچي مڇي (Raw- Fish) جي ڊش کي سُوشي سمجهن ٿا. جپان ۾ ڪچي مڇيءَ جي ڊش جو نالو ساشِيمي (Sashimi) آهي، جيڪو سُوشيءَ کان بلڪل مختلف آهي. جپان ۾ سوشيءَ جو نمونو گهڻو ڪري اسان جي ويجيٽيبل پيٽيز جهڙو ڊگهو ٿئي ٿو- يا کڻي چئجي ته چِڪن رول جهڙو ٿئي ٿو ۽ اهو ماڪي زوشي يا ٺلهو ماڪي (Maki) سڏجي ٿو- معنيٰ رول ٿيل سوشي. هنن ۾ چانورن جي رول مٿان ڀاڄين، مڇين يا بيضي جو تهه Toppings ٿئي. آمريڪا کان آيل ٽوئرسٽ يا جپان ۾ رهندڙ آمريڪن جي سواد ۽ عادت کي ڌيان ۾ رکي اڄ ڪلهه جپان ۾ جيڪي سوشي جا قسم مشهور ٿي رهيا آهن اهي اُراماڪي (Uramaki) سڏجن ٿا. هن ۾ آمريڪن رول يا اسان جي پيٽيز وانگر انهن اندر ڀاڄي، چڪن، بيضو يا مڇي ٿئي ۽ ٻاهرين پاسي رڌل چانورن جو رول. هن قسم جي سوشي (Uramaki) جا ڪجهه نالا، آمريڪن کي ڌيان ۾ رکي فلڊلفيا رول، (جنهن اندر مڇي، پنير، ونگي ۽ بصر ٿئي) ڪرنچي رول، ڪرئگ رول، گود زيلا رول ۽ BC رول پڻ رکيا ويا آهن.
    ٽيمپورا (Tempura) ڊش جپان ۾ تمام گهڻو مشهور آهي، جيڪو هينئر اسان جي ملڪ جي هوٽلن ۽ شادين مرادين جي دعوتن ۾ به عام ٿيندو وڃي. هن ۾ ڀاڄي، گوشت جون ننڍيون ٻوٽن، خاص ڪري ڪڪڙ جون کنڀڙاٽيون، مڇي يا گانگٽ ڊيپ فراءِ ڪيا وڃن ٿا. انهن شين کي بيضي ۽ ڪارن فلور جو ليپ ڏيئي پوءِ ڪڻڇيءَ ۾ ٽهڪندڙ تيل ۾ فراءِ ڪيو وڃي ٿو جيئن پاڻ وٽ پٽاٽي، واڱڻ يا ميهن جا پڪوڙا. ان ريت ملائيشيا ۾ ڪچي ڪيلي جا پڪوڙا (ٽيمپورا) ٺاهيا وڃن ٿا. ڪيلي کي ڀاڄي طور رڌل يا ٽيمپورا ٺاهڻ هتي جپان ۾ به عام آهي- پر گهڻو ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾. ٽيمپورا نالي ڊش هانگ ڪانگ ۽ تائيوان ۾ به مشهور آهي، پر اهو جپاني ٽيمپورا کان بلڪل مختلف آهي. رڳو نالو ساڳيو آهي.
    ٽيمپورا دراصل پورچوگالي زبان جو لفظ آهي ۽ هي ڊش به پورچوگالين هتي مشهور ڪيو. انگريزيءَ وانگر پورچوگالي زبان جا به ڪيترائي لفظ اڙدو، سنڌي، ملئي ۽ جپاني ٻولين ۾ عام آهن. جيئن ته ويلڻ، کاڄو، ٽِيڪ، (ڪاٺي) سنڌي ۽ اڙدو ۾ آهن، ڪوبرا، بنانا، نيگرو انگريزي ۾ آهن، المارا، ڊوڊول ملئي ۾ آهي. ملائيشيا جي هڪ شهر ملاڪا (جتي مون کي ڪيترائي سال نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو) جي هڪ علائقي جا ماڻهو ته اڄ تائين ملئي زبان سان گڏ پورچوگالي ڳالهائين ٿا ۽ ملائيشيا ۾ ڊوڊول جهڙا ڪيترائي پورچوگالي ڊش عام آهن. جپان ۾ ٽيمپورا ڀت جي مٿان رکي پڻ Serve ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي ٽينڊان (Tendan) سڏين. ٽيمپورا سِيوين (نوڊلز) مٿان رکي به سرو ڪيو وڃي ٿو، جنهن کي ٽيمپورا سوڀا سڏين.
    جپانين لاءِ آمريڪن هميشه چوندا آهن ته اهي اڌ چريا آهن. شراب ۾ برف وجهي پيئڻ بدران گرم ڪري ٿا پيئن، جپاني هوٽلن ۾ ماني کائڻ کانپوءِ بدران ماني شروع ڪرڻ کان اڳ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ٽوال ڏنو وڃي ٿو ۽ مڇيءَ کي پچائي کائڻ بدران ڪچو کايو وڃن. واقعي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪچي (Raw) مڇي جو ڊش جنهن کي ساشيمي (Sashimi) سڏين، جپان ۾ نه فقط مشهور ڊش آهي پر مهانگو پڻ- تازي مڇيءَ جا تمام سنهڙا سلائيس ڪري هوٽل ۾ آيل گراهڪ کي پيش ڪيا وڃن ٿا، جيڪي هو ڪنهن چٽڻي- گهڻو ڪري سويا ساس ۾ ٻوڙي کائي ٿو. ساشيمي ٻن لفظن جو مجموعو آهي. ساشي (Sashi) معنيٰ ٽنبيل ۽ مِي معنيٰ جسم يا گوشت. جپان جي اشيڪاوا جيما شپ يارد ۾ مون سان ڪم ڪندڙ هڪ جپاني انجنيئر ٻڌايو ته ساشيمي ڊش تيار ڪرڻ لاءِ جيڪا مڇي ڦاسائي وڃي ٿي اها ڏورين (ڪنڊي) ذريعي هڪ هڪ ڪري جهلي وڃي ٿي ۽ جيئن ئي اها مڇي سمنڊ مان نڪري ڪناري تي ڪري ٿي ته ان جي مغز ۾ تکو ڇرو هڻي يڪدم ماريو وڃي ٿو. ڇو ته اهي مڇيون جيڪي آهستي آهستي ٿي مرن ٿيون انهن جي گوشت مان Lactic Acid ختم ٿيو وڃي. هي اڦٽ ماريل مڇيون ڏهه ڏينهن بعد به تازيون رهن ٿيون ۽ خاص ڪري ساشيمي ڊش لاءِ سوادي ثابت ٿين ٿيون.
    ساشيمي (ڪچي مڇي) واري ڊش ۾ مختلف مڇيون سالمن، ٽونا، مئڪرل ۽ گانگٽ، آڪٽوپس، اسڪڊ استعمال ٿين ٿيون. سڀ ۾ مهانگي مڇي فوگو مڇي آهي، جنهن کي انگريزي ۾ پفر مڇي سڏين. هيءَ مَڇي سخت زهريلي ٿئي ٿي ۽ رڌڻ واري بورچي جي ٿوري بي خياليءَ ڪري کائڻ وارو ان ئي وقت راهه رباني وٺي سگهي ٿو.
    سوشي، ساشيمي ۽ ٽئمپورا وانگر جپان ۾ هڪ ٻيو ڊش جيڪو پڻ ان ئي جيترو عام ۽ مشهور آهي، اهو آهي ٽانڪاتسو (Tonkatsu). پر ياد رکڻ کپي ته هن ڊيپ فراءِ ٿيل ڪٽليٽ ۾ پورڪ يعني خنزير جو گوشت ٿئي ٿو ۽ مسلمان کي پاسو ڪرڻ کپي. اسان وٽ عيدن تي خاص ڪري رمضان واري عيد تي مختلف قسمن جون ٿلهيون ۽ سنهيون سِيويون رڌيون وڃن ٿيون، جيڪي ڪڻڪ جي اٽي مان گهرن ۾ يا ڪارخانن ۾ ٺهن ٿيون. بنگلاديش ۾ صبح شام ڀت کاڌو وڃي ٿو پر بنگلاديش جي ساڄي پاسي جيڪي ملڪ آهن برما، ٿائلينڊ کان ملائيشيا، ڪمبوڊيا، هانگ ڪانگ، چين ۽ جپان ڪوريا تائين اتي اسان جي عيد جهڙيون سِيويون ائين کاڌيون وڃن ٿيون جيئن اسان وٽ چپاتي يا نان. اهي سيويون ڪيترن ئي سائيزن جون ماچيس جي تيلي جي ٿولهه جون نوڊلز جهڙين کان وٺي وارن جهڙيون سنهڙيون ٿين جيڪي نه فقط ڪڻڪ جي اٽي جون پر چانورن جي اٽي جون به ٿين. انهن جا مختلف ملڪن ۾ مختلف نالا آهن. جپان ۾ اڊان (Udon) نالي ڪڻڪ جي ٿلهين سيوين جو ٻوڙ مشهور آهي. ان ۾ مختلف مرچ مصالحا وجهي سوادي بنايو وڃي ٿو. اونهاري ۾ اڊان جو ٻوڙ برف جهڙو ٿڌو ۽ سياري ۾ گرم Serve ڪيو وڃي ٿو. جپاني سيوين (Udon) جي هن ڊش ۾ مختلف شيون گانگٽ، ڀاڄيون ۽ خاص ڪري ٽافو پنير ۽ سامونڊي گاهه جا قسم پڻ وڌا وڃن ٿا ۽ ان مطابق هن ٻوڙ جا مختلف نالا آهن جيئن ته: ڪاڪي اڊان، تانُو ڪِي اڊان، تسو ڪِيمي اڊان، واڪامي اڊان وغيره جيئن کڻي چئجي ته آلو گوشت، مٽر گوشت، دال گوشت، گوبي گوشت….
    جپان جي دڪانن ۽ هوٽلن ۾ هڪ ٻي شيءِ عام طرح ملي ٿي جيڪا نوري (Nori) سڏجي ٿي. نوري پاپڙ وانگر تکي سائي يا ڪاري رنگ جي ٿئي ٿي. نوري سامونڊي گاهه کي پيهي، اٽي وانگر ڳوهي پوءِ پاپڙن وانگر سنهيون يا ڌاڻيءَ وانگر ڪجهه ٿلهيون سلائيس ٺاهيون وڃن ٿيون. جپاني توري ڌاريان نوريءَ جو ٻوڙ يا ڪچي نوري وڏي شوق سان کائين ٿا پر اڄ تائين منهنجو ٽيسٽ ڊيولپ نه ٿي سگهيو آهي. بهرحال ملائيشيا جي دورين ميوي وانگر نوري(Nori) به جن کي وڻي ٿي ته تمام گهڻي وڻي ٿي ۽ جن کي نٿي وڻي ته انهن کي بنهه نٿي وڻي. نوريءَ جو ٿورو گهڻو استعمال سوشي ۽ ٽئمپورا ۾ به ٿئي ٿو.
    اڊان نوڊلز وانگر جپان ۾ هڪ ٻيو سيوين جو به قسم ٿئي ٿو جيڪي سوبا (Soba) سڏجن ۽ اڊان کان سنهيون ٿين. سوبا ڊش نه فقط جپان جي ريسٽورنٽن ۾ پر ريل گاڏي جي دٻن ۾ به Serve ڪيو وڃي ٿو. اڄ ڪلهه ته کيرڻي، رس ملائي، گلاب جامن جي پئڪيٽن وانگر سوبا جا بند گلاس ٿين ٿا. گهر ۾ رڌڻ بدران هنن گلاسن ۾ فقط گرم ٽهڪندڙ پاڻي وجهڻ سان هڪدم سوبا تيار ٿيو وڃي.
    جيئن اسان وٽ هوٽلن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا سُوپ ملن ٿا پر جتي ڪٿي عام طرح چڪن سوپ هلي ٿو، ويندي ايمپريس مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ گِذري جهڙن هنڌن تي سياري ۾ گاڏن وارا به ديڳ چڪن سوپ جي ٺاهي وڪڻندي نظر ايندا. تيئن هتي جپان ۾ هتي جو هڪ خاص سوپ- مسو سوپ (Miso Shiru) سڀ ۾ گهڻو مشهور آهي ۽ سڀ ۾ گهڻو هلي ٿو. ايتري قدر جو صبح جو نيرن تي به مِسو سوپ پيتو وڃي ٿو. هي مختلف ڀاڄين جو سوپ ٿئي ٿو. پر ڪجهه جپاني مصالحا ۽ ساسون وجهڻ ڪري هڪ نئين ماڻهوءَ کي پسند نٿو اچي، جيسين هن جو ٽيسٽ ٺهي. جپان جي ڪن ڳوٺن جي مسافرخانن ۽ گهرن ۾ هن سوپ ۾ ننڍڙيون مڇيون ۽ سامونڊي گاهه به وڌو وڃي ٿو. پڪ اٿم ته نيرن تي اهڙو سوپ پيئڻ کان توهان لنگهڻ ڪاٽڻ بهتر سمجهندائو. هتي يعني جپان ۾ اها ڳالهه به عقيدي جي حد تائين مشهور آهي ته مسو سوپ پيئڻ وارين عورتن کي ڇاتيءَ جي ڪئنسر نٿي ٿئي. ويجهڙائيءَ ۾ هڪ سائنس جي مئگزين ۾ به ان قسم جي ڳالهه پڙهي اٿم ته:

    ……Miso soup contains isoflavones, chemicals which mimic the action of the female sex hormone oestrogen. Isoflavones are believed to prevent breast cancers developing by blocking the cancer-causing effects of oestrogen…..

    جپاني ڪنهن ڳالهه لاءِ مهرباني چوڻ تي يعني ”اريگاتو گوذائي ماس“ چوڻ تي جواب ۾ ”دوا تاشي ماشتا“ چون ٿا. ماني کائڻ کان اڳ ”اِتاداڪي ماس“ (Itadaki Masu) چون ٿا ۽ ختم ڪرڻ تي Gochisou Sama چيو وڃي ٿو.
    ٻين ملڪن وانگر جپان جي به ريسٽورنٽن، ريلوي اسٽيشنن، ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۾ ٽئاليٽس آهن جن لاءِ اسان پڇڻ وقت اڪثر ”باٿ روم“ جو لفظ استعمال ڪريون ٿا ڇو جو سڄي دنيا ۾ باٿ روم معنيٰ اهو وهنجڻ جو ڪمرو جنهن ۾ ٽئاليٽ به هجي پر جپان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ باٿ روم الڳ ٿئي ته ٽئاليٽ الڳ. ڪيترن گهرن ۽ رهائش جي هوٽلن ۾ ته باٿ روم ٿئي ئي ڪونه. هرهڪ پاڙي جي ڪامن باٿ روم ۾ وهنجڻ لاءِ وڃي. سو جپان ۾ هميشه Toilet يا Lavartory جو پڇجي. ڇو ته توهان باٿ روم جو پڇندائو ته جواب انڪار ۾ ملندو. هتي جا ٽئاليٽ تمام ننڍا ٿين ٿا، هوائي جهاز جي ٽئاليٽن جهڙا. جاءِ جي کوٽ ڪري جپان ۾ ڪيترن هنڌن تي مردن ۽ عورتن لاءِ ڌار ڌار ٽئاليٽ هجڻ بدران ٻنهي ڌرين لاءِ ساڳيو ئي ٿئي ۽ عورتون اڪثر مردن جي Urinnals وٽان لنگهي ٽئاليٽ ۾ وڃن.


    گوليءَ جيان تيز جپان جي بليٽ ٽرين

    جپان جو نالو ٻڌڻ سان اُتي جو مشهور جبل فُوجي (Fuji) ۽ خوبصورت وڳن ۽ ميڪ اپ واريون گيشائون ڌيان ۾ اچن ٿيون .... ٻئي جپان جون قديمي شيون آهن ۽ انهن سان گڏ هتي جي تيز رفتار بليٽ ٽرين، جيڪا جپان جي ماڊرن شين مان هڪ آهي. هتي اچڻ وارو هن ريل گاڏيءَ ۾ (جنهن کي جپاني شنڪانسين (Shinkansen) سڏين ٿا، هڪ دفعو ضرور چڙهي ٿو يا اسٽيشن تي اچي هن ريل گاڏيءَ کي بيٺل ڏسي ٿو.
    شنڪانسين (Bullet Train) تيز رفتاري، خوبصورتي، وقت جي پابندي، آرامده سواري ۽ سلامتي جي خيال کان بيحد گهڻو نالو پيدا ڪيو آهي. پهريون دفعو مون کي 1973 ۾، هن ٽرين ۾ ٽوڪيو کان اوساڪا سفر ڪرڻ جو موقعو مليو. ٽوڪيو کان اوساڪا جو مفاصلو سمجهو ته ڪراچي کان خيرپور جيترو آهي ۽ ٻن ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو. هوائي جهاز منو ڪلاڪ وٺي ٿو پر سامان ڏيڻ، بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ، جهاز ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ جو وقت ملائڻ سان ساڳيا ٻه ڪلاڪ ٿيو وڃن.
    1964ع ۾ ٽوڪيو ۾ اولمپڪس رانديون ٿيون هيون، ان موقعي تي هن بليٽ ٽرين (Shinkansen) جو پڻ افتتاح ٿيو هو. هن ٽرين تيار ڪرڻ جي پٺيان جنهن جپاني همراهه هيديو شيما جو هٿ هو وڏو قابل ماڻهو هو. هن قسم جي ٽرين ايجاد ڪرڻ تي جيتوڻيڪ شروع ۾ هيديو شيما تان پنهنجن پراون چٿرون ڪيون، ويندي ورلڊ بئنڪ وارن قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر پوءِ فرانس جهڙا يورپي ملڪ به پنهنجي ملڪ ۾ ساڳي نموني جي ٽرين هلائڻ لاءِ هن وٽ هلي آيا هئا. ورلڊ بئنڪ اهو ئي سبب ڏنو ته هو ڪنهن به تجرباتي پروجيڪٽ لاءِ اوڌر نٿا ڏيئي سگهن، پر پوءِ هائيديو شيما واشنگٽن وڃي هنن کي مطمئن ڪيو ته “هي ڪو اسان تجربو نه ڪري رهيا آهيون پر هن پروجيڪٽ پٺيان مون جهڙي هڪ ريلوي جي ماهر جي ڳوڙهي سوچ ۽ دماغ آهي.” اهو ٻڌي بئنڪ جا ڊائريڪٽر 80 ملين ڊالر قرض ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويا.
    هائيڊيو شيما 1902ع ۾ ڄائو ۽ ٽوڪيو جي امپيريل يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1925ع کان ريلوي کاتي سان لاڳاپيل رهيو. هو JNR (جپان نئشنل ريلوي) جو ڊائريڪٽر ۽ ان بعد چيف انجنيئر ٿي رهيو، جنهن پوسٽ تي سندس والد به رهي چڪو هو. جپان جون نه فقط ٻاڦ تي هلندڙ ريل گاڏيون پر اليڪٽرڪ تي هلندڙ گاڏيون پڻ مسٽر شيما ڊزائين ڪيون. بقول جپانين جي ريل گاڏيون هن جي رت ۾ سمايل آهن. اڄ ڪلهه ته سڄي جپان ۾ بليٽ ٽرين هلي ٿي پر شروع ۾ فقط ٽوڪيو کان اوساڪا تائين هلائي وئي، جيڪو مفاصلو 340 ميل کن (اٽڪل 560 ڪلوميٽر) ٿئي ٿو. ٽوڪيو کان اوساڪا بليٽ ٽرين لاءِ سڌو رستو ٺاهڻ لاءِ ٽي هزار کن پليون ۽ 67 ٽنل ٺاهڻا پيا هئا. مسٽر شيما 1998ع ۾ ٽوڪيو ۾ گذاريو ويو.
    جپان جي هن گوليءَ وانگر تيز هلندڙ ريل گاڏي شنڪانسين جي لفظي معنيٰ بليٽ يعني گولي ناهي. جپاني لفظ Shinkansen جي لفظي معنيٰ ”نئين ٽرنڪ لائين“ آهي. يعني اهو نالو ريل گاڏيءَ کان وڌيڪ ريلوي يعني ريل جي پٽڙين جي نشاندهي ٿو ڪري، ڇو جو هن تيز رفتار ريل لاءِ جيڪي ريل جا پٽا وڇايا ويا اُهي ور وڪڙن بدران سڌا وڇايا ويا. جپان جابلو ملڪ آهي ۽ سڄو جبلن، ٽڪرين، ماٿرين، ندين، نالن سان ڀريو پيو آهي. هن کان اڳ وارين گاڏين جون پٽڙيون ته جبل يا ڪا ٻي آڏ اڳيان اچڻ تي ان جي ٻاهران مڙي پوءِ اڳتي وڃن ٿيون، پر هن ريل لاءِ جبلن ۾ سرنگهون (Tunnels) کوٽي يا ندين نالن مٿان پليون ٺاهي هڪ سڌي ليڪ ۾ ريل جا پٽا وڇايا ويا _ جن کي شنڪانسين سڏجي ٿو ۽ انهن ريل جي نون ۽ سڌن پٽن يعني شنڪانسين تان ماڳهين هن ريل جو نالو شنڪانسين پئجي ويو جيڪا هنن پٽن مٿان هلي ٿي. ستر واري ڏهي ۾ ٽوڪيو جي جنهن شپ يارڊ ۾ اسان جو نئون جهاز ٺهي رهيو هو ۽ آئون ان شپ يارڊ سان لاڳاپيل هوس، ان شپ يارڊ ۾ اڄ به هن ريل گاڏي ۽ ريل جي پٽن سان واسطو رکندڙ سامان ٺهي ٿو. اتي مون هن ريل جي انجنيئر کان هن ٽرين کي بليٽ ٽرين سڏڻ جو سبب پڇيو هو.
    ”دراصل اسان جي حڪومت 1930ع کان وٺي جپان ۾ هن قسم جي تيز رفتار ريل گاڏي هلائڻ جو پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو سوچيو هو“، هن ٻڌايو ”۽ هن ٽرين جي شڪل ۽ رفتار جو سوچي هن پروجيڪٽ جو جپاني نالو Dangan Ressha يعني بليٽ ٽرين رکيو ويو.“
    1964 ۾ جڏهن هيءَ بليٽ ٽرين هلي ته هن جي رفتار 210 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (يعني 130 mphرکي وئي، ان بعد نئين ماڊل جي بليٽ ٽرين جي رفتار 300 ڪلوميٽر في ڪلاڪ يعني 188 mph) ڪئي وئي. هي ٽرينون هتي جي برفباري، سائڪلون ۽ زلزلي واري علائقي مان به ان رفتار سان هلي سگهن ٿيون. ائين ته ٽيسٽ خاطر اهو ڏسڻ لاءِ ته ڪيڏي رفتار تائين صحيح هلي سگهي ٿي 1996 ۾ 443 ڪلوميٽر في ڪلاڪ يعني 275 ميل في ڪلاڪ هلائي وئي ۽ 2003 ۾ هن ريل کي چڪاس خاطر 581 ڪلوميٽر يعني 361 mph جي رفتار سان هلائي ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو ويو. ياد رهي ته اها رفتار ذري گهٽ هوائي جهاز جي ٿئي ٿي.
    بليٽ ٽرين (شنڪانسين) جي ريل جا پٽا اسٽئنڊرڊ گيج جا سڏجن ٿا جو اُن کان اڳ جپان ۾، ۽ ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ ته اڄ به، ريل جا پٽا نئرو گيج وارا، يعني ساڍن ٽن فٽن وارا آهن. اسان جي ملڪ ۾ به ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ ٽنڊو آدم کان پڊعيدن هلندڙ ريل گاڏيون نئرو گيج جون هونديون هيون. بليٽ ٽرين جا پٽا بيحد ليول ۾ آهن ۽ ڌوڻ (vibration) گهٽائڻ لاءِ انهن کي ويلڊ ڪيو ويو آهي. هي ريل گاڏيون اليڪٽرڪ ڪرنٽ تي هلن ٿيون. ڪا ٻاڦ انجڻ يا ڊيزل يا اليڪٽرڪ انجڻ، ريل گاڏي جي بوگين کي ڇڪي، ان کان هر بوگيءَ ۾ اليڪٽرڪ موٽر فٽ ڪئي وئي آهي. انهن موٽرن کان بريڪ جو به ڪم ورتو وڃي ٿو، جنهن ۾ سيفٽي جو به پهلو آهي. عام مڪينيڪل بريڪون رفتار ۾ لڳڻ سان ريل گاڏيءَ جا ڦيٿا damage ٿي سگهن ٿا.
    وقت جي پابنديءَ ۾ ته جپان جو جواب ناهي. مختلف اسٽيشنن تي ريل جي پهچڻ ۾ اڄ تائين فقط ڏهه سيڪنڊن جو فرق آيو آهي. ياد رهي ته فقط ڏهن سيڪنڊن جو…! يعني هڪ منٽ جو به ڇهون حصو ۽ اڄ ڏينهن تائين هن ريل کي هلئي چاليهه سالن کان مٿي ٿي ويو آهي، پر هڪ به حادثو نه ٿيو آهي. ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي به جان ضايع نه ٿي آهي. ڪنهن ماڻهوءَ جي هڪ بئگ به هيٺ مٿي نه ٿي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ريل مان ڪيترن مسافرن ٽپ ڏيئي يا ريل جي اڳيان اچي خودڪشي ضرور ڪئي آهي. ان لاءِ ريل هلائيندڙن يا ريلوي ڊپارٽمينٽ جو ڏوهه ناهي، جو خودڪشي ڪرڻ، جپان جي ڪلچر جو هڪ حصو آهي. معمولي ڏک يا غلط ڪم ڪرڻ تي شرمندگي ٿيڻ تي جپاني هاراڪِري (تلوار سان پنهنجو پيٽ ڪپي) خودڪشي ڪن ٿا. ستر واري ڏهي ۾ اسان جڏهن تيرا ساڪي اليڪٽرڪ ڪمپني طرفان اليڪٽرانڪ جو هڪ مختصر ڪورس اوساڪا ۾ ڪري رهيا هئاسين ته اسان جي ٽيهه ڄڻن جي ڪلاس ۾ پهريون دفعو هڪ ئي وقت ٽي شاگرد فيل ٿي پيا. انهن ٽن (ملئي، فلپينو ۽ سريلنڪن) شاگردن کي ان جو افسوس، ڏک يا شرمساري محسوس ٿي يا نه پر اسان جي ڪلاس ٽيچر کي ايڏي غيرت ۽ شرمساري ٿي جو هن رزلٽ ٻڌڻ سان تلوار سان پنهنجو پيٽ چيري خودڪشي (Harakiri) ڪري ڇڏي. جپان جي ان رسم ۽ ڪلچر هاراڪِري بابت تفصيل سان ڪٿي ٻئي هنڌ بحث ڪنداسين. هتي رڳو آئون اهو سوچي رهيو آهيان ته جپانين واري اها پيٽ چيرڻ جي غيرت واري رسم اسان جي تعليمي ادارن ۾ اچي وڃي ته پوءِ اسان کي جپان مان رڳو ٽي وي ۽ ڪمپيوٽرن جا نه پر تلوارن جا به جهاز ڀري اچڻا پوندا. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نڪمن ۽ نالائق استادن لاءِ ته تلوارن جي ضرورت پوندي، پر اسان جي ٻين ”پاڪ پوتر“ ادارن لاءِ به ڪيترين ئي تلوارن جي ضرورت پوندي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڪارٽون ڏٺم جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته لنڊن ۾ جپاني فرم جي هڪ انگريز مئنيجر جڏهن پنهنجي فرم جي نقصان بابت پنهنجي جپان واري هيڊ آفيس ۾ اطلاع موڪليو ۽ کانئن آئيندي جي پلاننگ لاءِ مشورو پڇيو ته ٽوڪيو هيڊ آفيس کيس ڪو جواب فئڪس يا اي ميل ڪرڻ بدران پوسٽ ذريعي تلوار ڏياري موڪلي. ڪارٽون ۾ ڏيکاريل هو ته جپاني رسم و رواج ۽ ڪلچر کان غير واقف هي انگريز مڪاني مئنيجر ان تلوار کي غور سان ڏسي رهيو آهي ته هي جپاني ڪهڙا چريا آهن جو مون کي سندن ڪمپني کي نقصان رسائڻ تي صلاح مشورو ڏيڻ بدران تحفي ۾ تلوار ڏياري موڪلي اٿن. کيس اها خبر ئي نه ته گهٽ ڳالهائڻ وارن جپانين کيس اشاري طور چورائي موڪليو آهي ته“ بي غيرت! ڪمپنيءَ کي نقصان رسائي اڃان ڇو پيو جيئين؟ توکي ته ٻڏي مرڻ کپي عني توکي ته پيٽ چيري (هاراڪِري ڪري) مري وڃڻ کپي.“
    هتي جپان ۾ طوفان (typhoons) ۽ زلزلا ٻه اهڙيون مصيبتون آهن جن تي انسان جو وس ناهي پر جپانين بليٽ ٽرين کي اهڙي نموني ٺاهيو آهي جو زلزلو اچڻ مهل هن گاڏيءَ کي بريڪ لڳيو وڃي. 23 آڪٽوبر 2004 ۾ جيڪو زلزلو آيو هو ان ۾ ناگا اوڪا ريلوي اسٽيشن وٽ شنڪانسين (بليٽ ٽرين) جي ڏهه بوگين مان اٺ بوگيون اونڌيون ٿي ويون جن ۾ موجود 154 مسافرن مان هڪ مسافر کي به نقصان نه رسيو. جپان جي هيءَ ريل برفاني علائقن مان به هلي ٿي ۽ هن جي اڳيان اهڙي قسم جا فلئپر لڳل آهن جو سندس اڳيان گڏ ٿيل برف اهي فلئپر صاف ڪندا وڃن ٿا. هن قسم جي تيز رفتار گاڏين ۾ گوڙ (Noise) کي پڻ منهن ڏيڻو پوي ٿو. اڄ ڪلهه جي گاڏين ۾ ان مسئلي تي پڻ ريسرچ ڪري گوڙ کي به گهٽايو ويو آهي، خاص ڪري Tunnel Boom کي. هيءَ اها phenomenon آهي، جيڪا ان وقت رونما ٿئي ٿي جڏهن ڪا تيز رفتار ريل گاڏي ٽنل مان ٻاهر نڪري ٿي. هوائي جهاز جي درين کي ٻه ٻه شيشا ٿين ٿا جيئن ڪا ٻاهر جي شيءِ دريءَ سان اچي لڳي يا اندر ويٺل مسافر کان غلطيءَ ۾ ڪا شيءِ دريءَ کي لڳي وڃي ته فقط هڪ شيشو ڀڄي سگهي ۽ ٻيو جهاز جي اندرين پريشر کي برقرار رکي. هنن بليٽ ٽرينن جي درين تي ٽي ٽي شيشا ٿين ٿا.
    هونءَ ڏٺو وڃي ته جپان جي هنن تيز رفتار شنڪان سين (Bullet Trains) جون به ٽي اهم ڪئٽيگريون آهن، جيڪي هن ريت آهن:

    نوزومي (Nozomi): هي ريل گاڏيون فقط اهم ترين ريلوي اسٽيشنن تي بيهن ٿيون. هي ٽوڪيو کان اوساڪا جو سفر ٻن اڍائي ڪلاڪن اندر ڪن ٿيون.

