تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نالي ماتر آزادي

ھن ڪتاب ۾ ڀُٽي صاحب پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي سان گڏ دنيا جي صورتحال، سياسي حالتن، پاڪستان کي گھيريل حالتن ۽ ايندڙ حالتن جي اپٽار ڪئي آھي، پاڻ لکن ٿا:
”آءٌ تسليم ڪريان ٿو ته ھيءُ ڪتاب تڙتڪڙ ۾ ۽ اھڙين حالتن ھيٺ لکيو ويوآھي، جن تي منهنجو ڪو وس نه آھي ۽ جڏھن حالتن جي خلاف اھڙي ڊوڙ لڳي پيئي آھي، جيڪا پاڪستان کي انتهائي تيز رفتاريءَ سان ھڪ اھڙي چؤ واٽي طرف ڇڪي وڃي رھي آھي، جتان ھڪ کان سواءِ باقي سڀ واٽون تباھيءَ ڏانهن وڃي رھيون آھن.“
Title Cover of book نالي ماتر آزادي

باب اوڻيهون: ھندستان سان مقابلو

ھندستان جي خارجه پاليسيءَ جو سڀني کان وڏو مقصد اھو رھيو آھي ته پاڪستان کي الڳ ٿلڳ ڪري ڇڏجي. ابتدائي ڏينهن ۾ ھن ڳالهه جي پيش ِ نظر ته پاڪستان جا وچ اوڀر سان رشتا آھن، ھندستان پاڪستان جي خلاف عرب دنيا ۾ پنهنجو سفارتي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. جڏھن اسان پنهنجي بچاءَ ۾ آمريڪا جي طرف رخ ڪيو، تڏھن ھندستان انهيءَ ملڪ سان اسان جي باھمي دفاع جي انتظامن جي مذمت ڪئي.
سينٽو سان روس جي وير جو فائدو وٺي ھندستان سوويت يونين سان سياسي، اقتصادي ۽ فوجي معاملن ۾ تعاون جي ھڪ جامع رٿا تي عمل شروع ڪيو، ته جيئن پھريائين مغربي ملڪن سان پاڪستان جي اتحاد جو ٽوڙ ڪيو وڃي ۽ پوءِ پاڪستان ۽ سوويت يونين جي تعلقات جي راھ ۾ وڌيڪ دشواريون حائل ڪيون وڃن. ھندستان جو ابتدائي مقصد اھو ھو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ عاليشان منصوبن کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ پاڪستان کي عوامي جمھوريه چين کان بلڪل علحدھ ڪيو وڃي. اقوام متحده جي قسم جي بين الاقوامي تنظيمن ۾ ھندستان ضرورت کان زياده زور ڏيکاريندو رھيو ۽ ايشيائي دنيا کي اھو باور ڪرائيندو رھيو ته پاڪستان مغربي دنيا جو حاشيه بردار آھي، ۽ انهيءَ حيثيت کان ھو افر و ايشيائي معاملن ۾ ڪو به اھم ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل ناھي.
شايد ھندستان انهيءَ مقصد جي پيرويءَ ۾ جيڪو حد کان وڌيڪ جوش و خروش ڏيکاريو، تنهن کان بين الاقوامي آکاڙي ۾ پاڪستان کي سندس موقف تي ثابت قدم رھڻ ۾ مدد ملي. ٻين ملڪن تي ھيءَ ڳالهه ظاھر ٿيندي ويئي ته ھندستان جي پاليسيءَ جي تهھ ۾ دراصل پاڪستان دشمنيءَ جو جذبو ڪم ڪري رھيو آھي ۽ ان ۾ پاڪستان جي خارجي خواه داخلي حڪمت عمليءَ جي نو عيت کي ڪو دخل ڪونهي. ٻين ڳالھين کان گھڻو وڌيڪ ڄمون ۽ ڪشمير جي تنازعي ۾ ان جي بيجا ضد پاڪستان جي باري ۾ ان جي حڪمت عملي ءَ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آھي. بين الاقوامي ضابطھ اخلاق کان ھندستان جي انهيءَ بي پرواھيءَ ان کي اھڙي ھنڌ آڻي بيھاريو، جتان کان ھند و پاڪستان واري جنگ جي دوران ان جا رھنما پنهنجي تنهائي ۽ دنيا جي ھر حصي مان پنهنجي لاءِ حمايت جي فقدان جو روئڻو روئيندا رھيا.
