باب پنجون: آمريڪا جي ھندستان لاءِ امداد ۽ پاڪستان کان بي نيازي
ڪشمير جي متعلق، ڪنهن به اڳواٽ شرط کان سواءِ، مسلسل حمايت کي يقيني محسوس ڪندي، پنڊت نهروءَ 13- آگسٽ ١٩٦٣ع تي لوڪ سڀا ۾ ھي اعلان ڪيو ته ”اھي رعايتون، جيڪي اسان پاڪستان کي پيش ڪيون ھيون (ڪشمير جي تنازعي جي فيصلي لاءِ )، سي ھاڻي باقي ڪنهن ۽ ھاڻي ائين سمجھڻ گھرجي ته اسان اھي واپس ورتيون آھن.“ واشنگٽن پوسٽ پنڊت جي انهيءَ سياسي قلابازيءَ تي تبصرو ڪندي لکيو ته ” جڏھن نهروءَ ھيءُدليل پيش ڪري ٿو ته ڪشمير جي فيصلي کان پوءِ به پاڪستان ۽ ھندستان جي ناتن جو مجموعي لاڙو بنيادي طور غالبا اھوئي رھندو، جيڪو اڳ ۾ ھو، ته ھو درحقيقت ملڪ جي ورھاڱي کان اڳ واري پنهنجي انهيءَ ذاتي ناڪاميءَ جي تلخ تجربي جي آڌار تي اھا ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو کيس ھندن ۽ مسلمانن جي درميان صلح صفائي پيدا ڪرڻ جي ٽيھه ساله ڪوششن ۾ ٿيو ھو. پاڪستان پوءِ به ورھاڱي جي ڌڌڪي کي محسوس ڪندو رھندو ۽ ھندستان پوءِ انهيءَ علائقي جي عظيم طاقت رھندو ۽ ڪشمير کي ڇڏڻ کان پوءِ، ھميشه کان وڌيڪ ھن ڳالهه جو پڪو ارادو ڪندو ته ھو پاڪستان کان ٻنهي ملڪن جي حقيقي طاقت جي باھمي تعلق کي تسليم ڪرائي.“
جيئن ته پاڪستان جا آمريڪا سان تعلقات ھڪ بحران کان ٻئي بحران ۾ منتقل ٿيندا پئي رھيا، ان ڪري صدر ڪينيڊيءَ محسوس ڪيو ته پاڪستان ۽ ھندستان سان آمريڪي تعلقات جي پيچيدگيءَ جو مسئلو اٿارڻ ضروري آھي، ۽ ھن 12-سيپٽمبر سن 1963ع تي ھڪ اخباري بيان ۾ چيو:
”اھو سچ آھي ته اسان ھندستان کي سنڀالي رکڻ چاھيون ٿا. ان تي سرءُ جي ھلندڙ موسم ۾ ئي چين طرفان حملو ٿي سگھي ٿو. پوءِ اسين اھو نه ٿا چاھيون ته ھندستان، جيڪو پنجاھ ڪروڙ انسانن جو ملڪ آھي. سو بيوس ٿي پوي. جيڪڏھن اھو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو، ۽ شڪست کائي ويو ته اھا ڳالهه بنان ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي، طاقت جي توازن تي ھڪ انتهائي تباھڪن ضرب ثابت ٿيندي.
ٻئي طرف، اسين جيڪي ڪجهه ھندستان کي ڏيئي رھيا آھيون، سو پاڪستان جي، جيڪو ان کان تمام ننڍو آھي، طاقت جي توازن کي بري طرح سان متاثر ڪري رھيو آھي. اھڙيءَ طرح اسان ھڪ ڏاڍي پيچيده معاملي سان دوچار آھيون، ڇاڪاڻ ته ٻِنهي جي درميان دشمنيءَ تمام گھري آھي. جارج بال جو دورو انهيءَ دشمنيءَ کي گھٽ ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش ھئي. منهنجو خيال آھي ته اسان کي ھن علائقي ۾ ھڪ ڏاڍي ناقابل اطمينان صورتحال سان منهن ڏيڻو پوندو.(1)
ننڍي کنڊ ۾ طاقت جي توازن کي نظر انداز ڪندي ۽ پاڪستان سان مشوره ڪرڻ کان سواءِ، آمريڪا ھندستان کي 1962ع ۾، ان جي چين سان ٿيل سرحدي ٽڪراءَ کان پوءِ وڏي پيماني تي فوجي امداد مھيا ڪئي، ۽ اھا ڳالهه صدر ڪينيڊيءَ جي انهيءَ وعدي جي باوجود ڪئي ويئي، جيڪو ھن ڪجهه ئي عرصو اڳي صدر ايوب خان سان ڪيو ھو ته اھڙي صورت ۾ پاڪستان سان مشورو ڪيو ويندو. پھريائين ته آمريڪي حڪومت ھندستان کي ڏنل امداد کي ڄمون ۽ ڪشمير جي فيصلي سان مشروط ڪيو، پر جڏھن پنڊت نهروءَ ان معاملي ۾ جھڪڻ کان انڪار ڪيو، تڏھن اھو شرط واپس ورتو ويو. پاڪستان جي حڪومت طرفان ھـِنن انديشن جو اظھار بلڪل بي اثر ثابت ٿيو ته ھندستان جي جنگي طاقت ۾ اضافي اچڻ سان پاڪستان جي سالميت لاءِ خطرو وڌي ويندو، ۽ ان سان ھندستان ۽ چين جي درميان وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. صدر ڪينيڊيءَ جي صدارت واري دؤر ۾ ھندستان جي دفاعي قوت کي وڌائڻ لاءِ ھيٺيان قدم کنيا ويا:
(1) چيني – ھندستاني سرحد تي جنگبنديءَ جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ، 18 کان21 ڊسمبر سن 1961ع تي ناسائو ۾ آمريڪا ۽ برطانيه، ھندستان لاءِ ھنگامي بنيادن تي ٻارھن ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ پروگرام ۾، قسم قسم جي فوجي سازو سامان جي فراھمي شامل ھئي، پر ان جي مرڪزي خصوصيت، فوج جي ڇھن ڊويزنن جي پھاڙي جنگ لاءِ ھٿياربندي ھئي.
