تاريخ، فلسفو ۽ سياست

نالي ماتر آزادي

ھن ڪتاب ۾ ڀُٽي صاحب پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي سان گڏ دنيا جي صورتحال، سياسي حالتن، پاڪستان کي گھيريل حالتن ۽ ايندڙ حالتن جي اپٽار ڪئي آھي، پاڻ لکن ٿا:
”آءٌ تسليم ڪريان ٿو ته ھيءُ ڪتاب تڙتڪڙ ۾ ۽ اھڙين حالتن ھيٺ لکيو ويوآھي، جن تي منهنجو ڪو وس نه آھي ۽ جڏھن حالتن جي خلاف اھڙي ڊوڙ لڳي پيئي آھي، جيڪا پاڪستان کي انتهائي تيز رفتاريءَ سان ھڪ اھڙي چؤ واٽي طرف ڇڪي وڃي رھي آھي، جتان ھڪ کان سواءِ باقي سڀ واٽون تباھيءَ ڏانهن وڃي رھيون آھن.“
Title Cover of book نالي ماتر آزادي

باب ويهون: پڄاڻي

دنيا ۾ ڪو به ملڪ، ھن دائمي انديشي جي پيش نظر ته جوھري ھٿيارن جو استعمال اھڙي پئماني تي ٿي سگھي ٿو، جو زمين جي گولي تي زندگيءَ جو سراسر خاتمو ٿي وڃي، عالمي سطح تي ھٿيارن ۾ تخفيف آڻڻ جي اصول جي مخالفت نه ٿو ڪري سگھي. جڏھن دنيا ۾ ھر ھنڌ ماڻھو پنهنجي زندگيءَ جي حالات کي بهتر بنائڻ جا آرزو مند ھجن ته ڪنهن ھڪ قوم کي ھي حق نه ٿو پھچي ته اھا دستياب وسيلن کي بچاءَ جي بدران اقتصادي اوسر لاءِ استعمال ڪرڻ جي مطالبي جي مخالفت ڪري. ان جي باوجود، ان جي اثرائتي ٿيڻ لاءِ ضروري آھي ته ھٿيارن جي تخفيف گھڻ- طرفي ۽ عالمي بنياد تي ھجي ته جيئن ڪنهن ھڪ قوم کي ٻيءَ قوم جي مٿان يا قومن جي ھڪ گروھ کي قومن جي ٻئي گروه برتري حاصل نه ٿئي. پر ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جي تخفيف جي تجويز ۾ عدل ۽ انصاف جو شائبو به ڪونهي. ھندستان، ڄمون ۽ ڪشمير تي اوڀر ۾ سندس علائقي ۾ ڦاٿل انهن ٽڪرن (enclaves)تي، جيڪي پاڪستان جا علائقا آھن، قابض آھي. انهن حالتن ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھٿيارن جي ٻه- طرفي تخفيف جو مطلب انهيءَ ملڪ جي فتح آھي، جيڪو تڪراري علائقي تي قابض آھي ۽ انهيءَ ملڪ جي شڪست، جنهن جا علائقا ان کان کسجي ويا آھن.
