تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نالي ماتر آزادي

ھن ڪتاب ۾ ڀُٽي صاحب پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي سان گڏ دنيا جي صورتحال، سياسي حالتن، پاڪستان کي گھيريل حالتن ۽ ايندڙ حالتن جي اپٽار ڪئي آھي، پاڻ لکن ٿا:
”آءٌ تسليم ڪريان ٿو ته ھيءُ ڪتاب تڙتڪڙ ۾ ۽ اھڙين حالتن ھيٺ لکيو ويوآھي، جن تي منهنجو ڪو وس نه آھي ۽ جڏھن حالتن جي خلاف اھڙي ڊوڙ لڳي پيئي آھي، جيڪا پاڪستان کي انتهائي تيز رفتاريءَ سان ھڪ اھڙي چؤ واٽي طرف ڇڪي وڃي رھي آھي، جتان ھڪ کان سواءِ باقي سڀ واٽون تباھيءَ ڏانهن وڃي رھيون آھن.“
  • 5.0/5.0
  • 2421
  • 1199
  • 4 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book نالي ماتر آزادي
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نالي ماتر آزادي“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم ۽ 1973ع ۾ پاڪستان کي آئين ڏيندڙ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جو لکيل آھي جيڪو 1969ع ۾ آڪسفورڊ پريس پاران "The Myth of Independence” جي نالي سان ڇپيو آھي. ڪتاب جو انگريزي ايڊيشن [url href=http://bhutto.org/Acrobat/Myth%20of%20Independence.pdf]ھن لنڪ[/url] تان پڙھي سگھجي ٿو.
ھن ڪتاب ۾ ڀُٽي صاحب پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي سان گڏ دنيا جي صورتحال، سياسي حالتن، پاڪستان کي گھيريل حالتن ۽ ايندڙ حالتن جي اپٽار ڪئي آھي، پاڻ لکن ٿا:
”آءٌ تسليم ڪريان ٿو ته ھيءُ ڪتاب تڙتڪڙ ۾ ۽ اھڙين حالتن ھيٺ لکيو ويوآھي، جن تي منهنجو ڪو وس نه آھي ۽ جڏھن حالتن جي خلاف اھڙي ڊوڙ لڳي پيئي آھي، جيڪا پاڪستان کي انتهائي تيز رفتاريءَ سان ھڪ اھڙي چؤ واٽي طرف ڇڪي وڃي رھي آھي، جتان ھڪ کان سواءِ باقي سڀ واٽون تباھيءَ ڏانهن وڃي رھيون آھن.“
رسول بخش پليجي صاحب آڪٽوبر 2011ع ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ ھن ڪتاب بابت حوالو ڏيندي چيو ھو تہ ”ٻي جنگ عظيم مغربي سامراجي ملڪن برطانيا، فرانس، آمريڪا ۽ جرمني گڏجي سازش ڪري جرمني هٿان روسي انقلاب جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڪرائي هئي، پر ان ۾ ناڪام ٿيا ۽ سخت ڪمزور ٿي ويا، ان ڪري هنن پنهنجي غلام ملڪن ۾ اندران ئي اندران پنهنجن ايجنٽن سان ساز باز ڪري نالي ماتر ڪوڙي آزادي ڏيئي کين سڌي سامراجي غلاميءَ مان ڪڍي آمريڪا جي اڻ سڌي اڳي کان سوين دفعا وڌيڪ رهزن ۽ سفاڪ غلامي ۾ ڏيئي ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪتاب ”نالي ماتر آزادي“ جو مطلب به اهو هو.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ پاران 1975ع ۾ ڇپايو ويو ۽ ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ ڇپايو ويو. ھي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان پياري امين ڀٽي سھيڙي ۽ نئين سر پروف ريڊنگ ڪري موڪليو آھي جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
انتساب

سنڌ سلامت پاران

شڪر ادائي

ديباچو

باب پهريون: برابريءَ لاءِ جدوجھد

باب ٻيون: عالمي طاقتون ۽ ننڍيون قومون

باب ٽيون: ورھاڱي ۽ ھندستان جي غير جانبداريءَ ڏانهن آمريڪي رويو

باب چوٿون: چين جي خلاف ھندستان جي آمريڪا کان امداد وٺڻ

باب پنجون: آمريڪا جي ھندستان لاءِ امداد ۽ پاڪستان کان بي نيازي

باب ڇهون: پاڪستان کي ھندستان جي قيادت جي حلقي ۾آڻڻ جي آمريڪي حڪمت عملي

باب ستون: آمريڪي شرطن تي ھندستان سان اشتراڪ عمل

باب اٺون: آمريڪي مطالبا ۽ پاڪستان لاءِ کليل راھون

باب نائون: ھند و پاڪستان جنگ ۽ ان جا مثال

باب ڏهون: پاڙيسرين ۽ ڪن ٻين ملڪن سان تعلقات

باب يارهون: ويٽ نام جي جنگ ۽ پاڪستان

باب ٻارهون: چين ۽ پاڪستان جا تعلقات

باب تيرهون: يورپي ملڪن ۽ عظيم طاقتن سان تعلقات

باب چوڏهون: ڪي نتيجا

باب پندرهون: ملڪ جو بهترين دفاع

باب سورهون: اڳرائيءَ جي روڪٿام

باب سترهون: وڌندڙ بحران جو مقابلو ڪيئن ڪجي

باب ارڙهون: ھندستان سان تنازعي جا بنياد

باب اوڻيهون: ھندستان سان مقابلو

باب ويهون: پڄاڻي

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

5.0

(ڪُل 0 رائين آڌار)



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • ليکڪ ذوالفقار علي ڀٽو
  • ڇپيو ويو 1989
  • ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 24/Aug/2019
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 1199 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون