ڪتاب جو نالو: نالي ماتر آزادي
مصنف: ذوالفقار علي ڀٽو
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 1989
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 24 آگسٽ 2019 ع
پڙهيو ويو: 682 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 336 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾ ڀُٽي صاحب پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي سان گڏ دنيا جي صورتحال، سياسي حالتن، پاڪستان کي گھيريل حالتن ۽ ايندڙ حالتن جي اپٽار ڪئي آھي، پاڻ لکن ٿا:
”آءٌ تسليم ڪريان ٿو ته ھيءُ ڪتاب تڙتڪڙ ۾ ۽ اھڙين حالتن ھيٺ لکيو ويوآھي، جن تي منهنجو ڪو وس نه آھي ۽ جڏھن حالتن جي خلاف اھڙي ڊوڙ لڳي پيئي آھي، جيڪا پاڪستان کي انتهائي تيز رفتاريءَ سان ھڪ اھڙي چؤ واٽي طرف ڇڪي وڃي رھي آھي، جتان ھڪ کان سواءِ باقي سڀ واٽون تباھيءَ ڏانهن وڃي رھيون آھن.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • شڪر ادائي
  • ديباچو
  • باب پهريون: برابريءَ لاءِ جدوجھد
  • باب ٻيون: عالمي طاقتون ۽ ننڍيون قومون
  • باب ٽيون: ورھاڱي ۽ ھندستان جي غير جانبداريءَ ڏانهن آمريڪي رويو
  • باب چوٿون: چين جي خلاف ھندستان جي آمريڪا کان امداد وٺڻ
  • باب پنجون: آمريڪا جي ھندستان لاءِ امداد ۽ پاڪستان کان بي نيازي
  • باب ڇهون: پاڪستان کي ھندستان جي قيادت جي حلقي ۾آڻڻ جي آمريڪي حڪمت عملي
  • باب ستون: آمريڪي شرطن تي ھندستان سان اشتراڪ عمل
  • باب اٺون: آمريڪي مطالبا ۽ پاڪستان لاءِ کليل راھون
  • باب نائون: ھند و پاڪستان جنگ ۽ ان جا مثال
  • باب ڏهون: پاڙيسرين ۽ ڪن ٻين ملڪن سان تعلقات
  • باب يارهون: ويٽ نام جي جنگ ۽ پاڪستان
  • باب ٻارهون: چين ۽ پاڪستان جا تعلقات
  • باب تيرهون: يورپي ملڪن ۽ عظيم طاقتن سان تعلقات
  • باب چوڏهون: ڪي نتيجا
  • باب پندرهون: ملڪ جو بهترين دفاع
  • باب سورهون: اڳرائيءَ جي روڪٿام
  • باب سترهون: وڌندڙ بحران جو مقابلو ڪيئن ڪجي
  • باب ارڙهون: ھندستان سان تنازعي جا بنياد
  • باب اوڻيهون: ھندستان سان مقابلو
  • باب ويهون: پڄاڻي

  • انتساب

    پاڪستان جي خودمختيار عوام جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نالي ماتر آزادي“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ۽ 1973ع ۾ پاڪستان کي آئين ڏيندڙ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جو لکيل آھي جيڪو 1969ع ۾ آڪسفورڊ پريس پاران "The Myth of Independence” جي نالي سان ڇپيو آھي. ڪتاب جو انگريزي ايڊيشن ھن لنڪ تان پڙھي سگھجي ٿو.
    ھن ڪتاب ۾ ڀُٽي صاحب پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي سان گڏ دنيا جي صورتحال، سياسي حالتن، پاڪستان کي گھيريل حالتن ۽ ايندڙ حالتن جي اپٽار ڪئي آھي، پاڻ لکن ٿا:
    ”آءٌ تسليم ڪريان ٿو ته ھيءُ ڪتاب تڙتڪڙ ۾ ۽ اھڙين حالتن ھيٺ لکيو ويوآھي، جن تي منهنجو ڪو وس نه آھي ۽ جڏھن حالتن جي خلاف اھڙي ڊوڙ لڳي پيئي آھي، جيڪا پاڪستان کي انتهائي تيز رفتاريءَ سان ھڪ اھڙي چؤ واٽي طرف ڇڪي وڃي رھي آھي، جتان ھڪ کان سواءِ باقي سڀ واٽون تباھيءَ ڏانهن وڃي رھيون آھن.“
    رسول بخش پليجي صاحب آڪٽوبر 2011ع ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ ھن ڪتاب بابت حوالو ڏيندي چيو ھو تہ ”ٻي جنگ عظيم مغربي سامراجي ملڪن برطانيا، فرانس، آمريڪا ۽ جرمني گڏجي سازش ڪري جرمني هٿان روسي انقلاب جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪرائي هئي، پر ان ۾ ناڪام ٿيا ۽ سخت ڪمزور ٿي ويا، ان ڪري هنن پنهنجي غلام ملڪن ۾ اندران ئي اندران پنهنجن ايجنٽن سان ساز باز ڪري نالي ماتر ڪوڙي آزادي ڏيئي کين سڌي سامراجي غلاميءَ مان ڪڍي آمريڪا جي اڻ سڌي اڳي کان سوين دفعا وڌيڪ رهزن ۽ سفاڪ غلامي ۾ ڏيئي ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪتاب ”نالي ماتر آزادي“ جو مطلب به اهو هو.“
    ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ پاران 1975ع ۾ ڇپايو ويو ۽ ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ ڇپايو ويو. ھي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان پياري امين ڀٽي سھيڙي ۽ نئين سر پروف ريڊنگ ڪري موڪليو آھي جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    شڪر ادائي

    جناب جي. ايم. رحيم، جنهن ڌيان سان ھن ڪتاب جي مسودي کي پڙھيو ۽ جيڪي قيمتي تجويزون ڏنيون، تنهن لاءِ سندس شڪريو ادا ڪري، ھن ڪتاب ۾ جيڪي لکيو اٿم، تنهن جي سڄي ذميواري کڻڻ کان آءٌ پاڻ کي آجو نٿوڪريان.
    آءٌ ھنن جو پڻ شڪر گذار آھيان: ھميش ھئملٽن ھارپر ۽ ائينڊ رو، جن مون کي جان – ايف ڪينڊيءَ جي ”دي اسٽر ئٽيجي آف پيس“ مان اقتباس وٺڻ جي اجازت ڏني؛ جوناٿن ڪيپ لميٽيڊ ۽ ڪرٽس برائون لميٽيڊ، جن بيورلي نڪلسجي ”ورڊڪٽ آن انڊيا“ مان اقتباس وٺڻ جي اجازت ڏني؛ چيٽو ائنڊ ونڊسلميٽيڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جن مون کي اين. سي. چوڌريءَ جي ”دي ڪانٽيننٽ آف سرسي“ مان اقتباس نقل ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    ديباچو

    سن 1958ع ۾ جڏھن مون ٽيھن ورھين جي نسبتاً ننڍيءَ عمر ۾ مارشل لا حڪومت ۾ وزير تجارت جو اعليٰ سرڪاري عھدو سنڀالي پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، تڏھن پاڪستان ھڪ اھڙيءَ صورتحال ۾ ھو، جو ان جو ھر اھم فيصلو، توڙي کڻي ان جو واسطو خالص داخلي نوعيت جي معاملن سان ھئڻ گھربو ھو، بين الاقوامي تعلقات خصوصا آمريڪا سان ڪيل معاھدن جي ڪنهن نه ڪنهن حقيقي توڙي خيالي پھلوءَ کان متاثر ٿي رھيو- وزير تجارت جي حيثيت ۾، توڙي ٻارڻ، بجلي ۽ قدرتي وسيلن جي وزير جي حيثيت ۾، يا وري وزير صنعت جي حيثيت ۾، جيڪو قلمدان مون کي سنه 1962-63 ع جي دوران مليو ھو.
    تاريخ جو مطالعو، پٺتي پيل ملڪن جي مسئلن جي ڄاڻ، ۽ بين الاقوامي سياست ۾ منهنجي دلچسپي اھي اھڙيون ڳالھيون ھيون، جيڪي مون کي پاڪستان جي وزير خارجه جي حيثيت ۾ ملڪ جي خدمت ڪرڻ واسطي حق بجانب بنائي رھيون ھيون. منهنجي اھا خواھش جنوري سنه 1963ع ۾ مسٽر محمد علي بوگري جي وفات بعد پوري ٿي.
    بهر حال، انهيءَ کان اڳ ۾ مون کي پاڪستان لاءِ بنيادي اھميت وارن بين الاقوامي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو ھو. آءٌ ڊسمبر سنه 1960ع ۾ ٻارڻ، بجلي۽ قدرتي وسيلن جي وزير جي حيثيت ۾ سوويت يونين سان تيل جي ٺاھه بابت ڳالھين ڪرڻ واسطي ماسڪو ويس. آءٌ انهيءَ ڳالهه جو ھن ھنڌ فقط ھن ڪري ذڪر ڪريان ٿو، جو انهيءَ واقعي سان وقت جي ان نقطي جي نشاندھي ٿئي ٿي، جتي پھچڻ کان پوءِ سوويت يونين سان اسان جا ناتا سڌرڻ شروع ٿيا، جيڪي ان کان اڳ ھونئن نهايت غير تسلي بخش ھئا.
    سنه 1960ع واري جنرل اسيمبليءَ جي انهيءَ مشھور اجلاس مان واپس موٽڻ بعد، جنهن ۾ وزيراعظم خروشچيف، صدر ناصر، صدر سوئيڪارنو، مسٽرمئڪملن، پنڊت نهرو، سينور فڊل ڪاسٽرو ۽ ٻين گھڻن ئي مشھورومعروف مدبرن شرڪت ڪئي ھئي، مون کي يقين ٿي ويو ته پاڪستان سرڪار لاءِ اھو وقت اچي ويو آھي، جڏھن ان کي پنهنجي خارجه پاليسيءَ تي نظر ثاني ڪري ان ۾ ترميم ڪرڻ گھرجي. انهيءَ خيال مطابق مون پنهنجيءَ حڪومت اڳيان ڪي تجويزون پيش ڪيون، جن کي آخرڪار قبول ڪيو ويو. اھو واقعو منهنجي وزير خارجه بنجڻ کان اڳي جو ھو. اھڙيءَ طرح منهنجي زوربار ڪري جيڪي تبديليون ٿيون، تن جي وسيلي فضا ساز گار ٿي ۽ مون سرڪاري طرح پنهنجي ملڪ جي وزير خارجه جو عھدو سنڀاليو.
    پڙھندڙ کي ھن ڪتاب جي صفحن ۾ پاڻ ھي معلوم ٿي ويندو ته منهنجا رايا ڪھڙا آھن، عالمي مسئلن ڏانهن منهنجو رويو ڇا آھي، منهنجي راءِ موجب پاڪستان طرفان پرڏيھي طاقتن سان معاملن طئي ڪرڻ ۾ ڪھڙيون غلطيون ڪيون ويون، ۽ انهن غلطين جو تدارڪ ڪيئن ڪجي؛ ۽ اھڙي خارجه پاليسي ٺاھڻ لاءِ جيڪا انهن خطرن کي تاري سگھي جيڪي ھن وقت ملڪ کي درپيش آھن، منهنجون تجويزون ڪھڙيون آھن. انهن خيالن جو اختصار ديباچي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بيسود ٿيندي. ان جي باوجود ھتي ھنن ڳالھين تي زور ڏيڻ مناسب ٿيندو ته چين سان قريبي تعلقات جي پاليسي، جيڪا مون تشڪيل ڏني ۽ عمل ۾ آندي، پاڪستان لاءِ لازمي آھي؛ ٻيو ته عظيم طاقتن سان معاملن ھلائڻ ۾ اسان کي انهن جي دٻائن جو اھڙي وقت تي پنهنجن سڀني موجود وسيلن سان مقابلو ڪرڻ گھرجي، جڏھن اھي اسان جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ کي نقصان رسائينديون ھجن؛ ته اھڙا عھدناما، جن جو مقصد پاڻ کي نقصان پھچائڻ يا انصاف جي اصولن جي خلاف ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان تڪرارن جو نبيرو ڪرڻ ھجي، جيڪي قومي سلامتيءَ بلڪ خود قومي بقا جي بيخ ۽ بنياد تي وار ڪن ٿا، تن کان بچاءُ ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن آءٌ ڪن پاليسين جي پاڻ تي ذميواري کڻان ٿو ته ان سان گڏ ھيءَ حقيقت به تسليم ڪريان ٿو ته جون 1966ع تائين، جڏھن مون وزير خارجه جو عھدو ڇڏيو، مون انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ھرطرح سان ڪوشش ڪئي.
    جيتوڻيڪ منهنجي دل گھڻو ئي پئي چاھيو ته 1965ع واريءَ پاڪستان-ھندستان جنگ ۽ ان کان پوءِ ٿيل تاشقند پڌرنامي جي ڪجهه وڌيڪ اپٽارڪريان، پر پوءِ مون مختلف سببن جي ڪري انهن ۽ ڪن ٻين موضوعن تي بحث ڪرڻ جي معاملي کي مستقبل ۾ ڪنهن مناسب موقعي تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تاريخ جي انهيءَ باب متعلق حقيقت بيان ڪرڻ جو مرحلو اڃا اڳتي اچڻو آھي.
    آءٌ تسليم ڪريان ٿو ته ھيءُ ڪتاب تڙتڪڙ ۾ ۽ اھڙين حالتن ھيٺ لکيو ويوآھي، جن تي منهنجو ڪو وس نه آھي ۽ جڏھن حالتن جي خلاف اھڙي ڊوڙ لڳي پيئي آھي، جيڪا پاڪستان کي انتهائي تيز رفتاريءَ سان ھڪ اھڙي چؤ واٽي طرف ڇڪي وڃي رھي آھي، جتان ھڪ کان سواءِ باقي سڀ واٽون تباھيءَ ڏانهن وڃي رھيون آھن.

    ڪراچي،
    نومبر1967ع.


    باب پهريون: برابريءَ لاءِ جدوجھد

    ١٩-مئي ١٩٥٤ع تي، پاڪستان ۽ آمريڪا ڪجهه مشڪل مذڪرات کانپوءِ، ”باھمي دفاعي امدادي معاھدو“ ڪيو ۽ ھڪ اھڙي لاڳاپي واري دؤر ۾داخل ٿيا، جنهن کي نرم لفظن ۾ ”خاص ناتو“ سڏيو ويو. آمريڪا پاڪستان کي ٻارھن سالن کان مٿڀري عرصي تائين ڪافي اقتصادي ۽ فوجي امداد ڏيندي رھي. ١٩٥٩ ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ غلط فھميون پيدا ٿيون ۽ اھي خاص طرح سان ھندستان ۽ چين واري جھڳڙي کان پوءِ جيئن پوءِ تيئن وڌنديون ويجھنديون ويون، آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا اختلافي صورتن ۾ ھلندا رھيا، جن جو اثر ڪڏھن مالي معاملن تي ۽ ڪڏھن زياده موثر طريقي سان سياسي معاملات تي پيو. باھمي تعلقات جي اھا لار آشنائيءَ جي ڇيڙي کانبيگانگيءَ جي ڇيڙي تي وڃي پھتي آھي. ھڪ اھو به وقت ھو، جڏھن پاڪستان کي ”آمريڪا جو ويجھن ۾ ويجھو ساٿي“ سڏيو پئي ويو ۽ آمريڪاجي ٻين طفيلي ايشيائي ملڪن کي چيڙائيندي، صدر ايوب خان ١٩٦١ع ۾ آمريڪي ڪانگرس ۾ پنهنجي ھڪ تقرير دوران، انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته ايشيا کنڊ ۾ فقط پاڪستان ئي اھو واحد ملڪ آھي، جنهن جي سر زمين تي ”آزاد دنيا“ جي بچاءَ لاءِ آمريڪي فوجون ڪنهن به گھڙيءَ لھي سگھن ٿيون. جڏھن ”يو-ٽو“ واري واقعي ۾ ڪمال جي سياست کيڏندي آمريڪا مبهم بيان بازيءَ کان ڪم ورتو، تڏھن پاڪستان، شاھه کان وڌيڪ شاھه پرستيءَ جومظاھرو ڪندي، کليو کلايو اقرار ڪيو ته ”يو- ٽو“ ھوائي جھاز پاڪستان مان اڏاڻو ھو ۽ پاڪستان کي ھڪ پڪي دوست جي حيثيت ۾ آمريڪا کي اھڙي اجازت ڏيڻ جو حق ھو. ھڪ چوٿائي صديءَ کان به گھٽ عرصي اندر، پاڪستان جي آمريڪا توڙي ھندستان سان لاڳاپن جو ھڪ دؤر پورو ٿيو آھي. زوردار ڪوششون ڪيون ويون آھن ته پاڪستان کي ھندستان سان محاذ آرائيءَ واري موقف تان ھٽائي، تعاون واري طريقي تي آندو ڃي، ۽ ان ئي سلسلي جي نتيجي طور پاڪستان جا آمريڪا سان تعلقات ڊرامائي انداز ۾ ھڪ ”ويجھن ۾ ويجھي ساٿي“ واريءَ حيثيت مان بدلجي انهيءَ تي پھتا آھن، جواھو الزام ھنيو وڃي ٿو ته آمريڪا جي مکيه ويري يعني عوامي جمھوريه چين۽ پاڪستان جي وچ ۾ سازباز آھي. اھي ٻٽا چڪر ڪيئن مڪمل ٿيا آھن، اھوگھڻن لاڳاپيل حقيقتن جھڙوڪ قومي احساسات، جاگرافي، پرآشوب ماضي ۽ ڪھنه روايتن جي باھمي اثراندازيءَ جو دلچسپ مطالعو پيش ڪري ٿو.ايشيائي اسرندڙ قوم پرستيءَ جي جذبي کان متاثر ٿيل ھڪ قديم قوم جو تفاخر۽ جذبا ۽ انهيءَ ۾ شامل آھن. اھا ڪھاڻي مذھب کان وٺي اقتصاديات تائين جاگرافيءَ کان وٺي سياست تائين، تاريخ کان وٺي ڏندڪٿائن تائين ۽ قوميت کانوٺي نسل ڪشيءَ تائين ھڪ وسيع افق تي پکڙيل آھي. گھڻو ڪري آمريڪا کي ھن ڄار جي ھر و ڪڙ ۾ وچڙايو ويو آھي. ھيءُ ڪتاب ھن گھڻ رخي صوتحال جي ھڪڙي رخ پرکڻ جي ڪوشش آھي.
    جيتوڻيڪ ويجھي ماضيءَ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ناھموار حالات جا آئينه دار پئي رھيا آھن، پر آمريڪا جي فقط انهيءَ فيصلي ته پاڪستان جيفوجي امداد بند ڪئي وڃي-ھڪ اھڙي ملڪ جي جنهن سان آمريڪا باھمي۽ سيٽو ۽ سنيٽو جي دفاعي معاھدن ۽ شموليت جي ڪري رسمي طور اڃا تائينڳنڍيل ۽ جوابدار آھي-ٻنهي ملڪن جي انهيءَ خاص تعلق کي آخري طرحٻنجو ڏنو. اربع ڏينهن ١٢-اپريل ١٩٦٧ع تي واشنگٽن ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمنيٽ جي ھڪ ترجمان ھيٺين پڌرائي ڪئي:
    ”اسان ھندستان ۽ پاڪستان جي فوجي امداد جي گنجائش متعلق پنهنجي پاليسيءَ جو مفصل جائزو ورتو آھي ۽ اھو فيصلو ڪيو آھي ته سيپٽمبر ١٩٦٥ع کان روڪيل فوجي امداد نئين سر جاري نه ڪنداسون،
    ”اسان انهيءَ ڪري آمريڪا جي پاڪستان ۾ پنهنجي اداري يو-ايس ملٽرياسٽنس ائڊوائيزري گروپ (يو-ايس ايم-اي-اي-جي) ۽ ھندستان ۾ يو-ايس ملٽريسپلاءِ مشن (يو-ايس-ايم-ايس-ايم-آءِ) کي بند ٿا ڪريون. ٻنهي ملڪن ۾ پھرين جولاءِ ١٩٦٧ع تائين انهيءَ ڪم جي پوري ٿي وڃڻ جي توقع آھي.
    ”اسان اھو به فيصلو ڪيو آھي ته آمريڪا جي حڪومت طرفان فاضل پرزن جي مختلف قسمن جي سپلاءِ تي پيل موجوده بندشن کي ختم ڪيو وڃي ۽ اھي ھندستان ۽ پاڪستان کي اڳيئي ڏنل فوجي سامان لاءِ ڀلي وڪرو ڪيا وڃن. ھن کان پوءِ اسان نقد پئسن تي فاضل پرزن جي خريداريءَ لاءِ ايڪسپورٽ پرمٽن جي اجراءِ جي سڀني درخواستن تي الڳ الڳ ويچار ڪرڻ لاءِ تيار رھنداسين.
    ”آمريڪا پنهنجي فوجي سامان جي وڪري واري پاليسيءَ تي احتياط سان ان ڳالهه جي خاطري ڪرڻ لاءِ مسلسل نظرثان ڪندي رھندي ته اھا پاليسي پاڪستان ۽ ھندستان جي وچ ۾ ھٿيارن جي ڊوڙ کي تيز ڪرڻ جو ذريعو نه بڻجي. اسان وڏي اميد رکون ٿا ته ٻيئي ملڪ پنهنجن انهن مسئلن ۽ اختلافن کي، جن کين ھڪٻئي کان پري ڪيو آھي، حل ڪرڻ لاءِ اڳڀرو وڌندا ۽ اھي پنهنجي زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ کي خاص ترجيع ڏيڻ لاءِ پنهنجن وسيلن کي استعمال ڪندا “(1).
    اھو فيصلو برصغير ۾ عمومي طور ۽ ايشيا جي مستقبل تي خاص طرح، جنهن ھينئر بحران جي مکيه سرچشمي جي حيثيت سان يورپ جي جاءِ ورتي آھي، ۽ جنگ ۽ امن جي نهايت اھم معاملن تي اثر انداز ٿيو آھي، دور رس نتيجي جو حامل آھي. يورپ صدين تائين اھو مرڪز ھو جتان جڳھڙن جي پکيڙ پئي ٿي. انهيءَ چوڻ جو اھو مطلب ڪونهي ته ايشيا مشڪلن کان آجو ھو ۽ ساڳئي وقت يورپ انقلابن ۽ بغاوتن جي چنبي ۾ ھو، تاريخ اڃا تائين انسانن جي آباديءَ جي ڪنهن به حصي کي مڪمل طور تي سڪون نه بخشيو آھي. جيڪي ٿيو آھي اھو اِھو آھي ته شديد طوفان جي رخ ايشيا ڏانهن موڙ کاڌو آھي، جتي ويٽنام ۾ خوني جنگ لڙي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي تي ئي ھر ھنڌ جي ماڻھن جي قسمت جو مدار آھي. اھو لتاڙيل ملڪ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آھي. جيتوڻيڪ اھو معاملو وقتي طور ويٽنام تائين محدود آھي، پر اھو بلڪل ممڪن آھي ته جڏھن اھو ڪنهن نازڪ مرحلي تي پھچندو ته جنگ پنهنجون موجوده حدون لتاڙيندي ايشيا جي اٿاھ زمين کي جنگ جي وسيع ميدان ۾ بدلائي وجھندي ۽ شايد ان جا تباھ ڪن شعلا اڳتي به وڌي وڃن.
    دنيا ڪيئن نه قطعي طور تي تباھ ڪن آڙاھه جي ڪنڌيءَ جي ويجھو پھچي سگھي ٿي، اھو وچ اوڀر جي تازي جنگ واري زماني ۾ ڏٺو ويو ھو. انهيءَ جنگ کان اڳي جي بحران آمريڪا ۽ روس جي اڳ ئي نازڪ تعلقات کي ختم ڪرڻ جو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو. اھي تعلقات ختم نه ٿيا ۽ روس پوئتي ھٽي ويو، انهيءَ مان اسان کي غلط طور تي اھو نه سمجھڻ کپي ته روس ھميشه پوئتي ھٽندو ۽ پنهنجي دنيا جي اڳواڻ ھئڻ واريءَ دعويٰ کي ڌڪ ھڻندو. عرب ملڪن ۽ يھودين جي وچ ۾ جنگ الھندي ۽ ڏکڻ اڀرندي ايشيا کي جنگ جي ساڳي ئي بٺيءَ ۾ وجھي ڇڏيو ۽ ماڻھن ۾ اھو خطرو پيدا ڪيو ته انهيءَ بٺيءَ جون چڻنگون گڏجي سڄيءَ دنيا ۾ باھه نه ٻاري ڇڏين. انهن پنجن ڏينهن واري جنگ جي ابتدا توڙي اختتام جو ويٽنام سان سنئون سڌو ڳانڍاپو ھو. جيڪڏھن آمريڪا جنگ ۾ گھري نموني پاٿل نه ھجي ھا ۽ جيڪڏھن انهيءَ جنگ ۾ روس جو وڌندڙ انتظار شامل نه ھجي ھا ته وچ اوڀر وارو بحران نه ائين اوچتو ظھور پذير ٿئي ھا ۽ نه وري ائين بي وقتائتو ختم ٿئي ھا. انهيءَ ڪري ڪنهن به وڏي سياسي واقعي خاص طرح ايشيا ۾ اھڙي واقعي جي اصليت ۽ نتيجي کي ويٽنام جي جنگ کان الڳ نٿو ڪري سگھجي.
    ھڪ طرفيءَ حڪمت عمليءَ جو رجحان غلط آھي. جيتوڻيڪ ماڻھن جو اھوفطري لاڙو آھي ته پنهنجيءَ حالت مطابق ئي ڪنهن مسئلي کي سوچين، پردنيا جا حالات انهيءَ محدود فڪر کي رد ڪريو ڇڏين. دنيا ۾ ٿيندڙ واقعا اھڙا ڏکيا ۽ ھڪٻِئي سان ڳنڍيل آھن جو ڪو به ھڪ اھم فيصلو فقط ھڪ قوم جودر نٿو کڙڪائي. سياست جا ھٿيار پنوھار ھاڻ فطرتا حدن اندر مقيد نه رھيا آھن. سڀني قومن خصوصي طور تي وڏين طاقتن جا اقتدام گھڻين ڳالھين کي نظر ۾ رکندي ۽ ھڪ وسيع ميدان کي سميٽڻ جي ڪري متاثر ٿين ٿا.
    اھي اھم فيصلا، جيڪي بظاھر فقط پاڪستان کي متاثر ڪندا ڏسجن ٿا، تن جواطلاق، در حقيقت وڌيڪ وسيع آھي. ويٽنام جنگ جو اوڀر جيڪڏھن فقط آمريڪا ۽ ويٽنام سان ئي تعلق رکي ھا ته اھا ھڪ سولي ڳالهه ٿي پوي ھا، پرجنگ جي اڀاريندڙ ھر قدم کي نه فقط ويٽنام ۽ آمريڪا جي حالات تائين پرکڻو آھي، پر چين، روس ۽ ٻين ملڪن جي روڪڻ واري فيصلي جي انهن وسيع سببن کي، جيڪي ايشيا کي متاثر ڪن ٿا، نظر ۾ رکي سوچڻو پوندو. داءُ جيترا بظاھر نظر اچن ٿا، انهن کان مٿڀرا لڳل آھن، انهيءَ کي وسيع تر قومي مفادن جي حفاظت کي نظر ۾ رکي تسليم ڪرڻو پوندو.
    جيڪڏھن بين الاقوامي حالات کي ھڪڙي ئي نقطه نگاھ سان ڏسبو، ته پوءِ آمريڪا جو پاڪستان کي فوجي امداد بند ڪرڻ وارو فيصلو بي وقتو ۽ يڪ طرفو قدم نظر ايندو. پر بهرحال جيڪڏھن دنيا جي واقعن جو ٻِه –طرفه لاڳاپن سان نه پر دنيا جي لحاظ سان تحقيقي تجزيو ڪيو ويندو ته پوءِ اھوفيصلو نه بي وقتو آھي ۽ نه ھڪ طرفو آھي. اھو تمام ضروري آھي، ته انهيءَ اھم فيصلي ۽ آمريڪا ۽ پاڪستان جي مستقبل جي تعلقات کي گھري ۽ تحقيقي نموني سان جانچيو وڃي، ته جيئن اھو متعين ڪري سگھون ته اسان دنيا جي ٻين قومن سان ڪيئن بيٺل آھيون ۽ اڃا آئنده ڪيئن بيھنداسون. مستقبل کي اڳواٽ ڏسڻ جون ڪوششون صحيح سياسي فيصلن کي قائم ڪرڻ ۾ مدد گارٿي سگھن ٿيون ۽ اسان جي ماڻھن کي به انهن مشڪلاتن ۽ موجھارن کان آگاھه ڪري سگھن ٿيون، جن کي ھن بي يقينيءَ واري گڏ رھڻ ۽ گڏ تباھه ٿيڻ واريءَ دنيا ۾ منهن ڏيڻ جو امڪان آھي.
    انهيءَ وقت کان جڏھن انسان زندگيءَ کي وڌيڪ وڻندڙ بنائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجون چرون ڇڏي ٻاھر نڪتو، تڏھن کان ھو پنهنجي ھم جنسن سان مقابلي ۾ ئي رھيو آھي ۽ سڀئي ساڳين ئي قوتن جي اثر ھيٺ تحريڪ ۾ آيا ۽ سڀئي ساڳين يا ملندڙ جلندڙ مقصدن لاءِ ڊوڙ ڊڪ پئي ڪئي آھي. تهذيب جي اوسر سان وجود جي بقا لاءِ جدوجھد جو وڏي ۾ وڏو اظھار ملڪن جي تعلقات ۾ ملي ٿو. ارسطو ان نتيجي تي پھتو ته ”اھو ظاھر آھي ته رياست فطرت جي ھڪ تخليق آھي ۽ ماڻھو فطري طور تي سياسي جانور آھي ۽ ھر اھو شخص جيڪو فطري طور ۽ نه فقط ڪنهن حادثي جي ڪري ڪنهن به ملڪ سان متعلق نه آھي اھو يا ته انسانيت جي درجي کان مٿي آھي يا ان کان ھيٺ، تمدن ۽ علوم جي واڌاري پٺيان اھائي انساني خواھش موجود آھي، جنهن جو اظھار رياست جي ذريعي ٿئي ٿو، تان ته اتي زندگيءَ کي ھڪڙي گڏيل وحدت اندر وڌيڪ آسائتو ڪجي. مختلف گروھن ۾ پنهنجي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي جڳھڙا پيدا ٿين ٿا، اھي تاريخ جا جزا آھن. اعليٰ شڪل ۾ منظم گروھه يعني قومي رياست نهايت ئي جابر آھي. ڇاڪاڻ جو اھي فرد جيڪي گڏجي اھا رياست ٺاھين ٿا، انهن لاءِ اھا نهايت ئي تڪليف ده آھي.
    اھڙن گروھن جي وچ ۾ مقابلا يا سندن پنهنجي پاڻ ۾ جڳھڙا احتجاج جي ھڪ شڪل پيدا ڪن ٿا، جيڪا آھي ھڪجھڙائيءَ لاءِ جدوجھد. اھو تمدن جي ظھور پذير ٿيڻ سان ئي شروع ٿيو. قديم تهذيبي گھوارن جي جڳھڙن جون ثابيتون موجود آھن، جيڪي چار ھزار ورھيه قبل مسيع ۾ دجله-فرات وادي ۽ سنڌوماٿر جي تمدن ۾ ظاھر ٿيا. انهن کان پوءِ جيڪي تمدن آيا، مثال طور مصر، يونان، ڪارٿيج ۽ روم، تن سڀني جو انهن ساڳئي قسمن جي جڳھڙن سان پلئه اٽڪيو. قديم ايران ۽ بازنطين، سلطنت عثمانيه، انگريز ۽ فرينچ شھنشاھيتن جي بيٺڪي اڏن ۽ نازي جرمنيءَ ساڳئي ڊرامي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آھي، جنهن جو محرڪ ٻِين تي مسلط ٿيڻ جي ھٻچ ۽ ھڪجھڙائيءَ جي جدوجھد سان جھيڙڻ ھو. جڏھن به ٻين کي مسلط ٿيڻ واري تحريڪ جي تحت وقتي طور باھه وساڻي يا تلوار واپس پنهنجي مياڻ ۾ وئي، پوءِ به اھا جدوجھد ( برابر ي واري) مختلف نالن ۽ روين ۾ جاري رھي. غلبي کي سڀني کان وڌيڪ مضبوط جي بقا جو نالو ڏيئي صحيح عمل سمجھيو ويو آھي، انهيءَ کي گوريءَ ماڻھوءَ جي ذمه داري جي نالي سان سڏيو ويو آھي. انهيءَ کي انهن نظرين سان شاندار بنايو ويو آھي ته اھي فقط حاڪم قوم جون ذميواريون آھن. اڄ انهيءَ قديم جدوجھد کي مختصرا جمھوريت جي نظريي ۾سمايو ويو آھي جيڪو آمريت جو ضد آھي.
    ويجھڙي زماني ۾، انسانيت کي ظلم ۽ ستم کان نجات ڏيارڻ لاءِ ھر ھنڌ جي ستم زده ماڻھن کي، جيڪي بيٺڪي سامراجيت جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ھئا، وڏوزور ڏيئي ھن ڳالهه تي آماده ڪيو ويو ته اھي ”نازي ازم“ جي خلاف جدوجھد ۾ حصو وٺن.
    نازي ازم جي شڪست کان ھڪدم پوءِ ايشيا ۽ تمام گھڻين قومن پنهنجي سياسي آزادي حاصل ڪئي. تقريبا ٻن صدين جي غلاميءَ کان پوءِ ھندستان ۽ پاڪستان اسان جي ايشيا کنڊ جون وڏيون ڌريون ھيون جيڪي مٿين معنيٰ ۾ آزاد ٿيون. ويھن سالن جي آزاديءَ ھندستان ۽ پاڪستان جي ماڻھن تي واضع طور تي انهيءَ تفاوت جو انڪشاف ڪيو آھي، ھو حقيقتا محض آزادي ۽ برابر درجي وارين ٻين رياستن جي وچ ۾ ھوندو آھي. برابريءَ جاري رھي آھي. ڌارين جي غلاميءَ جي جاءِ ڌارين جي دخل اندازيءَ والاري آھي ۽ اھا فيصله ڪن طاقت، جيڪا اسان جي ماڻھن جي زندگيءَ کي بنيادي طور تي متاثرڪري سگھي ٿي، انهيءَ کي نئين – بيٺڪيت جي قانون سان بي اثر بنايو ويو آھي. جنگ کان پوءِ نازي ازم جي خلاف آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ سرد جنگ جاري ٿي، جيڪا مائوزي تنگ جي ١٩٤٩ع واري ڪامياب لانگ مارچ کان پوءِ پاڻ وڌيڪ تيز ٿي ويئي.
    آزاديءَ کان وٺي پاڪستان جا پرڏيھي تعلقات مختلف درجن ۾ ظاھر پئي ٿيا آھن. ڪي قدر اھي تعلقات بدلجندڙ حالتن کان متاثر ٿيا ۽ ڪي قدر جذبات ۽ ظاھري فيصلن کان، جيڪي نين قومن جي سوچ تي لازمي طور تي پنهنجو اثر ڪن ٿا. پاڪستان جي برصغير ۽ ايشيا ۽ دنيا ۾ ڪردار کي صحيح ۽ غيرجانداريءَ سان ڏسڻ لاءِ اھو ضروري آھي ته ٻين ملڪن سان سندس تعلقات کي عارضي طور تي جانچڻ جي جاءِ دنيا جي واقعات ۽ انهن صحيح حقيقتن کي نظر ۾ رکي متاثر ڪريون، جن ننڍين توڙي وڏين قومي رياستن کي متاثر ڪيوآھي. نظرياتي سياستدانن جو خصوصا پاڪستان ۾ اھو لاڙو پئي رھيو آھي ته ڪنهن به پاليسيءَ جي اچانڪ ظاھر ٿيل واقعن جي بنياد تي ڇنڊ ڇاڻ ڪن ۽ تڪڙن ۽ ھڪ طرفن نتيجن تي پھچن. اسان جي جامد فيصلن ۽ انهن تي ضد ٻڌي بيھڻ واري عادت ڪري تڪليفون پيدا ٿين ٿيون. حقيقتن کي زياده صحيح طور تي سڃائڻ لاءِ اسان کي پراڻين عادتن کي الوداع ڪرڻي پوندي. حقيقتاً تازن ظاھر ٿيل واقعن جي اثر کي تڏھن ئي پرکي سگھبو، جڏھن ھر وڏي واقعي کي جيڪو بين الاقوامي طاقتن جي ٽڙيل پکڙيل مونجھاري واريءَ سياست جي ڪري ظاھر ٿو ٿئي ان جي صحيح مقام تان جانچبو، منهنجي ڳالهه تنهن ڪري لازمي طور تي آغاز کان شروع ٿيڻ کپي يعني برصغير جي ورھاڱي کان ٿورو اڳ ھٽلر جي ٿرڊ رائيش جي شڪست کان وٺي.

    ________________________________________

    (1) ڊان ڪراچي 13 اپريل 1967ع


    باب ٻيون: عالمي طاقتون ۽ ننڍيون قومون

    ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ کان ھڪ نئين سياسي صورتحال پيدا ٿي آھي، جيڪا، ڇاڪاڻ ته شايد ايتري قدر واضع آھي، جو ان کي صحيح پس منظر ۾ نه ڏٺو ويو آھي ۽ ان جي اثرن کي ڪڏھن به پوري طرح نه سمجھيو ويو آھي. ١٩٣٩ع تائين اھو چئي سگھجي ھا ته وڏيون طاقتون ھي ھيون:
    1.آمريڪا.
    2.برطانيا.
    3.فرانس.
    4.جرمني.
    5.روس.
    6.جپان.
    7.اٽلي.
    اوڻيھين صديءَ ۾ ۽ ويندي ويھين صديءَ جي پھرين اڌ تائين، پر ڏيھي معاملن کي ھلائڻ جو روايتي طريقو علائقي معاھدن تي مبني ھو، جنهن جو مقصد ھوننڍين قومن جي حمايت سان وڏين طاقتن جي گروھه بندين جي وچ ۾ توازن قائم رکڻ. انهيءَ تمام نازڪ توازن کي برقرار رکڻ سان ئي امن قائم رکيو ٿي ويو، ۽ امن تڏھن خطري ۾ پئجي ٿي ويو جڏھن توازن، اٿلي ھڪ نه ٻئي ٽولي جي فائدي ۾ ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ ننڍيون قومون مختلف سياسي سوديبازين جي ذريعي وڏين طاقتن جي پاليسي ۽ ڳانڍاپي تي اثرانداز ٿي سگھيون ٿي.
    اڄ دنيا جي عالمي طاقتن جي ميدان ۾ اچڻ سان اھو ڪجهه بدلجي ويو آھي. عالمي طاقتون وڏين طاقتن وارين سڀني ڪلاسيڪي صفتن سان گڏ ساڳئي وقت تي وڌيڪ طاقتور آھن ۽ سڄي دنيا جي ماڻھن جي قسمتن جي تعين ڪرڻ ۾وسيع تر ڪردار ادا ڪن ٿيون. گذريل ويھن سالن جي اندر انهن عالمي طاقتن جي ظھور، حڪومت ھلائڻ جي طريقه ڪار جي سڄي نظريي کي بدلائي ڇڏيو آھي. اھي سڀ ننڍيون قومون، جيڪي ترقي پذير قومن جي باب ۾ اچي وڃن ٿيون، تن لاءِ وڏين طاقتن سان لڳاپي کي متعين ڪرڻ ۽ پنهنجي قومي مفاد کي مقدم رکڻ وڌيڪ منجھائيندڙ ۽ مشڪل ٿي پيو آھي. ننڍي قوم جيڪا حڪمت عمليءَ جي نون طريقن کي سمجھي نٿي سگھي تنهن جي قسمت ۾ نااميدي، نراسائيءَ جو احساس، تنهائي ۽ شايد پڇاڙيءَ ۾ مڪمل تباھي لکجي چڪي آھي. ھڪ ترقي پذير ملڪ جي حيثيت سان، پاڪستان کي اھو سمجھڻ کپي ته پنهنجي معاملات کي ھن نئين صورتحال ۾ ڪيئن ھلائجي.
    اڄ وڏي طاقت ڇا آھي ۽ ڪي ڏھاڪا سال اڳ ھڪ وڏي طاقت ڇا ھئي اھا ھڪ ڳڻ آھي جيڪا ڇنڊ ڇاڻ جي لائق آھي. شھنشاھي دؤر ۾ وڏي طاقت جي اثر جو دائرو ۽ قبضو عالمي نوعيت جو نه پر علاقائي نوعيت جو ھو. سڪندراعظم ڪوشش ڪئي ته سڄي دنيا فتح ڪري، پر اھا ھڪ ننڍڙي دنيا ھئي. رومين جون فوجون سڄي يورپ ۽ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪجهه حصن تي ڇانئجي ويون، پر جن ملڪن ۾ روم جو حڪم جاري ٿي ٿيو تنهن کان دنيا اڃا به وڌيڪ وسيع ھئي. شارل مين يورپ تي قابض ھو، پر سندس زماني جي سياسي يورپ جون سرحدون مشرق طرف ڪنهن گھڻيءَ حد تائين پکڙيل نه ھيون. چنگيز خان جي ڪٽڪن ايشيا لتاڙي ۽ يورپ جي ڪجهه حصن تي گھوڙا ڊوڙايا، پر سندس فتحون دنيا لاءِ عمومي طور تي دير پا نتيجن جون حامل نه رھيون. نيپولين ھڪ عالمي سرشتي جو خواب ڏٺو جيڪو ماسڪو جي رک ۾ ختم ٿيو. ھٽلر به ساڳيءَ ھوس کان متاثر ٿيو، پر ھو به ماسڪو جي دروازن تان پوئتي ھڪاليو ويو.
    سڪندر کان وٺي ھٽلر تائين، ڪيترائي فا تح دنيا جي فتح ڪرڻ لاءِ نڪتا پرناڪام ٿيا. ھڪ کان وڌيڪ کنڊن ۾ بيشمار علائقا ھڪ نه ٻيءَ شھنشاھي طاقت جي قبضي ۾ برابر آيا پر گھڻي وقت تائين نه برطانيا جي وسيع شھنشاھت تي سج ڪونه ٿي لٿو، پر سندس طاقت جي عروج واري زماني ۾ به برطانيا کي ٻين بادشاھي قوتن، خاص ڪري اسپين، فرانس ۽ جرمنيءَ جي حرص جو مقابلو ڪرڻو ٿي پيو ۽ اھڙيءَ ريت دنيا، نه ئي ڪڏھن ڪنهن ھڪ بادشاھي طاقت جي رھبريءَ ھيٺ رھي ۽ نه وري ڪنهن معاھدي تحت ڪن اعليٰ طاقتن جي وچ ۾ ورھائي ويئي. ٻي عالمي جنگ جي پڇاڙيءَ ۾ جڏھن مرڪزي طاقتون ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويون تڏھن دنيا اتحادي طاقتن جي زيرنگين ھئي، پر جنگ جي خاتمي کان اڳي ئي اتحادي طاقتن ۽ روس جي وچ ۾ پنهنجن مفادن تي جڳھڙو ظاھر ٿي جيڪو ھو. پراڻين شھنشاھيتن جھڙوڪ برطانيا، فرانس ۽ نيدرلئنڊس جو اختيار ايتريقدر ته گھٽجي چڪو ھو جو ھنن کي مجبورا پنهنجن ڏيساورن وارين بادشاھتن تان هٿ کڻڻو پيو. انهيءَ خلا ۾ فقط ٻه طاقتون اڳتي وڌيون جيڪي ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ طاقتور ۽ ڪامياب ٿي آيون ھيون، يعني آمريڪا ۽ روس. اھي طاقتون ناگزير طور تي سياسي خلا کي پر ڪندي پنهنجي پنهنجي اثر وارين ايراضين کي مشرق توڙي مغرب ۾ اڳتي وڌائينديون ويون. مغرب ۾ ھو برلن ۽ وچ يورپ ۾ پھچي، ھڪٻئي جي آڏو صف آرا ٿيون. مشرق ۾ روسين پنهنجي اثر کي پئسفڪ سمنڊ تائين وڌايو، ساڳيءَ طرح آمريڪا، جپان ۽ فلپائين ۾ داخل ٿي، عارضي طرح ڏکڻ - اوڀر ايشيا ۾ مرڻينگ فرانسي شھنشاھيت کي سھارو ڏنو. جيئن آمريڪا روايتي طور انهيءَ معنيٰ ۾ شھنشاھي قوت نه ھئي جو ڌارين علائقن تي عملي طرح قابض ھجي، سواءِ فلپائين ۽ ڪئريبين جي چند زيرحمايت ٽڪرن جي، ۽ جيئن ته روس پنهنجي مارڪسي نظريي جي ڪري ڌارين ايراضين تي عملي طرح قابض ٿيڻ جو جواز پيش ڪري نٿي سگھيو، انهيءَ ڪري ڪشمش جي ھڪ نئين شڪل ظاھر ٿي. اھا جديد نئو آبادياتي نظام جي ابتدا ھئي. ھاڻي ضروري نه رھيو ھو ته ننڍن ملڪن جي قسمتن کي پنهنجي ھٿ وس رکڻ لاءِ انهن جي علائقي تي حڪم ھلائجي.
    شھناشاھيت جو بنيادي مقصد بيٺڪن ۾ پئداوار جي وسيلن کي استعمال ڪرڻ ھو. وسيع ايراضين کي ڦانڊيندي کين شھنشاھي طاقتن جي وچ ۾ ورھايو ٿي ويو، جن محڪوم ماڻھن جي پئداوار جي وسيلن کي چوسي ٿي ورتو. شھنشاھيت جي روپ جي ڪلاسيڪي معنيٰ ۾ خاتمي کان پوءِ، صرف استحصال جو طريقو ڦيرڦار ھيٺ آيو. جيئن ئي سامراجي طاقتون پنهنجن بيٺڪن مان نڪتيون تيئن ”ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي پاليسي بيڪار ٿي ويئي، ۽ انهيءَ جي جاءِ نئين زماني جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ”ملايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي پاليسيءَ والاري، جيتوڻيڪ مقصد ساڳيو ھو. حالتن جي تبديليءَ طريقه ڪارجي تبديليءَ کي لازمي ڪري ڇڏيو. ماضيءَ ۾ ڪالونيون جدا گانه طور تي الڳ الڳ شھنشاھي طاقت جي استحصال ھيٺ ھيون.ھاڻي جيئن ته انهن طاقتن پنهنجن قبضن کي خالي ڪري ڇڏيو آھي، انڪري انهن لاءِ اھو ضروري ٿي پيو آھي ته سابق ڪالونين جي گروپن جي وسيلن کي بهتر اجتماعي استحصال خاطر ملائي ڇڏين. جيئن ته استحصال ڪندڙن جي حالت بدلجي ويئي آھي، انڪري اھو به ضروري ٿي پيو آھي ته جنهن جو استحصال ڪيو وڃي ان جي به حالت بدلائي وڃي. اڳ شھنشاھي طاقتون استحصالي مقصدن جي پٺيان ڌار ڌار رڌل ھيون. ھاڻي جيئن ته پنهنجي استحصال مشترڪ فائدي لاءِ اھي پاڻ ۾ گڏجي ويون آھن، انهي ڪري انهن لاءِ اھو به اھڙو ئي لازمي ٿي پيو آھي ته سندن سابق ڪالونيون پنهنجي وسيلن کي ڪٺو ڪن ته جيئناستحصال ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. نئين ماحول جي اھا تقاضا آھي ته ٻنهي، سابق ڪالونين ۽ سابق ڪالونين تي قابض ملڪن ۾ ڪجهه انتظام ڪيا وڃن ته جيئن تجارتي مارڪيٽون مغرب جي ترقي يافته قومن لاءِ فائدي وارن معاھدن تحت گھڻي درآمد ۽ برآمد جو حوصلو پيدا ٿيون ڪن. اھي سامان جي وڌيڪ کپت جي حوصله افزائي ڪن ٿيون ۽ ھڪ منظم طريقي سان وسيلن جواستحصال ڪن ٿيون. ھو بين الاقوامي بنياد تي اگھن جي گھاٽي واڌيءَ کي آسان بنائين ٿيون. انهيءَ ۾ گھڻائي فائدا آھن، جن مان گھڻي ۾ گھڻا فائدا سابق سامراجي طاقتن کي ئي رسن ٿا، ”آزاد دنيا“ جي مفادن جو تحفظ سھڻي نموني ٿئي ٿو، پر اقتصادي استحصال مکيه مقصد رھي ٿو. ھي آبادياتي نظام مان ڦري نوآبادياتي نظام ڏانهن اچڻ لاءِ ھڪ اڻٽر عمل آھي، اھوئي ته سبب آھي جو اسان جي آزادي محض خيالي رھجيو وڃي.
    مغرب، جنهن ماضيءَ ۾ محڪوم ماڻھن جي اتحاد لاءِ جدوجھد ۾ گھٽ ھمدردي ٿي ڏيکاري، تنهن ھينئر اوچتو سابق نوآبادياتي ماڻھن جي اتحاد کي پسند ڪيوآھي، انهي حد تائين جو گھڻين جاين تي سابق ڪالونين تي اتحاد کي مڙھيو پيو وڃي. ھر ھنڌ ” تعاون“ ڪليدي لفظ ٿي چڪو آھي. اسان اتحاد جي خلاف نه آھيون. حقيقت ۾ اسان آفريقي ايشيائي ملڪن جو اتحاد چاھيون ٿا، پر اھواتحاد جيڪو رضاڪارانه طور عمل ۾ اچي، ۽ غيرن جي حفاظت کان سواءِ ھڪجھڙائيءَ جي بنيادن تي قائم ڪيو وڃي. اتحاد واسطيدار ماڻھن جي مفاد لاءِ ئي حاصل ٿيڻ گھرجي ۽ نه ٻاھرين طاقتن ۽ سندن ايجنٽن جي فائدي لاءِ. انهي کي عوام جي خدمت لاءِ استعمال ڪرڻ گھرجي نه ڪي ٻاھرين عنصرن جي حڪم ھيٺ رکيو وڃي. اسان جي ماڻھن کي اھا آزادي ھئڻ گھرجي ته اتحاد جي فائدي ۾ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪن. انهيءَ قسم جو اتحاد ڌارين جي مفادن جي خلاف آھي، جيڪي اقتصادي ۽ فوجي کاتن ۾ استحصال جي مقصدن تحت اتحاد کي مڙھين ٿا. ماڻھن جي مرضيءَ سان ڪيل ايڪي ۽ انهن تي زوريءَ مڙھيل ايڪي ۾ بنيادي فرق آھي. اھو ايڪو فقط ”رومين“ جي امن جو ھڪ تسلسل آھي. اھو ايڪو جيڪو استحصال کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تنهنجي اھي ڌاريون طاقتون يقيني طور تي مخالفت ڪن ٿيون جن جو عزم پنهنجين رعايتن کي ھڪ نه ٻيءَ شڪل ۾ قائم رکڻ آھي يا ڊپ اٿن ته اھي رعايتون وٽانئن ھليون نه وڃن، انهي چوڻ جي ضرورت ئي ڪانهي ته مغرب انهن حڪومتن جي ايڪي يا باھمي تعاون کي نٿو چاھي جيڪي پنهنجي آزاد حيثيت تي زور ٿيون ڏين ۽ پنهنجن وسيلن کي پنهنجن ئي مفاد، لاءِ قبضي ۾ رکن ٿيون. اھڙين حالتن ۾ ھرڪا ڪوشش ڪٿي ٿي وڃي ته کين الڳ الڳ ڪري ڪمزور ڪيو وڃي. حقيقتا آمريڪا ويٽنام ۾ پاڻ کي رتورت ڪري ڇڏيو آھي، ته جيئن اتر ۽ ڏکڻ ويٽنام جي ايڪي کي روڪيو وڃي. ساڳيو مسئلو ڪوريا جو آھي. ڪڏھن ڪڏھن حالتون شايد اھڙو به ماحول پيدا ڪن ته جيئن غيرڪميونسٽ حڪومتن جي ورھاڱي کي ٽيڪو ڏنو وڃي جھڙي طرح اھو ڀڳيءَ دل سان برصغير ۾ ۽ ان جي ابتڙ وچ اوڀر ۾ ڪيو ويو ھو.
    بهرحال اھڙا واقعا استثنائي حيثيت رکن ٿا. اھي ورھاڱا حالتن مطابق، ڪڏھن ته برداشت ڪيا ٿا وڃن، ڪڏھن انهن جي پٺڀرائي ھن ڪري ڪئي ٿيوڃي. ته يا ته ان کان وڌيڪ وڏين مصيبتن کي روڪيو وڃي يا غير معمولي مفادن جي پوئواري ڪئي وڃي. ”ملايو ۽ حڪومت ڪريو“ جو متو ظاھر آھي ته ھر ھنڌ استعمال نٿو ٿي سگھي، پر ھڪ عام تجويز جي حيثيت سان اھو ناقابل ترديد آھي، عموما اھي ھيسجندڙ ترقي پذير قومن تي استعمال ٿئي ٿو ۽ خصوصا انهن ”پابند“ حڪومتن تي جن جا ليڊر پنهنجن ملڪن کي آسانيءَ سان اقتصادي ۽ فوجي استحصال لاءِ کليل رکن ٿا. ڪمزور ادارن وارين حڪومتن جي چونڊ ۾ اھو ياد رکڻ کپي ته جانبدار يا غير جانبدار حڪومتن جي درجه بنديءَ کي ھاڻي معياري قرار ڪونه ٿو ڏنو وڃي، اھو متروڪ ٿي چڪو آھي. انڊونيشيا ۽ گھانا غير جانبدار آھن پر ٻئي مغرب وٽ ٻڌل آھن. بدلجندڙ حقيقتن درجه بنديءَ کي وڌيڪ لچڪيدار ڪري ڇڏيو آھي، پرخاص طور تي فقط ڪمزور ادارن واريون حڪومتون، جانبدار خواھ غيرجانبدار، انهن حڪومتن جي درجي ۾ اچي ٿيون وڃن، جن جي ٻڌي پسند ڪئي ٿي وڃي. مغربي طاقتون اتي ايڪي کي مڙھڻ گھرن ٿيون، جتي سندن مقصدن جي پورائي ٿئي ٿي. سواءِ ان حالت جي، جتي ورھاڱو ھنن لاءِ وڌيڪ سودمند ھجي جيئن شام ۽ مصر جي حالت ۾. برصغير پاڪ و ھند قائم ڪرڻ رکڻ ۽ ايشيا، آفريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ فيڊريشن قائم ڪرڻ وارين اٽڪلن جو تجزيو انهيءَ جديد نوآبادياتي پس منظر ۾ ڪرڻو پوندو. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ سان مغرب سابق بيٺڪن ۾ مصنوعي وفاق قائم ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي، ويندي انهيءَ حد تائين جو صدين جي دشمن شھزادن کي به انهيءَ مقصد تحت ھڪ اصول تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. اھڙي ڪوشش ھندستان ۾ ڪئي ويئي ۽ ملائيشيا ۾ ڪامياب ٿي ۽ وڌيڪ ويجھڙائي ۾ايراني نار ۾ اھو اصول عمل ۾ آيو.
    شھنشاھيت جي خاتمي ۽ عالمي طاقتن جي اوسر عظيم طاقت جي سموري تصور کي بدلائي ڇڏيو آھي. ان جا مفاد بنيادي طرح ھاڻي عالمي نوعيت جا آھن ۽ سندس توسيع جو اوزار جنگي جھاز جي بجاءِ نظريو آھي. عظيم طاقت جو ھاڻي مقصد اھو نه آھي ته اھا دنيا تي روايتي انداز ۾ قبضو ڪري، پرماڻھن جي ذھنن تي ضابطو قائم ڪري ۽ ترقي پذير ملڪن جي ليڊرن جي تابعداري حاصل ڪري ۽ سو به ھرڀرو سڌيءَ طرح مداخلت جي بجاءِ اقتصادي غلبي ۽ ٻين طريقن سان. جديد نوآبادياتي دؤر ۾ ڪنهن به عظيم طاقت لاءِ ڪنهن ايراضيءَ تي عملي طرح قبضو ڪرڻ لازمي نه آھي، ڇاڪاڻ ته سندس عالمي پاليسيءَ جا مفاد اڻ سڌي استحصال ۽ ٻين گھڻن قسمن جي لالچ جي ذريعي پلئه پئي سگھن ٿا. ڪيتريون طاقتور پرڳپت اٽڪلون ۽ ذريعا جيڪي گھٽ وڌ ڏورانهين قبضي ھيٺ عمل پذير ٿين ٿا، اھي ساڳيائي نتيجا حاصل ڪن ٿا جيڪي ماضيءَ ۾ عملي غلبي جي صورت ۾ حاصل ٿيندا ھئا. مواصلات جي موجوده ذريعن جي ڪري عظيم طاقتن لاءِ اھو ممڪن ٿي پيو آھي ته ڪنهن مستقبل قبضي کان سواءِ سڄي دنيا جي ماڻھن جي روزمره جي زندگيءَ تي پنهنجو حڪم ھلائين ۽ پنهنجون ھدايتون جاري ڪن. ھن جديد نظرياتي ۽ نوآبادياتي غلبي جي حوس ڪري دنيا جون طاقتون دنيا جي ھر حصي ۾ ھڪ خوفناڪ عالمي رقابت ۾ داخل ٿي چڪيون آھن.
    اھي ڪھڙا جزا آھن، جن مان ڪا عالمي طاقت ٺھي ٿي؟ اِھو فقط ايراضيءَ جي وسعت يا مادي وسيلن ۽ اقتصادي دولت تي مبني نه آھي، اھو ڪو فقط سائنسي ۽ فني برتريءَ جو سوال نه آھي، اھو فقط نظريات جو معاملو ناھي. اھو دراصل انهن سڀني عنصرن جو ميل آھي.
    ھندستان ۽ برازيل پکيڙ جي لحاظ کان تمام وڏا ملڪ آھن، پر ٻنهي منجھان ڪو ھڪ به عالمي طاقت ناھي. چيڪو سلوواڪيه ۽ بيلجم شايد جديد ترين هٿيار تيار ڪري سگھن، پر انهن مان ڪو به عالمي طاقت بنجڻ جو خواب ڏسي نه ٿو سگھي. ڪالھه جون وڏيون طاقتون، مثلا برطانيه ۽ فرانس ھاڻي فقط پاسيريون عالمي طاقتون آھن. اسان جي زماني ۾ موجود، ۽ جنهن ايندڙ زماني تائين اسين اڳڪٿي ڪري سگھون ٿا، عالمي طاقتون فقط ٽي ھونديون- آمريڪا، سوويت يونين ۽ عوامي جمھوريه چين. يورپ ھڪ کنڊ جي حيثيت سان ھڪ چوٿين وڏي طاقت جي صلاحيت رکي ٿو، پر انهيءَ مقصد لاءِ مشرقي ۽ مغربي يورپ جي درميان ميلاپ ۽ ٻين ڳالھين کان علاوه فرانس، جرمني ۽ برطانيه جي درميان سياسي ۽ انتظامي تعاون جي ضرورت آھي. ھڪ ”يورپين يورپ“ جو ھڪ ۽ قابل طاقت جي روپ ۾ اڀرڻ، امن ۽ استحڪام لاءِ مفيد ۽ قابل قدر آھي، پر ان جو فوري طور تي ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي.
    ھن دؤر جي ننڍين قومن جي سامھون سوال ھيءُ آھي ته اھي پنهنجن معاملن کي اھڙي نموني سان ڪھڙيءَ طرح انجام ڏين، جو سندن بنيادي مفادن جو تحفظ ٿئي، سندن علاقائي سالميت برقرار رھي ۽ اھي عالمي طاقتن خواه ننڍين قومن سان پنهنجن تعلقات ۾ خودمختاري برقرار رکي غير مساوي طاقتن ۽ ننڍين قومن جي درميان تعلقات غير مساوي بنياد تي رکيل آھن. جنهن ڪري وڏيون طاقتون ننڍين قومن کان بيشمار رعايتون ھڪجھڙي معاوضي ڏيڻ جي ته ڳالهه ڪانهي، ڪافي مقدار ۾ ئي، ڪي جوابي رعايتون ڏيڻ کان سواءِ حاصل ڪن ٿيون. ڪنهن به ننڍي قوم لاءِ ممڪن ناھي ته اھا حق ۽ انصاف يا سندس مقصد جي برحق ھئڻ جي دعويٰ جي آڌار تي ڪنهن عالمي طاقت کي پنهنجي اثر ھيٺ آڻي سگھي. آخري تجزيي ۾، مقصد جي سچائي فيصله ڪن عامل جي حيثيت نه ٿي رکي، پر عالمي طاقتن جو بي مھر ذاتي مفاد ئي سندن حڪمت عمليءَ جي تشڪيل ڪري ٿو، ۽ ڪنهن به عالمي طاقت ۽ ننڍين قومن جي درميان لامتناھي ۽ غير مساوي مقابلي ۾ عالمي طاقت جي انهيءَ ذاتي مفاد جي ڪامياب ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان ھوندا آھن.
    پوءِ ڀلا ڇا، ننڍين قومن کي عالمي طاقتن جي حڪمن جي بي چون وچرا تعميل ڪرڻ گھرجي ۽ مادي فائدن ۽ اقتصادي خوشحاليءَ جي وعدن جي عيوض پنهنجي آزاديءَ جو سودو ڪرڻ گھرجي؟ ان جو جواب ھڪ زوردار”نه“ آھي. ترقي پذير قومن جا ماڻھو عالمي ڪشمڪش جي شڪنجي ۾ ڦاسي. مايوسيءَ جي حالت ۾ انهيءَ نتيجي تي پھچي سگھن ٿا ته اھي موجوده صورتحال تي جزوي طور مس اثرانداز ٿي سگھن ٿا ۽ ان کان زياده سندسن اختيار ۾ ناھي ته ھو پنهنجي حڪمت عملين جي ھڪ ٻي عالمي طاقت جي ضرورتن مطابق ڪاٽ ڇانٽ ڪن. اھو خيال، ھڪ غير ضروري حد تائين قنوطيت وارو آھي ۽ اھا ڳالهه انسان جي طرفان آزاد ٿيڻ لاءِ ڪيل جدوجھد جي منافي آھي، جنهن جو ھو ھڪ قومي- رياست جي تصور جي ذريعي اظھار ڪري ٿو. آزاديءَ جي جذبي جي قوت کي آخرڪار فتح حاصل ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اھا قوت اھڙي ٻي قوت کان وڌيڪ زوردار آھي، جنهن لاءِ انسان پنهنجي زندگي قربان ڪري سگھي ٿو. قومن جي لاءِ ھاڻي به اھو ممڪن آھي ته اھي پنهنجن معاملن کي ھوشياريءَ سان سرانجام ڏيئي پنهنجي آزاديءَ کي برقرار رکن ۽ عالمي طاقت سان پنهنجي تعلقات جي سلسلي ۾ پنهنجي لاءِ عمل جي لچڪ قائم رکي سگھن.
    ننڍين قومن لاءِ ھيءُ ڳالهه مصلحت جي خلاف ۽ شايد خطرناڪ به ثابت ٿيندي ته اھي باقي ٻين طاقتن جي قطع نظر، پاڻ کي فقط ھڪ عالمي طاقت جي مفادن سان وابسته ڪري رکن. مشترڪه مفاد ۽ واقعن جي صورتحال کان شايد ڪنهن ننڍي قوم جي لاءِ اھو ضروري ٿي پوي ته اھا ٻين جي مقابلي ۾ڪنهن ھڪ عالمي طاقت سان وڌيڪ ويجھو لاڳاپو رکي، پر اھڙي صورت ۾ به ان جي لاءِ ناممڪن ناھي ته اھا ٻه- طرفن باعزت تعلقات جي بنياد تي ٻين طاقتن سان معمول جي مطابق لاڳاپا قائم رکي. جڏھن ڪنهن مملڪت جا قومي مفاد ڪنهن عالمي طاقت جي مفادن سان ٽڪرائجي پون ته پوءِ بهتر اھو آھي ته اھا مملڪت انهيءَ وڏي طاقت سان سڌيءَ طرح گفتگوءَ جي ذريعي تنازعي جي حدن کي متعين ڪري ڇڏي. انهيءَ وڏي طاقت سان ھڪ اھڙو قابل عمل متوازن رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، جيڪو انهيءَ کان بلڪل بي تعلق ھجي، جنهن تي اھم مفادن جو ٽڪراءُ ھجي، بشرطيڪه ٽڪرجندڙ مفادن جو الڳ ڪرڻ نه فقط ممڪن ھجي، پر اھو محتاط انداز ۾ٻه- طرفو ھجي. ھن ڳالهه جي ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته روڪٿام ڪرڻ واري سياست کان ڪم ورتو وڃي ته جيئن انهيءَ عالمي طاقت جي مداخلتن کان بچاءَ جي صورت نڪري سگھي. ڇاڪاڻ ته اھڙيون مداخلتون ڪمزور قوم کي وڏين قومن جي تعزيري سياست جو شڪار بنائي ڇڏينديون آھن. جيڪڏھن ھيءَ ڳالهه ڪارآمد ثابت نه ٿئي ته بهتر ائين ھوندو آھي ته مداخلت جي خلاف موقف اختيار ڪري ھڪ مستقل بحراني ڪيفيت پيداڪرڻ جي بدران ڪا قوم ھڪ ئي شديد بحران کي فوري طور قبول ڪري ۽ ان باري ۾ ھڪ مضبوط طرز عمل تي ڄمي بيھي، اھڙي صورت ۾ جڏھن ماڻھو معاملي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، تڏھن پھرين بحران کان پوءِ ايندڙ ھر ھڪ بحران ننڍي طاقت کي نقصان تي نقصان پھچائيندو آھي. ايتريقدر جو اھا عالمي طاقت آخرڪار ان تي مسلط ٿي ويندي آھي. پوءِ جيڪڏھن مڪمل تحفظ ممڪن ٿي نه سگھي، ته پوءِ بهتر ائين آھي ته ھڪ مثبت موقف اختيار ڪري مفاھمت لاءِ ھڪ نئون انداز پيدا ڪيووڃي.
    دٻاءُ ھڪ ڪينئون به آھي ۽ ھڪ وڏي بلا به آھي. جيڪڏھن توھان انجي مٿان پير ڏيئي کيس چٿي ڇڏيندا ته اھو ڪينئون آھي، پر جيڪڏھن توھان ڇرڪي پٺتي ھٽي ويندا ته پوءِ اھو ھڪ وڏي بلا بنجي پوندو آھي. سال١٠٦٢ع ۾، جڏھن برما اھو محسوس ڪيو ته آمريڪا سان تعلقات جو ڪو ٻيو باعزت رستو ڪونهي ته ان ھڪ مضبوط رويو اختيار ڪيو. ٿوري عرصي لاءِ ان جا آمريڪا سان تعلقات ڪشيده رھيا، پر ھاڻي اھي بهتر آھن. ٻنهي ملڪن تي جڏھن اھا ڳالهه واضح ٿي ويئي ته دخل اندازيون برداشت نهڪيون وينديون، تڏھن انهن کي نئون تعلق تلاش نه ڪرڻو پيو. اھڙيءَ طرح ڪئمبوڊيا پڻ، آمريڪا سان عالمي مفادن سان واسطو رکندڙ لاڳاپن جي سلسلي۾ تعريف لائق استقلال جو مظاھرو ڪيو آھي. ان کان اڃا به وڌيڪ ويجھي وقت ۾ برما ڪئمبوڊيا طرفان چين سان پڻ سخت رويي جو اظھار ڪيو ويوآھي. بلڪه سچ ته اھو آھي ته ثقافتي انقلاب جي عروج واري زماني ۾ پوئين ذڪر ڪيل ملڪ پيڪنگ کان پنهنجي سفير کي ھٽائڻ جي ڌمڪي ڏني ھئي، ۽ جيڪڏھن چو اين لائي مداخلت نه ڪري ھا ته گھڻو ڪري ائين ٿي به وڃي ھا. انهيءَ صورت ۾ ڪئمبوديا کي ھڪ ئي وقت تي ٽن مان ٻن عالمي طاقتن سان تعلقات قطع ڪرڻ جو ھڪ مشڪوڪ امتيز حاصل ٿي وڃي ھا.
    گھلجڻ واري پاليسي موتمار آھي. ڪنهن عالمي طاقت سان مقابلي کي ٽارڻ گھرجي، پر جيڪڏھن اھو اڻٽر ٿي پوي ته ان کي فوراً ۽ جوانمرديءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي. دير مدار تهذيب جو نتيجو لازمي طور جزوي ٺاھڻ جي صورت ۾ قومي مفادن کي ڌڪ ھڻندا آھن. بهرحال، مقابلي تي لھڻ کان اڳ ۾، ھن ڳالهه جي ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته تنازعي جي نقطن کي بي اثربنائي سڌي سنئين سياسي تصادم کان پرھيز ڪئي وڃي. انهيءَ قسم جي تدبير کي پھرئين قدم طور اختيار ڪرڻ سان متعلقه مملڪت پنهنجي موقف کان ھٽي نه ٿي وڃي. بلڪ ان جي ابتڙ، اھو ثابت ٿئي ٿو ته ان کي پنهنجو مقصد ايترو ته عزيز آھي، جو اھا ھڪ عالمي طاقت جي خواھشن جي خلاف صورتحال جي روشنيءَ ۾ ھڪ لاءِ حاصل بحث جي بجاءِ، جنهن ۾ ڦاسڻ کان ڪوئي قومي مقصد ته حاصل نه ٿو ٿئي، اٽلو ڇڪتاڻ وڌي ٿي، وڌيڪ عملي انداز ۾ پنهنجي مقصد جي پيروي ڪندي. ھڪ ڀيرو جڏھن تنازعي جي نقطن کي بي اثر بنائڻ سان عملي طور تي باھمي لحاظداري حاصل ٿي وڃي، تڏھن ترغيب ۽ اڻ سڌي ڪوشش وڌيڪ اثرائتي ٿئي ٿي. ڪنهن عالمي طاقت سان سڌي سنئين تصادم کان بچڻ ۾ ئي وڌيڪ سلامتي ۽ مصلحت آھي. زياده عقلمندي ھن ڳالهه ۾ آھي ته ھيٺڀرو جھڪي وار بچائجي، گوھي ڏيئي موٽي اچجي، پاسو ڪري وڃجي ۽ پٺئين دروازي کان داخل ٿجي. انصاف يا معاھدي ۾ شامل ھئڻ جو واسطو ڏيڻ جي سڌين مسلسل ڪوششن سان ڪنهن عالمي طاقت کي پنهنجو بنائڻ يا کيس سندس حڪمت عمليون تبديل ڪرڻ تي آماده ڪرڻ بيسود آھي. ماضيءَ ۾ ڪيل خدمتن جي ياد گيري ڏيارڻ به بيڪار آھي. انهن معاملن ۾ نه عاجزي، نه خوشامد برآمد، نه جذباتيت ۽ نه دليل بازي ڪنهن قسم جو وزن رکن ٿيون. سڌي سنئين حقيقت ھيءَ آھي ته آخرڪار ڪنهن عالمي طاقت تي سبقت حاصل ڪرڻ جو امڪان گھٽ ئي آھي، ۽ انڪري ھڪ ننڍي قوم لاءِ بهتر اھوئي آھي ته اھا حقيقت پسندانه رويو اختيار ڪري پنهنجي حڪمت عملي ۽ ڪم ڪار جي تدبير جي تعمير موضوعي طريقن سان ڪرڻ بدران، معقوليت پسنديءَ واري انداز ۾ ڪري. اھڙيءَ قوم جي مقصدن جي تڪميل جو امڪان ھن طرح سان وڌائي سگھجي ٿو ته ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا جون ننڍيون قومون (جن کي ملائي سلائي اڄڪلھه ”ٽين دنيا“ سڏيو وڃي ٿو )، پنهنجو اجتماعي آواز ۽ استقامت دٻاءُ وجھن ۽ اھڙين عالمي ۽ نيم عالمي طاقتن جو سياسي دٻاءُ به ان سان شامل ھجي، جن جي مفادن ۽ مقصدن لاءِ اھو موزون ھجي. اھڙين طاقتن جي حمايت کي، جيڪي مدد ڪري سگھن ٿيون، ترقي پذير ملڪن جي تعاون سان ملائي، واسطيدار مملڪت اھڙيون سازگار حالتون پيدا ڪري سگھي ٿي، جو عالمي طاقت کي لازمي طور سندس موقف بدلائڻو پوندو. وڏي حد تائين انهن ئي ٻاھرين طاقتن جي جبر ذريعي واسطيدار رياست اختلافي نقطن تي عالمي طاقت جي رويي ۾ تبديلي آڻي سگھي ٿي. ٻين لفظن ۾، ننڍين رياستن لاءِ ضروري آھي ته آھي سڀني وڏين طاقتن سان، انهن جي موقف کان قطع نظر، پنهنجن ٽڪرجندڙ مفادن بابت ڳالھين ٻولھين جو سلسلو جاري رکن، ۽ جيستائين سندن وس ۾ ھجي، انهن تي اثر وجھڻ جي ڪوشش ڪن، مگر اھڙيءَ طرح جو اھي پاڻ مداخلت ۽ الٽيميٽيم جي حد تائين نه ڦاسي پون. اختلافي نقطن کي پاسيرو رکي ھڪ ننڍي قوم عالمي طاقتن سان، تصادم جي اصلي مسئلن کانسواءِ باقي ٻين سڀني معاملن ۾ عام رواجي ۽ دوستانه تعلقات قائم رکي سگھي ٿي. اھڙيءَ طرح واسطيدار رياست جي لاءِ اھڙين عالمي طاقتن سان، جن جا مفاد سندن مفادن سان ھم آھنگ ھجن، بهتر تعلقات قائم رکڻ لاءِ معقول گنجائش نڪري سگھي ٿي. ان صورت ۾ اھي عالمي طاقتون، جن جا مفاد انهيءَ ننڍي قوم جي مفادن جي خلاف ھجن، تنهن جي انهن عالمي طاقتن سان مخلصانه تعلقات تي اعتراض ڪري نه ٿيون سگھن. نه وري ھن سبب جي ڪري انهيءَ وڏي طاقت کي، جنهن جو جواز ملي سگھي ٿو ته اھا ان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري يا ان جي قومي مفادن تي مخالفانه اثر وجھي، ڇاڪاڻ ته معمول مطابق تعلقات لاءِ ڪي به پيشگي شرط نه رکيا ويندا.
    ننڍين قومن کي دنيا جي ٻن اشتراڪي ديون سان پنهنجا تعلقات ڪيئن نباھڻ گھرجن؟ چين ۽ روس جي باھمي تفرقي جا ڪيئي اصولي ۽ سياسي سبب آھي. انهن مان ھڪ سبب شايد عالمي طاقتن جي ھڪٻئي سان مقابلو ڪندڙ مفادن ۾ سمايل آھي. جيڪڏھن چين ۽ روس جي درميان تنازعو نه ھجي ھا، ته سوويت يونين ۽ چين جي سرڪردگيءَ ۾ ڪميونسٽ دنيا ۽ آمريڪا جي قيادت ۾ سرمائيدار دنيا جي لاءِ دنيا کي نظرياتي طور اثر جي ٻن حلقن ۾ ورھائڻ مشڪل نه ٿئي ھا. اھڙي ورھاڱي ۾ چين کي ثانوي حيثيت نصيب ٿئي ھا. پر برطانيا جي برعڪس، چين ثانوي حيثيت ۾ ڪردار ادا ڪر ڻ تي رضامند ناھي. اھڙيءَ طرح دنيا جي تقسيم ٿيڻ جو خدشو چين جي آمريڪا ۽ روس مساوي حيثيت جي جستجو جي سبب کان ٽري ويو آھي. زندگيءَ جي ھيءَ سياسي حقيقت، چوٽيءَ وٽ اھا عالمي ڪشمڪش، باقي دنيا لاءِ انتهائي حڪمت عمليءَ جو بنياد مختلف طاقتن جي موجوده سياسي تنازعن جي حيثيت پسندانه جائزي تي ھئڻ گھرجي. ان مان ڪشيدگيءَ ۾ ته واڌارو ٿي ويندو آھي، پر اھڙا موقعا به ملي ويندا آھن، جن کي ننڍيون قومون پنهنجن حقيقي مفادن، بلڪه دراصل پنهنجي خودمختاريءَ جي حفاظت لاءِ نظرانداز ڪرڻ کي مھانگو سمجھنديون آھن.
    عالمي طاقتن جا ٽڪراءَ فقط نظرياتي ناھن. بلڪ انهن ۾ قيادت لاءِ ڪشمڪش پڻ شامل ھوندي آھي. آمريڪا ۽ سوويت يونين جي شروعاتي صف آرائيءَ جي جاءِ تي ھاڻي آمريڪا ۽ عوامي جمھوريه چين جو مقابلو اھڙيءَ طرح رونما ٿيو آھي، جن سوويت يونين ٻنهي جي دريان ھڪ ٽياڪڙ جي صورت اختيار ڪئي آھي. ائين پيو معلوم ٿئي ته انهن ٽن ديوقامت طاقتن جي قوت جي توازن ۾ سوويت يونين کي ھروڀرو درمياني حيثيت قبول ڪرڻي پيئي آھي، جيڪا ھڪ ئي وقت فائديمند به آھي، ته خطرناڪ پڻ. جيئن ته اشتمالي دنيا، خاص طور تي مشرقي يورپ جي اشتمالي ملڪن جي قيادت جي روسي دعويٰ نظرياتي بنيادن تي قائم آھي، انڪري سوويت يونين فقط بين الاقوامي اشتماليت جي قيمت تي به عوامي جمھوريه چين سان پنهنجي نظرياتي اختلاف کي ھڪ اھڙو مقام تي پھچڻ جي اجازت نه ٿي ڏيئي سگھي، جتان کان واپسيءَ جو ڪو امڪان نه ھجي. ٻنهي طاقتن جي درميان وڌندڙ خليج روسجي طاقت کي مشرقي يورپ ۾ ڪمزور ڪري وڌو آھي، جتي پيچيده ۽ گھريون تبديليون ايشيا ۾ چين جي اثرورسوخ تي اثرانداز ٿيڻ کان سواءِ سوويت يونين جي قيادت تي ٻه جاڙا دٻاءَ اثرانداز ٿيندا، يعني مغرب جي طرفان آزاد خيالن جي ڌمڪي ۽ مشرق جي طرف کان چيني روايت پسندن جي پريشاني ۽ نه وري سوويت يونين آمريڪا سان پنهنجي خير سگاليءَ کي انهيءَ حد تائين وڃڻ جي اجازت ڏيئي سگھي ٿي، جتي اھا ”سرمايه داري جي سربراه“ يعني آمريڪا سان گڏ شمار ٿيڻ لڳي. اھو نتيجو ڪڍندي اسين نظريات جي اھميت جي بيان ۾ مبالغ آرائي نه ڪري رھيا آھيون. ڪن وقتن تي قومي ضرورتون يقيناً نظرياتي ضرورتن جي جاءِ والاري سگھن ٿيون، پر انهيءَ ترجيع کي ڪڏھن به تسليم نه ڪيو ويندو آھي. ان جي برعڪس، جڏھن اھي رجحان وڌيڪ ظاھر ٿي پوندا آھن، تڏھن قومي مقصدن جي حصول لاءِ نظريات کان ڪم وٺڻ خاطر ان جي ان جي زباني تعريف وڌائي ڪري سگھبي آھي. پوءِ جيڪڏھن سوويت يونين آمريڪا ۾ چين سان پنهنجن تعلقات جي باري ۾ ھڪ لچڪيدار طريقه ڪار رکي ٿي ۽ ان طرح اھا ڪن وقتن تي آمريڪا سانوڌيڪ ھم آھنگي روا رکي ٿي ۽ ڪن وقتن تي جيتوڻيڪ ھاڻي تمام گھٽ موقعن تي چين سان پڻ، پر اھا انهيءَ راھه کي اڻڄاڻايل مدت تائين اختيارڪري ان کي، عالمي معاملن ۾ پنهنجي موقف کي خطري ۾ وجھڻ کان سواءِ، پنهنجي پاليسيءَ جو ھڪ مستقل اسلوب بنائي نه ٿي سگھي.
    جيتوڻيڪ عوامي جمھوريه چين ۽ آمريڪا ھڪٻئي جا زبردست حريف بڻجي چڪا آھن، ۽ ويٽنام جي جنگ انهن کي بين الاقوامي جنگ جي ڪنڌيءَ تي آڻي بيھاريو آھي، تڏھن به ھي فرض ڪرڻ گھرجي ته انهن جي تعلقات ۾ھميشه ئي اھڙي شدت رھندي، ٻن وڏين طاقتن وانگر آمريڪا جا مقصد پڻ عالمي آھن، پر ان جا پھريان مقصد يورپ سان ئي وابسته آھن، جتي ان کي سوويت يونين جي بنيادي مفادن سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. آمريڪا سان چين جو سڀني کان وڏو تڪرار ويٽنام جي جنگ کان علاوه، تائيوان جي مستقبل جو آھي، انهيءَ ڳالهه تي زياده بحث جو امڪان ناھي ته آمريڪا جي سلامتيءَ لاءِ جرمني وڌيڪ اھم آھي يا تائيوان. جيڪڏھن نوبت ٻنهي ملڪن مان ھڪ جي چونڊ يا سياسي قوت آزمائيءَ تائين پھچي وڃي، ته پڪ ئي پڪ آمريڪا جرمني ۽ يورپ جي مستقبل کي اوليت ڏيندي. فقط بچاءَ جي نقطه نگاھ کان تائيوان جو ھٿ مان نڪري وڃڻ آمريڪا جي سلامتيءَ جي مفادن کي ايتري خطري ۾ نه وجھندو، جيترو جرمنيءَ جو نڪري وڃڻ. ائٽلانٽڪ سمنڊ جي علائقي ۾ ڪن ايشيائي مملڪتن ۾ آمريڪا کي دفاعي سھوليتن جو ھڪ سلسلو ميسر آھي، جنهن کان چين گھيري ۾ آيل آھي ۽ آمريڪا کي ڪيرنئي اھڙن جنگي اھميت جي ٻيٽن تي پڻ تلسط حاصل آھي، جيڪي چين جي ڪناري جي سامھون واقع تائيوان ۽ ٻين ساحلي ٻيٽن جو گشت ڪندو رھندو. ان طرح تائيوان ۽ ٻين ساحلي ٻيٽن جو ھٿ مان نڪري وڃڻ، آمريڪا جي ايشيا ۾جنگي ضرورتن لاءِ تمام گھڻي اھميت جو حامل ناھي. انهيءَ قسم جا ايڏا گھڻا ۽ ايڏا مختلف قسمن جا فائدا آمريڪا کي يورپ ۾ حاصل ڪينهن. اتي، آمريڪاکي بنيادي طور سڀ کان وڌيڪ فوجن ۽ ائٽمي ميزائيلن تي انحصار رکڻوپوي ٿو.
    آمريڪا ۽ سوويت يونين جا ھڪٻئي سان ٽڪرجندڙ مفاد فقط يورپ تائين محدود ڪينهن. اھميت جي لحاظ کان وچ اوڀر جي حيثيت ثانوي آھي. يورپوانگر اتي پڻ آمريڪا جي رقابت چين سان نه، پر سوويت يونين سان آھي.آمريڪا جي لاءِ تيل جي دولت وارو وچ اوڀر، سئيز واھه ۽ اسرائيل جو مسئلوتائيوان جي مستقبل کان تمام گھڻي اھميت رکن ٿا. قومي مفاد ۽ عھدوپيمان، ٻنهي خيالن کان وچ اوڀر جيڪو يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جي وچ ۾ ھڪ چؤواٽي جي حيثيت رکي ٿو، آمريڪا جي عالمي مقصدن ۾ ڏور اوڀر تي فوقيت رکي ٿو. ٻي مھاڀاري لڙائي کان پوءِ آمريڪا انهيءَ خطي ۾ برطانيه ۽ فرانس جي جاءِ والاري آھي. ايراني نار جي پسگردائي وارو علائقو سڄيءَ دنيا جي پيٽرول جو 37 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو، ۽ ان ۾ سڄيءَ دنيا جي پيٽرول جي تصديق ٿيل ذخيرن جو سٺ سيڪڙو موجود آھي. آمريڪي ڪمپينين جو ان علائقي ۾ اڍائي سئو ارب ڊالرن جو مجموعي سرمايو سيڙيل آھي. انهيءَ قسم جوٻئي طرف سوويت يونين انهيءَ خطي ۾ اسرائيل جي خلاف عربن جي مقصد جي حمايت ڪري ۽ اسوان بند جي تعمير ۾ ڊرامائي طور شريڪ ٿيڻ کان پوءِ عرب رياستن کي مسلسل وڏي مقدار ۾ اقتصادي ۽ فوجي امداد ڏيئي پنهنجي اثر و رسوخ ۾ لاڳيتو اضافو ڪيو آھي.
    وچ اوڀر ۾ سوويت يونين ۽ آمريڪا جي تمام وڏي بازي لڳل آھي، جيڪا اھميت جي لحاظ کان يورپي مفادن کان ٻئي درجي تي آھي. جيستائين آمريڪا جو تعلق آھي، اسرائيل ھڪ بين الاقوامي تشويش جو موضوع به آھي ۽ ھڪ بيحد اھم داخلي مسئلو پڻ، انهيءَ خطي ۾ آمريڪي مفاد ايترا ته آھن جوروس، جنهن جا مفاد پڻ حالانڪ غور لائق آھن، تنهن پنهنجي انهيءَ موقف ۾، جيڪو ھن وچ اوڀر جي بحران جي آغاز ۾ اختيار ڪيو ھو، ھن خوف کان ترميم ڪري ڇڏي ته آمريڪا پنهنجن مفادن جي ھر قيمت تي حفاظت ڪندو. جون ١٩٦٧ع واري مخصوص جنگ ۾ آمريڪا جي وقتي ڪاميابين جي باوجود روس ۽ آمريڪا يورپ وانگر وچ اوڀر ۾ پڻ فوقيت حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪٻئي کان گوءَ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا آھن.
    ھن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سوويت يونين کي وچ اوڀر جي تازي تڪرار ۾ پريشاني نصيب ٿي. ان کي جيڪا ناڪامي ٿي، تنهن جو تدراڪ ضروري ھو ان ڪري وزير اعظم ڪوسيجن جو تڙ تڪڙ ۾ جنرل اسيمبليءَ جو رخ ڪرڻ، صدر پوڊ گورني جا قاھره، بغداد ۽ د مشق جا جلدي جلدي دورا ڪرڻ ۽ عرب رياستن جي جنگي ساز و سامان جو نقصان فوري طورپورو ڪرڻ، اھي سڀ اقدامات سوويت يونين جي انهن پختين ڪوششن جوحصو ھئا، جيڪي ان نه صرف عرب رياستن ۾ بلڪ سڄي دنيا ۾ پنهنجيوقار کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪيون.
    ھيءَ ڳالهه دعويٰ طور اعتماد سان چوڻ ته آمريڪا ۽ سوويت يونين جو يورپ ۾ موجوده باھمي ٺاھه ۽ وچ اوڀر ۾ روسي موقف جي ناڪامي جي ڪري ھاڻي ٻنهي طاقتن جي درميان ڇڪتاڻ ۾ ڪمي بين الاقوامي زندگيءَ جي ھڪ مستقل سياسي حقيقت بڻجي ويئي آھي، ھڪ خطرناڪ قسم جي سڌي سادي وضاحت ٿيندي. جيتوڻيڪ سوويت يونين انهيءَ قسم جو ٺاھه چاھي به، تڏھن به بين الاقوامي صورتحال جا تضاد کيس ان جي اجازت بلڪل نه ٿا ڏين.
    آمريڪا جا عوامي جمھوريه چين سان ڪي به علاقائي تنازعا ڪينهن، جڏھن ته سوويت يونين ۽ عوامي جمھوريه چين جي درميان علاقائي اختلاف موجود آھن ۽ اھم ڳالهه جيڪا موجوده عالمي طاقتن جي حيثيتن تي اثرانداز ٿي رھي آھي، سا اھا ننگي حقيقت آھي ته جنگي نقطه نظر ۽ صنعتي ۽ تڪنيڪي ترقيءَ جي حوالي سان آمريڪا ۽ سوويت يونين ئي اھي ٻه وڏيون طاقتون آھن، جيڪي ھم پله ھئڻ جي حيثيت رکن ٿيون. انهن ٻنهي ايتري خوفناڪ جنگي طاقت حاصل ڪري ورتي آھي، جو ٻئي نه فقط ھڪٻئي کي تباھه و بربادڪري سگھن ٿيون، پر پاڻ سان گڏ باقي دنيا کي پڻ غرق ڪري سگھن ٿيون. چين اڃا تائين انهيءَ درجي جي عام صلاحيت حاصل نه ڪئي آھي. آمريڪا ۽ سوويت يونين جي درميان ”دھشت جي توازن “ (بئلنس آف ٽيرر) چين کي ھڪ اھڙي حيثيت ڪري ڇڏي آھي، جو ھو ان جو پڙ ھڪ يا ٻئي طرف جھڪائي سگھي ٿو. جيڪڏھن چين آمريڪا جي ھٿون تباھه ٿي وڃي ته ھڪ اھڙو خلا پيدا ٿي پوندو جو سوويت يونين جي سلامتيءِ کي خطري ۾وجھي ڇڏيندو. ان ڪري چين سان سوويت يونين جي اختلافن جي باوجود اھا ڳالهه سوويت يونين بنيادي قومي مفاد ۾ ناھي ته اھو چين سان پنهنجن تڪرارن کي آخري انجام تائين پھچائي ڇڏي. ان طرح يورپ ۽ وچ اوڀر ۾ روس سان پنهنجي رقابت ۽ روس سان مصلحت پسندي ۽ چين سان دشمنيءَ جي باوجود اھا ڳالهه آمريڪا جي قومي مفاد ۾ ھرگز ناھي ته چين جي خلاف پنهنجي جدوجھد کي انهيءَ حد تائين رسائي، جتان کان واپسي ممڪن نه ٿئي. ان ڪري ھيءَ ڳالهه قابل فھم آھي ته انهن. نهايت صاف ۽ ظاھري طورناقابل مصالحت اختلافن جي باوجود، جيڪي آمريڪا ۽ چين جي درميان آھن، ۽ وچ اوڀر جي انهن سڀني حاليه واقعن جي باوجود، جن مان روسي آ۾ڙ:ڪ: ڃڪٽآڻ ۾ ڪميءَ جو اظھار ٿئي ٿو، اھڙي صورت وري به رونما ٿي سگھي ٿي، جنهن ۾ چين ۽ آمريڪا سندن درميان موجود رڪاوٽن کي اورانگھي وڃڻ ۽ ڪنهن اھڙي عملي ٺاھه تي پھچي وڃن، جيڪو سوويت يوين جي مواقف نه ھجي. ان سان گڏو گڏ امڪان اھو به آھي ته حالات انهيءَ خليج جي ھٿان پل ٻڌي وجھن، جنهن چين ۽ سوويت يوين کي ھڪٻئي کان جداڪري رکيو آھي ۽ انهن کي ائنگلو-آمريڪا طاقتن جي خلاف متحد ٿيڻ تي انهن شڪستن جي مدنظر مجبور ڪري وجھن، جن سان ھنن جو مقابلو ٻي افروايشيائي ڪانفرنس نه ڪري سگھڻ واري واقعي کان وٺي وچ اوڀر واري صورتحال جي ابتريءَ تائين رھيو آھي. اھي ناڪاميون انهيءَ اثر جي سبب کان، جيڪو ويٽ نام جي ڪري چين – سوويت مفادن تي پئجي رھيو آھي، اڃا به وڌيڪ سنگين ٿي ويون آھن.
    طاقت جي مرڪزن جي بدلجي وڃڻ ۽ مشرق ۽ مغرب جي نظرياتي ڇڪتاڻ جي جزوي طور تي اتر- ڏکڻ جي باھمي ڪشمڪش کان مغلوب ٿيڻ جيڪري جيڪا امير ۽ غريب قومن ۾ ھولناڪ عدم توازن جي سبب کان پيدا ٿي آھي، بين الاقوامي سماجي حالت ھڪ متغير ڪيفيت ۾ آھي. گذريل ڏھاڪي جي شديد ڪشمش جي جاءِ تي ھاڻي مرڪزي طاقت جي تقويض جو عمل شروع ٿي ويو آھي. انهيءَ تبديليءَ جي رفتار اسان جي تصور کان تمام گھڻي وڌيڪ آھي ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ تيز ٿيندي وڃي ٿي. ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ عظيم تبديلين جي جاءِ ايشيا آھي. اھڙي پٽڙي صورتحال ۾ بين الاقوامي واقعن جي آئنده رخ جي مطابق ڪي به غير عقلي اندازا قائم ڪرڻ موتمار ٿيندا. في الحال آمريڪا چين سان ھڪ اھڙي دشمنيءَ واري ڪشمڪش جي حالت ۾ آھي، جو اھا جنگ کان ٿوري ئي گھٽ آھي. انهيءَ قسم جي حالت هميشھ رھي نه ٿي سگھي. موجوده رجحانن مان، جيڪي ٽڪراءَ ڏانهن اشارو ڪري رھيا آھن، اندازو لڳائيندي واقعاتي ھوا جي رخ ۾ تبديلي ڏورانهين ڳالهه معلوم ٿي رھي آھي. ھيءَ اڳڪٿي وڌيڪ امڪاني نظر اچي رھي آھي ته ٻنهي عظيم طاقتن جي درميان وچ اوڀر واري جنگ جي سلسلي ۾ٺاھه ٺوھه جوجيڪو ڊرامائي مظاھرو ٿيو ھو، ۽ جنهن جو صدر جانسن گلاس برو ۾ وزيراعظم ڪوسيجن سان چوٽيءَ وارين ڳالھين ۾ جيتري تندھيءَ سان پيڇو ڪيو ھو، تنهن جو انجام چين جي نقصان جي صورت ۾ ظاھر ٿيندڙ، ۽ اھڙي طئي ٿيل موجوده بين الاقوامي صورتحال کي برقرار رکڻ جي حق۾ ھوندو، جنهن نگراني آمريڪا ۽ سوويت يونين ڪندا. اھو گھڻي قدرممڪن آھي، پر اقتدار جي سياست جي ولوله انگيز ست- رنگيءَ ۾ ھر قسم جي ممڪن ڳالھين کي خيال ۾ رکڻ ضروري ھوندو آھي، بين الاقوامي سياست جي متعلق ھڪ حيران ڪندڙ ڳالهه ھيءَ آھي ته ان ۾ ڪو به اھڙو قانون شامل ڪونهي، جيڪو ڪنهن اھڙي تبديليءَ ۽ ڦيرڦار کي قانون جي خلاف قرار ڏي، جيڪا مادي مفادن جي باھمي عمل جي نتيجي طور ايندي آھي.
    ھاڻي گھڻي ماڻھن کي ھن ڳالهه جو يقين ٿيندو پيو وڃي ته آمريڪا ۽ سوويت يونين سرد جنگ جي خطرناڪ مرحلي کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف آھن. کين ھميشه ھن ڳالهه جو احساس ڪو نه ٿو رھي ته مقابلي جي حالت ۾ تخفيف، زياده سنگين مسئلن کي تيزيءَ سان سامھون آڻيندي ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ مسلح تصادمن جو سلسلو شروع ٿي ويندو. سرد جنگ ذري گھٽ ويھن سالن کان به زياده عرصي تائين ان ڪري جاري رھندي آئي آھي، جو آمريڪا ۽ سوويت يونين پنهنجن تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ جنگ کي ھڪ طريقي ھئڻ جي طور قطعا رد ڪري ڇڏيو آھي. دنيا سرد جنگ جي روايتي سٽاءِ ۽ انجي ڪوتاھين کان پوري طرح واقف ٿي چڪي آھي. ماڻھو ھاڻي انهيءَ علم جي بنياد تي پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ محفوظ سمجھڻ لڳا آھن ته ھيءَ سرد جنگ اوچتو ئي اوچتو گرم ٿي کليل اڳرائي جي ڌماڪي جي صورت اختيار نه ڪندي. سرد جنگ ۾ ھڪ نه ٻيءَ صورت ۾ تحفيف، حقيقي طور خطرناڪ حالات پيدا ڪري سگھي ٿي. انهيءَ طرح سان پيدا ٿيندڙ خلا ۾ ڪا اھڙي وڏي طاقت داخل ٿي سگھي ٿي، جيڪا استحصال جي خاتمي لاءِ جنگ کي وسيلو بنائڻ ۾ جديد جنگي طور طريقي جي نتيجن کان نه ڊڄندي ھوندي. انهيءَ ڳالهه جي روڪٿام لاءِ، تسليم شده عظيم طاقتون، جيڪي جنگ کان بيزار ٿي چڪيون آھن، شايد اھڙن ٺاھن تي راضي ٿي پون، ۽ اھڙين اصلاحي تدبيرن جي اجازت ڏئي وجھن، جن جو نتيجو نه ته ناانصافيءَ واري ”موجوده صورتحال“ کي قائم رکڻ جي صورت ۾، ۽ نه حقيقي مفادن کان ھٿ کڻڻ جي صورت ۾ نمودار ٿئي. پر جنهن وقت تائين قومون ھڪٻئي جو استحصال ڪنديون رھنديون، جيستائين آمريت موجود ھوندي ۽ شھري آزاديون ساڪت رھنديون، جيستائين عوام کي سندن حقن کي محروم رکيو ويندو، ۽ غريبن کي لٽيو ويندو، تيستائين سرد جنگ باقي رھندي ۽ شايد آخرڪار وڏين طاقتن جي درميان ٻن نظرين جي اختلافن جي بنياد تي حقيقي جنگ به ڇڙي پوندي. مظلوم قومون پنهنجي نجات ڏيندڙ جي ڳولا ڪڏھن به ترڪ نه ڪنديون، ۽ جيڪڏھن کين انهيءَ ذميواريءَ جو چوغو پائڻ لاءِ ڪوبه تيار نه مليو، ته محڪوم عوام پنهنجو پاڻ کي نجات ڏياريندا ۽ ھڪ اھڙو منصفانه مساواتي نظام قائم ڪري وجھندا، جيڪو جبر ۽ تسلط، غربت ۽ افلاس ۽ ظلم ۽ استحصال کان پاڪ ھوندو. آخري تجربي طور، سرد جنگ جي ڄاتل سڃاتل پاڇي ھيٺان رھڻ، فرقيوارانه جنگ جي ڏھڪاءَ جي تجربي ڪرڻ کان بهتر ٿيندو، جنهن جي طرف اسين آھستي آھستي وڌندا نظر اچون ٿا.
    ڪو وقت اھڙو ھو، جڏھن آمريڪا ۽ سوويت يونين دنيا جا ٻه اھم ترين مخالف ھئا. ڏھه سال اڳي، ڪي ٿورا ئي ماڻھو انهن جي موجوده تعلقات جي نوعيت تي اعتبار ڪن ھا. ساڳيءَ طرح، ھن امڪان کي به رد ڪري نه ٿو ڪري سگھجي ته ڪو اھڙو وقت ڪو نه ايندو، جڏھن آمريڪا ۽ چين کي باھمي بقا جو طريقو تلاش ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن ائين نه ٿيو، ته پوءِ ان جو نتيجو دنيا، يا گھٽ ۾ گھٽ ايشيا جي تباھي ۽ برباديءَ جي صورت ۾ نڪرندو. دنيا ۾ڪي به مستقل دشمن ڪين ھوندا آھن. آمريڪا ۽ چين جي موجوده دشمنيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ھوش منديءَ جي آڏو گوڏا جھڪائڻا پوندا. ويھين صديءَ جي چوٿين ڏھاڪي جي اڌ کان وٺي پنجين ڏھاڪي جي اڌ تائين نازي فاشزم تصادم جو سبب رھي. پنجين ڏھاڪي جي درمياني حصي کان وٺي ڇھين ڏھاڪي جي اڌ تائين سوويت يونين ۽ آمريڪا سرد جنگ ۾ ٻکيا پيا ھئا. ڇھين ڏھاڪي جي اڌ کان وٺي، اسان آمريڪا ۽ چين جي درميان وڌندڙ دشمني ڏٺي آھي. پر اھا مخالفت ھميشه جي لاءِ قائم رھي نه ٿي سگھي. پروفيسر ٽائنبي کان وڌيڪ احتياط کان ڪم وٺندي، جنهن ھن اڳڪٿي ڪرڻ جي جرئت ڪئي ھئي ته تاريخ ھڪ عديم النظير پاسو ورائيندي، آءُ گھٽ ۾ گھٽ ايتريقدراڳڪٿي ڪرڻ لاءِ آماده آھيان ته اٺين ڏھاڪي جي درميان حالات ۾ تبديلي ايندي. جيڪڏھن ماضي مستقبل جو مظھر آھي، ته پوءِ حيرت ٿيندي جيڪڏھن آمريڪا ۽ چين جي مقابلي جي شدت اٺين ڏھاڪي کان پوءِ به قائم رھي سگھي. جيئن آمريڪا ۽ سوويت جي مقابلي جو نتيجو پڻ. فتح تهڙيءَ طرح چين ۽ آمريڪا جي تقابل ۽ تصادم جي تيز نوڪن جي گسي گسي مڏين ٿيڻ جي صورت ۾ نڪرندو.
    ان مان اسين ھي سبق حاصل ڪري سگھون ٿا ته ننڍين قومن کي عالمي طاقتن جي اختلافن جي وھڪري ۾ نه وھڻ گھرجي ۽ ھڪ طاقت جي حمايت ۾ يا ڪنهن ٻِي طاقت جي مخالفت ۾ حد کان ايترو ٻاھر نڪري وڃڻ نه گھرجي، جو انهن جي پنهنجي مستقبل کي ناقابل تلافي نقصان پھچي. بلڪ کين عالمي طاقتن جي موقف کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ اڳرائيءَ جي خلاف سينو سپرڪري سامراجيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ انصاف جي بنيادن تي بيٺل مقصدن جي حمايت ڪرڻ گھرجي. ننڍين قومن لاءِ بهتر ٿيندو، ته اھي عالمي طاقتن جي حريفانه ڇڪتاڻ ۾ گھڻي کان گھڻو غيرجانبداريءَ وارو رويو اختيار ڪن. انهن جي لاءِ ڪنهن وڏي طاقت جي خلاف ڪنهن ٻي وڏي طاقت سان مڪمل ايڪو ڪرڻ ڪوتاھه انديشي ٿيندو. ان جو ھروڀرو اھومطلب ڪونهي ته پنهنجن قومي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪا ننڍي قوم ڪواھڙو موقف اختيار نه ڪري، جيڪو ٻين وڏين طاقتن جي مقابلي ۾ ڪنهن هڪ وڏي طاقت سان زياده ھم آھنگ ھجي. پر ان جو اھو مطلب ضرور آھي ته ننڍي رياست ڪنهن ھڪ وڏي طاقت جي خلاف ڪنهن ٻي وڏي طاقت سان اھڙو ايڪو ڪرڻ کان گريز ڪري، جنهن ۾ بين الاقوامي معاملن ۾ اڳواٽ طئي ٿيل موقف اختيار ڪرڻو پوي ۽ سو به فقط عارضي مادي فائدن جي خاطر يا انهيءَ سبب کان ته انهيءَ جي برسر اقتدار حڪومت کي اھو انديشوآھي ته اھا انهيءَ طاقت جي سھاري کان سواءِ پنهنجي ئي عوام ھٿان ختم ٿي ويندي.
    عملي حالتن ۾، ننڍين قومن کي اھڙي حڪمت عملي ٺاھڻ گھرجي، جنهن جي ذريعي سڀني عالمي طاقتن سان معمول جي مطابق ٻه طرفا تعلقات قائم ٿين، جن ۾ انهن طاقتن جي طرفان ڪنهن مداخلت جو امڪان نه ھجي ۽ جن جي درجي بندي روشن خيال قومي مقصدن جي بنياد تي بلڪل سمجھه ۾ اچڻ جھڙي ھجي. انهن تعلقات کي جيڪڏھن فائدي بخش ۽ معقول ٿيڻو آھي ته اشتراڪ عمل جا شرط اھڙا ھئڻ گھرجن، جن ۾ خالص نظرياتي معاملن يا دفاعي عھد و پيمانن ۾ ھڪ ٻئي جي مقابلي ۾ ترجيع نه ملي، نه ته انهن جا تعلقات گھڻ رخين ذميدارين جي صورت اختيارت ڪندا. جيئن ته عظيم طاقتن جون ذميداريون عالمي نوعيت جون ھونديون آھن، انڪري ڪنهن وڏي طاقت سان دفاعي معاملن ۾ ٻه طرفا تعلقات قائم رکي انهيءَ سلسليوار ردعمل ۾ڦاسي پوڻ کان بچڻ مشڪل آھي، جنهن جو نتيجو گھڻن رخن وارين ذميدارين جي صورت ۾ نڪرندو. انهيءَ قسم جي معاھدي مان ٻه طرفا فائدا ختم ٿي وڃن ٿا ۽ اھي معاھدا اسان کي ٻين وڏين طاقتن سان تصادم جي طرف گھلي وڃن ٿا. ٻه طرفا تعلقات جي شرطن کي ڪڏھن اھڙو نه ھئڻ گھرجي، جو انهن مان ٻين عالمي طاقتن سان انهن ئي قسمن جي تعلقات جي وسعت ۽ شڪل ۾ڪنهن طرح به بگاڙ پيدا ٿئي. ٻين لفظن ۾، ٻه طرفا تعلقات کي ڪنهن به صورت ۾ گھڻ رخين ذميدارين جي شڪل اختيار نه ڪرڻ گھرجي، جيڪي ان وقت سامھون اچن ٿيون، جڏھن مختلف ٻه طرفن تعلقات جي شرطن ۾ بنيادي معاملن تي اختلاف، ناقابل تصفيه ٿي پوي ٿو.
    ٽين دنيا جي قومن جي لاءِ لازم آھي ته فقط عالمي طاقتن سان، بلڪ نيم عالمي طاقتن مثلا برطانيه، فرانس ۽ جرمنيءَ سان پڻ ٻه طرفا دوستانه تعلقات وڌائينديون رھن. فرانس کي، جنهن جي طاقت ائٽمي ھٿيارن جي ڪري اڳي کان وڌيڪ ٿي ويئي آھي، آفريڪا جي فرينچ ٻولي ڳالھائيندڙ رياستن جو اعتماد حاصل آھي. ان جي راءِ کي باقي آفريڪي ملڪن، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ پڻ وقعت حاصل آھي. وچ اوڀر جي تازه ترين بحران جي دوران فرانس عرب ملڪن ۾ پنهنجو مقام ٻيھر حاصل ڪري ورتو آھي ۽ جيڪي زيادتيون ان سنه ١٩٥٦ع واري سئيز جي جنگ ۾ ڪيون ھيون، تن جي تلافي پڻ ڪري ڇڏي آھي. (ھن ڳالهه جو اقرار ته ١٩٦٨ع جي فرانس ١٠٥٦ع واري فرانس ناھي)، صدر ناصر ان وقت ڪيو ھو، جڏھن ھن وچ اوڀر واري جنگ جي تعميري ڪردار ادا ڪرڻ تي جنرل ڊيگال جي تعريف ڪئي ھئي. فرانس پنهنجي لاءِ نه فقط يورپي ملڪن ۾ بلڪ دنيا جي قومن ۾ پڻ ھڪ خاص مقام پيدا ڪري ورتو آھي. ھن پنهنجي دورانديشيءَ واري خارجه پاليسيءَ جي صدقي سوويت يونين ۽ عوامي جمھوريه چين سان قريبي لاڳاپا پيدا ڪري ورتا آھن. ويٽ نام جي جنگ ۽ ايشيا جي عام صورتحال جي سلسلي ۾ ان جي صحيح جائزن ھن جو ڏيل اڃا به وڌيڪ وڏو ڪيو آھي، جڏھن ته ان جي خارجه حڪمت عمليءَ بين الاقوامي توازن ۾ اڳي کان وڌيڪ ترقي پسندانه تبديليءَ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري وڌا آھن. خود اختياريءَ جي حق جي اصولن لاءِ پنهنجي مستحڪم حمايت سان، جنهن کي ھن الجزائر ۾ خود پنهنجي سامراجي مفادن جي خلاف ھڪ جرئتمندانه انداز ۾ استعمال ڪيو، ھن ٽين دنيا جي قومن تي ڏاڍو صحتمند اثر ڇڏيو آھي.
    فرانس ۽ جرمنيءَ جي باھمي تعاون کي، جيڪو ڪونراڊ ائڊيناير جي سرپرستيءَ ۾ ڏاڍي حوصلا افزا انداز ۾ شروع ٿيو ھو، تنهن کي ھن کان پوءِ ڪجهه ناڪاميون نصيب ٿيون. جيڪڏھن انهن ٻن ملڪن جي يگانگت مستحڪم ٿي وڃي ته اھي يورپ ۾ ھڪ طاقتور سياسي عنصر ۽ باقي دنياجي لاءِ امن جو ھڪ مضبوط قلعو بڻجي سگھن ٿيون. في الحال اولھه جرمني، جيڪا ھڪ ورھايل ملڪ جو ھڪ حصو آھي، پنهنجي قوميت جي اتحاد جي خواھان آھي. انهيءَ عظيم مقصد جي حصول ۽ پنهنجي بچاءَ جي لاءِ ان جو دارو مدار في الحال آمريڪا تي آھي. انهيءَ ڪري ان جي خارجه پاليسي جمود جو شڪار ٿي ويئي آھي. ان کي سندس ھڪ وڏي اتحاديءَ جي طرفان بي وفائيءَ جو دائمي ڌڙڪو لڳل رھي ٿو، ڇو ته سوويت يونين ۽ آمريڪا جي درميان ڪو به بنيادي ٺاھه وفاقي جمھوريه جرمنيءَ جي لاءِ ھڪ وڏي نقصان جو سبب ٿيندو. چانسلر ڪيزنگر جي ماتحت مخلوط حڪومت جي ٺھي وڃڻ کان پوءِ، فرانس جي طرف قدم وڌائڻ ۽ جنرل ديگال جي خيالن جي مواقفت ۾ يورپ جي طرف وڌڻ جي تحريڪ ٻيھر اٿي رھي آھي. بهرحال ١٩٦٩ع لاءِ مقر ٿيل عام چونڊن کان اڳ ۾ جرمنيءَ جي خارجه پالسيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي وڏي تبديليءَ جي اميد رکڻ قبل از وقت آھي، جيستائين آمريڪا ۽ سوويت يونين جي درميان ڪنهن اھڙي شرط تي ڪوئي بنيادي ٺاھه نه ٿي وڃي، جنهن کي جرمنيءَ جي وفاقي جمھوريه پنهنجي لاءِ ھڪ تاوان سمجھي.
    برطانيه عظمي ٰ ھاڻي ايشيا ۾ ھڪ مضبوط طاقت جي حيثيت وڃائي ويٺوآھي، پر اھو آمريڪا جي عالمي مفاد جي سھاري لاءِ ھڪ اھم حاشيه بردارطاقت جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. سئيز کان اوڀر وارن علائقن جي متعلق ان جي اشتعال ڏياريندڙ حڪمت عملين مغربي ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ڪيئي ٽاري سگھڻ جي لائق مصيبتون پيدا ڪيون آھن. وچ اوڀر واري تصادم کان پوءِ، ھن ڳالهه ۾ شڪ پيدا ٿي چڪو آھي ته برطانيه وري ڪڏھن به ” سئيز کان اوڀر “ طرف پنهنجي ڳالهه مڃائي سگھندو. ھاڻي ان کي پنهنجي عوام جي فلاح و بهبود ۽ ٻين ملڪن تي بالا دستيءَ جي وچان ڪنهن به ھڪ شئي جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
    دولت مشترڪه باھمي فائدي جي ھڪ نقطي کان لنگھي چڪو آھي. ھاڻي انجي حيثيت فقط ھڪ علامتي اداري جي رھجي ويئي آھي ۽ ان کي ھڪ مناسب انداز ۾ رضاڪارانه طور تي جيترو به جلد ختم ڪيو وڃي، اوتروئي اھا برطانيه ۾ دولت مشترڪه جي ايشيائي ۾ آفريقي قومن لاءِ بهتر ٿيندي. ايشيا ۽ آفريقا جي قومن جي سڀني اجتماعي مايوسين ۽ انهن جي جذبن کي سنڀالڻ ۾ دولت مشترڪه جي ناڪاميءَ جي عڪس برطانيه سان انهن جي تعلقات مان پوي ٿو ۽ انهن مان بيڪار پيچيدگيون پيدا ٿين ٿيون، جيئن ته دولت مشترڪه جي اندورني جڳھڙن کي نبيرڻ لاءِ ان جي اندر ڪوئي ذريعو موجود ڪونهي، ان ڪري اھي جڳھڙا تعداد ۾ وڌي وڌي غلط فھمين ۾ اضافوڪندا رھن ٿا. اڄ برطانيه ۽ ڏکڻ آفريقا جا باھمي تعلقات بهتر آھن، ڇاڪاڻ ته اھي ٻه طرفي بنياد تي قائم آھن. جڏھن ڏکڻ آفريقا دولت مشترڪه ۾ شامل ھو، تڏھن انهيءَ ملڪ سان برطانيه جا تعلقات ڪشيده ھئا، ۽ انهيءَ ڪشيدگيءَ جو سبب اھا ڇڪتاڻ ھئي، جيڪا دولت مشترڪه جي گھڻ رخي ميلاپ جي سبب کان انهيءَ اداري جي خلاف پيدا ٿي پيئي ھئي. دولت مشترڪه کي رضاڪارانه طور تي ختم ڪرڻ سان، نه فقط ان جي سڀني ميمبرن سان برطانيه جا ٻه طرفا ناتا بهتر ٿي پوندا، بلڪ برطانيه پڻ انهيءَ قابل ٿي پوندو ته اڳوڻن ورثن جي بار کان آزاد ٿي، يورپي برادريءَ ۾ داخل ٿي وڃي ۽ ايشيا ۽ آفريقا جا ملڪ پڻ پنهنجن پنهنجن کنڊن ۾، ۽ ايشيائي استحڪام جي لاءِ زياده فطري ۽ بامقصد ڪم سر انجام ڏيڻ جي لاءِ آزاد ٿي پوندا. حقن ۽ فرضن ۾ بي ترتيب قسم جي گھڻ نه ھوندي، جنهن کان فقط اجتماعي ۽ انفرادي مشڪلات ۾ اضافو ٿئي ٿو ۽ ايشيا آفريڪا جي ماڻھن جون طبعي حوصله منديون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون. برطانيه جي جاءِ يورپ ۾ آھي ۽ جيترو جلد برطانيه انهيءَ نڪته کي سمجھي ويندو، اوتروئي يورپ ۽ سڄي دنيا جي امن لاءِ بهتر ٿيندو. برطانيه پنهنجو آغاز يورپ مان ڪيو ھو ۽ ھاڻي ان کي يورپ واپس پھچڻ گھرجي. في الحال برطانيه جي غرضن جا چنبا. سندس طاقت کان گھڻي قدر ٻاھر تائين ڦھليل آھن. کيس وقت جي آواز مطابق پاڻ کي ٻيھر حالات سان ٺھڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، خصوصا يورپ جي سلسلي ۾ ايشيا ۾ برطيانيه جي فوجي ذميوارين ۾ ڪمي ڪرڻ جو فيصلو انهيءَ رخ ۾ ھڪ قدم آھي.
    ترقي پذير قومن کي عالمي طاقتن سان تعلقات مرتب ڪرڻ ۾ ھميشه مشڪل ۽ پريشانيءَ جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. برخلاف ان جي، انهيءَ لاءِ ھيءَ ڳالهه مقابلتاً آسان آھي ته اھي پنهنجن باھمي مفادن جي بنيادن تي بيٺل حڪمت عملين کي پاڻ کي وڌيڪ ملائي ڇڏين ته جيئن عالمي طاقتن جي ڀيٽ ۾ انهن جي سودي ڪرڻ جي حثيت بهتر ٿي سگھي ۽ ھو پاڻ کي وڌيڪ مستحڪم پڻ ڪري سگھن. ترقي پذير قومن جي ھيءَ مسلسل ڪوشش رھڻ گھرجي ته اھي باھمي تعاون ۾ اضافو ڪن، ڇاڪاڻ ته اھو تعاون برابريءَ جو تعلق ھئڻ ڪري انهن قومن جي برابريءَ جي ڪنهن ميمبر جي انتهائي اھم مفادن کي نقصان پھچائڻ جي قابل نه ھوندو آھي.
    آفريڪي ايشيائي استحڪام کي اقوام متحده جي اندر ۽ ٻاھر پختي اداري سان وڌائڻ گھرجي. ان ۾ ٻي افريشيائي ڪانفرنس جي منعقد ڪرڻ ۾ ناڪامي ۽ خود اقوام متحده جي اندروني بحران جھڙيون ڪيئي ناڪاميون لازمي طور ٿينديون. آزاديءَ ۽ انصاف جي ايڏي ھمه گير تحريڪ جي مقابلي ۾ بيشمار رڪاوٽن جو اچڻ ھڪ لازمي امر آھي، پر انهيءَ آزمائش کي اتحاد لاءِ ڪيل عزم کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ گھرجي، جو وقت گذرڻ سان پڪ ئي پڪ ظھور ۾ ايندو. ھڪ ڀيرو اقوام متحده جي مٿان مصيبت جا سال ٽري وڃن، ته اھو ادارو پنهنجي ابتدائي سالن وارن وعدن جي وفا ڪرڻ لاءِ ھاڻي به ٽين دنيا جي ترقي پذير قومن لاءِ ترقيءَ ۽ سندن حفاظت جو ذريعو بڻجي سگھي ٿو. في الحال ته اقوام متحده جو ادارو و بحران ۾ وڪوڙيو پيو آھي، ۽ ان جي سڀني کان وڏي دشواري اھا آزمائش آھي جنهن سان ان جو مقابلو وچ اوڀر ۾ آھي. ڪن ماڻھن جو عقيدو آھي ته ڪيڏھن ان کي ھن آزمائش ۾ ڪاميابي نصيب نه ٿي ته ليگ آف نيشنس وانگر ھيءَ به ختم ٿي ويندي. پر سچ اھو آھي ته جيتوڻيڪ ان جي موت جو اعلان اڳ ۾ به ڪيو ويو آھي ۽ ھيءَ اڃا تائين زنده ھلندي پيئي اچي، ھڪ دفعو ھيءَ پنهنجي موجوده مشڪلاتن تي قابو حاصل ڪري وجھي ۽ نئين سر پنهنجي تنظيم ڪري وجھي ته پوءِ اھا پنهنجو اثر و رسوخ مڃرائي سگھي ٿي ۽ ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا جي قومن کي بين الاقوامي واقعن جي روش تي اثر انداز ٿيڻ ۽ پنهنجي جائز جدوجھد جي مدد لاءِ عوامي راءِ جي طاقت کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ سندن اجتماع جو ھڪ موثر مرڪز بڻجي سگھي ٿي. ان ھوندي به جيڪڏھن هيءَ انجمن موجوده مسئلن جي بار ھيٺان دٻجي به ويئي ته قومن جي ھڪ ٻي متحده انجمن وجود ۾ اچي ويندي، جيڪا مظلوم ماڻھن ۽ استحصال ٿيل قومن جي خدمت ۾ وڌيڪ وفاداري ۽ طاقت ۽ انصاف جي تحفظ لاءِ بين الاقوامي مجلس ھميشه موجود رھندي. سڄيءَ دنيا کي عظيم تر طاقتن جي جائداد ۾تبديل ڪري نه ٿو سگھجي. اقوام متحده پنهنجين سڀني ڪمزورين جي باوجود، ”ليگ آف نيشنس “ جي ھڪ سڌريل صورت آھي، ۽ جيڪڏھن اھا ڇڙوڇڙ ٿي ويندي ته ان جي ڦٽل نشانن تي ھڪ وڌيڪ مؤثر عالمي مجلس وجود ۾ ايندي.
    جيئن جيئن اھڙا ھٿيار، جيڪي سڄن سڄن کنڊن کي تباه ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، فني اعتبار کان ڪمال جي نقطي تي پھچي رھيا آھن، تيئن تيئن ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ترقي پذير ملڪن لاءِ اڃا به وڌيڪ لازم ٿيندو وڃي ٿو ته ھڪ اھي ھڪٻئي جو موقف کي وڌيڪ جامع انداز ۽ باھمي استحڪام جي روشنيءَ ۽ ٻيو ته سڀني ترقي پذير ۽ ترقي يافته قومن جي درميان بهتر ٺاھه جي لاءِ سرگرميءَ سان ڪم ڪن. ھيءَ ڳالهه جيڪا عام طور تي چئي وڃي ٿي ته دنيا سسي رھي آھي، ڪجهه غلط ناھي، ڇاڪاڻ ته مواصلات جي تيز رفتاريءَ اھڙن فيصلن تائين پھچڻ ۾ جيڪي بين الاقوامي امن کي متاثر ڪندا ھجن يا بين الاقوامي جنگ جي طرف وٺي ويندا ھجن، مفاصلن کي بلڪل بي اثر ڪري ڇڏيو آھي. اھم فيصلن جو اثر ڪنهن واحد قوم يا ملڪن تائين محدود نه رٿو رھي. اڄڪلھه اھڙن فيصلن جو پڙاڏو دنيا جي جي چئني ڪنڊن تائين ڦھلجي وڃي ٿو.
    اقتصادي اعتبار کان دنيا جي اترين ۽ ڏاکڻن ملڪن ۾ جيڪو تضاد پيد اٿي چڪو آھي، تنهن جي پيش نظر ترقي پذير قومن جي ترقي يافته قومن سان بهتر اقتصادي تعلقات قائم ڪرڻ جي جدوجھد ۾ مٿن ھيءُ فرض عائد ٿئي ٿوته اھي پنهنجن گڏيل مقصدن کي باھمي طور ھڪٻئي سان مربوط ڪن، ته جيئن گڏيل سودي ڪرڻ خاطر سندن قوت ۾ واڌارو ٿئي. اتر ڏکڻ جي ڇڪتاڻ، چاھي ترقي پذير قومن لاءِ ڪيتري ئي اھم ڇو نه ھجي، اولھه ۽ اوڀر جي ھن متضاد جذبن جي سامھون مغلوب ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ نظرياتي جذبن کي مشتعل ڪرڻ جي طاقت موجود آھي. اولھه ۽ اوڀر جي اھا متضاد ڇڪتاڻ دنيا جي اقتصادي ۽ سماجي معاملن تي غالب اچڻ جي ارادي جو اظھار آھي. انهيءَ ڪري ھــِن ڇڪتاڻ اندر انهيءَ عالمي تباھي ۽ برباديءَ جو خطرو موجود آھي. جيڪو تهذيب کي رک جو ڍير بنائي سگھي ٿو. انڪري ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا جي کنڊن لاءِ ضروري آھي ته اھي موجوده زماني جي واقعن جي ضرورتن جي مطابق يورپ کنڊ سان ھڪ نئين ۽ ھڪجھڙائيءَ واري انداز سان ٺاھه ڪن.
    ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي ڦھلايل تباھيءَ کان پوءِ يورپ بيمار ۽ ٿڪل حالت ۾ ھو، اڄ ان ۾ ھڪ نئين روح جا سڀ آثار موجود آھن جي ھڪ ڀيرو جنگ کان بيزار ٿيل ماڻھن جي مقدر ۾ ھڪ وڌيڪ خوشحال ۽ زياده ڀرپور زندگي نمودار ٿيندي نظر اچي ٿي. مشرقي ۽ مغربي يورپ جا ماڻھو جنگي ھٿيارن کي ھڪ طرف اڇلائي ڇڏڻ کان پوءِ وڌيڪ قريب باھمي تعاون جي ڪوشش ۾مصروف نظر اچن ٿا. ٻه- طرفي ڇڪتاڻ ۾ نرمي اچڻ سان مشرق ۽ مغرب جي ھڪٻئي سان لاڳاپن ۾ لچڪ وڌي ويئي آھي ۽ سياست ۽ اقتصاد ۾ پٽڙي ڪيفيت پيدا ٿي ويئي آھي. يورپ جي سالميت لاءِ ھن حوصله افزا تحريڪ تحريڪ مان باقي يورپي مسئلن جي حل دستياب ٿيڻ جون تازيون اميدون پيدا ٿي ويئون آھن. ڌارين جي دخل اندازيءَ کان آجي يورپي اھتمام ھيٺ زندگيءَ جي بساط جي ھڪ ھنڌ ڄميل حالت کي ٽوڙڻ جا بهتر امڪان نظر اچي رھيا آھن. ھيءَ ڳالهه اڃا ملاحظه جي قابل آھي ته ٻئي عظيم ترين طاقتون ( آمريڪا ۽ روس) مشرقي ۽ مغربي يورپ جي قومن جي درميان وڌندڙ تعاون جي ڪھڙيءَ حد تائين اجازت ڏين ٿيون يا ان کي پنهنجي گرفت ۾ رکي سگھن ٿيون. پر واضح طور، صاف ڳالهه ھيءَ آھي ته يورپ ۾ انهيءَ قسم جي تعاون جو لاڙو موجود آھي. اھا ڳالهه پڻ ٽين دنيا جي قومن لاءِ انهيءَ ڳالهه کي اڃا به وڌيڪ ضروري ڪري ڇڏي ٿي ته اھي نئين اڀرندڙ يورپ جي طرف نئين انداز ۾ اڳتي وڌن.
    يوروپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ نئين قسم جو باھمي تعلق اڀري رھيو آھي. ماضيءَ ۾، ايشيا تي يورپ جي غلبي جي سبب ڪري، ٻنهي کنڊن جي درميان باھميلاڳاپن جي بسنبت وڌيڪ اختلاف موجود ھئا. ھيءَ ڳالهه اڻٽر ھئي ته عدممساوات ۽ استحصال جي بنيادن تي قائم ٿيڻ وارن لاڳاپن جي دوران انهن ٻن علائقن جي ماڻھن جي درميان جڳھڙا وڌن. مادي غلطي جو زمانو گذري وڃڻکان پوءِ يورپ ۽ ايشيا جي درميان تعلقات ۾ ھڪ نئين گھرائي پيدا ٿي آھي.بدلجندڙ تعلقات جي دؤر ۾ ايشيا ۽ يورپ جا ماڻھو انهن باھمي اختلافن جيبجاءِ، جيڪي انهن کي ھڪٻئي کان جدا ڪن ٿا، ھڪجھڙاين جي تلاش ۾ لڳلآھن، جيڪي کين ھڪٻئي سان ملائين ٿيون.” اڇيءَ چمڙيءَ واري آدميءَ جوبار“، ۽ ”غير مھذب“ ماڻھن کي مھذب بنائڻ جي لاءِ ”برترقومن“ جي ذمه داريءَ جھڙن فضول اصطلاحن جا اثر ھاڻي يورپي ماڻھن جي ذھنيت ۽ انهنجي ايشيائي ماڻھن سان ورتاءُ تي گھٽ ٿيندا وڃن ٿا. پراڻن روين جا نشان اڃا به باقي آھن، پر تيزيءَ سان غائب ٿيندا وڃن ٿا. ھاڻي زور يورپ ۽ ايشيا جي مشترڪ نسب نمائن ۽ ٻنهي کنڊن جي جاگرافيائي قربت ڏانهن منتقل ٿي رھيو آھي. ھن ڳالهه کي وسارڻ نه گھرجي ته آباديءَ جا وڏا وڏا ريلا ايشيا کان يورپ جي طرف وڌيا آھن. انڪري انهن جي درميان ھڪ حد تائين نسلي ۽ ثقافتي ھم رنگي آھي. ٻئي کنڊ تهذيب جا گھوارا رھيا آھن ۽ ٻنهي مان مذھبي افڪار، فلسفه، سائنس ۽ سياسي تصورات اٿي دنيا ۾ ڦھليا آھن. ٻئي کنڊ خوفناڪ جنگين ۽ تباھيءَ جا آکاڙا بڻيا رھيا آھن. انڪري يورپين ۽ ايشيائين، ٻنهي کي ھڪ منصفانه بين الاقوامي امن جي قيام جي ضرورت جوھاڻي يڪسان طور وڌيڪ خيال رکڻ گھرجي. مستقبل ۾ ايشيا ۽ يورپ جي درميان اشتراڪ عمل کان دنيا جي زندگيءَ جي حالتن کي بهتر بنائڻ جا امڪان گھڻا روشن آھن. آئينده اچڻ وارا سال مشترڪه مفاد جي وسعت ظاھرڪندا. اھا وسعت ان وقت وڌيڪ واضح ٿي ويندي، جڏھن وڏيون طاقتون يورپ ۽ ايشيا ۾ حالات جي بدلجندڙ حوالن جي روشنيءَ ۾ پنهنجن مقصدن کي نئين سر واضح ۽ مرتب ڪنديون، جڏھن حاڪميت کي متحده مقابلي کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ جڏھن سائنس جي زمين ۾ اقتصادي ۽ معاشري حالتن مان ڦٽندڙ واقعن جي عام تاڃي پيٽي ۾ نوان ميدان سر ٿيندا.
    ھڪ عالمي ۽ بين البراعظمي ٺاھه ۽ رابطي جي اھميت ھن ڪري گھٽ نه ٿي ٿئي، جو جاگرافي ھاڻي به ھر ملڪ جي خارجه پالسيءَ جي تشڪيل تي سڀ کان وڌيڪ اھم اڪيلي عامل جي حيثيت رکي ٿي. جيڪڏھن ڪا قوم پنهنجي ويجھي کان ويجھي پاڙيسري سان باھمي موافقت پيدا نه ٿي ڪري سگھي ته ڏورانهين قومن سان باھمي مفاھمت جي سطح تائين پھچڻ ان جي لاءِ اڃا به وڌيڪ مشڪل ثابت ٿيندو. ڪنهن قوم جي بين الاقوامي لاڳاپن ۾پختگي ۽ لچڪ انهيءَ پختائيءَ ۽ لچڪ مان پيدا ٿيندي آھي، جيڪا اھا پنهنجي ويجھي کان ويجھي پاڙيسريءَ سان پنهنجن لاڳاپن ۾ روا رکندي آھي. حقيقت ۾جيڪڏھن سڀ پاڙيسري ملڪ ھڪٻئي سان سٺي مفاھمت پيدا ڪري وجھن ته بين الاقوامي تعاون ۾ ھوند وڏيون سھولتون پيدا ٿي وڃن. علاقائي جڳھڙا، جيڪي ٻن سڀني جڳھڙن کان وڌيڪ اھم ھوندا آھن، پاڙيسرين ۾ اٿندا آھن ۽ پاڙيسري رياستن جي تعلقات ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪندا آھن. ماڻھن جي درميان پيچيدگين وانگر، رياستن جي درميان سڀني کان وڌيڪ پيچيده بين الاقوامي حالتون اتي پيدا ٿينديون آھن، جتي انهن جون سرحدون گڏيل ھونديون آھن. ويجھڙائيءَ جي سبب ڪري ۽ باھمي تعلقات جي وسعت جي بدولت پڻ، پاڙيسري ملڪن جي خارجه حڪمت پيدا ٿيڻ نه فقط انهن جي باھمي اختلافن ۾ سختي ۽ شدت پيدا ٿيڻ جو انديشو ھوندو آھي، بلڪ سندن درميان طرح طرح جا روزمره جا مسئلا پڻ ظاھر ٿيندا رھندا آھن. اھوئي عمل جو اھو دائرو آھي، جنهن ۾ ڪنهن قوم جي قابليت جو اظھار ٿيندو آھي. جيتوڻيڪ ھلندڙصديءَ ۾ مفاصلو، نسلي ۽ روحاني لاڳاپن کي گم ٿو ڪري ڇڏي، تڏھن به جاگرافي پنهنجن معنائن ۾ پاڙيسري ملڪن جي درميان تعلقات جي اھميت کي متعين ڪرڻ واري سڀني کان وڌيڪ اثرائي چيز آھي، گھڻن ئي تعلقات کي بدلائي يا متاثر ڪري سگھبو آھي. پر ھڪ جاگرافيائي پاڙيسريءَ جي موجودگيءَ جي حيثيت کي بدلائي نه ٿو سگھجي. خارجه پاليسيءَ جي تشڪيل۾ ھيءَ ھڪ دائمي عنصر آھي.
    ڪنهن ملڪ جي خارجه پاليسيءَ جي اھتمام ۾ ٻين ملڪن سان عام طور تي سٺن تعلقات قائم ڪرڻ جا فائدا اڪثر ان جي پنهنجن پاڙيسرين سان تعلقات جي ناڪاميءَ جي ڪري معطل ٿي ويندا آھن. ھر قوم جي سياسي فلسفي ۽ معاشي نظام ۾ ترميم ۽ بدليءَ جا امڪان موجود ھوندا آھن. فنون، سائنس، مادي وسيلا ۽ سياسي ڍانچا سڀ ڦيرڦار جو اثر قبول ڪندا آھن، پر طبعي جاگرافيائي حقائق ناقابل تبديلي ھوندا آھن. ھر ملڪ جي خارجه پاليسي ڪنهن به مقرر گھڙيءَ ۾ تغير پذير ۽ مستقل عاملن جي ميلاپ جو نتيجو ھوندي آھي. ان ڪري خارجه پاليسي طئي ڪرڻ جي مشڪل ڪم ۾، بين الاقوامي ادارن کي منهن ڏيڻ جي عمل ۾ مختلف ۽ انتهائي پيچيده عناصر جولحاظ ضرور رکڻ گھرجي، مثلاً قوم جي سياسي فلسفي، جو ان جي اقتصادي نظام جو، ان جي ثقافتي روايتن ۽ ان جي جاگرافيائي بيھڪ جو.
    ھن باب ۾ ھڪ تمام پيچيده مسئلي کي سادي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي، ۽ ان جو مقصد تڏھن ئي پورو ٿيندو، جڏھن ان مان ھيءَ ڳالهه واضح ٿي ويئي ھجي ته دنيا بدليل سياسي حالات جي- جنهن ۾ ٽي عالمي طاقتون وجود ۾ اچي ويئون آھن، ۽ انسانن جي ذھنن تي قابو پائڻ لاءِ سڄي دنيا۾ ھر ھنڌ ڇڪتاڻ جاري آھي، تقاضا آھي ته ننڍين قومن جا سياستدان، جن جي ھٿن ۾ سندن ماڻھن جي قسمت جي واڳ آھي، گھڻي ھوشياري ۽ احتياط ڪن. انهن ساستدانن جي خارجه پاليسي جي اھتمام ۾ عالمي طاقتن جي طرف رويي جي انداز مان، ۽ خود انهن جي درميان استحڪام سان ئي آخرڪار ھي طئي ٿيندو ته جن قومن جي رھنمائي انهن جي ذمه آھي، سي سڀاڻي جي دنيا ۾پنهنجي آزادي ۽ خود داري قائم به رکي سگھنديون يا نه.