    هڪاري (Hikari): هي ريل گاڏيون مڙيئي ڪجهه اسٽيشنن تي بيهن ٿيون ۽ ٽوڪيو کان اوساڪا ٽن ڪلاڪن ۾ پهچن. رستي تي نگويا ۽ ڪيوٽو ۾ به ترسن.

    ڪوداما (Kodama): انهن ٽنهي ۾ هيءَ آهستي هلڻ واري گاڏي آهي ۽ رستي تي سڀني اسٽيشنن تي ترسي ٿي.

    ائين ته بليٽ ٽرين جون ٻيون به ڪئٽيگريون آهن، جيڪي جپان جي مختلف علائقن ۾ هلن ٿيون. اهي مختلف نالن واريون آهن جيئن ته هاياتي، يامابيڪو، ناسُونو، ڪوماچي، تاني گاوا، اساما (Asama) وغيره. جپان جو ريل گاڏين جو تعلق JNR (جپان نئشنل ريلويز) کاتي سان هو پر 1987 ۾ سڀ پرائيويٽ ٿيڻ بعد هاڻ اهو کاتو فقط JR سڏجي ٿو، يعني جپان ريلويز.
    جپان ۾ بس توڙي ريل جو سفر تمام مهانگو آهي. اسان کي جپان جا مختلف شهر جهاز هلائڻ جي ڪري ڏسڻ جو موقعو مليو يا وري ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ ڪم دوران انهن طرفان بليٽ ٽرين جهڙين مهانگين سوارين جو ڀاڙو مليو ٿي. هڪ مسافر لاءِ هنن گاڏين ۾ سواري ڪرڻ ۽ جپان جو نظارو ڪرڻ جو بهترين طريقو ”ريل پاس“ ذريعي سفر ڪرڻ ۾ آهي. هي پاسيون هفتي، ٻن هفتن ۽ ٽن هفتن جون ملن ٿيون. هڪ ٽوئرسٽ جيڪو واندو آهي، ان لاءِ هي پاسون بهترين ۽ سستيون آهن. هنن پاسين ذريعي توهان ڏينهن رات سڄي جپان ۾ پيا سفر ڪيو. ڪن پاسين ۾ ته توهان بسين ۾ به مفت سفر ڪري سگهو ٿا. هڪ شهر مان چڙهي ٻئي ۾ لهي پئو ۽ ان ۾ ڪلاڪ ٻه گهمي وري ٽئين شهر ڏي روانا ٿيو– اهڙي طرح سڄي جپان ۾ پيا چڪر هڻو. هي پاسون جيتوڻيڪ سستيون آهن پر تڏهن به فقط هفتي واري پاس جي قيمت ٽيهه هزار يين يعني ويهه هزار رپيا ٿئي ٿي. ان کي توهان سستو ان ڪري چئي سگهو ٿا جو فقط ٽوڪيو کان اوساڪا ٽن ڪلاڪن جي سفر جو ڀاڙو چار هزار يين يعني ٽي هزار رپيا آهي .... يعني هو. ان کي به پنج سال ٿي ويا.
    جپان ۾ جيڪي رهي آيا هوندا يا فقط مختصر دوري تي ويا هوندا, انهن کي يڪدم محسوس ٿيو هوندو ته جپان ۾ سڀ کان پاپيولر سواري ريل گاڏي آهي. هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين يا ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا ۽ ڪوبي جهڙن وڏن شهرن ۾، شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ماڻهو سفر ريل گاڏين ۾ ڪن ٿا ۽ جپان جون ريل گاڏيون مسافرن سان جيڏو پئڪ رهن ٿيون ايڏو مون کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نظر نه آيون. رش اور ۾ ته ٽرين جو هر دٻو بيٺل ماڻهن سان ٽٻ هوندو آهي. ايتريقدر جو در بند ٿيڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، جنهن لاءِ هر در اڳيان بيٺل پوليس مسافرن کي ٿيلها ڏيئي اندر ڪندي آهي، جيئن در بند ٿي سگهن. ڇو جو جپان جي سيفٽي مطابق تيسين ريل گاڏي هلي نٿي سگهي جيسين ان جا در چڱي طرح بند ٿي لاڪ ٿين.
    ڪنهن مئگزين ۾ دنيا جي ريل گاڏين ۽ ان ۾ سوار ٿيندڙن جا انگ اکر پڙهيا هئم. ان مئگزين جي سروي مطابق جپان جيتوڻيڪ ننڍو ملڪ آهي ۽ ريل جي پٽن جي ايڏي ڊيگهه ناهي پر سڀ کان گهڻا ماڻهو سفر ڪن ٿا.
    جپان ۾ ريل گاڏين جون 202 مختلف ڪمپنيون آهن ۽ 28 هزار ڪلوميٽر ريل جو پٽو آهي. ان جي مقابلي ۾ آمريڪا ۾ 200 هزار (يعني ٻه لک) ڪلوميٽر ريل جو پٽو آهي، جرمني ۾ 41 هزار ۽ انڊيا ۾ 63 هزار ڪلوميٽر آهي. پر جپان ۾ سال ۾ ٻاويهه ارب مسافر سواري ڪن ٿا، آمريڪا ۾ ٻه ڪروڙ، جرمني ۾ ڏيڍ ارب ۽ انڊيا ۾ ٽي ارب مسافر ريل گاڏي ذريعي سفر ڪن ٿا. جيستائين انهن گاڏين کي هلائڻ ۽ اسٽاف جو ڪم آهي ته جپان ۾ گهڻي آٽوميشن هجڻ ڪري سڀ کان گهٽ ماڻهو ڪم ڪن ٿا يعني 190000. آمريڪا ۾ ٻه لک، جرمني ۾ نو لک ۽ انڊيا ۾ سترهن لک. انڊيا ۾ سڀ کان گهڻا ماڻهو ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم آهن. انگريزن جي وڃڻ وقت جيتوڻيڪ انڊيا ۽ پاڪستان جو ريلوي ڊپارٽمينٽ ڪارڪردگي ۽ سهوليت جي لحاظ کان هڪ جهڙو هو پر اڄ انڊيا جون ريل گاڏيون، ريلوي اسٽيشنون پنهنجي ڪارڪردگي، سونهن، سيفٽي، سهوليت ۽ گهٽ ڀاڙي ۾ اسان کان گوءِ کڻي ويون آهن، جنهن بابت تفصيل سان پنهنجي انڊيا واري سفرنامي ”دهلي جو درشن“ ۾ لکي چڪو آهيان.
    جپان ۾ سڀ کان مشغول ترين ريلوي اسٽيشن شنجوڪو آهي، جيڪا ٽوڪيو شهر جي اسٽيشنن مان هڪ آهي. جيئن اسان وٽ ڪراچي سٽي، ڪراچي صدر، ڊرگ، ملير، لانڍي ڪراچي جون ريلوي اسٽيشنون آهن، تيئن ٽوڪيو شهر جيڪو پکيڙ ۾ ڪراچي کان به وڏو آهي ان جي ڪجهه مشهور علائقن جون اسٽيشنون هن ريت آهن:

    گنزا
    ائينو (Ueno)
    شـِـيبويا (Shibuya)
    اِڪيبـُـوڪُورو (Ikebukuro)
    شيناگاوا (Shinagawa)
    اساڪسا
    هيبييا
    يوراڪوچو
    تسوڪيجي
    شمباشي، وغيره.

    جپان هڪ جابلو ملڪ آهي ۽ سوين ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جن مان چار هڪيدو، هونشو، ڪيوشو ۽ شڪاڪو تمام وڏا ٻيٽ آهن، جيڪي پلين ۽ سامونڊي سرنگهن (Tunnels) ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ جپان ۾ هلندڙ ريل گاڏين کي ڪڏهن مٿي جبلن جي چوٽيءَ تان ته ڪڏهن سطح سمنڊ کان به هيٺ هلڻو پوي ٿو. جپان جي نوبي ياما ريلوي اسٽيشن سڀ ۾ اتاهين ريلوي اسٽيشن آهي ۽ سطح سمنڊ کان 1350 ميٽر (يعني چار هزار کن فٽن) جي بلندي تي آهي ۽ يوشي اوڪا ريلوي اسٽيشن، سطح سمنڊ کان 150 ميٽر (450 فٽ) هيٺ تسوگارو سامونڊي نار ۾ آهي. هڪئيدو ۽ هونشو ٻيٽ هڪ ٻئي کان ڪافي پري آهن پر جپاني انهن ٻيٽن کي سيئيڪان نالي سرنگهه سان ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. سمنڊ اندر هيءَ سرنگهه (tunnel) دنيا جي وڏي ۾ وڏي آهي جنهن جي ڊيگهه 54 ڪلوميٽر (اٽڪل ٽيهه ميل) کن ٿيندي. هن وڏي ٽنل کان علاوه جپان ۾ 4764 ٻيا به ٽنل آهن جن مان هتي جون ريل گاڏيون لنگهن ٿيون ۽ سڄي ملڪ ۾ مختلف پلين جو تعداد ته هڪ لک کان به مٿي آهي (اٽڪل هڪ لک ويهه هزار!) سڄي جپان ۾ 9573 ريلوي اسٽشنون آهن ۽ ٽوڪيو ريلوي اسٽيشن تي ته سڀ کان گهڻيون گاڏيون اچن ٿيون. روزانو 640 گاڏيون اچن وڃن ٿيون).
    هتي جڏهن اسان جپاني ريل گاڏين ۽ ريلوي اسٽيشنن جو ذڪر ڪيو آهي ته انهن تي وڪامندڙ کاڌي جي دٻين ”اِڪي بين“ بابت ڪجهه سٽون لکڻ بي محل نه ٿيندو. جيئن اسان جي ملڪ ۾ ريلوي اسٽيشنن، پليٽ فارمن ۽ ريل گاڏين ۾ مختلف کاڌي جون شيون وڪامن ٿيون، تيئن جپان ۾ پڻ کاڌي جون شيون ڪاٺ جي دٻلين ۾ خوبصورت طريقي سان پئڪ ٿيل وڪامن ٿيون. اهي دٻليون يا پئڪيٽ Ekiben سڏجن ٿا. وڪڻڻ وارو اِڪي بين يا بينٽو جو هوڪو ڏيندو آهي. ڪاٺ يا پلاسٽڪ جي هنن دٻين ۾ ٽي چار خانا ٿين. وڏي خاني ۾ گهڻو ڪري چانور ٿين. باقي ٻن ٽن ننڍن خانن ۾ مڇي، گوشت، سلاد وغيره ٿئي، جيڪو خوبصورت ڊيزائين سان سينگاريل هوندو آهي.
    دراصل Ekiben لفظ اِڪي يوري بينٽو جو شارٽ فارم آهي ۽ Eki-Uri-Bento جي معنيٰ آهي ريلوي اسٽيشن تي وڪامندڙ کاڌي جو دٻو. منهنجو هڪ ٽوڪيو يونيورسٽي جو جپاني پروفيسر دوست ٻڌائيندو آهي ته اهو ”اڪي بين“ جو ڪلچر جپان ۾ تمام جهونو آهي. اڪي بين (کاڌي جون دٻيون) وڪامڻ جو رواج 1880 ۾ شروع ٿيو. هي دٻيون پهرين اتسونوميا ريلوي اسٽيشن تي نظر آيون هيون ۽ پوءِ جپان جي ٻين ريلوي اسٽيشنن تي به مشهور ٿي ويون. انهن ڏينهن ۾ انهن دٻين ۾ چانورن جا ٻه کن بال ۽ پتائي گجر يا موري جي آچار جو ذرو هوندو هو. پوءِ آهستي آهستي انهن شين جي ورائٽي وڌندي وئي. اڄ ڪلهه ته ڪن ڪن بينٽو (ڪاٺ جي دٻين) ۾ کاڌي جي مختلف شين سان گڏ شراب جي بوتل پڻ رکيل نظر اچي ٿي.
    بهرحال جپان جي هنن تيز رفتار ريل گاڏين (شنڪانسين)، جن کي اسين غير جپاني ماڻهو ”بليٽ ٽرين“ ٿا سڏيون، سڄي دنيا ۾ مشهور آهن ۽ جپانين کي پنهنجين هنن گوليءَ جهڙي تيز گاڏين تي وڏو ناز آهي. هي ريل گاڏيون نه فقط تيز آهن ۽ تمام گهڻا ماڻهو ۽ سامان کڻن ٿيون پر با حفاظت به آهن. 1957 ۾ هنن تيز رفتار ريل گاڏين جو جپان حڪومت سوچيو هو. هي اهو دور هو جڏهن دنيا ۾ اهوئي چيو ويو ٿي ته هوائي جهاز سروس شروع ٿيڻ تي جتي ڪٿي ريل گاڏيون بند ٿي وينديون. انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ جيڪي تيز رفتار گاڏيون هيون، اهي ٻاڦ جي انجڻ تي هلندڙ هيون. هڪ جو نالو تسو يامي (معنيٰ ابابيل) هو ۽ ٻيءَ جو هاتو (ڪبوتر) هو ۽ سندن رفتار هڪ سؤ ڪلوميٽر (60 ميل) ڪا مس هئي. انهن ڏينهن ۾ انهن تيز رفتار ريل گاڏين ۾ ٽوڪيو کان اوساڪا (جيڪو 350 ڪلوميٽر يعني 340 ميل) مفاصلو اٺن ڪلاڪن ۾ پورو ڪيو ٿي. پوءِ 1964 ڌاري هي بليٽ ريل گاڏيون (شنڪانسين) شروع ٿيون جن جا نالا هِڪاري (کنوڻ) ۽ ڪوداما (پڙاڏو) رکيا ويا ۽ اهي پهرين ٽوڪيو ۽ اوساڪا جي وچ ۾ هلڻ لڳيون، جيڪا Tokaido Route سڏجي ٿي. اهي ريل گاڏيون ٻه سؤ کان مٿي ڪلوميٽرن جي رفتار سان هلڻ لڳيون ۽ پوءِ سال اڌ ۾ ٽيڪنالاجي ايڏو وڌي ويئي جو هي ريل گاڏيون واقعي گوليءَ وانگر هلڻ لڳيون ۽ نه فقط ٽوڪيو ۽ اوساڪا جي وچ ۾ پر سڄي جپان ۾ هلڻ لڳيون. اوساڪا کان اوڪاياما 180 ڪلوميٽر آهي ۽ 1972ع کان ان تي گاڏيون هلڻ شروع ٿيون ۽ اها روٽ Sanyo-Route سڏجي ٿي. 1975ع ۾ اوڪايا کان فڪواوڪا (440 ڪلوميٽر) ان ۾ شامل ڪيو ويو. 1982 ۾ توهوڪو روٽ (اومي يا کان موري اوڪا) 505 ڪلوميٽر جوئيتسو روٽ (اومي يا کان نيئيگاتا) اٽڪل 30 ڪلوميٽر شروع ڪيو ويو. تاڪا ساڪي کان ناگانو جيڪا ناگانو روٽ سڏجي ٿي 1997 کان شروع ڪئي وئي ۽ ٻئي سال 1998ع ۾ ناگانو ۾ اولمپڪس جون رانديون شروع ٿيون هيون. اهڙي طرح هي بليٽ ريل گاڏيون سڄي جپان ۾ هلڻ لڳيون آهن. ٽڪيٽ گهڻي هجڻ جي باوجود مڪاني توڙي فارينر هوائي جهاز بدران هن تيز رفتار ريل گاڏيءَ ۾ چڙهن ٿا ۽ جپان جي هنن ريل گاڏين جي ڪاميابي ڏسي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن کي اهڙيون گاڏيون هلائڻ جو شوق ٿي رهيو آهي. 1981ع ۾ فرانس وارن TGV نالي ريل سسٽم شروع ڪيو، جرمني وارن ICE ۽ اٽليءَ وارن ETR500 نالي هي تيز رفتار گاڏين جو سسٽم جاري ڪيو. ۽ هاڻ تائيوان پنهنجو ريل سسٽم جپان مطابق ٺاهي رهيو آهي. هن سسٽم ۾ نه فقط اعليٰ معيار ۽ ڊيزائين جون ريل گاڏيون کپن پر اهڙو ئي بهترين ۽ ماڊرن ٽرئڪ کپي جنهن تان هي تيز رفتار گاڏيون سلامتي سان هلي سگهن.
    سائنس جي شاگردن جي تجسس ۽ هنن جي دماغ ۾ اڀرندڙ سوالن جي جواب لاءِ هتي ڪجهه نقطا لکي رهيو آهيان ته جپانين هنن تيز رفتار ريل گاڏين کي ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن:

    • ريل گاڏيءَ جو اڳيون حصو هوائي جهاز وانگر Streamlined رکيو ويو آهي، جيئن ريل گاڏيون Aerodynamic رهن ۽ هوا جو resistance گهٽ کان گهٽ رهي.
    • ريل گاڏيون جڏهن ايڏي وڏي رفتار سان هلن ٿيون ته هنن جا ڦيٿا Vibrate ڪن ٿا يعني ڌڏن ٿا. اهو ٿڙڪو (Vibration) ريل جي دٻن تائين پهچڻ سان اهي ڪِري سگهن ٿا، ڀڄي سگهن ٿا. سو ان Vibration کي گهٽائڻ لاءِ Air Springs ۽ ٻيو بندوبست ڪيو ويو آهي.
    • ريل جي پٽن کي ويڪرو ۽ سڌو رکيو ويو آهي، ڇو جو ايڏي رفتار ۾ گاڏيءَ کي ور وڪڙن ۾ هلائڻ ۾ خطرو آهي. هنن گاڏين لاءِ آٽوميٽڪ ڪنٽرول سسٽم ATC رکيو ويو آهي، جيڪو آٽوميٽڪ آهي ۽ ريل گاڏيءَ جو اسڪئنر، رستي تي لڳل سگنل، خود پڙهي ان موجب گاڏيءَ جي رفتار ۾ تبديلي آڻي ٿو، جيڪا هڪ انسان ڊرائيور جي وس جي ڳالهه ناهي.


    غريبَ جو ٻار سدائين سورن ۾

    اسانجي ملڪ جا ماڻهو انهيءَ کان چڱي طرح واقف هوندا ته پاڪستان ۾ غريبن سان ڪيڏو ظلم ۽ ناانصافي ٿئي ٿي. شهر هجن يا ڳوٺ ڏاڍي جو ڪو نالو وٺڻ وارو ناهي غريب ۽ ڪمزور تي هر ڏوهه مڙهيو وڃي ٿو. هن کي انهن ڏوهن جي به سزا ڏني وڃي ٿي جيڪي هن نه ڪيا آهن. اهو ئي حال دنيا جي ملڪن جو آهي. پرديس ۾ امير ۽ طاقتور ملڪ جي ماڻهوءَ جو ڪو نالو نٿو وٺي بلڪه ڏوهه ۾ جھلجي ۽ ثابت ٿيڻ بعد به هن کي پنهنجا پراوا بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. غريب ملڪ جي ماڻهوءَ کي شڪ جي بنياد تي به خوار خراب ڪيو وڃي ٿو ۽ هن کي ڇڏائڻ يا پاسو کڻڻ وارو ڪو نظر نٿو اچي...... نه ڌارئين ملڪ جو ڪو مڪاني ادارو ۽ نه سندس ملڪ جو سفارتخانو. فرانس جهڙي ملڪ ۾ هڪ انڊونيشي همراهه جھلجي پيو اخبارن ذريعي اخباري نمائندن توڙي حڪومت هن کي خوار ڪيو، عوام واهه واهه ڪئي پر پوءِ جلد ئي خبر پئجي وئي ته اهو ڏوهاري انڊونيشي نه پر ملائيشيا جو پاسپورٽ رکندڙ ملئي آهي. سڀ چپ ٿي ويا. نمونو سمونو ڪري هن جا ڏوهه گناهه لئه مَٽ ڪري ڇڏيا. ملائيشيا ۽ سعودي عرب جهڙن اڀرندڙ ۽ پئسي واري ملڪ سان ڇو مهاڏو ڪجي ــ ڀلي کڻي اهي مسلمان ملڪ هجن جن تي يورپ جي هر ملڪ جي ڪاوڙ هجي.... پر ملائيشيا ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن کي ناراض نه ڪرڻ کپي جو اتي فرينچ يا ٻين يورپي حڪومتن جا مفاد آهن ـــ جيتوڻيڪ هڪ انـڊونيشي ۽ ملائيشين ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. ٻئي ملئي نسل جا ٿين ٿا. انهن ملڪن ۾ ڏهه سال رهڻ بعد به ڪيترا ڌاريان هنن جي شڪل، قد بت، ڪپڙن ڳالهائڻ، مذهب ۽ عادتن مان پرکي نه سگهندا. ٻئي هڪ جهڙا هجڻ جي باوجود انڊونيشي همراهه تي ڪات ڪهاڙا کنيا وڃن ٿا جو هن جو تعلق غريب ملڪ سان آهي. ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياستدانن ڪري ملڪ جي معيشيت خراب آهي (جيتوڻيڪ انڊونيشيا ۾ تيل به نڪري ٿو جيڪو ملائيشيا ۾ نه آهي)، ۽ جنهن ملڪ جو سفارتخانو به پنهنجن جي سار سنڀال نٿو لهي. ڏٺو وڃي ته ڌارين ملڪن ۾ اسانجي پاڪستانيءَ جو حال ان کان به خراب آهي. ڪو زمانو هو ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ عرب ملڪ ته ڇا جپان ۽ يورپ جي ملڪن ۾ به پاڪستانيءَ جو وڏو مان شان هو.
    پاڪستاني هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻهو سمجھيو ويو ٿي. سري لنڪا، ملائيشيا، سنگاپور جهڙن ملڪن جا ته تعليمي ادار، جهازران ڪمپنيون، فوجي ادارا اسان پاڪستانين شروع ڪرايا يا انهن ملڪن جا شاگرد تعليم لاءِ اسانجي ملڪ ۾ ايندا هئا. هاڻ اسانجي بدنما سياسي حالتن تان دنيا کلي ٿي، غربت ڏي وڌندڙ معاشي حالتن تان ڪوريا ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن جا ماڻهو به چٿرون ڪن ٿا. برمين، افغانين، ازبڪن ۽ ٻين ڌارين ملڪن جي ماڻهن اسانجي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪري جيڪا دهشتگردي ۽ خواري اسانجي وطن يا ڌارين ملڪن ۾ پئدا ڪئي آهي ان هڪ صحيح پاڪستانيءَ کي خواريءَ جي کڏ ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ به اسانجو ملڪ سڌري پوي، ملائيشيا ۽ ڪوريا جهڙو ئي طاقتور ۽ امير ٿي وڃي ته اسانجي ماڻهوءَ ڏي ڪنهن جي مجال ٿئي جو آڱر به کڻي سگهي. دنيا انصاف ۽ برابريءَ جون ڳالهيون ته ڪري ٿي پر غريب ۽ ڏتڙيل ملڪ جي ماڻهوءَ کي جِتي ڪٿي ٽياس تي ٽنگيو وڃي ٿو. اڄ هي سڀ ڳالهيون ۽ خيال هِتي (جپان ۾) رهندڙ هڪ بنگلاديشي اسلام محمد (جنهن کي گهر جا ڀاتي ۽ دوست پيار مان Himu هِمو سڏين ٿا) سان جپان جهڙي سڌريل ۽ انصاف پسند ملڪ (گهٽ ۾ گهٽ سڏائيندڙ ملڪ) ۾ ٿيندڙ المئي تان ياد اچي ويا آهن.
    هڪ ڏينهن صبح جو اسلام محمد (هِمو) جي اک کلي ته هن جي گهر جي ٻاهران جپاني ميڊيا (اخبار ۽ ٽي وي جي رپورٽرن) تي نظر پيئي جيڪي پنهنجين ڪئميرائن کي هن جي گهر طرف سيٽ ڪري رهيا هئا، ۽ ڊزن کن سادن ڪپڙن ۾ جپاني پوليس جا اهلڪار گهر جون اڳيون دروازو کڙڪائي رهيا هئا.
    ”هن تي منهنجي زال ۽ ٻارن اڳيان مونکي گرفتار ڪيو. منهنجي زال روئي دانهون ڪندي رهي، منهنجي ڌيءَ روئندي رهي ۽ منهنجي به اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. مون هنن کي خاطري ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ”توهان مونکي غلط فهمي ۾ گرفتار ڪري رهيا آهيو“ پر هنن مونکي زور زبردستي سان جھلي پوليس جي وئن ۾ داخل ڪيو.“ هِموءَ ٻڌايو.
    اهڙي طرح بنگلاديش جي هن 33 ورهن جي همراهه جي ڏک جهڙي آزمائش شروع ٿي. هو صبح جو هڪ ڪامياب بزنيس مئن ۽ ٻن ٻارن جي Proud پيءُ جي حيثيت ۾ ننڊ مان اٿيو ۽ 24 ڪلاڪن کانپوءِ هو ٿاڻي تي پوليس جي آڏي پڇا کي منهن ڏئي رهيو هو. دنيا جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا هن جي چهري ۽ نالي کي بين الاقوامي دهشتگردي سان تعبير ڏئي رهيون هيون.
    هِموءَ کي ايندڙ ستن هفتن تائين نه پنهنجي زال ۽ ٻارن سان ۽ نه ڪنهن دوست يا وڪيلَ سان ملڻ ڏنو ويو. صبح کان وٺي رات تائين هفتي جا ڇهه ڏينهن پهرين ڪاناگاوا ۽ ان بعد بنا ڪنهن ساهيءَ جي لڳاتار 20 ڏينهن ٽوڪيو جيل ۾ هن جي Interrogation هلندي رهي.
    ان دوران ميڊيا وڏي تجسس مان هن جي گرفتاري جي سببن بابت قياس آرائي (نسوروئي غلط) ڪندي رهي ته هِمو القاعده تحريڪ جو cell ليڊر آهي، هو مَني ــــ لانڊرر آهي يعني ڊرگس ۽ غير قانوني ذريعن سان پئسو حاصل ڪري دهشتگرد ادارن جي مالي مدد ڪري رهيو آهي ۽ هِتي جپان ۾ هنن لاءِ جاسوسي ڪري رهيو آهي ـــ پر پوءِ جڏهن هِتي جي پوليس ۽ انٽيليجنس مٿو هڻي هڻي ٿڪجي پئي، هِموءَ کي ماري ڪٽي، ذهني ٽارچر ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پئي ته اِهو ئي ثابت ٿيو ته کودا پهاڙ، نڪلا چوها ـــ وه بهي مرا هئا! هموءَ تي فقط اهو ڏوهه وڃي ثابت ٿيو ته هن پنهنجي دڪان تي ٻه اهڙا ملازم رکيا جيڪي جپان ۾ غير قانوني طرح رهيل هئا. هن ڏوهه جي سزا طور کانئس ٽي لک يين (اٽڪل ڏيڍ لک رپيا) ڏنڊ خاطر وٺي کيس آزاد ڪيو ويو. ۽ افسوس رڳو ان ڳالهه جو آهي ته اها ميڊيا جنهن اسلام محمد هِموءَ جي گرفتاريءَ کان وٺي آڏي پڇا دوران وڏي زور شور سان اخبارن جي پهرين صفحن تي شاهه سرخين سان هن تي ۽ هن جي ملڪ (بنگلاديش) تي ڇوهه ڇنڊيندا رهيا ۽ وس آهن خوار ڪندا رهيا اُهي هِموءَ جي معصوم ثابت ٿيڻ تي ڪنهن رد عمل بنا ماٺ ٿي ويا. اخبار جي پٺئين صفحڻ تي ان خبر جو ٻن سٽن جو اعلان شايد ڪيترن پڙهيو به نه هجي. ڪنهن اهو به نه سوچيو ته هڪ بيگناهه کي اجايو هيترن ڏينهن لاءِ ٻچن ٻارن کان ڌار رکي سخت ذهني تڪليف ڏني وئي. هن جي ملڪ کي بدنام ڪيو ويو. هن سان ڪنهن همدردي جا ٻه ٻول به نه ڳالهايا. هن جو ڪيڏو مالي نقصان ٿيو، روحاني پيڙا رسي...... ڪنهن کي ڪو فڪر نه! ڄڻ غريب ملڪ جا ماڻهو انسان نه پر ڪيڙا مڪوڙا هجن!
    هِموءَ ٻڌايو ته هن جي غير حاضري ۽ خواري ڪري هن جو بزنيس تباهه ٿي ويو آهي ــ هن جي لکن جي عزت بنا ڪنهن ڏوهه گناهه جي مٽيءَ سان ملائي وئي . ”آئون ڪنهن کي ڪا شيءِ ٽپال رستي به موڪلي نٿو سگهان. جِتي به آئون پنهنجي ڪمپنيءَ جو نالو استعمال ڪريان ٿو ته گراهڪ ۽ خريدار ڊڄيو وڃن ۽ اهو ئي چون ٿا ته اسان کي توسان بزنيس ناهي ڪرڻو ـــ ماڻهن جي دماغ ۾ اڃان اهو وهم ويٺل آهي ته آئون ڪو القاعده جو ماڻهو آهيان.“
    هِموءَ کي پنهنجي گرفتاريءَ کان هفتو اڳ ان وقت شڪ ٿيو ته ڪجهه کچڻي پچي رهي آهي جڏهن هڪ ٽي وي جو عملو سندس آفيس ۾ آيو ۽ کيس ڪنهن گهربل ماڻهوءَ جي تصويرَ ڏيکاري هن کان پڇيو ته آيا هو هن کي سڃاڻي ٿو. هِموءَ کي فقط اها خبر هئي ته هن شڪل جو ماڻهو جنهن پاڻ کي امير سڏايو ٿي هن سان ڪجهه سال اڳ جپان جي گنما پريفيڪچر (ضلعي) جي مسجد ۾ مليو هو.
    دراصل اهو فوٽوءَ وارو ماڻهو جنهن فرانس جي قوميت رکي ٿي ان جو لائيونيل ڊومونٽ نالو هو جنهن لاءِ اهو شڪ هو ته هو القاعده وارن سان مليل آهي ۽ ٽوڪيو ۾ دهشتگردن جو ٽولو ٺاهڻ وارو آهي. ڊومونٽ ڪيترائي سال جپان ۾ آزادي سان رهڻ بعد هو جرمني ۾ گرفتار ٿي پيو جِتان کيس پنهنجي ملڪ extradite ڪيو ويو. هِمو جنهن ٽيليفون جي Pre-paid ڪارڊن جو بزنيس ٿي ڪيو ان جي سوين گراهڪن مان هي فرينچ باشندو به هڪ هو.
    هِموءَ جي جپاني وڪيل تاڪيشيءَ جو اهو خيال آهي ته جپاني پوليس انساني حقن جو خيال نه رکندي عوام کي هِموءَ بابت ان الزام جي آگاهي ڏئي ڇڏي ته هو القاعده وارن سان مليل آهي. جيتوڻيڪ جن سببن ڪري پوليس هِموءَ کي گرفتار ڪيو هو اهي بلڪل بي بنياد هئا.
    وڪيل جو اهو مطلب هو ته پوليس ڄاڻي واڻي هِموءَ کان هلندڙ آڏي پڇا جا ڪجهه تفصيل پريس حوالي ڪري ڇڏيا جيئن پريس ان ڳالهه کي اڇالي ۽ ماڻهو اهو ئي سمجھن ته هِمو واقعي ڏوهاري آهي ۽ اهڙن ڏوهارين کي جھلڻ لاءِ جپان جي حڪومت وڏي جفاڪشي ڪري رهي آهي. کانئن، اصل ماڻهو ڊومونٽ ته جھلجي نه سگهيو ۽ هاڻ شرم کي پرچائڻ لاءِ اجايا سجايا ڇاپا هڻي بي گناهه ماڻهو، جھلي رهي هئي ۽ هر صورت ۾ هوءَ پنهنجي عوام کي اهو اميج پيش ڪري رهي ته پوليس کاتو ملڪ ۾ رهندڙ ڌارين ماڻهن تي چڱي طرح اک رکيو ويٺو آهي ۽ ڏوهارين سان سختيءَ سان پيش اچي ٿو.
    جنهن ڏينهن جپان ۾ رهندڙ هن بنگلاديشي بزنيس مئن کي گرفتار ڪيو ويو هو ان ڏينهن جي جپان مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ”اساهي شمبون“ پوليس جي جانچ بابت لکيو هو ته هِموءَ جي آفيس يوڪوسوڪا هوائي اڏي جي سامهون آهي جنهن هوائي بيس تي آمريڪا جا جهاز لهن ٿا. اخبار وارن پوليس آفيسر جو نالو ظاهر نه ڪندي ان آرٽيڪل ۾ اهو لکيو ته هِموءَ جي آفيس مان ڪنهن غير ملڪي کي بائناڪيولر (دوربين) ذريعي هوائي اڏي کي جاچيندو ڏٺو ويو. جنهن لاءِ هِمو جي وڪيل ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته اهو نسوروئي ڪوڙ آهي جو جنهن عمارت جي چوٿين ماڙ تي هموءَ جي آفيس آهي ان جي درين اڳيان وڏو سائن بورڊ لڳل آهي ۽ هِموءَ پنهنجي آفيس ان هنڌ تي آمريڪن نيول بيس جي هوائي اڏي جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ نه ٺاهي هئي پر ان هوائي اڏي تي آمريڪن ۽ جپاني سپاهين ۽ فارينرس کي پنهنجا فون ڪارڊ سولائيءَ سان وڪڻڻ لاءِ ٺاهي هئي.
    هموءَ جي گرفتاريءَ بعد ٻئي هفتي کان ٽوڪيو ۾ رهندڙ بنگلاديشين جي وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي ۽ بنگلاديش جي هڪ همراهه ٻڌايو ته هونءَ هر مهيني جيترا غير قانوني رهندڙ بنگلاديشي جھليا ويندا هئا ان کان ٻيڻا ٽيڻا پڪڙجڻ شروع ڪيا ويا ۽ کين پنهنجي وطن ڊپورٽ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. هِتي پڙهندڙن لاءِ اها ڳالهه واضح ڪندو هلان ته جپان، فرانس، جرمني، اسپين جهڙا ايشيائي توڙي يورپي ملڪ جِتي اميگريشن جا قانون سخت ڪري ڌارين کي پنهنجي ملڪ ۾ غير قانوني طرح رهڻ تي بندش وجھن ٿا اتي هو ڄاڻي واڻي ڪيترن کي گرفتار ڪرڻ کان پاسو به ڪن ٿا. جپان، هانگ ڪانگ، ملائيشيا انگلنڊ، فرانس جهڙن ملڪن ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جا هزارين ماڻهو غير قانوني طرح ڪارخانن، کاڻين، هوٽلن، اسپتالن ۾ مزدوري ڪن ٿا. ڇا انهن جي مڪاني پوليس کي خبر نه هوندي. بلڪل خبر رهي ٿي پر اهي امير ملڪ پاڻ به چاهين ٿا ته سندن ملڪن ۾ غير قانوني ماڻهو به رهن جو انهن مان کين وڏا فائدا رسن ٿا. غير قانوني طرح رهندڙ ماڻهو هر وقت خوف ۾ رهي ٿو. هو گهٽ پگهار تي ڪم ڪري ٿو ۽ ڪارخاني يا مل جي مالڪ کي ان ملڪ جو قانون ٻڌائي گهڻو پگهار ۽ مختلف سهولتن جي گُهر ڪرڻ بدران ٿوري ۾ ئي راضي رهي ٿو ۽ رات جهڙين ڏکين شفٽن ۾ به ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو وڃي. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو ڪنهن ملڪ کي خوار ڪرڻو آهي يا ڪنهن ملڪ جو باشندو ڏوهه ٿو ڪريته ان جي ملڪ جي ماڻهن جي وٺ پڪڙ ڪري کين پنهنجي ملڪ روانو ڪيو وڃي ٿو يا جيلن ۾ وڌو وڃي ٿو. امير ملڪن جي حڪومتن ۽ ڪارخانيدارن کي خبر آهي ته هڪڙا ويا ته ڀلي وڃن. کين ضرورت پوڻ تي ٻيا کوڙ ٺلهي ٻچڪات تي غير قانوني پهچي ويندا. ۽ جيستائين ٽي دنيا جي ملڪن جا سياستدان ۽ ليڊر، بيوروڪريٽ ۽ فوجي پنهنجي ملڪن جي ماڻهن کي ڪنگال ۽ بکيو رکيو ويٺا هوندا تيسين جياپي لاءِ اتي جا غريب ماڻهو وڏي کان وڏا جوکم به کڻي سندن امير ملڪن ڏي ايندا رهندا.
    سو بهرحال ٽوڪيو ۾ رهندڙ هن بنگلاديشي بزنيس مئن اسلام محمد هِموءَ جي گرفتاري بعد هڪ طرف جپانين جي دماغ ۾ بنگلاديش جو نالو آيو ته وڃ ته سهي! بنگلاديش جا ماڻهو به دهشتگرد آهن ۽ القاعده سان واسطو اٿن ۽ ٻئي طرف پوليس ڇاپا هڻي غريب بنگالين کي گرفتار ڪري پنهنجي ملڪ روانو ڪيو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل نه آهي ته بنگلاديش دنيا جي غريب ملڪن مان آهي ۽ اتي جا ماڻهو قرض کڻي ويزا ۽ ٽڪيٽون حاصل ڪري پنهنجن بکين ٻچن ٻارن لاءِ جپان جهڙي امير ملڪن ۾ روزگار ڪمائڻ لاءِ اچن ٿا. سو هِموءَ جي گرفتاري نه فقط هِموءَ جي تباهي ثابت ٿي پر سندس ملڪ جي به بدنامي ۽ ماڻهن لاءِ مصيبت ثابت ٿي. هِموءَ جي آزادي تائين جپان ۾ رهندڙ هر بنگلاديشي ڏڪندو رهيو، لڪندو رهيو.
    هِموءَ جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي جپان جي ڪورٽ مڪاني خبر رسان ايجنسي جنهن خبرن کي مروڙي سروڙي پيش ڪيو، کان هِموءَ کي سورهن لک يين compensation طور ڏياريو جيتوڻيڪ هِموءَ هڪ ڪروڙ يين جو ڪليم ڪيو هو. ٽوڪيو ڪورٽ جي جج رُولنگ هلائيندي اِهو فيصلو ڏنو ته:
    There is no evidence of truth in reports nor adequate reason to believe they were the truth.
    هِمو ڪورٽ طرفان آزاد ٿي ويو پر افسوس جو ڪنهن به اخبار واري يا ٽي وي واري جيڪي مهينو کن هِموءَ جي ڪردار تي گند اڇلائيندا رهيا، هن کان معافي نه ورتي. جپان ۾ رهندڙ بنگلاديش جي جرنلسٽ عبدالحق چيو ته اهو سڀ ڪجهه ان ڪري جو هِموءَ جو دنيا جي غريب ٿرڊ ورلڊ واري ملڪ سان واسطو آهي....
    هِموءَ جو چوڻ آهي ته باعزت آزاد ٿيڻ جي باوجود هن سان هن جا دوست، فون تي ڳالهائيندي به ڊڄن ٿا ته متان هِتي جي پوليس کين به تنگ ڪري. هن جي ٽن سالن جي ڌيءَ...... جنهن چوڏهن پوليس وارن کي گهر ۾ گهڙي سندس پيءُ کي زوريءَ کنڀي کڻندو ڏٺو، اها اڃان تائين شاڪ ۾ آهي. هِموءَ جي ماءُ جيڪا بنگلاديش ۾ رهي ٿي پنهنجي پٽ جو ٻڌي بيمار ٿي آهي ته اڃان تائين اسپتال ۾ آهي.
    ”نه ڏني نه ورتي، ويٺي ويٺي منهنجي ساک تباه ٿي ويئي، منهنجي ڪمپني ختم ٿي وئي.... منهنجي پٽ جي نالي جيڪا ڪمپني ٺاهي هيم ان جو ڏيوالو نڪري ويو،“ هِموءَ ٻڌايو، ”جيڪا به منهنجي بچيل پونجي هئي سڀ ختم ٿي وئي. آئون زيرو ٿي وڃي پهتو آهيان..... نه، زيرو ته نه، پر مائينس تي.“
    ”اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود“، هن جي هڪ بنگالي دوست هن کي آٿت ڏيندي چيو، ”حالتون ان کان به خراب ٿي سگهيون ٿي.“
    هڪ پاڪستاني جرنلسٽ ان ڳالهه جي تائيد ڪئي ۽ پوءِ مونکي راز واري لهجي ۾ چيو، ”هِموءَ کي شڪر ڪرڻ کپي. ان جاءِ تي ڪو ڏاڙهيءَ وارو پاڪستاني يا افغاني هجي ها ته هن کي في الحال گئانتانامو موڪلي ڇڏين ها.“


