ڪتاب جو نالو: اڪيلو ماڻهو
مصنف: جمن احمداڻي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 18 جون 2019 ع
پڙهيو ويو: 507 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 174 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر جو نوٽ
  • پنهنجي پاران: نظريه ضرورت
  • اڪيلو ماڻهو
  • انڌن جي جهوپڙي ۾ ٽمڪندڙ روشني!
  • اڪيلائپ جو آخر ي الميو
  • ننگو وجود
  • دوسو ڇو ٿو نچي!
  • خودڪشي جي اکين ۾ پوسٽ ڪيل هڪ خط
  • جُرمِ وفا جو آخري اسڪيچ
  • رُڳو بارش ئي ڪهاڻيون پڙهي ٿي!
  • ڀڳل چوڙيون
  • زندگي جي شام جو آخري منظر
  • فيصلو
  • بابا...!
  • بي نور اکين ۾ اٽڪيل هڪ سوال
  • زندگيءَ جي ٽاريءَ مان ڇڻيل ٻه پَن
  • شڪاريءَ کي روڪيو!!
  • ٽارچر سيل ۾ رهجي ويل ٽنگون
  • روشنيءَ کان خالي سِجُ
  • تنها جيوَن ۽ اُڌاري شام
  • شريف ماڻهو
  • ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: اڪيلو ماڻهو
    موضوع: ڪهاڻيون
    ڪهاڻيڪار: جمن احمداڻي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: اگسٽ 2012ع
    پاران:

    نئون نياپو اڪيڊمي
    A-12 سچل ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ڪراچي
    Cell # 0346-2103811

    Rs. 100/=

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    پيار، امن ۽ محبت جي ڌرتي
    سنڌ
    جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڪيلو ماڻھو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب جمن احمداڻي صاحب جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي.
    هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
    ۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري انعام عباسيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر جو نوٽ

    اُهي ڏينهن ويا جڏهن ڪهاڻيءَ جي مرتيي جا الاپ ۽ ورلاپ پيا ٻڌبا هئا، هي ته ڏسو چئوڦير ڪهاڻيون ئي ڪهاڻيون پيون ڦيراٽيون پائن....
    بس ڪير انهن کي رڳو جهٽي..... هڪ کان پوءِ ٻي ۽ ٽين ۽ پوءِ ڪهاڻين جا وڳر...
    هي ڪتاب! هونءَ ته ڪهاڻين تي ٻڌل آهي پر رڳو ڪهاڻين جوئي نه، ڪهاڻين جي باري ۾ پڻ آهي ...
    ۽ جمن احمداڻي رڳو هفتي جي هڪ ڏينهن جو نانءُ ئي نه پر پنهنجي وقت جو ذميوار ۽ وقت جي روح کي جهنجهوڙيندڙ هڪ ڪلاڪار آهي، جنهن وٽ ڪهاڻيون ته ڄڻ پاڻ هرتو لهي پون ٿيون ۽ من مندر ۾ گهنٽيون وڄائي نڪور ڪٿائون آلاپن ٿيون...
    هن ڪتاب ۾ به ته اسان جي ڀلوڙ دوست ڪيڏي نه چاهه مان انهن کي گل ٻاٽين جان سجايو آهي ۽ انهن ڪٿائن جو مانُ مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي...
    ڪير چوندو ته، هي سيکڙاٽ آهن، هي ته وقت جا ڄڻ مهندار آهن ۽ واڳ وند آهن، جاڏي چاهن قلم جي چهنب سان وقت کي ورائن ۽ اُڀ ۽ پاتال گهمائن....
    ۽ هي ڪتاب به نئون نياپو ان آس ۽ گُهر پٽاندڙ آڇيو آهي ته متان هي ئي اهو ڪتاب ٿي پوي جنهن جي اچڻ تي ڪريل اُٿي پوندا آهن ۽ هارايل کٽي وٺندا آهن....

    سنڌي انعام


    پنهنجي پاران: نظريه ضرورت

    نظريه ضرورت جو راڪاس دنيا ۾ انساني آبادين جي لتاڙ ڪندو ، بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ائين ڪاهي پيو آهي، جو 11/9 کان پوءِ غمِ شام جا منظر نه رڳو پهاڙن جي ديس افغانستان ۾ ئي ڇانيل آهن، پر فلسطين ۽ عراق جي گلابي گهٽين ۾ به ڳاڙها ڳٽول ماڻهو پنهنجي بدني ڍانچي کان جدا ٿيندڙ هٿ پير ۽ ڄنگهن کي به اُن حسرت سان ڏسندا رهن ٿا، جيڪي ماضي ۾ سندن زندگي جي ڪهاڻي جا گلدستا هئا. اهڙن گلدستن کي ٽوڙڻ ۽ ذرا ذرا ڪري روڊن تي اڇلائڻ لاءِ مغربي طاقتن نظريه ضرورت جو هڪ نئون اصطلاح گهڙيو. اُنهن آزاد فضا ۾ گهمندڙ بادلن تي بندش وڌي. جنگي جهازن کي بارودن سان ڀري بي دردي سان بم اُڇلائي سندن حسين ديس ۾ اڀرندڙ سج جي روشنيءَ کي به ڪارو ڪري ڇڏيو. نظريه ضرورت جي اهڙي دهشت ڏسي، مائرن جي هنج ۾ ستل ڳاڙها ڳٽول معصوم ٻار خوابن جي آکيرن مان ڇرڪ ڀري اُٿيا، ڄڻ سندن لاءِ جنم وٺڻ ممنوع هو!!
    پوءِ سڄي دنيا ڏٺو بي گناهه معصومن جو وهندڙ رت، مائرن جون اجڙيل جهوليون، اٿندڙ جوانين جا ٽٽل خواب، عمر رسيده انسانن جا اڻ جائتا ڍانچا، بي سبب مارجي ويل ماڻهن جا روڊن تي لتاڙجندڙ لاش! ڪالهه ڪالهوڻي، اڄ اڄوڻي، انهن جي ديس ۾ اڄ به جواني منع آهي. ٻارن جون مرڪون ممنوع آهن. مائرن لاءِ ڪنهن معصوم کي هنج ۾ کڻي لولي ڏيئي سمهارڻ جي اجازت ناهي. اڄ به عراقي گهٽين جي ڪُنڊن پاسن ۾ انساني عضون تي ڳجهن کي پر ساهڻ جي ويزا مليل آهي. دهشتگردي جي نالي ۾ ”نظريه ضرورت“ تحت ابو غريب جيل جي لوهي ديوارن کي اڃا به وڌيڪ توسيع ڏيڻ واجب ڪئي ويئي آهي. دهشتگرديءَ جو اهو راڪاس اڄ به، عراق، افغانستان، فلسطين ۽ پاڪستان ۾ ”آدم بوءِ“ جي علامتي لباس ۾ گهمي ٿو. لکين، هزارين جاسوسي اوزار، فضائن ۾ لامارا ڏيندڙ سيٽلائيٽ، خودڪار هٿيار، خفيه جانچ ڪندڙ ادارا، به هن راڪاس کي پڃري ۾ بند ڪري نه سگهيا آهن.
    دهشتگرديءَ جي اها موسم گلوبل وارمنگ جيان سڄي ڌرتي تي انسانن ۾ لابارو وجهڻ لاءِ ڇانيل آهي. نيٺ ته ان جي پڄاڻي ڪيئن ٿيڻ گهرجي؟! ان لاءِ اهل قلم، اهل سياست، مسند نشينن، ريسرچ رپورٽرز، سوشيالاجسٽ جي ماهرن کي سوچڻو پوندو!! انهن کي ئي ان راڪاس جي نڙيءَ تي ننهن رکي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. کين منافقت جي مديءَ کي من مان ڪڍي محبت کي مان ڏيڻو پوندو. هيءَ ڌرتي احساس جي چانڊوڪيءَ ۾ محبت جي متلاشي آهي. جتي عراق جي سرزمين سبزه زار چاهي ٿي. اتي افغانستان جا پهاڙ حسن ۽ عشق جا داستان تلاش ڪرڻ چاهين ٿا. جتي سوات جي حسين وادين ۽ آبشارن جي سرد پاڻي کي چاهتن جي رڌم تي روح پرور جهيڻن سُرن جي سڪ آهي، اُتي فلسطين جون اپسرائون گولين جي بوڇاڙ کان بچي پنهنجي پيارن جون مُرڪون ڏسڻ لاءِ سرگردان آهن. دهشتگرديءَ جو اهو راڪاس هاڻي ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به رقص ڪندي رت جي راند ڪرڻ لاءِ منتظر راهه آهي. سنڌڙيءَ- جنهن سدائين محبتن جا گل نڇاور ڪيا، اها اڄ نفرتن جي بارود ۾ زخمي ٿي گهٽين ۾ ڊوڙندي پنهنجو ساهه بچائڻ لاءِ رڙيون ڪوڪون ۽ واڪا ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جي گهٽين شهرن ۽ ڳوٺن مان چيخون ۽ واڪا اڀرن ٿا. مخفي طاقتن جون رقابتون هتي به راڪاس جي چنبن ۾ بدلجي مسڪين ماڻهن جي نڙي تي لت ڏيڻ لاءِ راهه ڳولهي رهيون آهن.
    پرڏيهي سياست جي ورن وڪڙن کان بي سُڌ سنڌ جي ماڻهن کي ڪهڙي ڪل ته تيل کي تيليءَ ڏيڻ سان ماني جي ٻن گرهن جي گهٽتائي ٿي ويندي! کين اها به ڄاڻ نه آهي، ته ڪالام ۽ سوات کان پگهريل برف، پاڻي بنجي جڏهن سنڌو درياءَ ڀريندي ته اهو پاڻي به پيسن سان خريد ڪرڻو پوندو. انهن کي ته اهو به پتو نٿو پوي ته اهي پنهنجي ٻچن جي مُنهن تي موڙ ۽ مينديءَ جي آس سانڍي شهرن مان شيون وٺڻ ويندا ته بمن ۽ گولين وگهي ”بي وقتو موت“ مرڻو پوندو!!
    سنڌڙيءَ جي سادن سودن ماڻهن کي جيئڻ جي گسن تي ساهه جي سوڙهي ٿيڻ جا سبب اڃا تائين سمجهه ۾ نه آيا آهن. عزت ۽ نفس کي پٽڪي جي ورن ۾ ويڙهي هلندڙ انهن مسڪينن کي اڄ به امن ۽ آشتي جي خواهش آهي. جرڳائي چر ڀيلين کان بيزار اهي مسڪين نٿا ڄاڻن ته دهشتگرديءَ ڇا آهي؟! بس، هو رڳو چاهين ٿا ته قبيلائي فسادن مان جند آجي ٿئي. پوليس جي ظلمن ۽ قهري ڪاررواين کان بيگناهه بچيل رهن. ڌاڙيلن جي ڌڻن کان پناهه ملي. مخفي طاقتن جي اشارن تي هر قسم جي اهڙي دهشتگردي کي سمجهڻ ۽ ان کي روڪڻ لاءِ محبتن جا گلاب پوکي، خوشبوءَ ۾ رچيل انهن انسان دوستن کي اڳيان اچڻ جي ضرورت آهي، جيڪي اوڀر کان اولهه تائين محبتن جا شهر اڏڻ چاهين ٿا، جيڪي سونهن سچ ۽ ساڃاهه جي آبياري ڪندي خوبصورت پکين، گلن ۽ ٻارڙن کي امن جي نغمن ۽ پيار جي رنگن سان گڏ مسڪرائيندي ڏسڻ گهرن ٿا. سچائي جو اهو سج اڀرڻ کانپوءِ، نه عراق جي گهٽين ۾ غم شام جا منظر هوندا، نه ئي فلسطين جون اپسرائون پنهنجن پيارن جي ميتن تي پار ڪڍنديون نه ئي افغان عورت نوحه خوان ٿي پناهگير ڪيمپن ۾ واڙ جي وحشي نگاهن کان عزت جي خيرات گهرندي ۽ نه ئي وري سنڌ جي سونهن تي ڪارو ڪاري جو ٽِڪو لڳندو! تڏهن چانڊوڪين جا منظر اک هڻي ستارن کي ڀاڪر پائيندا ۽ خزان جون رولو هوائون بهارن جي بدن تان محبتن جا لباس ليڙون ليڙون ڪري ڇاڻي نه سگهنديون. اهو منظر سڀني لاءِ جنت جو منظر هوندو ۽ اسان مُرڪي هڪٻئي کي مبارڪون ڏينداسون.
    ***
    ”نظريه ضرورت“ جي ان راڪاس سنڌي ادب کي به طبقاتي بنيادن تي ورهائي ڇڏيو آهي. ورهاست جا اهي ٽڪرا، تنظيمن، ادارن، قلمڪارن ۽ لکڻين ۾ قاري کي واضح نموني سان محسوس ٿيندا.
    ان ڪري ڪنهن به تخليقي ادب يا ان سان لاڳاپيل عنصرن کي ”نظريه ضرورت“ جي روح ۾ پرکڻ کان پوءِ پڪ سان اهو چئي سگهبو ته ڪو قلمڪار گڏهه تي سواري نٿو ڪري سگهي، هو رڳو اُن تي رحم ئي کائي سگهي ٿو. اهو پن جي ٻيڙيءَ مان سوٽا هڻڻ کي ڪينسر جو سبب سمجهي ٿو. گند جي نالن يا ڍيرن ڀرسان ٺهيل ڪچن گهرن ۾ رهندڙ خلق خدا سان هڪ ڪلاڪ به گهاري نٿو سگهي، کين ڄٽ، جاهل، سماج ۾ بيماريون ڦهلائيندڙ جراثيمي جانور تصور ڪري ٿو. اهڙي سوچ رکندڙ قلمڪار جي لکڻين ۾ پڙهندڙن کي هوائي جهاز جي آرام ڏيندڙ اُڏام، ايئر هوسٽس جون مُرڪون ۽ ادائون، دنيا جي ملٽي نيشنل ڪمپنين جا نالا، پرفيومز، باڊي اسپريز، فيس واشز، هيئر اسٽائيلز، فيشني لباسن جا نالا، رنگ، برگر فيمليز جي آزاد سيڪس، مغربي ميوزڪ جي ڌنن جي ڄاڻ، دنيا ۾ مهانگن هوٽلن، گاڏين، هزارين قسم جي ڊشز، ڊرنڪز، شراب، سموڪنگ ۽ نائيٽ ڪلبن متعلق لکيل ملندو يا وري سينٽرلي ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ موجود آٽو ميٽڪ واش رومز، بيڊز، ڪچنز سان گڏ برگر فيلميز جي ”روميسيا“، ”وِڪيءَ“، ”جِميءَ“، زارا جهڙن اسٽائيليش نالن ۾ ويڙهيل ڪردارن جي لائيف انجوائيمينٽ ۽ سندن لڇڻن متعلق ئي ذڪر ملندو.
    سنڌي ادب جي ”ڪسوٽي“ ۾ اهڙي ”ادب“ کي بين الاقوامي ادب سان ڪلهو ملائي هلندڙ ادب جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
    جڏهن ته ٻيو قلمڪار فخر سان اُٺ، گهوڙي يا گڏهه تي سواري ڪري سگهي ٿو. گندگيءَ جي ڍير تي ٺهيل ميرن گدلن ۽ بدبودار گهرن ۾ رهندڙ انگ اُگهاڙن پورهيتن، مزدورن جي نالي ۾ خلقيل ”خلقِ خدا“ سان گڏ ويهي، ساڙيندڙ سج جي روشنيءَ ۾ ڳڙ جي ڪاريءَ چانهه جا سپ ڀري ڌاڳي ٻڌل پن جي ٻيڙيءَ جا سوٽا هڻندي سندن لائيف انجوائيمينٽ کي ٽچ (Touch) ڪري ٿو. ان ڪري قاري کي سندس لکڻين ۾ ڪرڙ ڪانڊيرن، لين لاڻن، اٺن گڏهن سان گڏ ڪکائون، جهڳين ۾ رهندڙ ڪنن ڪوجهن انسانن جو ذڪر ملندو. اهڙن ليکڪن جي افساني، ڪهاڻي، ناول، ڊرامي جا ڪردار دُٻن يا تلائن جي بيٺل ڪني پاڻي مان پنهنجي اُڃ اجهائيندي نظر ايندا ته ڪاري ڳڙ يا سڪل بصر سان، ميٽ يا مٽي گاڏڙ اٽي مان ڳڀو کائي پيٽ گذر ڪندي محسوس ٿيندا. اها ئي اهڙن ڪردارن جي لائيف انجوائيمينٽ آهي، جيڪي رمون، کمون، اَڇوءَ، آچو يا آمي، ڦاپي، جي نالي ۾ ڇيڙيءَ نبيريءَ ڪندي نظر ايندا.
    انهن ڪردارن کي پنهنجو ڪندڙ اُهو قلمڪار، پنهنجي ئي سماج، ماحول، جاگرافيائي حدن، ٻوليءَ، ڪلچر ۽ افرادي روين سان ڪميٽمينٽ هوندو آهي. اهڙيءَ ڪميٽمينٽ کانپوءِ وٽس بين الاقوامي ادب جي آڙ ۾ بقراط، سقراط جا فلسفا، چوڻيون، نظريا بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا ۽ اُهو ئي قلمڪار نظريه ضرورت جي نالي ۾ ڪافڪا، ورجينا وولف، آسڪر وائيلڊ، البر ڪاميو، گارشيا مارڪيز جي تقليد ۾ پنهنجي ٻوليءَ، ماحول، معاشرتي روين ۽ حدن کان ڪٽجي پنهنجن ڪردارن کي اڪيلو ڇڏي ڊي پورٽ نٿو ٿي سگهي.
    ادب ۾ اهڙي طبقاتي فرق کي محسوس ڪندي ليکڪ جي معيار زندگي ۽ سماجي رتبي کي به سامهون رکڻ گهرجي. ان کانپوءِ ئي قاري کي لفظن جُملن ۽ ڪردارن جو ڇيد ڪري راءِ قائم ڪرڻي پوندي. اهڙيءَ راءِ جي روشني ۾ پڙهندڙ کي واضح نموني سان محسوس ٿيندو ته آميءَ يا ڦاپيءَ ڪنهن ڏانهن ڏسڻ جي ڏوهه ۾ ”ڪاريون“ ڇو لکبيون آهن! ”روميسيا“ يا ”زارا“ ڏهن ڏينهَن کان گهر مان غائب رهڻ باوجود به، دوستن سان پڪنڪ تي ويل ڇو تصور ڪيون وڃن ٿيون؟! يا وري سماجي پابندين کي ٽوڙي شادي ڪرڻ کانپوءِ ”ڀاڄوڪڙ“ جو لفظ آميءَ يا ڦاپيءَ ڏانهن ڇو منسوب ڪيو وڃي ٿو؟ جڏهن ته ”روميسيا“ يا ”زارا“
    لاءِ ”لومئريج“ لکيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ”ميڊم ۽ رن“، ”مس ۽ ڇوريءَ“ جو اهو فرق ۽ سَنڌو واضح شڪل سان قلمڪارن ۾ به موجود آهي ته سندن لکڻين ۾ به محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    اهڙي سَنڌي ۽ فرق کي ڪهڙي فلسفي يا نظريي جي روشني ۾ ڏسڻ گهرجي؟! فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي.


    جمن احمداڻي
    juman.ahmdani@yahoo.com
    03468051809


    اڪيلو ماڻهو

    ماڻهو حيران هئا ته هڪ ڄنگهه کان معذور خميسو ڪنڀار صبح ساڻ ئي گهر جي لوڙهي ٻاهران ٻٻر جي وڻ هيٺ رلي وڇائي اٻاڻڪو ٿي ڇو ويهي رهيو آهي!
    ڪالهه سج لٿي منهن انڌاري ۾ پاڙيوارن خميسي ڪنڀار کي مزدوري تان موٽندي ڏٺو هو. ڪي پل ئي نه گذريا هئا جو خميسي ڪنڀار جي گهر اندران هلڪي چوٻول ۾ سڏڪن جو آواز به ڪنن تي پيو. پاڙيوارن سمجهيو ته ٿي سگهي ٿو خميسي ڪنڀار جي پوڙهي ماءُ، جيڪا ورهين کان بيمار هئي، مري ويئي آهي!
    پر اهو به هڪ انديشو هو، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه هجي ها ته خميسو ڪنڀار پاڙيوارن تائين اهڙو اطلاع ضرور پهچائي ها. اُن ڪري پاڙيوارن سوچيو، ته ٿي سگهي ٿو اڄ خميسي ڪنڀار کي مزدوري نه ملي هجي ۽ سندس معصوم ٻار ڳڀي جي انتظار ۾ سمهي رهيا هجن، جنهن تان خميسو ۽ سندس زال پاڻ ۾ اٽڪيا آهن، پر ائين به نه هو. جيڪڏهن ائين هجي ها ته پاڙيوارن کي خميسي ڪنڀار جون گاريون به ضرورت ٻڌڻ ۾ اچن ها، جيڪي هو پنهنجي زال کي مارڪٽ ڪرڻ دوران ڏيندو هو. آڌيءَ رات تائين اهڙي نئين صورتحال کي محسوس ڪري انهن گهڻو ئي سوچيو هو پر اُهي ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيا.
    رات وهاڻي ڏينهن ٿيو ته معذور خميسو ڪنڀار، پاڙيوارن کي لوڙهي ٻاهران ٻٻر جي وڻ هيٺ رلي وڇائي ڪنهن گهري ڏک ۾ ويٺل نظر آيو.
    خميسي ڪنڀار جو مزدوري تي وڃڻ بجاءِ لوڙهي ٻاهران رلي وڇائي ويهي رهڻ، رکي رکي سندس گهر اندران سڏڪن جو اُڀرڻ، پاڙيوارن لاءِ تعجب ۾ وجهندڙ ۽ معنيٰ خيز هو. پوءِ به اُهي مفلس ۽ معذور خميسي ڪنڀار ڏانهن وڃي ساڻس همدردي ڪري حقيقت معلوم ڪرڻ کان لنوائي رهيا هئا. ڇاڪاڻ ته کين پڪ هئي ته خميسو ڪنڀار پنهنجي ناڪاره ڄنگهه جو عذر پيش ڪري مدد طور پيسي ڏوڪڙ جي طلب ڪري سگهي ٿو.
    اُن ڪري اهڙي معنيٰ خيز سوال کي ڄاڻڻ لاءِ وٽن صرف هڪڙو ئي حل هو، ”قدرت الله!“
    قدرت الله، پرهيزگاري ۽ نيڪ نامي جي ڪري پاڙي ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. مرڻا پرڻا، خير خيراتون، نڪاح نمازون قدرت الله کانسواءِ نبرڻ مشڪل هونديون هيون. اهو سوچي پاڙيوارن هڪ نوجوان کي قدرت الله ڏانهن موڪليو ته جيئن اُهو معذور خميسي ڪنڀار کان معلوم ڪري ته هو صبح کان گهر جي لوڙهي ٻاهران ٻٻر هيٺ رلي وڇائي اٻاڻڪو ٿي ڇو ويهي رهيو آهي!!
    نوجوان، قدرت الله جي گهر کان ٿورو پرڀرو ئي هو جو هو پاڙي جي مسجد ڏانهن ويندڙ گهٽيءَ مان ايندي نظر آيو. هن ويجهو وڃي کيس سلام ڪيو ۽ معذور خميسي ڪنڀار بابت صورتحال کان آگاهه ڪيو، اهڙي ڄاڻ ملڻ تي قدرت الله هٿ ۾ جهليل تسبيح کي مُٺ ۾ بند ڪري چپن تي رکي اکين تان ڦيرائي کيسي ۾ رکيو ۽ انهن ئي پيرن تي واپس مُڙي اُن گهٽيءَ ڏانهن وڌيو، جيڪا معذور خميسي ڪنڀار جي گهر ٻاهران لوڙهي وٽ آخري ڇيڙو ڪري ختم ٿي ويندي هئي.
    قدرت الله ڏٺو ته واقعي معذور خميسو ڪنڀار گهر جي لوڙهي ٻاهران ٻٻر جي وڻ هيٺ رلي وڇائي ڪنهن ڏک ۾ اٻاڻڪو ويٺل آهي.
    هو، سلام ڪري خميسي ڪنڀار سامهون رليءَ تي پلٿي هڻي ويهي رهيو.
    قدرت الله ٻئي هٿ گوڏن تي رکي کيس دلاسو ڏنو ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي کانئس پڇيو ته، ”آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جو هو اڪيلائيءَ ۾ گهر ٻاهران رلي وڇائي اٻاڻڪو ٿي ويهي رهيو آهي!“ خميسي ڪنڀار جي اکين مان لڙڪن جا بند ٽٽي پيا. ٻڏل لفظن ۾ وراڻيائين، ”ڪالهه شام اُن کي ڪنهن ڪاموري جي گاڏي ٽڪر هڻي ماري ڇڏيو. اهو ئي هو جيڪو ڏک سک ۾ اسان کي ڪمائي ڏيندو هو. هاڻي اسين ڄڻ يتيم ٿي ويا آهيون.
    قدرت الله ڳالهه کي سمجهندي چيس، ”خميسا! ڪمال آهي خون جي اها خبر پاڙيوارن تائين ته نه پهچائي سگهين پر ڏک جي اُن گهڙيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ مون تائين ته اهو اطلاع پهچائين ها!“
    معذور خميسي ڪنڀار جي نڙيءَ ۾ ٿوهر ڦُٽي پيا، گلو ڀرجي آيس. ڳري آواز ۾ ڏک مان وراڻيائين، ”سائين! ڇا ٻڌايان ها. گڏهه جي مرڻ جو ڏک رڳو مالڪ کي ئي ٿيندو آهي. تڏهن ته اڪيلائيءَ ۾ رلي وڇائي پٿر تي ويٺو آهيان.“
    قدرت الله جو دماغ چڪرائجي ويو. هو ڪاوڙ مان ڀڙڪو کائي معذور خميسي جي ڀر مان اُٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻ لڳو.
    پاڙيوارا قدرت الله کي ڪاوڙ ۾ ڀريل ڏسي کانئس معذور خميسي ڪنڀار جو اڪيلائيءَ ۾ گهر ٻاهران رلي وڇائي اٻاڻڪو ٿي ويهڻ جو سبب پڇي نه سگهيا، جيڪا ڳالهه پاڙيوارن لاءِ ويتر اچرج ۾ وجهندڙ هئي!!
    ***


    انڌن جي جهوپڙي ۾ ٽمڪندڙ روشني!

    ”ٿُڪ اٿئي ڀاڙيا- ٻارٿو وڪڻين!“
    سُفيد ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ ڊگهو ماڻهو وٽانئس لنگهندي پنهنجي ساءِ ڀڻڪيو.
    ”غربت جي به انتها آهي- ماڻهو، هيڏي مهانگائيءَ ۾ ڪٿان ته پوري ڪن؟!“ ٻه واٽهڙو ڏانهس ڏسندي، پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳا.
    ”هيءَ سڀ مسئلا حڪمرانن جا پيدا ڪيل آهن. کين عوام جي ڪا پرواهه ئي ناهي. بس هنن کي پنهنجو بئنڪ بيلنس وڌائڻو آهي.“ ڪامريڊ ٽائپ ٻن نوجوانن هن جي معصوم ٻارن ڏانهن نهاريندي افسوس جو اظهار ڪيو.
    ”بابا، هيءَ ته ظلم آهي، مجبوريءَ نه هجي ته ڪو پنهنجا لخت جگر وڪڻندو؟!“
    هڪ اڌڙ وٽ عمر جو شخص ٻئي شخص سان مخاطب هو.
    ڇوڪريءَ، جنهن جي عمر اٺن سالن جي لڳ ڀڳ هئي، هٿن ۾ جهليل سندس سيني اڳيان پوسٽر تي لکيل هو.
    ”مون کي وٺو، منهنجي قيمت هڪ لک ويهه هزار روپيا.“
    پنجن سالن جو هڪ ڇوڪرو، جنهن جي چهري تي عجيب ريکائون ظاهر ٿي رهيون هيون، اُن جي هٿن ۾ جهليل پلي ڪارڊ تي لکيل هو.
    ”منهنجو بابا غريب آهي، مون کي وٺو، منهنجي قيمت فقط هڪ لک روپيه.“
    ٻارڙن جو پيءَ، روئڻهارڪي شڪل سان ميڊيا آڏو پنهنجي اولاد کي وڪڻڻ جو سبب وڏي طمطراق سان ٻڌائي رهيو هو. ميڊيا جا نمائندا هڪ نئين اشو جي ڪورنگ لاءِ کين وڪوڙي ويا هئا. ڪئميرائن جا فليش وڊيو ڪئميرائن جا مُنهن، آڊيو ٽيپس جي يلغار ان اهم اشو کي ڪور ڪري رهي هئي.
    ”منهنجو گهر ڪرائي تي آهي. ٽن مهينن کان مزدوري ناهي ملي، مالڪ مڪان مسواڙ لاءِ تنگ ڪري رهيو آهي، ۽ ڌمڪيون ڏنيون اٿس ته هڪ هفتي اندر گهر جو ڪرايو ڏي يا گهر خالي ڪري وڃ. زال بيمار اٿم. ڪالهه کان منهنجي ٻارڙن ڪجهه ناهي کاڌو، بک کان مجبور ٿي ٻارن کي وڪڻڻ آيو آهيان.“
    ٻنهي ٻارڙن، پڻس جي لفظن کي ساڳئي موقف سان صحافين آڏو دهرايو.
    شهر جي مصروف چونڪ تي ٿيندڙ اُهو اِشو باهه جيان پکڙجڻ لڳو.
    چئن ڪلاڪن تائين واڪ تي وڪرو ٿيندڙ ٻارن کي خريدڻ لاءِ اڃا تائين ڪنهن به همت نه ڪئي هئي، شهر جا ماڻهو سندن تماشو ڏسندا رهيا. نجي چينلز ان اهم اشو کي سڀني کان اول بريڪنگ نيوز طور هلائڻ لاءِ پنهنجن رپورٽرن ۽ ڪئميرامينن کي فون تي فوري رپورٽ ڏيڻ لاءِ تنگ ڪري رهيا هئا.
    ٽيليويزن چينلز تان خبرون هلڻ لڳيون. آن لائين تبصرا- منسٽرن، صلاحڪارن، ڪامورن جا موقف- انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون ۽ اين جي اوز حرڪت ۾ اچي ويون. ڄڻ ڪو وڏو طوفان برپا ٿي ويو هو.
    ٻارڙن ۽ سندن پيءَ جي وڊيو مختلف رخن کان نجي چينلز تان ڏيکاري پئي ويئي.
    ٽيليويزن اسڪرين اڳيان ويٺل خلقِ خدا پنهنجي ذهني سوچ آڌار تبصرا ڪرڻ شروع ڪيا.
    ”هڪ لک ويهه هزار ۾ وڪامندڙ ڇوڪريءَ جوانيءَ ۾ ته گهڻو ڪمائي سگهي ٿي شڪل صورت ۾ به هروڀرو ويل ڪانهي!“
    ”ڇوڪري تي به محنت ڪئي وڃي ته داڻو سٺو آهي، ڪمائي ڏيندو!“
    ”توبهه، توبهه جهانَ جي پڇاڙيءَ ائين ئي ٿيڻي آهي. پيءُ، پنهنجي اولاد کي مال جيان ڏوري اچي وڪڻي ته پڪ سمجهو هاڻي آخري وقت آهي.“ سونهاريءَ تي هٿ ڦيريندي ڪنهن عمر رسيده بزرگ موقف اختيار ڪيو.
    ”سائين! موجوده حڪومت به حد ڪري ڇڏي آهي. تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون آهن. اهڙي حالت ۾ مهانگائي جا ماريل ماڻهو آخر ڪيڏانهن وڃن!“
    وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هڪ فرد تبصرو ڪيو.
    خبرون هلنديون رهيون. خلقِ خدا پنهنجي ذهني سطح تي آڌار خيالن جو اظهار ڪيو.
    اوچتو بريڪنگ نيوز ۾ وري وڌيڪ اضافو ٿيو.
    ”ٻار وڪڻندڙ پيءَ وٽ منسٽر جو صلاحڪار پهچي ويو، کيس ٻن لکن جو چيڪ ڏيئي ٻارڙن کي وڪڻڻ تان هٿ کڻايو ويو آهي.“
    منسٽر جي صلاحڪار آڪڙ ۽ ڦونڊ ۾ ڀرجي ٻار وڪڻندڙ مجبور پيءَ کي ڪئميرائن جي فليش آڏو ٻن لکن جو چيڪ ادا ڪيو، جنهن کي نيوز اپ ڊيٽ ۾ بار بار ڏيکاريو پئي ويو.
    ٻارن جو پيءَ ٻن لکن جو چيڪ وٺي گهر پهتو.
    پنهنجي زال کي ٻن لکن جي خوشخبري ٻڌائي ٻارڙن کي خوشي مان چيائين:
    ”اڄوڪي اٽڪل ڪامياب ويئي. پاڻ ڇهن ڪلاڪن ۾ ٻه لک روپيه ڪمايا آهن!“
    هڪ هفتي کانپوءِ پريس ڪلب اڳيان هڪ ٻيو شخص پنهنجي زال ۽ ٻارڙن کي وٺي آيو. دانهيندي چيائين:
    ”انتهائي غريب آهيان، منهنجي مدد ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ آئون زال ۽ ٻارن سميت پاڻ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيندس!“
    سندس هٿ ۾ گاسليٽ جو دٻو ۽ ماچيس هئي. ميڊيا ٻيهر کين ڪَور ڪري رهي هئي.