    باب ٽيون: ورھاڱي ۽ ھندستان جي غير جانبداريءَ ڏانهن آمريڪي رويو

    پاڪستان کي، ھڪ ايشيائي ۽ ترقي پذير ملڪ ھئڻ جي ڪري پنهنجي پر ڏيھي پاليسي، عالمي صورتحال جي مطابق اھڙي ترقي پسندانه ۽ دانشمندانه قومي مفاد جي بنياد تي ترتيب ڏيڻي پوي ٿي، جنهن ۾ عالمي امن ۽ انصاف جو جذبو سمايل ھجي. پاڪستان ھڪ نظرياتي رياست آھي يا وڌيڪ صاف لفظن ۾ چئجي ته اھا ھڪ اھڙي رياست آھي، جنهن کي پنهنجو نظريو آھي. ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ پاڪستان خدا جي طرف کان پيدا ڪيل جذبي جو نتيجو آھي، ۽ خود اراريءَ جي حق ذريعي حقيقت ۾ منتقل ٿيل، انصاف ۽ مساوات جي نظريي جو اظھار آھي. ان مخصوص نوعيت جي لحاظ کان پاڪستان جونڪي خصوصي ذميواريون آھن. ان کي لازمي طور اھڙي حيثيت اختيارڪرڻي پوي ٿي، جيڪا ان کي عالمي امن جي استحصال ۽ سڀني لوڪن ۽ سڀني قومن لاءِ ھڪجھڙائيءَ جي حصول خاطر سندس حقيقي ذميوارين کي پوري ڪرڻ، ۽ ساڳئي وقت تي خود پنهنجي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي اجازت ڏئي.
    ننڍي کنڊ جا مسلمان ڌارين جي تلسط کي ختم ڪرڻ ۽ ھڪجھڙائي حاصل ڪرڻ جي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي لاءِ ھڪ جدا ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ اٿي کڙا ٿيا ۽ اھي پاڪستان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جيتوڻيڪ ڪي اھڙا به ماڻھو آھن جيڪي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي تي اڃا به افسوس ڪري رھيا آھن، ان جي باوجود ھيءَ حقيقت بلڪل واضح آھي ته ملڪ جي ورھاڱي کان سواءِ، تقسيم کان اڳ واري ھندستان ۾ رھندڙ ڪي به مسلمان انهن قدرن جي حفاظت ڪرڻ جي قابل نه رھن ھا، جن کي اھي اعليٰ ترين، ۽ تسلط کان آزاد دنيا لاءِ اڻٽر سمجھن ٿا.
    عملي طور سڄو ھندستان قديم زماني ۾ شھنشاھ اشوڪ جي دؤر ۾ متحد ھو، ۽ بعد ۾ وري مغل سلطنت جي انتهائي عروج واري زماني ۾ ھڪ ھو، جڏھن اورنگزيب جو فرمان ننڍي کنڊ جي ھڪ ٻيءَ ڪنڊ تائين ھلندڙ ھو. ٻِي کنڊ جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ھلندڙ ھو. ٻي حالتن ۾ اھو اتحاد ماڻھن جي مٿان زوريءَ مڙھيل ھو. مختلف ٻولين وارو ھندستان، ھڪٻئي سان ٽڪرائيندڙ ثقافتن جو طاقتور معجون مرڪب ھو، جن کي شھنشاھي نظامن ھڪٻئي سان ڳنڍي رکيو ھو. ھيءَ ھڪ واحد قوميت جي سرچشمي مان ڦٽي نڪرندڙ ثقافت ۽ اتحاد جو معاملو ڪو نه ھو. درحقيقت قوميت يا ھڪ وڏي قوم ھئڻ جو تصور، جيئن اسين ان کي سمجھون ٿا، گھڻو پوءِ پيدا ٿيو. انگريزن پڻ ھندستان کي اتحاد ڏنو، جيڪو انهن کان اڳ اشوڪا ۽ اورنگزيب وانگر، ملڪ جي مٿان زوريءَ مڙھيل ھو. پوئين دؤر وارو اھو اتحاد پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان حيرت انگيز حد تائين گھڻ رنگي قسم جو ھو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي ڪجهه حصن تي سڌيءَ طرح حڪومت ھلائي ٿي ويئي ۽ ٻين حصن تي نواب ۽ راجائون حڪمراني ھلائي رھيا ھئا، جيڪي عھدنامن ذريعي شاھي تاج سان وابسته ھئا. ان جي باوجود، انگريزن جي حڪومت جي دؤر ۾ ئي ھندستان جي شعور ۾ قوميت جي ٻج ڦوٽھڙو کائڻ شروع ڪيو. ڏيڍ سئو سالن جي عرصي ۾ اھا توقع نه پئي ٿي سگھي ته انهيءَ ٻوٽي جون پاڙون پوريءَ طرح سان مضبوط ٿي وينديون. ان جي باوجود، برطانوي حڪومت قومي شعور ھڪ واحد ۽ ناقابل تقسيل اڪائيءَ ۾ نه، بلڪ ٻن طاقتور مختلف قومن ۾ بيدار ڪيو، جن مان ھر ھڪ وٽ پنهنجو جدا مذھب ھو، جدا ثقافت ھئي، ۽ مختلف امنگون ھيون.
    ننڍي کنڊ جي برطانوي فتح کان پوءِ، انگريزن ڏيڍ صديءَ کان وڌيڪ عرصيتائين ان کي ٻين طاقتن جي حريص نگاھن کان زبردست ڪوشش سان محفوظ رکيو. فرينچن ۽ پورچوگيزن کان علاوه، جن جي قبضي ۾ تمام ٽڪرا ھئا، ننڍي کنڊ جو سڄو سامونڊي ڪنارو ٻين طاقتن لاءِ بلڪل بند ڪيو ويو. ھڪ ڇيڙي تي ھماليه جبل آسمان سان ڇوٽيون گسائي رھيا ھئا ۽ اھڙيءَ طرح ملڪ جي علحدگيءَ جي اھڙي اثرائتي ضمانت ڏئي رھيا ھئا، جھڙي مھاساگر ڏيئي رھيا ھئا، ھماليه جبلن جي ھن پار، جيڪي به روايتي ناتا قائم ھئا، تن کي فاتحن ” تاج جي انتهائي منور ھيري“ جي علحدگي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽوڙي ڇڏيو. انگريزن ھندستان کي اسرار ۽ وھم، عجيب و غريب اختلافن، مختلف مذھبن ۾ ويڙھيو سردار ۽ نوابن جي سرزمين طور ڏٺو. اھو، اڇي چمڙيءَ واري ماڻھوءَ لاءِ دنيا کي مھذب بنائڻ جي سندس مھم ۾ سڀني کان وڌيڪ ڳرو بار ھو. انگريزن قوم ٻين بيٺڪي طاقتن کي ختم ڪرڻ کان پوءِ انسان سازيءَ جي نيڪ مھم کي پوري ڪرڻ لاءِ اڪيلي سر قدم وڌايو. سنه ١٩٥٧ع واريءَ جنگ جو نتيجو، جنهن کي ” ھندستاني بغاوت“ جو نالو ڏنوويو، ماڻھن جي جذبي کي انتهائي وحشيانه نموني سان دٻائڻ جي صورت ۾نڪتو. ان جون جوابي ڪارروايون ۽ سزائون ايتريقدر ھيون، جو سامراجي برطانيه جي اختياريءَ واري پرواني ۾، ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين ڪنهن به عوامي بغاوت سان ڪو خلل پيدا نه ٿيو. برطانوي تلسط جي خلاف، ٻي حقيقي عوامي بغاوت، خلافت ھلچل ئي ھئي. انهيءَ اسلامي تحريڪ کي مسٽر گانڌيءَ ڏاڍي ھوشياريءَ سان ڪانگريس جي طرفان قومي آزاديءَ جومطالبو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. ڪيترن ئي سالن تائين گانڌيءَ جي قابل رھنمائيءَ ھيٺ ميدان ڪانگريس جي ھٿ ۾ رھيو. نيٺ، آزاديءَ لاءِ جدوجھد ۽ انڊين نئشنل ڪانگريس ھم –معنيٰ اصطلاحن جي حيثيت حاصل ڪئي. ان کان گھڻو پوءِ مسٽر محمد علي جناح، مسلم ليگ جي جھنڊي ھيٺ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ خود اختياريءَ جي حق لاءِ ھلچل جو آغاز ڪيو. انگريز مسلمانن جي ورھاڱي واري مطالبي جا مخالف ھئا. پاڪستان جي حصول واري جدوجھد ۾ مسٽر جناح کي، جيڪو ھاڻي قائداعظم جي نالي سان سڏجڻ لڳو، انگريزن ۽ انڊين نئشنل ڪانگريس جي ٻِٽي مخالفت سان منهن ڏيڻو پيو. ”ڦوٽ وجھو ۽ حڪومت ڪريو“ جي نسخي وارو بيٺڪي دؤر، ھاڻي جديد بيٺڪن واري دور لاءِ جاءِ خالي ڪرڻ لڳو، جنهن کي ”متحد رکو ۽ حڪومت ڪريو“ جي نئين نسخي کي آزمائڻ ۽ عمل ۾ آڻڻ جي ضرورت ھئي. بدلجندڙ حالات ۽ انهن سان ٺھڪندڙ جديد بيٺڪن جي تقاضائن کي وڌيڪ تجارتي منڊين جي استحصال ڪرڻ ۽ ڪميونزم جي حد دخلين جي خلاف بچاءَ لاءِ ننڍي کنڊ جي اتحاد جي ضرورت ھئي. ھيءَ انديشو محسوس ڪيو پئي ويو ته ننڍي کنڊ کي تقسيم ڪرڻ جو مطلب ٿيندو، ” ورھاڱو ڪيو ۽ وڃايو.“ اھڙيءَ طرح ڪچي مال جي وسيع منڊين تائين پھچ ۾ رڪاوٽون پونديون، ۽ روس جي ننڍي کنڊ ۽ ھندي مھاساگر کي پنهنجي قابو ۾ رکڻ جي قديم آرزو جي خلاف انهيءَ خطه جو بچاءُ ڪمزور ٿي پوندو. انهيءَ دليل جي بنياد تي انگريزن پڇاڙيءَ تائين ورھاڱي جي خلاف ڪوشش جاري رکي.
    جيڪڏھن انگريز ھندستان کي ھڪ ”متحد“ ملڪ جي صورت ۾ ڇڏي وڃن ھا، ته اڄ ننڍي کنڊ ۾ چار پنج قومي مملڪتون موجود ھجن ھا. ان وقت انگريزن لاءِ انتخاب، ھندستان کي ھڪ متحد ملڪ جي حيثيت ۾ ڇڏي وڃڻ يا ان کي ٻن ملڪن جي صورت ۾ ورھايل ڇڏي وڃڻ جي درميان نه، بلڪ ھندستان کي ٻن قومن جي حيثيت ۾ ورھائي ڇڏڻ يا ان کي ٽڪرا ٽڪرا ٿي گھٽ ۾ گھٽ چئن پنجن مملڪتن ۾ ورھائجي وڃڻ لاءِ ڇڏي وڃڻ ۾ ھو، پاڪستان جي تخليق، ھندستاني قوميت جي نمايان صورت اختيار ڪرڻ جي عمل ۾ مدد ڏني آھي. جيڪڏھن ھندستان ۾ پاڪستان جي خلاف نفرت ڦھليل نه ھجي ھا، ته ھندستان لاءِ ان جي مختلف ٻولين ڳالھائيندڙ صوبن کي ھڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيڻ کان روڪڻ انتهائي دشوار ڪم ٿئي ھا. ھاڻي به صورت اھا آھي ته پاڪستان جي خلاف بغض ھئڻ جي باوجود ھندستان پنهنجي غير معمولي اتحاد کي ڏاڍي مشڪل سان ۽ مس مس قائم رکي سگھيو آھي. اھا وڏي اھميت واي ڳالهه آھي، جنهن کي انهن پرڏيھي طاقتن کي ياد رکڻ گھرجي، جيڪي پاڪستان ۽ ھندستان جي درميان اثرائتو پرچاءُ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪن ٿيون. ”ڪميونسٽ خطري“ کي وڌيڪ اثرائتي نموني ۾ منهن ڏيڻ لاءِ ھڪ ناقابل تقسيم ننڍي کنڊ کي وجود ۾ آڻڻ بدران، ممڪن آھي ته ان جا ٽڪرا ھر طرف پکڙجي ڪن عالمي طاقتن جي مقصدن کي بربارد ڪري ڇڏين. صاف لفظن ۾ ان جومطلب ھيءُ آھي ته پاڪستان کي جذب ڪرڻ جي ڪوشش، موجوده ھندستان هيڪڙائيءَ جي انت آڻڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي. اھڙي انتشار مان اھي سڀ تباھڪن نتيجا نڪري سگھن ٿا، جن کان مغرب پاڪستان کي ھندستان سان ڪنفيڊريشن بنائڻ تي مجبور ڪرڻ سان بچڻ چاھي ٿو.
    اھي ماڻھو جيڪي پاڪستان جي اصولي روح کي نه ٿا سمجھن ۽ جن جو قوميت جو تصور رسمي علائقائي سببن تي بيٺل آھي، تن انهيءَ جذبي کي سمجھيوئي ناھي، جنهن پاڪستان جي تحريڪ کي جنم ڏنو. اھا تحريڪ، جيڪا دراصل مساوات لاءِ ھڪ عظيم جدوجھد ھئي، جنهن ۾ مسلمانن وحدتتي آزاديءَ کي ترجيع ڏني. اھڙا ماڻھو پاڪستان جي اقتصادي ۽ دفاعي قوت برداشت، بلڪ خود ان جي وجود تي تڪڙو ڪري فتويٰ ڏيڻ جا عادي آھن. اھي ھن ملڪ تي دور کان نظر وجھندي ۽ ان جي بنيادن جي پوري ڄاڻ نه رکندي ھن فيصلي تي پھچي وڃن ٿا ته جيڪڏھن ھيءُ ھڪ ئي ۽ سڄوسارو ننڍو کنڊ رھي ھا ته انهن جي عالمي مفادن ۽ مقصدن کي سمجھڻ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿئي ھا. اھي ھن حقيقت کي سمجھڻ ۾ ناڪام رھن ٿا ته پاڪستان جو اھوئي وجود، جيڪو ننڍي کنڊ جي ٻن ڇيڙن تي ھڪ ناقابل تقسيم قوم جي صورت ۾ ٻنهي طرفن ڏانهن توازن قائم رکيو بيٺو آھي، ڀارت جي وحدت جو باعث آھي. جيڪڏھن پاڪستان جي متوازن ساھميءَ جي انهن ٻن پڙن مان ڪو ھڪ به، ھڪ يا ٻئي طرف ڏانهن جھڪي پيو ته ھندستان جو توازن پڻ متاثر ٿيڻ کان سواءِ نه رھي سگھندو. اھڙن پرڏيھي مفادن لاءِ جيڪي ننڍي کنڊ جي ٻن قومن ۾ ورھاڱي کي شڪ و شبهي جي نظرن سان ڏسن ٿا، ھيءَ پوئين صورتحال ڪيتري قدر نه وڌيڪ ناپسنديده ثابت ٿيندي؟
    پاڪستان جي مسئلن ۽ ان جي داخلي حيثيت جي تفصيلي اندازي ڪرڻ لاءِ، آزاديءَ کان اڳ ۾ ۽ آزاديءَ کان بعد ننڍي کنڊ ۾ ٿيندڙ واقعن جي ارتقا ۽ ٻنهي ملڪن ڏانهن عظيم طاقتن جي رجحان تي ٻيھر غور ڪرڻ ضروري آھي. ان لاءِ آغاز جو مناسب نقطو ننڍي کنڊ ڏانهن عظيم طاقتن جو اھو رويو آھي، جيڪو انهن ان وقت اختيار ڪيو ھو، جڏھن ھندستان ۽ پاڪستان آزاديءَ جي چانئٺ تي اچي پھتا ھئا.
    جرمنيءَ کي اڳي ئي تباھه و برباد ڪيو ويو ھو ۽ فرانس پنهنجي شڪست جي بي آبروئي ۽ بيعزتيءَ ڪري فوري طور پنهنجي اڳوڻي عالمي اھميت دوباره حاصل ڪرڻ جي حيثيت ۾ نه ھئي. ھن اتحادي طاقتن جي امداد سان ڏکڻ- اوڀر ايشيا ۽ آفريقا ۾ پنهنجين بيٺڪن تي وري قبضو ڪرڻ چاھيو. چين، جپان جي ھٿان بري طرح چٻجي چڪو ھو، ان ھوندي به چيانگ ڪائي شيڪ ھندستان جي آزاديءَ ۾ دلچسپي ورتي ھئي. پر برطانيه ھن کي بري طرح سان ٺڪرائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته انگريزن ھن جي ڪوشش کي سندن سلطنت جي معاملن ۾ اجائي دخل اندازي ٿي سمجھيو. جنرل سمو ۽ سندس بيگم ھندستان جو دؤرو ڪيو ۽ ھندستاني اڳواڻن سان ڳالھيون ڪيون، جنهن کان پوءَ مسٽر نهروءَ 12 فيبروري 1942ع تي قديم ھندستاني ۽ چيني تهذيبن جي قريبي ناتن ۽ واسطن جو ذڪر ڪيو ۽ ھڪ وڏي وفاق جوخاڪو پيش ڪيو، جنهن ۾ ھندستان، چين، ايران ۽ آسپاس جا ڪجهه ٻِيا ننڍا ملڪ شامل ڪيا ويا، جنهن جو مقصد انهن ملڪن جي آزاديءَ کي قائم رکڻ ۽ عالمي امن جي قيام ۾ مدد ڏيڻ ھو، مسٽر چرچل، جنرل سمو، چيانگ ڪائيشيڪ ۽ مادام چيانگ ڪائي شيڪ جي ھندستان جي دؤري جو ذڪر ھيٺين لفظن ۾ ڪيو:
    ”ھنن جي دوري جو مقصد جپان جي خلاف ھندستان جي راءِ عامه کي سازگار بنائڻ ھو، ۽ جپان جي شڪست جي اھميت تي، دنيا لاءِ عام طرح ھندستان ۽ چين لاءِ خاص طرح زور ڏيڻ ھو، ھندستان جي پارٽي اڳواڻن انهيءَ موقعي کي جنرل سمو جي ذريعي برطانوي حڪومت تي دٻاءُ وجھڻ لاءِ استعمال ڪيو ته اھا ڪانگريس جي مطالبن اڳيان جھڪي وڃي.
    ”جنگي ڪابينه، شھنشاه معظم جي حڪومت جي نمائندن ۽ ميشرس گانڌي ۽ نهرو(1) جي درميان ھڪ پرڏيھي ملڪ جي سربراھه جي، ھڪ طرح غيرجانبدار ثالث طور مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش سان اتفاق ڪري نه ٿي سگھي.“
    مسٽر چرچل، جنرل سمو کي ھن ڳالهه تي آماده ڪيو ته ” اھڙي وقت ۾ جڏھن اتحاد جي بيحد ضرورت ھئي، انهيءَ مسئلي تي زور نه ڏي.“
    سوويت يونين جنگ مان ھڪ فتحمند عظيم طاقت جي حيثيت ۾ اڀري ھئي، پر ان جو ننڍي کنڊ سان عملي طور ڪو به رابطو ڪو نه ھو ۽ اتان جي سياسي صورتحال متعلق ان جي ڄاڻ اڻپوري ھئي. ان کان علاوه، ان جي وڌيڪ دلچسپي مشرقي يورپ ۽ جرمنيءَ جي مستقبل سان وابسته ھئي. ان کي ايشيا ۾ جيڪا به دلچسپي ھئي، ته اھا ايران جي اترين حصن، جپان جي علائقن ۽ چيني ڪميونسٽ پارٽيءَ ۽ ڪومنٽانگ جي درميان اقتدار جي داخلي ڪشمڪش ۾ ڦاٿل چين تائين محدود ھئي. ھن جي معنيٰ اھا ناھي ته سوويت يونين کي ھندستان ۾ ڪا به دلچسپي ڪانه ھئي، بلڪ ڪي ٻيا معاملا اھڙاھئا، جيڪي پھرين توجھ جا طلبگار ھئا. پھرين ضروري ڳالهه اھا ھئي ته سرد جنگ جي آزمائش جو مقابلو ڪيو وڃي، جنهن جو مرڪزي نقطو يورپ ھو. برطانيه جنگ برابر کٽي ھئي، پر ان ۾ ھن جي طاقت گھڻي قدرگھٽجي ويئي ھئي. ڪجهه عرصي لاءِ ان مغرب جي ترجمان جي حيثيت محض تاريخي حقائق جي بنياد تي ھئي. جنگ جي خاتمي کان گھڻو اڳي اھا حقيقت ظاھر ٿي ويئي ھئي ته ھن کان پوءِ آمريڪا مغرب جي قيادت جي ذميداري سنڀاليندي ۽ برطانيه پٺتي رھجي ويندو. پھرين مھاڀاري لڙائيءَ کان به اڳيسن ١٩١٣ع ۾، برطانيه ۾ رھندڙ آمريڪي سفير مسٽر والٽر ايڇ، پيج صدر ولسن کي لکيو ھو: ”دنيا جو مستقبل اسانجو آھي....... ھي انگريز پنهنجو سرمايو خرچ ڪري رھيا آھن....... ھاڻي سوال آھي ته اسان دنيا جي قيادت جي سلسلي ۾ ڇا ڪنداسون جڏھن اھا اجھوڪي اجھو واضح طور اسان جي ھٿن ۾اچڻ واري آھي؟ ۽ اسين انگريزن ڪي جمھوريت جي انتهائي بلند فائدن لاءِ ڪھڙيءَ طرح استعمال ڪري سگھنداسون؟ (1) ”سن ١٩٢٠ع ۾ ھڪ آمريڪي ليکڪ، لڊويل ڊيني پنهنجي ڪتاب ”آمريڪا ڪانڪرس برٽن“ (آمريڪابرطانيه کي فتح ڪري ٿو ) ۾ ھن نتيجي تي پھتو: ”اسين ھڪ وقت تي برطانيه جي بيٺڪ ھئاسون، ھاڻي گھڻو وقت نه گذرندو ته اھو اسان جي بيٺڪ ھوندو. نالي ۾ نه، بلڪ درحقيقت، مشينن برطانيه کي دنيا جي مٿان طاقت عطا ڪئي ھئي. ھاڻي اڳي کان بهتر مشينون آمريڪا کي دنيا ۽ برطانيه جي مٿان طاقت ڏيئي رھيون آھن... برطانيه کي آمريڪا جي خلافھاڻي ڪھڙي طاقت آھي؟ يا سڄي دنيا جي حيثيت ئي ڪھڙي آھي؟
    ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ، آمريڪا جي بالادستي ۽ فوقيت ۾ ڪنهن کي به ڪو شڪ ٿي نه پئي سگھيو. بهرحال، ڪجهه سالن تائين آمريڪا صلاح ومشوري ۽ سفارتي پيش قدمي لاءِ برطانيه جو سھارو وٺندي رھي ۽ ڪجهه مدت تائين برطانيه آمريڪا لاءِ اھو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو ڪنهن زماني ۾يونان، روم لاءِ ادا ڪيو ھو. انهيءَ تبدليءَ واري دؤر ۾ برطانيه ھندستان ۾پنهنجي سلطنت جو ھي کاتو بند ڪري رھيو ھو. آمريڪا جو ھندستان جي صورتحال سان ڪو واضح ۽ سنئون سڌو تعلق ڪونه ھو. اھا ان جي باري ۾ معلومات ۽ مشوري لاءِ گھڻي ڀاڱي برطانيه تي آسرو رکندي آئي. اھا حقيقت آھي ته آمريڪا ھندستان کي آزاد ڏسڻ جي خواھشمند ھئي ۽ ڪن موقعن تي ته ھندستان جي آزاديءَ جو جلد اعلان ڪرڻ جي مطالبن سان برطانيه کي چيڙائي به ڇڏيندي ھئي. اھو چوڻ درست ڪونه ٿيندو ته آمريڪا ورھاڱي جي مخالف ھئي، پر اھو يقينا چئي سگھبو ته آمريڪا متحده ھندستان کي ترجيح ڏيئي رھي ھئي ۽ ان ڪري ان جي ڪانگريس جي متحده ھندستان جي مطالبي سان ھمدردي ھئي. آمريڪا، خطرن جي انهن برطانوي تخمينن سان به متفق ھئي، جيڪي ان ورھايل ھندستان جي ڪري مغرب جي مفادن کي لاحق ٿيڻ بابت لڳايا ھئا. پر آمريڪا ھندستان جي سياسي صورتحال جي تفصيلن ۽ باريڪين کان ايتري واقف ڪانه ھئي، جو اھا ورھاڱي بابت ڪوبه واضح موقف اختيار ڪري سگھي. ان جي باوجود، آمريڪا انهيءَ ملڪ جي سياسي ۽ جاگرافيائي اھميت کان خوب واقف ھئي، ۽ اھا چين ۽ ھندستان کي مغرب جي ٻن مضبوط قلعن جي حيثيت ۾ ترقي ڪندي ڏسڻ جي توقع به رکي رھي ھئي.
    ١٩٤٠ع واري ڏھاڪي وارن اوائلي ۽ درمياني سالن جي دوران ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي اڳواڻن کي ڪيئي تجويزون پيش ڪيون ويئون ۽ نيٺ سنه١٩٤١ع جي ٢١- جولاءِ تي اعلان ڪيو ويو ته آمريڪا ۽ ھندستان جي درميان نمائندن جو تبادلو ڪيو ويندو. ڊسمبرسنه ١٩٤١ع ۾ جڏھن مسٽر چرچل واشنگٽن ويو، تڏھن مسٽر روز ويلٽ ھن سان ھندستاني مسئلي تي ڊگھيون ڳالھيون ڪيون. ان کان پوءِ سنه ١٩٤٢ع جي فيبروري مھيني جي آخر ۾، صدر روز ويلٽ، ائورل ھئريمن کي ھدايتون موڪليون ته ھو برطانيه سرڪار ۽ ھندستان سياسي اڳواڻن جي درميان ڪنهن ٺاھه تي پھچڻ جي امڪانن بابت مسٽر چرچل جو رايو معلوم ڪري. مسٽر ھئريمن جي ملاقات جي جواب ۾مسٽر چرچل ٤- مارچ سنه ١٩٤٢ع تي صدر روز ويلٽ کي لکيو:
    ”اسين ھن باري ۾ سنجيدگيءَ سان غور ڪري رھيا آھيون ته جنگ کان پوءِ ڊومينين اسٽيٽس جو اعلان، جنهن ۾ جيڪڏھن اھڙي خواھش ڪئي وڃي ته علحدگي جو حق به شامل ڪيو وڃي، ھن نازڪ موقعي تي ڪيو وڃي، اسانکي ڪنهن به طرح سان مسلمانن سان ناتا ٽوڙڻ نه گھرجن، جن جو تعداد ڏھه ڪروڙ ٿيندو ۽ اھي ئي اسان جي فوج جي انهن اھم عناصر کي موجود ڪري ڏين ٿا، جن تي ھلندڙ جنگ ۾ اسان کي ڀروسو ڪرڻو پوندو آھي. اسان کي سوا ٽن کان چئن ڪروڙ اڇوتن جي طرف پڻ پنهنجن فرضن جو خيال رکڻو آھي، ۽ ھندستان جي رياستن سان پنهنجن عھدنامن جو پڻ-اٽڪل اٺن ڪروڙن جي آبادي آھي-ظاھر آھي ته اسين ھندستان کي حملي ٿيڻ جي موقعي تي بدنظميءَ جو شڪار بنائڻ نه ٿا چاھيون.“(1)
    بعد ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ جپان جي تيز رفتار پيش قدميءَ صدر روز ويلٽ کي مسٽر چرچل تي ھندستان جي آزاديءَ لاءِ زياده زور ڏيڻ ٿي آماده ڪيو. مسٽر چرچل آمريڪا جي دٻاءُ جو ذڪر ھنن لفظن ۾ ڪيو آھي:
    ”جاچان جي الھندي طرف واڌاري سان آمريڪا ھندستان جي معاملن ۾ وڌندڙ دلچسپيءَ جو سڌيءَ طرح سان اظھار ڪرڻ شروع ڪيو آھي. مھاڀاري لڙائيءَ جي جنگي حڪمت سان گڏ آمريڪين جو ڪـن اھڙن سياسي مسئلن سان پڻ واسطو پئجي رھيو ھو، جن جي باري ۾ انهن جا رايا مضبوط پر تجربو ٿورو ھو. ھاڻي جڏھن ته جپاني ھندستان جي سرحدن جي طرف وڌي رھيا ھئا، آمريڪا جي حڪومت ھندستان جي معاملن ۾ پنهنجن خيالن جو اظھار ۽ مشورن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.“(1)
    ١١- مارچ سنه ١٩٤٢ع تي صدر روز ويلٽ ھندستان جي سوال تي مسٽر چرچل ڏانهن پنهنجا خيالات موڪلي ڏنا. ھن آمريڪي حڪومت جي ابتدائي بنيادن جو مثال ڏيندي راءِ ڏني ته:
    ”ھندستان ۾ ھڪ اھڙي عارضي حڪومت قائم ڪئي وڃي، جنهن جي سربراھي ھڪ ننڍي نمائنده جماعت ڪندي ھجي، جيڪا مختلف ذاتين، ڌنڌن، مذھبن ۽ علائقن تي مشتمل ھجي ۽ انهيءَ جماعت کي ڊومينين جي عارضي حڪومت تسليم ڪيو وڃي. صدر روز ويلٽ جي تجويز جو مرڪزي خيال اھو ھو ته ان کي ھڪ اھڙي اداري قائم ڪرڻ جو فرض سونپيو وڃي، جيڪوسڄي ملڪ لاءِ وڌيڪ حڪومت جي باري ۾ غور و فڪر ڪري“ (1)
    ٣. ھندستان ۾ ڪرپس مشن جي اچڻ جي موقعي تي صدر روز ويلٽ جنهن هندستان ۾ خصوصي نمائندي ڪرنل لوئي جانسن جنهن جو مشن جي غوروخوص سان قريبي رابطو قائم ڪيل ھو، ٢٢-اپريل تي ھڪ اخباري ملاقات ۾، ٻين ڳالھين کان علاوه ھيئن چيو:
    ”حملا آور کي پٺتي ڌڪي ڪڍڻ سان ئي ھندستان دنيا جي وڏين حڪومتن جي درميان پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ جي اميد رکي سگھي ٿو. اسين، آمريڪا ۾ ھندستان ۽ چين جي صورتحال جو گھري دلچسپيءَ سان مطالعو ڪري رھيا آھيون، ڇاڪاڻ ته اسين محسوس ڪريون ٿا ته ايشيا جي تقدير ھندستانين ۽ چينن جي ھٿن ۾ آھي. انهن ٻن عظيم ايشيائي ملڪن جي آزاديءَ جي واھه ۾ باھمي اتحاد کي بجا طور گذريل صدين جو سڀني کان وڏو سياسي واقعو چئي سگھجي ٿو(1).“
    انهيءَ دؤر ۾ صدر روز ويلٽ انڊين نئشنل ڪانگريس سان سڌي رابطي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ھن مسٽر نهروءَ کي واشنگٽن جي دوره ڪرڻ جي دعوت موڪلي، پر ڪانگريس اڳواڻ ڪرپس مشن جي طرف کان سندن سڀ جا سڀ مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي ڪري ايتريقدر ته غصي ۾ ھئا، جو مسٽر نهروءَ واشنگٽن وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٢٦- اپريل سنه ١٩٤٢ع تي مسٽر گانڌيءَ ھڪ وڏي بصيرت واري ڳالهه چئي:
    ”جيڪڏھن انگريزن کي ھندستان کي پنهنجي قسمت تي ڇڏي وڃڻو پيو، جيئن انهن کي سينگار پور ڇڏڻي پيئي، ته اھنسا جي اصول واري ھندستان کي ڪوئي نقصان نه پھچندو. گھڻو ڪري جپاني ھندستان کي سندس قسمت تي ڇڏي ڏيندا. آمريڪي فوجن کي انگريزن سان گڏ ھليو وڃڻ گھرجي. اسان کي معلوم آھي ته آمريڪي امداد جي معنيٰ ڇا آھي. اڳتي ھلي ان جي معنيٰ، جيڪڏھن آمريڪي راڄ نه ته آمريڪي اثر ٿيندو، جنهن سان برطانوي اثر به گڏھوندو(1).“
    وري، ١٧- مئي تي مسٽر گانڌيءَ لکيو ته ” آمريڪا جنگ ۾ ڦاسڻ کان بچي سگھي ھا، ۽ ھاڻي پڻ اھا ائين ڪري سگھي ٿي، بشرطيڪه اھا پاڻ کي انهيءَ نشي کان آجو ڪري، جيڪو مٿس سندس بي انتها دولت چاڙھي رکيو آھي“(1). ھڪ ھفتو پوءِ ھن اعلان ڪيو، ”ھندستان کي خدا جي ھٿن ۾ ڇڏيو، يعني جديد گفتگوءَ جي انداز ۾ ان جو مطلب کيس طوائف الملوڪي جي حوالي ڪري وڃڻ ھو، ۽ اھا طوائف الملوڪي ڪجهه مدت لاءِ خانه جنگي يا بنان روڪ ٽوڪ جي لڳندڙ ڌاڙن جي صورت اختيار ڪندي. انهن واقعن وچان، انهيءَ غير حقيقي ھندستان جي جاءِ تي ھڪ حقيقي ھندستان اڀري نروارٿيندو.“
    ھتي ھن ڳالهه جو به ذڪر ڪرڻ گھرجي ته ڪيئي ماڻھو اڃا تائين ھن ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته جڏھن ھڪ ڀيرو ھندستان جي ورھاڱي جو مطالبو تسليم ڪيو ويو ھو ته اھو بهتر ٿئي ھا، جيڪڏھن ملڪ تقسيم ڪيو وڃي ھا ۽ انهن نگران غير ملڪي عناصر کي ھٽائي ڇڏجي ھا، جيڪي اڻٽر حالات ۾ ملڪي انتظاميه، ھٿياربند فوجن، پوليس ۽ عدليه ۾ رھجي ويا ھئا. انهن پرڏيھي عناصر کي ھٽائڻ جي نتيجي ۾ شايد وڌيڪ رتوڇاڻ ٿئي ھا. پر ان مان هندستان ۽ پاڪستان جي درميان وڌيڪ صاف ۽ زياده قدرتي سرحدي ليڪ ظاھر ٿي بيھي ھا. ان جي ڪري پاڪستان جي ماڻھن جون دليون بي انصافيءَ وارين سرحدن جي فيصلن ۽ فتوائن سبب نه سڙن ھا ۽ کين اھو فريب برداشت ڪرڻو پوي ھا، جيڪو الحاق جي ھڪ دستاويز جي ذريعي ھڪ اھڙي سربراھه مملڪت جي ذريعي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻھن سانڪيو ويو، جيڪو غيرملڪي ھو ۽ جنهن سڀني مسئلن جو جائزو پنهنجي ملڪ جي مفاد جي نقطه نظر کان ورتو.
    ڊسمبر ١٩٦٤ع ۾ لنڊن ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ملاقاتن جي موقعي تي، آمريڪا جي پرڏيھي معاملن جي قائم مقام سيڪريٽري مسٽر ڊينائچيسن لکيو:
    ”مون کي يقين آھي ته جيڪڏھن ھندستاني ليڊرن انهيءَ عالي ظرفيءَ جومظاھرو ڪيو، جنهن جو ھيءُ موقعو تقاضا ڪري ٿو ته اھي برطانوي ڪئبينيٽ مشن جي طرفان گذريل بهار واري موسم ۾ پيش ڪيل دستوري مسودي ۾ ڏنل انهن صاف ۽ واضح دفعات جي بنيادن تي ترقيءَ جي ميدان ۾گڏجي اڳتي وڌي سگھن ٿا، جن ۾ اھو چيو ويو آھي ته ھڪ ھندستاني وفاقي يونين قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ آباديءَ جي سڀني عناصر لاءِ سندن جائز سياسي ۽ اقتصادي امنگن جي حصول لاءِ ڪافي گنجائش ھجي.“(1)
    ھندستان ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان ڪجهه مھينا اڳ ” ٽرومين نظريي“ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ٢١ جون ١٩٧٤ع تي ”مارشل پلان“ ظاھر ڪيو ويو، جنهن جو مقصد مغربي يورپ جي قومن کي سوويتيونين جي خطري جي خلاف سھارو ڏيڻ ھو. آمريڪي پرڏيھي پاليسيءَ جو ھيءُ وڏو مقصد، ته ڪميونزم جي واڌ جي روڪٿام ڪئي وڃي. ھاڻي ھڪ صاف ۽ واضح صورت اختيار ڪري بيٺو ھو. ٽرومين جو اصول يونان ۽ ترڪيءَ کي سوويت يونين جي دخل اندازي ۽ داخلي ڪميونسٽ تخريبڪاريءَ جي خلاف مدد ڏيڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو ھو. مارشل پلان کي مغربي يورپ ۾ ڪميونزم کي روڪڻ لاءِ تخليق ڪيو ويو ھو ۽ سنه ١٩٤٩ع ۾ اتر ائٽلانٽڪ ٺاھه جي تنظيم (ناٽو) سوويت يونين جي فوجي خطرن کان اولھه يورپ کي مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي ويئي. سوويت يونين جي خلاف سخت ۽ شديد صف آرائيءَ جي انهيءَ دؤر ۾ مسٽر رچرڊ. پياسٽيبنس لکيو: ”ننڍي کنڊ جي ٻن باھمي مخالف قومن جي درميان ڪيل ورھاڱي ان جي اقتصادي ۽ سياسي فوجي وحدت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رکيو ۽ ان جي مختلف حصن تي حڪومت ڪرڻ جي ڪم کي گھڻو وڌيڪ مشڪل بڻائي ڇڏيو.“
    ھڪ يا ٻن ليکڪن جا خيال، چاھي اھي ڪيتري قدر به مشھور و معروف ڇو نه ھجن، ڪنهن حڪومت جي پاليسي مرتب ڪري نه ٿا سگھن، پر جيڪا ڳالهه ڪنهن ترديد جي خوف کان سواءِ چئي سگھجي ٿي، سا اھا آھي ته مغربي ملڪن جا مفاد ھڪ گڏيل ھندستان جي تقاضا ڪري رھيا ھئا، ته جيئن سوويت يونين جو زياده مؤثر انداز ۾ مقابلو ڪري سگھجي ۽ اقتصادي استحصال لاءِ ويڪ وسيع منڊيون ھٿ ۾ رکي سگھجن. بهرحال، غير ملڪي ڪارستانين جي باوجود، مسلمانن جو خود اراديت جي حق لاءِ مطالبو اھڙو ناقابل مزاحمت بڻجي چڪو ھو، جو نه برطانيه ۽ نه انڊين نئشنل ڪانگريس انهيءَ پاڪستان جي قيام کي روڪي سگھي، جيڪو خوداراديءَ جي حق جو سراسر مجسمو آھي.
    جنهن وقت ھندستان ۽ پاڪستان آزاد ٿيا، تنهن وقت پراڻي برطانوي سلطنت ٽٽي، ٽڪرا ٽڪرا ٿي رھي ھئي، پراڻي بيٺڪي نظام جي جاءِ، جيڪو سڌي علائقائي تسلط تي قائم ھو، ھاڻي اقتصادي ۽ مالي قبضي رکڻ جو طريقو والاري رھيو ھو، جنهن سان گڏ ھر کنڊ ۾ وڏي تعداد ۾ فوجي، سامونڊي ۽ ھوائي اڏن جا انتظام، ۽ تمام وڏي پئماني تي اسلح سازي ۽ فوجي معاھدن جا سلسلا شامل ھئا. اھو عالمي طاقتن جي قيادت جو آغاز ھو. ھندستان ۽ پاڪستان جي نين مملڪتن جو پھريون ڀيرو وڏين طاقتن جي اڻ سڃاتل جوڙجڪ ۾ آمريڪا سان واسطو پيو. انهن ٻنهي ۾ آمريڪا جي ايشيائي پاليسيءَ جو وڏو مقصد اھو ھو ته اھا ايشيا ۾ پنهنجن مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ چين ۽ ھندستان جي شرڪت حاصل ڪري. آزاديءَ کان ھڪدم پوءِ صدر ٽرومين وڏي گرمجوشيءَ سان نهروءَ کي آمريڪا جي دوري ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ جڏھن پنڊت نهرو اوڏانهن ويو، ته ھن جي نهايت شاندار نموني سان آجيان ڪئي ويئي. ھن جي انهيءَ دوري جي دوران، ۽ ان کان پوءِ به آمريڪي انتظاميه ڏاڍي ڪوشش ڪندي رھي ته ھندستان سان ھڪ خاص تعلق قائم ڪيو وڃي. جڏھن سنه ١٩٤٩ع ۾ ھندستان دولت مشترڪه ۾ رھڻ جو فصلو ڪيو ته ”نيويارڪ ٽائيمس“ انهيءَ فيصلي جو خيرمقدم ڪندي لکيو: ”ھيءُ فيصلو نه فقط دولت مشترڪ جي ترقيءَ لاءِ، بلڪ ڪميونسٽن جي فتوحات جي روڪٿام ڪرڻ، ۽ ائٽلانٽڪ بلاڪ کان هڪ وڌيڪ وسيع دفاعي نطام لاءِ رستو ھموار ڪرڻ واسطي پڻ ھڪ تاريخي فيصلو آھي“(1). انهيءَ سال جي سرءُ واري موسم ۾ جڏھن وزيراعظم نهروءَ آمريڪا جي ڪانگريس کي چيو ته ھندستان آزادي ۽ انصاف جي جنگ ۾ غيرجانبدار نه رھندو ته ” نيويارڪ ٽائيمس“ پسنديدگيءَ جي انداز ۾ لکيو ته ”ايشيا ۾ جمھوريت جي صف بنديءَ لاءِ واشنگٽن پنهننجون اميدون ھندستان تي، جيڪا ايشيا جي ٻي سڀني کان وڏي قوم آھي، ۽ انهيءَ ماڻھوءَ تي مرڪوزڪيون آھن، جيڪي ھندستان جي پاليسي طئي ڪري ٿو يعني وزيراعظم جواھرلال نهرو“(2)، آگسٽ ١٩٥٠ع ۾ انهيءَ ئي اخبار وري لکيو ته نهروءَ ڄڻ جمھوريت جي پڙ ۾ مائوزي تنگ جي مقابلي ۾ وزن رکي ٿو. ايشيا جي طرفداريءَ جي جدوجھد ۾ پنڊت نهروءَ جو حليف ٿيڻ، اسان جي لاءِ فوج جي ڪيترين ئي ڊويزن جي برابر آھي.“(1).
    چين کي، جيڪو آمريڪا جي ايشيائي پاليسيءَ جو ٻيو ٿنڀ ھو، ڪميونسٽ انقلاب پھرين آڪٽومبر سنه ١٩٤٩ع تي ان وقت ھٽائي ڇڏيو، جڏھن مائوزي تنگ فتح حاصل ڪئي. انهيءَ واقعي جو ھندستان تي زوردار اثر ٿيو، جيڪو چين ۾ آيل تبديلين جي نتيجي ۾ عالمي سياست ۾ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ خودمختاريءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ لڳو. ھندستان، چين، سوويت يونين ۽ آمريڪا جي درميان ھڪ متوازن پاليسي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو، پر آمريڪا انهيءَ جي ھيءَ تشريح ڪئي ته اھا سندس مفادن جي خلاف، چين ۽ سوويت يونين جي عالمي مقصدن جي فائدي ۾ آھي. ١٧-آڪٽوبر سن ١٩٤٩ع تي وزيراعظم نهروءَ اعلان ڪيو ته:
    ”ھيءَ ڳالهه اڻٽر ھئي ته ھو (ھندستان) پنهنجي پرڏيھي پاليسيءَ تي روشن خيال ذاتي مفاد جي روشنيءَ ۾ غور و فڪر ڪري، پر ھن ساڳئي وقت تي انهيءَ پاليسيءَ تي پنهنجو ھڪ اعليٰ نظرياتي رنگ به چاڙھيو آھي. اھڙي طرح ھن پنهنجن اوچن آدرشن کي قومي مفاد سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انهيءَ پاليسيءَ جا مکيه مقصد ھي آھن ته امن جي جستجو، ڪنهن وڏي طاقت يا طاقتن جي گروھه سان گڏجي بيھڻ سان نه، پر ھڪ اخلاقي يا تڪراري مسئلي تي آزادانه غور و فڪر ۽ ڪوشش سان، ڪئي وڃي“(1).
    جيتوڻيڪ ڇھين ڏھاڪي جي وچ ڌاريءَ، ھيءَ ڳالهه خاص حد تائين واضح ٿي چڪي ھئي ته ھندستان خودمختاري ۽ غير جانبداريءَ واري پرڏيھي پاليسيءَ تي ھلڻ جو پختو ارادو ڪري چڪو آھي، ان جي باوجود آمريڪا بار بار جي مايوسين ھوندي به ھندستان ۾ پنهنجو اثر و رسوخ وڌائڻ جي ڪوشش۾ برابر مصروف رھندي آئي. ڊسمبر سنه ١٩٥٠ ع ۾، آمريڪا ھندستان سان ھڪ چار نڪاتي ٺاھه تي صحيحون ڪيون ۽ آڪٽوبر سن ١٩٥١ع ۾ مسٽر چيسٽر بائولس کي انهيءَ ملڪ ڏانهن موڪليو ويو ته اھو ان جي حالتن جو اڀياس ڪري ۽ ان جي پھرين پنج ساله رٿا ۾ فراخدلانه امداد جي آڇ ڪري. سن ١٩٥١ع ۾ ھندستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ھڪ باھمي دفاعي امداد جي ٺاھه تي صحيحون ڪيون ويئون، جنهن ھندستان کي انهيءَ قابل بنايو ته ھو آمريڪا کان فوجي امداد جي بدلي ۾ حليف ملڪن تي عائد ٿيندڙ ذميداريون قبول ڪرڻ کان سواءِ ئي انهيءَ قسم جي ڪجهه امداد حاصل ڪري سگھي. سن ١٩٥٢ع جي شروعات م ٻنهي ملڪن جي درميان ٢٥ ڪروڙ ڊالرن جي ھڪ ”انڊو- آمريڪن ٽيڪنيڪل فنڊ“ قائم ڪرڻ جي ٺاھه تي دستخط ٿيا، جنهن جي تحت پنجن سالن لاءِ وڌيڪ رقمون به مھيا ٿي پئي سگھيون.
    آمريڪا جي انهن ھڪ طرفه ناز بردارين جو فائدو وٺندي ھندستان پنهنجي آزادانه ۽ غير جانبدارانه پرڏيھي پاليسيءَ تي سختيءَ سان قائم رھندو آيو. جپان جي امن ٺاھه جي سوال تي ھندستان جي حڪومت آمريڪا ڏانهن ھڪ يادداشت موڪلي، جنهن ۾ ان انهيءَ امن معاھدي جي تائيد ڪرڻ کان پنهنجي مجبوري ظاھر ڪئي. ٢٦- آگسٽ سن ١٩٥١ع تي، انهيءَ يادداشت جي جواب ۾، آمريڪا ھن ڳالهه تي افسوس جو اظھار ڪيو ته ھندستان انهيءَ ٺاھه ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار ڪونه ھو ۽ ان کي ھن ڳالهه تي ڏک ھو ته ھندستان جپان سان ھڪ جدا ٺاھه ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو ھو. فيبروري سن ١٩٥٣ع ۾، جڏھن صدر آئزن هاور فارموسا جي غيرجانبداري ختم ڪرڻ جي آمريڪي پاليسيءَ جو اعلان ڪيو، تڏھن صدر راجندر پرشاد ان تي نڪته چيني ڪئي ۽ مسٽر نهروءَ ان کي قابض ملڪن جي ”فوجي ذھنيت“ قرار ڏيندي خوب ننديو.
    انهيءَ وقت ڌاري، آمريڪا طرفان انهن ملڪن تي جيئن پوءِ تيئن اثر وڌو ٿيويو، جن کي انهيءَ وقت جي اصطلاح ۾ ”دفاعي گھيري“ وارن ملڪن جو نالو ڏنو ٿي ويو. خاص طور ڪوريا جي جنگ کان پوءِ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي آمريڪي پاليسيءَ تي ھڪ طرف نه صدارتي اصول ڪار تي مبني عالمي تصور ۽ ”حد اندر رکڻ“ (ڪنٽينمينٽ) جي پاليسي ڪارفرما ھئي، ته ٻئي طرف” دفاعي گھيري“ وارو تصور اثرانداز ھو، جنهن جنهن جي تحت جپان خاص طور تي آمريڪا جي پئسفڪ پاليسي جي مرڪزي سروڪار جي حيثيت سان اڀريو. چين جي ھٿن مان نڪري وڃڻ کان پوءِ، آمريڪا کي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پنهنجي پاليسيءَ جي اصلوڪي تصور کي، جنهن ۾ چين ۽ ھندستان انهيءَ پاليسيءَ جا ٻه اھم ٿنڀ سمجھيا ويندا ھئا، نئين سر ترتيب ڏيڻو پيو ۽ انهيءَ نئين تصور ۾، چين جي جاءِ جپان والاري.
    بهرحال، پنڊت نهروءَ ھندستان کي تابعداريءَ جي انهيءَ پوزيشن ۾ وجھڻ جي ھر ڪوشش جو جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو، جنهن انهيءَ دور جي گھڻن ئي مشھورومعروف ھمعصر آمريڪي سياستدانن کي ڏک ڏنو. مثلاً رچرڊ. پي. اسٽيبنس لکيو ته:
    ”ھندستاني حڪومت طرفان ڏور اوڀر جي بحران جي باري ۾ ھن ملڪ جي تعبير قبول ڪرڻ کان جيڪو انڪار ڪيو ويو، ھن ۽ اسان جيڪميونسٽ چين جي خلاف حفاظتي پيش بندين جي جيڪا تائيد نه ڪئي ويئي. تنهن کان واشنگٽن ۾ ڪافي چڙ پيدا ٿي ۽ في الحال ايشيا جي سربراھه غير ڪميونسٽ حڪومت سان گڏجي مربوط ڪارروائيءَ جي امڪان کي ناس ڪري ڇڏيو. ھندستان جي پاليسيءَ ۾ مغرب جي طرف کان بدگماني تڪليف ده صفائي سان جھلڪي رھي آھي، جنهن ۾ گھڻو زور ايشيا جي نئين سر وجود ۾ آيل قومن جي حقن تي آھي.(1)
    ٢٨- آگسٽ سن ١٩٥١ ع تي، ”نيويارڪ ٽائيمس پنهنجي اداريه ۾” گم ٿيل اڳواڻ“ جي سري ھيٺ لکيو:
    ”جواھرلال نهرو ڏاڍي تيزيءَ سان جنگ کان پوءِ واري دور جي وڏين مايوسين مان ھڪ بڻجي رھيو آھي..... (ڪجهه سال اڳ تائين ) مغربي ملڪن لاءِ ھو ھڪ آزاد، جمھوري ۽ ڪميونزم جي خلاف ايشيا جو ھڪ منطقي حامي نظر اچي رھيو ھو، ۽ ھو جنهن ھندستان جي رھنمائي ڪري رھيو ھو، سو ظاھر طور ايشيا جي اڳوانيءَ جو اميدوار ھو...... ايشيا جي رھنمائي جي انهيءَ حيثيت کي سنڀالڻ بدران نهروءَ پنهنجين ذميدارين کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ھندستان جي لاتعلقيءَ جو اعلان ڪيو ۽ ان کي ھڪ آزاد ” ٽين طاقت“ جي شڪل ۾ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ھو اسان جي دور جي ٻن فيصله ڪن تحريڪن يعني ڪميونزم، جنهن جي سربراھي رشيا ڪري ٿي ۽ جمھوريت، جنهن جي سرپرست آمريڪا آھي-جي درميان ھوا ۾ لٽڪيل رھجي ويو.“
    مسٽر ريمنڊ ڪارٽيئر لکيو آھي:
    ”دنيا ۾ يقيناً ٻيو ڪو به اھڙو ملڪ ڪونهي، جتي آمريڪا کي ھڪ قوم جي حيثيت ۾ ھندستان کان وڌيڪ شڪ و شبهي سان ڏٺو وڃي ٿو، آمريڪيءَ کي ھڪ فرد جي حيثيت ۾ وڌيڪ ڌڪار جي نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. نهروءَ ايشيا جي بچاءَ کي منظم ڪرڻ جي ھر آمريڪي ڪوشش ۾ رخني وجھڻ کان ڪڏھن به بس نه ڪئي آھي.
    پر ھن معاملي ۾ نهرو فقط پنهنجي عوام جي بي اعتمادي ۽ دشمنيءَ جي ترجماني ڪري ٿو(1).“
    ”دي يونائيٽيڊ اسٽيٽس اِن ورلڊ رليشنس“۾، نيلسن.ايم. بڪلي ۽ اوسڪر. ٽي.بارڪ، سيٽو ۾ ايشيا جي شرڪت بابت چون ٿا:
    ”ھن اتحاد جو وقار، ھندستان، برما، سلون ۽ انڊونيشيا جي شرڪت تي نارضامنديءَ ڪري خاص طور مجروح ٿيو. اھي ملڪ، جن تازو برطانيه ۽ نيدر لئنڊس کان آزادي حاصل ڪئي ھئي، سي سيٽو کي بيٺڪي راڄ کي قائم رکڻ جي اصلي مقصد کي لڪائي رکڻ جي ھڪ ذريعي طور شڪ جي نگاھن سان ڏسي رھيا ھئا... ھندستان ۽ آمريڪا جي ناتن تي باھمي شڪ وشبهي ۽ غلط فھمين جو ڪڪر ڇانيل ھو. وزيراعظم جواھرلال نهروءَ جوپختو ارادو ھو ته ھندستان دنيا جي معاملات ۾ مڪمل طور آزاد ڪردار اداڪري ۽ ھن پنهنجي ملڪ کي ڪميونسٽ يا ڪميونسٽ دشمن بلاڪ جوحليف بنائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو... اقوام متحده ۾ ھندستاني نمائندن تي ڪميونسٽن جي ڇاڙتن ھئڻ جو الزام لڳايو ويو. آمريڪا جي پرڏيھي معاملن واريءَ ڊپارٽمينٽ پنهنجي ايشيائي بچاءَ واري نظام جو لنگر ھندستان ۾مضبوط ڪرڻ ۾ ناڪامي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھندستان جي حريف، پاڪستان سان معاھدن ۽ فوجي امداد جي پروگرامن سان پاڻ کي ٻڌي ڇڏيو ۽ اھڙيءَ طرح ڀارتي آمريڪي ناتن ۾ اڳي کان وڌيڪ تلخي پيدا ٿي پيئي.(1)
    رسيل.ايڇ. فائفيلڊ دعويٰ ڪري ٿو ته:
    ”منيلا ٺاھه جي ڳالھين وقت -١٩٥٤ع) ان سان سڌو واسطو رکندڙ طاقتن اھوئي ٿي چاھيو ته جيستائين ممڪن ٿي سگھي، زياده کان زياده ايشيائي قومون ان ۾ شامل ٿين. ھندستان، انڊونيشيا، سلون ۽ برما جي شرڪت جو خيرمقدم ڪيو وڃي ھا، پر انهن کان علحده رھڻ جو فيصلو ڪيو. در حقيقت، ھندستان۽ انڊونيشيا ۽ ڪجهه قدر گھٽ، برما ۽ سلون پڻ منيلا ڪانفرنس تي نڪته چيني ڪئي ۽ ھنن انهيءَ ڪانفرنس تي ڪشيدگيون پيدا ڪرڻ ۽ قومن کي ھڪٻئي کان جدا ڪرڻ جو الزام لڳايو(1).
    ھندستان ۽ آمريڪا ۾ سندر لال پوپلاءِ ۽ فلپس ٽالبوٽ لکيو ته ”آمريڪي فوجي امداد ۽ سياسي اتحاد فقط پاڪستان جي حصي ۾ آيو ۽ ان سان گڏ، ھندستان جي حصي ۾ محض ھن ڪري نه آيو جو ھندستان اھڙي امداد ۽ تعلق کي رد ڪري ڇڏيوھو“(1)، ۽ آءٌ رچرڊ-پي –اسٽيبنس جي نظريي سان ھن طرح اختتام ڪريان ٿو، جيئن مون شروعات به ان سان ڪئي ھئي:
    ”جيڪڏھن آمريڪا پنهجي عالمگير فوجي حڪمت عمليءَ جي پروگرام جي وعدن تي ڪجهه گھٽ سختيءَ سان پابند رھي ھا، يا جيڪڏھن ھندستان ” سردجنگ “ جي آمريڪي نقطه، نظر سان ذره گھٽ غير ھمدردانه رويو رکي ھا، ته ھيءُ ملڪ ڪو به اھڙو قدم کڻ کان ھٻڪي ھا، جنهن سان اعتماد ۾ پيل شگاف جي مڪمل ٿيڻ جو انديشو ھو، جيڪو ايشيا جي سڀني کان وڏي جمھوريت سان وڌي رھيو ھو. بهرحال، ان وقت صورتحال جنهن ڪڙيءَ تي بيٺل ھئي، تنهن تي ھندستاني-آمريڪي تعلقات ايترا ته بگڙي چڪا ھئا، جوان مان اڪثر آمريڪين کي شڪ پيدا ٿي چڪو ھو ته آئينده ھندستانين جي احسانن جو خيال رکڻ واقعي ڪو ممڪن ھو(1).
    آمريڪا طرفان ھندستان کي گھڻين ئي ترغيبن ڏيڻ جي باوجود، انهيءَ ملڪ سان وڌندڙ سرد مھري جا اثر گھڻن ئي وڏن آمريڪي آفيسرن ۽ سياسي اڳواڻن جي ڪيترن ئي بيانن ۾ ظاھر ٿيڻ لڳا. ١٢- فيبروري ١٩٥١ع تي صدر ٽرومين چيو ته:
    ”آءٌ مڃان ٿو ته اسان جي حڪومت ۽ ھندستان جي حڪومت جي درميان انهيءَ طريقي ڪار جي متعلق اھم سياسي اختلافات موجود آھن، جيڪي انتهائي مؤثر طريقي سان اڳرائي کي دٻائي ايشيا ۾ امن قائم ڪري سگھندا. بهرحال انهن اختلافن جي ڪري اسان کي ھندستان جي عوام جي ضرورتن ڏانهن غافل ٿيڻ نه گھرجي“(1).
    ھندستان طرفان آمريڪي ترغيبن ۽ لالچن جي باوجود سرد جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ تي آمريڪا کي ننڍي کنڊ ڏانهن پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. سينيٽر نولئنڊ، جيڪوسنه ٥٤-١٩٥٢ جي مدت دوران آمريڪي سينيٽ ۾ اڪثريتي پارٽيءَ جو اڳواڻ ھو، تنهن جي متعلق چيو وڃي ٿو ته ھو انهيءَ خيال جو حامي ھو ته ھندستان جھڙيون غير جانبدار قومون اسان جي ساڳيءَ فوجي يا اقتصادي امداد جون مستحق ناھن، جھڙيون اسان جون سرگرم اتحادي قومون حقدار آھن، ۽ نه وري اھي ڪانفرنس جي ميز تي ساڳيءَ سطح تي ويھي سگھن ٿيون.“ آگسٽ سنه ١٩٥٣ع ۾ آمريڪي حڪومت، ڪوريا جي متعلق تجويز ڪيل ڪانفرنس ۾ ھندستان جي شموليت جي خلاف ظاھر ظھور مخالفت ڪئي. آمريڪي پرڏيھي وزير، ڊلس بين الاقوامي ميدان ۾ ھندستاني حڪومت جي ڪن ڪمن تي ناراضگيءَ جي اظھار ۾ ڪنهن به پرده داريءَ کان ڪم نه ورتو. ڪانفرنس ۾ ھندستان جي نمائندگيءَ جي مخالفت ڪندي ھن چيو ته ھندستان کي سندس غيرجانبداريءَ جي ايتري قيمت ته ضرور ادا ڪرڻ گھرجي ته ھو ھن ڪانفرنس کان ٻاھر رھي. ٤-جنوري ١٩٥٤ع جي ” يونائيٽيڊ اسٽيٽس نيوز ائنڊ ورلڊ رپورٽ، “ مطابق نائب صدر نڪسن جو رجحان ھن ڳالهه جي حمايت ڏانهن ھو ته جواھرلال نهروءَ جي ھندستان جي تصديق شده غير جانبداريءَ جي خلاف پاڪستان کي ھڪ متقابل طاقت جي حيثيت ۾ فوجي امداد ڏني وڃي.“
    سرڪاري ۽ غير سرڪاري راين جي ھنن ٿورن پر معقول مثالن مان ڏسبو ته آمريڪا فقط ان وقت متبادل موقعا ڳولھڻ شروع ڪيا، جڏھن ھو انهيءَ تڪليف ڏيندڙ نتيجي تي پھتو ته ھندستان جي آزاد ۽ غير جابنداري نه پرڏيھي پاليسي پنهنجون پاڙون پختيون ڪري چڪي آھي ۽ ھو آمريڪا جي ايشيائي حڪمت عمليءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. جھڙيءَ طرح چين ۾ڪميونسٽن جي فتح کان پوءِ جپان، آمريڪا جي ايشيائي پاليسيءَ جي ھڪ اھم ٿنڀ طور چين جي جاءِ والاري ھئي، تهڙيءَ طرح آمريڪا جي عالمي مقصدن جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ واري ھندستان جي جاءِ پاڪستان کي والارڻ لاءِ ڏني ويئي.
    آمريڪا، ھن احساس جي باوجود ته ھندستان بي مروتي ڏيکاري رھيو آھي، ھن اميد کي سيني سان لڳائي رکندي آئي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ شايد ھندستان پنهنجي نقطه نظر کي بدلائي وجھي. انهيءَ ڪري ڪا به اھڙي نامناسب ڳالهه نه ڪئي ويئي، جيڪا ان کي ناراض ڪري ھا. مئي ١٩٥٣ع ۾، ”مڊلايسٽ ڊفينس آرگنائيزيشن“ جي قيام جي تجويز جي ھندستان طرفان شديد مخالفت تي آمريڪا ۾ پيدا ٿيل ناراضگيءَ جي باوجود، مسٽر ڊلس ان کي آمريڪي امداد ڏيڻ جو سلسلو جاري رکڻ جو وعدو ڪيو ته جيئن ھندستان پنهنجي پنج ساله رٿا تي عملدرآمد ڪري سگھي. اھو واعدو ڪندي ھن اقوام متحده ۾ ھندستان جي ڪوريا ۾ جنگ بند ڪرائڻ جي ڪوشش جي تعريف ڪئي.
    ھندستان ڏانهن آمريڪي حڪومت جي رويي جو خلاصو پيش ڪندي بليڪ ۽ بارڪ لکن ٿا: ”انهن باھمي اختلافن ۽ الزامن تراشين جي باوجود، نه ھندستان ۽ نه آمريڪا ڪنهن وڏي بگاڙ جي طاقت ساري پئي سگھيا، ڇاڪاڻ ته ٻنهي کي ھڪٻئي جي ضرورت ھئي. قوم جي شديد غربت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ھندستان اقتصادي ترقيءَ جو جيڪو حوصلو وڌائيندڙ پروگرام عمل ۾ آڻي رھيو ھو، تنهن لاءِ کيس آمريڪا جي اقتصادي امداد ۽ فني تعاون جي ضرورت ھئي. آمريڪي حڪومت پنهنجي جاءِ تي اھو سمجھي رھي ھئي ته ھندستان کي امداد ڏيڻ جو سلسلو بند ڪرڻ سان، ھڪ اھم محاذ سوويت يونين جي قبضي ۾ وڃڻ لاءِ ڇڏي ڏيڻ ھو، جو اھو ملڪ اڳيئي غير ترقي يافته ملڪن ڏانهن سازوسامان ۽ فني ڪارڪنن کي موڪلڻ ۾ وڏي دلچسپي ڏيکاري رھيو ھو، ته جيئن اھو پنهنجي سياسي اثر و رسوخ کي وڌائي سگھي(1) “.
    آمريڪا، نه ته آمريڪي ھندستاني تعلقات جي انتهائي اونداھي دور ۾ ۽ نه آمريڪي پاڪ ھندستاني تعلقات جي انتهائي روشن زماني ۾، ھند و پاڪ تڪرارن ۾ پاڪستان جي ھڪ حليف ۽ اتحاديءَ جو ڪردار ادا ڪيو. ان هندستان جي طرف کان انتهائي استعمال انگيزين جو انعام ان کي ڪثير رقمن جي امداد ڏيڻ جي صورت ۾ ڏنو ۽ پاڪستان جي پنهنجن مفادن سان مڪمل ھم آھنگيءَ کي اھڙيءَ طرح سان تسليم ڪيو، جو ان جي سببن کي ٻنهي ملڪن لاءِ امداد جي سڄي سلسلي کي متعين ڪرڻ جو ڪو موقعو ئي نه ڏنو. جڏھن آمريڪا پاڪستان کي فوجي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، تڏھن صدر آئزن هاور ھندستان کي پڻ امداد ڏيڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي آمادگيءَ جو اظھار ڪيو. وزيراعظم نهروءَ کي ٢٤- آگسٽ ١٩٥٤ع تي مليل ھڪ خطه ۾ صدر آئزن هاور لکيو ته:
    ” آءٌ توھان کي ھيءُ ذاتي پيغام ھن ڪري موڪلي رھيو آھيان، جو آءٌ چاھيان ٿو ته عام ماڻھن تائين پھچڻ کان اڳ ۾ اوھان کي ھيءُ اطلاع پھچي وڃي ته مون پاڪستان کي فوجي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيوآھي، ۽ ھن ڪري به، جو آءٌ چاھيان ٿو ته اوھان کي سڌيءَ طرح سان مون وٽان معلوم ٿئي ته ھيءُ قدم ڪنهن به طرح سان انهيءَ دوستيءَ کي متاثر نه ڪندو، جيڪا اسين هندستان لاءِ محسوس ڪريون ٿا...... جيڪي ڪجهه اسين تجويز ڪريرھيان آھيون، ۽ جيڪي پاڪستان قبول ڪري رھيو آھي، تنهن جو رخ ڪنهن طرح سان ھندستان جي خلاف ناھي. آءٌ ھن ڳالهه جي کليل تصديق ڪريان ٿو ته جيڪڏھن اسان جي ڪنهن به ملڪ کي، جنهن ۾ پاڪستان پڻ شامل آھي، ڏنل فوجي امداد جو غلط استعمال ڪري ان جو رخ اڳرائيءَ لاءِ ڪنهن ئي طرف ڏانهن موڙيو ويو ته آءٌ ھن ڳالهه جو ذمون کڻان ٿو ته اقوام متحده جي اندر خواه ٻاھر، انهيءَ اڳرائيءَ کي ناڪام بنائڻ لاءِ ھڪدم موزون قدم کڻندس. مون کي يقين آھي ته پاڪستان ترڪيءَ جي وچ ۾ طئي ٿيل اشتراڪ عمل جو ٺاھه ٻنهي ملڪن جي دلين ۾ سمايل دفاعي مقصدن جو معقول دليل آھي. اسان کي ھن ڳالهه جو به يقين آھي ته ھندستان لاءِ مضبوط دفاعي صلاحيت جو ھئڻ آزاد دنيا جي مفاد ۾ آھي، ۽ اسان انهيءَ اثرائتي طريقي جا مداح آھيون، جنهن سان توھان جي حڪومت اوھان جي فوجي شعبن جو انتظام ھلايو آھي. جيڪڏھن اوھان جي حڪومت اھڙي فيصلي تي پھچي ته حالات ڪنهن اھڙي فوجي امداد جا طلبگار آھن، جيڪي اسان ٻنهي جي سلامتيءَ جي قانونن سان دائري ۾ اچي سگھن ٿا ته يقين ڪريو ته اوھانجي درخواست تي آءٌ نهايت ھمدرديءَ سان غور ڪندس. (1)
    جيتوڻيڪ پاڪستان کي فوجي امداد ڏيڻ جي آمريڪي فيصلي ھندستان ۾ شڪ شبها پيدا ڪيا، ان جي باوجود مسٽر نهرو غير جانبدار رھڻ جي پاليسيءَ تي ڄميو رھيو ۽ پھرين مارچ سن ١٩٥٤ع تي ھن صدر آئزن هاور جي آڇ کي ھيٺين لفظن ۾ ٺڪرائي ڇڏيو:
    توھان انهيءَ معاملي ۾ منهنجي حڪومت ۽ اسان جي عوام جي خيالن کان واقف آھيو. اھي خيال ۽ اھا پاليسي، جنهن تي اسان انتهائي محتاط غور و خوض ڪرڻ کان پوءِ ڪاربند ٿيا آھيون، تنهن جو بنياد اسان جي امن ۽ آزاديءَ کي اڳتي وڌائڻ جي خواھش تي رکيل آھي. اسين انهيءَ پاليسيءَ تي عمل ڪندارھنداسون.“(1)
    انهيءَ ئي ڏينهن تي ھندستان جي وزيراعظم آمريڪا جي پاڪستان کي ڏنل فوجي امداد تي سخت نڪته چيني ڪئي. ۽ ان کي ھند و پاڪ معاملات ۾”مداخلت“ قرار ڏنو. ھن چيو ته آمريڪا ايشيا تي ” تلسط“ قائم ڪرڻ چاھي ٿي ۽ اعلان ڪيو ته ھـن کان پوءِ ھندستاني حڪمت ڪشمير ۾آمريڪي مبصرن کي غيرجابندارن طور تسليم ڪرڻ لاءِ انتهائي ناھي. جيستائين صدر آئزنهاور جي آڇ جو واسطو ھو، تنهن لاءِ ھن چيو ته ” صدر اسان کي اھڙي آڇ ڪري اسان اسان ۽ خود پاڻ سان انصاف نه ڪيو آھي. جيڪڏھن اسين پاڪستان کي خود امداد ملڻ تي اعتراض ڪريون ٿا ۽ پوءِ جيڪڏھن اسين اھائي امداد پنهنجي لاءِ قبول ڪريون ٿا ته اسين محض منافق ۽ بي اصول موقعي پرست ٿينداسين.“(1) پاڪستان ۽ آمريڪا جي درميان باھمي تحفظ ۽ تعاون جو ٺاھه ١٩- مئي سن ١٩٥٤ع تي طئي ٿيڻ کان فوراً بعد سيپٽمبر سنه ١٩٥٤ع ۾ منيلا ۾ اٺن ملڪن جي ڪانفرنس ٿي ۽ سيٽو جي قيام لاءِ ھڪ ٺاھه ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ڪئمبوڊيا، لائوس ۽ ڏکڻ ويٽنام، جنيوا جي جنگ بندي واري ٺاھه جي لحاظ کان ھن قسم جي اتحاد ۾ شامل به ٿي پئي سگھيا، پر ان هوندي به آمريڪا انهن ملڪن کي انهيءَ علائقي ۾ شامل ڪري ڇڏيو، جنهن کي ”مسلح حملي“ کان بچائڻو ھو. ھڪ سال پوءِ، بغداد پئڪٽ وارو ٺاھه طئي ٿيو، ۽ ان کي عراق ۾ جولاءِ ١٩٥٨ع ۾ آيل فوجي انقلاب کان پوءِ سينٽو جو نالو ڏنو ويو. آمريڪا جي ”دفاعي گھيري“ ۽ ”حد اندر رکڻ “ واري پاليسيءَ جي عين مطابق، جنهن جي تقاضا ڪليدي رياستن کي اتحادي بنائڻ ۽ اتحاد کان ٻاھر رھڻ وارين رياستن کي اقتصادي امداد جي ذريعي راضي رکڻھئي، آمريڪا بغداد ٺاھه ۾ سڌيءَ طرح سان پاڻ اتحادي نه بڻي، ته جيئن ان طرح انهن غير ڪميونسٽ مملڪتن جا اھي انديشا دور ٿين، جيڪي ھن ٺاھه کي پنهنجي علائقي ۾ ” سامراجي مداخلت“ سمجھي رھيون ھيون. پاڪستان سان وري عليحده طور ”ماٽريل ڊفينس پئڪٽ سال ١٩٥٦ “ جي ذريعي قول ۽ اقرار ڪيا ويا. وري ١٩٥٩ ع جي شروعات ڌاري آمريڪا، ترڪي، ايران ۽ پاڪستان سان تعاون جي ٻه طرفن معاھدن تي صحيحون ڪيون. جن جومقصد سينٽ جي فوجي پھلوئن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ھو. مارچ ١٩٥٩ع واري پاڪستان آمريڪي تعاون جي ٻه- طرفي ٺاھه جي مھاڳ ۾، آمريڪا پاڪستان جي ”آزادي ۽ سالميت“ جي تحفظ جو اقرار ڪيو.
    جيتوڻيڪ ان وقت تائين پاڪستان پوريءَ طرح سان پنهنجو رخ موڙي آمريڪي اثر جي حلقي ۾ داخل ٿي چڪو ھو، ان جي باوجود جيڪي ملحوظات آمريڪي اقتصادي امداد وارين پاليسين ۾ ھوندا ھئا، سي جيئن جو تيئن ساڳيائي رھيا. سال ٥٥-١٩٥٤ع جي مالي سال لاءِ امداد جي حصه رسيءَ لاءِ مسٽر ڊلس چيو ته سڀني کان وڏي خرچ جي اڪيلي امداد ٽيھ ڪروڙ چوھتر لک ڊالرن جي ڪل رقم مان ساڍا اٺ ڪروڙ ڊالر ھندستان لاءِ مخصوص آھي، ۽ ھن آمريڪي ڪانگريس کي تاڪيد ڪئي ته نئين دھلي ۽ واشنگٽن جي درميان خارجه پاليسيءَ تي اختلافن ھئڻ جي باوجود، اھا درخواست منظور ڪئي وڃي. پنڊت نهروءَ جي تعريف، ”ھڪ اھڙي رھنما طور جنهن پاڻ کي حڪومت جي جمھوري نظام لاءِ وقف ڪري رکيو ھو، “ ڪرڻ کان پوءِ ڊلسوري چيو:
    اسان جو عقيدو آھي ته اقتصادي ترقيءَ لاءِ ھندستان جي عظيم ڪوششن جي حمايت ٿيڻ گھرجي. اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته آزاد قومن جي درميان خيالن جي اختلاف جي گنجائش ھوندي آھي. اسان کي ھندستان جي عوام جي قومي ترقيءَ ۾ مدد ڪرڻ جي پنهنجي خواھش کي ڪنهن عارضي اختلاف کان، خواه اھو ڪيڏو ئي اھم ڇو نه ھجي، مغلوب ٿيڻ جي اجازت نه ڏيڻ گھرجي اھو تمام ضروري آھي ته اسين پنهنجي مدد کي جاري رکون ٻئي ڪنهن سبب ڪري نه، ته ھن سبب ڪري ئي سھي ته اسين انهيءَ طرح سان پنهنجو دورانديشانه ذاتي مفاد پورو ڪريون. جمھوري ادارن تان ماڻھن جوڪڏھن اعتماد ھليو ويو ته اھو اسان لاءِ وڏو المناڪ ڏينهن ھوندو.(1)
    (١) مارچ سن ١٩٥٦ع تي مسٽر ڊلس نئين دھليءَ ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾چيو ته کيس ڪو سبب نظر نه ٿو اچي ته پاڪستان کي آمريڪي ھٿيارن جي فراھمي ننڍي کنڊ ۾ ھٿيارن جي ڊوڙ شروع ڪرڻ جو سبب بڻبي. ھن خاص طور تي، ٻين معاملن کان ھٽي، ھندستان کي يقين ڏياريو ته:
    ”ھندستان کي پنهنجي ليکي ھر طرح سان مطمئن رھڻ گھرجي ته انهن ھٿيارن کي سندس خلاف ڪنهن به اڳرائيءَ واري انداز ۾ استعمال نه ڪيوويندو. پاڪستان کي معلوم آھي ته جيڪڏھن ائين ٿيو ته آمريڪا سان ان جي سٺن ناتن جو ھڪدم خاتمو اچي ويندو ۽ ھو اھو به ڄاڻي ٿو ته جيڪڏھن ھندستان ڪنهن به اڳرائي جو شڪار ٿيو ته اقوام متحده جي چارٽر جي تحت آمريڪا ان جي مدد ڪندي.“(1)
    ٣١- مارچ ١٩٥٩ع تي بيروني امداد جي سلسلي ۾ صدر آئزنهاور ھڪ خصوصي پيغام ۾ اعلان ڪيو ته جيئن جيئن اسين ميزائيلي ھٿيارن جي دؤر ۾داخل ٿينداسون، تيئن تيئن اجتماعي سلامتيءَ جو مسئلو گھٽ نه، پر ھيڪاري وڌيڪ اھميت اختيار ڪندو ويندو. انهن دوست ملڪن کي جن جي سر زمين تي اھڙا ڪيئي ھٿيار نصب ڪيا ويندا، سندن فوجن ۽ انهن جي بچاءَ لاءِ آمريڪي امداد جي مسلسل خاطري درڪار رھندي. ھن چيو ته آزاد دنيا جي ٻين ميمبر ملڪن طرفان ڪي ٻه سئو پنجاھه اڏا ”اھم جنگي ھنڌن تي، جن مان اڪثر بلڪل ضروري آھن، ” آمريڪي فوجن جي استعمال لاءِ مھيا ڪيا ويا آھن. صدر اصرار سان چيو ته:
    ”ڊالر جي مقابلي ۾ ڊالر ڳڻيندي اسين باھمي سلامتيءَ جي پروگرام تي خرچ ڪرڻ سان، پنهنجي لاءِ معقول فوجي حيثيت حاصل ڪري چڪڻ کان پوءِ، پنهنجين فوجن تي ٻئي خرچ برداشت ڪرڻ بنسبت، گھڻي قدر وڌيڪ جنگي حفاظت خريد ڪري سگھون ٿا. “