    ڪيتري دير هڪ ٽنگ تي بيهي سگهو ٿا؟

    هڪ دفعي اسانجو جهاز ڪينيا جي بندرگاهه ”ممباسا“ ۾ بيٺو هو ته جپان جو هڪ جهاز سان جي جهاز جي Along Side يعني اسان جي جهاز جي ڀرسان لڳي اچي بيٺو. بندرگاهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مقرر جيٽين (ڌڪن) کان وڌيڪَ جهاز اچي ويندا آهن ته پوءِ انهن کي پهرين جي بيٺل جهازن سان لڳائي بيهاريندا آهن پوءِ جيٽيءَ سان لڳل جهازن جو سامان ته ڪناري تي لڳل ڪرينن ذريعي لاهي ٽرڪن ۾ رکيو ويندو آهي پر الانگ سائيڊ بيٺل جهازن جو سامان انهن جهازن تي فِٽ ٿيل ننڍين ڪرينن (ڊيرڪن) ذريعي لاهي سمنڊ واري پاسي بيٺل بارجن (تانگهين ٻيڙين) ۾ رکيو ويندو آهي جن مان پوءِ بعد ۾ اهو سامان اندروني ملڪ موڪلڻ لاءِ ٽرڪن يا مال گاڏين ۾ ڀريو ويندو آهي. چٽگانگ، ڪولڪتا، بئنڪاڪ ۽ سنگاپور جهڙا بندرگاهه جيڪي درياهن جي ڇوڙ وٽ آهن اتي ته اهي بارجون سامان سوڌو اندروني بندرگاهن ۾ هليون وڃن ٿيون جيئن اڳ ۾ اسان وٽ، جڏهن اسان واري سنڌو ندي Navigable هئي ته، ٺٽي پاسي آيل ٻيڙا اندروني سنڌ ڪوٽڙي، هالا، روهڙي سکر..... ويندي ملتان تائين هليا ويا ٿي.
    ممباسا بندرگاهه ۾ ڪم تمام آهستي هلي رهيو هو... مزورن جي کوٽ يا هڙتال هئي يا شايد ٽرڪن وارن جي. اسان کي هن بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائيندي به هفتو کن ٿي ويو هو ۽ هاڻ گذريل ڏينهن جپان جو هي جهاز اچي اسان جي الانگ سائيڊ بيٺو هو. اسان جهاز وارا ممباسا بندرگاهه ۽ اوس پاس جا چڪر شروع وارن ڏينهن ۾ هڻي، کيسو هلڪو ڪري، هاڻ جهاز تي پئي وقت گذاريوسين. ڪو زمانو هو جڏهن ڪينيا جي ايڪانامي انڊين (گجراتين، هندو سنڌين، آغا خانين ۽ بوهرين) جي حوالي هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ عدن ۽ ڪولمبو وانگر هن پاسي ممباسا ۽ زنجبار ۾ شاپنگ جو وڏو چارم هوندو هو پر پوءِ مقامي سياستدانن ملڪ جي خزاني جي ڀينگ ڪري پوءِ باهيون هنن انڊين رهاڪن مان ڪڍڻ خاطر کين پنهنجي ملڪ مان لوڌي ڪڍيو ۽ سندن بزنيس پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. پر افسوس جو هي به يمنين وانگر ڪاروبار نه سمجھي ۽ سکي سگهيا ۽ نه هلائي سگهيا... اڄ ممباسا به عدن بندرگاهه وانگر شاپنگ جي خيال کان ڀڙڀانگ ٿي چڪو آهي.
    بهرحال ممباسا جون مارڪيٽيون انهن اوج وارن ڏينهن جي مقابلي ۾ کڻي ويران هجن پر قدرتي سونهن ۾ ته ممباسا جو اڄ به جواب ناهي. چوڌاري ساوڪ، وڻ ٽڻ، گل گلڪاريون .... ڇا ڳالهه ڪجي! جِتي ملائيشيا وانگر ٻارهوئي رکيو رکيو پيو مينهن وسي اتي گهاٽا ٻيلا، رنگين پکين جا ولڙ ۽ جانور ڇو نه ٿيندا. ڪولالمپور ته فقط شهر آهي پر ممباسا ته بندرگاهه به آهي... نه فقط بندرگاهه آهي پر هڪ ٻيٽ آهي جنهن جي چوڌاري هندي وڏي سمنڊ جون ڇوليون پيون ٽڪرائين ۽ اندر ڪئين ڪئنال ۽ درياهه آهن. ممباسا ٻيٽ کي باقي ملڪ ڪينيا کان ’تيودور ڪريڪ‘ ۽ ’ڪيلينڊني هاربر‘ جدا ڪن ٿا. هونءَ هي ٻيٽ اتر طرف کان باقي ڌرتي سان ’نيالي پل‘ ذريعي ڳنڍيل پڻ آهي جيئن ڪراچيءَ جو ڪياماڙي وارو علائقو باقي ڪراچي شهر ۽ ملڪ سان نيٽي جيٽي پل ذريعي ڳنڍيل آهي.ممباسا ٻيٽ اولهه پاسي مڪوپا نالي ڪازوي ذريعي پڻ باقي ملڪ سان ڳنڍيل آهي جيئن سنگاپور ٻيٽ ملائيشيا جي ملڪ سان ”جوهوربارو“ شهر وٽ ڪاز وي ذريعي ڳنڍيل آهي .... جنهن تان بسن ڪارن کان علاوه سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ وچ ۾ هلندڙ ٽرين پڻ ٽپي ٿي. ۽ هِتان هن ممباسا واري ڪاز وي تان ڪينيا ۽ يوگنڊا ملڪن جي وچ ۾ هلندڙ ٽرين هلي ٿي. هونءَ اسان وٽ منهوڙو ٻيٽ به ڪراچيءَ سان هڪ سنهي زميني پٽي ۽ ڪاز وي ذريعي مليل آهي جيڪو رستو ’سئنڊس پِٽ‘ پاسي ملي ماريپور کان اچي نڪري ٿو.
    بهرحال اسان جي ٻئي پاسي بيٺل جپان جي جهاز جا آفيسر ۽ خلاصي ڪناري تي وڃڻ وقت پنهنجي جهاز تان ٽپي اسان جي جهاز تي آيا ٿي ۽ پوءِ اسان جي جهاز تي لڳل گئنگ وي (ڏاڪڻ) ذريعي هيٺ جيٽيءَ تي لٿا ٿي. سڄو ڏينهن هو اسان جي ڪئبنن اڳيان لنگهي رهيا هئا.... ۽ ائين ئي ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي جهاز کي به دنيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ اڪيلو بيهڻ جي جاءِ ملڻ بدران ڪنهن ٻئي جهاز جي ڀر ۾ ملندي آهي. هونءَ خوشيءَ جي حد تڏهن نه رهندي آهي جڏهن پنهنجي ملڪ جي ڪنهن جهاز ڀرسان بيهڻو پوندو آهي ۽ ٻئي جهاز دنيا جي مختلف طرفن کان آيل هوندا آهن ۽ پوءِ هڪ ٻئي کان مختلف ملڪن جون خبرون وٺندي نه ڍاپندا آهيون.
    صبح جو سوير اٿڻ منهنجي عادت آهي..... چاهي سمنڊ تي هجان يا بندرگاهه ۾. ممباسا ۾ به منهنجي سوير اک کلي ويندي هئي ۽ ٻاهر جي تازي هوا کائڻ لاءِ ڊيڪ تي ڪرسي رکي اچي ويهندو هوس. هونءَ سمنڊ واري پاسي ئي ويهڻ پسند ڪندو آهيان پر بندگاهه (ممباسا) ۾ اسانجو سمنڊ وارو پاسو جپان جي جهاز ڪري بلاڪ ٿيل هو سو هاڻ بندرگاهه يعني جيٽي واري پاسي اچي ويٺس ٿي. ممباسا ۾ انگريزي اخبار ڇپجي ٿي پر ايترو صبح جو اسانجي جهاز تي نٿي پهتي جو اها کڻي ويهي پڙهان. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن بندرگاهه مان لنگهندڙ ڪارين کي يا ايندر ويندڙ ماڻهن کي ڏسندو رهيس ٿي. يا وري ڳوڻين مان پٽ تي ڪريل ان تي مختلف پکين کي چڳندو ڏسندو رهيس ٿي.
    اسان جي ڀر ۾ بيٺل جپاني جهاز جا ماڻهو اٿيا سوير ئي ٿي پر پنهنجي جهاز تي ئي مشغول رهيا ٿا. انهن مان هڪ جيڪو لڳو ٿي ته مون وانگر پنهنجي جهاز جو چيف انجنيئر هو اهو پهرين ڏينهن کان ئي صبح جو جنهن وقت آئون ڊيڪ تي ويٺو هوندو هوس پنهنجو جهاز لتاڙي، اسان جي جهاز تان گذري ڏاڪڻ ذريعي هيٺ جيٽي تي لٿو ٿي. منهنجي ڀرسان لنگهڻ وقت هٿ جي اشاري سان گڏ زور سان ”ويري گڊ مارننگ“ چيو ٿي.
    جواب ۾ پهرين ڏينهن کيس مون سندس زبان ۾ ”اوهيو گو ذائي ماس“ چيو ته هن کي ٿوري حيرت ٿي پر پوءِ سمجھي ويو ته دنيا جو هر جهاز سندن ملڪ ۾ وڃي ٿو ۽ هرڪو ٿوري گهڻي جپاني سکيو وٺي.... پر وري به تڪلف طور پڇيائين ته ”نهان گو وڪاري ماسڪا“ (ڇا توهان کي جپاني اچي ٿي؟“
    ”شڪوشي وڪاري ماس“. (ٿوري اچي ٿي)
    هو روزانو هيٺ لهي ڪيڏانهن ويو ڪو نه ٿي پر هيٺ جيٽي تي ئي جهاز طرف منهن ڪري هڪ ٽنگ تي ٻگهه پکيءَ وانگر ٿوري دير بيهي وري انهي پيرين مٿي چڙهي آيو ٿي. پنهنجي جهاز تي وڃڻ وقت کيس چانهه جي آفر ڪيم ٿي پر هو ”اري گاتو“ (مهرباني) چئي هليو ويو ٿي.
    هڪ ڏينهن (بس اسانجا به ان بندرگاهه ۾ سمجهو ته آخري ڏينهن هئا) دستور يا تڪلف موجب مون هن کي چانهه پيئڻ لاءِ چيو ته هو يڪدم ويهي رهيو.
    Kohi O nomi tai desu
    (آئون ڪافي پيئڻ پسند ڪندس) هن چيو.
    مون يڪدم پنهنجي جهاز جي اسٽيورڊ کي گهرائي هن جي پسند مطابق الڳ الڳ کير، ڪافي ۽ کنڊ گهرائي هن اڳيان رکرايم. هي ڪافي به پيئندو رهيو ته هيڏانهن هوڏانهن جون خبرون به ڪندو ۽ پڇندو رهيو. پاڻ ٻڌايائين ته هو جپان جي تاريخي شهر ڪيوٽو جو رهاڪو آهي ۽ هن جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر آهي .... يعني چيف انجنيئر بعد ٻي نمبر پوسٽ تي آهي.
    اسانجي مرچنٽ نيوي جي جهازن جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ”چيف انجنيئر“ ٿئي ٿو جنهن جي هٿ هيٺ پنج ڇهه مئرين انجنيئر ۽ هڪ يا ٻه اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ جهاز جي ڪڏهن ريفريجريٽر ڪارگو به کڻي ٿو ته هڪ ريفريجريشن انجنيئر ۽ ٻه کن مڪينڪ ۽ هڪ اليڪٽريشن ۽ ٻيون هيٺيون عملو جيڪي آگ وارا (فائر مين) ۽ تيل وارا (آئلر ۽ گريزر) ٿين ٿا. چيف انجينئر بعد ٻيو نمبر جيڪو سينئر موسٽ انجنيئر ٿئي ٿو اهو هر جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر سڏجي ٿو... اهڙي طرح ان بعد وارا ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر ۽ آخري ۽ جونئر مئرين انجنيئر ففٿ انجنيئر سڏجي ٿو جنهن کي اسان جي ننڍي کنڊ (انڊيا، بنگلاديش ۽ پاڪستان) جي جهازن تي ”پانچ صاحب“ سڏيو وڃي ٿو. جپاني سيڪنڊ انجنيئر جو ڳوٺ ’ڪيوٽو‘ روهڙيءَ وانگر آڳاٽو ۽ تاريخي شهر آهي پر روهڙي وانگر درياهه (يا سمنڊ) جي ڪناري تي هجڻ بدران خيرپور وانگر آهي. اسانجو جهاز جڏهن ڪوبي يا اوساڪا بندرگاهه ۾ بيهي ٿو ته اسان وقت ڪڍي ڪيوٽو به وڃون ٿا جيڪو اوساڪا يا ڪيوبي بندرگاهه کان ٽرين ذريعي 20 منٽن جي پنڌ تي آهي... يعني ڪوبي، اوساڪا ۽ ڪيوٽو ائين آهن جيئن روهڙي، سکر، خيرپور.... يا نوابشاهه، هالا، حيدرآباد.
    جپاني انجنيئر کان پڇيم ته صبح ساڻ اهو ٽن ڏينهن کان جهاز جي هيڏي ڏاڪڻ لهي هيٺ سيمينٽ جي جيٽيءَ تي ٻگهه پکيءَ وانگر ڇو ٿو بيهين؟
    ”دراصل پنهنجي عمر مطابق آئون پنهنجي دماغ جو ٽيسٽ ٿو وٺان ته مون ۾ پنهنجو پاڻ کي بئلنس رکڻ جي ڇا قوت آهي؟“
    هن مونکي ٻڌايو ته جپان ۾ رهندڙ ماڻهن جي حفاظت ۽ صحت جا ڪيترائي سُک آهن پر ميڊيڪل رپورٽ مطابق وڏي عمر جي ماڻهن کي پنهنجو پاڻ Balance نه رکڻ ڪري ٿاٻڙجڻ يا ڪرڻ تمام گهڻو آهي ۽ سال ۾ ايترا ماڻهو روڊ جي حادثن ۾ نٿا مرن جيترا ٿاٻڙجي ڌڪا کائڻ ڪري.
    ”اسان جي جسم ۾ Sensor ٿين ٿا جيڪي دماغ کي هر وقت پيغام پهچائيندا رهن ٿا .... انسان جيئن جيئن وڏي عمر جو ٿئي ٿو تيئن تيئن هن جو جسم ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو ۽ هن جون Sensory Abilities گهٽجيو وڃن. اهي پريشر سينسر جيڪي Mechanoreceptors سڏجن ٿا، سڀ کان گهڻا پيرن جي ترن (Soles) ۾ ٿين ٿا.“
    هن ٻڌايو ته مختلف عمر جا ماڻهو مختلف وقت لاءِ هڪ پير تي بيهي سگهن ٿا. ۽ اکيون پورڻ سان ته اهو عرصو اڃان به گهٽ رهي ٿو. هو ان وقت 55 سالن جو هو جنهن عمر مطابق صحتمند ماڻهو هڪ ٽنگ تي 35 سيڪنڊ ۽ اکيون پورڻ سان فقط 6 سيڪنڊ بيهي سگهي ٿو .... ”افسوس جو آئون ٽن ڏينهن کان پنهنجو ٽيسٽ وٺي رهيو آهيان پر رزلٽ صحيح نه پئي اچي.“
    هن جي وڃڻ بعد آئون به اٿي کڙو ٿيس. جهاز سوگهن رسن سان ٻڌل هجڻ جي باوجود لُڏي رهيو هو سو آئون به جهاز جي ڏاڪڻ لهي هيٺ جيٽي تي بيهي پنهنجو ٽيسٽ ورتم ۽ پنهنجي عمر 60 مطابق هڪ ٽنگ تي ٿي بيٺس ته 33 سيڪنڊ ٿيا ۽ اکيون بند ڪري 4 سيڪنڊ بيهي سگهيس جيڪو نارمل چيو وڃي ٿو پر اڄ جڏهن هي لکي رهيو آهيان ته 70 سالن جو آهيان ۽ ان عمر ۾ اڄ مونکي 23 سيڪنڊ بيهڻ کپي ۽ اکيون بند ڪرڻ سان 3 سيڪنڊ بيهي سگهڻ کپي.... توهان به ٽراءِ ڪري سگهو ٿا. جي توهان جي عمر 20 ۽ 40 جي وچ ۾ آهي ته پوءِ توهان 110 سيڪنڊ بيهي سگهو ٿا ۽ اکيون بند ڪرڻ سان 12 سيڪنڊ.