(2) ناسائو واري فيصلي جي نتيجي ۾ ھڪ آمريڪي برطانوي ۾ ڪئنيڊين ھوائي مشن ھن ڳالهه جي جائزي وٺڻ لاءِ ھندستان جو دورو ڪيو ته جيڪڏھن چين ٻيھر حملو ڪري ته ان صورت ۾ ھندستان جي ھوائي فوج جون ضرورتون ڪھڙيون ھونديون.
(3) ھڪ ٻي آمريڪي مشن، ھندستان جي ھٿيارن ٺاھڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو تخمينو لڳائڻ لاءِ ھندستان ويئي.
(4) 30-جون سن 1963، ع تي بَرچ گر و و نالي ھڪ ھنڌ تي آمريڪا ۽ برطانيه فيصلو ڪيو ته ناسائو ۾ طئي ڪيل امداد کان علاوه، ھندستان کي وڌيڪ مضبوط بنيادن تي فوجي امداد ڏيڻ جو پروگرام بنايو وڃي. انهيءَ ڳالهه ھندستان کي ھن لائق بنائي ڇڏيو ته ھو جلد از جلد پنهنجي مستقل فوج کي يارھن ڊويزنن کان باويھن ڊويزنن تائين وڌائي ۽ پنهنجين ھوائي ۽ سامونڊي فوجن ۾ گھڻي اضافي ڪرڻ جا ارادا ڪري.
نومبر 1963 ع ۾ صدر ڪينيڊيءَ جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سندس جانشين صدر جانسن پڻ ساڳئي نقش قدم تي گامزن رھيو. انهيءَ سان ” ٽائيم“ رسالي جي 27–ڊسمبر واري پرچي خبر ڏني ته نهرو ھاڻي مغربي طاقتن جي ھوائي دفاعي ڇٽي ۽ آمريڪي ستين ٻيڙي جي ھندي وڏي سمنڊ ۾ موجودگي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آھي، پر ھن پنهنجي منظوري ڏيڻ جي عوض ان کان ڏيڍ ارب ڊالرن جي وڌيڪ فوجي امداد طلب ڪئي آھي. مارچ سن 1964 ع ۾ آمريڪا جي بچاءَ کاتي جي سيڪريٽري مسٽر رابرٽ مئڪنمارا ھندستان کي فوجي امداد ڏيڻ جو پروگرام جاري رکڻ لاءِ آمريڪا جي مخلصانه ارادي جو ٻيھر اعلان ڪيو. ھن بيان ڏنو ته آمريڪا ھندستاني فوج جي ڪجهه پھاڙي ڊويزنن کي جديد ھٿيارن سان مسلح ڪرڻ جي ڪارروائي جاري رکڻ ۽ کيس اڃا به ڪجهه وڌيڪ امداد ڏيڻ جو منصوبو بنائي رکيو آھي. ھن تسليم ڪيو ته ھندستان کي ملندڙ امداد پاڪستان کي وڏي انديشي ۾ وجھي ڇڏيو آھي، پر ھن جو خيال ھو ته پاڪستان سميت سڄيءَ دنيا لاءِ ھيءَ ڳالهه اھم آھي ته ھندستان ھن ڳالهه جي لائق بنجي ته ھو ڪميونسٽ چين جي اڳرائيءَ خلاف پنهنجو بچاءُ ڪري سگھي. بچاءَ کاتي جي سيڪريٽريءَ ايران، پاڪستان ۽ ھندستان لاءِ امداد جاري رکڻ جي زوردار وڪالت ڪئي ۽ انهن ملڪن کي وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾، ڪميونسٽ مداخلت جي مقابلي ۾ آزاد دنيا جي بچاءَ جو پھريون مورچو قرار ڏنو. اھڙيءَ طرح ھيءَ ڳالهه صاف ڪئي ويئي ته آمريڪا ھاڻي ھندستان کي عملي طور ڪميونزم جي خلاف اتحاد جي ھڪ اڻ لکيل معاھدي جو ميمبر تصور ڪري ٿي ۽ ان کي گھٽ ۾ گھٽ سيٽو ۽ سينٽو جي ميمبرن جي برابر حقن ۽ رعايتن جو مستحق سمجھي ٿي. پر ھندستان جي حالت ۾ سڀني کان وڌيڪ اھم فرق اھو ڪيو ويو، ته ان کي ھڪ غير جانبدار ملڪ ھئڻ جو ڏيکاءُ برقرار رکڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ ان کي انهن پريشان ڪندڙ ۽ خطري سان ڀريل ذميوارين کان آجو رکيو ويو، جيڪي معاھدن ۾ منسلڪ ٻين قومن کي ٻه ِ- طرفن بنيادن تي پابند رکنديون آھن.
پھرين مارچ سن 1964ع تي آمريڪا جي آنڊر سيڪريٽري جارج بال پاڪستان کي خبردار ڪيو ته ” اسان کي ڪافي وڏي اميد آھي ته صدر ايوب خان سرخ چين سان پنهنجن تعلقات کي انهيءَ حد تائين اڳتي نه وڌائيندو، جو اسان جي ٻنهي قومن جي درميان جيڪي تعلقات ۽ معاھدا آھن، سي مجروح ٿين.“ ھن وڌيڪ چيو ته ”اھي (چين ۽ پاڪستان جا تعلقات ) جنهن رويي جي عڪاسي ڪري رھيا آھن، تنهن جي متعلق اسان ڏاڍا فڪرمند آھيون. اسين انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍي احتياط سان مشاھدو ڪري رھيا آھيون “، ۽ ھن اڳتي ھلي وڌيڪ چيو:
”پاڪستان تي ھيءَ ڳالهه بلڪل واضح آھي ته ان جو دشمن سوويت يونين آھي ۽ ھو دراصل ھڪ اھڙي معاھدي جو رڪن آھي، جنهن جو رخ ڪميونسٽ اڳرائيءَ جي خلاف آھي، ۽ مون کي يقين آھي ته جيڪڏھن سرخ چين طرفان پاڪستان جي خلاف ڪو به قدم کنيو ويو ته پاڪستان پنهنجو فوجي بچاءَ ڪندو. ھن وقت تائين، سرخ چين سان سندس ڳالھين ۾ اِن جي برعڪس ڪو به اشارو ڪو نه ٿيو آھي، پر اسين انهيءَ تعلق جو ڏاڍي دلچسپيءَ سان مطالعو ڪري رھيا آھيون.“
اپريل سن 1964 ع ۾ فلپس تالبوٽ، جيڪو ويجھي اوڀر ۾ ڏکڻ- اوڀر ايشيا جي معاملن لاءِ آنڊر سيڪريٽري ھو، آمريڪي ايوان ِ نمائندگان جي غير ملڪي تعلقات واري ڪاميٽيءَ کي چيو ته:
”ان سان گڏوگڏ پاڪستان ڪميونسٽن جي انهن ڳالھين مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آھن، جن جو مقصد ھندستان کي تنها ڇڏي ڏيڻ آھي ۽ ان ڪري ان چين سان واپار، صنعت ۽ حرفت، سرحدن ۽ شھري ھوابازيءَ جي متعلق ٺاھه ڪري ڇڏيا آھن ۽ ان سان ثقافتي تبادلا پڻ وڌايا آھن. اسان پنهنجي فڪرمنديءَ ۽ ھن عقيدي جو کليل لفظن ۾ اظھار ڪيو آھي ته چاھي پاڪستان کي انهن اقدامات مان ٿورو فائدو کڻي پھچي به وڃي، ان ھوندي به ان جو سياسي اثر ھيءُ ٿيندو ته ھڪ اھڙي دشمن کي تقويت ملندي، جنهن جي خلاف اسان باضابطھ متحد آھيون.