ھڪ طرف ته ھندستان امن جو پرچار ڪندو رھيو ۽ ٻئي طرف پنهنجي دفاعي خرچن کي وڌائي ڪٿان کان ڪٿي پھچائڻ ۾ لڳو رھيو. ھڪ طرف ته ان غير جانبداريءَ کي پنهنجي خارجه پاليسيءَ جي اخلاقي بنياد جي رنگ ۾ پيش ڪيو، ته ٻئي طرف پنهنجن مقصدن جي حصول لاءِ وڏين طاقتن جي ٻنهي بلاڪن کان ڪم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو. ھو ترقي پذير ملڪن جي دوستيءَ جو دم پڻ ڀريندو رھيو ۽ ان سان گڏو گڏ رفته رفته پٺتي ھٽندڙ بيٺڪي طاقتن جو چوغو به پھنجي جسم تي تاڻڻ ۾مشغول رھيو. انهن تضادن ھن جو ڀانڊو ڦوڙي کيس سندس اصلوڪي روپ ۾ دنيا جي سامھون آڻي کڙو ڪيو آھي. سڀ ثابتيون انهيءَ حيقيت جي نشاندھي ڪن ٿيون ته مناسب ٺاھه کان ڪترائڻ وارو پاڪستان نه، بلڪ ھندستان آھي. پاڪستان پراڻن جھڳڙن جو نبيرو ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار آھي، پر ھندستان حالات کي معمول مطابق واپس آڻڻ جو مطلب اھو سمجھي ٿو ته پاڪستان کي ھڙپ ڪيو وڃي ۽ ھو انهيءَ ئي ڌن ۾ لڳل آھي.
ھي به تجويز ڪيو ويو آھي ته پاڪستان وڏن وڏن تڪرارن کي طئي ڪرن بغير، حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺي ھندستان سان ٺاھ ڪرڻ جي جستجو ڪري. پر انهيءَ ڳالهه سان به مسئلو حل نه ٿيندو. حقيقت پسنديءَ جي عذر ھيٺ، پاڪستان اڳيئي ھندستان جي ھٿان قيمتي علائقن کان محروم ٿي چڪو آھي ۽ جيڪڏھن حقيقت پسنديءَ جو اھو اصول ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ به اختيار ڪيو ويو ته ان سان ملڪ جي وڌيڪ تخفيف ٿي ويندي. ان جو مطلب اھو ٿيندو ته رفته رفته شڪست کائيندي کائيندي ملڪ ئي ختم ٿي وڃي. ڪنهن تڪرار جي نبيري مان اسان جي مراد ھڪ اھڙو حل آھي، جنهن سان جٽادار امن ميسر ٿئي. فقط منصفانه نبيري جي ذريعي ئي اھڙو باعزت امن حاصل ٿي سگھي ٿو، ۽ جيڪڏھن انهيءَ قسم جي امن جو حصول اسان جو بنيادي مقصد ھوندو، جيئن اھو ھئڻ گھرجي، ته اسان کي لازمي طور سوچڻو پوندو ته ان کي ڪھڙيءَ طرح حاصل ڪيو وڃي. ڇا، ان کي ھندستان جي شرطن تي حاصل ڪري سگھجي ٿو ؟ يقينا نه. ڇاڪاڻ ته جيڪڏھن ھندستان جا شرط مڃيا وڃن ته پاڪستان ۾ زنده رھڻ جي به طاقت باقي نه رھندي. خراب کان خراب صورت ۾ پاڪستان لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تان دستبردار ٿيڻ جا نتيجا ڪھڙا ٿيندا؟ ھيءُ ڳالهه واضح آھي ته انهيءَ قسم جو ٺاهھ، ھندستان جي بک کي اڃا به وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيندو، ختم نه ڪري سگھندو، ۽ ھو پنهنجي وڌندڙ فوجي طاقت ۽ جوھري ھٿيارن جي حصول جي امڪان جي بنياد انهن علائقن ۾ پاڪستان جي باقي ٻين حصن کي ضم ڪرڻ لاءِ فوجي اجتماع جا مرڪز بنائي ڇڏيندو.
ورھاڱي واري وقت، پاڪستان کي گورداسپور، فيروزپور ۽ پنجاب جي ڪن ٻين حصن، ۽ اڀرندي حصي ۾ خاص طور آسام ۽ تريپوره جي ڪن قيمتي علائقن جو نقصان ٿيو. اھڙيءَ طرح امرتسر ضلعي ۾ مسلمان اڪثريت وارا علائقا لاھو ر ضلعي کان وٺي امر تسر جي پسگردائيءَ تائين ڦھليل ھئا. اھي سڀ وسيع ۽ قيمتي علائقا ڌانڌلبازيءَ سان زبردستيءَ ھندستان کي ڏنا ويا ته جيئن پاڪستان جي نقصان مان ھندستان کي وڌيڪ طاقت حاصل ٿئي. اھي علائقا ملڪ جي اترئين حصي جا اناج گھر ۽ فوجي نقطه نظر کان ڏاڍا اھم ھئا. اھي ھندستان کي ڏئي ڇڏڻ سان لاھور ۽ اولھه پاڪستان جي ٻين علائقن جو بچاءُ بري طرح خطري ۾ پئجي ويو آھي. انهيءَ وقت اھو دليل ڏنو ويو ته تقسيم ۽ انقلاب جي تبديلين کان ڪجهه اھڙيون بي ربط ڳالھيون پيدا ٿي پيئون آھن، جو ھڪ لولي لنگڙي پاڪستان کي قبول ڪري ان جي استحڪام لاءِ ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ، انهن علائقن لاءِ وڙھڻ کان گھڻو بهتر آھي، جيڪي ھڪ غير منصفانه غير ملڪي فيصلي جي ڪري اسان جي ھٿن مان نڪري ويا آھن. جھونا ڳڙھھ ۽ حيدرآباد تي ھندستان جي قبضي، اھڙيون سياسي ۽ نفسياتي حالتون پيدا ڪيون، جيڪي ان لاءِ بي حد و حساب فائدن جو سبب بڻيون. ھاڻي ھو پنهنجي انهيءَ عقيدي تي سختيءَ سان ڄمي بيٺو ته ھو طاقت جي ڌمڪيءَ ۽ ان جي استعمال کي پنهنجي خارجه پاليسيءَ جي ھڪ سوچيل سمجھيل ھٿيار طور ڪم آڻڻ سان پاڪستان کي پنهنجين سڀني حڪمت عملين اڳيان گوڏن جھڪائڻ لاءِ مجبور ڪري سگھي ٿو. ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گذريل ويھن سالن کان وٺي ھلندو پيو اچي ۽ ھاڻي سوال ھيءُ آھي ته ڇا، پاڪستان ۾ ايتري طاقت ۽ ايترو استقلال آھي، جو ھو انهن محڪوم ماڻھن جي حق جي حمايت ڪندو رھندو يا ٻاھرئين دٻاءَ آڏو ان جو دم خم جواب ڏيئي رھيو آھي؟ جڏھن اسان کي اھو ٻڌايو وڃي ٿو ته ھندستان ايڏو وڏو ملڪ آھي، جو ان جي مزاحمت ٿي نه ٿي سگھي، ۽ اوڀر پاڪستان جي ساڍن پنجن ڪروڙ انسانن کي پنهنجو پاڻ کي پنجاھ لک ڪشميرين لاءِ قربان نه ڪرڻ گھرجي، يا جڏھن چيو وڃي ٿو ته اولھه پاڪستان جي ماڻھن کي ڪشمير تي ھندستان جي قبضي جي مزاحمت ڪري پنهنجي محدود ويڪرائيءَ واري علائقي کي فوجي يلغار جي زد ۾ نه آڻڻ گھرجي، تڏھن ان مان قومي عزم جي ڪمزوريءَ جي خبر ملي ٿي.
تقابلي عددن جي دليل کي منطقي طور لغو ثابت ڪري سگھجي ٿو. اچو ته فرض ڪريون ته پاڪستان جي آبادي ڏھ ڪروڙ آھي. ايڏي وڏي قوم ھڪ علائقي ۽ ان سان تعلق رکندڙ آباديءَ کي ھڪ غاصب کان آزاد ڪرائڻ جو خطرو کڻڻ لاءِ ڪڏھن تيار ٿيندي؟ ڇا، فقط ان وقت جڏھن اھا آبادي، جنهن کي آزاد ڪرائڻو آھي، ڏھه ڪروڙ ڏھ لک ٿي ويندي؟ پر انهيءَ صورت ۾ اھا آزاديءَ جي جنگ ڪانه ٿيندي، بلڪ ان کي ملڪ گيري سڏيو ويندو يا ٻين لفظن ۾ اھا ھڪ بيٺڪي جنگ ھوندي. ھيءُ دليل ته تعداد ۾ فرق بي عمليءَ کي جائز بنائي ڇڏي ٿو، واضح طور غلط آھي، ۽ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان اختلاف جي ڪيترن ئي ٻين سببن کي نظرانداز ڪري ٿو. اسانجي ٻنهي ملڪن کي آخرڪار امن امان سان رھڻو آھي، پر ان وقت جڏھن باھمي ٽڪراءَ جو فيصلو ٿي وڃي. پر انهيءَ قسم جي باھمي بقا جو ان وقت تائين سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جيستائين ھندستان پنهنجين سڀني اقليتن تي ثقافتي مذھبي ۽ لساني يڪسانيت زوريءَ مڙھڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آھي. پاڪستان جي پنهنجي مفاد کان دستبرداري انهيءَ اختلاف کي طئي نه ٿي ڪري سگھي. جيڪڏھن اسين پنهنجن ماڻھن ۽ علائقن لاءِ خطرو کڻڻ لاءِ تيار ناھيون، ته پوءِ اسان کي پنهنجي ھندستان سان لاڳو سرحد جي کاڌ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار رھڻ گھرجي، جنهن مان ھر ھڪ کاڌ ايتريقدر معمولي ھوندي جو ان جي مناسب جواب ڏيڻ لاءِ اھا مجرڪ بنجي نه سگھندي. سائنس وانگر بين الاقوامي سياست ۾ پڻ نام نهاد فھم وارو دليل ھميشه صحيح ڪو نه ھوندوآھي. سائنس ان وقت ترقي شروع ڪئي، جڏھن عام فھم جي ” تجربي کان قبل“ واري دليل کي تسليم ڪرڻ جي عادت ترڪ ڪئي ويئي. مثال طور گئليلو عام فھم جي سڀني قاعدن جي خلاف اھو ثابت ڪيو ته ھلڪا ۽ وزندار جسم زمين تي ساڳيءَ رفتار سان ڪـِرن ٿا. بين الاقوامي سياسيات ۾ ايڏا ته اسباب ڪارفرما ھوندا آھن، جو ڪوئي مڪمل حل ڏاڍو مشڪل دستياب ٿيندو آھي، ڇاڪاڻ ته اھڙيون تبديليون جيڪي انسانن سان تعلق رکن ٿيون، انساني فيصلن جي تابع ھونديون آھن. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ ۾ جڏھن فرانس جرمنيءَ جي قدمن ھيٺان رڳڙجي ويو، تڏھن جيڪڏھن انگريز قوم عام فھم وارن دليلن جو احترام ڪندڙ ھجي ھا ته اھا جرمن قوم جي اڳيان آڻ مڃي ھا، پر چرچل ائين نه ڪيو. ھن پنهنجي ملڪ کي رت، محنت، لڙڪن ۽ پگھر جي آڇ ڪئي، ۽ برطانيه جنگ کٽي ورتي.