    ڇا ممباسا ۽ ڪيوٽو هڪ جهڙا آهن؟

    آفريڪا جي ملڪ ڪينيا جي بندرگاهه ممباسا، جِتي اسانجو جهاز بيٺو هو ۽ ان سان ملي بيٺل جپان ملڪ جي جهاز هو. ان جو انجنيئر، جنهن هڪ ڏينهن مون سان گڏ ڪافي پي ان جو سبب ٻڌايو ته هو ڇو ٽن ڏينهن کان جهاز تان هيٺ لهي سيمينٽ جي جيٽيءَ تي هڪ ٽنگ تي بيهي ٿو. ان کان اهو به پڇيم ته هن کي آفريڪا کنڊ جو هي بندرگاهه ”ممباسا“ ڪيئن ٿو لڳي ته هن ڪجهه گهڙيون سوچي چيو:
    ”ممباسا ڪيوٽو سيم سيم“،
    (ممباسا ۽ ڪيوٽو هڪ جهڙا آهن).
    ”اڙي!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ”ڪٿي جپان جو شهر ڪيوٽو..... جِتي بليٽ ٽرينون پيون هلن ۽ رستن تي سهسيس سينگار ڪري لکا رپين جي وڳن ۾ گيشائون پيون ناز سان پسار ڪن ۽ ڪٿي ممباسا .... جِتي اڃان تائين ڍڳي گاڏيون پيون هلن ۽ ڪيرا شيدي مرد توڙي عورتون ۽ ٻار اس ۾ پڪي رستي تان پيرين اگھاڙي پيا هلن!“ پر ان وقت مون هن جپاني درويش کي ڪجهه نه چيو. عجيب بيوقوف چئبو جو ڏهن سالن کان مٿي عرصو پاڻيءَ جي جهاز تي دنيا جا چڪر پيو هڻي پر هن جي نظرن ۾ سندس شهر ڪيوٽو ۽ هي شهر ممباسا هڪ ٿا لڳن! اڃان به ممباسا بدران ڪينيا جي گاديءَ جي شهر ”نئروبيءَ“ لاءِ چوي ها ته ڪيوٽو جهڙو شهر آهي ته پوءِ کڻي ان کي ڪجهه ڪجهه صحيح چئجي ها جو نئروبي شهر ڪوئيٽا ۽ ڪوهه مري وانگر اتاهين ليول تي آهي ان ڪري هن شهر ۾ ٻارهوئي ٿڌڪار رهي ٿي .... جتي اوچيون عمارتون ۽ سهڻا شاپنگ مال آهن ۽ ويندي مڪاني شيدي عورتون ماڊرن ويس وڳن ۽ سهڻي ميڪ اپ ۾ نظر اچن ٿيون.... پر ممباسا.... جيتوڻيڪ قدرتي سونهن ۾ سگهارو آهي پر اهڙو ته نه آهي جو جپان جي شهر ڪيوٽو سان مقابلو ڪري سگهي!
    پر پوءِ رات جي مانيءَ تي مونکي اوچتو ڌيان ۾ اچي ويو ته هن جپاني انجنيئر کي مون پئي بيوقوف ۽ اڻڄاڻ سمجھيو پر هن جي ڳالهه ته سؤ سيڪڙو صحيح آهي. در اصل هن جي اهو چوڻ جو مطلب اهو هو ته ڪيوٽو ۽ ممباسا ٻئي شهر آڳاٽا آهن... ۽ جيئن ڪيوٽو شهر ٽوڪيو کان به گهڻو گهڻو اڳ جو آهي تيئن ممباسا پنهنجي ملڪ جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ کان به تمام پراڻو آهي. نئروبي، ڪوالالمپور ۽ اسلام آباد جهڙا شهر ته ايئن آهن ڄڻ ڪالهه جا هجن... ويندي سنگاپور به. ٻه سؤ سال کن اڳ جو دفن ٿيل ماڻهو قبر مان اٿي اچي ته هو ممباسا ۽ ڪيوٽو شهر کي ته ضرور سڃاڻي ويندو پر مٿين ٻين شهرن جا نالا ٻڌي هن جو دماغ ضرور چڪرائبو.
    ممباسا جيڪو اڄ ڪلهه ڪينيا جو نئروبي بعد ٻيو نمبر وڏو شهر آهي... هڪ صدي اڳ تائين هن علائقي ۽ ايسٽ آفريڪا ۾ وڏي ۾ وڏو ۽ بلي بلي شهر هو ۽ ٻئي نمبر تي يوگنڊا جو شهر ڪمپالا هو. هي علائقو يعني آفريڪا کنڊ جو هي حصو جنهن تي انگريزن جو قبضو هو ”ايسٽ آشفريڪا پروٽيڪٽوريٽ“ سڏبو هو. ويندي اسان ننڍا هئاسين ته ان نالي واريون پوسٽ جون ٽڪليون گڏ ڪندا هئاسين... پوءِ انگريزن جڏهن ٽپڙ ٻڌڻ شروع ڪيا ته ان جي هڪ حصي جو نالو ”جبل ڪينيا“ تاني ”ڪينيا“ رکيو ويو. اهو آهي ته اوسي پاسي جي ٻين آفريڪا ملڪن سوماليا، ملاوي، روانڊا ۽ موزمبق وغيره کان (جن تي ٻين يورپي ملڪن جي حڪومت هئي)، هي انگريزن جي راڄ وارا ملڪ گهڻين ڳالهين ۾ بهتر هئا. جيئن انگريزن اسان واري پاسي انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش، سري لنڪا، سنگاپور، ملايا (ملائيشيا) وغيره ۾ پوسٽ، ريلوي، نهري پاڻي جو سسٽم ۽ جيوڊيشري جو نظام ٺاهي ڇڏيو تيئن هِتي ممباسا کان ڪمپالا تائين ريل توڙي بندرگاهه انگريزن ٺهرايو.
    اڄ به هن پاسي ’ممباسا‘ ٽوئرزم جو مرڪز آهي. ممباسا ۾ انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهي ۽ ممباسا جو بندرگاهه هن علائقي ۾ وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي. آفريڪا جي اوس پاس جهاز خراب ٿئي ٿو ته اسان ممباسا اچون ٿا يا ٿورو هيٺڀرو آهيون ته پوءِ سائوٿ آفريڪا جي بندرگاهه ڪيپ ٽائون ۾ هليا وڃون ٿا. ڪنهن زماني ۾، منڊيلا جي آزاد ٿيڻ کان اڳ تائين اسان پاڪستانين کي سائوٿ آفريڪا ۽ اسرائيل وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي پر جهاز خراب ٿيڻ تي يا ٻي امرجنسي ۾ اسان وڃي سگهياسون ٿي .... جيئن اسان جي هڪ دوست ڪئپٽن عالم شيخ (سليم وفائي جي مامي) جي پٽ جو موزمبق وٽ هٿ ڪٽجي پيو ته ان کي هيليڪاپٽر ذريعي سائوٿ آفريڪا جي شهر ڊربن ۾ پهچايو ويو. هن حادثي جو تفصيلي احوال مون پنهنجي سفرنامي ”بوتلن جو سفر“ ۾ لکي چڪو آهيان.
    ممباسا وڏي عرصي کان هندي سمنڊ جو اهم بندرگاهه هلندو اچي واسڪو ڊي گاما به ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ جو سمنڊ ڪراس ڪرڻ بعد پهرين ممباسا پهتو جِتان پوءِ انڊيا روانو ٿيو هو. يورپين جي اچڻ کان صديون اڳ عرب ملڪن .... خاص ڪري ايران، عمان ۽ ڪويت پاسي کان ٻيڙا چوماسي جي هوائن مطابق ممباسا پهتا ٿي ۽ عمان وارن جي هن پاسي... ممباسا توڙي زئنجبار (Zanzibar) تي سلطنت رهي. انڊيا جا گجراتي، ملباري، سنڌي هندو، آغا خاني ۽ بوهري هندستان جي بندرگاهن کان ممباسا ايندا رهيا ٿي. ممباسا ۾ جِتي مقامي شيدي رهيا ٿي ۽ پنهنجي زبان سواحلي ڳالهائي ٿي اتي عربي، هندي، گجراتي فارسي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ وارا مسلمان، عيسائي ۽ هندو پڻ جام هئا .... جن واپار کان علاوه مختلف ڌنڌا ڪيا ٿي جيئن ته واڍڪو، درزڪو، رازڪو، لوهارڪو وغيره.
    ممباسا تي مختلف دورن ۾ مختلف ماڻهو حاڪم ٿي رهيا. 1593 تائين ممباسا جو مقامي سلطان هو ان بعد 5 سال کن پورچوگالين جي قبضي ۾ رهيو ۽ 1698 ۾ عمان جي سلطان پنهنجا عرب ۽ قلات پاسي جا بلوچ موڪلي پورچوگالين کي ڀڄائي پاڻ ممباسا جو سلطان ٿي رهيو. 1728 ۾ ممباسا هڪ دفعو وري پورچوگالين جي قبضي ۾ اچي ويو پر فقط هڪ سال لاءِ ان بعد ممباسا وري عمان جي سلطان جي هٿ هيٺ رهيو ۽ اٽڪل سؤ سال کن 1824 تائين عومانين جي ملڪيت رهيو. انهن ڏينهن ۾ انگريزن هن پاسي جي علائقن تي حملو ڪيو پر ممباسا کي ٻه سال کن پنهنجي قبضي ۾ رکي ان جون واڳون وري عمان جي سلطان حوالي ڪيائون. ان بعد 1887 ۾ انگريزن ممباسا ۽ ان جي آس پاس وارا علائقا جيڪي پوءِ ڪينيا، يوگنڊآ، ٽانگانيڪا جي نالن وارا ملڪ ٿيا، پنهنجي قبضي ۾ ڪري هن سڄي علائقي جو نالو ”برٽش ايسٽ آفريڪا“ رکيو. 1963 ۾ انگريزن هي علائقو ڇڏيو ۽ ”ڪينيا“ نالي آزاد ملڪ جنم ورتو جنهن جو پهريون وزير اعظم آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ ’جومو ڪينياتا‘ ٿيو.
    ممباسا بابت اوائلي ڄاڻ پورچوگالين جي سورهين صدي وارين لکڻين مان پوي ٿي. مراقش جي مشهور اسڪالر ۽ سياح ابنِ بطوطا پڻ پنهنجي سفرنامي ۾ ممباسا بابت لکيو آهي جِتي هو 1331 ۾ آيو هو. ممباسا ۾ جيتوڻيڪ فقط هڪ ڏينهن لاءِ رهيو پر هو لکي ٿو ته ممباسا ۾ شافعي مڪتبِ فڪر جا مسلمان رهن ٿا ۽ مبماسا جون مسجدون ڪاٺَ جون اعليٰ نموني جون ٺهيل آهن. ڪينيا جي اسڪولي ڪِتابن ۾ ممباسا شهر جي شروعات جو سال 900 ٻڌايو ويو آهي... ٿي سگهي ٿو ممباسا ان کان به آڳاٽو هجي..... پر اهو آهي ته هي شهر ٻارهين صديءَ تائين هڪ خوشحال شهر ٿي چڪو هو جنهن جي تعريف مشهورعرب جاگرافر الادريسيءَ پنهنجي سفرنامي ۾ ڪئي آهي جڏهن هو 1151 ۾ هتي (ممباسا ۾) آيو هو. ممباسا بابت اهڙو تفصيلي احوال پنهنجي آفريڪي سفرنامي: ”ممباسا! شيدي باشا همباشا“ ۾ ڏئي چڪو آهيان.
    اڄ ڪلهه يوگنڊا جي شهرن وانگر ممباسا ۾ به ٻيا انڊين يا پاڪستاني گهٽ رهن ٿا پر البته بوهري، آغا خاني ۽ بلوچ ڪافي آهن جن جي نالي روڊ، مسجدون ۽ درسگاهه آهن. جيوانجي مسجد 1901 جي ٺهيل آهي، سيف بن سليم پبلڪ لئبرري به تڏهن جي آهي. ممباسا جي آغا خان اسپتال 1944 ۾ ٺهي. بوهرين جي هڪ مسجد اڳهين هئي ۽ ٻي ”نيو برهاني مسجد“ نالي 1984 ۾ ٺهي.


    لاهور ۽ بنارس جهڙو شهر ڪيوٽو

    آفريڪا جي شهر ممباسا وانگر جپان جو شهر ڪيوٽو به تمام پراڻو شهر آهي ۽ انڊيا جي بنارس وانگر مندرن جو شهر آهي جن کي ڏسڻ لاءِ جپانين کان وڌيڪَ ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ اچن ٿا.... هن شهر جا پنهنجا ماڻهو، خاص ڪري ڇوڪريون ۽ عورتون، مندرن جي ديدار کان وڌيڪَ انهن جي ٻاون کان تعويذ وٺڻ ۽ ٽوڻن ڦيڻن لاءِ اچن ٿيون. ڪيوٽو گهٽ ۾ گهٽ 1200 سال پراڻو شهر آهي.... هي شهرسن 794 ۾ جپان جي گاديءَ جو شهر ٿيو هو ان وقت ٽوڪيو جيڪو ’ايڊو‘ نالي هڪ ڳوٺ هو ان ۾ چار جھوپڙيون به ڪي مس هيون. ڪيوٽو شهر جيڪو ڪامو نديءَ جي ڪناري تي اڏيو ويو پهرين ”هيئان ڪيو“ سڏبو هو. بهرحال ڪيوٽو هزار کن سالن تائين نه فقط جپان جي گاديءَ جو شهر ۽ ملڪ جي بادشاهن جو رهائش گهر رهيو پر وڏي ۾ وڏي ۽ گهڻي آبادي وارو شهر پڻ مڃيو ويو ٿي.... بعد ۾ ”اوساڪا“ بندرگاهه هجڻ ڪري اهو ڪيوٽو کان اڳيان نڪري ويو ۽ ان بعد اها بازي ٽوڪيو کٽي. هونءَ اهو عجيب آهي ته سنڌي، اڙدو يا انگريزي ۾ ڪيوٽو جي انهن ٻن آوازن کي ابتو ٿو ڪجي ته ٽوڪيو ٿيو پوي. هونءَ جپانيءَ ۾ ٻنهي آوازن جون لکڻيون يعني ڪانجيون (شڪليون) مختلف آهن.
    هزار يارهن سؤ کن سال جِتي ڪيوٽو شهنشاهي تخت ۽ تاج جو دارلخلافه (Capital) ٿي رهيو اُتي ڪيوٽو شهر مٿان ڪيتريون ئي مصيبتون پڻ آيون. ٽي دفعا ته وڏيون باهيون لڳيون، زلزلا ته ائين ئي ايندا رهيا، سِول جنگيون ٿيون، هڪ ته يارهن سال هلندي رهي.... پر اهو آهي ته ٻي جنگ عظيم ۾ ڪيوٽو جو بچاءُ ٿي ويو. هونءَ جيتوڻيڪ آمريڪا جپان جي جن شهرن تي بم ڪيرائڻ چاهيا ٿي انهن ۾ ڪيوٽو سرِ فهرست هو پر پوءِ ان کي لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ آمريڪي ”وار سيڪريٽري“ مسٽر هينري ايل اسٽمسن زور لڳايو. هن جي ڪيوٽو شهر ۾ ذاتي دلچسپي هئي ته هن مندرن جي شهر ۽ ثقافتي مرڪز کي ڪنهن ريت بچايو وڃي جنهن کان هو ”هني مون“ وارن ڏينهن کان واقف هو ۽ بعد ۾ ته ڪيترائي دفعا سفارتي ٽوئرن تي پڻ هتي آيو هو.
    ڪيوٽو ۾ چيو وڃي ٿو ته ٻه هزار ته عبادت گهر آهن جن کي جپاني زبان ۾ جِنجا يا اوتيرا سڏين ٿا. انهن ۾ 1600 کن ٻڌ ڌرم جا مندر آهن ته 400 کن شنتو ڌرم جون درگاهون آهن. ان کان علاوه ڪيوٽو شاهي محلن، باغيچن ۽ پراڻين عمارتن کان به مشهور آهي. ڪيوٽو لاءِ چيو وڃي ٿو ته جپان جو سڀ ۾ بهترين شهر آهي جنهن ۾ هڪ هزار ورهيه پراڻيون عمارتون اڃان تائين قائم آهن. انهن ۾ سڀ کان گهڻو جپان جو ڪاٺ جو مندر ’ڪيو ميزو ديرا‘ آهي جيڪو جبل جي لاهيءَ تي آهي ۽ پاسن کان ٿنڀن ذريعي بيٺل آهي. ان مندر کان به وڌيڪَ اسان ڌارين لاءِ گولڊن ٽيمپل آهي جنهن جو جپاني نالو ”ڪِن ڪا ڪُوجي“ آهي. هن نالي سان جپان جي مشهور ناول نويس مشيما يوڪيو جو مشهور ناول آهي. مون اڄ کان 40 سال اڳ ميشما يوڪيو جي جپاني ناولن جا جيڪي انگريزي ترجما پڙهيا انهن مان ٻن جي سڳنڌ ۽ سحر اڄ به دماغ مان ڪڍي نه سگهيو آهيان. هڪ A sailor fall from Grace in Sea ۽ ٻيو The Temple of the Golden Pavilion آهي. آئون نوجوان ٽهيءَ کي خاص ڪري يونيورسٽين جي شاگردن کي جن جو ادب سان واسطو آهي، مشيما يوڪيو جا اهي ٻه ناول پڙهڻ جو مشورو ڏيندس. مشيما ننڍي عمر ۾ هاراڪِري ڪئي يعني غيرت ۾ اچي خنجر سان پنهنجو پيٽ ڦاڙي پنهنجو انت آندو.
    ڪيوٽو ۾ هڪ ٻيو چاندي وارو مندر به آهي جيڪو ”گِن ڪاڪُو جي“ سڏجي ٿو. سڄي جپان وانگر ڪيوٽو به ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم جي درگاهن، مندرن، اوتارن، خانقاهن سان ڀريو پيو آهي پر سڀ ۾ مشهور ”هيئان جِنگو“ نالي آهي جيڪو 1895 ۾ ٺهيو هو جنهن ۾ شاهي خاندان به عبادت لاءِ اچي ٿو. هاڻي ته جپان جو شاهي گهراڻو ٽوڪيو ۾ رهي ٿو نه ته صدين تائين اهي ڪيوٽو ۾ رهيا ۽ سندن مقبرا ”سين نيوجي“ نالي مندر ۾ آهن.
    ڪيوٽو مختلف کاڌن.... خاص ڪري ڀاڄين مان ٺهيل ڊشن کان به جپان ۾ مشهور آهي. جپان جابلو علائقو آهي جِتي نه پوک جي سهوليت آهي ۽ نه جانورن پالڻ جي. اهو به سٺو جو جپان جي نه فقط چوڌاري سمنڊ آهي پر اهو سمنڊ ملڪ اندر به جِتي ڪٿي پکڙيل آهي. بلڪه ائين سمجھو ته جپان ڪو پاڪستان، ايران يا سري لنڪا وانگر هڪڙي پيس (چَڪَ) جو ملڪ ناهي بلڪه اهو ننڍن ٻيٽن تي مشتمل آهي.
    اسان وٽ ته فقط ڪراچي يا گوادر شهر جي هڪ پاسي سمنڊ آهي.... جنگشاهي، ٺٽو، نوابشاهه، گهوٽڪي يا ڪوٽڙي ۽ ٽنڊو آدم جي چوڌاري ته سمنڊ نه آهي.... پر هيڏانهن جپان ڏي ته ننڍا ننڍا ته هزارين ڳوٺ سمنڊ جي ڪناري تي آهن پر ٽوڪيو، نگويا، يوڪوهاما، اوساڪا، چيبا، ڪوبي، هيروشيما، موجي، فڪوڪا، شمونو سيڪي.... جپان جو ڪهڙو وڏو شهر آهي جنهن جي چوڌاري سمنڊ ناهي.... سو صدين کان کاڌي خوراڪ لاءِ جپاني سمنڊ مان پاڻي جي مخلوق حاصل ڪندا رهيا آهن..... ۽ اهڙي تناظر ۾ ڪيوٽو اهڙو شهر آهي جيڪو سمنڊ کان ڏور آهي جنهن ڪري هن علائقي جي ماڻهن مڇي، گانگٽ، ڪَڇن، ڪُمين، وهيل، شارڪن يا سامونڊي گاهه بدران ڌرتي تي اڀريل شين سان پنهنجو پيٽ ڀريو ٿي. سندن ٻڌ ڌرم سان واسطو هجڻ ڪري ٻاڪري، ڳائي يا ريڊي گوشت کان هو پري ٿي ڀڳا سو سڄو زور ڀاڄين تي هو. جپان جي ٻين شهرن جي هوٽلن يا گهرن ۾ ويندائو ته توهان جي خاطر تواضح سامونڊي شين جي ڊشن سان ڪئي ويندي پر ڪيوٽو ۾ توهان کي جِتي ڪٿي انيڪ قسمن جا ڊش نظر ايندا..... خاص ڪري ڀاڄين وارا.
    ڪيوٽو جپان جي ٽيليويزن ۽ فلم انڊسٽري جو به مرڪز رهندو اچي. ڪيتريون ئي جپاني ائڪشن فلمون جن کي ”جي دائي گيڪي“ سڏجي ٿو اهي هن شهر ڪيوٽو ۾ فلمايل آهن. فلمن ۾ شوٽنگ خاطر ڪيترين پراڻين عمارتن جا نقل (replica) ٺهيل آهن. انهن سيٽن ۽ اسٽوڊين ۾ پراڻي زماني جي پل (نهان باشي)، روايتي درٻار (ڪورٽ يارڊ) ۽ ويندي پراڻي زماني جي چڪلي (يوشي وارا) جو ڪجهه حصو آهي.
    ڪيوٽو شهر ۾، يا هتي جي پس منظر ۾ ڪيتريون ئي جپاني فلمون ۽ ناول آهن جن مان ڪيترا انگريزي به ترجمو ٿي چڪا آهن. اسان جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين ته انهن ڏينهن جي هڪ ”گيشا“ نالي 1953ع جي فلم ياد اچي رهي آهي جيڪا ستر جي شروع وارن سالن ۾ ساڳي نالي سان يا شايد ”گيان بايا شي“ جپاني نالي سان جپاني زبان ۾ يوڪوهاما ۾ ڏٺي هيم. اها فلم ٻي عالمي لڙائي بعد واري جپاني ماحول جي آهي جنهن ۾ هڪ مڪمل گيشيا ميو هارو ۽ سندس نوجوان شاگردياڻي ايڪو نالي مائيڪو جي تعلقاتن بابت آهي. مڪمل گيشا سڏجڻ کان اڳ ان جي ٽريننگ وٺندڙ ڇوڪري، اٽڪل ٽن سالن لاءِ ”مائيڪو“ سڏجي ٿي. گيشا لاءِ ڪيترن هنڌن تي لکي چڪو آهيان ته جپان ۾ هي هڪ قسم جون آرٽسٽ يا کڻي چئجي ته فنڪار عورتون ٿين ٿيون جيڪي آرٽ جي دنيا جي ڪيترين شين جي ڄاڻ رکن ٿيون. سهڻي پوشاڪَ ۽ ڳري ميڪ اپ واريون هي آرٽسٽ عورتن ڳائڻ، نچڻ، سرندو وڄائڻ کان علاوه مهمانن کي کارائڻ پيارڻ ۽ انهن کي ڳالهين جي حد تائين وندرائڻ جا سمورا آداب ڄاڻن ٿيون. ان لاءِ هو ڪيترائي سالَ سخت ٽريننگ وٺي پهرين مائيڪو سڏجن ٿيون، ان بعد گيشائون.
    بهرحال مٿين سڄي فلم ڪيوٽو ۾ فلمائيل آهي.... هونءَ به ڪيوٽو نه فقط مندرن، خانقاهن ۽ پارڪن جو شهر آهي پر آئون ته چوندس ته ڪيوٽو گيشائن جو به شهر آهي ڇو جو هي ئي هڪ شهر آهي جن جي ڪن خاص خاص گهٽين ۾ شامَ جي وقت مائيڪو ۽ گيشائن کي پسار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ هنن جا توڙي مندرن جا فوٽو ڪڍڻ لاءِ هِتي اچن ٿا. جپان جا پراڻا گيشا گهر يا Tea House جي نالي سان رک رکاءَ سان هلندڙ چڪلا اڄ به عمارتن جي خيالَ کان اهڙي ئي پراڻي حالت ۾ قائم رکيا ويا آهن.
    مٿين فلم جپاني مشهور ناول نويس، ڊراما لکندڙ ۽ فلمن جي پروڊيوسر ”مستو تارو ڪاوا گُچي“ جي ناول جي بنياد تي آهي. ڪي ڪي جپاني ناول پڙهڻ وٽان آهن ۽ اڄ جي نوجوان کي جيڪو يونيورسٽي ۾ ادب جو شاگرد آهي اها ئي صلاح ڏيندس ته هو انگريز، آمريڪن، روسي، فرينچ ۽ جرمن ليکڪن سان گڏ جپاني اديبن جا به ناول پڙهن. متسو تارو 1899 ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائو هو. 1980ع ۾ جڏهن آئون ٽوڪيو ۾ (گنزا ڀرسان) رهندو هوس ان وقت به هو حيات هو سندس وفات جي خبر 1985ع ۾ ملاڪا (ملائيشيا) ۾ رهندڙ هڪ جپاني فوجي آفيسر ٻڌائي جيڪو هيروشيما ۽ ناگا ساڪي تي بم ڪرڻ ۽ جپان جي شڪست ٿيڻ جي ڏک ۾ واپس جپان موٽڻ بدران پنهنجي قوميت ۽ مذهب (شنتو ڌرم) بدلائي پاڻ ملئي ۽ مسلمان ٿي ملاڪا ۾ رهي پيا هو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ملئي مسلمان واري گوڏ ٻڌي ”مسجد تاناح“ ۽ ”سَنگائي اڊانگ“ شهرن جي مسجدن ۾ نظر ايندو هو.
    مستو تارو گاواگچي جو هڪ ٻيو ناول ”شِيگُوري جايا اوريڪو“ تمام گهڻو مشهور ٿيو جيڪو سندس مري وڃڻ کان 20 سالَ کن پوءِ 2007ع ۾ رايل ٽئلر (Royall Tyler) نالي هڪ آمريڪن انگريزي ۾ ترجمو ڪري “Mistress Oriku – Stories from Tokyo Tea House” جي نالي سان ڇپرايو. هن ۾ هڪ ڪڙميءَ جي ڌيءَ جي ڪهاڻي آهي جنهن کي غربت سبب مائٽ ٽوڪيو جي ”ٽي هائوس“ ۾ وڪڻي ڇڏين ٿا جِتي هوءَ وئشيا مان اڳتي هلي ان ”ٽوڪيو ٽي هائوس“ جي مالڪڻ ۽ امير واپارڻ ٿئي ٿي.
    مستو تارو جي ڪيترن ئي ناولن تي فلمون ٺهي چڪيون آهن. سندس زال آئيڪو ميماسو پڻ فلم ائڪٽريس ٿي گذري آهي. ڪيوٽو ۾ فلمايل فلمن ۾ سڀ کان گهڻو انگريزي فلم جيڪا اڄ تائين بيحد مشهور آهي اها آهي: The Memories of a Geisha
    هيءَ هڪ نوجوان ڇوڪري ”چِي يُو سَاڪَا ماتو“ جي ڪهاڻي آهي جنهن کي پڻ سندس گهر وارن غربت سبب اوڪيا (گيشا گهر) کي وڪڻي ڏنو. گيشا گهر وارن هن ٻهراڙي جي هڪ اڻ پڙهيل ڇوڪريءَ کي گيشا بنائڻ لاءِ اسڪول موڪليو.... هيءَ فلم وڏي عمر جي ”چِي يُو ساڪاموتو“ جي آهي جڏهن هن کي گيشا ٿئي به ڪافي وقت ٿي چڪو آهي پنهنجي غروب ٿيندڙ سونهن جو سج لهندو ڏسي هر گيشا وانگر هوءَ ڪا اهڙو رئيس ڳولي ٿي جنهن جي هوءَ رکيڪ يا زالَ ٿي پنهنجي پيريءَ جا ڏينهن سڪونَ سان گذاري سگهي. هونءَ ان لاءِ مختلف ماڻهن سان عشق جو چڪر هلائي ٿي پر بدقسمتيءَ سان ان چڪر ۾ هوءَ دشمنيون ئي پرائي ٿي. هن فلم کي ڪيترائي ايوارڊَ مليا. ڇهه اڪيڊمي ايوارڊ جن ۾ هن فلم جو نالو nominate ڪيو ويو انهن مان هن بيسٽ سئنيماٽوگرافي، بيسٽ آرٽ ڊئريڪشن ۽ بيسٽ ڪاسٽويم ڊيزائين جا ايوارڊَ کٽيا.


    ادب جي دنيا ۾ ڪيوٽو

    جپان جو هي شهر ڪيوٽو نه فقط فلمي دنيا ۾ پر ادب جي دنيا ۾ به مشهور آهي. ڪيترائي ڪتاب ڪيوٽو تي لکيل آهن يا ڪيترن ئي ناولن جا ڪردار ڪيوٽو جي پس منظر ۾ نظر اچن ٿا. جپان جي ڪيترن ئي جھونن ۽ نوجوان اديبن ۽ شاعرن جو واسطو ڪيوٽو سان آهي... ان معاملي ۾ ڪيوٽو مونکي ڪجهه ڪجهه لاڙڪاڻو لڳندو آهي .... سوڀوگيانچنداڻي، علي محمد راشدي، انور پيرزادو، انور ابڙو، عبدالغفار سومرو، عبدالڪريم سنديلو، غلام مصطفيٰ قاسماڻي، سرڪش سنڌي، الهداد ٻوهيو، رزاق مهر، طارق عالم ابڙو، وغيره وغيره .... جپان جو اڄ جو مڃيل بهترين ليکڪ موراڪامي هاروڪي هِتي ڪيوٽو ۾ ئي ڄائو... متسو باشو جهڙو عظيم شاعر (جنهن کي ڏسان پيو ته اسان جا سنڌي اديب به پڙهن ٿا ۽ هن جا هائيڪو شعر Quote ڪن ٿا)، ’تاني زاڪي جونيچيرو‘ (Junichiro Tanizaki ) ۽ ’ڪَواباتا ياسوناري‘ جهڙا منهنجا دلپسند افسانا نِگار ڪيوٽو ۾ ڄاوا يا اتي پنهنجي زندگي گذاري.... ويندي سندن قبرون ۽ مقبرا به اتي آهن ڪيوٽو جي ”ڪان پُو ڪوجي“ مندر وٽ ئي متسو باشو جو ڪاٺاڻو گهر هو جنهن ۾ هن زندگي گذاري ۽ ڪيوٽو لاءِ سندس هڪ خوبصورت هائيڪو آهي:

    Kyou Nitemo
    Kyou Natsukashi Ya
    Hototogisu

    ويندي ڪيوٽو ۾ پڻ
    ڪوئل جون ڪوڪون ٻڌي
    مونکي ڪيوٽو لاءِ تانگهه ٿي ٿئي....

    ماتسو باشو 1644 ۾ ڄائو ۽ پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ 1694 ۾ وفات ڪيائين. ماتسو جي شاعري ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. ويجھڙائيءَ ۾ پڙهيل ڪجهه شعرن مان ٻه کن، هائڪو جي شوقينن لاءِ هِتي لکي وٺان ٿو جيڪي 1685 جا آهن:

    Toshi Kurenu
    Kasa Kite Waraji
    Hakinagara

    هڪ ٻيو سال به گذري ويو
    سفر جي ڇَٽي منهنجي مَٿي مٿان
    ڪکن وارو چپل منهنجي پيرن هيٺ

    Faru ika ya
    Kawazu tobi komu
    MIzu no oto

    هڪ آڳاٽو تالاب
    هڪ ڏيڏر ان ۾ ٽٻي هنئي
    پاڻيءَ جا ڇنڊا....