اسان کي انهيءَ زبردست امداد کان حوصلو ھارڻ نه گھرجي، جيڪا ھندستان کي ملي رھي آھي. ھندستان پاڻ ئي پاڪستان جي لاءِ ھڪ خطرو آھي ۽ طاقتور ٻاھرين طاقتن کان مدد حاصل ڪري ھو اڃا به وڌيڪ وڏو خطرو بنجي پوندو. پر اھو خطرو ڪيترو به وڏو ڇو نه ھجي، ھڪ اھڙي متحده قوم جي عزم کي ٽوڙي نه ٿو سگھي، جنهن جو مقصد حق بجانب ھجي. موجوده صورتحال ھميشه لاءِ ھلي نه ٿي سگھي. عالمي طاقتن جا انداز، جيئن اسان ڏٺو آھي، بدلجي به سگھندا آھن. بين الاقوامي معاملن ۾ ”ناقابل تعمير مستقل“ جھڙي ڪا به شئي ڪانهي. اھوئي سبب آھي، جو جڏھن ھندستان آمريڪا ۽ چين جي درميان ٺاھ ٺوھ جي لاڳاپن بابت ڪجهه به ٻڌندو آھي، تڏھن خودفزده ٿي ويندو آھي. وقت گذرڻ سان، جيڪڏھن ڪنهن مھل آمريڪا ۽ چين ۾، يا چين ۽ سوويت روس ۾ باھمي بقا جو ڪوئي طريقو عمل ۾ اچي ويو ته ان وقت ھندستان پاڻ کي اڪيلو ڏسندو. ويٽ نام جي جنگ فيصله ڪن اھميت جي حامل آھي. ھن ننڍي کنڊ، ۽ مجموعي طور سڄي ايشيا جي مستقبل تي ان جا سڌيءَ طرح سان اثر مر تب ٿيندا. خدا ڪري اھا جنگ نه ڦھلجي، ۽ اسان کي پنهنجن مسئلن کي اطمينان بخش طور حل ڪرڻ جي فرصت ملي وڃي. آمريڪا ۽ چين جي درميان ويٽ نام تي وڌندڙ مقابلو پھرين نظر ۾ پاڪستان تي ناموافق اثر وجھندڙ نظر اچي رھيو آھي، پر وڌيڪ ويجھڙائي کان مشاھدو انهيءَ وھم کي دور ڪري ڇڏي ٿو. اسان وڌندڙ دٻاءُ سان منهن ڏيڻ لاءِ ويٽ نام جي صورتحال مان فائدو پرائي سگھون ٿا، بشرطيڪ اسان انهن دٻائن جو مقابلو ڪريون، جيڪي اسان کي اڳي کان ئي محسوس ٿي رھيا آھن. جيڪڏھن اھا جنگ تسلي ٰ بخش نموني ۾ ختم ٿي ويئي، ته شايد ان مان آمريڪا ۽ چين جي درميان ڪشيدگيون به ختم ٿي سگھن، جنهن مان پاڪستان کي فائدو ٿيندو. جيڪڏھن جنگ جاري رھي ته امڪان آھي ته آمريڪا ان ۾ اھڙي بريءَ طرح سان ڦاسي پوي، جو اھا وري پاڪستان تي ڪو به دٻاءُ نه وجھي سگھندي، ۽ نه اھا موجوده حالتن ۾ ايشيا جي اندر ھڪ ٻئي سنگين بحران کي وجود ۾ آڻڻ جي خواھشمند ھوندي.
بهرحال، آمريڪا پنهجن شرطن کي مڙھڻ جي اھليت رکندي ھجي يا نه رکندي ھجي، ھن ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه ھئڻ گھرجي، ته پاڪستان پنهنجا قدم ڄمائي رکندو. سڀني مڪروھ قسمن جي شرطن کي ٺڪرائي ڇڏيندو ۽ اولوالعزميءَ سان غير ملڪي مداخلت جو مقابلو ڪندو. کيس ھندستان سان مقابلو ان وقت تائين جاري رکڻ گھرجي، جيستائين علاقائي۽ انهن بنيادي تڪرارن جو، جيڪي اولھه ۽ اوڀر پاڪستان تي اثر ٿين ٿا، اطمينان بخش نبيرو نه ٿي وڃي.
ان جي باوجود ھي نتيجو ڪڍڻ غلط نه ٿيندو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ھندستان سان تعاون نه ٿو ڪرڻ چاھي. جاگرافيائي، تاريخ ۽ ثقافتي ڳانڍاپن کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. دور دراز ۽ پاڙيسري ملڪن سان تعلقات کي يڪسان طور بهتر بنائڻ جي اسان جي دلي خواھش جي مدنظر ھندستان سان تعلقات کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ قدرتي ڳالهه ٿيندي، پر تعاون نتيجھ خيز ھئڻ لاءِ لازمي طور اھڙين قومن جي درميان حقيقي برابريءَ جي بنيادن تي ھئڻ گھرجن، جن جي وچ ۾ نه ھڪٻئي جي خلاف ڪي تعصب ھجن ۽ نه علاقائي يا بنيادي تڪرار. تعاون ۽ ناانصافي گڏجي قائم نه ٿا رھي سگھن، ڇا برطانيه لاءِ آزاديءَ کان اڳ ۾ عدم مساوات ۽ تسلط جي بنيادن تي ھندستان سان تعاون ممڪن ٿئي ھا؟ يا استعماري حالتن جي موجودگيءَ ۾، ڇا، فرانس الجزائر سان تعاون ڪري سگھيو ٿي؟ جڏھن ھندستان اشتراڪ ِ عمل جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان جي ذھن ۾ حقيقي تعاون جو تصور ڪو نه ھوندو آھي. ھو تعاون جي نعري کي اھڙي پروپئگنڊا طور استعمال ڪندو آھي، جنهن سان ھو عالمي راءِ عامه برغلائي ۽ پاڪستان کي دوکو ڏيئي سگھي.