ھن حجت جي بنياد تي ته ڪنهن قوم جي علائقي جي ھڪ حصي لاءِ سڄي قوم کي قربان نه ٿو ڪري سگھجي، ھندستان کي علاقائي توسيع جي ذريعي ڪراچي ۽ سنڌ تي قبضي ڄمائڻ جي اجازت ڏئي سگھجي ٿي، ڇا، ملڪ جي باقي آباديءَ لاءِ ھيءَ مصلحت انديش ڳالهه ٿيندي ته جيترو به ملڪ ان وٽ باقي رھجي ويو آھي، تنهن کي ڪراچي ۽ سنڌ جي ھڪ ڪروڙ انسانن لاءِ قربان ڪري ڇڏجي؟ ان کان پوءِ بلوچستان جو وارو اچي سگھي ٿو، پوءِ وري اوڀر ۽ اولھه پاڪستان جي باقي بچيل حصن جو، ۽ ان طرح پاڪستان جي تباھي قسطوار پوري ٿي سگھي ٿي. جيڪڏھن اھو منطق ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ پيش ڪري سگھجي ٿو، جيڪي پاڪستان جي عوام لاءِ ملڪ جا اھڙائي حصا آھن، جھڙا راولپندي ۽ چٽاگانگ، ته اھوئي دليل ملڪ جي باقي ٻين علائقن جي متعلق پڻ ڪم آڻي سگھجي ٿو. زير بحث مسئلو پيچيده ناھي، ۽ نه اسان کي ان کي پيچيده بنجڻ جي اجازت ڏيڻ گھرجي. ھندستان وڌيڪ وڏو ملڪ آھي. پر اھو پاڻ ھوش اڏائيندڙ مسئلن ۾ پڻ وڪوڙيو پيو آھي. اسين جيتوڻيڪ ان جي مقابلي ۾ ھڪ ننڍي ملڪ جا رھاڪو آھيون، تڏھن به اسان جي ھٿ ۾ ھڪ حق بجانب مقصد جو ھڪ موثر ۽ مضبوط ھٿيار آھي. تخمينو لڳايو وڃي ته اسان جون قوتون ۽ ڪمزوريون ذري گھٽ ھڪ جھڙيون آھن، پر جيڪڏھن ڪجهه فرق آھي به، ته اھو پاڪستان جي حق ۾ آھي. ھن ڳالهه جو امڪان گھٽ آھي ته ننڍو کنڊ ھڪ دفعو ٻيھر رت ۾ غسل ڪندو. داخلي ۽ خارجي حالتون ان جي اجازت نه ٿيون ڏين. پر ان جو ھيءُ مطلب ڪونهي ته اسين قربانين ڏيڻ لاءِ تيار نه رھون. ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل ٿيڻ کان سواءِ به اتي ھر روز رت وھايو پيو وڃي. جنگبنديءَ جون ڀڃڪڙيون ٿينديون رھن ٿيون. ھندستان جي اڀرندي حصي ۾ مسلمانن کي اذيتون ڏنيون پيئون وڃن ۽ انهن کي اتان ڪڍيو پيو وڃي. ماڻھو تاشقند واري معاھدي ۽ اقوام متحده جي باوجود، ناحق مصيبتون سھي ۽ مري رھيا آھن.
ھندستان، ڄمون ۽ ڪشمير جو ڇو طلبگار آھي؟ ھن ان کي ھن ڪري گرفت ۾ وٺي سو گھو ڪيو آھي، جو ڪشمير جي ماٿري پاڪستان جي بدن جو خوبصورت مٿو آھي. ان تي قبضو، کيس اولھه پاڪستان جي معيشت کي مفلوج ڪرڻ ۽ ان تي فوجي بالادستي قائم رکڻ جو موقعو ڏئي ٿو. ھندستان ڄمون ۽ ڪشمير تي ھن ڪري قبضو ڄمائي ويٺو آھي، جو اھو سوويت روس ۽ چين سان مشترڪه سرحدون رکي، ۽ پاڪستان کي انهن کان محروم ڪري، پنهنجي جنگي اھميت ۾ اضافي جو طلبگار آھي. سڀني کان وڌيڪ ڳالهه ھيءَ آھي ته ھو سڀني اخلاقي اصولن جي خلاف ان تي ھن ڪري قبضو ڄمائي ويٺو آھي. جو ھن ٻن – قومي نظريي جي نفي ڪرڻ چاھي ٿو، جيڪي پاڪستان جو بنياد آھي. جيڪڏھن مسلم اڪثريت وارو ھڪ علائقو ھندستان سان گڏ رھي سگھي ٿو ته پاڪستان جي وجود جو جواز باقي نه ٿو رھي. اھي سبب آھن جو ھندستان، ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجو تسلط ڄمائي رکڻ لاءِ بين الاقوامي راءِ عامه کي نظرانداز، ۽ پنهنجن وعدن جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو. پاڪستان کي انهن محڪوم ماڻھن جي خود اراديت جي حق لاءِ پنهنجي جدوجھد کي گھٽائڻ کان سواءِ جاري رکڻ گھرجي. ڄمون ۽ ڪشمير کان سواءِ پاڪستان علائقائي ۽ نظرياتي طور پڻ نامڪمل آھي. انهن علائقن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڄڻ ته پاڪستان کي سندس مٿو واپس ملي ويندو ۽ اھو يڪجا، وڌيڪ مضبوط ۽ زياده مقتدر بنجي پوندو. جيڪڏھن پاڪستان ٿڪجي يا خوفزاده ٿي انهيءَ جدوجھد کي ترڪ ڪري ڇڏيو ته نتيجو ان لاءِ موتمار ثابت ٿيندو، ۽ جيڪڏھن ڪنهن غلط قسم جو ٺاھ ڪيو ويو ته اھو جدوجھد کي ترڪ ڪرڻ جي برابر ٿيندو، جنهن کان پوءِ شايد خود پاڪستان به ڊھي پوي. جيڪڏھن اسان ھندستان سان تڪرارن جي منصفانه نبيري ڪرڻ کان سواءِ ئي پر سڪون تعلقات قائم رکڻ جو ٺاھ ڪري ڇڏيون ته خود پنهنجن علائقن ۾ ھندستان جي قيادت کي تسليم ڪرڻ ڏانهن اھو پھريون وڏو قدم ٿيندو، جنهن کان پاڪستان ۽ ٻيا پاڙيسري ملڪ ھندستان جا طفيلي بنجي پوندا.
اسان کي پنهنجي ٻارھن ڪروڙن کان وڌيڪ آباديءَ واري ملڪ جي جدا حيثيت قائم ڪرڻ ۾ ويھھ سال لڳي ويا آھن ۽ ان لاءِ ٻه جنگيون پڻ سھڻيون پيئون آھن. پوءِ به اھڙا ماڻھو موجود آھن، جيڪي اڃا تائين ملڪ جي ورھاڱي تي افسوس ڪري رھيا آھن ۽ پاڪستان کي ھڪ اھڙي ناخلف پٽ سان مشابهت ڏين ٿا، جيڪو ڪنهن ڏينهن وري ڀارت ماتا جي آغوش ۾ ھليو ويندو. سيپٽمبر 1965ع واريءَ جنگ کان پوءِ کان وٺي يا ته ٻاھرئين اثر جي ڪري يا پنهنجي تجربي جي آڌار تي ھندستان پاڪستان سان تعاون جي موضوع تي ڳالھيون ڪرڻ شروع ڪيون آھن. ھو پنهنجي داءَ جي انهيءَ تبديليءَ مان ڪھڙو فائدو حاصل ڪرڻ چاھي ٿو ؟ پنهنجي ڀارتي دفاعي خرچن ۾ ڪميءَ جي ذريعي پنهنجي اقتصادي حالت کي بهتر بنائڻ ۽ کانئس انحراف ڪندڙ عناصر کان سختيءَ سان حساب چڪائڻ لاءِ ساھي پٽڻ جي مھلت لاءِ - ھو ناگا ۽ ميزو قبائل کي، جيڪي اوڀر پاڪستان جي سرحد کي گھڻا ويجھا آھن، چِـِٿڻ چاھي ٿو، ڏکڻ ھندستان ۽ سـِکن کي دٻائڻ چاھي ٿو، راجپوتانا ۾ بي اطمينانيءَ جي چيزن کي ڀرڻ چاھي ٿو ۽ ڇھن ڪروڙن ھندستاني مسلمانن جي جذبي کي ختم ڪرڻ چاھي ٿو.