    (نوٽ: مٿين ٻي سٽ ۾ رومن انگريزي ۾ لکيل جپاني لفظ Kite وارو ڪائيٽ ناهي پر اهو ”ڪِي ٽي“ پڙهڻ کپي جيئن Kobe شهر ”ڪوب“ نه پر ڪوبي آهي. اهڙي طرح ٻي هائڪو جي پهرين سٽ ۾ لکيل ike آئيڪ نه پر ”آئي ڪي“ پڙهڻ کپي.
    پاڻ ڪيوٽو جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته لاڙڪاڻي وانگر اديبن ۽ شاعرن جو شهر آهي. اسانجو دلپسند ناول نِگار ”مشيما يوڪيو“ جنهن ننڍي عمر ۾ هاراڪري (پيٽ ڦاڙي خودڪشي) ڪئي هئي اهو پڻ ڪيوٽو جو رهاڪو هو.
    ڪيوٽو جي ڪيتا اوجي ۽ هوري ڪاوا رستن جي ڪراسنگ جي ڏکڻ ۾ ”موراساڪي شِڪي بُو“ نالي مشهور جپاني ليکڪا دفن ٿيل آهي. مورا ساڪي 973 ۾ ڄائي ۽ هن جو ناول Tale of Genji جپاني زبان جو پهريون ناول چيو وڃي ٿو. ”ڪواباتا ياسُو ناري“ ڪيترن ئي جپاني ناولن جو مشهور ليکڪ آهي جنهن جا سڀ ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. خاص ڪري “The Pinnacle of Japanese Literature”.... جي قبر پڻ ٽوڪيو ۾ آهي.
    جواني جي ڏينهن ۾ يعني 1970ع کان 1980ع تائين جپان جي هر شهر ۾ بسين يا ٽئڪسين ۾ چڙهڻ بدران مون هميشه سائيڪل هلائي.... هاڻ مڙيئي جِتي ڪٿي پلين ۽ اوور هيڊ رستن ٺهڻ ڪري مونجھارو ٿئي ٿو پر ان هوندي به، اڄ هيڏي ٽرئفڪ هوندي به جپان ۽ سئيڊن جي حڪومتن سائيڪليون هلائڻ وارن لاءِ الڳ روڊ ٺاهي اهڙا ته سٺا بندوبست ڪيا آهن جو هن عمر ۾ به جپان جي ڪيترن شهرن ۾ سائيڪل هلائڻ ڪو مسئلو ناهي .... هر شهر ۾ ٻار ٻچا ۽ زالون بي ڊپيون ٿي هلائينديون رهن ٿيون. 1980ع ۾ اوساڪا ڀرسان ”آيو ئي“ نالي شهر ۾ جڏهن مون ”آٽوميشن ۽ انسٽرومينٽيشن“ جي تعليم پئي حاصل ڪئي ته ان شهر ۾ ته هر هڪ سائيڪل ٿي هلائي. رستي تي ورلي ڪڏهن ڪڏهن ڪا ٽئڪسي نظر آئي ٿي. ڪيوٽو ۾ ته گهمڻ ڦرڻ جو مزو سائيڪل تي هوندو هو. ”شوڪو ڪوجي“ مندر وٽان شروع ٿيندو هوس ته ڀرسان دوشيشا يونيورسٽي اڳيان لنگهي، امپيريل (شاهي محل) وٽان ٿيندو هِيراگِيا مسافرخاني وٽ اچي دنگ ڪندو هوس. مسافر خانو جپاني ٻولي ۾ ريوڪان سڏجي ٿو. جپان جي هر شهر توڙي ٻهراڙيءَ ۾ اڄ به توهان کي جِتي ڪٿي مسافر خانا نظر ايندا. هي مسافرخانو Hiragiya Ryokan ڪيوٽو جو پراڻو ۽ ليجنڊري مسافرخانو آهي جيڪو اڄ کان ٻه سؤ سال کن اڳ 1818 ۾ ٺهيو. توهان هڪ ڏينهن لاءِ به ڪيوٽو ايندائو ۽ ڪنهن گائيڊ ذريعي تاريخي جايون ڏسڻ جو شوق ڏيکاريندائو ته هو توهانکي هي مسافر خانو ضرور ڏيکاريندو. هي اهو مسافر خانو آهي جنهن ۾ مٿيون ليکڪ ”ڪواباتا ياسُوناري“ اڪثر اچي رهيو ٿي. هيٺ لکيل ڪجهه سٽون هن مسافرخاني تي لکيل آهن جيڪي هن جي ڪلاسڪ The Old Capital تان ورتل آهن.
    On a drizzly afternoon in Kyoto, sitting by the window, I watch the falling rain, listen to it’s calming sound. It is here, at Hiiragiya, that I wistfully recall that sense of tranquility that belonged to old Japan.
    مٿي ڪيوٽو جي پرائيويٽ يونيورسٽي ”دوشيشا“ (Doshisha) جو ذڪر ڪيو اٿم جنهن تي سئٽزرلئنڊ جو مشهور ليکڪ ”ڊئوڊ زوپيٽي“ ياد اچي ويو آهي جيڪو هن يونيورسٽيءَ مان پڙهيو ۽ پنهنجي ناول جو وڏو حصو هِتي جي پسمنظر ۾ لکيو هي ناول ڪيوٽو ۾ رهندڙ هڪ فارين شاگرد جي محبت جو داستان آهي جيڪا هڪ نابين عورت سان ٿي هئي. اصل ناول جپانيءَ ۾ آهي. جنهن جو انگريزي ۾ ترجمو به جِتي ڪٿي نظر اچي ٿو.
    شاهي محل واري روڊ تي هِتي جي هڪ بيحد مـشهور جپاني ليکڪ ”تاني زاڪي جُونيچيرو“ جو به گهر آهي جنهن جا ڪيترائي ناول انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.... انهن مان ٻه تمام مشهور آهن جيڪي م ون ڪراچي ۾ جپان قونصل خاني جي لئبرري ۾ ڏٺا هئا. هڪ The Key ۽ ٻيو The Makioka Sisters.
    جهاز ي پنهنجي انجنيئرن کي توڙي ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن پڙهائڻ دوران پنهنجي شاگردن کي فرصت ۾ ڪِتاب پڙهڻ لاءِ چوندو رهيو آهيان ۽ ان سان گڏ پنهنجي ڪالمن ذرعيي پنهنجي ملڪ جي نوجوانن کي به مطالعي جي عادت وجھڻ لاءِ لکندو رهيو آهيان ته هو سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي ادب سان گڏ ڌارين ملڪن خاص ڪري جپاني ادب کي به پڙهن. اهو ان ڪري ٿو لکان جو اسان وٽ اها سوچ آهي ته جپان ۾ رڳو ٽي وي، وڊيو ڪئميرائون ۽ ڪمپيوٽر ٺهن ٿا پر جپان ۾ رهڻ ۽ جپاني ادب سنگتن ۾ حصو وٺڻ ڪري مونکي جپاني ادب سان واسطو پيو ۽ متاثر ٿيو آهيان. ملائيشيا ۾ به وڏو عرصو رهيو آهيان پر ملئي ادب بنهه نه برابر آهي ان ڪري آخر ۾ افسوس ڪيم ته ان کان ايران نوڪري ڪريان ها (جِتي جي پڻ انهن ڏينهن جي آڦر آئي هئي) ته ملئي بدران فارسي سکان ها جنهن ۾ تمام گهڻو لٽريچر آهي... ۽ گهٽ ۾ گهٽ ايران پڙهڻ جي اها بک نه رهي ها جيڪا ملائيشيا ۾ محسوس ڪندو رهيس. جپاني ٻولي جيتوڻيڪ لکڻ پڙهڻ ۾ ڏکي آهي ۽ آئون فقط ڪاٽا ڪانا ۽ هيراگانا سکي سگهيس.... اهم لکڻي ”کانجي“ جيڪا شڪلين واري ٿئي ٿي ۽ جنهن ۾ ڪِتاب لکيل ٿين ٿا ان لاءِ وڏو وقت ۽ محنت کپي.... پر اهو آهي ته جپاني ٻوليءَ جا متام گهڻا ناول ۽ شاعريءَ جا ڪِتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن ۽ هاڻ ته نيٽ تي به اچي ويا آهن ۽ مون جهڙا ماڻهو ته هاڻ سيڪنڊ هئنڊ ڪِتاب وٺڻ کان به بچي ويا آهن. ڪمپيوٽر کولي هر قسم جو ڪتاب پڙهي سگهجيٿو.
    جپاني ادب جي اوائلي يعني سورهين صدي کان اڳ وارن ڪتابن ۾ چين جي ثقافت ۽ چيني ادب جو وڏو اثر نظر اچي ٿو جو جپانين چين جي هر ڳالهه کي فالو ڪيو ٿي جيئن سمجھو ته سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ تائين.... بلڪه ان کان پوءِ به ڪافي عرصي تائين سنڌي ادب خاص ڪري شعر و شاعريءَ تي ايران جي ڪلچر ۽ فارسي زبان جو وڏو اثر هو.... سنڌ جي موسم سخت گرم، نه باغ نه باغيچا چوڌاري رڳو لئي ۽ ڪنڊ .... وڌ ۾ وڌ ٻٻر ۽ ٽالهي ۽ اسان جي شاعرن فارسي شاعريءَ وانگر سنڌي جي هر شعر ۾ بهار جي مند جي ٿي ڳالهه ڪئي ۽ گل گلڪارين ۽ بلبلن جون پچارون ٿي ڪيون ... ۽ هر سٽ ۾ اڌ کان وڌيڪَ فارسيءَ جا لفظ ٿي گتيا.... ويندي اسان جي ملڪ جي قومي تراني ۾ به ”ڪا“ کان علاوه باقي لفظ فارسي جا آهن.
    1600 کان 1870 تائين جا جپاني ڪِتاب ٿا ڏسجن ته انهن ۾ جپان جو پنهنجو ڪلچر وڏي حد تائين نظر اچي ٿو. ان دور جو، يعني سترهين صديءَ جي آخري سالن جو ڊراما نويس ’چيڪا متسو‘ آهي جيڪو جپان جو شيڪسپيئر سڏجي ٿو ۽ هڪ ’جپين شا‘ آهي جيڪو جپان جو مارڪ ٽوين سڏجي ٿو. انهي ئي دور جو شاعر ماتسو باشو آهي جنهن 1702 ۾ سفرنامي جي ڊائري ”اوڪو نو هوسو مِچي“ لکي ۽ اها اڄ تائين خبر ناهي ڪيترين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي.
    مٿي بيان ڪيل جونيچيرو تانِيزاڪي ۽ ياسوناري ڪواباتا جنگ وارن ڏينهن ۾ لکڻ شروع ڪيو. انهن ڏينهن جي مشهور ليکڪن ڪُور شيما، ڪونيڪا، اوگوما ۽ اشيڪاوا جنگ جي مخالفت ڪئي.
    ويهين صدي جي مشهور ليکڪ نتسومي سوسيڪي جو انعام يافته ناول ”واگا هائي وانيڪو دي آرو“ جنهن جو I am a cat سان انگريزي ۾ ترجمو آهي پڙهڻ وٽان آهي جيتوڻيڪ ڪافي ٿلهو ناول آهي.... هن وقت ياد نه اٿم 2003ع ۾ مون فڪوڪا ۾ پڙهيو هو.... چار پنج سؤ صفحن کان ته مٿي هو. هن ليکڪ نتسومي جو جپان جي هڪ هزار يين واري نوٽ تي فوٽو پڻ آهي.
    جپاني ليکڪ شيگا نااويا جيڪو جپان ۾ ”ناولن جو ديوتا“ به سڏيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ موري اوگائي اهي ليکڪ آهن جن مغرب جي ادب جا ٽيڪنڪ ۽ نمونا به استعمال ڪيا. ياسو ناري ڪواباتا پهريون جپاني هو جنهن کي 1968ع ۾ ادب تي نوبل پرائيز مليو.... جيئن رابندر ناٿ ٽئگور ننڍي کنڊ مان پهريون اديب هو. ڪواباتا 1972ع ۾ گئس سونگهي خودڪشي ڪئي. انهي سال کان منهنجو جپان اچڻ وڃڻ شروع ٿيو هو. مون ان وقت تائين ڪوابتا ۽ مشيما يوڪيو جي جپاني ناولن جا ترجما پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. اسانجو جهاز جپاني بندرگاهه ۾ هو ته اسان ڪواباتا جي خودڪشي جي خبر انگريزي اخبار ۾ پڙهي هئي. ڪن جو چوڻ هو ته هن بيماري (کيس پارڪنسن هئي) مان بيزار ٿي پنهنجو آپگهات ڪيو.... ڪن ان جو سبب عشق ۾ مايوسي ٻڌايو ٿي ته ڪن اهو به چيو ته هن پنهنجي ادبي دوست مشيما يوڪيو جي هاراڪري (پنهنجو پيٽ ڦاڙي مارڻ) جي غم ۾ پنهنجي زندگيءَ جو خاتمو آندو.
    جپان جي هن نوبل انعام يافته ليکڪ”ياسو ناري ڪواباتا“ جا تقريباً سڀ ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن ۽ ادب سان شوق رکندڙ نوجوانن کي ضرور پڙهڻ کپن. Snow Country انهن مان هڪ آهي جيڪو 1947 ۾ ڇپيو جنهن ۾ آرٽ جي هڪ شوقين ٽوڪيو جي رهاڪو همراهه جو هڪ گيشيا سان عشق ٿئي ٿو. ٻي جنگ عظيم بعد ڪواباتا جي لکيل ناولن مان جيڪي تمام گهڻو مشهور ٿيا، اُهي آهن:
    - The Sound of the Mountain (Yama no Oto)
    - The House of Sleeping Beauties
    - The Old Capital.
    - Thousand cranes (Sembazuru)
    وغيره.


    سلطانا اڃان جيئري آهي...

    جپان جهڙي ملڪ ۾ اسانجو پهريون دفعو اچڻ اڄ کان 45 سال کن اڳ ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ ٿيو. ان کان اڳ منهنجو مختلف جهازن ذريعي جڏهن به ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ يا آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ڏي وڃڻ ٿيو ٿي ته اتي هر هنڌ جپان جي ماڊرن هجڻ جي جھلڪ نظر آئي ٿي.... هر بندرگاهه ۾ مزدا، متسوبشي، ٽويوٽا ۽ سوزوڪي جهڙن جپاني نالن واريون ڪارون، بسيون، ٽرڪون، ٽرئڪٽر ۽ ٻيون مشينون نظر آيون ٿي.... سيڪو ۽ سٽيزن جهڙن جپاني نالن واريون واچون آفريڪا جي شيدين توڙي يورپ جي گورن مردن ۽ عورتن جي ٻانهن ۾ ٻڌل نظر آيون ٿي.... ويندي سئٽزرلئنڊ، جرمني، فرانس جهڙا ملڪ جيڪي واچن ۽ ڪئميرائن کان مڃيا ويا ٿي اتي به منولٽا، سوني، ڪئنن، ياشيڪا جهـڙن جپاني نالن واريون ڪئميرائون ماڻهن جي هٿن ۾ نظر آيون ٿي.
    ...... ۽ پوءِ پهريون دفعو اسانجو جهاز جڏهن اوساڪا ۽ ان بعد ڪوبي، يوڪوهاما، ٽوڪيو ۽ جپان جي ٻين بندرگاهن ۾ داخل ٿيو ته چوڌاري خوبصورت، اوچيون ۽ عمارتسازي جي خيال کان لاجواب عمارتون، روڊ رستا ۽ پُليون ڏسي اسانجو دماغ گهوماٽجي ويو .... وري جهاز تان لهي جڏهن شهر جو نظارو ٿي ڪيوسين ته گلن سان جھنجھيل پارڪ، ڪئميرائن، ٽي وي، وڊيو، واچن ۽ اليڪٽرانڪ جي سامان سان ڀريل دڪان، ويس وڳن ۾ ملبوس مقامي عورتون ۽ سوٽن ۾ مرد ۽ چوڌاري مختلف عطرن جي هٻڪار .... سفر لاءِ ماڊرن بسون، تيز رفتار ڇڪاٽيٽسو (سب وي ريل گاڏيون)..... مٿي نهار ته انهي منٽ تي ڪو جهاز هيٺ پيو لهي ته ڪو مٿي پيو چڙهي.... واقعي جپان اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.... هي ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلنڊ وغيره هاڻي يورپ جو ڏيکُ ڏين ٿا نه ته سٺ واري ڏهاڪي ۾ به انهن ملڪن جا شهر سنڌ جي هوسڙيءَ ۽ ڪوٽڙيءَ جهڙا هئا. ڪهڙو ملڪ هو جيڪو مشينري ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ جپان جو مقابلو ڪري...! جيڪو جپان جهڙو ماڊرن هجي....!

    جپان کي ڏسي مون اهو ئي سوچيو ته هن ملڪ ۾ ته رڳو ڪمپيوٽر ۽ سائنس جون ڳالهيون ٿينديون هونديون..... هِتي جا ماڻهو ڇا ڄاڻن جنن ڀوتن ۽ ڏائڻين پرين کان.... ڇا ڄاڻن تعويذن ۽ ٽوڻن ڦيڻن کان.... ڇا ڄاڻن نظر بد، ساٽ سوڻن، شُوڪاريل ڌاڳن ۽ ڪارن جادوئن کان؟ پر پوءِ اسانجو هر جهاز نه فقط سگهو سگهو جپان اچڻ لڳو پر رکي رکي انهن جي مرمت جپان جي بندرگاهن ۾ ٿيڻ لڳي ۽ ان سان گڏ اسانجي ڪمپنيءَ جا نوان نوان جهاز به جپان جي شپ ياردن ۾ ٺهڻ ڪري اسانجو سال جو وڏو حصو پنهنجي ملڪ کان به وڌيڪَ جپان ۾ گذرڻ لڳو. ٿورو گهڻو مقامي ٻولي يعني ’جپاني‘ سکڻ تي اسان جو مقامي ماڻهن سان واهپو پڻ وڌڻ لڳو..... هنن جي خوشين غمين ۾ شريڪ ٿيڻ سان گڏ هنن جي سوچن ويچارن کان واقف ٿيڻ لڳاسين... ۽ آهستي آهستي معلوم ٿيو ته جپان جنهن ۾ ماڊرن شيون موجود آهن ان ۾ وهم وسوسا به آهن، ماڻهن جو جنن ڀوتن، ڏائڻين ۽ ڪارن جادن ۾ به اعتقاد آهي.... ڳوٺاڻا ۽ پوڙها ته ڇا پر يونيورسٽين جون شاگردياڻيون به مندرن ۾ گوتم ٻڌ جي بُت اڳيان مٿو ٽيڪينديون وتن..... ڌاڳا وٽائينديون ۽ تعويذ لکرائينديون وتن. منهنجي خيال ۾ روهڙي، راڻيپور يا گمبٽ جي ماڻهن ۾ به ايترا وهم نه هوندا جيترا هيروشيما، فڪوڪا يا يوڪوهاما جي ماڻهن ۾ محسوس ڪياسين. اڄ به جپان جي ماڻهن ۾ ڪيترا اهڙا اعتقاد موجود آهن جيڪي غير عقلي آهن.... نه فقط ان وقت جڏهن منهنجو جپان پهريون دفعو وڃڻ ٿيو .... جڏهن منهنجي اڃان شادي به نه ٿي هئي...... اڄ 2014ع ۾ جڏهن منهنجا ڏوهٽا اوساڪا يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيا آهن... پنهنجي ڌيءَ وٽ مهينو کن رهڻ دوران پاڙي اوڙي جپاني فئملين توڙي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي جپاني شاگردن ۽ شاگردياڻين سان خبرون ڪرڻ دوران محسوس ٿئي ٿو ته اڄ به هنن جا ذهن توهم پرستيءَ جو شڪار آهن. ملئي ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي جنگل جا ماڻهو سڏيندا هئا ۽ سٺ ستر واري ڏهي جي سفرنامن ۾ مون لکيو آهي ته مسلمان ٿي هو ايترو ته ضعيف اعتقاد هئا جو ٽن ڄڻن جو گڏ فوٽو ڪڍندو هوس ته هو انڪار ڪندا هئا ۽ عورتون توڙي مرد مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته ٽن جو گڏ فوٽو ڪڍڻ سان هڪ مريو وڃي. مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي تائين به ملائيشيا جي ماڻهن (ملئي، چينين توڙي انڊين) ۾ سخت وهم پرستي هئي. مونکي ياد اچي رهيو آهي ته انهن ڏينهن ۾ مون وٽ ملاڪا ۾ ”مصالحا“ ۽ ”هم“ ٽي وي جي مالڪ سلطان صديقي گهمڻ آئي هئي. هن ملئي ڊريس (باجو ڪرونگ) پهريل ڇوڪرين سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ٿي چاهيو. منهنجي آفيس ۾ ڪيترين ئي ڇوڪرين ۽ عورتن ڪم ڪيو ٿي پر هر ڊپارٽمينٽ ۾ هو مغربي ڊريس ۾ نظر اچي رهيون هيون. آخر ائڊمن ڊپارٽمينٽ ۾ ٻه ڇوڪريون ملئي ڊريسن ۾ نظر آيون. مون هنن کي تصوير ڪڍرائڻ لاءِ سڏ ڪيو ته هو يڪدم ٻاهر نڪري آيون پر جڏهن مون کين سلطانا لاءِ چيو ته هوءَ به توهان سان گڏ بيهندي ته هو بهانا ڪرڻ لڳيون ..... نيٺ ان تي راضي ٿيون ته آئون به انهن سان گڏ بيهان.
    مونکي سندن منطق سمجهه ۾ نه آيو ۽ چيومان ته آئون ته گذريل ڪيترن سالن کان توهان سان گڏ اتي ويٺو آهيان ۽ ڪيترن ئي فوٽن ۾ آهيان..... هيءَ پاڪستان کان مهمان آئي آهي جيڪا توهان سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ٿي چاهي جيئن پنهنجي ملڪ وڃي ڏيکاري ته هوءَ ملائيشيا مان ٿي آئي آهي ۽ ملئي ڇوڪرين جي قومي لِباس (باجو ڪرونگ) بيحد خوبصورت ٿئي ٿو..... بهرحال منهنجي زور ڀرڻ تي هڪ ڄڻيءَ منهنجي ويجھو اچي ملئي ۾ منهنجي ڪن ۾ چيو: ”انچِڪ (سر!) ڪجهه ته خيال ڪيو... توهان اسان ٽن جو ڪيئن ٿا فوٽو ڪڍو؟ ڪنهن چوٿين کي به ته شامل ڪريو.....“
    مونکان ٽهڪ نڪري ويو. سلطانا کي ٻڌايم ته بابا هِتي جا ماڻهو وهمن جو شڪار آهن.... ۽ هيءَ ڪلارڪ ڇوڪري مونکي اهڙي عاجزي واري ٽون ۾ چئي رهي آهي... ڄڻ ته هن کي کانئن وڌيڪَ تنهنجو يعني منهنجي مهمان جو خيال آهي ته ٽن جي فوٽو ڪڍڻ تي اڄ سڀان ۾ جيڪو هڪ ماڻهو مري پوندو اها بدنصيب تون نه ٿي پوين.
    بهرحال ڪجهه چرچي ڪجهه دڙڪي سان مون هنن کي بيهاري فوٽو ڪڍيو ته سلطانه جو توهان فڪر نه ڪريو باقي توهان مان ڪا مري پئي ته آئون ته هِتي ئي توهان سان آهيان.... پنهنجن مڙسن کي ٻڌائي ڇڏجو ته هو ”قتل“ يا ”اقدام قتل“ جو ڪيس مون تي ڪري اهو فوٽو اڄ به مون وٽ آهي. سلطانه به پٽن پوٽن واري ٿي وئي آهي الله کيس اڃان ڊگهي ڄمار ڏئي ۽ هو ملئي ڇوڪريون به ڏاڏيون نانيون ٿي ويون آهن .... گذريل سال وڏي عرصي کان پوءِ ملاڪا ويس ته ساڻن به ملاقات ٿي. ناسي ليماڪ (ناريل جي کير ۾ رڌل ڀت) ۽ ايام گورينگ (فراءِ ٿيل ڪڪڙيون) کائي ٿلهيون سو ٿي پيون آهن پر اڃان مُيون نه آهن. مون اهو يادگار فوٽو سندن ٻارن کي ڏيکاريو ته اڄ کان 30 سال کن اڳ انهن جي ڇا سوچ هئي .... پر اهو آهي ته اڄ جي ملئي نوجوانن ۾ اها توهم پرستي نه رهي آهي. پر هيڏانهن جپان جي ماڻهن کي ٿو ڏسان ته هنن جي دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ جيڪا ڳالهه هڪ دفعو فيڊ ٿيو ٿي وڃي اها مشڪل سان ئي ڊِليٽ ٿئي ٿي ۽ هو هر جسماني توڙي ذهني ڪم تي روبوٽ وانگر قائم رهن ٿا.


    ٻليءَ مندر جي قسمت بدلائي ڇڏي.....

    پاڻ جپاني ماڻهن ۾ موجود وهمن وسوسن جي ڳالهه پئي ڪئياهڙا ماڻهو اسان ۾ به ڪيترائي آهن... ويندي يورپين ۾ پڻ آهن. اسان ايشيا جي رهاڪن جا ڪيترا اعتقاد يا وسوسا وري جپانين ۾ به نظر اچن ٿا. اسان وٽ چوندا آهن ته رات جي وقت ننهن يا وار نه ڪٽجن نه ته گناهه ٿيندو. خبر ناهي مذهب سان ان ڳالهه جو واسطو آهي يا نه ۽ اڄ جي دور ۾ به اسان وٽ سنڌ ۾ ان ڳالهه کي ائين سمجھيو وڃي ٿو يا نه پر اسان جڏهن ننڍا هئاسين يعني اٽڪل 65 کن سال اڳ ته اسان جي ڏاڏي ننهن ڪٽڻ کان منع ڪندي هئي. منهنجي خيال ۾ ان جا سبب به هئا. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ لائيٽ نه هئي سو ڏيئي جي گهٽ روشني ۾ ڪو ننهن، کاڌي جي شيءِ ۾ به ڪري سگهيو ٿي ۽ ننهن يا وار جو پيٽ ۾ وڃڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪنهن جي شاديءَ ۾ مينهن وسندو هو ته سڀ چوندا هئا ته گھوٽ يا ڪنوار پڪ ديڳڙا چٽيا آهن. ڪو ٻار ديڳڙي تي چنبڙيل کيرڻي يا ٻي ڪا شيءِ آڱر سان چٽيندو هو ته وڏا اهو ئي چوندا هئس ته ائين نه ڪر نه ته سرگس مهل مينهن پوندءِ.... يعني جڏهن گھوٽ ٿي گھوڙي تي هوندين ته مينهن پوڻ ڪري ڄاڃي ڀڄي ويندءِ ۽ تون اڪيلو رهجي ويندين.... بهرحال هاڻ ته پڪ اهو وسوسو زندهه نه هوندو جو اڄ جي دور ۾ ڪهڙو گھوٽ گھوڙي تي وهي ٿو. هو گلن سان سينگاريل ڪار ۾ چڙهي هوٽل جي هال ۾ اچي ٿو... ٻاهر ڀلي طوفاني بارش يا برف باري پئي ٿئي.... شاديءَ جي خوشي ۾ ڪو خلل نٿو اچي.
    بهرحال ديڳڙن چَٽڻ وارو وهم جپانين ۾ ته نه آهي پر پهريون وارو ... يعني رات جو ننهن ڪٽڻ کي جپاني اڄ به غلط سمجھن ٿا. هنن جي دماغ ۾ اهائي ڳالهه ويٺل آهي ته جيڪو ماڻهو رات جو ننهن ڪٽي ٿو ان کي پنهنجي والدين جو جنازو ڏسڻ نصيب نٿو ٿئي. جپاني پنهنجو نالو ڳاڙهي مس سان لکڻ ۾ به بدسوڻي سمجھن ٿا. ڇو جو قبرن تي لڳل ڪتبن تي دفن ٿيل ماڻهن جا نالا گهڻو ڪري ڳاڙهي مس سان هوندا آهن. جپانين لاءِ ڪوريئڙو نيڪ فال به آهي ته بد سوڻ به! جي ڪڏهن توهان کي صبح جي وقت ڪوريئڙو نظر اچي وڃي ته معنيٰ توهان لاءِ سٺو ڀاڳ اهي ۽ هن کي هرگز مارڻ نه کپي پر رات جي وقت ڪوريئڙي جو نظر اچڻ نِڀاڳ آهي ۽ ان کي يڪدم ماري ڇڏڻ کپي.
    جپاني ماڻهو ٻلين کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا ۽ اهي هنن لاءِ گهڻو ڪري ڀلي بخت جي نشاني هونديون آهن. پر ڪاري ٻليءَ کي رستو ٽپندو ڏسي منهن لهي ويندو اٿن. ڇو ته اها هنن لاءِ بد سوڻ آهي. ڪاري ٻليءَ جو اڳيان لنگهي وڃڻ معنيٰ ڪنهن مصيبت جو نازل ٿيڻ..... اهو ساڳيو وهم اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ توڙي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۽ يورپ ۾ پڻ مشهور آهي.
    مٿي لکي آيو آهيان ته جپاني ماڻهو ٻليءَ کي پسند ڪن ٿا ۽ هنن جي عقيدي مطابق ٻلي هنن لاءِ ڀاڳ آڻي ٿي.... ان ڪري ته توهان ڏسندئو ته جپان جي هر شهر جي ريسٽورنٽ ۽ دڪان جي ٻاهران يا اندر ڪائونٽر تي چينيءَ جي يا پلاسٽڪ جي ٻلي ضرور نظر ايندي جنهن جو ساڄو چنبو (Paw) مٿي کنيل هوندو. ڪن دڪانن تي ته اهي ٻليون بيٽرين ذريعي يا اليڪٽرڪ تار ذريعي پنهنجو چنبو ائين پيون هيٺ مٿي ڪنديون ڄڻ آيل گراهڪ جو آڌر ڀاءُ ڪري رهيون هجن. هن قسم جي ٻلي مانيڪي نيڪو (Maneki Neko) سڏجي ٿي. ٻليءَ لاءِ جپاني لفظ ”نيڪو“ آهي ۽ مانيڪي معنيٰ اشارو ڪندڙ (Beckoning) . جپانين جو اهو عقيدو آهي ته جنهن دڪان يا ريسٽورنٽ ۾ هيءَ ٻلي هوندي ان ۾ گراهڪ ايندا رهندا ۽ ڀلو ڀاڳ پڻ. هن ٻليءَ جو ڪٿي ساڄو هٿ مٿي ڏيکاريل هوندو اهي ته ڪٿي کاٻو. جپانين جو چوڻ آهي ته کاٻو هٿ مٿي هجڻ سان گراهڪ گهڻا اچن ٿا ۽ ساڄو هٿ سٺو ڀاڳ آڻي ٿو. ۽ هنن کي اهو به يقين آهي ته ٻليءَ جو جيترو هٿ مٿي کنيل اوترو گهڻو ڀاڳ يا گراهڪن جي آمد. پٿر، چيني Ceramics يا ٻي ڪنهن شيءِ مان ٺهيل هنن ٻلين (Maneki-Neko) مان ڪن جا ٻئي هٿ مٿي پڻ نظر اچن ٿا.
    جپانين جي هن ڀاڳ ڀري اشارو ڪندڙ ٻلي (مانيڪي نيڪو) کي جپان ۾ رهندڙ انگريزي ڳالهائيندڙ ڌاريان ماڻهو Welcoming Cat، لَڪي ڪئٽ، مَني ڪئٽ، هئپي ڪئٽ، Beckoning Cat، يا فارچون ڪئٽ سڏين ٿا. رانديڪي جي هيءَ ٻلي گهڻو ڪري سفيد، ڪاري، سونهري ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳاڙهي رنگ جي ٿئي ٿي. مزي جي ڳالهه اها ته هونءَ ته هر شيءِ تهذيب ۽ ثقافت کان وٺي جپاني لکڻي چين مان ڪاپي ٿيل آهي پر هي وهم ۽ وسوسو ته دڪان ٻاهران يا ٽجوڙي وٽ هٿ لوڏڻ واري ٻلي رکڻ سان ڀاڳ ۽ ڪمائي وڌي ٿي..... جپان جي پيداوار آهي ۽ اهو عقيدو يا وهم جپان کان چين ڏي برآمد ٿي رهيو آهي. اڄ ڪلهه چين جي ڪيترن شهرن جي ريسٽورنٽن ۾ هيءَ ڀاڳ ڀري جپاني ٻلي “مانيڪي نيڪو” نظر اچي ٿي جنهن کي چين ۾ Chinese Lucky Cat سڏين ٿا.
    چين ۽ جپان ۾ اهو به عام آهي ته جيڪڏهن ڪا ٻلي منهن ڌوئيندو نظر اچي وڃي ته معنيٰ مينهن وسندو. هونءَ هٿ لوڏڻ واري ٻلي (Maneki Neko) لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جي شروعات اوساڪا کان ٿي. ڪن جو چوڻ آهي ته ٽوڪيو کان جيڪو پراڻي زماني ۾ ايڊو سڏبو هو. هٿ لوڏيندڙ هن ٻليءَ لاءِ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مشهور آهن. ڳالهه ٿا ڪن ته گهڻو گهڻو اڳ هڪ جھوپڙيءَ جهڙو سادو سودو مندر هو جنهن جي ٻائي کي پنهنجي گذر سفر لاءِ ئي چند سڪا مشڪل سان مليا ٿي.... جيتوڻيڪ هن کي هن مندر کي ٺاهڻ جوڙڻ جو وڏو فڪر هو. هن وٽ هڪ ٻلي رهي ٿي جنهن جو هن پنهنجن ٻچن کان وڌيڪَ خيال ڪيو ٿي.... جيڪو مانيءَ ڀور هن کي مليو ٿي ان مان پهرين هن پنهنجي ٻليءَ کي کارايو ٿي. هڪ ڏينهن هن پنهنجي ٻليءَ کي چيو: ”جيڪڏهن تون سمجھين ٿي ته منهنجا توتي ٿورا آهن ته هن مندر جي ڀلي ڀاڳ لاءِ ڪجهه ڪر.“
    ڪجهه مهينن بعد، هڪ اونهاري جي ٽاڪ منجهند جو، مندر جي هن ٻائي (بکشو) مندر جي در جي ٻاهران ماڻهن جو چوٻول ٻڌو. ٻاهر اچي ڏٺو ته هن کي پنج ڇهه ’سمورائي‘ (Samurai) جنگجو نظر آيا جيڪي شڪار جو شوق پورو ڪري موٽي رهيا هئا. هو ڪافي ٿڪل نظر اچي رهيا هئا. هو پنهنجا گهوڙا پٺيان ٻڌي هن ڏي وڌيا ۽ چيو: ”اسان هِتان تنهنجي در وٽان گذري گهر ڏي وڃي رهيا هئاسين ته تنهنجي هن ٻليءَ جي ميائو ميائو ٻڌي. اسان هن ڏي گهوري ڏٺو ته هن يڪدم پنهنجو هٿ هر هر مٿي ڪري اسان کي کيڪاريو. اهو ڏسي اسان کي حيرت ٿي ۽ ٻليءَ جي قرب ڏيڻ ڪري اسان سوچيو ته اڳتي جي سفر کان اڳ ڪجهه پَل هِتي آرام ڪري وٺجي.“
    ٻڌ بکشو هنن کي چانهه ٺاهي پياري ۽ ڪجهه دير آرام ڪرڻ لاءِ چيو. ٿوري دير بعد جيئن ئي هنن هلڻ جي تياري ڪئي ته آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڀرجي ويو ۽ اهڙي ته طوفاني بارش شروع ٿي جو هنن اتي ئي ترسي بارش ختم ٿيڻ جو اتنظار ڪيو. بارش ختم ٿيڻ ۽ آسمان صاف ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويو جنهن دوران ٻائو هنن کي ماضي، حال ۽ مستقبل جي زندگيءَ تي واعظ ڏيندو رهيو. ’سمورائي‘ جنگجو ٻائي جون ڌرم بابت ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيا. هڪ سمورائيءَ اعلان ڪيو ته ”منهنجو نالو نائوتاڪا آهي ۽ آئون ڪوشو صوبي جي ”هڪوني“ علائقي جو سردار آهيان ــ تنهنجي ٻليءَ جي کيڪارڻ ڪري اسان کي تنهنجو واعظ ٻڌڻ جو موقعو مليو ۽ ڌرم بابت ڳالهيون ٻڌي اسان جون اکيون پٽيون آهن ۽ اسان کي پنهنجي زندگي جي نئين سر شروعات ڪرڻ جو احساس ٿيو آهي. شايد اها اسان جي عظيم گوتم ٻڌ جي مرضي هجي.“
    گهر پهچڻ بعد نائوتاڪا پنهنجي جاگير مان ڪجهه زمين ۽ ان ۾ بيٺل چانورن جو فصل هن ٻائي حوالي ڪيو جيئن هو ان جي اپت مان مندر جي ٺاهه جوڙ ڪري سگهي ۽ هي مندر هڪ جھوپڙي بدران محل جيان لڳي. ان بعد مندر جي حالت ڏينهون ڏينهن سڌرڻ لڳي. هڪ بليءَ جي ڪري هن مندر جو بخت بالا ٿي ويو ــ اهو ئي سبب آهي جو ”گوتم ڪوجي“ نالي هي مندر ”ٻليءَ جو مندر“ سڏجي ٿو. هن ٻلي جي مرڻ بعد هن مندر جي ٻائي هن ٻليءَ کي وڏي شان شوڪت سان دفن ڪيو ۽ سندس هٿ لوڏي کيڪار کي امر بنائڻ لاءِ هُن هِنَ ٻليءَ جي مورتي ٺاهي هن مندر ۾ رکي جيئن ماڻهو هن هٿ لوڏيندڙ ٻلي (مانيڪي نيڪو) کي هميشه ياد ڪندا رهن جنهن مندر جي قسمت بدلائي ڇڏي. اهڙي طرح جنهن جنهن اها ڳالهه ٻڌي ٿي ته هن پنهنجي دڪان يا ريسٽورنٽ ۾ ان ٻلي جي مورتي ٺهرائي رکي ٿي جيئن هنن جي دڪان ۾ به گهڻي کان گهڻا گراهڪ ۽ ڀاڳ اچي.
    ان مٿين ڪهاڻي کان علاوه جپاني ماڻهن واتان هن ”هٿ لوڏيندڙ ٻليءَ“ بابت ٻيون به ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون جن جي ڪري هيءَ ٻلي (Maneki Neko) وجود ۾ آئي. هڪ ڪهاڻي هن ريت به آهي ته ٽوڪيو جي اوڀر واري علائقي يوشيوارا ۾ يوسوگومو نالي هڪ نوجوان عورت رهي ٿي جنهن جو پنهنجي پاليل ٻلي هئي جنهن سان تمام گهڻو پيار هو. دراصل يوشيوارا ٽوڪيو جي ڳاڙهي بازار (چڪلي) جو نالو آهي. سترهين صدي ۾ جپان ۾ prostitution بيحد عام هئي جيڪا پوءِ ويهين صدي ۾ سرڪاري طرح بند ڪرائي وئي. ٽوڪيو جو جيڪو اڄ وارو نهان باشي علائقو آهي اتي پهرين يوشيوارا هوندو هو جيڪو پوءِ 1913ع ۾ باهه لڳڻ ۽ بعد ۾ 1923ع ۾ زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو. اڄ ڪلهه ٽوڪيو ۾ جيڪو يوشيوارا آهي اهو هبايا ريل لائين تي، جيڪا ’مي نووا‘ ريلوي اسٽيشن اچي ٿي ان جي ڀرسان آهي. هي علائقو فلم ٿيٽرن، ناچ گانن، سوپ لئنڊس ۽ ڪلبن کان مشهور آهي. ٽوڪيو جي يوشيوارا وانگر ڪيوٽو شهر جو شمبارا (Shimbara) علائقو ۽ اوساڪا جو شن ماچي (Shinmachi) ائين مشهور آهن. جيئن لاهور شهر جو هيرا منڊي يا ڪراچيءَ جو اڄ به نيپيئر روڊ مشهور آهي.
    بهرحال يوشيوارا جي هن وئشيا يوسوگومو (جنهن ٻلي پالي هئي) وٽ هڪ بندوقچي گراهڪ دوست آيو. ٻليءَ جو ويٺي ويٺي ان وقت ڪو اهڙو دماغ چڪرايو جو هوءَ هن عورت جي ڪمونو (وڳي) کي پنهنجن چنبن سان رانبوٽا هڻڻ لڳي. مائيءَ جي يار سمجھيو ته ٻلي پاڳل ٿي سندس محبوبا تي حملو ڪري رهي آهي تنهن يڪدم خنجر ڪڍي ٻليءَ جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. ۽ پوءِ ان ئي وقت هنن ڏٺو ته يوسوگومو جي مٿان روشن دان مان هڪ نانگ لڙڪي رهيو هو جنهن کيس ڏنگڻ ٿي چاهيو.
    يوسوگومو کي اها حقيقت معلوم ٿيڻ بعد پنهنجي پياري ٻليءَ جي قتل جو ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ هن کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو. هن جون ننڊون ختم ٿي ويون. سندس يار کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته هن يوسوگومو کي ڏک رسايو آهي. ان بعد هو هڪ مجسمي ساز وٽ پهتو جنهن کان هن ڪاٺ جي ٻلي ٺهرائي جنهن پنهنجي هڪ هٿ مٿي کڻي کيڪارڻ جي ادا ڪئي ٿي. ٻليءَ جي اها مورتي بعد ۾ مانيڪي نيڪو جي نالي سان مشهور ٿي. بندوقچيءَ جڏهن اها مورتي پنهنجي محبوبا يوسوگومو کي ڏني ته هوءَ بيحد خوش ٿي ۽ هڪ دفعو وري نارمل زندگي گذارڻ لڳي.


