باب ٻارهون: چين ۽ پاڪستان جا تعلقات
ھڪ ترقي پذير ملڪ ھئڻ جي حيثيت ۾ پاڪستان اقوام متحده جي تشڪيل ۾ سڌارو چاھي ٿو ته جيئن اھا ڪمزور قومن جي مفادن جي تحفظ لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪري سگھي، پر چين جي وڏي طاقت جي شموليت کان سواءِ، جيڪا پنهنجي حق جي بنياد تي سلامتي ڪائونسل ۾ جڳھھ حاصل ڪرڻ جي اھل آھي، انهيءَ ڳالهه جو تصور به نه ٿو ڪري سگھجي. عالمي طاقتن طرفان ھندستان ۽ پاڪستان جي ھٿياربند فوجن ۾ ٻـِ- طرفي خطرناڪ قسم جي ڪمي ڪرڻ جي ڪوشش بدران، اقوام متحده کي ھٿيارن جي ڪميءَ لاءِ ھڪ مڪمل ۽ عام بين الاقوامي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، جنهن ۾ ائٽمي ھٿيارن جون ھڪ – ھٽيون قائم ڪرڻ بدران انهن جي مڪمل خاتمي جو اصول شامل ھجي. جيڪڏھن امن جي ضمانت فقط ھڪ غير مسلح دنيا ۾ ڏيئي سگھجي ٿي، ۽ جيڪڏھن بين الاقوامي سطح تي ھٿيارن جي مڪمل ۽ عام ڪميءَ لاءِ ڪوششن جي ھمت افزائي پسنديده ڳالهه آھي، ته پوءِ ھٿيارن جي ڪميءَ لاءِ ڳالھين ۾ چين جي شموليت لازمي آھي. سترڪروڙ انسانن جي اھڙيءَ قوم جي تعاون کان سواءِ، جنهن وٽ جوھري اسلح خانو پڻ آھي، ھٿارن جي مڪمل ڪميءَ جو خيال، ھڪ ڏورانهين منزل بنيو رھندو. انهن نمايان سببن ڪري، چين سان پاڪستان جي دوستانه تعلقات ۾ اھڙن مثبت اسبابن ڪري حرڪت آئي آھي، ۽ نه اھڙين وقتي حاجتن جي ڪري جن جو ڪنهن بئي ملڪ تي اثر پوندڙ ھجي.
ھن قسم جا طعنا ھنيا ويا آھن ته پاڪستان ۽ چين جي زندگيءَ جا نظريا ھڪٻئي سان اڻ ٺھڪندڙ آھن ۽ انهيءَ ڪري انهن ٻن ملڪن ۾ ھڪ دوستاڻو ۽ عملي طريقه ڪار گھڻي وقت تائين قائم نه ٿو رھي سگھي. ھيءُ دليل به پيش ڪيو وڃي ٿو ته جيئن ته پاڪستان جا چين سان تعلقات موضوعي انداز جا آھن، ان ڪري اھي وقت جو دٻاءُ برداشت ڪرڻ جي قابل ٿي نه ٿا سگھن. اھي دليل مغالطي ۾ وجھندڙ آھن. رياستن جا واسطا سڌا سنوان رياستن سان ھوندا آھن، ۽ نه سندن معاشرتي نظامن يا نطرين سان. جيڪڏھن انهيءَ دليل کي ان جي منطقي نتيجي تائين پھچايو وڃي، ته پوءِ پاڪستان جا دوستانه تعلقات فقط مسلم ملڪن سان ھئڻ گھرجن ۽ ان کي باقي دنيا کان پاڻ کي الڳ ٿلڳ رکڻ گھرجي. ھيءَ ھڪ تاريخي حقيقت آھي ته اسلام ھڪ سياسي قوت جي حيثيت سان ٻين جي مقابلي ۾ عيسائي ملڪن جي ھٿان وڌيڪ نقصان برداشت ڪيو آھي. اھا عيسائي دنيا ئي ھئي، جنهن اسلام جي خلاف صليبي جنگين جو بنياد وڌو ۽ اھي عيسائي قومون ئي ھيون، جن ذري گھٽ سڀني مسلمان مملڪتن کي صدين تائين پنهنجي سامراجي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو ۽ انهن جي معاشرتي ۽ اخلاقي تندن کي ايتريءَ حد تائين تباھ ڪيو، جو اسلامي دنيا اڃا تائين انهيءَ نقصان جي بحال ٿيڻ جي دؤر مان گذري رھي آھي. پروفيسر آرنولڊ ٽائنبي چيو آھي:
”ڪميونزم جي متعلق ڪجهه به ٻڌڻ کان ڪيئي صديون اڳي، اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏھڪائيندڙ ڀوت اسلام ۾ نظر آيو ھو. سورھين صديءَ جي زماني تائين اسلام مغرب وارن جي دلين ۾ اھڙي ئي اضطرابي ڪيفيت پيدا ڪندو ھو، جيڪا ويھين صديءَ ۾ ڪميونزم پيدا ڪري رھي آھي، ۽ اھو اضطراب لازمي طور ساڳين ئي سببن جي بنياد تي پيدا ٿي رھيو آھي. ڪميونزم وانگر اسلام پڻ مغرب دشمن تحريڪ ھئي ۽ ان سان گڏو گڏ مغربي عقيدي جي ھڪ بدعتي تشريح پڻ ھئي، ۽ ڪميونزم وانگر، اھو به جذبي جي ھڪ اھڙي ترار لھرائي رھيو ھو، جنهن جي خلاف مادي ھٿيارن ۾ ڪنهن به قسم جو دفاع ڪو نه ھو.“(1)
ھيءُ ڳالهه غير امڪاني آھي ته چين ”پاڪستان جي غرناطھ جي سقوط يا مسلمان رياستن يروشلم جي کسجي وڃڻ جو ذميوار ٿيڻ وارو آھي. اسان جا تعلقات بنڊونگ جي اصولن ۽ عدم مداخلت جي قطعي پيرويءَ جي بنياد تي بيٺل آھن. اسلامي مذھبي ڪتابن ۾ ڪٿي به اھو لکيل ڪونهي ته غير اسلامي رياستن سان دوستيءَ جي تعلقات پيدا ڪرڻ سان شناخت لاءِ خطرو پيدا ٿئي ٿو.