ڇا، ھندستان سان اسان جو جھڳڙو ابدي آھي؟ ابدي جھڳڙن جو ڪو وجود ڪونهي، پر ابدي مفاد ھوندا آھن. پاڪستان پنهنجي اصل مفادن کي فقط ان طرح محفوظ رکي سگھي ٿو، ته ھو ھندستان سان ان وقت تائين مقابلو قائم رکي، جيستائين سڀ تنازعا منصفانه طور حل نه ٿي وڃن. ھيءَ ڳالهه پاڪستانين لاءِ عقيدي جو ھڪ جز آھي ته اھو ڏينهن ايندو، جڏھن ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام پنهنجي تقدير پاڪستان سان وابسته ڪندو ۽ اھو ڏينهن پڻ ايندو، جڏھن ھندستان سان پاڪستان جي باقي بنيادي تڪرارن جو، جيڪي ان جي اڀرندي علائقي کي متاثر ڪن ٿا، منصفانه حل نڪري ايندو. پاڪستاني عوام ھندستان سان اھڙا تعلقات رکڻ چاھين ٿا، جيڪي مونجھارن کان پاڪ ھجن. تقابل کي، جنهن جو مطلب نه جنگ آھي ۽ نه امن، بچاءَ جي ھڪ تدبير طور جاري رکڻ ان وقت تائين ضروري آھي، جيستائين ھندستان پاڪستان سان سڀني اھم تڪرارن کي طئي شده بين الاقوامي حقائق ۽ مساوات جي جذبي سان حل ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪري. ھندستان ھڪ عظيم طاقت ناھي. ان جا پاڪستان سان علاقائي ۽ ٻيا جڳھڙا آھن، ۽ اھو پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي پٺيان پيل آھي، پر چين جي گھيراءَ جو ھو خواھان ناھي- يعني جيستائين اھا ڳالهه سندس پنهنجن مطالبن جي موافق نه ھجي-ان ڪري ھندستان جي خلاف محاذ آرائي لازمي ۽ اڻٽر آھي ۽ في الحال ھندي پاڪستاني جھڳڙن جي نبيري جي سوال جو فقط اھوئي جواب آھي، جھڙو ھاڻي ننڍي کنڊ جي ٻنهي ملڪن جي درميان جٽادار امن جو پڻ اھوئي واحد ذريعو آھي. ھيءَ غير مساوي طاقتن جي درميان جدوجھد ناھي، جو ڪنهن عظيم يا عالمي طاقت سان تقابل جي صورت ۾ ھجي ھا. بيشڪ ڪنهن حد تائين بساط ۾ فرق آھي، پر اھو فرق مطلق ناھي. ان کان علاوه انهيءَ اضافي فرق جو علاج ھنن اسبابن مان ٿي وڃي ٿو: پاڪستان جي مقصد جو انصاف، پاڪستان عوام جو جذبو، ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻھن جو اشتراڪ ِ عمل، جيڪي سندن زر زمين تي ھندستاني قبضي کان سخت ناخوش آھن ۽ جيڪي پاڪستان جي وڏي برابريءَ ۾ شموليت جي خواھش رکن ٿا ۽ اھا بي حد ۽ بي انتها حمايت جيڪا پاڪستان کي عوامي جمھوريه چين سميت ٻين ملڪن کان ملي آھي. پاڪستان ۽ ھندستان جي باھمي محاذ آرائيءَ جون پاڙون اسان جي تاريخ ۾ پري پري تائين ھيٺ پھتل آھن ۽ ان جي مخالفت کي، چاھي اھا ڪيتري به ڀاري ھجي، ان وقت تائين