ڪتاب جو نالو: صدين جون صَدائون
مصنف: مولانا ابوالڪلام آزاد / عبدالرزاق ڊکڻ
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 16 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 687 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 381 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب نامياري اسڪالر امام الھند مولانا ابوالڪلام آزاد جي مضمونن جو مجموعو آھي جنھن جو سنڌيڪار عبدالرزاق ڊکڻ آھي. ھن ڪتاب ۾ انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيل آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد
  • انقلا ب پسند مولانا ابوالڪلام آزاد
  • اصلاحي مضمون

  • قالو بليٰ قَلبَ سين، تڏهن تِتِ چيوم
  • ڇاکي وڃيو ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو!
  • جن ڇڏي دعويٰ سي ٿيا سدا ساوا
  • جنين ڏاندنه ٻج، تنين تنهنجو آسرو
  • مذهب جي نالي تي دڪانداري
  • انساني پيدائش جا ڇهه مرحلا ۽ قرآن حڪيم
  • غلامن جي ديس ۾ آزاديءَ جو نعرو
  • حضرت يوسف عليه السلام جي سيرت جو مطالعو
  • عورتن جي نالي سڏائڻ واري روايت
  • فڪري مقالا

  • هدايت ۽ سعادت جو انساني سفر
  • فڪر جي آزادي ۽ اسلامي حياتي (قرآن حڪيم جي وضاحت)
  • اسلام جي بقا ۽ ڪفر جي فنا ٿيڻ جي حقيقت
  • الاَمر بالمعروف و النهي عن المنڪر _ چڱائين طرف سڏڻ ۽ مداين کان روڪڻ
  • دين جي دعوت ۽ ان جو طريقو
  • احتساب جو فلسفو
  • احتساب ۽ اسلام
  • ويڙهه جو فلسفو: ڪارڻ ۽ اثر
  • انقلاب ۽ جنگ جي اصليت

  • ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ

    ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ
    پهريون ڇاپو: 1999ع
    نئون ڇاپو: 2016ع
    ڪتاب جو نالو: صدين جون صدائون (انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ
    حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو)

    ليکڪ: امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد
    سنڌيڪار: عبدالرزاق ڊکڻ
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 400/= رپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن : 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com

    “SADIUN JOON SADAAOUN”
    (Selected Articles)
    By: Moulana Abul Kalaam Azad
    Translated by: Abdul Razzak Dakhan
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”صدين جون صدائون“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري اسڪالر امام الھند مولانا ابوالڪلام آزاد جي مضمونن جو مجموعو آھي جنھن جو سنڌيڪار عبدالرزاق ڊکڻ آھي. ھن ڪتاب ۾ انساني سعادتن ۽ ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي حسناڪين جو ڏاهپ حڪمت ۽ اسلامي فڪر جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيل آھي.
    مولانا عبيد اللہ سنڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي لکڻين سان هندستان جي روشن خيال طبقي کي پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته قرآن پاڪ ۾ غسل ۽ طهارت کان علاوه قومن کي بيدار ڪرڻ ۽ عروج تي رسائڻ جا اصول به لڪل آهن ته وري ڪائنات جون حقيقتون به پويل آهن. جيڪي تعليم يافته ماڻهو اڳ ۾ سمجهندا هئا ته قرآن دڙڪي داٻي ۽ تڪفير يا تعذير تي ختم ٿو ٿئي، تن جڏهن قرآن جي انهن حڪمت ڀرين اصولن جو مطالعو ڪيو جيڪي ٻنهي عالمن واضح ڪري پيش ڪيا ته حيرانگيءَ ۽ اعتراف جا مجسما بڻجي ويا.
    ھن ڪتاب جون پھريون ڇاپو 1999ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    تحريڪ ريشمي رومال جون سرگرميون پنهنجي زورن تي هيون. هندستان ۾ ان تحريڪ کي ٻاهرين سپورٽ ڏيارڻ لاءِ عبيد الله سنڌي ڪابل ۾، برڪت علي ڀوپالي جرمنيءَ ۾ ترسيل هو. سنڌ ۾ مولانا سيد تاج محمود امروٽي، بلوچستان ۽ ساحلي علائقن ۾ مولانا محمد صادق کڏي وارو، پنجاب ۾ مولانا غلام محمد دينپوري ۽ سرحد ۾ مولانا عزيز گل ريشمي رومال تحريڪ جي ڪمانڊنگ ڪري رهيا هئا. مرڪز ۾ حضرت شيخ الهند سڄي تحريڪ جي ڪمانڊنگ ڪري رهيو هو.
    حضرت شيخ الهند ان تحريڪ جي ڪاميابيءَ جي صورت ۾ مسلمانن جي سرواڻيءَ لاءِ هڪ امير المومنين جو انتخاب ضروري سمجهيو ۽ ان لاءِ سندس نظر انتخاب مولانا ابوالڪلام آزاد تي بيٺي. مولانا آزاد جي شخصي ۽ علمي ڪمال ۽ سياسي فهم ۽ تدبر کي نظر ۾ رکندي حضرت شيخ الهند پاڻ مولانا آزاد جي دستاربندي ڪرڻ لاءِ پنهنجي تحريڪي ۽ ساٿي عالمن سان پروگرام جوڙي ورتو. صادق پور جي ٿانوي اثر هيٺ آيل مولوين ان جي مخالفت ڪئي ۽ ان تي فساد شروع ڪيائون. ايتري ۾ ريشمي رومال تحريڪ جو راز انگريزن جي ور چڙهي ويو ۽ حضرت شيخ الهند کي گرفتار ڪري مالٽا ۾ قيد ڪيو ويو ۽ سڄي هندستان ۾ هزارن جي تعداد ۾ ريشمي رومال تحريڪ سان سلهاڙيل عالم سڳورا گرفتار ڪيا ويا. اهڙي طرح سڄي ننڍي کنڊ جي ملسمانن لاءِ اڳواڻڪاريءَ جو سلسلو به بيهجي ويو.
    حضرت شيخ الهند دارالعلوم ديوبند جي شيخ الحديث جي حيثيت سان هندستان جي سڀني وڏن عالمن جو استاد، جمعيت علماءِ هند جي سرپرست واري حيثيت ۾ هندستان جي سڀني وڏن علمن جو رهبر ۽ ريشمي رومال تحريڪ جي چيف ڪمانڊر جي حيثيت ۾ سالار اعليٰ واري مقام جو حامل هو. سندس ذات ۽ سندس ساٿ جي پاران مولانا آزاد جي امير المومنين واري حيثيت ۾ انتخاب ڪو معمولي واقعو نه هو.
    اسين ڏسون ٿا ته مولانا عبيد الله سنڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد ان دور ۾ مسلمانن جي نشاة ثانيه جا ٻه وڏا علمي محرڪ هئا. ٻنهي شخصيتن ۾ اجتهاد ۽ تجديد جون خداداد صلاحيتون هيون، جن جو اعتراف هندستان جي سڀني روشن خيال عالمن کي هو. ٻنهي عالمن قرآن مجيد کي انسانيت جي ازلي ورثي جي صورت ۾ ان جي انقلابيت ۽ آفاقيت سان نروار ڪيو ۽ قرآن لائحه عمل طور انهن جي آڏو پيش ڪيو. ٻنهي عالمن جي علمي استدلال ۽ عملي ڪوشش سان مذهب ۽ سياست جو حيرت ۾ وجهندڙ اتحاد سامهون آيو، جيڪو کانئن اڳ هندستانين جي دل ۽ دماغ ۾ ڪو به پيدا ڪري نه سگهيو هو. ٻنهي شخصيتن، عالمن جي گروهه کي اسلامي سياست جون رمزون ٻڌايون ۽ جديد دور جي مبلغن کي انقلاب ۽ اخلاقيات جي حقيقت سيکاري. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته کانئن اڳ به ڪجهه ماڻهن مختلف موقعن تي هندستان جي مسلمانن کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن انهن جو نه اهڙو دماغ هو، نه وٽن اهڙا لفظ هئا ۽ نه وري کين اهڙو اجتهادي ملڪو حاصل هو.
    انهن ٻنهي عالمن جي لکڻين سان هندستان جي روشن خيال طبقي کي پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته قرآن پاڪ ۾ غسل ۽ طهارت کان علاوه قومن کي بيدار ڪرڻ ۽ عروج تي رسائڻ جا اصول به لڪل آهن ته وري ڪائنات جون حقيقتون به پويل آهن. جيڪي تعليم يافته ماڻهو اڳ ۾ سمجهندا هئا ته قرآن دڙڪي داٻي ۽ تڪفير يا تعذير تي ختم ٿو ٿئي، تن جڏهن قرآن جي انهن حڪمت ڀرين اصولن جو مطالعو ڪيو جيڪي ٻنهي عالمن واضح ڪري پيش ڪيا ته حيرانگيءَ ۽ اعتراف جا مجسما بڻجي ويا. هن ڳالهه ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ويجهڙائي واري دور ۾ هندستان اندر جيڪي به روشن خيال علمي ۽ انقلابي تحريڪون پيدا ٿيون، اهي انهن ٻنهي عالمن جي علمي سرگرمين ۽ ڪوششن کان بعد سامهون آيون.
    مولانا ابوالڪلام آزاد جي ذهني سفر جو جوڀن الهلال جي ذريعي سامهون آيو. ان پرچي جي ذريعي هُن هندستاني مسلمانن جي، انگريزن جي غلاميءَ تي هِري ويل ذهنن کي بيدار ڪري ورتو، جنهن کان پوءِ مسلمانن انگريزن جي غلاميءَ تي خار کائڻ شروع ڪئي. ان جي علمي استدلال کي سڄي هندستان جي علمي حلقن ۾ مڃتا حاصل ٿي ۽ ان ليٽر پريس واري دور ۾ الهلال جي اشاعت پنجٽيهه هزار تي پهتل هئي، جيڪا ان وقت جي رڪارڊ اشاعت آهي.
    مولانا آزاد الهلال ۾ مسلمانن جي لاءِ سڌارڪ ۽ پرچارڪ مضمون به لکيا ته علمي ۽ فڪري بحثن تي مشتمل مقالا به. مطالعي هيٺ آيل هن ڪتاب ۾ الهلال جي انهن چونڊ سڌارڪ مضمونن ۽ فڪري مقالن کي سهيڙيو ويو آهي. مضمونن جي ترجمي جو ڪم محترم عبدالرزاق ڊکڻ پهريائين هڪ مختصر ڪتاب جي صورت ۾ ڪرڻ چاهيو پئي ليڪن بعد ۾ هُن اسان جي گذارش کي مان ڏئي ڪتاب جي ٻئي حصي جو مواد به ترجمو ڪري ڏنو جنهن سان ڪتاب جي افاديت ٻيڻي ٿي پئي آهي.
    اسان کي اميد آهي ته هي ڪتاب به سنڌيڪا جي پاران مولانا آزاد جي اڳ ۾ ڇپيل ٻين ڪتابن وانگر بيحد مقبوليت حاصل ڪندو. مولانا عبيد الله سنڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي اڪثر علمي ڪاوشن کي ڇپائڻ جي لاءِ اسان پرعزم آهيون ۽ انشاءُ الله موقعي سان ٻيا ڪتاب به شايع ٿيندا رهندا.

    نور احمد ميمڻ
    چيئرمين
    سنڌيڪا اڪيڊمي


    امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد

    مسلمان ڪيترين صدين کان هن حالت ۾ رهي رهيا آهن جو آنڌيءَ وانگر اٿيا، طوفان وانگر ڇانئجي ويا ۽ ڌوڙ وانگر پئجي رهيا.
    ***
    زندگي نه ڀڙڪو کائڻ جو نالو آهي نه وسائجي وڃڻ جو، زندگي نالو آهي دُکيل رهڻ جو.
    ***
    عزيزؤ! پنهنجي اندر ۾ هڪ بنيادي تبديلي پيدا ڪريو جهڙي طرح ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان جو جوش ۽ خروش غلط هو، اهڙي طرح اڄ توهان جو خوف ۽ هراس بيجا آهي. مسلمان ڀڙڪي پوڻ يا مسلمان ۽ بزدلي هڪ هنڌ جمع نٿا ٿي سگهن.

    - امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد


    انقلا ب پسند مولانا ابوالڪلام آزاد

    مولانا ابوالڪلام آزاد مرحوم جي زندگيءَ جي ڀيٽ هڪ تحريڪ سان ڪري سگهجي ٿي جيڪا بيحد طاقتور ۽ منطقي آهي پر ان ۾ ڪجهه اڻٽر موڙ به آهن، جيڪي هن کي اسلام جي وچين دور جي اسلامي مدرسيت (جنهن تي جديد سائنس ۽ فلسفي جو بلڪل ئي اثر نه ٿيو هو.) کان هندستان جي دنيوي حڪومت ۽ ان ڍنگ جي زندگي گذارڻ طرف وٺي وڃن ٿا.
    مولانا جو والد محترم حضرت شيخ محمد خير الدين مڪي پاڪ ڏانهن هجرت ڪري رهيو هو. مولانا جي ولادت ان مقدس شهر جي محلي دارالسلام ۾ نومبر 1888ع ۾ ٿي. مولانا جو والد هڪ مشهور عالم ۽ صوفي هو، جنهن جا مريد هندستان اندر ڪافي تعداد ۾ هئا. هو هڪ محتاط عالم دين هو ۽ اسلام متعلق انهن سڀني قياسن کي ناپسند ڪندو هو جيڪي اڳين جي روايتن جي خلاف هوندا هئا. مولانا جي تعليم سندس والد جي سخت نگراني هيٺ ٿي. جڏهن مولانا جي عمر تقريباً ڏهه سال ٿي ته سندس والد کي هندستان واپس گهرايو ويو. هو گهڻو وقت ڪلڪتي ۾ رهڻ لڳو. والد جي وفات کان اڳ ئي سن 1909ع ۾، مولانا ان فڪري قيد کان آزاد ٿي چڪو هو، جنهن ۾ هن پرورش ورتي هئي.
    مولانا تي سر سيد احمد خان جي تصنيفن جو اثر ٿيڻ لڳو پر اهو اثر گهڻو وقت رهي نه سگهيو. سر سيد، انهن عالمن تي سخت تنقيد ڪئي هئي، جيڪي هن جي نظر ۾ اسلام جي وچين دور جي طرز فڪر ۽ طرز زندگي جا گهڻ گهريا هئا. ان ڳالهه سان ته مولانا، سر سيد سان متفق هو پر برطانوي اقتدار سان وفاداري، سر سيد جي تعليمات ۽ عليڳڙهه تحريڪ جو هڪ حصو هئي ۽ مولانا جو اهڙي سياسي غلاميءَ جي حڪمت عمليءَ سان بغاوت ڪرڻ لازمي هو، جنهن جو نتيجو (مولانا بيان فرمائين ٿا) هي ٿيو جو ٿوري وقت لاءِ الحاد ۽ بي يقيني هن جي باطني زندگي کي بي قرار بڻائي ڇڏيو. مولانا الحاد جو لفظ شايد سخت نموني استعمال ڪيو آهي. هڪ ڪيفيت ضروري گذري هئي، جيتوڻيڪ اها ٿورو وقت رهي، پر تنهن هوندين به هن جا سمورا قديم خيال ۽ تصور پٽ وڃي پيا ۽ هن اهو ترقي پسند پهلو اختيار ڪيو، جيڪو سندس آخري وقت تائين هڪ نمايان وصف طور رهيو.
    سن 1912ع ۾ مولانا (جيڪو صحافت جو ڪافي تجربو رکندڙ هو.) ٽن مقصدن کي سامهون رکندي پنهنجي اردو هفتيوار اخبار ”الهلال“ ڪڍڻ شروع ڪئي جيڪا آخر ۾ پنجويهه هزار جي تعداد ۾ شايع ٿيڻ لڳي، جنهن ۾ مولانا اسلام ۾ انڌي تقليد کي ناپسند ڪيو ۽ سر سيد جي سياسي محڪومي واري نظريي تي اعتراض ڪيو. ان سان گڏ مولانا پنهنجا مجتهداڻا خيال پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو ڪنهن قدر تفصيل سندس تفسير ترجمان القرآن ۾ ملي ٿو.
    جيڪو شخص اهڙي طرح پنهنجي واٽ منتخب ڪري ٿو، تنهن کي انهن ڏاکڙن مان گذرڻ لاءِ به تيار رهڻ گهرجي، جيڪي اهڙي واٽ اختيار ڪرڻ لاءِ لازمي هوندا آهن. مولانا ان لاءِ چڱي طرح تيار هو. هن سن 1913ع ۾ الهلال ۾ لکيو هو ته:
    ”ملڪن ۽ قومن جي تاريخ ۾ هڪ وقت اچي ٿو، جنهن ۾ انسانن لاءِ زندگيءَ جي خواهش رکڻ گناهه ٿي پوي ٿو ۽ زندهه رهڻ کان وڌيڪ ڪو به جرم نٿو ٿئي... اهڙو وقت هر قوم ۽ ملڪ تي اچي ٿو ۽ قومن جي اٿل پٿل ۽ انقلاب مان هڪ قدرتي قانون تحت گذري وڃي ٿو. پوءِ بربادي ۽ تباهيءَ جو هر اهو ٻج جيڪو زمين ۾ پوکيو ويو هو سو نئين رُت جي شروع ٿيندي ئي زندگي ۽ نه زوالجندڙ حياتي جو ميوو ڏيڻ لڳي ٿو.“
    پڪ ڄاڻو ته ”قوميت جو روح هميشه فردن جي غفلت ۾ سمهندو آهي.“( )
    جڏهن الهلال جي ضمانت ضبط ڪئي ويئي ته مولانا البلاغ شايع ڪرڻ شروع ڪيو پر بنگال جي حڪومت سن 1916ع ۾ هن کي شهر بدر ڪري ڇڏيو ۽ بمبئي ۽ بهار جي حڪومتن کانسواءِ ٻين سڀني حڪومتن، هن کي پنهنجين حدن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. مولانا رانچي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتان هن کي جلد حڪو مت نظربند ڪري ڇڏيو. پنهنجي زندگيءَ جي ان دؤر ۾ هن ٻه مشهور ڪتاب لکيا: هڪ تذڪرو ۽ ٻيو ترجمان القرآن.
    مولانا تي ٻه اعتراض ڪيا وڃن ٿا. پهريون هي ته هن اسلامي فڪر جي انهن مروج اصولن کي قبول ناهي ڪيو، جيڪي هندستاني مسلمانن جي رسم ۽ رواج جي پٺڀرائي ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا. تذڪري جي صفحن تي پنهنجي متعلق فرمائين ٿا:
    ”جنهن حال ۾ رهيس نقص ۽ ناتمامي کان دل کي هميشه موڙو رهيو ۽ تقليد جي وهنوار ۽ عام روش کان پرهيز ڪيم. جتي به ۽ جهڙي به حال ۾ رهيس، ڪڏهن به ٻين جي نقش قدم تي هلڻ جي گهرج نه رهي. پنهنجي واٽ پاڻ منتخب ڪيم ۽ ٻين لاءِ پنهنجو نقش قدم ڇڏيم.....الاهي توفيق جون سوين واٽون آهن، هدايت ۽ تربيت غيبي جا هزارين ويس آهن. سڀني کان سولي ۽ پُرامن واٽ هيءَ آهي ته رستي ڏيکاريندڙن مان ڪنهن صاحب ارشاد جي صحبت حاصل ٿي وڃي، پر صاف صاف چوان ٿو ته ان باري ۾ منهنجي درماندگي ۽ بيڪسي، هدايت ۽ ارشاد جي ڪنهن متعارف وسيلي تي مختصر نه رهي آهي. پنهنجي مفلسي ۽ تنگ دستي نه ڪنهن هٿ، نه ڪنهن زبان ۽ نه خاندان ۽ نه ظاهري تعليم ۽ تربيت جي ٿورائتي رهي آهي. جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو، صرف بارگاهه عشق مان حاصل ڪيو آهي.“ ) (
    ڪنهن ٻي جاءِ تي فرمائين ٿا:
    ”انسان جي دماغي ترقيءَ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ سندس موروثي عقيدا آهن. انسان کي ڪا به طاقت اهڙي طرح قيد نٿي ڪري سگهي، جهڙي طرح موروثي عقيدن جا زنجير ڪن ٿا. هو انهن زنجيرن کي ٽوڙي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته انهن کي ٽوڙڻ گُهري ئي نٿو. هو انهن کي ڳهن وانگر محبوب رکي ٿو. هر عقيدو، هر عمل؛ هر اها سوچ جيڪا هن کي خانداني روايتن ۽ ابتدائي تعليم ۽ تربيت مان حاصل ٿئي ٿي؛ هن لاءِ هڪ مقدس ورثو آهي. هو ان ورثي جي حفاظت ڪندو، مگر ان کي وڃائڻ نه چاهيندو. ڪڏهن ڪڏهن انهن موروثي عقيدن جي پڪڙ ايتري ته سخت ٿئي ٿي، جو تعليم ۽ ماحول جو اثر به ان کان ڇوٽڪارو نٿو ڏياري سگهي. “) (
    مولانا تي ٻيو اعتراض هي هو ته هُو مسلمان هجڻ جي باوجود، سڀني مذهبن جي صداقت تي يقين رکي ٿو. اهو اعتراض صحيح آهي پر گهڻو ڪري اهڙا اعتراض اٿارڻ ۾ بغض جي بوءِ اچي ٿي. قرآن حڪيم هڪ ڳالهه صاف چوي ٿو. اها هيءَ ته خدا هر قوم جي هدايت لاءِ رسول موڪليا آهن. الله تعاليٰ جو ارشاد آهي :
    وَ مَا کُنَّا مُعَذِّبِیۡنَ حَتّٰی نَبۡعَثَ رَسُوۡلًا ﴿۱۵﴾ (بني اسرائيل-15)
    ”۽ اسين سزا نٿا ڏيون، جيستائين ڪنهن رسول کي نه موڪليندا آهيون.“
    خدا جي هڪ بنيادي صفت ربوبيت آهي جنهن جي وضاحت مولانا هن طرح ڪئي آهي: تخليق+ترقي+هدايت. پنهنجي زندگيءَ جي ان دؤر ۾ مولانا علماءِ دين کان سخت ناراض هئا، ڇاڪاڻ ته سندس راءِ مطابق انهن عالمن قرآن جو تفسير يوناني فلسفي ۽ سائنس جي روشني ۾ ڪيو هو جنهن ڪري بشمار غلط فهميون پيدا ٿي پيون. مولانا جو خيال هو ته قرآن کي اهڙي طرح سمجهڻ گهرجي، جهڙي طرح پيغمبر اسلام ۽ ان جي اصحابن سمجهيو هو، جيڪي پاڻ کي سڀني اڳين نبين جو صحبح وارث خيال ڪندا هئا. قرآن جو بيان آهي ته: لا نفرق بن احد من رسلِھ ”اسين ان جي پيغمبرن مان ڪنهن ۾ فرق نه ڪندا آهيون.“ اهڙين سڀني ڳالهين ۾ مولانا پنهنجن خيالن جا بهترين مفسر آهن، تنهن ڪري اسين ان ڏانهن رجوع ڪريون ٿا.
    الهلال ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي مولانا لکن ٿا:
    ”مذهب ۽ ان جي پيروڪارن جي فرق کي هميشه سامهون رکڻ گهرجي. اهي ٻه مختلف شيون آهن هڪ ناهن. مذهب متعلق اسان جون ٻه ڀاڱي ٽي مايوسيون انهيءَ غلطيءَ جو نتيجو ٿين ٿيون، جو اسان اڪثر ڪري انهن ٻنهي جي عددي اختلاف کي وساري ڇڏيون ٿا. دنيا جي ڪا به تعليمي صداقت اهڙي ناهي جنهن جي پوئلڳن جي فهم ۽ عمل کي حجت قرار ڏيئي حقيقت طرف قدم وڌائي سگهون. سچ جي واٽ هڪ کانسواءِ ٿي نٿي سگهي. تنهن ڪري بظاهر قرآن لاءِ ٻه طريقا ٿي پئي سگهيا: يا ته هو سڀني مذهبن جي پوئلڳن جي تصديق ڪري يا سڀني کي ڪوڙو ليکي. سڀني کي سچو سمجهي نه پيو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي صورت ۾ دنيا جو مذهبي صداقت کان خالي هئڻ ليکجي ها ۽ انسان جي روحاني تربيت جا سمورا بنياد تباهه ٿي وڃن ها. ان ڪري هن ٻنهي طريقن مان ڪو به طريقو اختيار نه ڪيو ۽ هڪ ٽئين واٽ ورتي. هن چيو ته دنيا جا سڀئي مذهب حق آهن پر دنيا ۾ مذهبن جا پيروڪار حق کان منحرف ٿي ويا آهن. جيتري قدر به گمراهي، اختلاف، دعويٰ جي جنگ ۽ الڳ ٽوليون ٺاهڻ جو جهڳڙو آهي، انهن مذهبن جي پيروڪارن جي فهم ۽ عمل ۾ آهي، مذهب جي تعليم ۾ ناهي. جيڪڏهن مذهب جي مڃيندڙن جي ان اختلاف کي دور ڪيو وڃي جيڪو حق ڪو نه آهي ته هر جماعت وٽ اها شيءِ بچندي جا حق آهي. اهو ئي دنيا جي مذهبن جو ”گڏيل حق“ دنيا جي عالمگير روحاني سچائي آهي.“ ( )
    الهلال ۾ هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ فرمائين ٿا:
    ”قرآن ڪريم جي مطالعي ۽ تدبير ۾ اوهان کي جيڪي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون اهي ايستائين اينديون رهنديون، جيستائين ان باري ۾ چند بنيادي اصول واضح نه ٿي وڃن. مختصر طور تي هيئن کڻي سمجهو ته پهرين صدي کان پوءِ قرآن ڪريم جي فهم ۽ تدبر جون ٻه واٽون ٿي ويون. هڪ قرآني ۽ ٻي غير قرآني... غير قرآني طريقي مان مقصد اهي سڀئي طريقا آهن، جيڪي قرآن مان نه، بلڪه مفسرين قرآن جي ذوق ۽ فڪر مان پيدا ٿيا. انهن وضعي (گهڙيل) علمن جي اشاعت، ايراني، رومي ۽ هندي تمدن کي نقل ڪرڻ ۽ عجمي قومن سان ميل ميلاپ جو قدرتي نتيجو هئي. مفسرن جي هر گروهه قرآن جي مطالبن کي اهڙي شڪل ۽ نوعيت ۽ ڏٺو ۽ پيش ڪيو، جهڙي شڪل ۽ نوعيت جي فڪري حالت انهن جي اندر پيدا ٿي هئي. آهستي آهستي اها حالت ٿي ويئي جو قرآن جا لفظ، ترڪيبون، انداز بيان، دليل ۽ حجتون، وعظ ۽ حڪم هڪ جدا نوعيت اختيار ڪري ويا. قرآن جي تعليم ۽ بيان جو سمورو بنياد فطرت ۽ فطرتي سادگي تي آهي. علوم ۽ فنون جو سمورو بنياد علمي طرح ان جي گهاڙيٽي ۽ وري گهاڙيٽي جي تعلق ۽ ڪاوشن تي رکيل آهي. اُن جو نتيجو هي نڪتو جو جيئن جيئن پڙهندڙن پاران گهاڙيٽي جي محويت وڌندي ويئي تيئن تيئن فطرت جي ذوق ۽ فهم جي لياقت گهٽ ٿيندي ويئي. ايستائين جو اهڙو زمانو اچي ويو جنهن ۾ ماڻهوءَ جو دماغ ايتري قدر هيئتي طريقن جي بحث جو عادي ٿي ويو، جو ڪنهن اهم ۽ عظيم ڳالهه کي سادي ۽ سولي صورت ۾ ڏسي نٿي سگهيو. مقدمن لکڻ جي طريقي جو سمورو بنياد وضعي علمن جي فطري تقاضائن تي هوندو آهي. اهي اصول ڪنهن به حال ۾ حقيقي نه آهن ۽ نه هر زماني جو علمي استعداد يڪسان طور تي ان جو اعتراف ڪري سگهي ٿو. هي ممڪن آهي ته ڪالهه جيڪا ڳالهه بنيادي اصول ڪري سمجهي ويندي هئي، اڄ ڪمزور دليل ٿي پوي، جنهن جو ماڻهو مذاق ڪن. ايمان جو بنياد اهڙن بدلجندڙ ۽ غير مستقل اصولن تي ٿي نٿو سگهي. ( )
    ان بحث جي سلسلي ۾ هڪ ٻي جاءِ تي لکن ٿا:
    ”افسوس! قرآن ڪيڏانهن وٺي وڃڻ گهري ٿو ۽ دنيا ان کي ٽِڪڻ تي کڻي ڪيڏانهن هلي پئي آهي. اسان جا مفسر ۽ متڪلم (يعني علم ڪلام جا ماهر) ارسطو جي منطق ۽ يونانين جي دانشمندي ۾ ايترو ته گم ٿي ويا جو انهن کي ٻين راهن جي خبر نه رهي. “ ( )
    فيبروري سن 1920ع ۾ مجلس خلافت بنگال کي خطاب فرمائيندي، مولانا چيو ته:
    ”دنيا ۾ سمورن جهڳڙن ۽ اختلافن جو هڪ وڏو سبب حقيقت جي هيڪڙائي، نالن ۽ اصطلاحن جي گهڻائي آهي. سچ جي ڳولا جا اڪثر جهڳڙا شهد ۽ عسل جي قصي کان وڌيڪ ناهن. يعني سچائي هر جاءِ تي ۽ هر عمل جي واٽ ۾ حقيقت ۽ نالي جي لحاظ کان هڪ ئي آهي پر ويس مختلف ٿي ويا آهن. مصيبت هي آهي ته دنيا معنيٰ کي ماڻڻ بجاءِ لفظن جي پوڄا ڪري ٿي، سڀئي هڪ ۽ ساڳي حقيقت جا طلبگار ۽ پرستار آهن پر صرف نالن جي اختلاف سبب پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. هڪ چوي ٿو شهد ٻيو چوي ٿو عسل؛ مگر ڪو به ناهي جيڪو انهن کي سمجهائي ته ٻنهي جو مقصد ساڳيو آهي... مذهبي اختلافن کان وٺي، معاشرت ۽ رسمن رواجن جي ننڍن ننڍن اختلافن تائين هر جاءِ تي اهڙائي ڪارڻ آهن. جيڪڏهن ٿي سگهي ته صورتن ۽ نالن جا اهي سمورا پردا کنيا وڃن ۽ حقيقت بي نقاب ٿي سامهون اچي ته دنيا جا جهيڙا جهٽا هڪدم ختم ٿي وڃن ۽ سڀئي وڙهندڙ ڏسي وٺن ته سڀني جو مقصد ساڳيو آهي، جيتوڻيڪ ويس مختلف آهن. سڀني جو مقصود ساڳيو آهي، توڻي جو نالا عليحده آهن.“
    ڪنهن ٻي جاءِ تي فرمائين ٿا:
    ”هڪ مذهب موروثي مذهب آهي، جنهن کي پيءُ ڏاڏا مڃيندا اچن ٿا ۽ اوهان به مڃيندا رهو ٿا. ٻيو جا گرافيائي مذهب آهي، جيڪو زمين جي ڪنهن خاص ٽڪري ۾ رهڻي ڪهڻيءَ جي هڪ عام واٽ بڻجي ويو آهي. سڀ ان تي هلن ٿا ۽ اوهان به هلندا رهو ٿا. ٽيون آدمشماري جو مذهب آهي. آدمشماري جي ڪاغذن ۾ هڪ خانو ٿئي ٿو، جنهن ۾ اسلام درج ڪرائي ڇڏيو. چوٿون رسمي مذهب آهي، جيڪو رسمن ۽ روايتن جو هڪ مجموعو بڻجي پيو آهي، ان کي نه ڇيڙيو بس عمل ڪندا رهو... پر انهن سڀني مذهبن کان علاوه مذهب جي هڪ حقيقت اڃا به رهجي وڃي ٿي. تعريف ۽ تميز جي لحاظ کان ان کي حقيقي مذهب جي نالي سان سڏڻو پوي ٿو، جنهن جي واٽ اسان کان وڃائجي وئي آهي.
    ہمیں ورق کہ سیہ گشت مدعا اینجاست!
    (هنن ڪارن ڪيل ٻن پنن ۾ جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي؛ اهو منهنجو مقصد آهي.)
    ان هنڌ تي پهچي اها حقيقت بي نقاب ٿي پوي ٿي ته علم ۽ مذهب متعلق جيترا به جهڳڙا آهن، اهي حقيقت ۾ علم ۽ مذهب جا ناهن پر مذهب جي دعويدارن جي بيوقوفين، ظاهر پرستين ۽ قانون سازين جا آهن. حقيقي علم ۽ حقيقي مذهب جيتوڻيڪ، جدا جدا رستن تي هلندا رهن ٿا پر آخرڪار هڪ منزل تي پهچي وڃن ٿا.“ ( )
    مذهب ۽ سائنس جي اختلاف ۽ فرق کي مولانا هن طرح بيان ڪن ٿا:
    ”فلسفو شڪ جو دروازو کولي ڇڏي ٿو ۽ وري بند نٿو ڪري سگهي. سائنس ثبوت ڏئي ٿي پر عقيدو نٿي ڏيئي سگهي پر مذهب عقيدو ڏئي ڇڏي ٿو، ثبوت نٿو ڏي. هت زندگي گذارڻ لاءِ صرف ثابت ٿيل حقيقتن جي ضرورت ناهي پر عقيدي جي به ضرورت آهي. اسين صرف انهن ڳالهين تي قناعت نٿا ڪري سگهون جن کي ثابت ڪري ٿا سگهون ۽ مڃي ٿا وٺون. اسان کي ڪي ڳالهيون، اهڙيون به گهرجن جن کي ثابت نٿا ڪري سگهون، پر انهن کي قبول ڪريون ٿا.“ ( )
    ان زماني ۾ مولانا ٻه بحث ڇيڙيا هئا: قرآن ان فطري طريقي سان سمجهڻ گهرجي، جنهن طريقي سان پيغمبر ﷺ ۽ اصحابن سمجهيو هو. ان مقصد لاءِ اهو ضروري آهي ته قرآن جا اهي سمورا تفسير جيڪي قرون وسطيٰ جي پيدا ڪيل اصطلاحن ۾ قرآن جي تشريح ڪن ٿا، نظرانداز ڪري ڇڏجن. ترجمان القرآن جي مقدمي ۾، جيڪو رانچي ۾ نظربندي دوران لکيو ويو پر سن 1931ع ۾ شايع ٿي سگهيو هو. مولانا فرمائين ٿا:
    ”قرآن حڪيم پنهنجي طرز اسلوب، انداز بيان، خطاب ۽ استدلال جي طريقي، مطلب ته پنهنجي هر ڳالهه ۾ اسان جي گهڙيل ۽ جڙتو طريقن جو پابند ناهي ۽ نه ان کي پابند هئڻ گهرجي. هو پنهنجي هر ڳالهه ۾ نرالو طريقو رکي ٿو ۽ اهو ئي بنيادي فرق آهي، جيڪو نبين سڳورن جي هدايت جي طريقن کي علم ۽ حڪمت جي هٿرادو طريقن کان ممتاز ڪري ٿو. قرآن جڏهن نازل ٿيو ته هن جي مخاطبن جو پهريون گروهه به اهڙو ئي هو. تمدن جي گهڙيل ۽ جڙتو طريقن جو رنگ مٿن نه چڙهيو هو ۽ انهن جو دماغ فطرت جي سنئين سڌي فڪري حالت تي قائم هو.“
    (ڏسو: ترجمان القرآن، جلد ٻيو.)
    اهو درست آهي پر عربي ٻوليءَ جي نوعيت ۽ قدامت کي نظر ۾ رکندي، مولانا مفسرن جي هن نظريي کي ته ”عربيءَ کي ٻولين جي تخليق ۽ نشوونما جي تبديليءَ جو هڪ تڪڙو ڦيرو سمجهڻ گهرجي“ رد ڪري ڇڏيو. هُن هِن ڳالهه تي زور ڏنو ته عربي ٻولي هڪ ڊگهي تاريخ رکي ٿي، جيڪا تاريخ جي ابتدا کان اڳ شروع ٿئي ٿي ۽ صدين جي ورثي لڳاتار ادبي زندگيءَ مان ظهور پذير ٿي آهي، بنيادي فرق جيڪو متن ۾ ٻڌايو ويو اهو هي آهي ته يوناني فلسفي جا اصطلاح پنهنجي مفهوم کي دور نه ڪري سگهيا، جڏهن ته عربي ٻوليءَ جا اصطلاح پيغمبر اسلام ﷺ جي بعثت کان پهريان به انهن يوناني اصطلاحن جي اثر کان پاڪ هئا.
    مولانا لکن ٿا ته:
    ”نتيجو هي نڪتو جو قرآن پنهنجي جنهن شڪل ۽ صورت ۾ نازل ٿيو هو، بلڪل اهڙو ئي انهن جي دلين ۾ لهي ويو ۽ انهن کي قرآن جي فهم ۽ معرفت ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي محسوس نه ٿي. اصحاب سڳورا پهرين دفعي قرآن جي جيڪا آيت يا سورت ٻڌندا هئا ته ٻڌندي ئي ان جي حقيقت سمجهي وٺندا هئا...
    جڏهن ڪنهن ڪتاب جي تعليم متعلق هيءَ سوال پيدا ٿئي ته ان جو مطلب ڪهڙو آهي، ته قدرتي طور تي انهن ماڻهن جي فهم کي ترجيح ڏني ويندي، جن خود صاحبِ ڪتاب کان ان جو مطلب سمجهيو هوندو... قرآن ٽيويهن سالن ۾ درجي به درجي نازل ٿيو ۽ جيترو به نازل ٿيندو هو، اصحاب سڳورا ٻڌندا هئا، نمازن ۾ ورجائيندا هئا ۽ جيڪو ڪجهه پڇڻو پوندو هو، خود پيغمبر اسلام ﷺ کان پڇي وٺندا هئا. منجهانئن ڪي اصحابي خصوصيت سان قرآن فهميءَ ۾ ممتاز هئا ۽ جن لاءِ پيغمبر اسلام ﷺ شاهدي ڏني آهي. مذهبي خوش اعتماديءَ جي بنياد تي نه، پر قدرتي طور تي انهن جي فهم کي بعد وارن ماڻهن جي فهم تي ترجيح هئڻ گهربي هئي پر بدقسمتيءَ سان ائين نه سمجهيو ويو. پوءِ جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي دؤر جي فڪري اثرن جي ماتحت نيون نيون ڪاوشون شروع ڪيون ۽ سلف جي واضح ۽ چٽن تفسيرن خلاف هر پهلوءَ ۾ پير پاتائون. چيو ويو: سلف ايمان ۾ قوي آهن ليڪن علم ۾ خلف جو طريقو قوي آهي.“ حالانڪه خود سلف جو پاڻ متعلق هي اعلان هو ته، ”ابرّهم قلوباً واعمقهم علماً-“ نتيجو هي نڪتو جو روز بروز حقيقت غائب ٿيندي ويئي ۽ اڪثر رخن ۾ هڪ صاف ڳالهه، منجهندي منجهندي ناقابل حل بڻجي پئي..... تفسير قرآن جو پهريون دور اهو آهي، جڏهن اسلامي علمن جي اشاعت ۽ ڪتابت شروع نه ٿي هئي. ٻيو دؤر اشاعت ۽ ڪتابت کان شروع ٿيو. اسان سمجهون ٿا ته اڃا ٻيو دور شروع ئي ٿيو هو ته قرآن لاءِ اهو گهاڙيٽي وارو نمونو ٺهڻ شروع ٿي ويو ليڪن ان جي انتها فلسفي ۽ علوم جي اشاعت واري آخري زماني ۾ ٿي. اهو ئي دؤر هو جڏهن امام فخر الدين رازي (سن1150 کان 1210ع) تفسير ڪبير لکيو ۽ پوري ڪوشش ڪيائين ته قرآن کي لفظن جي گهاڙيٽي وارو سراسر مصنوعي لباس پهرائي ڇڏجي. جيڪڏهن امام جي نظر اصل فڪر واري حقيقت تي هجي ها ته هن جو سمورو تفسير نه، تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀاڳي ٽي حصو يقيناً اجايو ٿي وڃي ها.
    اها مصيبت صرف استدلالي طريقي تائين محدود نه رهي، پر سمورن رخن/گوشن تائين پکڙجي ويئي. منطق ۽ فلسفي جي بحث ۾ مختلف نوان اصطلاح پيدا ڪيا ويا. عربي لغت جا لفظ انهن اصطلاحن جي معنيٰ ۾ پيش ٿيڻ لڳا. اهو ظاهر آهي ته قرآن جو موضوع يوناني فلسفو ناهي ۽ نه قرآن نازل ٿيڻ وقت عربي ٻولي، يوناني ٻوليءَ جي اصطلاحن کان واقف هئي. تنهن ڪري قرآن ۾ جتي به اهڙا لفظ آيا آهن، انهن جي معنيٰ اها ٿي نٿي سگهي، جيڪا هٿ ٺوڪين اصطلاحن کانپوءِ ڪئي ويئي. پر هاڻي انهن مان اهو ئي مفهوم ورتو ويو ۽ ان جي بنياد تي ڀانت ڀانت جا بي مقصد بحث شروع ڪيا ويا. اهڙي طرح خلود، احديت، مثليت، تفصيل، حجته، برهان، تاويل وغيره جهڙن لفظن مان اها معنيٰ ورتي ويئي، جيڪا پهرين صديءَ جي ڪنهن به قرآن ٻڌندڙ جي وهم ۽ گمان ۾ ئي نه هئي.
    انهيءَ سوچ جو اهو به نتيجو نڪتو جو هي سمجهيو ويو ته قرآن کي وقت جي علمي تحقيقات جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. بهرحال ڪوشش ڪئي ويئي ته ارڪمڊيز جي اصول کي قرآن مٿان لاڳو ڪيو وڃي. بلڪل ان وانگر جهڙي طرح اڄڪلهه جي دانش فروشن جي تفسير جو طريقو هي آهي ته موجوده علم هيئت جي مسئلن کي قرآن مٿان چپڪائجي... هر دؤر ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسلامي تاريخ جو هي ڪارنامو هميشه يادگار رهندو ته علماءِ حق، وقت جي سياسي قوت اڳيان ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن ۽ نه ڪڏهن هن ڳالهه کي برداشت ڪيو آهي ته اسلام جا عقيدا ان کان متاثر ٿين پر وقتي تبديليون صرف سياست کان نٿيون اچن، انهن جي نفسياتي اثر جا دروازا به بيشمار ٿين ٿا ۽ جڏهن اهي دروازا کلن ٿا ته ڪنهن جي بند ڪرڻ سان بند نٿا ٿين. انهن اثرن جي موجودگيءَ ۾ عقيدن ۽ عملن کي محفوظ رکي سگهجي ٿو ۽ علماءِ حق انهن کي محفوظ رکيو پر دماغ ۽ ذهن محفوظ نه پئي رکي سگهيا ۽ نه ڪي محفوظ رهيا.
    چوٿين صدي هجريءَ کانپوءِ اسلامي علمن جي تاريخ جو مجتهداڻو دؤر ختم ٿي ويو ۽ تمام ٿورن کي ڇڏي ڪري عام واٽ تقليد جي واٽ ٿي ويئي، جنهن تفسير تي به پوري طرح اثر ڪيو. هر شخص جيڪو تفسير لکڻ لاءِ تڪليف ڪندو هو، ڪنهن اڳئين جي لکيل تفسير کي سامهون رکندو هو. پوءِ اکيون ٻوٽي ان تي پٺيان هلندو رهندو هو. جيڪڏهن ٽين صديءَ ۾ ڪنهن مفسر کان ڪا غلطي ٿي ويئي ته ڇا اهو ضروري آهي ته نائين صديءَ جي تفسيرن تائين لڳاتار ٿيندي رهي؟ ڪنهن به ان ڳالهه جي ضرورت محسوس نه ڪئي ته ڪجهه گهڙين لاءِ تقليد کان الڳ ٿي، تحقيق ڪري معلوم ڪجي ته معاملي جي حقيقت ڇا آهي! آهستي آهستي تفسير نويسيءَ جون همتون ايتريون پست ٿينديون ويون جو ڪنهن مروج تفسير تي حاشيو لکڻ کانسواءِ ڪنهن به قدم اڳتي نه وڌايو. بيضاوي ۽ جلالين جا حاشيا ڏسو، هڪ ٺهيل جاءِ کي ليپاپوچي ڪرڻ سان ڪهڙيءَ نه طرح تصنيف جي قوت جو زيان ڪيو ويو آهي... ڪو به مروج تفسير کڻي ڏسو، جنهن مقام جي تفسير ۾ متعدد قول موجود هوندا ته اُتي اڪثر ان قول کي ترجيح ڏيندا جيڪو سڀني کان وڌيڪ ڪمزور ۽ بي محل هوندو. جيڪي قول نقل ڪندا ان ۾ بهتر قول موجود هوندو، پر ان کي نظرانداز ڪر ڇڏيندا.“ ( )
    اها راءِ جيتوڻيڪ سخت نظر اچي ٿي، پر اصولي طرح صحيح آهي. مسلمانن جو ديني فڪر ماٺو ٿي ويو آهي. البيروني، سلطان محمود غزنويءَ جي زماني ۾ مسلمانن جي علم متعلق به اهڙو ئي خيال ظاهر ڪيو هو جيڪو مولانا جو آهي. هن چيو ته هن وقت علمي ترقي ناممڪن آهي. فڪر جي ان جمود... يا جيئن مولانا فرمايو آهي ته اجتهاد جو دروازو بند ٿيڻ جي سببن جي تحققي ڪرڻ ضروري آهي.
    جدت اها ناهي ته قرون وسطيٰ جي ان دينياتي نظام جي مذمت ڪئي وڃي. ان جون قباحتون ته پاڻ ئي ظاهر آهن. جدت ته اها آهي، جو ان جي جاءِ تي مولانا خود هڪ مثبت شيءِ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مولانا آزاد حقيقت ۾ هڪ ترقي پسند انقلابي مفڪر ۽ حقيقي آزادي ۽ حريت تي يقين رکندڙ انسان هو. ليڪن هن کي عالمن جي دائري ۾ ان ڪري داخل ڪيو وڃي ٿو،ڇاڪاڻ ته هو دين جو علم رکندڙ هو ۽ ٻين عالمن کان ممتاز هو. هو هڪ قوم پرست (نيشنلسٽ) به هو،ڇاڪاڻ ته هن جو ايمان هو ته قرآن مذهبي نفرت نٿو سيکاري، بلڪه شفقت جي تعليم ڏئي ٿو. انساني فردن جي وچ ۾ مذهبي اختلاف جي باوجود صحيح اخلاقي تعلق قائم ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. اهڙي طرح مولانا فرمائين ٿا:
    پورن ستاويهن سالن کان وٺي قرآن ڏينهن رات منهنجي فڪر و نظر جو موضوع رهيو آهي. هن جي هڪ هڪ سورت. هڪ هڪ مقام، هڪ هڪ آيت ۽ هڪ هڪ لفظ تي مون وادين جون واديون ۽ مرحلن تي مرحلا طئي ڪيا آهن. تفسير جي ڪتابن جو جيترو به ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ذخيرو موجود آهي، مان چئي سگهان ٿو ته ان جو وڏوحصو منهنجي نظر مان گذريو آهي ۽ قرآني علم جو ڪو به گوشتو ناهي، جنهن کان وس آهر ذهن بي پرواهي ۽ جستجو غفلت ڪئي هجي.
    اڄڪلهه علم ۽ فڪر جي واٽ ۾ قديم ۽ جديد جي تقسيم ڪئي وڃي ٿي، پر مون لاءِ اها تقسيم ڪا ورڇ ناهي. جيڪو ڪجهه قديم آهي، اهو مون کي ورثي ۾ مليو ۽ جيڪو ڪجهه جديد آهي، ان لاءِ پنهنجي واٽ پاڻ ڪڍي اٿم. مون لاءِ وقت جون جديد واٽون به اهڙيون ئي ڏٺل وائٺل آهن جهڙيون قديم واٽون.
    رہا ہوں رند بھی میں اور پارسا بھی میں،
    میری نظر میں ہیں رندان و پارسا ایک!
    خاندان، تعليم ۽ سماج جي اثر جيڪو ڪجهه منهنجي حوالي ڪيو هو، مان پهرين ڏينهن کان ان تي قناعت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ تقليد جون رڪاوٽون ڪنهن به گوشي ۽ راهه کي روڪي نه سگهيون ۽ تحقيق جي ماندگي ڪنهن به ميدان ۾ ساٿ نه ڇڏيو.
    ہیچ گہ ذوقِ طلب از جستجو بازم نہ داشت،
    دانہ می چیدم دران روزی کہ خرمن داشتم۔
    (مون کي ڪنهن به وقت گهرج ۽ طلب جي لذت جستجوءَ کان باز نه رکيو، مان ان زماني ۾ به هڪ هڪ داڻو چونڊيندو رهيس، جڏهن مون وٽ اناج جا ڍڳ۽ انبار موجود هئا.)
    منهنجي دل جو ڪو يقين اهڙو ناهي، جنهن ۾ شڪ جا سمورا ڪنڊا نه چڀيا هجن ۽ روح جو ڪو اهڙو اعتماد ناهي، جيڪو انڪارجي سڀني آزمائشن مان نه گذريو هجي. مون زهر جا ڍڪ به زم زم ڪري پيتا آهن ۽ ترياق جا نسخا به هر دارالشفاءَ جا آزمايا آهن. جڏهن مان اُڃايل هوس ته منهنجي اُساٽ ٻين وانگر نه هئي ۽ جڏهن سيراب ٿيس ته منهنجي سيرابي جو سرچشمو به عام واٽ تي نه هو.
    راہی کہ خضر داشت ز سر چشمہ دور بود
    لب تشنگی زاده دگر برده ايم ما!
    (جنهن واٽ تي خضر هليو پئي، اها آب حيات جي چشمي کان گهڻو پري هئي، اسان کي پنهنجي اُساٽ خضر کان به جدا واٽ ڏيکاري، جنهن ڪري ڪامياب ٿياسين.)
    ان سموري عرصي جي جستجو ۽ طلب کانپوءِ قرآن کي جهڙو ۽ جيترو سمجهي سگهيو آهيان، ان کي هن ڪتاب جي صفحن تي پکيڙي ڇڏيو اٿم.
    سبک ز جائی نگيری، کہ بس گران گهرست
    متاع من کہ نصيبش مباد ارزانی ! ( )
    (منهنجي هن ڪوشش کي گهٽ نه سمجهه ڇو ته هي وڏو قيمتي موتي آهي. خدا ڪري ته منهنجي هِن سرمائي کي گهٽ قيمت نه سمجهيو وڃي.)
    ترجمان القرآن جا صرف ٻه جلد شايع ٿيا جنهن ۾ هڪ ديباچو، سورت الفاتحه جو تفسير، ارڙهن سپارن جو ترجمو ۽ تفسير شامل آهي. باوجود ان ڳالهه جي ته اهو تفسير نامڪمل آهي، پر تنهن هوندي اسلامي ادب ۾ بينظير ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. سورت فاتحه سموري قرآن جو خلاصو آهي. ستن آيتن واري هن ابتدائي سورت تي، مولانا جيڪو تفسير لکيو آهي ان ۾ قرآن حڪيم جا سمورا بنيادي اصول بيان ڪيا ويا آهن. اها هڪ بي مثال تصنيف آهي، تنهن ڪري هت چند اهم نُڪتا بيان ڪجن ٿا. مولانا ”وحدت اديان“ متعلق لکن ٿا:
    1- وجود باري جو عقيدو سڀني مذهبن ۾ موجود آهي. يعني اهو انسانذات جو گڏيل ورثو آهي. خدا جي عبادت ڪرڻ، انسان جي فطرت ۾ پيٽيل آهي. سڀئي مذهب انهيءَ سچائيءَ جي تعليم ڏيندا رهيا آهن.
    2- مذهبي فرقن جا اختلاف صرف ٽن شين ۾ نظر اچن ٿا:
    (الف) صفات الهيه تي مختلف طريقن سان اصرار.
    (ب) عبادت جي طريقن ۾ فرق.
    (ج) شريعتن جو اختلاف.
    اهڙن اختلافن جو ڪجهه ڪارڻ ته زمان ۽ مڪان جو اختلاف آهي ۽ ڪجهه انساني ذهن جي مرتبن جي اوسر آهي، وجود باري تعاليٰ متعلق ڪنهن کي ڪا نئين ڳالهه چوڻي ڪا نه آهي. ان باري ۾ نبين جو ساڳيو ئي پيغام رهيو آهي. خدا جي ذات عقل جي پهچ کان تمام مٿاهين آهي.
    مولانا، سر آليور لاج جي تحرير جو هڪ اقتباس ڏنو آهي: ”ذرڙي جو اهم مرڪز جيڪو بجليءَ جي واڌو چارج مان ٺهيو آهي، ان جي چؤگرد برقي قوت جي حرڪت کان وٺي سج جي چوڌاري، سيارن جي گردش تائين، هر شيءِ هڪ قانون مقدر ڏانهن اشارو ڪري ٿي.“ پر مولانا جي نظر ۾ اهو قانون مقدر ڪو مادي علتن ۽ ان جي اثرن جو رڳو هڪ سلسلو ناهي بلڪه هڪ ڪائناتي يا اخلاقي قانون آهي يا قرآن جي نظر ۾ ”فطرت الله“ آهي. مقصد الهيه جو قانون. خدا دنيا جي هدايت فرمائي رهيو آهي. اصل خلين ۽ زندهه مخلوق جي ظهور کان اڳ اعليٰ ۽ بلند درجن ڏانهن ارتقاءَ جي طبعي تقاضا آهي. ( ) پر جڏهن حياتيءَ جو پهريون ڀيرو ظهور ٿئي ٿو ته اسين ان عمل کي وڌيڪ بهتر نموني سمجهي سگهون ٿا. الاهي هدايت، جنهن لاءِ قرآن ‘هديٰ’ ۽ ‘وحي’ جا لفظ استعمال ڪيا آهن، اها هدايت ادنيٰ مخلوق کي به وجدان جي صورت ۾ رهنمائي ڪري رهي آهي. اها رهنمائي تجربي سان سکي ۽ ان سکيل علم کي پنهنجي اولاد تائين پهچائڻ جي قابليت جو نالو آهي. اعليٰ حيوانن ۾ اها الاهي هدايت، حواسن ۽ عقل جي ذريعي رهبري ڪندي آهي. ( ) انسان، جنهن کي اخلاقي قانون موجب زندگي بسر ڪرڻ جو مڪلف ڪيو ويو آهي، ان کي نبين ۽ رسولن جي ذريعي هدايت ڪئي ويئي. مولانا، ڊارون جي نظريي تنازع للبقاء ۽ بقاء اصلح (جنهن کي هو بقاء انفع سان تعبير ڪري ٿو) کي به مڃي ٿو پر ان لاءِ الاهي هدايت جو هجڻ ضروري سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هدايت الاهيه جي مفروضي کان سواءِ حيوان ذات جي ارتقاء سمجهه ۾ نه ٿي اچي. مولانا فرمائين ٿا ته انتخاب فطرت انساني جو قانون معاشري تي به اهڙو ئي لاڳو ٿئي ٿو، جهڙو حيوان ذات تي. جهڙي طرح فطرت فائديمند انواع کي زندهه رکي ٿي ۽ غير فائديمند انواع کي ختم ڪري ٿي، اهڙي طرح اهي معاشرا باقي رکيا وڃن ٿا، جن جو تحفظ اسان ذات لاءِ فائديمند ٿئي ٿو ۽ غير فائديمند فنا ڪيا وڃن ٿا. خدا تعاليٰ ان کي پنهنجي رحمت قرار ڏئي ٿو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته بني نوع انسان ۾ ظلم ۽ فساد کي مٽائڻ لاءِ انسان ذات جي ڪا صورت نه هجي ها.
    جيئن سڀئي ڄاڻن ٿا ته قرآن جي تعليم، تاريخ انساني جو هڪ جامع تصور پيش ڪري ٿي. ان جو خلاصو مولانا جي لفظن ۾ هن طرح آهي:
    ”قرآن چوي ٿو ته شروعات ۾ انساني گروهن جو هي حال هو ته اُهي فطري زندگي بسر ڪندا هئا. انهن ۾ نه ڪو اختلاف ۽ نه ڪا دشمني هئي. سڀني جي زندگي هڪڙي نموني تي هئي ۽ سڀئي پنهنجي فطري هيڪڙائي تي راضي هئا. پوءِ انساني نسل جي گهڻائي ۽ گذران جي وسيلن جي وسعت سان اختلاف پيدا ٿي پيا. ان اختلاف فرقي بندي، ظلم ۽ ڏاڍ جي صورت اختيار ڪئي. هر گروهه ٻئي گروهه کان نفرت ڪرڻ لڳو ۽ هر ڏاڍو هيڻي جي حقن کي پائمال ڪرڻ لڳو. جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته ضروري هو ته انسان ذات جي هدايت، عدل ۽ انصاف جي قيام لاءِ وحي الاهي جي روشني ظهور ۾ اچي. اها روشني ظاهر ٿي ۽ خدا جي رسولن جي دعوت ۽ تبليغ جو سلسلو قائم ٿيو. اهڙن سڀني رهنمائن جن جي تبليغ جو سلسلو قائم ٿيو، اهڙن سڀني رهنمائن جن جي ذريعي ان هدايت جو سلسلو شروع ٿيو، انهن کي ‘رسول’ جي نالي سان سڏيو ويو، ڇاڪاڻ ته اهي خدا جي سچي پيغام کي پهچائڻ وارا هئا ۽ رسول جي معنيٰ ئي پيغام پهچائڻ وارو آهي.“ ( )
    مولانا فرمائين ٿا ته:
    ”جڏهن اسين انساني زندگيءَ جي مختلف مرحلن کي سامهون رکي خدا متعلق انساني تصور جو جائزو وٺون ٿا ته انهن تصورن ۾ اسان کي هڪ عقلي ارتقا نظر اچي ٿي. ائين معلوم ٿو ٿئي ته جيئن انسان جي مادي سوچ ۽ فڪر ۾ ترقي ٿي آهي، تيئن خدا متعلق به هن جي تصور ۾ ترقي ٿي آهي ۽ ارتقا ادنيٰ کان اعليٰ ڏانهن ٿي آهي. اسان لاءِ ان ارتقا جي شروعاتي ڪڙين جو پتو لڳائڻ مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته جيئن جيئن اسان پوئتي وڃون ٿا ته تاريخ جي روشني جهڪي ٿيندي ٿي وڃي ۽ نبين ڏانهن موڪليل وحي ۽ تفصيل نٿا ملن.“ (1)