ٻين معاملن وانگر، ھن معاملي ۾ پڻ اسان کي ڪنهن ٻي حڪومت جي خود مختار قومي حقن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي مقصد جي تڪميل لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ھن يقين تي اسين بد ستور قائم آھيون ته پاڪستان ۽ اسان جا قومي مفاد، ھڪٻئي سان مطابقت رکن ٿا. انهيءَ ڳالهه کي پاڪستان پڻ ڄاڻي ٿو(1).“
آمريڪا ۾ پاڪستان جي خلاف تيزيءَ سان وڌندڙ نڪته چينيءَ سان گڏو گڏ، ھندستان لاءِ آمريڪا امداد به وڌندي ويئي. انهيءَ موقعي تي، ۽ شايد اتفاقا نه، ڪنفيڊريشن جي اھا تجويز، جيڪا اڳي نهروءَ پيش ڪئي ھئي، سا ھاڻي ”نيويارڪ ٽائيمس“ ۽ ” واشگٽن پوسٽ “ ھٿن ۾ کنئي. انهن ٻنهي بااثر اخبارن ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھڪ اھڙي وفاق جي وڪالت شروع ڪئي، جنهن سان گڏ ڪشمير جو مشترڪه دفاع به شامل ھجي. گھڻن ئي ٻين بااثر ذريعن پڻ، جن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري، ٻيئي حلقا شامل ھئا، انهيءَ قسم جي خيالن جو اظھار ڪيو. غير سرڪاري سفارتي نمائندن ھاڻي ھن ننڍي کنڊ جا ھن ڪري ڪثرت سان دورا ڪرڻ شروع ڪيا، جو ھنن اتي ڪنفيڊريشن قائم ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ پئي چاھيو. انهيءَ زماني ۾ آمريڪن ڪانگريس جي سامھون شھادت ڏيندي، آمريڪا جي سرڪاري ملازمن پنهنجي ھن راءِ جو اظھار ڪيو ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ چين جي روڪٿام جو معاملو ڪشمير واري تڪرار جي فيصلي کان وڌيڪ اھم آھي. فلپس ٽالبوٽ پرڏيھي معاملن جي ڪاميٽيءَ اڳيان چيو ته جيسين آمريڪا جي امدادي پروگرام جي ڳالهه ھئي، ته ان کي سڀ کان وڏي فڪرمندي ھيءَ ھئي ته:
” آمريڪا کي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پنهنجي تعلقات جي مختلف پھلوئن کي متوازن رکڻ گھرجي. جيڪڏھن آمريڪا لاءِ دنيا جو اھم ترين مسئلو ڪشير ھجي ھا، ته منهنجي خيال ۾ اھو چئي ڏيڻ اسان جو فرض ٿئي ھا ته جيستائين ڪشمير جي تڪرار جو فيصلو نه ٿو ٿئي، تيستائين ٻنهي مان ڪنهن به ھڪ ملڪ کي امداد ڪا نه ملندي. جيڪڏھن ان جي برعڪس، ننڍي کنڊ ۾ ڪميونسٽ طاقتن جي مداخلت جي موقعن کي محدود ڪرڻ ۽ انهن ٻن ملڪن ۾ سخت انتشار ۽ افراتفري جي امڪانن کي گھٽ ڪرڻ ھن سبب ڪري وڌيڪ اھم آھي ته جيئن انهن ۾ زنده رھڻ جي طاقت واڌارو ڪري ۽ اھي دنيا جون اثرائتيون قومون بنجي سگھن، ته پوءِ اسين جيڪي به تدبيرون اختيار ڪري سگھون، سي ھن مقصد کي سامھون رکي اختيار ڪريون ته اسين انهن ٻنهي جي تعميري مدد ڪري سگھون ۽ پنهنجين سفارتي ڪوششن ۾ ھن ڳالهه تي وڏو زور ڏيون ته انهن جي ھڏن تائين جذب ٿي ويل ثقافتي، مذھبي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي تنازعن ۽ تڪرارن کي نرم ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي(1).
مسٽر وليم. ايس. گڊ، آمريڪي امداد جي نائب ناظم وڌيڪ صاف گوئيءَ کان ڪم وٺندي ھائوس ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو ته ”حالانڪ ڪشمير ھڪ اھم مسئلو آھي، ان ھوندي به اھو اسان لاءِ دنيا جي ھن حصي ۾ ڪوئي انتهائي اھم مسئلو ڪونهي. “ 18-جون سن 1964ع تي، مسٽر ڊين رسڪ طرفان آمريڪا جي ”ھندستان جي اقتصادي ترقيءَ ۽ دفاعي ڪوششن ۾ آئينده سال پڻ مدد ڪرڻ جي موقف تي مضبوطيءَ سان قدم ڄمائي رکڻ“ جي اھميت تي دوباره زور ڏنو ويو. سيڪريٽري آف اسٽيٽ پنهنجي انهيءَ بيان ۾ ڪن اھڙن ”ڪليدي مسئلن وارن علائقن جو ذڪر ڪيو، جتي آمريڪي امداد ھڪ اثرائتو عنصر آھي.“ انهن علائقن ۾ ڏکڻ ويٽ نام، ھندستان، برازيل، آمريڪا ۽ قبرص شامل ھئا، مگر پاڪستان جو ڪو ذڪر ئي ڪو نه ھو.
ھن خيال جو، ته ايشيائي طاقتن جي ھڪ اھڙي ڪوئليشن ھجي، جنهن ۾ ھندستان چين جي طاقت جو مقابلو ڪندڙ مرڪزي طاقت ھجي“، ٻيھر اظھار سيپٽمبر سن 1964ع ۾ ان موقعي تي ڪيو ويو، جڏھن سينيٽر ھيوبرٽ ھمفريءَ نائب صدر جي عھدي لاءِ پنهنجي انتخابي مھم دوران ان جي حمايت ڪئي. ھن جي نقطه نظر مطابق، آمريڪا کي گھربو ھو ته اھا”ايشيا جو سياسي مستقبل ڊگھي مدت لاءِ “ طئي ڪري ڇڏي ۽ ھندستان کي ايترو مضبوط بنائي ڇڏي جو اھو دنيا جي ھن خطه جي اڳواڻي ڪري سگھي. جڏھن سن1964ع جي آخري حصي ۾ عوامي جمھوريه چين پنهنجو پھريون ائٽم بم ڦاڙيو، تڏھن مسٽر چيسٽر پائولس ھندستان کي ھڪ دفعو ٻيھر يقين ڏياريو ته ”آمريڪا سان زياده گھري فوجي اتحاد سان سرحدي ڇڪتاڻ ۾ ستين بحري ٻيڙي جي سڄي ائٽمي طاقت ھندستان جي طرفداريءَ لاءِ پھچي سگھي ٿي ۽ انهيءَ صورت ۾ ھندستان کي نه فقط ائٽم بم ھٿ اچي ويندا، پر ٻيڙي جي توشاخاني اندر موجود ”انهن کان به وڌيڪ تباھي ڦھلائيندڙ ھائڊروجن بم پڻ، سندس تصرف ۾ اچي سگھن ٿا.“ فيبروري سن 1965ع ۾ مسٽر مئڪنمارا کي چين تي ھيءُ الزام لڳائيندي ته، اھو آمريڪا ۽ پاڪستان جي درميان ڦوٽ وجھي رھيو آھي“، ھن ڳالهه جي سخت ضرورت محسوس ٿي ته ”چين جي ڪميونسٽ خطري جي مقابلي لاءِ ھندستان پنهنجي دفاعي قوت وڌائي ڇڏي.“ کيس يقين ھو ته ”ان جي مدد ڪرڻ اسان جي مفاد ۾ آھي.“
چين سان پاڪستان جي وڌندڙ تعلقات تي ناپسندگيءَ جي اظھار لاءِ آمريڪا جي حڪومت جولاءِ سن 1965ع ۾ پاڪستان کي امداد ڏيندڙ ڪنسوريشم جو اجلاس ھن بهاني تي ٻن مھينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو ته ان لاءِ ڪانگريس طرفان اڃا اختيار ڪو نه ڏنو ويو آھي ۽ ڪانگريس طرفان اھا رقم مخصوص ڪرڻ جي قدم کان سواءِ آمريڪا پاڪستان جي ٽئين پنجساله ترقياتي رٿا جي پھرين سال لاءِ مالي امداد جو ڪو وعدو نه ٿي ڪري سگھي. اھو فيصلو آمريڪي حڪومت ڪنسوريشم ۾ شامل ٻين ملڪن سان مشوره ڪرڻ کان سواءِ ڪري ڇڏيو. جولاءِ کان وٺي سيپٽمبر تائين التوا جي فيصلي جو اطلاع ڏيندي پاڪستان ۾ آمريڪي سفير صدر جانسن طرفان صدر ايوب کي ھڪ پيغام ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو ھو ته جيڪڏھن پاڪستان ائين چاھي، ته ھوند انهيءَ درمياني عرصي ۾ ھو ٻين معاملن تي گفتگو ڪري سگھي ٿو. ان جي برعڪس، ڪو ٿوروئي عرصو اڳي ڪنسوريشم طرفان ھندستان لاءِ امداد ڪانگريس جي منظوري حاصل ڪرڻ کان اڳي ئي طئي ڪئي ويئي ھئي. ڪنسوريشم جو اجلاس پاڪستان تي کليو کلايو دباءُ وجھڻ لاءِ ملتوي ڪيو ويو ھو. صدر ايوب کي صدر جانسن جو پيغام پھچائڻ کان جلدئي پوءِ آمريڪي سفير مون سان ملاقات ڪئي ۽ اھي ”معاملا“ بيان ڪيا جن تي پاڪستان جي اقتصادي ضرورتن تي توجھ ڪرڻ لاءِ ڪنسوريشم جو اجلاس سڏائڻ کان اڳ ۾ غور ڪرڻ ضروري ھو. اھي معاملا انهن تعلقات جي سڄي ساري سلسلي سان وابسته ھئا، جيڪي پاڪستان جا عوامي جمھوريه چين، صدر سوئيڪارنو جي حڪومت ۽ ويٽ نام سان ھئا.
آمريڪي حڪومت جو اھو قول ۽ اقرار، ته جيڪڏھن ھندستان پنهنجي امداد جو بيجا استعمال ڪيو ته اھا پاڪستان جي مدد لاءِ پھچندي، بلڪل واضح ۽ شڪ و شبهي کان بالاتر آھي. سيٽو ۽ سينٽو جي معاھدن جي شرطن ۽ ٻه - طرفن دفاعي معاھدن کان علاوه، آمريڪا جي پاڪستان لاءِ اڳوڻي سفير مسٽر مئڪناگيءَ 31-آڪٽومبر سن 1963ع تي حيدرآباد ۾ بيان ڏنو ته آمريڪا ھن لاءِ ھر احتياطي تدبير اختيار ڪندي ته اھا ”امداد“ جيڪا ھندستان کي چين سان وڙھڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي آھي، سا پاڪستان جي خلاف استعمال نه ڪئي وڃي. نومبر 1962ع ۾ آمريڪا ھن ڳالهه جي ضمانت ڏني ته ھندستان سان گڏ، ڪنهن به ٻاھرين طاقت طرفان اڳرائيءَ جي صورت ۾ اھا سڌيءَ طرح سان پاڪستان جي مدد لاءِ پھچندي. ٩- نومبر سن ١٩٦٢ع تي آمريڪا جي سفير مسٽر مئڪناگيءَ ڪراچيءَ ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته ” آمريڪا پنهنجي طرفان سرڪاري خور پاڪستان جي حڪومت کي يقين ڏياريو آھي ته جيڪڏھن ھندستان کي ملندڙ امداد جو ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف غلط رخ ۾ بيجا استعمال ڪيو ويو ته آمريڪا پنهنجي دستوري اختيارن مطابق، اقوام متحده جي اندر خواھ ٻاھر، ھندستان طرفان ڪيل اھڙيءَ اڳرائيءَ کي ٻنهي ھنڌ ناڪام بنائڻ لاءِ مناسب ڪارروائي ڪندي.“ ھيءُ بيان، درحقيقت انهيءَ اعلان جي پٺڀرائي ڪندڙ ھو، جيڪو ھڪ ڏينهن اڳ ۾ آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان ڪيو ويو ھو. انهيءَ موضوع تي گفتگو ڪندي، 20-نومبر 1962ع واري ڏينهن صدر ڪينيڊيءَ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته:
”ھندستان کي فوجي امداد ڏيندي، اسان کي پاڪستان سان پنهنجي اتحاد جو پڻ پورو پورو خيال آھي، ھندستان کي ملندڙ اسان جي سڄيءَ امداد جو مقصد، چيني ڪميونزم جي تخريب ڪارانه ارادن کي شڪست ڏيڻ آھي. ننڍي کنڊ ۾ چينين جون دخل اندازيون ھندستان کان سواءِ پاڪستان لاءِ پڻ خطري جو باعث آھن ۽ انهن جي مخالفت ڪرڻ ۾ ٻنهي جو مفاد مشترڪ آھي. انهيءَ نڪته طرف اسان ٻنهي حڪومتن جو توجھ ڇڪايو آھي. ھندستان لاءِ اسان جي امداد ڪنهن به طرح سان، نه ته پاڪستان سان ڪيل اسان جي وعدن جي اھميت کي گھٽائي ٿي ۽ نه انهن کي مشروط بڻائي ٿي، ۽ اھا ڳالهه پڻ اسان ٻنهي حڪومتن تي واضح ڪري ڇڏي آھي(1).
انهيءَ بيان جي خاتمي تي ھن صدر ايوب جي آمريڪي دوره جي دوران 13-جولاءِ 1961ع واري گڏيل پڌرنامي ۾ ڏنل ھڪ نڪته جو پڻ ذڪر ڪيو:
”ٻنهي صدرن 5- مارچ 1959ع تي ڪيل انهن ٻه- طرفن معاھدن جي اھم مقصد جي ھڪ دفعو ٻيھر توثيق ڪئي، جن ۾ ٻين ڳالھين کان علاوه ھيءُ اعلان به ڪيو ويو ھو ته آمريڪا جي حڪومت پنهنجي قومي مفاد ۽ عالمي امن لاءِ ھن ڳالهه کي نهايت اھم سمجھي تي ته پاڪستان جي آزادي ۽ سالميت کي برقرار رکيو وڃي“(1).
اڳوڻين سڀني يقين دھانين کي دھرائيندي آمريڪي سفير ميڪناگيءَ چيو ته ” آمريڪي پاليسيءَ جي متعلق انهن اعلانيھ بيانن کان علاوه، پاڪستان جي حڪومت کي سڌيءَ طرح پڻ انهيءَ طرح جون يقين دھانيون پيش ڪيون ويون آھن. معاملو صاف آھي، پاڪستان جي آزاديءَ ۽ بچاءَ جي متعلق آمريڪي پاليسيءَ ۾ ڪابه تبديلي ڪا نه آئي آھي.“ 17-سيپٽمبر 1963ع تي مسٽر فلپس ٽالبوٽ آمريڪي يقين دھانيون جي توثيق ھن طرح ڪئي:
” آءٌ سمجھان ٿو ته پاڪستاني حڪومت جا رھنما پاڪستان جي سلامتيءَ جي باري ۾ اسان جي فڪرمنديءَ کي انهيءَ طرح ئي سمجھن ٿا، جھڙيءَ طرح ھندستان جا اڳواڻ ھندستان جي سلامتيءَ لاءِ اسان جي فڪرمنديءَ کي سمجھن ٿا، ۽ منهنجو خيال آھي ته ٻيئي ملڪ ھن ڳالهه کان باخبر آھن ته جيڪڏھن ٻنهي منجھان ڪنهن به ھڪ ملڪ جي طرفان ٻئي تي حملو ٿيو، جنهن جو اسان جي نزديڪ امڪان تمام گھٽ آھي، ته آمريڪا طرفان جوابي ڪارروائي ٿيندي.“ سن 1962ع کان پوءِ پاڪستان کي ملندڙ اقتصادي ۽ فوجي ٻنهي قسمن جي امداد ۾ درجي بدرجي آندل گھٽتائيءَ ۽ ھندستان کي ملندڙ اقتصادي ۽ فوجي امداد ۾ ھڪٻئي پٺيان واڌاري، ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان طاقت جي توازن جي بگاڙي کي وڌائڻ کان علاوه نقصانڪار سياسي اثر پڻ مرتب ڪرڻ شروع ڪيا. پاڪستان کي بار بار يقين ڏيارڻ جي باوجود، جيئن جيئن ھر روز طاقت جي ساھميءَ جو ھڪ پڙ ھندستان جي طرف ڏانهن وڌيڪ جھڪندو ويو، تيئن تيئن پاڪستان ۾ روزانه وڌيندڙ بيچيني جو احساس پڻ وڌيڪ ڦھلجندو ويو. پاڪستان ڏانهن ھندستان جو رويو وڌيڪ اڳرائيءَ وارو ٿيندو ويو ۽ ان جو زياده تر مظاھرو ڪشمير ۾ ٿيڻ لڳو، جيڪو ڇڪتاڻ جو مرڪزي نقطو ھو. ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست کي ھندستان طرفان انڊين يونين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ان وقت تائين ڪو به سخت قدم نه کنيو ويو ھو، جيسين آمريڪا ان کي فوجي امداد مھيا ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو ھو. پوءِ 1963ع جي آخر ڌاري ھندستان ڪنهن به جواز کان سواءِ، آزاد ڪشمير جي چڪنوٽ ڳوٺ ۾ پنهنجي فوج داخل ڪئي ۽ آمريڪي پاليسيءَ جي وڌيڪ واضح ٿيڻ سان گڏوگڏ ھندستان طرفان جارحانه وطن پرستيءَ جا ٻيا به اشتعال ڏياريندڙ مظاھرا ڏاڍي ديده دليريءَ سان دھرايا وڃڻ لڳا. چڪنوٽ تي قبضي ڄمائڻ کان اٽڪل ھڪ سال پوءِ، آڪٽومبر 1964ع ۾ وزيراعظم شاستريءَ ھندستان جي طئھ ٿيل پاليسيءَ طور والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقن کي ھندستان سان ملائڻ متعلق اعلان ڪيو. جڏھن پاڪستان آمريڪا وٽ ان جي خلاف احتجاج ڪيو، تڏھن مسٽر ھئريمن طرفان فقط ”صدمي ۽ حيرت“ جو اظھار ڪيو ويو ۽ ھن وعدو ڪيو ته ھو ان باري ۾ آمريڪا جي فڪر ۽ تشويش کي نئين دھليءَ تائين پھچائيندو. ھيءَ ڳالهه، ته ڪشمير ۾ ھندستان جا دليرانه اقدامات آمريڪا جي فوجي، اقتصادي ۽ سياسي امداد جو نتيجو ھئا، گھڻن ئي باخبر سياسي مبصرن جي نگاھن کان پوشيده نه رھي سگھي. مثال طور برٽرنڊ رسيل چيو:
”ڪشمير ۾ ھندستان ڪيترن ئي سالن کان اقوام متحده جي ٺھرائن جي باوجود راءِ شماريءَ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندو رھيو آھي. ھڪ لک ھندستاني فوج ڪشميرين جي خود مختياريءَ کي دٻائي رکيو آھي. اھو سڀڪجهه ٿيندي رھڻ جي باوجود، مسٽر نهرو سترھن سالن تائين ھندستاني آئين جي انهن ٻن قلعن کي عمل ۾ آڻڻ کان ڪترائيندو رھيو، جن جي ذريعي ھو ڄمون ۽ ڪشمير کي حڪومت جي ھڪ فرمان تحت، ھندستان ۾ ضم ڪري پئي سگھيو. اسان کي اھو ضرور پڇڻ گھرجي ته وزيراعظم شاستريءَ انهن ٻن قلمن جو سھارو ڇو ورتو، ۽ ھن ڇو شيخ عبدالله کي گرفتار ڪري ڪشميرين جي شڪايتن جي پرامن تدارڪ جو دروازو بلڪل بند ڪري ڇڏيو ؟ انهيءَ سوال جي جواب مان اسان کي جنگ ڇڙي پوڻ جي سبب جو صاف اشارو ملي ٿو. سرڪاري طور ڪشمير جي ھندستان ۾ شموليت، انهيءَ ماٿريءَ ۾ بغاوت کي اڻٽر ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ بغاوت ۾ پاڪستان ۾ رھندڙ ڪشميرين جي شرڪت جي لازمي طور توقع ھئي.“
وزيراعظم شاستريءَ ڪشمير جي والاريل رياست ۾ اھڙي پاليسيءَ جو آغاز ڪيو، جنهن جي اختيار ڪرڻ جي جرئت نهروءَ کي به ڪانه ٿي ھئي. اھا رياست ڏاڍي تيزيءَ سان مدغم ڪئي ويئي ۽ ھندستاني آئين جا اھي متعلقه قلم منسوخ ڪيا ويا، جن ۾ ڪشمير کي خودمختاريءَ جو يقين ڏياريو ويوھو. تڪراري علائقي جي انتظاميه (سول سروس) کي ھندستاني انتظاميه بنايو ويو. شيخ عبدالله کان وٺي ھيٺ تائين سياسي ڪارڪنن کي جيلن ۾ بندڪيو ويو. حضرت بَل جي خانقاه واري واقعي کي وڏي بيرحميءَ سان دٻايو ويو ۽ جنگبنديءَ واري ليڪ جي پابنديءَ کي بهانو بنائي مسلمانن کي سرحدي علائقن مان ڀڄايو ويو ۽ انهن جي جاءِ تي ويڙھو قسم جي سـِکن ۽ ڊوگرن کي آباد ڪيو ويو. وزيراعظم نهروءَ جي اقتدار واري ڊگھي زماني ۾ سياسي اڳواڻن جي گرفتارين کان سواءِ، ھـِن قسم جي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويئي ھئي. اھڙيءَ طرح ڄاڻي واڻي حالات ۾ بحران پيدا ڪيو ويو.
انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ۽ پاڪستان جي ارادي جو امتحان وٺڻ لاءِ ھندستان اپريل 1965ع ۾ ڪڇ جي رڻ ۾ فوجي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. ھڪ آزمائشي حملو عمل ۾ آندو ويو ته جيئن پاڪستان جي طرف کان سياسي ۽ فوجي جوابي عمل جو صحيح اندازو لڳايو وڃي، ۽ انهيءَ ڳالهه کي طئي ڪري سگھجي ته پاڪستان ڪيتري حد تائين، پنهنجين سرحدن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آھي. جيتوڻيڪ انهيءَ معرڪي ۾ ھندستاني فوجن جي حالت سٺي نه رھي، ۽ انهن کي چڙ ڏيارڻ جھڙي شڪست ڏيڻ پاڪستان جي وس ۾ ھئي، پر پاڪستان جنهن ضبط کان ڪم وٺي پنهنجي جنگي برتريءَ مان وڌيڪ فائدو نه ورتو، تنهن مان ھندستانين کي اھو خيال ٿيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي ھندستاني منصوبي جي خلاف پڻ جنگي ڪارروائي کان ڪترائيندو. پر ساڻ ئي ھن ڳالهه جو احساس ڪندي ته پاڪستان جي صبر جو پئمانو نيٺ ڇلڪي پوندو ۽ اھو لڳاتار اشتعال انگيزيون برداشت نه ڪندو. ھندستان تدبير طور ھڪ ئي وقت ۾ لاھور تي پڻ حملو ڪري ڏنو ته جيئن طاقت ھلائي ڪشمير جي مسئلي جو ھميشه لاءِ باب ئي بند ڪري ڇڏجي. انهيءَ صورتحال جي برعڪس، جيڪڏھن پاڪستان ڪڇ جي رڻ ۾ پنهنجي جنگي ڪاميابين مان فائدو حاصل ڪيو ھجي ھا ۽ انهيءَ علائقي ۾ پنهنجين ڪاررواين جي تڪميل ۾ ھندستان جي ھڪ ڊويزن فوج کي تهس نهس ڪري ڪريم شاھيءَ تي قبضو ڪري ڇڏي ھا. جنهن جو ان کي حق پھچي رھيو ھو ته ھندستان جو ھوش ٺڪاڻي لڳي وڃي ھا ۽ ھو پنجن مھينن ۾ ئي ٻِيو تصادم نه ڪري ھا.