اڪثر چيو ويو آھي ته جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان جي تعلقات ۾ محاذ آرائي جاري رھي ته ھندستاني مسلمانن جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو. اھو دليل پاڪستان تي ناجائز دٻاءُ وجھڻ ۽ ھندستان مسلمانن کي ھندستان جي جارحيت ۽ اقتدار جي واڌاري جي حڪمت عمليءَ ۾ يرغمال طور مستقل خوف ۾ مبتلا رکڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ مسئلي جو ذره گـَھرو مطالعو ھيءَ ڳالهه ظاھر ڪري ٿو ته ان جي ابتڙ صورتحال حقيقت کي زياده ويجھي آھي. ھڪ مضبوط ۽ اولوالعزم پاڪستان، جيڪو پنهنجن جائز حقن مان واريءَ جي ھڪ ذري جيترو حق به ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھجي، سو سندن تحفظ جو بهترين ضامن آھي. ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجي مرضيءَ سان پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ھو. تقسيم جي فائدي ۾ ڀاري ووٽ انهن ماڻھن به، جن کي ھندستان ۾ رھڻو ھو، اھڙيءَ طرح ڏنا، جھڙيءَ طرح انهن علائقن جي ماڻھن، جيڪي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارا ھئا. جناح تي مسلمانن جو اعتماد ان وقت عروج جي نقطي تي پھتو، جڏھن ھن ٻن قومن واري نظريي سان ھندو ليڊرن جو مقابلو ڪيو. ھندستان ملڪ جي ورھاڱي کان ھڪدم پوءِ پنهنجن مسلمان شھرين تي غصو ڇنڊڻ شروع ڪيو، ۽ اھو فقط ان وقت، جڏھن ان کي يقين ٿي ويو ته ھڪ ڪمزور ۽ غير مستحڪم پاڪستان جوابي ڪارروائي نه ڪري سگھندو. ھن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ شبهو ڪونهي ته پاڪستان ڪمزور ٿي ھندستان جي پنهنجن مسلمانن جي خلاف وڌيڪ امتياز اختيار ڪرڻ جي ھمت افزائي ڪندو. ان جي ابتڙ، ھڪ مضبوط ترين ضمانت آھي، ڇاڪاڻ ته ھندستان ھڪ مستعد ۽ زورآور پاڪستان کي اشتعال ڏيارڻ کان ھٻڪندو. اھا ڪافي محض اتفاقي ڳالهه ڪانهي ته آزاديءَ جي حصول کان ويھھ سال پوءِ، جڏھن محاذ آرائي پنهنجي عروج تي آھي، ھندستان جنگ جي ھڪ نتيجي طور پھريون دفعو ھڪ مسلمان کي پنهنجو صدر مملڪت منتخب ڪيو آھي. پر جيڪڏھن پاڪستان جي خود مختار رياست ڪمزور ٿي ويئي ته ھندستاني حڪومت سمجھندي ته ھاڻي کيس پنهنجين اقليتن سان مرضيءَ مطابق ھلت ڪرڻ جي آزادي ملي ويئي آھي. اھڙي صورت ۾ ھندستاني مسلمانن کي شديد نقصان پھچندو. پر فوري طور ۽ سڀ کان وڌيڪ بدسلوڪيءَ جو نشانو ڄمون ۽ ڪشمير جا مسلمان ٿيندا. جيئن ئي ھندستان سان تڪرارن جي نبيري کان سواءِ تعاون شروع ٿيندو، ته ڪشمير جا ماڻھو قدرتي طور ھيءُ نتيجو ڪڍندا ته پاڪستان کين ڇڏي ڏنو آھي ۽ انهن لاءِ ھندستاني اڳرائيءَ آڏو گوڏو جھڪائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه رھيو آھي. جيڪڏھن پاڪستان ھڪ خود مختار ۽ پوريءَ طرح سان مسلح مملڪت ھوندي به، پنهنجي مزاحمت جي قوت ختم ڪري ڇڏي، ته ڄمون ۽ ڪشمير جي بي ھٿيار ماڻھن کان ڪھڙيءَ طرح مزاحمت جي اميد رکي سگھجي ٿي؟ پاڪستان جي جھڪي پوڻ کان پوءِ ھندستان سمجھندو ته ان کي سڪم ۽ ڀوتان جي ھماليائي رياستن کي قابو ۾ آڻڻ جي آزادي ملي ويئي آھي ۽ پوءِ ھو نيپال ۽ سري لنڪا تي پڻ پنهنجو دٻاءُ وجھندو. ننڍي کنڊ تي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي تائين پنهنجي قيادت کي مڙھي، ھندستان پوءِ اھا ڪوشش ڪندو ته ھو ھميشه لاءِ مسلمانن جي خود اراديت واري حق جي تحريڪ جي امڪانن کي ئي ختم ڪري ڇڏي.
