باب يارهون: ويٽ نام جي جنگ ۽ پاڪستان
شروعات ۾ آمريڪا ڪميونزم جو مقابلو ڪرڻ جي بهاني سان ڏکڻ ويٽ نام جي حڪومت کي خانه جنگيءَ ۾، جنهن کي خود آمريڪا جي روزانه وڌندڙ فوجي شموليت شديد بنائي ڇڏيو ھو، مدد ڏيڻ لاءِ ”فوجي مشير“ ۽ ” فوجي مبصر“ موڪليا. اسپين جي خانه جنگيءَ وقت ڪيئي آزاد خيال ماڻھو جمھوريت پسندن جي مدد لاءِ يورپ جي ٻين حصن ۽ آمريڪا کان آيا ھئا. جنرل فرانڪوجي ڪاميابيءَ کان پوءِ مغربي يورپ ۽ آمريڪا اسپين کي مغربي قومن جي برادريءَ مان نيڪالي ڏيئي ڪيترن سالن تائين ان سان جماعت ۽ برادريءَ جي ٿالھين ڀاڄين تان لٿل ماڻھوءَ وارو سلوڪ روا رکيو. ويٽ نام جو معاملو ڪھڙو نه مختلف آھي، جتي آزاد خيال ۽ ترقي پسند طاقتن کي ملڪ کي ڪميونسٽ. بنجڻ کان بچائڻ جي بهاني سان چـِيٿيو پيو وڃي !
ھن معاملي تي قياس آرائي ٿي سگھي ته ڇا، آمريڪا کي شروعات کان ئي اھو يقين ھو ته ويٽ نام ۾ ان جي ذمه داري ايتريقدر وسيع ٿي ويندي، جيتري اھا اڄ آھي، يا ڪيئن. رحم ۽ انصاف کي متڪبرانه قومي وقار تي قربان ڪيو ويو آھي. آمريڪا غالبا ويٽ نام ۾ فوجي فتح حاصل ڪرڻ جي طاقت ته رکي ٿي، پر انهيءَ قسم جي فتح انهيءَ مسئلي جو سياسي حل مھيا نه ٿي ڪري سگھي، جيڪو سياسي حل کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به شيءِ کي خاطر ۾ نه ٿو آڻي. آمريڪا، ايشيا ۾ پنهنجي مستقبل جي ڪردار جو دارومدار ويٽ نام جي جنگ جي نتيجن سان وابسته سمجھي ٿي، جنهنڪري ھن اھو تهيھ ڪيو آھي ته اھا انهيءَ جنگ جي تلخ انجام تائين ان ۾ پنهنجي شرڪت کي جاري رکندي. آمريڪا ۽ سوويت يونين ۾ جيڪا مصلحت آميز مفاھمت موجود آھي، تنهن تي اڳيئي ھيءَ جنگ دٻاءُ وجھي رھي آھي. چين اڃا تائين پنهنجين ھٿياربند فوجن کي انهيءَ ڪشمڪش ۾ شريڪ ٿيڻ نه ڏنو آھي، پر چيني علائقي جي خلاف اشتعال انگيز فوجي ڪارروايون جاري آھن، جنهن کان انهيءَ جنگ ۾ پريشان ڪندڙ اضافي جو امڪان آھي. ويٽ نام ۾ ستين آمريڪي ٻيڙي جي جوانن کي ڇڏي صرف آمريڪي فوجين جو تعداد چار لک ۽ ستر ھزارن کان ٻاھر نڪري ويو آھي. ڏکڻ ويٽ نامي حڪومت ۽ آمريڪي جنرل وڌيڪ فوجين لاءِ زور ڏيئي رھيا آھن. آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل ويسٽمورلئنڊ کي آمريڪا گھرايو ويو ته جيئن ھو جنگ کي اڃا وڌيڪ شديد ڪرڻ لاءِ زياده امداد حاصل ڪرڻ جي مقصد سان آمريڪي ڪانگريس کي خطاب ڪري، ۽ آمريڪا جي وزير دفاع مئڪنمارا ويٽ نام جي پنهنجي نائين دوري تان واپسيءَ تي بيان ڏنو آھي ته آمريڪا جي جنگي ڪوشش لاءِ وڌيڪ فوج درڪار آھي. صدر جانسن 3-آگسٽ 1967ع تي ڪانگريس کي درخواست ڪئي ته اھا ھلندڙ مالي سال جي دوران ” گھٽ ۾ گھٽ پنجيتاليھه ھزار“ فوج جي وڌيڪ ڪمڪ پھچائڻ جي اجازت ڏي. ساڳئي وقت تي ھن ڪانگريس کان تقاضا ڪئي ته اھا انفرادي ۽ اجتماعي انڪم ٽئڪس تي ڏھه في سيڪڙو سرچارج مڙھي، جنهن مان ساڍن ڇھن ارب ڊالرن جي مجموعي رقم حاصل ٿيندي، جيڪا ويٽ نام جنگ جي وڌندڙ خرچ جو انتظام ڪرڻ ۾ ڪم آندي ويندي. چونڊن اچڻ کان اڳ ايندڙ سال جي دوران انهيءَ قسم جي سخت اقدامن مان آمريڪا جي انهيءَ مشڪل صورتحال جي وسعت جو فقط اندازو ئي ڪري سگھجي ٿو.
اتر ويٽ نام تي ھوائي بمباري ايتري ته وحشيانه ٿي چڪي آھي، جو ان کي ”زمين کي ساڙڻ واري پاليسيءَ “ جو مظھر چئي سگھجي ٿو. بمباري اھڙي ته پيٽ ڀريءَ حد تائين ڪئي ويئي آھي، جنهن ۾ ھڪ بم وچان ڪيئي ننڍا ننڍا بم نڪرن ٿا ۽ انهن مان پاڪيءَ جھڙا تيز فولادي ٽڪرا ٻاھر نڪري چو طرف اڏامن ٿا. نيپام ۽ فاسفورس بم، جن ۾ اھڙا ڪيميائي مادا ڀريل ٿين ٿا، جيڪي خوفناڪ نموني ۾ سڙندا آھن ۽ جن جي باھ کي مٽي ۽ پاڻيءَ سان وسائڻ ذري گھٽ ناممڪن ھوندو آھي، ڏکڻ ۽ اتر ٻنهي حصن ۾ ڪيرايا ويا آھن. انهن بمن جو شڪار ٿيڻ وارا سوزش جي سخت تڪليف ۾ مبتلا ٿي پوندا آھن. ھنن جي جسمن جو ماس بدن تي موجود ھوندي ڳرڻ لڳندو آھي ۽ جيڪڏھن اھي زندھ بچي به پوندا آھن ته ھميشه لاءِ لولا لنگڙا ٿي رھندا آھن. آمريڪا پنهنجن جديد مھلڪ ھٿيارن سان اھي تجربا ھن لاءِ ڪري رھيو آھي ته جيئن اتر ويٽ نامين کي مجبور ڪيو وڃي ته اھي 1968ع ۾ ٿيندڙ آمريڪا جي صدارتي چونڊن جي مھم جي زور وٺڻ کان اڳ ۾ ٺاھه جي ميز تي اچن. پر جنگ جي عروج جو ھڪ آخري نقطو پڻ ھوندو آھي. ھاڻي ان جي ارتقا جي ڏاڪڻ ۾ صرف ٽي يا چار ڏاڪا رھجي ويا آھن ۽ ان ڪري جنگ جي ڦھلجي وڃڻ جي انديشن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. ھيءَ ھڪ خوفناڪ جوئا آھي، جنهن جي خلاف بين الاقوامي راءِ کان علاوه، آمريڪي عوام جي راءِ جو ھڪ حصو پڻ مخالف آھي. يورپ ۽ ايشيا ۾ آمريڪا جي جنگي ڪاررواين جي خلاف جنگ جي شدت ۾ آيل اضافي سان گڏو گڏ ناراضگي وڌي رھي آھي. آمريڪا پنهنجي وڌندڙ علحدگيءَ جو علاج ڪرڻ لاءِ جنگ ۾ ٻين ملڪن جي شرڪت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو پاڪستان تي ايتريقدر دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اھو آمريڪا جي جنگي ڪوششن ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ڪجهه علامي حصوئي وٺي. پر دٻاءُ کڻي ڪيترو به شديد ھجي، اسان کي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ھن عزم کي ته اسين ھن جنگ ۾ ڪو به حصو نه وٺنداسين، ڪمزور نه ٿيڻ ڏيڻ گھرجي، ۽ نه اسان کي ھن جنگ کي جاري رکڻ جي مذمت کان ھٻڪڻ گھرجي. انهيءَ قسم جي موقف کان شايد اسان کي اقتصادي ۽ فوجي امدا د ۾ نقصان ٿئي، پر پنهنجي منصفانه حيثيت جو بچاءُ ڪندي پاڪستان انهيءَ نقصان کان جيڪو ان مادي صورت ۾ ٿيندو، گھڻو وڌيڪ فائدو حاصل ڪندو. امن جي زماني ۾ مادي امداد جي فائدن تي، جيڪي ان کي آمريڪا جي ساٿ ڏيڻ جي سبب کان تمام وڏي مقدار ۾ مليا آھن، رشڪ ڪرڻ بلڪل درست آھي، پر جيڪڏھن انهيءَ قسم جي امداد وٺندڙ ملڪ کي ڇڪي جنگ ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد ھجي ته پوءِ امداد جي فائدن ۽ خطرن کي فقط امن جي زماني ۾ نه جاچڻ گھرجي، پر انهن کي جنگ جي نتيجن جي روشنيءَ ۾ پرکڻ گھرجي. ھن وقت ٿائلنڊ اقتصادي طور خوشحال ٿي سگھي ٿو، پر جيڪڏھن جنگ انهيءَ ملڪ تائين ڦھلجي وڃي ته پوءِ ان وقت ٿائلنڊ وٽ ڪھڙا فائدا رھجي ويندا ؟