جڏھن 6-سيپٽمبر 1965ع تي ھندستان پاڪستان تي حملي جو آغاز ڪيو، تڏھن ٻن يا ٽن قومن کان سواءِ دنيا جي ٻين سڀني قومن انهيءَ واقعي تي ڏاڍي صدمي ۽ ناپسنديءَ جو اظھار ڪيو. برطانوي وزيراعظم ھندستان طرفان جنگبندي لائين کي پار ڪرڻ تي افسوس جو اظھار ڪيو. صدر ناصر ڪرشنا مينن کي صاف چئي ڏنو ته ھيءُ حملو بين الاقوامي سرحدن جي کليل خلاف ورزي آھي. عوامي جمھوريه چين ھندستان کي الٽيميٽم ڏنو ته ھو پنهنجي اڳرائيءَ کي ختم ڪري نه ته چين جي طرفان مداخلت لاءِ تيار ٿي وڃي. ايران، ترڪي ۽ انڊونيشيا طرفان پاڪستان کي اخلاقي ۽ مادي مدد ڏني ويئي. ڪاسابلانڪا ۾ سڀني عرب رياستن پاڪستان تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ اقوام متحده ۾ لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي ڀاري اڪثريت طرفان ھندستاني اڳرائيءَ تي سخت نڪته چيني ڪئي ويئي. اوڀر ۽ اولھه يورپ ۾ پاڪستان لاءِ وسيع پئماني تي ھمدردي ھئي. آمريڪا طرفان جنگ ڇڙي پوڻ تي وڏي تشويش جو اظھار ڪيو ويو، پر ان جي بجاءِ جو آمريڪي حڪومت پنهنجين مختلف يقين دھانين تي عمل ڪندي پنهنجي حليف پاڪستان جي مدد لاءِ اچي ھا، ان پنهنجو سڄو زور ۽ اثر رسوخ جنگبندي ڪرائڻ تائين محدود رکيو. انهيءَ مقصد خاطر آمريڪا اھڙيءَ طرح ٻنهي ملڪن جي خلاف تجارت کي بند ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو، ڄڻ ته اڳرائي ڪندڙ ۽ اڳرائيءَ جو شڪار ٿيندڙ ملڪن ۾ ڪو فرق رکڻ ضروري ڪو نه ھو. پاڪستان پنهنجو سڄو جنگي سازو سامان آمريڪا کان ئي حاصل ڪندو ھو، جڏھن ته ھندستان سوويت يونين ۽ ٻين ڪيترن ملڪن کان ھٿيار حاصل ڪرڻ کان علاوه مقامي طور پاڻ به ڪيترائي ھلڪي قسم جا ھٿيار گولھ بارود تيار ڪندو ھو. اھڙيءَ طرح مال برداريءَ جي ممانعت مان در حقيقت فقط پاڪستان کي ئي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
جنگ ۽ ان جي متعلق ٻين قومن جي رويي جي باري ۾ گھڻو ڪجهه لکيو ويو آھي. پر جيسين وڌيڪ معلومات نه ٿي پھچي، تيسين ايترو چوڻ ڪافي آھي ته آمريڪي رويي تي پاڪستان ۾ وڏي مايوسي محسوس ڪئي ويئي. جيڪڏھن آمريڪا پنهنجين حڪمت عملين ۾ ڦيرو نه آڻي ھا ته ھندستان پنهنجي دليرانه مھم جي شروعات ايتريءَ اٻهرائي سان نه ڪري ھا. جيڪڏھن کيس اھو ڊپ ھجي ھا ته آمريڪا پنهنجن معاھدن جون ذميواريون نڀائيندي ۽ پاڪستان سان ڪيل ٻيا وعدا به پورا ڪندي ته ھو پاڪستان تي حملي ڪرڻ جي جرئت ئي نه ڪري ھا. جيڪڏھن طاقت جو توازن بگڙي نه ويو ھجي ھا ته ھندستان حملي ڪرڻ جي قابل ئي نه ھجي ھا. اھي ڇھھ پھاڙي ڊويزنون، جن کي آمريڪا چينين جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ۽ ھٿياربند ڪيو ھو، تن کي ڪشمير ۾ پاڪستان جي خلاف استعمال ڪيو ويو—اھو پاڪستان، جيڪو سيٽو ۽ سينٽو جو ميمبر ملڪ ھو، ھڪ پراڻو نيازمند ۽ پاڻ کان پنجوڻي وڏي ملڪ جي اڳرائي جو نشانو ھو، تنهن پنهنجي سڀني کان وڏي حليف جي مدد حاصل ڪرڻ بدران، ان کي جنگبنديءَ جي فڪر ۾ مبتلا ڏٺو. آمريڪي نقطه نگاھھ تي پڻ غور و فڪر ضروري آھي. صدر ايوب خان ڊسمبر 1965ع ۾ ھن اميد سان صدر جانسن سان واشنگٽن ۾ ملڻ لاءِ ويو ھو ته روبرو ڳالھين ڪرڻ سان ٻنهي کي ھڪٻئي جي موقف کي بهتر طور سمجھڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان ڪفاره طور، ۽ واشنگٽن ۾ حاصل ڪيل نئين مفاھمت جي احترام ۾ ڪجهه قدم کنيا. ان مان ھيءُ خيال عام ٿيڻ لڳو ته تعلقات جو جيڪو قيمتي گلدان 1965ع جي جنگ کان پوءِ وارن اثرن کان پرزا پرزا ٿي ويو ھو، تنهن کي ھاڻي آھستي آھستي ھڪ ھڪ ٽڪرو ڳنڍي ٻيھر جوڙيو پيو وڃي. ھر طرف اھڙي قسم جا اقدامات ڪيا ويا، جن کان اھرن اشتعال ڏياريندڙ سببن ۾ گھٽتائي پيدا ٿي، جن کي انگريزيءَ جي صحافي ٻوليءَ ۾ ”اريٽيشن“ چئبو آھي.