پاڪستان جا عوام ڏيڍ صديءَ کان وڌيڪ عرصي لاءِ مغربي تسلط ھيٺ رھيا آھن. ان جي باوجود پاڪستان سڀني مغربي ملڪن سان دوستانه ۽ آمريڪا ۽ برطانيه سان خصوصي تعلقات قائم ڪري رکيا آھن. انهن قريبي ناتن مان ڪنهن به ناتي پاڪستاني عوام جي مذھبي قدرن کي خراب ڪو نه ڪيو آھي. انهن جي ملڪ مغرب جي دخل اندازيءَ جي باوجود، جنهن جو بنياد تسلط ۽ بيجا مداخلت تي ھو، نهايت فخر سان پنهنجي اسلامي ڪردار کي قائم رکيو آھي. جيڪڏھن پاڪستان جي سياست ۽ معاشرتي بناوٽ ايتري قدر مضبوط آھي. جو اھا مغربي ثقافت ۽ تهذيب جي حملي جو مقابلو ڪري سگھي ٿي ته پوءِ اھا ڪنهن به ٻي نظريي جي مقابلي ۾ پنهنجو مقام برقرار رکي سگھندي، خاص ڪري ھڪ اھڙي ملڪ جي نظريي جو، جنهن جو ڪڏھن به اسان جي ملڪ تي غلبو يا اسان جي اندروني معاملات ۾ مداخلت ڪانه ٿي آھي. جڏھن آمريڪا ۽ سوويت يونين جي درميان تعلقات غير دوستانه ھئا، تڏھن پاڪستان ۽ سوويت يونين جي درميان تعلقات جي قيام جي خلاف پڻ اھڙي ئي سخت مخالفت ڪئي ويندي ھئي. ھيءُ ته جڏھن ٻنهي عظيم طاقتن جا تعلقات بهتر ٿيا، فقط اعتراض ختم ٿيا. جڏھن چين ۽ آمريڪا جا تعلقات وڌيڪ حقيقت پسنديءَ وارو رخ اختيار ڪندا، تڏھن آمريڪا، پاڪستان ۽ چين جي باھمي دوستانه تعلقات جي ايتري مخالف نه رھندي. جيڪڏھن پاڪستان ھن وقت ۽ چين جي خلاف ڪي اشتعال انگيز قدم کنيا، ته جڏھن آمريڪا چين جي درميان تعلقات بهتر ٿي ويندا، تڏھن ان جي حالت وڌيڪ خطري واري ٿي پوندي. انهيءَ وقت اسان وري ائين پٺتي رھجي وينداسون، جيئن سوويت يونين سان پنهنجي تعلقات کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ۾ اسين ھندستان کان پٺتي رھجي ويا ھئاسون. جيڪڏھن قيمتي وقت ھن طرح ضايع ٿيندو رھيو ته ان مان ناقابل تلافي نقصان پھچڻ جو انديشو آھي. ان ڪري ھيءَ ڳالهه انتهائي ضروري آھي ته پاڪستان چين سان پنهنجن دوستانه تعلقات کي ترقي ڏيڻ ۾ مصروف رھي- ۽ آمريڪا جي عالمي پاليسيءَ جي موجوده رجحانن جي مدنظر چين سان قائم ٿيل موجوده تعلقات کي قطع ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ سڀني ڪوششن جو مقابلو ڪري انهن کي قائم رکي. پاڪستان کي خود پنهنجي مھذب سياسي مفادن جي بنيادن تي پنهنجي خارجه پاليسيءَ جي تشڪيل عالمي طاقتن جي بدلجندڙ سياسي ضرورتن کان بي نياز ٿي ڪرڻ گھرجي.
________________________________________
(1) سـِو لـِيزيشن آن ٽرايل، 1948، ص- 2¬-21.