    ________________________________________
    (1) برٽن. جي. ھينڊرڪ، دي لائيف ائنڊ ليٽرس آف والٽر. ايڇ. پيج ١٩٢٣ ج-١، ص -١٤٤.
    (1) چرچل- اڳ ۾ ذڪر ڪيل ڪتاب، ص-١٨٥.
    (1) چرچل – اڳ ۾ ذڪر ڪيل ڪتاب، ص ١٨٥.
    (1) ايضاً ص ١٨٩.
    (1) ”ڪيسنگس ڪانٽيمپورري آرڪائيوز“ ج- ٤٤، -١٩٤٠ع- ٤٣. ص ٥٢٩٩.
    (1) آر. ڪوپلنڊ. ” انڊين پالٽڪس“ ١٩٤٣ع ص ٢٩٠.
    (1) آر. ڪوپلنڊ. ” انڊين پالٽڪس “ ١٩٤٣، ص-٢٩٠.
    (1) آر. ڪوپلنڊ. ” انڊين پالٽڪس “ ١٩٤٣، ص-٢٩٠.
    (1) ”انڊين ائنيوئل رجسٽر“۾ ١٩٤٦، ج-٢، ص-٨٨.
    (1) ڪي پي ڪارونڪرن ”انڊيا اِن ورلڊ افيئرس فيبروري ١٩٥٠- ڊسمبر ١٩٣٥ “، ١٩٥٨-ص-٢٨٣.
    (2) ايضاً.
    (1) ايضاً.
    (1) ڪارونڪرن، اڳي بيان ڪيل عنوان، ص-٣٩-٢٣٨.
    (1) ”دي يونائيٽيڊ اسٽيٽس اِن ورلڊ افيئرس ١٩٥٠-١٩٥١”ص-٣١٥.
    (1) ريمنڊ ڪارٽيئر”واءِ ڊز دي ورلڊ ھيٽ ائميريڪا“ رابرٽ گولڊوِن ۾ ايڊيٽر ”ريڊنگز اِن ائميريڪن فارين پاليسي“ نيويارڪ ١٩٥٩ع، ص ٥٩٨.
    (1) ايضاً ١٩٦٠-ص٥٠-٧٤٩.
    (1) ”سائوٿ ايسٽ ايشيا اِن يو. ايس پاليسي“١٩٦٣ص-١٢١
    (1) ايضاً ١٩٥٩ص-٧٠.
    (1) ” دي يو”ايس ان ورلڊ افيئرس اِن ١٩٥٢“-١٩٥٤ ص ١٣-٣١٢
    (1) ڪيسنگس” ڪانٽيمپورري آرڪائيوز” جلد٨، ٢-١٩٥٠ ص ٣٨، ١٥٥
    (1) دي يو. ايس ان اٽس ورلڊ رليشنس ١٩٦٠، ص -٧٥٠
    (1) ”ڪيسنگس ڪانٽيمپورري آرڪائيوز “ ج-٩، ٤-١٩٥٢، ص ٦١- ١٣٤.
    (1) ايضاً ص ٦٢- ١٣٤.
    (1) ”ڪيسنگس ڪانٽيمپورري آرڪائيوز “ ص ٦٢- ١٣٤.


    باب چوٿون: چين جي خلاف ھندستان جي آمريڪا کان امداد وٺڻ

    آمريڪا جي پاليسي فوجي معاھدن جي نظريي جي بنياد تي جيئن ته مضبوطيءَ سان ٻڌل ھئي، ان ڪري ھن ڳالهه ۾ ڪنهن حيرت جي گنجائش ڪانه ھئي ته ڇھين ڏھاڪي وارن سالن جي دوران پاڪستاني آمريڪي تعلقات ۾ اضافو ايندو رھيو، تان جوسنه ١٩٥٨ع ۽ ١٩٥٩ع جي اوائل ۾ اھي انتهائي عروج تي پھتا، جڏھن ته ھندستان ۽ چين جا تعلقات اوچتو خراب ٿي ويا. آمريڪا ۽ پاڪستان جي تعلقات کي لداخ جي لڙاين دوران ھلڪا جھٽڪا لڳا ۽ ڪجهه وڌيڪ سخت جھٽڪا ان وقت لڳا، جڏھن ھندستان ۽ چين جي سرحدي جھڳڙي ۾ شدت پيدا ٿيڻ لڳي. انهن واقعن ۾ آمريڪا کي ھڪ وڏو نئون موقعونظر آيو ھندستان تي پنهنجي اثر رسوخ وجھڻ جي ديرينه آرزوءَ جي تڪميل جو.
    ١٩٥٩ع واري سال، ھڪ دور جو خاتمو ۽ ٻئي جو آغاز ٿيندي ڏٺو. مسٽر منظور قادر ان وقت پاڪستان جو پرڏيھي وزير ھو ۽ آءٌ نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پاڪستاني وفد جي سربراھي ڪري رھيوھوس. اتان کان مون ھن کي خط لکي چتاءُ ڏنو ته لداخ وارو ٽڪراءُ ننڍي کنڊ ۾ڪيترين ئي تبديلين جو سبب بڻيو. ڊلس جو دور ختم ٿي چڪو ھو ۽ حالات هڪ اھڙو نئون رخ اختيار ڪري رھيا ھئا، جو ٥٨، ١٩٤٥ع واري دور جي بي لچڪ ڊپلومسي آئينده لاءِ موزون نه پئي رھي سگھي. پنجين اوائلي ڇھين ڏھاڪي جون حالتون قطعي طور بدلجي چڪيون ھيون. يورپ بدلجي رھيو ھو ۽ سوويت يونين ۾ پڻ تبديليون اچي رھيون ھيون، ۽ دنيا ڊلس وارنجامد اصولن کان ھٽي ڪئمپ ڊيوڊ جي جذبي طرف وڌي رھي ھئي. اِھي، ۽ ايشيا ۽ ٻين ھنڌن تي رونما ٿيندڙ ڪي ٻيا حالات آمريڪا جي خارجه پاليسيءَ ۾مڪمل تبديليءَ ۽ نظرثانيءَ جي تقاضا ڪري رھيا ھئا. اھي تبديليون پاڪستان جي تعلقات کان گھڻو اڳي رونما ٿيون. انهيءَ وقت جي حڪومت جيڪا اڳين حڪومتن جي مقابلي ۾ آمريڪا کي وڌيڪ ويجھي ھئي، نفسياتي طور تي پنهنجو پاڻ کي انهن تبديلين جي مطابق بدلائڻ لاءِ تيار نه ھئي، جيڪي جنگ کان بعد وارين آمريڪي پاليسين جي جمود مان پيدا ٿيون هيون.
    انهيءَ تبديليءَ جي وسعت جو اندازو اقتصادي پيماني سان ھن طرح لڳائي سگھجي ٿو ته ٣٠-جون ١٩٥٩ع يعني آزاديءَ کان ٻارھن سال پوءِ تائين، ھندستان کي مليل آمريڪي اقتصادي امداد جو سرڪاري تخمينو ھڪ ارب ساڍا ستر ڪروڙ ڊالر ھو، جنهن مان ٽيانوي ڪروڙ ڊالر زرعي شين جي صورت ۾، ۽ ستر ڪروڙ چاليھه لک ڊالرن جي امداد ٻين صورتن ۾ ڏني ويئي. انهيءَ رقم جي ڀيٽ ۾، ١٩٥٩ع کان ١٩٦٣ع واري عرصي ۾ ان کي چئن ارب ڊالرن جي امداد ڏني ويئي.
    مئي سن ١٩٥٩ع ۾ سينيٽر وائلي سمٿ، جيڪو ان وقت ڏکڻ-اوڀر ايشيا جي دوري تان واپس موٽيو ھو، خارجه تعلقات واري ڪاميٽيءَ اڳيان ھيٺيون بيان ڏنو:
    ”نهروءَ ۽ ان جي قريبي صلاحڪارن سان ڳالھائڻ کان پوءِ منهنجي ذھن ۾ھن ڳالهه جي متعلق ڪو به شڪ ڪونهي ته انهن کي سرخ چينين ۽ سرحدن تي سندن ڪاررواين جي باري ۾ ڪجهه قدر فڪر مندي ھئي... آمريڪاجي نقطه نظر کان اھا ھڪ اميد ڀري علامت آھي ته ھندستان جي حڪومت سرخ چين جي ڪاررواين کان ڪجهه قدر تشويش ۾ آھي، ۽ جيئن ڪن ليڊرن طرفان مون کي سمجھايو ويو، ان کي ھن ڳالهه جو احساس آھي ته سرخ چين هڪ مطلق نظام جي تحت صنعتڪاريءَ ۾ وڏي پيشقدمي ڪئي آھي، جڏھن ته ھندستان جي ترقي ھن ڪري سست رھي آھي، جو ان جو ارادو اھوئي رھيوآھي ته ھو فقط جمھوري طور ۽ طريقن ۽ ھندستاني قانون ساز اداري جي پوري مواقفت سان ڪم ڪندو.“
    انهن سماعتن ۾ شايد پھريون ڀيرو پاڪستان کي ملندڙ فوجي امداد تي نڪته چيني ڪئي ويئي، جيتوڻيڪ آخري ڳالهه اھائي طئي ٿي ته امداد پنجن سالن لاءِ ساڳيءَ سطح تي جاري رکي وڃي. پر ھندستان کي چين جي خلاف مضبوط بنائڻ جي اھميت تي زور ڏنو ويو. آمريڪي سينيٽ جي تعلقات خارجه ڪاميٽيءَ طرفان آگسٽ ١٩٥٩ع ۾ مرتب ڪيل دستاويز بعنوان “ آمريڪي پرڏيھي پاليسي“ ۾ ھيٺ ذڪر ڪيل مقصد واضح ڪيا ويا:
    ١- ايشيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ تعاون جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ ٻه-طرفي امداد جو استعمال.
    ٢- آمريڪا جي فوجي، سياسي ۽ اقتصادي مقصدن جي حوالي سان ايشيا ۾ مقامي فوجي طاقتن ۽ آمريڪي اڏن جي ڪارڪردگيءَ جو نئين سر جائزو وٺڻ.
    ٣- ڪميونزم جي خلاف علاقائي يڪجھتيءَ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ واسطيدار ملڪنجي شموليت. ھندستان ۽ پاڪستان جو ذڪر انهيءَ باري ۾ خاص طور ڪيوويو.
    جڏھن آمريڪي پاليسين ۾ تبديلين جي تشڪيل ٿي رھي ھئي، تڏھن آمريڪي نقاد پھريون ڀيرو معاھدن جي نظام ۽ انهن ۾ پاڪستان جي شموليت جي خلافت نقيد ڪري رھيا ھئا. ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس اِن ورلڊ افيئرس ١٩٥٩ع “ ۾ مسٽررچرڊ. پي. اسٽيبنس چيو، ”حقيقت ۾ ١٩٥٩ ع ۾ سيٽو جي تشڪيل ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا کي سياسي طور گھڻيءَ حد تائين اھڙيءَ طرح تقسيم ڪري ڇڏيو، جھڙيءَ طرح بغداد پئڪٽ کي ھڪ سال کان پوءِ وچ اوڀر کي تقسيم ڪرڻو ھو. “(1) اوتري قدرئي آمريڪا ۾ ھندستان ۽ ٻين غيرجانبدار ملڪن کي امداد ڏيڻ جي ضرورت وڌيڪ محسوس ٿيڻ لڳي. مسٽر اسٽيبنس اڳتي ھلي چوي ٿو:
    ” ايشيائي معاملات جو مطالعو ڪندڙ ٻين گھڻن ماڻھن محسوس ڪيو ته ھن ٻئي ميدان يعني صحتمند قومي معاشرن جي تعمير ڪرڻ ۾ فوجي دفاع جي ميدان جي مقابلي ۾ وڌيڪ اھم ۽ تڪڙي ڪم ڪرڻ جي ضرورت ھئي، جنهن تي آمريڪا کي ڇھين ڏھاڪي ۾ وڌيڪ توجھه ڏيڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پيو ھو. گھٽ ۾ گھٽ انهيءَ پوئين ميدان ۾ وڌيڪ وسيع محاذ تي ڪارروائي ٿي پئي سگھي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ علائقي ۾ واقعي غيرجانبدار ملڪ پڻ عام طرح غير فوجي مقصدن لاءِ اھڙي غير ملڪي امداد قول ڪرڻ لاءِ تيار ھئا، جنهن سان ڪي ” ڌاڳا ڳنڍيل“ نه ھجن، ۽ جيڪا اھڙن شرطن تي حاصل ٿي سگھي، جيڪي انهن جي پنهنجي وقار جي مطابق ھجن. اھي سڀ ملڪ، افغانستان کان وٺي فلپائين تائين، ھن حقيقت کان باخبر ھئا ته جديد مملڪتن جي حيثيت ۾، سندن ترقي ۽ واڌاري جي راھه ۾ ناموافق اقتصادي ۽ سماجي حالتون رڪاوٽ وجھي رھيون ھيون....... گھڻائي مغربي مبصر جي پنج ساله ترقياتي رٿائن جي ھڪٻئي پٺيان ڪامياب تڪميل کي نه فقطھندستان، پر ايشيا جي آزاديءَ جي مقصد لاءِ فيصله ڪن اھميت جو حاملسمجھي رھيا ھئا...
    ھندستان کي سندس ساڍن ايڪيتاليھھ ڪروڙ ماڻھن جي آدم شماريءَ سان، جنهن ۾ ھر سال ستر لک ماڻھن جو اضافو ٿي رھيو ھو، وڌيڪ تيز اقتصاديترقيءَ جي ضرورت ايتريقدر ته گھڻي ھئي، جو آمريڪا ان جي ڪميونسٽ ۽ آزاد ملڪن، ٻنهي کان امداد حاصل ڪرڻ تي ناراضگيءَ جو اظھار مشڪل ئيڪري پئي سگھي. خصوصا جڏھن ھندستاني اھڙا ڪيئي ثبوت ڏيئي چڪاھئا ته اھي پنهنجيءَ آزاديءَ تي ڪنهن به صورت ۾ حرف اچڻ نه ڏيندا(1).
    نومبر ١٩٥٩ع ۾ لداخ واري سرحدي جھڳڙي چيني- ھندستاني اختلافن جيگنڀيرائيءَ کي ثابت ڪري ڇڏيو ۽ صدر آئزنهاور کي ايشيا جي دورھ ڪرڻتي آماده ڪيو. جنهن ۾ ھن چين ۽ ھندستان جي درميان سرحدي تڪرار جي پسمنظر ۾ پنڊت نهروءَ سان علاقائي مسئلن جي باري ۾ تبادلھ خيالات ڪرڻپئي چاھيو. صدر انهن ڳالھين جي نتيجي تي اطمينان جو اظھار ڪيو ۽ ھنآمريڪا ۽ ايشيا جي اِنهيءَ عظيم ترين جمھوريت جي درميان بهتر مفاھمتجي دور جي آغاز جي اميد ظاھر ڪئي. جنوري ١٩٦١ع ۾ سينيٽر جان –ايف-ڪينيڊي آمريڪا جو صدر بنيو. ھو انهن آزاد خيال ڊيموڪرئٽڪ سينيٽرنمنجھان ھڪ ھو، جن ڪميونزم جي خلاف صدر آئزنهاور جي معاھدن واريجامد پاليسيءَ جي قيام جي دانشمنديءَ ۾ شڪ شبهي جو اظھار ڪيو ھو.ھن خيال قيام جي دانشمنديءَ ۾ شڪ شبهي جو اظھار ڪيو ھو. ھن جيخيال ۾ انهيءَ قسم جو نظام، نه فقط دقيانوسي ۽ پراڻو ھو، پر ان سان گڏو گڏاھو غير ڪميونسٽ دنيا تي آمريڪا جي اٽر و رسوخ کي گھٽائڻ جو سببپڻ بنجي پئي سگھيو. سينيٽر جي حيثيت ۾، ڪينيڊي انهيءَ صورتحال تي جيڪا سندس راءِ ۾ ھندستان کي نظر انداز ڪرڻ برابر ھئي، پنهنجيناخوشيءَ جو اظھار ڪري چڪو ھو، ڇو ته ھن جي خيال ۾ ايشيا اندر ڪميونزم کي حد اندر روڪي رکڻ جي آمريڪي حڪمت عمليءَ ۾ ھندستان کي محوري حيثيت حاصل ھئي. ھن ٢٥-مارچ ١٩٥٨ ع تي پنهنجن انهن خيالن جي وضاحت ھن لفظن ۾ ڪئي:
    ”جناب صدر صاحب! اچو ته ايشيا کنڊ جي صورت جو پنهنجي ذھن ۾ ھڪ دفعو ٻيو تصور ڪريون. ھڪ طرف ھندستان آھي، جنهن جي آدمشماري چاليھه ڪروڙ آھي، ۽ ٻئي طرف چين آھي، جنهن ۾ ذري گھٽ سٺ ڪروڙ انسان آباد آھن. اسان کي ھندستان جي غير جابنداريءَ وارين ڳالھين کان منجھڻ نه گھرجي. اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته اسان جي قوم پنهنجي اوسر واري تعميري دور ۾ اوڻيھين صديءَ جي وڏن بين الاقوامي تنازعن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي اختيار ڪئي ھئي. جيڪڏھن دنيا جي نئين سر اسرندڙ غيرجانبدار قومن کي سندن بنيادي قوتن کي حقيقي اقتصادي بهتريءَ جي پروگرامن ۾ جذب ٿيڻ جو موقعو ملندو ته سڄي مغرب جي مفادن لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ فائديمند ٻي ڪا به ڳالهه ڪا نه ٿيندي.
    فقط اِھوئي ھڪ بنياد آھي، جنهن تي ايشيائي ۽ آفريڪي قومون اھو سياسي توازن ۽ سماجي استحڪام حاصل ڪري سگھن ٿيون، جيڪو ڪميونسٽ دخل اندازيءَ جي خلاف کين حقيقي بچاءُ مھيا ڪندو. اسان جي دوستيءَ کي فوجي معاھدن يا ”مغرب جي ٽڪيٽ تي ووٽ ڏيڻ “ جي برابر نه ٿيڻ گھرجي. ائين ڪرڻ، انهن ملڪن کي فقط ھڪ جماعتي طرز حڪومت جي وڌيڪ ويجھو وٺي وڃي ٿو يا دنيا ۾ اھڙا ويڇا پيدا ڪري ٿو، جو اھو مقامي جنگين جي امڪانن کي گھٽائڻ بدران، منجھن اضافي جا امڪان پيدا ڪري ٿو.
    ھندستان جي اقتصادي مستقبل تي غور ڪرڻ جي معاملي ۾ بهتر ٿيندو، جيڪڏھن اسين اھو ياد رکون ته ھندستان اقتصادي پرواز جي آغاز واري نقطه کان اڳتي نڪري چڪو آھي ۽ ھاڻي اھو اھڙي ڪوشش ۾ مصروف آھي، جيڪا ان کي ھن صديءَ جي بڄاڻيءَ تائين دنيا جي عظيم طاقتن مان ھڪ بڻائيندي، جڏھن ان جي آدمشماري ھڪ ارب کان ڪا ٿوري ئي گھٽ ھوندي ۽ ھو جديد سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تباھيءَ جي سڀني ذريعن کي پنهنجي ڪم ۾ آڻڻ جي قابل ھوندو. مستقبل جي سڀني کان وڌيڪ وڏي چئلينج اھائي آھي ته ھڪ اھڙي عالمي معاشري جي پرامن تنظيم ڪجي، جنهن ۾ نه فقط آمريڪا، مغربي يورپ ۽ رشيا جھڙيون دولتمند صنعتي مملڪتون، بلڪ ايشيا، لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ وچ اوڀر جون طاقتون نيون صنعتون رياستون پڻ شامل ھجن. اھي رياستون پنهنجي عبوري اقتصادي دؤر مان ڪھڙي انداز ۾ اڀرن ٿيون، سا ڳالهه نه فقط ايندڙ نسل جي رنگ روپ تي اثرانداز ٿيندي، پر اھا گھڻو ڪري سندن تاريخي پس منظر جي سٽاءَ تي پڻ وڏو اثر وجھندي. ٿوروئي عرصو ٿيو ته پروفيسر ڊبليو-ڊبليو روسٽوف، انهيءَ سوال کي سينيٽ جي خارجه تعلقات واري ڪاميٽيءَ اڳيان ھنن لفظن ۾ پيش ڪيو ھو:
    ”ڇا اِنهن نين طاقتور رياستن کي ھڪ مطلق نظام جي ڍانچي وچان اڀري بلوغت جي منزل تي پھچڻو آھي، جڏھن انهن جي ذھن تي سامراجيت جون تلخ يادون ۽ انهيءَ ڏک ڀري تبديليءَ جون يادگيريون حاوي رھنديون، جن مان اھي بنان ڪنهن مدد جي پار پيئون ھونديون، جڏھن ته مغرب ھڪ تماشائي بڻيو ۽ پاسو وٺيو فقط دفاع جي مسئلن ۾ دلچسپي وٺندو رھيو، يا انهن رياستن کي ھڪ جمھوري نظام جي ڍانچي وچان اھڙي طرح اڀري نڪرڻو آھي، جنهنجي تعمير اھڙن انساني قدرن جي بنياد تي ٿيل ھوندي، جن ۾ مغرب به ساڻن ڀائيوار ھوندو ۽ تبديليءَ جي فيصله ڪن مرحلن تي سندن ياد ۾ اھو اشتراڪ عمل ۽ تعاون رھجي وڃي ٿو جنهن سان اھي پنهنجي مھم کي سرڪن ٿا؟ “
    ”جيڪڏھن اسان ھينئر يا ايندڙ ڪجهه سالن ۾ عمل نه ڪيو ته انهيءَ سوال جي جواب ملڻ ۾ ڪا گھڻي دير نه لڳندي، ڇاڪاڻ ته ھندستان، جيڪو غيرجانبدار ملڪن سان سڀني کان وڌيڪ اھميت جو مالڪ آھي، پنهنجي تعميري دور ۾ داخل ٿي چڪو آھي. ھندستان جو ھڪ ڪامياب پروگرام بذات خود ھڪ اھڙي مثال طور اھم آھي، جيڪو ھو ٻين غير ترقي يافته ملڪن جي اقتصادي مستقبل ۽ خود پنهنجي مستقبل لاءِ پڻ، قائم ڪري سگھي ٿو. آمريڪا، مغربي يورپ ۽ جپان لاءِ ھن ڳالهه جو مظاھرو ڪرڻ، ته جمھوري عمل ۾ تخليق جي زور دار ترغيب آھي ۽ نه نامراديءَ جي، سندن وس ۾ آھي...... ھندستان اڄ اوتريءَ ئي وڏي اميد جو مظھر آھي، ۽ اوڏيءَ ئي عظيم آزمائش ۾ مبتلا آھي، جيڏيءَ ۾ مغربي يورپ سن ١٩٤٧ عجي دوران ھو ۽ مون کي يقين آھي ته اسان جا عوام اڃا به انهيءَ آزمائش جو ڪامياب مقابلو ڪري سگھڻ جي حيثيت ۾ آھن.“(1)
    جان فشر سان گفتگوءَ جي دوران، ھيٺيون سوال ۽ جان. ايف. ڪينيڊيءَ جو جواب معنيٰ خيز آھن:
    سوال: ڇا، اوھان جي خيال ۾، مسٽر ڊلس جي انتظاميه تحت، اسان جي طرفان ڪيترين ئي غير ترقي يافته مملڪتن کي پاڻ سان فوجي معاھدن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، اسان جي غلطي ھئي؟
    جواب: آءٌ ائين چوندس ته مسٽر ڊلس، اِنهن ٻين علائقن مان ڪن جي بنسبت، غالباً جرمنيءَ ۾ حقيقي طور وڌيڪ ڪامياب ھو. اسوان بند جي معاملي ۾ انڪار، بغداد پئڪٽ جو تصور، جيڪو ھن جو پنهنجو ھو، ۽ آئزنهاور جو نظريو، جنهن کي درحقيقت ھر ملڪ ۾ رد ڪيو پيو وڃي منهنجي خيال ۾ اھي سڀ ڳالھيون وچ اوڀر ۾ مسٽر ڊلس جون ناخوشگوار يادگيريون آھن.(1)
    بهرحال ١٩٥٩ع ۾ لداخ واري چيني ھندستان تصادم کان اڳي، سينيٽر ڪينيڊي پاڪستان جي ناراضگيءَ جي قيمت تي ھندستان کي مدد ڏيڻ لاءِ تيار نه ھو. انهيءَ ڳالهه جو ثبوت ھنجي ٢٥- مارچ ١٩٥٩ع واري سينيٽ جي اڳيان ڪيل تقرير مان ملي ٿو:
    ”پاڪستان سان اسان جي خصوصي ۽ قيمتي حليفانه لاڳاپن ۽ فوجي معاھدن جي ھئڻ ڪري اسان لاءِ اھو ممڪن ناھي ته اسين ھندستان لاءِ بين الاقوامي سطح تي اھڙي ڪوشش ڪريون. مون پاڻ ڪجهه وقت تائين اھڙي پروگرام ترتيب ڏيڻ جي امڪان جي جستجو ڪئي آھي، جيڪو ھندستان ۽ پاڪستان ٻنهي جون مشترڪه طور ضرورتون پوريون ڪري سگھي.
    ”آءٌ نهايت افسوس سان ھن نتيجي تي پھتو آھيان ته پاڪستان ۽ ھندستان جي درميان موجوده سياسي ويڇا انهيءَ قسم جي پروگرام جي اجازت نه ٿا ڏين.... ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان انتخاب ڪرڻ جو سوال تعميري رٿائن ۾ مدد ڪرڻ آھي. مون کي اميد آھي ته ھاڻي اھو وقت گھڻو پري ناھي، جڏھن پاڪستان جي اقتصادي ترقيءَ ۽ اوسر ۾ مدد ڏيڻ لاءِ انهيءَ قسم جون گھڻن رخن واريون ڪوششون ڪري سگھبيون(1) “.
    پر پھرين نومبر ١٩٥٩ ع تي جڏھن چين ۽ ھندستان جي سرحدي ڇڪتاڻ زورھئي، تڏھن سينيٽر ڪينيڊيءَ ڪئليفورنيا ۾ تقرير ڪندي ھندستان جي مڪمل حمايت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو:
    ” اخباري سرخين ۾ کڻي ڪھڙيون به جنگيون ڄاڻايل ھجن، ھـِن ايندڙ ٻي انتظاميه طرفان دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به جدوجھد ايترو گھڻو ڌيان نه لھڻو جيترو انهيءَ، جيڪڏھن وقت سڄي ايشيا جي توجھ جو مرڪز بڻيل آھي: يعني ھندستان ۽ چين جي درميان ھلندڙ لڙائي...
    ۽ اھا ڪشمڪش ھندستان ۽ چين جي درميان مشرق جي اقتصادي ۽ سياسي قيادت لاءِ، سڄي ايشيا جي عزت لاءِ ۽ ھن ڳالهه جي مظاھري ڪرڻ جي موقعي حاصل ڪرڻ لاءِ آھي ته ٻنهي مان ڪنهن جي طرز زندگي بهتر آھي...
    ”ھيءُ ڳالهه يقينا ظاھر آھي ته ھن چٽاڀيٽيءَ جو نتيجو سڄي ايشيا جي مستقبل کي بنيادي طور متاثر ڪندو-- يعني سرخ ۽ آزاد قومن جي تقابلي طاقت کي -- ۽ ان طرح آخرڪار خود اسان جي ملڪ جي سلامتي ۽ وقار کي پڻ ھندستان جي آدمشماري آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي گڏيل آدمشماريءَ کان وڌيڪ آھي. جيڪڏھن ھندستان چين سان برابريءَ وارو مقابلو نه ڪري سگھيو، جيڪڏھن ھو اھو نه ڏيکاري سگھيو ته سندس نظام آمريت جي نظام جھڙو يا ان کان بهتر ڪم ڪري سگھي ٿو، جيڪڏھن ھو اقتصادي جمود کان اھڙن اقتصادي نشو نما طرف نه اچي سگھيو، جيڪا سندس تيزيءَ سان وڌندڙ آدمشماريءَ کان وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي نڪري سگھي ته سڄي آزاد دنيا کي سنگين پسپائي جو مقابلو ڪرڻو پوندو. خود ھندستان مايوسي ۽ عدم استحڪام جي چنبي ۾ ڦاسي پوندو، ۽ ايشيا ۾ سرخ چين جي خلاف سندس جوابي ڪردار ختم ٿي ويندو ۽ ڪميونزم کي ڪنهن به رتوڇاڻ کان سواءِ، وڏي کان وڏي ڪاميابي حاصل ٿي ويندي...
    ”اھو ڪافي ناھي ته اسين عارضي سھاري لاءِ ھنگامي امداد مھيا ڪريون. اسان کي ٻين مغربي قومن سان گڏجي ڊگھي عرصي جي قرض ڏيڻ خاطرسنجيده ۽ دور رس پروگرام ۾ شرڪت تي رضامند ٿيڻ گھرجي، جنهن کي فني ۽ زرعي امداد جي پشت پناھي به حاصل ھئڻ گھرجي، جھن جو مقصد ھندستان کي ڪميونسٽ چين جي چئلينج قبول ڪري ان کان اڳتي نڪري وڃڻ ۾ مدد ڏيڻ ھجي...
    ”اسين چاھيون ٿا ته ھندستان سرخ چين کان اھا بازي کٽي. اسين چاھيون ٿا ته ھندستان آزاد ۽ خوشحال ايشيا جو آزاد ۽ خوشحال اڳواڻ بڻجي. پر جيڪڏھن اسان جي دلچسپي خالص خود غرضانه، ڪميونزم جي خلاف ۽ فقط سرد جنگ جو ھڪ حصو نظر ايندي، جيڪڏھن ھندستاني عوام کي اھو احسان ٿيو ته اسان جامقصد محض سياسي آھن، ته پوءِ اسين ڪميونسٽ ۽ غير جانبدار پروپئگنڊا بازن جي ھٿن ۾ کيڏنداسين، ٻاھرين ملڪن ۾ آمريڪا جي شبيھه کي بري طرح سان بگاڙينداسين ۽ انهيءَ نفسياتي اثر کي زائل ڪري ڇڏينداسين، جنهن جي اسان کي پنهنجي سخاوت ۽ فراخدليءَ مان توقع آھي(1). فوجي معاھدن جي متعلق، ھن ٩- فيبروري ١٩٥٩ع تي دوباره زور ڏيندي چيو ته:
    ”اھي جٽادار حل مھيا نه ٿا ڪن. ان جي ابتڙ، اھي وچ – اوڀر ۾ خطرناڪ حد تائين ويڇا وجھن ٿا، اسان کي ڪن خاص حڪومتن سان وابسته ڪن ٿا ۽ گھڻو ڪري اسان کي اتان جي اھم قوم پرستيءَ وارين تحريڪن کان الڳ ڪري ڇڏين ٿا. غير حليف قومن کي مغرب سان اتحاد ڪرڻ يا بين الاقوامي ڪميونزم آڏو ھٿيارن ڦٽي ڪرڻ جي درميان انتخاب لاءِ مجبور ڪرڻ سان دراصل ڪجهه حاصل نه ٿو ٿئي. حقيقت ته اھا آھي ته گھڻن ھنڌن تي انهيءَ قسم جي انتخاب تي زور نه ڏيڻ ئي اسان جي مفاد ۾ آھي، خاص طرح جيڪڏھن اھڙي انتخاب مان قوم جون قوتون حقيقي اقتصادي ترقي ۽ معاشياتي پرواز جي پروگرامن ۾ مشغول رھڻ بدران، ٻين رخن ڏانهن لاڙو رکائڻ لڳن.“(1)
    14-جون سن 1960ع تي سينيٽر ڪينيڊيءَ آئزنهاور حڪومت جي پاليسين تي ھنن لفظن ۾ حملو ڪيو:
    ”يقينا، اسان وٽ سن 1960ع ۾ خارجه پاليسيءَ جا اڪثر روايتي ھٿيار موجود آھن: اسان وٽ بچاءَ جو ھڪ محڪمو آھي، ھڪ غير ملڪي امداد جوپروگرام آھي، مغربي دنيا سان اتحاد جو ھڪ ٺاھه آھي، ھٿيارن کي گھٽائڻ جي ھڪ ڪاميٽي آھي، اطلاعاتي سروس آھي، خفيه ڪارروائي جو ھڪ شعبو آھي، ۽ قومي سلامتيءَ جي ھڪ ڪائونسل آھي. پر اسان پنهنجي بدلجندڙ عالمي حيثيت جي روشنيءَ ۾ انهن اوزارن جو نئين سر تخمينو لڳائڻ ۽ انهن جي قدرن کي متعين ڪرڻ ۾ ڪوتاھي ڪئي آھي. اسان انهن هٿيارن کي ھڪ اھڙي دور رس ۽ مربوط حڪت عملي: جي تشڪيل ڪرڻ ۾، جيڪا سوويت يونين جي عالمي تسلط جي پختي ارادي جو مقابلو ڪري سگھي – ھڪ اھڙو پروگرام، جيڪو ھوشياريءَ سان فوجي قوت، سياسي تخريبڪاريءَ، اقتصادي دخل اندازيءَ ۽ نظرياتي فتح جي مختلف ھٿيارن کي وڏي ڪاريگريءَ سان ملائي استعمال ڪري ٿو. اسان کي جزوي پروگرامن، متروڪ حڪمت عملين ۽ بي معنيٰ نعرن تي ڀاڙڻ لاءِ مجبور ٿيڻو پوي ٿو. اسان وٽ جرمنيءَ جي مونجھاري کي ٽوڙڻ، ھٿيارن تي قابو حاصل ڪرڻجي مسئلي واري مونجھاري، برلن واري معاملي جي مونجھاري ۽ ٻين سڀني مونجھارن مان پار پوڻ لاءِ ڪي به نوان نظريا ڪينهن. اسان وٽ پنهنجي شاندار حڪمت عمليءَ طور فقط ھٿيارن جي ڊوڙ ۽ سرد جنگ جا ھٿيار آھن......
    ”انڪري اسان کي ھن فضول بحث کي ترڪ ڪري ڇڏڻ گھرجي ته ڪير خروشچوف جو مقابلو بهترين نموني سان ڪري سگھي ٿو، يا ”سخت“ طرز عمل کي ترجيع ڏني وڃي، يا ”نرم “ کي. اسان جو فرض اھو آھي ته اسان روسين کي اھو ثابت ڪري ڏيکارڻ لاءِ، ته وقت ۽ تاريخ جو ڌارو سندن موافق ناھي، ته عالمي قوت جو توازن انهن جي طرف ڏانهن منتقل ڪو نه ٿي رھيو آھي، پنهنجي ۽ آزاد دنيا جي طاقت جي نئين سر تعمير ڪريون ۽ انهيءَ سبب ڪري ھڪٻئي جي بقا لاءِ پرامن تصفيه ھڪ لازمي امر آھي. اسان جو ڪم اِھو آھي ته اسين ھڪ اھڙي قومي حڪمت عملي ترتيب ڏيون، جنهن جو بنياد سوويت يونين طرفان پيدا ڪيل بحران لاءِ آخري گھڙيءَ ۾ تيار ڪيل جوابن تي نه رکيل ھجي، پر اھا احتياط سان تيار ڪيل ڊگھي عرصي جي پاليسين جو ھڪ اھڙو مڪمل مجموعو ھجي، جيڪو غير ڪميونسٽ ملڪن جي طاقت ۾ اضافي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو ھجي. “(1)
    مسٽر ڪينيڊي جڏھن آمريڪا جو صدر بنيو، تڏھن ھن کي پنهنجين رٿائن کي عملي جامو پھرائڻ جو موقعو ملي ويو. ھن جي ملڪ جا ھندستان ۽ پاڪستان سان تعلقات ھاڻي ھن نظريي جي بنياد تي متعين ٿيڻا ھئا ته ڪميونزم جي ’حد بندي‘ اقتصادي طور مضبوط ڪيل، آزاد ۽ غير جانبدار قومن جي گھيري سان ڪئي وڃي، جن کي ڪميونسٽ داخل اندازيءَ جي خلاف آمريڪا جي فوجي طاقت جي پشت پناھي حاصل ھجي. وڌيڪ اقتصادي مدد تي زور ڏيڻ جو مقصد آمريڪي مال لاءِ تجارتي منڊيون حاصل ڪرڻ ھو، ته جيئن امداد حاصل ڪندڙ ملڪن سان مغرب دوستيءَ جا تعلقات قائم رھن. فوجي ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڪيل حيرت انگيز ترقيءَ جي ڪري فوجي اڏن ۽ اتحادن جو قدر ۽ سندن قيمت تمام گھڻي قدر گھٽجي ويئي. ٻين ڳالھين کان علاوه، انهن واقعن پڻ، فوجي امداد جي زور جو رخ بدلائي، وڌيڪ اقتصادي تعاون جي طرف ڪيو. ڪنهن امڪاني حملي جي خطري جي صورت ۾ يا پنهنجي ڪنهن اھم مفاد کي خطري پيش اچڻ جي حالت ۾ آمريڪا ۾ ويھي اتان ئي پنهنجي اختيار ۽ قابوءَ جي تحت ميزائل ڇوڙڻ جي اھليت ۾ اھڙن اتحادين تي آسري رکڻ جي ضرورت کي گھٽائڻ جي خوبي ھئي، جيڪي پنهنجي علائقن ۾ آمريڪي اڏن رکڻ ڪري آمريڪا جي بين الاقوامي تعلقات ۾ سندس مفادن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ گھربل عمل جي آزاديءَ ۾ دخل ڏيڻ طرف مائل ھيون. صدر ڪينيڊيءَ برسر اقتدار اچڻ کان ڪي ٿورائي ڏينهن پوءِ ڪياھڙا فيصلا ڪيا، جن جو جلد ئي آمريڪا، ھندستان جي ناتن تي اثر ظاھر ٿيڻ شروع ٿيو، جواھرلال نهرو ھن جي تحسين ۽ پسنديدگيءَ جو اظھار ان وقت ٿيو، جڏھن ھن آمريڪي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس کي ھن طرح سان خطاب ڪيو:
    ” مون کي چٽيءَ طرح سان ياد آھي ته جڏھن آءٌ انهيءَ ھنڌ ھيس، جتي ھن وقت اوھين ويٺا آھيو،.، مسٽر چرچل جي ڌنڌلي نه ٿيندڙ فصاحت، نهورءَ جا بلند پرواز تصورات، ڊي گال جا باھمت الفاظ... “.
    ھندستان جي رويي ۾ اقوام متحده ۾ پڻ، انهيءَ تبديليءَ جي مطابق ڦيرو ڏٺو ويو، جڏھن ان ڪانگو جي مسئلي تي آمريڪا جو ساٿ ڏنو ۽ سيڪريٽري جنرل ڊاگ ھئمرشولڊ جي خلاف روس جي مھم جي مخالفت شروع ڪئي. اقوام متحده ۾ ھندستان جي سابق ڪاررواين جي خلاف آمريڪا جون رنجشون گھڻيءَ حد تائين تيز رفتاريءَ سان ختم ٿي رھيون ھيون، ۽ آفريڪي ۽ ايشيائي مسئلن جي متعلق معاملن ۾ اڳ وٺڻ لاءِ واقعي ان جي ھمت افزائي ٿي ڪئي ويئي. ساڳئي وقت تي ھندستان جي نئين پنج ساله ترقياتي رٿا لاءِ وسيع اقتصادي امداد جي باري ۾ ڳالھيون شروع ڪيون ويون، جنهن جي تحت ھندستان کي ڊگھي عرصي واري ترقياتي فنڊ مان تمام گھٽ وياج تي اھڙا قرض ملڻ وارا ھئا. جيڪي چاليھه-پنجاھه سالن جي مدت اندر واجب الادا ٿيڻا ھئا. چيو وڃي ٿو ته صدر ڪينيڊي انهيءَ نئين تجويز ڪيل ترقياتي فنڊ جو تقريبا ٽيون حصو ھندستان لاءِ مخصوص ڪرڻ واسطي تيار ھو.نائب صدر جانسن کي آمريڪا ۽ ھندستان ۽ ٻين غير منسلڪ ملڪن سان هڪ نئون توازن قائم ڪرڻ لاءِ ايشيا جي دوري تي روانو ڪيو ويو. ھندستان جي دوري جي دوران ۾ ھن چيو ته ”مون کي، ڪنهن به استثنيٰ کانسواءِ، يقين آھي ته آمريڪا ۽ ھندستان پاڻ ۾ دوستانه ۽ صحتمند تعلقات قائم ڪرڻ ۾ مصروف رھندا. آءٌ اوھان کي يقين ٿو ڏيان ته اھا ڳالهه ڪينيڊي آمريڪا لاءِ ڏاڍي پسنديده آھي. اسان جي صدر جان. ايف. ڪينيڊيءَ جي دل۾ ھندستان جي اڳواڻن لاءِ احترام جي جذبات جي سفير گالبريٿ جي ھن ھنڌ موجودگيءَ کان وڌيڪ، ثابتيءَ جي ڪا ضرورت ڪانهي(1).“ آمريڪا جي غير ملڪي تعلقات واري ڪاميٽيءَ جي چيئر من، سينيٽر فلبرائيٽ چيو ته”ھاڻي، اھو ھندستان ۽ ان جي آسپاس وارن ٻين ملڪن جو ڪم ھو ته اھي ھن علائقي جي بچاءَ لاءِ وڌيڪ سرگرم فوجي ۽ اقتصادي ڪردار ادا ڪن. چيو وڃي ٿو ته ٦ مئي سنه ١٩٦١ع تي آمريڪا جي گشتي سفير مسٽرائويرل ھئريمن نهروءَ کي چيو ته آمريڪي انتظاميه جي اھا خواھش آھي ته ايشيا جا ڪي غير جانبدار ملڪ لائوس جي غير جانبداريءَ جي ضمانت ڏين.
    ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس نيوز ائنڊ ورلڊ رپورٽ“ جي اسٽاف رپورٽر مسٽر جارج.اي. جونس لکيو ته ” سڄي دنيا جي سياسي مدبرن وچان ھندستان جو وزيراعظم جواھرلال نهرو ڪينيڊي حڪومت جو انتهائي پسنديده لاڏلو بڻبو پيو وڃي. “ ھن وڌيڪ ظاھر ڪيو ته ھندستان لاءِ تجويز ڪيل ڀرپور اقتصادي امداد جو مقصد، ھندستان ۽ نهروءَ کي مضبوطيءَ سان مغرب سان ٻڌي ڇڏڻ آھي. ھن وڌيڪ لکيو ته ”ھندستان جو رويو پڻ ھن نظريي جي پٺڀرائي ڪري رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته ھندستان ڊاگ ھئمر شولڊ کي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي عھدي تان ھٽائڻ جي روسي ڪوشش جي خلاف صف آرا ٿي بيٺو ھو. ھن ڪانگو ۾ عين انهيءَ موقعي تي ھندستاني فوجن کي داخل ڪيو، جڏھن اقوام متحده جي فوج جو خاتمو بلڪل قريب نظر اچي رھيو ھو. لائوس ۾، ھن جنگبنديءَ لاءِ برطانوي اقدامات جي تائيد ڪئي ۽ خروشچوف کي پڻ انهن کي قبول ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.“
    ١٨مئي سنه١٩٦١ ع تي، ڪرشنامينن لائوس تي جنيوا ۽ منعقد ڪيل ١٤ قومن واريءَ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي سوويت يونين طرفان پيش ڪيل ”امن جي تجويز “ ۾ ويٽو جي حق جي شموليت خلاف مغربي ملڪن جو ساٿ ڏنو. ان کان ھڪ مھينو اڳ ۾ ڪيوبا ۾ آمريڪا طرفان مداخلت جي سخت نڪته چيني ڪرڻ کان فقط چوويھه ئي ڪلاڪ پوءِ نهروءَ وڏي آسانيءَ سان پنهنجو سر تار بدلائي ڪينيڊيءَ کي ”محرڪ شخصيت“ قرار ڏنو، ۽ اشاري طور چيو ته ” ڪيوبا جي ڪھاڻيءَ جا ٻه پاسا ٿي سگھن ٿا.“ ھن اھو پڻ چيوته صدر ڪينيڊي ۽ ھن جا چوٽيءَ وارا صلاحڪار چون ٿا ته نهرو مغرب جوگھاٽو دوست بڻجي سگھي ٿو. ھو چون ٿا ته ان مان آمريڪا کي ھندستان ۽ ٻين غير ترقي يافته ملڪن ۾ وڏا فائدا حاصل ٿي سگھندا. انهيءَ ترقي پذيراعتماد جو مظاھرو وري ٻيھر جون ١٩٦١ع ۾ ان وقت ڪيو ويو، جڏھن واشنگٽن لاءِ ھندستاني سفير مسٽر ايم. سي. چاڳلا اتان کان پنهنجي وطن واپس اچڻ واري رات جو چيو.
    جڏھن آءٌ ھت آيو ھيس، تڏھن غير جانبداريءَ تي شڪ ۽ شبهي جو اظھار ڪيو ويندو ھو. اڄ ان جو احترام ڪيو پيو وڃي. آمريڪا جي پاليسيءَ ۾ ايڏو ته ڦيرو اچي ويو آھي، جو اڄ اھا چاھي ٿي ته آفريڪا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ غيرجانبدار مملڪتون ھجن... ۽ اھي اقتصادي مدد وٺن. جيڪا ڳالهه اسين ڪنهن عرصي کان تجويز ڪندا رھيا آھيون... يعني سماجي انصاف لاءِ ۽ نه ڪن رجعت پسند حڪومتن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ، ڊگھيءَ مدت وارا قرض-- اھاڳالهه ھن وقت ھتي، گھٽ ۾ گھٽ وائيٽ ھائوس جي طرفان قبول ڪئي ويئي آھي، جيئن ان جو صدر ڪينيڊيءَ جي تجويزن مان مظاھرو ٿي رھيو آھي.“
    صدر ڪينيڊي ۽ ھن جي ڪن صلاحڪارن کان علاوه، اتي ڪيئي سرڪرده ڊيموڪريٽ پڻ ھئا، جن ھندستان جي حق ۾ وڏي جوش و خروش سان سندن راءِ جو اظھار ڪيو. مثال طور مسٽر چيسٽر بائولس چيو ته ”سنئين سڌي حساب موجب پڻ ھيءَ ھڪ وڏي غلطي آھي ته اٺن ڪروڙ پاڪستانين کي راضي رکڻ لاءِ، جيڪي ٻن اھڙن حصن ۾ ورھايل آھن، جن جي وچ ۾ ھڪ ھزار ميل ڊگھو ھندستاني علائقو حائل آھي، ڇٽيھن ڪروڙ ھندستانين کي پاڻ کان بيگانو بڻايو وڃي.“ سينيٽر فلبرائيٽ چيو ته ” پاڪستان کي ملندڙ آمريڪي فوجي امداد حد کان وڌيڪ گھڻي آھي ۽ اھا پاليسي، ھندستان کي پاڪستان طرفان انديشن ھئڻ جي پيش نظر، سندس مالي ذريعا اقتصادي ترقيءَ کان ھٽائي ٻئي رخ ۾ سيڙائڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي.“
    ننڍي کنڊ ۾ حالتن جي انهيءَ بدلجندڙ رخ ھندستان لاءِ نه فقط پراڻن جذبات کي نئين سر دکائڻ شروع ڪيو، ساڳئي وقت ملڪ جي ورھاڱي خلاف سڃاتل تعصبن کي پڻ ٻيھر اڀاريو. اھڙا آواز وري ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا، جيڪي مذھبي بنيادن تي ملڪ جي ورھاڱي کي دقيانوسي چئي، ھڪ اھڙي ملڪ جي سڄي وجود تي ئي اعتراض ڪرڻ لڳا، جنهن جا ٻه حصا ھڪ ھزار ميلن جي دشمن علائقي ذريعي ھڪٻئي کان دور بيٺل ھئا. مسٽر چيسٽر بائولس جي انهيءَ سرد حساب تي، جيڪو آدمشماريءَ جي انگن ۽ ڊيگھھ ۽ ويڪر جي بنياد تي پنهنجن نتيجن تي پھتو ھو، نئين سر تحقيق ۽ جاچ شروع ڪئي ويئي. نهروءَ جون مشڪلات پيدا ڪندڙ پاليسيون ۽ سندس غير جانبداريءَ مان پيدا ٿيل تلخيون وساريون ويئون، ۽ ان سان گڏ انهن وفادارين کي پڻ فراموش ڪيو ويو، جن سان پاڪستان پاڻ کي آمريڪي مفاد سان وابسته ڪري رکيو ھو. بيشڪ پاڪستان کي ڪافي مقدار ۾ اقتصادي ۽ فوجي امداد ڏني ويئي، پر اھا ھڪ معقول جوابي عيوض کان سواءِ ڪانه ھئي. پاڪستان، ھندستان جي خلاف پنهنجي قطعي سلامتيءَ لاءِ ضمانت حاصل ڪرڻ کان سواءِ ئي، ڪميونسٽ ملڪن جي خلاف پنهنجي دفاعي ذميوارين کي ڇڪي تاڻي وسيع ڪرڻ جي ذمه داري قبول ڪئي ھئي. ان طرح ھن سوويت يونين جي دشمني خريد ڪئي، جيڪا پاڪستان جي خلاف افغانستان ۽ ھندستان جي کليل پٺڀرائي ڪري رھي ھئي. معاھدن سان وابستگيءَ، اقوام متحده ۾ پاڪستان جي شبيھه کي خراب ڪيو، پاڙيسري اسلامي عرب ملڪن سان سندس تعلقات ۾ ڪشيدگي پيدا ڪئي ۽ ان کي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي برادريءَ ۾ اڪيلو ڪري بيھاريو. ننڍي کنڊ ۽ ھماليه جي سرحدن وٽ حالات ۾ آيل تبديلين ھڪ ئي ڌڪ سان آمريڪا جي ھن ذھن مان پاڪستان جيخدمتن ۽ ھندستان جي دشمنين کي ميساري ڇڏيو.
    ٦- جون سن ١٩٦١ع تي ڪنسورشيم ھندستان لاءِ ڪل ٻن اربن ۽ ويھن ڪروڙ ڊالرن جي امداد منظور ڪئي، جنهن مان اڪيلي آمريڪا ھڪ ارب پنجيتاليھه ڪروڙ ڊالرن ڏيڻ جو واعدو ڪيو، يعني اڌ کان وڌيڪ رقم-٩ جونسن ١٩٦١ع تي ”ٽائيم “ مئگزين جي مطابق آمريڪا جي ھندستان کي امداد ڏيڻ جي شوق، ڪنسورشيم جي باقي ٻين امداد ڏيندڙ ملڪن کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو. ان جي برعڪس، پاڪستان جي ساڍن چورانوي ڪروڙ ڊالرن جي نسبتاً معمولي ضرورت ۾ انهيءَ ساڳئي ڪنسورشيم ڪاٽ ڪوٽ ڪئي. انسان گڏ اھو پڻ ٻڌو ويو ته ”باھمي سلامتيءَ جي قانون “ ۾ غيرجانبدار ملڪن جي امداد لاءِ مناسب قاعدن شامل ٿيڻ کان پوءِ ھندستان کي فوجي امداد پڻ ڏني ويندي. آمريڪا جي بچاءَ کاتي جي سيڪريٽري مئڪنمارا لاءِ چيو ويو ته ھن سينيٽ جي پرڏيھي تعلقات واري ڪاميٽيءَ آڏو بيان ڏيندي چيو ته باھمي سلامتيءَ واري قانون مان اھي چار ئي شرط ڪڍيا ويندا، جيڪي امداد حاصل ڪرڻ واري ملڪ کي ”ڪميونسٽ بلاڪ“ جي خلاف آزاد دنيا جو سياسي ۽ فوجي حليف بنجڻ جو پابند ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اھي شرط نين آزاد ٿيل مملڪتن کي ضروري فوجي امداد ڏيڻ جي سلسلي ۾ موزون ڪين آھن. “ ان کان علاوه ھن دعوي ٰ ڪئي ته ھندستان پنهنجي پاڙيسريءَ جي مقابلي ۾ پنهنجين قابل انتظامي ۽ سياسي روايتن جي قوت سان وڌيڪ استحڪام حاصل ڪيو آھي ۽ ھن ھيءَ تجويز پيش ڪئي ته ھندستان جي معاملي ۾ ”سڪيورٽي ائڪٽ “ جا چارئي شرط ختم ڪيا وڃن. ھڪ طئي ٿيل پاليسيءَ کان اھڙو انحراف، امداد جي انهيءَ نئين فلسفه جي علامت ھو، جيڪوخاص طرح سان ھندستان جي ضرورتن کي سامھون رکي ٺاھيو ويو ھو. انهن واقعن صدر ڪينيڊي ۽ صدر ايوب خان جي درميان ھڪ ملاقات ضرورري ڪري ڇڏي ۽ صدر ايوب خان جولاءِ سن ١٩٦١ع ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي درميان اعتماد وارن تعلقات کي بحال ڪرڻ لاءِ نئين سر ڪوشش ڪرڻخاطر آمريڪا ويو. جنهن محتاط انداز ۾ پاڪستان کي امداد جي آڇ ڪئي ويئي، تنهن کي صدر ايوب خان ٩-جولاءِ سن ١٩٦١ع تي لنڊن ۾ ھڪ ٽيليويزن انٽرويو ۾ ھن طرح بيان ڪيو:
    ”ھاڻي، ھندستان جي معاملي ۾ آمريڪا ٻين امداد ڏيندڙ ملڪن کي به پنهنجي برابر امداد ڏيڻ تي راضي ڪرڻ لاءِ خاص ڪوشش ڪئي. آمريڪا، پنهنجي معمول کان ھٽي اھڙي وقت ھندستان لاءِ پنهنجي طرفان ھڪ ارب ڊالرن جو عطيو مخصوص ڪيو، جڏھن ته اڃا ھندستان پنهنجي رٿا جي تشڪيل به پوري نه ڪئي ھئي.
    ”اسان جي معاملي ۾ ھر قسم جا اعتراض ڪيا ويا. انهن مان ڪي حقيقي ھئا، پر ڪي منهنجي خيال ۾، مصنوعي ۽ بي حقيقت ھئا- مطلب ته اھڙي قسم جون ڳالھيون ڪيون ويئون، جيڪي ڪنهن ملاقاتيءَ کي ٽارڻ لاءِ ڪيون وينديون آھن. صورتحال کي سمجھڻ جي ڪنهن به حقيقي ڪوشش جيڪا به علامت نظر نه آئي ۽ منهنجي خيال ۾ آمريڪا ڪا خاص ڪوشش ڪانه ڪئي. جيڪڏھن آمريڪا ٻين امداد ڏيندڙ ملڪن کان اھا توقع رکي پئي سگھي ته اھي سندس امدادي ڪوششش جي برابري ڪن، ته کيس انهن ملڪن کي اھو پڻ ٻڌائڻ گھربو ھو ته ھيءُ (اسان جو) مطالبو پڻ ٿيندو ۽ آمريڪا انهن کان اھا توقع رکي ٿي ته اھي ھيءَ، ھوءَ يا ڪا ٻي ڳالهه ڪندا.
    ” آءٌ فقط اھو چوان ٿو ته آمريڪا ھن معاملي ۾ ڪا خاص ڪوشش نه ڪئي. پر اچو ته اھا اميد ڪريون ته ٻئي ڀيري ان جو ھن سلسلي ۾ عمل بهتر ھوندو.“(1)
    ٻنهي صدرن جي درميان ٿيل مذاڪرات جو نتيجو، جھڙيءَ طرح سان سندن گڏيل پڌرنامي ۽ ميٽنگ کان پوءِ صدر ايوب خان جي بيان مان ظاھر آھي، مختصر طور ھيٺئين نموني ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو:
    (١) آمريڪا سان پاڪستان جو اتحاد وڌيڪ مضبوط ٿي ويو ۽ صدر ايوب خان جي ذھن ۾ جيڪي شڪ شبها پيدا ٿيا ھئا، سي دور ٿي ويا.
    (٢) صدر ڪينيڊي ھن ڳالهه تي رضامند ٿي ويو ته ھو ڪشمير جي سوال تي پنڊت نهروءَ سان ڳالھيون ڪندو ۽ انهيءَ مسئلي جي پرامن ۽ منصفانه حل جي ضرورت کي، ھن جي ذھن نشين ڪندو.
    (٣) پاڪستان کي اھا خاطري ڏني ويئي ته ان جا فوجي مسئلا دشوار نه بنايا ويندا ۽ جيڪڏھن ۽ جڏھن به ھن علائقي کي ھٿيارن جي امداد ڏني ويندي، تڏھن پاڪستان سان مشورو ڪيو ويندو. کيس وڌيڪ ھيءَ خاطري پڻ ڏني ويئي ته انهيءَ علائقي ۾ ان وقت تائين فوجي امداد نه ڏني ويندي، جيسين ان لاءِ ڪافي جواز موجود نه ھوندو.
    (٤) آمريڪا ھندستان کي ڪي به ھٿيار فروخت نه ڪري رھي آھي.
    (٥) اقتصادي امداد لاءِ پاڪستان جون سڀ ضرورتون پوريون ڪيون وينديون.
    (٦) سم ۽ ڪلر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان کي مالي ۽ فني امداد مھيا ڪندي.
    صدر ايوب خان سڌريل تعلقات تي اطمينان جو اظھار ڪيو، پر جيئن بعد وارن واقعن مان ظاھر ٿيو، صدر ڪينيڊيءَ پاڪستان لاءِ گنجائش خاص طور ھن ڪري رکي ھئي، جو ١٩٥٩ع وارو چين ۽ ھندستان وارو ٽڪراءُ اڃا اڳتي ته وڌيو ھو. ھن ڳالهه جون قياس آرايون ٿي رھيون ھيون ته انهن ٻنهي جا اختلاف وڌي ويندا يا حل ٿي ويندا. سن ١٩٦١ ع ۾، صدر ايوب خان جي آمريڪا واري دوري جي دوران ھن ڳالهه جو پوريءَ طرح اندازو نه لڳايو ويو ھو ته ھندستان ۽ چين جا اختلاف ڪيتري قدر گھرا ٿي چڪا آھن. ھڪ وڏي ٽڪراءَ ۽ باھمي صلح صفائيءَ، ٻنهي ڳالھين جو امڪان ھو. انهيءَ موقعي تي ھيءَ ڳالهه مصلحت کان بعيد ھئي ته ھندستان جي مواقفت، ۽ پاڪستان جي مفاد خلاف ھڪٻئي جي پٺيان اھڙا قدم کنيا وڃن، جو پاڪستان ناراض ٿي ماڳھين مخالف بڻجي وڃي. ننڍي کنڊ ۾ مستقبل جي غيريقيني ڪيفيت ھن امر جي تقاضا ڪري رھي ھئي ته گھٽ ۾ گھٽ عارضي طور، ٿوري عرصي لاءِ ئي سھين، موجوده حالات کي برقرار رکيو وڃي. وقت خودئي ظاھر ڪندو ته ھندستان ۽ چين جي درميان اختلافات ڪيتري قدر گھرا آھن. انهيءَ وچ ۾ ڪولمبو پلان جون طاقتون، ھڪ اھڙي تنازعي جو ٻنهي ڌرين کي قبول پوڻ جھڙو حل تلاش ڪري رھيون ھيون، جيڪو ڪنهنڌارئي حملي جو نه، بلڪ ھڪ تعزيري مھم جو نتيجو ھو.
    وقت گذاريءَ جي اھا مدت مختصر ٿيڻي ھئي. ساڳئي سال جي نومبر مھيني جي دوران، جڏھن نهرو واشنگٽن جي دوري تي ويل ھو، صدر ڪينيڊيءَ ھن کي ابراھام لنڪن ۽ روزويلٽ سان تشبيھه ڏني. گڏيل پڌرنامي ۾ ڪشمير جو ڪو ذڪر نه ڪيو ويو، حالانڪ ان ۾ برلن، ائٽمي تجربن تي بندش، ھٿيارن کي عام ۽ مڪمل طور گھٽائڻ ۽ ڪانگو وغيره جھڙن مختلف بينالاقوامي مسئلن تي بحث ڪيل ھو. ھيءَ ڳالهه، ته اھو دورو گوا تي ھندستان جي حملي کان ٿوروئي عرصو اڳي ٿيو، وڏيءَ اھميت جي حامل آھي. ائينمعلوم ٿي رھيو آھي ته صدر ڪينيڊيءَ سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ، پنڊتنهروءَ ھن ڳالهه جو اندازو لڳائي ڇڏيو ھو ته جيتوڻيڪ پورچوگال ”نيٽو“عھدنامي جو ھڪ ميمبر ملڪ آھي، ان جي باوجود آمريڪا ھندستان جي راھ ۾ رڪاوٽ نه وجھندي. ھندستان جي گوا تي قبضي ڪرڻ تي جڏھن آمريڪا ۾ ڪسينجر کي جنوري ١٩٦٩ع ۾ خاص طور ھن لاءِ ھندستان موڪليو ويو ته ھندستانين کي نئين سر خاطري ڏي ته آمريڪا ھندستان جي خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو نه ٿي رکي. ٦-جنوريءَ تي ڊاڪٽر ڪسينجر ھندستان ۾ اعلان ڪيو ته ” اسين گوا جي ڪري ھندستان سان سلامتي ڪائونسل ۾ ڪشمير جو مسئلو پيش ٿيڻ وقت پنهنجوساڙ نه پاڙينداسين.“ چيو وڃي ٿو ته چين ۽ پاڪستان جي تعلقات جو ذڪرڪندي ڊاڪٽر ڪسينجر چيو ته ”جيڪڏھن پاڪستان اھڙوئي بيوقوف آھي، جو چين سان اتحاد جو ٺاھه ڪري ٿو ته پوءِ ھڪ طاقتور ۽ خودمختار ھندستان کان سواءِ ايشيا ڪيتريءَ دير تائين زنده رھي سگھندي ؟“ ھن هندستانين سان اھو به واعدو ڪيو ته آمريڪا چين جي طرف حملي ٿيڻ جي صورت ۾ ھندستان کي مدد ڏيندي ڇاڪاڻ ته اھا چين کي ھن ڳالهه جي اجازت نه ٿي ڏيئي سگھي ته ھو ھندستان کي تباھه ڪري. جيسين پورچوگال جي نيٽو ۾ شامل ھئڻ جو سوال ھو، ته چيو وڃي ٿو ته ڊاڪٽر ڪسينجر چيو ته ھن پورچوگال کي انهيءَ معاھدي ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي ڪڏھن به دانشمندانه قدم نه سمجھيو ھو. ھن جي بيان مطابق، پورچوگال نيٽو جو ميمبر ھن ڪري بنيو ھو، جو ان وقت آمريڪا کي ” پيڪٽائيٽس“ (معاھدن ) جي بيماري لڳي ويئي ھئي. ھن ١٥- جنوريءَ تي ڪلڪتي ۾ تقرير ڪندي پاڪستان ۽ چين جي باھمي تعلقات جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته کيس يقين نه ٿواچي سگھي ته پاڪستان چين سان بچاءَ جو ڪو ٺاھه ڪري سگھي ٿو. بيان ڪيو وڃي ٿو ته ھن وڌيڪ چيو ته ” منهنجي لاءِ ھيءَ ڳالهه ناقابل يقين آھي ته پاڪستان، ھندستان جي خلاف ڪنهن به قسم جي اڳرائيءَ جوحوصلو رکي ٿو.“ ھن وڌيڪ چيو ته ”جيتوڻيڪ پاڪستان ڪميونسٽ چين کي تسليم ڪيو آھي، تڏھن به پاڪستان جي آمريڪا سان فوجي ٺاھه ھئڻ ڪري، ڪميونسٽ چين سان پڻ ساڳئي وقت تي اھڙي ئي ٺاھه ڪرڻ ۾ تضاد ٿيندو.“ ھن وضاحت ڪندي چيو ته ”چين ۽ پاڪستان اتحاد کي ناروا سمجھڻ جو ھڪ سبب اھو به آھي ته پاڪستان جو آمريڪا سان اتحاد ھو، ۽ ھيءَ ڳالهه ھندستان ۽ پاڪستان ٻنهي جي مفاد جي منافي آھي ته اھي ڪنهن جھڳڙي کي نبيرڻ لاءِ ڪميونزم کي ننڍي کنڊ ۾ آڻين.“ انهيءَ ئي تقرير ۾اڳتي ھلي ھن چيو ته پاڪستان جي چين سان اتحاد جو اصل ڪوئي به امڪان ان جي ”سودي بازيءَ“ جي قوت کي وڌائڻ خاطر به ڪونهي.“ آمريڪا جي امداد جي مقصدن جي تشريح ڪندي ڊاڪٽر ڪسيجنر چيو ته آمريڪا جا ٻه مقصد آھن: ڪميونزم جي روڪٿام، ۽ ھڪ آزاد ۽ خوشحال معاشري جي تعمير. انهيءَ معاملي ۾ ھن اعلان ڪيو ته جيڪڏھن ھندستان پنهنجي علائقي مان چين کي ڀڄائڻ لاءِ طاقت استعمال ڪئي ته آمريڪا ھندستان جي انهيءَ سلسلي جي ڪارروائيءَ سان ”انتهائي ھمدرديءَ“ جو اظھار ڪندي.صدر ڪينيڊيءَ جي خاص سفير جي انهن اھم اعلانن کان علاوه سيڪريٽري آف اسٽيٽ، ڊين رسڪ ٧- جنوريءَ تي بيان ڏنو ته گوا ۾ ھندستان جي ڪارروائي ڪري آمريڪا جي ھندستان لاءِ امداد جي ارادي تي ڪو به اثرنه ٿو پوي.
    ھندستان جي ھٿان گوا جي فتح لاءِ انهيءَ سازباز نه، ته ھمت افزائيءَ ھندستاني ليڊرن جو حوصلو اڃا به وڌائي ڇڏيو ۽ ڪانگريس جي صدر مسٽر سنجيوا ريڊيءَ ٤- جنوريءَ تي اعلان ڪيو ته ”ھندستان پڪو ارادو ڪيو آھي ته ھو جلد ئي پاڪستاني ۽ چيني اڳرائي کان پنهنجا علائقا خالي ڪرائيندو.“ ھن اھو به چيو ته: ”ڪشمير ۾ جنگبنديءَ کي ڪشمير جي مسئلي جي مستقل حل طور تسليم ڪري نه ٿو سگھجي. سڄو ملڪ ڪشمير جي ٽئين حصي کي، جيڪو پاڪستان جي غير قانوني قبضي ۾ آھي، آزاد ڪرائڻ لاءِ حڪومت جي پٺيان آھي. “
    آڪٽوبر سن ١٩٦٢ع جي چين ۽ ھندستان جي سرحدي ٽڪراءَ، ھندستان لاءِ آمريڪا جي مڪمل حمايت متعلق سڀ شڪ شبها ختم ڪري ڇڏيا. ھاڻي اھوفيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان سان بگاڙ جو خطرو کڻي به ھندستان جي مدد ڪرڻ گھرجي. ھي اھڙو موقعو ھو، جنهن لاءِ آمريڪا ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان وٺي منتظر ھئي. سندس اھو آرزو مندانه خواب ھاڻي حقيقت جو روپ اختيار ڪري رھيو ھو.
    لداخ ۽ نيفا ۾ ھندستاني فوج جي ڀاڄ آمريڪا ۾ فوري رد عمل پيدا ڪيو. پاڪستان سان صلاح مشوري جي تڪليف گوارا ڪرڻ کان سواءِ ئي، آمريڪا پنهنجن مغربي اتحادين کي ھندستان جي فوجي امداد ڪرڻ لاءِ حرڪت ۾ آندو. انهيءَ وچ ۾ چين جنگبنديءَ جو ھڪ طرفو اعلان ڪري پنهنجون فوجون پٺتي ھٽايون. پر پنڊت نهروءَ مغرب ۽ خاص طور تي آمريڪا طرفان سندس امداد لاءِ فوري ۽ پرجوش صداءِ لبيڪ کان حوصلو ڪري ڊسمبرسن ١٩٦٢ع ۾ اعلان ڪيو ته ھندستان پنهنجي تياري جاري رکندو، خواه ھندستان پنهنجي فوجي تياري جاري رکندو، خواه ھندستاني-چيني جڳھڙا نبري به وڃن. ھن زور ڏيئي ھيءَ ڳالهه چئي ته ھندستان پنهنجن دشمنن کي پنهنجين سرحدن کان ماري ڀڄائڻ جي ھرممڪن ڪوشش ڪندو. ١٠-ڊسمبر تي ائويريل ھئريمن چيو ته چيني- ھندستاني ڇڪتاڻ ڪافي عرصي تائين ھلندي رھندي. انڪري آمريڪا کي ھندستان جي فوجي امداد جاري رکڻ گھرجي. ھن سوويت يونين سان ھندستان جي تعلقات تي پسنديدگيءَ جو اظھار ڪندي چيو ته سوويت يونين اھو واضح ڪري ڇڏيو آھي ته جيڪڏھن ھندستان آمريڪا يا برطانيه کان فوجي يا ٻئي قسم جي امداد حاصل ڪري ٿو ته کيس انهيءَ تي ڪو به اعتراض ڪونهي.
    انهيءَ مھيني ۾ نهروءَ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان تاريخي ناتن جو ذڪر ڪندي اعلان ڪيو ته ”اسان جي آخري منزل ڪنفيڊريشن آھي، جيتوڻيڪ اسان جڏھن به اھا ڳالهه ڪريون ٿا ته پاڪستان جا ماڻھو وحشت ۾ اچي وڃن ٿا ۽ سمجھن ٿا ته اسين کين ڳڙڪائي وينداسون.“ ان سان گڏو گڏ، ھن هيءَ ڳالهه به زور ڏيئي چئي ته ” جيستائين اسان جي چين سان جنگ جاري آھي، تيستائين پاڪستان سان تفصيلي ۽ مڪمل ٺاھ جون ڳالھيون ممڪن ناھن.“ ٢٨- ڊسمبر تي پاڪستان ۽ چين سرحدي ٺاھه تي صحيحون ڪرڻ لاءِ رضامند ٿيا. ھندستان ۾ آمريڪي سفير، مسٽر گالبريٿ انهيءَ خبر تي ھيئن چوندي تبصرو ڪيو ته ” پاڪستان کي اھو سمجھڻ گھرجي ته آمريڪي امداد جو مقصد، ڪميونسٽ اڳرائيءَ جي خطري جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش آھي.“
    حالات جي انهيءَ رخ دوران، صدر ڪينيڊي ۽ برطانوي وزيراعظم مئڪملن جي درميان ناسائو ۾ ھڪ ملاقات ٿي ۽ ھو ٻيئي ھندستان کي ھٿيارن جي اھڙي کيپ فراھم ڪرڻ جي رٿا تي متفق ٿيا، جنهن جي قيمت ٻارھن ڪروڙ ڊالر ھئي ۽ جنهن جو اڌ حصو دولت مشترڪ کي ڏيڻو ھو. آمريڪي فوجي امداد کي سياسي سھاري سان مضبوط ڪرڻ لاءِ مسٽر گالبريٿ ھندستان جي پرڏيھي معاملن جي سيڪريٽريءَ کي ٢٧- ڊسمبر تي اطلاع ڏنو ته ”چين جي خلاف لڙڻ لاءِ ڏنل فوجي امداد، ڪشمير جي ٺاھه جي شرط سان ڳنڍيل ناھي. آمريڪا، ھندستان کي اھڙي، وقت، جڏھن ته ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ڪشمير جي مسئلي تي ڳالھيون ھلي اڃا پوريون نه ٿيون ھيون. انهيءَ قسم جي خاطري ڏياري پاڪستان ۽ ھندستان جي درميان ڪنهن به ٺاھه جي امڪانن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ ا ھڙيءَ طرح ھن خود پنهنجي عمل سان، پاڪستان ۽ چين جي درميان قريبي تعلقات کي اڳتي وڌائي ڇڏيو. ڪشمير جي معاملي ۾، ھندستان جو رويو کيس ھڪٻئي جي پٺيان ملندڙانهن تسلين جي ڪري جيئن پوءِ تيئن منفي رنگ اختيار ڪندو ويو، جيڪي آمريڪي حڪومت ھندستان کي ڏيندي رھي ته ڪشمير ۽ ڄمونءَ جي تڪرارجي فيصلي جو ھندستان لاءِ آمريڪي اقتصادي ۽ فوجي امداد سان ڪو به واسطو ڪونهي. انهن خاطرين ھن حقيقت سان گڏجي ته چين ۽ ھندستان جو سڌو سنئون ٽڪراءَ ختم ٿي چڪو ھو، ھندستان کي ھيڪاري وڌيڪ انتها پسند بڻائي ڇڏيو ۽ ڪشمير جي متعلق ڳالھين جو خاتمو ٿي ويو. مسٽر گالبريٿ جي يقين دھانين جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ، ڊين رسڪ وڌيڪ پٺڀرائي ڪئي ۽ مسٽر گالبريٿ انهن کي ھڪ دفعو وري دھرايو. مسٽر رسڪ، مارچ ١٩٦٣ع ۾ بيان ڏنو ته ” جيتوڻيڪ آمريڪا جي حڪومت کي ھن باري ۾يقين آھي ته ”سڄي ننڍي کنڊ جي سلامتيءَ لاءِ تمام ضروري آھي ته ھندستان ۽ پاڪستان پنهنجا جڳھڙا پنهنجي وچ ۾ پاڻ طئي ڪن... پر آءٌ پنهنجي امداد جي مقصد کي لفظ مشروط سان ڪنهن به طرح منسوب ڪرڻ نه ٿو چاھيان.“ مسٽر گالبريٿ اپريل ١٩٦٣ع ۾ وري بيان ڏنو ته ”ھندستان کي ڏنل آمريڪي امداد ڪشمير جي تڪرار جي فيصلي سان وابسته ناھي.“ پنڊت نهروءَ به ٧-اپريل تي لوڪ سڀا ۾ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي ته مسٽرڊنڪن ۽ مسٽر رسڪ، ٻنهي کيس يقين ڏياريو ھو ته برطانيه ۽ آمريڪا ھندستان جي فوجي امداد جي سوال کي ڪشمير جي تڪرار جي فيصلي سان نه ٿا ڳنڍين.
    انهيءَ قسم جي رويي کان، نه فقط ڪشمير جي مسئلي جو نبيرو جوکم ۾پئجي ويو، پر پاڪستان جي علاقائي سالميت لاءِ پڻ خطرو پيدا ٿي پيو. آمريڪا ھميشه انهن خطرن کان بي پرواھه رھي، جن جي طرف پاڪستان سندس ڌيان ڇڪائيندو رھيو ھو ۽ ھوءَ اھوئي خيال ڪندي رھي ته پاڪستان پنهنجي سالميت لاءِ کيس ھندستان طرفان درپيش خطري کي وڌائي پيش ڪري رھيوآھي.
    آمريڪا، پاڪستان جي قيمت تي ھندستان ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ تي بس نه ڪئي، پر ان پاڪستان طرفان پنهنجي سلامتي ۽ علاقائي سالميت لاءِ ڪيل جوابي ڪوششن تي ناراضگيءَ جو اظھار پڻ ڪيو. پاڪستان، چين سان تعلقات کي بهتر بنائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي، تنهن کي آمريڪا ۾ غلط رنگ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ان جي خلاف تنقيد ڪئي ويئي. ھن حالت ۾ بنان ڪنهن ھٻڪ جي، ٻن نمونن جا معيار استعمال ٿيڻ لڳا. بدليل بين الاقوامي حالتن ۾ آمريڪا کي وابستگي ۽ عدم وابستگي (الائين مينٽ ائنڊ نان الائينمينٽ) جي معاملن ۾ پنهنجو اڳوڻو موقف بدلائڻو پيو، پر پاڪستان جي طرفان ان جي مطابق ڪنهن به تبديليءَ کي گوارا نه ڪيو ويو. ٢٥- جولاءِ سن ١٩٦٣ع تي ”واشنگٽن ايوننگ اسٽار“ چيو ته:
    ”پاڪستان جي خطرن کي ھتي بنان ڪنهن احترام ۽ عزت جي، سمجھيو وڃي ٿو، ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ پريشان حال علائقي جي سلامتيءَ لاءِ آمريڪا جي رٿائن تي اثر انداز ٿيڻ جي اجازت ڏئي نه ٿي سگھجي. جيڪڏھن پاڪستان چين سان تعاون ڪرڻ خاطر آمريڪا سان پنهنجن ناتن ۽ واسطن ۾ ڪا گھٽتائي ڪئي ته ان کي تمام جلد پنهنجي انهيءَ فيصلي تي پڇتائڻ جو موقعو ملي ويندو.“(1)
    ھندستان ۾ مقرر ٿيل نئين آمريڪي سفير مسٽر چيسٽر بائولس ھندستان جي حمايت ڪرڻ جو ھڪ ٻيو وعدو ان وقت ڪيو، جڏھن مئي ١٩٦٣ع ۾ ھن اھو بيان ڏنو ته آمريڪا ھندستان کي چين جي خلاف پنهنجي فوجي طاقت وڌائڻ لاءِ مدد ڏيڻ جي ڏاڍي خواھشمند آھي. ھاڻي فقط انهيءَ ڳالهه جو تعين ڪرڻو آھي ته ھندستان ڪيتري فوجي امداد جذب ڪري سگھندو. “ ھندستان جي صدر جي آمريڪا واري دوري جي اختتام تي، صدر ڪينيڊيءَ ۽ ھندستان جي صدر طرفان جيڪو گڏيل پڌرنامون جاري ڪيو ويو، تنهن ۾ چيو ويو ھو ته ”ٻنهي جا ملڪ ھن باھمي دفاعي فڪر منديءَ ۾ برابر جا شريڪ آھن ته ننڍي کنڊ جي خلاف چين جي اڳرائيءَ وارن ارادن کي ناڪام بنايو وڃي. ٻيئي صدر نه فقط ايشيا، بلڪ سڄي دنيا جي امن ۽ سڪون لاءِ ھندستان جي آزادي ۽ خودمختياري ۽ ان جي علاقائي سالميت جي سلامتيءَ جي شديد اھميت کي تسليم ڪن ٿا.“ ٣٠-جولاءِ تي صدر ڪينيڊيءَ ۽ وزيراعظم مئڪملن، برچگروو ۾ فيصلو ڪيو ته ھندستان جي ھوائي فوج کي آواز کان وڌيڪ تيزرفتار لڙاڪو بمبارن سان مانوس ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ دولت مشترڪه طرفان ھوائي ڇٽي مھيا ڪئي وڃي ۽ ان جي قوت مدافعت کي ڪميونسٽ چين جي نئين حملي جي خطري جي خلاف وڌائڻ لاءِ وڌيڪ فوجي امداد ڏيڻ جون تدبيرون اختيار ڪيون وڃن. ان کان ٿوروئي پوءِ خبر ملي ته آمريڪا ھندستان کي، بمبئي جي ويجھو تاراپور وٽ ائٽمي طاقت جي ھڪ اھڙي اسٽيشن جي تعمير لاءِ اٺن ڪروڙ ڊالرن جي پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جي آڇ ڪئي آھي، جنهن جو شمار دنيا جي سڀني کان وڏين ائٽمي اسٽيشنن مان ھڪ اسٽيشن طور ٿيڻ گھرجي.
    انهن گھڻين ڪاررواين کان، جيڪي پاڪستان جي سلامتيءَ تي اثرانداز ٿي رھيون ھيون، آمريڪا بي نيازي ۽ بي پرواھي ڏيکاريندي، چين ۽ پاڪستان جي درميان وڌندڙ تعلقات تي پنهنجي عدم اطمينانيءَ جو اظھار ڪرڻ جاري رکيو. پاڪستان ۽ چين جي درميان جولاءِ سن ١٩٦٣ ع ۾ طئي ٿيل ھوائي ٺاھه تي تبصرو ڪندي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ھڪ پريس آفيسر بيان ڏنو ته ”انهيءَ ھوائي رابطي جو، ننڍي کنڊ جي سلامتي ۽ استحڪام کي مضبوط بنائڻ جي ڪوششن تي، جن کي ڪميونسٽ چين روڪڻ چاھي ٿو، غلط اثر پئجي سگھي ٿو.“ ھن کان پوءِ جنرل ليوشس ڪلي طرفان سينيٽ جي پرڏيھي تعلقات واري ڪاميٽيءَ آڏو شاھدي ڏيندي ھيئن چيو ويو، ته کيس اھو يقين نه ٿو اچي ته آمريڪا، پاڪستان کي سندس پاڙيسريءَ سان اسان جي روش ۽ سلوڪ جي طريقه ڪار کي متعين ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگھي ٿي.“ آمريڪا، اھو فيصلو ڪري ته ننڍي کنڊ جي ملڪن جي درميان نفاق قطعي ھو، پاڪستان جي خطرن کي نظر انداز ڪري ھندستان کي ڊگھي عرصي لاءِ فوجي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. انهيءَ صورتحال پاڪستان لاءِ ھيٺيان متبادل رستا کليل ڇڏيا:
    ١- ھو پنهنجي علائقي مان آمريڪي اڏن کي ختم ڪري ۽ ساڳئي وقت تي ٻه-طرفن فوجي معاھدن، ميٽو ۽ سيٽو کان علحدگي اختيار ڪري. ساڳئي وقت تي ھو سوويت يونين سان ھٿيارن جي فراھميءَ لاءِ ڊگھي عرصي جي ٺاھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ چين جي عوامي جمھوريه سان سلامتيءَ جو ٺاھه به ڪري پئي سگھيو.
    ٢- ھو انهن تدبيرن کي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري پئي سگھيو، پر انهن کي عملي جامو آمريڪا جي مخالف ڪارروائيءَ جي جواب ۾ آھستي آھستي ئي پھرائي ٿي سگھيو.
    ٣- سياسي وابستگيءَ ۾ ظاھر ڪو ڦيرو آڻڻ کان سواءِ، خفيه طور چين سان ٺاھه ڪري ٿي سگھيو.
    ٤- ھو پنهنجين موجوده وابستگين کي برقرار رکندي، چين ۽ روس سان سياسي تعلقات کي وڌائڻ کان پرھيز ڪري پئي سگھيو.
    ٥- ڪنهن به مقرره پاليسيءَ تي گامزن رھڻ کان سواءِ ھو ھڪ موقعه پرست جو ڪردار ادا ڪري سگھي ھا، ۽ جيڏانهن به ھوا جو رخ ڦرندو ڏسي ھا، تيڏانهن پنهنجي سياسي ٻيڙيءَ جو سڙھ ڦيرائيندو رھي ھا.
    ھتي آءٌ حڪومت پاڪستان لاءِ کليل انهن رستن جي خوبين ۽ خامين متعلق ڪجهه به چوڻ نه ٿو چاھيان.
    ----------
    ________________________________________
    (1) ”ڪيسنگس ڪانٽيمپورري آرڪائيوز “ جلد-٩، ٥٤-١٩٥٢، ص-١٣٧٤٤.
    (1) ايضاً جلد-١٠، ٥٦-١٥٥ع، ص-١٤٨١٤.
    (1) ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس اِن ورلڊ افيئرس “ ١٩٦٠، ص-٢٨٢.
    (1) ”يونائيٽيڊ اسٽسٽس اِن ورلڊ افيئرس“، ١٩٦٠، ص-٢٨٣، ٢٨٤ ۽ ٢٩٧.
    (1) جان. ايف. ڪينيڊي، ” دي اسٽرئٽيجي آف پيس “ ١٩٦٠، ص-٨- ١٥٧.
    (1) جان. ايف. ڪينيڊي، ” دي اسٽرئٽيجي آف پيس “ ١٩٦٠، ص-٢١٩.
    (1) جان. ايف. ڪينيڊي، ” اسٽرئٽيجي آف پيس“، ص- ١٥٤.
    (1) جان. ايف. ڪينيڊي، ” دي اسٽر ئٽيجي آف پيس، “ ١٩٦٠، ص-١٤٢-١٤٣.
    (1) جان. ايف ” ڪينيڊي ” دي اسٽرئٽيجي آف پيس “ ص- ١٢٢.
    (1) جان. ايف. ڪينيڊي، “دي اسٽرئٽيجي آف پيس“، ص- 8 ۽ 9.
    (1) ڊان ڪراچي –ايڊيٽوريل ٢٤- فيبروري ١٩٦١ع.
    (1) فيلڊ مارشل محمد ايوب خان – ” اسپيچز ائنڊ اسٽيٽ مينٽس“ ج-چوٿون، جولاءِ ١٩٦١، ص- ٦.
    (1) ڊان ڪراچي، ادايو ٨-جون ١٩٦٣.