جاري رھڻو پوندو، جيستائين انصاف جي تقاضا پوري نه ٿي ٿئي. اھو امن، جنهن کان ننڍي کنڊ جا سٺ ڪروڙ انسان صدين کان محروم آھن، انهيءَ صورت ۾ دوباره حاصل ٿي سگھي ٿو، جڏھن جھڳڙن جو نبيرو ٿي وڃي. اھو امن، جيڪو غربت، جھالت ۽ بيماريءَ جي خاتمي لاءِ بيحد ضروري آھي، پنهنجي جائز حقن کان دستبردار ٿيڻ سان نه، بلڪ انهن حقن کي حاصل ڪرڻ سان ئي ميسر اچي سگھندو. محاذ آرائي جي حڪمت عملي جنگبازي نه آھي، بلڪ حقيقت ۾ اڪثر وقتن تي ان جي اثر کان مادي جنگ جي روڪٿام ٿي ويندي آھي. اھو واحد ڄاتل سڃاتل ذريعو، جنهن سان ڪائي قوم فوجي ٽڪراءَ کان پھلو بچائي سگھي ٿي، مڪمل تياريءَ جو آھي، ۽ نه فقط فوجي تياريءَ جو.
ايشيا، جيئن ته ھڪ وڏي انقلاب جي لپيٽ ۾ آھي، انڪري مقامي ھيجانن ۾ ڦيرن گھيرن جي توقع رکي سگھجي ٿي. ايشيائي ملڪن جي رھنمائن کي انقلاب سان زندگي بسر ڪرڻ جو سليقو سکڻ گھرجي ۽ اھو ڄاڻڻ کپي ته ھاڻي حالتون پٺئين طرف نه موٽي سگھنديون ۽ نه انهن کي ڪنهن به قيمت تي جيئن جو تيئن قائم رکي سگھبو. جيڪڏھن اھي انقلاب جي طوفان کي سھڻ جي لائق نه آھن ته انهن کي رھنمائيءَ جو ڪو به حق نه ٿي پھچي. ٿي سگھي ٿو ته فقط متضاد مفادن جي ٽڪراءَ کان ئي ايشيا ۾ آخري نبيري واري صورت اڀري ۽ ڪنهن طرح جو امن ميسر اچي وڃي. باھمي تقابل کان باھمي تعاون تائين ھڪ مشڪل ۽ ڊگھو رستو طئي ڪرڻو پوندو.
ننڍين قومن ھميشه پنهنجي آزاديءَ لاءِ زياده طاقتور قومن جي خلاف جدوجھد ڪئي آھي. انسانيت جي سڄي تاريخ استحصال ۽ تسلط جي خلاف، مغلوب جي جدوجھد داستان آھي. پاڪستان جي ھلندڙ دؤر جي تاريخ به انهيءَ قسم جي جدوجھد جي ھڪ مثال کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناھي. آزاديءَ کان اڳ واري جدوجھد ھڪ اجنبي نسلي تسلط جي خلاف ھئي. اڄ اھا جدوجھد آزاديءَ جي تحفظ لاءِ آھي. زماني جي گردش اسان کي وري انهيءَ پراڻي خطري سان دوچار ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي اسان ڪا محڪوم قوم ناھيون. اسان جي اندر ھڪ خود مختار قوم جون خصوصيتون ۽ آزاد رھڻ جو عزم موجود آھي. جيتوڻيڪ امن اسان جو نصب العين آھي، پر پنهنجي حقن جو بچاءُ اسان پاڪستانين جو بدستور وڏي کان وڏو مقصد ۽ وڏي ۾ وڏي مدعا رھندي.

________________________________________
(1) جناب ڀٽو صاحب مٿئين پئرا ۾ جيڪي 1969ع ۾ اڳڪٿيون ڪيون ھيون، سي سڀ ھڪ ٻن سالن اندر ئي حرف بحرف صحيح ثابت ٿيون. (مترجم)