    از: محمد مجيب
    (پروفيسر همايون ڪبير جي ڪتاب ‘مولانا ابوالڪلام آزاد’ تان ترجمو ڪيل)


    اصلاحي مضمون

    قالو بليٰ قَلبَ سين، تڏهن تِتِ چيوم

    دنيا ۾ انسان پنهنجي اندر جذبات جو هڪ عجيب مخلوط ۽ متضاد منظر ڏسي ٿو. هن جون مايوسيون ۽ ناڪاميون، سندس ڪاميابين ۽ اميدن کان وڌيڪ نظر اچن ٿيون. جذبات جي لحاظ کان هي هڪ اهڙو وجود آهي، جيڪو ڪڏهن فرشتن جهڙي محبت، همدردي ۽ شرافت رکي ٿو ۽ وري ڪڏهن قتل، هلاڪت، خونريزي ۽ سفاڪيءَ ۾ نانگن جي زهر کان بدتر ۽ درندن جي چنبن کان به وڌيڪ خونخوار آهي. اهو ئي انسان جانورن کي تڪليف ۾ ڏسي همدردانه جذبن سان ڀرجي وڃي ٿو ته وري ڪنهن وقت پنهنجن ڀائرن جو بي پناهه رت وهائي ٿو ته جيئن انهن جي خون وهائڻ سان پنهنجي خود غرضيءَ جي اُڃ اُجهائي سگهي.
    خارجي عملن جي لحاظ کان هي وڌيڪ رنگ برنگي ۽ عجيب آهي. هي هڪ اهڙو وجود آهي، جيڪو ڪڏهن تاج ۽ تخت تي جلوه افروز آهي، ته وري ڪڏهن ڪتن وانگر غلاميءَ جي خاڪ چٽيندو آهي. ڪڏهن هن جي همٿ آسمان کي ڇهندڙ عمارتون ٺاهڻ، جبلن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ ۽ سمنڊن کي عبور ڪرڻ کان نٿي ٿڪجي ۽ وري ڪڏهن هن لاءِ ڍنگرن جو لوڙهو ڏيڻ مشڪل ٿي پوي ٿو.
    ڪڏهن هو بجلي ۽ طوفان کان ڊڄي آسمان کي دهشت ۽ خوف کان ڏسي ٿو ۽ پوءِ ان کان مرعوب ٿي، انهن جي پوڄا ڪري ٿو. چوي ٿو ته مان انهن اڳيان جهڪڻ ۽ عاجزي ڪرڻ لاءِ آهيان. هن جي تباهي ۽ برباديءَ لاءِ هي مثال به ڪافي آهي ته کيس انهن پٿرن لاءِ به عزت هوندي آهي، جيڪي رستن تي ٺوڪرون کائيندا آهن، پر هن کي انسان لاءِ ڪا به عزت نه هوندي آهي. هي انسان ٿي ڪري پٿرن اڳيان ڪنڌ جهڪائي، انهن کي پنهنجي خدا ۽ آقا وانگر پوڄي ٿو ۽ پنهنجي حياتي ۽ موت لاءِ انهن جي رضا ۽ ناراضگي تي يقين رکي ٿو. ڪتو وڌ کان وڌ انسان اڳيان جهڪي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو ڪتي کان اشرف ۽ اعليٰ آهي. گهوڙو ۽ هاٿي انسان جا چاڪر بڻجن ٿا، ڇاڪاڻ ته اُهي انسان جي عظمت جو مقابلو ڪري نٿا سگهن. مگر انسان ڪتي کان به بدتر، گهوڙي ۽ هاٿيءَ کان به ڪريل آهي جو پاڻ کان اعليٰ اڳيان نه بلڪه پاڻ جهڙن جي سامهون يا پاڻ کان بدتر جي سامهون جهڪي ۽ نمي ٿو.
    اوهان ڪنهن ڪتي کي ڪنهن ڪتي اڳيان عاجزي ڪندي نه ڏٺو هوندو، پر هي انسان پاڻ جهڙي ٻي انسان کي چاندي ۽ سون جي تخت تي ويهاري، ڪتن وانگر زمين تي پڇ هڻي ذلت ۽ رسوائيءَ جي خاڪ چٽي ٿو. انساني عملن جي ان اختلاف جي چٽساليءَ جي ڪري دنيا ۾ اصلي انساني فطرت گم ٿي وڃي ٿي. معلوم نٿو ٿئي ته هي عجيب جانور جيڪو سڀ کان وڏو به آهي ۽ ننڍو به، تنهن جي اصلي فطرت ڇا هئي جيڪا هن کي ڏني ويئي هئي. ڇا هي شيطان آهي يا فرشتو؟ بگهڙ آهي يا رڍ؟ اوندهه آهي يا روشني؟ نيڪ آهي يا بد، سٺو آهي يا خراب؟
    اهي سوال انساني فطرت ۽ جبلت جي نيڪ ۽ بد هئڻ متعلق آهي، يعني طبعاً هن کي نيڪ بڻايو ويو يا بد؟ يا ٻئي خصلتون هن کي ڏنيون ويون. هن جي داخلي جذبن ۽ خواهشن جي ڪشمڪش ۽ خارجي عملن جي نتيجن جو ميدان نور ۽ ظلمت، ملڪوتيت ۽ بهيميت، حسن ۽ بدصورت، عظمت ۽ ذلت، نيڪي ۽ بدي، ٻنهي جو مجموعو نظر اچي ٿو. ڪا به خبر نٿي پوي ته حقيقت ۾ هي آهي ڇا!
    دنيا ۾ شروع کان وٺي اڄ تائين ان سوال متعلق ئي مختلف نظريا ۽ فڪر نظر اچن ٿا.
    1- انسان جي اصلي جبلت ۽ فطرت برائي آهي، پر ٻاهرين تربيت هن کي عارضي طور نيڪ بڻائي ٿي. هو فطرتي خاصيتن جي اعتبار کان خالص حيوان آهي پر تربيت جي لحاظ کان انهن مٿان فوقيت رکي ٿو. وڻ جون پاڙون ۽ شاخون سنئيون سڌيون نه هونديون آهن. انهن کي ڇانگي ۽ ڇلي درست ڪيو ويندو آهي. فطرت جي سموري خلقت جو اهڙو ئي حال آهي. اصل فطرت ۾ انداز ۽ اعتدال نه ٿو ٿئي، جنهن ڪري ان کي سنواري سهڻو بڻائي سگهجي ٿو. تنهن ڪري وڏي کان وڏو مهذب انسان به ڪاوڙ ۽ انتقام جي حالت ۾ حيوان بڻجي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جو مصنوعي رنگ لهي ويو ۽ اصلي فطرت ظاهر ٿي پئي.
    اهو نظريو مذهبِ شر يا مذهبِ ياس آهي. هي نظريو دنيا جي هر شيءِ کي شر ۽ ياس جي نظر سان ڏسي ٿو. يونان ۾ ڊايو جينس ڪلبي ان فلسفي جو پيشوا ٿي گذريو آهي.
    2- ٻيو نظريو انهن ماڻهن جو آهي، جيڪي انسان جي فطرت کي بلڪل سادي حالت سان ڏسن ٿا. هو چون ٿا ته هن ۾ نه نيڪي آهي ۽ نه بدي. نه هن ۾ ڪنڊن جو چُڀڪو ۽ گلن جهڙي نفاست آهي. هي هڪ منفعل، اثر پذير ۽ نقش انگيز وجود آهي، جيڪو ڄمڻ وقت پاڻ سان ڪجهه نٿو آڻي، پر دنيا ۾ اچي جيڪو ڪجهه ڏسي ٿو، ان کي اپنائي ٿو. هي هڪ دامن آهي، جنهن ۾ سواءِ گنجائش جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. هن ۾ هر قسم جي بار کڻڻ جي صلاحيت آهي پر هن مٿان اڃا ڪو به وزن نه رکيو ويو آهي. هاڻي جيڪڏهن هن کي پٿر ملندا ته پٿر ۽ جيڪڏهن گل ملندا ته گل وٺندو، جنهن جو مثال هي آهي ته انسان جي فطرت هڪ اهڙي سفيد ڪاغذ جهڙي آهي، جنهن تي ڪجهه به نه لکيو ويو هجي. ان تي نه خزان ۽ نه ئي بهار جو نقش چٽيل آهي. هن جي فطرت تي جيڪي ڪجهه بڻايو ويندو سو بڻجي پوندو. يونان جا ڏاها، ان نظريي جا ڪنهن دؤر تائين پرچارڪ رهيا آهن. معتزله به ان فڪر جا پوئلڳ هئا. اڄ يورپ جي دانشورن جو هڪ وڏو گروهه اهو ئي ڪجهه چئي رهيو آهي.
    3- ٽئين نظريي مطابق انسان ”خير ۽ شر“ جو مجموعو آهي، يعني هن نظرئي موجب ته: ‘آدمي زاه طرفه معجون ست’ نيڪي ۽ بدي ٻئي هن جي فطرت ۾ شامل آهن. هو شيطان به آهي ته فرشتو به، يعني ملڪوتي ۽ بهيمي ٻئي قوتون رکي ٿو. دنيا ۾ جهڙي قسم جا مٿس اثر پوندا، انهن جي مطابق هو تربيت ۽ نشو و نما حاصل ڪندو، جيڪڏهن هن مٿان اهڙا اثر پوندا جن کي اوهان نيڪي چئو ٿا، ته هن جي ملڪوتي قوت اڀرندي پر جيڪڏهن بڇڙائيءَ جو طوفان گهلندو ته نيڪي جي شمع وسامي ويندي ۽ برائي جي اوندهه ڦهلجي ويندي. نيڪي ۽ بدي ٻه ٻج آهن جيڪي انسان پاڻ سان گڏ هن دنيا ۾ کڻي اچي ٿو. پوءِ جنهن ٻج جي آبياري ٿيندي اهو ئي وڌي ويجهي وڻ ٿيندو.
    جديد ۽ قديم دؤر ۾ ان نظرئي ڏاڍي مقبوليت حاصل ڪئي. ارسطو به ان نظرئي جو حامي هو ۽ اسلام جي سڀني ڏاهن ان کي ئي قبول ڪيو. ابن مسڪويه جنهن يوناني اخلاق جي فسلفي جي سڀ کان وڌيڪ شرح لکي آهي؛ ان ئي نظريي جو داعي هو. موجوده دؤر جي مفڪرن ۾ اهو ئي نظريو گهڻو مقبول آهي. امام فخر الدين رازي ۽ ٻيا سڀ قرآن جا مفسر ان نظريي کي سامهون رکي
    ”وَ ہَدَیۡنٰہُ النَّجۡدَیۡنِ“ (الۡبَلَدِ-10) ۽ ”فَاَلۡہَمَہَا فُجُوۡرَہَا وَ تَقۡوٰىہَا“ (الشَّمۡسِ-8)
    وغيره جهڙين آيتن جو تفسير ڪندا هئا، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته فطرت جي خير ۽ شر جي مسئلن متعلق دنيا جي گهڻائي ان خيال جي آهي. جيئن ته انساني عملن ۾ خير ۽ شر ٻئي ڪيفيتون نظر اچن ٿيون، تنهن ڪري هر هڪ ماڻهو سمجهيو ته اهو ئي نظريو صحيح آهي.
    قرآن حڪيم جو فيصلو:
    قرآن حڪيم دين الاهي جو ٻيو نالو العلم رکيو آهي.
    وَ لَئِنِ اتَّبَعۡتَ اَہۡوَآءَہُمۡ بَعۡدَ الَّذِیۡ جَآءَکَ مِنَ الۡعِلۡمِ. (الۡبَقَرَۃِ -120)
    ۽ تو وٽ جيڪو علم آيو آهي تنهن کان پوءِ به جيڪڏهن سندن سَڌن جي تابعداري ڪندين...
    اهڙي طرح قرآن حڪيم هر جاءِ تي گمراهه قومن تي ملامت ڪندي فرمائي ٿو:
    ”فَمَا اخۡتَلَفُوۡۤا اِلَّا مِنۡۢ بَعۡدِ مَا جَآءَہُمُ الۡعِلۡمُ ۙ بَغۡیًۢا بَیۡنَہُمۡ“ (الۡجَاثِیَۃِ -17)
    پوءِ انهن (اڳي) اختلاف نه ڪيو، پر وٽن علم آيو، تنهن بعد پاڻ ۾ ساڙ سببان (اختلاف ڪيائون.)
    ۽ قرآن ڪريم تي عمل ڪندڙن متعلق چيو ويو:
    ”فِی صُدُوۡرِ الَّذِینَ اُوْتُوالْعِلْمِ.“
    ”اهو انهن جي سيني ۾ آهي جن کي علم ڏنو ويو آهي.“
    تنهن ڪري ان کي برهان، روشني، نور ۽ بصيرت چيو ويو آهي ۽ ڪفر کي هر جاءِ تي ظن، شڪ، تخمين ۽ اٽڪل جون ڳالهيون چيو ويو آهي.
    ”وَ مَا لَہُمۡ بِذٰلِکَ مِنۡ عِلۡمٍ ۚ اِنۡ ہُمۡ اِلَّا یَظُنُّوۡنَ.“ (الۡجَاثِیَۃِ -24)
    (اها سندن علم جي پڄاڻي آهي)
    دين الاهي کي مڃڻ ۽ اطاعت ڪرڻ کي ايمان آڻڻ ۽ ايمان وارن کي مؤمن چيو ويو آهي. لفظ ايمان امن مان ورتل آهي ۽ امن جو مطلب نفس جو اطمينان، خوف ۽ شڪ کان ڇوٽڪارو آهي. انهن سمورين تشريحن مان واضح ٿيو ته دنيا ۾ علم ۽ يقين صرف هڪ يعني ”وحي الاهي“ آهي. ان کانسواءِ ٻيو جيڪو ڪجهه به آهي اهو گمان ۽ شڪ کان اڳتي وڌي نٿو سگهي. ايمان جي معنيٰ آهي يقين حاصل ڪرڻ ۽ مؤمن اهو آهي جنهن جي دل ۾ شڪ جي جاءِ تي يقين هجي. اهو ئي سبب آهي جو مؤمن ۽ غيرمؤمن کي ”الذين يعلمون“ ”والذين لايعلمون“ ۽ الاعمي ۽ البصير سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. يعني ”صاحب علم ۽ بينا“ ۽ ”جهل ۽ انڌائپ“ جا مالڪ. ان بنياد تي اضافي ۽ محدود علم ته دنيا وارن وٽ آهي، مگر علي الاطلاق ”العلم“ قرآن حڪيم کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي، جنهن وٽ قرآن پاڪ آهي دنيا ۾ اهو ئي سڀ کان وڏو عالم آهي. تنهن ڪري شڪ ۽ گمان جي سمورن اختلافن کي ان ”العلم“ ۽ ”البصائر“ اڳيان عرض ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو ئي حقيقي ڪم آهي.
    هن عاجز خير ۽ شر جي مسئلي متعلق جيتري قدر غور ڪيو آهي، انهن ٽنهي نظرين کان قرآن حڪيم جو فيصلو ڌار آهي. سموري دنيا ۾ هي پهريون آواز آهي جيڪو انسانيت جي فطري شرف ۽ خيريت کي پيدا ڪيل وهمن ۽ گمانن کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو. انهن ٽنهي نظرين مان پهريون نظريو انساني فطرت کي گاهه ۽ مٽيءَ کان گهٽ ٿو سمجهي. گاهه حيوانن جي غذا ۽ مٽيءَ مان ديوار ٺاهي سگهجي ٿي، پر هن نظريي مطابق ته انساني فطرت ۾ نقصان ۽ زيان کان سواءِ ڪجهه به ناهي! مغرور انسان جو پنهنجي متعلق، اهو پهريون مايوس ڪُن فيصلو هو.
    تنهن کان پوءِ ٻيو نظريو سامهون اچي ٿو. هي نظريو انسان کي هڪ ڪاغذ قرار ڏي ٿو.اهڙو ڪاغذ جنهن تي نه نيڪيءَ جو نقش ۽ نه بديءَ جو عڪس آهي. بيشڪ، هي نظريو انسان لاءِ پهرئين نظرئي جهڙو بي رحم ناهي، پر تنهن هوندي به انساني فطرت کي ڪو به شرف نٿو بخشي ۽ انسان کي هر طرح جو اثر قبول ڪندڙ چئي ڇڏي ٿو.
    ٽيون نظريو سڀ کان وڌيڪ مقبول ۽ انساني علم جي وڏي پرواز ليکيو وڃي ٿو پر اهو به گلن سان گڏ ڪنڊا رکي ٿو. انسان جي معصوميت ۽ شيطانيت کي هڪ جهڙو سمجهي ٿو. هن نظرئي مطابق انسان ۾ فطري نيڪي به آهي ته بدي به، جنهن ڪري هو نيڪ به آهي ته بد به. جيڪڏهن برائيءَ جو پلڙو وزني ٿيندو ته نيڪيءَ جي پلڙي ۾ ڪو به بار نه رهندو. نتيجتاً هي نظريو انسان جي فطرت کي شرافت ۽ احترام کان محروم ۽ نامراد رکي ٿو. ذٰلِکَ مَبۡلَغُہُمۡ مِّنَ الۡعِلۡمِ۔ (النَّجۡمِ -30)
    ڄاڻايل ٽنهي نظرين انساني فطرت جي حقيقت کي گم ڪري ڇڏيو ۽ اهي ان جو پتو نه لڳائي سگهيا. اهي نظريا انساني اخلاق، قدرن ۽ روين متعلق آهن. اڄ به جيتري قدر دنيا ۾ نظريا آهن، انهن جو فيصلو به اهو آهي. اڪثر حالتن ۾ ته پهرين فڪر جي دعوت ڏيندا آهن. ڪن حالتن ۾ جيڪڏهن تشريح ڪندڙ ان جي تاويل ڪنهن قدر بلند ڪرڻا چاهيندا آهن ته آخري نظرئي کان اڳتي قدم نه وڌائيندا آهن.
    پر قرآن مجيد يعني ”العلم“ دنيا ۾ ان لاءِ نه آيو آهي ته فطرت جي ان لڪل حسن کي وڌيڪ پوشيده رکي. بلڪه هن جي دعوت جو پهريون اعلان هي هو ته انساني گمراهي سندس فطرت ۽ حقيقت تي جيڪي پردا وجهي ڇڏيا آهن، انهن کي اهڙي طرح هٽائي جيئن انسان پنهنجي ئي آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏسي سگهي. تنهن ڪري اهو پهريون آواز آهي، جنهن ان وڃايل سچائيءَ جو پتو لڳائي، دعويٰ ڪئي ته انساني فطرت نه سادو ڪاغذ، نه بدي ۽ شر جي ناپاڪي ۽ نه ئي ملڪوتيت ۽ بهيميت جو مرڪب آهي، پر اها هڪ خالص ۽ ڪامل نيڪي آهي، جنهن ۾ خير کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هن جي اندر ٻي ڪا به قوت رکيل ڪو نه آهي، جنهن ۾ بدي ۽ برائيءَ جو ٻج هجي. انسان دنيا ۾ صرف نيڪي کڻي آيو آهي، نيڪيءَ جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ۽ نيڪ ٿيڻ لاءِ هن کي سڀ ڪجهه ڏنو ويو آهي پر هو دنيا ۾ پنهنجي فطري نيڪي جي حفاظت نٿو ڪري، جنهن ڪري ان جي واڌ ويجهه جون راهون بند ٿي وڃن ٿيون. فطري نيڪيءَ جي طبعي اڀار کي اهڙي طرح دٻايو وڃي ٿو، جهڙي طرح هڪ ٻوٽي تي پٿر رکي ان جي قوت کي برباد ڪيو وڃي. ان لاءِ انسان جي اندر جيڪو ڪجهه آهي اها خالص نيڪي ۽ جيتري قدر برائي آهي، اُها، هن جا ٻاهريان عمل آهن. نيڪي ڪرڻ هن جو فطري ۽ بڇڙائي ڪرڻ غير فطري عمل آهي. هن کي هڪڙو ئي ٻج يعني نيڪي ڏنو ويو آهي. جڏهن اهو ڦٽي ٿو ته ان کي نيڪ عمل چئون ٿا ۽ جي نٿو ڦٽي ته بڇڙائي ڪوٺيون ٿا. حالانڪه سمجهون ٿا ته پن ۽ ميوو لڳڻ ڪو نئون وجود ناهي، پر ٻوٽي جي نشو و نما ٿئي ٿي. الله تعاليٰ انسان جي اندر قنديل رکي ان کي منور ڪيو آهي. پوءِ دنيا ۾ اچي ان روشن قنديل کي ٻاهرين پردن سان ڍڪي ڇڏي ٿو. ٻاهريون گرد غبار هن جي آئيني کي ميرو ڪري ڇڏي ٿو. اوهان جي نظر ۾ اهو انڌو آهي، پر سوچيو ته ان کي روشني مليل هئي، اوندهه نه هئي. هن ان روشني کي چمڪڻ نه ڏنو.
    اوهين چئو ٿا ته هن جي دامن ۾ زنگ ۽ غبار هو. ٻاهر انڌاري هلي رهي هئي، تنهن ڪري هن کي گهربو هو ته پنهنجو دامن ڍڪي ڇڏي ها مگر هن ان گرد غبار کي پسند ڪيو ۽ آئيني جي چمڪ جو قدر نه ڪبو. هاڻي هي گدلو ۽ ميرو آهي، ڪجهه وقت کان پوءِ لوهه جو هڪ ڪارو ٽڪرو ٿي پوندو. اهو ان ڪري نه ته هن وٽ لوهه هو، پر ان لاءِ ته هو آئيني کي صاف رکي نه سگهيو. اها ئي انسان جي اصلي فطرت آهي، جنهن کي قرآن حڪيم صالح فطرت ڪوٺي ٿو يعني اها فطرت جيڪا پنهنجي اصلي حالت ۾ هجي ۽ جنهن کي ٻاهرين ڪنهن به بڇڙائيءَ سان آلوده نه ڪيو ويو هجي. اها ئي صالح فطرت ۽ دين الاهي آهي. اهو ئي دين قيم، دين حقيقي ۽ صراط مستقيم آهي. اها ئي فطرت الله، صبغت الله ۽ قرآن مجيد جي اصطلاح ۾ سڀ کان وڏو ۽ جامع نالو ”اسلام “ آهي.
    تنهن ڪري قرآن حڪيم اسلام کي انسان جي اصلي فطرت ۽ ڪفر کي غيرفطري عمل چوي ٿو. جيڪڏهن هڪ ماڻهو ”مسلم“ آهي ته ائين چوڻ گهرجي ته هو پنهنجي اصلي صالح فطرت تي قائم آهي. هن جي فطري روشني نور پکيڙي ٿي ۽ فطري خير جي ڏيئي کي ٻاهريون ڪو به طوفان وسائي نٿو سگهي. اهو اهڙو ئي روشن آهي، جهڙو فطرت ان کي بڻايو هو. ٻئي پاسي جڏهن ڪو انسان ”مسلم“ ناهي ته ان جي معنيٰ حقيقي فطرت جو ڏيئو وسامجي چڪو آهي. هن جي اندر جي روشني ميرانجهي ۽ گرد و غبار جي تهن ان جي شيشي کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. هو فطرت جي حقيقي صورت جي جاءِ تي هڪ ميساريل، غير فطري ۽ مصنوعي جانور ٿي پيو آهي. گناهه سان هي فطري آئينو زنگ آلوده ٿيندو ۽ ڪفر زنگ آلودگي جي اها آخري حد آهي، جڏهن آئينو بلڪل ڪارو ٿي وڃي ۽ ان ۾ ذري برابر به چمڪ نه رهي.
    ”خَتَمَ اللّٰہُ عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ وَ عَلٰی سَمۡعِہِمۡ ؕ وَ عَلٰۤی اَبۡصَارِہِمۡ غِشَاوَۃٌ“ (الۡبَقَرَۃِ -7)
    ”الله سندن دلين تي ۽ سندن ڪنن تي مهر هنئي آهي ۽ سندن اکين تي ڇوڙُ (چڙهيل) آهي.“
    ” سَوَآ ءٌ عَلَیۡہِمۡ ءَاَنۡذَرۡتَہُمۡ اَمۡ لَمۡ تُنۡذِرۡہُمۡ لَا یُؤۡمِنُوۡنَ “ (الۡبَقَرَۃِ-6)
    ”تن کي (اي پيغمبر) ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين (سو) هڪ جهڙو آهي، اِهي ايمان نه آڻيندا.“... وغيره جهڙيون قرآني تشريحون ان گمراهيءَ جي آخري منزل ڏانهن اشارو ڪن ٿيون.
    ” لَہُمۡ قُلُوۡبٌ لَّا یَفۡقَہُوۡنَ بِہَا “ (الۡاَعۡرَافِ -179)
    (سندن دليون اهڙيون آهن جو انهن سان [الله جو حڪم] نه سمجهندا آهن)
    ”جَعَلۡنَا عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ اَکِنَّۃً اَنۡ یَّفۡقَہُوۡہُ“ (الۡکَہۡفِ-57)
    (سندين دلين تي ان جي سمجهڻ کان ڍڪ ۽ سندن ڪنن ۾ گهٻرائي ڪئي اٿئون.)
    ”اُولٰٓئِکَ کَالۡاَنۡعَامِ بَلۡ ہُمۡ اَضَلُّ“ (الۡاَعۡرَافِ -179)
    (اهي ڍورن وانگر آهن بلڪه انهن کان وڌيڪ گمراهه آهن.)
    مٿين آيتن ۾ ان صالح فطرت جي پائمالي ۽ هڪ غير فطرتي حالت ۽ انقلاب کي واضح ڪيو ويو آهي.
    صحيح مسلم جي هن مشهور حديث جي معنيٰ به اها ئي آهي، جنهن جي تشريح ۾ ماڻهو حيران ۽ پريشان آهن.
    ”مامن مولود الاليولد علي الفطرة قابواه يهودانه او ينصرانھ!“
    ”دنيا ۾ ڪو به ٻار پيدا نٿو ٿئي، پر پنهنجي صالح فطرت تي. پوءِ (يهودي) والدين ان کي يهودي ۽ (نصراني) والدين، نصراني بڻائيندا آهن.“
    هڪ ٻي روايت ۾ آهي:
    مامن مولود يولد الا و هو عليٰ هذه الملته!
    يعني جيتري قدر ٻار پيدا ٿيندا آهن، سڀئي ملت اسلاميه تي پيدا ٿيندا آهن.
    انسان جي صالح فطرت جو نالو اسلام آهي ۽ هر ٻار پنهنجي اصلي ۽ بي مثال فطرت تي پيدا ٿئي ٿو، تنهن ڪري انسان جو هر ٻار اسلام تي پيدا ڪيو وڃي ٿو. هاڻي هو دنيا ۾ اچي ٿو ۽ ٻاهرين هوا ان جي اندر جي روشني کي وسائڻ لڳندي آهي. جيڪڏهن هو يهوديت جي اثر هيٺ رهيو ته يهوديت جو جهوٽو هن جي فطري چراغ کي اجهائي ڇڏيندو.
    جيڪڏهن مجوسيت جو طوفان اٿيو ته ان ۾ هن جي ٻيڙي لوڏا کائڻ لڳندي. پر اهو سڀ ڪجهه ٻاهريون اثر هوندو، ان جي اندر جي فطرت صرف اسلام يعني نيڪي ۽ ڀلائي آهي.