    اڪيلائپ جو آخر ي الميو

    هو هاڻي رٽائرڊ ڪري چڪو آهي.
    هُن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته زندگي جي موسم ۾ ڪڏهن پن ڇڻ جي ڪا شام به لهي ايندي ۽ هو زرد پن بڻجي دنيا جي وڻ مان ڇڻي پوندو.
    يادن جي ڪانبي ۾ ٻڌل سندس سوچون هڪ هنڌ بيهي رهيون آهن.
    هو پنهنجي خوبصورت بنگلي جي لان ۾ ويٺل آهي ۽ گهاريل وقت جي پلو جي ڳنڍ کولي پنهنجي اُداسي جو سبب ڳولهڻ چاهي ٿو.
    ڇا سندس وجود اهو رانديڪو آهي، جيڪو هاڻي ٽٽل حالت ۾ حال جي اسٽور روم جي ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪيل آهي!
    پر نه- هو ماڻهو آهي!
    احساسن جو مجموعو- هڏ چم مان ٺهيل.
    هر عضوو صحيح سلامت. هٿ پير ٻانهون اکيون، نڪ.
    پوءِ کيس پاڻ تي شڪ ڇو آهي؟
    هو سوچي ٿو.
    ”پوڙهائپ!“
    ٿي سگهي ٿو اهو ئي سبب هجي.
    هونئن به رٽائرمينٽ پوڙهائپ جو اهو دروازو آهي.
    جنهن مان داخل ٿي روين جي عجيب دنيا ۾ قدم رکبو آهي.
    زرد پتن جهڙا رويا!
    ردي ڪاغذن جهڙا رويا!
    سُڪل ماني ڀور جهڙا رويا!
    هر رويي جي پنهنجي الڳ قيمت مقرر آهي.
    سندس خيال اهو به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هُن پنهنجي زندگي ۾ ماڻهن کي وقت جي گدري مان ڦارون ڪري کين کارايو به آهي. پوءِ ’ماڻهو کانئس ڇو پري ٿي ويا آهن.‘ هو سوچي ٿو. هو جنهن ڊپارٽمينٽ مان رٽائرمينٽ جو ڪشڪول کڻي نڪتو هو، اُن ڊپارٽمينٽ ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ڪُليگ به هاڻي هن کان ڇڊا ٿي ويا هئا.
    متان هو دفن ته نه ٿي ويو آهي!
    بيٺل اکيون هيڏانهن هوڏانهن چوري هو آسپاس ڏسڻ لڳي ٿو.
    بنگلو- لان- ڪُرسي- گل ٻوٽا- سامهون، بنگلي جو خوبصورت گيٽ.
    هُن هٿ وڌائي ڪُرسي کي ڇُهي ڏٺو آهي.
    محسوس ٿو ڪري:
    ”ڪاٺ جي ٺهيل آهي.“
    هن کي پاڻ تي شڪ ٿو ٿئي. ٻانهن ۾ چڪ هڻي جيئرو هئڻ ۽ هن دنيا ۾ ئي موجود هجڻ بابت تسلي ٿو ڪري.
    پر هي ته اها دنيا نه آهي. دنيا ته اها هئي جنهن ۾ هو آفيسر هو. اُن ڊپارٽمينٽ ۾ مفادن جي مچ تي مانگر به مڙي اچي کيس جهڪندا هئا.
    ماڻهن جا ميڙ- ملاقاتون- فائيل- ٽيليفون تي مختصر گفتگو- پٽيوالا- چوڪيدار. جي سائين- حاضر سائين! سندس قلم جي اک مان ماڻهن جي تقديرن جون ڪهاڻيون جنم وٺنديون هُيون.
    هُن هڪدم پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو، کيسي ۾ ڪوبه قلم نه هو. هُو آڱر کي وات ۾ وجهي هٿ جي تريءَ تي لکڻ واري انداز ۾ گهمائي ٿو.
    کيس چڪ لڳڻ جو احساس ٿئي ٿو.
    اڪيلائپ جو زهر سر تا پا ڦهلجي ويو آهي.
    هو سامهون گيٽ ڏانهن نهاري ٿو.
    ماڻهو ساڻس ملڻ آيا آهن. هُن پنهنجا ڇپ ڀڪوڙي نرڙ تي گهنج وجهي اڳوڻو آفيسري رُعب بحال ڪيو آهي.
    ’دروازو بند آهي.‘
    ’ڪوبه ڪونهي.‘
    فضا خاموش آهي. هو مايوس ٿي وڃي ٿو. هو پٿر ته نه ٿي ويو آهي. پر پٿر کي به ته ماڻهو پوڄين ٿا. پوءِ هن جي پوڄا لاءِ ڪير به نٿو اچڻ گهري- ڇو؟!
    هو اُن سبب تائين پهچڻ چاهي ٿو.
    ٿي سگهي ٿو، پٿر جي هن بُت ۾ هاڻي اها ڪرامت نه رهي هئي، جنهن ۾ ماڻهن جون دعائون، عاجزيون اگهامنديون آهن. کيس پڪ ٿي ٿئي ته پٿر مان تراشيل سندس بُت اڳ ماکي جي ميڻ مان ٺهيل ڪُرسي تي فٽ ڪيل هو. جتي ماڻهو مکين جيان ميڙ ڪري ايندا هئا. پر هاڻي اُها ڪرسي وٽس نه رهي هئي ۽ هو ڪرامتن کان خالي ٿي ويو هو.
    ماڻهن ۽ مکين ۾ ڪوبه فرق ڪونهي.
    هن سوچيو.
    ماڻهو نٿا اچن ته مکين کي ئي سندس وجود تي ويهڻ گهرجي. هن مکيون ڳولهڻ شروع ڪيون، پر ڪابه مکيءَ ويجهو اچي مٿس ويهڻ لاءِ تيار نه هئي. احساس جهوري وڌو. کيس لڳو، هاڻي هو چريو ٿي پوندو يا دماغ جون رڳون ڦاٽي پوندس.
    ’مکين کي سندس وجود تي ضرور ويهڻ گهرجي!‘
    مکيون ته گند تي به خوشي سان ويهنديون آهن. اهو خيال اچڻ سان هڪدم سندس اکين ۾ چمڪ پيدا ٿي پئي.
    دنيا ۾ گند ۽ ڪچري جا ڍير پيل آهن. هو پاڻ کي اُن گند مان ڀري مکين کي پنهنجي وجود تي ويهڻ لاءِ ضرور راضي ڪندو. اهو سوچي هُن اٽل فيصلو ڪيو.
    کيس مکين ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي جو اصل سبب سمجهه ۾ اچي ويو هو.
    هو پنهنجي لان مان اُٿي ڪار پورچ ڏانهن وڌيو. واپسي ۾ ڪاريون مکيون نه رڳو سندس وجود سان چنبڙيل هُيون پر گاڏي جي رفتار سان گڏ اُڏامي به رهيون هُيون ۽ هو ٽهڪ ڏيئي کلي رهيو هو!!
    ***


    ننگو وجود

    ”ڏس! تون مون کي اڃا سمجهي نه سگهي آهين!“ آرٽسٽ جون اکيون سندس جسم کي تڪينديون رهيون. چپن جي رڦڻي ۾ وحشت جا رنگ چڙهيل هئا، هو بدحواسي ۾ اڏامي رهيو هو.
    پر هوءَ خاموش هئي ۽ آرٽسٽ جي چپن مان ريشمي ڏورن جهڙا لفظ پنهنجي ڪنن جي ڍيرن ۾ ويڙهيندي رهي. آرٽسٽ سمجهيو ته ريشمي ڌاڳن ۾ ويڙهيل لفظن کي هوءَ سندس لاءِ چاهتن جي سئيٽر ۾ دل تائين اُڻيندي وڃي. هو ضرور اڄ کيس حاصل ڪري وٺندو. ”آرٽسٽ جي دل موهن جو دڙو آهي، جنهن ۾ سڪ ۽ ڇڪ جي سچائي جا سڪا دفن آهن، جن کي صرف تون ئي کوٽي ڪڍي سگهين ٿي. محبتن جي مورتين جا مجسما تنهنجي دسترس لاءِ اڃا تائين انتظار جي دڙن ۾ دفن آهن.“ هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو.
    ريشمي لفظن جي سُٽ جا هڙ ئي ڍيرا هُن آڏو کولي جواب طلبي جي موٽ نه پائي هو پلنگ تان اُٿي وٽس صوفا تي اچي ويٺو ۽ فن جو ٻيو پتو اُڇلائيندي کيس ڀاڪرن ۾ سوگهو ڪرڻ لاءِ چيلهه وٽان ٻانهن ورايس ته هوءَ ڇرڪي کانئس هٽي ويئي.
    ”تون ايئن نٿو ڪري سگهين“ هن شوخ لهجي ۾ منع ڪندي لفظن جي تتل تندن کي آرٽسٽ جي دماغ ۾ ويڙهيل رڳن ۾ کپائي ڇڏيو، جيڪي وسڪيءَ جي خمار ۾ ٻڏي بي حس بنجي ويون هيون.
    ”تنهنجي منع، محبت جي توهين آهي. مان سالن کان آس جي پڄرندڙ اُس ۾ تنهنجي ساهن جا ڇانورا تلاش ڪندي ٿڪجي پيو آهيان. ٿڪاوٽ جي احساس جي شدت کي طويل سفر جي رڻ ۾ ڦٽي ڪندينءِ ته مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس.“
    ”خودڪشي.....؟!“ هوءَ، حيرت مان کيس تڪڻ لڳي هئي هن اهو سمجهيو ته هاڻي هوءَ ضرور پاڻ کي سندس حوالي ڪرڻ لاءِ بي چين آهي. وراڻيو هوس، ”ها آتم هتيا.... پنهنجو موت پاڻ!“
    ”تون بزدل آهين، ائين ڪري نه سگهندين“ هوءَ، طنزيه لفظن جي بڻڇي بنجي ويئي.
    ”ڇو.....؟“
    ”ڇو ته، تون هينئر نشي ۾ آهين. هڪ آرٽسٽ ۽ فنڪار جڏهن اهڙي ڪيفيت ۾ هُجي ته اهو ڪوڙو ۽ مڪار بنجي قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي ٿو، اهو احساسن کان کوکلو ۽ لفظن جو جواري هوندو آهي.“
    ”تون سچ ٿي چئين- مان واقعي تنهنجي بدن جي خوشبوءِ جي خمار ۾ ويڙهجي ويو آهيان. اگر سندءِ بدن جو جام عنايت ٿئي ته مان شراب پيئڻ ڇڏي ڏيندس.“ هو سُري ويجهو آيو ته هوءَ کانئس پري ٿي ويهي رهي.
    ”خبردار- تنهنجي اهو عمل مڪاري جي هڪ اهڙي دائري ۾ قيد آهي، جنهن ۾ عورتن جي معصوميت جا قاتل، مامتا جي احساسن جا خوني ۽ احساس نسوانيت جا شڪاري واڙيل آهن.“
    هو سڄو هارجڻ لڳو هو. وٽس آيل نوجوان ڇوڪري ڪاوڙ مان اُٿي دروازي مان ٻاهر نڪري هلي ويئي هئي. نشي جا کيپ هاڻي لهڻ لڳا هئا. آرٽسٽ کي ڇوڪري جا چيل جملا ڏنگڻ لڳا هئا. هو پنهنجي دوست جو بنگلو ڇڏي ٻاهر نڪري آيو.
    شام پنهنجي نيري لباس جا رنگ شهر مٿان اڇلائي رهي هئي. روڊ تي ٽريفڪ جي گهمسان ۾ اضافو ٿي ويو هئو. هو هڪ هارايل جواري جيان سڀ ڪجهه هارائي فٽ پاٿ تان پنهنجي گهر ڏانهن هلي رهيو هو.
    هو، آرٽسٽ هو. ساڳئي وقت ڪمپيئر ۽ رائيٽر به هو. ڊرامن ۾، اداڪاري کان هدايتڪار تائين نه رڳو فن ڪمال هئو، پر سڀ پروڊيوسر سندس تعريف ڪندا هوس. ريڊيو ٽي وي يا اسٽيج تي ڪمپيئرنگ لاءِ صرف هن جي ئي نالي جي چونڊ ڪئي ويندي هئي. اهڙا پروگرام ڪندي کيس ڪئين سال گذريا هئا، تنهن ڪري اڪثر پروگرامن ۾ سندس بڪنگ رکي ويندي هئي. سامعين جي خطن، فرمائشي پروگرامن ۾ شعرن ۽ لفظن جون اهڙيون ته ڏوريون ٺاهيندو هئو، جو وڌ کان وڌ خط سندس ئي پروگرام ۾ ايندا هئا. هو گهڻو ڪري ڇوڪرين جي خطن کي ترجيح سان نشر ڪندو هو. معاوضي ۾ ايترو ڪجهه ملي ويندو هوس جو هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو گذارو ڪري سگهي، پر پوءِ سندس عادتون تبديل ٿيڻ لڳيون. شراب جي چوُس ۽ عياشي جي عادت کيس گهڻو بدلائي ڇڏيو. هو چوويهه ڪلاڪ نشي ۾ رهڻ لڳو. پئسي جي سوڙهه ٿيڻ لڳي. سندس گهرو حالتون پريشاني جي جڪڙ ۾ اچي ويون. پر هن ان ڳالهه کي ترجيح نه ڏني. آرٽسٽ ته اڳي ئي هو، سو هو پنهنجي وڌندڙ خرچ جي پورائي لاءِ پنهنجن دوستن ۽ ڄاڻ سڃاڻ رکندڙ ڪجهه اهڙن نوجوانن جي ويجهو ٿيڻ لڳو، جيڪي شهرت لاءِ بکيا هئا، ۽ کين ڪنهن فني اداري ڪا موٽ نه پئي ڏني. تنهن ڪري هُن انهن جي کيسن تي ڪُئي وانگر راتاهو هڻڻ جو هڪ منصوبو جوڙيو. کين هن وانگر مشهور ٿيڻ لاءِ سندس پاران مدد ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪندي منافقت واري ڌنڌي ۾ ڪاهي پيو. آهستي آهستي ڪئين اهڙا نوجوان سندس دوستي جي ور چڙهي پيا، جتان آساني سان سندس معاشي زندگي گذرڻ لڳي. عياشي جي پورائي لاءِ هن نوجوان ڇوڪرين کي نشرياتي پروگرامن معرفت لفظن جي ڄار ۾ جڪڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. هُن مختلف ڇوڪرين جا فون نمبر هٿ ڪيا. شرافت جي آڙ ۾ کين بليڪ ميل ڪندي سندن عصمتن تي راتاها هڻڻ شروع ڪيا. جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪري لفٽ نه پئي ڪرائي ته هُن سندس والدين ۽ ڀائرن جا نمبر هٿ ڪري بليڪ ميل پئي ڪيو. هاڻي سندس سڄو محور ائين ئي گذرڻ لڳو. هو پاڻ به جوان نياڻين جو پيءُ هو، پر شراب جي عادت ۽ عياشي سندس اخلاق ۽ انساني دائري جون هڙ ئي حدون مٽائي ڇڏيون هُيون. اڻ ڄاڻائي ۾ معصوم ڇوڪريون سندس شڪار بنجي وينديون هيون.
    هو وڏي طمطراق سان عشق ۽ محبت جي فلسفي جي وڪالت ڪندي پاڻ کي شريف النفس، حساس ۽ سچو آرٽسٽ سڏائيندو هو. نتيجي ۾ عشق ۽ محبت جي حقيقي رنگن تي نئين نسل جي ڇوڪرين ۽ عورتن جي ذهنن ۾ بدبودار گند ۽ غلاظت وارو تصوراتي فلسفو حاوي ٿيڻ لڳو. اهي جنسي وحشت کي ئي محبت سمجهڻ لڳيون هيون. هن ڪڏهن به صدمن ۽ دردن کي ويجهڙائي کان نه ڏٺو هو. نه ئي ڪڏهن هو ڪنهن سخت تڪليف مان گذري احساس جي گهاڻي مان پيڙجي نڪتو هو. اباڻي ملڪيت مان مليل دولت جي ڪري زندگي جو گس ڏاڍو سنهجو هٿ آيو هوس. نه بک، نه ڏک- مائٽن جو دادلو ٻار ٿي پلجڻ سبب کيس زندگي جون چند ٺوڪرون به نصيب نه ٿيون هيون- نه ته ضرور کيس زندگي جي پيڙائن کي ويجهو محسوس ڪري ها. باقي شهرت لاءِ هن کي رڳو منافقت ۽ ڪوڙ جو ليبل لڳائڻ جي ضرورت هئي، جيڪا هن ڏاڍي نرڄائي سان ڳولهي لڌي هئي. آهستي آهستي هو عياشي ڏانهن مائل ٿيڻ لڳو. مائٽاڻي موڙيءَ به عياشيءَ ۾ ختم ڪري ڇڏيائين. هاڻي هو هڪ اهڙي رٿ تي سوار هو، جنهن تان ڪرڻ کانپوءِ سندس دل جي ڌڙڪن بند ٿي پئي سگهي.
    آوين ۽ کورين مان پچي نڪتل انسان هر ڏک ۽ پيڙا کي سهي وڃڻ جي سگهه رکي ٿو، پر لاڏڪوڏ سان پلجي وڏو ٿيندڙ ماڻهو جي دل ڪچي گهڙي وانگر هوندي آهي، جيڪا هڪ ئي ٺوڪر سان ڇيهون ٿيندي ويرم ئي نه ڪندي آهي.
    هن لاءِ به دنيا ۾ ڪنهن پريشاني آڏو بند ٻڌڻ لاءِ هاڻي فقط شراب جا پيگ ئي هئا، جيڪي ڏک جي شدت کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪندا هئا.
    اڄ ان ڇوڪريءَ سندس من اندر دفن ٿيل منافقت واري دڙي کي کوٽي ڪڍيو هو. اندر ۾ پليل سندس سموريون غلاظتون هڪ هڪ ٿي منجهانئس ٻاهر نڪرنديون رهيون ۽ هوءَ ذهن جي ميوزم ۾ هن جي بداخلاقي کي گڏ ڪندي رهي. اُن ڇوڪري صرف هڪ دفعو ئي سندس پروگرام ۾ خط لکيو هو. پوءِ ته بس هو ڄڻ ڇتو ٿي پيو. ڄاڻي واڻي سندس نالي کي هر روز ميڊيا معرفت ماڻهن جي سماعتن ۾ بُهه وانگ ڀري ڇڏيو. هوءَ، بدنام ٿيڻ لڳي، سندس پڙهائي به بند ڪئي ويئي ۽ خوابن جا سمورا ڪاڪ محل جهرڻ لڳا. نيٺ اُن ڇوڪريءَ وڌيڪ بدنام ٿيڻ کان بچڻ لاءِ کيس ملڻ لاءِ وقت ڏنو.
    اُن ڏهاڙي هو ڏاڍو خوش هو. هُن پنهنجي هڪ دوست کان هڪ ڏينهن لاءِ خالي ٿيل بنگلو سندس حوالي ڪرڻ لاءِ پڪ وٺي انتظار ڪرڻ لڳو.
    ڇوڪري حسب پروگرام سندس ڏسيل ايڊريس تي پهتي هئي. هو نوجوان ڇوڪري جي پهچڻ کان اڳ ئي وسڪي جي اڌ بوتل ڳڙڪائي هوائن ۾ اڏامي چڪو هو. باقي رهيل اڌ بوتل کي لڪائي ڇڏيو هوس ته جيئن سندس شرافت ۽ منافقت جا پردا چاڪ نه ٿي سگهن. ڇو ته هو پاڻ کي نه رڳو انسانيت جو علمبردار ۽ سماجي احساس رکندڙ هڪ اهڙو آرٽسٽ سڏائيندو هو، جيڪو پنهنجي فن ۽ قلم سان ظلم ۽ جبر خلاف ويڙهه ڪندو آهي.
    ساڻس ملڻ لاءِ آيل نوجوان ڇوڪري چند ئي ڳالهين ۾ سندس لفاظي کي پروڙي ويئي. هوءَ محض ان لاءِ ملڻ آئي هئي ته کيس چوي ته آئيندي سندس نانءُ کي بدنام ڪرڻ کان پاسو ڪري، جو هن جي انهي بدفضيلتي جي ڪري زندگي سنوارڻ جا سمورا خواب چڪنا چور ٿي ويا آهن، پر هوءَ اهي ڳالهيون چوڻ کانسواءِ ئي سندس بُري نيت کي تاڙي ڪمري مان ٻاهر نڪري هلي ويئي هئي.
    سج لهي چڪو هو. روڊ تي اسٽريٽ لائيٽن مان جهيڻي روشني هيٺ ڇڻي رهي هئي.
    فٽ پاٿ تان هلندي شڪست جو تصور کيس جهوري رهيو هو. هُن پنهنجي اسٽائيليش وارن کي مُٺ ۾ ڀڪوڙي محسوس ڪيو ته وسڪيءَ جو خمار سندس ساٿ ڇڏي چڪو آهي. هو گهر پهچي پنهنجي بيڊ روم ۾ داخل ٿيو. بيڊ تي هڪ خط پيو هو. اهو خط سندس نوجوان ڌيءَ جو هو!
    هو خط پڙهي پريشان ٿي ويو. کيس لڳو، ڄڻ دل اندر دفن ٿيل سڄي منافقت ٻاهر نڪري بيڊ تي پکڙجي ويئي آهي!!
    ***


    دوسو ڇو ٿو نچي!

    دوسوءَ، هڪ ٽوپي ورتي آهي ۽ اجرڪ به-!
    پر ٽوپي پراڻي آهي، ها. اها اُن وقت جي آهي، جڏهن دوسو نئون نئون پرڻيو هو ۽ اُن خوشي ۾ هو نچيو به هو.
    نچندي نچندي اها ٽوپي ڪٿي ڪِري پئي هوس. تڏهن کان دوسوءَ کي پنهنجي زال تي شڪ ٿيڻ لڳو هو.
    هاڻي، جڏهن به ڪٿي دُهل وڄي ٿو ته دوسوءَ کي اُن ٽوپي جي ياد ايندي آهي. سندس زال، ڊپ وچان هَڙ ۾ رکيل هڪ پراڻي ٽوپي کڻي کيس پارائيندي آهي ته جيئن دوسوءَ جو شڪ دور ٿئي!!
    دوسوءَ، اجرڪ وياج خور پٺاڻ کان اوڌر تي خريد ڪئي آهي ۽ اُن سان گڏ پاڻ سنوارڻ لاءِ هڪ ڦڻي ۽ ننڍڙو آئينو به-!!
    بس، هاڻي دوسوءَ کي ٻيءَ ڪابه ڳڻتي ڪانهي. رڳو، ”دُهل وڄي ته دوسو نچي!!“


    خودڪشي جي اکين ۾ پوسٽ ڪيل هڪ خط

    راجا ٽپالي جي خودڪشي جي خبر سان گڏ، ان پوڙهي جا سڏڪا به شامل ٿي ويا هئا، جيڪو روزانو راجا ٽپالي کان پنهنجي اُن خط بابت پڇندو هو، جنهن جو رنگ هلڪو گلابي هو ۽ سندس نالي جي مٿان مسڪراهٽ جي هڪ علامتي لڪير هئي.
    پوڙهي کي پڪ هئي ته اهو خط کيس اُن ڏينهن ئي لکيو ويو آهي، جنهن ڏينهن هُن جنم ورتو هو.
    پر اڃا تائين اهڙو ڪو خط راجا ٽپالي جي هٿن تائين نه پهتو هو نه ته هو ضرور پوڙهي تائين پهچائي ها.
    پوڙهو، شهر جي پراڻي مارڪيٽ جي سامهون هڪ سوڙهي گهٽي ۾ رهندو هو. هو، جنهن جڳهه ۾ رهندو هو، اُن کي گهر چوڻ شهرين لاءِ قطعي مناسب نه هو. صرف هڪڙو ئي ڪمرو هو، سو به پراڻو ۽ گدلو- ڪمري جي ٻاهرين دروازي جا ٻئي تاڪ اُکڙيل هئا. هوا جي هلڪي جهوٽي تي اُکڙيل دروازي جو کڙڪڻ، پوڙهي کي پنهنجي عمر جو احساس ڏياريندو هو. هو، پنهنجو ڏڪندڙ هٿ دروازي تي رکي سوچيندو هو. دروازو به هن جي دل جيان ڪنهن دستڪ جي انتظار ۾ عمر جا آخري پل گهاري ڪمري کان الڳ ٿيڻ لاءِ بيچين آهي. پر وقت جي ديوار اڃا کيس سوگهو جهلي ڇڏيو هو.
    دروازي جيان، وقت جي گهُڻ پوڙهي کي به اندران ئي اندران ڀوري ڇڏيو هو، جيڪڏهن کيس خط جو انتظار نه هجي ها ته پوڙهي جي ساهه جو سِج اڳ ۾ ئي رات جي قبر ۾ لهي وڃي ها.
    راجا ٽپالي جڏهن به ڊاڪ ورهائڻ لاءِ اُن گهٽي ۾ پهچندو هو ته پوڙهي جي گدلين اکين ۾ هڪ نئين چمڪ پيدا ٿي پوندي هئي، پر راجا ٽپالي وٽ پوڙهي کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو هو، سواءِ انتظار جي-!!
    اهو انتظار پوڙهي جي اکين ۾ صدين جا اوجاڳا ڀري ڇڏيندو هو ۽ هو، ٻيهر ايندڙ صبح جو سج پنهنجي اکين ۾ بند ڪري ڇپر ڍڪي ڇڏيندو هو، جنهن مان ٻه لڙڪ ڪِري پوڙهي جي گهنجيل ڳلن ۾ جذب ٿي ويندا هئا.
    پوڙهي جي بيقراري راجا ٽپالي جي حواسن تي ڇانئجي ويئي هئي.
    راجا سوچيندو هو ته خط ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن پوڙهي کي ان ڪيفيت ۾ بدلائي ڇڏيو هو جنهن ۾ رڳو چريائپ ئي جنم وٺندي آهي.
    پر اهو چريو نه هو، راجا کيس اهڙي حالت ۾ به هڪ عام انسان جيان ڏٺو هو. البت هڪ ڳالهه ضرور هئي جو، پوڙهي جي اکين مان بيقراري هاڻي وڌيڪ محسوس ٿيڻ لڳي هئي.
    راجا ٽپالي، پوڙهي جي اکين ۾ سمايل اها ڪهاڻي پڙهڻ کان قاصر هو.
    راجا سوچيو، ٿي سگهي ٿو اهو خط پوڙهي کي لکيو ئي نه ويو هجي، جنهن جو انتظار کيس بيقرار ڪري رهيو آهي، پر راجا جي شڪي سوچ اُن ڏينهن بدلجي ويئي، جنهن ڏينهن پوڙهي کيس يقين ڏياريو هو ته اهو خط هن کي ضرور اماڻيو ويو آهي، جنهن جو رنگ نه رڳو هلڪو گلابي آهي، پر سندس نالي مٿان مسڪراهٽ جي هڪ علامتي لڪير پڻ ڏنل آهي.
    راجا ٽپالي کي پوڙهي جي بي چيني پريشان ڪري ڇڏيو. هاڻي هو ڊاڪ کي محتاط انداز سان هڪ هڪ ڪري ڌار ڪندو هو ته جيئن پوڙهي جو اهو خط ڪنهن ٻيءَ جڳهه ڏانهن منتقل نه ٿي وڃي.
    راجا ٽپالي ڏاڍو حساس هو. هن جڏهن کان پوڙهي کي سوچڻ شروع ڪيو هو، کانئس ننڊ موڪلائي ويئي هئي. سوچون کيس سڪون سان سمهڻ نه ڏينديون هيون.
    بيقراري جي اهڙي ڪيفيت ۾ هڪ ڏينهن هو جيئن ئي پهچندڙ ڊاڪ تي مهرون هڻي رهيو هو ته سندس نظر اُن خط تي پيئي جنهن جا پار پتا پوڙهي ٻڌايا هئا.
    هن هڪدم اهو خط کنيو. خط، تمام گهڻو پراڻو هو. ايڊريس جا اکر ڊهي چڪا هئا، پر انهن جا نشان موجود هئا.
    راجا ٽپالي اهو خط کڻي پوسٽ ماسٽر وٽ آيو، جنهن ڊٺل اکرن کي غور سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر پڙهي نه سگهيو. آخري حربي طور پوسٽ ماسٽر قلم کنيو ۽ ڊٺل اکرن جي نشانن تي اندازي موجب قلم گهمائي ايڊريس کي چٽو ڪري راجا کي واپس ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته، ”هي خط هن ايڊريس تي روانو ڪيو وڃي!“
    پوسٽ ماسٽر پاران واضح ڪيل ايڊريس پڙهي راجا ٽپالي پريشان ٿي ويو.
    ”خط جي اها ايڊريس قطعي نٿي ٿي سگهي- پوسٽ ماسٽر ضرور غلطي ڪري ويو آهي!“
    راجا سوچيو،
    ”جيڪڏهن هي خط پوڙهي تائين نه پهتو ته اهو دنيا ۾ جنم وٺي اچڻ جي معنيٰ وڃائي ويهندو.“
    راجا منجهي پيو- ڪي پل هو اُن خط کي تڪيندو رهيو.
    بدلجي ويل ايڊريس- جنم وٺڻ کان پوڙهپڻ تائين پنهنجي وجود جي سڃاڻپ لاءِ انتظار ڪندڙ پوڙهي جون منتظر اکيون سامهون آيس ته هُن پنهنجي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه محسوس ڪئي.
    هو هاڻي ڀڄڻ ڀرڻ ۽ ٽٽڻ لڳو هو. خط بدلجي ويل ايڊريس تي روانو ڪيو ويو. راجا کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو ٿڙندڙ قدمن سان پنهنجي گهر پهتو.
    ٻئي ڏينهن راجا ٽپالي جي خودڪشي جي خبر سڄي شهر ۾ ڦهلجي ويئي، جنهن ۾ اُن پوڙهي جا سڏڪا به شامل هئا، جيڪو اڃا تائين پنهنجي اُن خط جي انتظار ۾ هو، جنهن جو رنگ نه رڳو هلڪو گلابي هو پر سندس نالي مٿان مسڪراهٽ جي هڪ علامتي لڪير پڻ ڏنل هئي!
    ***


