ديباچو
تاريخ جو مطالعو، پٺتي پيل ملڪن جي مسئلن جي ڄاڻ، ۽ بين الاقوامي سياست ۾ منهنجي دلچسپي اھي اھڙيون ڳالھيون ھيون، جيڪي مون کي پاڪستان جي وزير خارجه جي حيثيت ۾ ملڪ جي خدمت ڪرڻ واسطي حق بجانب بنائي رھيون ھيون. منهنجي اھا خواھش جنوري سنه 1963ع ۾ مسٽر محمد علي بوگري جي وفات بعد پوري ٿي.
بهر حال، انهيءَ کان اڳ ۾ مون کي پاڪستان لاءِ بنيادي اھميت وارن بين الاقوامي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو ھو. آءٌ ڊسمبر سنه 1960ع ۾ ٻارڻ، بجلي۽ قدرتي وسيلن جي وزير جي حيثيت ۾ سوويت يونين سان تيل جي ٺاھه بابت ڳالھين ڪرڻ واسطي ماسڪو ويس. آءٌ انهيءَ ڳالهه جو ھن ھنڌ فقط ھن ڪري ذڪر ڪريان ٿو، جو انهيءَ واقعي سان وقت جي ان نقطي جي نشاندھي ٿئي ٿي، جتي پھچڻ کان پوءِ سوويت يونين سان اسان جا ناتا سڌرڻ شروع ٿيا، جيڪي ان کان اڳ ھونئن نهايت غير تسلي بخش ھئا.
سنه 1960ع واري جنرل اسيمبليءَ جي انهيءَ مشھور اجلاس مان واپس موٽڻ بعد، جنهن ۾ وزيراعظم خروشچيف، صدر ناصر، صدر سوئيڪارنو، مسٽرمئڪملن، پنڊت نهرو، سينور فڊل ڪاسٽرو ۽ ٻين گھڻن ئي مشھورومعروف مدبرن شرڪت ڪئي ھئي، مون کي يقين ٿي ويو ته پاڪستان سرڪار لاءِ اھو وقت اچي ويو آھي، جڏھن ان کي پنهنجي خارجه پاليسيءَ تي نظر ثاني ڪري ان ۾ ترميم ڪرڻ گھرجي. انهيءَ خيال مطابق مون پنهنجيءَ حڪومت اڳيان ڪي تجويزون پيش ڪيون، جن کي آخرڪار قبول ڪيو ويو. اھو واقعو منهنجي وزير خارجه بنجڻ کان اڳي جو ھو. اھڙيءَ طرح منهنجي زوربار ڪري جيڪي تبديليون ٿيون، تن جي وسيلي فضا ساز گار ٿي ۽ مون سرڪاري طرح پنهنجي ملڪ جي وزير خارجه جو عھدو سنڀاليو.
پڙھندڙ کي ھن ڪتاب جي صفحن ۾ پاڻ ھي معلوم ٿي ويندو ته منهنجا رايا ڪھڙا آھن، عالمي مسئلن ڏانهن منهنجو رويو ڇا آھي، منهنجي راءِ موجب پاڪستان طرفان پرڏيھي طاقتن سان معاملن طئي ڪرڻ ۾ ڪھڙيون غلطيون ڪيون ويون، ۽ انهن غلطين جو تدارڪ ڪيئن ڪجي؛ ۽ اھڙي خارجه پاليسي ٺاھڻ لاءِ جيڪا انهن خطرن کي تاري سگھي جيڪي ھن وقت ملڪ کي درپيش آھن، منهنجون تجويزون ڪھڙيون آھن. انهن خيالن جو اختصار ديباچي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بيسود ٿيندي. ان جي باوجود ھتي ھنن ڳالھين تي زور ڏيڻ مناسب ٿيندو ته چين سان قريبي تعلقات جي پاليسي، جيڪا مون تشڪيل ڏني ۽ عمل ۾ آندي، پاڪستان لاءِ لازمي آھي؛ ٻيو ته عظيم طاقتن سان معاملن ھلائڻ ۾ اسان کي انهن جي دٻائن جو اھڙي وقت تي پنهنجن سڀني موجود وسيلن سان مقابلو ڪرڻ گھرجي، جڏھن اھي اسان جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ کي نقصان رسائينديون ھجن؛ ته اھڙا عھدناما، جن جو مقصد پاڻ کي نقصان پھچائڻ يا انصاف جي اصولن جي خلاف ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان تڪرارن جو نبيرو ڪرڻ ھجي، جيڪي قومي سلامتيءَ بلڪ خود قومي بقا جي بيخ ۽ بنياد تي وار ڪن ٿا، تن کان بچاءُ ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن آءٌ ڪن پاليسين جي پاڻ تي ذميواري کڻان ٿو ته ان سان گڏ ھيءَ حقيقت به تسليم ڪريان ٿو ته جون 1966ع تائين، جڏھن مون وزير خارجه جو عھدو ڇڏيو، مون انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ھرطرح سان ڪوشش ڪئي.
جيتوڻيڪ منهنجي دل گھڻو ئي پئي چاھيو ته 1965ع واريءَ پاڪستان-ھندستان جنگ ۽ ان کان پوءِ ٿيل تاشقند پڌرنامي جي ڪجهه وڌيڪ اپٽارڪريان، پر پوءِ مون مختلف سببن جي ڪري انهن ۽ ڪن ٻين موضوعن تي بحث ڪرڻ جي معاملي کي مستقبل ۾ ڪنهن مناسب موقعي تائين ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تاريخ جي انهيءَ باب متعلق حقيقت بيان ڪرڻ جو مرحلو اڃا اڳتي اچڻو آھي.
آءٌ تسليم ڪريان ٿو ته ھيءُ ڪتاب تڙتڪڙ ۾ ۽ اھڙين حالتن ھيٺ لکيو ويوآھي، جن تي منهنجو ڪو وس نه آھي ۽ جڏھن حالتن جي خلاف اھڙي ڊوڙ لڳي پيئي آھي، جيڪا پاڪستان کي انتهائي تيز رفتاريءَ سان ھڪ اھڙي چؤ واٽي طرف ڇڪي وڃي رھي آھي، جتان ھڪ کان سواءِ باقي سڀ واٽون تباھيءَ ڏانهن وڃي رھيون آھن.
ڪراچي،
نومبر1967ع.