    جڏهن الله تعاليٰ روحن کان پڇيو ”الست بربڪم“ ڇا مان توهان جو پروردگار ناهيان؟ انسان جي صالح فطرت ان جي تصديق ڪئي، جيڪا هن جي اندر وديعت ڪئي ويئي هئي. هاڻي جيڪڏهن ”بليٰ“ (تصديق ربوبيت) جو انڪار ڪري ٿو ته اها هن جي فطري نه بلڪه غير فطري ۽ خارجي صدا آهي.
    ان صالح فطرت جو نالو قرآن حڪيم ”قلبِ سليم“ رکيو آهي. يعني اها دل جيڪا صحيح سلامت هجي ۽ پنهنجي اصل جاءِ ۽ مؤقف تي قائم هجي، ڪو به نئون مرض ۽ روڳ نه لڳو هجيس. حضرت ابراهيم عليه السلام فرمايو ته: ”اذ جاءَ ربھ بقلب سليم“ جڏهن هو پنهنجي رب جي حضور ۾ قلبِ سليم يعني صالح ۽ غيرآلوده فطرت سان حاضر ٿيو. توهان کي معلوم آهي ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي اها صالح فطرت ئي هئي، جنهن کي ٻاهريون وڏي کان وڏو ڏيکاءُ به مرعوب نه ڪري سگهيو ۽ سندس اندر جي روشني پڪار ڪئي ته:
    اِنِّیۡ وَجَّہۡتُ وَجۡہِیَ لِلَّذِیۡ فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ حَنِیۡفًا وَّ مَاۤ اَنَا مِنَ الۡمُشۡرِکِیۡنَ.
    (الۡاَنۡعَامِ -79)
    (مون سڀني کان) هڪ طرفو ٿي انهيءَ الله ڏانهن مهاڙ ڪئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آهي.)
    اهو ئي سبب آهي جو خدا جي مشيت جو ڪم اهو هوندو آهي ته انسان جي ان صالح فطرت تي جيڪي هٿرادو ۽ خارجي گمراهيءَ جا رنگ چاڙهيا ويا آهن انهن کي هٽائي ته جيئن اصلي روشني وري چمڪي پوي.
    بهرحال قرآن حڪيم انسان جي فطرت کي خاص نيڪ قرار ڏي ٿو ۽ بديءَ کان ان جي فطرت کي پاڪ ٻڌائي ٿو. هو چوي ٿو ته هن جي فطرت ۾ صرف تندرستي ۽ صحت آهي. البت هو دنيا ۾ اچي ڪيترين ئي بيمارين ۾ وٺجي وڃي ٿو. بيماري ٻاهريون اثر آهي، اندر صرف تندرستي آهي.
    مٿين بحث کان پوءِ اهو مسئلو ڪنهن حد تائين واضح ٿي چڪو آهي ته انسان پنهنجي حقيقت ۽ فطرت بابت جيڪي به فيصلا ڪيا آهن اهي سڀ غلط آهن. الله تعاليٰ هن جي فطرت کي شر يا بد نه بڻايو آهي ۽ نه هن جي حيثيت ايتريقدر حقير ۽ ذليل آهي جو ڪائنات جي هر وجود اڳيان جهڪي ۽ انهن جي ڪرشمن اڳيان پنهنجو پاڻ کي گهٽ ۽ لاچار سمجهي. جيڪڏهن هي پنهنجي سچي فطرت کي برن عملن سان پائمال نه ڪري ته هو دنيا ۾ وڏي کان وڏي عظمت حاصل ڪري سگهي ٿو. تنهن ڪري هيئن سمجهڻ گهرجي ته انسان جو پنهنجي اصلي ۽ حقيقي فطرت کان بيخبر رهڻ حقيقت ۾ هن جي سڀني ناڪامين جو بنياد آهي. ڪائنات جي دائري ۾ هن جو وجود مرڪزي نطقو آهي. ان ڪري انسان جيستائين پنهنجي نفس (ذات ۽ وجود) جي حقيقت کي نه سمجهندو، سموري ڪائنات جي حقيقت ۽ پنهنجي تخليق جي مقصد کي پورو ڪري نه سگهندو. سڀ کان پهرين هي ته دنيا ۾ جيڪي ڪجهه آهي، اهو پنهنجي لاءِ سمجهي، نه ڪنهن ٻي لاءِ. انسان ڪائنات جي ادنيٰ کان ادنيٰ جلوي کان مرعوب ۽ خوف زده ٿي سوچڻ لڳو ته جڏهن بجليءَ جي چمڪ مون کان شديد، سمنڊ جو طوفان وڌيڪ خطرناڪ، شينهن جو چنبو زياده طاقتور، هاٿيءَ جو وجود مون کان عظيم، مڇر جو چَڪُ ۽ ريڙهيون پائيندڙ زهريلن ڪيڙن جو زهر مون لاءِ خطرناڪ آهي ته پوءِ منهنجي حيثيت هن ڪائنات ۾ ڪهڙي آهي ۽ مون ۾ ڪهڙي خوبي ٿي سگهي ٿي! ان خيال جي نتيجي ۾ هڪ طرف هن پٿرن ۽ ٺڪرن جي پوڄا شروع ڪئي ته ٻي طرف پنهنجي وجود کي ايتري قدر ذليل سمجهيائين جو هن جي جيءَ اندر جهڪڻ، لٽجڻ ۽ ڪِرڻ جي ڪيفيت پيدا ٿي، جنهن هٿرادو ۽ خارجي گمراهيءَ کان هر وقت غير فطري فائدو وٺي ۽ ادنيٰ ڪرشمو ڏيکاري. هن جي جسم ۽ دماغ کي پاڻ اڳيان جهڪائي ڇڏيو.
    اها انساني نفس جي انتهائي ذلت هئي، جو هو پنهنجي فطري ڀلائيءَ کي سمجهي نه سگهيو ۽ هميشه ان خلاف فيصلو ڏنائين. هن چوپاين، نانگن ۽ بگهڙن جي درندگيءَ تي نظر وجهي پاڻ بابت به اهڙو فيصلو ڏنو ته هن ۾ بدي ۽ بڇڙائيءَ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. جيڪڏهن هن ۾ نيڪي آهي به ته اها بديءَ سان مليل آهي.
    اهو ئي انسان جي پستي ۽ سندس عظيم خلقت ڪبريٰ جي وڃائجڻ جو سبب هو. انسانيت جي ان حقيقي عظمت جو اعلان ۽ خبر قرآن حڪيم جي سورت والتين ۾ ڏني ويئي آهي.
    انسان جي اندر ۽ ٻاهر جيڪو ڪجهه آهي اهو آفاق آهي. قرآن حڪيم بار بار انسان کي تنبيهه ڪري ٿو ته پنهنجي اندر کي به ڏس ۽ ڪائنات کي به سمجهه يعني نفس ۽ ڪائنات تي غور ۽ فڪر ڪر.
    ”سَنُرِیۡہِمۡ اٰیٰتِنَا فِی الۡاٰفَاقِ وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِہِمۡ حَتّٰی یَتَبَیَّنَ لَہُمۡ اَنَّہُ الۡحَقُّ“
    (حٰمٓ السَّجۡدَۃِ -53)
    ”عنقريب اهي الله جون نشانيون آفاق ۽ نفس ۾ (يعني پنهنجي اندر ۽ ٻاهر) ڏسندا. اهو مشاهدو انهن اڳيان اصل حقيقت کي کوليندو ۽ بيشڪ، دين الاهي جي دعوت کي سمجهي وٺندا.“
    ٻي جاءِ تي وڌيڪ وضاحت سان چيو ويو:
    ”وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِکُمۡ ؕ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ“ (الذّٰرِیٰتِ -21)
    ”اوهان پنهنجي اندر نٿا ڏسو ته ڇا آهي!“
    جيڪڏهن اوهان ڏسو ته اوهان کي معلوم ٿي وڃي ته شريعت الاهي اوهان کان ڪا نئين شيءِ نٿي گهري بلڪه اوهان جي اصلي فطرت جو خالص ظهور چاهي ٿي جنهن جو نالو دين قيم آهي. ان حقيقت کي سورت والتين ۾ بيان ڪري شهادت پيش ڪئي ويئي آهي. اهو بيان دعويٰ بجاءِ شهادت ڏي ٿو. دعويٰ اوهان کي معلوم آهي : ”لَقَدۡ خَلَقۡنَا الۡاِنۡسَانَ فِیۡۤ اَحۡسَنِ تَقۡوِیۡمٍ“ (التِّــیۡنِ-4) (انسان کي عدل جي بهترين حالت تي پيدا ڪيوسين.) هاڻي دليل جو حصو باقي رهي ٿو پر دليلن تي غور ڪرڻ کان پهريائين غلطيءَ جي بنيادي سبب کي ڳولڻ گهرجي، جنهن کي سورت والتين دور ڪرڻ چاهي ٿي.
    انسان جي ان بنيادي غلطيءَ جو سبب سندس عملن جي رنگارنگي آهي. جڏهن پاڻ کي جانچڻ گهري ته پنهنجي فطرت ڏسي نه ٿو سگهي، جيڪا ڳجهي ۽ مخفي هوندي آهي. هو پنهنجي عملن کي ڏسي ٿو، جن ۾ هن کي هڪ عجيب اختلاف نظر اچي ٿو. هي ڏسي ٿو ته پاڻ ۾ نيڪي ۽ بدي دست و گريبان آهي. جيڪڏهن هن ۾ شرافت ۽ نيڪيءَ جا لطيف جذبا آهن ته ٻئي طرف درندگي ۽ حيوانيت به نظر اچي ٿي. جيڪڏهن هو فرشتن جهڙي محبت رکي ٿو ته بگهڙن وانگر حرص ۽ خود غرضي وارا چنبا ۽ وڇونئن وانگر خونريزي جا زهريلا ڏنگ به هڻي ٿو. هڪ طرف بادشاهن جا سونا تخت، حاڪمن ۽ فرمانروائن جي عظمت ۽ ڪبريائي نظر اچي ٿي، جيڪا انساني جاه و جلال جي شهادت ڏي ٿي ته ٻي طرف ان جي ئي سامهون زنجيرن پاتل غلامن جون قطارون به بيٺيون آهن. اهي حاڪم ۽ فرمانروا انسان کي ڪتن ۽ ٻلن کان گهٽ ٿا سمجهن. ڪڏهن به ڪنهن ڪتي پاڻ جهڙي ڪتي اڳيان سر نه نرايو آهي ۽ نه ٻلي ڪنهن ٻلي کي سجدو ڪيو آهي.
    هن ڏٺو ته اهو ئي انسان حاڪم به آهي محڪوم به، ساجد به آهي، مسجود به، عالم به آهي ته جاهل به، عقلمند به آهي ته بيوقوف به، نيڪ به آهي ته بَد به. شهنشاهي جو تخت، حڪمراني لاءِ فرمانروائي، فتحمندي لاءِ تلوار، سچائيءَ لاءِ پاڪائي ۽ فرشتن جهڙي نيڪي به هن ۾ آهي ته غلاميءَ جي خاڪ، محڪوميءَ جي ذلت، قتل ٿيندڙ جي گردن، شر جي ذلت ۽ شيطان جهڙي بڇڙائي به هن کان سواءِ ٻيو ڪنهن ۾ موجود ناهي.
    اهو ئي انسان رات جو دروازن تي پهرو ڏئي ٿو، ته جيئن هن جا هم جنس گهرن اندر امن سان آرام ڪن ۽ ٻئي پاسي اهو ئي انسان گهرن ۾ گهڙي ڌاڙا هڻي ٿو ته جيئن پاڻ جهڙن انسانن کي نقصان پهچائي. اهو اوهان کي عبادتگاهن ۾ به نظر اچي ٿو جو اتي فرشتا نه بلڪه انسان عبادت ڪندا آهن ته وري ڌاڙيلن جي ٽولن ۾ به، جو انهن ڌاڙيلن سان بگهڙ نه پر آدم جو اولاد ئي هوندو آهي.
    تنهن ڪري انسان عملن جي ان اختلاف، نور ۽ ظلم جي فرق کي ڏسي، ان دوکي ۾ پئجي ويو ته جنهن مخلوق جي عملن جو حال اهو آهي، ان جي فطرت به اهڙي هوندي. جڏهن هن جي عملن ۾ نيڪي ۽ بدي، عظمت ۽ ذلت ٻئي آهن ته ان جي فطرت ۾ به نيڪي ۽ بدي، چڱائي ۽ برائي ٻئي هونديون. جهڙي طرح هو پنهنجن عملن جي نتيجن اندر عظمت ۽ ذلت جا ٻئي جلوا ڏيکاري ٿو، اهڙي طرح پنهنجي فطرت ۾ طاقت ۽ تسلط، قهاري ۽ رحماني ٻئي صفتون رکي ٿو.
    اهڙن عملن جي نتيجي کي ڏسي هن انسانيت متعلق فيصلو ڏنو. ان غلطي سبب اهو عقيدو بڻيو ته اسين صرف ڀلائي ۽ نيڪي جي لاءِ نه، جيئن ڪي ماڻهو سمجهندا آهن، پر ذليل ۽ خوار ٿيڻ لاءِ به آهيون، جيئن اڪثر ماڻهن کي ڏسندا آهيون.
    تنهن ڪري هن جي ذهن ۾ نيڪي ۽ برائي ٻنهي لاءِ هڪ مايوس ڪيفيت پيدا ٿي، جنهن ڪري هو همٿ هاري ويٺو. هڪ غلام خوشيءَ سان سموري زندگي غلامي ۽ عاجزي ۾ گذاري ٿو. ڪڏهن به هن جي اندر اِهو احساس نٿو جاڳي ته مان به اهڙو انسان آهيان جهڙو منهنجو آقا. پوءِ ڇو مان صرف غلامي ۽ هو صرف حاڪميت لاءِ آهي. هڪ غلام قوم به اهڙي طرح خوشيءَ سان غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ رهي ٿي جهڙي طرح هڪ حاڪم قوم عزت ۽ عظمت سان فرمانروائي ڪري ٿي. ڪڏهن به ان غلام قوم ۾ اها بيقراري نٿي اچي ته اسين به انسان آهيون ۽ اسان وٽ به اهو سڀ ڪجهه آهي،جيڪو حاڪمن وٽ آهي. پوءِ اسين ڇو ذلت ۽ رسوائيءَ لاءِ ۽ اهي عزت، عظمت ۽ حاڪميت لاءِ آهن! ڪنهن ڪارخاني ۾ هزارين مزدور ڦرڻين وانگر چڪر کائيندا ايتري خوشي محسوس ڪندا آهن جيتري ڪارخاني جو مالڪ. پر ڪڏهن به انهن ۾ اها تڙپ پيدا نٿي ٿئي ته جيڪڏهن اسين به چاهيون ته مزدور بجاءِ ڪارخاني جا مالڪ بڻجي سگهون ٿا! ائين ڇو آهي ته اسان جهڙا انسان قسمين قسمين براين ۽ بڇڙاين ۾ وڪوڙيل آهن پر ڪڏهن به اهو غور نٿا ڪن ته نيڪ ۽ پاڪ انسان به آخر اسان وانگر انسان آهن. پوءِ اُهي ڪيئن نيڪ آهن ۽ اسان ۾ نيڪ بڻجڻ جي تڙپ ڇو پيدا نٿي ٿئي!؟
    اهڙين اعليٰ ۽ ادنيٰ حالتن جي اختلاف کي سامهون رکي غور ڪريو. توهان ڏسندؤ ته ذلت ۽ رسوائي، بدي ۽ شرارت هر زندگيءَ ۾ هڪ مصنوعي ڪيفيت ۽ بيحسي پيدا ڪري اعليٰ انسانيت جي قوتن کي برباد ڪري رهي آهي. جيڪڏهن اوهين سوچيندؤ ته اها حالت ڇو پيدا ٿي؟ توهان کي هن سبب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به معلوم نه ٿيندو ته انسان جا عمل ۽ رويا متضاد ۽ مخلوط آهن. ذلت ۽ ناڪامي جون حالتون گهڻيون، عزت ۽ عظمت جا مثال گهٽ آهن. انسان نامرادين جي حالتن ۾ نامرادن کي ۽ برائيءَ جي زندگيءَ ۾ برن کي ڏسي ٿو. يعني نامرادن کي ڏسي پنهنجي نامرادي، ڪريلن کي ڏسي پنهنجي ڪريل حالت ۽ برن جي برائين کي هڪ طرح جو دليل سمجهي پنهنجي حالت کي فريبي ۽ دولابي سمجهڻ لڳي ٿو. اِن خيال هن جي اندر غلط سوچ پيدا ڪري، هن جي احساس کي فنا ۽ طلب کي ختم ڪري ڇڏيو. هي پنهنجو ذلت ۽ رسوائي کي اصلي ۽ بنيادي سمجهي هڪ بناوٽي بدحاليءَ ۾ مبتلا ٿي ويو.
    غلام جي اندر آقا ٿيڻ جو جذبو ڇو نٿو پيدا ٿئي؟ ان ڪري جو هو پاڻ جهڙن غلامن کي ڏسي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته اها غلامي صرف مون لاءِ نه آهي پر سڀني لاءِ هڪ قدرتي شيءِ آهي، جنهن تي صبر ڪرڻ گهرجي. تنهن ڪري هو غلامن تي نظر وجهي پنهنجي غلاميءَ تي گواهه بڻيو. جيڪڏهن غلامن جي بجاءِ آقائن کي ڏسي مشاهدو ڪري ها ۽ سوچي ها ته آخر اهي به انسان آهن ۽ انهيءَ زمين تي رهن ٿا ته هن جو احساس فوراً زندهه ٿئي ها ۽ فطرت جي خير ۽ شر کي سمجهي وٺي ها. هڪ مزدور ان ڳالهه ۾ ڇو خوش آهي ته ارڙهن ڪلاڪن جي محنت جي بدلي ۾ صرف هڪ وقت جي ماني وٺي. اهو ان لاءِ جو هو پاڻ جهڙن ادنيٰ حالت وارن مزدورن کي ڏسي ٿو، پر جيڪڏهن انهن کي جانچي ها جن جي مزدوري ڪري ٿو ته هن جي اندر به جذبو جاڳي ها. هڪ بد انسان برائيءَ ۾ تسڪين جي ڪيفيت ڇو ٿو محسوس ڪري؟ ان لاءِ جو هو بُرن کي ڏسي ويچار ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو ته انسان ان لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ته بُرائي ڪري، جيئن سڀئي ڪري رهيا آهن. جڏهن سڀ گناهه ڪري رهيا آهن ته هڪ ٻيو گناهه وڌيو ته ڇا ٿي پيو!
    بيا کہ رونقِ اين کارخانہ کم نہ شود،
    ززهد توئی يا بہ فسق ہم چومنی
    مطلب ته انسان فطرت جي حقيقت ۽ خيريت کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن:
    1- انساني عملن کي خير ۽ شر ۽ عزت ۽ ذلت جو مجموعو ڏٺو.
    2- تنهن ڪري هن سمجهيو ته انساني فطرت ۾ به خير ۽ شر ۽ عزت ۽ ذلت ٻئي آهن.
    3- هن عملن جي ذريعي فطرت کي جانچڻ گهريو ۽ ماڻهن جي حالت کي ڏسي، نوع انساني کي به اهڙو سمجهڻ لڳو.
    4- انهيءَ اعتقاد جو اثر هن جي حياتي ۽ عملن تي پيو، جڏهن هن انساني فطرت کي خير ۽ شر جو مجموعو سمجهيو ته هن ۾ شر ۽ گمراهيءَ جي ڪيفيت پيدا ٿي. هي سمجهڻ لڳو ته جڏهن برائي فطرت ۾ آهي ته پوءِ نيڪيءَ جو نه هجڻ اهڙي ڳالهه ناهي جنهن تي افسوس ڪجي ۽ پريشان ٿجي!
    دراصل هن جي اها حالت اُهي تجربا ۽ مشاهدا آهن، جيڪي هو انهن ادنيٰ حالتن جي ماڻهن معرفت حاصل ڪري ٿو ۽ اڪثر شر ۽ گمراهيءَ جي عملن کي پنهنجي سامهون رکي ٿو.
    قرآن حڪيم جي سورة والتين، خير ۽ شر جي ان مسئلي، فطرت بابت انساني غلطيءَ جي بنيادي سببن کي ظاهر ڪري ٿي. هاڻي ڏسڻ گهرجي ته سورة والتين ان حقيقت جي ثبوت ۾ ڪهڙي طرح مطلب کي ترتيب ڏنو آهي.
    1- هن سورة ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسان انساني فطرت کي نيڪ ۽ صالح پيدا ڪري، شرف ۽ عزت بخشي آهي. هن کي عدل جي بهترين حالت تي پيدا ڪيو ويو ۽ عدل ئي خير جي حقيقت آهي. لقد خلقنا الانسان في احسن تقويم! (التين-4)
    2- هن سورة ان غلطيءَ کي به دور ڪيو آهي جنهن سبب انسان پنهنجي فطرت بابت هڪ عظيم غلطي ڪئي. انسان جي وڏي غلطي اها آهي ته هو فطرت کي معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجن عملن کي ڏسي ٿو، تنهن ڪري برن انسانن کي ڏسي فطرت کي برو سمجهي ٿو. سورة والتين انساني عملن جي عزت ۽ عظمت لاءِ انسان جي شرف تي گواهه بڻجي چيو ته توهين ڪريلن کي ڏسي پنهنجي فطرت کي ڪريل ڇو ٿا سمجهو؟ انهن کي نٿا ڏسو جيڪو ڪريلن جي جاءِ تي بلند آهن. اُهي ماڻهو جيڪي سچي فطرت کي قائم رکي عزت ۽ عظمت جي مقام تي پهتا آهن. تن متعلق
    ”وَ التِّیۡنِ وَ الزَّیۡتُوۡنِ ۙ﴿۱﴾ وَ طُوۡرِ سِیۡنِیۡنَ ۙ﴿۲﴾ وَ ہٰذَا الۡبَلَدِ الۡاَمِیۡنِ“ (التِّــیۡنِ -1-3)
    جي ٽن جملن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اهو ئي الله جو انعام يافته گروهه آهي، جنهن جي واٽ صراط مستقيم ۽ ان راهه جي گُهر سورت فاتحه ۾ سيکاري ويئي آهي. صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ. انهن جي واٽ جن تي الله تعاليٰ انعام فرمايو. اهي حزب الله اولياءَ الله، خير البريه، البصير ۽ اصحاب الجنته آهن.
    3- رهيو انساني عملن جو اختلاف، خير ۽ شر جو سوال ته اهو ان لاءِ ناهي ته انسان جي فطرت ۾ برائي آهي. هن جي فطرت ۾ ته خير ۽ ڀلائي آهي. البته جڏهن هو ان کي برباد ڪري برن ڪمن ۾ مبتلا ٿئي ٿو، جهڙي طرح هن جي خلقت سڀني کان اعليٰ هئي، اهڙي طرح هن جا عمل هن کي سڀني کان ڪريل بڻائيندا آهن. ايتري تائين جو پنهنجي انساني حقيقت کي برباد ڪري جانورن کان به بدتر ٿي پوندو آهي. پوءِ توهان ان حالت کي فطرت چئو ٿا پر اها فطرت نه بلڪه ٻاهريون ڪسب ۽ عمل آهي. انساني عملن ۾ خير ۽ شر، عظمت ۽ رسوائي جيڪا اوهان کي نظر اچي ٿي، ان ۾ فرق کي محسوس ڪريو. شر ۽ رسوائي سندس بڇڙائي آهي ۽ اهو ئي هن جي عمل کي جانورن کان به بدتر بڻائيندو آهي.
    ثُمَّ رَدَدۡنٰہُ اَسۡفَلَ سٰفِلِیۡنَ ۙ﴿۵﴾
    اسفل سافلين يعنيٰ ادنيٰ کان به ادنيٰ حالت ۾ اُهي آهن جن جا نالا ”مغضوب“ ۽ ”ضالين“ آهن. پوءِ اُهي حزب الشيطان، اولياءَ الطاغوت، شرالبريه، الاعميٰ ۽ اصحاب النار به آهن.
    4- اها غلطي ان ڪري پيدا ٿي ته توهين الله تعاليٰ جي جزا واري قانون ۽ مڪافات کان اڻواقف آهيو. ان جو قانون آهي ته جهڙي طرح هر ٻج ميوو پيدا ڪري ٿو، اهڙي طرح انسان جو هر عمل نتيجو پيدا ڪندو آهي. جڏهن زهر کائبو ته موت ٿيندو ۽ گناهه ڪبو ته عذاب ٿيندو. ان لاءِ عملن جي بدلي ۾ نتيجا نڪرندا آهن. جيڪڏهن اوهان جا عمل فطرتِ صالح يعني دين الاهي جي مطابق آهن ۽ انهن کي ضايع نه ڪيو اٿؤ ته توهين عزت، عظمت ۽ نيڪي حاصل ڪندؤ پر جيڪڏهن ضايع ڪري چڪا آهيو ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ ۽ توهان کان وڌيڪ برو جانور زمين تي نه هوندو. جانور پنهنجي فطرت کي برباد ڪو نه ٿا ڪن، ان ڪري سافل آهن. توهين پنهنجي فطرت کي ضايع ڪيو ٿا، تنهن ڪري سافلون کان به اسفل ۽ بد کان به بدتر آهيو.
    5- جن ماڻهن پنهنجي فطرت جو برن عملن سان زيان ڪيو اُهي انسانيت کان ڪري پيا پر جن ايمان الله کان انڪار نه ڪيو، صالح عملن کي اختيار ڪيائون، اُهي فطرت جي نور کي قائم رکڻ وارا ۽ چمڪائڻ وارا آهن. تنهن ڪري اهي انسانيت جي اعليٰ کان اعليٰ مرتبن تي فائز ٿيندا ۽ هميشه ائين ٿيندو رهندو. ان جماعت جي وڏي خاصيت اها آهي ته انهن جي عمل صالح جو وڻ هميشه ميوو ڏيندو. انهن جي حقيقي نتيجن جون برڪتون ۽ نعمتون ڪڏهن به ختم نه ٿينديون. اهي اسفل سافلين جي حالتن ۾ نه ڪرندا، جو انهن مٿان تباهي ۽ بربادي اچي. اهي شجره خبيثه ناهن بلڪه شجره طيبه آهن. ان لاءِ فرمايو ويو ”فلهم اجر غير ممنون.“ انهن جي عملن جا نتيجا بهتري لاءِ ئي آهن. سندن صالح عملن جو بدلو ڪڏهن به نه کٽندو پر هميشه ميوو ڏيندو رهندو.