    جُرمِ وفا جو آخري اسڪيچ

    ڳوٺ جي سادي سودي ماڻهو کان شهر جي هڪ ڇوڪريءَ دل چوري ڪئي ۽ پنهنجي پرس ۾ رکي ڇڏي!
    اُن کان اڳ هو فطرت جي رنگن ۾ مدهوش هوندو هو. ڳوٺ جا وڻ، رستا گهٽيون کيس وڻنديون هيون. هن وٽ هڪ سادي پينسل هئي، جنهن سان هو فطري حسن جي منظر ڪشي ڪري پاڻ ۾ ئي گم رهندو هو.
    هن کي بارشون وڻنديون هيون. هو آسمان تي ڊوڙندڙ سرمائي ڪڪرن تي عاشق هو. سرمائي بادل پينسل جي بدن تي لهي پوندا هئا ۽ هي اُنهن سان راند ڪندو هو.
    کيس ڳوٺ جا رستا، گهٽيون، گليون ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيندا هئا هو جهنگ ۾ وڻن جي ٿڙن ۽ پنن تي خيالي اسڪيچ ٺاهيندو هو. هن جي رفاقت ۾ پکي لهي ايندا هئا. هو پنهنجا نفيس هٿ گهمائي ساڻن محبت جو اظهار ڪندو هو.
    هڪ ڏينهن روشني جي شهر مان هڪ ڇوڪري سندس ڳوٺ ۾ آئي. هن پنهنجي پينسل سان ان جو اسڪيچ ٺاهيو ۽ اکين جي شيلف ۾ بند ڪري ڇڏيائين. موٽ ۾ اُن ڇوڪري سندس دل چوري ڪري پرس ۾ رکي ڇڏي ۽ پوءِ ٻيهر اچڻ جو چئي هلي ويئي.
    ڳوٺ جو اهو سادو سودو مصور هاڻي ويڳاڻو ٿي پيو. کيس بارش جون موسمون تڙپائينديون هُيون. سرمائي بادل اکين جي ڍنڍ ۾ ترڻ لڳا. ڳوٺ جون گهٽيون، رستا، وڻ هن جي ڏک ۾ پاڻمرادو وڃائجي ويا. پکي سندس پيار ڀرين هٿن جي لمس لاءِ سِڪڻ لڳا. هو خاموش ٿي ويو هو. پينسل ڪوبه اسڪيچ ٺاهڻ کان لاچار هئي.
    موسمن جا لباس ڦڪا ٿيندا ويا، پر هوءَ نه آئي!
    هڪ ڏينهن هن ڪاري گلاب جو اسڪيچ ٺاهيو ۽ اکين جي شيلف ۾ رکيل اُن ڇوڪريءَ جي اسڪيچ سان ملائي هوائن جي هٿان روشني جي شهر ڏانهن اُماڻيو ته گلاب جي مهڪ سڄي فضا ۾ پکڙجي ويئي!!
    ڳچ وقت تائين هو گلاب جي مهڪ کي محسوس ڪندو رهيو.
    آخرڪار هن فيصلو ڪيو ته کيس روشني جي شهر ۾ ضرور وڃڻ گهرجي، جتي ان ڇوڪري جو پرس رکيل آهي، جنهن مان پنهنجي دل ڪڍي واپس موٽي اچي ۽ فطرت جي رنگن ۾ پاڻ کي گم ڪري!
    هن پنهنجي پينسل کنئي ۽ شهر پهتو. هو اجنبين جيان شهر ۾ رلندو رهيو. ماڻهو کانئس لاتعلق هئا. ماڻهن جون اکيون ته هيون پر اُهي بينائي کان محروم هئا. شهر ته روشن هو پر گهٽيون ۽ گهر اونداهه ۾ ٻڏل هئا. اهڙي ماحول ۾ ان ڇوڪري جي پرس تائين پهچڻ ڏکيو هو.
    هن پينسل ڏانهن ڏٺو. پينسل اهڙي ڀوائتي اسڪيچ کي ٺاهڻ لاءِ هرگز تيار نه هئي.
    روشني جو شهر سمنڊ جي اکين ۾ آباد هو. سمنڊ جڏهن اکيون کوليندو هو ته بارشون ساهه کڻنديون هيون ۽ موسمن جي مزاج ۾ عاشقي جنم وٺندي هئي. مصور کان موسمون رسي ويون هيون. هُن موسمن کي پرچائڻ لاءِ سمنڊ جو رخ ڪيو.
    مصور پينسل کنئي ۽ سُتل سمنڊ جو اسڪيچ ٺاهڻ لڳو. اچانڪ سندس نظر اُن ڇوڪري تي پيئي جنهن جي پرس ۾ سندس دل رکيل هئي. اها سمنڊ جي سيني تي سُتل هئي ۽ سندس اکيون سمنڊ جو نيرو پاڻي پي رهيون هُيون. سمنڊ سندس گهرين اکين ۾ موتي ڀري رهيو هو. مصور کي ڇوڪري جي اُن بيوفائي تي ڏاڍو ڏک ٿيو. هُن پينسل کيسي ۾ رکي ۽ ڏانهس وڌيو. چيائين: ”تون سمنڊ جي ڀاڪرن ۾ پنهنجي خوشبوءَ ڇڏي مون کي رسوا نه ڪر. اُن کان اڳ جو سمنڊ جون ڇوليون تنهنجي سيني تي رقص ڪرڻ لڳن، توکي پنهنجي واعدي جو اهو ننگو بدن ڍڪڻو پوندو، جيڪو تو ڳوٺ جي منتظر رستن تي بي لباس ڇڏيو آهي.
    هوءَ مصور جي سادگي تي مرڪي پئي.
    وراڻيائين:
    ”نه مون تنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن رستي جي چيچ پڪڙي واعدي جي گس کي بي لباس ڪيو آهي. نه وري ڪنهن جي اکين جا خواب چورائي وارن جي چوٽيءَ ۾ ويڙهيا اٿم.“
    ”تون منهنجي ڳوٺ جون سڀ شامون چورائي ويئي آهين! ايتريقدر جو منهنجي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل ڪڍي پنهنجي پرس ۾ لڪائي ڇڏيئه. پوءِ به اعتراف جرم جو ڪو منظر تنهنجي اکين ۾ ناهي.“
    ”منهنجي اکين ۾ اعترافِ جرم جو منظر ڏسڻ کان اڳ تون پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪر. تو به ته منهنجو اسڪيچ پنهنجي اکين جي شيلف ۾ بند ڪيو آهي. اخلاقي طرح اهو به جرم آهي.“
    مصور اکيون جهڪائي ڇڏيون. آهستگي سان وراڻيو.
    اهو سچ آهي، تون روايتي اظهار جي عادي آهين. مون پنهنجي زبان پينسل جي بدن ۾ ويڙهي ڇڏي هئي. تنهنجي شهر ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جون اکيون پٿر جون ٺهيل آهن، جن ۾ ڪابه ديد ڪانهي. اُهي پينسل جي زبان ڇا سمجهندا؟ مان جرمِ وفا جو اعتراف ڪريان ٿو، منهنجي دل واپس ڪر!“
    ”دل جي واپسي اکيون گهُري ٿي. توکي پنهنجون اکيون ڪڍي مون کي ڏيڻيون پونديون!“ ڳوٺ جو سادو سودو مصور پريشان ٿي ويو. ڇوڪري کيس لاجواب ڪري ڇڏيو هو. هن ڏٺو ته سمنڊ جاڳي پيو. سندس لهرون ڇوڪري جي سيني تي رقص ڪرڻ لاءِ آتيون هُيون. هُن هڪ نظر روشني جي شهر تي وڌي، جنهن ۾ روشني ته هئي پر گهٽيون ۽ گهر اونداهه ۾ ٻڏل هئا. هُن هڪدم پنهنجون اکيون ڪڍي ڇوڪري جي پرس ۾ وجهي ڇڏيون. پينسل کي ٻه اڌ ڪري سمنڊ کي ڏنائين. موٽ ۾ کيس دل ملي ويئي. واپس مُڙيو ته زندگي جي سڙڪ سنسان هئي ۽ سندس اکيون نڪتل هيون!!


    رُڳو بارش ئي ڪهاڻيون پڙهي ٿي!

    پرچو ايڊٽ ڪندي کيس لڳو، ڪو شخص آفيس جو دروازو کولي ڀرسان اچي بيٺو آهي. سڄو ڌيان پرچي ۾ هئس، اُن ڪري ڀانيائين ته ڪمپوزر مواد کڻڻ لاءِ اچي ويو آهي.
    هُن، ڪهاڻيءَ تي آخري نظر وجهندي ڀڻڪيو:
    ”ڪجهه گهڙيون ترسي، پوءِ اچو!“
    پر مٿان بيٺل شخص بنا ڳالهائڻ جي بيٺو ئي رهيو ته مواد تان ڌيان هٽائي نرڙ ۾ گهنج وجهي نظر کنيائين.
    ميرا ۽ ڦاٽل ڪپڙا وڌي ويل شيوَ، وار بي ترتيب ۽ مٽي هاڻا، قميص جي ڪالر جو هڪ پاسو ڇڄي ڪلهي ڏانهن لڙڪيل- اکين ۾ اوجاڳن جا ٿاڪ ڏسي، ڀانيائين ته ڪو نشي جو عادي کانئس خيرات وٺڻ لاءِ آفيس اندر ڌوڪي آيو آهي.
    هن، کيسي مان پنجن روپين جو سڪو ڪڍي ڏانهس وڌايو. سِڪي وٺڻ بجاءِ، اُن شخص پنهنجي ڦاٽل کيسي مان پنن جا ٽڪرا ڪڍي سندس اڳيان ٽيبل تي رکيا ۽ ٻاهر هليو ويو.
    مَرُ ۽ دز چڙهيل پنن، سگريٽ جي پاڪيٽن، آڪٽراءَ ٽيڪس جي ردي رسيدن پٺيان ڪجهه لکيل هو.
    ”هُو نهه- چريو هيروئني!“
    هو، پنهنجي ساءِ طنزيه مرڪ چپن تي آڻي ڀڻڪيو ۽ ميز تي رکيل اهي ڪاغذ کڻي، مروڙي ڊسٽ بن ۾ اڇلي ڇڏيائين ۽ ٻيهر، پرچي جي آخري ڪهاڻي جي ايڊيٽنگ ۾ مصروف ٿي ويو.
    اڄ کيس سڄو مواد ڪمپوزنگ سيڪشن ڏانهن موڪلڻو هو. هن، ايڊيٽنگ مڪمل ڪري ڪال بيل تي آڱر رکي پٽيوالي کي سڏ ڪيو. ڪال بيل جي رنگ سان گڏ ٽيبل جي خاني ۾ پيل سندس سيل فون جي رنگ ٽيون به وڄڻ شروع ٿي ويئي.
    هن سيل فون کڻي اسڪرين تي ڏٺو ۽ نمبر سڃاڻي ڪال اٽينڊ ڪئي.
    سڻڀي پوسٽ تي تعينات ڪامورڪي ڪُرسيءَ سان واڳيل سندس دوست ڳالهائي رهيو هو. فون اٽينڊ ڪري هو ڪي پل سوچ ۾ پئجي ويو.
    هن جي ڪاموري دوست وٽ دولت ۽ عزت جي کوٽ نه هئي، پر شهرت جي طمع ۾ هو لک لٽائڻ لاءِ به تيار هو، جنهن لاءِ بار بار فون ڪري کيس ياد ڏياريندو هو جو ادبي حوالي سان هو ئي کيس شهرت ڏياري سگهيو ٿي، وٽس فنون لطيفه نالي ته ڪا شيءِ ئي ڪانه هئي. اُن ڪري گس ٺاهڻ جو بار مٿس ئي هو.
    ٽيبل تي پيل سگريٽ جو پاڪيٽ کڻي سگريٽ دکائي هڪ ڊگهو سوٽو هڻي دونهون نڪ مان ٻاهر ڪڍيائين.
    ”ٿي سگهي ٿو، ڪو نوجوان گهرجاؤ شاعر يا ليکڪ پيسن عيوض پنهنجي ڏات وڪرو ڪري!“
    هُن، پنهنجي ادارت ۾ نڪرندڙ پرچي ۾ شامل ليکڪن کي تصور ۾ آڻي سوچڻ شروع ڪيو.
    ”اُن سان نه رڳو سندس، پر معياري پرچي جي ساک کي به ڌڪ لڳڻ جو انديشو هو. متان ڪو خرمغز خوار ڪري وجهي!“ اهو سوچي هو.... ڪي پل سگريٽ جا تکا تکا سوٽا هڻندو خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويو.
    پر ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي دوست کي راضي ڪرڻو ئي هئس.
    روالونگ چيئر تي پٺي ٽيڪي سگريٽ مان آخري سوٽو هنيائين ۽ فلٽر کي ايش ٽري ۾ مروڙيندي کيس لڳو ته ايش ٽري ڀرجي چڪو آهي، جنهن کي خالي ڪرڻ ضروري هو. هُن ٽيبل تان ايش ٽري کي کڻي ڊسٽ بن ۾ خالي ڪيو. اوچتو کيس ياد آيا: چريئي هيروني جا ڇڏيل پنا، جيڪي مروڙي ڊسٽ بن ۾ ڦٽا ڪيا هئائين.
    پنا جيئن جو تيئن ڊسٽ بن ۾ موجود هئا، هو پنا کڻي ترتيب ڏيئي پِن لڳائي پڙهڻ لڳو.
    سندس اکين ۾ تجسس وڌندو رهيو. بيحد منفرد اسلوب ۾ ڪهاڻي لکيل هئي. ڪهاڻيءَ جي انتها تائين پهچندي هو حيرت جي درياهه ۾ ترڻ ٻڏڻ لڳو.
    ڪهاڻي پڙهي دنگ ڪيائين ته ڪي پل، مٿس عجيب احساس طاري ٿي ويو. هن جهُرندڙ جيءَ سان ميرن گدلن ۽ مروڙيل ڪاغذن کي نفاست سان ميز تي رکي حيرانگيءَ مان دروازي ڏانهن نهاريو. کيس لڳو، ساڳيو هيروئني سامهون بيٺو آهي. هُن، لاشعوري طور دروازو کولي ٻاهر نهاريو. هوا جي تيز جهوٽي سندس وارن کي بي ترتيب ڪري اکين تائين ڦهلائي ڇڏيو. ٻاهر سنسان سڙڪ هئي. هو نااميد ٿي مڙيو ۽ واپس اچي ڪُرسي تي پاڻ سَٽيائين.
    هن فيصلو ڪيو ته هو اُن ليکڪ کي ڳولهي لهندو ۽ سندس ڪهاڻيون پنهنجي دوست کي وڏي ملهه عيوض وڪرو ڪندو.
    هن جي سامهون ٽيبل تي پيل ميرن گدلن رديءَ جي پنن ۾ قيد منفرد ڪهاڻي پکي جي هوا تي رڦڻ لڳي هئي ۽ هو اُن جي قيمت طئي ڪرڻ جي سوچ ۾ گم هو.
    هُن، هٿ وڌائي ٽيبل جي خاني مان سيل فون کنيو، ميسيج آپشن ۾ ميسيج ڪمپوز ڪري پنهنجي دوست جي نمبر تي سينڊ ڪري ڇڏيائين. مُرڪ جي هڪ سُرڪ سندس چپن تي اوتجي آئي، هُن ٽيبل تي پيل ڪهاڻي کڻي ليکڪ طور پنهنجي دوست جو نالو لکيو.
    هاڻي هو اُن ليکڪ جي تلاش ۾ ڀٽڪڻ لڳو. سندس خوابن جي آئينن ۾ اُن ليکڪ جو ئي چهرو، کيس مالامال ڪري سگهيو پئي.
    ”آفيس مان ئي کيس ڇو وڃڻ ڏنم.“ ڪي پل روڪي، سندس پتو ئي پڇان ها!“
    هُن کي پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
    هوٽلن، بس اسٽاپن، گهٽين ۽ رستن تي گهمندڙ ماڻهو، سندس نظرن جو مرڪز بنجي ويا. رات جو دير تائين رُلڻ هن پنهنجي معمول ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
    فقيرن جا ٺڪاڻا، کدڙن جون مڙهيون، بازار حسن جي دلالن جا بي عڪس چهرا، ته نظر آيا ٿي، پر هو عجب اسرار رکندڙ ليکڪ خبر ناهه ڪٿي هو!
    هڪ بارش جي موسم ۾ هو شهر جي ڪچي آبادي ڏانهن نڪري ويو. گندن نالن ۽ ڪچري جي ڍيرن ڀرسان ڪچن گهرن ۽ جهوپڙين ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ اُن تخليق ڪار کي ڳوليو. پار پتا ڏيئي پڇائون ڪيون، پر ڪوبه ڏس نه مليس هو واپس موٽڻ لڳو، بارش تيز ٿي ويئي هئي. گندگيءَ سبب سندس ڪپڙا خراب ٿي چڪا هئا. هو بارش جي رُڪجڻ تائين ڀرسان موجود قبرستان اندر ٺهيل هڪ چوڪنڊي ۾ داخل ٿي ويو. جيئن ئي بارش رُڪجڻ لڳي، هو چوڪنڊي مان نڪري قبرستان جي مُک گيٽ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو، ته سندس نظر وڻن جي جهڳٽي هيٺان سُتل فقير تي پئي. چهرو، ڄاتل سڃاتل لڳس. ويجهو وڃي ڏٺائين ته کانئس ڇرڪ نڪري ويو. عجيب اسلوب رکندڙ ڪهاڻيءَ جو ليکڪ مري چڪو هو. وڻن جي ٽارين مان ڇڻندڙ بارش جا ڦڙا کيس غسل ڏيئي رهيا هئا. هن هڪدم هيٺ ويهي سندس چوڏس پکڙيل پنن کي پڙهڻ چاهيو پر هن کان اڳ بارش سموري ڪهاڻي پڙهي چڪي هئي.
    ***


    ڀڳل چوڙيون

    قبولئي، پنهنجي پٽ سڪيلڌي لاءِ ڪنوار اهڙي ڳوليءَ، جو جڏهن هوءَ سونهن جي ديوي بنجي ڪنوار جو لباس اوڍي ڳوٺ ۾ پرڻجي آئيءَ، تڏهن جواڻ جماڻ دلين مان ٿڌا شوڪارا اُڀري نڪتا. حُسن تان هرکجي پور وهيءَ جي پنڌ تي پهتل جوان توڻي جوانڙيون هار کائي ڏانهس ور ور نهار وجهندي پنهنجي جوانيءَ ۽ صورت تي شڪ ڪرڻ لڳا. اوڙي پاڙي جا مٽ مائٽ، سنگتي ساٿي، گهوٽيتن کي مبارڪون ڏيندي نٿي ٿڪا. سندس سونهن سان سڄو ڳوٺ واسجي ويو هو.
    قبولئي پنهنجي پٽ جي شادي کان اڳ پهه ڪيو ته ڪاڄ اهڙو ڪبو، جو راڄ ۾ همراهن جا وات پاڻي ٿي وڃن ۽ اهي يا عمر ڪاڄ جي ساک ڏيندي نه ڍاپن. ٿيو به ائين، جهڙو ڪين، ڪاڄ، اهڙي ملين ڪنوار، جنهن پئي ڏٺو، سو پئي ڪُٺو، ڳورو بدن، سنهڙيءَ هانٺي، ڪونج جهڙي ڳچي، خوبصورت وڏيون اکيون، اکين جا ڊگها ڇپر، چيلهه تائين ڊگها ڪارا وار، ڪنوار جو لباس پاتائين ته سونهن ۾ سرس ٿي پئي!
    قبولئي پنهنجي پٽ لاءِ ڪنوار ته ڳولي پر سڪ پن ۾ ڄايل، لاڏ ڪوڏ ڇي چڙهه ۾ ڇڙهيل همراهه کي ڪا سنئين سُتيءَ وجهي نه سگهيو. نازن ۽ نخرن ۾ پليل پٽس. ميلن ملاکڙن جو شوقين، ڪڪڙن جو خفتي، جذبات ۽ ڪاوڙ ۾ پڻس کان چار رتيون ڪسر.
    جڏهن جواني جي ڀري ٻيڙيءَ عشق جي ڇولين تي جذبن جي درياءَ ۾ لڙهيس ته قبولئي جي آکڻ چاکڻ کان به چڙهي ويو، قبوليو پنهنجي پٽ سڪيلڌي جي نهار کان به گهڻو ٿي ڊنو. جوان اولاد، متان ڪو مهڻو ڏيئي وجهي ته ڄڻ موت جو راڪاس نڙي گهٽي، سو، مٺي ماٺ ۾ هيٺانهين هلي سڪيلڌي سان چپ چوري من جو مطلب ٻڌائيندو هو.
    هو، جيئن ئي گاجي شاهه جي ميلي تان ٽي ڏهاڙا هڻي گهر موٽيو ته سڄو هاريل، ڄڻ ڪنهن منڊ وجهي پنڊ ڪري ڇڏيو هوس. عشق جي لوءَ ۾ لوساٽجي همراهه جا سڀ شوق پن ڇاڻي ويا. ڳاراڻي ۾ ڳرندي، جهوري ۾ جهڄندي نيٺ اندر جي اُٻس پنهنجي ماءُ سان سليائين.
    سڪ پن جي پٽ کي جهوراڻي ۾ جهرندي ڏسي نيٺ اباڻن جو اندر اُڀامي پيو ۽ اهي ڪاڇي ۾ مريد ڪي ڳوٺ پنڌ پيا، جتي سڪيلڌي جي ڪونج کيس ڪهي ڇڏيو هو.
    آسرن جي سورج مکيءَ جو گل، اميد جي سج ڏانهن ڏسندي انتظار جي آڙاهه ۾ ٻري رهيو هو. ٻن ڏينهن پڄاڻان، مائٽ موٽيا، نصيبن جا نخرا وراڻي جي ڀرم ۾ ڀُري پيا.
    خبر پيس، جنهن لاءِ هُن چنڊ کي چئي سڪ جا سنيها مُڪا، سا ته ڪنهن ٻئي جي سيج حوالي ٿي ويئي هئي.
    ويهڻ وِهه بنجي ويس، چپن جي رڦڻي ۾ رقابت ڪر کنيو ۽ بدلي جي باهه محبت جي مچ ۾ اڀ ساڙڻ لڳي، يادون ذهن جي بٺيءَ ۾ ڌڳڻ لڳس.
    گاجي شاهه جي ميلي جي اها رات ڪونج جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ستو ته ڪل ڪائنات جون هڙ ئي محبتون کيس ملي ويون، اکيون اکين تي رکي مڌ اوتيا روح جي رياضت ۾ واعدا ٿيا، هڪٻئي سان ملڻ جلڻ جا گس ۽ واٽون پڪيون ٿيون.
    ميلي جي آخري رات، کنگهه کڙڪي کان پري ڪرڙ جي اوٽ وٺي ڪچهري ڪندي رات گذاري، سڪيلڌي، مُڇ تي هٿ رکي وچن ڏنس.
    ”موت جي منجي تي مٿو رکڻ کان اڳي جي قول ڪچو ٿئي ته مُڙس ناهيان ۽ جي ڪا اوٽ آڏو آئي ته ڪهاڙيءَ سر نيندس.“
    تڏهن هن به سينڌ ڏني ۽ ويڻيءَ مان چوڙيون ڀڃي، مُٺ ۾ ڏيندي وچن ورنايائين، سوچن جي واچوڙي ولوڙ وڌس، پنهنجي ڀاڙيائپ ڀانءِ نه پئي ۽ پاڻ تي ڏمرجي پيو.
    ڪجهه ڏينهن رکي ماڻس کي پنهنجي رقيب جي سڳيءَ سوٽ جي سڱ لاءِ موڪليس. ٽن چئن پنڌن کانپوءِ نيٺ ڳالهه پڪي ٿي. رت جي ولوڙ ۾ ڪجهه ماٺار آئي پر ڌڳيل باهه جيسين لوهه پگهاري تيسين سڪيلڌي اندر جي راز جو ڪنهن کي انت نه ڏنو.
    چيٽ جا چنڊ چڙهيا، سرن سنگ ڪڍيا، اتر جي هوائن جوانين جي ڇاتيءَ ۾ سورن جون سوٽون اڀاريون، سڪيلڌي، سنگتين کان مدد وٺي پڻس کي ڪاڄ ڪرڻ لاءِ ڪن کڻايا، تِٿ پڪي ٿي، تياريون شروع ٿيون.
    ڪاڄ جي رات، شرنايون وڳيون، دهلن ڌڌڪا ڪيا، ميندي پسي، هٿ رڱيا، جوان دلين جي ڌڙڪن اکين ڏانهن نينهن جون نينڍون مُڪيون، چوڙين جي چمڪي ۾ ٻانهون لڏيون، اجرڪن جي اوڍائي ۾ اک ٽيٽ ڪندي سرتين سهيلين، ٻارا ٻڌي ڳيچ ڳايا. ڳيچن ئي ڳيچن ۾ سڪيلڌي جي محبوبا بيوفائيءَ جا ڏوراپا مُتا ته همراهه جا چپ ڦڙڪڻ لڳس. سڄو وسامي ويو، ٻِڙڪ نه ٻوليائين، بدن شعلا ٿي اُڀاميو.
    سج اڀري روشن ٿيو ته نڪاح جو سعيو ٿيو، سرگس ۾ مڱڻهارن وري دهل ڪٽيا، ڄاڃين کارڪن مان کيسا ڀريا، گهورون پيون. لانئون لهڻ گهڙيءَ وري ڳيچن ڳاراڻي ۾ وجهي ڇڏيس. کن پل جي گڏيل خوشي ختم ٿي. ڄڃ، ڪنوار وٺي ڳوٺ لاءِ رواني ٿي. کڏن کوٻن ۾ گاڏي جي لوڏن تي ڪنوار جو جسم گهوٽ جي ڇاتيءَ سان ٽڪرائجي پئي ويو، پر گهوٽ ڄڻ ڪو پٿر، احساس کان ڪورو، بنهه سن ٿي ويو.
    ڄڃ جنهن رستي تان آئي، سو رستو ڇڏي گاجي شاهه جي آستاني ڀرسان، ڪرڙن سان رهڙجي مٽي جي ڌوڙ مان لٽجي سٽجي پوئين پهر اچي ڀونءَ ڀيڙي ٿي. سڪيلڌي کي مبارڪون مليون، ڪنهن سوپاريون آڇيون، ڪنهن مهماني لاءِ اڳواٽ دعوت ڏني پر هو اهڙو خاموش، ڄڻ ڪو سڪتو طاري ٿي ويو هجيس.
    نکيٽي رات، هرڪو اکين مٿان ننڊ اوڍي ستل، پر هو حسين ونيءَ ماڻي اوڏو به ڏور.
    هڪ ڏينهن، ٻه ڏينهن، هفتو، اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت!
    ڪنوار جي بدن جي هر رڳ، کوري جو ٻارڻ، گرم ساهن جي ڌنوڻي ۾ وهمن ۽ وسوسن جا شوڪارا. کانئس گهوٽ جي دوريءَ نيٺ ٻڙڌڪ مچايو. ڳالهه هُلي: ”پرڻي رات کان ئي سڪيلڌي جو بدن جهلجي ويو آهي زبان بند ٿي وئي اٿس.“
    متان ڪنهن ناظروءَ نظر هنئي هجيس. ڪٿان سڳو آڻي ٻڌوس ته ٺيڪ ٿي ويندو.“ ماين ٻاين، اڳڪٿي ڪئي.
    ”امڙ! ڀلجان نٿي ته ڪو اولياءَ لتاڙيو اٿس، ڪنهن پهتل کان پڙهائيءَ ڪرايوس.“ ماين ته ماين، پر مردن به ڳالهيون ڳايون.
    ”چاچا قبوليا! اُن ڏينهن جو پاڻ ڄڃ وٺي موٽياسين ته گهوٽ ڪنوار جي گاڏيءَ قطار ٽوڙي سائين گاجي شاهه جي تڪيئي واري ڪرڙ لتاڙي هئي. پڪ سان غيبات جهليو اٿس.“
    ”بروبر، غيبات جهلي ته ڪو پير پڄي.“ زبانون اٿليون، وات وڄڻ لڳا، انديشا ۽ انومان اُڀري آيا. پڻس، درگاهون ڀيٽيون، پيرن فقيرن کان ڌاڳا آندا. پاڻي منجهه تعويذ ڳاري پياريائين پر زبان مان اکر ڪين اُڪليس.
    سڪيلڌو، رات ڏينهن اندر جي بٺيءَ ۾ پڄرڻ لڳو، موقعي جي تلاش ۾ وجهه جون واٽون نهارڻ لڳو.
    ڳالهه، ڪاڇي تائين مريدڪي ڳوٺ پهتي، رقيب پير سنوان ڪيا ۽ پنهنجي سوٽ جي سار لهڻ لاءِ پنڌ پيو.
    پوياڙيءَ ڌاران ڪانوَ وڻين ورڻ لڳا ۽ هن اچي قبولئي جي لوڙهي ويجهو ڏيڍي وٽان سڏ ڪيو.
    سڪيلڌو ڪالهوڻو گهر کان غائب هو.
    ”ابا آيو...!“ قبولئي سڏ ورنايو، منهن تي هنيل پاڻي جي ڇنڊن کي گوڏ جي پلو سان اگهيءَ تکي وک واري ٻاهر نڪتو.
    ”ڀلي آئين ابا، رت جي ڇڪ پنهنجن لاءِ پنڌ ڪرائي ٿي نه ته ڏکيءَ گهڙي هر ڪو هٽيو وڃي.“
    قبولئي کيس ٻٽا ڀاڪر وجهي ٿڌو ساهه ڀريو ۽ وٺي اچي پڌر ۾ پيل کٽ تي ويهاريس.
    سندس سؤٽ، پوتيءَ سان ارهه ڍڪي اچي هٿ ڏنس ۽ ڀرسان کٽ جي اِيس تي ويهي پنهنجي ور جو حال اوريندي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. هن، ڪي پل پئي پرچاڻا ڏنس.
    خبرون چارون ٿيون، مٽن مائٽن جا حال اوراڻا، منهن انڌاريءَ ٿي ۽ هو هلڻ هارو ٿيو. سندس سؤٽ گهر جي لوڙهي تائين ڏيڍي وٽ ڇڏڻ آيس.
    سڏ پنڌ تان سڪيلڌو پئي آيو، گهٽي مان ڪنهن اوپري ماڻهو کي نڪري ويندو ڏٺائين، سڃاڻي ته نه سگهيو، پر پڪ ٿيس ته تير نشاني تي آهي. هو وڏيون وکون ڀري گهر جي گهٽي تائين پهتو ته سندس زال کي گهٽي وٽان موٽندي ڏٺائين.
    مڇون ڦڙڪڻ لڳس. تيش ۾ ڀرجي ويو، ڪاوڙ مان ڪهاڙيءَ جي ڳن کي پهي وٽان زور سان ڀڪوڙي اندر وڃي کٽ تي ليٽي پيو.
    سڀني کي پڪ ٿي ته اڄ وري دورو پيو اٿس.
    اڌ رات جو چنڊ مٿي چڙهيو، ڪتن جي باهوڙ ٿمجي ويئي. واهوندي جي گهميل هوا ۾ ڳوٺ سمهي رهيو. سڪيلڌي جي هٿن ۾ رت گاڏڙ پگهر مڙي آيو. اکين جا ڏورا ڇڪجي ويس. دوڏا ڦاڙي ڪهاڙيءَ کي حرڪت ۾ آندائين ۽ ڪهاڙيءَ رت ۾ ٻڏي ويئي. هلڪيءَ دانهن ۾ ”سونهن“ جو ڪنڌ هڪڙي پاسي ڍرڪي پيو.
    ڪنوار، ٻيهر ڳاڙها ويس ڍڪيا، رڙيون ٿيون، اوڙو پاڙو گڏ ٿيو. سڪيلڌو آپي کان ٻاهر، هڪلون هانبارا، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ، ڄڻ ڪو راڪاس، رت سان رڱيل ڪهاڙي کي هوا ۾ لهرائيندو ٻاهر نڪري ويو، سڀ کانئس پري ڀڄڻ لڳا.
    ”ابا! غيبات گهر اجاڙي ڇڏيو، فلاڻي پير کي وٺي اچو، پڙهائيءَ ڪري“ قبولئي جون رڙيون ماڪ ڀنل رات ۾ گم ٿي ويون.
    ڪچڙي منجهند، هرڪو ڇيڙيءَ نبيريءَ ۾ رڌل سڪيلڌو ڪاڇي ڏانهن مريدڪي ڳوٺ پهتو، حشمت ۽ هيبت مان رقيب جي گهر جو لوڙهو ٽپي هڪل ڪيائين.
    ”نه ويندين ڪارا!“ پر ان وقت هو، موقعي تي موجود ڪونه هو، نه ته ڳڀا ڳڀا ٿي وڃي ها.
    تنهن گهڙيءَ هن اڱڻ پئي ٻهاريو، سڪيلڌي جي هٿ ۾ رت هاڻي ڪهاڙي ڏٺائين، ڳالهه سمجهي ويئي ۽ همت ڪري اچي ڀاڪر وڌس، پيرن تي ڪري پئي.
    ”سهڻا! منهنجو گهر نه اجاڙ، هيءَ سڀ لکئي جا ليک اٿئي، جي اڄ به ڀانئن ته مان توکي پنهنجين اکين سان ڏسندي رهان ته پوءِ هي اکيون انڌيون نه ڪر.
    سائين گاجي شاهه جي دعا سان چنڊ اڃا به اڀري ٿو، متان سمجهين چانڊوڪيءَ مري ويئي آهي.“ هن قسم وجهي ٻانهن مان سموريون چوڙيون ڀڃي سندس پيرن ۾ رکيون. چيس: ”هنن جي مهابي معاف ڪر!“
    سڪيلڌي جي دل کي جهٻو آيو هار کاڌائين. پنهنجي محبوب کي منٿون ڪندي ڏسي هٿ ڍرا ٿي ويس ۽ ڪهاڙيءَ کي اڇلي هيٺ جهڪيو، چوڙين جا ڀڳل ٽڪر ميڙي هٿ ۾ کنيائين ۽ مٿس هڪ نهار وجهي واپس وريو.
    ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اها خبر باهه جيان پکڙجي ويئي ته سڪيلڌي تي غيبات واسو ڪري ويئي آهي ۽ هاڻي هو گاجي شاهه جي آستاني تي ڀڳل چوڙين کي چمندي مست ٿي ڪنڌ هڻي ٿو.
    ***