    جپاني لوڪ ڪهاڻين جو ڪردار ”تنوڪي“

    جپان ۾ ڪيترن دڪانن ۽ ريسٽورنٽن جي در وٽ يا هوٽل اندر پئسن جي ڪائونٽر وٽ پلاسٽڪ، ڪاٺ يا ceramics (ڪاشيءَ) جي، هٿ مٿي جھلي وهڻ واري ٻلي نظر ايندي. جپاني ان ٻليءَ کي جيڪا Maneki Neko سڏجي ٿي سٺي سوڻ جي نشاني سمجھن ٿا جنهن جي رکڻ سان هنن کي يقين آهي ته سندن دڪان ۾ گراهڪ ايندا ۽ سٺي ڪمائي ٿيندي.
    ان ٻليءَ کان علاوه جپاني ماڻهن جي دڪانن توڙي گهرن جي ٻاهران هڪ ٻيو ٺڪر، ڪاشي، پٿر يا ڪاٺ جو جانور نظر اچي ٿو اهو ڪتي جي شڪل جهڙو تنوڪي آهي. تنوڪي (Tanuki) جپاني نالو آهي جنهن جو اسان وٽ سنڌي، اڙدو يا فارسي ۾ ته نالو ناهي پر يورپين ۽ آمريڪن وٽ به هن جانور (تنوڪي) جو انگريزي، جرمن يا فرينچ نالو ناهي. اهو ان ڪي جو هي جانور جيڪو ٻن پيرن تي بيهي به سگهي ٿو ۽ جنهن جو پيٽ ڦوڪيل رهي ٿو.... فقط هن پاسي جپان ۾ نظر اچي ٿو.... وڏو ڇيهه ته ڪوريا ۽ چين جي ڪجهه حصن ۾. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزيءَ ۾ هن جو نالو ٺاهڻ لاءِ کڻي رئڪون ڊاگ (Raccoon Dog) رکيو ويو آهي. ان ڪري جو هن ڪِتي جي خاندان سان تعلق رکندڙ جانور جو منهن ”راڪون“ جهڙو آهي جنهن جانور کي يعني راڪون کي فارسي ۾ ”سرخڪ“ سڏين ٿا. دراصل راڪون جانور به اسان پاسي ناهي.... اهو سائوٿ آمريڪا جو جانور آهي. بهرحال تنوڪي جانور جو سائنسي نالو Nyctereutes – Procyonoides آهي.
    تنوڪي جانور کي به مانيڪي ٻليءَ وانگر ڀاڳ جي نشاني ۽ جادوءَ جو منتر (Charm) سمجھيو وڃي ٿو. تنوڪي جانور لاءِ چون ٿا ته ان کي شيگاراڪي علائقي جي ماڻهن مشهور ڪيو. 1951ع ۾ جڏهن شهنشاهه شووا هن علائقي جي ٽوئر تي آيو ته هن جي آڌر ڀاءُ لاءِ هِتي جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر تنوڪي رانديڪو کڻي آيا..... اهو ئي سبب آهي جو شيگاراڪي ۾ توهان کي تنوڪي جا مجسما/مورتيون سڀ کان گهڻيون نطر اينديون ۽ هي شهر تنوڪي جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن جانور لاءِ اها مِٿ آهي ته اهو تمام خوش مزاج، شرارتي ۽ هروقت پنهنجو روپ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هي جانور آڳاٽي زماني کان لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن ۾ رهيو آهي.
    لوڪ ڪهاڻين ۾ تنوڪي اڪثر ٻائو بڻجي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي ٿو يا رستي جي ڪناري تي پٺين ٽنگن تي بيهي پنهنجي دهل جهڙي پيٽ کي يا آنوڙن کي وڄائي ٿو. هن جانور جي مورتين ۽ statues ۾ جِتي اکيون وڏيون ۽ پيٽ ڦوڪيل ڏيکاريل آهي اتي سندس آنوڙا (Testicles) سندس قد بت جي حساب سان تمام وڏا ٺهيل آهن. ڦوڪيل پيٽ ڪري تنوڪيءَ کي جپاني ماڻهو ٻن شين سان وابسته ڪن ٿا. هڪ فوگو مڇي (جيڪا خطري جي حالت ۾ پيٽ ڦوڪي سخت ڪري ٿي) ۽ ٻيو هوتوئي.... ٿلهو کلڻو ڀاڳ جو جپاني ديوتا.
    جپاني لوڪ ڪهاڻين ۽ جادوءَ جي قصن ۾ ٻه جانور عام آهن جن لاءِ مشهور آهي ته هنن کي جنن ڀوتن وانگر غيبات ۽ شڪل تبديل ڪرڻ جي قوت حاصل آهي. يعني supernatural powers مليل آهن. اهي آهن تنوڪي ۽ لومڙي جنهن کي جپانيءَ ۾ ”ڪِي تِسوني“ چون ٿا. پر هنن ٻنهي جانورن ۾ فرق اهو آهي ته لومڙيءَ جا انسانن سان جيڪي چرچا يا اٽڪل بازيون آهن انهن ۾ تڪليف ۽ ظلم جو عنصر موجود آهي.
    تنوڪيءَ جا چرچا کل ڀوڳ جهڙا ٿين ٿا. تنوڪي انهن جانورن مان آهي جيڪو هر وقت جپاني ٽي وي، فلمن ۽ اخبارن ۾ ڪارٽونن جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو.
    تنوڪي جانور جي ان عادت جو به ذڪر ڪندو هلان ته خوف جي حالت ۾ يا دشمن جي مٿان اچي ڪڙڪڻ تي هو ڪوڙ ڪوڙ ۾ مرڻ جي ائڪٽنگ ڪندو آهي جيئن هن کان سگهارو جانور هن کي مئل سمجھي هليو وڃي.
    تنوڪيءَ جي ان اٽڪل بازيءَ تان جپاني ٻولي جو هڪ محاورو Tanuki Neiri (تنوڪي نيئري) معنيٰ تنوڪي واري ننڊ ڪرڻ.... يعني ڪوڙ جون اکيون بند ڪري ننڊ يا مري وڃڻ جي ائڪٽنگ ڪرڻ.
    تنوڪي جانورن جون شڪليون بدلائڻ ۽ ٻين جو نقل ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون مشهور آهن جن ذريعي هو ماڻهن کي بيوقوف بنائين ٿا يا هنن کي کلڻ جو موقعو ڏين ٿا. تڪاموري شهر جي ڳالهه ٿا ڪن ته اتي جڏهن نوان نوان ريل جا پٽآ لڳا ۽ ريل هلڻ شروع ٿي ته اتي جي ماڻهن کي آڌي رات جو آواز ٻڌڻ ۾ آيا ڄڻ ريل گاڏي پئي هلي... جيتوڻيڪ رات جي وقت ڪنهن به ٽرين جي اچڻ وڃڻ جو شيڊول نه هو. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو اهي آواز بند ٿي ويا. ماڻهن ڏٺو ته ٽي چار تنوڪي ريل جي پٽن وٽ مئا پيا هئا. دراصل ان رات بنا پروگرام جي اصلي ريل جي انجڻ اچي لنگهي ۽ هنن کي چپي وئي. ماڻهن کي ان وقت خبر پئي ته اهي ريل جا آواز تنوڪي جانورن ٿي ڪڍيا.
    تنوڪي جي روپ بدلائڻ جي هڪ ٻي بيحد آڳاٽي ڳالهه آهي ته هڪ تنوڪي مندر جي ٻائي وٽ پهچي ڪٽليءَ جو روپ اختيار ڪيو. ٻڌ بکشوءَ ان ڪٽليءَ کي اصلي سمجھي منجھس پاڻي ۽ چانهه جي پتي وجھي کڻي باهه تي رکيو ته پاڻي ٽهڪي. گرمائش لڳڻ تي ڪٽلي جو مٿيون حصو تنوڪي جو منهن ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ باقي حصو تنوڪيءَ جو پڇ ۽ ٽنگون ٿيون ۽ هو ڀڄڻ ٿي لڳو ته ٻائي هن کي سزا خاطر جھلي ورتو. هن کي چڙ وئي ته تنوڪي جهڙو جانور ٻائي کي ٿو بيوقوف بنائي. ٻائي جي منتر پڙهڻ تي تنوڪي واپس جانور ٿيڻ بدران مٿيون اڌ تنوڪي ٿي پيو ۽ هيٺيون اڌ ڪٽلي. چون ٿا ته ٻائي هن ”اڌ ڪٽلي ۽ اڌ تنوڪي“ کي سرڪس وارن حوالي ڪري ڇڏيو جيئن اُهي هن جي نمائش ڪري پئسو ڪمائين..... ساڳي وقت هي تنوڪي بيحد مشهور ٿيو.
    تنوڪي هونءَ ته خوش مزاج ۽ مسخرو طبيعت جو آهي پر ساڳي وقت لوڪ ڪهاڻين ۾ تنوڪي کي چور به ڏيکاريو ويو آهي .... خاص ڪري کاڌي جي شين جي معاملي ۾. هڪ ڪهاڻي مشهور آهي ته هڪ سمورائي جنگجو ”ڪادزو تويو“ پنهنجي خذمتگار سان گڏ مڇين جو شڪار ڪري موٽيو پئي ته هنن کي رستي تي هڪ خوبصورت ڇوڪري ملي جنهن هنن کان سندس منزل تائين وٺي هلڻ جي مدد گهري. خذمتگار ته هن کي ڏسي هن تي اڪن ڇڪن ٿي ويو پر سمورائيءَ هن جي ڪا پرواهه نه ڪئي. ايتريقدر جو ڇوڪريءَ جي سوال تي جواب ۾ ساڻس ٻه مٺا ٻول ڳالهائڻ بدران وَرَ مان خنجر ڪڍي هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو.
    سمورائي جي ان حرڪت سان سندس خذمتگار به نه فقط ڊڄي ويو پر هراسجي ويو.
    ان رات سمورائيءَ جو پيءُ عورت جي قتل جي ڳالهه ٻڌي سخت ڪاوڙجي ويو ۽ خاندان جي عزت رکڻ خاطر هن پنهنجي پٽ کي خون ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو. سمورائيءَ پنهنجي پيءُ کي عاجزي سان عرض ڪيو ته هو مهرباني ڪري رات جا چار پهر گذاري سڀاڻي سرزمين تي پهچي پوءِ ڀلي فيصلو ڪري. ٻئي ڏينهن سمورائي جو پيءُ ۽ خذمتگار ان ڏوهه واري جاءِ تي جڏهن پهتا ته اتي هنن کي ڇوڪريءَ جي لاش بدران تنوڪيءَ جو لاش مليو. جنهن جو سر ڌڙ کان ڌار ٿيل هو. سمورائي جو پيءُ سمجھي ويو ته سندس پٽ سان تنوڪي جانور روپ بدل ڪري مليو آهي.
    ”پر توکي ڪيئن خبر پئي ته اها ڇوڪري نه پر تنوڪي آهي؟“ پيءُ پنهنجي سمورائيءَ پٽ کان پڇيو.
    ”تمام آسانيءَ سان.“ پٽ وراڻيو.
    ”ڪيئن؟“ پيءُ پڇيو.
    ”اهو هن ريت جو هيءَ ڇوڪري جيتوڻيڪ مينهن ۾ بيٺي هُئي پر هن جا ڪپڙا آلا نه پئي ٿيا سو آئون سمجھي ويس ته هي پڪ تنوڪي آهي جيڪو روپ بدلائي اسان جون شڪار ڪيل مڇيون چورائڻ آيو آهي.“
    تنوڪي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن کي ساڪي شراب پسند آهي ان ڪري ڪيترين مورين ۾ هن جي هڪ هٿ ۾ ساڪي جي بوتل هوندي آهي ته ٻئي ۾ نوٽ.


    جپان ۾ لومڙ/لومڙيءَ جا ڪَمَ

    جپان ۾ جي جانورن جي ڳالهه ٿا ڪريو ته سڀ کان وڏي اهميت ”ڪِي تِسو نِي“ جي آهي يعني لومڙ/لومڙي جي. نر توڙي مادي لاءِ ساڳيو جپاني لفظ Kitsune استعمال ٿئي ٿو جيئن انگريزيءَ ۾ Fox لفظ ٻنهي لاءِ آهي. اسان وٽ به ڪيترن ئي نر توڙي مادي جانورن ۽ پکين لاءِ هڪ ئي نالو استعمال ٿئي ٿو. جيئن ته گدڙ، خچر، ڪانگ، ڪبوتر وغيره. پر لومڙ جي معاملي ۾ سندن مادي لومڙي به مشهور آهي جيئن ٻلو ۽ ٻلي، ڊيل ۽ مور وغيره. بهرحال جپان ۾ ”ڪي تسوني“ (لومڙ توڙي لومڙي) ان ڪري اهم آهي جو هو جپانين جي ديوتا اِناري (Inari) کي نياپا پهچائڻ وارو سمجھيو وڃي ٿو. جپان ۾ ڪيتريون ئي شنتو ڌرم جون درگاهون (Shrines) آهن جيڪي اناري ديوتا کي منسوب ٿيل آهن جن جي ٻاهران توهان کي ڪِيتسِوني جون مورتيون نظر اينديون. سڀ کان وڏي درگاهه/مندر ”اَناري جنجا“ ڪيوٽو شهر جي فُوشيمي علائقي ۾ آهي.
    جپان ۾ ڪيترين ئي ٻارن جي آکاڻين توڙي لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪِيتِسوني (لومڙ يا لومڙيءَ) جو ذڪر اچي ٿو. ڪيتسوني جپاني ڪلچر، ڌرم، عقيدتن ۽ وسوسن موجب هڪ Super Natural، ذهين، قابل ۽ جادوءَ جا ڪم ڪرڻ وارو ڏيکاريو وڃي ٿو. هو انساني روپ به ڌاري سگهي ٿو. ڪيترين ڪهاڻين ۾ هو وفادار گارجين (سنڀال ڪرڻ وارو)، دوست، عاشق ۽ چئيوان زال جي روپ ۾ به رهيو آهي. جيئن هندو ڌرم ۾ ڪنهن ديوتا سان هاٿي ته ڪنهن سان ڀولڙو لاڳاپيل رهيو آهي تيئن جپانين جي شنتو ڌرم جي اِناري ديوتا جا نياپا پهچائڻ جو ڪم ڪِتِسوني (لومڙ) جي حوالي چيا وڃن ٿا.... بلڪه هاٿي (گنيش)، باندر يا نانگ جيئن هندو ڌرم ۾ اهم ٿي ويا آهن تيئن جپان جي شنتو ڌرم ۾ به لومڙ پاڻ اِناري ديوتا جي درجي جو ٿي پيو آهي. جپان جيڪي هڪ لک شنتو مندر آهن انهن مان چون ٿا ته 36 هزار مندرن ۾ ”ڪِي تِسونِي“ (لومڙ) جي مورتي رکيل آهي. هي فقط اهي مندر آهن جن ۾ هر وقت ٻائو موجود رهي ٿو باقي ٻيا ننڍا ننڍا آفيسن، گهرن، رستن تي لکين ”اناري جنجا“ (لومڙ جا مندر) نظر اچن ٿا.
    ڪهاڻين ۾ لومڙ کي جيترا گهڻا پُڇ اوترو هو وڌيڪَ قابل اٽڪل باز ۽ جادوئي طاقت رکڻ وارو مڃيو وڃي ٿو ۽ جپاني ڏند ڪٿائن موجب اهي پُڇ عمر سان وڌن ٿا. سؤ سالن بعد هڪ پُڇ وڌي ٿو ۽ انهن جو وڌ ۾ وڌ تعداد نو ٿي سگهي ٿو.
    لومڙ تي جپاني نالو ”ڪِي تِسو ني“ ڪيئن پيو.....؟
    ان لاءِ ڏيڍ هزار سال کن اڳ (اٽڪل سن 545ع) جي ڪهاڻي آهي ته اونو نالي هڪ جپاني نوجوان مِينو نالي ٻيٽ تي ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو رهيو جيڪا تمام سهڻي هجي. بس سمجھو ته سونهن ۽ سوڀيا جي معاملي ۾ هوءَ آئيڊيل هجي. آخر هڪ شام جو هن جو اهڙي ڇوڪريءَ سان آمنو سامنو ٿي ويو ۽ هڪ ئي نظر ۾ هي ٻئي هڪ ٻئي کي دل ڏئي ويٺا ۽ يڪدم شادي رچايائون. هڪ سال بعد هنن کي پٽ ڄائو. اتفاق جي اهڙي ڳالهه جو هن جپاني نوجوان اونو جي گهر ۾ جيڪا پاليل ڪُتي هئي ان کي به هڪ پونگڙو ڄائو جيڪو جيئن جيئن وڏو ٿيڻ لڳو تيئن تيئن اونوءَ جي زال تي ڀونڪڻ ۽ جلهيون ڪرڻ لڳو. هن پنهنجي مڙس کي هٿ ٻڌي منٿون ڪيون ته مهرباني ڪري هن ننڍڙي ڪتي کي ماري ڇڏ..... پر هن جو مڙس هر دفعي انڪار ڪندو رهيو. آخرڪار هڪ ڏينهن هن ڪتي هن جي زال کي چڪڻ لاءِ اهڙو ته حملو ڪيو جو هوءَ ڊڄي وئي ۽ پنهنجي همت هاري ويٺي. هوءَ ان وقت يڪدم پنهنجي اصل شڪل لومڙيءَ واري اختيار ڪري بُل ڏئي، گهر جو لوڙهو ٽپي ٻاهر هلي وئي.
    ”تون ڀلي کڻي لومڙي هجين“ اونوءَ هن کي سڏيندي چيو، ”پر تون منهنجي پٽ جي ماءُ آهين ۽ منهنجو توسان سچو عشق آهي. آئون توکان سواءِ رهي نه سگهندس. مهرباني ڪري مون وٽ موٽي اچ.... تولاءِ منهنجي دل ۽ گهر ۾ هر وقت جاءِ آهي.“
    لومڙيءَ جي دل کي جھٻو آيو ۽ پوءِ هوءَ هر روز شامَ جو لِڪي لِڪي هن وٽ اچي هن جي ٻانهن تي ستي ٿي. جيئن ته لومڙي روز رات جو انسان جي روپ ۾ زال ٿي هن وٽ ستي ٿي ۽ صبح جو لومڙي ٿي ڀڄي وئي ٿي ان ڪري ان جو نالو ”ڪِي تسوني“ پئجي ويو. ڪلاسيڪل جپانيءَ ۾ ”ڪِيتِسو ــ ني“ جي معنيٰ آهي ”اچ ۽ سُمهه“ پر جي اُهو ساڳيو نالو ”ڪي ــ تِسوني“ ڪري لکجي ته به ان جو مطلب ”هميشه اچڻ واري“ ساڳي ڳالهه ٿئي ٿو. جيئن اسان وٽ ”هڻ کڻ“ نالو مشهور ٿيو. هِتي اهو به لکندو هلان ته هي لومڙيون جيڪي جادو جي زور تي عورتون ٿيو وڃن انهن کي سڃاڻپ لاءِ اهو پڻ طريقو آهي ته هو نر ڪتي کان هميشه ڊڄن ٿيون ۽ ماڻهو سمجھيو وڃن ته هيءَ خوبصورت عورت انسان نه پر لومڙي آهي. ڪي ڪي ته ڪتي کي ڏسي ايترو ڊڄيو وڃن جو ڇال هڻي يڪدم پنهنجي اصلي شڪل لومڙيءَ ۾ اچيو وڃن جيئن هو تکو ڊوڙي ڪتي کان جان بچائي سگهن. مٿين ڳالهه ۾ پڻ اهو ئي ٿيو.
    لومڙ پنهنجي پُڇ کان به سڃاتو وڃي ٿو. هو ماڻهوءَ جي شڪل ته اختيار ڪريو وڃي پر پنهنجي جسم جي بَج (fur) ۽ پُڇ لڪائي نٿو سگهي. ان بابت ”ڪوآن“ نالي هڪ همراهه جي لوڪ ڪهاڻي مشهور آهي. هن پاڻ کي وڏو ساڌ پات ٿي سڏايو. يعني هو پير ٿي پئي هليو ۽ ماڻهو هن جي مريدن وانگر خذمت چاڪري ڪرڻ لڳا. هڪ ڏينهن هو ڪنهن مريد جي گهر ۾ رهيو پيو هو ته اتي هن جو پير ٽهڪندڙ پاڻي ۾ سڙي پيو. هو وهنجڻ لاءِ باٿ روم ۾ گهڙيو ته هن کان گرم پاڻيءَ جي باردي هٿ مان ڇڏائي وئي. سخت سور ۾ هن کي اهو به هوش نه رهيو ته هن جي جسم تان ڪپڙا لٿل آهن. رڙيون ڪندو ٻاهر نڪتو ته گهر جا ڀاتي هن جو پُڇ ۽ جسم جي کل لومڙ جهڙي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. هن يڪدم کڻي پنهنجو پاڻ کي لومڙ ۾ بدلايو ۽ گهر جون ڀتيون ٽپي ڀڄي ويو.
    هونءَ جپاني ديو مالائي قصن ۽ ڏند ڪٿائن موجب جپان ۾ لومڙن جا ڪيترائي قسم آهن. پر انهن کي اسان ٻن اهم خانن ۾ ورهائي سگهون ٿا. هڪڙا ”زين ڪو“ سڏجن ٿا جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”سٺا لومڙ“.... اهي هميشه سٺو ڪم ڪن ٿا، انسانن جي مدد ڪن ٿا ۽ انهن جو واسطو اِناري ديوتا سان لاڳو سمجھيو وڃي ٿو. ٻيا ”ياڪو“ سڏيا وڃن ٿا جن جي لفظي معنيٰ ”ميداني لومڙ“ آهي.... اُهي مڪار ۽ ماڻهن کي نقصان پهچائڻ وارا به ٿين ٿا.
    لومڙ ۽ لومڙيون ڪيتريون ئي شڪليون اختيار ڪري سگهن ٿيون. هو خاص ڪري سهڻي عورت ٿي هلن. جپان ۾ اهو اعتقاد عام آهي ته ڪا به سهڻي ڇوڪري اڪيلي نظر اچي وڃي، خاص ڪري سج لٿي مهل يا صبح ساجھر ته اها پڪ لومڙي سمجھڻ کپي.
    هونءَ لومڙي جپان ۾ هڪ باعزت ۽ ڀلارو جانور سمجھيو وڃي ٿو. ڪنهن کي گهمندي ڦرندي جنگل ۾ لومڙ يا لومڙي نظر اچي وڃڻ هن لاءِ ڀاڳ جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو. ۽ اهو شخص وڏو عبادت گذار ۽ پهتل سمجھيو وڃي ٿو جنهن کي ڪا لومڙي بار بار ڏيکاءُ ڏئي. ساڳي وقت لومڙي جي شڪل جهڙيون جپاني ڇوڪريون جن جون لومڙيءَ وانگر هڪ اک ٻيءَ جي ويجھو آهي ۽ گول منهن بدران سوڙهو آهي، ڳلن جا هڏا اڀريل آهن ۽ سنها ڀرون آهن اهي سهڻيون سمجھيون وڃن ٿيون ۽ انهن کي ”ڪيتسوني گائو“ يعني لومڙيءَ مهانڊيون سڏيو وڃي ٿو. جيئن اسان وٽ ڪونج سونهن جي نشاني آهي ۽ ڪونج وانگر ڊگهي ۽ سنهي ڳچيءَ واريون ڇوڪرين سهڻيون سمجھيون وڃن ٿيون .... هو ڇا سنڌي ڳيچ به آهي ته:
    ڪونج پکيءَ جا پار اٿئي
    سنهڙي ڳچيءَ ۾ هار اٿئي