    ڇاکي وڃيو ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو!

    دنيا ۾ ماڻهو سَوَن قوتن جو محڪوم آهي. پيءُ ماءُ جو محڪوم، يارن دوستن جو محڪوم، استاد ۽ مرشد جو محڪوم، وڏيرن، رئيسن ۽ بادشاهن جو محڪوم. جيتوڻيڪ هو هن دنيا ۾ بغير ڪنهن زنجير ۽ هٿڪڙي جي آيو هو، پر دنيا هن جي پيرن ۾ ڪيتريون ئي ڏنڊا ٻيڙيون وجهي ڇڏيون آهن.
    من ۽ مسلم هستي اها آهي، جيڪا صرف هڪ ذات جي محڪوم هجي. هن جي گردن ۾ خدائي محڪوميءَ جو هڪ ڳرو زنجير ضرور آهي، مگر مختلف طرفن کان ڇڪيندڙ قسمين قسمين زنجير ڪو نه آهن. هو ماءُ پيءُ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جي يگاني حاڪم هن کي ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هو دوستن يارن سان محبت ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن کي ساٿين سان سهڻي سلوڪ ڪرڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي. هو پنهنجن بزرگن ۽ وڏن جو ادب ۽ احترام ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته حقيقي ادب سيکاريندڙ، هن کي ائين ئي ٻڌايو آهي. هو بادشاهن ۽ حاڪمن جو حڪم به مڃي ٿو پر هو دنيا جي اهڙن بادشاهن جي تابعداري ڪري ٿو جيڪي آسماني بادشاهيءَ جي اطاعت ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته هن کي هميشه ائين ڪرڻ جي تعليم ڏني ويئي آهي. هو اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ نٿو ڪري ته انهن اڳيان پاڻ کي جهڪڻ جي لائق سمجهي ٿو، بلڪه صرف ان لاءِ ته تابعداري صرف هڪ لاءِ آهي ۽ حڪم صرف ان اڪيلي جو آهي. جڏهن ان هڪڙي حڪم ڏيندڙ، انهن جي تابعداري جو حڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته خدا جي خاطر انهن سڀني کي مڃيو وڃي ۽ انهيءَ جي اطاعت خاطر سندس ٻانهن جو به چيو مڃيو وڃي.
    مطلب ته هن دنيا ۾ هر انسان لاءِ بيشمار حاڪم ۽ ڪيتريون ئي جهڪائيندڙ قوتون آهن پر مومن لاءِ صرف هڪ هستي آهي ۽ ان کان سواءِ ٻي ڪا به ناهي. هو صرف ان جي اڳيان جُهڪي ٿو ۽ صرف ان کي پوڄي ٿو. مٿس تابعداري ڪرڻ جو حق ان هڪ جو ئي آهي. هن جي پيشاني ٽيڪڻ جي چوکٽ هڪ ئي آهي، تنهن ڪري هن جي دل جو خريدار به اهو هڪ ئي آهي. جيڪڏهن هو دنيا جي ڪنهن هستي جي اطاعت ڪري به ٿو ته صرف ان اڪيلي خاطر. اهو ئي سبب آهي جو هن جون ڪيتريون ئي تابعداريون، ان هڪ اطاعت ۾ شامل ٿي وڃن ٿيون.
    مقصود ما زِ دير و حرم جز حبب نيست
    هر جا کنيم سجده بران آستان رسد
    (مسجد، مندر، ڪليسا ۽ گرجا گهر ۾ وڃڻ جو مقصد دوست تائين پهچڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هر هنڌ سجدا ڪيم ته جيئن ان تائين پهچي وڃان.)
    حضرت يوسف عليھ السلام ، پنهنجن ساٿين کان قيد خاني ۾ پڇيو هو: ءَ ارباب متفرقون خير ام الله الواحد القهار-
    ”گهڻا معبود بنائڻ بهتر آهن يا هڪڙي ئي قهار کي پوڄڻ بهتر آهي؟“
    ايمان ۽ اسلام جو اهو ئي نچوڙ آهي، جنهن جي قرآن ڪريم هر مومن ۽ مسلم کي تعليم ڏني آهي ته:
    اِنِ الۡحُکۡمُ اِلَّا لِلّٰہِ ؕ اَمَرَ اَلَّا تَعۡبُدُوۡۤا اِلَّاۤ اِیَّاہُ (یُوسُفَ-40)
    ”سموري جهان ۾ الله کان سواءِ ڪنهن ٻي کي نه پوڄيو ۽ نه ڪنهن کي پنهنجو معبود بنايو.“
    اهو ئي دين قيم آهي، جنهن جي پيروي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي:
    ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ وَلٰکِنَّ اَکۡثَرَ النَّاسِ لَا یَعۡلَمُوۡنَ (یُوسُفَ-40)
    حديث ۾ آهي ته:
    لاطاعته لمخلوق في معصيته الخالق (بخاري ۽ مسلم)
    ”جنهن ڳالهه کي مڃڻ ۾ خدا جي نافرماني ٿئي، ان ۾ ڪنهن ماڻهو جي فرمانبرداري نه ڪريو.“
    اسلام اها حقيقت پيش ڪري الله کان سواءِ انهن سڀني اطاعتن ۽ فرمانبردارين جي پابندين کان، مومن کي آزاد ۽ حرِ ڪامل بنائي ڇڏيو آهي، جن جي ڏنڊا ٻيڙين کان سڀني انسانن جا پير شل ٿي پيا آهن. ان هڪ ئي جملي ۾ انساني اطاعت ۽ پيروي جي حقيقت ۽ سچائيءَ کي سمجهايو ويو آهي. ان کان پوءِ ڪجهه به نٿو بچي. اهو ئي اسلامي زندگيءَ جو دستور العمل ۽ مومن جي عملن ۽ اعتقادن جي هڪ مڪمل تصوير آهي. ان الاهي تعليم ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جيتريون اطاعتون، فرمانبرداريون، ديانتداريون ۽ جيتري قدر به اقرار ۽ اعتراف آهن، صرف ان وقت تائين آهن، جيستائين ڪنهن ماڻهوءَ جي ڳالهه مڃڻ سان الله جي حڪم جي انحرافي نه ٿيندي هجي ۽ دنيا وارن جو وفادار بنجڻ سان، خدا جي حڪومت اڳيان بغاوت نه ٿيندي هجي. پر جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿئي جو الله ۽ ان جي بندن جي حڪمن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿي پوي، ته پوءِ سڀني تابعدارين جو خاتمو ۽ سڀني اقرارن ۽ شرطن جي پڄاڻي، سڀني لڳ لاڳاپن جو ٽٽڻ ۽ سڀني دوستين ۽ چاهتن جو خاتمو ٿئي ٿو. ان وقت نه حاڪم، حاڪم آهي ۽ نه بادشاهه، بادشاهه. نه پيءُ، پيءُ رهندو ۽ نه ڀاءُ، ڀاءُ. سڀني اڳيان هوڏ، سڀني کان انڪار. سڀني سان بغاوت ۽ سرڪشي.
    پهريان جيتري قدر نرمي هئي، هاڻي ايتري قدر سختي هئڻ گهرجي. پهريان جيترو اعتراف هو، هاڻي ايترو ئي انڪار هئڻ گهرجي. پهرين جيتري فرمانبرداري هئي، هاڻي ايتري نافرماني جي ضرورت آهي.پهريان جيتري قدر جهڪڻ هو، هاڻي ايتري قدر وڏائي هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته لڳ لاڳاپا ۽ واعدا ٽوڙيا ويا. لاڳاپو هڪ سان هو ۽ اهي سڀ تعلق ان هڪڙي جي خاطر هئا. حڪم هڪ جو ئي هو ۽ سڀئي تابعداريون ان هڪ اطاعت لاءِ هيون. جڏهن ان جي مڃڻ ۾ انهن انڪار ۽ ان جي وفاداري ۾ بغاوت ڪئي ته جنهن جي حڪم سان تعلق جڙيو هو، ان جي ترار ان تعلق کي ڪٽي به ڇڏيو. جنهن جي هٿ ملايو هو، ان جي هٿ جدا به ڪري ڇڏيو.
    سرور ڪائنات، سيد المرسلين صلي الله عليه وسلم کان وڌيڪ مسلمانن جو ٻيو ڪير آقا ٿي سگهي ٿو پر پاڻ صلي الله عليه وسلم جن جڏهن عقبه ۾ انصار کان بيعت ورتي ته فرمايائون،منهنجي اطاعت ڪرڻ اوهان تي ان وقت تائين واجب آهي جيستائين مان اوهان کي نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو رهان. جڏهن ان شهنشاهه جي اطاعت مسلمانن تي نيڪي ۽ ڀلائيءَ سان لاڳاپيل آهي، ته پوءِ دنيا ۾ ٻيو ڪهڙو بادشاهه ڪهڙي حڪومت، ڪهڙو پيشوا، ڪهڙو رهنما ۽ ڪهڙي قوم اهڙي ٿي سگهي ٿي، جنهن جي اطاعت ڪرڻ ظلم کان پوءِ به اسان تي واجب ٿئي ٿي!؟
    آدم جو اولاد ٻن جو غلام رهي نٿو سگهي. اهو هڪ سان ملندو ته ٻئي کي ڇڏي ڏيندو. هڪ سان ڳنڍيو ته ٻئي کان ڇڄندو. پوءِ خدا واسطي! مون کي ٻڌايو ته هڪ مومن، ڪنهن کي ڇڏيندو ۽ ڪنهن سان ملندو؟ هڪ ملڪ جا ٻه بادشاهه نٿا ٿي سگهن. هڪ باقي رهندو ۽ ٻي کي ملڪ ڇڏڻو پوندو. پوءِ مون کي سمجهايو ته مومن جي دل ڪنهن جي بادشاهيءَ کي قبول ڪندي. ڇا مومن ان سان ملندو جنهن جي حالت اها آهي:
    وَ یَقۡطَعُوۡنَ مَاۤ اَمَرَ اللّٰہُ بِہٖۤ اَنۡ یُّوۡصَلَ (الۡبَقَرَۃِ -27)
    ”خدا جنهن جي ڳنڍڻ ۽ ملائڻ جو حڪم ڏنو آهي، اهي ان کي ٽوڙيندا ۽ جدا ڪندا آهن.“
    ڇا ان جي بادشاهيءَ کان منهن موڙيندؤ، جيڪو پڪاري چوي ٿو ته:
    یٰۤاَیُّہَا الۡاِنۡسَانُ مَا غَرَّکَ بِرَبِّکَ الۡکَرِیۡمِ (الۡاِنۡفِطَارِ -6)
    ”اي غافل انسان! ڇا آهي، جنهن جي غرور توکي پنهنجي مهربان ۽ پيار ڪرڻ واري آقا کان سرڪش بڻايو آهي.“
    مگر افسوس! اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
    کَیۡفَ تَکۡفُرُوۡنَ بِاللّٰہِ وَ کُنۡتُمۡ اَمۡوَاتًا فَاَحۡیَاکُمۡ ۚ ثُمَّ یُمِیۡتُکُمۡ ثُمَّ یُحۡیِیۡکُمۡ ثُمَّ اِلَیۡہِ تُرۡجَعُوۡنَ
    (الۡبَقَرَۃِ -28)
    ”توهان ان شهنشاهه حقيقي جي حڪومت کان ڪيئن انڪار ڪندؤ جنهن اوهان کي ان وقت جيئرو ڪيو، جڏهن اوهان مئل هيؤ. اهو اوهان تي موت آڻيندو. ان کان پوءِ ٻيهر زندهه ڪندو. پوءِ توهان سڀئي ان وٽ موٽايا ويندؤ.
    دنيا ۽ ان جي بادشاهي ڪافي آهي، پر ان جي جاهه و جلال کي رڳو هڪ ڏينهن ملي ٿو. خدا قهار جا انتقام وٺندڙ فرشتا عذاب جا هٿيار کڻي لهڻ وارا آهن. ان وقت انهن جا قلعا برباد ٿي ويندا. سندن ترارون مڏيون ٿي وينديون. سندن لشڪر ڪنهن به ڪم جا نه رهندا. انهن جون توبون کين پناهه نه ڏيئي سگهنديون. انهن جا خزانا انهن کي ڪم نه اچي سگهندا. انهن جي طاقت تباهه ۽ برباد ٿي ويندي. انهن جي هٺ ۽ وڏائي جو تاج، سندن سر تان لاٿو ويندو. انهن جي جلال ۽ عظمت جو تخت خاڪ ۾ مليل نظر ايندو.
    وَ یَوۡمَ تَشَقَّقُ السَّمَآءُ بِالۡغَمَامِ وَ نُزِّلَ الۡمَلٰٓئِکَۃُ تَنۡزِیۡلًا ﴿۲۵﴾ اَلۡمُلۡکُ یَوۡمَئِذِۣ الۡحَقُّ لِلرَّحۡمٰنِ ؕ وَ کَانَ یَوۡمًا عَلَی الۡکٰفِرِیۡنَ عَسِیۡرًا (الۡفُرۡقَانِ :26-25)
    ”۽ جنهن ڏينهن آسمان ڪڪر سان ڦاٽندو ۽ ان ڪڪر جي اندران ملائڪ ٽولا ڪري لاهبا. ان ڏينهن ڪنهن جي بادشاهي باقي نه رهندي، صرف خدا رحمان جي حڪومت هوندي ۽ ياد رکو، اهو ڏينهن ڪافرن لاءِ ڏاڍو سخت هوندو!.“
    پوءِ اُن ڏينهن جڏهن رب جو لشڪر پنهنجي بي پناهه پاڪائي سان نمودار ٿيندو ۽ ملڪوت السماوات والارض اعلان فرمائيندو:
    لِمَنِ الۡمُلۡکُ الۡیَوۡمَ ؕ لِلّٰہِ الۡوَاحِدِ الۡقَہَّارِ (الۡمُؤۡمِنِ: 16)
    ”اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي؟ ڪنهن جي به نه، صرف خدا واحد القهار جي.“ ته ان وقت انهن انسانن جو ڪهڙو حال هوندو، جن ارض و سماءَ جي بادشاهه کي ڇڏي، انهن مٽيءَ جي بتن کي پنهنجو بادشاهه بڻايو آهي ۽ سندن حڪم مڃڻ لاءِ، خدا جي حڪمن کي وساري ڇڏيو اٿن. هاءِ افسوس! ان ڏينهن اهي ڪيڏانهن ويندا، جن انسانن کي راضي ڪرڻ لاءِ الله سان جنگ ڪئي ۽ پنهنجي ان حقيقي آقا کي پاڻ کان هميشه رُٺل ئي رکيو. اهي پڪاريندا پر انهن کي جواب نه ڏنو ويندو. اهي دانهون ڪندا پر اهي ٻڌيون نه وينديون، اهي توبه ڪندا به اها قبول نه ڪئي ويندي. اهي شرمسار ٿيندا پر اها شرمساري ڪم نه ايندي.
    اي انسان! ان ڏينهن توتي افسوس آهي!
    وَیۡلٌ یَّوۡمَئِذٍ لِّلۡمُکَذِّبِیۡنَ (الۡمُرۡسَلٰتِ -15)
    وَ قِیۡلَ ادۡعُوۡا شُرَکَآءَکُمۡ فَدَعَوۡہُمۡ فَلَمۡ یَسۡتَجِیۡبُوۡا لَہُمۡ (الۡقَصَصِ: 64)
    ”انهن کي چيو ويندو ته هاڻي پنهنجن انهن خدائن ۽ حاڪمن کي سڏيو، جن کي توهان خدا وانگر مڃيندا هئا ۽ خدا وانگر انهن کان ڊڄندا هئا. اهي سڏيندا، پر کين ڪو جواب نه ڏيندا.“
    ان وقت اهو معلم الاهي، داعي رباني، مبشر ۽ منذر، رحمت اللعالمين، محبوب رب العالمين، سلطان ڪونين اڳتي وڌي، خدا کي فرياد ڪندو:
    وَ قَالَ الرَّسُوۡلُ یٰرَبِّ اِنَّ قَوۡمِی اتَّخَذُوۡا ہٰذَا الۡقُرۡاٰنَ مَہۡجُوۡرًا (الۡفُرۡقَانِ:30)
    ”اي پروردگار! افسوس آهي جو منهنجي اُمت قرآن جي هدايت ۽ تعليم تي عمل نه ڪيو ۽ ان کان پنهنجو تعلق ٽوڙي ڇڏيو. ان جو اهو نتيجو آهي، جيڪو اڄ اهي ڀوڳي رهيا آهن.“
    (اللهم صل وسلم عليه و علي الھ و صحبھ و اتباعھ الي يوم الدين.)
    بهرحال سفر کان پهرين راهه جي ثمر جو فڪر ڪريو! طوفان اچڻ کان اڳ ٻيڙي ٺاهيو. ڇاڪاڻ ته مسافري ويجهي آهي ۽ طوفان جا آثار ظاهر ٿي چڪا آهن. جن وٽ مسافريءَ جو ثمر نه هوندو اُهي بک مرندا ۽ جن وٽ ٻيڙي نه هوندي اهي سيلاب ۾ ٻڏي ويندا. جڏهن اوهان ڏسندا آهيو ته ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا آهن ۽ سج جي روشني جهڪي ٿي ويئي آهي ته ان وقت اوهان سمجهندا آهيو ته اِجهو وڄون وسڻ آيون آهن ته پوءِ هاڻي اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو دنيا جي امن ۽ سلامتيءَ جي فضا ۾ دين الاهي جي روشني ڪفر ۽ گمراهي ۾ گم ٿي ويئي آهي، پر اوهان اعتبار نٿا ڪريو ته ڪا موسم بدلجڻ واري آهي. اڃا به تيار نٿا ٿيو جو انساني بادشاهت کان ڪٽجي خدا جي بادشاهت جا مطيع بڻجي وڃو. ڇا اوهان نٿا چاهيو ته خدا جي تخت ۽ جلال جي عظمت جو ٻيهر اعلان ٿئي ۽ اُن جي زمين صرف اُن لاءِ ٿي وڃي.
    حَتّٰی لَا تَکُوۡنَ فِتۡنَۃٌ وَّ یَکُوۡنَ الدِّیۡنُ لِلّٰہِ (الۡبَقَرَۃِ - 193)
    ”جيستائين فتنو نه رهي ۽ دين خاص الله جو ٿئي.“