    زندگي جي شام جو آخري منظر

    ريلوي ڦاٽڪ پار ڪري هو اُن گهٽيءَ ڏانهن مُڙيو، جنهن جي آخري ڇيڙي ۾ افغاني پٺاڻ جي ڪيبن نما هوٽل هئي. هو، روزانو صبح جو سج اڀرڻ مهل اُن هوٽل ۾ اچي ويهندو هو ۽ چينڪ مان چانهه جي ٻاڙ ماريندي پنهنجي زندگيءَ بابت سوچيندو هو.
    هن جي زندگيءَ المين سان ڀرپور هئي. ماڻس غربت جا سور کائي مري ويئي. پڻس تي فالج ڪريو. ڀيڻ پنهنجي پريمي سان ڀڄي ويئي. رڳو هو ئي اڪيلو هو جيڪو بيمار پيءُ جي تيمارداري ڪندي هاڻي کانئس بيزار ٿي پيو هو. سوچيندو هو پڻس کي گهُٽو ڏيئي سورن کان سندس جان آجي ڪرائي. غربت جي انتها جي ڪري اُهي خيال فطري هئا، جن کان جانَ ڇڏائڻ مشڪل هئي.
    نيٺ، زندگي جي اها تمنا به پوري ٿي پيس جو پڻس مري ويو.
    هاڻي هو اڪيلو هو ۽ آزاد به- سندس ذهن ۾ ترقي پسند خيالن جنم ورتو. ان لاءِ هن کي سخت محنت جي ضرورت هئي ته جيئن هو پنهنجي زندگي کي بدلائي سگهي.
    هُن مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. محنت ۽ ايمانداري جي ڪري کيس هڪ فيڪٽري ۾ سٺو ڪم ملي ويو. هُن سوچيو، هاڻي سندس زندگي غربت مان نڪري ويندي. هو هڪ سُٺي جڳهه خريد ڪندو، جنهن ۾ سُڪون سان زندگي گذاريندو. هو فيڪٽري کان ڳچ پنڌ پرڀرو ريلوي ڦاٽڪ جي ويجهو مزدور ڪالوني ۾ هڪ مسواڙي ڪوارٽر ۾ رهندو هو.
    افغاني پٺاڻ جي ڪيبن نما هوٽل سامهون هڪ گهڻ ماڙ پلازه هئي، جنهن جي ٻئي فلور تي هڪ فليٽ جي دريءَ مان نوجوان ڇوڪري ڏانهس پيار جون نگاهون اُڇلائيندي هئي. هو پنهنجي غربت کي محسوس ڪري کانئس لنوائيندو رهيو پر نيٺ ڦاسي پيو. زندگي جي حسناڪي کي پهريون دفعو محسوس ڪري هُن پاڻ ۾ الاهي تبديلي محسوس ڪئي.
    فيڪٽري ڏانهن ويندي ۽ موٽندي هروڀرو ئي پلازه جي ڀرسان گذرڻ، صبح ۽ شام ڌاران هوٽل تي ويهي چانهه پيئڻ، هُن پنهنجي معمول ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. هڪ ڏينهن هن سوچيو ته ايندڙ پگهار تي اهو پنهنجي محبوبه لاءِ ڪو تحفو خريد ڪري کيس موڪليندو پر ٻئي ڏينهن سندس نصيبن جا پکي اُن وقت ڀڙڪو ڏيئي اُڏامي ويا، جنهن وقت هو فيڪٽري مان ڊيوٽي ڪري ٻاهر نڪرڻ وارو هو ته هن جي ڀرسان هڪ وڏو بم ڌماڪو ٿيو. پوءِ کيس ڪوبه هوش نه رهيو. خبر تڏهن پيس، جڏهن پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺائين. سندس هڪ ڄنگهه غائب هئي ۽ کاٻو هٿ ڪپيل هوس. من اندر جي موسم ۾ هڪ وڏو طوفان برپا ٿيندي محسوس ڪيائين. ڳچ ڏينهن اسپتال ۾ داخل هئو. گهر موٽيو ته پاڻ معذوريءَ کي به ساڻ ڪري پهتو. زندگيءَ جا الميا هاڻي عروج تي هئا. زندگيءَ جي اونداهن- پلن جي ڪهاڻي سندس جذبن جي ڪنڌين تي لهي آئي هئي. پيٽ پوڄا ڪرڻ به مسئلو ٿي لڳو. ڪارخاني جي مالڪ کيس فيڪٽريءَ مان اهو چئي جواب ڏيئي ڇڏيو، ته هو هاڻي معذور آهي ۽ فالتو به، تنهن ڪري هاڻي ڪنهن ڪم جو نه رهيو آهي. سيٺ جا اهي لفظ اڄ به سندس سماعتن ۾ هٿوڙا محسوس ٿيندا هئا ته اسان بيڪار مشين ۽ بيڪار ماڻهو، ڪاٻاڙي ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهيون. ڪاٻاڙي جي لفظ تي هو ڇرڪي پيو هو، پر هاڻي ته هو ڪاٻاڙي جي لائق به نه رهيو آهي. ڪاٺ مان ٺهيل گهوڙيءَ جي مدد سان هلڻ مهل پنهنجي ناڪاره وجود کي محسوس ڪري اکين مان لڙڪ وهڻ شروع ٿي ويندا هئا. سوچيندو هو ته هاڻي هو هن دنيا ۾ رهڻ لائق ئي نه رهيو آهي. مالڪ کان جيڪي به دعائون گهريون هيس، سي به سندس زندگيءَ جي ڪايا پلٽي نه سگهيون. ويتر زندگي آزار ۽ عذاب جو سنگم بنجي ڏنگڻ لڳي هئي.کيس خلقڻهار تي ڏاڍي جڪ آيس.
    افغاني پٺاڻ جي هوٽل سامهون ويهي. هو چانهه پيئڻ جي جرئت ڪري نه سگهندو هو. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته جنهن ڇوڪريءَ ساڻس پيچ اٽڪايو هو، سا هن حالت ۾ ڏسي کانئس نفرت ڪندي. هاڻي هن فيصلو ڪري ورتو هو ته هو سڀاڻي ساڳي ئي گليءَ ڏيئي ڦاٽڪ ڏانهن ويندو ۽ آپگهات ڪري پنهنجو پاڻ کي زندگي جي عذاب مان هميشه لاءِ ڇڏائي وٺندو.
    ٻئي ڏينهن هن آپگهات جو پڪو ارادو ڪري ورتو هو. تنهن ڪري اها آخري رات کيس ننڊ نه آئي هئي. سوڙهي ڪوارٽر اندر ڪنڊ ۾ پيل پراڻي کٽارا پنکي کي ڏسي، هن سوچيو هو ته هاڻي هو به کٽارا آهي، ۽ زندگيءَ جي گهاڻي ۾ پنکي جيان ڦرندي، ڪرنٽ جي اوچتي جهٽڪي تي سڙڻ وارو آهي. پراڻي ۽ ميري بستري تي، هن اها رات خوابن جي تصور ۾ گذاري. معذور ٿيڻ کانپوءِ ڪوارٽر پيل ڪجهه سامان هن اڳ ۾ وڪڻي، ڪجهه ڏينهن پيٽ جي آڙاهه تي ڇنڊا هنيا هئا. نئين آندل ٽيبل فين کان وٺي نئين کٽ به هاڻي هن ڪاٻاڙي ۾ وڪرو ڪري ڇڏي هئي. باقي جي رهيل هو ته پراڻو پنکو ۽ هڪ بسترو- هن، باقي اهو سامان وڪڻڻ ئي نه ٿي چاهيو. نه ته مرڻ کان اڳ بسترو، بلب ۽ پنکو وڪڻي به ڪجهه ڏينهن پيٽ جي ڀانڊي کي ڀري پئي سگهيو ۽ پوءِ سڪون سان مري سگهيو ٿي، پر اُن کان اڳ ئي هن سوچي ڇڏيو ته اهي شيون وري به ڪنهن ڀٽڪيل ۽ ضرورتمند انسان کي ئي ڪم اينديون.
    هن ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ کان اڳ ئي پاڻ کي ٽرين هيٺيان ڏيئي آپگهات ڪرڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو.
    ڪي پل هو سوچيندو رهيو.
    ’مون کي آپگهات ڪرڻ نه گهرجي-! پر ڪيستائين زندگي جون ذلتون ڀوڳڻيون پونديون. محنت ڪرڻ جي باوجود به ڪنڊن جهڙا نصيب رڳو هن لاءِ ئي ڇو آهن!
    ’پر آپگهات ڪرڻ به هڪ ڏوهه آهي!‘
    هُن سوچيو:
    آپگهات ڪرڻ کان بهتر آهي ته هو افغاني پٺاڻ جي هوٽل سامهون ويهي دنيا آڏو هٿ ڊگهيري خيرات گهُري، اهڙي سوچ تي هو ڇرڪي پيو.
    ’نه نه- هو زندگي جي خيرات نٿو گهُري سگهي.‘
    کيس هاڻي هن دنيا سان ڪابه دلچسپي نه رهي آهي. هن هر مصيبت کي ’مُنهن‘ ڏنو هو، صبر جا ڍُڪ ڀري محنت ڪئي هئي پر نتيجو معذوري ۾ مليو هوس. سندس سڄي رات پاسا بدلائيندي سوچن ۾ گذرندي رهي.
    ٻئي ڏينهن سج اُڀرڻ کان اڳ ئي هو آپگهات ڪرڻ لاءِ ريلوي ڦاٽڪ ڏانهن وڌيو. رستو پار ڪندي کن لاءِ هن پنهنجي نگاهه فليٽ ڏانهن وڌي ۽ پوءِ ڪاٺ جي ٺهيل گهوڙيءَ جي مدد سان منڊڪائيندو اڳتي وڌي ويو. هو هاڻي ريلوي لائين تي پهچي ويو هو.
    آسپاس نظر ڊوڙايائين ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه آيس. آپگهات لاءِ هي هنڌ ٺيڪ آهي.کيس خبر هئي ته سج اُڀرڻ کان اڳ ٽرين جو گذر ٿيندو آهي، پر اڄ ليٽ به ٿي سگهي ٿي. هن هاڻي دليرانه خودڪشي لاءِ سنجيدگي سان سوچي ڇڏيو هو، پر اوچتو ڪنهن بچائي ورتو ته پوءِ هن جي زندگي جو ڇا ٿيندو؟!
    گمڀيرتا مان وري سوچيائين.
    ’ٺيڪ آهي- هو، جيئن ئي ٽرين کي ايندي ڏسندو، پاڻ کي پٽڙيءَ تي اڇلائي پنهنجو انت آڻيندو.‘
    هو ڪاٺ جي گهوڙي کي هيٺ رکي ٽرين جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳو. ٽرين ليٽ هئي. سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو، ڀرسان ماڻهن جي اچ وڃ جو سلسلو به شروع ٿي ويو هو. هن، ٽرين کي پٽي گار ڏني ڇو ته آپگهات ڪرڻ دوران ماڻهو کيس بچائي به سگهن ٿا، اهو سوچي هو پريشان ٿي ويو.
    ٽرين جي آواز تي هن ڇرڪ ڀريو، ٽرين جي فاصلي کي نظر ۾ رکي هن پنهنجو پاڻ کي پٽڙي تي اُڇلڻ لاءِ ذهني طور تيار ڪيو.
    ٽرين ويجهي آئي ته هن اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي.
    اُن کان اڳ جو هو پاڻ کي ريل جي لوهي پٽن تي اُڇلائي- انجڻ کان پوءِ پهرين نمبر بوگي ۾ بم جو هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو. ڪجهه ماڻهن سان گڏ هن جو جسم به ٽڪرا ٽڪرا ٿي پري تائين اڏامي ويو.
    بم ڌماڪي کانپوءِ موقعي تي موجود ماڻهن ٻڌايو ته ٽرين جي پٽڙي جي ڀرسان ويٺل هڪ فقير ٽرين کي ڏسي هلندڙ ٽرين ڏانهن جهُڪيو هو. ان کان پوءِ وڏو ڌماڪو ٿيو.
    ايجنسين، ڦاٽل بم جي ٽڪرن سان گڏ ڪاٺ مان ٺهيل اُها گهوڙيءَ به تحويل ۾ وٺي ڄاڻايو ته، ’ٽرين کي ڌماڪي سان اُڏائڻ جو ذميوار اهو ئي دهشت گرد هو، جنهن خودڪش بم حملو ڪري وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ڪيو آهي!‘
    ***


    فيصلو

    ”منهنجي دل ته دادو آهي، پر لاڙڪاڻي کان تون به گهٽ ناهين- رُڳو واءُ لڳي، پن پاڻهي ڇڻي پوندا، في الوقت مهل ڪر.“ رئيس بخشل خان حجائتو ٿي نواب خان سان مخاطب ٿيو.
    ”تنهنجي ڪلهي تان سندم هٿ ڪڏهن لٿو آهي، جو مياري ڪرڻ آيو آهين! مهل به مهل تي ٿيندي آهي. هيلوڪي سال ته لالڻ واهه ۾ لاش لوڙهڻ جيترو پاڻي به نه آهي، مٿان وري فصلن جا اگهه به مُنهن ڀر وڃي ڪريا- ٻيو اليڪشن به اونڌي، سو ليٽ ٿي وياسين. تڏهن ته بئنڪن جا چيڪ به هاڻي چٿرون ڪرڻ لڳا آهن!“ رئيس نواب خان کيس وراڻيو ۽ مٿي تان هالاڻي ٽوپي لاهي، کن لاءِ هنج ۾ رکي وري پاتائين. سج اڃا گهڻو مٿي ڪونه چڙهيو هو جو ٻن ڪيٽين جا والي ۽ برادرين جا سردار هڪٻئي سان حالي احوالي ٿي ڏک سور پئي رُنا. رئيس بخشل خان درياء جي هُن پار ڪيٽيءَ جو مالڪ هو، ته هِن ڀر رئيس نواب خان جي حڪم تي ئي ماڪوڙيون چُرنديون هيون ۽ پکي اُڏامندا هئا. وقتي حالتن رئيس بخشل خان کي ڪجهه پريشان ڪري وڌو هو، اُن ڪري هُن رئيس نواب خان کي صبح ساڻ ئي ساڻس اچي ملڻ لاءِ نياپو مُڪو هو.
    رئيس بخشل خان جي پراڊو جيپ ڌوڙ اُڏائيندي جڏهن سندس عاليشان اوطاق ۾ داخل ٿي هئي، ته هُن وڌي وڃي ايڏي ته مان ۽ شان سان آجيان ڪري ڀاڪر وڌو هوس، ڄڻ اُهي ڪي ورهين کان وڇڙيل هئا ۽ اڄ ئي سندن ميل ٿيو هو. واقعي ئي هو به ائين، جو اُهي هيلوڪيءَ اليڪشن ۾ هڪٻئي جا مخالف هئا. تڏهن ظاهري طرح ڄڻ هڪٻئي جي رت جا پياسا، پر اليڪشني مُند مَٽي ته منجهن تر جيترو به ويڇو نه هو.
    دنيا جي ٻڌيءَ ڇوڙيءَ ۽ سياست جي ڳالهين کان پوءِ نيٺ رئيس بخشل خان پنهنجين حالتن جي ڳنڍ کولي ۽ رئيس نواب خان کان مهل ڪرڻ لاءِ مدد گهُري.
    رئيس نواب خان به حالتن جي ساڳي ٻيڙيءَ ۾ سوار، سو پنهنجي مجبوري آڏو رکيس.
    ”چئبو ته ڪنڌيءَ تائين تو به نه ڪيو. پر يار! وچ تار ۾ ترڻ به ڏاڍو اوکو آهي.“ رئيس بخشل خان پاڻمرادو ڀُڻڪيو ۽ مايوس ٿي ٿڌو ساهه ڀريائين.
    ٻيئي سردار هيٺ ڪنڌ ڪري اهڙا ته چُپ ٿي ويا، ڄڻ ڪنهن ڪاموري سندن چوڻ موٽائي ڇڏيو هجي.
    ڪي گهڙيون سانت ٿي ويئي. نيٺ کن پل جي خاموشيءَ کان پوءِ رئيس نواب خان چُپ جي ڇِپ کسڪائيندي ڀُڻڪيو.
    تنهنجو پاليل پَرُو طوطو ڇا پيو ڪري؟ پڃرو سوڙهو ڪرينس- ليٽ نڪري ويندئي.“
    ”اهو به گس بند آهي. نه ته تو وٽ پنڌ ڪرڻ جي ضرورت به ڪانه پوي ها.“ رئيس بخشل خان وراڻيس.
    ”چئبو ته پڃري ۾ پکي ڪونهي.“ رئيس نواب خان حيرت مان بخشل خان جي ڳاڙهين اکين ۾ جُوهه وجهندي پاڻمرادو ڀُڻڪيو.
    ”تو غلط اندازو لڳايو آهي. اصل ۾ هو اڄڪلهه ٿَم ۾ آهي. مٿس ويهه لک روپيا سرڪاري انعام رکيو ويو آهي. کيس ڳولهي مارڻ لاءِ نفريءَ جا ڪارندا ڇاپا هڻندا وتن. ڊي پي او کي گهڻو ئي مُنهن تي رکيو اٿم، پر نڪ ۾ مَرُ ئي ڪانهيس؛ چوي ٿو ته سرڪار سختي ڪري ڇڏي آهي.“
    رئيس بخشل خان پَرو ڌاڙيل کي ملندڙ ڀُنگ مان بَٽئيءَ جي آسري کان پلي، نواب خان کي مطمئن ڪيو.
    گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ نيٺ نواب خان هڪڙو ئي گس ڳولهي ڪڍيو، جنهن مان ٻنهي سردارن جي ليٽ نڪري وڃڻ جي گهڻي پڪ هئي. هن رئيس بخشل خان جي بي رونق چهري ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين:
    ”وقت ڌڪڻ جو هاڻي فقط هڪڙوئي رستو آهي.“
    ”ڪهڙو؟“ رئيس بخشل خان اُٻهرائيءَ مان پڇيس.
    ”فيصلو“..... پر مون سان مهل ڪندين!“
    ”حساب ڪر.“ نواب اک ڀڳي.
    ”ڏهه خون- ٽيهه زخمي- ٻه ٻانهون- اڳئين سال ڪيل فيصلي جي ڀڃڪڙي.“
    ”سگهاري ڌر؟“ نواب رئيس بخشل خان کان پڇيو.
    ”منهنجي برادريءَ جا ماڻهو ساهه پٽي ويا آهن، مال متاع به اٿن ته شهرن ۾ ڪجهه پلاٽ به- تون به پنهنجي سار!“
    رئيس بخشل خان نواب جي برادريءَ جي حالت به ڄاڻڻ گهُري، متان فيصلي ۾ ناڪامي ٿي پوي.
    ”ڪچي ۾ گذارو اٿن، اٺ ڏهه جريب زمين به ٺاهي ويا آهن- ٽي چار ننگ سرڪاري نوڪريءَ ۾ به کڻايا اٿم.“
    نواب خان پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن کي ائين ساريندو ويو، ڄڻ سندس ئي گهر جا ڀاتي هجن.
    ”خبر ورتي اٿئي- گهڻو تاءُ ڪهڙي ڌُر ۾ آهي؟“ بخشل خان، نواب کي اک هنئي.
    ”منهنجي برادريءَ جا ماڻهو اڳوڻي فيصلي کان پوءِ تپش ۾ آهن. اڃا تائين زيادتين جا راڳ آلاپيندي ٻُڌبا آهن.“ نواب خان وراڻيو.
    ”ته پوءِ ڇيرا به تنهنجا ماڻهو ڏيندا.“ بخشل خان، نواب خان کي پڪ ڏني.
    ”دلجاءِ ڪر، سڀاڻي سج جي روشنيءَ ۾ ڳاڙهو پاڇو هوندو.“ نواب خان حامي ڀري.
    ٻنهي سردارن جي مُنهن تي مُرڪ تري آئي ۽ سوڙها ڀاڪر وجهي هڪٻئي کان موڪلايائون.
    اڃا رات جو ٽيون پهر شروع ئي مس ٿيو، جو سرائين جي ڳوٺ تي انڌاڌنڌ فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچرن جا ڌماڪا شروع ٿي ويا. مائرن جي هنج ۾ سُتل ٻار، خوابن جي آکيرن مان ڀڙڪو ڏيئي خوف ۽ هراس جي نديءَ ۾ ٻڏڻ لڳا. عورتون، ننگي سر پناهه جي تلاش ۾ معصومن کي کڻي گهُتون هڻندي لِڪڻ لڳيون. اونداهه ۾ اکيون انڌيون، ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو.
    دُوبدُو فائرنگ- جهُڳين کي باهيون- عورتن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش.
    حملو ڪندڙ هٿياربندن فرار ٿيندي نعرا هنيا:
    ”اسان بدلو ورتو آهي، سبق سکو!“
    ٽهڪ ۽ هوائي فائرنگ- ڳوٺ ۾ روڄ راڙي ۽ هُل هنگامي ۾ ننگن کي ساريو ويو. زخمين جي آهه و پڪار بس، رُڳي رات پئي رُني ۽ ماڪ پئي ڪِري.
    ٻئي ڏهاڙي جو سج پنهنجي روشنيءَ ۾ ڳاڙهاڻ کڻي اُڀريو هو.
    پوليس ۽ رينجرس جا اٽالا- صحافين ۽ فوٽوگرافرن جا لامارا- ڪئميرائن جا فليش- رپورٽنگ- اخباري سُرخين ۾ قبائلي جهيڙي بابت تفصيل.
    ”ٻنهي برادرين جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙو خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويو. گذريل رات سرائي برادريءَ جي ڳوٺ تي حملو، ٻن معصوم ٻارن سميت ڏهه ڄڻا مارجي ويا. ٽيهن کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد زخمي، ٻه عورتون اغوا.“
    ”اسان پلاند ڪيو آهي.“
    فرار ٿيڻ وقت هٿياربندن نعرا هنيا ۽ هوائي فائرنگ ڪئي. گذريل ويهن سالن کان هلندڙ جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا هيستائين اٽڪل پنجاهه ماڻهو مارجي چڪا آهن،
    گذريل سال ٻنهي برادرين جي سردارن جي سرپئنچيءَ ۾ فيصلو به ٿيو هو. ”جتوئي برادريءَ جي ماڻهن اڳرائي ڪري فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.“ سرائي برادري جي سردار جي پريس ڪانفرنس. ٻنهي ڌُرين ۾ سخت ڇڪتاڻ- پوليس پڪٽون قائم. ڊي پي او امن قائم رکڻ لاءِ ٻنهي ڌرين جي سردارن سان گڏجاڻين ۾ مصروف.
    مائرن مارجي ويل پُٽن جون پيشانيون چُميون- ڀينرن مُنهن تي موڙ ٻڌي سندن بي جان وجودن مٿان اجرڪ وڌا. عورتن جون اوڇنگارون اُڀ تائين پهتيون. سينه ڪوبي ٿي. پوليس جي سخت پهري ۾ لاش دفنايا ويا، ويران زندگيءَ جي نوحن تي پکين اُڏامڻ ڇڏي ڏنو!
    برادري سردارن هڪ دفعو وري انتظاميه ۽ چڱن مَٺن جي زور ڀرڻ تي اخلاقي ۽ انساني روپ اختيار ڪيو ۽ پنهنجيءَ برادريءَ جي ماڻهن سان همدرديءَ جو اظهار ڪندي ٺاهه ڪرڻ لاءِ مٿن زور ڀريو. گرم رت ٿڌو ٿيو. انصاف ملڻ جي آسري انهن ’فيصلي‘ لاءِ پنهنجن سردارن کي اختيار ڏيئي ڇڏيا.
    تاريخ مقرر ٿي- رئيس نواب خان جي اوطاق تي ٻنهي ڌرين جون نيون پراڻيون ڳالهيون ٻُڌي ٻيهر فيصلو ڪيو ويو.
    ”اڳرائي ڪندڙ ڌُر، اڳينءَ لکت موجب، سٺ لک روپيا ڏنڊ ادا ڪندي. سرائي برادريءَ جا چار وڌيڪ خون ٿيڻ عيوض اهي ڏهه لک وڌيڪ ڀريندا ۽ اغوا ڪيل عورتون به واپس ڪندا.
    جڏهن ته ٻيءَ ڌر جي ڳالهين مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته جتوئي برادريءَ جو هڪ ماڻهو بنا ڏوهه جي ڪارو ڪري ماريو ويو آهي ۽ کين هر وقت ڌمڪيون به ڏنيون وينديون هيون. اُن ڪري بنا ڪنهن ڏوهه ۽ ثابتيءَ جي ماڻهو مارڻ جو ڏنڊ ڏهه لک روپيا، سرائي برادريءَ تي رکجي ٿو ۽ اُهي عيوضي ۾ مغوي ٿيل عورتن مان هڪ عورت سڱ چٽيءَ طور جتوئي برادريءَ کي ڀري ڏيندا.
    ٻنهي ڌُرين جي ماڻهن پنهنجن سردارن جو ڪيل فيصلو قبول ڪيو. لکت ۾ ڪيل فيصلي تي صحيحون وٺي کين پابند ڪيو ويو ته اهي معاوضي يا ڏنڊ جي سموري رقم پنهنجي ”برادريءَ جي سردارن“ وٽ ويهن ڏينهن اندر جمع ڪرائيندا. آئينده ڪابه ڌُر اڳرائي نه ڪندي، اڳرائي ڪندڙ ڌُر تي اسي لک روپيا ڏنڊ رکيو ويندو.“
    فيصلي کان پوءِ مٺايون ورهايون ويون. هڪٻئي سان ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪيو ويو. ٻنهي سردارن هڪٻئي ڏانهن مُرڪي ڏٺو، ائين لڳو ڄڻ سندن فصلن جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا آهن ۽ لالڻ واهه ۾ تار پاڻي وهي آيو آهي!
    ***


    بابا...!