    باب پنجون: آمريڪا جي ھندستان لاءِ امداد ۽ پاڪستان کان بي نيازي

    ھندستان جي پرڏيھي پاليسيءَ ۾ آيل ڦيرو، ايشيا جي ٻين غير جانبدار ملڪن جي نگاھن کان پوشيده نه رھي سگھيو. انڊونيشيا، جيڪو ايشيا ۽ آفريڪا جي قومن جي صف ۾ ھڪ اھم غيرجانبدار ملڪ ھو، تنهن جي وزير خارجه ڊاڪٽر سوباندريو 26-جونسنه 1963 ع تي چيو ھو ته سندس ملڪ جي خارجه پاليسيءَ ۾ ”ھندستان جي خود غرضانه ۽ سنگدلانه طرز عمل “ جي ڪري ھڪ وڏي تبديلي آئي آھي. سلون جي پارليامينٽ جي ھڪ ميمبر مسٽر سينانائڪي ھندستان جي امڪاني حملي جي خطري کان پنهنجي ملڪ کي خبردار ڪيو، ۽ چيو ته ”ھندستان، گانڌي مت جي باوجود جنگي جھازن ۽ آبدوزن سميت آمريڪي ھٿيارن گڏ ڪرڻ ذريعي، ھڪ سامراجي طاقت بنجڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري رھيو آھي.“ ھن وڌيڪ چيو ته ھندستان جو نشانو چين نه، بلڪ سلون آھي. انهيءَ قسم جا بيان ٻين به گھڻن ئي آفرو ايشيائي ملڪن جي سرڪرده سياسي مدبرن طرفان ڏنا ويا، جن ۾ ھندستان جي وڌندڙ فوجي آڌار تي خطري جو اظھار ڪيو ويو. انهيءَ انديشن جي باوجود، پنڊت نهروءَ مغربي طاقتن طرفان گڏيل ھوائي مشقن ۽ فوجي سازو سامان جي آڇ قبول ڪرڻ جو جواز پيش ڪندي 27- جولاءِ سنه1963ع تي ھن ڳالهه تي زور ڏنو ته سندس ملڪ جي غيرجانبداري واري پاليسي ۾ ڪو به فرق ڪو نه آيو آھي. بهرحال، بعد ۾ ھن ساڳئي سال جي دوران، مغربي طاقتن طرفان” ھوائي ڇٽيءَ “ جي آڇ کي ھن بنياد تي ٺڪرائي ڇڏيو ته ھندستان جي سر زمين تي ٻاھرين طاقتن جا اڏا، اسان جي غير جانبداريءَ واري پاليسيءَ تي اثر انداز ٿيندا. انهيءَ وچ ۾، اھو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو ته ھندستان طرفان ڏھن ڪروڙ ڊالرن جي ھنگامي فوجي امداد جي درخواست تي پڻ غور ٿي رھيو آھي، جيڪا ناسائو ۾ وعدھ ڪيل امداد کان علاوھ ھئي. ان کان سواءِ، آگسٽ سن 1963ع ۾ ھندستان کي امداد مھيا ڪندڙ ڪنسوريشم طرفان ان جي ٽئين پنج ساله منصوبي جي ھلندڙ سال جي اقتصادي امداد جي رقم، ساڍن ايڪانوي ڪروڙ ڊالرن کان وڌائي ھڪ ارب ڊالر ڪئي ويئي. امدادي رقم ۾ گھڻي کان گھڻو حصو ڏيندڙ آمريڪا ھئي، جنهن اڪيلي سر ڇھن ڪروڙ ڊالرن جو اضافي حصو ادا ڪيو. ان جي ابتڙ، پاڪستان لاءِ امداد ۾ نه فقط اھو، جو اضافو نه ڪيو ويو، پر ان جو ڪجهه حصو، جنهن لاءِ آمريڪا جي انٽرنئشنل ايجنسيز طرفان اڳيئي وعدو ڪيو ويو ھو، سو پڻ ڪاٽيو پئي ويو. وعدي ڏنل امداد ۾ جيڪا نمايان ڪتر ڪئي ويئي، سا تربيلا بند جي اٿاھھ رٿا واريءَ امداد مان ھئي. فولاد جي ڪارخاني واريءَ رٿا ۾ دير ڪرڻ واريون چالون ۽ ڊاڪا جي ھوائي اڏي لاءِ رقم جي ادائگي ءَ۾ تعطل، انهيءَ پاليسيءَ جا ڪجهه وڌيڪ مثال آھن. اھي تبديليون، عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ امداد جي صحيح تصرف بابت ڪيل اطمينان جي اظھار ۽ ھندستان ۾ امدادي رقمن جي بيجا تصرف متعلق ڪيل ناموافق تبصري جي باوجود، عمل ۾ آنديون ويئون. آمريڪي ڪانگريس جي ھڪ ميمبر گروس، ايوان ِ نمائندگي ۾ انهيءَ ڳالهه طرف اشارو ڪندي چيو ته جيئن ته عالمي بئنڪ جي رپورٽ ھندستان لاءِ ناموافق ھئي، ان ڪري آمريڪي انتظاميه انهيءَ رپورٽ کي دٻائي ڇڏڻ ئي مناسب سمجھي ٿي.
    ڪشمير جي متعلق، ڪنهن به اڳواٽ شرط کان سواءِ، مسلسل حمايت کي يقيني محسوس ڪندي، پنڊت نهروءَ 13- آگسٽ ١٩٦٣ع تي لوڪ سڀا ۾ ھي اعلان ڪيو ته ”اھي رعايتون، جيڪي اسان پاڪستان کي پيش ڪيون ھيون (ڪشمير جي تنازعي جي فيصلي لاءِ )، سي ھاڻي باقي ڪنهن ۽ ھاڻي ائين سمجھڻ گھرجي ته اسان اھي واپس ورتيون آھن.“ واشنگٽن پوسٽ پنڊت جي انهيءَ سياسي قلابازيءَ تي تبصرو ڪندي لکيو ته ” جڏھن نهروءَ ھيءُدليل پيش ڪري ٿو ته ڪشمير جي فيصلي کان پوءِ به پاڪستان ۽ ھندستان جي ناتن جو مجموعي لاڙو بنيادي طور غالبا اھوئي رھندو، جيڪو اڳ ۾ ھو، ته ھو درحقيقت ملڪ جي ورھاڱي کان اڳ واري پنهنجي انهيءَ ذاتي ناڪاميءَ جي تلخ تجربي جي آڌار تي اھا ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو کيس ھندن ۽ مسلمانن جي درميان صلح صفائي پيدا ڪرڻ جي ٽيھه ساله ڪوششن ۾ ٿيو ھو. پاڪستان پوءِ به ورھاڱي جي ڌڌڪي کي محسوس ڪندو رھندو ۽ ھندستان پوءِ انهيءَ علائقي جي عظيم طاقت رھندو ۽ ڪشمير کي ڇڏڻ کان پوءِ، ھميشه کان وڌيڪ ھن ڳالهه جو پڪو ارادو ڪندو ته ھو پاڪستان کان ٻنهي ملڪن جي حقيقي طاقت جي باھمي تعلق کي تسليم ڪرائي.“
    جيئن ته پاڪستان جا آمريڪا سان تعلقات ھڪ بحران کان ٻئي بحران ۾ منتقل ٿيندا پئي رھيا، ان ڪري صدر ڪينيڊيءَ محسوس ڪيو ته پاڪستان ۽ ھندستان سان آمريڪي تعلقات جي پيچيدگيءَ جو مسئلو اٿارڻ ضروري آھي، ۽ ھن 12-سيپٽمبر سن 1963ع تي ھڪ اخباري بيان ۾ چيو:
    ”اھو سچ آھي ته اسان ھندستان کي سنڀالي رکڻ چاھيون ٿا. ان تي سرءُ جي ھلندڙ موسم ۾ ئي چين طرفان حملو ٿي سگھي ٿو. پوءِ اسين اھو نه ٿا چاھيون ته ھندستان، جيڪو پنجاھ ڪروڙ انسانن جو ملڪ آھي. سو بيوس ٿي پوي. جيڪڏھن اھو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو، ۽ شڪست کائي ويو ته اھا ڳالهه بنان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، طاقت جي توازن تي ھڪ انتهائي تباھڪن ضرب ثابت ٿيندي.
    ٻئي طرف، اسين جيڪي ڪجهه ھندستان کي ڏيئي رھيا آھيون، سو پاڪستان جي، جيڪو ان کان تمام ننڍو آھي، طاقت جي توازن کي بري طرح سان متاثر ڪري رھيو آھي. اھڙيءَ طرح اسان ھڪ ڏاڍي پيچيده معاملي سان دوچار آھيون، ڇاڪاڻ ته ٻِنهي جي درميان دشمنيءَ تمام گھري آھي. جارج بال جو دورو انهيءَ دشمنيءَ کي گھٽ ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش ھئي. منهنجو خيال آھي ته اسان کي ھن علائقي ۾ ھڪ ڏاڍي ناقابل اطمينان صورتحال سان منهن ڏيڻو پوندو.(1)
    ننڍي کنڊ ۾ طاقت جي توازن کي نظر انداز ڪندي ۽ پاڪستان سان مشوره ڪرڻ کان سواءِ، آمريڪا ھندستان کي 1962ع ۾، ان جي چين سان ٿيل سرحدي ٽڪراءَ کان پوءِ وڏي پيماني تي فوجي امداد مھيا ڪئي، ۽ اھا ڳالهه صدر ڪينيڊيءَ جي انهيءَ وعدي جي باوجود ڪئي ويئي، جيڪو ھن ڪجهه ئي عرصو اڳي صدر ايوب خان سان ڪيو ھو ته اھڙي صورت ۾ پاڪستان سان مشورو ڪيو ويندو. پھريائين ته آمريڪي حڪومت ھندستان کي ڏنل امداد کي ڄمون ۽ ڪشمير جي فيصلي سان مشروط ڪيو، پر جڏھن پنڊت نهروءَ ان معاملي ۾ جھڪڻ کان انڪار ڪيو، تڏھن اھو شرط واپس ورتو ويو. پاڪستان جي حڪومت طرفان ھـِنن انديشن جو اظھار بلڪل بي اثر ثابت ٿيو ته ھندستان جي جنگي طاقت ۾ اضافي اچڻ سان پاڪستان جي سالميت لاءِ خطرو وڌي ويندو، ۽ ان سان ھندستان ۽ چين جي درميان وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. صدر ڪينيڊيءَ جي صدارت واري دؤر ۾ ھندستان جي دفاعي قوت کي وڌائڻ لاءِ ھيٺيان قدم کنيا ويا:
    (1) چيني – ھندستاني سرحد تي جنگبنديءَ جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ، 18 کان21 ڊسمبر سن 1961ع تي ناسائو ۾ آمريڪا ۽ برطانيه، ھندستان لاءِ ھنگامي بنيادن تي ٻارھن ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ پروگرام ۾، قسم قسم جي فوجي سازو سامان جي فراھمي شامل ھئي، پر ان جي مرڪزي خصوصيت، فوج جي ڇھن ڊويزنن جي پھاڙي جنگ لاءِ ھٿياربندي ھئي.
    (2) ناسائو واري فيصلي جي نتيجي ۾ ھڪ آمريڪي برطانوي ۾ ڪئنيڊين ھوائي مشن ھن ڳالهه جي جائزي وٺڻ لاءِ ھندستان جو دورو ڪيو ته جيڪڏھن چين ٻيھر حملو ڪري ته ان صورت ۾ ھندستان جي ھوائي فوج جون ضرورتون ڪھڙيون ھونديون.
    (3) ھڪ ٻي آمريڪي مشن، ھندستان جي ھٿيارن ٺاھڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو تخمينو لڳائڻ لاءِ ھندستان ويئي.
    (4) 30-جون سن 1963، ع تي بَرچ گر و و نالي ھڪ ھنڌ تي آمريڪا ۽ برطانيه فيصلو ڪيو ته ناسائو ۾ طئي ڪيل امداد کان علاوه، ھندستان کي وڌيڪ مضبوط بنيادن تي فوجي امداد ڏيڻ جو پروگرام بنايو وڃي. انهيءَ ڳالهه ھندستان کي ھن لائق بنائي ڇڏيو ته ھو جلد از جلد پنهنجي مستقل فوج کي يارھن ڊويزنن کان باويھن ڊويزنن تائين وڌائي ۽ پنهنجين ھوائي ۽ سامونڊي فوجن ۾ گھڻي اضافي ڪرڻ جا ارادا ڪري.
    نومبر 1963 ع ۾ صدر ڪينيڊيءَ جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سندس جانشين صدر جانسن پڻ ساڳئي نقش قدم تي گامزن رھيو. انهيءَ سان ” ٽائيم“ رسالي جي 27–ڊسمبر واري پرچي خبر ڏني ته نهرو ھاڻي مغربي طاقتن جي ھوائي دفاعي ڇٽي ۽ آمريڪي ستين ٻيڙي جي ھندي وڏي سمنڊ ۾ موجودگي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آھي، پر ھن پنهنجي منظوري ڏيڻ جي عوض ان کان ڏيڍ ارب ڊالرن جي وڌيڪ فوجي امداد طلب ڪئي آھي. مارچ سن 1964 ع ۾ آمريڪا جي بچاءَ کاتي جي سيڪريٽري مسٽر رابرٽ مئڪنمارا ھندستان کي فوجي امداد ڏيڻ جو پروگرام جاري رکڻ لاءِ آمريڪا جي مخلصانه ارادي جو ٻيھر اعلان ڪيو. ھن بيان ڏنو ته آمريڪا ھندستاني فوج جي ڪجهه پھاڙي ڊويزنن کي جديد ھٿيارن سان مسلح ڪرڻ جي ڪارروائي جاري رکڻ ۽ کيس اڃا به ڪجهه وڌيڪ امداد ڏيڻ جو منصوبو بنائي رکيو آھي. ھن تسليم ڪيو ته ھندستان کي ملندڙ امداد پاڪستان کي وڏي انديشي ۾ وجھي ڇڏيو آھي، پر ھن جو خيال ھو ته پاڪستان سميت سڄيءَ دنيا لاءِ ھيءَ ڳالهه اھم آھي ته ھندستان ھن ڳالهه جي لائق بنجي ته ھو ڪميونسٽ چين جي اڳرائيءَ خلاف پنهنجو بچاءُ ڪري سگھي. بچاءَ کاتي جي سيڪريٽريءَ ايران، پاڪستان ۽ ھندستان لاءِ امداد جاري رکڻ جي زوردار وڪالت ڪئي ۽ انهن ملڪن کي وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾، ڪميونسٽ مداخلت جي مقابلي ۾ آزاد دنيا جي بچاءَ جو پھريون مورچو قرار ڏنو. اھڙيءَ طرح ھيءَ ڳالهه صاف ڪئي ويئي ته آمريڪا ھاڻي ھندستان کي عملي طور ڪميونزم جي خلاف اتحاد جي ھڪ اڻ لکيل معاھدي جو ميمبر تصور ڪري ٿي ۽ ان کي گھٽ ۾ گھٽ سيٽو ۽ سينٽو جي ميمبرن جي برابر حقن ۽ رعايتن جو مستحق سمجھي ٿي. پر ھندستان جي حالت ۾ سڀني کان وڌيڪ اھم فرق اھو ڪيو ويو، ته ان کي ھڪ غير جانبدار ملڪ ھئڻ جو ڏيکاءُ برقرار رکڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ ان کي انهن پريشان ڪندڙ ۽ خطري سان ڀريل ذميوارين کان آجو رکيو ويو، جيڪي معاھدن ۾ منسلڪ ٻين قومن کي ٻه ِ- طرفن بنيادن تي پابند رکنديون آھن.
    پھرين مارچ سن 1964ع تي آمريڪا جي آنڊر سيڪريٽري جارج بال پاڪستان کي خبردار ڪيو ته ” اسان کي ڪافي وڏي اميد آھي ته صدر ايوب خان سرخ چين سان پنهنجن تعلقات کي انهيءَ حد تائين اڳتي نه وڌائيندو، جو اسان جي ٻنهي قومن جي درميان جيڪي تعلقات ۽ معاھدا آھن، سي مجروح ٿين.“ ھن وڌيڪ چيو ته ”اھي (چين ۽ پاڪستان جا تعلقات ) جنهن رويي جي عڪاسي ڪري رھيا آھن، تنهن جي متعلق اسان ڏاڍا فڪرمند آھيون. اسين انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍي احتياط سان مشاھدو ڪري رھيا آھيون “، ۽ ھن اڳتي ھلي وڌيڪ چيو:
    ”پاڪستان تي ھيءَ ڳالهه بلڪل واضح آھي ته ان جو دشمن سوويت يونين آھي ۽ ھو دراصل ھڪ اھڙي معاھدي جو رڪن آھي، جنهن جو رخ ڪميونسٽ اڳرائيءَ جي خلاف آھي، ۽ مون کي يقين آھي ته جيڪڏھن سرخ چين طرفان پاڪستان جي خلاف ڪو به قدم کنيو ويو ته پاڪستان پنهنجو فوجي بچاءَ ڪندو. ھن وقت تائين، سرخ چين سان سندس ڳالھين ۾ اِن جي برعڪس ڪو به اشارو ڪو نه ٿيو آھي، پر اسين انهيءَ تعلق جو ڏاڍي دلچسپيءَ سان مطالعو ڪري رھيا آھيون.“
    اپريل سن 1964 ع ۾ فلپس تالبوٽ، جيڪو ويجھي اوڀر ۾ ڏکڻ- اوڀر ايشيا جي معاملن لاءِ آنڊر سيڪريٽري ھو، آمريڪي ايوان ِ نمائندگان جي غير ملڪي تعلقات واري ڪاميٽيءَ کي چيو ته:
    ”ان سان گڏوگڏ پاڪستان ڪميونسٽن جي انهن ڳالھين مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آھن، جن جو مقصد ھندستان کي تنها ڇڏي ڏيڻ آھي ۽ ان ڪري ان چين سان واپار، صنعت ۽ حرفت، سرحدن ۽ شھري ھوابازيءَ جي متعلق ٺاھه ڪري ڇڏيا آھن ۽ ان سان ثقافتي تبادلا پڻ وڌايا آھن. اسان پنهنجي فڪرمنديءَ ۽ ھن عقيدي جو کليل لفظن ۾ اظھار ڪيو آھي ته چاھي پاڪستان کي انهن اقدامات مان ٿورو فائدو کڻي پھچي به وڃي، ان ھوندي به ان جو سياسي اثر ھيءُ ٿيندو ته ھڪ اھڙي دشمن کي تقويت ملندي، جنهن جي خلاف اسان باضابطھ متحد آھيون.
    ٻين معاملن وانگر، ھن معاملي ۾ پڻ اسان کي ڪنهن ٻي حڪومت جي خود مختار قومي حقن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي مقصد جي تڪميل لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ھن يقين تي اسين بد ستور قائم آھيون ته پاڪستان ۽ اسان جا قومي مفاد، ھڪٻئي سان مطابقت رکن ٿا. انهيءَ ڳالهه کي پاڪستان پڻ ڄاڻي ٿو(1).“
    آمريڪا ۾ پاڪستان جي خلاف تيزيءَ سان وڌندڙ نڪته چينيءَ سان گڏو گڏ، ھندستان لاءِ آمريڪا امداد به وڌندي ويئي. انهيءَ موقعي تي، ۽ شايد اتفاقا نه، ڪنفيڊريشن جي اھا تجويز، جيڪا اڳي نهروءَ پيش ڪئي ھئي، سا ھاڻي ”نيويارڪ ٽائيمس“ ۽ ” واشگٽن پوسٽ “ ھٿن ۾ کنئي. انهن ٻنهي بااثر اخبارن ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھڪ اھڙي وفاق جي وڪالت شروع ڪئي، جنهن سان گڏ ڪشمير جو مشترڪه دفاع به شامل ھجي. گھڻن ئي ٻين بااثر ذريعن پڻ، جن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري، ٻيئي حلقا شامل ھئا، انهيءَ قسم جي خيالن جو اظھار ڪيو. غير سرڪاري سفارتي نمائندن ھاڻي ھن ننڍي کنڊ جا ھن ڪري ڪثرت سان دورا ڪرڻ شروع ڪيا، جو ھنن اتي ڪنفيڊريشن قائم ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ پئي چاھيو. انهيءَ زماني ۾ آمريڪن ڪانگريس جي سامھون شھادت ڏيندي، آمريڪا جي سرڪاري ملازمن پنهنجي ھن راءِ جو اظھار ڪيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ چين جي روڪٿام جو معاملو ڪشمير واري تڪرار جي فيصلي کان وڌيڪ اھم آھي. فلپس ٽالبوٽ پرڏيھي معاملن جي ڪاميٽيءَ اڳيان چيو ته جيسين آمريڪا جي امدادي پروگرام جي ڳالهه ھئي، ته ان کي سڀ کان وڏي فڪرمندي ھيءَ ھئي ته:
    ” آمريڪا کي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پنهنجي تعلقات جي مختلف پھلوئن کي متوازن رکڻ گھرجي. جيڪڏھن آمريڪا لاءِ دنيا جو اھم ترين مسئلو ڪشير ھجي ھا، ته منهنجي خيال ۾ اھو چئي ڏيڻ اسان جو فرض ٿئي ھا ته جيستائين ڪشمير جي تڪرار جو فيصلو نه ٿو ٿئي، تيستائين ٻنهي مان ڪنهن به ھڪ ملڪ کي امداد ڪا نه ملندي. جيڪڏھن ان جي برعڪس، ننڍي کنڊ ۾ ڪميونسٽ طاقتن جي مداخلت جي موقعن کي محدود ڪرڻ ۽ انهن ٻن ملڪن ۾ سخت انتشار ۽ افراتفري جي امڪانن کي گھٽ ڪرڻ ھن سبب ڪري وڌيڪ اھم آھي ته جيئن انهن ۾ زنده رھڻ جي طاقت واڌارو ڪري ۽ اھي دنيا جون اثرائتيون قومون بنجي سگھن، ته پوءِ اسين جيڪي به تدبيرون اختيار ڪري سگھون، سي ھن مقصد کي سامھون رکي اختيار ڪريون ته اسين انهن ٻنهي جي تعميري مدد ڪري سگھون ۽ پنهنجين سفارتي ڪوششن ۾ ھن ڳالهه تي وڏو زور ڏيون ته انهن جي ھڏن تائين جذب ٿي ويل ثقافتي، مذھبي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي تنازعن ۽ تڪرارن کي نرم ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي(1).
    مسٽر وليم. ايس. گڊ، آمريڪي امداد جي نائب ناظم وڌيڪ صاف گوئيءَ کان ڪم وٺندي ھائوس ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو ته ”حالانڪ ڪشمير ھڪ اھم مسئلو آھي، ان ھوندي به اھو اسان لاءِ دنيا جي ھن حصي ۾ ڪوئي انتهائي اھم مسئلو ڪونهي. “ 18-جون سن 1964ع تي، مسٽر ڊين رسڪ طرفان آمريڪا جي ”ھندستان جي اقتصادي ترقيءَ ۽ دفاعي ڪوششن ۾ آئينده سال پڻ مدد ڪرڻ جي موقف تي مضبوطيءَ سان قدم ڄمائي رکڻ“ جي اھميت تي دوباره زور ڏنو ويو. سيڪريٽري آف اسٽيٽ پنهنجي انهيءَ بيان ۾ ڪن اھڙن ”ڪليدي مسئلن وارن علائقن جو ذڪر ڪيو، جتي آمريڪي امداد ھڪ اثرائتو عنصر آھي.“ انهن علائقن ۾ ڏکڻ ويٽ نام، ھندستان، برازيل، آمريڪا ۽ قبرص شامل ھئا، مگر پاڪستان جو ڪو ذڪر ئي ڪو نه ھو.
    ھن خيال جو، ته ايشيائي طاقتن جي ھڪ اھڙي ڪوئليشن ھجي، جنهن ۾ ھندستان چين جي طاقت جو مقابلو ڪندڙ مرڪزي طاقت ھجي“، ٻيھر اظھار سيپٽمبر سن 1964ع ۾ ان موقعي تي ڪيو ويو، جڏھن سينيٽر ھيوبرٽ ھمفريءَ نائب صدر جي عھدي لاءِ پنهنجي انتخابي مھم دوران ان جي حمايت ڪئي. ھن جي نقطه نظر مطابق، آمريڪا کي گھربو ھو ته اھا”ايشيا جو سياسي مستقبل ڊگھي مدت لاءِ “ طئي ڪري ڇڏي ۽ ھندستان کي ايترو مضبوط بنائي ڇڏي جو اھو دنيا جي ھن خطه جي اڳواڻي ڪري سگھي. جڏھن سن1964ع جي آخري حصي ۾ عوامي جمھوريه چين پنهنجو پھريون ائٽم بم ڦاڙيو، تڏھن مسٽر چيسٽر پائولس ھندستان کي ھڪ دفعو ٻيھر يقين ڏياريو ته ”آمريڪا سان زياده گھري فوجي اتحاد سان سرحدي ڇڪتاڻ ۾ ستين بحري ٻيڙي جي سڄي ائٽمي طاقت ھندستان جي طرفداريءَ لاءِ پھچي سگھي ٿي ۽ انهيءَ صورت ۾ ھندستان کي نه فقط ائٽم بم ھٿ اچي ويندا، پر ٻيڙي جي توشاخاني اندر موجود ”انهن کان به وڌيڪ تباھي ڦھلائيندڙ ھائڊروجن بم پڻ، سندس تصرف ۾ اچي سگھن ٿا.“ فيبروري سن 1965ع ۾ مسٽر مئڪنمارا کي چين تي ھيءُ الزام لڳائيندي ته، اھو آمريڪا ۽ پاڪستان جي درميان ڦوٽ وجھي رھيو آھي“، ھن ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ٿي ته ”چين جي ڪميونسٽ خطري جي مقابلي لاءِ ھندستان پنهنجي دفاعي قوت وڌائي ڇڏي.“ کيس يقين ھو ته ”ان جي مدد ڪرڻ اسان جي مفاد ۾ آھي.“
    چين سان پاڪستان جي وڌندڙ تعلقات تي ناپسندگيءَ جي اظھار لاءِ آمريڪا جي حڪومت جولاءِ سن 1965ع ۾ پاڪستان کي امداد ڏيندڙ ڪنسوريشم جو اجلاس ھن بهاني تي ٻن مھينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو ته ان لاءِ ڪانگريس طرفان اڃا اختيار ڪو نه ڏنو ويو آھي ۽ ڪانگريس طرفان اھا رقم مخصوص ڪرڻ جي قدم کان سواءِ آمريڪا پاڪستان جي ٽئين پنجساله ترقياتي رٿا جي پھرين سال لاءِ مالي امداد جو ڪو وعدو نه ٿي ڪري سگھي. اھو فيصلو آمريڪي حڪومت ڪنسوريشم ۾ شامل ٻين ملڪن سان مشوره ڪرڻ کان سواءِ ڪري ڇڏيو. جولاءِ کان وٺي سيپٽمبر تائين التوا جي فيصلي جو اطلاع ڏيندي پاڪستان ۾ آمريڪي سفير صدر جانسن طرفان صدر ايوب کي ھڪ پيغام ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو ھو ته جيڪڏھن پاڪستان ائين چاھي، ته ھوند انهيءَ درمياني عرصي ۾ ھو ٻين معاملن تي گفتگو ڪري سگھي ٿو. ان جي برعڪس، ڪو ٿوروئي عرصو اڳي ڪنسوريشم طرفان ھندستان لاءِ امداد ڪانگريس جي منظوري حاصل ڪرڻ کان اڳي ئي طئي ڪئي ويئي ھئي. ڪنسوريشم جو اجلاس پاڪستان تي کليو کلايو دباءُ وجھڻ لاءِ ملتوي ڪيو ويو ھو. صدر ايوب کي صدر جانسن جو پيغام پھچائڻ کان جلدئي پوءِ آمريڪي سفير مون سان ملاقات ڪئي ۽ اھي ”معاملا“ بيان ڪيا جن تي پاڪستان جي اقتصادي ضرورتن تي توجھ ڪرڻ لاءِ ڪنسوريشم جو اجلاس سڏائڻ کان اڳ ۾ غور ڪرڻ ضروري ھو. اھي معاملا انهن تعلقات جي سڄي ساري سلسلي سان وابسته ھئا، جيڪي پاڪستان جا عوامي جمھوريه چين، صدر سوئيڪارنو جي حڪومت ۽ ويٽ نام سان ھئا.
    آمريڪي حڪومت جو اھو قول ۽ اقرار، ته جيڪڏھن ھندستان پنهنجي امداد جو بيجا استعمال ڪيو ته اھا پاڪستان جي مدد لاءِ پھچندي، بلڪل واضح ۽ شڪ و شبهي کان بالاتر آھي. سيٽو ۽ سينٽو جي معاھدن جي شرطن ۽ ٻه - طرفن دفاعي معاھدن کان علاوه، آمريڪا جي پاڪستان لاءِ اڳوڻي سفير مسٽر مئڪناگيءَ 31-آڪٽومبر سن 1963ع تي حيدرآباد ۾ بيان ڏنو ته آمريڪا ھن لاءِ ھر احتياطي تدبير اختيار ڪندي ته اھا ”امداد“ جيڪا ھندستان کي چين سان وڙھڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي آھي، سا پاڪستان جي خلاف استعمال نه ڪئي وڃي. نومبر 1962ع ۾ آمريڪا ھن ڳالهه جي ضمانت ڏني ته ھندستان سان گڏ، ڪنهن به ٻاھرين طاقت طرفان اڳرائيءَ جي صورت ۾ اھا سڌيءَ طرح سان پاڪستان جي مدد لاءِ پھچندي. ٩- نومبر سن ١٩٦٢ع تي آمريڪا جي سفير مسٽر مئڪناگيءَ ڪراچيءَ ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته ” آمريڪا پنهنجي طرفان سرڪاري خور پاڪستان جي حڪومت کي يقين ڏياريو آھي ته جيڪڏھن ھندستان کي ملندڙ امداد جو ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف غلط رخ ۾ بيجا استعمال ڪيو ويو ته آمريڪا پنهنجي دستوري اختيارن مطابق، اقوام متحده جي اندر خواھ ٻاھر، ھندستان طرفان ڪيل اھڙيءَ اڳرائيءَ کي ٻنهي ھنڌ ناڪام بنائڻ لاءِ مناسب ڪارروائي ڪندي.“ ھيءُ بيان، درحقيقت انهيءَ اعلان جي پٺڀرائي ڪندڙ ھو، جيڪو ھڪ ڏينهن اڳ ۾ آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان ڪيو ويو ھو. انهيءَ موضوع تي گفتگو ڪندي، 20-نومبر 1962ع واري ڏينهن صدر ڪينيڊيءَ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته:
    ”ھندستان کي فوجي امداد ڏيندي، اسان کي پاڪستان سان پنهنجي اتحاد جو پڻ پورو پورو خيال آھي، ھندستان کي ملندڙ اسان جي سڄيءَ امداد جو مقصد، چيني ڪميونزم جي تخريب ڪارانه ارادن کي شڪست ڏيڻ آھي. ننڍي کنڊ ۾ چينين جون دخل اندازيون ھندستان کان سواءِ پاڪستان لاءِ پڻ خطري جو باعث آھن ۽ انهن جي مخالفت ڪرڻ ۾ ٻنهي جو مفاد مشترڪ آھي. انهيءَ نڪته طرف اسان ٻنهي حڪومتن جو توجھ ڇڪايو آھي. ھندستان لاءِ اسان جي امداد ڪنهن به طرح سان، نه ته پاڪستان سان ڪيل اسان جي وعدن جي اھميت کي گھٽائي ٿي ۽ نه انهن کي مشروط بڻائي ٿي، ۽ اھا ڳالهه پڻ اسان ٻنهي حڪومتن تي واضح ڪري ڇڏي آھي(1).
    انهيءَ بيان جي خاتمي تي ھن صدر ايوب جي آمريڪي دوره جي دوران 13-جولاءِ 1961ع واري گڏيل پڌرنامي ۾ ڏنل ھڪ نڪته جو پڻ ذڪر ڪيو:
    ”ٻنهي صدرن 5- مارچ 1959ع تي ڪيل انهن ٻه- طرفن معاھدن جي اھم مقصد جي ھڪ دفعو ٻيھر توثيق ڪئي، جن ۾ ٻين ڳالھين کان علاوه ھيءُ اعلان به ڪيو ويو ھو ته آمريڪا جي حڪومت پنهنجي قومي مفاد ۽ عالمي امن لاءِ ھن ڳالهه کي نهايت اھم سمجھي تي ته پاڪستان جي آزادي ۽ سالميت کي برقرار رکيو وڃي“(1).
    اڳوڻين سڀني يقين دھانين کي دھرائيندي آمريڪي سفير ميڪناگيءَ چيو ته ” آمريڪي پاليسيءَ جي متعلق انهن اعلانيھ بيانن کان علاوه، پاڪستان جي حڪومت کي سڌيءَ طرح پڻ انهيءَ طرح جون يقين دھانيون پيش ڪيون ويون آھن. معاملو صاف آھي، پاڪستان جي آزاديءَ ۽ بچاءَ جي متعلق آمريڪي پاليسيءَ ۾ ڪابه تبديلي ڪا نه آئي آھي.“ 17-سيپٽمبر 1963ع تي مسٽر فلپس ٽالبوٽ آمريڪي يقين دھانيون جي توثيق ھن طرح ڪئي:
    ” آءٌ سمجھان ٿو ته پاڪستاني حڪومت جا رھنما پاڪستان جي سلامتيءَ جي باري ۾ اسان جي فڪرمنديءَ کي انهيءَ طرح ئي سمجھن ٿا، جھڙيءَ طرح ھندستان جا اڳواڻ ھندستان جي سلامتيءَ لاءِ اسان جي فڪرمنديءَ کي سمجھن ٿا، ۽ منهنجو خيال آھي ته ٻيئي ملڪ ھن ڳالهه کان باخبر آھن ته جيڪڏھن ٻنهي منجھان ڪنهن به ھڪ ملڪ جي طرفان ٻئي تي حملو ٿيو، جنهن جو اسان جي نزديڪ امڪان تمام گھٽ آھي، ته آمريڪا طرفان جوابي ڪارروائي ٿيندي.“ سن 1962ع کان پوءِ پاڪستان کي ملندڙ اقتصادي ۽ فوجي ٻنهي قسمن جي امداد ۾ درجي بدرجي آندل گھٽتائيءَ ۽ ھندستان کي ملندڙ اقتصادي ۽ فوجي امداد ۾ ھڪٻئي پٺيان واڌاري، ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان طاقت جي توازن جي بگاڙي کي وڌائڻ کان علاوه نقصانڪار سياسي اثر پڻ مرتب ڪرڻ شروع ڪيا. پاڪستان کي بار بار يقين ڏيارڻ جي باوجود، جيئن جيئن ھر روز طاقت جي ساھميءَ جو ھڪ پڙ ھندستان جي طرف ڏانهن وڌيڪ جھڪندو ويو، تيئن تيئن پاڪستان ۾ روزانه وڌيندڙ بيچيني جو احساس پڻ وڌيڪ ڦھلجندو ويو. پاڪستان ڏانهن ھندستان جو رويو وڌيڪ اڳرائيءَ وارو ٿيندو ويو ۽ ان جو زياده تر مظاھرو ڪشمير ۾ ٿيڻ لڳو، جيڪو ڇڪتاڻ جو مرڪزي نقطو ھو. ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست کي ھندستان طرفان انڊين يونين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ان وقت تائين ڪو به سخت قدم نه کنيو ويو ھو، جيسين آمريڪا ان کي فوجي امداد مھيا ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو ھو. پوءِ 1963ع جي آخر ڌاري ھندستان ڪنهن به جواز کان سواءِ، آزاد ڪشمير جي چڪنوٽ ڳوٺ ۾ پنهنجي فوج داخل ڪئي ۽ آمريڪي پاليسيءَ جي وڌيڪ واضح ٿيڻ سان گڏوگڏ ھندستان طرفان جارحانه وطن پرستيءَ جا ٻيا به اشتعال ڏياريندڙ مظاھرا ڏاڍي ديده دليريءَ سان دھرايا وڃڻ لڳا. چڪنوٽ تي قبضي ڄمائڻ کان اٽڪل ھڪ سال پوءِ، آڪٽومبر 1964ع ۾ وزيراعظم شاستريءَ ھندستان جي طئھ ٿيل پاليسيءَ طور والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقن کي ھندستان سان ملائڻ متعلق اعلان ڪيو. جڏھن پاڪستان آمريڪا وٽ ان جي خلاف احتجاج ڪيو، تڏھن مسٽر ھئريمن طرفان فقط ”صدمي ۽ حيرت“ جو اظھار ڪيو ويو ۽ ھن وعدو ڪيو ته ھو ان باري ۾ آمريڪا جي فڪر ۽ تشويش کي نئين دھليءَ تائين پھچائيندو. ھيءَ ڳالهه، ته ڪشمير ۾ ھندستان جا دليرانه اقدامات آمريڪا جي فوجي، اقتصادي ۽ سياسي امداد جو نتيجو ھئا، گھڻن ئي باخبر سياسي مبصرن جي نگاھن کان پوشيده نه رھي سگھي. مثال طور برٽرنڊ رسيل چيو:
    ”ڪشمير ۾ ھندستان ڪيترن ئي سالن کان اقوام متحده جي ٺھرائن جي باوجود راءِ شماريءَ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندو رھيو آھي. ھڪ لک ھندستاني فوج ڪشميرين جي خود مختياريءَ کي دٻائي رکيو آھي. اھو سڀڪجهه ٿيندي رھڻ جي باوجود، مسٽر نهرو سترھن سالن تائين ھندستاني آئين جي انهن ٻن قلعن کي عمل ۾ آڻڻ کان ڪترائيندو رھيو، جن جي ذريعي ھو ڄمون ۽ ڪشمير کي حڪومت جي ھڪ فرمان تحت، ھندستان ۾ ضم ڪري پئي سگھيو. اسان کي اھو ضرور پڇڻ گھرجي ته وزيراعظم شاستريءَ انهن ٻن قلمن جو سھارو ڇو ورتو، ۽ ھن ڇو شيخ عبدالله کي گرفتار ڪري ڪشميرين جي شڪايتن جي پرامن تدارڪ جو دروازو بلڪل بند ڪري ڇڏيو ؟ انهيءَ سوال جي جواب مان اسان کي جنگ ڇڙي پوڻ جي سبب جو صاف اشارو ملي ٿو. سرڪاري طور ڪشمير جي ھندستان ۾ شموليت، انهيءَ ماٿريءَ ۾ بغاوت کي اڻٽر ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ بغاوت ۾ پاڪستان ۾ رھندڙ ڪشميرين جي شرڪت جي لازمي طور توقع ھئي.“
    وزيراعظم شاستريءَ ڪشمير جي والاريل رياست ۾ اھڙي پاليسيءَ جو آغاز ڪيو، جنهن جي اختيار ڪرڻ جي جرئت نهروءَ کي به ڪانه ٿي ھئي. اھا رياست ڏاڍي تيزيءَ سان مدغم ڪئي ويئي ۽ ھندستاني آئين جا اھي متعلقه قلم منسوخ ڪيا ويا، جن ۾ ڪشمير کي خودمختاريءَ جو يقين ڏياريو ويوھو. تڪراري علائقي جي انتظاميه (سول سروس) کي ھندستاني انتظاميه بنايو ويو. شيخ عبدالله کان وٺي ھيٺ تائين سياسي ڪارڪنن کي جيلن ۾ بندڪيو ويو. حضرت بَل جي خانقاه واري واقعي کي وڏي بيرحميءَ سان دٻايو ويو ۽ جنگبنديءَ واري ليڪ جي پابنديءَ کي بهانو بنائي مسلمانن کي سرحدي علائقن مان ڀڄايو ويو ۽ انهن جي جاءِ تي ويڙھو قسم جي سـِکن ۽ ڊوگرن کي آباد ڪيو ويو. وزيراعظم نهروءَ جي اقتدار واري ڊگھي زماني ۾ سياسي اڳواڻن جي گرفتارين کان سواءِ، ھـِن قسم جي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويئي ھئي. اھڙيءَ طرح ڄاڻي واڻي حالات ۾ بحران پيدا ڪيو ويو.
    انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ۽ پاڪستان جي ارادي جو امتحان وٺڻ لاءِ ھندستان اپريل 1965ع ۾ ڪڇ جي رڻ ۾ فوجي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. ھڪ آزمائشي حملو عمل ۾ آندو ويو ته جيئن پاڪستان جي طرف کان سياسي ۽ فوجي جوابي عمل جو صحيح اندازو لڳايو وڃي، ۽ انهيءَ ڳالهه کي طئي ڪري سگھجي ته پاڪستان ڪيتري حد تائين، پنهنجين سرحدن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آھي. جيتوڻيڪ انهيءَ معرڪي ۾ ھندستاني فوجن جي حالت سٺي نه رھي، ۽ انهن کي چڙ ڏيارڻ جھڙي شڪست ڏيڻ پاڪستان جي وس ۾ ھئي، پر پاڪستان جنهن ضبط کان ڪم وٺي پنهنجي جنگي برتريءَ مان وڌيڪ فائدو نه ورتو، تنهن مان ھندستانين کي اھو خيال ٿيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي ھندستاني منصوبي جي خلاف پڻ جنگي ڪارروائي کان ڪترائيندو. پر ساڻ ئي ھن ڳالهه جو احساس ڪندي ته پاڪستان جي صبر جو پئمانو نيٺ ڇلڪي پوندو ۽ اھو لڳاتار اشتعال انگيزيون برداشت نه ڪندو. ھندستان تدبير طور ھڪ ئي وقت ۾ لاھور تي پڻ حملو ڪري ڏنو ته جيئن طاقت ھلائي ڪشمير جي مسئلي جو ھميشه لاءِ باب ئي بند ڪري ڇڏجي. انهيءَ صورتحال جي برعڪس، جيڪڏھن پاڪستان ڪڇ جي رڻ ۾ پنهنجي جنگي ڪاميابين مان فائدو حاصل ڪيو ھجي ھا ۽ انهيءَ علائقي ۾ پنهنجين ڪاررواين جي تڪميل ۾ ھندستان جي ھڪ ڊويزن فوج کي تهس نهس ڪري ڪريم شاھيءَ تي قبضو ڪري ڇڏي ھا. جنهن جو ان کي حق پھچي رھيو ھو ته ھندستان جو ھوش ٺڪاڻي لڳي وڃي ھا ۽ ھو پنجن مھينن ۾ ئي ٻِيو تصادم نه ڪري ھا.
    جڏھن 6-سيپٽمبر 1965ع تي ھندستان پاڪستان تي حملي جو آغاز ڪيو، تڏھن ٻن يا ٽن قومن کان سواءِ دنيا جي ٻين سڀني قومن انهيءَ واقعي تي ڏاڍي صدمي ۽ ناپسنديءَ جو اظھار ڪيو. برطانوي وزيراعظم ھندستان طرفان جنگبندي لائين کي پار ڪرڻ تي افسوس جو اظھار ڪيو. صدر ناصر ڪرشنا مينن کي صاف چئي ڏنو ته ھيءُ حملو بين الاقوامي سرحدن جي کليل خلاف ورزي آھي. عوامي جمھوريه چين ھندستان کي الٽيميٽم ڏنو ته ھو پنهنجي اڳرائيءَ کي ختم ڪري نه ته چين جي طرفان مداخلت لاءِ تيار ٿي وڃي. ايران، ترڪي ۽ انڊونيشيا طرفان پاڪستان کي اخلاقي ۽ مادي مدد ڏني ويئي. ڪاسابلانڪا ۾ سڀني عرب رياستن پاڪستان تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ اقوام متحده ۾ لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي ڀاري اڪثريت طرفان ھندستاني اڳرائيءَ تي سخت نڪته چيني ڪئي ويئي. اوڀر ۽ اولھه يورپ ۾ پاڪستان لاءِ وسيع پئماني تي ھمدردي ھئي. آمريڪا طرفان جنگ ڇڙي پوڻ تي وڏي تشويش جو اظھار ڪيو ويو، پر ان جي بجاءِ جو آمريڪي حڪومت پنهنجين مختلف يقين دھانين تي عمل ڪندي پنهنجي حليف پاڪستان جي مدد لاءِ اچي ھا، ان پنهنجو سڄو زور ۽ اثر رسوخ جنگبندي ڪرائڻ تائين محدود رکيو. انهيءَ مقصد خاطر آمريڪا اھڙيءَ طرح ٻنهي ملڪن جي خلاف تجارت کي بند ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو، ڄڻ ته اڳرائي ڪندڙ ۽ اڳرائيءَ جو شڪار ٿيندڙ ملڪن ۾ ڪو فرق رکڻ ضروري ڪو نه ھو. پاڪستان پنهنجو سڄو جنگي سازو سامان آمريڪا کان ئي حاصل ڪندو ھو، جڏھن ته ھندستان سوويت يونين ۽ ٻين ڪيترن ملڪن کان ھٿيار حاصل ڪرڻ کان علاوه مقامي طور پاڻ به ڪيترائي ھلڪي قسم جا ھٿيار گولھ بارود تيار ڪندو ھو. اھڙيءَ طرح مال برداريءَ جي ممانعت مان در حقيقت فقط پاڪستان کي ئي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
    جنگ ۽ ان جي متعلق ٻين قومن جي رويي جي باري ۾ گھڻو ڪجهه لکيو ويو آھي. پر جيسين وڌيڪ معلومات نه ٿي پھچي، تيسين ايترو چوڻ ڪافي آھي ته آمريڪي رويي تي پاڪستان ۾ وڏي مايوسي محسوس ڪئي ويئي. جيڪڏھن آمريڪا پنهنجين حڪمت عملين ۾ ڦيرو نه آڻي ھا ته ھندستان پنهنجي دليرانه مھم جي شروعات ايتريءَ اٻهرائي سان نه ڪري ھا. جيڪڏھن کيس اھو ڊپ ھجي ھا ته آمريڪا پنهنجن معاھدن جون ذميواريون نڀائيندي ۽ پاڪستان سان ڪيل ٻيا وعدا به پورا ڪندي ته ھو پاڪستان تي حملي ڪرڻ جي جرئت ئي نه ڪري ھا. جيڪڏھن طاقت جو توازن بگڙي نه ويو ھجي ھا ته ھندستان حملي ڪرڻ جي قابل ئي نه ھجي ھا. اھي ڇھھ پھاڙي ڊويزنون، جن کي آمريڪا چينين جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ۽ ھٿياربند ڪيو ھو، تن کي ڪشمير ۾ پاڪستان جي خلاف استعمال ڪيو ويو—اھو پاڪستان، جيڪو سيٽو ۽ سينٽو جو ميمبر ملڪ ھو، ھڪ پراڻو نيازمند ۽ پاڻ کان پنجوڻي وڏي ملڪ جي اڳرائي جو نشانو ھو، تنهن پنهنجي سڀني کان وڏي حليف جي مدد حاصل ڪرڻ بدران، ان کي جنگبنديءَ جي فڪر ۾ مبتلا ڏٺو. آمريڪي نقطه نگاھھ تي پڻ غور و فڪر ضروري آھي. صدر ايوب خان ڊسمبر 1965ع ۾ ھن اميد سان صدر جانسن سان واشنگٽن ۾ ملڻ لاءِ ويو ھو ته روبرو ڳالھين ڪرڻ سان ٻنهي کي ھڪٻئي جي موقف کي بهتر طور سمجھڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان ڪفاره طور، ۽ واشنگٽن ۾ حاصل ڪيل نئين مفاھمت جي احترام ۾ ڪجهه قدم کنيا. ان مان ھيءُ خيال عام ٿيڻ لڳو ته تعلقات جو جيڪو قيمتي گلدان 1965ع جي جنگ کان پوءِ وارن اثرن کان پرزا پرزا ٿي ويو ھو، تنهن کي ھاڻي آھستي آھستي ھڪ ھڪ ٽڪرو ڳنڍي ٻيھر جوڙيو پيو وڃي. ھر طرف اھڙي قسم جا اقدامات ڪيا ويا، جن کان اھرن اشتعال ڏياريندڙ سببن ۾ گھٽتائي پيدا ٿي، جن کي انگريزيءَ جي صحافي ٻوليءَ ۾ ”اريٽيشن“ چئبو آھي.
    اھڙيءَ طرح آمريڪا طرفان پاڪستان جي فوجي امداد بند ڪرڻ جي فيصلي کان انهن ماڻھن کي صدمو پھتو، جيڪي ائين سمجھي ويٺا ھئا ته خاص تعلقات وارا پرسڪون ڏينهن وري واپس اچي رھيا آھن. عالمي طاقتون ڪڏھن به خفگيءَ کان ڪو قدم نه کڻنديون آھن، ۽ نه وري اھي ڪن مجبورين جي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجن حقيقي مقصدن کي نظرن کان دور ٿيڻ ڏينديون آھن. ڪن موقعن تي اھي رڪاوٽن کي ھٽائڻ يا غلط فھمين کي دور ڪرڻ لاءِ وقت وٺنديون آھن، پر اھا ڳالهه انهن جي سياست جو فقط ٻاھريون ڏيک ھوندي آھي. جنهن جي پٺيان گھرا مقصد پوشيده ھوندا آھن. جيئن ته اھا دعوي ٰ ڪئي وڃي ٿي ته فوجي امداد بند ڪرڻ جو فيصلو ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان تعاون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري ھن ڳالهه جو جائزو وٺڻ ضروري آ ھي ته انهيءَ ” تعاون ” مان مراد ڪھڙي آھي ۽ ڇو انهيءَ لفظ تي ايترو گھڻو زور ڏنو پيو وڃي.
    ”ڪنفيڊريشن“ يعني بين الاقوامي رياست جو نمونو ۽ ”ڪنڊومينيم “ يعني چند طاقتن جي انتظام ھيٺ رھندڙ رياست جھڙا اصطلاح ھاڻي پراڻا ٿي چڪا آھن. ان کان سواءِ، ھن ننڍي کنڊ ۾ انهن جي متعلق اھڙي قسم جا تاريخي تعصيب موجود آھن، جو انهن جو استعمال مشڪوڪ ٿي پيو آھي. ھڪ ڀيرو ذھنن جو ميلاپ ٿي وڃي، ۽ ھڪ مشترڪه مقصد ٿي پوي ته آئيني ٻوليءَ ۾ تعاون جي ترجمي ڪرڻ لاءِ ڪليا ھميشه ھٿ اچي سگھندا آھن. اھم ڳالهه تعاون جو ٻاھريون اظھار نه، بلڪ ان جو حقيقي مادو آھي. اھڙا ملڪ به آھن، جن جون وفاقي يا نيم وفاقي جوڙجڪون سندن ميمبر ملڪن جي درميان خوشگوار تعلقات پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿينديون آھن. نائجيريا کي ھڪ اھڙي ملڪ جي مثال طور وٺي سگھجي ٿو، جنهن ۾ وفاقي اِڪاين جي درميان اندروني اختلاف بدستور مشڪلاتون پيدا ڪري رھيا آھن. ٻئي طرف، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جيتوڻيڪ ڪنهن آئيني ٺاھه ذريعي ھڪٻئي سان ڳنڍيل ناھن، ان جي باوجود انهن جي تعاون جو انداز رسمي انتظامن جي طور ۽ طريقن کان گوءِ کڻي وڃي ٿو.
    آمريڪي نقطه نظر جي خيال کان زياده رسمي ۽ مقرره معاھدن کي غور ھيٺ آڻڻ کان اڳ ۾ ذھنن جو ميلاپ ضروري آھي. انهيءَ رخ ۾ پھرئين قدم طور ڇڪتاڻن کي ھلڪو ڪرڻ، ۽ تڪرارن کي دٻائڻ گھرجي. جڏھن ٻن ملڪن جون فوجون ھڪٻئي جي سامھون نه رھنديون آھن، تڏھن اھي ملڪ مشترڪه مقصدن طرف ڌيان لڳائي سگھندا آھن، بجاءِ ان جي جو اھي دقيانوسي قسمن جي قانوني معاھدن لاءِ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش ضايع ڪن، جن مان فقط شڪ شبها مضبوط ٿيندا آھن ۽ تعصب ڀڙڪندا آھن. جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان پنهنجا اختلاف ھڪ طرف رکي ڇڏين، ته اھا ڳالهه بذات خود تعاون جي ھڪ سلبي صورت آھي. تڏھن ئي انهن کي ھڪ فرضي مشترڪه دشمن، يعني ڪميونسٽ چين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪٺو ڪري سگھجي ٿو. آمريڪا جي نقطه نگاه کان جيڪڏھن ھڪ ڀيرو تعلقات جو رخ بدلجي وڃي ته تعاون لاءِ ھڪ وڌيڪ وسيع ميدان پيد اڪرڻ جو ڪم وڏي حد تائين آسان ٿي پوي ٿو، ايتريقدر جو مستقبل ۾ تعلقات ڪنهن آئيني رابطي جي حد تائين پھچي سگھن ٿا. انهيءَ مقصد لاءِ ھڪ لازمي ابتدائي قدم طور ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان تعاون پيدا ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ٿيندي رھي آھي.
    ----------
    ________________________________________
    (1) ڊان ڪراچي، 11- اپريل سن 1964.
    (1) ڊان. ڪراچي 11-اپريل سن 1964.
    (1) ڊان، ڪراچي ٣- آگسٽ 1963.
    (1) ڊان، ڪراچي ١٩- سيپٽمبر ١٩٦٣ع.
    (1) انٽرنيشنل ھيرالڊ ٽربيون، 22-23 جولاءِ ,1967 ص-4.


    باب ڇهون: پاڪستان کي ھندستان جي قيادت جي حلقي ۾آڻڻ جي آمريڪي حڪمت عملي

    جڏھن سياست ٿڪجي پوندي آھي، تڏھن طاقت پنهنجو قدم ميدان ۾ رکندي آھي. جيڪڏھن ھندستان پاڪستان جي درميان تعاون پيدا ڪرڻ جون سڀ ڪوششون ناڪام ٿي وڃن، ته پوءِ زبردستيءَ وارين تدبيرن کي امڪان جي حد کان خارج سمجھڻ نادانيءَ جو دليل آھي. ان جو ھروڀرو اھو مطلب ناھي ته آمريڪا، جنهن جا مقصد ھندستان سان پوري طرح نه ٿا ٺھڪن، مايوس ٿي اھڙيون حالتون پيدا ڪندي، جيڪي. ھندستان کي انهيءَ قابل بڻائي ڇڏينديون، جو ھو پاڪستان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي يا ان کي تباھه ڪري ڇڏي. ان ھوندي به جيڪڏھن سيپٽمبر 1965ع جا سبق ياد رکيا وڃن ته پاڪستان لاءِ خارجه پاليسي ۽ دفاعي حڪمت عمليءَ جي تڪ تور ۾ ھن امڪان کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏڻ عاقبت نا انديشي ٿيندي.
    موجوده حالتن جي امڪاني نتيجن جي وضاحت لاءِ اڳين بابن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي باھمي تعلقات جي تاريخ جو خاڪو پيش ڪيو ويو آھي. ھاڻي اھو وقت اچي ويو آھي. جڏھن اسان آزادي حاصل ڪرڻ جي ٻن ڏھاڪن کان پوءِ، واقعن طرف زياده باقاعدگيءَ سان توجھ ڏيون ۽ مسئلن جي طرف جوشيلي ۽ اڇاتري عارضي رد عمل جي پراڻي عادت کي ڇڏي ڏيون.
    ظاھري طور، 12- اپريل سنه1965 ع واري فيصلي جو مقصد ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن گڏ ڪرڻ جي ڊوڙ تي بندش وجھڻ ۽ انهن جي درميان ھڪ وڌيڪ جنگ کي روڪڻ ھو. انهيءَ سان اھو مقصد پڻ منسوب ڪيو ويو ته دفاعي خرچ جي رقمن کي زرعي ۽ صنعتي ترقيءَ طرف موڙيو وڃي. بهرحال، پھريائين ته ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جو ” توازن“ ئي جنگ جي امڪان کي گھٽائي سگھي ٿو. انهيءَ حقيقت جي تصديق اسان کي گذريل ويھن سال جي تجربي مان ٿئي ٿي. ننڍي کنڊ کان ٻاھر، ۽ تمام وڏي پئماني تي، سوويت يونين ۽ آمريڪا جي درميان ھٿيارن جو جيڪو توازن موجود آھي، سو کين جنگ طرف نه، بلڪ مفاھمت جي طرف وٺي آيو آھي. عام طور تي جنگ ڪرڻ جي ترغيب ته ان وقت ٿيندي آھي، جڏھن فوجي عدم توازن ھوندو آھي. ڪجهه عرصي کان پوءِ آمريڪي فيصلي جو اثر، ھڪ اھڙي صورتحال پيدا ڪندو، جنهن ۾ پاڪستان کي ضرب لڳائڻ لاءِ ھندستان مضبوط پوزيشن ۾ ھوندو. انهيءَ ڪري ھيءَ ڳالهه ڪا لازمي نه ٿي ٿئي ته ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جي ڊوڙ، خود بخود کين جنگ جي طرف ڇڪي آڻيندي. ھيءُ پڻ دليل ڏنو ويو آھي ته ھٿياربند فوجن کي گھٽائڻ ذريعي به ھٿيارن جو توازن حاصل ڪري سگھجي ٿو. اھو خيال ڪيتريقدر خطرناڪ ۽ ناقابل ِ عمل آھي، سو اڳتي ھلي ثابت ڪيو ويندو. فقط چوڪسيءَ ۽ تياريءَ سان ئي جنگ کي روڪي سگھجي ٿو. نه فوجن جي ٻه- طرفي ڪمي ۽ نه ھندستان جي حق ۾ ڪا برتري، جنگ جي مصيبت کي ٽاري سگھي ٿي. اڃا به وڌيڪ واضح ھي مغالطو آھي ته آمريڪا جو فيصلو ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان جنگ کي روڪڻ لاءِ ڪيو ويو ھو. ھٿيارن جي ڊوڙ کان قطع نظر پڻ، ھندستان ۽ پاڪستان مستقل طور باھمي دشمنيءَ يا شديد مقابلي جي حالت ۾ مبتلا رھيا آھن، فقط ڇڪتاڻ جي درجي ۾ فرق رھيو آھي. اِنهن جا تعلقات ڪڏھن به معمول تي نه آيا آھن، نه وري انهيءَ وقت تائين معمول تي اچي سگھن ٿا، جيسين اھي بنيادي جڳھڙا نٿا نبيريا وڃن، جيڪي ورھاڱي جي وقت کان وٺي اندرئي اندر دکندا رھيا آھن. آمريڪا ھميشه انهيءَ ڀڙڪي اٿڻ واري صورتحال کان باخبر رھي آھي، پر ان جي باوجود ھن پاڪستان سان باھمي دفاعي ٺاھ ڪيا آھن، ۽ سيٽو ۽ سينٽو ۾ پاڪستان جي شموليت جو خير مقدم ڪيو آھي. درحقيقت، آمريڪا ته انهيءَ حد تائين به ويئي، جو ان پاڪستان کي اھو يقين ڏياريو ته ھندستان جي طرفان اڳرائيءَ جي صورت ۾ اھا پاڪستان جي مدد ڪندي. آزاديءَ واري وقت کان وٺي، ھندستان ۽ پاڪستان پنهنجين ھٿياربند فوجن کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو ۽ آمريڪا ئي ھٿيارن جي انهيءَ ڊوڙ ۾ وڏي مدد گار رھي. اسان جي انتهائي ڪشيدگين جي دوران، آمريڪائي ھٿيارن پھچائڻ جو سڀني کان وڏو ذريعو بني رھي. سن1954ع ۾، دفاعي معاھدن جي طئي ٿيڻ کان پوءِ آمريڪا پاڪستان کي فوجي سازو سامان مھيا ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪا ڳالهه ھندستان کي سخت ناگوار گذري. سن 1962ع ۾ چيني- ھندستاني ٽڪراءَ کان پوءِ، آمريڪا ھندستان کي فوجي امداد ڏيڻ شروع ڪئي ۽ ھن انهيءَ سلسلي ۾ پاڪستان جي ھنن احتجاجن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ته اھا امداد ھندستان کي اڳرائي ڪرڻ لاءِ آماده ڪندي. سن 1967ع جي تصادم کان پوءِ، وچ اوڀر ۾ ھٿيارن جي آمدورفت تي تبصرو ڪندي، جيمس ريسٽن طرفان سندس معقول راءِ جو اظھار ھن طرح ڪيو ويو:
    ”انتظاميه ھڪ ئي وقت تي سڀني قسمن جي ملڪن ۾ جديد توڙي قديم ھٿيارن جي ذخيره اندوزي خلاف تقريرون به ڪري رھي آھي، ۽ مستقل مزاجيءَ سان وڌيڪ ۽ اڃا وڌيڪ ھٿيارن سان جھاز ڀري موڪلي به رھي آھي. دراصل، آمريڪا ھن وقت دنيا جي ٻين سڀني ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ملڪن ڏانهن وڌيڪ ھٿيار موڪلي ٿي.
    ”حقيقتون ڇرڪائيندڙ آھن:1949ع کان وٺي جون 1966ع تائين، فقط ھڪ آمريڪي حڪومت ( خانگي ھٿيارن وڪڻندڙن جو شمار نه ڪندي) 16-ارب10- ڪروڙ ڊالرن جا ھٿيار ٻين ملڪن کي فروخت ڪيا ۽ 30ارب ۽ 20ڪروڙ ڊالرن جا ھٿيار مفت ڏنا. 46-ارب 30- ڪروڙ ڊالرن جي اھا رقم، ساڳئي عرصي ۾ ٻين ملڪن کي آمريڪا جي طرفان ڏنل انهيءَ اقتصادي امداد ۽ قرضن جي رقم کان 4-ارب ڊالر وڌيڪ آھي، جيڪا 1948ع جي وچ کان وٺي ڏني ويئي آھي ۽ جنهن ۾ نمايان طور ڪامياب ٿيل ” مارشل پلان(1) پڻ شامل آھي.“
    آمريڪا ھنن دليلن جي بنياد تي ھٿيار ڏيڻ بند نه ٿي ڪري سگھي ته انهيءَ جي نتيجي ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جي ڊوڙ شروع ٿي ويندي، نه وري ڪنهن سنجيدگيءَ سان اھا حجت پيش ڪري سگھجي ٿي ته پاڪستان لاءِ فوجي امداد بند ڪرڻ جو فيصلو، جنگ جي تدارڪ يا جنگ جي طرف وٺي وڃڻ واري ھٿيارن جي ڊوڙ جي پيش بنديءَ خاطر ڪيو ويوآھي.
    ترڪي ۽ يونان آمريڪا کان ھٿيارن جي تمام وڏي امداد حاصل ڪن ٿا، ۽ اھي ھڪ کان وڌيڪ ڀيرو قبرص جي مسئلي تي جنگ جي ڪناري تائين به پھچي چڪا آھن. ان ھوندي به آمريڪا انهن ٻن ملڪن منجھان ڪنهن به ھڪ جي فوجي امداد معطل نه ڪئي آھي. اھو فرق ھن ڪري روا رکيو ويو آھي، جو ھاڻي سرد جنگ جو مرڪز يورپ کان ايشيا ڏانهن منتقل ٿي چڪو آھي، جتي ڪميونزم جي خلاف جدوجھد جي معني ٰھاڻي، دراصل عوامي جمھوريه چين جي خلاف جدوجھد ٿي ويئي آھي.
    ھن ڳالهه تي پڻ سنجيدگيءَ سان دليل ڏيئي نٿو سگھجي ته فوجي امداد ھن ڪري بند ڪئي ويئي آھي جو دفاعي خرچن کي اقتصادي ترقيءَ جي طرف ھن نيڪ مقصد سان منتقل ڪيو وڃي ته ھندستان ۽ پاڪستان کي وڌيڪ آسودو بنايو وڃي. شروعات کان وٺي ئي ھندستان ۽ پاڪستان پنهنجي آمدنيءَ جي ذريعن جو ھڪ وڏو حصو بچاءَ تي خرچ ڪندا رھيا آھن، پوءِ به ڪيترن ئي سالن تائين آمريڪا ٻنهي ملڪن کي سياسي يا اقتصادي شرطن کان سواءِ ئي فراھم ڪندي رھي آھي. پاڪستان ۽ ھندستان اوچتوئي اوچتو ته غريب نه ٿي ويا آھن. ڏڪار ۽ غربت ڪي نوان ۽ عجيب آثار به نه آھن، جو انهن آمريڪي ضمير کي ھن لاءِ بيدار ڪري، دفاعي خرچن ۾ ڪمي آڻڻ طرف مائل ڪيو ته جيئن اھا رقم ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ خرچ ڪئي وڃي. جيڪڏھن آمريڪي حڪومت سچ پچ اھو محسوس ڪيو ھجي ھا ته پاڪستان جي اقتصادي خوشحاليءَ کي سندس علاقائي سالميت تي ترجيح حاصل آھي ته اھا ٻن اھڙن غريب ملڪن کي، جيڪي تاريخي اعتبار کان ھڪٻئي جا حريف آھن، ايڏي ڊگھي عرصي لاءِ ايڏي ڀاري مقدار ۾ فوجي امداد ھرگز نه ڏئي ھا. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي کان پوءِ ھر ھنڌ جي قومن ڏٺو آھي ته اقتصادي ڪمزوري، غير ملڪي مداخلت لاءِ دروازا کولي ڇڏي ٿي. جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان اقتصادي طور خود ڪفيل ھجن ھا ته انهن جي سر زمين تي ڪنهن غالب ٻاھرين طاقت جي موجودگي ممڪن نه ٿئي ھا. اھڙيءَ طرح اھي اسباب، جيڪي غير ملڪي مداخلت کي ڪشش ڪن ٿا، سي انهن طاقتن لاءِ اڻ وڻندڙ ٿي نٿا سگھن، جيڪي ٻين رياستن جي معاملن ۾ پنهنجو اثر و رسوخ وڌائڻ چاھينديون آھن. اھڙين طاقتن جي مفادن ۽ سندن طرفان بيمارين کي دور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ابتدائي ٿضاد ٿيندو، جيڪي مداخلت کي دعوت ڏين ٿيون ۽ جيڪي غير ملڪي اثر و رسوخ کي وڌائڻ جون ذميواري ھونديون آھن.
    اھڙين طاقتن جي مفادن ۽ سندن طرفان بيمارين کي دور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ابتدائي تضاد ٿيندو، جيڪي مداخلت کي دعوت ڏين ٿيون ۽ جيڪي غير ملڪي اثر و رسوخ کي وڌائڻ جون ذميواريون ھونديون آھن.
    پوءِ ڀلا ڪھڙي چيز آمريڪا جي تاريخي حيثيت ۾ اھڙي وڏي تبديلي پيدا ڪئي آھي؟ ننڍي کنڊ ۾ ڪو به اھڙو نمايان نئون عنصر موجود ڪونهي، جيڪو انهيءَ تبديليءَ جو باعث ھجي. آمريڪا جي پنهنجي فوجي امداد سان وارد ٿيڻ کان ڪيئي سال اڳي ئي ھندستان ۽ پاڪستان 1948ع ۾ جنگ ۾ مشغو، ل ھئا. انهن جي درميان ھٿيارن جي ڊوڙ، انهيءَ وقت کان اڳي شروع ٿي چڪي ھئي، جڏھن آمريڪا جي مداخلت ان کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو ۽ انهن ملڪن ۾ افلاس ته انهيءَ وقت کان گھڻو اڳي موجود ھو، جڏھن آمريڪا انهن جي دفاعي خرچن جي رخ بدلائڻ جي ڪوشش، انهن جي معاشي بيمارين جي علاج خاطر ڪئي. سڀ پراڻيون حالتون اڳي وانگر ئي قائم رھيون. البت، نوان عناصر ننڍي کنڊ کان ٻاھر اڀريا آھن ۽ انهن جي انهيءَ ظھور ننڍي کنڊ جي انهن مسئلن کي، جيڪي اڳي ئي موجود ھئا، ھڪ مبالغھ آميز رنگ ڏيئي ڇڏيو آھي ۽ انهن جي باري ۾ ھڪ نئين اھميت جو احساس پيدا ڪيو آھي. اھي خارجي عناصر، جن جي ڪري واشنگٽن ۾ ھڪ عام نئين تشخيص وجود ۾ آئي آھي. سي ويٽ نام جي جنگ ۽ ايشيا ۾ چين جي وڌندڙ طاقت آھن. انهيءَ صورتحال کي گرفت ۾ رکڻ ضروري آھي، ۽ ھندستان ۽ پاڪستان جي تعاون کان سواءِ اثرائتي انداز ۾ ائين ڪرڻ ممڪن ناھي.
    اھي عناصر سن 1954ع ۾ موجود نه ھئا ۽ 1962ع ۾ انهن جي اھا اھميت ڪانه ھئي، جيڪا اڄ آھي. پر ماضي قريب جي حالتن ڪري گھڻائي فيصلا ضروري ٿي پيا آھن، جن ۾ اھو فيصلو پڻ شامل آھي، جنهن جو 12- اپريل سن1967ع تي اعلان ڪيو ويو ھو. اھو چوڻ صحيح ناھي ته آمريڪا ھن ننڍي کنڊ کان بيزاريءَ جي حالت ۾ دستبردار ٿيڻ چاھي ٿي. ڪنهن به ٻئي ملڪ طرفان ھنن ٻن ملڪن (پاڪستان ۽ ھندستان) ۾ پنهنجو اثر و رسوخ وڌائڻ لاءِ ايتريون شديد ڪوششون نه ڪيون ويئون آھن، پوءِ به آمريڪا ھڪ اھڙو فيصلو ڪيو آھي، جيڪو سطحي طور تي ھن علائقي کان، جيڪو وڏين طاقتن ۽ ترقي پذير ملڪن جي درميان ميلاپ ۽ تعلق جو سڀني کان وڌيڪ حساس علائقو آھي، سندس ڪناره ڪش ٿيڻ جو تاثر ڏئي ٿو. ڇا، ھيءُ دليل ڏيئي سگھجي ٿو ته آمريڪا جي نظر ۾ صورتحال ايتريقدر مايوس ڪندڙ آھي، جو ان ۾ وڌيڪ سرمائي جي سيڙپ بيڪار ٿيندي؟ ڇا، اھا ڳالهه سمجھه ۾ اچي سگھي ٿي ته دنيا جي سڀني کان وڏي طاقت سٺ ڪروڙ انسانن ۽ جنگي اھميت جي ھڪ ننڍي کنڊ کي اوچتوئي اوچتو پنهنجي کاتي مان ڪڍي ڇڏيندي؟انهيءَ قسم جي دستبرداري بحث کان خارج آھي، خصوصا اھڙي وقت ۾، جڏھن آمريڪا وڏي وضاحت سان چئي ڇڏيو آھي ته اھا ڪميونزم لاءِ ڪوبه خال نه ڇڏيندي. آمريڪا جو بنيادي مقصد
    اڃا تائين اھوئي آھي ته اھا ھـِن ننڍي کنڊ ۾ پنهنجو اثر و رسوخ وڌائي ۽ ان کي ايشيا ۾ ”آزاد دنيا“ جومضبوط قلعو بنائي.
    اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ھندستان ۽ پاڪستان کي فوجي امداد بند ڪرڻ جي فيصلي جي
    اعلان کان فقط اٺ ڏينهن اڳي آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مسٽر ڊين رسڪ پاڪستان ۽ ھندستان کي اپيل ڪئي ھئي ته ”اھي ننڍي کنڊ ۾ حقيقي تعاون لاءِ ڪوئي رستوڳولين“، ۽ ھن ايوان نمائندگان جي خارجه معاملات جي ڪاميٽيءَ کي اھوبه ٻڌايو ھو ته ” اھڙو تعاون آزاد دنيا جي طاقت لاءِ ھڪ مضبوط پشت پناھ بنجي پوندو“.
    گھڻو وقت نه گذريو ته ھڪ آمريڪي صدر چيو ھو ته جيڪڏھن ننڍو کنڊڪميونزم جي قبضي ۾ ھليو ويو ته ايشيا کي قبضي ۾ رکڻ ممڪن نه رھندو. جيڪڏھن آمريڪا سڄيءَ دنيا ۾ جنگ جي باھه ڦھلجڻ جو خطرو فقط ھن ڪري سـِر تي کڻڻ لاءِ تيار آھي ته ويٽ فام ۾ ڪميونزم جي خلاف پنهنجو محاذ قائم رکي ته ڇا، ھيءَ ڳالهه امڪان جي حد ۾ آھي ته ھوءَ ننڍي کنڊ مان نڪري ويندي ۽ اھڙيءَ طرح ايشيا ۾ ھميشه لاءِ پنهنجي حيثيت کي ختم ڪندي؟ ھيءَ ڳالهه صاف طور سمجھڻ گھرجي ته فوجي امداد جي خاتمي جو اعلان، پٺتي ھٽڻ جو اعلان نه، ان جي برعڪس اھو طاقت جو کليو کلايو مظاھرو آھي، ۽ ان جي چنبي ۾ آيل ملڪن لاءِ ھڪ الٽيميٽم ! ماضيءَ ۾ آمريڪا ھيءُ موقف اختيار ڪندي ھئي ته اھا ھندستان ۽ پاڪستان تي سندن باھمي جھڳھڙن جي نبيري ڪرڻ لاءِ پنهنجو اثر استعمال ڪرڻ کان قاصر آھي، خاص طور سان ھن ڪري، جو ان جي طرفان امداد جو مطلب ڪنهن ملڪ تي دٻاءُ وجھڻ نه ھو. انڪري ھوءَ دباءُ وجھڻ جي پنهنجي قوت کي استعمال ڪرڻ کان پرھيزڪندي رھي. ھڪ ملڪ ۾ سندس طاقتور ۽ ٻئي ملڪ ۾ ان جي مقابلي ۾ ذرهڪمزور موجودگي، تعزيري اقدامات جي تقاضائن کي پورو نه پئي ڪريسگھي. ان جي باوجود وقت گذرڻ سان گڏو گڏ، ٻنهي ملڪن ۾ آمريڪا جوعمل دخل گھرو ٿي ويو آھي، ۽ ھاڻي آمريڪا محسوس ڪري ٿي ته پھريون دفعو سندس اثر و رسوخ ايترو زياده ٿي ويو آھي، جو اھا ھڪ ئي وقت تي ٻنهي ملڪن تي دٻاءُ وجھڻ جي ھمت ڪري کين ملائڻ جي ڪوشش ڪري سگھي ٿي.
    1962 ع جي چيني– ھندي تصادم ۽ ان جي نتيجي طور ھندستان جي وقار ۾ آيل زوال کان پوءِ آمريڪا طرفان اتي آھستي آھستي وڏي اثر و رسوخواري حيثيت اختيار ڪئي ويئي آھي. ھندستان کي خوراڪ جي انهن ھڪ ڪروڙ ٽنن کانسواءِ، جيڪي آمريڪا ان کي ھر سال موڪليندي آھي، ۽ جيڪي فقط آمريڪا ئي موڪلي سگھي ٿي، ناقابل برداشت تڪليفن جومقابلو ڪرڻو پوندو. جيڪڏھن گذريل قرضن ۽ انهن جي وياج جي ادائگيءَ جي مسئلن کي نظرانداز ڪيو وڃي، ۽ ھندستان جي اندروني خلفشار جو پڻ خيال نه رکيو وڃي، تڏھن به آمريڪا وٽ ھن جي موجوده محتاجي ۽ پاڪستان جي دستور موجب آمريڪا تي انحصار، انهيءَ ملڪ کي ھي باور ڪرائڻ لاءِ ڪافي آھن ته ان جي موجوده فائديمند حيثيت جو ھميشه لاءِ برقرار رھڻ قرين قياس ناھي. ٻنهي ملڪن کي ملڻ واري امداد، اڄ کان اڳي ڪڏھن به وڌيڪ ڪانه ٿي آھي، ۽ ان جي نتيجي ۾ انهن جي محتاجي به، ھن کان وڌيڪ اڳي ڪڏھن به ڪانه ٿي آھي، ۽ آمريڪا ننڍي کنڊ ۾ تعلقات جون ڪجهه فوري تبديليون چاھي ٿي. عالمي توڙي علاقائي، ڊگھي عرصي لاءِ فوري، مطلب ته ھر خيال کان، پاڪستان ۽ ھندستان کي ايشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ آمريڪي مقصدن جي حصول خاطر نيٺ گڏ ڪيو وڃي. ھاڻي وقت آھي ته گذريل ٻن ڏھاڪن جي عظيم سرمايه ڪارين جو نفعو وصول ڪيو وڃي.“
    سوويت يونين پڻ ھندستان ۽ پاڪستان جي باھمي جھڳڙي جو نبيرو چاھي ٿي، پر ان جا اسباب مختلف آھن. ھڪ حد تائين ته ٻنهي عالمي طاقتن جا مفاد ھڪجھڙا ۽ ساڳيا آھن. 12-اپريل 1967ع تي واشنگٽن ۾ جاري ڪيل بيان ۾ اعلان ڪيو ويو آھي ته آمريڪا جي ھندستان ۽ پاڪستان جي فوجي امداد بند ڪرڻ جي فيصلي تي، ٻين ملڪن کان علاوه سوويت يونين سان پڻ مشورو ڪري ان کي باخبر ڪيو ويو ھو. جيڪڏھن ٻيئي عالمي طاقتون ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھڪ فيصلي کي زبردستيءَ مڃائڻ تي پاڻ ۾ رضامند آھن ته پوءِ ان جي معني ٰ اھا آھي ته پاڪستان کي وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پونديون، ۽ ان کي عوامي جمھوريه چين سان دوستيءَ جي رستي تي وڌيڪ دليريءَ سان ھلڻو پوندو. ان جي باوجود سوويت يونين جو عمل آمريڪا سان باھمي رضامنديءَ جو نه ٿيو، ۽ جيڪڏھن اھو قبول ڪرائڻ تي زور ڏيڻ ۾ تعاون نه ڪري ته اھريءَ صورت ۾ پاڪستان لاءِ پنهنجي غير جانبداريءَ کي قائم رکڻ ۾ گھٽ مشڪل پيش ايندو.
    روس، آمريڪا ۽ چين جي اثر کي روڪڻ لاءِ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان امن چاھي ٿو. آمريڪا انهن ٻنهي ملڪن جي درميان ھن ڪري امن چاھي ٿي ته ھو ان جي ذريعي سوويت اثر و رسوخ کي ننڍي کنڊ ۾ ڦھلجڻ کان روڪي، ھندستان ۽ پاڪستان کي مشترڪه طور مقابلي ۾ کڙو ڪري. اھو آھي اھم ترين فرق، ۽ جيڪڏھن چين ۽ روس جا اختلاف ايتريقدر گھرا نه ٿي وڃن ھا، ته اھو فيصله ڪن ٿئي ھا. سوويت يونين جي طرف کان ھن ڳالهه جو گھٽ امڪان آھي ته اھا پاڪستان تي آمريڪا جھڙي شدت سان ھندستان جي مقابلي ۾ گھٽ حيثيت قبول ڪرڻ لاءِ زور ڏي، ۽ چين سان کلم کلا دشمنيءَ جو رويو اختيار ڪري. ان جي برعڪس آمريڪا کي ھن ۾ دلچسپي ٿيندي ته پاڪستان ھندستان سان تعاون ڪري ان طرح ھو انهيءَ طرف کان چين جي چوڌاري وڌل گھيري کي مڪمل ڪري. ھند و پاڪستان جو ننڍو کنڊ ئي ھڪ اھڙو خال رھجي ويو آھي، جنهن کي پر ڪرڻ باقي آھي. فقط وقت ئي ڏيکاريندو ته سوويت يونين آمريڪا سان پنهنجي مشترڪه مفاد جي ھڪ حصي جي تڪميل لاءِ ڪيستائين تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آھي. ٿي سگھي ٿو ته سوويت يونين جو موقف ڪجهه عرصي تائين آمريڪا جي موقف جي قريب رھي، پر ھن ڳالهه جو امڪان گھٽ آھي ته مفاد جي قريب غير معين مدت تائين باقي رھي. ھاڻي، سوويت يونين لاءِ يقينا اھو وقت اچي ويو آھي ته اھا پنهنجي عالمي ڪردار جو نئين سر تعين ڪري، ۽ انهن شڪن ۽ شبهن کي دور ڪري. جيڪي ان آمريڪا جي ڳالھين ۾ اچي ھڪ جي پٺيان ٻي سودي بازيءَ ۾ ڦاسي پيدا ڪيا آھن. بهرحال، مستقبل ۾ سوويت يونين سان زياده فائديمند تعقات طئي ڪرڻ لاءِ پاڪستان وٽ داءُ پيچ لڙائڻ جي ڪافي گنجائش آھي. پر جيڪڏھن وقت ۽ موقعو ھٿن مان نڪرڻ ڏنو ويو ته دير مدار سان ڪيل اقدامات بي معني ٰ رھجي ويندا، ۽ اھو پاڪستان جي سياست لاءِ ھڪ تمام وڏو الميو ٿيندو.
    آمريڪا جو موقف وڌيڪ واضح آھي. اھا جنهن ڳالهه جي ڪڍ آھي، سا ڳالهه ان جي بلند ترين عالمي مفاد جي عين مطابق آھي ۽ انهيءَ حد تائين اھا سمجھڻ لائق آھي. ھيءَ حقيقت، ته پاڪستان کي ان جي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، سا فقط پاڪستان جي عوام سان تعلق رکي ٿي. بهتر ائين ٿيندو ته اسين احتجاجن جي طوفان کڙي ڪرڻ بدران، جيڪو قومي مقصد جو ڪو به فائدو ڪرڻ کان سواءِ دٻجي وڃي ٿو، انهيءَ وڏي آزمائش جو غير جذباتي انداز ۾ مقابلو ڪريون. آمريڪا سان پاڪستان جي تعلقات جي دوران ۾ ھيءُ ڪو پھريون بحران ناھي. انهيءَ قسم جو طر ز ِ عمل ڪافي عرصي کان وٺي خاصو واضح رھيو آھي. آمريڪا طرفان ڪيل ھرنئون عمل، متعين مقصدن لاءِ ڪيو ويو آھي. ھر بحران جي پٺيان گوڙ شور وارن اخباري تبصرن ۽ بيانن جو طوفان کڙو ڪيو ويو آھي. جن کي بعد ۾ حفاظت سان دفترن ۾ داخل ڪيو ويو آھي. انهيءَ کي ”خوش ڪريو– ٺونشو ھڻو“ قسم جو طريقو چئي سگھجي ٿو، ۽ اھو ھڪ اھڙو طريقو آھي، جنهن سان پاڪستاني رھنمائن کي منجھائي، اتان جي عوام جي عزت کي مڪمل سودي بازيءَ جي خلاف ڪمزور ڪيو وڃي ٿو.
    پاڪستان کي عالمي گروه بنديءَ طرف ڌڪي وڃڻ لاءِ قدم کنيو وڃي ٿو، جنهن جي خلاف وڏي واڪي وارا، پر غير مؤثر احتجاج بلند ڪيا وڃن ٿا. پوءِ پاڪستان س جي سرڪاري ترجمان کي سندن ڪم تي واپس وڃي ويھڻ لاءِ آماده ڪرڻ واسطي، پاڪستاني حڪومت جي آڏو ھڪ ”اقتصادي گجر “ لوڏائي وڃي ٿي( سبز باغ ڏيکاريا وڃن ٿا). انهن ترغيبن ڪيئي شڪليون اختيار ڪيون آھن، مثلا ” پي. ايل. 48“ جي تحت خوراڪ جي فراھمي، جنهن جا شرط آمريڪا جي سياسي ضرورتن مطابق بدلبا رھن ٿا، رٿائن ۽ شين جي صورت ۾ امداد، جن جو تعين عالمي بئنڪ جي تحت قائم ٿيندڙ ڪنسوريشم جي ششماھي اجلاس ۾ علحده ۾ علحده مشترڪه، ٻنهي نمونن سان ڪيو وڃي ٿو. ڪنسوريشم کان ٻاھر رٿابنديءَ جي امداد جو طريقو، جنهن کي سنڌو ماٿريءَ جي معاھدي ۾ سم ۽ ڪلر جي رٿائن جي سلسلي ۾ استعمال ڪيو ويو آھي، پاڪستاني رپئي لاءِ سھاري، ۽ ڳوٺاڻي ترقي يا انهيءَ قسم جي ٻين رٿائن لاءِ ڪائونٽر پارٽ سرمايه جو استعال. پوءِ مناسب وقت گذري وڃڻ کان پوءِ ھڪ ٻيو ٺونشو لڳي ٿو، جنهن تي احتجاج شروع ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن تي وري ڪي ٻيون اقتصادي ملمون رکي کين ٿڌو ڪيو وڃي ٿو، ۽ اھڙيءَ طرح سان قافلو پنهنجي منزل ِ مقصود طرف ھلندو رھي ٿو. انهيءَ قسم جي ڪارروائي نومبر 1959 ع ۾ ان وقت شروع ڪئي ويئي، جڏھن ھندستان ۽ چين جي درميان لداخ جي مٿانهن پٽن جي چوٽين تي سرحدي جھڙپ ٿي ھئي. موجوده صورتحال، بدليل حالتن جو محض ھڪ اڻٽر نتيجو آھي. نين حالتن ننڍي کنڊ ۾ آمريڪا جي مقصدن ۾ تبديلي آندي آھي ۽ انهيءَ ڪري پاڪستان کي ھڪ کان پوءِ ٻيو بحران ڏسڻو پيو آھي.
    آمريڪا جي رويي ۾ تبديلي اچڻ سان، غير جانبداري ۽ علحدگي، جن کي ڊلس ڪنهن زماني ۾ غير اخلاقي سڏي انهن جي مذمت ڪئي ھئي، تن کي ھاڻي عزت جي نگاھن سان ڏسڻ شروع ڪيو ويو. دنيا کي ھندستان جي اھميت، سندس علائقي جي وسعت، ۽ ان جي تمام وڏي آدمشماريءَ جي اھميت ياد ڏياري ويئي. ان کي ايشيا ۾ جمھوريت جي نمائشي مثال طور پيش ڪرڻ لاءِ ڪيئي اھم سبب ھئا. سن 1961ع ۾ غير منسلڪ ھندستان کي منسلڪ پاڪستان کي ترجيح ڏيندي، ان لاءِ غير متناسب انداز ۾ اقتصادي امداد مقرر ڪئي ويئي. پر پاڪستان سوويت يونين ۽ چين سان رابطو قائم ڪري پنهنجي نقصان جي تلافي ڪانه ڪئي. انهن ڏينهن ۾ روس جو جواب شايد اسان جي حال جي موافق ھجي ھا، ڇاڪاڻ ته چين ۽ روس جي درميان اختلافات اڃا منظر عام تي نه آيا ھئا، ۽ روس ۽ آمريڪا جي درميان وقتي ٺاھه جي تشڪيل اڃا پوري نه ٿي ھئي، پر پاڪستان فقط فرسوده ڪاغذي پروپئگنڊا سان ئي پنهنجو رد عمل ڏيکاريو، جنهن کي جلد ئي ڪجهه اقتصادي امداد غلامانه انداز ۾ قبول ڪرائي، خاموش ڪيو ويو. ان کان پوءِ ٻيو ڏکوئيندڙ ٺونشو 1962ع واري چيني- ھندستاني سرحدي تنازعي جي دوران لڳو، جڏھن آمريڪا موقعو وٺي پاڪستان سان ڪيل پنهنجن وعدن جي خلاف ھندستان کي تمام گھڻي فوجي امداد پھچائي. ان کان پوءِ وري ھڪ اھڙو ڊگھيءَ مدت وارو فوجي امداد جو معاھدو غير منسلڪ ۽ غير جانبدار ھندستان سان ڪيو ويو، جنهن مان منسلڪ پاڪستان کي خطرو لاحق ٿيو ۽ جنهن مان اڳواڻن وعدن جي ڀڃڪڙي ٿي رھي ھئي. مختصر اھو ته ننڍي کنڊ ۾ ھٿيارن جي جنوني ڊوڙ جي شروعات ۽ ھمت افزائي آمريڪا جي ھٿان ٿي.
    پوءِ، سن 1965ع ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان جنگ ڇِـِڙي. جيڪڏھن اسان انهيءَ جنگ مان ڪافي سبق نه سکيو، ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقات جو موجوده بحران پڻ غالبا اسان لاءِ زياده سبق آموز نه ٿيندو. چين، جنهن جي خلاف سيٽو جي تنظيم خاص طور کڙي ڪئي ويئي ھئي، تنهن سيٽو جي اتحادي تنظيم جي ھڪ ميمبر ملڪ، پاڪستان لاءِ ھمدرديءَ ۽ امداد جو مظاھرو ڪيو. پاڪستان جي پرڏيھي پاليسيءَ جي الميھ جا ڪيئي طنزيھ نظارا ۽ رخ آھن. ھيءُ ملڪ پنهنجي معاھدي جي بخين اڊڙڻ بعد، پنهنجي قومي سلامتيءَ ۽ علاقائي سالميت جي تحفظ لاءِ نوان رستا ڳولڻ تي مجبور ٿيو. ڇا، اھو ممڪن ھو ته آمريڪا سان مصنوعي بنيادن تي خصوصي تعلق دوباره قائم ڪرڻ سان، جيئن ڊسمبر 1965ع ۾ ڪوشش ڪئي ويئي ھئي، اھو مقصد حاصل ٿي سگھي ھا؟ معروضي لحاظن ھن وقت تائين اھڙي رقيق ميلاپ لاءِ ٿيندڙ ھر ڪوشش کي ناڪام بنايو آھي. قومي سلامتيءَ لاءِ ڳولا مختلف نمونن سان ۽ ڪن ٻين پاسن ۾ ٿيڻ گھرجي. آمريڪا جو رويو ان وقت تائين سخت ئي ٿيندو ويندو. جيسين پاڪستان سندس شرط شروط قبول نه ڪندو يا ھڪ ليڪ ڪڍي، ”ھن ھنڌ تائين، ۽ ھن کان اڳتي نه“ نه چوندو. آمريڪا جي ” راضي ڪريو- ٺونشو ھڻو“ واري حڪمت عمليءَ جو تازه ترين نمونو، تربيلا بند لاءِ ڪيل وعدو آھي، جيڪو پاڪستان کي تسلي ڏيڻ لاءِ ڏنو ويو ھو.ان کان پوءِ اھو اڻٽر ٺونشو 12- اپريل 1967ع تي لڳو، جڏھن پاڪستان جي فوجي امداد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ھن ڳالهه جو فيصلو، ته ڇا پاڪستان آمريڪا سان سندس تعلقات جي موجوده رخ کي موڙي سگھي ٿو يا نه، فقط ان وقت معلوم ٿي سگھندو، جڏھن مزاحمت ڪئي ويندي. پاڪستان جي قومي مفادن جو تحفظ ضرور ٿيڻ گھرجي، خواه ائين ڪرڻ، آمريڪا جي نارضامنديءَ جي قيمت ادا ڪرڻ سان ئي ممڪن ٿئي. ھن جو ھروڀرو ڪو اھو مطلب ناھي ته پاڪستان کي مادي طور آمريڪا جي طاقت خلاف صف آرا ٿيڻو پوندو، پر اھو ته اسان کي انهيءَ حقيقت کي پوري عزم سان سفارتي، سياسي ۽ اقتصادي ذريعن سان واضح ڪرڻ گھرجي ته اسان کيس پنهنجن قومي مفادن جي آھستي آھستي ڪترڻ جي اجازت ھرگز نه ڏينداسون. انهيءَ قسم جي موقف لاءِ اسان کي داخلي ردو بدل ۽ قربانين جي ضرورت پوندي، پر آمريڪا سان ھروڀرو ڪنهن دير- ڇڪتاڻ جي ضرورت ڪانه پوندي. ھڪ ئي مھل گذري ويندڙ بحران، ھڪٻئي جي پٺيان ايندڙ گھڻن بحرانن کان بهتر آھي، جن ۾ ڪجهه ساھي کڻڻ جا درمياني وقفا ته برابر ھجن، پر جيڪي (بحران ) بعد ۾ اھڙين اڻٽر ھنگامي حالتن طرف گھلي وڃن، جتان پاڪستان لاءِ سندس وقار جي دوباره بحالي ان جي وس کان ٻاھر ٿي وڃي.
    دٻاءُ، ھڪ ناشائستو لفظ آھي. انهيءَ لفظ کي سفارتي ٻوليءَ ۾ استعمال ڪرڻ بداخلاقي سمجھيو ويندو آھي. ان جو مطلب اھو ناھي ته ڪو قومن ماضيءَ ۾ دٻاءُ استعمال ئي نه ڪيو آھي. مادي تلسط واري زماني ۾، جبر ۽ زور ۽ زبردستيءَ کي نهايت بيھودي طريقي سان استعمال ڪيو ويندو ھو. اسان جي ھن نئين بيٺڪي زماني ۾ جبر ۽ زور ۽ زبردستيءَ جا طريقا وڌيڪ شائسته ۽ شاندار آھن، ۽ انهن جي دريافت ۾ ھندستان ۽ پاڪستان اڪيلا نه رھيا آھن. ڪي ملڪ، عالمي طاقتن جي سياسي اڳواڻيءَ جي سامھون جھڪڻ جي خلاف جدوجھد ۾ ڪامياب ٿيا آھن، ۽ ڪي نه. اسين، پاڪستان وارا فقط پنهنجي ئي صورتحال سان دلچسپي رکون ٿا. فوجي شعبي ۾ اسان جو مڪمل، ۽ اقتصاديات ۽ خوراڪ جي ضرورتن ۾ خاصو انحصار، آمريڪا تي رھيو آھي. سنڌو ماٿريءَ واري معاھده تي عمل در آمد کي به نظر ھيٺ رکڻ ضروري آھي. پاڪستان تي دٻاءَ جي شدت، ھندستان تي دٻاءَ جي مقابلي ۾ محض ھن سبب ڪري گھڻي زياده ھوندي، جو پاڪستان کان ٿيندڙ مطالبي جي سطح گھڻي قدر وڌيڪ اوچي آھي. دٻاءُ انهيءَ وقت تائين وڌندو ويندو. جيستائين اسين مزاحمت نه ڪريون يا وري نيازمنديءَ ۾ ڪنڌ جھڪايون. جيڪڏھن اسين ڀڳاسون ته اسان کي مرڻ گھڙيءَ تائين ڀڄندو ئي رھڻو پوندو. ھندستان تي پڻ دٻاءُ وڌندا رھندا، پر انهن جي شدت گھٽ ھوندي، جيئن فوجي امداد کي روڪڻ جي صورت ۾ ھن کان اڳي ڏٺو ويو آھي. ھيءُ فيصلو مڪمل طور پاڪستان جي خلاف رھيو.اھڙيءَ طرح ھڪ ئي وقت ۾ پاڪستان تي شديد دٻاءَ ۽ ھندستان تي معتدل دٻاءُ وڌو ويندو، ۽ ھاڻي جڏھن ته وچ اوڀر ۾ جنگ آمريڪي حليف جي فتح سان ختم ٿي آھي، تڏھن آمريڪا پاڪستان ۽ ھندستان تي اڃا به وڌيڪ دٻاءُ وجھندي. ٿوري وقفي کان پوءِ، جڏھن وچ اوڀر ۾ سياسي صورتحال وڌيڪ صاف تي ويندي ۽ جنرل اسيمبلي ھڪ وڌيڪ ٺھراءَ کي دفتر داخل ڪري چڪندي، تڏھن آمريڪا پنهنجن عالمي مقصدن خاطر، پنهنجو سڄو سارو ڌيان ڦيرائي ننڍي کنڊ طرف ڪندي.
    سن 1958 ع ۾ آمريڪا، ھندستان تي دٻاءُ وجھڻ جي پوزيشن ۾ ڪانه ھئي، پر اھا صورتحال ھاڻي بدلجي چڪي آھي. ھندستان ۾ ڦھليل عام بدنظمي ۽ ڏڪار جي ڏڪائيندڙ حالتن مان ابتدائي دخل اندازين لاءِ فائدو ورتو ويو آھي. پاڪستان وانگر اتي به دٻاءُ اڳ ۾ اقتصادي ۽ مالي دائرن ۾ وڌو ويو ۽ ائين ھن ڪري ڪيو ويو ته جيئن ھندستان جي رد عمل جي آزمائش ڪئي وڃي. يعني ھي ڏٺو وڃي ته ڇا، پاڪستان وانگر ھندستان پڻ ھڪٻئي جي پٺيان پوندڙ دٻاءَ کان درجي بدرجي مغلوب ٿي ويندو يا نه، جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار سڄيءَ طاقت جو مظاھرو ڪرڻو پوندو. پاڪستان وانگر ھندستان جي حالت ۾ پڻ شروعات ھڪ نيڪ نيت مدد گار جي صورت ۾ ڪئي ويئي. مالي حڪمت عملين بابت مشورا ڏنا ويا، جن جي نتيجي ۾ ھندستاني رپئي جي قيمت ۾ ڪمي ڪرڻي پيئي. انهيءَ ڪاميابيءَ کان خوش ٿي آمريڪا قدم وڌائي ھندستان جي زرعي ۽ صنعتي پاليسين ۾ دخل اندازي شروع ڪئي. ھندستاني حڪومت کي مشورو ڏنو ويو ته نجي صنعتڪارن کي رعايتون ڏنيون وڃن، ته جيئن آزاد ڪاروبار جي تاڃي ۽ پيٽي ۾ مضبوطي پيدا ٿئي. ھندستان جي حڪومت، جيڪا وڌندڙ مشڪلاتن ۽ ڏڪار جي ڀوت جي ڊپ ۾ مبتلا ھئي، تنهن اھا شڪست به کڻي مڃي. انهن نتيجن آمريڪا جي ھمت ايتريقدر وڌائي ڇڏي، جو اھا ھاڻي کلي ميدان ۾ آئي ۽ ٻنهي ملڪن جي فوجي امداد ھن مقصد سان بند ڪئي ته اھا انهن ٻنهي کي ھڪ زياده وسيع ٺاھه قبول ڪرڻ تي مجبور ڪري سگھي. ويھن سالن جي سخت محنت ۽ ڪوششن کان پوءِ حالتن ملي آمريڪا کي ھندستان ۽ پاڪستان ۾ ھڪ غالب حيثيت عطا ڪري وڌي. اھا ويھن سالن جي سفارتي ثابت قدمي ۽ اورچائيءَ جي ھڪ نمايان فتح آھي. آمريڪا کي ننڍي کنڊ جي سٺ ڪروڙ انسانن مٿان تسلط حاصل ھئڻ لاءِ خوش ٿيڻ جو ھر ھڪ سبب آھي، ڇاڪاڻ ته ٻي مھاڀاري لڙائي کان اڳي ان کي اتي ڪو به اثر و رسوخ ڪو نه ھو. ايڏي ساري صبر آزما محنت کان پوءِ ھاڻي ان لاءِ فصل ڪاٽڻ جو وقت اچي ويو آھي، ۽ 12- اپريل سن 1967ع تي، آمريڪا طرفان سندس بي انتها سرمايه ڪاريءَ جي پھرين قسط جي ادائگيءَ لاءِ مطالبو ڪيو ويو.
    ننڍي کنڊ مان پٺتي ھٽڻ جي اعلان جي برعڪس، آمريڪا جي انهيءَ فيصلي مان اڳتي وڌايل ھڪ طاقتور ۽ اھڙي سوچيل سمجھيل قدم جو مطلب وٺڻ گھرجي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ ھندستان کان پنهنجا شرط مڃائڻ آھي. ننڍي کنڊ جي تاريخ انهيءَ وقت کان وٺي، يورپي طاقتن جي مداخلت جي مثالن سان ڀري پيئي آھي، جڏھن انگريزن ۽ فرينچن پھرئين ڀيري ھن ننڍي کنڊ جي ڪنارن تي قدم رکيا ۽ ڪن ھنڌن تي آباد ٿيڻ لاءِ حق حاصل ڪيا. آمريڪا انهيءَ تاريخي معلومات کان مدد وٺي، سامراجيت جي اثر جي آزمايل طريقي کي دھرايو آھي. آمريڪين کي اڄڪلھه جيڪي اقتصاددي رعايتون ۽ فوجي سھولتون ڏنل آھن، تن مان ڪلائيو جي ديوانيءَ جي تمثيل ملي ٿي. ڪلڪتي، مدراس، پانڊيچري ۽ ٻين ھنڌن تي آبادين جي قيام جي، جتان کان يورپي طاقتن پنهجو اثر ورسوخ وڌايو ھو، ھڪ جديد مساوي صورت موجود آھي. اھو چئي سگھجي ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ آمريڪي اثر و رسوخ جي توسيع انهن رعايتن کان ڪجهه مختلف آھي، جيڪي يورپ جي تجارتي قومن کي ڏنيون ويئون ھيون، ۽ درحقيقيت ڪي فرق آھن به؛، پرامن تجارتي بستين کان گھٽ خطرو ڇو ڏسي؟ جيڪڏھن اھي پرامن تجارتي بستيون فتوحات لاءِ سرحدي مورچا بنجي ويئون ھيون، ته فوجي اڏا ڪھڙي اعتبار کان گھٽ خطرناڪ آھن؟ ھر فوجي رعايت، جيڪا ڪنهن ايشيائي ملڪ جي طرفان ڏني وڃي ٿي، سا انهيءَ ملڪ لاءِ خطري جو سرچشمو آھي. اھي خطرا اھڙا ته سنگين آھن، جو فرانس ناٽو کي اطلاع ڏيئي پنهنجي علاقي ۾ قائم ٿيل سڀني فوجي اڏن کي ختم ڪرائي ڇڏيو. ھندستان ۽ پاڪستان بنگال جي ديوانيءَ جي مساوي رعايتون، جيڪي مغل شھنشاھه طرفان ڪلائيو کي عطا ڪيون ويئون ھيون، غير ملڪي اقتصادي ۽ فوجي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ اڳيئي ڏيئي چڪا آھن. ائين پيو نظر اچي ته اسان ٻنهي مان ڪنهن ھڪ ملڪ به، پنهنجي انهيءَ نامبارڪ ماضيءَ مان ڪوئي سبق حاصل نه ڪيو آھي، جنهن جي ڪري اسان جي عوام کي ذري گھٽ ٻن سئو سالن تائين مغلوب رھڻو پيو.
    آءٌ انهيءَ ڳالهه کي دھرايان ٿو ته آمريڪا اھو دور رس نتيجن جو حامل قدم ھن ڪري نه کنيو آھي، جو ان کي ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھڪ وڌيڪ جنگ ڇڙڻ جو ڊپ آھي، يا ھن ڪري جو اھا سندن ھٿيارن جي ڊوڙ کي روڪڻ چاھي ٿي. يا ھن ڪري جو اھا ڀاري فوجي خرچن کي اقتصادي ترقيءَ لاءِ موڙڻ چاھي ٿي. آمريڪي حڪومت طرفان سرڪاري طور ڏنل سببن جو مطلب، سندس فيصلي کي شرافت جو جامو پھرائڻ آھي، پر نيڪ نيتيءَ جي پيش منظر پٺيان اصلي مقصد ھيٺئين طرح آھن:
    (1) آمريڪا کي اڄ ھندستان ۽ پاڪستان ۾ جيڪو اثر حاصل آھي، سو پنهنجي عروج تي آھي، ۽ ان کي يقين آھي ته اھا ٻنهي ملڪن کي ھڪ ئي وقت تي سندس عالمي مفاد جي موافق ٺاھه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري سگھي ٿي.
    (2) آمريڪا چاھي ٿي ته ان طرح جو سٽاءُ جلد وجود ۾ اچي، ڇو ته ان کي ويٽ نام ۾، جتي اھا سمجھي ٿي ته ھوءَ ايشيا کنڊ ۾ پنهنجي مستقبل لاءِ ھڪ فيصله ڪن جدوجھد ۾ مصروف آھي، روزانو وڌندڙ مشڪلات جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو.
    (3) ھوءَ سوويت يونين ۽ پنهنجي درميان في الحال پيدا ٿيل مفاھمت جي ڪري ھن خيال جي آھي ته ھيءُ وقت مناسب آھي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مفاھمت ننڍي کنڊ ۾ ھڪ مشترڪه دلچسپيءَ جو علائقو متعين ڪري ڇڏيو آھي ۽ آمريڪا کي اميد آھي ته روس صورتحال جو ناجائزو استحصال ڪرڻ کان باز رھندو.
    (4) آمريڪا جو خيال آھي ته چين في الحال پنهنجن داخلي مسئلن ۾ ايتريقدر ڦاٿل آھي، ۽ ان کي ايڏيون گھڻيون ناڪاميون نصيب ٿيون آھن، جو ھو ڪو دليرانه جوابي قدم نه کڻندو.
    (5) ھندستان ۽ پاڪستان جون داخلي مشڪلاتون خصوصا اھي جيڪي اقتصادي ۽ خوراڪ جي فراھميءَ متعلق آھن، ٻنهي ملڪن تي مختلف قسمن جي دٻاءُ وجھڻ لاءِ ساز گار آھن.
    (6) آمريڪا، ھندستان ۽ پاڪستان ٻنهي تي وڌل دٻاءُ جي رد عمل جي حڪمت ِ عملين کي وڌيڪ تيزيءَ سان حاصل ڪرڻ خاطر، اھا نئين ۽ وڌيڪ سخت دٻاءُ وجھڻ جو سوچيل سمجھيل خطرو کڻي سگھي ٿي.
    اھو پڇڻ مناسب آھي ته جڏھن آمريڪا وٽ اقتصادي دٻاءُ وجھڻ جا ڪيئي ذريعا به ھئا، ته پوءِ ان فوجي ميدان ۾ جبر کان ڪم وٺڻ ڇا لاءِ پسند ڪيو؟ ھن ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته فوجي امداد کي بند ڪرڻ جي اعلان کان اڳي انهن طريقن سان ڪجهه نه ڪجهه دٻاءُ وڌو ويو ھو. دراصل، انهيءَ فيصلي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪيئي دٻاءُ خفيه طريقن سان استعمال ڪيا ويا ھئا. آمريڪا اھي معاھدا رد ڪري ڇڏيا، جن جي تحت ھندستان ۽ پاڪستان کي ڊگھي عرصي جي سخاوت واري بنياد تي خوراڪ ملندي ۽ اھڙا نوان معاھدا طئي ڪيا، جن جا شرط شروط سخت ھئا، ۽ جن جي تحت اقتصادي امداد جي فراھمي ٽڪرن ٽڪرن جي بنياد تي ڪئي ويندي رھي. جنهن جي ڪري غير يقيني حالت جي دٻاءُ اقتصادي صورتحال تي عام طرح خراب اثر وڌو. بهرحال، اقتصادي بندشن جو اھو ساڳيو اثر نه پوندو آھي، ڇاڪاڻ ته ان طرح سان قوم جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي آھي. اقتصادي مشڪلاتن تي عام طور داخلي ڦيرن گھيرن ڪرڻ سان قابو حاصل ڪري سگھبو آھي. ھن حالت ۾ ڊگھي عرصي جو اقتصادي دٻاءُ پاڪستان کان وڌيڪ ھندستان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ھا، جڏھن ته ھن وقت وڌيڪ پاڪستان تي دٻاءُ وجھڻو آھي، ڇاڪاڻ ته ان کان وڏيءَ حد تائين، ھندستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تقاضا ڪئي وڃي ٿي. ڪنهن قوم جي خوراڪ جي فراھميءَ تي وڌل دٻاءُ، طاقتور ھٿيار ٿي سگھي ٿو، پر ان جو کلم، کلا استعمال ڏڪار جھڙيون حالتون پيدا ڪرڻ سان، آمريڪا جي صورت کي بگاڙي رکي ھا. ڇاڪاڻ ته اھو ھڪ اھڙو عظيم مسيحي ملڪ آھي، جيڪو پنهنجين انسانيت نواز روايتن لاءِ مشھور و معروف آھي. ان کان علاوه، جيڪڏھن خوراڪ روڪي وڃي ھا ته ان طرح سان پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ھندستان کي وڌيڪ ضرر پھچي ھا، ۽ مٿي بيان ڪيل سبب ڪري، وڌيڪ دٻاءُ پاڪستان تي وجھڻ ضروري ھو.
    فوجي امداد کي روڪڻ جي ظاھري صورت اخلاقي قدم جي ھوندي آھي ۽ اھو وقت جي رجحان جي عين مطابق ھوندو آھي. ظاھري طور، جيئن ته اھو فيصلو امن افزا آھي، ان ڪري اھو اقوام متحده جي روح جي مطابق آھي، جيڪا ھٿيارن گھٽائڻ تي زور ڏئي ٿي. آمريڪي سياست سان ايترو انصاف ضرور ڪرڻ گھرجي ته ان جي طرفان کليل سزا ڏيڻ کان اڳ ۾ گھٽ نقصان ڏيندڙ ذريعا استعمال ڪيا ويا. ڪنهن ملڪ تي ظاھري دٻاءُ وجھڻ ڪڏھن به خوشگوار عمل نه ھوندو آھي، پر ھاڻي ان کي فقط ان ڪري استعمال ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ان کان گھٽ واضح ڪوشش مان تسلي بخش نتيجا نه نڪري سگھيا. 12_ اپريل سن ١٩٦٧ع واري فيصلي جو اعلان، خفيه رابطن جي ھڪ سلسلي جي ماحول ۾ ٿيو ۽ آمريڪا جي سرپرستيءَ ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي مشترڪه اقتصادي اقدامات تي بحث مباحشي جون خبرون پڻ اينديون رھيون.سن ١٩٥٨ع کان وٺي آمريڪا جي پرڏيھي پاليسيءَ جو رخ، پاڪستان کي ھندستان سان مشترڪه رٿائن جي ڪنهن اھڙيءَ سلسلي ۾ ڦاسائڻ طرف رھيو آھي، جنهن سان پاڪستان کي ماتحت حيثيت ۾ آڻي بيھاريو وڃي.انهيءَ مقصد جي پيرويءَ ۾ صدر جانسن طرفان آمريڪي ڪانگريس جي نالي موڪليل ھڪ پيغام ۾ مشترڪه علاقائي رٿائن جي خوبين تي فصاحت ھڪ پيغام ۾ مشترڪه علائقي رٿائن جي خوبين تي تي فصاحت جا درياھھ وھايا ويا ھئا.9_ مئي سن 1967ع تي نئين دھليءَ ۾ انهيءَ موضوع تي عالمي بئنڪ جي صدر مسٽر جارج وڊس تفصيلي روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ھندستان کي ان مان ڪيئي فائدا ٿيندا، جيڪڏھن اھي اھڙين رٿائن ۾ باھمي تعاون ڪن، جن لاءِ عالمي بئنڪ سرمايو مھيا ڪري سگھي ٿي. مسٽر وڊس اڳتي ھلي چيو ته ھن انهيءَ معاملي ۾ ھدستاني رھنمائن سان تبادلھ خيال ڪيو آھي، ۽ مثال طور ھن اوڀر پاڪستان ۽ ھندستان جي صوبي اولھه بينگال جي پاڻيءَ جي نظام جو ذڪر ڪيو. ھن انهيءَ مشترڪه رٿا ۾ واڌاري جي سست رفتاريءَ تي افسوس جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته رٿا جي افاديت جي شروعاتي مرحلن ۾ تمام گھڻي دير ڪئي ويئي آھي. اسان کي انهن سرگرم ڪوششن جو اطلاع پڻ مليو، جيڪي فوجن ۾ ٻه– طرفي ڪمي آڻڻ لاءِ ڪيون ويئون ھيون. ائين پيو معلوم ٿئي ته جڏھن گڏيل اقتصاي رٿائن ۽ فوجن ۾ ڪمي جا اقدامات اڳتي نه وڌي سگھيا، تڏھن آمريڪا دٻاءُ اتي وجھڻ شروع ڪيو، جتي اھا گھڻي کان گھڻي تڪليف ڏئي پئي سگھي.
    ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن جي نبيري ٿيڻ کان سواءِ ۽ تعلقات کي صحيح معنائن ۾ معمول تي آڻڻ کان اڳ ۾، ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان گڏيل اقتصادي رٿائن جي متعلق سوچي به نه ٿو سگھجي. انهيءَ قسم جو تعاون فقط برابري ۽ باھمي اعتماد مان ئي پيدا ٿي سگھي ٿو. ان کي بندوق جي نشانه چـِٽڻ سان پيدا ڪري نه ٿو سگھجي، خصوصا اھڙيءَ حالت ۾ جڏھن ھڪ قوم پنهنجي پاڙيسريءَ جي اقتصادي ۽ علاقائي حقن تي ناجائز قبضو ڪري رکيو ھجي. انهن حالتن ۾ فوجن ۾ تخفيف ڪرائڻ جي ڪوشش، عملي طور به وڌيڪ بيسود ثابت ٿيندي.