جڏھن پاڪستان غير مساوي ۽ اطاعت گذار بنيادن تي تعاون ڪرڻ شروع ڪندو، تڏھن ھندستان سڀ کان اڳ ۾ پنهنجوڌيان اوڀر پاڪستان جي زرخيز علائقن طرف ڦيرائيندو، جنهن کي ھو پروپئگنڊا جو نشانو ۽ اقتصادي ۽ ثقافتي حملن جو شڪار بنائيندو. ھندستان ڪوشش ڪندو ته ھو اوڀر پاڪستان کي ڌمڪائي، برغلائي ۽ پنهنجي خفيه ثقافتي اثر ۽ ويجھڙائيءَ جي مجرد دٻاءُ سان اولھه بينگال ۾ سمائي ڇڏي. ھندستاني پرچار جو موجوده راڳ ھيءُ آھي ته اولھه پاڪستان جي پنج سئو پنجاسي لک آباديءَ کي ڄمون ۽ ڪشمير جي پنجاھ لک باشندن خاطر پنهنجي مستقبل کي قربان ڪري استحصال جو شڪار بنجڻ نه گھرجي، جيڪي اوڀر پاڪستان جي ماڻھن کي اوترائي ويجھا يا کانئن بيگانا آھن، جيترا ايران جا ماڻھو- جيڪڏھن ڪشمير کي سڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته پوءِ اوڀر پاڪستان وارن کي صلاح ڏيندو ته اھي اولھه پاڪستان جي ماڻھن سان پنهنجو واسطو اھڙو ئي گھٽ سمجھن، جھڙو ڪشمير جي ماڻھن سان. اوڀر پاڪستان جي ماڻھن نالي مسلسل اپيلون جاري ڪيون وينديون ته اھي اولھه پاڪستان جي تسلط کان نجات حاصل ڪري وٺن. اولھه پاڪستان ۾ اھڙا اثر ۽ رسوخ وارا ماڻھو ڳولي ڪڍيا ويندا، جيڪي اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جي فائدي ۾ دليل ڏيندا. انهيءَ قسم جي اشتعال ڦھلائڻ وارا ڪاراوا، جيڪي ھر ملڪ ۾ دستياب ٿي سگھندا آھن، ھن طرح جو پرچار ڪندا ته اوڀر پاڪستان تي اولھه پاڪستان ”ھڪ بار“ آھي ۽ ان جيڪا ”بلئنڪ ميل“ لڳائي رکي آھي، تنهن کي ھميشه واسطي ختم ڪرڻ لاءِ ھاڻي قطعي طور علحدگيءَ جو رستو اختيار ڪيو وڃي. جيڪڏھن ھڪ دفعو ڄمون ۽ ڪشمير کي آزاد ڪرائڻ جو قومي عزم ٽٽي پيو ته ملڪ جي ٻنهي بازن ۾ انهن جي رابطي کي ٽوڙڻ لاءِ تخريب ڪاريءَ جي مھم تيز ٿي ويندي. جيڪڏھن ان طرح سان پاڪستان تقسيم ٿي ويو ته ٻنهي بازن جي اھميت ھڪدم گھٽجي اڌو اڌ رھجي ويندي ۽ ننڍي کنڊ ۾ طاقت جي ٻن عظيم الشان ٿنڀن ھئڻ بجاءِ، پاڪستان ٻن ڪمزور رياستن ۾ ورھائجي ويندو. انتشار جو عمل ان وقت تائين جاري رھندو، جيستائين اوڀر پاڪستان اولھه بينگال ۾ جذب نه ٿي وڃي ۽ ان مان اولھه پاڪستان ۾ علحدگي پسند تحريڪن جي ھمت افزائي ٿيندي(1).
ھندستان پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رھيو. آزادي حاصل ٿيڻ کان پوءِ ھن اسان جي خلاف اقتصادي ناڪھ بندي اسان جي معيشت کي تباھ ڪرڻ لاءِ عايد ڪئي. ھي چال نه فقط اسان کي تباھه نه ڪري سگھي، بلڪ درحقيقت ان اسان کي تقويت پھچائي. سيپٽمبر1965ع واريءَ جنگ ھندستان کي يقين ڏياري ڇڏيو آھي ته اھو محاذ آرائي ذريعي پاڪستان کي تباھ نه ٿو ڪري سگھي. ان ڪري ھاڻي ان جي پاليسي مقابلي کان تعاون جي طرف منتقل ٿيندي، يعني ”تاشقند جذبي جي طرف.“ ھو ھاڻي پاڪستان کي امن پسند تعاون جي ترغيبن جي آڇ ذريعي پنهنجي طفيلي بنائڻ جي ڪوشش ڪندو. اھا وڌيڪ نازڪ تدبير آھي. ڪوئي ھوشمند انسان ان تي ڪھڙيءَ طرح اعتراض ڪري سگھي ٿو؟ دوستيءَ جي وڌايل ھٿ کي نظرانداز ڪرڻ نامعقول معلوم ٿئي ٿو. پر ھندستان ھڪ کاٽ ھڻندڙ وانگر چور دروازي کان داخل ٿيڻ جي نيت ڪري ويٺو آھي. انهيءَ قدم ۾ ھن جي ٻاھرين طاقتن جي طرفان مدد ۽ اڪانت ٿيندي. ھندستان جي پاڪستان کي ھضم ڪرڻ جي مقصد ۽ آمريڪا جي پنهنجي مقصد جي درميان فرق جو نقطو ان وقت نمودار ٿي وڃي ٿو، جڏھن آمريڪا چين جي خلاف جارحانه مقابلي تي اصرار ڪري ٿو. ھندستان جي پنهنجي ڪوشش جو رخ پاڪستان کي تابعدار بنائڻ طرف ھوندو، نه پنهنجي عظمت ۾ واڌاري لاءِ چين جي چوگرد اشتعال انگيز گھيري وجھڻ لاءِ. پاڪستان جي اطاعت حاصل ڪرڻ جي ھندستاني ۽ آمريڪي مقصدن ۾ ھڪ مشترڪه غرض آھي، پر ھڪ ٻي غرض جي سلسلي ۾ انهن جي درميان اختلاف آھي. جيڪڏھن پاڪستان صورتحال جو صحيح اندازو ڪري ته ھو انهن ٻنهي غرضن جي باھمي نفي ڪرائي سگھي ٿو. ان جي ابتڙ جيڪڏھن پاڪستان گوڏا ٽيڪيا، ته نتيجي طور ھندستان ۽ آمريڪا جي درميان تعاون وڌي ويندو ۽ ان مان تضاد ختم ٿي ويندا- گھٽ ۾ گھٽ پاڪستان کي ھندستان جو جلديءَ سان تابعدار بنائڻ جي حد تائين.