    ٽرين ليٽ هئي، هڪ نينگر اسٽيشن تي انتظار جون گهڙيون ڳڻيندي بي چيني سان هِڪ ٽڪ ريل جي پٽڙيءَ کي گهوري رهيو هو. ٽريڪ ۾ مضبوطيءَ سان جڪڙيل لوهي پٽن ۾ سندس زندگيءَ جون حسرتون ۽ خواهشون وڃائجي ويون هيون. نرڙ تي محسوس ٿيندڙ ريکائن ۾ هڪ ڊگهي انتظار جا پاڇا ڪنهن اڻ ڄاڻ خوشيءَ کي جنم ڏيئي رهيا هُئا. ”متان، اڄ ٽرين نه اچي!“ نينگر سوچيو.
    پوءِ به، هن جنهن اوسيئڙي کي وقت جي چادر ۾ ويڙهي جيڪو ڊگهو انتظار ڪاٽيو هو، ان جي تڪميل جي پڄاڻي کي يقين ۾ بدلائي پڪ ئي سمجهيائين، ته ٽرين ليٽ ئي صحيح، ضرور ايندي!
    هو، ان طرف نهارڻ لڳو، جنهن ڏسا کان گاڏيءَ کي اچڻو هو. سرد موسم، نينگر کي ڏڪائي ڇڏيو. هن پنهنجا ٻئي هٿ ڪوٽ جي کيسي ۾ وڌا، کيسي بک جو احساس ٿيو.
    سوچيائين، کيسي ۾ ڏهه روپيه باقي آهن، جنهن مان بسڪيٽ يا چپس وغيره ملي وڃن ته بهتر آهي، اهو سوچي هو پٿر جي بئنچ تان اٿي پليٽ فارم جي ڀرسان ٽين مان ٺهيل ڪيبن ڏانهن وڌيو، پر اها هاڻي بند ٿي چڪي هئي، بک جي احساس کان بچڻ لاءِ ڪيبن ويجهو ئي ٺهيل سيمينٽ جي ٽانڪيءَ مان پاڻي پيتائين، منهن تي پيل پاڻي جي ڇنڊن کي قميص جي پلئه سان اُگهي وري چهل قدمي ڪرڻ لڳو. اسٽيشن جو ماحول سرد هوائن جي خنڪي ۾ ويڙهجي ڪنهن اڻ ڄاڻ اداسيءَ کي پکيڙي ڇڏيو هو. چند ماڻهو، آهستگيءَ سان ائين ڀڻ جهڻ ڪري رهيا هئا، متان سندن ڀڻڪو ڪو ٻيو نه ٻڌي وٺي. سندن چهرن مان ڏک ۽ اداسي بکي رهي هئي، نينگر جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو.
    سج، هاڻي زرد روشنيءَ جا پن ڇاڻيندي شام جي پاڇن کي وسعت ڏيئي رهيو هو، نينگر کي اوسيئڙي بيقراري ۾ وجهي ڇڏيو، هن ڏٺو ته اسٽيشن جي عملي جا ماڻهو هاڻي ڪمرن مان نڪري پليٽ فارم تي اچي بيهي رهيا آهن ۽ ان طرف نهاري رهيا آهن، جنهن طرف کان ٽرين کي اچڻو آهي، نينگر، آهستگيءَ سان وڌندي ويجهو ٿيو، خبر پيس ان عملي سان گڏ هڪ اسٽيشن ماسٽر آهي، سندس هٿ ۾ لک پڙهه جا ڪي ڪاغذ آهن.
    ٽرين جو دونهون ۽ آواز ويجهو پوندو ويو، نينگر ۽ عملي جا ملازم اتاولا ٿي گاڏيءَ جي پهچڻ جو انتظار ڪاٽڻ لڳا.
    گاڏي اسٽيشن تي پهتي ۽ آهستي آهستي ٿي هڪ جهٽڪي سان بيهي رهي. نينگر جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي، هن خوشيءَ ۽ تجسس ۾ ويڙهجي هيڏانهن هوڏانهن ڏنو ۽ پوءِ سندس وکون تيز ٿينديون ويون ۽ ڊوڙندي ٽرين جي آخري ڇيڙي تائين پهتو، آس ۽ نراس جي پل صراط تان هاڻي هو هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ڊوڙي ۽ سهڪي رهيو هو. اوچتو هن ڏٺو ته ٽرين جي وچين گاڏي مان ڪپڙي جي ڳٺڙيءَ ۾ ويڙهيل هڪ رت هاڻي لاش کي پليٽ فارم تي لاٿو ويو آهي، ويجهو پهچي محسوس ٿيس ته لاش مان رت ۽ بارود جي گڏيل بوءِ اچي رهي آهي، سڃاڻپ لاءِ اسٽيشن ماسٽر ٻين ماڻهن جي اڳيان جيئن ئي لاش جي باقي بچيل چهري تان ڪپڙو هٽايو ته نينگر کان اڀ ڏاريندڙ دانهن نڪري ويئي. ”بابا!“...
    ***


    بي نور اکين ۾ اٽڪيل هڪ سوال

    ”لخ لعنت اٿئي ڪميڻا... اڙي! توکي شرم نه پئي آيو ڌيڻهين سان ڪارو منهن ڪندي! دانگي ته مُنهن تي مليئي، پر مارينس ته نه ها ڪُتا! جوڻهين مان ڍئو نه پئي ٿيئي لوسي!! تنهنجي ماءُ کي... تنهنجي رن... ڀيڻ جا...!!“ ٿاڻي جو صوبيدار گاريون ڏيندي، خونخوار چيتي جيان مٿس ڪڙڪي پيو. لتن، مُڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا ڪري ڏنائين.
    ”سائين! رسول جي واسطي، قرآن جي مُهابي، منهنجو عرض ٻڌو! سائين! آئون مسڪين، بيگناهه، بي ڏوهه...!“ مار کائيندي به صوبيدار کي منٿون ايلاز ڪرڻ لڳو. پيرن تي ڪري، هٿ ٻڌي، سوين واسطا وڌائينس پر صوبيدار هڪ به نه ٻُڌس.
    ”تنهنجي ته ماءُ کي... اڙي بي غيرت! اڃا ڏوهه نٿو قبولين؟“ صوبيدار جَڪ کائي، سنهي بيد سان اچي ورتس ۽ رتورت ڪري ڇڏيائينس. وات ۽ نڪ مان رت وهڻ لڳس. سندس مٿو چڪرائڻ لڳو. نيٺ بيهوش ٿي ڪري پيو.
    ”سنتري!“ صوبيدار هانبارا هڻندي سپاهيءَ کي سڏ ڪيو، جيڪو ٽي چار قدم کانئس پري بيٺل هو.
    ”جي سائين!“
    ”اڙي! هن موذيءَ کي گهلي وڃي لاڪپ ۾ اُڇلاءِ جيسين ڪجهه ساهه پٽي ۽ سامت ۾ اچي.“ صوبيدار گرانٺ جيڏين مُڇين تي هٿ ڦيري، سپاهيءَ کي حڪم ڪيو. سپاهي اڳيان وڌي کيس ٻنهي ٻانهن کان جهلي، بيدرديءَ سان گهلي سامهون ٺهيل ننڍڙي لاڪپ ۾ بند ڪيو.
    صوبيدار ڀر ۾ بيٺل وڏي منشيءَ کي اک هڻندي چيو: ”جيستائين هيءُ ڪتو پنهنجو ڏوهه نه قبولي، تيستائين ڦوهارو بند نه ڪجوس.“
    ”سائين! اُلڪو ئي نه ڪريو! هتي ته پاڻ، شينهن ئي ليٽائي ڇڏيا- هي گدڙ ڪير ٿيندو آهي اسان کي ڏند ڏيکارڻ وارو!“ منشي وراڻيو.
    ”ها سائين! ٻن ڏينهن ۾ وات اندر ٿاڻي جي زبان هوندس، جيئن چونداسين ايئن ئي بڪندو.“ پرڀرو بيٺل جمعدار، وڏي منشيءَ جي ڳالهه کي وزن ڏنو.
    ”ڏسجو! متان ڪنهن اخباري نمائندي اڳيان دل وڏي ٿي وڃيس ۽ ٻولي به ٻي ڪري.“ صوبيدار چيلهه ۾ ٻڌل بيلٽ کي ٺيڪ ڪيو وڏي منشيءَ ڏانهن نهاريندي چتاءُ ڏنو.
    ”سائين! ائين ڪندو ته خبر پهچڻ کان اڳ، لاش ئي غائب ٿي ويندس. سڀ طريقا سُجهن ٿا ”هونئن به نمائندا پاڻ سان ٻڌل آهن، ٻه ٽي ڏوڪڙ اُڇلائينداسين ته قلم اُبتو ٿي ويندن. ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به ته انهن سان مهل ڪريو وڃون! پاڻ کان ڪنڌ ڪونه ڪڍرائيندا. لٺ ۽ چٺ وارو پهاڪو ته عام آهي نه! پوليس وٽ ڪي قانون گهٽ آهن ڇا؟ پاڻ سان نه وهندا ته مائٽن تائين پيا لوڙيندا. هونئن به، ٿاڻو آهي گهاڻو ڪو ڦيري ۾ اچي ويو ته هڏ هڏ پيڙجي ويندس.“
    ”ها وڏا! منشي سچ ٿو چئي. گذريل سال رئيس وارو ڪيس ڪيئن گول ٿي ويو هو؟! آخر ته رئيس ٽن هارين جو خون ڪيو هو. پاڻ ته ٻنهي هنڌان ڦاٿل هئاسين، جي رئيس سان ڦٽايون ها ته ورديون ئي لهي وڃن ها. اهي رئيس جا ٿورا آهن، جو ٿاڻو ئي ڪونه بدليو آهي، نه ته مهيني پنڌرهين ڏينهن پنهنجا ٽپڙ گول هجن ها- اڳ ته سدائين پيا راهه ويندڙن ۾ جوهه وجهندا هئاسين، تڏهن وڃي کيسو گرم ڪبو هو...“ جمعدار، رئيس پيرل جي تعريف ڪندي، وڏي منشيءَ جي ڳالهه کي ٽيڪ ڏني.
    ”هي بيگر به رئيس جي اٿوَ!“ صوبيدار ڪن کڻايا.
    ”مهل ڪبي سائين! اسان به ماڻهو ماڻهوءَ جي پرک رکون ٿا.“ جمعدار وڏي منشيءَ ڏانهن نهاريندي چيو.
    جڏهن هو هوش ۾ آيو، تڏهن پاڻ کي هڪ سوڙهي لاڪپ ۾ پيل ڏٺائين. ٻاهر اوندهه وڌي ويئي هئي. سٺ واٽ جي بلب جي جهيڻي روشنيءَ ۾ نهاريائين ته لاڪپ اندر مئل چمڙا، انهن جو گند، ميون جون کلون ۽ مانيءَ جا سڪل ڀورا پيل هئا. ڇت تي ڪوريئڙن جا ڄار هئا، جن تي مٽيءَ جي دز چڙهيل هئي. فرش تي اڌ انچ مٽيءَ جي ڄميل تهه سان گڏ، انسانن جو پراڻو گند به مليل هو. لاڪپ ۾ ڌپ ۽ گندگيءَ جي ڪري ساهه ٻوساٽجڻ لڳس، هڏ هڏ ڏکندو محسوس ڪيائين. ڪنڌ ڦيرايائين ته مٿي مان ڀوانٽيون نڪرڻ لڳس. جسم تي لڳل ڌڪ پوسرجڻ لڳا. ساهه جون رڳون ڦونڊجي ويس. هو چُري به نه ٿي سگهيو. ٽي ڪلاڪ مسلسل پوليس هٿان تشدد ٿيندو رهيو هيس.
    زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ٿاڻي جو منهن ڏٺو هئائين. پوليس عملدارن کي انسانن جي روپ ۾ وحشي درندا محسوس ڪيائين. هتي انسانيت نالي ڪا شيءِ نظر نٿي آيس. کيس ڪهڙي ڪل ته پوليس فرياد داخل ڪري داد ڪرڻ بجاءِ، سندس ئي ڳچيءَ ۾ نوڙ وجهندي! آخر ته ظلم ساڻس ئي ٿيو هو. هن جي غير موجودگيءَ ۾ رئيس پيرل خان گهر ۾ گهڙي، سندس جوان ڪنواريءَ ڌيءَ جي لڄ لٽي، کيس قتل ڪيو هو. هن کي خبر هئي ته رئيس پيرل جا ڪرتوت ڪهڙا آهن! هُن ڪيترن ئي هارين جي ڌيئرن کي لڄالٽ جو نشانو بڻائي، کين قتل ڪري راز دفنائي ڇڏيا هئا، پر جي ڪِن جي ٻڙڪ ٻاهر به نڪتي هئي، ته خون سندن ئي ڳچين ۾ وجهي ڇڏيا هئائين. تنهن ڪري هر ڪو غريب سندس نانءِ کان ڪنبندو هئو، ٿاڻي جي صوبيدار کان وٺي آءِ جي تائين رسائي هئڻ ڪري، سندس خلاف ڪا ٻولي ڳالهائڻ ناممڪن هئي. وقتي حڪمرانن ۽ ڪامورا شاهيءَ وٽ پهچ هئڻ ڪري، بنا اُڊڪي جي انسانيت جا ليڪا لتاڙڻ هن جي ڏائي هٿ جوکيل هو.
    سندس نوجوان نياڻيءَ جي عزت لٽجڻ ۽ قتل ٿيڻ، هن جي روح کي ڦٽي وڌو هو. رئيس جي ظلم ۽ پهچ جي ڄاڻ هوندي به، هو اميدن جا گل پلئو ۾ ٻڌي، ٿاڻي تي اچي دانهين ٿيو هو ته ضرور سندس آهون ۽ دانهون رنگ لائينديون پر هن جي پهچڻ کان اڳ ئي پوليس سندس خلاف ڪيس داخل ڪري چڪي هئي. خبر تڏهن پيس، جڏهن ٿاڻي جي صوبيدار پنهنجي ڪمري ۾ گهرائي، آهستگيءَ سان چيس ته: ”بيان ڏي ته تنهنجي زال ڳورهاري آهي ۽ تون عادت کان مجبور ٿي پنهنجي ڌيءَ جي عزت لٽيندو رهيو هئين. جڏهن خبر پيئي ته ڌيڻهين کي پيٽ ٿي پيو آهي، تڏهن بدناميءَ کان بچڻ لاءِ تو کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي ٿاڻي تي پهچي پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو اٿئي.“
    صوبيدار جي وات مان اها ڳالهه ٻڌي سندس پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي هئي، پير ٿِڙڻ لڳا هئس ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ صوبيدار کي وراڻيائين: ”سائين! اهو ڪوڙ آهي، اصل ۾ رئيس پيرل....“
    ”خبردار! جي رئس جو نالو به زبان تي آندو اٿئي ته زبان پٽي ڪتن کي کارائيندو سانءِ.“ صوبيدار، رئيس پيرل جو نانءُ کڻڻ تي اُڀامي پيو هو. مٿس لتن، مُڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا ڪري ڏنا هئائين.
    سندس سڀ گس بند هئا. صوبيدار چئي ڇڏي هوس ته جيستائين ”تون اها ٻولي نه سکندين، تيستائين روز مرندين ۽ جيئندين.“
    تصور ۾ پنهنجي زال جو روئيندڙ چهرو ڦري آيس. ٻنهي جي لاءِ سندن ڌيءَ ئي ته ڪُل ڪائنات هئي. هاڻي ته هوءَ به بگهڙن جي وراڪي ۾ آهي. پنهنجي دُکي زال جي واهر به ته ڪيئن ڪري؟! ملاقات به ته بند هئي.
    پنهنجي نياڻيءَ تي الزام عائد ڪرڻ سندس وس ۾ نه هو. هو ته لاش ڇڏي، انصاف جي پيرن پويان ٿاڻي تي پهتو هو. ان کان اڳ رئيس جي ڪمدار ڳوٺ ۾ اها ڳالهه هُلائي ڇڏي هئي ته، ”ڦتوءَ پنهنجي ڌيءَ کي ڪاري ڪري ماريو آهي ۽ ٿاڻي تي پيش ٿيو آهي. هونئن به رئيس جي ڪمدار جي هلايل ڳالهه کان انڪار ڪرڻ وارو اڃا ڪو ڄائو ئي نه هو.
    رات جي آخري پهر ۾ ٻن سپاهين وري لاڪپ کوليو ۽ کيس وارن مان جهلي، گهليندي ٿاڻي اڳيان بيٺل وڻ سان ٻڌائون. ٻئي ڪپڙا لهرائي هڪل ڪيائونس:
    ”اڙي لوسي! زبان ڦيرائين ٿو يا اڃا دماغ ۾ هوا اٿئي؟!“
    سندس دل جي ڌڪ ڌڪ وڌڻ لڳي ۽ اکين مان جَر وهڻ لڳس. نيم سڪتي ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. هڪ سپاهي اڳيان وڌي سندس پويان ويهڪ واري جاءِ ۾، نه ڄاڻ ڪهڙي شيءِ وڌي جو کانئس رڙيون نڪرڻ شروع ٿي ويون. سڄي جسم ۾ زهر ڦرندو محسوس ڪيائين. رڳ رڳ ڦونڊجي ويس. تيستائين ٻئي سپاهيءَ مٿس سنهي بيد مان ٺهيل لڪڻ سان اچي ورتس. پيڙا ۾ پڄري اٿيل سڄو جسم وسامي ويو. وات مان رت وهڻ لڳس ۽ بيهوش ٿي ڪري پيو.
    اک کليس ته ڪچڙي منجهند هئي. مٿي ۾ شديد درد هئس. هڏ هڏ ڏکي رهيو هئو، سڄو جسم سُڄي پيو هئس. جسم چورڻ به ته هن لاءِ وڏي مشڪل هئي. ڪالهه کان ڪجهه به نه کاڌو هئائين ۽ اُڃ به شديد ٿي ويس. اکين اڳيان اونداهي محسوس ٿيڻ لڳس. تصور ۾ پنهنجي پياري نياڻيءَ جو بي ڪفن لاش ڏٺائين، جنهن کي ڳجهون چيري ۽ ڦاڙي رهيون هيون. جوڻس اڪيلي، لوڙهي ٻاهران وار ڇوڙي، پار ڪڍندي محسوس ٿيس. ڪير به ته سندس واهر ڪرڻ وارو نه هو. انصاف جي پيرن ۾ زنجير پيل ڀانيائين. وحشت جي اڙانگي سفر ۾ هو اڪيلو ۽ بيوس هو. کيس بگهڙن چوڏسا گهيري ورتو هو ۽ سندس زبان بي آواز بنجي ويئي هئي.
    ”جيسين ٻولي نه ڦيرائيندين، روز مرندين ۽ روز جيئندين.“ هو رهزنن جي ڌمڪيءَ کان ڊڄي ويو! ڇا ڪري؟ ڪيڏانهن وڃي؟ ٻي ڪا واهر به ته نه پئي سُجهيس. بگهڙن جي واڙي مان، سنگينن سامهون، کيس ڀڄڻ به مشڪل نظر آيو. پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون به ته لڳس هئس.
    هو سوچڻ لڳو: ”پنهنجي ڌيءَ سان...! ڪاريءَ جو الزام.“ هو اندر ئي اندر ۾ روئڻ لڳو. نڙيءَ ۾ ٻاٻرا ڪنڊا چڀڻ لڳس. گهڻو ئي سوچيائين- لڇيو ۽ ڦٿڪيو.
    ”جهڙيءَ طرح رهزن چون ٿا، ائين چوڻ سان، ڇا کيس ڇوٽڪاري جو رستو ملي ويندو؟؟“ ذهن ۾ سوچن گس ڳولڻ شروع ڪيا.
    ”ڌيءَ.... عزت لٽڻ... قتل ڪرڻ!“ ڪنڌ کي جهٽڪو ڏيئي، لفظن جي تصور کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين.
    ٿي سگهي ٿو ته ڪورٽ ۾ کيس انصاف ملي. چالان ٿيڻ کان پوءِ ته جج جي اڳيان سچي روئداد ۽ اصل حقيقت بيان ڪري ٻڌائي سگهجي ٿي! هو اميد ۽ انصاف جي پيرن جا نوان نشان ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    ”پر هتي هنن رهزنن جو گهڙيل ڪوڙ ڳالهائي پوءِ ئي ته اهو گس وٺڻو پوندو نه“ ”نه! نه... مان ائين نه ڪندس.“
    ”توکي ائين ڪرڻو پوندو!“ ضمير ۽ سوچ جي جنگ ڇڙي پئي.
    نيٺ ضمير شڪست کاڌي ۽ هن، انصاف ملڻ جي آسري ۾ ويڙهجي پاڻ کي ٿاڻي جي زبان ٻولڻ لاءِ تيار ڪيو.
    شام ٽاڻي صوبيدار وٽس آيو ۽ ساڳين لفظن سان مخاطب ٿي رڙ ڪيائين:
    ”جوءِ جا... ڪيسٽ بدلي ڪئي اٿئي يا اڃا...!!!“ هو نه چاهيندي به چئي ويٺو: ”سائين! جيئن اوهان چوندا ائين ئي ٿيندو.“
    ”ها! او اِها واٽ جهل! نه ته تون جهڙو ڄائو ئي ڪونه هئين!“ صوبيدار ٽهڪ ڏيئي سپاهيءَ کي اشارو ڪيو، جنهن کيس پاڻيءَ جو گلاس ڀري ڏنو ۽ پاروٿي مانيءَ جو ڳڀو کارايائينس.
    سج لهڻ کان اڳ کيس هڪ ڪمري ۾ آڻي، ڪُرسيءَ تي ويهاريو ويو، جتي صوبيدار کان سواءِ ٻيا به ست اٺ ڄڻا ڪُرسين تي ويٺل هئا. هن کي هٿڪڙيون لڳل هيون. ويٺلن مان هڪ نوجوان کانئس سوال پڇيو:
    ”تون پنهنجي ڌيءَ سان ڪارو منهن ڪندو رهيو هئين، ته پوءِ قتل ڪرڻ جو ڪهڙو جواز هو؟“
    ”بدناميءَ کان بچڻ لاءِ خون ڪيو اٿس.“ صوبيدار اڳرائي ڪري جواب ڏنو.
    ان وچ ۾ هڪ شخص اُٿيو ۽ ڪئميرا سان سندس ٻه ٽي فوٽو ڪڍيائين. صوبيدار سڄي واردات تفصيل سان ٻڌائيندو رهيو. اتي ويٺل اُهي اجنبي شخص الائي ڇا لکندا رهيا ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪري سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو. ان کان پوءِ کيس ٻيهر لاڪپ ۾ واڙيو ويو.
    ٻئي ڏينهن کانئس هڪ پني تي صحيح وٺي، سينٽرل جيل اُماڻيو ويو. ٽي ڪالمي خبر ۾ اخبارن لکيو:
    ”وحشي پيءُ هٿان پنهنجي نوجوان ڌيءَ قتل... جوابدار ٿاڻي تي پهچي پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو. ملزم ڪيترن ئي مهينن کان پنهنجي جوان ڌيءَ سان لڄالٽ ڪندو رهيو هو. حمل ٿيڻ کانپوءِ بدناميءَ جي ڊپ کا کيس قتل ڪيائين. جوابدار جو صحافين آڏو بيان. پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ چئن مهينن جي حمل جي تصديق. جوابدار تي قتل ۽ زنا جو ڪيس داخل- ملزم جيل حوالي.“ ان خبر سان گڏ سندس فوٽو به شامل هو.
    اهڙي خبر جڏهن اخبارن جي زينت بڻي، تڏهن ماڻهو توبهه توبهه جا ورد ڪرڻ لڳا. ڪنهن قيامت جي نشانين ۾ شمار ڪيو ته ڪنهن وري انسانيت، حياءَ ۽ شرم جي پڄاڻيءَ تي ڳالهيون ڳاهڻ شروع ڪيون. ڪِن وري ڏانهنس ٿڪ لعنت جو انتساب ڪيو!
    چالان ٿيڻ کان پوءِ کيس ڪورٽ ۾ گهرايو ويو. کيس آسرو ٿيو ته هو ڪنهن طريقي سان ڪو وڪيل هٿ ڪري، اصل حقيقت پڌري ڪندو. کيس پڪ هئي ته جي پوليس ظلم جو نالو آهي، ته عدالت ٺوس انصاف ڪندي.
    ٻيءَ شنوائي تي سندس زال ملاقات لاءِ آئي، ته اکين مان ڳوڙها وهي پيس ۽ جيءُ جهيرون ٿي پيو هوس. ظلم جي انتها جي ڪري، لفظن جا هڙئي گس بند ٿي ويا هئا. سندس زال جو پنهنجي مظلوم مڙس جي وجود کي لوهي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسي، اندر اُجهامي ويو هو. نيڻن ۾ ڀريل بادل، بي انت وسي پيا هئا. زبان درد جي چادر ۾ ويڙهجي، لفظ اوتيندي اٿلي پئي هئي. پر ڇا پُڇي؟ درد جي انتها جي ماٺار لاءِ جوڻس پلو ۾ ٻڌل ماني ڇوڙي ڏانهنس وڌائي ۽ ڀريل لهجي ۾ لفظ اوتيا:
    ”مومل تي ته ناحق ظلم ٿيو پر پاڻ به گهاڻي ۾ آهيون. ڪير دانهن ٻڌڻ وارو به ڪونهي. وڏيرو ڌمڪيون پيو ڏي ته مون ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي، ته اهو مون کي به مارائي ڇڏيندو. آئون ته تنهنجي آسري جيئري آهيان. من تون ڪڏهن ڇٽي پوين!“
    تڏهن هن پنهنجي محبوب زال ڏانهن ڀرپور نظرون کڻي ڏٺو هو، جنهن جي اکڙين جا سمورا بند هِن جي دکي زندگيءَ ۾ سک جي آسيس ڪاڻ اڃا تائين مضبوطيءَ سان ٻڌل هئا.
    جوڻس آٿت ڏنس: ”تون گهٻراءِ نه، گهر ۾ بيٺل اڌياري مينهن لڪ چوريءَ ۾ سودي، تولاءِ هڪ وڪيل ڪيو اٿم. آس اٿم ته انصاف ضرور ملندو.“
    زال جي ڏڍ هن جي زندگيءَ ۾ صبح جي ٿڌي هير جهڙا جهوٽا آڻي ڇڏيا. موڪلاڻيءَ سمي زال مڙس ٻنهيءَ جي اکين ۾ سوين سوال هئا. نيڻن ۾ اميدن ۽ آسن جون سيجون وڇايل هيون، جن تي انصاف جا ستارا ٽاڪيل هئا.
    جڏهن رئيس پيرل خان کي مخالف وڪيل جي خبر پئي ته باهه ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته مخالف وڪيل، ڪيس جي جواب ۾ اصل مجرم رئيس پيرل خان کي ڄاڻايو هو. ان کان پوءِ ساڻس جيل ۾ به ويل ويهڻ شروع ٿي ويا.
    رئيس پيرل خان مخالف وڪيل کي پاڻ وٽ گهرائي، لکين روپين جو سودو ڪيو، ويڪائو وڪيل پيسن عيوض هن جي حق ۾ اٿندڙ قانوني پوائنٽون کڻڻ بجاءِ، آڏا اُبتا دليل ڏيئي سندس ڪيس ڪمزور ڪري ڇڏيو. هن کي ته ڪورٽ ۾ ڳالهائڻ به نه ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته وڪيل ڀرپور يقين ڏياري ماٺ ڪرائي ڇڏي هئي ته جج جي اڳيان صرف سندس وڪيل کي ئي ڳالهائڻو آهي، هو صرف ”ها“ يا ”نه“ ۾ جواب ڏيئي سگهي ٿو. کيس ڪهڙي ڪل ته وڪيل ساڻس ويساهه گهاتي ڪري رهيو آهي. ڪورٽ ۾ ٻنهي وڪيلن جو، انگريزي ٻوليءَ ۾ دليل ڏيڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڪري به کيس ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيو، پر پوءِ به پڪ ڀانيائين ته ساڻس انصاف ٿيندو. ڪيس جي فيصلي اچڻ واري ڏينهن هو الائي ڇو مطمئن هو، ته اڄ هو آزاد ٿي ويندو ۽ انصاف جو علم ستن آسمانن کان به اوچو ٿي لهرائيندو. اُن ڏينهن سندس دل جي ڌڙڪڻ وڌي ويئي.
    جج فيصلو ڏنو ته: ”ملزم تي زنا بالجبر ۽ قتل ڪيس ثابت ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس ٽي دفعا موت جي سزا ڏجي ٿي. ان سان گڏوگڏ کيس ڏهه لک روپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻو پوندو.“
    هو ڪيس جو فيصلو ٻڌي سڄو هارجي ويو. اميدن جا سمورا پکي ڀڙڪو ڏيئي، ڪنهن اڻڄاڻ ڏيهه ڏانهن اُڏامي ويا. سندس من اندر دکن ۽ پيڙائن جو بي انت سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو.
    ڦاسيءَ کان ڪجهه پهر اڳي سندس زال مُنهن ڏسڻ آئي. ٻنهي هڪٻئي جي اکين مان مظلوميت جا ڪئين سوال ڳولهي ورتا، زبان بجاءِ نيڻن ڳالهايو. دکن جي ديس ۾ ڦٽندڙ ٻاٻرن ڪنڊن جي چُڀڻ جو احساس، شديد تر بنجي ويو. ٻنهيءَ جي ڳلن تي ڳوڙهن جون لارون هيون. انصاف جون سموريون سرحدون پيسي ۽ ظلم جي زنجيرن سان جڪڙيل هيون. کين ٿاڻا، ڪورٽون، جيل، قانون ۽ انصاف سڀ ڍونگ ۽ ڏيکاءُ نظر آيا، جن ۾ انساني روپن ۾ خونخوار درندن جو راڄ هئو. زال ۽ مڙس ارمانن جا انبار کڻي هڪٻئي کان موڪلايو.
    ٻئي ڏينهن رات جي پڇاڙڪي پهر ۾، کيس ڦاهي تي چاڙهي سندس روح جسم کان جدا ڪيو ويو. هن جو مظلوم روح وجود مان آزاد ٿي، آسمان جي وسعتن ۾ ته اُڏامي ويو، پر سندس بي نور اکين ۾ اٽڪيل هڪ سوال اڃا به باقي هو، جنهن کي پڙهڻ جي قابل هتي ڪوبه نٿي سُجهيو!
    ***