    --------


    ________________________________________
    (1) بيورلي نڪولس ” ورڊڪٽ آن انڊيا“ 1944، ص 5_ 190_.


    باب ستون: آمريڪي شرطن تي ھندستان سان اشتراڪ عمل

    ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان گڏيل اقتصادي ڪار گذاري جي حق ۾ جيڪي دليل پيش ڪيا وڃن ٿا، سي ھوبهو اھي ئي آھن، جيڪي ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي خلاف پيش ڪيا ويندا ھئا انهن دليلن کي، جن کي ھندستان جي ورھاڱي فيصله ڪن انداز ۾ طئي ڪري ڇڏيو ھو، وري ٻيھر جيئرو ڪيو ويو آھي. ننڍي کنڊ جي معيشت ۽ مسلح فوجن جي ورھاڱي جي خلاف انڊين نئشنل ڪانگريس جا اعتراض، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ ۽ مسلمانن جي ھن فيصلي سان ته، اھي ” علحده ۽ برابر “ رھندا، رد ٿي چڪا ھئا. ڪيئي سال اڳي، مسٽر جناح ۽ ھڪ برطانوي مصنف مسٽر بيورلي نڪولس جي درميان ھڪ گفتگو ۾ ورھاڱي جي اقتصادي ۽ دفاعي نتيجن تي ھن طرح سان بحث ٿيو ھو:
    خود( نڪولس): پھريون سوال اقتصادي آھي، ڇا پاڪستان جي تحت مسلمانن جي زياده امير يا زياده غريب ٿيڻ جو امڪان آھي؟ ۽ ڇا، اوھان باقي ھندستان جي خلاف چنگي ( محصول) لڳائيندا ؟
    جناح: ھن باري ۾ آءٌ اوھان کان ھڪ سوال پڇان ٿو. سمجھو ته توھان کان اھو پڇيو وڃي ته توھان ڪھڙيءَ شئي کي ترجيح ڏيندا: جرمنيءَ جي ماتحت امير انگلنڊ کي يا ھڪ غريب پر آزاد انگلنڊ کي، ته توھان جو جواب ڪھڙو ٿيندو ؟
    خود: ظاھر آھي ته انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانهي.
    جناح: بلڪل. ڇا، اھا ڳالهه توھان جي سوال کي ڪجهه بي معني ٰ نه ٿي بنائي ؟ ھيءُ عظيم نصب العين محض ذاتي آسائش يا عارضي آرام جي سوالن کان گھڻو بلند ۽ بالاتر آھي. مسلمان ھڪ سخت جان قوم آھن. سنها، لڪا ۽ مضبوط- جيڪڏھن پاڪستان ملڻ جو مطلب اھوئي آھي ته کين ڪجهه وڌيڪ سخت جان ٿيڻو پوندو ته اھي شڪايت نه ڪندا. پر انهيءَ جو مطلب آخر اھو ڇو ٿيڻ لڳو؟ انهيءَ مفروضي جو ڪھڙو قابل فھم سبب آھي ته قوميت جو عطيو اقتصادي بوجھھ بڻجي پوندو ؟ ڏھن ڪروڙ انسانن جي ھڪ با اختيار قوم، جيڪڏھن فوري طور تي خود ڪفيل کڻي نه به ٿئي، ۽ خواھ اھا صنعتي لحاظ کان پٺتي به رھيل ھجي، تڏھن به ان جي اقتصادي حالت انهيءَ کان وڌيڪ خراب ٿي نه سگھندي، جيڪا کين ان صورت ۾ درپيش ھوندي، جڏھن ان جا ٽڙيل پکڙيل ۽ غير منظم افراد پنهجويھن ڪروڙ ھندن جي تسلط ھيٺيان منتشر ٿيل ھجن ۽ ھندن جو واحد مقصد، ھنن جو استحصال ڪرڻ ھجي. ھيءَ ڳالهه منهنجي سمجھه کان واقعي باھر آھي ته ورسيلز جي معاھدي کان پوءِ ڪوئي يورپي شخص ڪھڙي طرح سان اٿي ائين چئي سگھي ٿو ته ”پاڪستان اقتصادي لحاظ کان ناممڪن آھي. انهن وڏن دماغن وارن کي، جن يورپ کي ڪاٽي ڪوٽي متضاد ۽ مصنوعي سرحدن جو ھڪ کـِل جھڙو، چتين ڳنڍيل نمونو بڻائي ڇڏيو آھي، اھو حق ڪٿان ٿو ملي ته ھو اسان کي ويھي اقتصاديات جو سبق پڙھائين، خصوصا جڏھن اسان جو مسئلو گھڻي قدر آسان آھي؟
    خود: ڇا، اھا ڳالهه دفاع سان به لاڳو ٿئي ٿي؟
    جناح: بلاشڪ، اھا دفاع سان به لاڳو آھي. ھڪ دفعو ٻيھر آءٌ وري به اوھان کان ھڪ سوال پڇان ٿو. افغانستان جو بچاءُ ڪيئن ٿو ڪيو وڃي؟ ڪيئن ؟ ھنجو جواب زياده پيچيده ڪونهي. ان جو دفاع خود افغان ڪن ٿا. اھائي ڳالهه آھي. اسين ھڪ بهادر ۽ متحد قوم آھيون، جنهن جا فرد محنت ڪرڻ، ۽ ضرورت پوڻ تي، وڙھڻ لاءِ تيار آھن. تنهنڪري دفاع جو سوال ڪھڙيءَ طرح سان خاص دشواريون پيدا ڪري ٿو ؟ اسين ٻين قومن کان ڪھڙيءَ طرح مختلف آھيون ؟ مثال جي طور ايران کان ؟ ظاھر آھي ته ھڪ عبوري دؤر ضرور ھوندو........
    جناح: اوھان کي ياد ھوندو ته ٿورو اڳ ۾ مون چيو ھو ته انگريزن کي وڏي اورچائي سان گھڻو سوچڻو پوندو. اھا ھڪ اھڙي عادت آھي، جيڪا سندن طبيعت سان موافق نه ٿي لڳي. ھو آسائش طلب آھن ۽ ھن اعتماد ۾ رھن ٿا ته ذره انتظار ڪري ڏسون، ھر ڳالهه آخرڪار ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندي. ان ھوندي به، جڏھن به ھو سوچڻ جي تڪليف گوارا ڪن ٿا، تڏھن اھي اوتريءَ ئي وضاحت ۽ تخليق سان سوچين ٿا، جيترو ڪا ٻي قوم سوچي ٿي، ۽ انهن جو ھڪ بهترين مفڪر- گھٽ ۾ گھٽ ھندستان جي مسئلي تي- پوڙھو جان برائيٽ ھو. ڇا، اوھان ڪڏھن ھن جون تقريرون پڙھيون آھن ؟
    خود: اسڪول ڇڏڻ کان پوءِ نه.
    جناح: چڱو ڀلا، ھن تي ھڪ نظر وجھو. گذريل ڏينهن اھا اتفاق سان منهنجي ھٿ لڳي ويئي ھئي.
    ھن مون کي اھو ڪتاب ڏنو. اھو ھڪ پراڻو ڦـٽل رنگ جو ڪتاب ”دي اسپيچز آف جان برائيٽ“ (جان برائيٽ جون تقريرون ) ھو ۽ جنهن صفحي تي اھو ڪتاب کوليو ويو ھو، تنهن تي 4-جون 1858ع جي تاريخ ھئي. دارالعلوم جي انهيءَ عظيم ترين مقرر انهيءَ موقعي تي جيڪي ڪجهه چيو ھو، سو ھيٺين طرح ھو:
    ”انگلينڊ ھندستان تي ڪيتري عرصي تائين حڪومت ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو؟ ڪو به آدمي انهيءَ سوال جو جواب ڏئي نه ٿو سگھي. اھو عرصو پنجاھه سال ھجي يا سئو سال يا پنج سئو سال. ڇا. ڪوئي به ماڻھو جنهن ۾ سوچ سمجھه جي ھلڪي تجلي به ھوندي، ھن ڳالهه تي يقين ڪري سگھي ٿو ته ھڪ ايڏي وڏي ملڪ کي، جنهن ۾ ويھارو کن مختلف قوميتون ھجن ۽ جنهن ۾ ويھھ ٻوليون ڳالھائبيون ھجن، ٻڌي سڌي سلطنت جو ھڪ مربوط ۽ جٽادار حصو بنائي رکي سگھجي ٿو؟ آءٌ ته انهيءَ ڳالهه کي بلڪل نا ممڪن سمجھان ٿو.“
    جناح: جيڪي ڪجهه برائيٽ انهيءَ وقت چيو ھو، سو اڄ به ائين ئي سچ آھي... درحقيقت اڃا به وڌيڪ سچ... جيتوڻيڪ ايترو زور بلاشڪ ويھن قوميتن تي ناھي، جيترو بن تي آھي. يعني مسلمان ۽ ھندو... ۽ اھا ڳالهه اڄ وڌيڪ سچي ڇو آھي؟ وقت اسان کي ھڪٻئي سان ڇو نه ڪٺو ڪيو آھي؟ ڇاڪاڻ ته مسلمان ”سجاڳ“ آھن... ڇاڪاڻ ته انهن کي تلخ تجربي مان معلوم ٿي چڪو آھي ته اھي ”متحده ھندستان “ ۾ ھندن جي ھٿان ڪھڙي سلوڪ جي توقع رکي سگھن ٿا.”متحده ھندستان “ جي معني ٰ آھي، ھندن جي تسلط ھيٺ آيل ھندستان. انهيءَ جي معني ٰ اِھائي آھي ۽ ٻيو ڪجهه به نه. ان کي ٻي جيڪا به معني ٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا، سا افسانوي ٿيندي.“ ھندستان ”ھڪ برطانوي تخليق آھي. اھو محض ھڪ انتظامي اڪائي آھي، جنهن تي نوڪرشاھي ترار جي سھاري سان حڪمراني ڪري ٿي. بس، ايتري ئي ڳالهه آھي. اھا ھڪ ڪاغذي تخليق آھي ۽ رت ۽ ماس تي ان جو ڪو به بنياد ڪونهي.
    خود: ستم ظريفي ته اھا آھي ته توھان جا ناقد چون ٿا ته پاڪستان خود ھڪ برطانوي تخليق آھي—يعني ”ڦوٽ وجھو ۽ حڪومت ڪريو“ واري اسان جي اصول کي عملي طور لاڳو ڪرڻ واري اسان جي ئي حرفت جو ھڪ مثال آھي.
    جناح: (ڪجهه گرم ٿي ) جيڪو ماڻھو ائين چوي ٿو، تنهن جي راءِ منهنجي ديانت کان علاوه، برطانوي شعور جي باري ۾ تمام ڪريل ھوندي. ھڪ ئي ڳالهه جيڪا انگريزن کي ھندستان ۾ ”رکندي“ پيئي اچي، سا آھي متحده ھندستان جو اھو ڪوڙو تصور، جنهن جو گانڌي پرچار ڪري ٿو. آءٌ وري به چوان ٿو ته متحده ھندستان برطانيه جي تخليق آھي – اھو ھڪ ڏند ڪٿا آھي، ۽ ڏند ڪٿا به خطر ناڪ، جنهن جي نتيجي ۾ دائمي فتنا ۽ فساد پيدا ٿيندا. جيسين اھو فتنو ۽ فساد باقي آھي، تيسين انگريزن کي رھڻ جو بهانو آھي. ھــِن ھڪ ڀيري، ” ڦوٽ وجھو ۽ حڪومت ڪريو“ لاڳو نه ٿو ٿئي.
    خود: اوھان جيڪي چاھيون ٿا، سو ” تقسيم ڪريو ۽ دفع ٿيو“ آھي؟
    جناح: اوھان اصلي ڳالهه ڏاڍي صفائيءَ سان ادا ڪئي آھي.
    خود: ڇا، اوھان اھو محسوس ڪريو ٿا ته برطانوي ووٽر لاءِ اھا ڳالهه ڪجهه قدر صدمي جو باعث ٿيندي؟
    جناح: سچ گھڻو ڪري صدمو ڏيندڙ ھوندو آھي. پر ھي سچ خاص طرح ڇو؟
    خود: ڇاڪاڻ ته ھڪ عام، شريف، فراخدل ووٽر، جيڪو ائين چاھي ٿو ته برطانيه پنهنجا وعدا پورا ڪري ۽ ھندستان کي آزادي عطا ڪري، تنهن ڪانگريس جي نقطه نظر کان سواءِ ٻيو ڪجهه ٻڌوئي ڪونهي. مغرب ۾ مسلمانن جي ترجماني ڪرڻ وارو ڪو مشڪل سان ئي ملندو.
    جناح: (تلخيءَ سان) آءٌ انهيءَ ڳالهه کان چڱيءَ طرح سان واقف آھيان، ھندن ھڪ طاقتور ”پريس“ منظم ڪري رکي آھي، ۽ ڪانگريس ۽ مھاسڀا کي ھندو سرمايه دارن ۽ صنعتڪارن کان جيڪا مالي امداد حاصل آھي، سان اسان کي ميسر ڪانهي.
    خود: ان جو نتيجو اھو آھي ته ھو (انگريز ووٽر) ائين سمجھن ٿا ته ڪانگريس ئي ھندستان آھي ۽ جيئن ته ڪانگريس ڪڏھن به ھيئن چوندي نه ٿي ٿڪجي ته ھندستان ھڪ ۽ ناقابل تقسيم آھي، ان ڪري ھنن جو خيال آھي ته ان کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش تنگ نظر، رجعت پسندانه ۽ سراسر بدانديشيءَ واري رٿا ڄاڻان ٿو ته اھو ذھني انتشار جو نتيجو آھي. پر پوءِ اسان جھڙي جمھوريت ۾، جنهن کي بيشمار پيچيده مسئلن جو فيصلو ڪرڻو پوندو آھي، انتشار ته عام طرح سان ھوندو ئي آھي. ھنن کي سمجھڻو اھو آھي ته واحد، غير متعصب رستو، واحد فراخدليءَ وارو رستو، جيڪو ھندستان کي ڇڏڻ ۽ حڪومت جون واڳون حوالي ڪرڻ جي مخلصانه ارادي سان ٺھڪندڙ آھي، سو آھي......
    جناح: ۽، اوھان کي اھو به چوڻ گھرجي، واحد سلامتي وارو رستو.....
    خود { پاڪستان آھي.
    جناح: پاڪستان جو اصلي روح- گھٽ ۾ گھٽ ان جي جذبي جو اصل تصور، مٿي ذڪر ڪيل گفتگوءَ ۾ ملي ٿو. ان جي رٿا جي تفصيلن جي مڪمل وضاحت، ھن ٿولھه جي ھڪ مختصر ڪتاب ۾ ڏيڻ ناممڪن آھي. ان لاءِ ته نقشن جو ھڪ وڏو ويڙھوٽو ۽ انگن اکرن جا ڪيئي صفحا درڪار آھن، ۽ اھا ڪوشش اسان کي تمام دور، ھندستان جي سرحدن جي ھـُن پار کڻي ويندي ۽ اسين بي فائدي قياس آراين ۾ ڦاسي پونداسون.
    ”تنهن ھوندي به ڪافي اعتماد سان چئي سگھجي ٿو ته ھڪ اھڙو پڙھندڙ، جنهن کي ھن معاملي ۾ تعصب کان سواءِ، صاف دل سان ان جي گھراين ۾ وڃڻ جي تڪليف گوارا ھجي، يا جنگي قسم جي ڪائي به اھڙي مشڪلات پيش نه ٿو ڪري، جيڪا ناقابل عبور ھجي، ۽ بنان ڪنهن شڪ جي ان جو حصول انهيءَ قسم جي ڪيترن ئي ٻين مسئلن کان، گھڻو وڌيڪ آسان ثابت ٿيندو، جن کي دنيا گذريل پنجاھه سالن ۾ وڌيڪ ڪاميابيءَ سان حل ڪيو آھي. بيشڪ ھي ھڪ وڏو جراحيءَ جو عمل ٿيندو، پر بدقسمتيءَ سان افراد جي زندگين وانگر، قومن جي زندگيءَ ۾ پڻ اھڙا موقعا ايندا آھن، جڏھن جراحي نه فقط مطلوب ھوندي آھي، پر زندگيءَ کي بچائڻ لاءِ اڻٽر به ھوندي آھي، ۽ ھي موقعو اھڙن موقعن مان ھڪ آھي. ھندو قوم ۽ مسلمان قوم جي درميان مستقل ٽڪراءَ ھڪ اھڙي چيز پيدا ڪري وڌي آھي، جيڪا سياسي جسم ۾ سرطان سان مشابهات رکي ٿي. سرطان جو، ان جي وڌيل حالت ۾ ھڪ ئي علاج ھوندو آھي، ۽ اھو آھي نشتر- گانڌيءَ جا عقيدت وارا علاج، برطانيه جا تسڪين بخش شربت ۽ اھي ڪرامتي نسخا، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ وڏي شوق سان آڇيا ويندا آھن– سڀ بيسود آھن. اھي دوائون مريض جي حالت کي وڌيڪ خراب ڪن ٿيون ۽ ان جي قطعي شفايابيءَ کي وڌيڪ مشڪل بنائي ڇڏين ٿيون. آخرڪار، نشتر جو استعمال ئي ڪرڻو پوي ٿو ۽ يقينا ھڪ نشتر، جيڪا ڦڙتيءَ ۽ صحيح اندازي سان استعمال ڪبي، سا اھڙن لکن چاقن کان بهتر آھي، جيڪي اونداھ ۾ انڌا ڌنڌ ڪاٽ ڪوٽ ڪندا رھندا.
    ” پاڪستان جي متعلق سڄي اختلاقي بحث ۾ عجيب ڳالهه اھا تائيد ناھي، جيڪا ان کي آھستي آھستي سڀني حقيقت پسند ماڻھن وٽان حاصل ٿي رھي آھي، پر ان جي اھا مخالفت آھي، جيڪا ھن وقت تائين ھندستان جي سچن خيرخواھن طرفان ٿي رھي آھي. اھا صورتحال يقينا ڪانگريس جي پروپئگنڊي جي قوت ۽ ان جي تسلسل جو نتيجو آھي، جنهن کي ھندن جي وڏن ڪاروباري ماڻھن جي حمايت حاصل آھي. پروئگنڊا تي ھندن جي ذري گھٽ اجاره داري آھي. ھنن غير محسوس ۽ مسسل پروپئگنڊا جي ذريعي دنيا وارن کي يقين ڏياري ڇڏيو آھي ته اھي ئي ”ھندستان“ آھن، ۽ ”ھندستان “ کي تقسيم ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش انگريزن جي طرفان ڪيل ھڪ ظالمانه سازش آھي. جيڪي ”ڦوٽ وجھو ۽ حڪومت ڪريو“ واري پنهنجي تسليم ٿيل اصول تي عمل ڪري رھيا آھن.
    ”مغرب جا اڪثر آزاد خيال ماڻھو انهيءَ پروپئگنڊا جو مڪمل طورشڪار ٿي چڪا آھن. نتيجي طور، اسان کي ھيءُ انتهائي حيرت انگريز منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اڪثر پخته ڪار برطانوي سياستدان دارالعلوم ۾ بيھي سنجيدگي ۽ خلوص سان ھندستان جي ” وحدت“ جي پيروي ھندستان جي آزاديءَ جي مشترڪه مقصد لاءِ ڪري رھيا آھن، ۽ کين ايترو به معلوم ناھي ته سندن طرفان انهيءَ ”وحدت“ تي اصرار ٿي رھيو آھي، جنهن انگريز کي سندس گاديءَ تي ڄمائي ويھاريو آھي.
    متحده ڪريو ۽ حڪومت ڪريو!
    تقسيم ڪريو ۽ دفع ٿيو(1) !“
    آزاديءَ جي ٻن ڏھاڪو سالن کان پوءِ به ھندستان ۽ پاڪستان جا تعلقات ھڪ ئي ھنڌ بيٺل آھن. ڪي به عداوتون دور نه ٿيون آھن ۽ تقسيم جي اسبابن مان ڪنهن ھڪ سبب جو علاج ڪو نه ٿيو آھي. موجوده حالتن ۾ پاڪستان جي فوجن ۾ ڪمي، سڀني تڪرارن کي ھميشه لاءِ ڄمائي ڇڏيندي ۽ ان جو فائدو ھندستان کي ملندو. اھا ڳالهه ننڍي کنڊ ۾ ھندستان جي بالادستيءَ کي طور تسليم ڪرڻ جي مترادف ٿيندي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ۽ علاقائي حقن تي ھندستان جي غاصبانه قبضي کي عملا قانوني حيثيت ڏيئي ڇڏيندي. تاريخ ۾ ڪوئي اھڙو مثال ڪونهي، جنهن ۾ ھٿيارن ۾ ٻه – طرفي ڪمي ٻن اھڙين رياستن ۾ ٿي ھجي، جن جي درميان بنيادي طور اڻ طئي ٿيل علاقائي تڪرار ھجن. ھٿيارن ۾ ڪمي جا اقدامات عام طور تي اھڙي گھڻ – طرفي سرپرستيءَ ھيٺ ڪيا ويا آھن، جھڙوڪ ليگ آف نيشنس ۽ اقوام متحده- ھٿيارن ۾ ھڪ طرفي ڪمي خودڪشيءَ جي قدم وانگر آھي. حريفن جي دمريان ٻه – طرفي ٺاھه جي بنياد تي ھٿيارن جي ڪمي خودمختاريءَ جي نفي آھي، ۽ حريفن مان ھڪ جي طرفان شڪست جو اعتراف. ھندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ في الحال ھٿيارن ۾ ٻه- طرفي ڪمي امڪان جي دائري کان ٻاھر آھي. ٻه – طرفي ٺاھه جي بنياد تي فوجن ۾ ڪمي آڻڻ تي رضامند ٿي وڃڻ، اھڙيءَ صورت ۾ ھڪ تمام وڏو خطرو آھي، جڏھن مستقبل جي دوران واقعا اميدن جي خلاف تبديليون آڻي ۽ اڻ طئي ٿيل تڪرارن تي رنجش پيدا ڪر ي سگھن ٿا.
    انهن سببن ۽ ڪن ٻين ڳالھين جي ڪري ھٿياربند فوجن ۾ ڪمي آڻڻ، ناقابل عمل آھي. اھا فقط بجيٽ سان واسطو رکندڙ ضابطن سان عمل ۾ نه ٿي اچي سگھي، نه وري اھا تخفيف ھن طرح نافذ ٿي سگھي ٿي ته ھندستان جي ھرٽن يا چئن وردي پوش سپاھين جي مقابلي ۾ پاڪستان جو ھڪ باوردي جوان ھجي، صنعت ۽ حرفت جي ھن دور ۾ ھٿيارن جي تخفيف جو مسئلو ان طرح جو ڪو سڌو سادو مسئلو نه رھيو آھي. ھاڻي ھٿيارن جي ڪمي، محض ڊويزنن ۽ برگيڊن جي تعداد ۾ ڪمي ڪرڻ جي ڳالهه نه، پر ھڪ نهايت پيچيده قدم آھي، جنهن کي اڃا تائين گھڻ – رخين ڳالھين ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي آھي. ايترن سارن عناصر جو حساب رکڻو پوي ٿو. جو طاقت جي توازن جو تعين ڪرڻ ناممڪن ٿيو پوي. پنهنجين ھٿياربند فوجن جي سطح گھٽائڻ جي عمل ۾ اسان کي ھندستان جي باقاعده فوج کان علاوھ ٻي افرادي قوت، ھٿيارن کي بهتر بنائڻ ۾ ان جي ترقيءَ جي رفتار، جوھري ترقيءَ ۾ ان جي پيشقدمي، ان جي ٻارڻ ۽ معدني وسيلن، ان جي ٽئنڪن، ھوائي جھازن ۽ ٻين خودڪار ھٿيارن ٺاھڻ وارن ڪارخانن جي تعداد ۽ ڪم جي معيار ۽ انهن ھٿيارن جي معيار کي نظر ۾ رکڻو پوندو. متوازن ڪمي لاءِ انهن ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪمن کي خيال ۾ رکڻو پوندو. ان کان علاوه، انهيءَ قسم جي ٺاھه تي علمدرآمد جي جاچ پڙتال لاءِ پڻ ڪوئي ذريعو رکڻو پوندو. اڳوڻن ٺاھن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ ھندستان جو سابقھ رڪارڊ افسوسناڪ حد تائين ناقص آھي. پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ھيڏي ساري وڏي ملڪ ۾ جاچ پڙتال ۽ نگھباني نهايت ئي مشڪل آھي، ۽ جيڪڏھن بغرض ِ محال ممڪن به ھجي، ته انهيءَ نگھبانيءَ جو محافظ ڪير رھندو ؟ جيڪڏھن ان جا محافظ آمريڪا ۽ سوويت يونين ٿيا ته ان جو مطلب جنگ کي ٽارڻ بدران سرد جنگ جي ھڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو. ۽ انهيءَ ڪارروائيءَ جو سڄو مقصد ئي فوت ٿي ويندو. چين ٻنهي ملڪن تي آمريڪا ۽ سوويت يونين جي نگھباني قبول ڪرڻ ھو اھڙو الزام لڳائيندو، جنهن جو رخ ان جي خلاف آھي.
    ھٿيارن ۾ ٻه – طرفي ڪمي جي خلاف ظاھر اعتراضن جي باوجود، پاڪستان جي حڪومت 68-1967ع ۾ ھٿياربند فوجن جي خرچ ۾ ھڪ طرفي ڪميءَ جو غير معمولي قدم کنيو. بجيٽ پيش ڪندي وزير خارجه تعمير ۽ ترقيءَ جا قصيدا ڳايا ۽ ھٿيارن جي بار جي متعلق تفصيلي تقرير ڪئي ۽ ھن انهن ھٿيارن کي غير پيداواري“ خرچ قرار ڏنو. ھندستان لاءِ خيرسگاليءَ جي اظھار طور حڪومت انهيءَ سال جي دفاعي خرچ ۾ ست ڪروڙ رپيا گھٽائي ان کي ٻه ارب پنجويھن ڪروڙن کان ٻه ارب ارڙھن ڪروڙ رپيا ڪري ڇڏيو، ۽ 66-1965ع جي بجيٽ جي مقابلي ۾، جيڪي ٻه ارب پنجاسي ڪروڙ رپيا ھئي، ان طرح مجموعي طور 24 سيڪڙو ڪمي ڪئي. سابق تجربي مان اندازو لڳائيندي معلوم ٿئي ٿو ته پاڪستان کي انهيءَ قدم کڻڻ جي شايد ڪافي گھڻي قيمت ادا ڪرڻي پوي. موجوده سرڪاري انداز فڪر جو الميھ اھو آھي ته ان اھو وساري ڇڏيو ته پاڪستان کي سيپٽمبر 1965ع واري جنگ ۾ ھن ڪري ڪيترو نقصان ٿيو جو ان ھندستان جي دفاعي خرچ ۾ تيز واڌاري جي رجحان جي باوجود پنهنجي دفاعي خرچ کي ذري گھٽ ھڪ ھنڌ تي ڄمائي رکيو ھو. جنگ جي دوران ڪيئي آفيسر پنهنجي انهيءَ تلخ ڏک کي به لڪائي سگھيا ته انهن 1962ع کان پوءِ خرچ ۾ جيڪڏھن ايترو اضافو ڪيو ھجي ھا جو ھڪ يا ٻه وڌيڪ ڊويزن فوج تيار ٿي پوي ھا ته فتح ۽ شڪست جي درميان فيصله ڪن فرق واضح ٿي پوي ھا.
    66-1965ع وارن جنگي سالن ۾ به ٻن اربن پنجاسي ڪروڙ رپين جو چوٽيءَ وارو خرچ انهن ڏھن اربن ڇھويھن ڪروڙ رپين جي سالياني خرچ جي مقابلي ۾، جيڪو ھندستان 1962ع کان وٺي دفاع لاءِ باقاعده طور مخصوص ڪندو آيو ھو، پڄي سگھڻ لاءِ مشڪل سان ڪافي ھو. آمريڪا کان امداد ملڻ جي خاتمي تي دفاع تي جيڪڏھن خرچ ۾ اضافو نه ڪجي ھا ته گھٽ ۾ گھٽ انهيءَ خرچ کي، جيڪو ھندستان جي خرچ جي مقابلي ۾ چوٿين حصي کان به گھٽ ھو، قائم رکڻ ئي زياده معقول ڳالهه ٿئي ھا. ھٿيارن جي ايتري ھڪ طرفي ڪمي ڪري، جنهن مان قومي سلامتيءَ لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا، پاڪستان جي حڪومت سنتيانا جي ھن قوم جي صداقت کان بيخبريءَ جو اظھار ڪيو ته ”جيڪي ماڻھو ماضيءَ کي ياد رکي نه ٿا سگھن، تن جي سزا ان کي دھرائڻ آھي. “
    --------


    باب اٺون: آمريڪي مطالبا ۽ پاڪستان لاءِ کليل راھون

    ننڍي کنڊ لاءِ فوجي امداد بند ڪرڻ جو آمريڪا فيصلو ظاھري طور، ھن حيثيت کان ٻنهي ملڪن جي خلاف نظر اچي ٿو، جنهن کي 1965ع واري ٽڪراءَ جي وقت ٻنهي ملڪن سان ”يڪسان سلوڪ“ جو نالو ڏنو ويو ھو. در حقيقت اھو فيصلو، ان کان اڳئين روش وانگر فقط پاڪستان لاءِ نقصانڪار آھي، جيڪو ڏھن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ فقط آمريڪا کان فوجي سازو سامان حاصل ڪندو رھيو آھي. ان جون فوجون آمريڪي ھٿيارن جون عادي آھن، ۽ دفاعي انتظام جي جوڙجڪ پڻ آمريڪي طرزفڪر جي مطابق ڪيل آھي. پاڪستان وٽ پنهنجي ضرورتن لاءِ گولھ بارود بنائڻ جا ڪافي ڪارخانا ڪينهن. جيتوڻيڪ فوجي سازو سامان جي پھچ جو فقط پاڪستان جو واحد ذريعو اوچتو بند ٿيو ھو، پر آمريڪا جي انهيءَ فيصلي جي خلاف شور ھندستان ۾ بلند ٿيو. تمام سخت شرطن جي تحت آمريڪا نقد پيسن جي ادائگي جي بنياد تي ٻنهي ملڪن کي فالتو پرزن جي فروخت لاءِ رضامند ٿيو آھي. مڃيوسين ته اھا. رعايت ھڪ مختصر مدت لاءِ پاڪستان جي دفاعي ضرورتن کي سھارو ڏيندي، پر اھو فيصلو ھن ڪري نه ڪيو ويو ته پاڪستان کي ھندستان تي سرسي حاصل ڪرڻ جي عارضي دفاعي فائدو حاصل ٿي وڃي پر ھن لاءِ ته پاڪستان جي دفاعي نظام تي آمريڪي قبضو قائم رھي. فوجي امداد کي ختم ڪرڻ کان پوءِ به ھيءَ ڳالهه آمريڪا جي مفاد ۾ آھي ته ان جي ھڪ آڱر بندوق جي گھوڙي تي رھي. اھڙيءَ طرح آمريڪا نه فقط ھـِن نهايت اھم ميدان ۾ پنهنجو اثر و رسوخ قائم رکي سگھي ٿي، بلڪ انهيءَ فوجي سازو سامان جي متعلق جيڪو تازو پاڪستان ٻين ذريعن کان حاصل ڪيو آھي، ڪارگر معلومات پڻ ڪڍي سگھي ٿي.
    جيڪڏھن پاڪستان ھاڻي پنهنجي سلامتيءَ جي بچاءَ لاءِ مناسب جوابي قدم تڪڙ ۾ نه کنيا ته انديشو آھي ته ھندستان آسام جي سرحدن تي وڌيڪ مسلمانن کي ٻاھر ڪڍي اڇليندو، انهن جي معيشت جو گلو دٻائي ڇڏيندو ۽ آزاد ڪشمير ۽ جيڪڏھن ضروري ٿيو، ته باقي پاڪستان تي به حملي ڪرڻ جون تياريون ڪندو. داخلي خلفشار ۽ خارجي مشڪلاتون ھندستان کي. انهيءَ قسم جي حملي جي ترغيب ڏيئي سگھن ٿيون. ھاڻي اڳرائي ھندستان جي خارجه حڪمت عمليءَ جو ھڪ مستقل اوزار بڻجي چڪي آھي- ھڪ اھڙو اوزار جنهن کي ھو آزادي ملڻ کان پوءِ ويھن سالن جي عرصي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ڇھن موقعن تي استعمال ڪري چڪو آھي. جيڪڏھن فوجي توازن جو لاڙو ھندستان جي طرف ٿي ويو ته ھن خوش فھميءَ جي ڪا به گنجائش ڪانهي ته ھو ستين ڀيري پاڪستان يعني پنهنجي ”دشمن نمبر اول“ جي خلاف اڳرائيءَ کي دھرائڻ کان ڪيٻائيندو.
    ننڍي کنڊ ۾ آمريڪا جي ٻين مقصدن ڏانهن توجھ ڪندي اھو چئي سگھجي ٿو ته ھن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابتيون موجود آھن ته ھندي وڏي سمنڊ تي قابو رکڻ خاطر ۽ ننڍي کنڊ لاءِ روس جي ”تاريخي خطري“ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ انگريزي ۽ آمريڪي طاقتن ھڪ متحده ھندستان رکڻ ٿي چاھيو. ھنن ورھاڱي کي بد دليءَ سان قبول ڪيو ھو ۽ ساڻ ئي ھن اميد تي ھندستان کي مضبوط بنائڻ لاءِ گھڻو ڪجهه ڪيو ته جڏھن وقتي جوش و خروش دٻجي ويندو، تڏھن ٻيئي قومون وري گڏجي ھڪ ٿي وينديون. آزاديءَ کان پوءِ آمريڪا ھندستان جي طرف ڪيئي ڀيرا ھٿ وڌايو، ۽ فقط ان وقت جڏھن اھو ظاھر ٿي ويو ته وزيراعظم نهرو ڪنهن به صورت ۾ ھندستان کي وڏين طاقتن جي سياست ۾ ڦاسائڻ ۽ عالمي سياست ۾ ھڪ پياده بنائڻ لاءِ تيار ناھي، تڏھن پاڪستان کي 1954ع وارن معاھدن ۾ ڦاسايو ويو ۽ فوجي امدادن جي آڇ ڪئي ويئي. سن 1962ع کان پوءِ سڄي صورتحال بدلجي ويئي. آمريڪا ھندستان ۾ قدم رکڻ ۽ ان کي پنهنجي اثر جي حلقي ۾ شامل ڪرڻ جو ھڪ وڏو عمدو موقعو ڏنو. ھن اميد ۾ ته اھا نيٺ پاڪستان کي ھندستان سان تعاون ڪرڻ لاءِ رضامند ڪري سگھندي، آمريڪا نهايت گرمجوشيءَ سان مشترڪه دفاع جي تجويز کي ساراھيو ۽ ان کان پوءِ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان اشتراڪ عمل پيدا ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون ڪوششون ڪيون.
    انهن بدليل حالتن جي نتيجي طور، آمريڪا ڄمون ۽ ڪشمير واري تڪرار کي نئين روشنيءَ ۾ ڏسڻ لڳي. انهيءَ جي ڪري قوام متحده جا اھي ٺھراءَ، جن ۾ ڪشمير جي عوام لاءِ خود اراديت جي حق کي عمل ۾ آڻڻ جومطالبو ڪيو ويو آھي، پس منظر ۾ گم ٿي ويا آھن. انهيءَ تڪرار کي نبيرڻ لاءِ ھن کان وڌيڪ حق بجانب ڪوئي ٻيو طريقو ٿي نه ٿو سگھي ته اتان جي ماڻھن جي مرضي معلوم ڪئي وڃي، پر آمريڪا ھاڻي انهيءَ مسئلي کي چين جي گھيري جي منصوبي جي تڪميل ۾ ھڪ پريشان ڪندڙ رڪاوٽ سمجھي ٿي. ھندستان کي ڪشمير جي ماٿريءَ ۽ ان جي لداخ واري نازڪ علائقي سان مواصلات جي ذريعن تي قابو رکڻ جي جيڪا ضرورت آھي، تنهن جو آمريڪا کي خيال رکڻو آھي. جيڪڏھن انهيءَ مسئلي جو منصفانه طريقي سان حل ٿي وڃي ھا ته امڪان اھو ھو ته ان طرح چين ۽ پاڪستان جي درميان پرامن سرحدي ٺاھه ٿي وڃي ھا. آمريڪا کي، بهرحال چين جي سرحدن تي امن نه، بلڪ ڇڪتاڻ گھرجي ته جيئن چين جون سڄيون فوجي قوتون منچوريا کان وٺي لداخ تائين ڦاٿيون رھن. آمريڪا مفادن جي مطابق اھا ڳالهه آھي ته ھي تڪرار ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھڪ وڌيڪ وسيع ۽ ھمه گير معاھدي اندر جذب ٿي وڃي. ان مان سرحدن تي ڇڪتاڻ اڃا به وڌي شدت سان ۽ ھڪ متحده فوجي طاقت جي موجودگيءَ ۾ جاري رکي سگھبي. جيڪڏھن مقصد انهيءَ تڪرار کي سرد ڪرڻ ھجي ته پاڪستان لاءِ فوجي امداد جي خاتمي ۽ ان مان پيدا ٿيڻ واري ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان جنگي عدم توازن مان فقط موجوده نامنصفانه حالت کي دائمي بنائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
    ھيءُ سوال ڪري سگھجي ٿو ته ھندستان اھڙي فائديمند ٺاھ ڪرڻ تي رضامند ڇو ناھي. جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان گھڻي کان گھڻو تعاون ئي آمريڪا جو مقصد ھجي ھا، ته ھندستان کي فتحمنديءَ جو احساس ٿئي ھا. ته تعاون آڻڻ جي انهيءَ ڪوشش جو مقصد خود تعاون آڻڻ نه، بلڪ چين کي گھيرو ڪرڻ آھي. چين سان ھڪ ننڍي مقابلي جو تجربو حاصل ڪرڻ بعد، ھندستان ان سان کليل مقابلي واري صورتحال پيدا ڪرڻ کان خائف آھي ۽ عام حالات ۾ ھو پنهنجي غير جانبداري واري حيثيت کي قائم رکڻ چاھي ٿو. پر ان کي چيني –ھندي جھڳڙي جي ورثي کي منهن ڏيڻو آھي، ۽ ان کي آمريڪا تي پنهنجي اقتصادي ۽ فوجي آڌار ۽ پنهنجي غذائي ضرورتن جو پڻ خيال رکڻو آھي. جن کي فقط آمريڪائي پورو ڪري سگھي ٿي ۽ جنهن جي امدادکان سواءِ لکين ھندستاني بک وگھي مري سگھن ٿا. جيڪڏھن اھي حالتون نه ھجن ھا ته امڪان اھو ھو ۽ ھندستان چين سان ٺاھه ٺوھه جي ڪوشش ڪري ھا. ھو ھـِن وقت اھڙو ڪو ٺاھه چاھي ٿو يا نه، سو سوال غير ضروري آھي. ھن وقت جيڪا ڳالهه موقعي جي عين مطابق آھي، سا اِھا آھي ته ھندستان چين سان پنهنجن اختلافن کي وڌيڪ شدت ڏيڻ، ۽ ان طرح عالمي ڇڪتاڻ ۾ ھڪ پياده جي حيثيت اختيار ڪرڻ نه ٿو چاھي. ھڪ سرحدي ٽڪراءَ جي ورثي سان نڀاءُ ڪرڻ ۽ سرحدي ڇڪتاڻ کي آمريڪا وٽ وڌائي پيش ڪرڻ سان ان کان اھم رعايتون حاصل ڪرڻ ھڪ ڳالهه آھي، ۽ ھڪ اھڙي معاملي ۾ ڦاسڻ، جنهن مان ننڍي کنڊ جي مڪمل تباھي رونما ٿي سگھي ٿي، بلڪل ٻي ڳالهه آھي. ويٽ نام جي جنگ پنهنجون موجوده سرحدون لتاڙي ٻاھر به نڪري سگھي ٿي. جيڪڏھن ائين ٿيو ته ھندستان ۽ پاڪستان جو رويو وڏي اھميت جو حامل ٿيندو، ۽ قدرتي طور ھندستان پاڻ کي ڪنهن به مونجھاري ۾ وجھڻ نه ٿو چاھي. ھندستان ھن وقت تائين غير وابستگيءَ جي پاليسي تي ھليو آھي، پر حالات ان کي ٻِـِٽيءِ وابستگيءَ ۾ جڪڙي رکيو آھي. پاڪستان سان تعاون جي خلاف ان جو مقابلو خود انهيءَ تعاون جي مخالفت مان پيدا نه ٿيو آھي، جيڪو ان جو تاريخي فرض آھي، پر ھن لاءِ جو انهيءَ قسم جو تعاون ان کي فقط عالمي سياست جي مونجھارن ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿو. انهيءَ سبب ڪري ھندستان انهيءَ معاملي ۾ مذبذب رھندو ۽ انهيءَ حساب سان مٿس دٻاءُ وڌندو ويندو، جيتوڻيڪ اھو دٻاءُ پاڪستان تي پوندڙ دٻاءُ کان گھٽ ھوندو. جيڪڏھن ھندستان ان کي قبول به کڻي ڪري، تڏھن به ھن جو ان مان فيض حاصل ڪرڻ مشڪل ئي آھي. جتي گانڌي ۽ نهرو ناڪامياب ٿيا، اتي پاڪستان تابعداري حاصل ڪرڻ ھندستان جي ھارايل ماڻھن لاءِ ھڪ مھميز جو ڪم ڏيئي سگھي ٿي، ۽ شايد اھا چيز عارضي طور تي اندروني خلفشار جي لاڙن کي روڪي وجھي. پر جيڪڏھن ان جي بدلي ۾ چين جو مقابلو عالمي جدوجھد ۾ ھڪ ويڙھوءَ جي حيثيت سان ڪرڻو پيو ته اھو سودو نقصان وارو ٿي پوندو. انهيءَ قسم جي بندو بست جي فائدن جي باوجود گھڻو ڪري ھندستان انهيءَ سلسلي ۾ اھوئي سوچيندو ته ان جي باعث آمريڪا جي عالمي حڪمت عملي جي گورک ڌنڌن ۾ ڦاسڻ انهن فائدن جي ضرورت کان زياده مھانگي قيمت آھي. اھڙيءَ صورت ۾ ان کي وڌيڪ زوردار دٻاءَ جو نشانو بنايو ويندو.
    ان جي باوجود، پاڪستان لاءِ قرباني، ٻـِٽي ٿيندي. ھندستان جو حاشيه بردار ٿي رھڻ جو تصورئي ڏاڍو مڪروه آھي، ۽ چين سان ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي مقصد سان ھندستان سان تعاون، اوتروئي نفرت انگيز آھي. انهيءَ قسم جو اھتمام، جيڪو آمريڪي حڪومت جي ذھن ۾ آھي، سو ھندستان لاءِ فائدن ۽ نقصان، ٻنهي جو حامل آھي، پر پاڪستان لاءِ ان ۾ فقط نقصان ئي نقصان آھن. جيڪڏھن ھندستان، چين سان اختلافن ھئڻ جي باوجود، ان جي خلاف ڪنهن وڏي ٽڪراءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ رضامند ناھي، ته پاڪستان لاءِ اھو ھيڪاري وڌيڪ ضروري آھي ته انهيءَ ملڪ سان موتمار ٽڪراءَ کان پاسو ڪري، جنهن انهيءَ وقت اسان جي مدد لاءِ پھچي پنهنجي دوستيءَ جو ثبوت ڏنو، جڏھن اسين ھندستان جي اڳرائيءَ جو مقابلو ڪري رھيا ھئاسين. پاڪستان لاءِ اھڙي قسم جي ڪنهن به وابستگيءَ ۾ مبتلا ٿيڻ، زبردست مصيبت ٿيندي.
    آمريڪا جو فوجي امداد کي ختم ڪرڻ جو مقصد اھو ھو ته اھا ٻنهي ملڪن کي چين جي خلاف مقابلي لاءِ مجبور ڪري. ھڪ مقرر مقصد جي حصول، يعني چين جي گھيري لاءِ ھندستان ۽ پاڪستان جو باھمي تعاون ھڪ ضروري قدم آھي. ويٽ نام جي ڌٻڻ ۾ بريءَ طرح سان ڦاسي پوڻ ڪري آمريڪا فقط اھڙن ملڪن کي فوجي امداد ڏيڻ پسند ڪري ٿي، جيڪي انهيءَ امداد کي ويٽ نام جي جنگ ۾ استعمال ڪرڻ تي رضامند ۽ چين جي خلاف ڪم ۾ آڻڻ تي آماده ھجن. ھو پنهنجا ھٿيار ۽ گولھ بارود اھڙن ملڪن تي ضايع ڪرڻ نه ٿي چاھي، جن جو انهن کي اھڙين لڙاين ۾ استعمال ڪرڻ جو انديشو ھجي، جن ۾ آمريڪا شريڪ ناھي.سنه1967ع جي بهار واري موسم ۾ مسٽر مئڪنمارا اعلان ڪيو ھو ته ڏکڻ ويٽ نام کان علاوه آمريڪي امداد جو وڏو حصو حاصل ڪرڻ وارا ملڪ ڏکڻ ڪوريا، ٿائلنڊ، فلپائين ۽ تائيوان ھوندا. اھي سڀ ملڪ ويٽ نام جي جنگ ۾ ملوث آھن ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ آمريڪا جي ھٿياربند فوجن سان تعاون ڪري رھيا آھن.
    انهيءَ فيصلي ذريعي ھندستان ۽ پاڪستان کي جيڪو پيغام ڏين مقصود آھي، تنهنجي قطع نظر اھو معلوم ٿئي ٿو ته دانشمنديءَ واري حڪمت عملي اھا آھي ته ھٿيار فقط انهن ئي ملڪن کي ڏنا وڃڻ، جيڪي ويٽ نام جي جنگ ۾ شريڪ ھجن ۽ انهن ملڪن کي نه ڏنا وڃن، جيڪي انهن ھٿيارن کي انهيءَ مشترڪه جدوجھد ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ھجن. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي جي خلاف جيڪو به ڄاتل سڃاتل تعصب ھجي، ۽ ڪميونسٽ چين جي خلاف ھڪ متحده ننڍي کنڊ کي تشڪيل ڏيڻ جي ڪوشش چاھي ڪيتري به شديد ھجي ۽ ڪينيڊيءَ جي صدارت واري دؤر ۾ اقتصادي امداد تي، فوجي معاھدن جي مقابلي ۾ زياده دٻاءُ وجھڻ سان چاھي جيڪي به تبديليون ٿي ويئون ھجن، فوجي امداد جي خاتمي جو اصلي مصلحتي ۽ وزنائتو سبب ويٽ نام جي جنگ جي ردوبدل ۾ دستياب ٿي سگھي ٿو. اسرائيل جي قابل فھم استشني ٰ کان علاوه، جيڪا بنيادي لحاظ کان آمريڪا جي نه فقط بين الاقوامي ذميواري آھي، بلڪ داخلي پڻ آھي، جيڪڏھن فوجي سازو سامان ٻين ملڪن کي فراھم ڪيو وڃي ٿو ته اھو ڪميونزم جي خلاف استعمال لاءِ، ۽ نه غير ڪميونسٽ لڙاين لاءِ . ڳالهه جو اصلي ڳاٽو اھو آھي ته ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي خاتمي کان پوءِ، آمريڪا جي طرفان فقط اھڙن ملڪن کي فوجي امداد ڏني ويئي آھي، جيڪي ڪميونسٽ رياستن جي خلاف معاھدن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار آھن. الھندي يورپ کي ڀاري اقتصادي ۽ فوجي امداد ھن ڪري ڏني ويئي ته جيئن اھو سوويت يونين جي خلاف ھڪ مضبوط قلعو بنجي پوي. ايشيا ۾ جنگي معاھدا به انهيءَ مقصد لاءِ ڪيا ويا. جپان، فلپائين، تائيوان، ڏکڻ ڪوريا، ٿائلنڊ ۽ ڏکڻ ويٽ نام کي عوامي جمھوريه چين جي خلاف صف آرا ٿيڻ لاءِ فوجي امداد ڏني ويئي. ايران، ترڪي ۽ يونان کي ھن ڪري فوجي امداد ڏني ويئي ته جيئن اھي سوويت يونين جي خلاف مضبوط قلعو بنجي پون. پاڪستان کي ھن شرط تي ھٿياربند ڪيو ويو ته اھو ايشيا، يورپ ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن وانگر ڪميونسٽ خطري جو احساس رکندي سوويت يونين ۽ چين جي انهن عالمگيري گھيري ڪرڻ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي وڃي، ھن جو مشترڪه ۽ اجتماعي مقصد اھو آھي ته ضرورت پوي ته طاقت جي استعمال جي ذريعي به ڪميونزم جي روڪ ٿام ڪئي وڃي.
    سمجھيو ائين ويو ھو ته پاڪستان ھڪ نظرياتي رياست ھئڻ جي ڪري دھريھ ڪميونزم جو فطري مخالف ۽ ان جي ڪري آمريڪا جو فطري دوست آھي. ھيءَ ڳالهه بلڪل چڱيءَ طرح ڄاتل ھئي ته پاڪستان جا ھندستان سان بنيادي جڳھڙا آھن ۽ ھن ڳالهه جو انديشو به موجود ھو ته پاڪستان صرف ان لاءِ فوجي امداد جي ڳولا ۾ آھي ته جيئن اھو ھندستان جي خلاف پنهنجي دفاع کي مضبوط بنائي سگھي. اھو شڪ آمريڪا جي انداز ِ فڪر ۾ ھميشه کان وٺي موجود ھو، پر ان جي برعڪس کيس ھيءَ اميد به ھئي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ھندي- پاڪستاني اختلافات پنهنجو پاڻ حل ٿي ويندا ۽ پوءِ پاڪستان پنهنجي سڄي توجھ ڪميونسٽ خطري کي ڏيندو. اھا اميد پاڪستان طرفان آمريڪا جي حمايت ۾ ڪيل ڪيترن ڳالھين جي مد نظر برحق معلوم ٿيندي ھئي، ۽ وزيراعظم نهروءَ جي انهن روين ۽ اعلانن جي مدنظر پڻ، جيڪي آمريڪا کي ڪميونسٽ غرضن جي موافق نظر ايندا ھئا. پاڪستان طرفان پنهنجي خلوص ۽ انهيءَ مشترڪه مفاد سان پنهنجي وابستگيءَ جي مظاھري ڪرڻ لاءِ، اسان ڄاڻي ٻجھي سوويت يونين ۽ عوامي جمھوريه چين سان بيگانگيءَ جي پاليسي اختيار ڪئي. سوويت يونين سان اسان جا ناتا عملي طور عدم موجود ھئا. وزيراعظم لياقت علي خان سوويت يونين طرفان دعوت نامي ملڻ جي خواھان ھئڻ جي باوجود، ان جي وصول ٿيڻ بعد اوچتوئي اوچتو پنهنجو روس جو دورو منسوخ ڪري ڇڏيو. اھو نامناسب قدم، مشڪل سان ئي سٺن ناتن پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي ٿي سگھيو. انهيءَ وڏي طاقت سان اسان جي ناتن ۾ ڪشيدگيون پيدا ٿيون، تان جو ”يو-ٽو“ واري قصي انهن کي عروج تي پھچائي ڇڏيو.
    پاڪستاب انقلاب کان جلدئي پوءِ چين کي تسليم ڪيو ھو، پر انهيءَ ملڪ سان اسان جا ناتا معمول جي مطابق بلڪل ڪين ھئا. يقينا، ھڪ موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن جو ھڪٻئي ڏانهن اچڻ ۽ وڃڻ به ٿيو ھو، ۽ ڪجهه واپاري لڳ لاڳاپا به قائم ٿيا ھئا، پر تعلقات اطمينان بخش نه ھئا. اقوام متحده ۾ چين جي داخلي جي ابتدائي حمايت ڪرڻ جي ڪجهه عرصي کان پوءِ آمريڪا جي دٻاءُ جي تحت اسان جو رويو بلڪل بدلجي ويو. ڪوريا واري تصادم جي دوران، اسين ڪن اڻ گھربل اشتعال انگيزين جا پڻ ذميوار ٿياسون، جنهنڪري سن 1962ع کان اڳ ۾ ٻنهي ملڪن جي درميان جيڪي تعلقات ھئا، تن کي خوشگوار چئي نه ٿو سگھجي. اقوم متحده ۽ ٻين بين الاقوامي اجلاسن ۾ پاڪستان عام طرح سان آمريڪا حڪمت عملين جي حمايت ڪرڻ ۾ نمايان رھندو ھو ۽ ڪن موقعن تي ته خفي ڪندڙ وفاداري ڏيکاريندو ھو. انهيءَ ڪري اھو باور ڪيو ويندو ھو ته جيتوڻيڪ ھندستان پاڪستان جو سڀني کان وڏو روايتي دشمن ھو، تڏھن به پاڪستان آمريڪا جي فطري دوست وانگر، ان جي انهن عالمي حڪمت عملين جي تڪميل ۾ سندس وفادار رھندو آيو، جن جو رخ ڪميونزم جي خلاف ھو. انهيءَ حد تائين آمريڪا سان پاڪستان جي تعلقات ۾ ڪو به تضاد ڪونه ھو ۽ اسين ھڪ مشترڪه مقصد لاءِ، ھڪ مشترڪه دشمن جي خلاف آمريڪا جي ھڪ حليف جي حيثيت سان امداد حاصل ڪندا رھياسون. ان ھوندي به، درحقيقت جنهن مفروضي جي تحت آمريڪا پاڪستان سان خصوصي تعلقات قائم ڪيا، ۽ جيڪي پاڪستان جا پنهنجا مقصد ھئا، تن ٻنهي جي درميان بنيادي تضاد ھو. آمريڪا انهن خطرن کي، جيڪي پاڪستان کي ھٿياربند ڪرڻ ۾ پوشيده ھئا، تسليم ڪيو پر ان جي باوجود ھيٺين سببن ڪري اھا فوجي امداد ڏيندي رھي:
    (1) ھن کي يقين ھو ته ھندي- پاڪستاني تڪرار جاگرفيائي، اقتصادي ۽ ٻين حالات جي مجبورين ڪري اڳي يا پوءِ حل ٿي ويندا.
    (2) ھن جو خيال ھو ته اھا ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي وڌندڙ اثر و رسوخ سان ٻنهي ملڪن جي درميان صلح ڪرائي وجھندي.
    (3) ھن جو خيال ھو ته جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان پنهنجا اختلاف نبيري وجھن، ته گھٽ ۾ گھٽ پاڪستان ڪميونزم جي خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھندو.
    (4) پاڪستان جو نظريو ڪميونزم کان مختلف ھو ۽ انهيءَ ملڪ تي قدامت پسند قيادت جو مڪمل قبضو ھو.
    (5) پاڪستان داخلي ۽ خارجي طور ڪميونزم جي خلاف پنهنجي عدالت جو ڪافي مظاھرو ڪري چڪو ھو.
    (6) آمريڪا طرفان فوجي امداد ڏيڻ جي رٿا اھڙيءَ طرح سان بنائي ويئي، جو ان جي ڏنل ھٿيارن تي ان جو اثرائتو قابو رھي، ته جيئن پاڪستان جيڪڏھن انهن ھٿيارن ۽ سازو سامان جو ”بيجا“ استعمال ڪرڻ لڳي ته آمريڪا فوري طور تي سندس انهيءَ قدم کي ناڪام بنائي سگھي.
    پاڪستان کي امداد ھڪڙن سببن لاءِ ڏني ويندي ھئي، ۽ اھا وصول ٻين لاءِ ڪئي ويندي ھئي. انهيءَ تضاد ۾ سن 1962ع واري چيني– ھندي لڙائيءَ ھڪ بلڪل نئين عنصر جو اضافو ڪري وڌو. نهرو، آمريڪا جو دشمن باقي نه رھيو. ھن مايوسيءَ ۽ فڪر جي فريب ٽٽڻ جي ڪيفيت ۾، ڪميونسٽ چين جي چنبن کان پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ، آمريڪا کي امداد لاءِ درخواست ڪئي. ھاڻي، جانبدار پاڪستان نه، بلڪ غير جانبدار ھندستان آمريڪا جي سڀني کان وڏي حريف جي خلاف جنگ ۾ شريڪ ٿيو ھو. حالات جي انهيءَ نئين ڦيري آمريڪا کي ھندستان ۾ داخل ٿيڻ جا اھڙيءَ طرح بيشمار موقعا مھيا ڪيا، ته جيئن انهيءَ ملڪ کي بتدريج چين جي خلاف، جيڪو انهيءَ وقت تائين آمريڪا جو مکيه حريف بڻجي چڪو ھو، محاذ آرائيءَ ۾ شامل ڪيو وڃي. انهيءَ بدليل صورتحال، ھڪٻئي سان اڻ ٺھڪندڙ انهن مفروضن جي تضادن کي نمايان ڪري ڇڏيو، جن جي بنياد تي پاڪستان ۽ آمريڪا خصوصي تعلقات قائم ڪيا ھئا.
    انهيءَ عرصي جي دوران پھريون دفعو پاڪستان، چين سان ۽ ڪنهن حد تائين سوويت يونين سان به تعلقات کي سڌارڻ لاءِ حقيقي قدم کنيا. حالات جي انهيءَ نئين شڪل اختيار ڪرڻ سان، اھا اميد رکڻ ته آمريڪا پاڪستان کي اڃا به غير معين مدت لاءِ فوجي امداد ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندي ايندي، ساده مزاجي ۽ غير حقيقت پسندي ٿئي ھا. واقعات اڻ محسوس ٿيندڙ نموني سان پاڪستان کي ھڪ قطعي ۽ آخري فيصلي جي طرف ڌڪي آڻي رھيا ھئا. اسان کي يا ته پنهنجن بنيادي قومي مفادن کي نظرانداز ڪري چين جو دشمن بنجڻو ھو، ۽ اھڙيءَ طرح پاڻ کي بدستور فوجي امداد حاصل ڪرڻ جو مستحق بنائي رکڻو ھو، يا چين سان پنهنجي تعلقات کي به سڌارڻ ۽ آمريڪي فوجي امداد جي معطليءَ جو خطرو کڻي به پنهنجين اھم قومي غرضن جي تڪميل لاءِ پنهنجي جدوجھد جاري رکڻي ھئي. اچو ته اڳ ۾ آمريڪا جي عالمي مفادن آڏو چپ چاپ سر تسليم خم ڪرڻ جي نتيجن تي ذرا غور ڪريون.
    تابعداريءَ کي ڪن شرطن تي قسط وار قبول ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺندي ھي ياد رکڻ گھرجي ته بين الاقوامي سياست جو ھڪ ڪم اھو ھوندو آھي ته مختلف راھن جي جستجو ڪئي وڃي ۽ اھڙن اٻهرن فيصلن کان پرھيز ڪئي وڃي، جن ۾ الٽيميٽم جو شائبه ھجي. اھم ڳالهه حڪمت عمليءَ جي تعميل ۽ انهيءَ ڪارروائيءَ جو اختيار ڪيل رخ آھي. تبديلي آھستي آھستي ۽ نامعلوم نموني سان ايندي آھي، اڪثر حالتن ۾ اھا زوردار انڪارن جي پڙدي پٺيان رونما ٿيندي آھي. اھو ڪم، ھڪ اھڙي لاباري لاءِ ٻج پوکڻ وانگر آھي، جيڪو فقط پنهنجي قدرتي مدي ۾ پچي راس ٿيندو آھي. موجوده صورت ۾ ھيٺين مان ڪنهن به ھڪ امڪان لاءِ مناسب ميعاد گذارڻ سان قبوليت ڏيئي سگھجي ھا:
    (1) ھندستان سان ھڪ اھڙي جامع فيصلي جي تحت تعاون جو ٺاھه، جنهن جي ذريعي سڀني جڳھڙن کي ھڪ وڌيڪ وسيع ٺاھه ۾ سمائي ڇڏجي ۽ پوءِ گڏجي چين جو مقابلو ڪيو وڃي.
    (2) آمريڪا ۽ ھندستان سان وڏي ۽ وسيع ميدان ۾ تعاون جي شرطن تي ھڪ اھڙو خفيه سودو، جنهن کي قبول ڪرائڻ لاءِ پاڪستان جي عوام کي تيار ڪرڻ لاءِ ڪافي مھلت ھجي.
    (3) چين جي خلاف ھندستان سان ھن شرط تي تعاون جو ٺاھه ڪرڻ، ته آمريڪا پنهنجو اثر و رسوخ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان موجود تڪرارن جي ھڪ باعزت ۽ منصفانه حل ڪرائڻ لا استعمال ڪري.
    (4) ھندستان سان ھڪ غير منصفانه ٺاھه، جنهن جي ڪري پاڪستان کي چين جي خلاف مقابلي ۾ ملوث ٿيڻو نه پوي.
    (5) ھندستان سان ڪو ھمه گير ۽ غير منصفانه ٺاھه نه ڪجي، پر چين کي پنهنجي ليکي دشمن سمجھڻ جو ٺاھه ڪجي، جيئن 1962ع کان اڳي صورتحال ھئي.
    آمريڪا جي عالمي مقصدن جي دائري اندر، مٿين امڪانن مان ڪنهن به ھڪ جو انتخاب نه ٿو ڪري سگھجي. پاڪستان، فقط عالمي طاقتن جي سياست جي دائره کان ٻاھر رھي پنهنجي لاءِ عمل جي آزادي حاصل ڪري سگھي ٿو، جيڪا ٻيا ۽ وڌيڪ فائديمند نتيجا بر آمد ڪندي.
    اچو ته مٿين امڪانن مان ھر ھڪ جي نتيجن تي غور ڪريون:
    1- آمريڪا جي نقطه نگاھ کان بهترين حل اھو ٿيندو ته پاڪستان ھندستان سان ھڪ ھمه گير ٺاھه جي تحت، اھڙيءَ طرح تعاون ڪري جو سندن جڳھڙا وڌيڪ وڏي ٺاھه ۾ جذب ٿي وڃن ۽ پوءِ ٻيئي ملڪ گڏجي چين جو مقابلو ڪن. ان جي برعڪس، پاڪستان لاءِ ھي بندوبست انتهائي نقصانڪار ٿيندو، جنهن جي نتيجي ۾ ذليل ٿي ھندستان جي آڏو سر جھڪائڻو پوندو ۽ انهن قدرن سان بي وفائي ٿيندي، جيڪي صدين کان وٺي اسان لاءِ متبرڪ رھيا آھن. ان کان علاوه ان جو نتيجو ھڪ اھڙي طاقتور ۽ دوست پاڙيسري سان دشمنيءَ جي صورت ۾ نڪرندو، جيڪو اسان جي ھڪ وڏي خطري جي گھڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ پھتو ھو. اھو حل ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ بدران، ڪشيدگين ۾ اضافو آڻيندو ۽ ڪيئي داخلي مسئلا پيدا ڪندو. اھو حل، جنگ جي شعلن کي اسان جي گھرن اندر پھچائي سگھي ٿو ۽ جيڪڏھن ويٽ نام جي جنگ ڦھلجي وڃي، ته اھو حل اسان جي ملڪ کي مڪل تباھي ۽ برباديءَ جي جنگ ۾ ڦاسائي سگھي ٿو. اھڙن شرطن تي طئي ڪيل معاھدو، نه فقط بيعزتيءَ جھڙو ۽ خطرناڪ ٿيندو، بلڪ ان مان ڪو مادي فائدو به حاصل ڪو نه ٿيندو.
    ٢- اھڙي قسم جي افسوسناڪ سودي بازيءَ کي گھڻي عرصي تائين خفيه رکڻ ممڪن نه ٿيندو، ۽ نه وري ان کي زياده عرصي تائين لڪائي رکڻ آمريڪا جي مفاد ۾ ٿيندو. ان کان علاوه اھڙي سودي بازي جي انڪشاف مان ھيجان پيدا ٿيندو ۽ پاڪستان جو عوام ان جي شديد مخالفت ڪندو.
    3-آمريڪا کي اھو چئي سگھجي ٿو ته فوجي امداد جي بحاليءَ لاءِ ڪفاره طور، پاڪستان چين جي خلاف ھندستان سان تعاون ڪندو، بشرطيڪ آمريڪا ھندستان تي پنهنجو اثر وجھي ان کي پاڪستان سان سڀني تڪرارن جو باعزت ٺاھه ڪرڻ تي رضامند ڪري. اھڙي صورت ۾ آمريڪا گھڻو ڪري پاڪستان کي اھو يقين ڏياريندي ته اھا ھڪ مناسب تصفيه لاءِ نئين سر ڪوششون ڪندي، پر ساڳئي وقت پاڪستان کي خبردار به ڪندي ته اھا ھندستان کي ڄمون ۽ ڪشمير تان دستبردار ٿيڻ لاءِ مجبور ڪري سگھڻ جي پوزيشن ۾ ناھي. جيڪڏھن اھڙيون مبهم ۽ ڦـڙتي گـھڙتيءَ واريون يقين دھانيون ڏنيون وڃن ته، پاڪستان کي ماضيءَ جو تلخ تجربو ياد رکڻ گھرجي، ۽ اھو پڻ ياد رکڻ گھرجي ته شايد اھا ڳالهه آمريڪا جي مفاد ۾ ئي نه ھجي ته اھا لداخ ۾ ھندي- چيني جھڳڙي جي پيش نظر، ڄمون ۽ ڪشمير جي موجوده حالت ۾ خلل وجھي. پاڪستان اھڙي قسم جي قول ۽ اقرار کان ھڪ ڄار ۾ ڦاسي پوندو ۽ جڳھڙا بنان ڪنهن معقول ۽ اطمينان بخش بنيادن تي ڪيل فيصلي بدران، جيئن جو تيئن باقي رھجي ويندا. جيڪڏھن اھڙين حالتن ۾ پاڪستان جي فوجي امداد بحال ڪئي ويئي ته ھندستان پڻ امداد جي بحاليءَ جو مستحق ٿي پوندو. ھـُن ملڪ جي پنهنجي اندروني وسيلن ۽ ھٿيارن ٺاھڻ جي اھليت سان گڏ، جيڪڏھن سوويت يونين ۽ اڀرندي يورپ کان ھٿيارن جي لڳاتار فراھميءَ کان سواءِ آمريڪا جي بحال ٿيل فوجي امداد پڻ شامل ٿي ويئي ته ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان طاقت جي توازن جو پڙ ھندستان جي طرف ڏانهن گھڻو وڌيڪ جھڪي پوندو. اھا ڳالهه ھندستان سان تڪرارن جي باعزت فيصلي جي اھا ڳالهه ھندستان جي طرف ڏانهن گھڻو وڌيڪ جھڪي پوندو. اھا ڳالهه ھندستان سان تڪرارن جي باعزت فيصلي جي سڀني امڪانن جو سراسر خاتمو آڻي ڇڏيندي ۽ ڪجهه ئي سالن اندر ھندستان پاڪستان تي ڀرپور حملي ڪرڻ جي لائق برتري حاصل ڪري وٺندو. اھڙيءَ صورت ۾ چين، جيڪو پاڪستان جي بدليل موقف کان بيخبر ڪو نه ھوندو، پاڪستان جي مشڪلات جي جواب ۾ ھمدردانه رويو اختيار ڪو نه ڪندو.
    انهن حالتن ۾ فوجي امداد جي بحالي ڪنهن طرح سان به فائديمند نه ٿيندي. اھاامداد جيڪڏھن ھندستان جي خلاف پنهنجي بچاءَ ۾ استعمال ڪئي ويئي ته اڳئين دفعي وانگر فورا روڪي ويندي، البت ھن ڀيري فرق اھو ھوندو ته چين به اسان جو مخالف ھوندو. انهيءَ قسم جي ذمه داري قبول ڪرڻ سان، چين جي گھيري ٿيڻ بدران، خود پاڪستان جو گھيرو ٿي ويندو. ان طرح ڏکڻ جي طرف کان ھندستان ۽ اتر ۽ اوڀر جي طرفن کان چين جي دشمني قائم رھندي. ۽ تازين اخباري خبرن مان جيڪي ڪجهه اندازو ڪري سگھجي ٿو، تنهن کان افغانستان جو رويو پڻ متاثر ٿيندو. اھا ھوندي حالت، جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان نئين سر جنگ ڇڙي !
    ھن وقت يا مستقبل ۾ فوجي سازو سامان جي پھچ جي سطح اھڙي ڪافي ناھي، جو پاڪستان کي چين يا سوويت يونين جي خلاف پنهنجي بچاءَ ڪرڻ جو اھل بنائي سگھي. انهن طاقتن جي خلاف پنهنجي بچاءَ ڪرڻ جو اھل بنائي سگھي. انهن طاقتن جي خلاف دفاع لاءِ ملندڙ جنگي سازو سامان جي ناڪافي ھئڻ جي اعتراضن جي جواب ۾ آمريڪا ھميشه اصرار ڪيو آھي ته ڀرپور مسلح ٽڪراءَ جي صورت ۾ اھا پاڻ پنهنجي اٿاھھ جنگي طاقت سان ميدان ۾ لھي ايندي ۽ ”آخري“ ھٿيارن جي استعمال تي غور ڪندي. ان جي باوجود، ويٽ نام کان پوءِ ھن ڳالهه تي ڪو به ڀروسو رکي نه ٿو سگھجي ته آمريڪا وري ڪڏھن به ڀاري تعداد ۾ پنهنجي بري فوج کي ايشيا جي عظيم زميني خطه ۾ لڙائڻ لاءِ تيار ٿيندي. ان کان علاوه، ” آخري“ ھٿيارن جي استعمال جو ڪوئي اعتبار ھجي ھا، ته صدر ڊي گال فرانس لاءِ ھڪ آزاد ائٽمي بچاءُ مھيا ڪرڻ لاءِ مغربي يورپ جي متحده دفاعي نظام ۽ اوقيانوس واري اتحاد کان الڳ ٿيڻ جو جرئتمندانه قدم ھرگز نه کڻي ھا. جيڪڏھن يورپ، جيڪو آمريڪا جي ماءُ آھي، آمريڪا کان پنهنجي بچاءَ لاءِ ائٽمي ھٿيارن جي استعمال تي ڀروسو نه ٿو رکي سگھي ته ايشيا لاءِ ته اڃا به وڌيڪ ضروري آھي ته اھا ھن معاملي ۾ مشڪوڪ رھي. بهرحال، اھڙين حالتن جي تشڪيل ڏيڻ ۾ مدد گار ٿيڻ، جيڪي اسان جي علائقي ۾ ائٽمي ھٿيارن جي داخلي جي دعوت ڏين. اسان جي پنهنجي تباھيءَ جو پاڻ اھتمام ڪرڻ ٿيندو. ھڪ طرف ته اسين انهيءَ قابل نه ھونداسون ته فوجي امداد کي اثرائتي نموني ۾ ھندستان جي خلاف، جيڪو اسان جو سڀني کان وڏو حريف آھي، ۽ جنهن کان اسان کي حملي جو کٽڪو لڳوئي رھي ٿو. استعمال ڪري سگھون. ٻئي طرف، جيڪڏھن اسان کي سوويت يونين يا چين جي خلاف ڪٿي استعمال ڪيو ويو، ته ان کان شايد اسان جو ملڪ صفحھ ھستيءَ تان ئي ميسار جي وڃي. پوءِ ٻنهي صورتن ۾ 1962ع کان اڳ ۾ موجود صورتحال جي واپسيءَ مان تباھڪن نتيجا نڪرندا. انهن شرطن کي تسليم ڪرڻ جو مقصد ھيءُ ٿيندو ته امن جي دوران ڇڪتاڻ وڌندي ئي ويندي۽ جنگ ۾ تباھي نازل ٿيندي. جيڪڏھن اسان انهيءَ مبهم يقين دھانيءَ تي ھيءُ ڀروسوڪري وڌو، ته ائٽمي راڪاسن سان جيڪڏھن اسان جي جنگ ڇـِڙي ته اسان جو ستن سمنڊن پار وارو دوست، اسان جي پڪار تي ڊوڙندو ايندو ته اسان پنهنجي چوڌاري زبردست حريفن جو گھيرو وجھائي ڇڏينداسون. ٿي سگھي ٿو ته آمريڪا انهيءَ قسم جي يقين دھاني پيش ڪري، ڇاڪاڻ ته اھو سندس مقصد جي حصول طرف ھڪ قدم آھي، پر جيڪڏھن ان فوجي امداد کي انهيءَ قسم جي شرطن تي بحال ڪيو ته ان سان گڏ ٻيا وڌيڪ رسا پڻ ٻڌل ھوندا. آمريڪا جو خيال آھي ته پاڪستان جي حاليه ڪاررواين، آمريڪا جي عالمي حڪمت عملين جي مفاد جي خلاف ڪم ڪيو آھي. ان کي ٻيھر سڌي رستي تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ ھو ان باري ۾ يقين ڪرڻ چاھيندي ته پاڪستان وري ھٿن مان نڪري نه وڃي. تنهنڪري پاڪستان خواه ڪھڙيون به يقين دھانيون حاصل ڪري ۽ جيڪي به يقين دھانيون پاڻ مھيا ڪري، سي بذاتِ خود اعتماد کي بحال نه ڪري ڇڏينديون. اسان جي ملڪ کي وقت بي وقت سندس وفاداريءَ جي مظاھري تي مجبور ڪيو ويندو، تان جو اھا ڳالهه اسان کي سڀني کان الڳ ڪري بلڪل محتاج بنائي ڇڏيندي.
    4- جيڪڏھن پاڪستان چين جو مقابلو ڪرڻ تي رضامند ٿيڻ کان سواءِ، ھندستان سان تصفيه لاءِ آماده ٿي وڃي، ته اھا ڳالهه پڻ آمريڪا جي لاءِ قابل قبول ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ان کي انهيءَ مان درجي بدرجي ھڪ موقف حال ھنڌ کان ٻئي تائين وڃڻ جو موقعو ملي ويندو. انهن حالتن ۾ ھينئن به ٿي سگھي ٿو ته آمريڪا ٻنهي ملڪن لاءِ فوجي امداد بحال ڪري ڇڏي. پر اھا ائين ڪندي ته فقط ھيءُ يقين ڪري، ته مناسب وقت اچڻ تي انهن ٻنهي جو باھمي تعاون مڪمل ٿي ويندو ۽ ننڍي کنڊ ۾ خود ان جو وڌندڙاثر و رسوخ نيٺ ان کي سندس اولين مقصد حاصل ڪرڻ جي قابل بنائي ڇڏيندو. اھو بندوبست ھندستان لاءِ انهيءَ صورت ۾ قابل ِ قبول ھوندو. ٺاھه پنهنجي حد کان اڳتي نه وڌي. پر آمريڪا کي اھو فقط عبوري طور منظور ھوندو. جيڪڏھن پاڪستان غير مبهم اندازو ۾ به ھن امر جي وضاحت ڪري ڇڏي ته ان طرح جو تعاون چين جي خلاف استعمال نه ڪيو ويندو، تڏھن به ان کي انهيءَ ملڪ ۾ ڪوئي به اعتماد حاصل نه رھندو، اھو اعتماد جيڪو وڏي محنت سان حاصل ڪيو ويو آھي، ضايع ٿي ويندو ۽ چين ائين ئي سمجھندو ته حڪمت عمليءَ ۾ تبديلي ۽ ترميم فقط ان جي گھيري ڪرڻ خاطر ڪئي ويئي آھي. ان طرح، انهيءَ صورت ۾ پڻ پاڪستان چين جي دل ۾ شڪ شبها پيدا ڪري ڇڏيندو، ۽ پاڻ کي لڳاتار ھڪ کان پوءِ ٻئي مشڪل ۾ ڦاٿل ڏسندو.
    پاڪستان جي بين الاقوامي سياست جو سڀني کان وڌيڪ سخت امتحان اھڙي اھتمام جي مقابلي ۾ ٿيندو. انهن امڪانن جي شرطن کي ھندستان ۽ آمريڪا، ٻنهي جي خوشنودي حاصل آھي. اِھوئي اھو ھنڌ آھي، جتي پھچي آمريڪا ۽ ھندستان جا متوازي مفاد، ھڪٻئي جي طرف لاڙو کائين ٿا. ان ڪري پاڪستان کي انتهائي چوڪسيءَ کان ڪم وٺي انهيءَ قسم جي چالبازين کي ناڪام بنائڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته آخرڪار انهن جا نتيجا ساڳيائي نڪرندا آھن.
    5- پاڪستان، چين سان اھو سلوڪ اختيا رڪرڻ تي رضامند ٿي سگھي ٿو، جيڪو ھو 1962ع تائين ان سان ھڪ مقابلي ۾ بيٺل ملڪ وانگر روا رکندو آيو ھو، پر ھندستان سان باعزت تصفيه جي غير موجودگيءَ ۾ تعاون کان ڪترائي سگھي ٿو. وقت گذرڻ سان گڏ آمريڪا انهيءَ صورتحال کي غير تسلي بخش ڏٺو آھي. جيستائين ھندي- پاڪستاني اختلافات رھن ٿا، تيستائين آمريڪا جو ھن علائقي ۾ ڪنهن به اعتماد سان ڪم ڪرڻ مشڪل آھي. انهيءَ صورتحال ۾ اھڙا معاملا گھڻا آھن، جن جي تشخيص نه ٿي ڪري سگھجي. انهيءَ قسم جي تصفيه مان ان کي نقصان پھچندو ۽ اھا ھن کان اڳ ۾ ناڪام پڻ رھي چڪي آھي. آمريڪا چاھي ٿي ته چين جو گھڻي کان گھڻو اثرائتو گھيرو ٿي وڃي، جنهن لاءِ نه اڪيلو ھندستان ڪافي ٿيندو، ۽ نه تنها پاڪستان. انهن ٻنهي جو تعاون ضروري آھي. پر جيڪڏھن آمريڪا اھڙي نبيري لاءِ رضاند ٿي به وڃي ته اھا وري به پنهنجي عالمي مقصد لاءِ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان تعاون جي حالت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي رھندي. خاص ڪري ننڍي کنڊ جي مشرقي بازوءَ ۾ جنگي حڪمت عمليءَ جي مشڪلاتن ڪري جتي صرف ٿورن ميلن جو زمين جو ھڪ سوڙھو ٽڪرو پاڪستان کي آسام ۽ ھماليا جبلن جي رياستن کان جدا ڪري ٿو. پاڪستان جي تعاون کان سواءِ ھي سڄو علائقو مسلح مداخلت جي صورت ۾ ڏاڍو بيوس آھي. انهيءَ قسم جي ٺاھه جو نتيجو ھي ٿيندو ته چين ۽ پاڪستان جي درميان ھڪ نئين مخالفت اڀري پوندي ۽ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان موجوده ڇڪتاڻ جاري رھندي، جنهن صورتحال جو افغانستان ۾ نظر انداز ٿيڻ جو امڪان گھٽ آھي. ان مان ھڪ دفعو وري پاڪستان جو گھيراءُ ٿي ويندو، ۽ ھڪ جي بجاءِ ان جا ٽي مخالف ٿي پوندا. ان تي به داستان جو خاتمو نه ٿيندو. جيڪڏھن اسان اھڙا شرط منظو ر ڪيا، ته پاڪستان کان مطالبو ڪيو ويندو ته ھو ويٽ نام جي جنگ ۾ علامتي طور شرڪت ڪري. جيئن ئي پاڪستان ويٽ نام ۾ آمريڪا جي جنگي ڪوشش ۾ ٿورو به ملوث ٿيڻ تي تيار ٿيو، ته ھو پاڻ کي فوجي امداد جو حقدار ته بڻائيندو، پر چين سان ان جو ھڪ ناقابل صلح تنازعو شروع ٿي ويندو، اھڙو ڪم نه فقط تاريخ جي وھڪري جي خلاف ۽ اسان جي زماني جي روش جي منافي ٿيندو، بلڪ ھن جو امڪان به آھي ته ھي ھندستان کي وڌيڪ عداوت ڏيکارڻ تي ھن اميد ۾ آمادھ ڪري ته شايد ان طرح ھو ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان کليو کلايو جڳھڙو اڀاري سگھي. سوويت يونين، چين ۽ بنان ڪنهن شڪ جي، سڀ اشتراڪي ۽ غير منسلڪ رياستون سمجھنديون ته اسان اھڙا زر پرست آھيون، جو پنهنجن ساٿي ايشيائين جي خلاف ھڪ وحشيانه ۽ بي انصافي واري جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان به نه ٿا ھٻڪون.پاڪستان لاءِ سڀ جو سڀ يعني پنج ئي امڪان قبول ڪرڻ جي قابل ناھن. ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ اھي سڀ اسان کي يڪسان موتمار نتيجن جي طرف وٺي وڃن ٿا. ان جو اھو مطلب ناھي ته پاڪستان ھندستان سان تصفيه نه ٿو چاھي. بنان ڪنهن شڪ جي، پاڪستان ھندستان سان وڏي گرمجوشيءَ سان امن جو خواھان آھي، پر تصفيه باعزت ۽ برابريءَ جي سطح تي ھئڻ گھرجي. جڏھن ھڪ ڀيرو ٺاھه ٺوھه جي ڳالھين جي بنياد تي انصاف جي مطابق باھمي تڪراري مسئلا حل ٿي ويا ته پاڪستان باھمي فائدن جي بنيادن تي ھندستان سان تعاون لاءِ تيار ٿيندو. ان ھوندي به اھو تعاون ٻن آزاد ۽ خود مختار قومن جي درميان ٿيڻ گھربو ۽ عالمي طاقتن طرفان سندن مقصدن لاءِ مسلط نه ڪري سگھبو. انهن طاقتن کي ھندستان ۽ پاڪستان کي امن جي فضا ۾ پنهنجي مستقبل جي تشڪيل لاءِ آزاد ڇڏڻو پوندو. جيڪڏھن انهن جي تنازعن جو عالمي سياست جي بکيڙن کان الڳ ۽ باعزت تصفيه ٿي وڃي ته پاڪستان ۾ ڪو به شخص ٻنهي قومن جي باھمي تعاون تي اعتراض نه ڪندو.
    فوجي امداد جي نتيجن جو تجزيو ڪندي نفعي ۽ نقصان جو گوشوارو پڻ تيار ڪرڻو پوندو آھي. امداد جي بند ٿيڻ جا فائدا به آھن ۽ نقصان پڻ، ان جي تعبير ھڪ اھڙي واقعي جي طور تي به ڪري سگھجي ٿي، جنهن پاڪستان کي ھڪ اھڙي افسوسناڪ ايشيائي عالمي جنگ ۾ گھير جي وڃڻ کان بچائي ورتو آھي. جيڪڏھن اسان سوويت يونين ۽ چين جي خلاف ھٿيارن استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪريون ٿا ته انهن عالمي طاقتن جي ان جي مطابق ذمه داري ٿي پوي ٿي ته اھي پنهنجا ھٿيار به اسان جي خلاف استعمال نه ڪن. اھا ڳالهه پاڪستان ۽ ان جي ٻن طاقتور اترين پاڙيسرين جي درميان شڪ ۽ ڇڪتاڻ جي سرچشمن کي ختم ڪري ڇڏيندي. ان طرح پاڪستان پنهنجي سڄي ساري توجھه ۽ وسيلن سان پنهجي سلامتي ۽ علاقائي استحڪام جي خلاف واحد ۽ ھڪ ئي حقيقي خطري جو مقابلو ڪرڻ جي قابل ٿي پوندو. سوال اھو آھي ته جيڪڏھن آمريڪا جي طرفان امداد ٻيھر جاري نه ٿي ته پاڪستان ڪھڙيءَ طرح پنهنجي سلامتيءَ جي خلاف ھن خطري سان نبري سگھن ٿو. جيتوڻيڪ اھو صحيح آھي ته فوجي امداد اسان کي ھندستان جي خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ مھيار نه ڪئي ويئي، تڏھن به انهيءَ امداد جي اسان وٽ موجودگيءَ کي ھندستان جي خلاف مانع عنصر جي حيثيت حاصل ھئي. گذريل جنگ ۾ پاڪستان انهيءَ وقت تائين امداد کي استعمال ۾ آڻيندو رھيو، جيستائين آمريڪا طرف جنگي سامان جي فراھميءَ تي امتناعي حڪم ۽ ٻيون پابنديون نه وڌنديون ويئون ھيون.
    ھاڻي، اسان کي جنهن سوال جو جواب ڏيڻو آھي، سو اھوآھي ته انهيءَ مانع کي ڪھڙيءَ طرح برقرار رکي سگھجي ٿو.