ويٽ نام جي آزاديءَ وارو جنگ انهن سڀني قومن ۾ روح ڦوڪي رھي آھي، جيڪي وڏين طاقتن جي طرفان مداخلت جي زد ۾ آيل آھن. ھن ملڪ طرفان جيڪي قربانيون ڏنيون ويئون آھن. تن مان ممڪن آھي ته سڀني ترقي پذير ملڪن کي فائدو پھچي، پر ويٽ نام جو سبق فقط شجاعت ۽ مردانگيءَ جو سبق ناھي، ڇاڪاڻ ته ان جو ھڪ وڌيڪ اونداھو طرف پڻ آھي. ھيءَ جنگ ”ڊيئم“ جھڙن مذھبي جنونين تي مشتمل ويٽ نامين جي ھڪ گروھه جي بد اطوارين کان سواءِ ھرگز جاري نه رھي سگھي ھا، جنهن عيسائيت کان سواءِ باقي ٻين سڀني مذھبن کي ختم ڪري ڏکڻ ويٽ نام کي ھڪ علحده مملڪت بنائڻ ٿي چاھيو. آمريڪا جي طرفان ڊيئم جي مدد ھن ڪري ڪئي ويئي، جو ھن پنهنجي ملڪ ۾ ان جي مادي موجودگيءَ جي اجازت ڏيئي ڇڏي ھئي. ويٽ نام جي حقيقي مصيبتن جو آغاز انهيءَ نقطي کان ٿئي ٿو. پراڻي سامراجي طاقت سان ڪيل آزاديءَ جي جنگ ختم ٿي چڪي ھئي، پر ھڪ جديد سامراجي طاقت جي مداخلت جي خلاف ھڪ نئين جنگ جي شروعات ٿي چڪي ھئي. ويٽ نام ۾ پراڻي نظام جي ياد، انهن رعايتن جي سبب ڪري تازي ٿي رھي آھي، جيڪي ھڪ ٻاھرين طاقت جي شھرين کي عطا ڪيون ويئون آھن.
جيڪڏھن اقتصادي ۽ فوجي امداد ڏيندڙ ملڪ جو مقصد جنگ کي ڦھلائڻ آھي ته پوءِ پاڪستان اھڙي امداد مان حاصل ٿيندڙ فقط فائدن جي متعلق ئي نه سوچڻ گھرجي، پر ان جي ٻين نتيجن کي پڻ نظر ۾ رکڻ گھرجي. خود پاڪستان جي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آھي ۽ اھو ھڪ انتهائي لازمي امر آھي ته اسين ھر اھڙي دباءُ جو مقابلو ڪريون، جنهن جو مقصد اسان کي ھـِن تباھڪن تصادم ۾ ڦاسائڻ ھجي. ايشيا ۽ ھندستان ۽ پاڪستان جي ننڍي کنڊ جي مستقبل جو دارومدار ان جي نتيجي تي آھي. ھيءَ جنگ ھميشه لاءِ ته جاري رھي نه سگھندي، پر نيٺ به ان کي پنهنجي جاءِ امن کي ڏيڻي پوندي ۽ ھڪ دفعو جڏھن اھو بحال ٿي ويندو، ته آمريڪا جي عالمي مفادن ۽ ايشيا ۾ سندس حيثيت جي تشريح ۾ ڪيئي تبديليون اچڻ واريون آھن. حالات جي انهيءَ تبديليءَ لاءِ پاڪستان کي صبر سان انتظار ڪرڻ گھرجي.
بين الاقوامي سياست گري ھڪ لچڪيدار فن آھي. اڄ جيڪي ڪجهه ناممڪن نظر پيو اچي، سو سڀاڻي ممڪن ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن صدر ڪينيڊي قتل نه ڪيو وڃي ھا، ته ويٽ نام جي جنگ جو رخ گھڻو ڪري مختلف ھجي ھا. چين ۽ آمريڪا جي درميان ھڪ اھڙي تعميري گفتگوءَ جو آغاز ٿي سگھي ھا، جھڙو وزيراعظم خروشچيف ۽ صدر ڪينيڊيءَ جي درميان ويانا ۾ ٿيو ھو، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين مصلحت پسندانه مفاھمت ٿي ھئي.