    افسوس! اسان گهڻو غافل رهياسين، غفلت ۽ لاپرواهيءَ جي حد ٿي ويئي. اسان پنهنجي خالق سان هميشه غرور ڪيو، مگر سندس مخلوق جي اڳيان ڪڏهن به عاجزي ۽ انڪساري ڪرڻ کان منهن نه موڙيو آهي. جڏهن ته اسان جي وصف هي ٻڌائي ويئي هئي:
    اَذِلَّۃٍ عَلَی الۡمُؤۡمِنِیۡنَ اَعِزَّۃٍ عَلَی الۡکٰفِرِیۡنَ (المَآئِدَۃِ:54)
    ”مومنن سان نهايت عاجز ۽ نرم، مگر ڪافرن جي مقابلي ۾ نهايت مغرور ۽ سخت.“
    اسان جي اڳين بزرگن جي تعريف هيءَ ڪئي ويئي هئي ته:
    اَشِدَّآءُ عَلَی الۡکُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیۡنَہُمۡ (الۡفَتۡحِ -29)
    ”ڪافرن تي سخت ۽ پاڻ ۾ نرم آهن.“
    پر اسان پنهنجيون سڀئي خوبيون وڃائي ڇڏيون ۽ دنيا جي مغضوب قومن جون سموريون برايون ۽ بڇڙايون اپنائي ورتيون. پنهنجن اڳيان سرڪش ٿي وياسين ۽ غيرن اڳيان ذلت ۽ رسوائيءَ سان جهڪڻ لڳاسين. اسان پنهنجي پالڻهار کان نه گهريو پر غيرن جي دسترخوان جا بچيل ٽڪرا چونڊڻ لڳاسين. اسان شهنشاهه ارض و سماءَ جي نافرماني ڪئي، اسان سڄي ڏينهن ۾ خدا کي خوف ۽ دهشت کان هڪ دفعو به ياد نٿا ڪريون، پر سوين ڀيرا پنهنجن حاڪمن جي خوف کان ڪنبون ۽ ڏڪون ٿا.
    یٰۤاَیُّہَا الۡاِنۡسَانُ مَا غَرَّکَ بِرَبِّکَ الۡکَرِیۡمِ........ وَ الۡاَمۡرُ یَوۡمَئِذٍ لِّلّٰہِ (الۡاِنۡفِطَارِ:6-19)
    ”اي سرڪش انسان! ڪهڙي شيءِ تو کي پنهنجي مهربان ۽ محبت ڪرڻ واري پالڻهار جي حضور ۾ گستاخ ڪيو آهي؟ اهو، جنهن تو کي پيدا ڪيو ۽ تنهنجي بناوٽ درست ڪيائين. تنهنجي خلقت کي اعتدال بخشيائين ۽ جنهن صورت ۾ گهريائين تنهنجي شڪل جوڙيائين. پوءِ هي ڪنهن جي وفاداري آهي، جنهن تو کي ان جو باغي بڻايو آهي؟ حقيقت هي آهي ته توهان کي ان جي حڪومت جو يقين ناهي. حالانڪه توهان تي سڳورا لکڻ وارا مقرر آهن، جيڪي توهان جي عملن جو هر گهڙي احتساب ڪندا رهندا آهن ۽ توهان جو ڪو به فعل انهن کان لڪل ناهي. ياد رکو ته اسان ناڪامي ۽ ڪاميابي جي هڪ ورهاست ڪري ڇڏي آهي. خدا جا اطاعت گذار ٻانها عزت ۽ مراد، فتح ۽ ڪامراني جي فرحت ۾ رهندا ۽ بدڪار ۽ نافرمان خدا جي بادشاهيءَ واري ڏينهن نامرادي ۽ هلاڪت جي عذاب ۾ مبتلا هوندا، جنهن کان ڪڏهن به نڪري نه سگهندا. اهو خدا جي بادشاهيءَ جو ڏينهن ڪهڙو آهي؟ اهو ڏينهن جنهن ۾ ڪو، ڪنهن لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندو ۽ ان ڏينهن صرف خدا جي حڪومت هوندي.“
    ان کان اڳ جو خدا جي بادشاهيءَ جو ڏينهن ويجهو اچي، ڇا اهو بهتر ناهي ته پاڻ کي ان لاءِ تيار ڪريون؟ ته جيئن ان مقدس ڏينهن تي اسان کي هي چئي نه ڪڍيو وڃي ته اوهان غيرن جي حڪومت اڳيان، خدا جي حڪومت کي ڀلائي ڇڏيو هو. وڃو، اڄ اوهان به خدا جي بادشاهيءَ ۾ بلڪل ڀلايا ويا آهيو.
    لَا بُشۡرٰی یَوۡمَئِذٍ لِّلۡمُجۡرِمِیۡنَ (الۡفُرۡقَانِ:22)
    ”تنهن ڏينهن ڏوهارين لاءِ ڪا خوشخبري نه آهي.“
    وَ قِیۡلَ الۡیَوۡمَ نَنۡسٰکُمۡ کَمَا نَسِیۡتُمۡ لِقَآءَ یَوۡمِکُمۡ ہٰذَا وَ مَاۡوٰىکُمُ النَّارُ وَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ نّٰصِرِیۡنَ ﴿۳۴﴾ ذٰلِکُمۡ بِاَنَّکُمُ اتَّخَذۡتُمۡ اٰیٰتِ اللّٰہِ ہُزُوًا وَّ غَرَّتۡکُمُ الۡحَیٰوۃُ الدُّنۡیَا ۚ فَالۡیَوۡمَ لَا یُخۡرَجُوۡنَ مِنۡہَا وَ لَا ہُمۡ یُسۡتَعۡتَبُوۡنَ (الۡجَاثِیَۃِ: 34-35)
    ”۽ ان وقت انهن سڀن کي چئبو ته جهڙي طرح توهان هن ڏينهن جي حڪومتِ الاهي کي وساري ڇڏيو هو، اڄ اسان به اوهان کي وسارينداسون. اوهان جو ٺڪاڻو باهه جا شعلا آهن ۽ ڪو اوهان جو مددگار ناهي. هي ان جي سزا آهي جو اوهان الله جي آيتن کي ٺٺوليون ڪري ورتو هو ۽ دنيا جي زندگي ۽ ان جي ڪمن اوهان کي دوکي ۾ رکيو. بهرحال اڄ نه ته اوهان کي عذاب کان ڪڍبو ۽ نه ئي توهان کي ان جو موقعو ملندو جو توبه ڪري خدا کي مڃايو، ڇاڪاڻ ته اهو وقت اوهان وڃائي ڇڏيو.“
    اڄ ڪلهه خدا جي حڪومت ۽ انساني بادشاهتن ۾ هڪ سخت جنگ برپا آهي. شيطان جو تخت زمين جي هڪ وڏي حصي تي وڇايو ويو آهي. ان جي گهراڻي جي وارثن کي انهن جي پوڄڻ وارن ۾ ورهايو ويو آهي. دجال جي فوج هر طرف ڦهلجي ويئي آهي. اهي شيطاني بادشاهيون چاهن ٿيون ته خدا جي حڪومت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين. انهن جي ساڄي طرف دنيوي لذتن ۽ عزتن جي هڪ طلسمي جنت آهي ۽ کاٻي طرف جسماني تڪليفن ۽ عذابن جو هڪ دوزخ ڀڙڪي رهيو آهي. جيڪو به آدم زاد خدا جي بادشاهي جو انڪار ڪري ٿو ته دجال پنهنجي طلسمي جنت جو دروازو ان لاءِ کولي ڇڏين ٿا، جيڪو حق پرستن جي نظر ۾ خدا جي لعنت ۽ ڦٽڪار جو جهنم آهي. اهڙن حق پرستن لاءِ فرمايو آهي:
    لّٰبِثِیۡنَ فِیۡہَاۤ اَحۡقَابًا ﴿ۚ۲۳﴾ لَا یَذُوۡقُوۡنَ فِیۡہَا بَرۡدًا وَّ لَا شَرَابًا (النَّبَاِ: 23-24)
    ”منجهس ڪيئي ڊگهيون مدتون رهندا. ان ۾ ڪا ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شيءِ چکندا.“
    ۽ جيڪو خدا جي بادشاهي جو اقرار ڪري ٿو، ان کي پنهنجن شيطاني عذابن ۽ جسماني تڪليفن جي هن دنياوي جهنم ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا ۽ چون ٿا ته:
    حَرِّقُوۡہُ وَ انۡصُرُوۡۤا اٰلِہَتَکُمۡ (الۡانۡۢبِیَآءِ: 68)
    ”جيڪڏهن اسان ۾ ٿوري به همت آهي ته اچو ته ان ماڻهو کي باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏيون.“
    مگر حقيقت ۾ سچائيءَ جي عاشقن ۽ پاڪائيءَ جي پرستان لاءِ اهو دوزخ ناهي، لذتن ۽ راحتن جي هڪ جنت النعيم آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي زبان، ايمان ۽ دل جي صدا هيءَ آهي ته:
    فَاقۡضِ مَاۤ اَنۡتَ قَاضٍ ؕ اِنَّمَا تَقۡضِیۡ ہٰذِہِ الۡحَیٰوۃَ الدُّنۡیَا ﴿ؕ۷۲﴾ اِنَّـاۤ اٰمَنَّا بِرَبِّنَا
    لِیَغۡفِرَ لَنَا خَطٰیٰنَا (طٰہٰ:72-73)
    ”اي دنيوي سزائن تي غرور ڪرڻ وارا بادشاهه! تون جيڪي ڪجهه ڪرڻ وارو آهين سو ڪر، تون صرف دنيا جي هن زندگي ۽ گوشت ۽ خون جي جسم تي حڪم هلائي سگهين ٿو ته هلائي ڏس! اسان پنهنجي پالڻهار تي ايمان آندو آهي ته جيئن اسان جون خطائون معاف ڪري. تنهنجون دنيوي سزائون اسان کي هن جي واٽ کان روڪي نٿيون سگهن.“
    جڏهن اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ زمين جي ڪنهن خاص ٽڪري تي نه بلڪه ان جي هر گوشي ۾ اهو مقابلو جاري آهي، ته پوءِ ٻڌايو ته دينِ حنيف جا پرستار ڪفر ۽ شيطانيت جي انهن دجالن ۽ امر الاهي جي حڪومت مان ڪنهن جو ساٿ ڏين؟ ڇا انهن کي ان باهه جي شعلن جو خوف رکڻ گهرجي، جيڪي دجال جي حڪومت هر وقت ڀڙڪائي رکي ٿي؟ پر ڇا انهن حق جي پرستارن کي معلوم ناهي ته انهن جو مورثِ اعليٰ ڪير هو؟ دين حنيف جي پهرين داعي، بابل جي هڪ اهڙي سرڪش حڪومت جي مقابلي ۾، خدا جي حڪومت کي ترجيح ڏني هئي. هن کي باهه ۾ وجهڻ لاءِ جيڪو مچ ٻاريو ويو هو، ان جا شعلا هن جي نظر ۾ هلاڪت جا شعلا نه پر گلزارِ بهشت جا تازا گل هئا.
    قُلۡنَا یٰنَارُ کُوۡنِیۡ بَرۡدًا وَّ سَلٰمًا عَلٰۤی اِبۡرٰہِیۡمَ (الۡانۡۢبِیَآءِ: 69)
    ”(مگر) اسان جو حڪم ٿيو، اي باهه ٿڌي ٿي ابراهيم لاءِ ۽ سلامتي واري.“
    ڇا انهن جي دل ۾ دنيوي لذتن ۽ عزتن جي ان ڪوڙي جنت جي طمع پيدا ٿي پئي آهي جنهن جي فريب سان اهو شيطاني لشڪر، انساني روح کي فتني ۾ وجهڻ چاهي ٿو؟ جيڪڏهن ائين آهي ته ڇا انهن کي معلوم ناهي ته مصر جو بادشاهه، الاهي حڪومت جو منڪر ٿي، پنهنجن رٿن سان ان ملڪ تي، جنهن تي هن کي ربِ اعليٰ هجڻ جو غرور هو ڪيترائي ڏينهن رهي سگهيو.
    اِنَّ فِرۡعَوۡنَ عَلَا فِی الۡاَرۡضِ وَ جَعَلَ اَہۡلَہَا شِیَعًا یَّسۡتَضۡعِفُ طَآئِفَۃً مِّنۡہُمۡ یُذَبِّحُ اَبۡنَآءَہُمۡ وَ یَسۡتَحۡیٖ نِسَآءَہُمۡ ؕ اِنَّہٗ کَانَ مِنَ لۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۴﴾ وَ نُرِیۡدُ اَنۡ نَّمُنَّ عَلَی الَّذِیۡنَ اسۡتُضۡعِفُوۡا فِی الۡاَرۡضِ وَ نَجۡعَلَہُمۡ اَئِمَّۃً وَّ نَجۡعَلَہُمُ الۡوٰرِثِیۡنَ ۙ﴿۵﴾ وَ نُمَکِّنَ لَہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ وَ نُرِیَ فِرۡعَوۡنَ وَ ہَامٰنَ وَ جُنُوۡدَہُمَا مِنۡہُمۡ مَّا کَانُوۡا یَحۡذَرُوۡنَ (الۡقَصَصِ:4-6)
    ”فرعون جو مصر جي زمين تي ڏاڍ وڌي ويو هو. هن ملڪ جي رهاڪن ۾ نفاق وجهي جدا جدا گروهه بڻائي ڇڏيا هئا. منجهانئن هڪڙي گروهه بني اسرائيل کي ايتري قدر ڪمزور ۽ بيوس سمجهو هئائين جو انهن جي پٽن کي قتل ڪندو هو ۽ انهن جي ننگ ۽ ناموس کي برباد ڪندو هو. ان ۾ شڪ ناهي ته هو زمين تي فسادين مان وڏو مفسد هو. پر ساڳي وقت اسان جو فيصلو هي هو ته جيڪا قوم هن جي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور سمجهي ويئي هئي ان تي احسان ڪريون. ان قوم جي ماڻهن کي اتان جي سرداري ۽ ر رياست بخشيون. انهن کي اتان جي سلطنت جو وارث بڻايون ۽ انهن جي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ قائم ڪريون. ان مان اسان جو مقصد هي هو ته فرعون، هامان ۽ ان جي لشڪر کي جنهن ڪمزور قوم جي طرف کان بغاوت ۽ خروج جو انديشو رهندو هو. انهن جي هٿان هنن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نتيجو اڳيان اچي.“
    مسلمانو! ڇا آخرت جو ثمر وڪڻي، دنيا جي ٿورين ڪوڏين تي قناعت ڪرڻ جي خواهش ڪئي اٿو؟ ڇا الله جي حڪومت کان باغي ٿي، دنيا جي حڪومت سان صلح ڪرڻ جو ارادو اٿو؟ ڇا يقيني ۽ ابدي حياتي داءُ تي لڳائي، ٿورن ڏينهن جي گذران جو سامان خريد ڪري رهيا آهيو؟ ڇا اوهان کي اهو يقين ناهي ته:
    وَ مَا ہٰذِہِ الۡحَیٰوۃُ الدُّنۡیَاۤ اِلَّا لَہۡوٌ وَّ لَعِبٌ ؕ وَ اِنَّ الدَّارَ الۡاٰخِرَۃَ لَہِیَ الۡحَیَوَانُ (الۡعَنۡکَبُوۡتِ: 64)
    ”هيءَ دنيا جي حياتي (جيڪا تعلقِ الاهي کان خالي آهي) ان کان سواءِ ٻيو ڇا آهي جو فاني خواهشن جي ريجهائڻ جو هڪ تماشو آهي؟ اصل حياتي ته آخرت جي زندگي آهي، جنهن لاءِ هن زندگيءَ کي تيار ڪرڻ گهرجي.“
    پر جيڪڏهن اوهان دنيا جا گُهرجائو آهيو، تڏهن به پنهنجي رب کي نه ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اهو دنيا ۽ آخرت ٻئي بخشڻ وارو آهي، ته پوءِ اوهان ڇو هڪ تي قناعت ڪريو ٿا؟
    مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ ثَوَابَ الدُّنۡیَا فَعِنۡدَ اللّٰہِ ثَوَابُ الدُّنۡیَا وَ الۡاٰخِرَۃِ (النِّسَآءِ: 134)
    ”۽ جيڪو شخص دنيا جي بهتريءَ جو طالب آهي ته ان کي چئو ته صرف دنيا لاءِ ڇو ٿو هلاڪ ٿئي؟ حالانڪه خدا ته دين ۽ آخرت ٻنهي جي بهتري ڏيئي سگهي ٿو. اهو خدا وٽ اچي ۽ آخرت سان گڏوگڏ دنيا به وٺي.“
    مسلمانو! پڪارڻ وارو پڪاري رهيو آهي ته هاڻي به خداءِ قدوس جي نافرماني ۽ سرڪشي کان باز اچو ۽ زمين ۽ آسمان جي خالق کي پاڻ کان رُٺل نه رکو- جنهن جي رسڻ کان پوءِ زمين ۽ آسمان جي ڪا به هستي اوهان کان راضي نه ٿيندي. تنهن ڪري ان سان بغاوت نه ڪريو، بلڪه دنيا جي طاقتن کي باغي ٿي، صرف ان هڪ ذات جا وفادار بڻجي وڃو.
    پوءِ ڪو آهي جيڪو ان آواز ڏانهن ڌيان ڏي؟ فهل من مستمع؟ ٍ‘پوءِ ڇا آهي ڪو ٻڌندڙ؟’
    آسماني بادشاهت جا ملائڪ پنهنجا نوراني پر پکيڙي اهڙي پاڪ روح کي ڳولي رهيا آهن، جيڪو مخلوق جي بادشاهت کي ٺڪرائي خالق جي حڪومت ۾ رهڻ چاهي. آهي ڪو جيڪو ان پاڪ رهائش جو طالب هجي ۽ پاڪ روحن وانگر اعلان ڪري ته:
    رَبَّنَاۤ اِنَّنَا سَمِعۡنَا مُنَادِیًا یُّنَادِیۡ لِلۡاِیۡمَانِ اَنۡ اٰمِنُوۡا بِرَبِّکُمۡ فَاٰمَنَّا ٭ۖ رَبَّنَا فَاغۡفِرۡ لَنَا ذُنُوۡبَنَا وَ کَفِّرۡ عَنَّا سَیِّاٰتِنَا وَ تَوَفَّنَا مَعَ الۡاَبۡرَارِ ﴿۱۹۳﴾ۚ رَبَّنَا وَ اٰتِنَا مَا وَعَدۡتَّنَا عَلٰی رُسُلِکَ وَ لَا تُخۡزِنَا یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ ؕ اِنَّکَ لَا تُخۡلِفُ الۡمِیۡعَادَ (اٰلِ عِمۡرٰنَ: 193-194)
    ”اي اسان جا حقيقي بادشاهه! اسان هڪ پڪارڻ واري جو آواز ٻڌو جيڪو تنهنجي بادشاهي جو اعلان ڪري رهيو هو. اي اسان جا يگانه بادشاهه! اسان تنهنجي بادشاهي قبول ڪئي. اسان جا گناهه معاف ڪر! اسان جا عيب ڍڪ. اسان کي پنهنجن ڀلارن سان گڏ مار! تو پنهنجي اعلان ڪرڻ واري جي زباني اسان سان جيڪي انجام ڪيا هئا، اهي پورا ڪر! ۽ پنهنجي آخري بادشاهيءَ ۾ اسان کي ذليل ۽ خوار نه ڪج، ڇو ته تون واعدي خلافي نه ڪندو آهين.“