    امداد حُسينيءَ جو به هڪ گيت آهي جيڪو شادين جي موقعي تي ڳايو وڃي ٿو:

    هٿن پيرن تي ميندي لائي
    ڪونج ڳچيءَ ۾ دهري پائي

    بهرحال اسان وٽ ڪونج، چتون يا مور ۽ جانورن ۾ ٻڪري يا ٻليءَ کي پسند ضرور ڪيو وڃي ٿو پر اهي جنن ڀوتن وانگر انسانن تي واسو نٿا ڪن جيئن جپانين جي اعتقاد يا وسوسي مطابق لومڙي انسان تي اثر انداز ٿئي ٿي. گهڻو ڪري لومڙ عورتن جي ننهن هيٺان يا ڇاتين مان هن ۾ اندر داخل ٿئي ٿو. جيئن اسان وٽ چوندا آهن ته عورت کي جن پيو آهي ۽ پوءِ هوءَ جيڪا ڳالهه ڪندي آهي ته ان لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو پاڻ نه پر جن پيو ڳالهائي. تيئن جپان جي ماڻهن جو اهو وهم يا وسوسو آهي تي ڪن حالتن ۾ ڇوڪريءَ ۾ لومڙ جي داخل ٿيڻ سان هن جو چهرو لومڙ سان ملندڙ جلندڙ ٿيو پوي. جپاني روايتن موجب لومڙ جي داخل ٿيڻ بعد ٻهراڙي جي هڪ اڻ پڙهيل ڇوڪريءَ ۾ ڪِتاب پڙهڻ جي قابليت اچيو وڃي. جنهن عورت ۾ لومڙ پوندو آهي، ان لاءِ جپان ۾ چوندا آهن ته هيءَ عورت ”ڪيتسو ني تسوڪي“ واري حالت ۾ آهن.
    لومڙ ڪڍڻ لاءِ ان عورت کي سندس مائٽ مِٽ اِناري مندر ۾ وٺي ايندا آهن جيئن هو پنهنجي اِناري ديوتا جي ڊپ کان عورت جي جان ڇڏي ڀڄي وڃي. جپاني ٻڌائين ٿا ته ماضيءَ ۾ جڏهن ان آسان طريقي سان بيمار صحيح نه ٿيندي هئي يا مندر ۾ ٻائو موجود نه هوندو هو ته پوءِ ان لڳت جي مريض عورت کي مار به ڏني وئي ٿي ۽ ٻرندڙ ڪاٺيءَ سان ڏنڀ ڏنا ويا ٿي جيئن ڇوڪريءَ سان گڏ لومڙ کي به تڪليف پهچي ۽ ڇوڪريءَ مان نڪري وڃي. هي سڀ کيل تماشو ائين آهي جيئن اسان وٽ ٻهراڙيءَ ۾ نفسياتي مريض عورتن سان جن هجڻ جي ناتي ڪيو وڃي ٿو.
    اِناري مندرن ۾ جپاني مرد توڙي عورتون لومڙن جي مورتين اڳيان مختلف نذر نياز پيش ڪندا آهن ۽ سکائون باسيندا آهن. هنن جو اهو عقيدو آهي ته جيئن ته لومڙ اِناري ديوتا جو ٽپالي آهي سو ان کي خوش ڪرڻ سان هو اِناري ديوتا کي سائل جون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ سفارش ڪندو.
    جپاني ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن ۾ لومڙيءَ کي سڀ کان گهڻو زال يا محبوبا ڏيکاريو ويو آهي جيڪا پوءِ نوجوان مرد سان شادي ٿي ڪري. ڪن حالتن ۾ انهن کي ٻار به ٿين ٿا جيڪي ذهين ثابت ٿين ٿا. گهڻو ڪري پامسٽن، علم نجوم جي ڄاڻن يا جادوگرن کي اهڙين لومڙين جو اولاد تصور ڪيو وڃي ٿو.
    بهرحال هِتي هڪ ٻارن جي ڪهاڻيءَ جو ٽڪرو ٻڌايان ٿو جنهن مان توهان کي لومڙ/لومڙي جي idea ٿي ويندي ته ان لاءِ جپانين جي ڇا سوچ آهي؟ .... يا ننڍي هوندي کان ٻارن جي دماغ ۾ ان قسم جا خيال وڌا وڃن ٿا.
    گهڻا گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي ته سُوروگا جابلو علائقي ۾ ويسوءَ نالي هڪ جانٺو جوان رهيو ٿي. هي هڪ ڪاٺير هو جيڪو پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ هڪ ڪکائين جھوپڙيءَ ۾ رهيو ٿي. روزانو صبح ساجھر هو ڪهاڙي کڻي گهر کان نڪتو ٿي ۽ شامَ ڌاري هِتان هُتان ڪاٺين جي لڏ تيار ڪري ورتائين ٿي جيڪا وڪڻي ٻارن لاءِ چانور ۽ مڇيءَ ذرو خريد ڪري گهر پهتو ٿي.
    هڪ ڏينهن مندر جو پوڙهو ٻوڌي ٻائو هن جي گهر آيو جنهن هن کي چيو: ”ڪاٺير صاحب! مونکي لڳي ٿو تو پوڄا پاٺ کي ڇڏي ڏنو آهي.“
    ويسو ڪاٺير وراڻيس: ”ڳالهه ٻُڌ ٻاوا صاحب! جيڪڏهن توکي به زال ۽ ٻارن جي لوڌ هجي ته تون به مندر جو منهن نه ڏسي سگهين ۽ نه وري گهر ۾ ويهي عبادت ڪرين.“
    ڪاٺير جو اهو ڪسارو جواب ٻُڌي ٻائي جو اندر سڙي ويو. اکيون ڦونڊاري ڪاٺير کي چيو: ”ياد رک ويسو! پوڄا پاٺ نه ڪندين ته مرڻ کان پوءِ ٻئي جنم ۾ تون ڏيڏر، ڪوئو يا ٽنڊڻ ٿي هن دنيا ۾ ايندين ۽ 500 سال توکي لوڙهڻو پوندو.“
    ويسو اهو ٻڌي ڏڪي ويو ۽ ٻائي سان وعدو ڪيو ته هو اڄ ڏينهن کان پوءِ سڀني ديوتائن کي ياد ڪندو رهندو.
    ”نه رڳو عبادت پر ڪم ڪرڻ به ضروري آهي، پورهيو ۽ عبادت ٻئي گڏ گڏ هجڻ کپن.“ موڪلا.ڻ وقت مندر جي پوڙهي ٻائي هن کي ذهن نشين ڪرايو.
    بدقسمتيءَ سان ويسوءَ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ هو سڀ ڪجهه ڇڏي فقط عبادت ۾ لڳي ويو. هو سڄو ڏينهن تسبي کڻي ان جا ڪڻ سوريندو رهيو ٿي باقي ڪم کان بنهه پڙ ڪڍي ويهي رهيو. نه ڪهاڙي کڻي ڪاٺيون ڪرڻ ٿي نڪتو نه رنبو کڻي جريب اڌ ۾ پوکيل چانورن جي سنڀال لاءِ ٿي ويو. نتيجي ۾ هن جو پوکيل اهو فصل به جھنگ ٿي ويو ۽ گهر ۾ کائڻ لاءِ نه هجڻ ڪري زال ۽ ٻار ٻچا فاقا ڪڍڻ لڳا. ويسوءَ جي زالَ جنهن اڄ تائين هن سان تکو نه ڳالهايو هو اها به هاڻ سخت ڪاوڙجي پئي ۽ ٻارن جي ڏٻرن جسمن ڏي اشارو ڪري مڙس کي چيو: ”ميان اهي تسبيون ۽ چِلا ڪڍڻ ڇڏي ڪهاڙي ۽ رنبو کڻ ۽ چَپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ بدران ڪو ڪارائتو ڪم ڪري اچ جيئن اسان کي کائڻ لاءِ ڪجهه ملي.“
    وِيسو پنهنجي زال کي ان انداز ۾ ساڻس ڳالهائيندو ڏسي تپرس ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير سوچي پوءِ چڙ مان زال کي چيو ”اوهه! گستاخ ۽ بي ادب رَن! ديوتا پهرين اچن ٿا پوءِ تون ۽ ٻار ٻچا. تون مون سان اڄ اهڙو وات ڪيو آهي جو هاڻ آئون تنهنجي شڪل به ڏسڻ نٿو چاهيان.“
    اهو چئي ويسوءَ ڪهاڙيءَ جي ڳن ۾ هٿ وڌو ۽ پنهنجي زال ڏي ڏسڻ ۽ موڪلائڻ بنا پنهنجي جھوپڙيءَ مان نڪري آيو ۽ جنگل پار ڪري فُوجي جبل وٽ پهتو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڪري جبل جي چوٽيءَ ڏي مٿي چڙهڻ لڳو.... چڙهندو ويو، چڙهندو ويو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي مٿي موجود ڪوهيڙي ۽ ڌنڌ ۾ غائب ٿي ويو. ڪافي مٿي جبل تي پهچي ويسو هڪ وڻراهه ۾ پٿر تي ٿي ويٺو ئي مس ته هن کي پهرين ٽارين ۽ پنن جي سرسر ٻڌڻ ۾ آئي ان بعد هڪ لومڙي هن جي اڳيان لنگهي گهاٽن ٻوڙهن ڏي هلي وئي. لومڙيءَ کي ڏسڻ هڪ ڀلاري ڳالهه آهي ۽ ويسو تسبي پڙهڻ ڇڏي هن لومڙيءَ پويان لڳي ويو.
    لومڙيءَ جي ڳولا ۾ هي ڪا دير هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندو رهيو پر هن کي لومڙي وري نظر نه آئي.
    هاڻ هي لومڙي جي ڳولا جي پچر ڇڏڻ وارو هو ته جبل جي هڪ سنوت واري حصي تي جِتان هڪ چشمو وهي رهيو هو، ان جي ڪناري تي هن کي ٻه سهڻيون عورتون ”گو“ راند کيڏندي نظر آئيون. ڪاٺير هنن کي کيڏندو ڏسي پاڻ به ان راند ۾ محو ٿي ويو ۽ اتي ئي ويهي رهيو. هو هر هڪ جي ساريءَ جي چرپر کي غور سان ڏسڻ لڳو. چوڌاري مڪمل سانت ڇانيل هئي. بس چشمي جي وهندڙ پاڻيءَ جو سنهو ۽ مڌر آواز هو يا وري هنن سهڻين عورتن جي هٿ جي کسر کسر جو آواز. جڏهن هنن مان هر هڪ پنهنجي ڪاري يا اڇي ساريءَ کي دفتريءَ جي بورڊ تي ٺهيل چونڪڙين تي ٿي رکيو.
    عورتن ڀر ۾ اچي ويٺل وِيسوءَ ڏي ڪو ڌيان نه ڌريو. هو لڳيون ٿي ته هن عجيب راند ۾ بيحد رُڌل هيون. وِيسو بنا اکيون ڇنڀڻ جي هنن سهڻين عورتن کي غور سان ڏسندو رهيو. هو ڪڏهن هنن جي ڊگهن لسن وارن کي ڏسندو رهيو ته ڪڏهن هنن جي نازڪ ۽ نرم هٿن ڏي جن سان هو ساريون چَوري رهيون هيون.
    هي اتي ويٺو رهيو، ويٺو رهيو ۽ هنن عورتن کي راند کيڏيندو ڏسندو رهيو. ان کي ٽي سؤ سال گذري ويا پر هن کي وقت جو ڪو احساس نه ٿيو. هو ته اهو ئي سمجھندو رهيو ته اها ساڳي اونهاري جي ڏينهن جي منجھند وارو ٽاڻو هلي رهيو آهي. هن ان وقت ڏٺو ته هڪ عورت غلط چال هلي رهي هئي. هن کان اهو برداشت نه ٿي سگهيو ته هوءَ ساري غلط هنڌ تي رکڻ سان راند هارائي وڃي سو جوش مان رڙ ڪري هن کي خبردار ڪيو. ”محترم حسينا! اهو توهان غلط ڪري رهيون آهيو.“
    هن جو اهو چوڻ ۽ هي ٻئي عورتون پنهنجو روپ بدلائي لومڙيون ٿي ڀڄي ويون.
    ويسوءَ هنن لومڙين جو پيڇو ڪرڻ چاهيو ٿي پر ڏٺائين ته سندس ٽنگون ٻانهون سڪي سَوٽ ٿي ويون آهن. ڏاڙهي وڌي وڃي پٽ سان لڳي آهي. مٿي جا وارا پٺيان چيلهه تائين ڊگها نظر آيا. ان کان علاوه هن ڏٺو ته سندس ڪهاڙيءَ جو ڳن جيڪو هن مضبوط ڪاٺ مان ٺاهيو هو اهو ٻوري وانگر ڀُرڪٽ ٿي ويو هو. وڏي جاکوڙ کان پوءِ ويسو مس مس پنهنجي پيرن تي اٿي بيٺو ۽ آهستي آهستي وکون کڻي پنهنجي گهر ڏي موٽڻ لڳو. جڏهن هو پنهنجي پاڙي ۾ پهتو ته هن کي حيرت ٿي ته اتي هن جي جھُوپڙي ئي نه هئي. هڪ پوڙهي عورت جيڪا اتان لنگهي رهي هئي ان کان وِيسوءَ پڇيو ته ”محترما! مون کي حيت آهي ته هِتي موجود منهنجي جھوپڙي غائب آهي! آئون اڄ صبح جو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ چڪر تي ويو هوس ۽ هاڻ شام جو موٽيو آهيان ته منهنجو گهر ٻار نه پيو ملي!“
    پوڙهي عورت جي دماغ ۾ اها ئي ڳالهه آئي ته هي همراهه ڪو پاڳل ديوانو آهي پر هلندي هلندي هن کان نالو پڇي ويٺي. ۽ جڏهن هن نالو ٻڌو ته کانئس رڙ نڪري وئي: ”تون واقعي ڪو پاڳل آهين. ويسوءَ کي مري ته ٽي سؤ کن سال ٿي ويا! هن نالي واري لاءِ مشهور آهي ته هو گهران زال سان ڪاوڙجي نڪتو ته وري نه موٽيو.“
    ”ٽي سؤ سال اڳ!“ ويسوءَ حيرت مان ڀڻڪيو، ”اهو ناممڪن آهي، ڪٿي آهي منهنجي پياري زال ۽ ٻار؟“
    ”ڪڏهوڪو قبرن حوالي ٿي ويا.“ پوڙهي عورت وِيسوءَ کي ٻڌايو،“ ۽ جيڪي ڪجهه تون چئي رهيو آهين اهو سچ آهي ته پوءِ آئون اهو چونديس ته تنهنجي ٻارن جا ٻار به ڪڏهوڪو وفات ڪري ويا. لڳي ٿو ته قدرت توکي ڊگهي عمر ڏئي توکي پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ڇڏي وڃڻ جي سزا ڏني آهي.“
    ويسوءَ جي اکين مان ڳوڙها ٽمي سندس هڏائن ڳلن تان ٿي هيٺ ڪرڻ لڳا. هن گھُٽيل آواز ۾ چيو: ”منهنجي سڄي جواني پل کن ۾ گذري وئي..... آئون پوڄا ۾ مدهوش هوس ۽ پٺيان منهنجا پيارا فاقا ڪڍندا رهيا. هنن کي منهنجي مضبوط هٿن جي پورهئي جي ضرورت هئي ته آئون کين بي سهارو ڇڏي ويس. ڪراڙي خاتون! منهنجا آخري لفظ ياد رکجانءِ:
    ”جيڪڏهن تون پوڄا کي وقت ٿي ڏين ته ڪم کي به ڏي. پوڄا سان گڏ ڪم به ضروري آهي.“
    اسان کي اها ته خبر ناهي ته پنهنجي غلطي تي توبهه زاريون ڪندڙ ويسو وڌيڪَ ڪيترا سال جيئرو رهيو. پر چون ٿا ته هن جو روح اڄ به چانڊوڪي راتين ۾ فيوجي جبل جي چوڌاري گردش ڪندو رهي ٿو.


    خوبصورت عورت جِن ڀوت هوندي هئي....

    جپان جي ماڻهن ۾ مذهب ضرور آهي پر هنن ۾ اهو مذهبي جنون ناهي جيڪو اسان جي پاسي جي ملڪن ۾ مسلمانن توڙي هندو، سک، عيسائي ۽ ٻڌن ۾ آهي. جپان ۾ ٻه ڌرم عام آهن هڪ ٻڌ ڌرم ۽ ٻيو شنتو ڌرم. شنتو ڌرم جنهن جي معنيٰ آهي ديوتائن جو طريقو يا رستو. ۽ جپانين جا ديوتا جن کي جپاني زبان ۾ ڪامي (Kami) سڏجي ٿو سي کوڙ آهن.... ويندي جبل، نديون، جانور، جايون ۽ ڪي ڪي ماڻهو پڻ هنن لاءِ ڪامي آهن ..... غيبات، روح Spirit، Sacred Essence ۽ Divinity سڀ ’ڪامي‘ آهن. ٻيو مذهب ٻڌ ڌرم آهي جنهن ڌرم جي مندرن ۾ گوتم ٻڌ جي مورتي رکيل ٿئي ٿي. هونءَ جپان ۾ جنهن کان به کڻي پُڇ ته هو پنهنجو واسطو ٻنهي ڌرمن سان ٻڌائيندو ۽ ٻنهي مندرن يعني ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم جي مندرن ۾ ائين پيو ويندو جيئن اسان ٽوئرسٽ ٿا گهمڻ لاءِ وڃون: هنن لاءِ مذهب کان وڌيڪَ رسمون رواج پورا ڪرڻ ڌرمي ڳالهه آهي..... سري لنڪا، برما يا ٿائلنڊ جي ٻڌن جيان پنهنجي ٻڌ ڌرم سان ڪو گهڻو سنجيده نه آهن. چڱو ٿا ڪن.... مذهب جي چڪرن ۾ نه پنهنجو پاڻ ۾ وڙهن جڙهن ٿا ۽ نه ٻين مذهبن جي ماڻهن جا قتل ڪن ٿا. سال جي مختلف ڏينهن تي جلوس ۽ فلوٽيلا ڪڍن..... نچن ٽپن ۽ ڳائين. پاڻ به خوش ٿين ۽ ٻين اسان جهـڙن ڌارين لاءِ به وندر مهيا ڪن. ٻار ٽن، پنجن يا ستن سالن جا ٿين ته انهن کي مندر ۾ وٺي هلن ۽ ٻائي کان دعا پڙهائين. جپان ۾ لکين مندر آهن.... شنتو ڌرم جا به ته ٻڌ ڌرم جا به. شنتو ڌرم جي مندرن مان ڪي ڪهڙي ديوتا (ڪامي) کي منسوب ٿيل آهن ته ڪي ڪهڙي ديوتا کي. اٽڪل ٽيهه هزار مندر ته فقط اِناري ديوتا نالي آهن جن جي ٻاهران لومڙ جون مورتيون نظر اينديون. بهرحال جپان جي مندرن ۾ پوڙهن کان وڌيڪَ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون نظر اچن ٿيون.
    تعويذ، فالون، سُکائون اهي ڪم جيڪي ننڍي هوندي اسان سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڏٺا اهي هِتي جي مندرن ۾ به ڏسي حيرت ٿي. امتحان ۾ پاس ٿيڻ، سٺو مڙس حاصل ڪرڻ، جنن ڀوتن کان بچاءَ لاءِ ۽ ٻين خواهشن جي پورائي لاءِ ڪيترن ئي مندرن ۾ ٺهيل ٺڪيل تعويذ وڪامن ٿا جيڪي ڪاغذ، ڪاٺ، پلاسٽڪ يا ڪنهن ڌاتوءَ جا ٺهيل ٿين ٿا. هر قسم جي ڀاڳ ۽ پنهنجو پاڻ کي شر کان محفوظ رکڻ لاءِ جيڪي جپاني تعويذ (amulets) ملن ٿا اهي ماموري (Mamori) سڏجن ٿا. اهڙن اهم لفظن يا کاڌي پيتي جي ڪيترين شين اڳيان عزت خاطر “O” (او) لڳايو وڃي ٿو ۽ ماموري کي ”اوماموري“ به سڏجي ٿو. اهڙي طرح فال ڪڍڻ جي پنن کي به فقط مي ڪُوجي (Mikuji) سڏڻ بدران ”اومي ڪوجي“ سڏجي ٿو. هي شيون خريد ڪرڻ لاءِ پئسا ڏيڻا پون ٿا.... بلڪه انهن شين جي وڪري مان مندرن کي ڪافي فائدو رسي ٿو ۽ ڪيترا ٽوئرسٽ مندر کي چندو ڏيڻ جي غرض سان به اهي شيون خريد ڪن ٿا.
    ”اومي ڪوجي“ ائين اڳ جون لکيل فالون آهن جيئن اسان وٽ پاڪستان ۽ انڊيا، سريلنڪا، برما، بنگلاديش ۾ يا ويندي ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ۾ فٽ پاٿ تي طوطي کان لفافو کولرائڻو پوندو آهي پوءِ ان ۾ رکيل پنو ڪڍي فال ڪڍائڻ واري کي ٻڌايو ويندو آهي ته تنهنجي نصيب ۾ هي هي آهي تنهنجي دل ۾ جيڪي خواهشون آهن يا جيڪي مرادون رکين ٿو اهي پوريون ٿينديون يا نه.
    جپان جي مندر ۾ هي فالون (O-Mikuji) ڪاغذ جي ڊگهن پنن يا اڳڙين تي لکيل ٿين جن ۾ ڀاڳ، صحت، زندگي، شريڪ حيات بابت خوشخبري يا خراب خبر هوندي آهي. سوالي چير واري پيتيءَ ۾ پئسا وجھي هڪ فال (اومي ڪُوجي) کڻندو آهي. پاسي ته ٿي هو ان کي پڙهندو/پڙهندي آهي. خراب ڳالهه لکيل هجڻ جي صورت ۾ هو ان فال جي پني يا ڪپڙي کي ٻيڻو چؤڻو ڪري اتي ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ ۾ ڳنڍ ڏئي ٻڌي ويندو آهي يا مندر جي لوهي لوڙهي جي تارن ۾ اٽڪائي ڇڏيندو آهي جِتي ٻيون ڍير فالون ڦاٿل هونديون آهن. ايئن ڪرڻ سان هِتي جي ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته اهو نِڀاڳ سواليءَ کي يڪدم چنبڙڻ بدران اتي مندر جي وڻ ۾ يا لوهي ڄاريءَ ۾ ڦاٿو رهي ٿو.
    جن ماڻهن جي فال (O-mikuji) ۾ سٺي ڳالهه نڪرندي آهي ان لاءِ ٻه Option هوندا آهن. هو ان کي وڻ جي ٽاري يا لوهي ڄاريءَ ۾ به ڦاسائي سگهي ٿو ..... ائين ڪرڻ سان هن جي ڀاڳ ۾ اڃان به وڌيڪَ واڌارو ٿي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾ هرڪو پنهنجي نڪتل فال پاڻ سان کڻي گهر روانو ٿي سگهي ٿو. هن قسم جون فالون (اومي ڪُوجي) جپان ۾ موجود مندرن ۾ گهڻي ڀاڱي نظر اچن ٿيون. اسان جو جهاز ته ظاهر آهي جِتي به لنگر انداز ٿيندو هو..... ٽوڪيو، يوڪوهاما، نگويا، هيروشيما، موجي، ڪوبي يا اوساڪا جهڙن بندرگاهن ۾ ته اهي وڏا شهر ئي هوندا هئا ۽ انهن شهرن جو چڪر هڻندي رستي تي هڪ ٻه جيڪو مندر (جنهن کي جپاني ٻوليءَ ۾ ’جنجا‘ يا ’اوتيرا‘ سڏين ٿا) نظر ايندو هو اتي ان شهر جي شاگردن خاص ڪري ڇوڪرين، آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورتن يا اسان ڌارين ٽوئرسٽن جا انبوهه هوندا هئا ۽ ڏسندو هوس ته هنن فالن تي يقين ڪرڻ وارن جي ڪڏهن به کوٽ نه هوندي هئي ۽ مندرن جي چڱي ڪمائي ٿيندي نظر ايندي هُئي.
    ”اومي ڪُوجي“ جهڙي هڪ ٻي شيءِ جيڪا هنن مندرن ۾ وڪرو ٿيندو ڏسان ٿو .... يعني ماڻهن جو ان ۾ اتساهه آهي، اهي هٿ جيڏيون ڪاٺ جون تختيون آهن جيڪي ”ايما“ (Ema) سڏجن ٿيون. هنن تي ڀاڳ يا نِڀاڳ جي ڳالهه (فال) بدران ڪا دعا لکيل ٿئي ٿي. هنن تختين (ڪاٺ جي پٽين) تي جملي ٻن سان گڏ ڪنهن جانور..... سَهي، مانيڪي نيڪو (اشارو ڪندڙ ٻلي)، لومڙ، چيتي يا ڪنهن ٻئي جانور جي شڪل به ٺهيل هوندي آهي.
    بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي جپان کان پري رهن ٿا رڳو جپان جي ماڊرن ٽيڪنالاجي جو احوال پڙهي اهو نه سمجھن ته جپان جي ماڻهن ۾ ڪي وهم وسوسا يا عقيدا ۽ سوچون نه آهن. هيءَ گذريل صدي جي ستر واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن جي ڳالهه آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ اها ڳالهه عام هئي ته صبح جي وقت ايئرپورٽ جي ڀرسان ڊرگ روڊ تي هڪ ڇوڪري بيٺل نظر اچي ٿي جيڪا ڪار وارن کان لفٽ وٺي ٿي.... جيڪو به ان کي ڪار ۾ وهاري ٿو ان جو موت ٿئي ٿو. اها ڇوڪري سال بعد وري ان هنڌ تي ملي ٿي ۽ ڪار ۾ لفٽ ڏيڻ وارن جو موت ٿئي ٿو. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ اهو علائقو ويران هوندو هو ۽ ويتر ڪا ڪار لنگهندي هئي. بهرحال سچ يا ڪوڙ في الحال اها خبر اخبارن ۾ اچي ويندي هئي ۽ جتي ڪٿي هر هڪ جي زبان تي ان ڇوڪريءَ جي ڳالهه هوندي هئي هوندي هئي. اسانجي ملڪ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ان کي ڪوڙ يا وهم ئي سمجھيو ٿي جو اها جيڪڏهن حقيقت هجي ها ته ڪنهن نه ڪنهن سال ته اها ڇوڪري ضرور جھلجي ها.
    مزي جي ڳالهه اها ته انهن ڏينهن ۾ اسانجو جهاز جپان جي بندرگاهه اوساڪا ڏي روانو ٿيو هو. اوساڪا کان جپان جو تاريخي شهر ڪيوٽو ويجھو آهي ۽ مونکي اتي جو گولڊن ٽيمپل (Kinkakuji) ڏسڻ جو شوق هو جنهن بابت جپاني ناول نويس مشيما يوڪيو جي هڪ ناول ۾ پـڙهيو هو. ويڪ اينڊ تي، يعني ڇنڇر ڏينهن جهاز کان موڪل هجڻ تي اوساڪا کان ٽرين ذريعي ڪيوٽو پهتس. ريلوي اسٽيشن تي لهي اتان مندر ڏي وڃڻ لاءِ ٽئڪسي ڪيم. دنيا جي هر ملڪ جا ٽئڪسي ڊرائيور ڳالهين جا ڳهير ٿين ٿا. مندر ڪافي پري هو سو هي ڊرائيور جيڪا مونکي ڳالهه ٻڌائيندو هليو .... حيرت ٿيم ته اها ڪراچي جي ڊرگ روڊ واري ڳالهه سان ڪافي ملي ٿي. هن ٻڌايو ته هنن کي ڪيوٽو جي رستن تي ڪڏهن ڪڏهن جن ڀوت جھڙي غيبات خوبصورت عورت جي شڪل ۾ ملي ٿي. ”هڪ ڏينهن ڪامو ندي جي ڪناري وٽ هڪ سهڻي عورت هٿ جي اشاري سان منهنجي ٽئڪسي روڪي“، ٽئڪسي ڊرائيور ٻڌايو، ”رات جو وقت هو سو مون چيومانس ته نارمل ڀاڙي کان ڪجهه وڌيڪ لڳندو. هوءَ هائوڪار ڪري منهنجي ٽئڪسي ۾ ويٺي. هن کي مِدورو تالاب (Midoro pond) تي لهڻو هو. رستي تي ڪجهه فاصلو تادا سو (Tadasu) جنگل مان لنگهڻو پوي ٿو. اهو ٽڪرو ٽپي مون هن خوبصورت مسافر ڏي نِگاهه ڪئي ته اها غائب هئي.“
    اها ڳالهه مونکي بعد ۾ ٻين ٽئڪسي ڊرائيورن به ٻڌائي.... ٿوري گهڻي ڦير ڦار جي بهرحال هن مٿين ڊرائيور اها ڳالهه ٻڌائي مونکي چتاءُ ڏنو ته ڪيوٽو جي رستن تي هن موسم ۾ ڪا اڪيلي سهڻي ڇوڪري نظر اچي وڃي ۽ هوءَ ڳالهائڻ چاهي يا سڏي ته ڀڄي پاسو ڪجوس.
    اوساڪا، جِتي منهنجو جهاز لنگر انداز هو اتي جي مقامي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت، منهنجو ڪيوٽو وڃڻ جو ٻڌي منهنجي مدد لاءِ مونکي هڪ ته ٽرين جي ٽڪيٽ خريد ڪري ڏني جيئن ٻئي ڏينهن موڪل ڪري رش کان بچي وڃان ۽ ٻيو مونکي اهو گولڊن مندر ۽ ڀر ۾ ٻيون شيون گهمائڻ ۽ فوٽوگرافي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي فون ڪيو جيڪا اتي جي يونيورسٽي ۾ تعليم وٺي رهي هئي. هن پنهنجي ڀيڻ کي منهنجي ٽرين جو ٽائيم ٻڌائي ڇڏيو هو ته ”ان مان لهي آئون يڪدم ٽئڪسي ڪري چاليهه منٽن اندر مندر وٽ پهچندس جِتي هوءَ منهنجو انتظار ڪندي.“ هاڻ هي ٽئڪسي وارو جيڪو سڄي واٽ جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌائيندو هليو ۽ مونکي هن ملڪ ۽ هن شهر ۾ پهريون دفعو آيل سمجهي خبردار ڪندو رهيو ته متان ڪنهن اڪيلي عورت سان ڳالهايو اٿئي جو ڪيوٽو ۾ جِنَ عورت جو روپ ڌاري مردن سان زوريءَ ڳالهائين ٿا. ٽئڪسي ڊرائيور جيئن ئي مندر جي مين گيٽ ٻاهران ٽئڪسي بيهاري ته اتي بيٺل اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورت جي ڀيڻ هار سينگار ڪري بيٺي هئي. مون جيئن ئي ٽئڪسي مان لهي ٽئڪسي واري لاءِ ڀاڙو ڪڍيو ته هوءَ منهنجي مهانڊي ۽ قد مان سمجھي وئي ته پاڪستاني جهاز جو اهو ئي انجنيئر هوندو جنهن لاءِ سندس ڀيڻ پارت ڪئي. سو هوءَ باقي بچيل ٻه ٽي ڀري مون وٽ آئي. ”ڪوني چِيوا!“
    هن وڏي کيڪار ڪئي ۽ مونکي سندس پٺيان پٺيان هلڻ جو اشارو ڪيو.
    جواب ۾ مون به هيلو ڪري ”گڊ آفٽر نون“ چيومانس.
    اسان کي ائين ملندو ڏسي ٽئڪسي ڊرائيور وائڙو ٿي ويو ۽ هن تي اهو ئي خوف طاري رهيو ته هيءَ عورت انسان نه پر ڏائڻ يا جن ڀوت هوندي. هو منهنجي ڀلي لاءِ هڪ طرف مونکي هن سان ڳالهائڻ کان روڪڻ لڳو ته ٻي طرف هن ڇوڪريءَ سان سوال جواب ڪرڻ لڳو ته تون ڪير آهين. هي ڌارئين پرديسي ماڻهوءَ سان ڇو ٿي ملين؟
    بهرحال پوءِ جڏهن حقيقت جي خبر پيس ته ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. دل ۾ مون سوچيو ته هونءَ ته توهان جپاني مرد وڏا پهلوان آهيو ۽ پاڻ کي ’سومو‘ ۽ ’سَمُورائي‘ ٿا سمجھو پر جنن ڀوتن کان ساهه ٿو وڃانوَ.