    زندگيءَ جي ٽاريءَ مان ڇڻيل ٻه پَن

    اڌ رات ٽاڻي لَين جي جهُنڊ ۾، ڪرڙن جي اوٽ وٺي، وڍيل ٻٻر جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي، بادل ڪنهن جي اچڻ جو اوسيئڙو پيو ڪري.
    بُت ۾ ڀريل، ويڪري ڇاتي، گهاٽيون مُڇون، همت ڀريو جوان اکين مان جوالا پئي وسيس، ڪهاڙيءَ جي ڳن کي زمين تي کوڙي پهي تي ٻئي هٿ هڪٻئي مٿان رکي، ڄاڙي ٽيڪي، ٿڌو ساهه ٿو کڻي. هڪ هڪ پل، صدين جو سفر ٿو ڀاسيس، گهڙي گهڙي گهاوَ ٿا پوَنس. تارن جي ڇڻندڙ ڇاٽ ۽ ڏکڻ جي گهميل هوا ۾ سندس چهري تي انتظار جي پيڙا، ڪنهن جانور جي هلڪي کڙڪي تي ڪنائي ٿو ۽ ڪي پل هو، ائين سوچ جي پنجوڙ ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو.
    سڪينه سندس ساهه جي ڏوريءَ ڪاڻ وڏي وٿ. هُن بنا، پاڻ بنهه اڌورو ۽ ويڳاڻو لڳندو آهي.
    جڏهن کان سندن نگاهون، ساوڻيءَ مينهن جي وِجھن جيان هڪٻئي تي ڪريون هيون ۽ اکين ئي اکين ۾ هو، هڪٻئي جي دل ۾ اوتجي ويا هئا تڏهن کان سندس جيون هڪٻئي جي ارپنا بنجي ويو هو.
    ۽ پوءِ جڏهن لوڪ لکا پيئي، ته سندن ڳالهيون ان جي کري جيان ڳاهجڻ لڳيون ۽ گُٿن لفظن جي مهري، وڇوڙن جا تُهه اُڌڙڻ لڳي.
    نيٺ نياپن ۽ نگاهن کين هن هنڌ اچي بيهاريو هو، جتي اماوس راتين جي ڀاڪر ۾ هو هڪٻئي ملي، جدائيءَ جي خزائن کي شڪست ڏيندا آهن.
    بادل سوين سعيا ڪيا، هزارين حربا هلايا سڪينه جي سڱ وٺڻ ڪاڻ پربي سود!
    ماڻس ۽ پڻس کي ڪيترو زور ڀريو هوس، پر سماجي رواجن جي ڌپ ۾، ڌاريائپ ۽ بدي جي رسم کي ڌڪي ڪونه سگهيو.
    هو ٿڌو ساهه کڻي وري ڪنائي ٿو پر ڪٿان به ڪو آواز ڪنين ڪونه ٿو پئيس.
    سڪينه جو تصور اکين ۾ آڻي، هو ڇپر بند ٿو ڪري.
    خماريل نيڻ، ڊگهي ڳچي، ڪرڙن جي پسيءَ جهڙا ڳاڙها ڳل، ۽ اُٿندڙ ڪنواري جوانيءَ جو هڳاءُ.
    ”ڪاش! جيڪر سڪينه سندم ڪنوار جو روپ ڌاري اچي، ته مان ڪيڏو نه خوش ٿيان...!“
    پر اهو ناممڪن هو. هو سوچي ٿو: ”ڀڄائي وڃانس.“
    ڪيڏو نه گٿو لفظ ڪڍيو آهيس ڀڄائي وڃڻ جو سو به سڪينه لاءِ....!
    باٻارا ڪنڊا ٿي ٿا چڀنس اهي لفظ، ڀانيائين ته زبان پاڙان پٽي اڇلائي ڇڏي.
    سڄي زندگي ماڻهن جا مهڻا ۽ طعنا وسندا آهن ڀڄي وڃڻ وارين تي.
    ”هوءَ ته منهنجي سِر جي سانئڻ آهي، ڇو کيس سڄي ڄمار لاءِ اهو داغ لڳي.“
    ”نه نه! مان ائين نه ڪندس.“ هو ٿڌو ساهه ڀري، تارن جي اجرڪ ۾ ويڙهيل نڀ ڏانهن نهاري ٿو ۽ اکين جا ڀرون مٿي ڇڪي هڪ گهري سوچ ۾ ٻڏي ٿو وڃي.
    محبتون، چاهتون، قرب، سونهن ۽ جواني، ڪيڏيون نه بي ملهيون وٿون آهن! لعنت هجي ان سماج تي، جيڪو انهن شين جو قدر ته نٿو جھاڻي، پر ماڳهين، رواجن ۽ غيرتن جي بٺي ۾ ڌڳي ٿو.
    بڪواس ٿو لڳيس هي معاشرو.
    خار مان ڪهاڙيءَ کي زمين تي هڻي، ٻئي هٿ زور سان ڳن ۾ کپائي، هيٺيون چپ ڏندن ۾ پڪوڙي طيش ۾ ڀرجي وڃي ٿو.
    سوچي ٿو: ”راجن جي رواجن ۾ ڦاٿل سندم سر جي سانئڻ، هٿن تي ميندي لائي، کهنبا ويس ڍڪي، ونيءَ جو روپ ڌاري منهنجي گهرجي چانئٺ ٽپي نٿي سگهي ته به لوڪ ستي، سهڻيءَ جيان اماوس راتين ڌارن، کليل هوائن جي سرگم ۾ مون سان ملي ته سگهي ٿي.“
    رات- سانت – پيار جي رڌم تي ڇڙندڙ هوريان هوريان مٺين ڳالهين جا سُر- چپن ۽ چمين جا ٺاٺ ڀاڪرن ۽ بدن جون سرگوشيون – تنهن سمي ڪيڏو نه مٺو سنگيت پيدا ٿي پوندو آهي! ٿڌو ساهه ڀري، پنهنجي پرين جي اچڻ واري واٽ ڏانهن نهاري ٿو.
    ”ڳچ ويل گذري ويئي آهي هوءَ شايد اڄ نه ايندي....!“ اندر ۾ اُڻ تُڻ اوتجي پيس.
    ”نه نه، هوءَ ضرور ايندي. چاهتن مند سمي، پيار جون پوکون ڪندڙن لاءِ تار لوڙها ڪوٽ، پنهنجي معنيَ وڃائي ويهندا آهن.“ هو اسرن جي استان تي اُڻ تڻ اڇلائي ٿو. ڪي پل هو ائين سوچيندو رهيو. اندر ۾ آڙاهه ٻرڻ لڳس. ائين ڀاسيس ڄڻ نڙيءَ جي اندر ڪاڪڙو، تتل تند بنجي کيس ڏنڀي رهيو هجي.
    وصل جي ننڊ ڪاڻ، اوسيئڙي جي اوجاڳي ۾ تڙپڻ، ڪيڏو نه اذيتون ڏيندڙ آهي! قدمن جي آهٽ تي هو ڇرڪ ڀري پوئتي نهار ڪري ٿو.
    اوسيئڙي جو هر پل ڀڄي ۽ ڀُري پيس. انتظار جي آڙاهه مان گذري آيل سندس وجود تي ڄڻ ساوڻ جي مند سمي، آگم ٿيڻ کان پوءِ برکا برسي پئي هجي.
    ڪي ساعتون هو ايئن سڪينه کي گهوريندو رهيو. ۽ پوءِ کيس سجدو ڪري، هٿ ٻڌي، ڪنڌ جهڪائي بيهي رهيو.
    سڪينه هٿ وڌائي سندس وکريل وارن تي آڱرين سان ٿڌڙا ڪڍيا.
    ”خاموش ڇو آهين بادل؟!“ سڪينه جي زبان مان سنگيت ڦٽي نڪتو.
    ”جيسين ڳالهائڻ جو حڪم ٿئي، تيستائين سندم زبان بند ۽ ڪنڌ جهڪيل هوندو.“ وراڻيس.
    ”ڪڏهن محبتون ايئن به ٿيون آهن؟“ سڪينه يار مان پڇيس.
    ”ها سانئڻ! اسان جو چاهتون ۽ پيار، رواجي نه آهن اسان هڪٻئي کي پوڄيون آهي ۽ اُها پوڄا محبت جو معراج آهي جنهن کي ماڻڻ لاءِ اسان تي اها عبادت فرض آهي.“
    ”تون مون کي ايڏو ڇو پوڄيندو آهين؟ ڄاڻ به اٿئي ته مان نظرداريءَ جي نيئرن ۾ جڪڙجي وئي آهيان ۽ ڪنهن به وقت سماجي ذلتن جي گهاني ۾ پيڙجي مري سگهان ٿي.“
    ”ڄاڻ اٿم ته مون اهي نيئر ٽوري، سر تان سانگو لاهي به مون وٽ ايندي اَهين، تڏهن ئي ته مان توکي پوڄيندو آهيان.“
    ”مان ان پوڄا جي لائق ئي ناهيان بادل!“
    ”نه سڪينه! سچ پڇين ته اهوئي عبادت جي لائق آهي. جيڪو بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي پنهنجن گهرندڙن ۽ چاهيندڙن اڳيان حاضر ٿيئي!“
    ”تون چريو آهين بادل!“
    ”جڏهن محبوب جي سونهن ۽ جوانيءَ جي عبادت لاءِ جهڪي وڃبو آهي، تڏهن چريائپ جي حد به اورانگي وڃبي آهي!“
    ۽ پوءِ ڪئين پل هو، هڪٻئي سان جڪڙجي ويا. ٻانهون ڳچيءَ جو هار بنجي ويون. ڳلن جي آڪاش تي چُمين جا پکي پرڙا هڻندا رهيا. زلفن جون ڊگهيون چڳيون، نانگن جيان چاهتن جي بينن تي نچڻ لڳيون، اکڙيون اکڙين سان مليون، چپن جون چانڊوڪيون امرت اوتڻ لڳيون، سڄي ڪائنات رقص ڪرڻ لڳي. ليا ۽ ڪرڙ، ڏکڻ جي گهميل هوا ۾ هڳاءُ پکيڙڻ لڳا. ڪيتري دير تائين هو، ايئن چاهتن جا تهجد پڙهندا رهيا.
    اماوس رات، پرهه جا سانباها ڪرڻ لڳي.
    ”متان ويو آهين لوسيءَ!“ اوچتي هڪل سان ڪهاڙي رانڀاٽ ڪندي، بادل جي ڪنڌ کي لاهي ڇڏيو.
    بادل هڪ هلڪي دانهن ڪري وڇائجي ويو.
    نينهن جي نشي ۾ بي سُرت سڪينه، جيسين سامت ۾ اچي، تيستائين ڪهاڙيءَ جو ٻيو وار سندس مٿي کي چيريندو، ٻٻر جي ٿڙ کي وڃي لڳو.
    محبت جي رياض سمي، رواجن جي خزائن هٿان لوساٽيل ٻه پن، زندگي جي ٽاريءَ مان ڇڻي پيا ۽ سماجي غيرت هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، جنهن کي ٽهڪ ڏيندي صديون گذريون آهن پر اڃا تائين کيس ڪير به روڪي نه سگهيو آهي.
    ***


    شڪاريءَ کي روڪيو!!

    ڪمري اندر سونهري رنگ جي جهيڻي روشني، فرش تي نرم ۽ قميتي قالين جو تهه، رنگين شيشي جون المونيم دريون، درين تي رقص ڪندڙ خوبصورت رنگين پردا، ايئر ڪنڊيشنڊ هوا جي ٿڌاڻ، ڪمري جي ديوارن تي کاٻي پاسي کان شينهن ۽ چيتي جون پينٽ ٿيل تصويرون، ساڄي طرف کان گهوڙن جي ڊوڙ جو عڪس. ڪنڊ کان اسٽائيل سان رکيل ڪٻٽ، رنگين ٽي وي، سي ڊي پليئر ۽ ان کان سواءِ آڊيو وڊيو جا مختلف آئٽمز، عمدا گلدستا، صوفا سيٽ ۽ ٽيبلون وغيره.
    ڪمري اندر عمدي پرفيوم جي خوشبوءَ، موسيقيءَ جي هلڪي ڌُن، ساڄي ڪنڊ کان خوبصورت ڊبل بيڊ جي ڀرسان رکيل ٽيبل تي ٽيليفون سيٽ ۽ ايش ٽري، جنهن ۾ سگريٽن جا مروڙيل اڌڙ، خالي پيل شيشي جا گلاس، ٻه وسڪيءَ جون بوتلون، جن مان هڪ خالي ٿي ويل، ان کان سواءِ ڊبل بيڊ تي خوبصورتيءَ سان وڇايل عمدي ڪاٽن جي چادر ۽ نرم وهاڻا، جن سان گڏ چرپر ڪندڙ ٻه جسم.
    ٿڌا ساهه....سُرٻاٽ...۽ هلڪيون ۽ سرگوشيون.
    ”ڊارلنگ!“
    ”هون!“
    ”چپ هيڏانهن ڪر!“
    ”اون هون!“
    ”ڇو....؟!“
    ”سگريٽن جي ڌپ نٿي وڻي.“
    ”ڀلا مان....؟“ هڪ سوال.
    ”....!“ خاموشي.
    ”ڀاڪر وجهه!“
    ”نه......!“
    ”ٿڪجي پئي آهين؟!“
    ”نه.“
    ”ٻيو پيگ ٺاهيون؟!“
    ”ضرورت ڪانهي.“ رکائيءَ مان جواب.
    ”مون ڏانهن ڏس!“
    ”.....“ خاموشي- اکيون بند.
    پل لاءِ سانت.... بيڊ تي ڀاڪرن ۾ ويڙهيل ٻه اگهاڙا جسم.
    ڪمرو ٽهڪ ٿو ڏي، چيتي جي تصوير چينگهاڙي ٿي. شينهن، شڪارکي چنين، ۾ سوگهو بيڊ ڏانهن گهوري رهيو آهي. مهانگي پرفيوم جي خوشبوءِ تبديل ٿي رهي آھي. وسڪيءَ جي باقي رهيل بوتل، خالي گلاس سان مخاطب آهي.
    وارن جي چڳ مضبوط هٿ ۾ ڀڪوڙيل... ڀاڪر وڌيڪ سوڙهو. هلڪي سرگوشي.
    ”چپن جا بند کول!“ التجا.
    ”......“ موٽ ۾ خاموشي.
    ”ناراض آهين!“
    ”نه.“ مختصر جواب.
    ”پوءِ ڳالهائين نٿي؟!“ نماڻا لفظ
    ”تون منهنجي ڳالهه نٿو ٻڌين....!“ سُرخيءَ ۾ ويڙهيل گلابن جي حرڪت.
    ”ڪهڙيءَ!؟“
    ”وساري ڇڏيئه!!“
    ”ياد ڏياريانءِ؟!“
    ”ها.“
    ”مان جنهن آفيس ۾ ڪم ڪندي آهيان، اُتي آفيسري کپي!“
    هڪ هلڪو ٽهڪ.... ۽ ڪارا چپ گلابي رخسارن تي وڇائجي ٿا وڃن. گهُٽيل لفظ ٻاهر ٿا نڪرن:
    ”اُها ته معمولي ڳالهه آهي!“
    ”پوري به ڪندين يا؟!“ غير يقينيءَ ۾ ڦاٿل هڪ سوال.
    ”تون به واعدو ڪر!“ ريشمي ڄار اُڻڻ جو هڪ گس، واعدي وٺڻ ۾ ڦاسي ٿو پوي.
    ”ڪهڙو....؟“ گلابي چپن ۾ تجسس ۽ حيرت گاڏڙ سوال.
    ”جوان جسم ۽ رنگين راتين جي پورائي....!!“ جملو اڻ پورو ڇڏيل.
    ”مان جو آهيان!“ هڪ بي حجاب آڇ.
    ”اهو ته وڏو رسڪ آهي، مان اڪيلي سِر...!“ نسواني ڊپ، پاڻمرادو لفظ اڌ ۾ ڇڏائجي ويندڙ.
    هڪ وڏو ٽهڪ – بيڊ تي اڇل مضبوط هٿن جي حرڪت سان گشت ڪندڙ جملو:
    .تون ڪوبه الڪوو نه ڪر، مان ويٺو آهيان، هن سماج ۾ آخر منهنجي به ڪا حيثيت ۽ طاقت آهي. تنهنجو ته ڪير وارو به وِنگونه ڪري سگهندو....!“
    يقين جو ڀرم وڌي وڃي ٿو. گلابي چپن تي مرڪ جا پکي لهي ٿا پون. ڪمري اندر هلڪي موسيقيءَ جي ڌن خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ بيڊ تي چرپر وڌي وڃي ٿي.
    پل لاءِ سانت..... نشي ۾ وسامي ويل پوڙها طاقتور هٿ ٽيبل تي پيل ٽيليفون ڏانهن وڌن ٿا، ۽ فون ڏڪي ٿو.

    *****

    آفيس جي ماحول ۾ موت جو راڪاس، سڄو اسٽاف هراسيل، ڊپ ۽ حيرت گاڏڙ نگاهن سان هڪ ٻئي کي اشارا. آهستگيءَ سان گفتگو. ڪال بيل جي رڙ تي تيز قدمن سان ميڊم ڏانهن ڊوڙ. ٽائيپنگ مشين جي اکرن تي تيزيءَ سان حرڪت ڪندڙ آڱريون، فائيلن جي ڏي وٺ ۽ هلڪيون سرگوشيون.
    ”ڪوبه وقت تي آفيس نه پهتو ته برطرف!“ ميڊم جو حڪم.
    ميڊم جي آفيس ۾ پهچڻ تي سڄي اسٽاف کي اُٿي بيهڻو آهي. سلام ڪرڻو آهي، ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري ڳالهائڻو آهي. نظم و ضبط جاري.
    ”ها ته ناانصافي چئبي!“ اسٽاف جي پاڻ ۾ گفتگو.
    ”پاڻ کي ته نوڪري ڪرڻي آهي، ڏکي يا سکي!“ هڪ صلاح
    ”پر هن ميڊم ۾ ته ڪا اهليت به نه آهي!؟ هڪ عجيب سوال.
    ”مٿان کان مقرر ڪيو اٿن، اثر رسوخ رکندڙ آهي. ڀلا پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهيون؟!“ حيرت ۾ ويڙهيل جملي ۾ افسوس جو اظهار.
    ڪال بيل جي رڙ تي خاموشي، پٽيوالي جي ڊوڙ.
    ”فوري طور فيميل اسٽاف جي ميٽنگ گهراي وڃي!“ ميڊم جو حڪم. سرڪيولر جاري.
    بند هال ۾ ميٽنگ شروع....ميڊم جا ٻٽا رويا، خوبصورت هرڻين جي تلاش....ريشمي ڄار جو وڇائجڻ.

    ****

    ساڳيو ڪمرو ۽ اڌوڙٽ جسم بيڊ تي ليٽيل، هرڻي ڄار ۾ ڦاٿل ڄار جون ڳنڍيون کُلن ٿيون.
    ”سائين! هي آهي مس عذار، جنهن کي انڪوائريءَ دوران نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو هو. اهي اوهان جون مهربانيون آهن، جو ٻيهر کيس نوڪريءَ تي بحال ڪيو ويو آهي.“
    بليڪ ميلنگ جي انتها تي، درين تي لهرائيندڙ ريشمي پردا ڪنبن ٿا.
    ڪمري ۾ شيطاني مرڪ بيڊ تان اڏامي، ميڊيم سان گڏجي آيل مس غدرا جي خوبصورت چهري تي نچڻ ٿي لڳي.
    خوبصورت عقابي اکيون، ڊگها ڪارا وار، بيد جهڙي سنهي چيلهه،
    ڊگهي ڳچي، سنها گلابي چپ، جاڙا ۽ گهاٽا ڀرون ۽ ڇاتيءَ جا خوبصورت اُڀار!
    مس عذرا حيا ۽ شرم ۾ ويڙهجي اکين کي هيٺ جهڪائي، هراسجي ٿي وڃي. اڌڙوٽ جسم تي شينهن جي چرٻي چڙهيل، بصي صبري وڌي ٿي وڃيس. اکين ۾ خونخوار رت جا ڏورا رت جا ڏورا وسڪي جي کيپ ۾ ٻڏل، شهپر ڦڙڪن ٿا ۽ ڪارن چپن ۾ هلڪي لرزش وڌڻ ٿي لڳي. ميڊم شينهن جي بيقراريءَ کي تاڙيندي ڪمري مان نڪري وڃي ٿي.
    هرڻي اڪيليءَ شينهن جي چنبن ۾ ڦاٿل، ديوار تي پينٽ ٿيل چيتي جي تصوير چينگهاڙي ٿي. پرفيوم جي خوشبوءِ خون جي بوءِ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. موسيقي، ماتمي ڌن ۾ جهيڻي ٿيندي وڃي ٿي.
    هڪ هلڪي سرگوشي، اون هون!...نه نه!“
    پل لاءِ سانت! شينهن تي نشي جا کيپ وڌڻ لڳن ٿا. ۽ هو گجگوڙ ڪري بيڊ تان اُٿي ٿو.
    بيڊ تي زلزلو!!
    هڪ اُڇل. ٻي اُڇل!!
    بيڊ جي چادر مروڙجي هيٺ ٿي ڪري.
    هرڻي جون ڇالون، شينهن جا سوگها چنبا، آنڌمانڌ ۽ پاڻ ڇڏائڻ جا جتن.
    عقابي اکين مان پاڻيءَ جا نيسارا، لوڇ پوڇ. پلاند- ٻچن جا واسطا – قسم!!
    شينهن جا هانبارا، هرڻي بيوس ۽ بي سڌ، ايئر ڪنڊيشنڊ هوا ۾ گرميءَ جو احساس. بيهوش هرڻي، فرش تي قيمتي قالين جي جهنگ ۾ اگهاڙي ڪريل! شيشي جا گلاس ٽڪرن ۾ ورهايل، گلدستا غمن ۾ ويڙهجي، سجدي ۾ ڪرن ٿا.
    هوس جي پورائي، نشي ۾ وسامي ويل شينهن جا ڏڪندڙ چنبا ٽيليفون ڏانهن وڌن ٿا. فون کي ڪنبڻي وٺي ٿي وڃي!!
    غريب آباد ڪالوني ماڻهن جا هجوم چهرن تي، لهندڙ سج جهڙو زرد منظر غم، غصي ۽ همدرديءَ جو گڏيل اظهار، راتوڪو واقعو چوٻول.
    پاڙي جي شريف نياڻيءَ سان ڏاڍائي، اڻ ڄاتل ماڻهن طرفان کيس بيهوشيءَ جي حالت ۾ گهر اڳيان، اگهاڙيءَ حالت ۾ ڦٽو ڪري وڃڻ!!
    عجيب صورتحال! سندن ڪنهن سان به دشمني نه... والدين جي اکين مان نار ۽ سڏڪا نڙيءَ ۾ اٽڪيل... ماڻهن جون همدرديون.
    اسپتال ۾ لُٽيل هرڻيءَ جو هوش ۾ اچڻ. ميڊيڪل چيڪ اپ، پڇا ڳاڇا ۽ هرڻيءَ جو ڊپ ۽ هراس انهتا تي پهتل ڪجهه به نه ٻڌائڻ پوليس نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ٿي.
    نيٺ واقعي جي ڳنڍ کلي ٿي. ٽيليفون رڦڻ شروع ڪن ٿا. ڪئميرائن جا فليش چمڪن ٿا. اخبارون ٽي ڪالمي خبرن جي هيڊنگس ۾ رڙن ٿيون. ماڻهن جا مظاهرا، احتجاج، بک هڙتالون، اصل جوابدار گرفتار ڪرڻ جا مطالبا. مختلف پارٽيون، تنظيمون ٺهراءَ پاس ڪري نالو چمڪائين ٿيون. اخبارن جا اداريا همدرديءَ طور اهڙي واقعي تي پيٽ ڀرين ٿا.
    هڪ ڏينهن ٻه ڏينهن هفتا، مهينو آخر مان.......! ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي! شينهن ۾ اڃا به شڪار جو خمار اوتيل آهي. ميڊيم جو ڄار ٻيهر پکڙجي ٿو. هوءَ روالونگ چيئر تي ٽهڪ ڏي ٿي. خوبصورت هرڻيءَ جي لٽيل عصمت ۽ ڀيلاڙيل بدن ڪير به موٽائي نٿو ڏي. شايد اهڙو ڪوبه ڪونهي، جيڪو شينهن کي قيد ڪري شڪاريءَ کي روڪي سگهي......!!
    ***


    ٽارچر سيل ۾ رهجي ويل ٽنگون

    ٽرين ڪراچي ڪينٽ تي پهتي آهي. هو به پنهنجو سفري بيگ ڪلهي ۾ هڻي ٻين مسافرن سان گڏ گيٽ ڏانهن وڌي ٿو.
    پليٽ فارم تي ماڻهن جي گهما گهمي وڌي ٿي وڃي. قليءَ اتاولا ٿي سامان کڻڻ لاءِ بوگين ۾ جوهه وجهن ٿا. هو ٽرين مان لهي پليٽ فارم کان ٻاهر نڪتو. ٽيڪسين ۽ رڪشائن وارا کيس پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪنڌ ڌوڻي اشارا ڪري رهيا آهن.
    هن ڪَرائيءَ ۾ ٻڌل گهڙيءَ ڏانهن نهار ڪئي. اڃا اٺن مان پندرهن منٽ گهٽ آهن. کيس نائين وڳي تائين آفيس ۾ پهچڻو آهي. هو آهستي آهستي قدم کڻندو ڪينٽ موڙ وٽ پهتو آهي. چانهه جي ٻاڙ محسوس ڪري، پٺاڻ جي ريسٽورنٽ ۾ گهڙي ٿو وڃي ۽ چانهه جو آرڊر ڏيئي سامهون نهاري ٿو.
    ڪينٽ موڙ وٽان گاڏين جو انبوهه.... ماڻهن جو تيزيءَ سان بسن ۽ ڪوچن ۾ سوار ٿي پوڻ. کيس ڀاسي ٿو: وقت جي رفتار تيز ٿي ويئي آهي. ماڻهن جون عمريون گهٽجي ويون آهن. بيرو چانهه جو ڪوپ سامهون رکي ٿو. هو پنهنجي ساڄي هٿ جو ڏسڻي آڱر ڪوپ جي ڪڙي ۾ ڦاسائي، چپن تائين آڻيندي چانه جا تڪڙا تڪڙا سپ ڀري، خالي ڪوپ ميز تي رکي اُٿي ٿو، ۽ چانهه جو بل ڏيئي ريسٽورنٽ مان ٻاهر نڪري، بس اسٽاپ ڏانهن وڌي ٿو.
    ڪي پل هو بسن ۽ ڪوچن ڏانهن نهاريندو رهي ٿو، ۽ پوءِ ملير ڏانهن ويندڙ هڪ ڪوچ ۾ سوار ٿي ٿو وڃي. ڪوچ هلڻل ڳي ٿي. هن کي سيٽ ملي ٿو وڃي. هو پنهنجي ٿيلهي کي پيرن هيٺان رکي، دريءَ کان ٻهار نهارڻ لڳو آهي. وڏيون وڏيون پلازائون ۽ آفيسون، اکين ۾ کيس چڀي ٿيونو ڃن.
    اوچتو باس جو منحوس چهرو اکين اڳيان ڦرڻ ٿو لڳيس. گذريل هفتي موڪل جي درخواست لکي باس ڏانهن کڻي هويو هو، ته ان چنجهيون اکيون ڪري، ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ٽن ڏينهن لاءِ به مس ڏني هئس، سو به ٻه هفتا کيس منٿون ڪرڻيون پيون هيون. هو ڪروڌ مان ڪنڌ ڌوڻي، باس جي منحوس چهري کي تصوراتي سوچن مان ڌڪڻ لڳي ٿو.
    ڪوچ ملير جي اسٽاپ تي اچي بيٺي آهي. هو پنهنجو ٿيلهو سنڀالي ڪوچ مان لهي ساڄي طرف هڪ روڊ تان هلڻ ٿو لڳي. هتان کان سندس آفيس، صرف ڏهن منٽن جي پنڌ تي آهي، هو پنهنجن سوچن ۾ گم، آفيس ڏانهن هلي رهيو اهي. اوچتو هڪ ڪار زوردار بريڪ سان سندس ڀر ۾ اچي بيٺي. ڪار جي پوئين دروازي مان ٻه ڪلين شيو شخص لهي ڏانهس وڌيا. ۽ کيس کنڀي ڪار جي پٺيئن سيٽ تي اڇلايو. ڪار تيز رفتاريءَ سان روڊ تي هلڻ لڳي ڪار اندر سندس اکين کي مخصوص پٽيءَ سان ٻڌو ويو. اهو سڀ ڪجهه ايترو جلديءَ سان ٿيو، جو کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڳچ دير ڪار هلندي رهي ۽ پوءِ هن محسوس ڪيو ته ڪار آهستگيءَ سان هڪ هنڌ بيهي رهي آهي. ٺڙڪي سان دروازو کليو ۽ هن کي ٻانهن جي ويڻيءَ کان جهلي ٻاهر ڇڪيو ويو. کيس ڪار مان لاهي، ٻن ڄڻن مضبوطيءَ سان سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌا ۽ اڳتي هلڻ لاءِ چيو.
    هو ڪجهه وِکون کڻڻ کان پوءِ ٿڙڻ لڳو. محسوس ڪير ورتائين ته کانئس ڪنهن جڳهه اندر، لهندڙ ڏاڪڻ جون چاڙهيون پار ڪرايون پيون وڃن.
    ڏاڪڻ پار ڪرڻ کانپوءِ سندس هٿ ڇڪي پويان ٻڌا ويا ۽ اکين تي ٻڌل پٽي کولي ويئي، ته هن پاڻ کي هڪ اهڙي ڪوٺيءَ ۾ ڏٺو، جتي اندازن سترنهن ارڙهن ماڻهو فرش تي رت ۾ ليٿڙيل، ڊگها ساهه کڻي رهيا هئا. اهي ٻئي نوجوان واپس ڏاڪڻيون چڙهي مٿي وڃڻ لڳا. هن ڏٺو ته اُها ڏاڪڻ مٿان کان هيٺ ٿي اچي. ڪوٺيءَ ۾ موجود ماڻهن جي جسم تي تشدد جا انيڪ اهڃاڻ ڏسي، هو هراسجي ويو. ڪوٺيءَ ۾ موجود زخمي ماڻهن تي نظر ڪيائين ته سندن منهن تي رت جا لينگها.... سگريٽن جا ڏنڀ.... قميسون ڦاٿل ۽ رت سان داغيل هيون. ۽ اُهي نيم بيوشيءَ جي حالت ۾ ڊگها ساهه کڻي رهيا هئا. سندن اڌ کليل اکين مان موت ۽ زندگي ليئا پئي پاتا. هن ڏٺو ته هڪ ماڻهوءَ جي آڱرين مان رت سمي رهيو هو ۽ سندس ڇڪي پٽيل ننهن، رت ۾ ٻڏل ڀرسان ئي پيا هئا. هن کاٻي ڪنڊ ڏانهن نهاريو، جتي هڪ ننگي عورت اونڌي منهن هانبارا پئي هنيا ۽ سندس نازڪ عضوي مان رت پئي ٽيمو ۽ ڊگهن وارن جون چوٽيون رت ۾ ليٿڙيل هئس.
    کانئس ساهه کڻڻ وسري ويو ۽ دماغ جون رڳون ڦونڊجي ويس. ڊپ مان هڪ جون اکيون ڦاٽي ويون. ڪوٺيءَ ۾ رت ۽ گوشت جي گڏيل بوءِ شدت سان محسوس ڪيائين. فرش تي بجليءَ جون اگهاڙيون تارون، رت ۾ ٻڏل بليڊ، ڪٽر پلاس ۽ ڊرل مشين وکريل ڏٺائين. ساڄي پاسي هڪ ماڻهو آخري پلن جو ساهه کڻي رهيو هو. هن ڏٺو ته سندس اڌ وجود بجليءَ جي شاڪن لڳڻ ڪري سڙيل آهي.
    هاڻي کيس پڪ ٿي ويئي ته هن کي اغوا ڪري ٽارچر سيل اندر آندو ويو آهي، جتي کيس تشدد ڪري ماريو ويندو.
    هڪ گهٽيل ۽ زوردار چيخ تي هن کاٻي ڪنڊ ڏانهن نهاريو. ان ساڳي عورت هاڻي سنئين منهن ڇڙيو پئي هنيون... سندس اُرهه وڍيل ۽ رت هاڻا آهن. پيٽ ۾ نڪتل سوراخن مان رت سان گڏ گوشت ٻيرا ٻيرا ٿي ٻاهر نڪري رهيو آهي. سندس وجود جي رڳ رڳ ڪنبڻ لڳي، ٽنگن مان ست ڇڏائجي ويس. احساس جي شدت مان اکيون پوري فرش تي ڪري پيو.
    قدمن جي آواز تي هن اکيون، ٻه نوجوان ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ڏانهس وڌڻ لڳا. سندس دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي. هڪ ڪلين شيو نوجوان هن جي ڀرسان اچي بيٺو. سگريٽ دکائي ٻه ڊگها ڪش هڻي سندس ڳل تي رکيو. ڏنڀ لڳڻ سان هن ڇرڪ ڀريو. نوجوان ٽهڪ ڏيئي سندس وارن مان جهيل منهن مٿي ڪيو ۽ ٻرندڙ سگريٽ جو ڦلو، سندس اک ۾ وڌو ته پيڙا سندس رڳ رڳ ۾ اوتجي ويئي. ٻيو نوجوان فرش تان بليڊ کڻي هن ڏانهن وڌيو ۽ سندس قميص کي بليڊ سان چيري، ڇاتيءَ تي چهڪ ڏنو ته رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳس. ٽنگون رڦڻ لڳس. ڪلين شيو نوجوان دکيل سگريٽ جو اڌڙ سندس نڪ جي سوراخ ۾ ڦاسائي، ڊرل مشين کنئي، ڊرل مشين ايمبولينس جهڙو آواز ڪندي، سندس گوڏن ۾ سوراخ ڪرڻ لڳي. هو درد جي پيڙاکان ڦٿڪڻ لڳو.مٿو چڪرائجي ويس، سڄي ڪوٺي ڦرندي محسوس ڪيائين.
    قدمن جو آواز تي، کيس ايذاءَ ڏيندڙ پنهنجي ڪارروائي معطل ڪري، ساڪت ٿي بيهي رهيا. جيتوڻيڪ هو پيڙا ۾ ورتل هو ۽ سندس مٿو چڪرائجي رهيو هو، پوءِ به کيس ايتري سرت ضرور هئي ته دهشتگرد هڪٻئي سان ڪهڙي گفتگو ڪري رهيا آهن. سندن هر عمل کي هن سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي.
    هن اندازو لڳايو ته سندس باس وانگر، اهو شايد دهشتگردن جو ڪو باس آهي، جيڪو نوجوان دهشتگردن سان ڳالهائي رهيو آهي.
    ”هيستائين ڪيترن جي انٽري (اغوا) ٿي چڪي آهي؟“ دهشتگردن جو باس، مخصوص لهجي ۾ ڌارينءَ ٻوليءَ ڳالهائي رهيو هو.
    ”ارڙهن انٽري ٿي چڪا آهن سر!“
    ”او ڪي! گهڻن کي ٽڪيٽ ڏياري چڪا آهيون؟“
    ”چوڏهن ڄڻن کي ٽڪيٽ (تشدد) ڏياري چڪا آهيون ۽ سفر (موت) تي روانا ٿيڻ وارا آهن.“
    ”گڊ.... باقي انٽري ٿيل بيواهن کي في الحال رکيو وڃيِ.“
    ”ڇا اسان اُن جو سبب معلوم ڪري سگهون ٿا؟“
    ”ييس.... ان لاءِ جو اڃا تائين اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا آهن. اسين سڀاڻي خاص ڏينهن جي مناسبت سان چوڏهن تحفا ڏيڻ چاهيون ٿا.“
    ”او. ڪي سر!..... ٻيو حڪم؟“
    ”ييس.... هنن کي ٻورين ۾ بند ڪري، مٿن خاص تحفن جو ليبل هڻي، کجي گرائونڊ جي مشهور چونڪ تي اڄ رات جو ٻينءَ وڳي اڇلايو وڃي ۽ پوءِ فورن خفيه طور، پوليس کي اطلاع ڏنو وڃيِ.“
    ”او ڪي. سر!“
    ڪي پل سانت ڇانئجي ويئي، هن محسوس ڪيو. اُهي نوجوان باس سميت هليا ويا آهن. هو پيڙائن ۾ ورتل پنهنجي وجود مان دردن کي پيئڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳو. ٽيپو ٽيپو ٿي سندس ڄنگهن مان رت وهي رهيو هو. ڪي پل هو ڦٿڪندو رهيو.
    هن ٻيهر محسوس ڪيو ته ساڳيا نوجوان ٻيهر ڪوٺي ۾ اچي چڪا آهن. نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ هن اندازو لڳايو. ته ڪلين شيو شخص جي هٿ ۾ پلاسٽڪ جون ڪجهه ٻوريون آهن ۽ گهنڊيدار وران واري شخص وٽ وڏو ڪات آهي، جيڪو هن اڪثر ڪاسائين جي دڪانن تي پيل ڏٺو هو سڄي وجود ۾ ٿڙڪڻي محسوس ٿيس. سندس پاسي ۾ ٺڪاءُ ٿيو. جيتوڻيڪ سندن اکين اڳيان ڌنڌلاهٽ هئي، پر پوءِ به هن ڏٺو ته سندس ڀرسان نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ هڪ شخص جي سسي، ڌڙ کان ڌار ڪئي ويئي آهي. ۽ کيس ڪُهي ماري ٻوريءَ ۾ وڌو پيو وڃي. اوچتو سندس جسم لرزجي ويو، مٿو چڪرئاجڻ لڳس ۽ بيوش ٿي ويو.