    ------------

    ________________________________________
    (1) بيورلي نڪولس ” ورڊڪٽ آن انڊيا“ 1944، ص 5_ 190_.


    باب نائون: ھند و پاڪستان جنگ ۽ ان جا مثال

    پاڪستان جي اھم مفادن کي جيڪي آزمائشون درپيش آھن، تن جي مقابلي ڪرڻ جي بهترين طريقن تي تڏھن ئي غور ڪري سگھبو، جڏھن ان جي دنيا ۾ بيھڪ جي حيثيت تي نظر وجھبي. دراصل، پاڪستان جي بين الاقوامي حيثيت جو تخمينو ۽ عالمي مسئلن ڏانهن رويو ھن ڳالهه جي تعين ڪرڻ لاءِ انتهائي اھميت رکن ٿا ته ھو ڪھڙيءَ طرح پنهنجن اندروني مسئلن ۾ ٻاھرين مداخلت جو مقابلو ڪري سگھي ٿو. ڪنهن حد تائين آمريڪا ۽ ھندستان جون حڪمت عمليون ھڪٻئي جي متوازي آھن. پر پاڪستان جي خوشقسمتي آھي، جو انهن ٻنهي ملڪن جي مقصدن جي آخري غرضن ۾ فرق آھي. پاڪستان لاءِ پنهنجي اقتدار جي مفاد، ۾ اھو لازمي آھي ته ھو پنهنجي سياست کي اھڙي نموني ۾ ھلائي، جو اھي ٻه متوازي ليڪون ھڪٻئي کان دور ھٽنديون وڃن ۽ منجھن جيڪي تضاد آھن، تن ۾ وڌيڪ وسعت ايندي رھي. ھندستان پاڪستان کي ڀارت ماتاجي آغوش ۾ واپس آڻڻ چاھي ٿو، پر ھو چين جي خلاف ڪنهن عالمي ڇڪتاڻ ۾ ڦاسڻ نه ٿو چاٿي. آمريڪا ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھن غرض لاءِ ھڪ بامقصد تعاون چاھي ٿي ته جيئن چين کي گھيرو ڪيو وڃي. ھندستان پنهنجي داخلي معاملن ۾ پڻ انهيءَ وڌندڙ دخل اندازي کي سخت ناپسند ڪندو، جنهن جو مقصد ان کي سرد جنگ جو سر گرم آلھ ڪار بنائڻ آھي،
    پاڪستان لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪوئي چارو ڪونهي ته ھو انهيءَ خارجي مداخلت جو، جيڪا ان جي قومي مفاد جي خلاف آھي، مقابلو ڪري ۽ ننڍي کنڊ ۾ پنهنجن جائز حقن جي ڀرم رکڻ لاءِ پنهنجي جدوجھد جاري رکي. ان جي ڪاميابي يا ناڪاميابيءَ جو دارومدار ھڪ طرف ھندستان سان سندس سڌيءَ طرح ٻه ِ- طرفن تعلقاتن تي، ۽ ٻئي طرف آمريڪا سان تعلقات، ۽ وري ٻنهي سان مشترڪه تعلقات تي رھندو، پر اھا ڪاميابي يا ناڪاميابي ھن انداز تي پڻ رھندي، جنهن سان ھو پنهنجيون بين الاقوامي ذميواريون پوريون ڪري ٿو ۽ پنهنجي عام خارجه پاليسيءَ کي ھلائي ٿو.
    جيتوڻيڪ پاڪستان لاءِ سڀني کان وڏي آزمائش ھندستان جي طرف کان اچي ٿي ۽ بين الاقوامي دٻاءُ جو سڀني کان وڏو بار آمريڪا جي طرفان پوي ٿو، ان جي باوجود انهيءَ معاملي ۾ باقي ٻيءَ دنيا کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ غلط ٿيندو، جھڙيءَ طرح اھو ضروري ھو ته پاڪستان سان آمريڪا جي تعلقات جي ارتقا جي جاچ ڪئي وڃي ته جيئن انهيءَ ملڪ جي حاليه ڪارگذارين جي صحيح تشريح ڪري سگھجي، جيڪي پاڪستان تي اثر انداز آھن، تهڙيءَ طرح پاڪستان لاءِ پڻ اھو اوتروئي ضروري آھي ته ھو دنيا جي آزمائش سان پوريءَ طرح مقابلو ڪري سگھڻ لاءِ دنيا، ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي حوالھ سان دنيا ۾ پنهنجي مقام کي متعين ۽ واضح ڪري سگھي.
    پاڪستان تي ھيءَ ھڪ اخلاقي ذميواري آھي ته ھو سامراجيت جي خاتمي جي حمايت ڪري ۽ ھڪ وڌيڪ منصفانه اقتصادي ۽ سماجي بين الاقوامي نظام لاءِ ڪوشان رھي. آفريشيائي، اتحاد، آزاديءَ جي حق ۾ ھڪ مضبوط قوت آھي ۽ آفريشيائي قومن جي ھڪ ميمبر ھئڻ جي حيثيت ۾ پاڪستان لاءِ آفريشيائي تحريڪ جي منڍ ۾ ھئڻ ضروري آھي. پاڪستان کان بلڪل بجا طور تي اھو مطالبو ڪري سگھبو ته ھو انهن ٻنهي کنڊن جي عوام جي امنگن سان پنهنجي مطابقت کي جاري رکندو اچي. اسان وانگر ايشيا ۽ آفريڪا جا اڪثر حصا صدين تائين غلاميءَ ۾ جڪڙيل رھيا آھن. ھڪ نئين آزاد ٿيل ملڪ جي حيثيت ۾ اسان جو اھو لازمي فرض آھي ته اسان سياسي آزاديءَ ۽ اقتصادي ترقيءَ جي رفتار کي تيز ڪريون. اسان ٻين جي منصفانه مقصدن جي طرفداري ڪرڻ کان ھٻڪي، ھيءَ اميد نه ٿا ڪري سگھون ته اھي اسان جي حقي واجبي ۽ منصفانه مقصدن جي حمايت ڪندا. اسين فقط ان وقت پنهنجي وقار ۾ اضافي ۽ پنهنجن مقصدن لاءِ پٺڀرائيءَ ۾ واڌاري جي اميد ڪري سگھون ٿا، جڏھن اسين گڏيل جدوجھد ۾ حصو وٺي، رفاقت ۽ مساوات جي جذبن سان پنهنجو اثر و رسوخ استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ھونداسون. آفريشيائي استحڪام نه ته ڪا ڏند ڪٿا آھي، ۽ نه ڪو نظرياتي فلسفو آھي، پر اھو اسان جي انفرادي ترقي ۽ اجتماعي تحفظ، بنهي لاءِ ھڪ لازمي شرط آھي. دنيا جون ترقي پذير قومون، جن جي وڏي اڪثريت آفريڪا ۽ ايشيا ۾ واقع آھي، دنيا جي مزدور طبقي تي مشتمل آھن. جيتوڻيڪ انفرادي طور اھي اھڙيون ئي ڪمزور ۽ مفلس ٿي سگھن ٿيون، جھڙو ھڪ مزدور يا ڪڙمي، پر سڀ گڏجي اھي اوترائي مضبوط آھن، جھڙا ھڪ اجتماعي تحريڪ جا محنتي عوام.
    ھن وقت تائين پاڪستان، ايشيا ۽ آفريڪا جي امنگن سان پنهنجي وابستگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب رھيو آھي ۽ آفريشيائي ملڪن لاءِ اسان جي حمايت اسان لاءِ نمايان طور فائديمند رھي آھي. يورپ وانگر، ايشيا ۽ آفريڪا ۾ به ڪي اھم رياستون آھن، جن تي پاڪستان کي خاص توجھ ڏيڻ گھرجي. آفريڪا م ان کي مسلم رياستن ۽ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن کان علاوه، فرينچ ٻولي ڳالھائڻ وارن ملڪن سان بهتر تعلقات قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۽ ايشيا ۾ اسان کي پنهنجي توجھه پنهنجن پاڙيسري ملڪن، جپان ڪئمبوڊيا ۽ ويٽ نام جي بهادر قوم تي مرڪوز ڪرڻ گھرجي، جيڪا اسان جي خاص ھمدرديءَ جي حقدار آھي.
    جپان پنهنجي انتهائي ترقي يافته معيشيت جي ڪري ايشيا جو سڀني کان وڌيڪ خوشحال ملڪ آھي. اولھه جرمنيءَ وانگر ان تي به ھن وقت آمريڪا جو گھڻو اثر آھي. چين جي خلاف آمريڪا جي عظيم منصوبي جي لحاظ کان ھي ملڪ ڪيترن ئي سببن ڪري ايشيا جو عظيم ترين ملڪ آھي. ٻي مھاڀاري لڙائي کان پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين جپانين بين الاقوامي معاملن ۾ ڏاڍو گھٽ حصو ورتو، پر ھاڻي اھي ايشيائي ۽ عالمي معاملن ۾ روزانه وڌندڙ اثر وجھي رھيا آھن. ان جي باوجود ايندڙ گھڻي عرصي تائين جپانين جي مفادن جو آمريڪي مفادن کان منحرف ٿيڻ جو امڪان گھٽ آھي. ان جو ھڪ مثال اھو آھي ته جپان پاڪستان انٽرنئشنل ايئرلائينس کي ڪئنٽن ۽ شھانگائيءَ وارن پروازن کي ٽوڪيو تائين توسيع ڏيڻ جي اجازت نه ڏني. اسان کي انهن قسمن جي مسئلن سان نڀائڻ ۽ تحمل جي عادت سکڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي لاءِ جپان سان پنهجن اقتصادي ۽ ثقافتي تعلقات کي بهتر بنائڻ ضروري آھي ۽ انهيءَ وچ ۾ اسان کي جيستائين جپانين جي حمايت حاصل نه ٿي ٿئي، تيستائين کيس انهن معاملن ۾ جيڪي اسان جي لاءِ اھم آھن، غيرجانبدار رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
    پاڪستان جي ھڪ اھم بنيادي ذمه داري اھا آھي ته ھو پنهنجي روايتي خارجه پاليسيءَ جي مطابق، جيڪا ملڪ جي آئين ۽ نظريي جي عائد ڪيل ذميدارين جي آڌارتي تشڪيل ڏنل آھي، مسلم قومن ۾ رفاقت جي جذبي جي پرورش ڪري. مراقش کان انڊونيشيا تائين ڦھليل مسلم ملڪن سان اسان جا ڪيئي ناتا ۽ لاڳاپا مشترڪه آھن، ۽ آزاديءَ کان به اڳي، ننڍي کنڊ جامسلمان اسلامي مقصدن لاءِ جيتري به امداد ڏيئي پئي سگھيا، سا ڏيندا ھئا. استحڪام جي اھا تحريڪ ھڪ اھڙو عنصر آھي، جنهن کي وڏيون ۽ عالمي طاقتون پنهنجي پاليسين جي تشڪيل ۾ نظرانداز ڪري نه ٿيون سگھن. جيتوڻيڪ پاڪستان جي حڪمت عملي ھميشه کان وٺي مسلم ملڪن سان امڪان جي حد اندر دوستانه تعلقات وڌائڻ جي رھي آھي، ان جي باوجود ان کي ڪن موقعن تي دشواريون به درپيش آيون آھن. جيڪي ناڪاميون به ٿيون آھن، تن مان ڪن لاءِ ذمه داري ته اسان جي بين الاقوامي معاملن ۾ تجربي جي ڪميءَ ۽ ڪجهه وچ اوڀر جي بار بار رونما ٿيندڙ جنگين تي آھي.
    وچ اوڀر جا روايتي مسئلا ھميشه تمام وڏا نظر ايندا آھن، پر انهن کي سن1967ع واري عرب اسرائيل جنگ کان رونما ٿيل مسئلن پٺتي ڪري ڇڏيو آھي. انهيءَ مختصر تصادم، گھٽ ۾ گھٽ عارضي طور انهيءَ علائقي جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آھي ۽ طاقت جي توازن ۾ به انقلابي تبديلي آڻي ڇڏي آھي. انهيءَ مان عربن کي بيحد نقصان پھتو آھي، پر ٿي سگھي ٿو ته شڪست جو ڏنگ، سندن اڳواڻن کي وري ٻيھر جمع ٿيڻ ۽ انهن نقصانن جي تلافي ڪرڻ ۽ ساڻن ٿيل زياديتن جي علاج ڪرڻ جو موقعو مھيا ڪري وجھي. عربن جا داخلي اختلاف ۽ جڳھڙا، جيڪي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پيچيده ٿيندا پئي ويا، تن کي شايد ھاڻي نبيرڻ جو موقعو ملي وڃي. عرب رياستن ۾ دشمنيءَ جي مختلف سببن مان وڏي کان وڏو سبب انهن جي متضاد سماجي نظامن جي درميان اختلاف آھي، پر جيڪڏھن سرمايه داري ۽ ڪميونزم جا نظام باھمي بقا جي اصول تي ھڪٻئي سان گڏو گڏ رھي سگھن ٿا، ته پوءِ عرب قدامت پسندي ۽ عرب اشتراڪيت جي درميان ھڪ قابل عمل رواداريءَ جو قيام، انساني ڪوشش جي پھچ کان ٻِاھر ٿيڻ نه گھرجي، خصوصا جڏھن اسلام، ٻولي ۽ جاگرافي سندن درميان وابستگي جون مستقل ڪڙيون آھن. جنگ جي داغن ۽ شڪست جي نتيجن جي اصلاح جي ضرورت کان انهيءَ نيبهھ جي طريقي جي تحريڪ ٿيڻ گھرجي، جيڪو عرب اشتراڪي ۽ روايتي حڪومتن جي درميان نهايت ضروري آھي. جيئن ته متحده عرب جمھوريه، عرب دنيا ۽ آفريڪا ۾ ھڪ خاص مقرر رکي ٿي انڪري ۽ ڪن وڌيڪ واضح سببن جي آڌار تي پڻ پاڪستان کي ان سان گھاٽا تعلقات قائم ڪرڻ گھرجن. ضروري ناھي ته اھا ڳالهه سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن سان پاڪستان جي دوستانه تعلقات جي منافي ٿئي. يمن ۾ ڇڙيل جنگ عربن جي باھمي تعلقات کي خراب ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان جو جلد خاتمو ٿيڻ گھرجي، ته جيئن عرب اتحاد اسرائيلي خطري جي مقابلي ڪرڻ لائق بنجي. جيڪڏھن عرب فوجون ايڏي وڏي تعداد ۾ يمن ۾ رڌل نه ھجن ھا، ته گذريل جنگ ۾ انهن کي اسرائيل جي خلاف بهتر طريقي سان استعمال ڪري سگھجي ھا.
    يمن ۾ انهيءَ لاحاصل جنگ جو الميو ھيءُ آھي ته لڙائيءَ جي خاتمي جو ھڪ عھدنامون، جنهن کي ”جده وارو معاھده“ سڏجي ٿو، متحده عرب جمھوريه ۽ سعودي عرب جي درميان اڳيئي ھڪ سال کان به وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي، ان جي باوود ان تي عملدرآمد لاءِ ٿوري به ڪوشش نه ڪئي ويئي آھي. جيڪڏھن دوست ملڪ انهيءَ معاھده تي عملدر آمد لاءِ زور ڏين، جيڪو انهن ملڪن جي درميان اڳيئي رضاڪارانه طور طئي ڪيو ويو آھي، ته ان کي ڪنهن طرح سان به دخل درمعقولات نه ٿو چئي سگھجي. جيڪڏھن يمن ۾ جنگ ختم نه ٿي ۽ جيڪڏھن عدن ۽ پسگردائي ۾ بدنظمي وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويئي ته اھو پر خطر علائقو شديد جنگ و جدل جو آکاڙو بنجي سگھي ٿو، جنهن ۾ نه فقط مسلمان رياستون ھڪ ڊگھي تنازعي ۾ اٽڪي پونديون، پر عظيم طاقتون پڻ مداخلت لاءِ ڇڪجي اينديون. عرب رياستن کي انهيءَ ڳالهه ٻڌائڻ جي ضرورت ناھي ته عظيم طاقتن کي مداخلت جي دعوت ڏيڻ جو مطلب ڇا ٿيندو آھي. عرب اسرائيلي جنگ کان اڳي به انهيءَ علائقي ۾ عظيم طاقتن جي مداخلت انهن لاءِ لاتعداد مشڪلاتون پيدا ڪيون ھيون. وڏين ۽ عظيم طاقتن جي خلاف مقابلي جا ڪيئي طريقا آھن، جن مان ھڪ ھيءُ آھي ته انهن حالتن کي ختم ڪيو وڃي، جيڪي انهن جي مداخلت کي ڪشش ڪرڻ جا سبب ٿين ٿيون. عظيم طاقتن جي مداخلت کي ختم ڪرڻ لاءِ، عرب رياستن کي ايراني نار واري علائقي جي مسئلن تي نئين سر غور ڪري علاقائي ڪشيدگين کي ختم ڪرڻو پوندو. ضرورت ھن ڳالهه جي آھي ته ھن علائقي جي غريب عوام جي بي انداز دولت کي لٽ مار کان بچايو وڃي. ھن وقت نار وارن علائقن جي عرب شيخن جي وفاق تي غور ھلي رھيو آھي ته جيئن اجتماعي استحصال ۾ آساني ٿئي. آزاديءَ جي برڪت خلا پيدا نه ڪندي آھي، بلڪ ھڪ آزاد قوم پنهنجن حقن جي بهترين نگھبان ھوندي آھي. ”سياسي خلا“ جو نظريو، جديد سامراجيت جي پيداوار آھي ۽ برطانيه جي روانگي ڪوبه اھڙو خلا پيدا نه ڪندي. ايراني نار جي ماڻھن کي سندن مسئلا ھڪ حقيقي طور آزاد ۽ خودمختار قوم وانگر حل ڪرڻا پوندا، جن ۾ سامراجيت جي پٺيان ڇڏيل تعصبن واري ڪج- فھمي شامل نه ھجي. پاڪستان کي شورش جي اھڙن طاقتور علائقن تي چوڪسيءَ واري نظر رکڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته حالات ڪنهن به وقت ان کي ٻن متضاد فيصلن مان ڪنهن به ھڪ جو انتخاب ڪرڻ تي مجبور ڪري سگھن ٿا، جن جو ڪو تسلي بخش نتيجو نڪري نه ٿو سگھي. ان کي ڪشيدگيءَ گھٽائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي ۽ کيس پنهنجي برادرانه اسلامي رياستن جي درميان پرامن باھمي بقا جي لاءِ وس آھر ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
    عربن جا اندروني جڳھڙا، يمن ۾ تصادم ۽ عرب دنيا ۾ ترقي پسند ۽ قدامت پسند حڪومتن جي درميان رقابتون، سڀ جون 1067ع جي وچ اوڀر واريءَ جنگ جي آڏو ھيچ ٿي چڪيون آھن. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ واري زماني ۾ ٻيو ڪو به واقعو ھن کان وڌيڪ علاقائي ڦير گھير جو سبب نه بنيو آھي. ان عالمي طاقتن جي درميان خوف جي توازن جي وجود جي مقصد کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آھي، ۽ باھمي بقا واري نظريي تي چين جي نڪته چينيءَ کي تقويت ڏني آھي.
    انهن واقعن تي غور ڪرڻ لاءِ، اھم ڳالهه ھيءَ آھي ته مختلف واقعن جي ڀيٽ ڪئي وڃي ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ سبق پرايا وڃن. پاڪستان جي خلاف اڳرائي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾، ھندستان طرفان پاڪستان جي علاقائي سالميت جي خلاف دست درازيءَ جي مقابلي ڪرڻ لاءِ سندس عزم ۽ حوصلي جي آزمائش ڪرڻ لاءِ ڪڇ جي رڻ ۾ جنگي ڪارروائي شروع ڪئي ويئي. اھڙيءَ طرح اسرائيل طرفان نومبر 1966ع ۾ اڳرائي جي رستي تي گامزن ٿيڻ کان اڳ ۾، پھريائين اردن ۽ پوءِ شام جي خلاف آزمائشي ڪارروايون ڪيون ويئون ھيون. وزيراعظم شاستري ۽ اسرائيلي وزيراعظم ليوي ايشڪول پنهنجي اڳرائيءَ جي نشانن بنجڻ وارن کي ڌمڪائڻ لاءِ ھيئن چئي بلڪل ساڳيائي لفظ استعمال ڪيا ته ھو حملي لاءِ جاءِ ۽ وقت جو انتخاب پاڻ ڪندا. ھندي –پاڪستاني جنگ ۽ عرب رياستن ۽ اسرائيل جي درميان تصادم ۾، علائقن جي غاصبن طرفان اڳرائي ڪئي ويئي. ان جي باوجود ڪن مغربي طاقتن اڳرائيءَ جو نشانو ٿيندڙ ملڪن جي خلاف، جنگي اقدامات ڪرڻ لاءِ نڪته چيني ڪئي، ۽ ھنن کان ھيءَ ڳالهه وسري ويئي ته اقوام متحده جو چارٽر خود-مدافعت جو حق ڏئي ٿو ۽ عام بين الاقوامي قانون، ”جائز جنگ“ جي طئي ٿيل اصول جي تحت آزاديءَ جي جنگين جوٽڻ جي اجازت ڏئي ٿو. جھڙيءَ طرح پاڪستان، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاديءَ جي جنگ لڙڻ وارن جي فوري امداد لاءِ نه پھتو ھو، بلڪل ساڳيءَ طرح عرب رياستون پڻ عقبه جي نار کي بند ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڪارروائيءَ کي ان جي منطفي نتيجي تائين پھچائي نه سگھيون جنهن جو بين الاقوامي قانون جي تحت کين حق حاصل ھو. نه پاڪستان ۽ عرب رياستن پنهنجي حق جي واضح استعمال جي تڪميل ڪئي ۽ ان جو نتيجو اھو نڪتو ته سڀني جو نقصان ٿيو. ٻنهي حالتن ۾ ”آءٌ “ڪرڻ جو موقعو غاصبن لاءِ ڇڏيو ويو، جن پنهنجي پوري طاقت سان پھريون وار ڪري ڀرپور فائدو ورتو. ھندي- پاڪستاني جنگ ۾ پاڪستان جي ھوائي، فوج، آسمانن تي غلبو حاصل ڪيو ۽ انهيءَ فوقيت جو جنگ جي نتيجي تي اثر پيو. وچ اوڀر واري جنگ ۾ اسرائيل اچانڪ حملو ڪري، فضا ۾ فيصلو ڪندڙ برتري حاصل ڪري وڌي. ٻنهي جنگين ۾ اڳرائي ڪندڙن جنگبنديءَ جي معاھدن کي ٽوڙيو ۽ جنگ بند ٿيڻ جي اعلان کان پوءِ جنگي اھميت جي جاين تي قبضو ڄمايو. ٻنهي حالتن ۾ عالمي طاقتن طرفان فقط تعزيرن جي ڌمڪي ڏني ويئي. ھندو پاڪستان جنگ کان پوءِ، ھندستانين ڪشمير ۾ نسل ڪشي جي ڪارروائي ڪئي ۽ مسلمانن کي ماري ڪٽي ۽ سندن گھرن کان ڀڄائي انهن ھنڌن تي ھندو ڊوگرن کي آباد ڪيو. ساڳيءَ طرح يھودين ھاڻي انهن علائقن کان، جن تي اھي قابض ٿي ويا آھن، مقامي عربن کي ڀڄائڻ شروع ڪيو آھي ۽ ٻين ملڪن ۾ رھندڙ يھودين کي انهن ملڪن ۾ سڪونت ترڪ ڪري، نون علائقن ۾ اچي آباد ٿيڻ جي دعوت ڏني آھي.
    عظيم طاقتن جي روين ان کان به وڌيڪ مشابهت ڏيکاري. آمريڪا ھندي- پاڪستاني جنگ جي دوران پنهنجي غير جانبداريءَ جو اعلان ڪيو، پر ان جو نتيجو پاڪستان لاءِ مشڪلات جي صورت ۾ نڪتو. اھڙيءَ طرح عرب- اسرائيلي جنگ ۾ ان پنهنجي غيرجانبداريءَ جو اعلان ڪيو، پر اسرائيل سان ھمدردي ڪئي. عوامي جمھوريه چين طرفان ھندستان کي الٽيميٽم ملڻ بعد آمريڪي ۽ برطانوي طاقتن پاڪستان کي خوفناڪ نتيجن جي ڌمڪي ڏني ۽ اسرائيلي حملي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ قاھره ۾ آمريڪي سفير صدر ناصر کي خبردار ڪيو. ٻنهي جنگين ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين طرفان اقوام متحده ۾ تعاون ڪيو ويو ۽ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو. سلامتي ڪائونسل جي سايھ ھيٺ رھي آمريڪا ۽ سوويت يونين ٻنهي گڏجي ھڪ اھڙو ٺھراءُ تيار ڪيو، جنهن کان جنگ ته بند ٿئي، پر تنازعن جي حقيقتن کي متعين ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿيو.
    انهيءَ باھمي تعاون جي اثر تي بحث ڪندي سينيٽر فلبرائيٽ پوي ٿو:
    ”سيپٽمبر1965ع ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي جنگ ۾ فائر بندي ڪرائڻ ۾ سوويت- آمريڪي تعاون، ھڪ اھڙي فائديمند اشتراڪ جو مثال آھي، جنهن کي ويٽ نام جي جنگ وڌيڪ مشڪل بنائيندي وڃي ٿي- اھو تعاون- يا ”متوازيت“ (پئر للزم)، جيئن ان کي سڏيو ويو آھي- ان ڪري ممڪن ٿيو جو ڪشمير جي لڙائي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ واري زماني جي انهن چند لڙاين مان ھڪ ۽ شايد اھم ترين به آھي، جن سان روس ۽ آمريڪا جا ھڪجھڙائي مقصد وابسته ھئا- ھڪ اھڙي جنگبندي، جنهن مان نه ته پاڪستان جي ۽ نه وري ھندستان جي ڪا گھٽتائي ھئي، ۽ چين کي روڪي رکڻ جو تاثر به قائم ٿئي. آمريڪا ۽ سوويت روس جي دلچسپيءَ جو نتيجو اھو ٿيو جو انهن اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي جنگبنديءَ جو ٺھراءُ مڃائڻ لاءِ ڌرين تي فيصله ڪن اثر وڌو.“
    وچ اوڀر تي ٺھرائن مرتب ڪرڻ لاءِ اقوام متحده جي پڙدي پٺيان عالمي طاقتن جو گڏجي ڪم ڪرڻ انهيءَ سلوڪ جي ياد تازي ڪرائي ٿو، جيڪو ڪشمير سان ويھھ سال اڳي جنگ جي شروعات واري ڏينهن کان وٺي سيپٽمبر1965ع تائين جڏھن سلامتي ڪائونسل ھڪ دفعو ٻيھر جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو، روا رکيو ويو ھو. اھوئي ساڳيو داستان ھاڻي، بنان ڪنهن ڦيرڦار جي، وري لکجي رھيو آھي. انهيءَ ساڳئي شخص، گنريارنگ کي ڪاغذن جي انهيءَ ٿيھلي سان وچ اوڀر جي گادين وارن شھرن ڏانهن روانو ڪيو ويو آھي، جنهن طريقي سان ھن کي ڏھن کان به ڪجهه سال اڳي ھندستان ۽ پاڪستان جي سفر تي موڪليو ويو ھو. ٻنهي حالتن ۾ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کي جنگبنديءَ جي وڪالت ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ۽ عظيم طاقتن اقوام متحده کي سندن حڪمت عملين ۾ ھم آھنگي پيدا ڪرڻ لاءِ سھاري طور استعمال ڪيو. ٻنهي جنگين ۾ ھڪ ڀيرو جڏھن وڏين طاقتن جي درميان ڳالهه طئي ٿي ويئي، تڏھن سلامتي ڪائونسل طرفان جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ تعزيري اقدامات جي ڌمڪي ڏني ويئي. ٻنهي جنگين ۾ سوويت يونين جي اھا مرضي ڪانه ھئي ته لڙائي عظيم طاقتن جي درميان تصادم ۾ تبديل ٿي وڃي ۽ انڪري اھا ھر قيمت تي لڙائي بند ڪرائڻ جي فڪر ۾ ھئي. عرب اسرائيلي جنگ ۾، سوويت يونين ھڪ مذبذب پوزيشن اختيار ڪئي، جھڙيءَ طرح ان ھندي- پاڪستاني جنگ ۾ ڪئي ھئي، ۽ آخري طور ان ٻنهي موقعن تي آمريڪا سان مشترڪه مرضي مسلط ڪرڻ خاطر اشتراڪ ڪيو.
    امن جي ڳولا ۾ فرانس ٻنهي لڙاين ۾ محض جنگبندي تائين نه، پر ان کان پوءِ تائين به حالتن جو مشاھدو ڪري تعريف لائق ڪردار ادا ڪيو، پر برطانيه ٻنهي حالتن ۾ آمريڪا جو ساٿ ڏنو. ھندستان ۽ پاڪستان جي جنگ ۾، جيئن چيو ويو ھو، تيئن ھاڻي پڻ اشارن ۾ ائين چيو پئي ويو ته اسرائيلي فوجن جي واپسيءَ جي متعلق اقوام متحده جو ٺھراءُ فقط آمريڪا، سوويت يونين ۽ انگريزن جي اشتراڪ سان مؤثر ٿي سگھي ٿو ۽ ھيءُ پڻ، ته جيڪڏھن اقوام متحده صلح ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿئي ته چين کان سواءِ باقي چئن وڏين طاقتن کي وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. چين ٻنهي جنگين ۾ اڳرائيءَ جو نشانو بنيل ملڪن جي مڪمل حمايت ۾ سامھون آيو، جيئن ”ٽينءَ دنيا“ جون باقي گھڻيون قومون پڻ حمايت ۾ آيون. ھندستان ۽ پاڪستان جي جنگ جي خاتمي کان ھڪدم پوءِ آمريڪا طرفان ھندستان ۽ پاڪستان کي مشترڪه اقتصادي رٿائن ۾، اشتراڪ عمل تي راضي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻ شروع ڪيو ويو. وچ اوڀر جي جنگ جي ميدان مان بارود جي بوءِ اچڻ اڃا مشڪل سان ئي بند ٿي آھي ته آمريڪا جي طرفان عرب رياستن ۽ اسرائيل جي درميان اقتصادي تعاون جي آڏين ترڇين تجويزن جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي. ھندستان ۽ پاڪستان جي باري ۾ جيئن ڪيو ويو، تيئن ھتي پڻ دريائن جي پاڻيءَ ۾ ڀائيواريءَ جي فائدن جا راڳ آلاپڻ شروع ڪيا ويا آھن. اپريل 1967ع ۾ آمريڪا پنهنجي حڪمت عمليءَ تي نظرثاني ڪرڻ بعد پاڪستان ۽ ھندستان جي امداد بند ڪرڻ ڇڏي ھئي. ھاڻي آمريڪي ايوان نمائندگان جي پرڏيھي معاملن واري ڪاميٽيءَ جي متعلق خبر آئي آھي ته اھا وچ اوڀر ۾ آمريڪي امداد جو مطالعو ڪرڻ لاءِ ماتحت ڪاميٽيون قائم ڪرڻ تي غور ڪري رھي آھي، ۽ اھو تجويز ڪيو ويو آھي ته عظيم طاقتن وچ اوڀر ۾ ھٿيارن کي محدود ڪرائڻ لاءِ اشتراڪ عمل ڪن. ٻنهي معاملن ۾ آمريڪا واسطيدار ڌرين ۾ ھڪ ”ھمه اگير“ ٺاھه تي زور ڏيئي رھي آھي. ٻنهي حالتن ۾ شايد سڀني کان وڌيڪ قابل ذڪر ھڪجھڙائي ويٽ نام جي جنگ جو اونداھو پاڇو ھو، جنهن تضاد طور جتي ٻنهي جنگين کي شروع ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو، اتي انهن کي جلد ختم ڪرڻ جي مجبوري پڻ مھيا ڪئي.
    ٻنهي صورتن جي درميان جيڪي اختلافي نڪته آھن، سي پڻ ھن لحاظ کان گھٽ دلچسپ ناھن ته اھي بين الاقوامي صورتحال جي پيچيده حقيقتن اڃا به وڌيڪ واضح مثال پيش ڪن ٿا. پاڪستان ۽ عرب جا رياستن جي صورتحال جي درميان سڀني کان وڌيڪ واضح ۽ نمايان اختلاف اھو معلوم ٿئي ٿو ته جتي چين صاف صاف ۽ غير مشروط لفظن ۾ اسان جي حمايت ڪئي ۽ قريبي پاڙيسري ھئڻ ڪري ھو پنهنجي الٽيميٽم تي عمل ڪري پئي سگھيو، اتي سوويت يونين جي عرب دنيا لاءِ امداد جنگ جي انتهائي نازڪ حالت ۾ مايوس ڪندڙ ثابت ٿي. فوجي لحاظ کان، جنگبنديءَ کان ٿوروئي اڳي پاڪستان جي حالت بهتر ھئي، جڏھن ته عرب اسرائيلي جنگ ۾، اسرائيلي پنهنجا مقصد حاصل ڪري جنگبنديءَ تي ٺاھه ٿيڻ جي وقت تائين اڳتي وڌندا رھيا.
    واقعات کي جيڪڏھن صحيح نموني ۾ قابو ۾ رکيو وڃي، ۽ جيڪڏھن موقعن جو مناسب استعمال ڪيو وڃي ته اھي برطانيه جي ”سئيز کان اوڀر“ واري ڪردار کي ختم ڪري ڇڏيندا. آمريڪا پنهنجين ڪاميابين جي باوجود، وچ اوڀر ۾ پنهنجي ڊگھي مدت واري پوزيشن کي نقصان پھچايو آھي. سوويت يونين جي وقار کي پڻ ڌڪ لڳو آھي ۽ جيڪڏھن ڀاري فوجي امداد ۽ واضح حمايت جي ٻين اقدامن سان گڏ ان ڪو نئون شاندار مظاھرو نه ڪيو ته عرب دنيا ۾ ان جي وقار جي فوري بحاليءَ جا امڪان گھٽ آھن. چيو وڃي ٿو ته ڪيوبا طرفان سوويت يونين تي ”شرمناڪ آڻ“ مڃڻ جو الزام لڳايو ويو. سوويت وقار کي لڳل ڌڪ جي اصلاح ڪرڻ لاءِ اسرائيل سان سفارتي تعلقات ٽوڙيا ويا، روسي وزيراعظم جنرل اسيمبليءَ ۾ ويو ۽ صدر پوڊ گورني قاھره، دمشق ۽ بغداد ويو، پر جيستائين سوويت يونين اسرائيل کي مقبوضھ علائقن تان دستبردار ٿيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ٿئي ۽ عالمي قيادت لاءِ پنهنجي دعوي ٰ کي ٻيھر مڃائڻ لاءِ ٻيا مناسب اقدامات نه ٿي ڪري. تيسين ان جو وقار آسانيءَ سان بحال ٿي نه ٿو سگھي. عرب- اسرائيل جنگ ڏانهن اختيار ڪيل سوويت رويي تي عرب ملڪن ۾ نااميدي رونما ٿي. روسي مصلحت جو سبب ھي بيان ڪيو ويو آھي ته ان جي مداخلت جو نتيجو ٽين عالمي جنگ جي صورت ۾ ظاھر ٿئي ھا، ۽ جيڪڏھن اھڙي جنگ ڇڙي ھا ته اھا سوويت يونين جي تباھي تائين محدود نه رھي ھا. جيڪڏھن انگريز ۽ آمريڪا جون طاقتون اسرائيل سان ڪيل وعدن کي پوري ڪرڻ لاءِ جنگ جي نتيجن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ھيون يا گھٽ ۾ گھٽ جيڪڏھن انهن اھو رعب ڄمايو ته پوءِ سوويت يونين جي طرز عمل کي صرف انهيءَ سمجھاڻيءَ جي بنياد تي قبول نه ٿو ڪري سگھجي ته عرب رياستن جي حق ۾ ان جي مداخلت کان ھڪ وڏي جنگ ڇڙي پوي ھا. انهيءَ سلسلي ۾ حق جي ڳالهه ته اھا آھي ته جيڪڏھن سوويت يونين، ھڪ کان پوءِ ٻئي مصلحت آميز سودي چڪائڻ جو عمل جاري رکيو ته ان کي انقلابي مقصدن جي ميدان ۾ پنهنجي رھنمائي جي دعوي ٰ کان دست بردار ٿيڻو پوندو. ھاڻي وڌيڪ تصفيه لاءِ گنجائش ٿوري رھي آھي. روس کي يا ته مظلوم ماڻھن جي منصفانه مقصدن جي محافظ طور پنهنجي ساک کي ٻيھر بحال ڪرڻو پوندو، خواه انهيءَ ذميداريءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ کيس جنگ جو خطرو ئي ڇو نه کڻڻو پوي، يا ان کي بين الاقوامي معاملن ۾ پنهنجي غالب حيثيت کان دستبردار ٿيڻو پوندو.
    اسٽالن جي جنگجوئي واري ۽ غير مفاھمانه رويي کان وٺي خروشچيف جي ”ڪئمپ ڊيوڊ “ جي جذبي تائين ۽ ھاڻي وزيراعظم ڪوسيجن جي ”گلاسبرو“ جي چوٽيءَ وارين گڏجاڻين تائين، جن کي صدر جانسن اڳيئي ”ھالي-بش“ جو جذبو سڏڻ لڳو آھي، ڊگھو مفاصلو طئي ڪرڻو پيو آھي. جيڪڏھن ”ھالي بش“ جو رستو، ھڪ اھڙيءَ راھه ڏانهن واپسيءَ جي بدران، جيڪا سوويت يونين کي اقتدار جي چوٽيءَ تائين وٺي آئي ھئي، فقط ڪئمپ ڊيوڊ جي جذبي کان اڳتي جو سفر آھي ته پوءِ ان جي معني ٰ بين الاقوامي معاملن ۾ سوويت يونين غير معمولي اختيار جي خاتمي جي آھي. مستقبل قريب ٻڌائيندو ته ” ھالي بُش“ ڪئمپ ڊيوڊ کان شروع ٿيڻ واري سفر جي تسلسل جو نالو آھي يا انهن بنيادي مسئلن تي، جيڪي ”ٽين دنيا“ کي درپيش آھن، سوويت يونين جي نظرياتي ذميوارين جي مطابق سخت ۽ غير لچڪدار موقف جي طرف ابتي ڊوڙ آھي.
    چين، ھن وقت مظلوم ماڻھن ۽ سندن منصفانه مقصد جي ھڪ غير اختلافي رھنما جي حيثيت ۾ اڀري چڪو آھي، ۽ اھو ايشيا ۽ آفريڪا ۾ انهيءَ مقام کي دوباره حاصل ڪرڻ جي زبردست ڪوشش ڪندو، جيڪو اھو ٻي آفرو ايشيائي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ ۾ ناڪامي ۽ انڊونيشيا ۽ گھانا ۾ کاڌل شڪستن کان پوءِ وڃائي ويٺو ھو. ننڍي کنڊ ۾ آمريڪا جي وڌندڙ اثر و رسوخ جي ظھور طور، ھندستان اسرائيل سان وڌيڪ صلح پسندانه رويو اختيار ڪرڻ لاءِ سبب ڳولي ڪڍندو. صدر ناصر ۽ ٻين عرب اڳواڻن کي سندن پاليسين جي وسيع پئماني تي نئين سر تشخيص ڪرڻي پوندي. کين صحيح طور اندازو لڳائڻو پوندو ته ڪھڙيون ڳالھيون اڳ ۾ ڪرڻ گھرجن ۽ ڪھڙيون پوءِ، کين تصادم جي نڪات ۾ ڪمي آڻڻي پوندي ۽ ھن باري ۾ فيصلو ڪرڻو پوندو ته ٻنهي مان وڌيڪ خطرناڪ ڪھڙو آھي: اسرائيل يا خود عربن جون پاڻ ۾ ھلندڙ رقابتون. کين سڀ تعصب ترڪ ڪري، يمن ۽ ايراني نار جي مسئلن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، ۽ ترقي پسند ۽ قدامت پسند حڪومتن جي درميان ھڪ جٽادار ۽ قابل عمل تصفيه ڪرڻو پوندو. گويا، عام فھم لفظن ۾ ڳالھائيندي ائين کڻي چئجي ته متحده عرب جمھوريه کي ايندڙ ڪجهه وقت لاءِ، خود پنهنجو پاڻ ڏانهن وڌيڪ ڏسڻو پوندو. سڀني کان وڌيڪ اھم ڳالهه اھا آھي ته ايران ۽ متحده عرب جمھوريه جي درميان ميلاپ ڪرائڻ لاءِ سچيون ڪوششون ڪرڻيون پونديون.


    باب ڏهون: پاڙيسرين ۽ ڪن ٻين ملڪن سان تعلقات

    پاڪستان، ايران ۽ ترڪيءَ سان مثالي تعلقات قائم ڪيا آھن ۽ ڀائپيءَ وارو اھو اشتراڪ ايشيا جو روز بروز وڌيڪ طاقتور عنصر بنجي رھيو آھي. ترقيءَ لاءِ علاقائي تعاون، لاءِ جنهن کي عام طور تي آر- سي-ڊي سڏيو وڃي ٿو، اسان جي ملڪن کي ھڪٻئي جي وڌيڪ قريب آڻيندو، ڇاڪاڻ ته ان جو بنياد مساوات، باھمي امداد ۽ دوستيءَ تي رکيل آھي. اسان کي پنهنجن باھمي تعلقات کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ گھرجي ۽ مشترڪه مشڪلاتن تي قابو حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن سان ھڪٻئي جي مدد ڪرڻ گھرجي.
    مستقبل لاءِ ھيءُ ھڪ ڏاڍو نيڪ شگون آھي ته ترڪي ۽ عرب رياستن جي درميان ظاھري طور حل نه ٿي سگھڻ جھڙن تعصبن تي قابو حاصل ڪيو پيو وڃي. تازو ئي، اصلاح جون ڪيئي علامتون ظاھر ٿيون آھن، پر انهن مان ڪا به انهيءَ حوصله وڌائيندڙ حمايت جي برابر ڪانه ھئي، جيڪا ترڪيءَ طرفان عرب- اسرائيل جنگ ۾ عربن کي حاصل رھي. اھڙيءَ طرح، ايران ۽ متحده عرب جمھوريه جي تعلقات ۾، جيتوڻيڪ ماضيءَ جي دوران بگاڙ رھيو، وچ اوڀر جي جنگ ۽ ان ۾ عربن جي مقصد لاءِ ايران جي حمايت، انهن تعلقات جي سڌاري لاءِ عمدو موقعو فراھم ڪيو. عراق، ترڪي ۽ پاڪستان، سڀني جا تعلقات ايران ۽ متحده عرب جمھوريه ٻنهي سان سٺا آھن ۽ اھي انفرادي ۽ اجتماعي طور انهن ٻنهي ملڪن جي درميان تعلقات کي معمول تي آڻڻ جي ڪم ۾ مدد ڏيڻ جي طاقت رکن ٿا. جيڪا ڳالهه جنگ کان اڳ ۾ مشڪل نظر اچي رھي ھئي، تنهن کي عربن جي حق ۾ ايران طرفان ھمدرديءَ جي مظاھري کان پوءِ ھاڻي گھٽ مشڪل نظر اچڻ گھرجي. انهن ٻن ملڪن ۾ مفاھمت، وچ اوڀر جي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل علائقي ۽ ايراني نار جي ڌماڪي دار صورتحال واري علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ گھڻي مدد گار ثابت ٿيندي.
    ھاڻي لاطيني آمريڪا جي ترقي پذير ملڪن ڏانهن توجھ ڦيرائي ويندي ته ڏسبو ته پاڪستان کي انهن ملڪن سان سٺا تعلقات رکڻ جي ھن ڪري ضرورت آھي، جو انهن کان بين الاقوامي تجارت ۾ وڌيڪ منصفانه شرطن حاصل ڪرڻ، ترقي يافته ۽ ترقي پذير قومن ۾ تعاون جي بهتر اقتصادي حالات پيدا ڪرڻ ۽ مشترڪه سياسي امنگن جي پرورش ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملي سگھي ٿي. لاطيني آمريڪا پاڪستان کان پري آھي، پر سٺن تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ مفاصلي کي ڪڏھن به رڪاوٽ نه سمجھڻ گھرجي. لاطيني آمريرڪا جا ڪيئي مسئلا، ايشيا ۽ آفريڪا جي مسئلن سان مشابهات رکن ٿا. لاطيني آمريڪا جي ملڪن سان دوستانه تعلقات قائم ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم ڪو نه ٿيندو، بشرطيڪ اسين سڀني ترقي پذير ملڪن جي امنگن سان واپستگي قائم رکون، جيڪي بهتر زندگيءَ لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن. لاطيني آمريڪا جي ملڪن لاءِ خود اراديت جي حق جو اصول مقدس حيثيت رکي ٿو. خاص طرح انهيءَ ڪري پاڪستان، انهيءَ کنڊ سان محدود لاڳاپن ھئڻ جي باوجود، مفاصلي جي مشڪلاتن تي قابو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، اقوام متحده ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي حمايت حاصل ڪئي آھي. انهيءَ لحاظ کان پاڪستان لاءِ لاطيني آمريڪا جي رياستن، خاص طور ميڪسيڪو، ڪيوبا، برازيل ۽ ارجينٽائين جي وڌيڪ اھم رياستن سان تعلق وڌائڻ اڃا به وڌيڪ ضروري آھي.
    پاڪستان کي، ٻن حصن ۾ ورھايل ھئڻ ڪري، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پاڙيسري آھن: الھندي طرف ايران، افغانستان، چين ۽ سوويت يونين، جيڪا پاڪستان کان فقط ڪي ٿورا ميل دور آھي، اسان جي اڀرندي بازوءَ ۾ برما ۽ ٿوري مفاصلي تي نيپال، ڀوتان ۽ سڪم آھن. ھندستان جو علائقو اولھندي ۽ اڀرندي پاڪستان جي وچ ۾ واقع آھي. سندن بيھڪ جي ڪري، اولھه پاڪستان کي الجزائر تائين ڦھليل سڀني ملڪن سان ۽ اوڀر پاڪستان کي اوڀر ۾ انڊونيشيا ۽ جپان تائين سڀني ملڪن سان رابطو قائم رکڻ جي ضرورت آھي.
    ايران سان پاڪستان جا تعلقات انتهائي شاندار آھن ۽ ڪو به سب ڪونهي ته اسان جون ٻئي قومون ھن علائقي ۾ امن کي پائدار بنائڻ لاءِ پنهنجي باھمي تعلقات کي اڃا به وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جو ڪم ڇو نه جاري رکن. افغانستان جي مسلم رياست، پاڪستان جي سرحد سان لاڳو ھڪ پاڙيسري رياست آھي ۽ انهيءَ ملڪ سان سٺا تعلقات، ٻنهي جي مفاد ۾ ٿيندا. تاريخ، عقيدي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي بنياد تي، افغانستان سان اسان جا مشترڪه رابطا، ايشيا جي ڪنهن به ٻئي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ آھن. ستم ظريفي اھا آھي ته شايد انهن مشترڪه لاڙن جي گھڻائيءَ سبب، ڪن موقعن تي اسان جي تعلقات ۾ لاھھ اچيو وڃي. پر سياسي زندگيءَ ۾ کڻي ڪھڙو به لاھھ ۽ چاڙھھ اچي. ٻنهي پاڙيسري مسلم رياستن لاءِ برادرانه تعلقات قائم رکڻ انتهائي ضروري آھن. اسان جي لاءِ اھو ممڪن آھي ته اسين پنهنجن اھم قومي مفادن جو تحفظ ڪندي به ھڪٻئي سان برادرانه تعلقات قائم رکون. واضح سببن جي ڪري، ھندستان افغانستان جي نيڪ خواھشن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري ٿو.
    نيپال، پاڪستان لاءِ اھو ڪجهه آھي، جيڪو افغانستان ھندستان لاءِ آھي. افغانستان، پاڪستان جي طرف کان خشڪيءَ ۾ گھيريل آھي ۽ اھو ھڪ مسلمان بادشاھي آھي. ان جا سوويت يونين سان سٺا تعلقات آھن ۽ اتر ۾ ھڪ خشڪيءَ جو رستو ان جي علائقي وچان لنگھي ٿو. نيپال، ھندستان جي طرف خشڪيءَ ۾ گھيريل آھي ۽ اتي ھڪ ھندو بادشاھي آھي. ان جا چين سان سٺا تعلقات آھن ۽ ھڪ سڙڪ انهن کي ھڪٻئي سان ملائي ٿي. نيپال جي اوڀر پاڪستان ۽ سڪم ۽ ڀوتان جي اھم رياستن سان ويجھڙائي ۽ ان جي آسام صوبي سان نزديڪي، جنهن ۾ ناگا ۽ ميزو قبائل رھن ٿا، خواه نڪسل باڙي واري تنگ گذرگاه جي بغاوتن جو ذڪر کڻي نه به ڪجي، سي سڀ نيپال کي پاڪستان جي خارجه پاليسيءَ جي اندازن ۽ تخمينن ۾ وڏو اھم مقام ڏين ٿيون. ڪجهه سال اڳي تائين نيپال سان اسان جا تعلقات عدم موجود ھئا. بهرحال ٿورائي سال اڳي وڃايل وقت جي تلافي ڪرن لاءِ وڌيڪ زوردار ڪوششون ڪيون ويئون آھن ۽ سڀني شعبن ۾ اسان جا ان سان تعلقات سڌري ويا آھن. اڃا به وڌيڪ اشتراڪ عمل جا زياده ۽ بهتر موقعا موجود آھن، جيڪي پاڪستان ۽ نيپال جي درميان روزانو وڌندڙ مفاھمت ۾ اضافو ڪندا. سڪم ۽ ڀوتان پڻ پاڪستان جا پاڙيسري آھن، پر بدقسمتيءَ سان ھندستان انهن رياستن کي، جن کي ھو پنهنجو باجگذار سمجھي ٿو، اسان سان تعلقات قائم ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. ھن ڳالهه ۾ شڪ ناھي ته انهن شمالي ھماليائي رياستن جي آزاديءَ ۽ قومي وقار جو جذبو ھڪ نه ھڪ ڏينهن علحدگيءَ جون بندشون ٽوڙي ڇڏيندو ۽ پاڪستان کي انهن سان باھمي مفاد جي بنياد تي تعلقات قائم ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو. ڄمون ۽ ڪشمير وانگر، نيپال، سڪم ۽ ڀوتان پڻ، ھماليه جبلن جي قطار تي اھڙيءَ طرح سان بيٺل آھن، جو انهن مان ھڪ قميتي جاگرافيائي – سياسي ھار ٺھي پيو آھي، جنهن جي قدر و قيمت کي ننڍي کنڊ جي سياست جي سلسلھ ۾ فراموش نه ڪرڻ گھرجي. اھو غير محفوظ علائقو اڃا به ھڪ ٻيو ويٽ نام بنجي سگھي ٿو.
    پاڪستان کي برما سان انتهائي دوستانه تعلقات قائم رکڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي، جو انهيءَ ملڪ جون سرحدون اوڀر پاڪستان ۽ ھندستان جي بي آراميءَ وارن علائقن سان مشترڪه آھن. برما سان گڏ لڳل اسان جي سرحد جي نشان جي بندي ڪئي ويئي آھي ۽ اسان جا باھمي رابطا اسان جي ٻه- طرفه تعلقات جي سڀني دائرن اندر مسلسل ترقي ڪندا رھيا آھن. اراڪان واري سرحد تي امن ۽ مفاھمت جي فضا قائم آھي ۽ انهيءَ ڳالهه باھمي اعتماد کي وڌايو آھي. انڊونيشيا جي پاڪستان سان گڏ لڳل ڪابه سرحد ڪانهي، پر ان جا اسان سان خصوصي تعلقات جيڪي صدر سوئيڪار نوجي زماني ۾ قائم ٿيا، سي کيس وڌيڪ وسيع معنائن ۾ ھڪ پاڙيسريءَ جي حيثيت بخشين ٿا. اسان کي اميد آھي ته ان ملڪ ۾ تازو ئي جيڪي ڦيرڦارون آيون آھن، سي ھنن ٻن انتهائي گنجان آباديءَ وارن مسلمان ملڪن جي تعلقات ۾ وڌيڪ اضافي جي راه ۾ رڪاوٽ ثابت نه ٿينديون.
    جتوڻيڪ سوويت يونين سان پاڪستان جي ڪا سرحد لاڳيتي ڪانهي، ان ھوندي به اسين ان جي ايترو ويجھا آھيون، جو پاڙيسري سڏائي سگھون ٿا. پاڪستان – سوويت تعلقات کي گذريل تاريخ بگاڙي رکيو آھي، جنهن لاءِ نه پاڪستان ۽ نه سوويت يونين مڪمل طور ن ذمه دار آھن. پاڪستان جي آزاديءَ وقت ھن قسم جي ھر علامت موجود ھئي ته اسان جا تعلقات ٻه – طرفن باھمي مفادن جي بنيادن تي وڌندا ويجھندا رھندا. پر بعد ۾ رونما ٿيندڙ واقعن انهن اميدن کي ختم ڪري ڇڏيو. پاڪستان، سوويت- آمريڪي مقابلي جي انتهائي عروج واري زماني ۾ ھڪ دفاعي معاھدي جو ميمبر بڻجي يونين جي مخالفت جي باھه ڀڙڪائي، جيڪا اھڙن سڀني معاھدن کي پنهنجي قومي ۽ بين الاقوامي مفادن جي خلاف سمجھندي ھئي. آمريڪا جي عالمي مفادن سان دائمي وفاداريءَ جي ثبوت پيش ڪرڻ جي فڪر ۾ پاڪستان ڪڏھن ڪڏھن غير معتدل طرز عمل اختيار ڪندو رھيو، جنهن جو نتيجو اھو ٿيو ته سوويت يونين، ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ ھندستان جي حمايت جي صورت ۾ اسان کان بدلو ورتو. نهروءَ انهن اختلافن کي پاڪستان ۾ سوويت يونين جي تعلقات جي صورت کي وڌيڪ خراب ڪرڻ لاءِ نهايت ھنرمنديءَ سان تعلقات ڪيو. بين الاقوامي حالات ۾ تبديليءَ جي تحريڪ جي بنياد تي پاڪستان ۽ روس جي تعلقات ۾ ھڪ رستو ان وقت پيدا ڪيو ويو، جڏھن مون ٻارڻ، بجلي ۽ قدرتي وسيلن جي وزير جي حيثيت ۾، معدني تيل جو معاھدو ڪرڻ لاءِ 1960ع جي پڇاڙيءَ ڌاري انهيءَ ملڪ جو دورو ڪيو. پاڪستان ۽ سوويت يونين جي درميان وڏيءَ اھميت وارو اھو پھريون رابطو ھو ۽ ان ٻين ميدانن ۾ لاڳاپن لاءِ رستو ھموار ڪيو. ھيءَ ڳالهه خوشيءَ جو سبب آھي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ سوويت يونين سان پاڪستان جا تعلقات بهتر ٿيندا رھيا آھن.
    چين ۽ ھندستان اسان جا انتهائي اھم ۽ ويجھا پاڙيسري آھن ۽ انهن جي باري ۾ جدا بحث ڪيو ويندو. جيسين عام تعلقات جو معاملو آھي، تيسين ھيءَ دعوي ٰ ڪري سگھجي ٿي ته پاڪستان پنهنجن گھڻن پاڙيسرين مان اڪثر ملڪن سان دوستانه تعلقات قائم ڪيا آھن. اھا ڪا معمولي ڪاميابي ڪانهي.


    باب يارهون: ويٽ نام جي جنگ ۽ پاڪستان

    چين ۽ ھندستان سان پاڪستان جي تعلقات تي بحٽ ڪرڻ کان اڳ ۾، ويٽ نام جي مسئلي تي ڪجهه چوڻ ضروري آھي، جيڪو ھن وقت دنيا جي سامھون ھڪ اھم ترين مسئلو آھي. پاڪستان وانگر، ويٽ نام کي پڻ سامراجي تسلط جي ھٿان محڪوم رھڻ جي ھڪ تاريخ آھي. ويٽ نامي عوام، ابتدائي دور کان وٺي انهيءَ جو وڏي بهادريءَ سان مقابلو ڪيو آھي. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي ٿوري ئي عرصي کان پوءِ جڏھن ھنن جي سابق حڪمرانن سان ٺاھه جون سڀ ڪوششون ناڪام ٿي ويئون، تڏھن اھي فرانس جي خلاف ھٿيارن کڻڻ تي مجبور ٿي پيا. ان وقت مغربي ملڪ فرانس جي پشت پناھي ڪري رھيا ھئا. آزاديءَ جي انهيءَ جنگ فرانس کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. 1954ع جي جينوا وارن معاھدن جو مقصد اھو ھو ته ھڪ آزاد ۽ خود مختار ويٽ نام جو قالب تيار ڪيو وڃي، پر آمريڪا مداخلت ڪري انهن معاھدن جي مقصدن کي ناڪام بنائي ڇڏيو.
    شروعات ۾ آمريڪا ڪميونزم جو مقابلو ڪرڻ جي بهاني سان ڏکڻ ويٽ نام جي حڪومت کي خانه جنگيءَ ۾، جنهن کي خود آمريڪا جي روزانه وڌندڙ فوجي شموليت شديد بنائي ڇڏيو ھو، مدد ڏيڻ لاءِ ”فوجي مشير“ ۽ ” فوجي مبصر“ موڪليا. اسپين جي خانه جنگيءَ وقت ڪيئي آزاد خيال ماڻھو جمھوريت پسندن جي مدد لاءِ يورپ جي ٻين حصن ۽ آمريڪا کان آيا ھئا. جنرل فرانڪوجي ڪاميابيءَ کان پوءِ مغربي يورپ ۽ آمريڪا اسپين کي مغربي قومن جي برادريءَ مان نيڪالي ڏيئي ڪيترن سالن تائين ان سان جماعت ۽ برادريءَ جي ٿالھين ڀاڄين تان لٿل ماڻھوءَ وارو سلوڪ روا رکيو. ويٽ نام جو معاملو ڪھڙو نه مختلف آھي، جتي آزاد خيال ۽ ترقي پسند طاقتن کي ملڪ کي ڪميونسٽ. بنجڻ کان بچائڻ جي بهاني سان چـِيٿيو پيو وڃي !
    ھن معاملي تي قياس آرائي ٿي سگھي ته ڇا، آمريڪا کي شروعات کان ئي اھو يقين ھو ته ويٽ نام ۾ ان جي ذمه داري ايتريقدر وسيع ٿي ويندي، جيتري اھا اڄ آھي، يا ڪيئن. رحم ۽ انصاف کي متڪبرانه قومي وقار تي قربان ڪيو ويو آھي. آمريڪا غالبا ويٽ نام ۾ فوجي فتح حاصل ڪرڻ جي طاقت ته رکي ٿي، پر انهيءَ قسم جي فتح انهيءَ مسئلي جو سياسي حل مھيا نه ٿي ڪري سگھي، جيڪو سياسي حل کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ کي خاطر ۾ نه ٿو آڻي. آمريڪا، ايشيا ۾ پنهنجي مستقبل جي ڪردار جو دارومدار ويٽ نام جي جنگ جي نتيجن سان وابسته سمجھي ٿي، جنهنڪري ھن اھو تهيھ ڪيو آھي ته اھا انهيءَ جنگ جي تلخ انجام تائين ان ۾ پنهنجي شرڪت کي جاري رکندي. آمريڪا ۽ سوويت يونين ۾ جيڪا مصلحت آميز مفاھمت موجود آھي، تنهن تي اڳيئي ھيءَ جنگ دٻاءُ وجھي رھي آھي. چين اڃا تائين پنهنجين ھٿياربند فوجن کي انهيءَ ڪشمڪش ۾ شريڪ ٿيڻ نه ڏنو آھي، پر چيني علائقي جي خلاف اشتعال انگيز فوجي ڪارروايون جاري آھن، جنهن کان انهيءَ جنگ ۾ پريشان ڪندڙ اضافي جو امڪان آھي. ويٽ نام ۾ ستين آمريڪي ٻيڙي جي جوانن کي ڇڏي صرف آمريڪي فوجين جو تعداد چار لک ۽ ستر ھزارن کان ٻاھر نڪري ويو آھي. ڏکڻ ويٽ نامي حڪومت ۽ آمريڪي جنرل وڌيڪ فوجين لاءِ زور ڏيئي رھيا آھن. آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل ويسٽمورلئنڊ کي آمريڪا گھرايو ويو ته جيئن ھو جنگ کي اڃا وڌيڪ شديد ڪرڻ لاءِ زياده امداد حاصل ڪرڻ جي مقصد سان آمريڪي ڪانگريس کي خطاب ڪري، ۽ آمريڪا جي وزير دفاع مئڪنمارا ويٽ نام جي پنهنجي نائين دوري تان واپسيءَ تي بيان ڏنو آھي ته آمريڪا جي جنگي ڪوشش لاءِ وڌيڪ فوج درڪار آھي. صدر جانسن 3-آگسٽ 1967ع تي ڪانگريس کي درخواست ڪئي ته اھا ھلندڙ مالي سال جي دوران ” گھٽ ۾ گھٽ پنجيتاليھه ھزار“ فوج جي وڌيڪ ڪمڪ پھچائڻ جي اجازت ڏي. ساڳئي وقت تي ھن ڪانگريس کان تقاضا ڪئي ته اھا انفرادي ۽ اجتماعي انڪم ٽئڪس تي ڏھه في سيڪڙو سرچارج مڙھي، جنهن مان ساڍن ڇھن ارب ڊالرن جي مجموعي رقم حاصل ٿيندي، جيڪا ويٽ نام جنگ جي وڌندڙ خرچ جو انتظام ڪرڻ ۾ ڪم آندي ويندي. چونڊن اچڻ کان اڳ ايندڙ سال جي دوران انهيءَ قسم جي سخت اقدامن مان آمريڪا جي انهيءَ مشڪل صورتحال جي وسعت جو فقط اندازو ئي ڪري سگھجي ٿو.
    اتر ويٽ نام تي ھوائي بمباري ايتري ته وحشيانه ٿي چڪي آھي، جو ان کي ”زمين کي ساڙڻ واري پاليسيءَ “ جو مظھر چئي سگھجي ٿو. بمباري اھڙي ته پيٽ ڀريءَ حد تائين ڪئي ويئي آھي، جنهن ۾ ھڪ بم وچان ڪيئي ننڍا ننڍا بم نڪرن ٿا ۽ انهن مان پاڪيءَ جھڙا تيز فولادي ٽڪرا ٻاھر نڪري چو طرف اڏامن ٿا. نيپام ۽ فاسفورس بم، جن ۾ اھڙا ڪيميائي مادا ڀريل ٿين ٿا، جيڪي خوفناڪ نموني ۾ سڙندا آھن ۽ جن جي باھ کي مٽي ۽ پاڻيءَ سان وسائڻ ذري گھٽ ناممڪن ھوندو آھي، ڏکڻ ۽ اتر ٻنهي حصن ۾ ڪيرايا ويا آھن. انهن بمن جو شڪار ٿيڻ وارا سوزش جي سخت تڪليف ۾ مبتلا ٿي پوندا آھن. ھنن جي جسمن جو ماس بدن تي موجود ھوندي ڳرڻ لڳندو آھي ۽ جيڪڏھن اھي زندھ بچي به پوندا آھن ته ھميشه لاءِ لولا لنگڙا ٿي رھندا آھن. آمريڪا پنهنجن جديد مھلڪ ھٿيارن سان اھي تجربا ھن لاءِ ڪري رھيو آھي ته جيئن اتر ويٽ نامين کي مجبور ڪيو وڃي ته اھي 1968ع ۾ ٿيندڙ آمريڪا جي صدارتي چونڊن جي مھم جي زور وٺڻ کان اڳ ۾ ٺاھه جي ميز تي اچن. پر جنگ جي عروج جو ھڪ آخري نقطو پڻ ھوندو آھي. ھاڻي ان جي ارتقا جي ڏاڪڻ ۾ صرف ٽي يا چار ڏاڪا رھجي ويا آھن ۽ ان ڪري جنگ جي ڦھلجي وڃڻ جي انديشن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. ھيءَ ھڪ خوفناڪ جوئا آھي، جنهن جي خلاف بين الاقوامي راءِ کان علاوه، آمريڪي عوام جي راءِ جو ھڪ حصو پڻ مخالف آھي. يورپ ۽ ايشيا ۾ آمريڪا جي جنگي ڪاررواين جي خلاف جنگ جي شدت ۾ آيل اضافي سان گڏو گڏ ناراضگي وڌي رھي آھي. آمريڪا پنهنجي وڌندڙ علحدگيءَ جو علاج ڪرڻ لاءِ جنگ ۾ ٻين ملڪن جي شرڪت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو پاڪستان تي ايتريقدر دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اھو آمريڪا جي جنگي ڪوششن ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ڪجهه علامي حصوئي وٺي. پر دٻاءُ کڻي ڪيترو به شديد ھجي، اسان کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ھن عزم کي ته اسين ھن جنگ ۾ ڪو به حصو نه وٺنداسين، ڪمزور نه ٿيڻ ڏيڻ گھرجي، ۽ نه اسان کي ھن جنگ کي جاري رکڻ جي مذمت کان ھٻڪڻ گھرجي. انهيءَ قسم جي موقف کان شايد اسان کي اقتصادي ۽ فوجي امدا د ۾ نقصان ٿئي، پر پنهنجي منصفانه حيثيت جو بچاءُ ڪندي پاڪستان انهيءَ نقصان کان جيڪو ان مادي صورت ۾ ٿيندو، گھڻو وڌيڪ فائدو حاصل ڪندو. امن جي زماني ۾ مادي امداد جي فائدن تي، جيڪي ان کي آمريڪا جي ساٿ ڏيڻ جي سبب کان تمام وڏي مقدار ۾ مليا آھن، رشڪ ڪرڻ بلڪل درست آھي، پر جيڪڏھن انهيءَ قسم جي امداد وٺندڙ ملڪ کي ڇڪي جنگ ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد ھجي ته پوءِ امداد جي فائدن ۽ خطرن کي فقط امن جي زماني ۾ نه جاچڻ گھرجي، پر انهن کي جنگ جي نتيجن جي روشنيءَ ۾ پرکڻ گھرجي. ھن وقت ٿائلنڊ اقتصادي طور خوشحال ٿي سگھي ٿو، پر جيڪڏھن جنگ انهيءَ ملڪ تائين ڦھلجي وڃي ته پوءِ ان وقت ٿائلنڊ وٽ ڪھڙا فائدا رھجي ويندا ؟
    ويٽ نام جي آزاديءَ وارو جنگ انهن سڀني قومن ۾ روح ڦوڪي رھي آھي، جيڪي وڏين طاقتن جي طرفان مداخلت جي زد ۾ آيل آھن. ھن ملڪ طرفان جيڪي قربانيون ڏنيون ويئون آھن. تن مان ممڪن آھي ته سڀني ترقي پذير ملڪن کي فائدو پھچي، پر ويٽ نام جو سبق فقط شجاعت ۽ مردانگيءَ جو سبق ناھي، ڇاڪاڻ ته ان جو ھڪ وڌيڪ اونداھو طرف پڻ آھي. ھيءَ جنگ ”ڊيئم“ جھڙن مذھبي جنونين تي مشتمل ويٽ نامين جي ھڪ گروھه جي بد اطوارين کان سواءِ ھرگز جاري نه رھي سگھي ھا، جنهن عيسائيت کان سواءِ باقي ٻين سڀني مذھبن کي ختم ڪري ڏکڻ ويٽ نام کي ھڪ علحده مملڪت بنائڻ ٿي چاھيو. آمريڪا جي طرفان ڊيئم جي مدد ھن ڪري ڪئي ويئي، جو ھن پنهنجي ملڪ ۾ ان جي مادي موجودگيءَ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ھئي. ويٽ نام جي حقيقي مصيبتن جو آغاز انهيءَ نقطي کان ٿئي ٿو. پراڻي سامراجي طاقت سان ڪيل آزاديءَ جي جنگ ختم ٿي چڪي ھئي، پر ھڪ جديد سامراجي طاقت جي مداخلت جي خلاف ھڪ نئين جنگ جي شروعات ٿي چڪي ھئي. ويٽ نام ۾ پراڻي نظام جي ياد، انهن رعايتن جي سبب ڪري تازي ٿي رھي آھي، جيڪي ھڪ ٻاھرين طاقت جي شھرين کي عطا ڪيون ويئون آھن.
    جيڪڏھن اقتصادي ۽ فوجي امداد ڏيندڙ ملڪ جو مقصد جنگ کي ڦھلائڻ آھي ته پوءِ پاڪستان اھڙي امداد مان حاصل ٿيندڙ فقط فائدن جي متعلق ئي نه سوچڻ گھرجي، پر ان جي ٻين نتيجن کي پڻ نظر ۾ رکڻ گھرجي. خود پاڪستان جي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آھي ۽ اھو ھڪ انتهائي لازمي امر آھي ته اسين ھر اھڙي دباءُ جو مقابلو ڪريون، جنهن جو مقصد اسان کي ھـِن تباھڪن تصادم ۾ ڦاسائڻ ھجي. ايشيا ۽ ھندستان ۽ پاڪستان جي ننڍي کنڊ جي مستقبل جو دارومدار ان جي نتيجي تي آھي. ھيءَ جنگ ھميشه لاءِ ته جاري رھي نه سگھندي، پر نيٺ به ان کي پنهنجي جاءِ امن کي ڏيڻي پوندي ۽ ھڪ دفعو جڏھن اھو بحال ٿي ويندو، ته آمريڪا جي عالمي مفادن ۽ ايشيا ۾ سندس حيثيت جي تشريح ۾ ڪيئي تبديليون اچڻ واريون آھن. حالات جي انهيءَ تبديليءَ لاءِ پاڪستان کي صبر سان انتظار ڪرڻ گھرجي.
    بين الاقوامي سياست گري ھڪ لچڪيدار فن آھي. اڄ جيڪي ڪجهه ناممڪن نظر پيو اچي، سو سڀاڻي ممڪن ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن صدر ڪينيڊي قتل نه ڪيو وڃي ھا، ته ويٽ نام جي جنگ جو رخ گھڻو ڪري مختلف ھجي ھا. چين ۽ آمريڪا جي درميان ھڪ اھڙي تعميري گفتگوءَ جو آغاز ٿي سگھي ھا، جھڙو وزيراعظم خروشچيف ۽ صدر ڪينيڊيءَ جي درميان ويانا ۾ ٿيو ھو، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين مصلحت پسندانه مفاھمت ٿي ھئي.


    باب ٻارهون: چين ۽ پاڪستان جا تعلقات

    ١٩٦٢ع کان پوءِ چين ۽ پاڪستان جا تعلقات گھڻي قدر سڌري ويا آھن. انهيءَ ڳالهه آمريڪا ۾ زبردست غلط فھميون پيدا ڪيون آھن، جتي ھنن تعلقات جي معقوليت کي گھڻي قدر بگاڙي پيش ڪيو ويو آھي. چين ۽ پاڪستان جي تعلقات جو بنياد، ٻنهي ملڪن جي ھندستان سان اختلافن تي رکيل ناھي. اھو عنصر جيتوڻيڪ اھم آھي، ان جي باوجود اھو اصلي سبب جو ھڪ حصو آھي. چين، پاڪستان جو ھڪ پاڙيسري آھي ۽ اسان لاءِ ضروري آھي ته اسان پنهنجن سڀني پاڙيسرين سان دوستي ۽ برادريءَ جي بنيادن تي سٺا تعلقات قائم رکون. پاڪستان ۽ چين جي درميان علاقائي يا ڪي ٻيا جھڳڙا ڪينهن، جيڪي اختلافن پيدا ڪرڻ جا سبب بنجن. چين ۾ انقلاب جي خاتمي کان بعد ئي ان جي اھا پرخلوص ڪوشش رھي آھي ته پاڪستان سان معمول جي مطابق تعلقات قائم ٿين. وزيراعظم چو اين لائي بنڊونگ ڪانفرنس جي دوران پاڪستان جي وزيراعظم کي يقين ڏياريو ھو ته چين، پاڪستان سان سٺا تعلقات چاھي ٿو ۽ پاڪستان لاءِ ھڪ طاقتور پاڙيسري ملڪ جي طرف کان خير خواھيءَ جي انهيءَ اظھار کي ٺڪرائڻ غير دانشمنديءَ وارو ڪم ھجي ھا. ايشيا ۾ چين جي غالب حيثيت تسليم ٿيل آھي ۽ پاڪستان ھڪ ايشيائي ملڪ آھي، جنهن جو مقدر ھميشه لاءِ ايشيا سان وابسته آھي. ان ڪري پاڪستان لاءِ اھو نهايت ضروري آھي ته اھو ايشيا جي اتحاد کي مستحڪم بنائڻ لاءِ چين سان دوستانه تعلقات قائم رکي. ايشيائي ۽ آفريڪي قومن جي برادري جي ميمبر نه ھئڻ جي حيثيت ۾ آفريشيائي يڪجھتيءَ کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيڻ ۾ اسان جو مفاد گڏيل آھي. اھو ھڪ وڌيڪ سبب آھي، جنهن جي بنياد تي انهن ملڪن کي ھڪٻئي سان سٺا تعلقات قائم رکڻ گھرجن. ترقي پذير ملڪن ھئڻ جي ڪري چين ۽ پاڪستان بهتر بين الاقوامي تجارتي شرطن حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ترقي پذير قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ ترقي يافته ملڪن کان ڪجهه وڌيڪ منصفانه تعاون حاصل ڪرڻ لاءِ، پاڻ جھڙن ترقي پذير ملڪن سان اشتراڪ عمل جا خواھان آھن. شروعات کان وٺي ئي چين فلسطين جي تقسيم جي سوال تي ھڪ منصفانه موقف اختيار ڪيو آھي ۽ اسرائيل جي خلاف عربن جي مقصد جي حمايت ڪئي آھي. عرب قومن لاءِ چين جي حمايت پاڪستان جي نقطه نظر سان ٺھڪندڙ آھي، جھڙيءَ طرح انهيءَ جرائتمندانه موقف مان قطعي طور ظاھر ٿيو آھي، جيڪو چين طرفان ان وقت عرب ملڪن جي حق ۾ اختيار ڪيو ويو، جڏھن اسرائيل تازو اڳرائيءَ جو قدم کنيو. چين ڏکڻ روڊيشيا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي علحدگي پسنديءَ ۽ نسلي پاليسين کان وڌيڪ اھم ڳالهه اھا آھي ته ان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خود اراديت جي حق جي صاف صاف حمايت ڪئي آھي ۽ ٻين خيالن کان قطع نظر، صرف اھائي ھڪ ڳالهه پاڪستان کي چين سان دوستانه تعلقات وڌائڻ خاطر متاثر ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي.
    ھڪ ترقي پذير ملڪ ھئڻ جي حيثيت ۾ پاڪستان اقوام متحده جي تشڪيل ۾ سڌارو چاھي ٿو ته جيئن اھا ڪمزور قومن جي مفادن جي تحفظ لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪري سگھي، پر چين جي وڏي طاقت جي شموليت کان سواءِ، جيڪا پنهنجي حق جي بنياد تي سلامتي ڪائونسل ۾ جڳھھ حاصل ڪرڻ جي اھل آھي، انهيءَ ڳالهه جو تصور به نه ٿو ڪري سگھجي. عالمي طاقتن طرفان ھندستان ۽ پاڪستان جي ھٿياربند فوجن ۾ ٻـِ- طرفي خطرناڪ قسم جي ڪمي ڪرڻ جي ڪوشش بدران، اقوام متحده کي ھٿيارن جي ڪميءَ لاءِ ھڪ مڪمل ۽ عام بين الاقوامي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، جنهن ۾ ائٽمي ھٿيارن جون ھڪ – ھٽيون قائم ڪرڻ بدران انهن جي مڪمل خاتمي جو اصول شامل ھجي. جيڪڏھن امن جي ضمانت فقط ھڪ غير مسلح دنيا ۾ ڏيئي سگھجي ٿي، ۽ جيڪڏھن بين الاقوامي سطح تي ھٿيارن جي مڪمل ۽ عام ڪميءَ لاءِ ڪوششن جي ھمت افزائي پسنديده ڳالهه آھي، ته پوءِ ھٿيارن جي ڪميءَ لاءِ ڳالھين ۾ چين جي شموليت لازمي آھي. سترڪروڙ انسانن جي اھڙيءَ قوم جي تعاون کان سواءِ، جنهن وٽ جوھري اسلح خانو پڻ آھي، ھٿارن جي مڪمل ڪميءَ جو خيال، ھڪ ڏورانهين منزل بنيو رھندو. انهن نمايان سببن ڪري، چين سان پاڪستان جي دوستانه تعلقات ۾ اھڙن مثبت اسبابن ڪري حرڪت آئي آھي، ۽ نه اھڙين وقتي حاجتن جي ڪري جن جو ڪنهن بئي ملڪ تي اثر پوندڙ ھجي.
    ھن قسم جا طعنا ھنيا ويا آھن ته پاڪستان ۽ چين جي زندگيءَ جا نظريا ھڪٻئي سان اڻ ٺھڪندڙ آھن ۽ انهيءَ ڪري انهن ٻن ملڪن ۾ ھڪ دوستاڻو ۽ عملي طريقه ڪار گھڻي وقت تائين قائم نه ٿو رھي سگھي. ھيءُ دليل به پيش ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ته پاڪستان جا چين سان تعلقات موضوعي انداز جا آھن، ان ڪري اھي وقت جو دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي قابل ٿي نه ٿا سگھن. اھي دليل مغالطي ۾ وجھندڙ آھن. رياستن جا واسطا سڌا سنوان رياستن سان ھوندا آھن، ۽ نه سندن معاشرتي نظامن يا نطرين سان. جيڪڏھن انهيءَ دليل کي ان جي منطقي نتيجي تائين پھچايو وڃي، ته پوءِ پاڪستان جا دوستانه تعلقات فقط مسلم ملڪن سان ھئڻ گھرجن ۽ ان کي باقي دنيا کان پاڻ کي الڳ ٿلڳ رکڻ گھرجي. ھيءَ ھڪ تاريخي حقيقت آھي ته اسلام ھڪ سياسي قوت جي حيثيت سان ٻين جي مقابلي ۾ عيسائي ملڪن جي ھٿان وڌيڪ نقصان برداشت ڪيو آھي. اھا عيسائي دنيا ئي ھئي، جنهن اسلام جي خلاف صليبي جنگين جو بنياد وڌو ۽ اھي عيسائي قومون ئي ھيون، جن ذري گھٽ سڀني مسلمان مملڪتن کي صدين تائين پنهنجي سامراجي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو ۽ انهن جي معاشرتي ۽ اخلاقي تندن کي ايتريءَ حد تائين تباھ ڪيو، جو اسلامي دنيا اڃا تائين انهيءَ نقصان جي بحال ٿيڻ جي دؤر مان گذري رھي آھي. پروفيسر آرنولڊ ٽائنبي چيو آھي:
    ”ڪميونزم جي متعلق ڪجهه به ٻڌڻ کان ڪيئي صديون اڳي، اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏھڪائيندڙ ڀوت اسلام ۾ نظر آيو ھو. سورھين صديءَ جي زماني تائين اسلام مغرب وارن جي دلين ۾ اھڙي ئي اضطرابي ڪيفيت پيدا ڪندو ھو، جيڪا ويھين صديءَ ۾ ڪميونزم پيدا ڪري رھي آھي، ۽ اھو اضطراب لازمي طور ساڳين ئي سببن جي بنياد تي پيدا ٿي رھيو آھي. ڪميونزم وانگر اسلام پڻ مغرب دشمن تحريڪ ھئي ۽ ان سان گڏو گڏ مغربي عقيدي جي ھڪ بدعتي تشريح پڻ ھئي، ۽ ڪميونزم وانگر، اھو به جذبي جي ھڪ اھڙي ترار لھرائي رھيو ھو، جنهن جي خلاف مادي ھٿيارن ۾ ڪنهن به قسم جو دفاع ڪو نه ھو.“(1)
    ھيءُ ڳالهه غير امڪاني آھي ته چين ”پاڪستان جي غرناطھ جي سقوط يا مسلمان رياستن يروشلم جي کسجي وڃڻ جو ذميوار ٿيڻ وارو آھي. اسان جا تعلقات بنڊونگ جي اصولن ۽ عدم مداخلت جي قطعي پيرويءَ جي بنياد تي بيٺل آھن. اسلامي مذھبي ڪتابن ۾ ڪٿي به اھو لکيل ڪونهي ته غير اسلامي رياستن سان دوستيءَ جي تعلقات پيدا ڪرڻ سان شناخت لاءِ خطرو پيدا ٿئي ٿو.
    پاڪستان جا عوام ڏيڍ صديءَ کان وڌيڪ عرصي لاءِ مغربي تسلط ھيٺ رھيا آھن. ان جي باوجود پاڪستان سڀني مغربي ملڪن سان دوستانه ۽ آمريڪا ۽ برطانيه سان خصوصي تعلقات قائم ڪري رکيا آھن. انهن قريبي ناتن مان ڪنهن به ناتي پاڪستاني عوام جي مذھبي قدرن کي خراب ڪو نه ڪيو آھي. انهن جي ملڪ مغرب جي دخل اندازيءَ جي باوجود، جنهن جو بنياد تسلط ۽ بيجا مداخلت تي ھو، نهايت فخر سان پنهنجي اسلامي ڪردار کي قائم رکيو آھي. جيڪڏھن پاڪستان جي سياست ۽ معاشرتي بناوٽ ايتري قدر مضبوط آھي. جو اھا مغربي ثقافت ۽ تهذيب جي حملي جو مقابلو ڪري سگھي ٿي ته پوءِ اھا ڪنهن به ٻي نظريي جي مقابلي ۾ پنهنجو مقام برقرار رکي سگھندي، خاص ڪري ھڪ اھڙي ملڪ جي نظريي جو، جنهن جو ڪڏھن به اسان جي ملڪ تي غلبو يا اسان جي اندروني معاملات ۾ مداخلت ڪانه ٿي آھي. جڏھن آمريڪا ۽ سوويت يونين جي درميان تعلقات غير دوستانه ھئا، تڏھن پاڪستان ۽ سوويت يونين جي درميان تعلقات جي قيام جي خلاف پڻ اھڙي ئي سخت مخالفت ڪئي ويندي ھئي. ھيءُ ته جڏھن ٻنهي عظيم طاقتن جا تعلقات بهتر ٿيا، فقط اعتراض ختم ٿيا. جڏھن چين ۽ آمريڪا جا تعلقات وڌيڪ حقيقت پسنديءَ وارو رخ اختيار ڪندا، تڏھن آمريڪا، پاڪستان ۽ چين جي باھمي دوستانه تعلقات جي ايتري مخالف نه رھندي. جيڪڏھن پاڪستان ھن وقت ۽ چين جي خلاف ڪي اشتعال انگيز قدم کنيا، ته جڏھن آمريڪا چين جي درميان تعلقات بهتر ٿي ويندا، تڏھن ان جي حالت وڌيڪ خطري واري ٿي پوندي. انهيءَ وقت اسان وري ائين پٺتي رھجي وينداسون، جيئن سوويت يونين سان پنهنجي تعلقات کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ۾ اسين ھندستان کان پٺتي رھجي ويا ھئاسون. جيڪڏھن قيمتي وقت ھن طرح ضايع ٿيندو رھيو ته ان مان ناقابل تلافي نقصان پھچڻ جو انديشو آھي. ان ڪري ھيءَ ڳالهه انتهائي ضروري آھي ته پاڪستان چين سان پنهنجن دوستانه تعلقات کي ترقي ڏيڻ ۾ مصروف رھي- ۽ آمريڪا جي عالمي پاليسيءَ جي موجوده رجحانن جي مدنظر چين سان قائم ٿيل موجوده تعلقات کي قطع ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ سڀني ڪوششن جو مقابلو ڪري انهن کي قائم رکي. پاڪستان کي خود پنهنجي مھذب سياسي مفادن جي بنيادن تي پنهنجي خارجه پاليسيءَ جي تشڪيل عالمي طاقتن جي بدلجندڙ سياسي ضرورتن کان بي نياز ٿي ڪرڻ گھرجي.