اھڙيءَ طرح آمريڪا طرفان پاڪستان جي فوجي امداد بند ڪرڻ جي فيصلي کان انهن ماڻھن کي صدمو پھتو، جيڪي ائين سمجھي ويٺا ھئا ته خاص تعلقات وارا پرسڪون ڏينهن وري واپس اچي رھيا آھن. عالمي طاقتون ڪڏھن به خفگيءَ کان ڪو قدم نه کڻنديون آھن، ۽ نه وري اھي ڪن مجبورين جي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجن حقيقي مقصدن کي نظرن کان دور ٿيڻ ڏينديون آھن. ڪن موقعن تي اھي رڪاوٽن کي ھٽائڻ يا غلط فھمين کي دور ڪرڻ لاءِ وقت وٺنديون آھن، پر اھا ڳالهه انهن جي سياست جو فقط ٻاھريون ڏيک ھوندي آھي. جنهن جي پٺيان گھرا مقصد پوشيده ھوندا آھن. جيئن ته اھا دعوي ٰ ڪئي وڃي ٿي ته فوجي امداد بند ڪرڻ جو فيصلو ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان تعاون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري ھن ڳالهه جو جائزو وٺڻ ضروري آ ھي ته انهيءَ ” تعاون ” مان مراد ڪھڙي آھي ۽ ڇو انهيءَ لفظ تي ايترو گھڻو زور ڏنو پيو وڃي.
”ڪنفيڊريشن“ يعني بين الاقوامي رياست جو نمونو ۽ ”ڪنڊومينيم “ يعني چند طاقتن جي انتظام ھيٺ رھندڙ رياست جھڙا اصطلاح ھاڻي پراڻا ٿي چڪا آھن. ان کان سواءِ، ھن ننڍي کنڊ ۾ انهن جي متعلق اھڙي قسم جا تاريخي تعصيب موجود آھن، جو انهن جو استعمال مشڪوڪ ٿي پيو آھي. ھڪ ڀيرو ذھنن جو ميلاپ ٿي وڃي، ۽ ھڪ مشترڪه مقصد ٿي پوي ته آئيني ٻوليءَ ۾ تعاون جي ترجمي ڪرڻ لاءِ ڪليا ھميشه ھٿ اچي سگھندا آھن. اھم ڳالهه تعاون جو ٻاھريون اظھار نه، بلڪ ان جو حقيقي مادو آھي. اھڙا ملڪ به آھن، جن جون وفاقي يا نيم وفاقي جوڙجڪون سندن ميمبر ملڪن جي درميان خوشگوار تعلقات پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت نه ٿينديون آھن. نائجيريا کي ھڪ اھڙي ملڪ جي مثال طور وٺي سگھجي ٿو، جنهن ۾ وفاقي اِڪاين جي درميان اندروني اختلاف بدستور مشڪلاتون پيدا ڪري رھيا آھن. ٻئي طرف، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جيتوڻيڪ ڪنهن آئيني ٺاھه ذريعي ھڪٻئي سان ڳنڍيل ناھن، ان جي باوجود انهن جي تعاون جو انداز رسمي انتظامن جي طور ۽ طريقن کان گوءِ کڻي وڃي ٿو.
آمريڪي نقطه نظر جي خيال کان زياده رسمي ۽ مقرره معاھدن کي غور ھيٺ آڻڻ کان اڳ ۾ ذھنن جو ميلاپ ضروري آھي. انهيءَ رخ ۾ پھرئين قدم طور ڇڪتاڻن کي ھلڪو ڪرڻ، ۽ تڪرارن کي دٻائڻ گھرجي. جڏھن ٻن ملڪن جون فوجون ھڪٻئي جي سامھون نه رھنديون آھن، تڏھن اھي ملڪ مشترڪه مقصدن طرف ڌيان لڳائي سگھندا آھن، بجاءِ ان جي جو اھي دقيانوسي قسمن جي قانوني معاھدن لاءِ پنهنجي محنت ۽ ڪوشش ضايع ڪن، جن مان فقط شڪ شبها مضبوط ٿيندا آھن ۽ تعصب ڀڙڪندا آھن. جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان پنهنجا اختلاف ھڪ طرف رکي ڇڏين، ته اھا ڳالهه بذات خود تعاون جي ھڪ سلبي صورت آھي. تڏھن ئي انهن کي ھڪ فرضي مشترڪه دشمن، يعني ڪميونسٽ چين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪٺو ڪري سگھجي ٿو. آمريڪا جي نقطه نگاه کان جيڪڏھن ھڪ ڀيرو تعلقات جو رخ بدلجي وڃي ته تعاون لاءِ ھڪ وڌيڪ وسيع ميدان پيد اڪرڻ جو ڪم وڏي حد تائين آسان ٿي پوي ٿو، ايتريقدر جو مستقبل ۾ تعلقات ڪنهن آئيني رابطي جي حد تائين پھچي سگھن ٿا. انهيءَ مقصد لاءِ ھڪ لازمي ابتدائي قدم طور ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان تعاون پيدا ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ٿيندي رھي آھي.
________________________________________
(1) ڊان ڪراچي، 11- اپريل سن 1964.
(1) ڊان. ڪراچي 11-اپريل سن 1964.
(1) ڊان، ڪراچي ٣- آگسٽ 1963.
(1) ڊان، ڪراچي ١٩- سيپٽمبر ١٩٦٣ع.
(1) انٽرنيشنل ھيرالڊ ٽربيون، 22-23 جولاءِ ,1967 ص-4.