    جپان ۾رهڻ دوران

    اسانجي ملڪ جا ماڻهو جيڪي گهمڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ جپان اچن ٿا يا تعليم يا نوڪري خاطر وڏي عرصي لاءِ اچن ٿا انهن لاءِ هتي جپان جي ڪلچر ۽ جپانين جي رسم رواج ۽ عادتن جون ڪجهه ڳالهيون لکڻ چاهيان ٿو. اسان جي ماڻهن کي کپي ته انهن ڳالهين ڏي ضرور ڌيان ڌرين. هونءَ ته جپاني اهو سمجھن ٿا ته هنن جي ملڪ ۾ ايندڙ ڌاريان جيئن ته سندن ڪلچر ۽ رسم و رواج کان واقف نه آهن ان ڪري هنن جون ڪيل غلطين ۽ ڪوتاهين کي هو دل ۾ نٿا ڪن پر تنهن هوندي به هڪ ڌارئين کي کپي ته هو ٻئي جي ملڪ جي رسم و رواج مطابق هلي .... هن کي هر وقت اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ کپن جيڪي جپان جا ماڻهو پسند ڪن ٿا.
    • جپان جي گهرن توڙي مسافرخانن ۾ (جنهن کي هو ريوڪان سڏين ٿا) هميشه جتيءَ بنا گهڙجي. هر گهر جي در وٽ گهرجي ڀاتين ۽ مهمانن جي بوٽن رکڻ جي جاءِ ٿئي ٿي. جپان ۾ هر هر بوٽ لاهڻ ۽ پائڻ جي ڪري هتي جا ماڻهو سليپر ٽائيپ بوٽ پائين ٿا جيئن ڪهيون (ڪَشا) کولڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ گڪو نه ٿيڻو پوي.
    • جپاني گهرن ۾ توهان جورابن سان گهڙي سگهو ٿا پر ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجا جوراب گهران چيڪ ڪري نڪرو ته اهي ميرا ته نه آهن يا انهن ۾ ڪو سوراخ ته نه آهي جو اهي ڳالهيون ٻي جي گهر ۾ شرمندگي جو سبب بنجن ٿيون.
    • ڪيترن گهرن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ ٻاهرين در وٽ چئمپل رکيل ٿين ٿا. اهڙي صورت ۾ در وٽ پنهنجو بوٽ لاهي چئمپل پائجي. ان چئمپل سان توهان گهر اندر گهڙي سگهو ٿا پر وهڻ واري ڪمري ۾ جيڪڏهن تاتامي (تونئري، سنهي نک جو تڏو) وڇايل آهي ته پوءِ اهو چئمپل ان ڪمري جي در وٽ لاهي اگھاڙن پيرن سان اندر وڃڻ کپي جو اها تاتامي ايڏي نازڪ ٿئي ٿي جو چئمپل سان اکڙي يا خراب به ٿي سگهي ٿي.
    • ٽوائليٽ ۾ گهڙڻ لاءِ ان جي در وٽ خاص چئمپل رکيل ٿئي ٿو جيڪو پائي اندر وڃڻ کپي ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت ياد ڪري چئمپل کي ان ساڳي هنڌ تي لاهي، ائين ڪري رکجي جيئن اندر گهڙڻ واري کي پائڻ ۾ سهوليت ٿئي.
    • جپان جي ڪيترن ئي گھرن توڙي هوٽلن ۾ اڄ به هنن جا پراڻي نموني جا ٽوائليٽ آهن جن کي پاڻ انڊين ٽوائليٽ چئون ٿا، جنهن ۾ اوڪڙون ٿي وهڻو پوي ٿو. ڪيترن گهرن ۽ هوٽلن ۾ هاڻ مغربي اسٽائيل جا ڪموڊ پڻ عام ٿيندا وڃن جن تي ڪرسيءَ وانگر وهجي ٿو ۽ ڪيترا جپاني اسان ڌارين کي وڏي فخر سان ٻڌائيندا ته ”اسانجي نئين گهر ۾ ويسٽرن اسٽائيل ڪموڊ آهي“.
    • جپان جي ڪن هوٽلن ۽ گهرن ۾ نه رڳو مغربي طرز جا هي ڪموڊ اچي ويا آهن پر انهن ۾ ايڏي ته اعليٰ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي جو يورپ وارا به حيران ٿي ويا آهن. ڪموڊ سان گڏ سئچ بورڊ تي لڳل مختلف سئچن کي دٻائڻ سان هيٺ پاسي تي لڳل نلڪي مان پريشر سان پاڻي مٿي اچي جسم جي صفائي ڪري ٿو، ٻئي بٽڻ سان هوا جو ڦوهارو جسم کي خشڪ ڪري ٿو. هڪ ٻٽڻ کي دٻائڻ سان ڪموڊ جي صفائي ٿيو وڃي. ڪيترن ڪموڊن ۾ ته ميوزڪ وڄڻ ۽ خوشبوءَ جي Spray جو به بندوبست رکيل آهي ۽ ٻُڌڻ ۾ اچي پيو ته جپان جي ٽوٽو ڪمپني اهڙا ڪموڊ به ٺاهي رهي آهي جنهن تي ويٺل رئيس پنهنجو ٽيمپريچر ۽ بلڊپريشر به چيڪ ڪري سگهندو.
    • جپانين جو قد ننڍو آهي ان ڪري جپان ۾ گهرن توڙي آفيسن جا در اسان کان ننڍا ٿين ٿا. ان ڪري ڊگهي قد وارن کي جپان ۾ خبردار رهڻ کپي جيئن سندن مٿو در جي چوکٽ سان نه وڃي لڳي.
    • جپاني گهرن ۾ باٿ روم نه ٿين. هو وهنجڻ لاءِ پاڙي جي پبلڪ باٿ ۾ وڃن. پر ڪيترن ئي نون گهرن ۾ وهنجڻ جايون آهن جن ۾ ننڍڙا پر اونها ٽب نظر اچن ٿا. ٽب اڳيان ڪجهه جاءِ ٿئي جتي بيهي الڳ نلڪي مان، يا رکيل باردريءَ مان ڪريءَ ذريعي پاڻي ڪڍي پنهنجي جسم کي چڱي طرح صاف ڪجي ان بعد گرم پاڻيءَ سان ڀريل ٽب ۾ باٿ ۽ ٽاڪوڙ لاءِ وهجي. باٿ وٺڻ بعد ٽب جو پاڻي هرگز drain نه ڪجي.
    • اهو ان ڪري جو انهي ساڳي پاڻيءَ ۾ گهر جو هڪ هڪ ڀاتي ٿي وهنجي ٿو. اها ڳالهه يورپين توڙي اسان جي ايشيائي غريب ملڪن جي ماڻهن لاءِ جيتوڻيڪ عجيب آهي پر جپان ۾ اها هڪ عام ڳالهه آهي. اسان جي ان حيرت کائڻ ڪري جپاني ان ٽب ۾ پهرين مهمان کي باٿ وٺڻ ڏين ٿا.
    • هونءَ به جپان ۾ايندڙ ڌارين ماڻهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ضرور هجڻ کپي ته جپان ۾ پاڻي تمام مهانگو آهي. هونءَ ته جپان ۾ ٻيٽ ئي ٻيٽ آهن جنهن جي چوڌاري سمنڊ جو کارو پاڻي ته ضرور آهي پر مٺي پاڻيءَ جي قيمت به پيئڻ جي پاڻيءَ جيتري آهي. ان ڪري جپانيءَ جي گهر ۾ پاڻي ضايع ڪرڻ کان گريز ڪجي. هڪ ٻي ڳالهه ته ٽب ۾ پنهنجي جسم تي نه صابڻ هڻجي ۽ نه جسم کي مهٽجي. ٽب ۾ فقط پاڻيءَ ۾ هجڻ جو لطف وٺجي يا جسم کي ٽاڪوڙ جو احساس ڏيارجي. جسم کي صاف ڪرڻ يا صابڻ هڻڻ جو ڪم ٽب ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، ٽب جي ٻاهرانPre-Washing ۾ ڪجي.
    • ڪوشش ڪري ڪنهن به جپانيءَ سان نفي (Negative) جملي ۾ سوال نه ڪجي. جپانيءَ کان ناڪاري جملي سان ڪو سوال ڪرڻ مونجھارو پئدا ڪري ٿو جو جپاني ان جو جواب ”ها“ ۾ ڏئي ٿو جيتوڻيڪ هن جو مطلب ”نه“ سان آهي. مثال طور توهان ڪنهن جپانيءَ کان پڇندائو ته: ”هي جهاز خراب ته ناهي؟“ ته هو جواب ۾ ”ها“ چوندو ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته جهاز خراب آهي پر ان ”ها“ سان هن جو مطلب اهو آهي ته توهان جيڪو جملو ڳالهايو اهو صحيح آهي. يعني ”ها. توهان صحيح ٿا چئو ته هي جهاز خراب ناهي.“
    هڪ ٻيو مثال. توهان ڪنهن ”نان سموڪر“ جپانيءَ کان انگريزيءَ ۾ پڇندائو تهDon’t you smoke? ته هو ان جي جواب ۾ “Yes” چوندو. يعني ”ييس. تون صحيح ٿو چوين آئي. ڊونٽ سموڪ“.
    • جپانيءَ کي صفائي ۽ هائيجن جو تمام گهڻو خيال آهي. هو پنهنجي اردگرد، گهرن توڙي آفيسن ۾، ۽ ويندي گهٽين کي صاف سٿرو رکڻ چاهي ٿو. هڪ دفعي بس ۾ ڪنهن ٻار کان دال جي داڻن جهڙي ڪا شيءِ ڪري پئي ته هن جي ماءُ لهڻ کان اڳ نه فقط بس جي سيٽ کي صاف ڪيو پر سيٽ جي هيٺان ڪريل هڪ هڪ داڻو چونڊي بس کي اهڙي ئي صاف حالت ۾ ڪيو جهڙيءَ ۾ اها هئي. ان ڪري توهان جو جپاني گهرن، پارڪن يا آفيسن ۾ وڃڻ ٿئي ته اتي هر شيءِ کي صاف سٿري حلات ۾ رکو. رستي هلندي توهان کي ڪيترائي مرد توڙي عورتون منهن تي سرجنن وارو ماسڪ پائي هلندو نظر اينديون! هتي جا ماڻهو ٿڌ يا زڪام لڳڻ تي ماسڪ پائين ٿا جيئن سندن بيماريءَ جا جراثيم ٻين کي نه لڳن.
    • جپان ۾ ٻين اڳيان نڪ کي سڙڪڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو. توهان شايد اهڙي حالت ۾ اهو بهتر سمجھو ته نڪ کي رومال سان صاف ڪجي. پر حقيقت اها آهي ته رومال سان نڪ صاف ڪري ان رومال کي پنهنجي پرس يا کيسي ۾ رکڻ کي هتي جا ماڻهو اڃان خراب ۽ ڪراهت آموز سمجھن ٿا. بهتر اهو ئي آهي ته ٻئي ڪمري يا ٽئاليٽ ۾ وڃي اتي ٽشو پيپر سان نڪ صاف ڪجي. بهرحال ٽرين ۾ يا ٻين اهڙن هنڌن تي ان مصيبت جو مهاڏو ٿئي ته رومال سان نڪ صاف ڪرڻ کان اهو بهتر آهي ته سڄو وقت سُڻ سُن ڪري سنگهه کي مٿي ڪندو رهجي.
    • ڪو جپاني دعوت ڏئي ۽ گهر سڏي ته هن لاءِ ڪو تحفو ضرور کڻي وڃجي. هتي جا ماڻهو تحفي طور گهڻو ڪري کاڌي جي شيءِ: ميوو، ڪيڪ بسڪيٽ يا تازي مڇي کڻي وڃن ٿا. توهان چاهيو ته پنهنجي ملڪ جو ڪو سووينئر (سوغات) ڏئي سگهو ٿا.
    • جپاني هڪ ٻئي سان ملڻ وقت هڪ ٻئي جو پنهنجي گهر ۾ آڌر ڀاءُ ڪرڻ وقت يا موڪلائڻ مهل جھڪي ويلڪم ڪن ٿا يا گڊ باءِ چون ٿا. جپان ۾ ملاقات يا موڪلائڻ وقت هٿ ملائڻ جي رسم ناهي.
    هڪ پاڪستانيءَ اهو ٻڌي چيو ته جپاني به عجيب چريا آهن! هُو اسان جي نظرن ۾ کڻي چريا هجن پر ڏٺو وڃي ته جپان ۾ هڪيدو ٻيٽ کان هيٺ ٻي ڇيڙي تي اوڪيناوا جي آخري ٻيٽ تائين جپاني مردن توڙي عورتن وٽ ملڻ ۽ موڪلڻ جي اها هڪ ئي رسم آهي. سخت مونجھارو ته اسان وٽ آهي جتي ڪنهن دعوت، سرڪاري ميٽنگ يا فنڪشن ۾ اها خبر نٿي پوي ته هڪ مرد ۽ عورت ڪيئن کيڪارين......؟ ڪٿي فقط وات سان هيلو هيلو ڪيو وڃي ٿو، ڪٿي هٿ ملايو وڃي ٿو، ڪٿي مرد عورتن جي مٿي تي هٿ رکن، ڪٿي مٿي تي هٿ رکڻ بعد هنن سان هٿ ملائين، ڪٿي ڪٿي، خاص ڪري شادي جي دعوتن ۾ مون ڏٺو آهي (۽ ضرور توهانجو به مشاهدو هوندو) ته ڪي مرد عورتن کي يا عورتون مردن کي ڀاڪر پائي ملن. مڃيان ٿو ته هو ننڍ وڏائي جي آداب ۽ عزت خاطر ڀاڪر پائين ٿا، ۽ اهو به آهي ته هنن جو رشتو ويجھي مائٽيءَ جو هوندو پر اسلام ۾ ته پيءُ کي به اجازت ناهي ته پنهنجي جوان ڌيءَ سان ڀاڪر پائي ملي. ۽ دراصل اسان جي ملڪ جي ماڻهن جون اهيئي ڳالهيون آهن جن تان ٻين مسلمان ملڪن جا ماڻهو کلن ٿا ۽ غير مسلم ملڪن جي ماڻهن کي جڏهن اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ اسلامي قانون آهي جتي مرد کي عورت سان هٿ ملائڻ نه کپي..... ۽ پوءِ اهي ڌاريان اسانجي ملڪ ۾ جڏهن هي کيل تماشا ڏسن ٿا ته سخت حيرت کائين ٿا.
    • جپانين ۾ ٻين لاءِ، خاص ڪري گهر ۾ آيل مهمان لاءِ تمام گهڻي Courtesy آهي. هو ڳالهه ڳالهه تي مهرباني، معاف ڪجو، ڀلي ڪري آيائو..... جهڙا ڪُجهه پُر تڪلف جملا چوندا رهن ٿا ۽ هو ٻئي کان به اهوئي expect ڪن ٿا. ان ڪري جپان ۾ ايندڙ ڌارئين لاءِ ضروري آهي ته هو پهرين ڏينهن ئي جپانيءَ جا ڪجهه اهي لفظ ۽ محاورا ياد ڪري ڇڏي جيڪي هر هر ۽ تمام گهڻو ڳالهايا وڃن ٿا. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن.
    ڪوِنيچِيوا (Konnichiwa) ــــ توهان جڏهن ڪنهن جي گهر وڃو ته سلام ڪرڻ خاطر ڪونيچيوا چئي سگهو ٿا. ان بعد توهان کي پنهنجي ميزبان کي Gomen Kudasi (گومين ڪُداسائي) چوڻ کپي.
    گومين ڪداسائي جي لفظي معنيٰ آهي.... توهانکي تڪليف ڏيڻ جي معاف ٿو گهران.
    ميزبان توهان کي ڀليڪار (Welcome) لاءِ توهان کي هنن چئن لفظن مان ڪو چوندو.
    • Irasshai ــ اراسهائي
    • Irassaimase ــ اراسائي ماسي
    • Yoku Irasshai Mashita ــ يوڪو اِراسهائي ماشتا.
    • Youkoso ــ يائو ڪوسو.
    مٿي ڏنل پهريون لفظ(Irasshai) گهٽ تڪلف وارو آهي ۽ هڪ جيڏن لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
    گهر ۾ اندر داخل ٿيڻ تي ميزبان توهانکي هنن مان هڪ جملو چوندو.
    • دوزو ـــ اوئاگري ڪداسائي Dozo Oagari Kudasai.
    • دوزو اوهائِري ڪداسائي
    ٻنهي جو مطلب ساڳيو آهي ته مهرباني ڪري اندر اچ. يا ميزبان جي واتان هي جملو به ٻڌڻ ۾ ايندو: دوزا ڪوچيرا اِي ـــ (Dozo Kochira e)
    ان جي معنيٰ آهي: ”اچ. مهرباني ڪري هيڏانهن اچ.“ جپاني Dozo لفظ تمام گهڻو استعمال ڪن ٿا. جنهن جي معنيٰ آهي مهربان. يا ڪرسيءَ ڏي اشارو ڪري چئجي ته دوزو معنيٰ ڀلي ويهه.
    جواب ۾ مهمان گهڻو ڪري هنن ٻن جملن مان هڪ چوندو آهي: اوجاما شِماسُو Ojama Shimasu يا وري شتسو ريئي شماسو Shitsurei Shimasu جن جملن جي معنيٰ آهي ”سائين معاف ڪجو“. (توهان کي بي وقتو ڊسٽرب ڪيوسين). يا وڃڻ وقت اهو جملو چوڻ جو مطلب آهي سائين معاف ڪجو. توهان کي ڇڏڻ جي ڪري رهيا آهيون.
    جنهن وقت توهان جو ميزبان توهان جي کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه تيار ڪرڻ لاءِ اٿي ته توهان هن کي چئي سگهو ٿا ته Dozo Ukamainaku دوزو. اوڪا مائي ناڪُو (مهرباني ڪري ڪا تڪليف نه ڪريو).
    ۽ پوءِ ميزبان جڏهن ڪا کائڻ يا پيئڻ جي شيءِ مهمان اڳيان اچي رکندو آهي ته هن کي چوندو آهي:
    دوزو! ميشي آگاتي ڪداسائي
    (Dozo Meshiagatte Kudasai)
    اهو جملو ائين آهي جيئن پاڻ ڪنهن مهمان اڳيان ماني رکي چوندا آهيون ”سائين تڪلف نه ڪجو“، يا ”پنهنجو گهر سمجھو“. يا جيئن انگريز چوندا آهن ته ”پليز هيلپ يوئر سيلف“ وغيره.
    ۽ ٻه جپانيءَ جا جملا اهڙا آهن جيڪي ڌارئين مهمان کي ياد رکڻ کپن. جن مان پهريون مهمان کي ماني کائڻ کان اڳ چوڻ کپي اهو آهي:
    Itadakimasu (اِتا داڪي ماس) ۽ ٻيو جملو ماني کائڻ کانپوءِ چوڻ جو آهي. جيڪو آهي:
    Gochisousama Deshita (گوچِي سوئو ساما ديشتا).
    هتي اهو به لکندو هلان ته ڌارين جي سهوليت لاءِ جپان ۾ ڪيترائي گائيڊ بڪ ملن ٿا جن ۾ ڪيترن ئي اهم لفظن ۽ جملن جي معنيٰ رومن جپانيءَ ۾ لکيل ٿئي ٿي جيئن مون مٿي لکيو آهي. انهن ۾ رومن ۾ لکيل ٻه لفظ Masu ۽ Desu تمام عام آهن. اهي لکيا ماسُو ۽ ديسُو وڃن ٿا پر هميشه ماس ۽ ديس پڙهڻ کپن.
    جپاني زبان ۾ مهرباني چوڻ لاءِ ”اري گاتو“ لفظ استعمال ٿئي ٿو يا ”دومو اري گاتو“ معنيٰ تمام گهڻي مهرباني. هونـءَ سڄو جملو Domo Arigato Gozaimasu آهي.
    ۽ ان جي جواب ۾ ”دُو اِتاشي ماشتا“ چئي سگهجي ٿو يعني ”مڙيئي خير آهي“. يا جيئن انگريزيءَ ۾ چئبو آهي ته mention it not وغيره.
    • اسين ننڍي کنڊ جا ماڻهو سنڌي پنجابي هجون يا بنگالي تامل.... گفتگو دوران بيحد جذباتي ٿيو وڃون پر هن پاسي جا ماڻهو خاص ڪري ملئي ۽ هي جپاني، جن قومن سان منهنجو گهڻو واسطو رهيو آهي، بيحد ڌيرج وارا آهن. سندن اندر ۾ ڀلي باهه جا کورا پيا ٻرن پر ٻاهرين ڏيک ۾ جهڙا ريفريجريٽر ـــ سي به کليل دروازي وارا جنهن مان رڳو ٿڌاڻ پئي محسوس ٿئي. اسان ماڻهو ڪنهن سان سڃاڻپ ٿيڻ تي يڪدم فري ٿيو وڃون ۽ ويندي گندا گندا چرچا ڀوڳ به ٻڌائڻ شروع ڪري ڏينداسين پر جپاني ماڻهو ان معاملي ۾ تمام رزروڊ رهن ٿا.
    جپانين سان بحث مباحثي دوران هڪ ته هنن جو صحيح ۽ پنهنجو opinion ٿئي ٿو جنهن کي جپاني زبان ۾ ”هوني“ (Honne) يعني Real Opinion سڏجي ٿو ۽ ٻيو ”تاتيمائي“ (Tatemae) يعني Public Opinion ٿئي ٿو. هو گهڻو ڪري تاتيمائي جو اظهار ڪندا جيئن بحث ڪندڙ مجموعي جو سڪون ڊسٽرب نه ٿئي. ٻي ڳالهه ته جپانين ۾ جڏهن هڪڙو ڳالهائي ٿو ته ٻيا ماٺ ڪري ٻڌن ٿا. هو جي ڳالهائڻ دوران ڪجهه سوچي ٿو ته ٻيا پنهنجو وات بند رکي کيس سوچڻ جو موقعو ڏين ٿا. نئين آيل ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ههڙي گرما گرم ٽاپڪ تي بحث هلندي قبرستان واري سانت ڇو ڇانئجي وئي آهي! ان ڪري جپان ۾ ايندڙن ڌارين کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته ڪنهن به جپانيءَ کي چاهي اهو توهانجو ميزبان هجي، آفيس جا ڪليگ هجن يا گرل فرينڊ ته هن کي ڳالهائڻ يا سوچڻ دوران ڊسٽرب نه ڪريو.
    ان معاملي ۾ بقول جهاز جي ريفريجريشن انجنيئر محمود جي آزاديءَ جو خواب ڏسڻ واري حڪايت به ڪارگر نٿي رهي. ڳالهه مشهور آهي ته وڻ هيٺان هڪ ستل همراهه کي ڪنهن ننڊ مان ٿي اٿاريو ته سج مٿي چڙهي آيو آهي سجاڳ ٿي ته اتان لنگهندڙ هڪ واٽهڙوءَ کيس ستل همراهه کي جاڳائڻ کان منع ڪندي چيس: ”ادا ڇو ٿو ستل کي اٿارين. ٿي سگهي ٿو هو آزاديءَ جو خواب ڏسي رهيو هجي.“
    تنهن تي اڳلي وراڻيس: ”جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ مونکي هن همراهه کي اٿارڻ ئي کپي ته هو آزاديءَ جو خواب ڏسڻ بدران آزاديءَ لاءِ اٿي جدوجهد ڪري.“
    سو جهاز جو انجنيئر محمود به جهاز جي نوجوان آفيسرن کي نصيحت ڪندو آهي ته جپاني ماڻهو ــــ پوءِ اها ڀلي توهان جي گرل فرينڊ هجي، هن کي ڳالهائڻ يا سوچڻ دوران ڊسٽرب نه ڪجي، چاهي توهان کي پڪ هجي ته هوءَ توهان مان جان ڇڏائڻ بابت سوچي رهي هجي.“
    • جپانين جون ڪي ڪي ڳالهيون واقعي ابتيون به لڳن ٿيون. اسان وٽ توڙي يورپ پاسي شرراٽ ڪري يعني وات جي آواز سان شر شر ڪري چانهه پيئڻ يا ماني کائڻ وقت چشڪا ڏيڻ خراب سمجھيو وڃي ٿو پر جپان ۾ ان ڳالهه کي اهميت نٿي ڏني وڃي بلڪه اسپاگھيٽي ٽائيپ سوپ کي شر شر جا آواز ڪري پيئڻ کي سٺي ڳالهه سمجھيو وڃي ٿو. يا ڊگهي اسپاگھيٽي جو هڪ پاسو وات ۾ وجھي باقي کي زور زور سان Suck ڪري وات اندر داخل ڪندا. بهرحال هي اهي ڳالهيون آهن جن تان اسان ڪئڊٽ ڪاليج توڙي مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم دوران هميشه سزائون کاڌيون.
    ٻي ڳالهه اها ته پيالي مان ڀت کائڻ مهل ڪنڌ کي هيٺ جھڪائي کائڻ بدران جپان ۾ پيالي کي مٿي چپن تائين آڻي پوءِ چمچي يا چاپ اسٽڪس سان چانورن کي وات اندر ڌڪيو وڃي ٿو. چاپ اسٽڪس تان ياد آيو ته جيڪڏهن توهانجو جپان يا چين ۾ گهمڻ لاءِ اچڻ ٿي رهيو آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي پر جيڪڏهن توهان نوڪريءَ لاءِ يا تعليم لاءِ ٻن ٽن سالن لاءِ اچي رهيا آهيو ته توهان لاءِ بهتر اهو ئي آهي ته مهيني اندر Chop Sticks جو استعمال سکي ڇڏيو. چاپ اسٽڪس سان کائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي پر هڪ دفعو سکڻ سان توهان جي زندگي آسان ٿي پوندي جو چين وانگر جپان ۾ به جتي ڪٿي چاپ اسٽڪس استعمال ٿين. ٿيون ۽ ماڻهو چمچي ڪانٽي بدران هنن ٻن تيلين سان هر شيءِ کائين ٿا. هي چاپ اسٽڪس اڳٺ وجھڻين جهڙيون ڊگهون پر انهن کان ٿورو سنهيون، گول يا چورس شڪل جون ٿين ٿيون.
    • جپاني دوستن سان گڏ ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائڻ تي ان جو بل نه توهان ڏيو ۽ نه اها اميد رکو ته ڪو ٻيو ڀريندو. جپان ۾ گهڻو ڪري سڀ دوست ڦوڙي ڪري بل ادا ڪن ٿا.
    • جپان ۾ هوٽلن جي بئرن، ٽئڪسي ڊرائيورن، حجامن وغيره کي ٽِپ ڏيڻ جي ضرورت ناهي. هوٽلن وارا يا دڪان وارا توهان جي پاڇي رقم يعني چئنج هڪ هڪ سڪو ڳڻي ڏيڻ بدران يڪا ڳڻي توهان جي هٿ تي رکن ٿا. توهانجي ان کي ڳڻن کي هو پنهنجي بي عزختي سمجھن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپاني محنتي، ايماندار ۽ پنهنجي عزت جو خيال رکڻ وارا آهن. هو ان ريت ڪنهن کي Cheat نه ڪندا. ٻه ٽي يين ترڳائڻ لاءِ ڪو توهانکي گهٽ پئسا ڏئي ۽ توهان جي ڳڻڻ تي هو پڪڙجي پوي ته هن لاءِ ته هاراڪري ڪرڻ جو مقام آهي. (يعني وڏي خنجر سان پنهنجو پيٽ چيري آپگھات ڪرڻ برابر بيعزتي آهي). البت آئون لڪي لڪي يا پري وڃي پاسيرو ٿي مليل ريجو ڳڻي وٺندو آهيان پر اڄ ڏينهن تائين هڪ Yen جو به فرق نه نڪتو آهي.
    • جپان جي هوٽلن ۾ ماني کائڻ بعد توهان کي ڪو ٽوال ملي يا نه ملي پر مانيءَ کان اڳ هٿ صاف ڪرڻ لاءِ ننڍڙو ٽوال گرم پاڻي يا ڪنهن سخت ٿڌي پاڻيءَ ۾ پيسيل توهانکي ڏنو وڃي ٿو.
    • چاپ اسٽڪس سان ماني کائڻ بعد اهي پليٽ تي يا ٽيبل تي ليٽائي رکجن. ڪڏهن به ڀت جي پيالي ۾ اُڀيون نه هڻي ڇڏجن ڇو جو جپان ۾ ان جو مطلب آهي ته ڪو گذاري ويو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 835
    ڪتابن جو مشاهدو: 2186952
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 555250
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