    *****

    هوش ۾ آيو ته پاڻ کي ڪنهن اسپتال جي بيڊ تي پيل ڏٺائين. سندس ساڄي هٿ ۾ ڊرپ لڳل هئي، ۽ جسم تي پٽيون ٻڌل هيون. هن پنهنجي وجود تي نظر وڌي، سندس ڄنگهون گوڏن کان غائب هيون، گوڏن تي ڪپهه ۽ پٽين جا وڏا تهه چڙهيل هئا. کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هو پهرين ڪٿي هو ۽ هاڻي هتي ڪيئن پهتو آهي! هن ڊيوٽيءَ تي موجود نرس ڏانهن سواليه نظرن سان نهاريو. نرس بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ۽ بيڊ تي پيل فائيل کڻي کانئس معلومات ورتي. نرس ڊرپ ۾ آرام جي انجيڪشن شامل ڪري، وارڊ مان ٻاهر نڪري ويئي. نرس ڊرپ ۾ ارام جي انجيڪشن شامل ڪري، وارڊ مان ٻاهر نڪري ويئي. هن سڄي طرف نهاريو، ٻه ٽي پيا مريض به بيڊ تي ليٽيل هئا. آهستي آهستي کيس ننڊ وڪوڙي ويئي ۽ هو سمهي رهيو.
    جڏهن ڪجهه قدر صحتياب ٿيو، تڏهن ڊاڪٽر کيس ٻڌايو ته چوڏهينءَ آگسٽ تي ٿيل دهشتگرديءَ کانپوءِ هڪ وڏو مليٽري آپريشن شروع ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٻين ماڻهن سان گڏ، دهشتگردن جي هڪ خفيه ٽارچر سيل مان بيهوشيءَ جي حالت ۾ آزاد ڪرائي، اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي. ٻڌايل ڏس پتي تي سندس مائٽن کي اطلاع موڪليو ويو آهي. اسپتال ۾ هن کاٻيپاسي نهاريو ته اُها ساڳي عورت، بيهوشيءَ جي حالت ۾ بيڊ تي پيل هئي، جنهن کي هن انهتائي سخت اذيت مان رڙيون ڪندي دهشتگردن جي اذيت گهر ۾ ڏٺو هو. سندس انگ انگ تي پٽيون ٻڌل آهن سڄي هٿ ۾ ڊرپ لڳل آهي ۽ کيس آڪسيجن ڏني ويئي آهي. دهشتگردن جي ٽاچر سيل مان آزاد ٿيڻ هن لاءِ هڪ معجزو هو! ڄڻ هن هڪ نئين زندگي ماڻي ورتي هئي. پر ٽنگن کان معذور ٿي ويو هو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس مائٽ اسپتال پهتا. پٽ جي هي حالت ڏسي پڻس سڪتي ۾ اچي ويو. پيءُ کي سڪتي جي حالت ۾ ڏسي، سندس نڙيءَ ۾ ٿوهر اٽڪي پيا. سوچيائين: اسين بي پهچ انسان ظالم ۽ بي حس انسانن هٿان بي درديءَ سان ماريا پيا وڃون. اسان جي هن مٽيءَ کي ڇا ٿي ويو آهي، جيڪا اسان جي ئي لهوءَ ۾ رنڱجي پئي! اکڙين مان جر وهڻ لڳس. ديس جي دشمنن کيس معذور ڪري، هلڻ ڦرڻ کان به لاچار ڪري ڇڏيو آهي.
    ٻه مهينا لاڳيتو هو اسپتال ۾ داخل رهيو، ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪري ڳوٺ وڃڻ جي موڪل ملي. ڳوٺ جا سڀ ماڻهو سندس عيادت لاءِ آيا. هي حالت ڏسي سڀ ڪو خاموشيءَ ۾ لڙڪ ڳاڙيندو رهيو. سندس زال کيس هن حال ۾ ڏسي سڏڪي پئي. ۽ ٽڪن واري رليءَ پيرانديءَ کان ڇاتي تائين تاني ڇڏيس. پنجن سالن جي سندس ننڍڙي ڌيءَ، جيڪا پينگهي ۾ ستل هئي، جاڳڻ کان پوءِ ! بابا! ڪندي هن جي ڇاتيءَ سان چنبڙي پئي. هو کيس پيار ڪرڻ لڳو ۽ مٺين ڏيڻ لڳو. سندس ڌيءَ کيس ٻانهن ۽ مٿي کي زور ڏيڻ شروع ڪيا. ڇو ته هو جڏهن به ڪراچيءَ کان ڳوٺ ايندو هو، ته پنهنجي ڌيءَ کي پيار ڪندي چوندو هو: ”پٽ! مان ڏاڍو ٿڪي پيو اهيان، مون کي زور نه ڏيندينءَ؟!“
    پر اڄ بنا چوڻ جي عادتن، هوءَ پنهنجي بابا کي زور ڏيئي رهي هئي. هوءَ، ٽنگن کي زور ڏيڻ لاءِ پيرانديءَ ڏانهن وڌي ۽ ٽڪن واري رليءَ مٿان ٽنگون ڳولڻ لڳي. جڏهن سندس هٿ گوڏن کان پوءِ کسڪي ويا، ته هوءَ رليءَ مٿان ٿاڦوڙا هڻندي پيءَ جون ٽنگون ڳولڻ لڳي. ناڪاميءَ جي صورت ۾ هن پنهنجي پيءَ کان پڇيو: ”بابا! توهان جون ٽنگون ڪٿي آهن؟“
    پنهنجي ڌيءَ جي اوچتي سوال کيس ڇرڪائي وڌو. ايڏو وڏو سوال ته سندس عيادت لاءِ آيل ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهو به نه پڇيو هو. هن جي اکڙين مان ڳوڙها وهڻ لڳا ۽ نڙي درد جي شدت کان ڦاٽڻ لڳي.
    هو پنهنجي ڌيءَ کي ته ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيو، پر دل ئي دل ۾ ڀڻڪيو: پُٽ! منهنجون ٽنگون ٽارچر سيل ۾ رهجي ويون آهن.“
    ***


    روشنيءَ کان خالي سِجُ

    سرءُ رُت جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا. شهر تي شام جو منظر ڇانئجي ويو هو. مان ميونسپل پارڪ ۾ پٿر جي ٺهيل بينچ تي ويٺو هوس ۽ صدين جا دُک سهيڙي، ڪنهن گهري سوچ ۾ گم هوس.
    اُن شام هو به ساڳي بينچ تي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو هو. بنا ڄاڻ سڃاڻ جي مون ڏانهنس ڏٺو ته هن به مون ڏانهن نهارڻ شروع ڪيو. سندس نيڻن جي رستن ۾ ڳوڙهن جا پٿر، دردن جي آخري سرحد کي ظاهر ڪري، رهيا هئا.
    حيران ٿي ويو هوس! لاشعوري طور ڏانهنس رڙهي ويو هئم ۽ بنا ڳالهائڻ جي ڪي پل سندس نگاهن ۾ ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئم، پر ڪجهه به پروڙي نه سگهيو هوس.
    ”شايد توهان دکي آهيو؟!“ همدرديءَ جا لفظ منهنجي نڙيءَ مان ڦٽي نڪتا هئا.
    هن ڪجهه به نه وراڻيو ۽ درد جي احساس کان پنهنجا ٻئي چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙي، ڪنڌ ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيو. ”توهان ڪجهه ٻڌايو، شايد مان توهان جي ڪا مدد ڪري سگهان!“ مون حيرانگي مان ٻيهر کانئس پڇيو.
    هن ڳالهائڻ کان سواءِ ڪنڌ ڌوڻي ناڪار ڪئي. اُن وقت سندس اکڙين مان ٻه وڏا لڙڪ لڙي وڌي ويل شيو ۾ جذب ٿي ويا هئا.
    مان ڪي ساعتون سانت ٿي ويو هوس. سوچيم، شايد ڳالهائڻ جي حس کان محروم آهي.
    ”تون ڪير آهين؟!“ ڳچ دير جي خاموشيءَ کان پوءِ هن ئي ڳالهايو هو. سندس لهجي ۾ آهستگي ۽ آواز ڀريل هئس. ”مان....؟ منهنجو نالو منصور آهي. مان افسانا لکندو آهيان.“ اٻهرائيءَ وچان تعارف ڪرايو هئم.
    هو وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ کلندي کلندي روئي پيو. تڏهن ويتر عجب ۾ پئجي ويو هوس. سوچيم: ”هي ڪير آهي؟ هي معاشري جو ڪهڙو ڪردار آهي، جنهن جي اندر ۾ هڪ ئي وقت لڙڪن ۽ ٽهڪن جو گڏيل ميلاپ آهي؟ ”تون، افسانا لکندو آهين!؟“ هن نرڙ تي حيرت جون ريکائون ٺاهي مون کان پڇيو.
    ”ها، افسانا لکڻ ڪا خراب ڳالهه ته ڪانهي!“ مون کيس وراڻيو.
    ”تون افسانا نه لک!“
    ”پر ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”منهنجو پيءُ به افسانا لکندو هو، بيمار ٿيو ته پنهنجا سمورا افسانا ۽ ڪتاب، دولتمند ماڻهن کي وڪڻي علاج ڪرايائين، پر ٺيڪ نه ٿيو ۽ بيماريءَ وگهي مري ويو.“ ايئن چئي هو خاموش ٿي ويو هو ۽ ڪي پل سوچ ۾ ٻڏندي پاڻمرادو وراڻيائين.
    ”تڏهن مان اٺن سالن جو هوس. بابا جي موت جي ڏينهن منهنجي ڀيڻ جنم ورتو هو ۽ اسان ٽي ڏينهن بک ڪاٽي، ڪنهن انسان اسان کي ڳڀو نه پهچايو ۽ پوءِ ....!“ سندس گلو ڀرجي آيو، لڙڪ قطارون ڪري هيٺ ڪرندا رهيا.
    ”پوءِ، ڇا ٿيو؟“ تجسس مان پڇيومانس.
    ”هفتي کان پوءِ امان به مري ويئي.“ اُهي لفظ چئي هو روئي پيو. ۽ پوءِ اوچتو سنجيده ٿي خاموش ٿي ويو. ڳچ دير هو خاموشيءَ کي ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي ويٺو رهيو.
    شام پنهنجو ميرانجهڙو رئو لاهي، رات کي ڪاري چادر اوڍائڻ لڳي هئي. هو خاموشيءَ سان اُٿيو ۽ بنا موڪلائڻ جي هليو ويو. ٻئي ڏينهن مونکان اڳ هو ساڳئي بينچ تي منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. مون سندس درد محسوس ڪيا هئا. آهستي آهستي هو مون سان گهرو ٿي ويو.
    اسان روزانو شام جو اُن بينچ تي ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين، پر هن ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ کُلي نه ڳالهايو. مون کانئس پڇيو به هو ته ”تنهنجو گهر ڪٿي آهي.... تون ڇا ڪندوآهين؟“
    پر الائي ڇو، هو اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻ بدران هميشه ائين چوندو هو: ”دوست! ڏاڍي ڊگهي رات آهي، مون کي سج اُڀرڻ جو انتظار آهي. پوءِ مان توکي پنهنجي گهر ضرور وٺي هلندس تون انتظار ڪر.“
    اها شام ڪنهن يتيم جي مک جئن مايوسين ڀريو تاثر ڏيندڙ آخري شام هئي. هو مون سان تمام گهڻو کليو هو. ٽهڪ ڏنا هئائين. مون پهريون ڀيرو سندس چهري مان خوشي بکندي محسوس ڪئي هئي. سمجهيو هئم، ايد اڄ هن ڪنهن ڪنڊ مان سج اڀرڻ جو منظر ڏٺو آهي ۽ سندس گهر جي تاريڪيءَ سج جي روشنيءَ کان شڪست کائڻ واري آهي، پر موڪلائڻ وقت ڪي پل مسلسل، هو منهنجي اکين ۾ نهاريندو رهيو ۽ ڪجهه چوڻ کان سواءِ هليو ويو، ۽ وري نه مليو.
    ڪَئين شامون گذريون مان ميونسپل پارڪ جي بينچ تي ويهي سندس انتظار ڪندو هوس، پر هو مون کي نظر نه آيو، سندس شخصي منهنجي زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو آڻي ڇڏيو هو. هر ساعت اهو ڪردار منهنجي حواسن تي ڇانيل رهيو. سندس دک منهنجي جون ۾ شامل ٿي ويا هئا. مون کي هن جي شخصيت گوتم جهڙي پاسي هئي. شهر جي هر ڪنڊ ۾ مون کي هن جي تلاش هئي، پر هو مون کي ڪٿي به ملي نه سگهيو. سوچيو هئم، جيڪڏهن هو مون کي ڪٿي به مليو ته کانئس اهو ضرور پڇندس: ”سج ڪڏهن اڀرندو.....؟ اوندهه ۽ روشنيءَ جي جنگاڻ ڪڏهن ختم ٿيندي؟!“
    سندس شخصيت مون کي اڪيلو ۽ تنها ڪري ڇڏيو هو. سڪون جو وجود ڄڻ منهنجي زندگيءَ لاءِ تڙپجي قبر ۾ دفن ٿي ويو هو. منهنجو رابطو سمورن دوستن کان ڪٽجي ويو. مون اهو شهر ڇڏي ٻئي شهر ۾ چين ڳوليو. سڪون تلاش ڪندي، منهنجي دوستي هڪ اهڙي طوائف سان ٿي، جتي منهنجي دل جو درد ڪجهه قدر ماٺو ٿي ويو هو.
    شام جڏهن پيلي لباس ۾ شهر جي وسنهن ي ڇڻندي هئي، تڏهن مان اُن اُتم اَشرم ۾ پناهه وٺندو هوس، جتي مذهبن جون سڀئي سرحدون ختم ٿي وينديون آهن ۽ پئسن جو اخلاقي لباس اوڍي، پنهنجي هوس کي پورو ڪيو ويندو آهي. مان اُتي هڪ اهڙي مورتيءَ جي اڳيان هٿ ٻڌي، ڪنڌ جهڪائي، سندس پرارٿنا ڪندو هوس، جيڪا ڏاڍي حسين ۽ خوبصورت هئي. پر سندس اکڙين ۾ مها ساگر جهڙيون ڇوليون ڇُلنديون هيون ۽ رخسارن جو حسين ٻيٽ، انهن ڇولين ۾ ٻڏي ويندو هو. سندس دل جي هر ڌڙڪن ۾ پيڙائن جي هڪ اڻ کٽ پڙاڏي کي محسوس ڪيو هئم. سندس جيون ڪٿا ٻڌڻ جي همت نه ڪري سگهيو هوس، پر لاشعوري طور ڪڏهن پڇي ويهندو هوس ته: ”تنهنجي آتم ڪٿا ڏاڍي المناڪ ه وندي؟“
    ”ها! مان هڪ اهڙي عورت آهيان، جنهن کي هي سماج رنڊيءَ جي لقب سان پڪاري ٿو، پر ڪڏهن ڪنهن ماڻهو منهنجي اندر ۾ ليئو پائي ڏسڻ جي همت نه ڪئي آهي. هي بي غيرت ۽ هوس جو تمنائي سماج، ڪنهن جي مجبورين کي سمجهڻ جي حس کان قاصر آهي. مان ڪيئن پئي جيئان؟ ڪنهن جي لاءِ ٿي جيئان اهو مان ئي ڄاڻان ٿي بس....!“
    هوءَ انت ڏيڻ کان سواءِ، هر ڀيري ساڳيو جملو ورجائيندي هئي. مون سندس دل اندر پليل در در جي ٺوڪرن ۽ سماجي ذلتن جي بي انت ڌڙڪن کي شدت سان محسوس ڪيو هو. جڏهن ٻه دکي انسان پاڻ ۾ ملن ٿا، تڏهن زندگي هر ڏسا کان دک جي ڪوهيڙي ۾ ورتل محسوس ٿيندي آهي. تنهن ڪري هوءَ مون سان گڏ روئيندي هئي، سندس خوبصورت اکڙين جون ماڻڪيون، گورک هل جي اَبشار مان وهندڙ صاف پاڻيءَ جي اندر پيل نيري بلور جهڙيون ڀاسنديون هيون.
    هن سان ملي، مون ان ڪردار کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جا دک منهنجي زنديءَ ۾ شامل ٿي ويا هئا، پر کيس مڪمل طور وساري نه سگهيو هوس.
    هڪ غمناڪ شام، مون کي تمام گهڻو اداس ڪري ڇڏيو هو. درد ولر ڪري منهنجي دل جي ڍنڍ تي لٿا هئا. دک جي شدت کان مان هن ڏانهن وڃڻ لڳو هوس. هوءَ مون کي ڪوٺي جي در وٽ نه ملي. پهريون دفعو سندس رهائش جا ڏاڪا لتاڙي، ٻيءَ منزل تي پهتس. اندر گهڙيم ته هوءَ هڪ مرد جي سيرانديءَ کان پنهنجا لڙڪ اگهي رهي هئي. مون کي ڏسي اُٿي آئي. وار وکريل هئس. ڳلن تي ڳوڙهن اڻ کٽ واٽون ٺاهي ڇڏيون هيس. ڪي پل هوءَ مون ڏانهن نهاريندي رهي ۽ پوءِ ڪنڌ جهڪائي روئي پئي.
    حيران ٿي کانئس پڇيم: ”هو ڪير آهي؟“
    هوءَ روئي رهي هي. مان ڪجهه گهڙيون سانت ٿي، سندس نيڻن مان ڪرندڙ اشڪن جا موتي ڏسندو رهيس. سامت ۾ آئي ته پاڻمرادو ٻڏل آواز ۾ وراڻيائين:
    ”هوءَ منهنجو اڪيلو ڀاءُ آهي ۽ ٻن سالن کان بيمار آهي. الائي ڪهڙي بيماري جي ڪري، سندس ٻئي ٽنگون ضايع ٿي ويون آهن! اڄ نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ آخري پساهه کڻي رهيو آهي.“
    هوءَ ٻيهر سڏڪڻ لڳي. مون کيس آٿت ڏني ۽ ڀاڻس جي کٽ جي ويجهو آيس. مٿو چڪرائجي ويم، دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي، اکين آڏو صدين جي اونداهي لهي آئي، پاڻ کي ڪنهن پاتال ۾ ڪرندي محسوس ڪيم. هي اهو گوتم هو جنهن زندگيءَ جون ڪجهه اداس شامون، ميونسپل پارڪ ۾ پٿر جي بينچ تي مون سان گڏ ويهي گذاريون هيون، جنهن کي مون شهر جي هر ڪنڊ ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي اهي. ان وقت منهنجي نيڻن ۾ ساوڻ جون گهٽائون ڀرجي آيون. مون وڏي سندس اڌ کليل اکين ۾ نهاريو. هن مون کي سڃاتو آهي، ۽ سندس اکڙيون چئي رهيون آهنِ
    ”تون افسانا لکڻ ڇڏي ڏي! اجھ منهنجي گهر ۾ اهڙو سج اڀريو آهي. جنهن ۾ ڪابه روشني ڪانهي!!“
    ***