ان طرح ھندستان مشترڪه منصوبن جو خير مقدم ڪندو، ۽ ان ھوندي به انهن کي قبول ڪرڻ کان ڪيٻائيندو. ھو انهن تجويزن جو پاڪستان کي جذب ڪرڻ خاطر خيرمقدم ڪندو، پر جيڪڏھن مقصد چين جي خلاف صف آرائيءَ ۾ تعاون حاصل ڪرڻ ٿيو ته ھٻڪندو. تاريخ ۾ اھڙن ملڪن جي درميان، جن جي علاقائي ۽ ٻين بنيادي تڪرارن جو نبيرو ٿيل نه ھجي، ڪامياب اقتصادي رٿائن جو مثال نه ٿو ملي. ھيءَ اھڙي ئي ڳالهه آھي، جيئن متحده عرب جمھوريه يا شام کي چيو وڃي ته اھي پنهنجي علائقي ۾ اسرائيل سان مشترڪه منصوبن جي تعميل ۾ شريڪ ٿين. ان جي ابتڙ، ڪن غيرملڪي ماھرن ھڪ طرف ته چيو آھي ته پاڪستان ۾ ٻه مختلف معيشتون آھن، ته ٻئي طرف ھي اصرار ڪيو اٿن ته اوڀر پاڪستان ۽ اولھه پاڪستان جي معيشتن جو ھڪٻئي تي انحصار آھي. گويا، داخلي طور ته ھڪ قوم جي حيثيت ۾ پاڪستان جون ٻه معيشتون آھن، پر خارجي طور ان جي اڀرندي بازوءَ جي ھندستان جي ھڪ حصي سان ھڪ ناقابل ِ تقسيم معيشت آھي ! تڪرارن جي نبيري کان سواءِ، ۽ ملڪ جي اقتدار اعلي ٰ جي حقن کي مڪمل طور نطر انداز ڪري عالمي بئنڪ پنهنجي مرضيءَ سان گنگانديءَ جي پاڻيءَ جي استعمال جو ھڪ حل مڙھڻ چاھي ٿي. اھا ٻنهي ملڪن جي درميان تعاون اوڀر پاڪستان ۽ اولھه بينگال جي وچ ۾ درياھي پاڻيءَ ۾ ڀائيواريءَ جي ذريعي ڪرائڻ چاھي ٿي. سنڌو ماٿر واري ٺاھه جو مثال ھتي صادق نه ٿو اچي. انهيءَ معاھدي جو مقصد ھيءُ ھو ته ھندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پاڻي اھڙيءَ طرح ورھايو وڃي جو باھمي انحصار ۾ ڪمي اچي. اوڀر پاڪستان جي حالت ۾ ھڪ اھڙي حل مڙھڻ جون ڪوششون ڪيون پيئون وڃن، جو اوڀر پاڪستان کي اولھه بينگال جو محتاج بنائي ڇڏيندو. انهيءَ قسم جو حل پاڪستان کي اولھه بينگال جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏيندو، جنهن مان اڻٽر ۽ تباھڪن نتيجا نڪرندا. انهيءَ مثال جي مطابق وري بجليءَ جا منصوبا باھمي اشتراڪ ڪرڻ لاءِ سامھون ايندا، جيڪي اڳتي ھلي زراعت ۽ صنعت ۾ تعاون تائين وڃي پھچندا. ھٿياربند فوجن ۾ ڪميءَ جي تجويز تي ھن کان اڳي خيال جو اطھار ٿي چڪو آھي، پر ان صورت ۾ به انهن سڀني خامين کان قطع نظر، جن تي بحث ٿي چڪو آھي، ھندستان انهيءَ قسم جي معاھدي ۾ ھميشه چين جي خطري تي مبالغھ آرائيءَ جي ذريعي آمريڪا جي ملت ِ سان معاھدي کان ڪترائي پنهنجو ڪم ڪڍي سگھي ٿو. جيڪڏھن اھو ڪم مشڪل ٿي پيو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته ھندستان کي طفيلي ملڪن کان ھٿيار فراھم ڪرايا وڃن ته جيئن معاھدو ان سان لاڳو نه ٿي سگھي.