    ________________________________________
    (1) سـِو لـِيزيشن آن ٽرايل، 1948، ص- 2¬-21.


    باب تيرهون: يورپي ملڪن ۽ عظيم طاقتن سان تعلقات

    ھاڻي اھو ڏسڻو آھي ته معربي دنيا جي ٽن نيم عظيم طاقتن مان ڪھڙي طاقت مستقبل قريب ۾ پاڪستان جي قومي مفاد کي ترقي ڏيڻ جو وڌيڪ حق ادا ڪري سگھي ٿي، پر ان جي موجوده پاليسيءَ جي آڌار تي، فرانس لاءِ سڀني کان وڌيڪ گمان ڪري سگھجي ٿو. خود اراديت جي حق لاءِ ان جي حمايت، ائٽلانٽڪ معاھده جي سربراھيءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس ڪوششن، ۽ ايشيائي مسئلن ۾ ان جي شعور مان اھو نتيجو نڪتو آھي جو پاڪستان ۽ فرانس جي درميان تعلقات خوشگوار آھن.
    سيپٽمبر 1965ع واريءَ جنگ ۾، فرانس پاڪستان کي نااميديءَ جو ڪو سبب نه ڏنو. ان جي برعڪس، سلامتي ڪائونسل ۾ ان جو رويو ھن ڪري نهايت مددگار ثابت ٿيو، جو ان ٻين عظيم طاقتن طرفان تعزيرن وجھڻ جي ڌمڪين جي مخالفت ڪئي. جولاءِ ١٩٦٥ع ۾ ڪنسورشيم جي درميان بحران واري وقت ۾ پڻ فرانس پاڪستان کي اقتصادي ۽ سياسي ٻنهي قسمن جي امداد ڏني. ان جي عالمي پاليسي اسان جي قومي ۽ بين الاقوامي مفادن سان مطابقت رکي ٿي، ۽ ھن سربراھيءَ جي زيرسائي ھندستان جي قد ڪاٺ ۾ اچڻ واري ڪوتاھيءَ جي منفي نتيجن جو احتياط سان مطالعو ڪيو آھي. فرانس کي يقين آھي ته چين سان ھندستان جو جھڳڙو، ايشيا ۾ امن لاءِ فائديمند ناھي. اھو ملڪ ھن ڳالهه جو قدر ڪري ٿو ته پاڪستان چين سان اعتماد ۽ مفاھمت جا تعلقات قائم ڪيا آھن، ۽ ھو پاڪستان طرفان پنهنجي وجود ۽ خود مختاريءَ کي قائم رکڻ جي جدوجھد ۾ ان جو ھمدرد آھي.
    پاڪستان جا وفاقي جمھوريه جرمنيءَ سان تعلقات دوستانه آھن ۽ ان ٻي جرمنيءَ سان اڃا تائين ڪنهن به قسم جو رابطو قائم نه ڪيو آھي، ليڪن جرمن خارجه پاليسيءَ جي حدن کي ڏسندي پڪ سان نه ٿو چئي سگھجي ته جرمنيءَ جي وفاقي جمھوريه پنهنجي وڌندڙ طاقت جي باوجود، اھڙيءَ صورت ۾ جو ان تي شديد دٻاءُ پوي، ڪھڙيءَ حد تائين پاڪستان کي مدد ڏيڻ جي قابل ھوندي. ان ھوندي به ھيءَ ڳالهه اھم آھي ته اسين انهيءَ ملڪ سان، ان جي پنهنجي اھميت ۽ اقتصادي ميدان ۾ پاڪستان کي مدد ڏيڻ جي صلاحيت جي بنياد تي، دوستيءَ جا تعلقات قائم رکون ۽ انهن کي وڌائيندا رھون. پر اسين ان کي گھٽ ۾ گھٽ، في الحال ھڪ سياسي بيرم بنائي نه ٿا سگھون، ۽ اھا آمريڪا جي طرفان بند ڪيل سازو سامان جي امداد جي تلافي نه ٿي ڪري سگھي.
    اسان جي علائقي ۾ برطانيه جو اثر و رسوخ گھٽجي چڪو آھي ۽ ان تي ھاڻي آمريڪا حاوي ٿي ويئي آھي. جيئن ته برطانيه خود آمريڪا جو محتاج آھي ۽ جيئن ته ھندستان ۽ پاڪستان، ٻيئي دولت مشترڪه(1) جا ميمبر آھن، ان ڪري اھو ھڪ قسم جي ادلي بدلي ٿيندڙ غير جانبداري جو سلسلو جاري رکندو. ڪڏھن ھو ھندستان جي حمايت ڪندو، ته ڪڏھن پاڪستان جي طرفداري ڪندو. ان جي باوجود اسان لاءِ برطانيه سان سٺا تعلقات رکڻ جا پڻ ڪي فائدا آھن. اسان کي ھن سبب ڪري نه ھٻڪڻ گھرجي ته اھي ملڪ ھڪ اسان جي بنيادي مسئلن جي حل ۾ ڪوئي مثبت ۽ معقول ڪردار ادا نه ٿا ڪري سگھن. اسان کي انتظان ڪرڻ گھرجي ۽ تبديليءَ جي اميد رکڻ گھرجي. موجوده حالتن ۾ پڻ انهن ٻنهي ملڪن سان ھر ممڪن حد تائين بهترين تعلقات قائم رکڻ ۾ ڪيئي فائدا آھن. سڀني ھيٺانهين مددگار ڳاليھن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪرڻ گھرجي ۽ موزون موقعي تي انهن کي اثرائتي نموني ۾ ڪم آڻڻ ۽ اڳتي وڌائڻ گھرجي.
    سبب ۽ نتيجي جو اصول خارجه معاملات سان به اھڙوئي لاڳو ٿئي ٿو، جھڙو نجي ھرجاني جي قانون سان. رياستي تعلقات جي اھتمام ۾ ھڪ سرگرم باھمي رابطو ۽ ٻه- طرفو اثر ڪم ڪندو آھي. ھڪ اھڙي خارجه حڪمت عملي، جيڪا تسليم ٿيل عالمگير اصولن تي دارومدار رکي ٿي، ٻين رياستن تي پڻ اثرانداز ٿئي ٿي، جڏھن ته ھڪ مصلحت آميز ۽ موقع پرست حڪمت عملي ٻين ملڪن سان تعلقات ۾ ملڪ جي شبيھه تي ناموافق اثر وجھي ٿي. جيڪڏھن پاڪستان جون پاليسيون بااصول ۽ اخلاقي معيار جون ھجن، ته ٻين مملڪتن تي لازمي طور انهن جو اثر اسان جي حق ۾ ٿيندو. فرانس، برطانيه ۽ مغربي جرمنيءَ سان حقيقت پسند حڪمت عملي تي ڪاربند رھي مغربي يورپ جي ٻين ملڪن سان دوستانه تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ خوشگوار حالتون پيدا ڪري سگھجن ٿيون. انهن ملڪن سان اڳوڻن لاڳاپن ۽ اقتصادي امداد جي ضرورت جي پيش نظر، انهيءَ قسم جا تعلقات اڃا به وڌيڪ ضروري آھن. انهن مثبت عوامل کي، ايشيا ۾ پاڪستان جي وڌندڙ اثر و رسوخ جي سبب ڪري وڌيڪ تقويت ملي ٿي.
    انهيءَ قسم جا دليل اوڀر يورپ جي اشتراڪي ملڪن جي معاملي ۾ پڻ لاڳو ٿين ٿا. انهن سان پاڪستان جو وڌندڙ اشتراڪ زندگيءَ جي ڪيترن ئي ميدانن ۾ سازگار فضا پيدا ڪري سگھي ٿو. مغربي يورپ وانگر، مشرقي يورپ ۾ پڻ ڪي اھم ڪليدي رياستون آھن، جيڪي اسان جي خصوصي توجھ جون مستحق آھن. انهن سڀني ملڪن کان وڌيڪ اھم رومانيھ آھي، جيڪو تازوئي جرئتمنديءَ سان ھڪ دورانديش خارجه پاليسيءَ تي عمل ڪرڻ سبب سامھون اچي بيٺو آھي. پولنڊ ۽ چيڪوسلواڪيھ جي صنعتي طور ترقي يافته ملڪن طرف توجھ ڏيڻ پڻ اوتروئي ضروري آھي. جيتوڻيڪ انهن کي پڻ سوويت يونين وانگر ھن چيز طرفان انديشو آھي، جنهن کي ھو جرمنيءَ جون ” انتقامي دعوائون“ چون ٿا.
    جيستائين مجموعي طور يورپ جي سڄي کنڊ جو تعلق آھي، پاڪستان مشرق ۽ مغرب جي باھمي تعاون ۾ واڌاري جو خيرمقدم ڪندو. يورپ جي داخلي اشتراڪ جو عمل برطانيه جي يورپ ۾ ھڪ يورپي طاقت جي حيثيت سان داخل ٿيڻ سان گڏ، ۽ ان کان علاوھ انهن گھڻين ئي بندشن جي ختم ٿي وڃڻ سان جيڪي مشرقي ۽ مغربي يورپ جي درميان آھن، وڌيڪ تيز ٿي ويندو. جڏھن اھي ڳالھيون وجود ۾ اينديون، تڏھن جنرل ڊي گال جو ”آزاد يورپي يورپ“ يعني اھڙو يورپ وجود ۾ اچي ويندو. جيڪو عالمن امن جي حفاظت ۾ نمايان طور حصو وٺي سگھي.
    آمريڪا سان پاڪستان جي لاڳاپن جي سلسلي ۾ اسان ڏسي ورتو ته تعلقات کي معمول تي رکڻ لاءِ سخت شرطن وجھڻ جي پاليسيءَ جا عملي نتيجا ڇا ٿا نڪرن. ڄمون ۽ ڪشمير جي مئسلي تي ھندستان سان ھلندڙ جھڳڙي ۾ پاڪستان جي حمايت ڪئي ويئي ته ھن لاءِ ڪئي ويئي جو اھا نمايان طور آمريڪا جي مفاد ۾ ھئي. غير جانبدار ھندستان تي پنهنجو پاڇو وجھڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، آمريڪا پاڪستان جي طرف توجھ ڪئي ۽ نتيجي طور، ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ عيوضي معاوضي جي بنياد تي ھن اسان جي حمايت ڪئي. بين الاقوامي صورتحال جي تبدلين آمريڪا ھي اصلوڪي پوزيشن ۾ اھڙيون ڦيرڦارون پيدا ڪيون آھن، جيڪي عالمي مفادن ۽ جنگي حڪمت جي تابع آھن، جن کي جھڳڙي جي حقيقت يا اِن ڳالهه سان ڪوئي واسطو ڪونهي ته اسان پنهنجن مفادن کي انهيءَ وڏي طاقت سان ڇاجي لاءِ وابسته ڪيو آھي.
    ٿٻيٽ جي بحران، چين ۽ ھندستان جي درميان سرحدي جھڙپن کان پوءِ آمريڪا ھندستان کي پنهنجي دائري ۾ ڇڪي آڻڻ جا نوان موقعا ڏٺا. انهيءَ قسم جي مصلحت انديشي ڄمون ۽ ڪشمير بابت آمريڪا جي رويي ۾ برابر جھلڪندي رھي آھي. جڏھن پاڪستان کي فوجي امداد ڏيڻ ان جي عالمي مفاد ۾ ھو، تڏھن پنڊت نهروءَ جا سڀ احتجاج پاڪستان کي فوجي سازو سامان مھيا ڪرڻ جي فيصلي تي ذري برابر به اثر انداز ٿي نه سگھيا. پوءِ وري جڏھن ھندستان کي ھٿيارن جي فراھمي آمريڪا جي مطلب لاءِ مفيد ٿي، تڏھن اسان جا پنهنجا احتجاج جيتوڻيڪ ڏاڍا شديد ھئا، آمريڪا جي ھٿيارن مھيا ڪرڻ جي فيصلي تي ڪو به اثر وجھي نه سگھيا. فيبروري 1963ع ۾ آمريڪي حڪومت پنهنجي نائب سيڪريٽري آف اسٽيٽ فلپس ٽالبوٽ کي ننڍي کنڊ جي دوره تي موڪليو. ھن پاڪستان ۾ اچي ھيءَ ڳالهه چئي ته ھن علائقي ۾ طاقت جو توازن برقرار رکڻ لاءِ آمريڪا فيصلو ڪيو آھي ته اھا پاڪستان کي ھٿيارن جي وڌيڪ مدد نه ڏيندي، ۽ ھن اھو به چيو ته جھڙيءَ طرح ماضيءَ ۾ ھندستان جي طرفان ٿيندڙ احتجاجن جي باوجود، پاڪستان کي ھٿيار ڏبا رھيا، تهڙيءَ طرح ھن جي حڪومت پاڪستان جي احتجاجن جي باوجود ھندستان لاءِ ھٿيارن جي فراھمي جاري رکندي. ھن معاملي ۾ آمريڪا جي پاليسي سخت رھي آھي. اقتصادي امداد ۽ اناج جي پھچ وانگر ھٿيارن جو وھڪرو پڻ وڌندو ويو ۽ ھندستان کي ملندڙ امداد مجموعي طور بنان ڪنهن وقفي جي وڌندي ئي ويئي، ۽ ائين چئي سگھجي ٿو ته ھندستان جي امداد پاڪستان جي احتجاجن جي مقابلي ۾ جاميٽريءَ واري تناسب يعني ٻيڻي چؤڻي حساب سان وڌندي رھي.
    سوويت يونين جي معاملي ۾ اسين ڏسون ٿا ته غير جانبدار ھندستان سان ڄمون ۽ ڪشمير بابت ان جي مڪمل ھم آھنگي جي روايتي پاليسي عالمي صورتحال ۾ تبديليون رونما ٿيڻ جي ڪري ڪجهه قدر مختلف ٿي ويئي آھي. جڏھن سوويت يونين کي سندس عالمي مفادن جي خاطر پنهنجي رويي ۾ تبديلي ڪرڻي پيئي، تڏھن اسان جي تعلقات جو ان ۾ ذري جيترو به دخل ڪونه ھو. ھندستان جي احتجاجن جي باوجود انهن تبديلين کي عمل ۾ آندو ويو. جڏھن سوويت يونين کي سندس عالمي مفادن خاطر ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ پنهنجو رويو ٻيھر متعين ڪرڻو پيو ته ان جي دفاعي معاھدن ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ” يو –ٽو“ جي پروازن کي پڻ نظرانداز ڪرڻ مناسب سمجھيو، ته جيئن چين کي حد اندر روڪي سگھجي. اھڙيءَ طرح جڏھن ھندستان ۽ چين جا تعلقات دوستانه ھئا، ۽ پاڪستان ۽ چين جا تعلقات اھڙا نه ھئا، تڏھن چين ڄمون ۽ ڪشمير جي سوال تي ھندستان جي حمايت ڪرڻ کان محض پنهنجي مطلب خاطر انڪار ڪيو. جڏھن وزيراعظم نهرو چين جي مدد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، تڏھن ھن علامتي طور چين کي ھندستان جو ھم خيال ظاھر ڪرڻ لاءِ وزيراعظم چو اين لائي تي اصرار ڪيو ته ھو ھندستان جي دوري جي دوران سري نگر جو پڻ سير ڪري. جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ چين جي درميان ان وقت تعلقات معمول کان دور ھئا، ان جي باوجود چين جي وزيراعظم مستقبل تي نگاھ رکندي علامتي طور به، ھندستان جي حمايت جو دم ڀرڻ قبول نه ڪيو.
    سيپٽمبرسن 1965ع جي جنگ ۾ سڀني وڏين طاقتن جنگ جي باري ۾ پنهنجي پنهنجي عالمي اندازن جي مطابق موقف اختيار ڪيو. آمريڪا ھڪ معاھدي جي تحت پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ ٻڌل ھئي، پر مدد پھچائڻ جي بدران ان سيٽو ۽ سينٽو جي معاھدن ۾ شريڪ پنهنجي رفيق جي فوجي امداد بند ڪري ڇڏي. سوويت يونين چيني الٽيميٽم کان گھٻرائجي ۽ چين سان ھڪ وڌيڪ شديد سياسي ۽ نظرياتي شگاف کان ڊڄي ڏاڍي سرگرميءَ سان جنگ جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي. لڙائي بند ڪرائڻ جو ان کي ايڏو فڪر دامنگير ھو، جو ان ھڪ اشتراڪي مملڪت جي حيثيت سان پنهنجي تاريخ ۾ فقط ٻيو ڀيرو – ھـِن دفعي ھندستان ۽ پاڪستان جي باھمي جھڳڙن جي حل لاءِ - پنهنجون نيڪ خدمتون پيش ڪيون. چين طرفان پاڪستان جي کليل حمايت بي مثال ھئي، جيتوڻيڪ ان لاءِ ٺوس سياسي سبب موجود ھئا. ٽنهي عالمي طاقتن جيڪي موقف اختيار ڪيا ھئا، تن جو تعين معاھدن جي تحت انهن جي تعلقات يا ھندستان يا پاڪستان سان سندن ٿوري يا گھڻي ھم آھنگيءَ جي آڌار نه، پر سندن عالمي مقصدن جي بنياد تي ٿيو.
    پاڪستان آمريڪا کي ٻه طرفن يا گھڻن طرفن وارن تعلقات جي زور تي باھمي مقصدن جي ذريعن جي وسيلي، جن ۾ انهيءَ ملڪ جي مفادن سان مڪمل ھم آھنگي پڻ شامل آھي، پنهنجي نقطه نظر طرف ڦيرائي نه سگھيو آھي. ھندستان ۽ آمريڪا جا باھمي تعلقات ھاڻي بهتر آھن، پر جڏھن انهن ٻنهي ملڪن جا تعلقات پاڻ ۾ ڪشيده ھئا، ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا جي درميان ڪو به اختلاف ڪو نه ھو، تڏھن به پاڪستان آمريڪا کي ھن ڳالهه تي آماده نه ڪري سگھيو ته اھا ھندستان ۽ اسان جي وچ ۾ جھڳڙن کي نبيرڻ لاءِ پنهنجو اثر و رسوخ استعمال ڪري. آمريڪا پنهنجي دوست ۽ طرفدار پاڪستان جي حق ۾ ھندستان تي اثر استعمال ڪرڻ کان ھٻڪي رھي ھئي، حالانڪ اھا ائين ڪرڻ جي حالت ۾ نه ھئي. منصفانه فيصلي ڪرائڻ لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش نه ڪئي ويئي. مئي ١٩٦٢ع ۾ وائيٽ ھائوس مان جاري ڪيل ھڪ خلاصھ بيان ۾ صدر ڪينيڊيءَ چيو ته ”ڪشمير جي معاملي ۾ ھندستان جي متعلق پاڪستان طرفان امداد جي درخواست ٻين قومي مقصدن لاءِ آمريڪي طاقت جي سھاري وٺڻ جي ھڪ ڪوشش آھي.“ پاڪستان ان وقت آمريڪي مداخلت جو نه فقط خواھان ھو، پر آمريڪا سان تعلقات کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تصفيه جو شرط پڻ وجھي رھيو ھو. انهيءَ خطرناڪ رستي تي ھلڻ جو ضد ڪري اسان جيڪڏھن ڄاڻي ٻجھي نه، ته به اتفاقيھ ئي سھين، ھڪ بيجا ٺاھه ڪرائيندي ڪرائيندي رھجي وياسون.
    پوءِ ڀلا پاڪستان ڪھڙيءَ طرح پنهنجن مفادن جي حفاظت سان گڏوگڏ آمريڪا سان دوستانه تعلقات برقرار رکي سگھي ٿو؟ ان جو مڪمل جواب حاصل ڪرڻ ته مشڪل آھي، پر ھڪ نسبتا محفوظ حل وڏي حد تائين واضح آھي ۽ اھو ھيءَ ته معمول مطابق تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ پيشگي شرطن کي بلڪل رد ڪيو وڃي ۽ ھيءَ ڳالهه بلڪل صاف ڪئي وڃي ته پنهنجن قومي مقصدن ۾ مداخلت کي اسين ھرگز برداشت نه ڪنداسين. اسان کي اختلاقي نڪتن کي بلڪل بالاءِ طاق رکي ڇڏڻ گھرجي ۽ گڏيل مفاھمتن جي حدن اندر تعلقات قائم ڪرڻ گھرجن. ان جي باوجود، جيڪڏھن آمريڪا ڪنهن اھڙي تصفيه ڪرائڻ تي اصرار ڪري، جنهن جو بنياد خود اختياريءَ جي حق تي رکيل نه ھجي ۽ اھا پنهنجن عالمي مقصدن خاطر ھندستان ۽ پاڪستان جو تعاون چاھي ته پوءِ پاڪستان کي سياسي محاذ آرائيءَ لاءِ تيار رھڻ گھرجي، جيڪا وقت گذرڻ سان ھڪ نئين مفاھمت جي بنياد تي معمول مطابق تعلقات ۾ تبديل ٿي سگھي ٿي. ھڪ مضبوط موقف اختيار ڪرڻ ۽ مختصر عرصي تائين مشڪلات جو مقابلو ڪرڻ دٻاءُ جي آڏو جھڪي سيلاب لاءِ دروازا کولي ڇڏڻ ۽ ھڪ جي پٺيان ٻئي بحران کي دعوت ڏيڻ کان بهتر آھي. ھڪ نئين تصفيه تائين پھچي، جتي صدر ڪينيڊيءَ جي لفظن ۾، آمريڪي قوت جي سھاري وٺڻ جي ضرورت نه ھجي، اسين انهيءَ ملڪ کي ھڪ پريشان ڪندڙ ذمه داريءَ کان آزاد ڪري ڇڏينداسون ۽ پنهنجن اھم قومي مفادن جي حفاظت پڻ ڪري سگھنداسون. اختلاقي نڪتن کي الڳ ڪري اسين پنهنجن مقصدن لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪرڻ جي حق کان ڪنهن به طرح سان دستبردار نه ٿا ٿيون. اسان وٽ پنهنجن مطالبن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻيا ذريعا به موجود آھن، جيڪي شايد وڌيڪ ڪامياب ٿي سگھن. ڪنهن وڏي طاقت سان مسلسل حوصله شڪن تعطل قائم رکڻ جي بجاءِ، وڌيڪ عقلمندي اھائي آھي ته انهيءَ ڳنڍ کي ئي وڍي ڇڏجي، جيڪا ڳچيءَ ۾ ڦاھو بنجي ڦاسي پيئي ھجي. يگوسليويا ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت نه ڪئي آھي، پر ان جي باوجود اسان جا انهيءَ ملڪ سان خوشگوار تعلقات قائم آھن. اھو ھن ڪري آھي، جو اسان يگوسليويا سان مواقفت وارن دائرن ۾ تعلقات قائم ڪري رکيا آھن، ۽ ھندستان سان پنهنجن جھڳڙن جي فيصلن لاءِ انهيءَ ملڪ جي مداخلت جا خواھشمند نه ٿيا آھيون. اسان غيرارادي طور انهيءَ ملڪ سان باھمي تعلقات مان اختلاقي نڪتو الڳ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان طرح اسان سياسي ڪشيدگين کان بچي ويا آھيون. اسان حمايت جي خواھش جو اظھار ڪندي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڻسڌيون ڪوششون جاري رکندي به اختلافي حدن کان ٻاھر تعلقات قائم رکي سگھون ٿا، ۽ پوءِ اھي جيتري تائين به ھلن.
    اھڙيءَ طرح اسان کي ھر وڏي ۽ عالمي طاقت کي صاف ٻڌائڻ گھرجي ته پاڪستان انهن مان ھر ھڪ سان الڳ الڳ ٻه – طرفن بنيادن تي اھڙن لاڳاپن رکڻ لاءِ تيار آھي، جيڪي وقتي طور ناقابل حل اختلافن کان بلڪل علحده ھجن، بشرطيڪ واسطيدار طاقت به اسان جي ملڪ جي معاملن ۾ اسان جي مفادن جي خلاف دخل اندازيءَ کان پرھيز ڪري. اھا اسان جي اندروني معاملن ۾، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزاديءَ لاءِ اسان جي جدوجھد ۽ ھندستان سان اسان جي جھڳڙن جي منصفانه فيصلن ۾ سچ پچ عدم مداخلت کان ڪم وٺي، ته اسان پڻ جواب ۾ ان سان حسب معمول، مگر محدود طور ۽ پيشگي شرطن کان سواءِ تعلقات قائم رکنداسون. انهيءَ قسم جو انداز نظر معقول ۽ منطقي به آھي ۽ آخرڪار اسان جي مقصدن جي حصول جي رستي ۾ گھٽ ۾ گھٽ رڪاوٽ جو باعث پڻ ٿيندو. اھو انداز اسان کي سڀني مملڪتن سان معمول جي مطابق تعلقات قائم رکڻ جو موقعو به ڏيندو ۽ اسان جي پنهنجن مقصدن جي حصول لاءِ سرگرم ڪوشش سان گڏوگڏ ان کي ھم آھنگ پڻ ڪري سگھبو. اھو اسان کي پنهنجن جائز مقصدن جي حاصل ڪرڻ لاءِ مخالفانه غير ملڪي مداخلت جي انديشي کان سواءِ ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ جي آزادي ڏيندو. اسان کي ھيءَ به آزادي ھوندي ته جيڪي طاقتون اسان جون مخالف يا غير جانبدار آھن، تن جي طرز ِ عمل ۾ اسين اڻسڌي ترغيب ۽ اثراندازيءَ جي ذريعي پنهنجي موافق تبديلي پيدا ڪيون. ”معمول جي مطابق تعلقات لاءِ پيشگي شرطن“ ۽ ”بغير پيشگي شرطن جي ڪوشش ۽ ترغيب“ ۾ بنيادي فرق آھي. پنهنجن جھڳڙن جي نبيري ۾ مداخلت نه چاھيندي به ٻين ملڪ کي صحيح موقف اختيار ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيارڻ جي ڪوشش کان اسان کي روڪيو نه ويندو. ھيءُ ڳالهه چوڻ کان سواءِ ئي ظاھر آھي ته جيڪڏھن ڪا مملڪت اڻسڌي ترغيب يا ٻين سببن ڪري پنهنجي موقف ۾ پاڻ ئي تبديلي آڻي وجھي ته انهيءَ مملڪت سان اسان جي باھمي تعلقات ۾ پڻ اھڙوئي ڦيرو ايندو.
    اسان کي ھيءَ ڳالهه واضح طور ڄاڻڻ گھرجي ته ڪابه عالمي طاقت پنهنجي سياسي حمايت جي ذريعي ڄمون ۽ ڪشمير کي پاڪستان جي حوالي نه ٿي ڪرائي سگھي. البت، انهن جي سرگرم سياسي مخالفت اسان لاءِ پنهنجن مقصدن جي حصول کي ڏاڍو مشڪل بنائي سگھي ٿي. انهيءَ ڪري اسان کي انهن مملڪتن سان، جيڪي غير جانبدار آھن يا جيڪي اسان جي نقطه نظر جون مخالف آھن، پنهنجن ٻه – طرفن تعلقات سان باھمي اختلافن جي نڪتن کي الڳ ڪري ڇڪتاڻ کي دور ڪرڻ گھرجي. ٻئي طرف اسان کي انهن سڀني ملڪن سان ۽ خاص طرح انهن وڏين ۽ عالمي طاقتن سان پنهنجي تعلقات کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، جيڪي ڄمون ۽ ڪشمير جي جھڳڙي ۾ پاڪستان جي غير مشروط حمايت ڪن. ڪنهن به ملڪ کي اھڙين ترجيجن تي اعتراض ڪرڻ جو ڪو به سبب ڪونهي، جيڪي پيشگي شرطن کان سواءِ اعلي ٰ قومي مفاد جي واضح ۽ معقول بنياد تي قائم ڪيون ويئون ھجن. ھيءُ ڳالهه ھر ڪنهن جي سمجھه ۾ ايندي ته پاڪستان جي خارجه پاليسيءَ جو بنياد ئي ھن تي آھي ته انهن قومن سان تعلقات کي مضبوط بنايو وڃي، جيڪي اسان جي منصفانه مقصدن ۾ اسان جي حمايت ڪنديون ھجن ۽ انهن عظيم ۽ عالمي طاقتن سان ٽڪراءَ جي نڪتن کي بي اثر بنايو وڃي، جيڪي اسان جي منصفانه جدوجھد جون مخالف ھجن. انهن ملڪن سان، جيڪي اسان جاحامي آھن، اسان جي مخلصانه تعلقات کي ڪن خفيه مقصدن طرف منسوب نه ڪيو ويندو ۽ اھو واضح ٿيندو ته اسين ڪنهن به عالمي جھڳڙي ۾ ڪنهن جي حڪم جي تابع ڪين آھيون، پر ان جي برعڪس سڀني ملڪن سان اسان جي تعلقات جي درجه بنديءَ جي مڪمل وضاحت موجود آھي. انهيءَ طريقي سان اسان ٽن عالمي طاقتن سان پنهنجي تعلقات جو بنياد پيشگي شرطن کان سواءِ، ھڪ معقوليت پسند بنياد تي اھڙيءَ طرح رکي سگھون ٿا، جو اھو انهن جي مفادن خلاف نه ھجي، اسان جي پنهنجن مفادن جي بلڪل موافق ھجي ۽ مداخلت جو انديشو به نه ھجي.
    وڌيڪ وضاحت سان ھيئن چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان لاءِ مصلحت ھن ۾ آھي ته اھو ھندستان سان پنهنجن جھڳڙن جي سلسلي ۾ وڏين طاقتن سان سڌيءَ طرح مد مقابل ٿيڻ کان پرھيز ڪري. اسان کي انهن سان تعلقات کي معمول مطابق رکڻ لاءِ پيشگي شرطن وجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ نه گھرجي. اسان کي انهن سان، جيڪي اسان جي نقطه نظر جا مخالف يا غير جانبدار ھجن، مخلصانه پر محدود تعلقات لاءِ آماده ھئڻ گھرجي. محدود ھن ڪري، جو اسان جي قوم لاءِ بنيادي اھميت رکندڙ جھڳڙن بابت انهن جا موقف مختلف، پر ڪشيدگيءَ کان سواءِ آھن، ڇاڪاڻ ته اسين اختلافن جي باوجود مداخلت جي خطري کان سواءِ معمول مطابق تعلقات قائم رکي سگھون ٿا. بي فائده بحثن ۾ ڦاسڻ کان اھو گھڻو بهتر آھي ته اسين اھڙيون حالتون پيدا ڪرريون، جيڪي عظيم طاقتن کي سندن موقف تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪن. اھا ھڪ ڏکي مھم آھي، پر اسان جي منصفانه نقطه نظر جي غير مبهم انداز ۾ حمايت ڪرڻ وارين عظيم ۽ عالمي طاقتن ۽ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ترقي پذير ملڪن جي تعاون کي گڏي اسين انهيءَ مھم کي سر ڪري سگھون ٿا. انهيءَ جو دارومدار اسان جي پنهنجي حڪمت ۽ عزم تي ٿيندو.
    اچو ته ڀلا تصوير جي ٻئي رخ کي به ڏسون. جيڪڏھن اسين ھن ڳالهه تي اصرار ڪريون ته عظيم طاقتون اسان سان تعلقات قائم ڪرڻ کان اڳ ۾ ھندستان سان اسان جي اختلافن ۾ اسان جي حمايت ڪن، ته اسين انهن لاءِ ھن کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه ڇڏينداسين ته اھي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪن ۽ تعلقات قائم ڪرڻ جي غرض سان اسان تي ناخوشگوار فيصلا مڙھين. اھڙن پيشگي شرطن مان اسان جي اھم مفادن کي نقصان پھچندو، ناقابل برداشت سمجھوتن جو ھڪ اڻ-کٽ سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ سڀني عظيم ۽ عالمي طاقتن سان اسان جي تعلقات ۾ منافقت جو رنگ پيدا ٿي ويندو.
    اعلي ٰ مقصدن جي حصول لاءِ اسان جون پنهنجون ڪوششون سڀني کان اولين اھميت رکن ٿيون. تڏھن به اسين فقط انهن جي سھاري تي شايد ڪامياب نه ٿي سگھون. اسان کي بين الاقوامي حمايت جي ضرورت آھي. ڪجهه اسان کي اڳيئي انهن ننڍين مملڪتن جي اڪثريت جي طرفان حاصل آھي، جيڪي سامراجي نظام جي خاتمي ۽ خود اراديت جي حق جون قائل آھن. اسان کي ايشيا جي ھڪ تمام وڏي طاقت جي حمايت حاصل آھي ۽ اسين انهيءَ قابل آھيون ته يورپ جي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ نيم عظيم طاقت جي حمايت حاصل ڪريون. جيڪڏھن ايتري مضبوط اجتماعي حمايت جو سھارو وٺي اسين صحيح ۽ عقلمندانه اقدامات ڪري اڳتي وڌون ته انهيءَ قابل ٿي سگھون ٿا ته پنهنجين منصفانه دعوائن جي حصول لاءِ باقي ننڍين ۽ وڏين مملڪتن تي اثر وجھي سگھون. اسين پاڻ کي مونجھارن مان آزاد ڪرائي وٺنداسون ۽ اخلاقي، مادي ۽ سياسي دٻاءُ جي زد ۾ اچڻ کان بچي وينداسون. اسان کي نسبتا سلامتيءَ واري ھنڌ تي پھچي سازگار موقعي جو انتظار ڪرڻ گھرجي، جيڪو عين ممڪن آھي ته پيچيده بين الاقوامي صورتحال اسان کي مھيا ڪري ڏئي. ان وقت تائين مداخلت جي دٻاءُ کي روڪي اسين ڄمون ۽ ڪشمير جي باري ۾ ڪنهن ناموافق تصفيه جي مسلط ٿيڻ کان محفوظ رھي سگھون ٿا ۽ سڀني ملڪن سان پنهنجن ٻه- طرفن تعلقات ۾ ھم آھنگي پيدا ڪري سگھون ٿا.
    عالمي طاقتن جي پاليسين ۾ تغير ۽ تبدل ٿيندو ئي رھندو آھي. عالمي صورتحال جي حرڪيات جي تقاضا آھي ته ننڍيون قومون اجتماعي مقصدن جي خلاف پنهنجن انفرادي مقصدن لاءِ عالمي طاقتن سان تصادم کان پاڻ کي بچائين. ويھھ سال ھڪ قوم جي زندگيءَ ۾ ڪو ڊگھو عرصو ڪو نه ھوندو آھي. اسان کي نهايت مضبوط ارادي سان پنهنجي منصفانه مقصد تي قائم رھڻ گھرجي. اسان ڪنهن اھڙيءَ ڳالهه کي، جيڪا اخلاقي يا نطرياتي طور واجب ھجي، فقط ھن بنياد تي نظرانداز نه ٿا ڪري سگھون ته حالات في الحال ناموافق آھن. ويٽ نام جا ماڻھو ويھن سالن کان وٺي تباھيءَ جو مقابلو ڪري رھيا آھن. جيتوڻيڪ انهن جي شھرن ۽ ڳوٺن کي ڊاھي زمين جي برابر ڪيو پيو وڃي، تڏھن به سندن مزاحمت جو روح اڳ جي مقابلي ۾ تمام گھڻو مضبوط آھي. وقتي تعطل کي قبول ڪري وٺڻ، ڪنهن غير منصفانه حل تي رضامند ٿيڻ کان بهتر آھي. ھڪ حقارت آميز ٺاھه مستقبل ۾ پڻ منصفانه ٺاھه جا امڪان گھٽائي ڇڏيندو.
    پاڪستان جي آڏو پھريون ڪم اھو آھي ته انهيءَ غير ملڪي مداخلت کي گھٽائي يا ممڪن ھجي ته زائل ڪري ڇڏي، جيڪا پريشان ڪندڙ تيزيءَ سان وڌي رھي آھي ۽ جيڪا، جيڪڏھن ان کي روڪيو نه ويو، ته نه فقط ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسان جي مٿان ڪوئي نامنصفانه ٺاھه مسلط ڪري سگھي ٿي، بلڪ عين ممڪن آھي ته اسان کي ھندستان سان گڏو گڏ چين جي خلاف محور ۾ به مبتلا ڪري وجھي. لھاذا، اسان جي روايتي سياسي انداز ِ نظر ۾ تبديليءَ جي ضرورت آھي. اسان پنهنجي عھد ۽ بنڊ ونگ جي روح جي بلڪل خلاف، تمام وڏو خطرو کڻي غير ملڪي دخل ڪاري ۽ خلل اندازيءَ جي حوصله افزائي ڪئي آھي. جيڪڏھن اسان جي جھڳڙن جو حل غير ملڪي طاقتن جي مفاد خلاف ٿيو ته اھي اسان جي جھڳڙن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندا. ھڪ ڀيرو جيڪڏھن غير ملڪي اثر ختم ٿي وڃي ته اسان جي لاءِ اھو ممڪن ٿيندو ته اسين مسئلن کي نئين سر حقيقي پس منظر ۾ ڏسي سگھون. مسئلي جي سڀني کان وڌيڪ سادي صورت اھا آھي ته پاڪستان کي ڪنهن به صورت ۾ عالمي طاقتن جي نظرياتي يا علاقائي جھڳڙن ۾ ملوث نه ٿيڻ گھرجي. عالمي مقابلھ آراين ۾ اسان کي بنان ڪنهن رک رکاءَ جي، صاف ۽ پاڪ رويو قائم رکڻ گھرجي، پر ان سان گڏئي اسان کي اھڙن عالمي مسئلن ۾، جيڪي عوام ۽ قومن جي مساوي حقن، خود اراديت ۽ اقتصاديءَ آزاديءَ تي اثر انداز ٿين ٿا، ھڪ واضح ۽ آزاد انداز ِ نظر اختيار ڪرڻ گھرجي. پاڪستان کي ٻين ملڪن جي رويي کان ڪوئي اثر قبول ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي نظرياتي اصولن جي مطابق ھميشه اڳرائي جي مخالفت ۽ ان جو شڪار ٿيڻ وارن جي پشت پناھي ڪرڻ گھرجي. اسان کي عالمي طاقتن جي نظرياتي صف آرائي ۾ سختيءَ سان غير جانبداريءَ جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي. انهن طاقتن سان پنهنجي تعلقات جي تعين ڪرڻ ۾ پاڪستان کي پنهنجي جاگرافيائي بيھڪ جو لحاظ پڻ رکڻ گھرجي ۽ پنهنجن جائز مقصدن لاءِ ان کي جيڪا مدد ميسر آھي، تنهن جو پڻ ان کي عالمي رقابتن ۾ ڪوئي ٻڌل سڌل موقف اختيا رڪرڻ بدران ھر معاملي جي خصوصيتن جي مطابق پنهنجي حڪمت عملي متعين ڪرڻ گھرجي. اھا حڪمت عملي ھر ملڪ جي اندروني معاملن ۾ ”عدم مداخلت“ ۽ سڀني قومن لاءِ خود اراديت جي حق جي نظريي جي مطابق ھئڻ گھرجي. کيس اھڙو پيشگي شرط پڻ قبول ڪرڻ کلان پرھيز ڪرڻ گھرجي، جيڪو ان جي قومي ۽ نظرياتي ذميوارين کي پوري ڪرڻ کان ڪنهن به صورت ۾ سندس عمل جي آزاديءَ کي محدود ڪندو ھجي.


    باب چوڏهون: ڪي نتيجا

    پاڪستان کي سابق تجربي ۽ ڪن ٻين خيالن کان ٽن اھم مقصدن جي حصول لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي:
    ١- چين، سان جيڪا ھڪ عظيم طاقت آھي ۽ جنهن سان پاڪستان جي بنيادي مفادن جي موافقت آھي، دوستي ۽ باھمي اعتماد جي پاليسي.
    2- آمريڪا ۽ سوويت يونين سان سٺا تعلقات، پر اڳواٽ شرطن کان سواءِ ۽ عدم مداخلت جي بنياد تي- مشرقي ۽ مغربي يورپ جي ملڪن خاص طور فرانس، جرمني، برطانيا، رومانيا، چيڪو سلو ويڪيا، ۽ پولنڊ سان پڻ دوستانه تعلقات.
    3- ٽين دنيا- لاطيني آمريڪا، ايشيا ۽ آفريڪا جي ترقي پذير ملڪن، ۽ خصوصا مسلم قومن ۽ پاڙيسري ملڪن جو استحڪام.
    انهن مقصدن جو حصول گويا پاڪستان جي پاسن ۽ پٺ کي محفوظ ڪري اسان کي ھندستان سان مشڪلاتن جي اٿندڙ انهيءَ لھر جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بنائي ڇڏيندو، جيڪا آمريڪا جي ننڍي کنڊ متعلق پاليسين ۾ تبديلين رونما ٿيڻ ڪري زياده شديد ٿي پيئي آھي. جيڪڏھن پاڪستان انهن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي ته ان کي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ غير مبهم موقف اختيار ڪرڻ گھرجي، جيئن ڪجهه عرصو ٿيو ته برما ۽ ڪئموڊيا جي حڪومتن اختيار ڪيو ھو. سياسي سطح تي ھڪ ڦڙتيءَ وارو ۽ فيصله ڪن معرڪو زوال جي رجحان جو خاتمو ڪري سگھي ٿو ۽ اھو انهيءَ قدم بقدم شڪست کان ڪيئي درجا بهتر ٿيندو آھي، جيڪا شايد آخرڪار انتشار تي وڃي ختم ٿئي.
    پاڪستان جي فوجي امداد ختم ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي جي سلسلي ۾ ان جي عام پاليسين پاڪستان جي سلامتيءَ لاءِ خطري ۾ گھڻو اضافو ڪري ڇڏيو آھي. انهيءَ ڪري اسان کي ڪجهه انسدادي تدبيرون اختيار ڪرڻ گھرجن، ۽ جيترو جلد اسين اھڙيون تدبيرون اختيار ڪريون، او تروئي ننڍي کنڊ ۾ امن لاءِ بهتر ٿيندو. ھندستان جي ھٿياربند طاقت پاڪستان جي طاقت کان گھڻي آھي. ھندستان جي امداد ۾ اضافي جو آمريڪي فيصلو اسان کان پاڪستان جي حيثيت جي بچاءَ لاءِ، ۽ خاص طور ھندستان سان فوجي توازن برقرار رکڻ لاءِ مثبت اقدامن جي تقاضا ڪري ٿو.
    آمريڪا پنهنجي مرضي ھلائي ۽ بنان ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي باھمي دفاع جي معاھدن ۽ سيٽو ۽ سينٽو جي تنظيمن جي اکر ۽ روح تي قلم ڦيري ڇڏيو آھي. پاڪستان سان ڪيل پڪن وعدن جو ڪو احترام نه ڪيو ويو. ٻئي طرف ويٽ نام ۾ صرف معاھدن جي نالي ۾ سڄي دنيا کي ھڪ بين الاقوامي عظيم آفت جي طرف گھليو پيو وڃي. جيئن ته آمريڪا ھڪطرفي ڪارروائيءَ طور پاڪستان سان ڪيل معاھدن کي ٽوڙي ڇڏيو آھي، ان ڪري ھاڻي اھي معاھدا اصولا برقرار نه رھيا آھن. پاڪستان جي فوجي امداد جي ختم ڪرڻ واري اعلان جي تاريخ کان وٺي آمريڪا سان سڀ دفاعي معاھدا بي حقيقت ۽ غير مؤثر ٿي چڪا آھن.جيئن ته اھي معاھدا باطل ٿي چڪا آھن، ان ڪري ھاڻي پاڪستان کي آمريڪا کي چئي ڇڏڻ گھرجي ته اھا انهن باقي بچيل رعايتن کي، جيڪي ان کي پاڪستان جي سر زمين ۾ عطا ڪيون ويئون ھيون، ختم سمجھي ۽ ايم. اي. اي. جي. (M. A. A.G ) جي باقي عملي سان گڏو گڏ واشنگتن کان ڪيل اعلان موجب پنهنجي قائم ڪيل سڀني اڏن مان، پنهنجي ڪارڪنن کي واپس گھرائي وٺي. جيڪڏھن انهن رعايتن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ته اھو اسان جي طرفان سوويت يونين ۽ چين جي لاءِ وقتائتو خير خواھيءَ جو اظھار ٿيندو، بلڪ پشاور ۾ مواصلات جي آمريڪي مرڪز جي خاتمي ۾ ديرمدار، ناموافق نتيجا پيدا ڪري سگھي ٿي. جيڪڏھن پاڪستان طرفان تر ميمي ڪارروايون فوجي امداد جي بند ٿيڻ کان جلد پوءِ عمل نه آيون ته آمريڪا شايد انهن کي جوابي قدم نه سمجھي. اھڙي صورت ۾ لازمي طور اسان جي باھمي تعلقات ۾ فرق اچي ويندو ۽ ٻين ذريعن سان توازن جي تدبير ڪرڻ جي پاڪستاني ڪوششن ۾ نيون پيچيدگيون پيدا ٿي وينديون.
    پر پاڪستان جيڪڏھن انهن معاھدن کي، جيڪي اڳي ئي ٽوڙيا ويا آھن، طئ ٿيل مدت تائين برقرار رکيو ته ان کي نتيجي طور آمريڪا سان ھڪ خطرناڪ ھڪطرفي پابنديءَ کي نباھڻو پوندو، جنهن ۾ آمريڪا تي ڪابه ذميواري نه پوندي. اھا ڳالهه بلڪل رواجي سمجھه ٻوجھھ جي آھي ته پاڪستان جي عوام سان پنهنجي بنيادي ذميواريءَ جو احترام ڪندي حڪومت کي ھاڻي باھمي دفاع جي معاھدن جي ختم ٿيڻ جو اعلان ڪرڻ گھرجي ۽ رسمي طور سيٽو ۽ سينٽوکان علحده ٿيڻ گھرجي. سن 1962ع ۾ واشگٽن ۾ ٿيل سيٽو جي وزارتي ڪائونسل ۾ شموليت پڻ يقينا غير دانشمندانه فعل ھو، ان ھوندي به جيڪڏھن شرڪت ضروري سمجھي ويئي ھئي ته آمريڪا جي فيصلي جي حقيقي قلعي کولڻ لاءِ ھڪ بااختيار وفد موڪلڻ گھرجي ھا. سيٽو کان بلڪل علحدگي اختيار ڪرڻ کان اڳي پاڪستان کي انهيءَ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن ۽ آمريڪي عوام تي واضح ڪرڻ گھربو ھو ته ايشيا ۾ حالتون ڪيتريون نازڪ آھن ۽ ويٽ نام ۾ جنگ کي وڌائڻ جا نتيجا ڪيترا خوفناڪ ٿي سگھن ٿا. ايشيائي عوام جي درد ۽ غم جو اظھار ڪري پاڪستان بين الاقوامي وقار حاصل ڪري وٺي ھا ۽ فرانس جي اختيار ڪيل نقطه نظر کي تقويت پھچائي ھا. ان مان برطانيه جي دولت مشترڪه کي به اھڙي موقف اختيار ڪرڻ جي شايد ھمت ٿي پوي ھا، جنهن کي اھا اختيار ڪرڻ چاھي ٿي. پاڪستان کي ”ايشيا ۾ امن “ جي تحريڪ آمريڪي سر زمين تي شروع ڪرڻ گھربي ھئي، جتي عوامي راءِ جو ھڪ وڏو ۽ وڌندڙ طبقو جنگ جي خلاف اڙيو بيٺو آھي، جنهن ۾ اتان جي ٻنهي پارٽين جا سرڪرده ليڊر شامل آھن. اسان جي آواز، نه صرف ايشيا جي عوام، بلڪ دنيا جي چئني طرفن ۾ رھندڙ انسانيت جي ترجماني ڪري ھا. پاڪستان ھن ڳالهه جي وضاحت ڪري ڇڏي ھا ته ان کي فقط ھندستان جي حل نه ٿي سگھندڙ مسئلي جي ڪري سزا جو نشانو نه پيو بنايو وڃي، بلڪ بنيادي طور ھن ڪري، جو ان ويٽ نام جي جنگ ۾ شامل ٿي پنهنجن ھٿن کي ناپاڪ ڪرڻ کان انڪار ڪيو آھي. ڪانفرنس ۾ ھڪ مستحڪم موقف اختيار ڪري پاڪستان عالمي امن جي مفادن کي فروغ ڏئي ھا ۽ عالمي راءِ عامه کي ان سان ھمدردي پيدا ٿئي ھا. اھڙو موقف سوويت يونين، چين، فرانس ۽ ٻين ملڪن سان مستقبل ۾ اسان جي ڳالھين لاءِ خوشگوار فضا پيدا ڪري ڇڏي ھا. ائين پيو معلوم ٿئي ته گوام ڪانفرنس ۽ بعد جي اجلاسن ۾ فيصلو ڪيو ويو ھو ته ويٽ نام جي جنگ کي وڌيڪ وڌايو وڃي ۽ ھڪ فوجي سوڀ حاصل ڪئي وڃي. لھاذا جيترو جلد پاڪستان انهن معاھدن کان، جيڪي ھاڻي ھونئن به باقي نه رھيا آھن، علحدگي حاصل ڪري وٺي، اوتروئي ايشيا جي آئنده سلامتي ۽ امن لاءِ بهتر ٿيندو. اسين اھڙن معاھدن کي، جيڪي سلامتيءَ جا ضامن ناھن، بلڪ اسان جي سلامتيءَ لاءِ ھڪ خطرو بنجي رھيا آھن، ويٽ نام جي جنگ کي وڌائڻ لاءِ ھڪ حيلي طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏيئي سگھون.
    ھيءَ ڳالهه ڪنهن به اعتبار کان محض اتفاقي ناھي ته ذري گھٽ سڀيئي ملڪ، جن آمريڪا کان فوجي امداد حاصل ڪئي آھي، ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ يا ته اندروني خلفشار ۾ يا ڪميونسٽ ملڪن سان تصادم ۾ مبتلا ٿيا آھن. ڏکڻ ڪوريا کي جنگ جي مصيبت سھڻي پيئي. چين جي ڪناري کان ھـُن پار وارن ٻيٽن تي گولھ باري ٿي. فلپائين، ٿائلنڊ ۽ جپان کي شديد خارجي ۽ داخلي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. يونان کي ھڪ داخلي ڪشمڪش مان گذرڻو پيو، جيڪا اڄ به مٿاڇري جي ھيٺان موجود آھي. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ايران جي اترينءَ سرحد تي گڙٻڙ ٿي. پاڪستان انهن ٿورن خوش نصيب ملڪن مان ھڪ آھي، جيڪو انهيءَ قسم جي آفتن کان بچي ويو آھي. پر اھا صورتحال ھميشه نه ٿي رھي سگھي ۽ دانشمندي انهيءَ ۾ آھي ته اسين سيٽو ۽ سينٽو کان فورا الڳ ٿي وڃون. سن 1967ع ۾ واشگٽن ۾ سيٽو جي سالياني ڪانفرنس ۾ ٿائلنڊ جي وزير داخلھ جي متعلق ھڪ خبر آئي ھئي ته ان ھيئن چيو ھو ته ”ھيءَ صورتحال سخت انديشي واري آھي ته ڪي ملڪ سيٽو جي ميمبريءَ مان محض فائدن حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ رھن ۽ اھڙي نازڪ وقت ۾ پنهنجو پاڻ تي ڪي به ذميواريون يا پابنديون قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ھجن، جڏھن ته اسان جا ڪيئي نوجوان پنهنجين جانين کي خطري م وجھي رھيا آھن ۽ ڪيئي ھڪ بلند مقصد لاءِ جنگ جي ميدان ۾ ڪم به اچي چڪا آھن.“ خبر مطابق، ھن وڌيڪ ائين به چيو ته ھو اھو نه ٿو سمجھي سگھي ته اھڙين حالتن ۾ ”سيٽو، جيڪو غير مساوي حقن ۽ ذميوارين جي بنياد تي قائم آھي، سو خاطر خواه طور تي ڪيئن ھلي سگھي ٿو.“ ھن جو خيال ھو ته ”سيٽو اڻٽر ارتقائي عمل مان گذرندو ۽ پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ متوازن مفاد جي اشتراڪ جي بنيادن تي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.“ سيٽو جي ھڪ ميمبر ملڪ طرفان انهيءَ طرح جي خيال جي اظھار ۽ برطانيه جي طرفان تازوئي ھڪ قرطاس ابيض (وائيٽ پيپر ) ۾ دفاع جي باري ۾ انهيءَ اعلان جي شايع ٿيڻ سان گڏ ته سيٽو جون ذمه داريون ”نوعيت ۽ حدن جي اعتبار کان بتدريج نئين سر متعين ڪيون وينديون.“ بهتر ٿيندو ته پاڪستان پنهنجي نموني. سان انهن معاھدن کي ان کان اڳ ۾ ترڪ ڪري ڇڏي، جو ھو اڃا به وڌيڪ وڏين مشڪلاتن ۾ ڦاسي پوي.
    پاڪستان جي خارجه پاليسيءَ جي ھڪ حليف ھئڻ واري نوعيت ۽ ڪميونزم جي مقابلي ڪرڻ لاءِ غير ملڪي امداد حاصل ڪرڻ جي حقيقت جي باوجود، اسين ڪميونسٽ ملڪن سان تصادم کان انهن معروضي مفادن جي بنياد تي بچيل رھيا آھيون، جيڪي ايشيا ۽ ننڍي کنڊ ۾ عوامي جمھوريه چين ۽ اسان جي درميان مشترڪ آھن. ھندستان پاڪستان جو حريف آھي ۽ چين سان ان جو جھڳڙو آھي. چين جي راءِ ھيءَ ٿئي ٿي ته ھندستان آمريڪا جو وڌيڪ محتاج بڻبو ويندو ۽ ان جي اثر ھيٺ آھستي آھستي چين جي ھڪ دشمن جي حيثيت اختيار ڪندو. ان ڪري ھيءَ ڳالهه چين جي قومي مفاد ۾ آھي ته ھو پاڪستان جي حمايت ڪري ۽ اھائي ڳالهه پاڪستان جي قومي مفاد ۾ به آھي ته ھو چين سان دوستانه تعلقات ڳنڍي. انهن سڀني ملڪن مان، جن ڪميونزم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪا کان مدد حاصل ڪئي آھي، فقط پاڪستان ئي ھڪ اھڙو ملڪ آھي، جنهن جا ھڪ تمام طاقتور ڪميونسٽ ملڪ سان بنيادي مشترڪ مفاد وابسته آھن. ھيءُ ھڪ انوکو مثال آھي، ۽ عالمي رابطن ۾ ھڪ غير معمولي صورتحال !
    جيئن ته پاڪستان جو عوامي جمھوريه چين ۽ سوويت يونين سان ڪو به جھڳڙو ڪونهي، ان ڪري حالات جي تازه ترين صورت جي پيش نظر اسان کي انهن سان دوستي ۽ عدم جارحيت جا معاھدا جيترو به جلد ممڪن ٿئي، طئي ڪرڻ گھرجن. اسان کي ٻين عظيم طاقتن سان پڻ معاھدن ڪرڻ متعلق سوچڻ گھرجي، جيتوڻيڪ عملي نقطه نظر کان اھي غير ضروري ھجن. ان جو ڪوئي فائدو ڪونهي ته اسين دفاعي معاھدن ۽ تنظيمن جا ميمبر ھوندي به ھڪ عالمي طاقت کي رعايتون ڏيندي، جڏھن ته ٻيون طاقتون انهيءَ ڪم کي پنهنجي خلاف سمجھي رھيون ھجن، سڀني ملڪن سان دوستانه تعلقات جون دعوائون ڪريون. اھو ھڪ بنيادي تضاد آھي ۽ اسان کي پنهنجي تعلقات کي حقيقي طور تضاد کان آجي رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
    پاڪستان کي پنهنجن پاڙيسرين سان گھڻي کان گھڻا دوستانا معاھدا ڪرڻ گھرجن. ايرا، برما ۽ نيپال سان انهيءَ قسم جا معاھدا طئي ٿيڻ ۾ ڪا به دقت ھئڻ نه گھرجي. نيپال سان ھڪ معاھدي کان علاوه، ڪڻ ٻين معاملن تي پڻ تعميري مذاڪرات ڪري سگھجن ٿا، پاڪستان کي افغانستان سان پڻ دوستي ۽ عدم جارحيت جو معاھده ڪرڻ گھرجي. موجوده بحران تيز سفارتي اقدامات جي ھڪ سلسلي جي تقاضا ڪري ٿو. فقط انهيءَ قسم جي اقدامات سان انهن غلطين کي درست ڪري سگھجي ٿو، جيڪي آمريڪا جي پاڪستان سان تعلقات جي نئين موڙ کان پيدا ٿيون آھن.
    آمريڪا، مغربي يورپ ۾ ڪافي اثر و رسوخ جي مالڪ آھي، ان ڪري پاڪستان لاءِ نيٽو ۾ شامل طاقتن کي فوجي سازو سامان جي فراھميءَ بابت بنيادي آمريڪي رويي کان ھٽائڻ ڏاڍو مشڪل ٿيندو. پوءِ به اِھو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته انهن مان ڪي، ڪھڙيءَ حد تائين تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا. پاڪستان جي نقطه نظر کان مغربي يورپ ۾ فرانس سڀني کان اھم ملڪ آھي ۽ اھو ضروري ناھي ته فرانس آمريڪا جي حاليه فيصلن کان اثر قبول ڪيو ھجي. اسان انهيءَ ملڪ سان جيتريقدر به جلد مفاھمت پيدا ڪري وٺون اوتروئي ٻنهي لاءِ بهتر ٿيندو.

    ________________________________________
    (1) مترجم جو نوٽ: پاڪستان ھن وقت دولت مشترڪه کان جدا ٿي چڪو آھي.


    باب پندرهون: ملڪ جو بهترين دفاع

    پاڪستان جي حڪومت کي اھڙا اقدامات ڪرڻا پوندا، جن سان ملڪ جا اقتصادي ۽ خوراڪ جا وسيلا خود- ڪفيل ٿين. اڪثر ترقي پذير ملڪن کي غير ملڪي امداد جي ضرورت آھي ۽ اسان جو ملڪ مستثني ٰ نه آھي. غير ملڪي امداد کي ته ٻين تي آڌار رکندڙ اقتصاديات کي بدلائي ملڪ کي خودڪفيل بنائڻ گھرجي، پر جيڪڏھن ان سان گڏ غير ملڪي مداخلت به ساڻ ايندي ته پوءِ ٻين تي وڌيڪ ڀاڙڻو پوندو ۽ ان طرح سان غير ملڪي امداد جو مقصد فوت ٿي وڃي ٿو. اھو اڃا ڏسڻو آھي ته ھندستان ۽ پاڪستان جون اقتصاديات، جن ۾ گذريل ڏھن – ٻارھن سالن جي دوران مغرب جي نموني تي تمام گھڻي سرمايه ڪاري ڪئي ويئي آھي، تنهن مان ھي ٻيئي ملڪ خود اعتماديءَ طرف وڌيا آھن يا نه. ڪن جو خيال آھي ته پاڪستان تمام وڏا قدم اڳتي وڌايا آھن ۽ ھڪ مثالي ايشيائي ملڪ بنجي چڪو آھي، جيڪو فقط جپان کان ٻئي درجي تي آھي. ٻيا ماڻھو وري اھا دعوي ٰ ڪن ٿا ته پاڪستان جي اقتصادي ترقي بي قاعدي ۽ غير معقول آھي ۽ ان جي وسلين ۽ اھم ضرورتن جي مطابق ناھي. ترقي ۽ نشو و نما جون علامتون به موجود آھن، پر شديد قسم جي اقتصادي گڙٻڙ جا آثار پڻ موجود آھن. مسلسل ڪوششن ۽ اقتصادي نظام جي تبديليءَ سان پاڪستان پنهنجي مشڪلاتن تي غالب اچي سگھي ٿو. ملڪي معيشت جو سڀني کان وڌيڪ نازڪ پھلوکاڌي جي جنسن ۾ پنجويھن لکن ٽنن جي کوٽ آھي، پر جيڪڏھن اھو مسئلو حل ٿي وڃي ته اھو بيشمار قسمن جي بين الاقوامي دٻائن جو مقابلو ڪري سگھي ٿو. ”بدقسمتيءَ سان گھڻو قيمتي وقت ضايع ٿي ويو آھي. جيڪڏھن پاڪستان سرڪار ٻي پنجساله ترقياتي رٿا ۾ زراعت جي طرف ايتروئي توجھ ڏئي ھا، جيترو اھا موجود پنج ساله رٿا ۾ ڏيئي رھي آھي، ته ملڪ ھن وقت تائين خوراڪ جي معاملي ۾ ھوند پيرن –ڀر ٿي به وڃي ھا. پر ٻي پنجساله رٿا جو رخ غير منطقي طور بنيادي صنعتن کان سواءِ باقي ٻين سڀني صنعتي شعبن جي طرف ڏانهن موڙيو ويو آھي. انهيءَ وقت اھو دليل ڏنو ويو ته ملڪ ايتريقدر غريب آھي، جو ڳرين صنعتن، جھڙوڪ فولاد جي پيداوار جي صنعت جو بار نه ٿو کڻي سگھي. ٻيو ته ملڪ کي خوراڪ جي معاملي ۾ خود ڪفيل بنجڻ جي معاملي ۾ ايتريقدر گھڻي ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇو ته ان جي خوراڪ جي ڪمي ھميشه پي –ايل-480 جي تحت آمريڪا جي فراخ دليءَ واري امداد جي ذريعي پوري ٿي سگھي ٿي. اھم ڪم ھڪ اھڙي وزير خزانه ڪيو، جيڪو وزير خزانه ھئڻ سان گڏ عالمي بئنڪ جو ھڪ ايگزيڪيوٽو ڊئريڪٽر پڻ ھو. ھن جي پاليسين ملڪ کي اقتصادي تباھيءَ جي ڪناري تائين آڻي پھچايو. ملڪي دولت کي قابو ۾ رکڻ لاءِ سرمايه دار اميرن جو ھڪ نئون طبقو وجود ۾ آندو ويو، جيڪو لاطيني آمريڪا جي اھڙي ئي طبقي کان ھوس ڪاريءَ ۾ ڪنهن به طرح سان گھٽ ڪو نه ھو. جيڪو نظام قائم ڪيو ويو سو خواه ٻيو ڪجهه به ھو، پر آزاد ڪاروباري ماڻھن کي اھڙا ليسن عطا ڪيا ويندا رھيا، جن قوم جي اجتماعي وسيلن کي ذاتي جاگيرن ۾ بدلائي ڇڏيو، لٽ مار ڪندڙ سرمايه داري بي لگام ٿي پيئي، جنهن مان اڻٽر سياسي نتيجا ظھور ۾ آيا ۽ ملڪ جي ٻاھرين امداد لاءِ محتاجي گھٽجڻ بدران وڌڻ لڳي. ھاڻي اھي ڳالھيون گذريل زماني جون ٿي ويئون آھن. اڄ پاڪستان وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي ته اھو زراعت جي ميدان ۾ ڪو انقلابي ٽِپ ڏئي ۽ پيرن- ڀر ٿي بيھي.
    آمريڪا پنهنجا پتا ظاھر ڪري ڇڏيا آھن. وڏين طاقتن جون ڪارروايون باترتيب ۽ مسلسل ھونديون آھن ۽ ھاڻي پاڪستان کي اھڙن ڪيترن ئي قسمن جي دٻائن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رھڻو پوندو، جيڪي ظاھر به ھوندا ۽ لڪل پڻ. ايندڙ سال فيصله ڪن اھميت وارا سال ھوندا. فوجي امداد جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا جي خواھش ھوندي ته ننڍي کنڊ جي معاملن کي ھوا ڏني وڃي، بشرطيڪ ويٽ نام جي حالت اجازت ڏئي. شايدپاڪستان کي سندس معيشت ۽ ضرورت جي اھم شين جي فراھميءَ جي سلسلي ۾ وڌيڪ ڪيترن ئي قسمن جي دٻائن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. اقتصادي لچڪ ۾ ڪمي اڳي ئي ظاھر ٿي چڪي آھي. پر ڏيھي مٽا سٽا واري ناڻي جي صورت غير تسلي بخش ٿي ويئي آھي ۽ غير ملڪي قرضن جي ادائيگيءَ سان ۽ اسان جي وڌندڙ اقتصادي، فوجي ۽ غذائي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان جي معمولي محفوظ ذخيري جو خرچ وڌي ويندو. صورت اھا آھي ته گذريل سال اٽڪل 9- ڪروڙ ڊالرن جي رقم خوراڪ جي جنسن جي درآمد تي خرچ ٿي. فوجي امداد جي خاتمي ۽ فالتو پرزن جي درآمد تي سخت پابندين لڳڻ ڪري ملڪ جي نين ۽ وڌيل دفاعي ضرورتن لاءِ حڪومت کي پنهنجو ٻاھريون زرمبادلو استعمال ڪرڻو پوندو. سڻيءَ جي قيمت تيزيءَ سان ھيٺ ڪري رھي آھي، جيڪا پاڪستان جي بيروني زرمبادلي جي ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو آھي. سئيز واھ جو اڻ ڄاڻايل مدت تائين بند ٿي وڃڻ، نه فقط ڪرايھ ۽ ويمي جي نرخن ۾ اضافي جو سبب بڻبو، بلڪ صنعتي، تجارتي مال ۽ غذائي جنسن جي فراھميءَ ۾ دير به ٿيندي ۽ اھا ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ضرورت جي شين جي قيمتن کي متاثر ڪندي. ھيءَ ڳالهه شڪ واري آھي ته موجوده زرعي پيداوار، پنجويھھ لک ٽنن جي کوٽ کي پر ڪرڻ جي قابل ٿيندي يا ڪيئن. خوراڪ جي جنسن مطالبن جي جواب ۾ آمريڪا جي رويي مان ان جي اندازِ فڪر جو ڪجهه پتو پوندو.


    باب سورهون: اڳرائيءَ جي روڪٿام

    پاڪستان جي سلامتي ۽ علاقائي تحفظ اقتصادي ترقيءَ کان وڌيڪ اھميت رکي ٿو. جيتو ڻيڪ ترقي ۽ خود ڪفالت پڻ قوم جي دفاعي صلاحيتن کي تقويت پھچائين ٿيون، پر قومي آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ دفاعي ضرورتن کي پوري ڪرڻ تي يڪسان توجھ ڏيڻو پوندو. ھڪ اھڙو غير صنعتي ملڪ، جنهن وٽ ڳريون بنيادي صنعتون به نه ھجن، روايتي انداز جي اھڙي دفاعي نظام تي آسرو نه ٿو ڪري سگھي، جيڪو روايتي ھٿيارن سان مسلح ٿيل ھڪ مختصر، جيتوڻيڪ نهايت باصلاحيت فوج تي دارومدار رکندو ھجي. جيئن ته ملڪ غريب آھي، ان ڪري ھٿياربند فوجن جو تعداد گھڻو ٿي نه ٿو سگھي ۽ نه انهن کي ھڪ مقرر حد کان اڳتي وڌائي سگھجي ٿو، ۽ جيڪڏھن وڌايو به وڃي ته پوءِ ھيءَ ڳالهه مشڪوڪ آھي ته اھي ھڪ اھڙي اڳرائي ڪندڙ قوم جي خلاف ٻيھر صف آرائيءَ لاءِ ڪافي ٿينديون، جنهن جون ھٿياربند فوجون نه فقط تعداد ۾ وڌيڪ آھن، بلڪ اھي پاڪستان کان زياده طاقتور ۽ گھڻي قدر بهتر ھٿيارن سان سينگاريل به آھن. مستقل فوج جي واڌاري کان پيدا ٿيندڙ اقتصادي دٻاءُ پڻ تمام گھڻو ٿيندو ۽ فوجن جي تعداد ۽ ھٿيارن جي مقدار جي لحاظ کان ھندستان سان مقابلي جو خيال ڪرڻ دانشمندي نه ٿيندي. پاڪستان ڪن افسوسناڪ سببن ڪري اڃا تائين جنگ لاءِ صنعتي بنياد قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آھي، جن مان ھڪ سبب انهن ماڻھن جو حرص آھي، جن لاءِ فولاد جي درآمد پنهنجي ملڪ اندر فولاد پيدا ڪرڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ نفع بخش ھئي. آئينده ٿورن سالن تائين پاڪستان لاءِ ممڪن ناھي ته ھو پنهجين فوجن کي وڌيڪ ترقي يافته ھٿيارن سان مسلح ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر صنعتي صلاحيت پيدا ڪري سگھي ۽ نه وري اسين انهيءَ لاءِ فقط ھوشمند سفارتي اقدامات تي آسرو ڪري ويھي سگھون ٿا. حقيقت ھيءَ آھي ته ڪنهن قوم جي سفارتي سرگرمين جو اثر ان جي جنگي صلاحيت جي نسبت سان ٿيندو آھي. گھڻيون ئي ھوشياريءَ واريون ڳالھيون چئي ۽ ڪري سگھبيون آھن، پر ڪنهن حقيقي خطري جي مقابلي ۾ ڪنهن ملڪ کي سندس پنهنجي ئي طاقت تي ڀروسو ڪرڻو پوندو آھي. بين الاقوامي حالتون ڦرنديون گھرنديون رھنديون آھن. انهيءَ ڪري قومي سلامتيءَ لاءِ اطمينان لائق تدبيرن کان سواءِ سفارتي سھاري تي زياده اعتماد ڪرڻ حفاظت جو ضامن ڪونهي، وري پاڪستان جي اقتصادي ۽ سياسي تنطيم ۾ ڪن ڪوتاھين جي ڪري ٻاھرين حڪمت عمليءَ تي پڻ ڪجهه بندشون آھن. ھن ڳالهه کي واضح ڪري ڇڏڻ گھر جي ته پاڪستان جي خلاف اڳرائي، حملا آور لاءِ خطرناڪ کيل آھي ۽ ان جو مطلب اھو آھي ته اسان کي جنگ جي اثرائتي پيش بنديءَ جي ڪانه ڪا صورت تلاش ڪرڻي پوندي.
    اسان جي دؤر ۾ جنگ، اجتماعي يا مڪمل جنگ جو نالو آھي. يورپ جي سڄي جنگي حڪمت عمليءَ جو بنياد مڪمل جنگ جي تصور تي بيٺل آھي، انڪري ھيءُ مفروضھ قائم ڪرڻو پوندو ته پاڪستان جي خلاف جيڪا جنگ ڇيڙي ويندي، اھا اجتماعي يا مڪمل جنگ بنجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. مڪمل جنگ کان گھٽ لاءِ رٿابندي ڪرڻ خطرناڪ آھي، انڪري اسان جي تدبيرن ۾ جوھري مانع پڻ شامل ھئڻ گھرجي. جيتوڻيڪ اھا مشڪل ڳالهه آھي، پر پاڪستان لاءِ اھا چيز نهايت اھم آھي ته اھو ڪنهن بين الاقوامي معاھدي کان دوکي کائڻ بدران، جنهن جو مقصد جوھري مانع کي موجوده جوھري طاقتن تائين محدود ڪرڻ ھجي، جوھري فن سان واسطو رکندڙ ڳالھين طرف پورو ڌيان ڏئي. ھن ڳالهه جو امڪان ناھي ته ھندستان ٻين جي جوھري قوت تي ھڪ- ھٽيءَ کي گوارا ڪندو. ھن جي پنهنجي جوھري طاقت جي پروگرام ۽ سفارتي سرگرمين مان، جيڪي خاص طور تي جنيوا ۾ ڏٺيون ويئون آھن، تن مان ظاھر آھي ته ھو پنهنجي منصوبي تي عمل ڪرڻ ۽ ھڪ ائٽم بم جي ڌماڪي ڪرڻ جي ارادي تي مضبوطيءَ سان قائم آھي. جيڪڏھن پاڪستان پنهنجي جوھري قوت، جي پروگرام کي محدود يا ملتوي ڪري ڇڏي، ته اھا ڳالهه نه فقط ھندستان کي انهيءَ قابل بنائي ڇڏيندي ته اھو جوھري قوت ۾ پنهنجي برتريءَ مان فائدو وٺي پاڪستان جو زبردستيءَ استحصال ڪري، بلڪ ھو پاڪستان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ وارين ڪوششن کي چٿي ڇڏڻ جھڙيون پابنديون به وجھي ڇڏي.
    بهرحال، ھن وقت اسان جي ڳالهه جو تعلق جوھري تعطل سان ڪونهي. اسان جو مسئلو مختصر طور ھيءُ آھي ته ان کان اڳ ۾جو ڪوئي بحران پيدا ٿئي، اسان بروقت انهيءَ قسم جو ھٿيار ڪھڙيءَ طرح حاصل ڪري سگھون ٿا. ھندستان، جنهن جي جوھري ٽيڪنالاجي ۾ ترقي کيس مستقبل قريب ۾ جوھري طاقت بنائي ڇڏڻ لاءِ ڪافي آھي، پنهنجي مرضيءَ واري وقت تي اھڙو بحران پيدا ڪري سگھي ٿو. ھو پنهنجي جوھري پروگرام لاءِ اڳيئي غيرملڪي امداد حاصل ڪري چڪو آھي، ۽ آئينده پڻ حاصل ڪندو رھندو. انهيءَ ڪري پاڪستان کي پڻ اھڙي ئي پروگرام لاءِ ڪمر ڪشي بيھڻ گھرجي، جيتوڻيڪ جوھري ھٿيار نه ته ڪو حقيقي مانع ثابت ٿيندو، ۽ نه ان کي چند سالن اندر تيار ڪري سگھجي ٿو. چنانچھ، اسان کي مستقبل قريب ۾ ھندستان سان ڪنهن تصادم ۾ عملي مانع طور جوھري ھٿيارن کي امڪان جي حدن کان خارج ڪري ڇڏڻو پوندو.
    ويٽ نام جي جنگ ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته ھڪ ننڍڙي غريب قوم جنگي فن، دولت ۽ تعداد ۾ گھٽ ھئڻ جي باوجود، دنيا جي سڀني کان وڏي طاقت سان جنگ جوٽي سگھي ٿي. بيشڪ، ويٽ نام جي طبعي بناوت به بچاءَ ڪرڻ وارن لاءِ مدد گار آھي، پر ٻيا غالب قسم جا ڪي اسباب اھڙا به آھن، جيڪي انهيءَ فائدي کي بي اثر بنائڻ کان به ڪجهه وڌيڪ عمل رکن ٿا. اسان جي لاءِ انهيءَ جنگ جو سبق ھيءُ آھي ته عوام کي مسلح ڪيو وڃي ته جيئن اھي ڪنهن به اڳرائي ڪندڙ جو مقابلو ڪري سگھن، ۽ وڏين طاقتن لاءِ سبق ھيءُ آھي ته کين ھن قسم جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ کان بچڻ گھرجي. پاڪستان لاءِ جنگ جو بهترين مانع، ھڪ اھڙي قومي مليشيا آھي، جيڪا پيشھ ور فوجي آفيسرن جي ترتيب ۽ سربراھيءَ ۾ عمل ڪري، ۽ جيڪا ھڪ مجموعي ۽ مڪمل جنگ ۾ مستقل فوجن جي مددگار ۽ معاون ھجي. يونيورسٽين ۾ فوجي تربيت لازمي ھئڻ گھرجي ۽ ھر ڳوٺ ۾ دلير ۽ سرگرم قسم جي جوانن جو ھڪ مستقل جٿو قائم ڪرڻ گھرجي، جيڪو ابتدائي ھٿيارن جي استعمال ۾ چڱيءَ طرح سان سکيا حاصل ڪيل ھجي. سئزر لنڊ ۾ ھر گھراڻي کي ھڪ ھٿيار سٺيءَ حالت ۾ رکڻو پوندو آھي. ماڻھن کي پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته ھڪ سڄي قوم، جيڪا مسلح به ھجي ۽ ترتيب يافته به، جنگ جي خلاف سڀني کان وڏي روڪٿام آھي، جيڪا ھر ترقي پذير ملڪ کي حاصل ڪا نه ٿي سگھي ٿي.” توب بردار جھاز واري سياست“ اڃا تائين ختم ڪانه ٿي آھي، پر ڪنهن عالمي طاقت طرفان جبري استحصال اھڙي صورت ۾ڪامياب ٿي نه ٿو سگھي، جڏھن ھڪ ملڪ پنهنجي سڄي ساريءَ پکيڙ ۾ مداخلت جي خلاف سينه سپر ٿي بيھڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ڪنهن باقاعده فوج جا ڳرا ھٿيار به ڪنهن اڳرائي ڪندڙ جي مرڪوز حملن کان تباھه و برباد ٿي ويندا، تڏھن به ھٿياربند عوام جا مضبوط ارادي وارا ويڙھو دستا ڪم ڪندا رھندا. ٽڙيل پکڙيل جنگ اڳرائي ڪندڙ کي ڏاڍي مھانگي پوندي آھي، ۽ اھو تيزيءَ سان فتح حاصل ڪرڻ جي اميد نه رکي سگھندو آھي. ھڪ مڪمل طور ھٿياربند قوم جي خلاف پراڻي فوجي مفھوم ۾ فتح حاصل نه ٿي ڪري سگھجي. تباھي ۽ بربادي ته ڪري سگھجي ٿي، پر سوڀ حاصل نه ٿي ڪري سگھجي ۽ اڳرائي ڪندڙ خواه ڪيترو به طاقتور ڇو نه ھجي، نيٺ ذليل ۽ ڪمزور ٿي پٺتي ھٽڻ تي مجبور ٿي ويندو. ويٽ نام جو اھوئي سبق آھي. ھن ڳالهه جي ڄاڻ، ته پاڪستان تي حملو ھڪ مڪمل طور ھٿياربند ٿيل قوم جي خلاف اجتماعي جنگ ۾ تبديل ٿي سگھندو، ڪنهن مقابلتا وڌيڪ طاقتور اڳرائي ڪندڙ قوم لاءِ جنگ جي خلاف ھڪ ئي حقيقي مانع ثابت ٿي سگھي ٿي. ان کان سواءِ انهيءَ قسم جو مانع زبردست سياسي قدر ۽ قيمت جو حامل پڻ ھوندو ۽ اسان لاءِ سياسي ڪاررواين جي گنجائش اڳي کان وڌي ويندي.
    انهيءَ تجويز تي ھن نموني ۾ اعتراض ڪري سگھجي ٿو ته ھٿيارن جي وڏي پئماني تي ورڇ، ڏوھن ۾ اضافو آڻي ڇڏيندي، پر ڪجهه سالن کان وٺي ڏوھن ۾ خطرناڪ حد تائين واڌارو ٿي ويو آھي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڏوھاري جي ماڻھن وٽ اڳي ئي ھٿيار موجود آھن. فقط ڏوھن جا اھي بي گناھ شڪار باقي آھن، جن وٽ ھٿيار ڪينهن. قصور نه ماڻھن جو آھي ۽ نه تجويز جو، پر انهن سماجي حالتن جو آھي، جن ۾ وڏي تبديليءَ جي ضرورت آھي. جيڪڏھن حڪومت اصلاحي تدبيرون اختيار ڪري ۽ ماڻھن کي سندن حفاظت لاءِ ھٿياربند ڪرڻ جي ضرورت کي واضح ڪري ڇڏي ۽ عوام کي مناسب حفاظتي تدبيرون مھيا ڪيون وڃن، ته ڏوھن جو تناسب گھٽجي ويندو. بي گناھ ماڻھن جو به بچاءَ ٿيندو، ۽ ملڪي سرحدن جي ھڪ ھڪ انچ زمين جو پڻ. ان ھوندي به ھٿيارن جي تقسيم سوچ ويچار سان ٿيڻ گھرجي، ۽ منظم مليشيا کي چند جاين تي رکڻ بدران سڄي ملڪ ۾ ڦھلائڻو پوندو. مليشيا جي ھر ھڪ ماڻھوءَ جو نالو معلوم ھوندو ۽ ڏوھن جي عادي ماڻھن کي ڀرتي نه ڪيو ويندو. حقيقت ھيءَ آھي ته آتشين اسلحھ جي استعمال جي مشق ۽ دوبدو لڙائيءَ جي طريقن جي ترتيب پاڪستان جي عوام انهن بي راھ قسم جي ماڻھن، کان جن جي زد ۾ ھن وقت وچولي درجي جا ماڻھو به آھن، حفاظت ڪندي. ھڪ چڱي نموني سان منظم ۽ سٺي قيادت ھيٺ مليشيا جي تشڪيل ماڻھن ۾ شھري ذميوارين جو احساس پيدا ڪري نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۾ مدد گار پڻ ٿي سگھي ٿي.


    باب سترهون: وڌندڙ بحران جو مقابلو ڪيئن ڪجي

    ھڪ قومي بحران قومي عظمت جي تقاضا ڪندو آھي، ۽ ان جو مقابلو قرباني ۽ ايثار جي جذبي سان ڪرڻ گھرجي. مسلمانن جي دل ۾ انهيءَ قسم جي آزمائش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ قرآن پاڪ جي لفظن تي غور ڪرڻ کان بهتر ٻي ڪا به صورت ڪانهي:
    ”سچ ۽ حق جي بچاءَ ۾ جنگ وجدل بيخياليءَ سان نه ڪرڻ گھرجي، ۽ انهيءَ (فرض) کان منهن موڙڻ نه گھرجي. حياتي ۽ موت الله تعالي ٰجي ھٿ ۾ آھي، ھر ڪنهن کي خدا جي راھ ۾ لڙڻ لاءِ چونڊي نه ٿو سگھجي. ان ۾ وفاداري، استقامت ۽ ايمان جي ضرورت ھوندي آھي. اھي ڳالھيون ميسر ھجن ته وڏن لشڪرن کي اھي ماڻھو ڀڄائي سگھن ٿا، جيڪي ان راھ ۾ جھاد ڪن ٿا.“
    سن 1965ع ۾ ڪنسورشيم واري بحران جي ڏينهن ۾ حڪومت انهيءَ مسئلي کي سڌيءَ طرح سان پاڪستان جي عوام تائين کڻي ويئي ۽ انهن جي مدد سان ملڪ ڪاميابيءَ سان انهيءَ بحران تي قابو حاصل ڪري ورتو. موجوده بحران وڌيڪ شديد آھي ۽ عوام کي سچي ڳالهه ٻڌائڻ گھرجي ته پاڪستان کان ڪھڙا مطالبا ڪيا پيا وڃن ۽ پاڪستان انهن کي ڇو تسليم نه ٿو ڪري سگھي. ترقي پذير ملڪ مادي ذريعن سان انهن عظيم طاقتن جي دٻاءُ جو مقابلو نه ٿا ڪري سگھن، جيڪي خاموش سياست گريءَ جي ذريعي پردي پٺيان رھي وڏي تباھي مچائي سگھن ٿيون. انهن کي ته فقط گوناگون تدبيرون عمل ۾ آڻڻيون پونديون آھن، جن جي ذريعي اھي مٿن آڌار رکندڙ مملڪتن جي اقتصادي ۽ معاشرتي توازن کي درھم برھم ڪري رکنديون آھن يا حڪومتن جا تختا اونڌا ڪنديون آھن. عظيم ۽ عالمي طاقتون پردي پٺيان رھي خاموشءَ سان عمل ڪرڻ پسند ڪنديون آھن ۽ ھن باري ۾ ڪيئي سبب پيش ڪيا ويندا آھن ته اختلافن تي کليل بحث ڇو نه ڪرڻ گھرجي. اھڙي مملڪت کي چيو ويندو ته ڳالهه کي کولڻ ۽ شور ۽ غلغلي ڪرڻ سان ڳالھين جي فضا وڌيڪ زھريلي ٿي ويندي. اھڙين مملڪتن وٽ، جن وٽ عالمي طاقتن جي خلاف استعمال ڪرڻ جا بيرم ڪين ھوندا آھن، ھن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪو نه ھوندو آھي ته اھي انهن جي ڪارستانين جو پردو فاش ڪري پنهنجي عوام کي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪن. انهيءَ ڪري ترقي پذير قومون اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جھڙا بين الاقوامي پلئثفارم ڳولينديون آھن ته جيئن دنيا کي انهن مشڪلاتن کان آگاھ ڪري سگھجي. جيڪي کين آزاديءَ ۽ بهتر زندگيءَ جي جدوجھد ۾ پيش اچن ٿيون.
    پاڪستان لاءِ ھن ڳالهه تي يقين ڪرڻ ته آمريڪا سان سندس موجوده اختلاف خفيه سياست گريءَ ۽ پنهنجي عوام کي بي خبر رکڻ سان حل ٿي سگھندا، ھڪ موتمار غلطي ٿيندي. اھي اختلاف ۽ اھي بنيادي مسئلا، جن کي اھي جنم ڏين ٿا، عوام جي مستقبل تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ اھي کين ضرور سمجھائڻ گھرجن. جيڪڏھن کين سندن ليڊرن ۾ يقين ۽ انهن جي فيصلن ۾ اعتماد ھوندو ته اھي مقابلي ۽ قربانين لاءِ ڪمر ڪشي بيھندا، ۽ سڀني قومي مشڪلاتن تي قابو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي پٺيان ھڪ ناقابل تسخير قوت وانگر ڄمي بيھندا. رٿابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئر مين چيو آھي ته اسين پنهنجي اقتصادي آڌار ۾ تنوع پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون تنوع پيدا ڪرڻ جو اھو عمل ٽي سال اڳي شروع ٿي چڪو ھو. ان کي گھڻو اڳي شروع ٿيڻ گھربو ھو، پر انهيءَ وقت اسين ھن فريب ۾ مسبتلا ھئاسون ته ٿورن گھڻين ترميمن ۽ تبديلين سان، جن جو نتيجو وڌيڪ محتاجيءَ جي صورت ۾ نڪري ھا، پاڪستان پنهنجين خارجي مشڪلاتن تي قابو حاصل ڪري سگھندو. جيڪڏھن اسين ان طرح سان جاڳندي خواب ڏسندا رھياسون ته پاڪستان شايد پنهنجو آخري موقعو به ھٿان وڃائي ويھي.
    تاريخ جي ڌاري کي بدلائي نه ٿو سگھجي. اسين ايشيا ۾ رھون ٿا ۽ اسان کي ايشيائي صورتحال کي خيال ۾ آڻڻو آھي، جتي ايندڙ ڏھن سال جي مدت اندر وڏيون انقلابي تبديليون اچڻ واريون آھن. جيڪڏھن اسان مضبوط رھياسون ۽ صحيح رخ ۾ غير متزلزل قدم کنياسون، ته بحران حل ٿي ويندو. بهرحال، ڪي نوان مسئلا کڙا ٿي ويندا، جن مان گھڻا تڻا ناقابل عبور نظر ايندا، پر ارادي جي مضبوطي ۽ اتحاد سان ڪو به اھڙو مسئلو ڪونهي، جيڪو حل ٿي نه سگھي. پاڪستان جا غريب ماڻھو ھميشه ڪنهن به ھٻڪ کان سواءِ سخت حالات ۾ پورا لٿا آھن. ھاڻي رعايت يافته ماڻھن کي به ائين ڪرڻ گھرجي. اسين قيادت جي ذميوارين کان بچي نه ٿا سگھون. ھاڻي اھو رھنمائن جو ڪم آھي ته اھي آزاديءَ جي جھنڊي کي اوچو رکن ۽ ايثار جي جذبي سان اڳتي وڌن. اسان کي فيصلو اھو ڪرڻو آھي ته اسين ڪشمڪش جو مقابلو ڪريون يا ٻاھرين دٻائن آڏو گوڏا جھڪائي ڇڏيون ۽ سرد جنگ ۾ ھڪ قبر جي تختي بڻجي رھون. قرآن پاڪ ۾ لکيل آھي:
    ” ۽ اسين انهن ماڻھن کي فتح جي خوشي عطا ڪنداسون جيڪي مظلوم آھن ۽ جيڪي روءِ زمين تي انصاف ۽ آزاديءَ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجھد ڪن ٿا، اھي ئي آھن، جن کي اسين قيادت جي درجي تي فائز ڪنداسين ۽ اھيئي ماڻھو قيادت جا وارث ٿيندا، جيڪي انسانن جي مساويانه فلاح ۽ بهبود جي تعمير ڪندا.“
    ديوار جي تحرير ته بنان ڪنهن شڪ و شبهي جي 1964ع ۾ ئي ظاھر ٿي ويئي ھئي، جڏھن آمريڪا پنهنجن انهن فيصلن جي باوجود، جن ۾ ان پاڪستانين جي خدشن جو لحاظ ڪندي ھندستان کي وقتي ۽ ترميم لائق بنيادن تي ڊگھي عرصي لاءِ فوجي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ھو. انهيءَ نئين فيصلي ڪرڻ ۾ آمريڪا، پنهنجي سڀني کان وڌيڪ قول ڏنل ايشيائي حليف سان تعلقات جي ڪشيدگيءَ ۾ اضافي ٿيڻ جي خطري کڻڻ ۾ به ڪا پس و پيش ڪا نه ڪئي. جڏھن پاڪستان اھو اڻوڻندڙ فيصلو ڳڙڪائي ويو، ۽ پنهنجي سلامتيءَ جي مفادن کي پڻ نظر انداز ڪري سرد جنگ جي قول ۽ اقرار کان نه ڦرڻ جو فيصلو ڪيو، تڏھن آمريڪا ائين سمجھيو ته پاڪستان ڪنهن قسم جي جوابي ڪارروائي نه ڪندو، ۽ انهيءَ نتيجي جي روشنيءَ ۾ ھن ھندستان کي ملندڙ امداد جو مقدار اڃا به وڌائي ڇڏيو. پاڪستان پنهنجي حيثيت کي درست ڪرڻ جا ڪيئي بهترين موقعا ھٿان وڃائي ڇڏيا آھن، ۽ ھاڻي ان جي متعلق ڪنهن قدم کڻڻ جو وقت تيزيءَ سان ھٿن مان ترڪندو پيو وڃي. بروقت قدم کڻڻ ۽ پھريون وار ڪرڻ جي جيڪي ڪامياب عمل جا اھم جزا ھوندا آھن، تن جي پاڪستان جي سياست ۾ اوتري ئي ڪمي ڏٺي ويئي آھي، جيتري صحتمند سياست بصيرت جي.
    جيڪڏھن پاڪستان پنهنجي موجوده مشڪلاتن تي قابو حاصل ڪرڻ لاءِ قربانين ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، ته پوءِ کيس ڪشمير جي جھڳڙي کي سردخاني ۾ رکي ھندستان سان تعاون ڪرڻ ۽ عوامي جمھوريه چين سان مختلف رويو اختيار ڪري آمريڪا سان ٺاھه ڪرڻو پوندو. ان جي معاوضي ۾ ھو آمريڪا جي فوجي ۽ اقتصادي امداد ۾ اضافي جو حقدار بنجي پوندو ۽ خوراڪ جو مسئلو اسان کي وڌيڪ پريشان نه ڪندو. بهرحال اھڙن شرطن جي منظوريءَ جو نتيجو، اھم تر قومي مفادن تان دستبرداريءَ جي صورت ۾ رونما ٿيندو. ان کان علاوه، چين جي مستقل دشمني پڻ خريد ڪرڻي پوندي. پاڪستان کي ڪنهن به فائدي ملڻ کان سواءِ، ننديو ويندو، ناڪاميءَ جو احساس وڌي ويندو ۽ اسين گھيري ۾ اچي وينداسون. ان مان ھندستان کي، جيڪو مشترڪه اقتصادي مھمن يا ٻين رعايتن جو محض ھن ڪري طلبگار آھي ته پاڪستان ان جو مڪمل تابعدار ٿي وڃي، وڌيڪ اڳرائيءَ جو حوصلو ملي ويندو. جيڪڏھن افغانستان سان تعلقات بهتر نه ٿيا ته ان مان انهيءَ ملڪ لاءِ پڻ ڪجهه رستا کلي ويندا. ھندستان طرفان جارحيت ۽ افغانستان طرفان گڙ ٻڙ جي صورت ۾ آمريڪا پاڪستان جي مدد نه ڪندي، ڇاڪاڻ ته ٻيئي ڪميونسٽ ملڪ آھن. ١٩٦٥ع واريءَ ھندو پاڪستان جنگ انهيءَ معاملي ۾ آمريڪا جي طرز عمل جو ڪافي ثبوت ڏيئي ڇڏيو ھو. ان جي ابتڙ، چين يا سوويت يونين سان تصادم جي صورت ۾ آمريڪي امداد پاڪستان کي آخري شڪست کان بچائڻ لاءِ ڪافي نه ٿيندي.
    خيال جي ھر زاويي کان واحد صحيح رستو اھو ئي آھي ته انهن ٽن عالمي طاقتن سان درست تعلقات قائم ڪيا وڃن ۽ دنيا جي انهن باقي سڀني طاقتن سان، جن سان اسان جا مفاد مشترڪه آھن، تعلقات وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. ٽي سال ٿيا ته مون پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ ۾ چيو ھو ته آمريڪا سان اسان جا تعلقات افراط، ۽ چين ۽ سوويت يونين سان تفريط جي بنياد تي آھن. اسان جي حڪمت عملي اھا ھئڻ گھرجي ته اسان ٽنهي وڏين طاقتن سان پنهنجي تعلقات کي معمول تي آڻيون. اسان کي معلوم ھو ته عبوري وقفي ۾ مشڪلاتون اينديون، پر اسان کي اعتماد ھو ته ھڪ دفعو تعلقات کي درست ڪرڻ جو ڪم شروع ٿي ويو ته پوءِ ٽنهي سان اسان جا تعلقات خوشگوار ٿي ويندا.
    پاڪستان آمريڪا سان، جيڪا ھڪ اھڙي عالمي طاقت آھي، جنهن پاڪستان جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ ڪافي مدد ڏني آھي، دوستانه ۽ درست تعلقات قائم رکڻ چاھي ٿو. جڏھن ھندستان سان ناراضگيءَ آمريڪا کي پاڪستان جي وڌيڪ ويجھو آڻي ڇڏيو، تڏھن اسان جلدبازيءَ ۾ اھو نتيجو ڪڍيو ته آمريڪا اسان جو مستقل فطري دوست آھي پر بين الاقوامي سياسيات ۾ ”فطري دوست“ جو اصطلاح بي معني ٰ آھي. انهيءَ اصطلاح جو استعمال دنيا جي معاملن کي ذره روماني انداز ۾ ڏسڻ جي غمازي ڪري ٿو. حڪومتن جي درميان مشترڪه مفاد ھوندا آھن، پر ڪا به مستقل فطري دوستي ڪا نه ھوندي آھي. نهروءَ جو زمانو گذري چڪو آھي. ھندستان ھاڻي ھٺيلو ناھي ۽ ھند ۽ پاڪستان جي صورتحال ھاڻي ھڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي چڪي آھي.ھاڻي، اھا ڳالهه آمريڪا جي عالمي مفاد ۾ آھي ته اھا پاڪستان ۽ ھندستان جو پاڻ ۾ صلح ڪرائي. ته جيئن جپان کان وٺي ننڍي کنڊ تائين چين جو گھيرو مڪمل ٿي وڃي. انهيءَ قسم جو موقعو موجود آھي ۽ آمريڪا ان مان فائدو پرائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندي. وچ اوڀر جي تبديلين کان پوءِ آمريڪا جي حڪومت شايد اھو خيال ڪري ته ننڍي کنڊ ۾ سندس مقصد جو حصول ان لاءِ وڌيڪ آسان ٿي پيو آھي. پاڪستان جا تعلقات ھڪ ڊگھي عرصي تائين انهن ٻن عظيم طاقتن سان، جيڪي ان جون ويجھيون پاڙيسري آھن، خوشگوار نه رھيا ۽ اھا ڳالهه ھن جي باوجود ھئي ته انهن سان اسان جي مفادن جو ڪو به ٽڪراءُ ڪو نه ھو. ھاڻي ھڪ ٻي عالمي طاقت سان اختلاف آھي ته پاڪستان کي انهيءَ صورتحال جو دليريءَ سان مقابلو ڪرڻ گھرجي. دفتر خارجه جي ھڪ ترجمان چيو آھي ته پاڪستان –آمريڪي تعقات ۾ ھڪ باب جو خاتمو ٿيو آھي. آءٌ ائين چوندس ته ھڪ سڄو ڪتاب لکجي چڪو آھي ۽ ھاڻي اھو تاريخ جي طاق مٿان رکيو آھي اچو ته دوستي ۽ مساوات جي بنيادن تي غلط ڳالھين فرض ڪرڻ ۽ ھڪٻئي جي تعلقات ۾ مداخلت ڪرڻ بغير، ھڪ نئين ڪتاب جا شروعاتي صفحا لکون. اسان جي تعلقات ۾ ڪو به بغض نه ھئڻ گھرجي. اسان ماضيءَ ۾ ھڪٻئي کي مدد ڏني آھي. ائين چئي نه ٿو سگھجي ته پاڪستان، آمريڪا جي عالمي پاليسين لاءِ، پاڻ کي وڏن خطرن جي زد ۾ ڪو نه آندو ۽ تڪليفون برداشت نه ڪيون. پر پاڪستان انهيءَ رفاقت مان ڪجهه فائدو به پرايو آھي ۽ ھڪ مفھوم ۾ اسين ھاڻي به ھڪٻئي جي خدمت ڪري سگھون ٿا. حڪومتن جي باھمي تعلقات ۾ حد ِ فاصل ڪڏھن به نه ايندي آھي. وقت گذرڻ سان ھڪ خاص تعلقات جي خواھش ترڪ ڪري سگھبي آھي، جنهن مان ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ حقيقت پسندانه سطح تي ھڪٻئي سان تعاون جو موقعو ملندو. جيڪڏھن آمريڪا کي سچ پچ انهن تنازعن ۾ منصفانه امن جي طلب آھي، جن ۾ ھو ڦاٿل آھي ته پاڪستان لاءِ ان جي واسطي پنهنجين ڪوششن کي ڪم آڻڻ جو موقعو ملي سگھي ٿو. اسان جي آمريڪا سان تعلقات کي ھن ڪري ڌڪ لڳو آھي، جو اسان ويٽ نام واريءَ جنگ ۾ آمريڪين جي پاران ھٿيارن کڻي ھلڻ ۽ جنگ کي وسيع ڪرڻ کان انڪار ڪيو ھو. ڪو وقت اھڙو به اچي سگھي ٿو، جو آمريڪا کي امن جي تلاش ۾ جنگ جي ميدان ڇڏڻ جي خواھش پيدا ٿئي، ان وقت پاڪستان قابل ِ ذڪر ڪردار ادا ڪري سگھندو.
    چين ۽ آمريڪا جي درميان تنازعا ھميشه لاءِ ھلڪي نه ٿا سگھن. يا ته اھي سڄي ايشيا ۽ ان کان پري وارن ملڪن جي مڪمل تباھي آڻيندا يا اھي دٻجي ويندا. جيڪڏھن آخري ذڪر ڪيل صورت پيدا ٿي، ته پوءِ ٻنهي جي طرفان پاڪستان وڏين طاقتن جي دٻاءَ جي مقابلي جو قدر ڪيو ويندو. جيڪا شيءِ آمريڪا کي اڄ غير دوستانه رويو معلوم ٿئي ٿي، اھا شايد سڀاڻي جٽادار امن جي مفاد جي حق ۾ ۽ خود آمريڪا جي وڌيڪ اعليٰ مقصدن جي مطابق نظر اچي. جيڪڏھن اسان جو نقطه نظر منصفانه ھوندو ته پوءِ اسين ڪنهن به صورتحال- حتي ٰڪ جيڪڏھن ضرورت درپيش آئي ته مڪمل علحدگي- جو پڻ مقابلو ڪري سگھنداسون، حالانڪ جيڪي ماڻھو منصفانه مقصد رکندا آھن، تن کي شاذ و نادرئي بلڪل علحده ڪيو ويندو آھي.
    پاڪستان کي ھندستان سان تنازعي جي معاملي ۾ آمريڪا سان تقابل جي صورتحال کي ٽارڻ جي سخت ڪوشش ڪرڻ گھرجي، پر جيڪڏھن آمريڪا اسان جي سڀني ڪوششن جي باوجود ھڪ اھڙي پاليسيءَ تي گامزن رھي، جيڪا اسان جي مفادن جي خلاف ھوندي ته پوءِ اسان کي مقابلي کان ڇرڪڻ نه گھرجي. اسان کي گھرجي ته اسين ھندستان سان پنهنجي اختلافن کي آمريڪا سان تعلقات کان الڳ رکون ۽ ان سان اھڙن صحيح تعلقات جو سلسلو قائم رکون، جنهن جو بنياد غير مشروط ۽ ڪنهن پيش بنديءَ کان سواءِ ھن ٺاھه تي رکيل ھجي ته اھا اسان جي داخلي معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪندي، ۽ پاڪستان کي ھن ڳالهه لاءِ مجبور نه ڪندي ته ھو ھندستان سان اِن طرح جو ڪو تصفيه ڪري، جيڪو پاڪستان جي اھم مفاد جي منافي ھجي. جيڪڏھن انهيءَ قسم جي ڪوشش ناڪام ٿي وڃي ته ترجيح لائق اھو رستو ٿيندو ته ٽين دنيا جي ملڪن جي پشت پناھيءَ سان گڏ، جن مان اڪثر اسان جي خود اراديت جي حق جي حمايت ڪن ٿا، ۽ انهن عظيم ۽ نيم عظيم طاقتن جي حمايت سان، جن کي اسان سان ھمدردي آھي، اجتماعي محاذ آرائي جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.
    1958ع جي آخري ۽ 1959ع جي شروعاتي حصي ۾ ھندستان ۽ پاڪستان کي دفاع جي معاملي ۾ تعاون تي آماده ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون ويئون. انهيءَ تجويز جي ناڪاميءَ جو ھڪ سبب اھو ھو ته آمريڪا جي طرفان انهيءَ مقصد لاءِ ان کان اڳي جيڪو ميدان ھموار ڪيو ويو ھو، سو ناڪافي ھو. گذريل تجربي جي روشنيءَ ۾ ھاڻي محتاط ڪوششون ڪيون پيئون وڃن. رھنمائن ۽ صحافين جي باھمي دورن ۽ ٻنهي ملڪن جي درميان سفر جي شرطن ۾ نرمي جي متعلق ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اچي رھيون آھن. ان سان گڏئي مشترڪه منصوبن جي ضرورت ۽ ھٿياربند فوجن ۾ ڪميءَ جي معاملن تي زور ڏنو پيو وڃي. خيال ھيءُ آھي ته موجوده حالتن کي برقرار رکيو وڃي ۽ ڪنهن ڏينهن ھڪ باھمي ٺاھه يا ننڍن ننڍن باھمي معاھدن جي ذريعي ان تي مھر ھڻي نيٺ مسئلي کي حل ڪيو وڃي.