    تنها جيوَن ۽ اُڌاري شام

    نڄاڻ ڪٿان کان آفيس ۾ اداسي ڌوڪي آئي هئي.
    جنهن ماڻهوءَ جو اندر اداس هجي، ته کيس سڄي ڪائنات اداس ئي ڀاسندي آهي. هونئن به سڄي زندگي اڪيلائپ جي عذاب ۾ ڀوڳي اٿم. تنهن ڪري اها ڳالهه مون لاءِ ڪا نئين ڪانهي، پر ان ڏينهن ته بنهه گهڻو ويڳاڻو ٿي پيو هوس. آفيس ۾ ڪم گهٽ هئڻ ڪري هڪ ٻه فائيل چيڪ ڪري سائن ڪيم ۽ پوءِ ”ايزي چيئر“ تي اهلي پيو هئم، اداسيءَ جي ڇانءَ ۾ ڪي پل، اکين جا ڇپر بند ڪري پنهنجي محدود دنيا ۾ گم ٿي ويو هوس.
    ساڳئي ڏينهن صبح جو فون ڪري سندم آفيس ۾ مون سان ملڻ جو پروگرام طئه ڪيو هيو شايد تڏهن ئي ان ڏينهن اٻاڻڪو ٿي ويو هوس.
    تنهنجو انتظار هو يا زندگيءَ جي پيڙا....؟! سمجهي نه سگهيو هوس. هونئن به، مون اهي اوسيئڙا ڪرڻ ڇڏي ڏنا هئا. ڪنهن ڪاڻ ڪريان ها اهي انتظار....؟ منهنجا سمورا انتظار، تون پاڻ سان گڏ ئي ته کڻي ويئي هُئين، پوءِ اڄوڪو انتظار مون کي ڇو موٽائي ڏنو هيئه...؟!“ نه چاهيندي به تنهنجي موٽائي ڏنل ان اوسيئڙي کي، توکان مليل شڪستن جي عذاب سان گڏ ڀوڳڻو پيو هوم.
    الائي ڪنهن مهل پٽيوالي، تنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو هو، ۽ تون آفيس ۾ هلي آئي هئين، تنهنجي اندر اچڻ کان اڳ، مون ڄاڻي واڻي يا لاشعوري طور، پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون تنهنجي اچڻ سان آفيس اندر خوشبوءِ ڦهلجي ويئي هئي. گهڻن سالن کانپوءِ تنهنجي خوشبوءِ، منهنجي سنگهڻ جي حس کي واسيو هو.
    پر وڇڙڻ کان اڳ واري خوشبوءِ تون الائي ڪٿي وساري آئي هئين! تڏهن ياد اچي ويا هئم وصل مند جا اُهي پل، جڏهن تنهنجن وارن جي ڇانءَ ۾، پنهنجو مُنهن لڪائي تنهنجي جوانيءَ جو هڳاءُ، رڳ رڳ ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪندو هوس ۽ پرنام ڪندي، ڪي ساعتون، جهڪي ويندو هوم.
    ”ويهڻ لاءِ نه چوندين؟“ ڀڻڪيو هُيئه.
    وراڻيو هئم:
    ”هي آفيس تنهنجي ئي ته آهي.“
    ”ناراض آهين.....؟“ ڏک مان پڇيو هُيئه، تنهنجي لهجي ۾ درد محسوس ڪندي، اکيون کوليون هئم....سامهون تون ويٺي هُئين... گهڻو بدلجي ويل! تنهنجا نيڻ مون ۾ کُتل هئا. مون تنهنجي نيڻن مان زندگيءَ جي رستي ۾ گم ٿيل ٽيبل ڪئلينڊر ۾ نظرون کپائي، پاڻمرادو ڀڻڪيو هئم.
    ”اجھ پندرهن تاريخ آهي.“ بي خياليءَ وچان ٿڌو ساهه کڄي ويو هئم، جيڪو تو شدت سان محسوس ڪيو هو ۽ آهستگي سان چيو هُيئه:
    ”شايد توکان پندرهين تاريخ وسري نه سگهي آهي.“
    وراڻيو هئم:
    ”ماڻهو پنهنجي جنم جي تاريخ وساري نه سگهندو آهي.“
    ”پر اها ته تنهنجي جنم جي تاريخ نه آهي.“ لفظن تي زور ڏيندي چيو هُيئه.
    ”زندگيءَ جي ٻوٽي ۾، سچن جذبن ۽ احساسن سان چاهتن جا پهريان گُل، جنهن به تاريخ تي ٽڙندا آهن، حقيقت ۾ ماڻهوءَ جي اهائي جنم جي تاريخ هوندي آهي.“ ٽيبل ڪئلينڊر تان نظرون هٽائيندي چيو هئم.
    پڇيو هُيئه:
    ”مرڻ جي تاريخ....؟“
    وراڻيو هئم:
    ”وڇوڙي جي مُند ۾، ڪنهن دل کان سچي چاهنا کسجي وڃي، ته ان ڏينهن کان ئيمري ويندڙ وجود کي، مرڻ جي تاريخ ياد نه رهندي آهي.“
    ڪي گهڙيون خاموشي واسو ڪري ويئي هئي. مون ڪال بيل تي آڱر رکي پٽيوالي کي گهرايو هو ۽ توکان بنا پڇڻ جي کيس چانهه آڻڻ لاءِ چيو هئم. ڄاڻ هئم ته تون چانهه ئي پسند ڪندي آهين. پٽيوالي جي وڃڻ کان پوءِ مون ميز تي ج هڪي، ٻنهي ٻانهن کي هڪ ٻئي مٿان رکي توڏانهن ڏٺو هو. تو پنهنجا نيڻ ڪنهن اڻڄاتل درد کان هيٺ جهڪائي ڇڏيا هئا. کن لاءِ رکي، ماٺار کي ٽوڙيندي، آهستگيءَ سان پڇيو هُيئه:
    ”شادي ڪئي اٿئي؟“
    ڦڪي مرڪ چپن تي آڻيندي وراڻيو هئم:
    ”مون کي ڄاڻ هئي ته جتي روح جا گهاءَ ڪنهن جي سار اچڻ تي تڙپي پون، اتي منهنجي زندگيءَ سان ساٿ نڀائڻ ٻئي ڪنهن لاءِ شايد ڏکيو ثابت ٿئي.“
    ٿڌو ساهه کڻندي، پاڻمرادو ڀڻڪيو هُيئه:
    بنا ڳالهائڻ جي، صرف هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو هئم.
    ڪي پل ٻيهر خاموشي پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيا هئا. پٽيوالو چانهه جو ڪپ ۽ پاڻيءَ جو گلاس تڙي سوڌو ميز تي ڇڏي ويو هو. پاڻيءَ جو گلاس توڏانهن وڌائيندي پڇيو هئم:
    ٻار ڪيئن آهن؟“
    ”ٺيڪ آهن.“ تو بي خياليءَ وچان وراڻيو هو، ۽ گلاس مان پاڻيءَ جا ٻه ڍُڪ ڀري، گلاس کي ميز تي رکي ڇڏيو هُيئه.
    چانهه جو ڪپ وٺندي، تو مون ڏانهن نهاريو هو. منهنجين نگاهن تنهنجين اکين ۾ اٽڪيل درد محسوس ڪري ورتا هئا. نه چاهيندي به پڇي ويٺو هوس.
    ”تنهنجو جيون ساٿي ڪيئن آهي؟“
    ”..........“ تون خاموش ٿي ويئي هُئين، چانهه جو سِپ ڀرڻ وسري ويو هُيئه ۽ چپن تائين آندل چانهه جو ڪپ ميز تي رکي، اکيون جهڪائي، نيڻن کي ڇپرن جا بند ڏيئي، درد جي شدت کان هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙي ڇڏيو هُيئه.
    سندءِ نرڙ تي درد جون ريکائون ٺهي پيون هيون. ڪوشش جي باوجود به اکڙين ۾ لڪل ڳوڙها روڪي ڪين سگهي هُئين، لڙڪ ڇَپرن جا بند ڀڃي ڳلن تي وهي آيا هئا.
    دل ڀرجي آئي هئم. پنهنجي ڪرسي ڇڏي، تنهنجيءَ ڀر ۾ اچي بيٺو هوس. کيسي مان رومال ڪڍي تنهنجا ڳوڙها اگهڻ چاهيم، پر الائي ڇو چاهيندي به تنهنجا لڙڪ اگهي نه سگهيو هئم! رومال هٿن ۾ ئي ڀڪوڙجي ويو هو، ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان ڪا سوچ جاڳي پئي هئي: ”منهنجو ڪوبه حق ڪونهي تنهنجا لڙڪ اگهڻ جو... اُهي شامون الائي ڪڏهن کان گذري ويون آهن، جن جي ڊگهن پاڇن جي اوٽ ۾، زنديءَ جا درد شيئر ڪندي هڪٻئي جا ڳوڙها اگهي سگهندا هئاسين.“ دل شڪستو ٿي آهستي آهستي قدم کندو، واپس اچي پاڻ کي ”ايزي چيئر“ تي اڇلايو هئم. باوجود چاهڻ جي، مان توکي ڪابه آٿت ڏيئي نه سگهيو هوس.
    ڪيتري دير تائين تون اکيون بند ڪري، ڳوڙهن کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي رهي هُئين. اکيون کوليون هُيئه، لڳو هئم تنهنجا نيل ڪنول نيڻ، درد جي ڍنڍ ۾ تري رهيا آهن.
    ”منهنجو مڙس مون کي طلاق......!“ آهستگيءَ سان پاڻمرادو ڀڻڪندي جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو هُيئه، سندءِ نڙي مان نڪتل لفظ، گهٽيل محسوس ٿيا.
    ڏک مان پڇيو هئم:
    ”تو ۾ ته ڪابه ڪمي ڪانه هئي، پوءِ ائين ڇو ٿيو؟!“
    کن لاءِ رکي وراڻيو هُيئه:
    ”هُن هڪ شاهوڪار آمريڪن ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي.“
    تڏهن من ۾ آيو هئم ته توکي چوان: .تون به دولت جي ڪڍ لڳي منهنجي چاهت ٿڏي ويئي هئين، ڇو ته اُن وقت مان هڪ فرم ۾ معمولي حيثيت سان جاب ڪندو هئس.“ پر مون توکي وڌيڪ ڏک پهچائڻ نٿي چاهيو.
    چيو هئم:
    ”ڪن ماڻهن کي حالتون بدلائينديون آهن ۽ ڪي ماڻهو وقت سان گڏ هلندا آهن، جيڪي ماڻهو وقت سان گڏ هلڻ ڄاڻن ٿا، حالتن کي به اهي ئي تبديل ڪندا آهن.
    تو پنهنجين اکين ۾ التجائن جا انبار کڻي، مون ڏانهن ڏٺو هو ۽ ڏک وچان ڀڻڪيو هُيئه:
    ”مون کي معاف ڪجانءِ.....منهنجي ڪري ئي تو اڪيلائپ جو عذاب ڀوڳيو آهي. پڇتاءَ جو احساس جاڳيو اٿم. نيٺ زندگيءَ جي ايڏي وڏي سزا مون کي به ڀوڳڻي پئي.“
    ”چانهه ٿڌي ٿي ويئي هوندي.“ ڳالهه بدلائي ڇڏي هئم.
    بنا ڳالهائڻ جي، تو چانهه جو ڪپ ميز تان کڻي چپن تائيند آندو هو ۽ تڪڙا سپ ڀري خالي ڪپ ميز تي رکي ڇڏيو هُيئه.
    ڳچ دير تائين خاموش ٿي ويا هئاسين.
    ”ڏک نه رسي ته هڪ عرض ڪريان؟“ ماٺ جو پکي اڏاريندي ڀڻڪيو هوس.
    ”هون!“ تو هاڪار ڪندي وراڻيو هو.
    ”مون کي ماضيءَ جون ڪي سندر ساعتون موٽائي ڏيندينءَ؟“
    ”معنيَ ته....؟“ نه سمجهندي پڇيو هُيئه.
    ”اڄوڪي شام مون کي ارپي سگهندينءِ؟“ اميدن جون نگاهون توڏانهن کڻندي چيو هئم.
    ڪنڌ هيٺ ڪري، آهستگيءَ سان وراڻيو هُيئه:
    ”مون وٽ بچيو به ڇاهي....توکي ارپڻ ڪاڻ؟!“
    ”احساس ۽ درد .... ٻه ڳالهيون اُهي ته ملي پونديون.“ چيو هئم.
    ڪيتري دير تائين تون سوچيندي رهي هُئين ۽ پوءِ وراڻيو هيئه:
    اڄوڪي شام توکي ارپي سگهان ٿي.“
    کن لاءِ رکي تو پنهنجي پرس مان نيري رنگ جو ٽشو پيپر ڪڍيو هو، ۽ ڳلن تي سڪي ويل ڳوڙها اگهندي ٿڌو ساهه ڀريو هو.
    ****
    شام لٿي، سمنڊ ڪناري بنا ڳالهائڻ جي پيرن اگهاڙا، آلي ريت تي هلندا رهيا هئاسين.
    ”ڳالهائيندينءَ نه؟!“ نيٺ مون ئي ڳالهايو هو.
    ”......!“ تو خاموشيءَ سان مون ڏانهن ڏٺو هو.
    لاشعوري طور ڀڻڪيو هئم:
    ”اوپرا نه پيا لڳون؟!“
    تيز هوا جي لهر، سندءِ مُک تي وارن جو نقاب ڏيڻجي ناڪام ڪوشش ڪئي هئي، جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ سان روڪيندي وراڻيو هُيئه:
    ”احساس اٿم.“
    مايوسيءَ مان چيو هئم:
    ”پنهنجي خوشيءَ سان ارپيل هن شام ۾ ڪجهه ته پنهنجائپ به هئڻ گهرجي.“
    موٽ ۾ چيو هُيئه: ”تنهنجو سمجهي، ماضيءَ جو پيار ۽ اڄوڪو ڏينهن، توکي ئي ته ڏنا اٿم.“
    ”وچ وارو عرصو....؟“ اٻهرائيءَ مان پڇيو هئم.
    ”پولار آهي.... ڀٽڪڻ جو... ڀوڳنا جو!“ نظرون جهڪائيندي آهستگيءَ سان چيو هُيئه:
    پاڻ هوريان هوريان هلندا، ڪناري تي رکيل هڪ وڏي پٿر تي اچي ويٺا هئاسين، جتان ڪجهه خوبصورت وڙا هيٺ لهي، سمنڊ جي لهرن مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ خوشيء مان ٽهڪ ڏيندي وڃي رهيا هئا.
    کن پل جي خاموشيءَ کان پوءِ چيو هيئه:
    ”زندگيءَ جا غلط فيصلا، عذاب ۽ تڙپ جو ٻيو نالو آهن.“
    تون لاجواب ٿي چُپ ٿي ويئي هئين.
    ڪي پل خاموش ٿي، وشال سمنڊ کي تڪيندا رهيا هئاسين، ۽ پوءِ ٿڌو ساهه ڀري مون ڏانهن نهاريندي چيو هُيئه:
    ”سوچيو هئم ته تون پنهنجي گهر واريءَ سان خوش هوندين، پر اڄ ڪل پئي اٿم ته تنهنجي اڱڻ تي سهرن جا سر ڇڙيا ئي ناهن!“
    وراڻيو هئم:
    ”تنهنجي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ وچن ڪيو هئم، ته جنهن سان روح جا ناتا ازل تائين نڀائڻ جو اقرار ٿيل هجي، تنهن سان توڙ ڪرڻ، لاءِ ٻئي ڪنهن سان به نباهه ڪين ڪبو، تڏهن کان مون مينديءَ جي خوشبوءِ سنگهڻ ڇڏي ڏني هئي.
    پنهنجي ساڄي هٿ جي آڱرين کي وارن ۾ گهمائيندي چيو هُيئه:
    ”مان ڄاڻان ٿي، جنهن ڪاڻ تو محبتن جا ڏيئا ٻاريا هئا، اُهي اڄ به روشن آحن، ڪاش! مان غلط فيصلو نه ڪريان ها!“
    تنهنجي چيل جملي تي من اندر ماضيءَ جون محبتون ٻيهر شدت سان جاڳي پيون هئم، ۽ رهجي ويل خواهش ٻيهر آس جو ويس ڍڪي اُٿي ڍڪي اٿي پئي هئي.
    نه چاهيندي به چيو هئم:
    ”تون چاهين ته اسان ٻيهر پنهنجو ماضيءَ موٽائي، زندگيءَ کي نئون جنم ڏيئي سگهون ٿا.“
    تو ڇرڪ ڀري مون ڏانهن ڏٺو هو.
    ”هاڻي ته اسان لهندي سج جيان، ٻڍاپي جي سرحد کي ڇهي رهيا آهيون، هن عمر ۾ اهو سڀ.....؟!!“ تو مايوس ٿي جملي کي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو هو.
    آهستگيءَ سان ڀڻڪيو هئم:
    ”جيڪو ماڻهو سڄي زندي آسن جي قيد ۾ گذاريندو آهي، اهو لهندي سج کي ڏسڻ بدرا، پنهنجي اميدن جي تڪميل چاهيندو آهي.“
    رکائيءَ مان وراڻيو هيئه:
    ”سج لهڻ وقت اميد جي تڪميل چاهڻ وارا ماڻهو خود غرض هوندا آهن. منهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن منهنجن معصوم ٻارڙن لاءِ آهن هونئن به اسان سٺن دوستن جيان هڪٻئي سان ملي سگهون ٿا.“
    تڏهن هڪ اڄاتل گهاءُ، من ۾ چڀي ويو هئم، ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو. منهنجن جذبن، آسن جي قيد مان نڪري، مان نڪري، پهريون دفعو پوڙهپڻ جي احساس کي ڇُهي ورتو هو.
    سو چيو هئم:
    تو پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن حد تائين انجواءِ ڪيو به هو، پر مان تنهنجي چاهتن جي ٽياس تي ٽنگجي، سڄي زندگي پياسو ئي رهجي ويس.“
    سندم ذهن ۾ پاڻمرادو ڪَئين سوال اٿي پيا هئا.
    جڏهن تون جدائيءَ جي جام اڇي، ٻئي پار هلي به ويئي هئين، ته پوءِ توسان ڪيل قولن جا صليب، ڪلهن تي کڻي جوانيءَ جو سج ڇو لاٿو هئم؟!“
    ”احساس ٿيڻ کان اڳ، سوچڻ ضروري آهي.“
    ڪي پل اڳ تولاءِ ورجايل پنهنجو جملو، پنهنجي ئي ذهن ۾ چڀي ويو هئم، مون خاموش ٿي ڪي ساعتون ڪنڌ جهڪائي زندگيءَ کان مليل شڪستن تي سوچيو هو.
    سج لهي ويو هو ۽ سمنڊ جي نيري جر تي اونداهي ڇانئجڻ لڳي هئي. پاڻ خاموشيءَ سان ڪار ۾ اچي ويٺا هئاسين.
    ”اداس ڇو ٿي ويو آهين؟!“ ڪار جي ونڊ اسڪرين تان نظرون هٽائي، مون ڏي نهاريندي ڏک وچان ڀڻڪيو هُيئه.
    ”توکان و رتل اڌاري شام، اڄ شڪستن جو احساس ڏياريو آهي.“ گاڏي اسٽارٽ ڪري ورانيو هئم.
    موٽ ۾ تو ڪجهه به نه ڳالهايو هو ۽ سڄي واٽ خاموش هئين.
    توکي تنهنجي گهر ڊراپ ڪندي، مون تو ڏانهن ڏٺو هو، تنهنجن نيڻن ۾ پاڻي ڇلڪندي نظر آيو هئم. ڪجهه چوڻ چاهيندي به چئي نه سگهي هئين. ۽ هڪ دفعو مون ڏانهن نه اري، پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻ لڳي هئين.
    مان ڪجهه ساعتون پنهنجي ساڄي ڳل اسٽرنگ تي رکي، سامهون دروازي جي شيشي مان توکي ويندي ڏسندو رهيو هوس. پوءِ ڪار کي م وڙي سست رفتاريءَ سان گهر موٽيو هئس، جتي ٽڙندڙ گلابن جهڙيون مرڪون پکيڙي، منهنجي آجيان لاءِ ڪوبه نه هو سواءِ دکن، المين ۽ اڪيلاين جي، جيڪي هميشه جيان منهنجا منتظر هئا!
    ***


    شريف ماڻهو

    هو شريف ماڻهو هو!
    هرڪو کيس شريف ۽ سٺو سمجهندو هو. هو جڏهن پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ استاد ٿي آيو ته هر ڪو کيس، سائين! سائين جي لقب سان پڪاريندو هو. ن وڪري به الائي ڪيئن مليس؟ اٺ درجا ته پاس هو، پر پرائيويٽ امتحان ڏيئي، سفارش ۽ رشوت رستي وڃي روزگار کي لڳو، نه ته اڄ ڪلهه پٽيوالي به ڪنهن قسمت واري کي ملي ٿي.
    هو عام ماڻهن کان بنهه مختلف هو. اجائي ٺاهه ٺوهه ۽ ڏيکاءُ بازي هن لاءِ ڄڻ ته پيدا ئي نه ٿي هئي. پنج وقت نماز ۽ روزن جو پابند روزانو صبح جو قرآن شريف جو دور ڪري، پوءِ دنيا جي ڪمن ڪارن کي لڳڻ هن جو معمول هو. الائي ڇو اندر ئي اندر ۾، هن کي گهٽتائي جو احساس ٿيندو هو ۽ هو، ٻين کان پاڻ کي گهٽ ڀائيندو هو! ان گهٽتائيءَ جي ڪري هن جي اندر جو انسان، پاڻ مان مطمئن ڪونه هو. ٻيءَ ڳالهه به هن کي احساس ڏياريندي رهي هئي ته هن ۾ اظهار جي سگهه بلڪل گهٽ هئي، يا ماڳهين هئي ئي ڪانه! اُن احساس ڪمتريءَ جي ڪري، هن پ اڻ کي ”شريف“ ماڻهو بڻائي ڇڏيو هو.
    شڪل جو هروڀرو خراب به ڪونه هو، جو هرڪو ماڻهو کانئس نفرت ڪري. مال ملڪيت به پوري پني هئس پر هن جي شخصيت ۾ سندس چواڻي: ”قسمت جي ستاري ۾ سٺي نصيب جي اڻاٺ هئي.“ هو پنهنجو پاڻ ۾ باوجود چاهڻ جي، عام ماڻهوءَ وانگر کل ڀوڳ ۽ چرچ گهٻن ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪري ڪونه سگهيو.
    هونئن ته هو پنهنجن ويجهن دوستن سان ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو، پر هن کي اهو موضوع بنهه نه وڻندو هو، جنهن ۾ سندس دوست پنهنجين ساهيڙين جي باري ۾ ڳالهائيندا هئا. هو دل کولي انهن تي تنقيد ڪندو هو.
    هونئن ڀي، هن سان ڳوٺ جي ڪابه ڇوڪري ٺهيل ڪانه هئي. اُن ڪري ٻين ماڻهن کي گناهه جو ڊپ ڏيارڻ ۾ کيس دلي تسڪين ملندي هئي.
    توبهه، توبهه....! ڪهڙو نه زمانو اچي ويو آهي، جو حياءَ ۽ شرم ماڻهن مان نڪري ويو آهي.... نه ڇورن کي حياءُ نه وري ڇورين جي چال سٺي! هو دل ئي دل ۾ پاڻ کي پاڪ ۽ شريف سمجهندي سوچيندو هو.
    ”بس يار! ڇا ڪجي؟ پندرهين صديءَ جي شروعات آهي. جيڏانهن نڪر! ته ڇورا پيا گهٽين مان نوس نوس ڪندا، وري مائٽ به نٿا سمجهائين! ڇوريون ته بس هٿن مان پيون وڃن....! هاءِ ڙي زمانه!“ سوچيندي سوچيندي، جنس جي چهنڊڙي کيس به لڳي ويندي هئي، دل ۾ خواهش اُڀرندي هئس ته ڇو نه اُنهن پڪل ٻيرن مان ڪجهه مان به کائي ڏسان! راجھ پيا کائين مون هڪ دفعو کاڌو ته ڇاٿي پيو....!
    ائين هڪ ٻه دفعا ڇورين جي پويان چڪر به ڏنا هئائين، پر بي سوڊ! الائي ڇو، مون کان ته ڇوريون اصل خار پيون کائين! ٻين سان ته کلن جا ڪوڪرا پيا پوين ۽ مون سان...؟! هو دل ئي دل ۾ پاڻ کي ٻين کان بلڪل بدصورت ۽ گهٽ محسوس ڪرڻ لڳو.
    هاڻي هو جڏهن به ڪنهن ڪم ڪار لاءِ شهر ويندو هو، ته سهرن ۾ بيک گهرندڙ ٻڙهيون هن آڏو، روپئي آني لاءِ هٿ وڌائينديون هيون ته هو چپ چاپ اٺ اَنا تريءَ تي رکي ڇڏيندو هون. جيڪڏهن ڪنهن گهٽيءَ مان ڪنهن جوان ڀنگياڻيءَ کي ٻهاري ڏيندي ڏسندو هو، ته سامهون وارو روڊ ڇڏي ان گهٽيءَ مان گذرڻ هن ”شريف“ ماڻهوءَ جو ڪم هو. ڀنگياڻيءَ جي ڀرسان گذرندي، آڏيءَ اک سان سندس جوڀن جي ڀريل اُرهن جو جائزو وٺندو هو. هيڏانهن هوڏانهن لڏندڙ لمندڙ ڀنگياڻيءَ جا اُرهه، هن جي وجود کي لوڏي ڇڏيندا هئا، ۽ هو ٿڙندڙ قدمن سان اڳتي نڪري ويندو هو.
    بڪ اسٽال تي مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب ڏسي، هن ڪجهه ڪتاب به خريد ڪيا هئا، جن ۾ عورتون جي نفسيات ۽ ڇوڪرين کي ٺاهڻ جا طريقا ۽ نسخا درج هوندا هئا.
    ڪڏهن ڪڏهن يارن دوستن کان آڏيون پڇائون به ڪري وٺندو هو ته، يار! توسان فلاڻي ڇوريءَ ڪيئن ٺهي؟ سندس دوست اهي ڳالهيون ٻڌائڻ کان لنوائي ويندا هئا. هو جيڪڏهن زور ڀري پڇين به ها ته شايد کيس ٻڌائن به ها، پر نه، اهو ”شريف“ ماڻهن جو ته ڪم ناهي!؟
    هڪ ڏينهن ڀر واري کوهه تان زبيءَ کي پاڻي ڀريندو ڏسي، ويجهو وڃي کيس اک ڀڳي هئائين، ته هن وڃي پڻس کي دانهن ڏني هئي، پوءِ ته اهڙا دڙڪا مليس جو وري زبيءَ جو نالو زبان تي به نه آندائين.
    ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ جون مايون، ماڻس وٽ مهمان ٿي اينديون هيون، ۽ انهن ۾ ڪا ڪنواري ڇوڪري هوندي هئي ته اُن کي اديءَ ڪري کيڪارڻ هن ”شريف“ ماڻهوءَ جو ڪم هو. پر کيس هٿ ڏيڻ وقت، ڪنواري هٿ جو ڇهاءُ سندس وجود ۾ بليءَ جو ڌارون پيدا ڪري ڇڏيندو هو ۽ هو ميڻ جيان پگهر جي پوندي هو. ڊگها ڊگها وار، ڇاتيءَ جا اُڀار ۽ ڳلن جا اُڀريل ڳٽ هن جي نس نس ۾ سمائجي ويندا هئا. تڏهن هو هڪ ازلي سرور محسوس ڪرڻ لڳندو هو. هڪ دفعو ڳوٺ جي هڪ ڇوڪريءَ کيس اک ڀڳي هئي ۽ هڪ ٻه ڀيرا ساڻس ڳالهايو به هو. پر هن صرف ... ها... هونءَ ۾ ئي ڪنڌ ڪڍائي ورتو هو. هن کي زُبيءَ وارو واقعو ياد اچي ويو، هن اهو موقعو به وڃائي ڇڏيو.
    تڏهن ئي ته ڳوٺ جا سڀئي ماڻهو هن کي ”شريف النس“ سمجهندا هئا! ان وچ ۾ جڏهن هن جو مڱڻو ٿيو، تڏهن هن شاديءَ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا. هن چاهيو پئي، جيترو جلد ٿي سگهي سندس شادي ٿي وڃي.
    شاديءَ جي حوالي سان، سندس من ۾ حسرتون اڀرڻ لڳنديون هيون، هو ان انوکي دنيا ۾ الوپ ٿي ويندو هو. پنهنجي ٿيندڙ زال سان پيار ڪرڻ، سندس انگ انگ کي چمڻ ۽ بدن جو هر حصو ڇهڻ، سو به بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي، جيئن وڻي تيئن ڇهي سگهڻ، اهو سڀ تصور ۾ آڻيندي ئي سندس چپ ڦڙڪڻ لڳندا هئا.
    سندس شاديءَ ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه وقت جوڻس گهڻو ئي ڀائيندي هئيس، پر پوءِ ڇوريءَ جو پير اچي کريو ۽ ڳوٺ جي ڳاڙهه واتن ڇورن کي ڏسندي ئي کانئس مڙس جو خيال لهي ويندو هو. چوندا آهن هيريءَ سندي هير، ٽنگ ڀڳي به نه رهي. سو جوڻس ڪانه رهي. نيٺ کيس پنهنجي زال جي ڪرتوتن جي خبر پئجي ويئي. هن کيس گهڻو ئي سمجهايو پر هن عشق بازي جي عادت نه ڇڏي. هن اڪيلائيءَ ۾ گهڻو ئي سوچيو هو، پر پوءِ ماٺ رهڻ ۾ ئي کيس عافيت نظر آئي هئي. ان بعد عورتن لاءِ هن جي دل ۾ ڌڪار جاءِ وٺندي ويئي ۽ نيٺ مجبور ٿي جوڻس کي مارڪٽ ڪيائين ۽ ڌڪي ٿيلهي گهران ڪڍي ڇڏيائينس.
    جوڻس مائٽن ۾ اچي مٿس الزام هنيو ۽ سندس عزت ٽڪي جيتري به نه ڇڏي. چويِ مڙس مون کي گهران اُنڪري ڪڍي ڇڏيو آهي، جو هو نامرد آهي!
    ”يار! صفا ختم آهين ڇا؟! جي ايئن هو ته پوءِ شادي ئي نه ڪرين ها. اسين به سوچئون ته آخر تون ايڏو شريف ڇو آھين!“ ۽ اهڙيءَ طرح هرڪو هن کي ٽوڪڻ لڳو. پر هو هنن کي ڪيئن يقين ڏياري ته هو اهڙو ناهي، جهڙو سندس زال مائٽن ۾ وڃي کيس ظاهر ڪيو آهي!.
    ***


    ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي

    چيم نه ته-
    ”جيستائين سندم ساهه جو سڳو تنهنجي عشق سان ٻڌل آهي. مُنهنجي اظهار جو رستو کليل رهندو ۽ مان لکندو رهندس.“
    ها، مان لکندو رهيو آهيان. تون، رات جي ڪاري چادر اوڍي منهنجي ڪمري ۾ ايندي رهي آهين. منهنجن آڱرين تنهنجي نازڪ وجود جي لمس کي ڇُهي ڏٺو آهي. تنهنجن اکڙين ۾ برف جيان ڄمي ويل وجودن جون ڪهاڻيون پڙهندي مون پاڻ کي ڪيترائي ڀيرا ٽٽندي، ڀورا ڀورا ٿي وکرندي محسوس ڪيو آهي، جنهن کي رڳو تون ئي ميڙيندي رهي آهين-
    اِها تنهنجي مهرباني آهي!
    هاڻي مان ايترو ٽٽي ۽ وکري ويو آهيان، جو تنهنجا هٿ مون کي ميڙڻ جي سگهه وڃائي چڪا آهن.
    وراڻيائين:
    ”لڳي ٿو، تون هاڻي ڊهي چڪو آهين! پر پوءِ به مان توکي ٻيهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنديس.“
    ائين چئي هُن مون کي پنهنجي سيني تي سمهاري ڇڏيو. ڪي گهڙيون هوءَ پنهنجي نازڪ هٿ جي آڱرين سان منهنجي وارن کي ڇُهندي رهي ۽ منهنجي ڊٺل وجود جي تعمير ۾ رڌل رهي.
    مون پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪي پل سندس هٿن جي آڱرين مان ڇهاءُ جو رس اوتيندو رهيس.
    محسوس ڪيم، هُن جي اکڙين مان وقت جي ڳوڙهن منهنجي پيشاني کي سيراب ڪري ڇڏيو آهي. ڇرڪ ڀري اکيون کوليم ڏٺم ته هوءَ روئي رهي هئي!
    چيم: ”تون ته هڪ ڊهندڙ وجود کي ٺاهڻ ۾ رڌل هئين ته پوءِ هي لڙڪ ڇو؟“
    هن ڏکاري لهجي ۾ وراڻيو:
    ”مون توکي ٺاهڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي. پر تون واريءَ جي ذرن کان به وڌيڪ ٽٽي ڊهي وکري ويو آهين!“
    مون پنهنجون اکيون جهڪائي ڇڏيون. وراڻيم:
    ”اهو سچ آهي ته منهنجي اکين ۾ سمايل هر گهر، دَر جي ڪهاڻي مون کي ڀوري ڇڏيو آهي. هاڻي مان سهپ جي سگهه وڃائي پاڻ پنهنجي ڪهاڻي بنجي ويو آهيان. تنهنجي عشق سان ٻڌل منهنجي ڪهاڻين جا سڀ ڪردار هاڻي بي معنيٰ لڳن ٿا. سوچان ٿو اُنهن ڪردارن کي اکين جي سيج تي ويهارڻ کانپوءِ به کين اڄ تائين ڪو سڪون ملي نه سگهيو آهي. اُهي اڄ به ائين رستن تي لاوارث ڀٽڪي رهيا آهن. جيئڻ جي خيرات گهُري رهيا آهن. ڪڏهن وطن ڪارڊ ته ڪڏهن ڪفن ڪارڊ سندن نصيبن جي ايڊريس تي پوسٽ ڪيا وڃن ٿا.“
    هوءَ خاموش ٿي ويئي.
    خاموشي کي ٽوڙيندي چيومانس:
    ”توکي هاڻي مون سان عشق ڪرڻ نه گهرجي!“
    هوءَ ڇرڪي پئي، ڏک مان وراڻيائين:
    ”پر ڇو؟“
    چيم:
    ”عشق تڙپائي ٿو، جلائي ٿو، ذرا ذرا ڪري چوٽي تان اُڇلائي ٿو. مان پاڻ کي وري ميڙيان ٿو، سنڀاليان ٿو. ڊهڻ ۽ ٺهڻ جو اهو سلسلو ڏاڍو ڀيانڪ آهي. متان، مون کان ڪٿي لاشعور طور خودڪشي نه ٿي وڃي!“
    ”اڪيلو ٿي پيو آهين؟“ هُن پڇيو.
    ”ها- اڪيلائپ، مون کي تنهنجي عشق مان ئي پلئه پئي آهي.“
    ته پوءِ، تون مون کي ڇڏي روايتي طور دنيا ۾ رهندڙ ڪنهن سانوريءَ کي پنهنجو ڪري اُن جي سامونڊيءَ اکين ۾ گم ٿي پناهه تلاش ڪر!“ هُن صلاح ڏني.
    اها ڪڏهن به مون کي اڪيلائپ جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري نه سگهندي!“
    ”ڇو-؟!“
    ”ڇاڪاڻ ته ڌرم جا مڙهيل عقيدا ۽ رسم اختيار ڪري جبري ريپ ذريعي مان حرامي ٻارن جي ڪردارن کي جنم ڏيڻ نٿو چاهيان. جنهن کي تون خانداني پس منظر ۾ ڏسي پناهه ۽ اڪيلائپ کان ڇوٽڪارو چئي رهي آهين!“
    ”اها فطري تقاضا آهي!“ هن بحث ڪيو.
    ”فطري تقاضا روح ۽ دل جو ميلاپ آهي، جنهن جي حمايت ۾ اڄ تائين سڀ خاموش آهن.“
    ”ته پوءِ اڪيلائپ سندءِ مقدر آهي.“ هوءَ مايوس ٿي ويئي.
    چيم، ”جيئري ئي مري وڃڻ کانپوءِ هر ڪردار مون جيان اڪيلو ئي بنجي ويندو آهي. اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي.“
    هوءَ خاموش بنجي مون ڏانهن تڪيندي رهي. ڪي گهڙيون اسين هڪٻئي جي اکين ۾ اوتجي وياسين.
    رات جي ڪاري سياهي باقي هئي. هوءَ منهنجي ڪمري مان اٿي دروازي طرف وڌڻ لڳي. مون سندس نازڪ هٿ جي ويڻيءَ مان جهليو ۽ پنهنجي گهر در جي چائنٺ پار ڪرائي کيس الوداع ڪيو.
    اُن وقت هوءَ روئي رهي هئي هن پنهنجي اکين مان ڪرندڙ ٻه لڙڪ منهنجي ساڄي هٿ جي تريءَ تي رکيا. اُهي لڙڪ اڄ به مون پنهنجي قلم ۾ مَس جي روپ ۾ سنڀالي رکيا آهن.
    اُنهن قطرن ۾ ڪيڏو درد آهي، ڪهڙا سوال آهن. اُنهن جو حل ڇا آهي؟ اهو مان نٿو ڄاڻان! مان رڳو، پنهنجون اکيون ئي بند ڪري سگهان ٿو. ڇو ته مون کي هاڻي ڏينهن جي شينهن کان به وحشت ٿيڻ لڳي آهي، جيڪو ڪنهن به وقت ماڻهو جو ماس پٽي کائي سگهي ٿو- ان کان اڳ جو ڪو انسان ڏينهن جي شينهن جو شڪار ٿئي- مان پنهنجو قلم بند ڪري رکي ٿو ڇڏيان!!
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 854
    ڪتابن جو مشاهدو: 2311143
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 592662
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