    باب ارڙهون: ھندستان سان تنازعي جا بنياد

    ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان تعلقات اھڙا ھئڻ گھرجن، جھڙا سئيڊن ۽ ناروي جا باھمي تعلقات ھئا، جن کي ھن ڪري ھڪٻئي کان جدا ٿيڻو پيو ته جيئن ھڪٻئي کي وڌيڪ ويجھا ٿي سگھن. ھندستان ۽ پاڪستان ۾ ايتريون ته گھڻيون ڳالھيون مشترڪه آھن، جو باقي دنيا ڪن وقتن تي اھو سمجھڻ کان قاصر ھوندي آھي، ته آخر اھي ٻيئي ملڪ مستقل طور ھڪٻئي جي خلاف محاذ آرائي جي حالت ۾ ڇو ٿا رھن. دانشمنديءَ جون تقاضائون، جاگرافيءَ جون مجبوريون ۽ بين الاقوامي طاقتن جو اثر، سڀ کانئن امن سان رھڻ جي تقاضا ڪن ٿا، پر سندن افلاس زده عوام کي انهن فائدن حاصل ڪرڻ کان محروم رکيو ويو آھي، جيڪي کين آزاديءَ جي نتيجي ۾ حاصل ٿيڻ گھرجن ھا. انهيءَ صورتحال جا ڪيئي سبب آھن: تاريخي ورثو، وھم پرستي، ۽ تعصب. ننڍي کنڊ جي ھندن ھڪ ھزار سالن تائين پنهنجي غلامي برداشت ڪئي آھي، ۽ مسلمانن کي 150 سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين غير ملڪي تسلط جو شڪار رھڻو پيو آھي. کين آزاد قومن جي حيثيت ۾ سندن صحيح مقام اڃا معلوم ڪرڻو آھي. ماضيءَ کان پنهنجو دامن ڇڏائڻ لاءِ کين اڃا اعتماد حاصل ڪرڻ جي ضرورت آھي.
    مسٽر نهرو سندس زندگيءَ جي آخر تائين ھيءَ دعوي ٰ ڪندو رھيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تنازعي بابت پاس ڪيل ٺھراءُننڍي کنڊ ۾ امن ۽ ڀائيچارو نه آڻي سگھندو، ڇاڪاڻ ته ھندو پاڪستاني تڪرار، محض لاديني ۽ ترقي پسند ھندستان جي خلاف مذھب پرست ۽ رجعت پسند پاڪستان جي متعصبانه رويي جا علامتي مظھر آھن. بئي طرف، پاڪستان جي دعوي ٰ اھا ھئي ته صرف انهن تڪرارن جي نبيري سان، جن جا ھندستاني حڪومت ۽ ھندستاني وزيراعظم بين الاقوامي طور پابند آھن، ھن ڳالهه جو طئي ڪرڻ ممڪن آھي ته اھي تڪرار ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان پيدا ٿيندڙ اختلافن جا سبب آھن يا علامتون. ھيءُ ڳالهه واضح آھي ته فقط علاقائي ۽ ٻين اھم تنازعن جي حل ٿيڻ ذريعي ئي حالات کي معمول تي آڻڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو. ھيءُ عجيب و غريب منطق آھي ته ھڪ ملڪ جا علاقائي ۽ اقتصادي حق ھن بنياد تي غصب ڪيا وڃن ته انهيءَ ملڪ سان دشمني اڻٽر آھي. دائمي دشمنيءَ جي نالي واريءَ ڪنهن به شئي جو دنيا ۾ وجود ڪونهي. ھڪ دفعوجھڳڙا منصفانه نموني م نبري وڃن ته ڪشيدگيون دور ٿي وينديون ۽ حالتون معمول تي اچي وينديون. پاڪستان ۽ ھندستان جي درميان سڀني کان وڏو جھڳڙو، ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل تي مبني آھي، جتان جي عوام کي خود اختياريءَ جي حق ڏيارڻ لاءِ ھندستان پنهنجي نيڪناميءَ جي واسطي سان ٻڌل آھي. ان ھوندي به اھو سوچڻ غلط آھي ته ڪشمير جو ھڪ ئي تنازعو آھي، جيڪو ھندستان ۽ پاڪستان کي ھڪٻئي کان جدا ڪري بيٺو آھي. جيتوڻيڪ اھوئي جھڳڙو ٻين سڀني کان وڌيڪ نمايان آھي، ان جي باوجود ڪي ٻيا به اھڙا جھڳڙا آھن، جن جي نزاڪت ۽ ڳنڀيرائي قابل غور آھي، جھڙوڪ واھن جي پاڻيءَ وارو جھڳڙو، گنگانديءَ جي پاڻيءَ جي مستقبل مان پيدا ٿيندڙ جھڳڙو ۽ ھندستان ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ستم مان پيدا ٿيڻ وارو جھڳڙو، جنهن جو نتيجو انهن جي وڏي تعداد ۾ پاڪستان ڏانهن ھجرت جي صورت ۾ رونما ٿيو. وري، ڪن ٻين مسئلن کي تاريخي ۽ ڪن ٻين سببن جي ڪري مناسب انداز ۾ کنيو ويو آھي پر قومي مفاد لاءِ بهرحال، انهن جي اھميت برقرار آھي. گھٽ ۾ گھٽ ھڪ تنازعو قريبا اوتريءَ ئي اھميت جو حامل آھي، جيترو ڪشمير جو مسئلو، ۽ اھو تنازعو آسام ۽ ھندستان جي ڪن اھڙن ضلعن جي متعلق آھي، جيڪي اوڀر پاڪستان سان لاڳيتا آھن. انهن تي اوڀر پاڪستان جي خاص حقداري آھي، ۽ حقن جي انهن دعوائن تي خاموش نه رھڻ گھربو ھو. ھندستان اوڀر پاڪستان ۾ ناخوشگوار دلچسپي وٺڻ جي عادت ڪڏھن به ترڪ نه ڪئي، ۽ اولھه پاڪستان ۾ به ھو اکنڊڀارت يا ھند جي اتحاد جھڙن قسمن جي ڪن تحريڪن جي حمايت ڪري رھيو آھي. اھڙي وقت ۾ جڏھن ناگا ۽ ميروقبائلين بغاوت ڪئي آھي ۽ ھزارين مسلمان آسام مان ڪڍيا ويا آھن، جتي ھندستان جي تقسيم وقت ھند و قوم جي اڪثريت ڪا نه ھئي، پاڪستان لاءِ انهن مسئلن کي نظر انداز ڪرڻ غلطي ٿيندي. ھندستاني مسلمانن کي اوڀر پاڪستان طرف ملڪ بدر ڪرڻ ۽ آسام ۽ تريپوره جي تڪراري سرحدن جا مسئلا اھڙا آھن، جو انهن کي وسارڻ نه گھرجي. فرخا بند جو مستقبل ۽ درياھن جي پاڻيءَ جي استعمال جو عام مسئلو اھڙا جھڳڙا آھن، جن جو منصفانه نبيرو اڃا ٿيڻ باقي آھي ۽ جيتوڻيڪ ”نهرو- نون“ معاھدو ڏھ سال اڳي طئي ٿيو ھو، ان جي باوجود بيروباريءَ جو پاڪستان جي طرف منتقل ٿيڻ باقي آھي. ملڪ جي ٻنهي بازن کي ھندستان جي خلاف جائز شڪايتون آھن ۽ جيستائين وڏا جھڳڙا طئي نه ٿا ٿين، تيستائين تعلقات ۾ بهتريءَ جي توقع رکڻ اجائي آھي.
    نهروءَ جي ھيءَ دعوي ٰ ته اھي تڪرار ھندستان سان پاڪستان جي ابدي دشمنيءَ جي علامت آھي، اوتري ئي شرآميز آھي، جيتري اھا بي بنياد آھي، ڇاڪاڻ ته اھو ھندستان آھي ۽ نه پاڪستان، جنهن جي دل ۾ ڪينو ڀريل آھي. پاڪستان، آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجھد ۾ ھندستان سان برابري حاصل ڪئي. ڀارتي ڪانگريس ملڪ جي ورھاڱي جي خلاف مزاحمت ڪئي، پر اھا پاڪستان جي قيام کي روڪڻ ۾ ناڪام رھي. انڪري ھيءَ ڳالهه قدرتي آھي ته ڪي ھندستاني رھنما پنهنجين دلين ۾ پاڪستان جي طرف کان رنجش رکن. ڳالهه فقط ايتري آھي ته ھندستان، پاڪستان جي تڪميل جو قطعي روادار ناھي، انهيءَ ڪري انهن ٻنهي ملڪن جي درميان حالتون خراب ٿيندي ٿيندي موجوده مايوس ڪندڙ تعطل تائين پھچي ويئون آھن. پاڪستان جي فلسفه جو بنياد انسان جي برابريءَ جي اصول کان وڏي پاڙيسريءَ لاءِ دل ۾ عداوت رکڻ انهيءَ فلسفي جي خلاف ٿيندو.
    مسلمانن ننڍي کنڊ تي ست سئو سالن کان وڌيڪ حڪومت ڪئي ۽ آخرڪار اھي پنهنجي لاءِ ھڪ علحده وطن قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. بدقسمتيءَ سان ھندستاني ذھنيت تاريخي سببن کان ذھني مونجھارن ۽ شڪست جي ڀوت جو شڪار آھي. ھندستان ۽ پاڪستان جي تعلقات جي پاڙن تائين پھچڻ لاءِ اھو ضروري آھي ته ھندستاني قوميت جي نوعيت جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي.
    رگ ويد جي زماني کان وٺي ئي ھندستاني ڪردار جي غالب خصوصيت، ان جو مذھبي مزاج ۽ ذات پات جي نظام جي بدولت سندس علحدگي پسندي رھي آھي. جيتوڻيڪ ھندستاني تهذيب کي ھندو ثقافت جي ھم معني ٰ سمجھيو وڃي ٿو، ان ھوندي به سوين سالن کان وٺي انهيءَ تهذيب اجنبي ثقافتن کي پنهنجي اندر سمائي ڇڏڻ جي قابل ِ ذڪر قوت جو مظاھرو پئي ڪيو آھي. آريھ تهذيب جي زماني کان اڳي جي ھڪ شاندار تهذيب، موئن جي دڙي ۽ ھڙپا جي ڦـِٽل نشانن ۾ دفن آھي. ھيءَ ڳالهه اڪثر ڀلائي ويندي آھي ته آرين انهن ئي کنڊرن جي مٿان پنهنجو نئون نظام کڙو ڪيو ھو، جنهن جي ڪک مان پوءِ ھندو برھمڻي مت پيدا ٿي. جيئن جيئن آريھ حملا آور اتر الھندي ميدانن کان گنگانديءَ جي اترين ڀاڱن ۾ پھچندا ويا، تيئن تيئن تاريخ جي نقل جو مرڪز سنڌ ۽ پنجاب جي ماٿريءَ کان گنگا نديءَ جي ماٿريءَ ڏانهن منتقل ٿيندو ويو، ۽ ويدن واري زماني برھمڻيت لاءِ جاءِ خالي ڪئي.
    رگ ويد ۾ ٻن نسلن جي وجود جو ذڪر ملي ٿو: ھڪ بلند حوصله وارا دراوڙ، جيڪي پنهنجي وطن جي سر زمين جي بچاءَ ڪرڻ لاءِ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مصروف ھئا ۽ ٻيا حملا آور آريا، جيڪي ڪڻڪ وني رنگ جا غير ملڪي ھئا. آرين حڪرانن متڪبرانه دعوائن سان پنهنجو پاڻ کي ”ديون“ يا ديوتائن جي صفتن سان نوازيو ۽ مقامي ماڻھن کي ”راڪشن“ يا شيطان جو طبقو قرار ڏنو. ذات پات جو نظام، برھمڻن جي برتريءَ واري تصور جي پيداوار ھو، جنهن کي زندگيءَ جي ھڪ طريقي طور قبول ڪيو ويو. زندگيءَ جي انهيءَ طريقي ۾ ”شودرن“ کي به، جيڪي گھٽ ذات وارا ھندو ھئا، مليڇن يعني غير آريا ماڻھن کان ڪجهه امتيازي حيثيت ڏني ويئي، حالانڪ انهن ٻنهي طبقن کي ھن زندگيءَ ۾ خانگي، شھري ۽ فوجي اعزازن کان محروم رکيو ويو، ۽ آئينده زندگيءَ ۾ ”مڪتي“ يعني نجات جو نا اھل قرار ڏنو ويو، ”سـِٿِين“ حملا آورن جي وارد ٿيڻ سان برھمڻن جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ پيئي. اھي ”سٿِين“ حڪمران مقامي ماڻھن جي نالي ماتر اطاعت کي ڪافي سمجھندا ھئا. مذھب جي حدن اندر ھنن پنهنجي لاءِ امتيازي رعايتن ۽ اختيارات جو قانون نافذ نه ڪيو. برھمڻ اڳي وانگر وڌندا ۽ ويجھندا رھيا. ھو پنهنجن نون آقائن آڏو جھڪندا ته رھيا پر کين پنهنجن سماجي ۽ مذھبي عملدارين اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان سختيءَ سان انڪار ڪيائون. انهيءَ زماني ۾ عظيم ٻڌ پيدا ٿيو، جيڪو ”سٿِين“ نسل جو ھڪ شھزادو ھو. مھاتما ٻڌ اعلان ڪيو ته ”سڀ انسان برابر آھن ۽ نجات جو دروازو سڀني لاءِ ھڪجھڙو کليل آھي.“ اھاڳالهه برھمڻن کي سخت ناگوار گذري. ٻڌ ڌرم کي بعد ۾ انهيءَ تعليم جي ڏاڍي ڳري قيمت ھندستان کان جلاوطنيءَ جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پيئي. جين مذھب، جيڪو ٻڌڌرم جي اثر و رسوخ جي زوال سان گڏ نمودار ٿيو، تنهن جو پڻ برھمڻن جي ھٿان لڳ ڀڳ ساڳيو انجام ٿيو.
    ھندستان جي تاريخ جو سرسري مطالعو ظاھري ڪري ٿو ته ھندو ڌرم ٻاھرين عناصر جي دخل اندازين کي ڪھڙي طريقي سان منهن ڏنو آھي. ننڍن مداخلت ڪارن جي اثر کي پاڻ ۾ سمائڻ ذريعي ٺيڪ ڪيو ويو آھي، فاتحن کي غلامانه خوشامد سان برغلايو ويو ۽ جيڪي فاتح ھندستان ۾ رھجي ويا، سي جيڪڏھن جذب ٿيڻ کان بچيا، ته فقط پنهنجي جداگانه حيثيت کي برقرار رکڻ جي سخت ڪوششن جي بدولت.
    ھندستان جو اھو متڪبرانه نظام مسلمانن جي فتوحات ھٿان ٽٽو. ھندن کي اھو ڌڪ برداشت ڪرڻو ئي پيو، پر ” ڌرم“ جي نالي مقابلو مسلسل جاري رھندو آيو. ھندستاني نظام انهيءَ حقيقت کي محسوس ڪرڻ ۾ دير ڪا نه ڪئي ته ٻين حملا آورن جي ابتڙ، مسلمان تهذيب کان بيگانا ماڻھو ڪنهن جو انهن کي آسانيءَ سان پنهنجي اندر جذب ڪيو وڃي. ھو ھندستان جي مقامي تمدن جي نظام ۾ شموليت کي پنهنجي لاءِ عزت افزائي نه سمجھي رھيا ھئا ۽ اھڙيءَ طرح ھندن ۽ مسلمانن ۾ افسوسناڪ محاذ آرائيءَ جو آغاز ٿيو. مسلمانن جي تسلط واري سڄي ساري عرصي ۾ ھندن پنهنجي نسل ۽ تمدن تي انتهائي فخر جو اظھار جاري رکيو، جيڪو رفته رفته اجنبين کان نفرت جي شديد مريضانه ذھنيت جي صورت اختيار ڪري ويو. اھي سڀ خوف ۽ نفرتون، جيڪي مليڇ يعني ناپاڪ ۽ غير مھذب اجنبيءَ جي تصور سان وابسته ھيون، سي سڀ ھاڻي اجنبي مسلمان جي خلاف جدوجھد ۾ استعمال ڪيون ويئون. جڏھن مسلمانن ھندستانين جا طور ۽ طريقا اختيار ڪري ۽ انهن جي عورتن سان شاديون ڪري ھندستاني زندگيءَ جي نظام سان ٺاھه ڪرڻ چاھيو، تڏھن به ھنن سان برابريءَ جو سلوڪ نه ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته اسلام جي دين ۾ ھندن جي جامدڌرم جي بنيادي تصورن لاءِ ھڪ للڪار سمايل ھئي. مسلمانن جي خلاف لاتعداد بغاوتن ۾ انهيءَ جنگجوئي واري جذبي کان بلڪل کليل نموني ۾ ڪم ورتو ويو.
    فاتح جي طرفان ھندو ڌرم سان ٺاھه ڪرڻ جي ھڪ ابتدائي ڪوشش اڪبر ھئي، پر ھن جي مقصدن کي ھندو ڌرم جي ڪٽرپڻي بي اثر بنائي ڇڏيو. اھو ڪٽرپڻو ٻنهي قومن جي درميان- ميلاپ جي راھ ۾ رڪاوٽ بنجي پيو. ان ھوندي به ھن جي ھڪٻئي سان تعاون ڪرڻ جي حڪمت عمليءَ ھندن لاءِ ھيءُ موقعو مھيا ڪري وڌو ته ھو مسلمانن جي امير طبقي تي پنهنجو اثر وجھن ۽ کين پنهنجي حلقي اندر محصور ڪن. اورنگزيب انهيءَ پاليسيءَ جي رد عمل طور انهيءَ عمل کي ابتو ڪرڻ ضروري سمجھيو، پر ھو انهيءَ مقصد جي تڪميل ڪرڻ لاءِ گھڻو دير سان وارد ٿيو ھو. ھن جي تخت نشينيءَ جي وقت تائين، مغل سلطنت زوال ۾ پھچي ويئي ھئي. ھن کي سلطنت کي بچائڻ، مرھٽن سان وڙھڻ ۽ ٻين گھڻن پريشان ڪندڙ مسئلن سان مقابلو ڪرڻو پيو.
    برطانيه جي استعماري تسلط جي خلاف لاءِ، نئشنل ڪانگريس جي ليڊرن مسلمانن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي پاليسيءَ کي وڌيڪ مربوط انداز ۾ شروع ڪيو. سن ١٨٥٧ع واري آزاديءَ جي جنگ ۽ خلافت تحريڪ، ٻنهي ۾ ھند و ۽ مسلمان پنهنجن مشترڪه مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ برطانوي تسلط جي خلاف ڪلھي ۾ ڪلھو ملائي وڙھندا رھيا. بهرحال، ٻنهي حالتن ۾ جڏھن جدوجھد ھڪ نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي، تڏھن سندن اتحاد قائم رھي نه سگھيو، جنهن جو نتيجو ا ھو نڪتو، جو ٻيئي تحريڪون چٿيون ويئون. نه ته مساوات جي بنياد تي تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ مغلن جي ڪوشش ۽ نه سامراج جي خلاف مشترڪه مقصد، اھڙي باھمي تعاون کي قائم رکي سگھيا، جيڪو جٽادار اتحاد طرف وٺي وڃي ھا.
    ڪن اھڙن ممتاز تاريخدانن، جن ھندستاني ذھن کي زوردار نموني سان متاثر ڪيو آھي، ”ڀارت ماتا“ جي تصور جي وضاحت نه صرف مادر ِ وطن طور بلڪ ھماليه کان وٺي راس ڪماريءَ تائين ھندن جي مقدس سر زمين طور پڻ ڪئي آھي. ڀارت ماتا جي لاءِ، جيڪا ” آريھ ورت“ (آرين جو وطن) آھي، تقدس ھندو ڌرم جو مرڪزي موضوع آھي، جيڪو ديومالا، فلسفه، دنيا ۾ رھندڙ جاندارن جي علم ۽ مذھب جو اھڙو عجيب ترين مرڪب آھي، جنهن جھڙو ٻيو ھن وقت تائين دنيا نه ڏٺو آھي، آريا، جن جو اولاد ھئڻ جي برھمڻ دعوي ٰ ڪن ٿا، اتر ھندستان جي رستي مشرقي ھندستان ڏانهن پيشقدمي ڪرن ۽ مقامي ماڻھن تي، جن کي ھو ” داسيو “ سڏيندا ھئا، غلبو حاصل ڪرڻ کان اڳي ڪيترين ئي صدين تائين پنجاب ۾ آباد رھيا. ھندن جا قديم ترين مقدس ڪتاب، ر ِگ ويد ۽ اپنشد رشين يعني قديم پنڊتن پنجاب جي علائقي ۾ مرتب ڪيا ھئا.
    ھندن جي قومي شعور مطابق، جنهن کي گذريل صديءَ جي ڪيترن وڏن ھند و ليکڪن ھنن جي دلين ۾ اڀاريو آھي، ننڍي کنڊ کي ھڪ وحدت تصور ڪيو ويندو آھي- خيبر جي پھاڙين کان وٺي ڏور ڏکڻ تائين ھڪ ناقابل تقسيم وحدت، جنهن ۾ اتر الھندي وارو علائقو، جيڪو ھن وقت پاڪستان آھي، ان جي دل ۽ جان جي حيثيت رکي ٿو. جاگرافيائي لحاظ کان به ھندستان انگريزن جي حڪومت واري دور کان سواءِ، يا مغل شھنشاھ اورنگزيب جي حڪومت وارن ٿورن سالن کي ڇڏي، ڪڏھن به ھڪ حڪومت جي تحت متحد نه رھيو. ان کان اڳي، اوائلي ھندستاني سلطنت، جيڪا موريا گھراڻي وارن قائم ڪئي ھئي، سڄي اتر ھندستان، بلڪ افغانستان تائين ۽ ڏکڻ واري اپٻيٽ جي ڪن حص تائين ڦھليل ھئي. ھندستان جو اثر اڀرندي طرف سمنڊ پار ڪري ڪئمبوڊيا ۽ جاوا تائين وڃي پھتو ھو. برھمڻن جو مذھبي ۽ ثقافتي اثر ۽ رسوخ ماضيءَ جي ھرھڪ ھندستاني سلطنت جي حدن جي مقابلي ۾، وڌيڪ وسيع ھو. ھندن جو مذھب ھڪ اھڙي ”چپتراپتي “ يعني آقائن جي آقا، يا ھڪ اھڙي حڪمران جي وصفن جا خاص طور ڳيت ڳائي ٿو، جيڪو پنهنجي پاڙيسرين کي فتح ڪري مٿن تسلط قائم ڪري ٿو ۽ پنهنجو غلبو ھڪ سمنڊ کان ٻئي تائين وڌائي ٿو. ماضيءَ جي عظمت جو اھڙو شعور، جنهن جي ھندو ثقافتي ۽ سياسي احياعہ لاءِ وڏن وڏن مصنفن تجديد ڪئي، ويھين صديءَ ۾ ھندستاني قوم پرستيءَ جو مکيه سرچشمو رھيو آھي. نهروءَ جو ”ھندستان جي دريافت“ (ڊسڪوري آف انڊيا) ظاھر ڪري ٿو ته ڪيئن نه انتهائي مغربي طرز ِ فڪر جو ھند و ذھن پڻ ”ھندستان جي لازمي ھندويت“ جي جادوءَ جي اثر جو شڪار ٿي پيو.
    ياريھن صديءَ ۾، مسلمانن جي وڏي تعداد ۾ وارد ٿيڻ، ھندن کي نه فقط سياسي اقتدار کان محروم ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ ملڪ جي غالب مذھب جي وقار کي پڻ زبردست ڌڪ ھنيو. ھڪ ھندو ليکڪ، ھندو- مسلم تصادم جو تجزيو ڪندي لکي ٿو:
    ”مسلمانن جي ھٿان ھندستان جي تسخير، ھند و قوم لاءِ ذات پات جي ڀيد ڀاءَ واري نظام جي ذريعي بي ضرر نه ٿي سگھي. اھا تسخير در حقيقت، ھڪ اھڙي محڪم ۽ باشعور معاشري جي ھڪ نئين ملڪ ۾ توسيع ھئي، جنهن وٽ زندگيءَ جو پنهنجو ترقي يافته طريقو ۽ زنده ثقافت موجود ھئي. ھندستان جي آخري تسخير ھڪ اھڙي مسلمان بادشاھه جي مھم ھئي، جنهن جي حڪومت جو مکيه علائقو ھندستان کان ٻاھر واقع ھو، پر پوءِ به جڏھن نئين مسلم سلطنت جي تابعداريءَ جو خاتمو ھڪ ٻِاھرين مسلم سلطنت طرفان ٿيو، جيئن اھو جلد ئي عمل ۾ آيو، تڏھن به مسلمانن جي اھا حڪومت ھڪ اھڙي بيٺڪي قوم جي حڪومت رھي، جنهن وسيع تر اسلامي دنيا سان پنهنجي الحاق کي ڪڏھن به نه وساريو.
    ”اڃا به وڌيڪ اھم ڳالهه ھيءَ ھئي ته مسلمان قوم ثقافت جي انتهائي ھيٺانهين سطح واري وحشي قوم ڪا نه ھئي، جيڪا ھندن جي حلقي ۾ پنهنجي داخلا کي پاڻ لاءِ عزت ۽ افتخار جو باعث سمجھي ھا. ان جي برعڪس، ھو پاڻ نه فقط ھڪ نئين ۽ جارحانه ثقافت جا خالق ۽ محافظ ھئا، پر کين ٻين ثقافتن مٿان برتريءَ جو جنون جي حد تائين يقين پڻ ھو، ۽ سندن خيال ھو ته ان جي تبليغ زبردستيءَ سان ڪرڻ پڻ سندن فرض ھو. سندن مذھب در حقيقت، ھڪ مسلمان لاءِ انهيءَ فرض کي ھڪ نهايت اھم، حالانڪ اختياري فريضھ بنائي ڇڏيو ھو. تاريخ ۾ اھي پھريان ماڻھو ھئا، جن زندگيءَ جي ھڪ مخصوص طرز ۽ باقي ٻين سڀني طرزن جي درميان ھڪ ناقابل ِ تصفيه تصادم جو خيال پيش ڪيو ۽ جن مستقل انقلاب جي نظريي جي تشڪيل ڪئي. ھنن اعلان ڪيو ته جيستائين سڄي دنيا سندن دين قبول نه ڪندي، تيستائين دنيا ۾ امن ۽ سڪون قائم ٿي نه ٿو سگھي.
    ”ڄڻ ته اھو مشڪل مسئلو اڃا ڪافي نه ھو، جو ھندن وري پنهنجي طرفان ان کي اڳتي وڌائڻ ۾ ھڪجيترو حصو ورتو. جيئن مون مٿي چيو آھي، جنهن وقت ڌاري نوان حملا شروع ٿيا. تنهن وقت تائين ھندن ۾ جيڪا به جاذبيت جي قوت ۽ مطابقت جي صلاحيت ھئي، سا ھو سڄي وڃائي ويٺا ھئا۽ ھو ھڪ اھڙي بند معاشري جي صورت ۾ ٺري چڪا ھئا، جنهن ۾ خود پنهنجي برتريءَ جو عقيدو جنون جي حد تائين وڌيل ھو. چنانچھ، ھاڻي مسلمان کي ته ڇڏيو، ڪنهن غير جانبدار ۽ غير ملڪيءَ کي به پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه پئي ٿيو.“(1)
    مسلمانن جي ھٿان ڌڪ کائڻ جي احساسن ھئڻ ڪري، جنهن ۾ مذھبي عقيدي جي ڪري وڌيڪ شدت اچي ويئي ھئي ۽ جيڪو صدين جي نفرت ۽ حقارت تي پلجي چڪو ھو، تنهن جي تحت سڀني ھندو تنظيمن مسلمان اقليت کي پنهنجي اندر جذب ڪرڻ جي خيال کي ھميشه پنهنجي سياسي منزل ِ مقصود جو ھڪ حصو سمجھيو آھي، جن ۾ اختلاف فقط طريقن جو آھي. ھند مھاسڀا ۽ آر-ايس-ايس(راشٽريھ سوايھ سيوڪ سنگھھ) تشدد روا رکڻ ۽ مسلمانن کي شڌ ڪري ھندو سماج ۾ انتهائي ھيٺيانهين سطح تي زوريءَ شامل ڪرڻ جو قسم کاڌو ھو. گانڌيءَ جا طريقا ڪجهه پراسرار ھئا. ھو اڪثر ڪري مسلمانن کي پنهنجو رت – ڀائي سڏيندو ھو، ۽ انهيءَ قسم جون بيشمار خاطريون ڏيندو ھو ته ڪانگريس حڪومت جي تحت ھندستان ۾ ھنن جي حفاظت ڪئي ويندي. پر جڏھن به کيس چيو ويندو ھو ته انهن حقن، آزاد ھندستان ۾ مسلمانن جي حصي جي وضاحت ڪري، ته ھو ھميشه ڪنهن صاف جواب ڏيڻ کان ڪترائي ويندو ھو. نهروءَ جي ڪئمبرج جي تعليم يافته ھئڻ ۾ مارڪسي فلسفي کي تسليم ڪرڻ جي دعوي ٰ جو ذڪر ته ڇڏيو، پر ھن جي مسلم ثقافت سان تعلق ھئڻ جي پس منظر جي باوجود، ھو ننڍي کنڊ ۾ ھڪ جدا مسلم ثقافت جي وجود جي خيال کي ئي مسترد ڪري ڇڏيندو ھو. ھو پڇندو ھو، ” اھا مسلم ثقافت ڇا ٿيندي آھي؟ ڇا، اھا آريائي- ايراني ثقافت آھي يا عربن جي سامي ثقافت؟“ ھو ھڪ ھندوءَ ۽ مسلمان ۾ جيڪو ھڪ ئي فرق ڏسي سگھندو ھو، سو اھو ھو ته ھڪ ھند و ڌوتي ٻڌندو ھو ۽ ھڪ مسلمان پاجامو ۽ ترڪي ٽوپي پائيندو ھو.
    نـِراد-سي-چوڌري ھندو جنگجوئيءَ واري مزاج جي باري ۾ لکي ٿو:
    . سڄي زندگيءَ جي مشاھدي مون کي يقين ڏياريو آھي ته ھندن ۾ چريائيءَ جي ھڪ ڌارا آھي ۽ ڪو به ماڻھو ھيءَ ڳالهه اڳواٽ تسليم ڪرڻ سان ته ھندو معياري شخصيت جا مالڪ آھن، سندن نجي۽ عام اطوار جو صحيح اندازو ڪري نه سگھندو. اھو جنون سندن روزمره زندگيءَ ۾ ماليخوليا وانگر لـِڪو ويٺو آھي، ۽ انهيءَ بيگانگيءَ کي ھڪ ماھر نفسيات جي اصطلاحن ۾ پڻ سمجھائي سگھجي ٿو- اھو ڪجهه حد تائين ته ” پيرانويا“ آھي ۽ ڪجهه قدر ذھني انشقاق آھي. ھندن جي سڀني ڪمن ۾، خاص طور انهن ۾ جيڪي عام معاملن سان واسطو رکن ٿا، يا ته دماغي ضعف يا ذھني ڏنگائي جون واضح علامتون ملن ٿيون.
    جيڪڏھن ڪوئي ھن دعوي ٰ تي کلي ٿو ته آءٌ کيس چوندس ته ھو جرمن ۽ جپاني قومن جي تازي تاريخ کي ياد ڪري، جن انسانذات تي به تباھڪن جنگيون مسلط ڪيون. جرمن تاريخ جي نازي عھد جي باب جي يا آمريڪين سان جنگ ڇيڙڻ جي جپاني ڪوشش جي تشريح انهن ٻنهي جي وقتي اجتماعي جنون کان سواءِ ڪنهن به ٻئي مفروضي سان نه ٿي ڪري سگھجي. انهن مثالن مان آءٌ ھن نتيجي تي پھتو آھيان ته فردن وانگر انساني گروھ پڻ پاگل بنجي پوندا آھن. مون فقط انهيءَ نظريي جو اطلاق ھندن تي به ڪري ڇڏيو آھي. پر ھندن ۾ سندن اجتماعي ديوانگيءَ ۾ ٻه اھم فرق به ظاھر ٿيا آھن: ھڪ اھو ته انهن جو ديوانگيءَ جو رويو اظھار ۾ ذره ڪمزور ھوندو آھي، ۽ انڪري اھو باقي انسانذات لاءِ تباھيءَ جو گھٽ باعث رھيو آھي، حالانڪ خود انهن لاءِ ڏاڍو نقصانڪار ٿيو آھي، ٻيو ته اھا دائمي ۽ مسلسل آھي ۽ ان مان ھيءَ توقع نه ٿي رکي سگھجي ته جرمنن ۽ جپانين جي جنون وانگر ھنن جي ديوانگي پڻ گذري ويندي. “(1)
    ھيءَ ڳالهه معني ٰ خيز آھي ته مسلم ليگ جو بنياد 1906ع ۾ ڪانگريس جي انتها پسندن جي غلبي واري دور جي دوران پيو. ھن صديءَ جي ٽين ۽ چوٿين ڏھاڪي جي دوران ڪانگريس جو ڪليدي لفظ ”سنگٺن“ ھو، يعني استحڪام، يڪجھتي ۽ باھمي مضبوطي. راشٽريھ سوايم سنگھھ جو بنياد سن 1925ع ۾ رکيو ويو. سن 1923ع ۾، جڏھن مرحوم مولانا محمد علي جوھر مشھور خلافت تحريڪ ۾، ڪانگريس سان ھڪ اشتراڪ عمل ڪري رھيو ھو، تڏھن وي. ڊي. ساورڪر ھڪ ڪتاب ”ھندوستوا“ شايع ڪيو ھو، جيڪو اڄ تائين ھند و قوم پرستن جي ذھن کي متاثر ڪري رھيو آھي. ساورڪر ”ھند و“ لفظ جي جيڪا تشريح ڪئي آھي، سا پر معني ٰ آھي. اھا تشريح ھيئن آھي: ” ھندو اھو ماڻھو آھي، جيڪو سنڌو نديءَ کان وٺي سمنڊن تائين ڀارت ورش جي ھن ڌرتيءَ کي پنهنجو آبائي وطن، توڙي پنهنجي مقدس سر زمين يعني پنهنجي مذھب جو گھوارو يا پنهنجي مذھب جو گھر تصور ڪري ٿو.“” ھندوستوا“ ھند و نسل جي سڄي وجود جي فڪر جي سڀني گوشن ۽ ان جي سڄي سرگرميءَ تي حاوي آھي.(1) ھند و ھڪ قوم ھئا، مسلمان فقط ھڪ دفعو.
    ھاڻي جڏھن ته مسلمان پنهنجو ھڪ جدا وطن تشڪيل ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي، تڏھن ھو ھندو مت لاءِ ھڪ وڌيڪ وڏو چئلينج بنجي پيو آھي. پاڪستان کي ”ڀارت ماتا“ جي عضون جي ظالمانه ڪاٽ ڪوٽ جو نتيجو سمجھيو وڃي ٿو، ۽ ھند و جنگجوئيت رسا ڇنائڻ لڳي آھي. پٽيل ھڪ دفعي چيو ھو ته جيڪڏھن ھندستان چاھي ته اھو پشاور تائين ميدان صاف ڪري سگھي ٿو. سن1947ع۽ سن 1954ع جي درميان ٽي دفعا نه، ته ٻه دفعا ته ان بين الاقوامي مذمت ۽ ٻين نتيجن جي خوف کان انهيءَ قسم جي مھم شروع ڪرڻ کان پاڻ کي روڪيو ھو. ان ھوندي به سن 1965ع ۾ دغابازيءَ وارو حملو ٿيو، ھندستاني فوجي نظام ھن وطن پرستانه خوش فھميءَ ۾ مبتلا ھيو ته اھو پاڪستان تي غلبو حاصل ڪري سگھندو.
    ھندستاني اڳواڻن فقط ان صورت ۾ پاڪستان قبول ڪيو، جڏھن کين واضح طور نظر آيو ته ملڪ جو ورھاڱو اڻٽر آھي ۽ کين برطانيه جي ھٿن مان ھندستاني ھٿن ۾ اقتدار جي منتقليءَ لاءِ تقسيم کي قيمت طور ضرور مڃڻو پوندو. پاڪستان لاءِ رضامند ٿيڻ وقت به گانڌي، نهرو، پٽيل ۽ ٻين حقيقت ۾ ٻن قومن وارو نظريو تسليم ئي نه ڪيو ھو. ھنن تقسيم جي تلخ فيصلي کي ھن اميد تي قبول ڪيو ھو ته نئين مملڪت زنده رھڻ جي قابل ئي نه ھوندي ۽ اھا پنهنجي وڏي ۽ وڌيڪ طاقتور پاڙيسريءَ جي دٻاءَ ھيٺيان دٻجي ويندي.
    ھندستان جو آزاديءَ واري وقت کان وٺي پاڪستان ڏانهن رويو سڀني کي معلوم آھي. جھوناڳڙھھ، ڪشمير ۽ حيدرآباد تي قبضي جا واقعا ايترا ته تازا آھن، جو انهن کي ورجائڻ جي ضرورت ڪانهي. ھندستان کي ھن ڳالهه ۾ ڪڏھن به ڪو تضاد نظر ڪو نه آيو ته ھو جھونا ڳڙھھ ۽ حيدرآباد تي ته ھن سبب ڪري دعويدار آھي، جو انهن ۾ غالب اڪثريت ھندن جي آھي، پر انهيءَ اصول کي ھو ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ رد ڪري ٿو، جتان جي آباديءَ جي وڏي اڪثريت مسلمان آھي. ان جي بجاءِ ھندستاني رھنمائن لاديني رياست ۽ جمھوريت ۽ يرغمال جي اصول جي تصورن کي غلط انداز ۾ استعمال ڪيو، ته جيئن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي سندن ناقابل تنسيخ حقن کان محروم ڪري سگھجي.
    انهن تاريخي ۽ نفسياتي اسبابن جي روشنيءَ ۾، جيڪي پاڪستان متعلق ھندستاني نظرين کي متعين ڪن ٿا، ھيءَ ڳالهه ظاھر آھي ته ھندستاني ليڊر پاڪستان کي ھن ڪري گوارا ڪرڻ تي آماده ٿيا، جو انهن ۾ ان کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ جي قوت ڪانه ھئي. جيڪڏھن ھو اھڙي طاقت گڏ ڪري سگھيا، جيئن اھي پنهنجي فوج وڌائڻ ۾ جي شڪل ۾ ڪوشش ڪري رھيا آھن، ته اھي تقسيم کي ختم ڪري ڇڏيندا، ۽ پاڪستان کي وري پنهنجن خوابن واري ھندستان ۾ ضم ڪري ڇڏيندا. ھنن پاڪستان کي پنهنجو مکيه دشمن قرار ڏنو آھي. نهروءَ ۽ ھن جي جانشينن جي تحت، ھندستان جي سياست گريءَ جو سڄو مقصد اھو رھيو آھي ته اسان جي ملڪ کي الڳ ٿلڳ ڪرائين، ته جيئن ان وقت جڏھن ھندستان ڪافي طاقت پيدا ڪري وٺي ته ھو جيتريءَ به خاموشيءَ ۽ تيزيءَ سان ممڪن ٿئي، اسان تي قابو حاصل ڪري پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏي.
    پاڪستان جو باني، محمد علي جناح ”ھند و –مسلم اتحاد جي سفير“ جي نالي سان مشھور ھو ۽ انڊين نئشنل ڪانگريس ھن کي پنهنجي تحريڪ جو نمائندو سمجھندي ھئي. ھن پنهنجي سياست زندگيءَ جي عروج جي زماني ۾ پوري جوش ۽ جذبي سان انتهائي ڪوششون ڪيون ته ھندستان جي آزاديءَ جي مقصد کي اڳتي وڌائي ته جيئن ھند و ۽ مسلمان ھڪ ئي مملڪت ۾ پاسي ۾ پاسو ملائي رھي سگھن ۽ ھڪ ئي ڇت ھيٺان آزاديءَ سان ھمنڪار ٿي سگھن. ھيءَ حقيقت، ته ھو انهيءَ مقصد ۾ ناڪامياب ٿيو، پنهنجي جاءِ تي ڏاڍي معني ٰ خيز آھي. انهيءَ طرح جي ناڪامي ھن کان ننڍي ماڻھوءَ کي مايوس ڪري ڇڏي ھا. مسٽر جناح، جنهن جي يڪسوئي ۽ ڪم ڪرڻ جي قوت، ھڪ داستان بنجي چڪي آھي، ناڪاميءَ جي ڪري منهن موڙڻ وارو نه ھو. تجربي ھن تي واضح ڪري ڇڏيو ھو ته ھندستاني رھنما مسلمانن جي تعاون جا خواھان ته آھن، پر برابر درجي وارن شھرين جي حيثيت ۾ نه، بلڪ سندن الڳ حيثيت ۽ شناخت کي ختم ڪرڻ لاءِ. ڪجهه سالن لاءِ ھو ھندستاني سياست جي پيچيدگين کان جدا ٿي ملڪ کان ٻاھر ھليو ويو. جڏھن مولانا محمد عليءَ جھڙن مسلمان ليڊرن کيس درخواست ڪئي، تڏھن ئي ھو پنهنجي تاريخي فرض جي تڪميل لاءِ وطن واپس موٽي آيو. پنهنجي سابق تجربي کان مستفيض ٿي، ھاڻي ھن اھوئي ھڪ منطقي رستو اختيار ڪيو، جيڪو ھن لاءِ کليل ھو يعني ھن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي محڪوم بنائڻ لاءِ ڪانگريس جي آرزوئن کي بي نقاب ڪرڻ شروع ڪيو. مسلم ليگ لاءِ ھن ڀرپور محاذ آرائيءَ جي حڪمت عملي تشڪيل ڏني، ۽ انهن سڀني ترغيبن ۽ تعاون جي وعدن جي مقابلي ۾، جن جي ذريعي ڪانگريس سندس ڌيان ڦيرڻ ۽ کيس پنهنجي طرف ڪشش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي، ھن ڏاڍي مستقل مزاجيءَ سان گوڏن جھڪائڻ کان بلڪل انڪار ڪيو. ھو پنهنجن مقصدن جي پيروي ڪرڻ ۾ نرم ٿيڻ وارو ڪو نه ھو، ۽ ھو مسز سروجني نائڊو جي مٺن ٻولن يا گانڌيءَ جي جادو اثر ڪلام جي زور کان متاثر ٿي پنهنجي لاءِ متعين ڪيل راھ تان ھٽڻ وارو ڪو نه ھو.
    ھند و مسلم اتحاد جي تائيد ۽ حمايت کي ترڪ ڪري پاڪستان جي بانيءَ اسان لاءِ ھڪ اھڙو سبق ڇڏيو آھي، جيڪو وقت گذرڻ سان پنهنجي معقوليت ۾ وڌيڪ واضح ٿيندو رھيو آھي. ھيءَ حقيقت، ته ننڍي کنڊ جا ھند و ۽ مسلمان ٻه علحده قومون آھن، پاڪستان جي تعمير جو بنياد بني. جڏھن اھا ڳالهه سڀ کان اول مسلمانن جي سياسي منزل ِ مقصود طور پيش ڪئي ويئي ته نه فقط انڊين نئشنل ڪانگريس ۽ برطانيه وارن طرفان، بلڪ ڪيترن ئي ممتاز مسلمانن طرفان پڻ، مسلم ليگ جي اڳواڻن تي ٺٺولي ڪئي ويئي. اھا ڳالهه ھنن کي بعيد از قياس معلوم ٿي رھي ھئي ته برطانوي تاج جي سڀني کان وڌيڪ قيمتي ھيري جي حيثيت سان اٽڪل ٻن صدين تائين ھڪ ئي پاڃاريءَ ھيٺان زندگي گذارڻ کان پوءِ ملڪ جا ٻه جدا جدا ٽڪرا ڪيا ويندا. بعد ۾ ظاھر ٿيل واقعا، ھاڻي تاريخ جو ھڪ حصو بنجي چڪا آھن. پاڪستان ھڪ غالب اڪثريت جي عوامي فيصلي جي بنياد تي حاصل ڪيو ويو، جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي انهن مسلمانن سميت، جن کي معلوم ھو ته اھي پاڪستان ۾ ان جي ھڪ حصي طور شامل نه ٿي سگھندا، تن جي وڏي اڪثريت پڻ ان جي تخليق جي حق ۾ ووٽ ڏنا.
    ھن مرحلي تي انهن خيالن تي غور ڪرڻ فائديمند ٿي سگھي ٿو، جن حڪومت تان دستبردار ٿيندڙ طاقت کي متاثر ڪيو. برطانيه اھو فيصلو ڪري ڇڏيو ھو ته ان جو پنهنجي سامراجي حڪومت کي وڌيڪ عرصي لاءِ قائم رکڻ مصلحت جي خلاف آھي. پر ھو سلطنت جي قصي ختم ٿيڻ کان پوءِ پنهنجن گھڻن ئي مفادن تي تحفظ جي ضرورت کان بي خبر به ڪو نه ھو. ضروري ھو ته ننڍي کنڊ جي تقسيم برطانيه جي باقي بچيل مفادن سان ھم آھنگ ھجي، جنهن ڪري جانشين حڪومتن جو قيام ان طرح عمل ۾ آندو ويو ته برطانيه جي سلطنت جي خاتمي کان پوءِ به ان جا مفاد محفوظ رھن. برطانيه ھندستان جي مخلص ترجمان لارڊ مائونٽ بيٽن جي ذريعي نه فقط پاڪستان جي ڪاٽ ڪوٽ ڪرڻ، پر پاڪستان جي خلاف ھندستان کي تمام گھڻن فائدن پھچائڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويو. اتر الھندي سرحدي صوبي ۽ اوڀر پاڪستان جي سلھٽ ضلعي ۾ راءِ شماريون ڪرايون ويئون. ٻنهي صورتن ۾ نتيجا پاڪستان جي حق ۾ ووٽن جي غالب اڪثريت جي صورت ۾ ظاھر ٿيا. قلات کي اھو مشورو ڏنو ويو ته ھو بلوچستان جي پاسي وارن علائقن سان ملي آزاديءَ جو اعلان ڪري. برطانيه سرڪار ھر ممڪن موقعي مان فائدو وٺي پاڪستان جي خلاف توازن کي بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پنجاب کي تقسيم ڪيو ويو ۽ پاسي وارين ايراضين ۾ آباديءَ جي تناسب جي مطابق تقسيم جي اصولن جي صريحا خلاف ورزي ڪندي، مسلمانن جي غالب آباديءَ وارا وسيع علائقا جيڪي امرتسر جي پسگردائي تائين ڦھليل ۽ فيروزپور ۽ گورداسپور تي مشتمل ھئا، ڌانڌ لبازيءَ سان ھندستان جي حوالي ڪيا ويا. آسام کي ڇڏي بينگال کي تقسيم ڪيو ويو، ۽ ھندستان کي اھڙا ملائيندڙ رستا ڏنا ويا، جن ان کي اتر ۾ ڄمون ۽ ڪشمير سان ۽ اوڀر ۾ آسام ۽ تريپوره سان ڳنڍي ڇڏيو. اتر بينگال ۾ ھندستان کي مھيا ڪيل صوبي آسام سان ملائيندڙ ھڪ اھڙي رستي ان کي نيپال جي ڏاکڻين سرحدن سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ ان کي اھڙيءَ طرح چين جي سرحد سان ملندڙ ھماليائي رياستن، سڪم ۽ ڀوتان تائين رسائي ڏني ويئي. ڪنهن به حالت ۾ پاڪستان کي علائقي جي تقسيم يا ان جي ٻين مطالبن سان واسطو رکندڙ شڪ جو فائدو نه ڏنو ويو.
    ننڍي کنڊ ۾ ان وقت جي صورتحال جي پيش ِ نظر برطانيه سرڪار ساھميءَ جي پڙ کي ھندستان جي حق ۾ جھڪائڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪجهه نه پئي ڪري سگھي. برطانوي حڪومت، انڊين نئشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي درميان ٿيل ٺاھه جي نتيجي ۾ اقتدار جي منتقلي پرامن طريقي سان ٿيڻ گھربي ھئي، پر جنهن انداز سان حڪمران طبقي تقسيم جي ڪارروائي ڪئي، تنهن مان پاڪستان جي خلاف ان جي تعصب جو کليو کلايو اظھار ٿيو. پاڪستان کي نظم و نسق، دفاع ۽ ماليات جي سلسلي ۾ ٿوري کان ٿورين ضرورتن تائين به ڪجهه مھيا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي. ملڪ کي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ويو. امن امان قائم رکڻ، سرماين، فوجي اسٽورن ۽ اسٽرلنگ جي بقايائن جي تقسيم ڪرڻ، بلڪ رقمن جي منتقليءَ جي سلسلي ۾ پڻ ھندستان کي پاڪستان جي شاھ رڳ تي گرفت جي اجازت ڏني ويئي. مطلب اھو ھو ته مسلمانن کي خود اراديت جي حق حاصل ڪرڻ جي سزا اھڙيءَ طرح سان ڏني وڃي، جو انهن کي ھڪ ڪمزور ۽ بي جان ڪيل ملڪ ڏنو وڃي، جيڪو غير مارڪسي مفھوم ۾ جلدئي ڪومائجي ختم ٿي وڃي.
    ھيءَ ڳالهه سمجھڻ مشڪل ناھي ته ھندستان کي ھن يقين جي آڌار تي قوت ڇو حاصل ٿي آھي ته ھڪ ڪمزور ۽ الڳ ٿلڳ رھجي ويل پاڪستان ان لاءِ فائديمند ٿيندو. جڏھن ننڍي کنڊ جي اٽڪل روءِ سڄي مسلم آباديءَ پاڪستان لاءِ وٽ ڏنو ھو ته ان دراصل انهيءَ پاڪستان لاءِ ووٽ ڏنو ھو، جيڪو اولھه ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ اتر الھندي سرحدي صوبي، اوڀر ۾ بينگال ۽ آسام ۽ ٻين اھڙين رياستن تي مشتمل ھوندو. جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت ھئي. ھندستان محسوس ڪيو ته ھو انهيءَ لولي لنگڙي پاڪستان کي، جيڪو آخرڪار وجود ۾ آيو، ختم ڪري سگھندو. اوڀر پاڪستان کي خاص طور ڌڪ پھچائڻ جي قابل سمجھيو ويو، انهيءَ ڪري اتي انتشار ۽ تخريبي طاقتن کي بي لگام ڇڏيو ويو. پر ھندستان اسان جي ملت جي عزم، حب الوطني ۽ قومي وقار جي جذبي جو اندازوئي نه ڪيو ھو. کيس يقين ھو ته ھي ملڪ ھندستان سان پنهنجي تجارتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڃائي زنده نه رھي سگھندو. انهيءَ تخميني جي بنياد تي ھندستان پاڪستان جي اقتصادي ناڪھ بندي شروع ڪري ڏني، پر پاڪستان ان جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. پر ڏيھي واپار وڌايو، ملڪي ڪچي مال مان ڪارخانن ۾ مال بنائڻ شروع ڪيو ويو، ۽ شروعاتي خلل اندازيءَ جو مقابلو ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ھڪ اھڙي نئين دؤر ۾ داخل ٿيڻ جي لائق بنجي ويو، جنهن ۾ ان جو اقتصادي ڍانچو درجي بدرجي ھندستان جي اقتصادي اڳرائيءَ جي مقابلي ڪرڻ جي قابل ٿيندو ويو. انهن مسئلن تي حاوي پوڻ ۾ پاڪستاني عوام جي مقصد جي خلوص ملڪ کي بچائي وڌو. جيڪڏھن پاڪستان پنهنجي ارادي ۾ ڪمزور ٿي پوي ھا ته ھندستان ڪيترن ئي ٻين طريقن سان پنهنجي گرفت مضبوط ڪري وٺي ھا. خوش قسمتيءَ سان پاڪستان ڪمزوريءَ جو مظاھرو نه ڪيو ۽ ان نه فقط اقتصادي ناڪھ بنديءَ کي ٽوڙي ڇڏيو، بلڪ پنهنجي اقتصادي نظام کي ھندستان کان وڌيڪ بي نياز ڪرڻ لاءِ مثبت اقدام پڻ ڪيا.
    اسان جي داخلي معاملن ۾ جنهن به قسم جي صورتحال جو خيال ڪري سگھجي ٿو، تنهن کي ھندستان اسان جي مشڪلات کي وڌائڻ ۽ اسان جي قومي استحڪام کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي برابر ڪوشش ڪندو رھي ٿو. اھو ڪو محض اتفاق ڪونهي ته ھندستان ۽ پاڪستان جي ھر تڪرار جي شروعات ھندستان طرفان ڪنهن نه ڪنهن دشمنيءَ جھڙي قدم سان ٿئي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير جي جھڳڙي جي ابتدا، سن 1948ع ۽ 1950ع جي اقوم متحده ۽ ٻين جي ٺھرائن طرف متوجھ ڪندڙ واقعا، اقوام متحده ۽ ٻين طرفان ٺاھه ڪرائڻ لاءِ ڪوششون، ٻه- طرفيون ڳالھيون ٻولھيون، ھندستان طرفان ھر ٺاھ کي ناڪام بنائڻ جون لڳاتار ڪوششون ۽ آخر ۾ باضابطھ بين الاقوامي وعدن کان ان جي روگرداني-اھي سڀ مسلسل ڪينه پروريءَ جي ھڪ داستان جا مختلف جزا آھن.
    ھندستان جي پنهنجي ملڪ مان مسلمانن کي بدر ڪرڻ جي حڪمت عمليءَ ۾ ڪنهن به شڪ و شبهي جي گنجائش باقي نه ٿي رھي ته ان جو وڏي کان وڏو مقصد پاڪستان کي نيست و نابود ڪرڻ آھي. ننڍي کنڊ ۾ ڪم عقل کان ڪم عقل انسان به ھاڻي انهيءَ فاسد دور کي سڃاڻي ويو ھوندو، جنهن ۾ فرقيوارانه بدامني، ھجرت، ان جو ردعمل ۽ ابتي طرف ھجرت جو ھڪ بڇڙو دائرو ٺھي پيو ھو. اسان جي حالتن ۾ اھا ڳالهه ظاھر آھي ته ھڪ ملڪ ۾ اقليتن تي ظلم ۽ زبردستيءَ جي سلسلي جو اڻٽر نموني ۾ ٻئي ملڪ ۾ ڦھلجڻ لازمي ٿئي ٿو. ان کان علاوه، ھيءَ بلڪل متوقع ڳالهه آھي ته جيڪڏھن اھڙي جبر ۽ تشدد جي سبب کان ڪا نمايان ھجرت ٿي ته ان کان اڪثريتي فرقو مشتعل ٿي ويندو، اقليتن فرقي جي ماڻھن ۾ بي آرامي ڦھلجندي ۽ امن و امان جي صورتحال ۾ ھڪ سنگين ۽ تمام وڏو بحران پيدا ٿي پوندو. ھندستان، آسام جي مسلمانن کي پريشان ڪري اتان ھڪالي ڪڍڻ لاءِ ھڪ سوچيل سمجھيل ۽ ديده و دانسته منصوبو سٽيو. ھزارن ماڻھن کي، نه فقط سندن بنيادي انساني حقن جي پرواه نه ڪندي، بلڪ ان مان پيدا ٿيندڙ ھنگامي کان پڻ اکيون بند ڪري گھرن کان ٻاھر ڪڍي سرحد پار ڌڪيو ويو. ھندستان ۾ فرقيوارانه فسادن جي ڊگھي سلسلي جي ڪري ان ملڪ جا ڇھن ڪروڙن کان به وڌيڪ انسان دائمي خوف ۽ ھراس جي حالت ۾ زندگي بسر ڪري رھيا آھن. 64-1963ع جي سياري واري موسم ۾ فساد، لٽ مار، ۽ آتشزنيءَ جي واقعن رونما ٿيڻ ڪري فقط اولھه بينگال ۾ ڪيترن ئي مسلمانن جون جانيون ضايع ٿيون ۽ اوڀر پاڪستان طرف مسلمانن جي ھجرت جي ھڪ تازي لھر اٿڻ لڳي. ھيڏانهن، پاڪستان سرڪار جي ھر ڪوشش جي باوجود، ڪجهه اھڙا افسوسناڪ واقعا پيش آيا، جن ۾ غضبناڪ مسلمانن اقليتي فرقي جي ماڻھن کان انتقام ورتو.
    ھيءَ ڳالهه نهايت اھميت واري آھي ته ھندستان ڄاڻي ٻجھي مسلم اقيلت کي ملڪ بدر ڪرڻ جي راھ ِ عمل اختيار ڪئي، جنهن جو شڪار سڌيءَ طرح زد ۾ ايندڙ اقليتي فرقي مسلمانن کان سواءِ پاڪستان ۾ رھندڙ ھندو به ٿيا. ان جي مقصد کي سمجھڻ ڪو مشڪل ڪم ناھي. ھندستان اوڀر پاڪستان جي اندر ته گڙٻڙ ڦھلائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ھو، انڪري ھاڻي ان تي مسلسل ٻاھريون دٻاءُ وجھڻ جو انتظام ڪيو ويو. ھندستاني مسلمانن کي ٻاھر ڪڍي، ھندستان نه فقط اوڀر پاڪستان کي ھزارن جي آبادڪاريءَ جو بار کڻڻ لاءِ مجبور ڪري پئي سگھيو، بلڪ ھندو اقليت جي سلامتيءَ جي ذميداري پڻ ان جي مٿان مڙھي پئي سگھيو. انهيءَ ٻـِٽي دٻاءَ جو مقصد اھوئي رھيو آھي ته اوڀر پاڪستان کي ڪمزور ۽ اتان جي حالات کي مستقل طور ھيجاني ڪيفيت ۾ رکيو وڃي. اھڙيءَ طرح پنجاھ لک مسلمانن کي ھندستان کان اوڀر پاڪستان طرف ڌڪي ڪڍيو ويو آھي، جنهن کان اسان جي معيشت تي تمام وڏو بار پيو آھي ۽ نيون ڪشيدگيون ۽ نظم و نسق لاءِ نوان مسئلا پيدا ٿيا آھن. 6-سيپٽمبر 1965ع تي جيڪا جنگ، بين الاقوامي سرحدن کي لتاڙي لاھور تي مسلط ڪئي ويئي، سا ھندستان ۽ پاڪستان جي تعلقات جي تاريخ ۾ ھڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. انهيءَ تاريخ تي ھندستان نيٺ انهيءَ حد کي اورانگھي ڇڏيو، جتان کان واپسي محال ھوندي آھي.
    تمام طويل وقت کان وٺي ڀارت جا پرچارڪ ھيءَ دعوي ٰ ڪندا رھيا آھن ته ڀارت جي ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي قيادت کي ھندو ڪش جبلن کان وٺي ميڪانگ نديءَ تائين عمل پيرا ٿين گھرجي. ھندستان جي سڄي تاريخ ۾ ھندو سياسي مفڪرن انهيءَ موضوع کي ايتري تفصيل سان ۽ ايتريقدر لڳاتار پيش ڪيو آھي، جو اھو بذات خود انهيءَ روايت جو ھڪ حصو بنجي پيو آھي، جيڪا جديد ھندستان کي ورثي ۾ ملي آھي. اٽڪل ھڪ ھزار سال ٿيڻ وارا آھن، جو ھندستان انهيءَ لائق ھو ته انهيءَ شاندار منزل طرف قدم وڌائي سگھي، پر انهيءَ ڳالهه کان ھندن جي غير متزلزل معمع ِ نظر جي نه شدت گھٽ ٿي آھي ۽ ان جي وسعت ۾ ڪا ڪمي آئي آھي. انهيءَ مقصد طرف پھريون قدم ھيءُ آھي ته پاڪستان کي بي اثر بنايو وڃي، پر ” اکنڊ ڀارت “ جو نيم– مذھبي نظريو نيٺ به پاڪستان جي خاتمي جو متقاضي آھي.

    ________________________________________
    (1) نـراد- سي- چوڌري:” دي ڪانٽيننٽ آف سرسي“ 1965، ص-63.
    (1) نـِراد- چوڌري: ” دي ڪانٽيننٽ آف سرسي“ 1965، ص117-118.
    (1) ”ھند و ستوا“ – 1942، ص-4


    باب اوڻيهون: ھندستان سان مقابلو

    ھندستان جي خارجه پاليسيءَ جو سڀني کان وڏو مقصد اھو رھيو آھي ته پاڪستان کي الڳ ٿلڳ ڪري ڇڏجي. ابتدائي ڏينهن ۾ ھن ڳالهه جي پيش ِ نظر ته پاڪستان جا وچ اوڀر سان رشتا آھن، ھندستان پاڪستان جي خلاف عرب دنيا ۾ پنهنجو سفارتي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. جڏھن اسان پنهنجي بچاءَ ۾ آمريڪا جي طرف رخ ڪيو، تڏھن ھندستان انهيءَ ملڪ سان اسان جي باھمي دفاع جي انتظامن جي مذمت ڪئي.
    سينٽو سان روس جي وير جو فائدو وٺي ھندستان سوويت يونين سان سياسي، اقتصادي ۽ فوجي معاملن ۾ تعاون جي ھڪ جامع رٿا تي عمل شروع ڪيو، ته جيئن پھريائين مغربي ملڪن سان پاڪستان جي اتحاد جو ٽوڙ ڪيو وڃي ۽ پوءِ پاڪستان ۽ سوويت يونين جي تعلقات جي راھ ۾ وڌيڪ دشواريون حائل ڪيون وڃن. ھندستان جو ابتدائي مقصد اھو ھو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ عاليشان منصوبن کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ پاڪستان کي عوامي جمھوريه چين کان بلڪل علحدھ ڪيو وڃي. اقوام متحده جي قسم جي بين الاقوامي تنظيمن ۾ ھندستان ضرورت کان زياده زور ڏيکاريندو رھيو ۽ ايشيائي دنيا کي اھو باور ڪرائيندو رھيو ته پاڪستان مغربي دنيا جو حاشيه بردار آھي، ۽ انهيءَ حيثيت کان ھو افر و ايشيائي معاملن ۾ ڪو به اھم ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ناھي.
    شايد ھندستان انهيءَ مقصد جي پيرويءَ ۾ جيڪو حد کان وڌيڪ جوش و خروش ڏيکاريو، تنهن کان بين الاقوامي آکاڙي ۾ پاڪستان کي سندس موقف تي ثابت قدم رھڻ ۾ مدد ملي. ٻين ملڪن تي ھيءَ ڳالهه ظاھر ٿيندي ويئي ته ھندستان جي پاليسيءَ جي تهھ ۾ دراصل پاڪستان دشمنيءَ جو جذبو ڪم ڪري رھيو آھي ۽ ان ۾ پاڪستان جي خارجي خواه داخلي حڪمت عمليءَ جي نو عيت کي ڪو دخل ڪونهي. ٻين ڳالھين کان گھڻو وڌيڪ ڄمون ۽ ڪشمير جي تنازعي ۾ ان جي بيجا ضد پاڪستان جي باري ۾ ان جي حڪمت عملي ءَ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آھي. بين الاقوامي ضابطھ اخلاق کان ھندستان جي انهيءَ بي پرواھيءَ ان کي اھڙي ھنڌ آڻي بيھاريو، جتان کان ھند و پاڪستان واري جنگ جي دوران ان جا رھنما پنهنجي تنهائي ۽ دنيا جي ھر حصي مان پنهنجي لاءِ حمايت جي فقدان جو روئڻو روئيندا رھيا.
    ھڪ طرف ته ھندستان امن جو پرچار ڪندو رھيو ۽ ٻئي طرف پنهنجي دفاعي خرچن کي وڌائي ڪٿان کان ڪٿي پھچائڻ ۾ لڳو رھيو. ھڪ طرف ته ان غير جانبداريءَ کي پنهنجي خارجه پاليسيءَ جي اخلاقي بنياد جي رنگ ۾ پيش ڪيو، ته ٻئي طرف پنهنجن مقصدن جي حصول لاءِ وڏين طاقتن جي ٻنهي بلاڪن کان ڪم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو. ھو ترقي پذير ملڪن جي دوستيءَ جو دم پڻ ڀريندو رھيو ۽ ان سان گڏو گڏ رفته رفته پٺتي ھٽندڙ بيٺڪي طاقتن جو چوغو به پھنجي جسم تي تاڻڻ ۾مشغول رھيو. انهن تضادن ھن جو ڀانڊو ڦوڙي کيس سندس اصلوڪي روپ ۾ دنيا جي سامھون آڻي کڙو ڪيو آھي. سڀ ثابتيون انهيءَ حيقيت جي نشاندھي ڪن ٿيون ته مناسب ٺاھه کان ڪترائڻ وارو پاڪستان نه، بلڪ ھندستان آھي. پاڪستان پراڻن جھڳڙن جو نبيرو ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار آھي، پر ھندستان حالات کي معمول مطابق واپس آڻڻ جو مطلب اھو سمجھي ٿو ته پاڪستان کي ھڙپ ڪيو وڃي ۽ ھو انهيءَ ئي ڌن ۾ لڳل آھي.
    ھي به تجويز ڪيو ويو آھي ته پاڪستان وڏن وڏن تڪرارن کي طئي ڪرن بغير، حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺي ھندستان سان ٺاھ ڪرڻ جي جستجو ڪري. پر انهيءَ ڳالهه سان به مسئلو حل نه ٿيندو. حقيقت پسنديءَ جي عذر ھيٺ، پاڪستان اڳيئي ھندستان جي ھٿان قيمتي علائقن کان محروم ٿي چڪو آھي ۽ جيڪڏھن حقيقت پسنديءَ جو اھو اصول ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ به اختيار ڪيو ويو ته ان سان ملڪ جي وڌيڪ تخفيف ٿي ويندي. ان جو مطلب اھو ٿيندو ته رفته رفته شڪست کائيندي کائيندي ملڪ ئي ختم ٿي وڃي. ڪنهن تڪرار جي نبيري مان اسان جي مراد ھڪ اھڙو حل آھي، جنهن سان جٽادار امن ميسر ٿئي. فقط منصفانه نبيري جي ذريعي ئي اھڙو باعزت امن حاصل ٿي سگھي ٿو، ۽ جيڪڏھن انهيءَ قسم جي امن جو حصول اسان جو بنيادي مقصد ھوندو، جيئن اھو ھئڻ گھرجي، ته اسان کي لازمي طور سوچڻو پوندو ته ان کي ڪھڙيءَ طرح حاصل ڪيو وڃي. ڇا، ان کي ھندستان جي شرطن تي حاصل ڪري سگھجي ٿو ؟ يقينا نه. ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن ھندستان جا شرط مڃيا وڃن ته پاڪستان ۾ زنده رھڻ جي به طاقت باقي نه رھندي. خراب کان خراب صورت ۾ پاڪستان لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تان دستبردار ٿيڻ جا نتيجا ڪھڙا ٿيندا؟ ھيءُ ڳالهه واضح آھي ته انهيءَ قسم جو ٺاهھ، ھندستان جي بک کي اڃا به وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيندو، ختم نه ڪري سگھندو، ۽ ھو پنهنجي وڌندڙ فوجي طاقت ۽ جوھري ھٿيارن جي حصول جي امڪان جي بنياد انهن علائقن ۾ پاڪستان جي باقي ٻين حصن کي ضم ڪرڻ لاءِ فوجي اجتماع جا مرڪز بنائي ڇڏيندو.
    ورھاڱي واري وقت، پاڪستان کي گورداسپور، فيروزپور ۽ پنجاب جي ڪن ٻين حصن، ۽ اڀرندي حصي ۾ خاص طور آسام ۽ تريپوره جي ڪن قيمتي علائقن جو نقصان ٿيو. اھڙيءَ طرح امرتسر ضلعي ۾ مسلمان اڪثريت وارا علائقا لاھو ر ضلعي کان وٺي امر تسر جي پسگردائيءَ تائين ڦھليل ھئا. اھي سڀ وسيع ۽ قيمتي علائقا ڌانڌلبازيءَ سان زبردستيءَ ھندستان کي ڏنا ويا ته جيئن پاڪستان جي نقصان مان ھندستان کي وڌيڪ طاقت حاصل ٿئي. اھي علائقا ملڪ جي اترئين حصي جا اناج گھر ۽ فوجي نقطه نظر کان ڏاڍا اھم ھئا. اھي ھندستان کي ڏئي ڇڏڻ سان لاھور ۽ اولھه پاڪستان جي ٻين علائقن جو بچاءُ بري طرح خطري ۾ پئجي ويو آھي. انهيءَ وقت اھو دليل ڏنو ويو ته تقسيم ۽ انقلاب جي تبديلين کان ڪجهه اھڙيون بي ربط ڳالھيون پيدا ٿي پيئون آھن، جو ھڪ لولي لنگڙي پاڪستان کي قبول ڪري ان جي استحڪام لاءِ ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ، انهن علائقن لاءِ وڙھڻ کان گھڻو بهتر آھي، جيڪي ھڪ غير منصفانه غير ملڪي فيصلي جي ڪري اسان جي ھٿن مان نڪري ويا آھن. جھونا ڳڙھھ ۽ حيدرآباد تي ھندستان جي قبضي، اھڙيون سياسي ۽ نفسياتي حالتون پيدا ڪيون، جيڪي ان لاءِ بي حد و حساب فائدن جو سبب بڻيون. ھاڻي ھو پنهنجي انهيءَ عقيدي تي سختيءَ سان ڄمي بيٺو ته ھو طاقت جي ڌمڪيءَ ۽ ان جي استعمال کي پنهنجي خارجه پاليسيءَ جي ھڪ سوچيل سمجھيل ھٿيار طور ڪم آڻڻ سان پاڪستان کي پنهنجين سڀني حڪمت عملين اڳيان گوڏن جھڪائڻ لاءِ مجبور ڪري سگھي ٿو. ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گذريل ويھن سالن کان وٺي ھلندو پيو اچي ۽ ھاڻي سوال ھيءُ آھي ته ڇا، پاڪستان ۾ ايتري طاقت ۽ ايترو استقلال آھي، جو ھو انهن محڪوم ماڻھن جي حق جي حمايت ڪندو رھندو يا ٻاھرئين دٻاءَ آڏو ان جو دم خم جواب ڏيئي رھيو آھي؟ جڏھن اسان کي اھو ٻڌايو وڃي ٿو ته ھندستان ايڏو وڏو ملڪ آھي، جو ان جي مزاحمت ٿي نه ٿي سگھي، ۽ اوڀر پاڪستان جي ساڍن پنجن ڪروڙ انسانن کي پنهنجو پاڻ کي پنجاھ لک ڪشميرين لاءِ قربان نه ڪرڻ گھرجي، يا جڏھن چيو وڃي ٿو ته اولھه پاڪستان جي ماڻھن کي ڪشمير تي ھندستان جي قبضي جي مزاحمت ڪري پنهنجي محدود ويڪرائيءَ واري علائقي کي فوجي يلغار جي زد ۾ نه آڻڻ گھرجي، تڏھن ان مان قومي عزم جي ڪمزوريءَ جي خبر ملي ٿي.
    تقابلي عددن جي دليل کي منطقي طور لغو ثابت ڪري سگھجي ٿو. اچو ته فرض ڪريون ته پاڪستان جي آبادي ڏھ ڪروڙ آھي. ايڏي وڏي قوم ھڪ علائقي ۽ ان سان تعلق رکندڙ آباديءَ کي ھڪ غاصب کان آزاد ڪرائڻ جو خطرو کڻڻ لاءِ ڪڏھن تيار ٿيندي؟ ڇا، فقط ان وقت جڏھن اھا آبادي، جنهن کي آزاد ڪرائڻو آھي، ڏھه ڪروڙ ڏھ لک ٿي ويندي؟ پر انهيءَ صورت ۾ اھا آزاديءَ جي جنگ ڪانه ٿيندي، بلڪ ان کي ملڪ گيري سڏيو ويندو يا ٻين لفظن ۾ اھا ھڪ بيٺڪي جنگ ھوندي. ھيءُ دليل ته تعداد ۾ فرق بي عمليءَ کي جائز بنائي ڇڏي ٿو، واضح طور غلط آھي، ۽ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان اختلاف جي ڪيترن ئي ٻين سببن کي نظرانداز ڪري ٿو. اسانجي ٻنهي ملڪن کي آخرڪار امن امان سان رھڻو آھي، پر ان وقت جڏھن باھمي ٽڪراءَ جو فيصلو ٿي وڃي. پر انهيءَ قسم جي باھمي بقا جو ان وقت تائين سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جيستائين ھندستان پنهنجين سڀني اقليتن تي ثقافتي مذھبي ۽ لساني يڪسانيت زوريءَ مڙھڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آھي. پاڪستان جي پنهنجي مفاد کان دستبرداري انهيءَ اختلاف کي طئي نه ٿي ڪري سگھي. جيڪڏھن اسين پنهنجن ماڻھن ۽ علائقن لاءِ خطرو کڻڻ لاءِ تيار ناھيون، ته پوءِ اسان کي پنهنجي ھندستان سان لاڳو سرحد جي کاڌ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار رھڻ گھرجي، جنهن مان ھر ھڪ کاڌ ايتريقدر معمولي ھوندي جو ان جي مناسب جواب ڏيڻ لاءِ اھا مجرڪ بنجي نه سگھندي. سائنس وانگر بين الاقوامي سياست ۾ پڻ نام نهاد فھم وارو دليل ھميشه صحيح ڪو نه ھوندوآھي. سائنس ان وقت ترقي شروع ڪئي، جڏھن عام فھم جي ” تجربي کان قبل“ واري دليل کي تسليم ڪرڻ جي عادت ترڪ ڪئي ويئي. مثال طور گئليلو عام فھم جي سڀني قاعدن جي خلاف اھو ثابت ڪيو ته ھلڪا ۽ وزندار جسم زمين تي ساڳيءَ رفتار سان ڪـِرن ٿا. بين الاقوامي سياسيات ۾ ايڏا ته اسباب ڪارفرما ھوندا آھن، جو ڪوئي مڪمل حل ڏاڍو مشڪل دستياب ٿيندو آھي، ڇاڪاڻ ته اھڙيون تبديليون جيڪي انسانن سان تعلق رکن ٿيون، انساني فيصلن جي تابع ھونديون آھن. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ جڏھن فرانس جرمنيءَ جي قدمن ھيٺان رڳڙجي ويو، تڏھن جيڪڏھن انگريز قوم عام فھم وارن دليلن جو احترام ڪندڙ ھجي ھا ته اھا جرمن قوم جي اڳيان آڻ مڃي ھا، پر چرچل ائين نه ڪيو. ھن پنهنجي ملڪ کي رت، محنت، لڙڪن ۽ پگھر جي آڇ ڪئي، ۽ برطانيه جنگ کٽي ورتي.
    ھن حجت جي بنياد تي ته ڪنهن قوم جي علائقي جي ھڪ حصي لاءِ سڄي قوم کي قربان نه ٿو ڪري سگھجي، ھندستان کي علاقائي توسيع جي ذريعي ڪراچي ۽ سنڌ تي قبضي ڄمائڻ جي اجازت ڏئي سگھجي ٿي، ڇا، ملڪ جي باقي آباديءَ لاءِ ھيءَ مصلحت انديش ڳالهه ٿيندي ته جيترو به ملڪ ان وٽ باقي رھجي ويو آھي، تنهن کي ڪراچي ۽ سنڌ جي ھڪ ڪروڙ انسانن لاءِ قربان ڪري ڇڏجي؟ ان کان پوءِ بلوچستان جو وارو اچي سگھي ٿو، پوءِ وري اوڀر ۽ اولھه پاڪستان جي باقي بچيل حصن جو، ۽ ان طرح پاڪستان جي تباھي قسطوار پوري ٿي سگھي ٿي. جيڪڏھن اھو منطق ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ پيش ڪري سگھجي ٿو، جيڪي پاڪستان جي عوام لاءِ ملڪ جا اھڙائي حصا آھن، جھڙا راولپندي ۽ چٽاگانگ، ته اھوئي دليل ملڪ جي باقي ٻين علائقن جي متعلق پڻ ڪم آڻي سگھجي ٿو. زير بحث مسئلو پيچيده ناھي، ۽ نه اسان کي ان کي پيچيده بنجڻ جي اجازت ڏيڻ گھرجي. ھندستان وڌيڪ وڏو ملڪ آھي. پر اھو پاڻ ھوش اڏائيندڙ مسئلن ۾ پڻ وڪوڙيو پيو آھي. اسين جيتوڻيڪ ان جي مقابلي ۾ ھڪ ننڍي ملڪ جا رھاڪو آھيون، تڏھن به اسان جي ھٿ ۾ ھڪ حق بجانب مقصد جو ھڪ موثر ۽ مضبوط ھٿيار آھي. تخمينو لڳايو وڃي ته اسان جون قوتون ۽ ڪمزوريون ذري گھٽ ھڪ جھڙيون آھن، پر جيڪڏھن ڪجهه فرق آھي به، ته اھو پاڪستان جي حق ۾ آھي. ھن ڳالهه جو امڪان گھٽ آھي ته ننڍو کنڊ ھڪ دفعو ٻيھر رت ۾ غسل ڪندو. داخلي ۽ خارجي حالتون ان جي اجازت نه ٿيون ڏين. پر ان جو ھيءُ مطلب ڪونهي ته اسين قربانين ڏيڻ لاءِ تيار نه رھون. ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل ٿيڻ کان سواءِ به اتي ھر روز رت وھايو پيو وڃي. جنگبنديءَ جون ڀڃڪڙيون ٿينديون رھن ٿيون. ھندستان جي اڀرندي حصي ۾ مسلمانن کي اذيتون ڏنيون پيئون وڃن ۽ انهن کي اتان ڪڍيو پيو وڃي. ماڻھو تاشقند واري معاھدي ۽ اقوام متحده جي باوجود، ناحق مصيبتون سھي ۽ مري رھيا آھن.
    ھندستان، ڄمون ۽ ڪشمير جو ڇو طلبگار آھي؟ ھن ان کي ھن ڪري گرفت ۾ وٺي سو گھو ڪيو آھي، جو ڪشمير جي ماٿري پاڪستان جي بدن جو خوبصورت مٿو آھي. ان تي قبضو، کيس اولھه پاڪستان جي معيشت کي مفلوج ڪرڻ ۽ ان تي فوجي بالادستي قائم رکڻ جو موقعو ڏئي ٿو. ھندستان ڄمون ۽ ڪشمير تي ھن ڪري قبضو ڄمائي ويٺو آھي، جو اھو سوويت روس ۽ چين سان مشترڪه سرحدون رکي، ۽ پاڪستان کي انهن کان محروم ڪري، پنهنجي جنگي اھميت ۾ اضافي جو طلبگار آھي. سڀني کان وڌيڪ ڳالهه ھيءَ آھي ته ھو سڀني اخلاقي اصولن جي خلاف ان تي ھن ڪري قبضو ڄمائي ويٺو آھي. جو ھن ٻن – قومي نظريي جي نفي ڪرڻ چاھي ٿو، جيڪي پاڪستان جو بنياد آھي. جيڪڏھن مسلم اڪثريت وارو ھڪ علائقو ھندستان سان گڏ رھي سگھي ٿو ته پاڪستان جي وجود جو جواز باقي نه ٿو رھي. اھي سبب آھن جو ھندستان، ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجو تسلط ڄمائي رکڻ لاءِ بين الاقوامي راءِ عامه کي نظرانداز، ۽ پنهنجن وعدن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو. پاڪستان کي انهن محڪوم ماڻھن جي خود اراديت جي حق لاءِ پنهنجي جدوجھد کي گھٽائڻ کان سواءِ جاري رکڻ گھرجي. ڄمون ۽ ڪشمير کان سواءِ پاڪستان علائقائي ۽ نظرياتي طور پڻ نامڪمل آھي. انهن علائقن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڄڻ ته پاڪستان کي سندس مٿو واپس ملي ويندو ۽ اھو يڪجا، وڌيڪ مضبوط ۽ زياده مقتدر بنجي پوندو. جيڪڏھن پاڪستان ٿڪجي يا خوفزاده ٿي انهيءَ جدوجھد کي ترڪ ڪري ڇڏيو ته نتيجو ان لاءِ موتمار ثابت ٿيندو، ۽ جيڪڏھن ڪنهن غلط قسم جو ٺاھ ڪيو ويو ته اھو جدوجھد کي ترڪ ڪرڻ جي برابر ٿيندو، جنهن کان پوءِ شايد خود پاڪستان به ڊھي پوي. جيڪڏھن اسان ھندستان سان تڪرارن جي منصفانه نبيري ڪرڻ کان سواءِ ئي پر سڪون تعلقات قائم رکڻ جو ٺاھ ڪري ڇڏيون ته خود پنهنجن علائقن ۾ ھندستان جي قيادت کي تسليم ڪرڻ ڏانهن اھو پھريون وڏو قدم ٿيندو، جنهن کان پاڪستان ۽ ٻيا پاڙيسري ملڪ ھندستان جا طفيلي بنجي پوندا.
    اسان کي پنهنجي ٻارھن ڪروڙن کان وڌيڪ آباديءَ واري ملڪ جي جدا حيثيت قائم ڪرڻ ۾ ويھھ سال لڳي ويا آھن ۽ ان لاءِ ٻه جنگيون پڻ سھڻيون پيئون آھن. پوءِ به اھڙا ماڻھو موجود آھن، جيڪي اڃا تائين ملڪ جي ورھاڱي تي افسوس ڪري رھيا آھن ۽ پاڪستان کي ھڪ اھڙي ناخلف پٽ سان مشابهت ڏين ٿا، جيڪو ڪنهن ڏينهن وري ڀارت ماتا جي آغوش ۾ ھليو ويندو. سيپٽمبر 1965ع واريءَ جنگ کان پوءِ کان وٺي يا ته ٻاھرئين اثر جي ڪري يا پنهنجي تجربي جي آڌار تي ھندستان پاڪستان سان تعاون جي موضوع تي ڳالھيون ڪرڻ شروع ڪيون آھن. ھو پنهنجي داءَ جي انهيءَ تبديليءَ مان ڪھڙو فائدو حاصل ڪرڻ چاھي ٿو ؟ پنهنجي ڀارتي دفاعي خرچن ۾ ڪميءَ جي ذريعي پنهنجي اقتصادي حالت کي بهتر بنائڻ ۽ کانئس انحراف ڪندڙ عناصر کان سختيءَ سان حساب چڪائڻ لاءِ ساھي پٽڻ جي مھلت لاءِ - ھو ناگا ۽ ميزو قبائل کي، جيڪي اوڀر پاڪستان جي سرحد کي گھڻا ويجھا آھن، چِـِٿڻ چاھي ٿو، ڏکڻ ھندستان ۽ سـِکن کي دٻائڻ چاھي ٿو، راجپوتانا ۾ بي اطمينانيءَ جي چيزن کي ڀرڻ چاھي ٿو ۽ ڇھن ڪروڙن ھندستاني مسلمانن جي جذبي کي ختم ڪرڻ چاھي ٿو.
    اڪثر چيو ويو آھي ته جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان جي تعلقات ۾ محاذ آرائي جاري رھي ته ھندستاني مسلمانن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو. اھو دليل پاڪستان تي ناجائز دٻاءُ وجھڻ ۽ ھندستان مسلمانن کي ھندستان جي جارحيت ۽ اقتدار جي واڌاري جي حڪمت عمليءَ ۾ يرغمال طور مستقل خوف ۾ مبتلا رکڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ مسئلي جو ذره گـَھرو مطالعو ھيءَ ڳالهه ظاھر ڪري ٿو ته ان جي ابتڙ صورتحال حقيقت کي زياده ويجھي آھي. ھڪ مضبوط ۽ اولوالعزم پاڪستان، جيڪو پنهنجن جائز حقن مان واريءَ جي ھڪ ذري جيترو حق به ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھجي، سو سندن تحفظ جو بهترين ضامن آھي. ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجي مرضيءَ سان پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ھو. تقسيم جي فائدي ۾ ڀاري ووٽ انهن ماڻھن به، جن کي ھندستان ۾ رھڻو ھو، اھڙيءَ طرح ڏنا، جھڙيءَ طرح انهن علائقن جي ماڻھن، جيڪي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارا ھئا. جناح تي مسلمانن جو اعتماد ان وقت عروج جي نقطي تي پھتو، جڏھن ھن ٻن قومن واري نظريي سان ھندو ليڊرن جو مقابلو ڪيو. ھندستان ملڪ جي ورھاڱي کان ھڪدم پوءِ پنهنجن مسلمان شھرين تي غصو ڇنڊڻ شروع ڪيو، ۽ اھو فقط ان وقت، جڏھن ان کي يقين ٿي ويو ته ھڪ ڪمزور ۽ غير مستحڪم پاڪستان جوابي ڪارروائي نه ڪري سگھندو. ھن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ شبهو ڪونهي ته پاڪستان ڪمزور ٿي ھندستان جي پنهنجن مسلمانن جي خلاف وڌيڪ امتياز اختيار ڪرڻ جي ھمت افزائي ڪندو. ان جي ابتڙ، ھڪ مضبوط ترين ضمانت آھي، ڇاڪاڻ ته ھندستان ھڪ مستعد ۽ زورآور پاڪستان کي اشتعال ڏيارڻ کان ھٻڪندو. اھا ڪافي محض اتفاقي ڳالهه ڪانهي ته آزاديءَ جي حصول کان ويھھ سال پوءِ، جڏھن محاذ آرائي پنهنجي عروج تي آھي، ھندستان جنگ جي ھڪ نتيجي طور پھريون دفعو ھڪ مسلمان کي پنهنجو صدر مملڪت منتخب ڪيو آھي. پر جيڪڏھن پاڪستان جي خود مختار رياست ڪمزور ٿي ويئي ته ھندستاني حڪومت سمجھندي ته ھاڻي کيس پنهنجين اقليتن سان مرضيءَ مطابق ھلت ڪرڻ جي آزادي ملي ويئي آھي. اھڙي صورت ۾ ھندستاني مسلمانن کي شديد نقصان پھچندو. پر فوري طور ۽ سڀ کان وڌيڪ بدسلوڪيءَ جو نشانو ڄمون ۽ ڪشمير جا مسلمان ٿيندا. جيئن ئي ھندستان سان تڪرارن جي نبيري کان سواءِ تعاون شروع ٿيندو، ته ڪشمير جا ماڻھو قدرتي طور ھيءُ نتيجو ڪڍندا ته پاڪستان کين ڇڏي ڏنو آھي ۽ انهن لاءِ ھندستاني اڳرائيءَ آڏو گوڏو جھڪائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه رھيو آھي. جيڪڏھن پاڪستان ھڪ خود مختار ۽ پوريءَ طرح سان مسلح مملڪت ھوندي به، پنهنجي مزاحمت جي قوت ختم ڪري ڇڏي، ته ڄمون ۽ ڪشمير جي بي ھٿيار ماڻھن کان ڪھڙيءَ طرح مزاحمت جي اميد رکي سگھجي ٿي؟ پاڪستان جي جھڪي پوڻ کان پوءِ ھندستان سمجھندو ته ان کي سڪم ۽ ڀوتان جي ھماليائي رياستن کي قابو ۾ آڻڻ جي آزادي ملي ويئي آھي ۽ پوءِ ھو نيپال ۽ سري لنڪا تي پڻ پنهنجو دٻاءُ وجھندو. ننڍي کنڊ تي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي تائين پنهنجي قيادت کي مڙھي، ھندستان پوءِ اھا ڪوشش ڪندو ته ھو ھميشه لاءِ مسلمانن جي خود اراديت واري حق جي تحريڪ جي امڪانن کي ئي ختم ڪري ڇڏي.
    جڏھن پاڪستان غير مساوي ۽ اطاعت گذار بنيادن تي تعاون ڪرڻ شروع ڪندو، تڏھن ھندستان سڀ کان اڳ ۾ پنهنجوڌيان اوڀر پاڪستان جي زرخيز علائقن طرف ڦيرائيندو، جنهن کي ھو پروپئگنڊا جو نشانو ۽ اقتصادي ۽ ثقافتي حملن جو شڪار بنائيندو. ھندستان ڪوشش ڪندو ته ھو اوڀر پاڪستان کي ڌمڪائي، برغلائي ۽ پنهنجي خفيه ثقافتي اثر ۽ ويجھڙائيءَ جي مجرد دٻاءُ سان اولھه بينگال ۾ سمائي ڇڏي. ھندستاني پرچار جو موجوده راڳ ھيءُ آھي ته اولھه پاڪستان جي پنج سئو پنجاسي لک آباديءَ کي ڄمون ۽ ڪشمير جي پنجاھ لک باشندن خاطر پنهنجي مستقبل کي قربان ڪري استحصال جو شڪار بنجڻ نه گھرجي، جيڪي اوڀر پاڪستان جي ماڻھن کي اوترائي ويجھا يا کانئن بيگانا آھن، جيترا ايران جا ماڻھو- جيڪڏھن ڪشمير کي سڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ اوڀر پاڪستان وارن کي صلاح ڏيندو ته اھي اولھه پاڪستان جي ماڻھن سان پنهنجو واسطو اھڙو ئي گھٽ سمجھن، جھڙو ڪشمير جي ماڻھن سان. اوڀر پاڪستان جي ماڻھن نالي مسلسل اپيلون جاري ڪيون وينديون ته اھي اولھه پاڪستان جي تسلط کان نجات حاصل ڪري وٺن. اولھه پاڪستان ۾ اھڙا اثر ۽ رسوخ وارا ماڻھو ڳولي ڪڍيا ويندا، جيڪي اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جي فائدي ۾ دليل ڏيندا. انهيءَ قسم جي اشتعال ڦھلائڻ وارا ڪاراوا، جيڪي ھر ملڪ ۾ دستياب ٿي سگھندا آھن، ھن طرح جو پرچار ڪندا ته اوڀر پاڪستان تي اولھه پاڪستان ”ھڪ بار“ آھي ۽ ان جيڪا ”بلئنڪ ميل“ لڳائي رکي آھي، تنهن کي ھميشه واسطي ختم ڪرڻ لاءِ ھاڻي قطعي طور علحدگيءَ جو رستو اختيار ڪيو وڃي. جيڪڏھن ھڪ دفعو ڄمون ۽ ڪشمير کي آزاد ڪرائڻ جو قومي عزم ٽٽي پيو ته ملڪ جي ٻنهي بازن ۾ انهن جي رابطي کي ٽوڙڻ لاءِ تخريب ڪاريءَ جي مھم تيز ٿي ويندي. جيڪڏھن ان طرح سان پاڪستان تقسيم ٿي ويو ته ٻنهي بازن جي اھميت ھڪدم گھٽجي اڌو اڌ رھجي ويندي ۽ ننڍي کنڊ ۾ طاقت جي ٻن عظيم الشان ٿنڀن ھئڻ بجاءِ، پاڪستان ٻن ڪمزور رياستن ۾ ورھائجي ويندو. انتشار جو عمل ان وقت تائين جاري رھندو، جيستائين اوڀر پاڪستان اولھه بينگال ۾ جذب نه ٿي وڃي ۽ ان مان اولھه پاڪستان ۾ علحدگي پسند تحريڪن جي ھمت افزائي ٿيندي(1).
    ھندستان پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رھيو. آزادي حاصل ٿيڻ کان پوءِ ھن اسان جي خلاف اقتصادي ناڪھ بندي اسان جي معيشت کي تباھ ڪرڻ لاءِ عايد ڪئي. ھي چال نه فقط اسان کي تباھه نه ڪري سگھي، بلڪ درحقيقت ان اسان کي تقويت پھچائي. سيپٽمبر1965ع واريءَ جنگ ھندستان کي يقين ڏياري ڇڏيو آھي ته اھو محاذ آرائي ذريعي پاڪستان کي تباھ نه ٿو ڪري سگھي. ان ڪري ھاڻي ان جي پاليسي مقابلي کان تعاون جي طرف منتقل ٿيندي، يعني ”تاشقند جذبي جي طرف.“ ھو ھاڻي پاڪستان کي امن پسند تعاون جي ترغيبن جي آڇ ذريعي پنهنجي طفيلي بنائڻ جي ڪوشش ڪندو. اھا وڌيڪ نازڪ تدبير آھي. ڪوئي ھوشمند انسان ان تي ڪھڙيءَ طرح اعتراض ڪري سگھي ٿو؟ دوستيءَ جي وڌايل ھٿ کي نظرانداز ڪرڻ نامعقول معلوم ٿئي ٿو. پر ھندستان ھڪ کاٽ ھڻندڙ وانگر چور دروازي کان داخل ٿيڻ جي نيت ڪري ويٺو آھي. انهيءَ قدم ۾ ھن جي ٻاھرين طاقتن جي طرفان مدد ۽ اڪانت ٿيندي. ھندستان جي پاڪستان کي ھضم ڪرڻ جي مقصد ۽ آمريڪا جي پنهنجي مقصد جي درميان فرق جو نقطو ان وقت نمودار ٿي وڃي ٿو، جڏھن آمريڪا چين جي خلاف جارحانه مقابلي تي اصرار ڪري ٿو. ھندستان جي پنهنجي ڪوشش جو رخ پاڪستان کي تابعدار بنائڻ طرف ھوندو، نه پنهنجي عظمت ۾ واڌاري لاءِ چين جي چوگرد اشتعال انگيز گھيري وجھڻ لاءِ. پاڪستان جي اطاعت حاصل ڪرڻ جي ھندستاني ۽ آمريڪي مقصدن ۾ ھڪ مشترڪه غرض آھي، پر ھڪ ٻي غرض جي سلسلي ۾ انهن جي درميان اختلاف آھي. جيڪڏھن پاڪستان صورتحال جو صحيح اندازو ڪري ته ھو انهن ٻنهي غرضن جي باھمي نفي ڪرائي سگھي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪڏھن پاڪستان گوڏا ٽيڪيا، ته نتيجي طور ھندستان ۽ آمريڪا جي درميان تعاون وڌي ويندو ۽ ان مان تضاد ختم ٿي ويندا- گھٽ ۾ گھٽ پاڪستان کي ھندستان جو جلديءَ سان تابعدار بنائڻ جي حد تائين.
    ان طرح ھندستان مشترڪه منصوبن جو خير مقدم ڪندو، ۽ ان ھوندي به انهن کي قبول ڪرڻ کان ڪيٻائيندو. ھو انهن تجويزن جو پاڪستان کي جذب ڪرڻ خاطر خيرمقدم ڪندو، پر جيڪڏھن مقصد چين جي خلاف صف آرائيءَ ۾ تعاون حاصل ڪرڻ ٿيو ته ھٻڪندو. تاريخ ۾ اھڙن ملڪن جي درميان، جن جي علاقائي ۽ ٻين بنيادي تڪرارن جو نبيرو ٿيل نه ھجي، ڪامياب اقتصادي رٿائن جو مثال نه ٿو ملي. ھيءَ اھڙي ئي ڳالهه آھي، جيئن متحده عرب جمھوريه يا شام کي چيو وڃي ته اھي پنهنجي علائقي ۾ اسرائيل سان مشترڪه منصوبن جي تعميل ۾ شريڪ ٿين. ان جي ابتڙ، ڪن غيرملڪي ماھرن ھڪ طرف ته چيو آھي ته پاڪستان ۾ ٻه مختلف معيشتون آھن، ته ٻئي طرف ھي اصرار ڪيو اٿن ته اوڀر پاڪستان ۽ اولھه پاڪستان جي معيشتن جو ھڪٻئي تي انحصار آھي. گويا، داخلي طور ته ھڪ قوم جي حيثيت ۾ پاڪستان جون ٻه معيشتون آھن، پر خارجي طور ان جي اڀرندي بازوءَ جي ھندستان جي ھڪ حصي سان ھڪ ناقابل ِ تقسيم معيشت آھي ! تڪرارن جي نبيري کان سواءِ، ۽ ملڪ جي اقتدار اعلي ٰ جي حقن کي مڪمل طور نطر انداز ڪري عالمي بئنڪ پنهنجي مرضيءَ سان گنگانديءَ جي پاڻيءَ جي استعمال جو ھڪ حل مڙھڻ چاھي ٿي. اھا ٻنهي ملڪن جي درميان تعاون اوڀر پاڪستان ۽ اولھه بينگال جي وچ ۾ درياھي پاڻيءَ ۾ ڀائيواريءَ جي ذريعي ڪرائڻ چاھي ٿي. سنڌو ماٿر واري ٺاھه جو مثال ھتي صادق نه ٿو اچي. انهيءَ معاھدي جو مقصد ھيءُ ھو ته ھندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پاڻي اھڙيءَ طرح ورھايو وڃي جو باھمي انحصار ۾ ڪمي اچي. اوڀر پاڪستان جي حالت ۾ ھڪ اھڙي حل مڙھڻ جون ڪوششون ڪيون پيئون وڃن، جو اوڀر پاڪستان کي اولھه بينگال جو محتاج بنائي ڇڏيندو. انهيءَ قسم جو حل پاڪستان کي اولھه بينگال جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏيندو، جنهن مان اڻٽر ۽ تباھڪن نتيجا نڪرندا. انهيءَ مثال جي مطابق وري بجليءَ جا منصوبا باھمي اشتراڪ ڪرڻ لاءِ سامھون ايندا، جيڪي اڳتي ھلي زراعت ۽ صنعت ۾ تعاون تائين وڃي پھچندا. ھٿياربند فوجن ۾ ڪميءَ جي تجويز تي ھن کان اڳي خيال جو اطھار ٿي چڪو آھي، پر ان صورت ۾ به انهن سڀني خامين کان قطع نظر، جن تي بحث ٿي چڪو آھي، ھندستان انهيءَ قسم جي معاھدي ۾ ھميشه چين جي خطري تي مبالغھ آرائيءَ جي ذريعي آمريڪا جي ملت ِ سان معاھدي کان ڪترائي پنهنجو ڪم ڪڍي سگھي ٿو. جيڪڏھن اھو ڪم مشڪل ٿي پيو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته ھندستان کي طفيلي ملڪن کان ھٿيار فراھم ڪرايا وڃن ته جيئن معاھدو ان سان لاڳو نه ٿي سگھي.


    باب ويهون: پڄاڻي

    دنيا ۾ ڪو به ملڪ، ھن دائمي انديشي جي پيش نظر ته جوھري ھٿيارن جو استعمال اھڙي پئماني تي ٿي سگھي ٿو، جو زمين جي گولي تي زندگيءَ جو سراسر خاتمو ٿي وڃي، عالمي سطح تي ھٿيارن ۾ تخفيف آڻڻ جي اصول جي مخالفت نه ٿو ڪري سگھي. جڏھن دنيا ۾ ھر ھنڌ ماڻھو پنهنجي زندگيءَ جي حالات کي بهتر بنائڻ جا آرزو مند ھجن ته ڪنهن ھڪ قوم کي ھي حق نه ٿو پھچي ته اھا دستياب وسيلن کي بچاءَ جي بدران اقتصادي اوسر لاءِ استعمال ڪرڻ جي مطالبي جي مخالفت ڪري. ان جي باوجود، ان جي اثرائتي ٿيڻ لاءِ ضروري آھي ته ھٿيارن جي تخفيف گھڻ- طرفي ۽ عالمي بنياد تي ھجي ته جيئن ڪنهن ھڪ قوم کي ٻيءَ قوم جي مٿان يا قومن جي ھڪ گروھ کي قومن جي ٻئي گروه برتري حاصل نه ٿئي. پر ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جي تخفيف جي تجويز ۾ عدل ۽ انصاف جو شائبو به ڪونهي. ھندستان، ڄمون ۽ ڪشمير تي اوڀر ۾ سندس علائقي ۾ ڦاٿل انهن ٽڪرن (enclaves)تي، جيڪي پاڪستان جا علائقا آھن، قابض آھي. انهن حالتن ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جي ٻه- طرفي تخفيف جو مطلب انهيءَ ملڪ جي فتح آھي، جيڪو تڪراري علائقي تي قابض آھي ۽ انهيءَ ملڪ جي شڪست، جنهن جا علائقا ان کان کسجي ويا آھن.
    اسان کي انهيءَ زبردست امداد کان حوصلو ھارڻ نه گھرجي، جيڪا ھندستان کي ملي رھي آھي. ھندستان پاڻ ئي پاڪستان جي لاءِ ھڪ خطرو آھي ۽ طاقتور ٻاھرين طاقتن کان مدد حاصل ڪري ھو اڃا به وڌيڪ وڏو خطرو بنجي پوندو. پر اھو خطرو ڪيترو به وڏو ڇو نه ھجي، ھڪ اھڙي متحده قوم جي عزم کي ٽوڙي نه ٿو سگھي، جنهن جو مقصد حق بجانب ھجي. موجوده صورتحال ھميشه لاءِ ھلي نه ٿي سگھي. عالمي طاقتن جا انداز، جيئن اسان ڏٺو آھي، بدلجي به سگھندا آھن. بين الاقوامي معاملن ۾ ”ناقابل تعمير مستقل“ جھڙي ڪا به شئي ڪانهي. اھوئي سبب آھي، جو جڏھن ھندستان آمريڪا ۽ چين جي درميان ٺاھ ٺوھ جي لاڳاپن بابت ڪجهه به ٻڌندو آھي، تڏھن خودفزده ٿي ويندو آھي. وقت گذرڻ سان، جيڪڏھن ڪنهن مھل آمريڪا ۽ چين ۾، يا چين ۽ سوويت روس ۾ باھمي بقا جو ڪوئي طريقو عمل ۾ اچي ويو ته ان وقت ھندستان پاڻ کي اڪيلو ڏسندو. ويٽ نام جي جنگ فيصله ڪن اھميت جي حامل آھي. ھن ننڍي کنڊ، ۽ مجموعي طور سڄي ايشيا جي مستقبل تي ان جا سڌيءَ طرح سان اثر مر تب ٿيندا. خدا ڪري اھا جنگ نه ڦھلجي، ۽ اسان کي پنهنجن مسئلن کي اطمينان بخش طور حل ڪرڻ جي فرصت ملي وڃي. آمريڪا ۽ چين جي درميان ويٽ نام تي وڌندڙ مقابلو پھرين نظر ۾ پاڪستان تي ناموافق اثر وجھندڙ نظر اچي رھيو آھي، پر وڌيڪ ويجھڙائي کان مشاھدو انهيءَ وھم کي دور ڪري ڇڏي ٿو. اسان وڌندڙ دٻاءُ سان منهن ڏيڻ لاءِ ويٽ نام جي صورتحال مان فائدو پرائي سگھون ٿا، بشرطيڪ اسان انهن دٻائن جو مقابلو ڪريون، جيڪي اسان کي اڳي کان ئي محسوس ٿي رھيا آھن. جيڪڏھن اھا جنگ تسلي ٰ بخش نموني ۾ ختم ٿي ويئي، ته شايد ان مان آمريڪا ۽ چين جي درميان ڪشيدگيون به ختم ٿي سگھن، جنهن مان پاڪستان کي فائدو ٿيندو. جيڪڏھن جنگ جاري رھي ته امڪان آھي ته آمريڪا ان ۾ اھڙي بريءَ طرح سان ڦاسي پوي، جو اھا وري پاڪستان تي ڪو به دٻاءُ نه وجھي سگھندي، ۽ نه اھا موجوده حالتن ۾ ايشيا جي اندر ھڪ ٻئي سنگين بحران کي وجود ۾ آڻڻ جي خواھشمند ھوندي.
    بهرحال، آمريڪا پنهجن شرطن کي مڙھڻ جي اھليت رکندي ھجي يا نه رکندي ھجي، ھن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه ھئڻ گھرجي، ته پاڪستان پنهنجا قدم ڄمائي رکندو. سڀني مڪروھ قسمن جي شرطن کي ٺڪرائي ڇڏيندو ۽ اولوالعزميءَ سان غير ملڪي مداخلت جو مقابلو ڪندو. کيس ھندستان سان مقابلو ان وقت تائين جاري رکڻ گھرجي، جيستائين علاقائي۽ انهن بنيادي تڪرارن جو، جيڪي اولھه ۽ اوڀر پاڪستان تي اثر ٿين ٿا، اطمينان بخش نبيرو نه ٿي وڃي.
    ان جي باوجود ھي نتيجو ڪڍڻ غلط نه ٿيندو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ھندستان سان تعاون نه ٿو ڪرڻ چاھي. جاگرافيائي، تاريخ ۽ ثقافتي ڳانڍاپن کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. دور دراز ۽ پاڙيسري ملڪن سان تعلقات کي يڪسان طور بهتر بنائڻ جي اسان جي دلي خواھش جي مدنظر ھندستان سان تعلقات کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ قدرتي ڳالهه ٿيندي، پر تعاون نتيجھ خيز ھئڻ لاءِ لازمي طور اھڙين قومن جي درميان حقيقي برابريءَ جي بنيادن تي ھئڻ گھرجن، جن جي وچ ۾ نه ھڪٻئي جي خلاف ڪي تعصب ھجن ۽ نه علاقائي يا بنيادي تڪرار. تعاون ۽ ناانصافي گڏجي قائم نه ٿا رھي سگھن، ڇا برطانيه لاءِ آزاديءَ کان اڳ ۾ عدم مساوات ۽ تسلط جي بنيادن تي ھندستان سان تعاون ممڪن ٿئي ھا؟ يا استعماري حالتن جي موجودگيءَ ۾، ڇا، فرانس الجزائر سان تعاون ڪري سگھيو ٿي؟ جڏھن ھندستان اشتراڪ ِ عمل جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان جي ذھن ۾ حقيقي تعاون جو تصور ڪو نه ھوندو آھي. ھو تعاون جي نعري کي اھڙي پروپئگنڊا طور استعمال ڪندو آھي، جنهن سان ھو عالمي راءِ عامه برغلائي ۽ پاڪستان کي دوکو ڏيئي سگھي.
    ڇا، ھندستان سان اسان جو جھڳڙو ابدي آھي؟ ابدي جھڳڙن جو ڪو وجود ڪونهي، پر ابدي مفاد ھوندا آھن. پاڪستان پنهنجي اصل مفادن کي فقط ان طرح محفوظ رکي سگھي ٿو، ته ھو ھندستان سان ان وقت تائين مقابلو قائم رکي، جيستائين سڀ تنازعا منصفانه طور حل نه ٿي وڃن. ھيءَ ڳالهه پاڪستانين لاءِ عقيدي جو ھڪ جز آھي ته اھو ڏينهن ايندو، جڏھن ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام پنهنجي تقدير پاڪستان سان وابسته ڪندو ۽ اھو ڏينهن پڻ ايندو، جڏھن ھندستان سان پاڪستان جي باقي بنيادي تڪرارن جو، جيڪي ان جي اڀرندي علائقي کي متاثر ڪن ٿا، منصفانه حل نڪري ايندو. پاڪستاني عوام ھندستان سان اھڙا تعلقات رکڻ چاھين ٿا، جيڪي مونجھارن کان پاڪ ھجن. تقابل کي، جنهن جو مطلب نه جنگ آھي ۽ نه امن، بچاءَ جي ھڪ تدبير طور جاري رکڻ ان وقت تائين ضروري آھي، جيستائين ھندستان پاڪستان سان سڀني اھم تڪرارن کي طئي شده بين الاقوامي حقائق ۽ مساوات جي جذبي سان حل ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪري. ھندستان ھڪ عظيم طاقت ناھي. ان جا پاڪستان سان علاقائي ۽ ٻيا جڳھڙا آھن، ۽ اھو پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي پٺيان پيل آھي، پر چين جي گھيراءَ جو ھو خواھان ناھي- يعني جيستائين اھا ڳالهه سندس پنهنجن مطالبن جي موافق نه ھجي-ان ڪري ھندستان جي خلاف محاذ آرائي لازمي ۽ اڻٽر آھي ۽ في الحال ھندي پاڪستاني جھڳڙن جي نبيري جي سوال جو فقط اھوئي جواب آھي، جھڙو ھاڻي ننڍي کنڊ جي ٻنهي ملڪن جي درميان جٽادار امن جو پڻ اھوئي واحد ذريعو آھي. ھيءَ غير مساوي طاقتن جي درميان جدوجھد ناھي، جو ڪنهن عظيم يا عالمي طاقت سان تقابل جي صورت ۾ ھجي ھا. بيشڪ ڪنهن حد تائين بساط ۾ فرق آھي، پر اھو فرق مطلق ناھي. ان کان علاوه انهيءَ اضافي فرق جو علاج ھنن اسبابن مان ٿي وڃي ٿو: پاڪستان جي مقصد جو انصاف، پاڪستان عوام جو جذبو، ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻھن جو اشتراڪ ِ عمل، جيڪي سندن زر زمين تي ھندستاني قبضي کان سخت ناخوش آھن ۽ جيڪي پاڪستان جي وڏي برابريءَ ۾ شموليت جي خواھش رکن ٿا ۽ اھا بي حد ۽ بي انتها حمايت جيڪا پاڪستان کي عوامي جمھوريه چين سميت ٻين ملڪن کان ملي آھي. پاڪستان ۽ ھندستان جي باھمي محاذ آرائيءَ جون پاڙون اسان جي تاريخ ۾ پري پري تائين ھيٺ پھتل آھن ۽ ان جي مخالفت کي، چاھي اھا ڪيتري به ڀاري ھجي، ان وقت تائين جاري رھڻو پوندو، جيستائين انصاف جي تقاضا پوري نه ٿي ٿئي. اھو امن، جنهن کان ننڍي کنڊ جا سٺ ڪروڙ انسان صدين کان محروم آھن، انهيءَ صورت ۾ دوباره حاصل ٿي سگھي ٿو، جڏھن جھڳڙن جو نبيرو ٿي وڃي. اھو امن، جيڪو غربت، جھالت ۽ بيماريءَ جي خاتمي لاءِ بيحد ضروري آھي، پنهنجي جائز حقن کان دستبردار ٿيڻ سان نه، بلڪ انهن حقن کي حاصل ڪرڻ سان ئي ميسر اچي سگھندو. محاذ آرائي جي حڪمت عملي جنگبازي نه آھي، بلڪ حقيقت ۾ اڪثر وقتن تي ان جي اثر کان مادي جنگ جي روڪٿام ٿي ويندي آھي. اھو واحد ڄاتل سڃاتل ذريعو، جنهن سان ڪائي قوم فوجي ٽڪراءَ کان پھلو بچائي سگھي ٿي، مڪمل تياريءَ جو آھي، ۽ نه فقط فوجي تياريءَ جو.
    ايشيا، جيئن ته ھڪ وڏي انقلاب جي لپيٽ ۾ آھي، انڪري مقامي ھيجانن ۾ ڦيرن گھيرن جي توقع رکي سگھجي ٿي. ايشيائي ملڪن جي رھنمائن کي انقلاب سان زندگي بسر ڪرڻ جو سليقو سکڻ گھرجي ۽ اھو ڄاڻڻ کپي ته ھاڻي حالتون پٺئين طرف نه موٽي سگھنديون ۽ نه انهن کي ڪنهن به قيمت تي جيئن جو تيئن قائم رکي سگھبو. جيڪڏھن اھي انقلاب جي طوفان کي سھڻ جي لائق نه آھن ته انهن کي رھنمائيءَ جو ڪو به حق نه ٿي پھچي. ٿي سگھي ٿو ته فقط متضاد مفادن جي ٽڪراءَ کان ئي ايشيا ۾ آخري نبيري واري صورت اڀري ۽ ڪنهن طرح جو امن ميسر اچي وڃي. باھمي تقابل کان باھمي تعاون تائين ھڪ مشڪل ۽ ڊگھو رستو طئي ڪرڻو پوندو.
    ننڍين قومن ھميشه پنهنجي آزاديءَ لاءِ زياده طاقتور قومن جي خلاف جدوجھد ڪئي آھي. انسانيت جي سڄي تاريخ استحصال ۽ تسلط جي خلاف، مغلوب جي جدوجھد داستان آھي. پاڪستان جي ھلندڙ دؤر جي تاريخ به انهيءَ قسم جي جدوجھد جي ھڪ مثال کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناھي. آزاديءَ کان اڳ واري جدوجھد ھڪ اجنبي نسلي تسلط جي خلاف ھئي. اڄ اھا جدوجھد آزاديءَ جي تحفظ لاءِ آھي. زماني جي گردش اسان کي وري انهيءَ پراڻي خطري سان دوچار ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي اسان ڪا محڪوم قوم ناھيون. اسان جي اندر ھڪ خود مختار قوم جون خصوصيتون ۽ آزاد رھڻ جو عزم موجود آھي. جيتوڻيڪ امن اسان جو نصب العين آھي، پر پنهنجي حقن جو بچاءُ اسان پاڪستانين جو بدستور وڏي کان وڏو مقصد ۽ وڏي ۾ وڏي مدعا رھندي.

    ________________________________________
    (1) جناب ڀٽو صاحب مٿئين پئرا ۾ جيڪي 1969ع ۾ اڳڪٿيون ڪيون ھيون، سي سڀ ھڪ ٻن سالن اندر ئي حرف بحرف صحيح ثابت ٿيون. (مترجم)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 866
    ڪتابن جو مشاهدو: 2397228
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 613541
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