    (الهلال، جلد پنجون شمارو پهريون، جولاءِ 1914ع تان ترجمو ڪيل)


    جن ڇڏي دعويٰ سي ٿيا سدا ساوا

    قَالَ فَمَنۡ رَّبُّکُمَا یٰمُوۡسٰی (طٰہٰ -49)
    ”فرعون چيو ته پوءِ اي موسيٰ! (جيڪڏهن ائين آهي ته ٻڌاءِ) اوهان ٻنهين جو پاليندڙ ڪير آهي؟“
    قَالَ رَبُّنَا الَّذِیۡۤ اَعۡطٰی کُلَّ شَیۡءٍ خَلۡقَہٗ ثُمَّ ہَدٰی (طٰہٰ -50)
    ”اُن چيو ته اسان جو پاليندڙ اهو آهي جنهن سڀ ڪنهن شيءِ کي خلقت ڏني ۽ پوءِ ان کي (زندگي ۽ عمل جو) رستو ڏيکاريائين.“
    قَالَ فَمَا بَالُ الۡقُرُوۡنِ الۡاُوۡلٰی (طٰہٰ -51)
    ”فرعون چيو ته انهن جماعتن جو حال ڪهڙو آهي، جيڪي اڳي ٿي گذريون آهن؟ (يعني انهن کي ته تنهنجي ان پاليندڙ جي خبر به نه هئي)“
    قَالَ عِلۡمُہَا عِنۡدَ رَبِّیۡ فِیۡ کِتٰبٍ ۚ لَا یَضِلُّ رَبِّیۡ وَ لَا یَنۡسَی (طٰہٰ -52)
    ”موسيٰ چيو ته انهن جي خبر، منهنجي پالڻهار وٽ هڪ ڪتاب ۾ محفوظ آهي. منهنجو پالڻهار اهڙو ناهي جو غلطي ڪري ۽ ڀلجي.“
    حضرت موسيٰ ۽ فرعون جي مٿين ڳالهه ٻول، جيتوڻيڪ ٽن چئن جملن کان وڌيڪ ناهي پر ان ۾ حقيقت ۽ سچائيءَ جا دفتر سمايل آهن.
    فرعون جو پهريون سوال هي هو ته: ”من ربکما يا موسيٰ“؟ جنهن پالڻهار جو اوهان ذڪر ڪريو ٿا، اهو آهي ڪير؟
    ان سوال کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين هي معلوم ڪيو وڃي ته مصرين جا عقيدا ڇا هئا؟
    مصري مختلف ديوتائن جي پوڄا ڪندا هئا، جن مان ڪي ته ڪن خاص قبيلن ۽ علائقن جا هئا. جهڙوڪ، نينات (Nebnat) فتا (Ptah)۽ مات (Maat). ڪي سندن خيال مطابق، عالمگير قوتن جو جدا جدا ظهور رکندڙ هئا. جيئن اوزيرس (Osiris)، عالم آخرت جو خدا. ميه اورت آسمان جو خدا، ڪنيمو (Knemos) جسم ٺاهڻ وارو خدا. ايزيز (Isis) روح بخش واري ديوي، طوط (Thoth) عمر جي حد مقرر ڪرڻ وارو، هورس (Horus) ڏکڻ ۽ سورن کان ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو، حاثور (Hathor)، روزي بخشڻ وارو ۽ انهن سڀني کان مٿاهون آمن رع (Ammon Ra)، يعني سج ديوتا هو.
    مصرين ۾ اُلوهيت گاڏڙ شاهي تصور به پوريءَ طرح نشو و نما وٺي چڪو هو ۽ مصر جو بادشاهه، نيم خدا جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. ان جو لقب ”فارع“ ان ڪري ٿيو جو هو ”رع“ يعني سج جو اوتار سمجهيو ويندو هو!
    جڏهن حضرت موسيٰ چيو ته: ”مان الله جو رسول آهيان“ فرعون تعجب ڪندي چيو ته، ”ڪهڙي خدا جو؟“ ”آمن رع جو؟ جنهن جو ظهور مان آهيان. ايزيز ديويءَ جو ؟ جيڪا روح پيدا ڪرڻ واري آهي يا ڪنيمو ديوتا جو، جيڪو جسم ۽ خلقت ڏيڻ وارو آهي؟“ حضرت موسيٰ فرمايو: نه- الذي اعطيٰ کل شيءِ خلقھ ثم هديٰ. ”اسان جو پاليندڙ ته اهو اڪيلو پالڻهار آهي جنهن دنيا جي هر شيءِ کي جسم ۽ صورت سنوت ڏيئي، هر قسم جون ضروري قوتون بخشيون ۽ ان کي زندگي ۽ عمل جي واٽ ڏيکاريائين.“
    غور ڪريو ته فرعون جي سوال ۾، سندس عقيدن ۽ تصورن جا بيشمار پهلو لڪل آهن. جيڪڏهن حضرت موسيٰ جهڳڙي ۽ مناظري واري طريقي تي جواب ڏئي ها ته ان ۾ الجهڻ لاءِ هر ڳالهه موجود هئي پر حضرت موسيٰ ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه ڏانهن متوجهه نه ٿيو. فقط هڪڙي ڳالهه چيائين، سا به اهڙي جا فرعون جي سوال جو سڌو سنئون جواب هئي. ان جي سمورن تصورن کي، ڪوڙو چئي، دعويٰ ڪري، هڪ خاموش دليل پيش ڪيائون.
    فرعون جي سمورن تصورن کي ڪوڙو ڇو چيو ويو؟ ان ڪري ته حضرت موسيٰ ' چيو ته ”مان توهان جي انهن هٿرادو ٺهرايل معبودن جو قائل ناهيان، جن مان ڪنهن کي اوهان خلقت ڏيڻ وارا سمجهيو آهي، ڪنهن کي روح بخشڻ وارو، ڪنهن کي رزق ۽ تندرستي ڏيڻ وارو. مان ته ان اڪيلي هستيءَ جو پرستار آهيان، جيڪا جسم به ڏئي ٿي ته اهو سڀ ڪجهه به ڏئي ٿي، جيڪو جسم جي واڌ ويجهه ۽ زندهه رهڻ لاءِ ضروري هوندو آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به زندگيءَ جو رهنما نه آهي، تنهن ڪري اڳتي هلي انهيءَ اعتقاد جو تفصيل به بيان ڪري ڇڏيائون ته:
    الَّذِیۡ جَعَلَ لَکُمُ الۡاَرۡضَ مَہۡدًا وَّ سَلَکَ لَکُمۡ فِیۡہَا سُبُلًا وَّ اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً ؕ فَاَخۡرَجۡنَا بِہٖۤ اَزۡوَاجًا مِّنۡ نَّبَاتٍ شَتّٰی (طٰہٰ -53)
    ”اهو پالڻهار جنهن اوهان لاءِ زمين وڇاڻو بڻايو. اچ وڃ لاءِ ان ۾ رستا ڪڍيا. آسمان کان پاڻي وسايو ۽ ان جي آبپاشيءَ سان هر طرح جي وڻن ٽڻن جا جوڙا پيدا ڪيائين.“
    ان جملي جي معنيٰ ۽ مطلب تي غور ڪريو. ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه به آهي اهو ان کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟ يا ته وجود آهي يا وجود جون اُهي معنوي قوتون آهن، جيڪي ان کي قائم دائم رکي، بقا جي راهه تي هلائين ٿيون. انهن ٻنهي حقيقين کي هت خلقت ۽ هدايت سان تعبير ڪري ٻن لفظن ۾ وجود ۽ حيات جا سڀئي پهلو سمائي ڇڏيائين.
    ان کان پوءِ، فرعون ٻيو سوال به بحث ۽ تڪرار جي بنياد تي ڪيو:
    ” قَالَ فَمَا بَالُ الۡقُرُوۡنِ الۡاُوۡلٰی ﴿۵۱﴾ “
    جيڪڏهن حقيقت ائين آهي ته پوءِ پهرين جماعتن جو حال ڪهڙو آهي؟ اهي سچائيءَ جي واٽ تي هئا يا گمراهيءَ تي؟ انهن کي ته تنهنجي ان نئين عقيدي جي خبر به نه هئي؟
    هاڻي ڏسو! هتي وري به ساڳي حالت پيدا ٿي پئي آهي. جيڪڏهن اهو سوال امام فخر الدين رازي کان ڪيو وڃي ها ته ان بحث ۾ دليل ڏيندي صبح ڪري ڇڏي ها ۽ سمورو معاملو الجهي پوي ها پر حضرت موسيٰ داعي هو، بحث مباحثو ۽ مناظرو ڪندڙ نه هو. پاڻ رڳي هڪ ڳالهه چئي سموري بحث کي ختم ڪري ڇڏيائون: ”علمها عند ربي في ڪتاب“. ان جو علم الله کي آهي. اسان ڪجهه نٿا چئي سگهون ۽ اسان کي ان جو فڪر به ڇو هجي؟ اسان جي ڄاڻ لاءِ فقط ايترو ڪافي آهي ته، ”لا يضل ربي لا ينسي!“ الله سائين انسانن وانگر ناهي جو غلطي ڪري يا ڪا ڳالهه وساري ويهي. ان جو قانون هي آهي ته، جنهن انسان جا جهڙا عقيدا ۽ عمل هوندا، ٺيڪ انهن مطابق نتيجا ملندا. پوءِ پهرين جو جهڙو حال رهيو هوندو، نتيجو به اهڙو ئي ڀوڳيندا. اسان کي پنهنجو خيال رکڻو ۽ پيش ايندڙ ڳالهين جو علم رکڻو آهي. اسان اها ڪوشش ڇو ڪيون ته اڳين جو حال ڇا هو؟ اهي بخشيا ويندا يا نه؟!
    فرعون جو سوال بحث ۽ تڪرار وارو هو. ائين به هو ته بحث ۽ مباحثي وارو جواب ڏيئي سگهجي ها. خاموش رهي نه پيو سگهجي. ڪهڙو به جواب ڏجي ها ته اهو هڪ نئون سوال پيدا ڪري ها پر نبين سڳورن جي دعوت جو اهو طريقو ناهي جو بحث مباحثو ڪن. تنهن ڪري حضرت موسيٰ اهڙي معاملي ۾ پوڻ کان انڪار ڪندي چيو، ”اسين نٿا ڄاڻون ۽ اسان کي ان جو خواهشمند به نه هئڻ گهرجي ته اها ڳالهه ڄاڻون.“
    وري هن جملي تي غور ڪري ڏسو ته جيڪا ڳالهه چئي ويئي آهي سا، انسان جي فڪري گمراهين جا ڪيترا نه دروازا بند ڪري ڇڏي ٿي پر شرط هيءُ آهي ته ماڻهو ان کي سمجهن. مصيبت اها آهي ته ماڻهو هميشه ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪا فرعون جي سوال مان ظاهر ٿئي ٿي. هو حضرت موسيٰ جي جواب ۾ سمايل حقيقت کي پروڙي نه سگهيا. حضرت موسيٰ جي جواب اها عظيم حقيقت ٻڌائي ڇڏي ته جن ڳالهين جو اسان کي علم ناهي، تن جي جاچ جوچ ڪرڻ اسان لاءِ فائدي مند ناهي. ان جي ڳڻ ڳوت ۾ اسان کي پوڻ نه گهرجي ۽ انهن کي الله جي حوالي ڪري ڇڏڻ گهرجي. جيڪڏهن ماڻهو ان بنيادي حقيقت کان واقف ٿي وڃن، ته مذهب جا ڪيترائي گمراهه ڪندڙ فتنا پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندا.
    فرعون جي بحث ۽ تڪرار جي اصل بنياد تي غور ڪريو ۽ ڏسو ته مذهب جي نالي تي ڪيترائي تڪرار پيدا ڪيا ويا آهن جن مان هر هڪ تڪرار، ‘قَالَ فَمَا بَالُ الۡقُرُوۡنِ الۡاُوۡلٰی’ جي فرعوني صدا جو بلڪل پڙاڏو آهي: هن کان اڳ فلاڻو ٽولو ٿي گذريو آهي، اهو اهل حق مان هو يا اهل باطل مان؟ فلاڻو انسان جيڪو ٿي گذريو آهي سو نيڪ هو يا بد؟ فلاڻي بزرگ جي رتبو الله وٽ وڌيڪ آهي يا فلاڻي جو؟ افضل ڪير آهي؟ زيد يا عَمرو؟ ولايت ۽ طريقت ۾ سڀ کان وڏو ڪير آهي؟ فلاڻو يا فلاڻو؟ پوءِ ان تي ڇڪتاڻ ۽ بحث مباحثو آهي. تصنيفون آهن، ويڙهه آهي، فرقي بندي آهي، ڄڻ انسان جي ڇوٽڪاري لاءِ رڳو اهو فڪر ڪافي ناهي ته، ”ان کي پاڻ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“ شايد هن کي ان فيصلي لاءِ به ذميوار بڻايو ويو آهي ته اڄ کان پنج سؤ سال پهرين، ڪنهن ڇا ڪيو؟ ۽ هڪ هزار سال اڳ، ڪير ڪهڙو هو؟ وري انهن مان هر ڌر، ائين فيصلو ڏئي ٿي جو ڄڻ ته اها الله جي دفتر جو رجسٽر هينئر پڙهي اٿي آهي ۽ کيس پڪو علم حاصل ٿي ويو آهي ته، ‘فلاڻي جو نالو فلاڻي درجي ۾ لکيل آهي ۽ فلاڻي جو فلاڻي درجي ۾!’
    پنجاهه سال ٿيندا، شام ۾ مسلمانن جي هڪ گروهه ٻئي گروهه جي گهرن کي رڳو هن ڪري باهه ڏني هئي جو، هڪ جي خيال ۾ ‘حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليه سڀ کان وڏو ولي آهي’ ۽ ٻئي جو چوڻ هو ته، ‘نه شيخ احمد رفاعي.’ هندستان جو حال هي آهي، جو اڄ تائين مون وٽ نهايت سنجيده لکڻين ۾ خط ايندا رهن ٿا. ”زيد چوي ٿو ته وڏي پير صاحب کان مٿي ڪو به ناهي. عمرو چوي ٿو ته حضرت مجدد الف ثاني کان مٿي ڪو به ناهي. نماز ڪنهن جي پٺيان جائز آهي؟“
    هڪ ڀيري دل ۾ خيال آيو ته لکي ڇڏيان ته، ”ٻنهي جي پٺيان نه!“
    جڏهن چار ئي فقهي مذهب ترتيب ڏنا ويا ۽ اُهي ڪافي مشهور به ٿي ويا ته انهن جي بنياد تي شخصي تقليد جو سبب پيدا ٿي پيو. تنهن وقت سوال پيدا ٿيو ته، انهن چئني امامن ۾ افضل ڪير آهي؟ حضرت امام ابوحنيفه يا امام شافعي؟ هاڻي بحث شروع ٿيو ۽ ان بحث جنگ جهيڙي ۽ رتوڇاڻ جي صورت اختيار ڪئي. هلاڪو خان کي اسلامي ملڪن تي حملي ڪرڻ جي همت خراسانين جي ان جهيڙي کان ٿي. حنفين شافعين جي ضد ۾ اچي پيغام موڪلي ڦاٽڪ کولي ڇڏيو. پوءِ جڏهن تاتارين جي تلوار هلي، ته ان نه شافعي کي ڇڏيو، نه حنفيءَ کي.
    ‘فَجَاسُوۡا خِلٰلَ الدِّیَارِ ؕ وَ کَانَ وَعۡدًا مَّفۡعُوۡلًا’ (بني اسرائيل-5)
    ]پوءِ هو اوهان جي آبادين ۾ ڪاهي پيا ۽ الله جو وعدو ته ان ڪري هو ته پورو ٿئي.[
    شيعن ۽ سنين جي اختلاف، مسلمانن کي ٻن مختلف اُمتن ۾ ورهائي ڇڏيو. ڏسجي ته ان سموري اختلاف جو بنياد به ڪهڙو آهي؟ اهو ئي ‘فَمَا بَالُ الۡقُرُوۡنِ الۡاُوۡلٰی’. تيرهن سؤ سال گذري ويا پر ايتري ڳالهه ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آئي جو چئي ڏين ته ‘قَالَ عِلۡمُہَا عِنۡدَ رَبِّیۡ فِیۡ کِتٰبٍ ۚ لَا یَضِلُّ رَبِّیۡ وَ لَا یَنۡسَی ﴿۫۵۲﴾’
    بهرحال ياد رکڻ گهرجي ته ان قسم جي سڀني ڪوششن جي اندر، ساڳيو فرعون وارو بحث ۽ تڪرار جو روح ڪم ڪري رهيو آهي. موسوي طريقو هيءُ آهي ته، ‘علمها عند ربي في ڪتاب’ چئي، سموري جهيڙي جهڳڙي کي ختم ڪرڻ ۽ منڍان ئي ان بحث ۾ نه پوڻ گهرجي.
    قرآن ۽ پيغمبر صلي الله عليه وسلم، جن معاملن جي اسان کي ڄاڻ ڏني آهي، انهن جو اسان کي علم حاصل ٿي ويو آهي. اسان جو فرض آهي ته انهن ڳالهين جو اهڙيءَ طرح يقين ڪريون، جيئن ٻڌايو ويو آهي. ان کان وڌيڪ جيڪو سوال ديني عقيدن جي بنياد تي ڪيو ويندو، اسان جو جواب اهو ئي هوندو: ‘علمها عند ربي في کتاب لا رضل ربي ولا ينسيٰ’. الله تعاليٰ پنهنجي دفتر جا نقل اسان ڏانهن نه موڪليا آهن ۽ نه وري اسان کي ماڻهن جي ڀاڳن ۽ فضيلت جا درجا مقرر ڪرڻ جي ٺيڪيداري ڏني اٿس. اسان کي خبر ناهي ته حقيقت ڇا آهي؟ البت خوش قسمتيءَ سان معاملو اهڙي حساب رکندڙ جي هٿ ۾ آهي جيڪو نه غلطي ڪري ٿو ۽ نه ڀلجي ٿو. ان ڪري ٻين جي فڪر ۾ اوهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. پنهنجو خيال رکو. انهن جو معاملو الله ڄاڻڻ واري تي ڇڏي ڏيو.

    [تفسير ‘ترجمان القرآن’ تان ورتل]


    جنين ڏاندنه ٻج، تنين تنهنجو آسرو

    بسم الله الرحمان الرحيم
    وَ اللّٰہُ فَضَّلَ بَعۡضَکُمۡ عَلٰی بَعۡضٍ فِی الرِّزۡقِ ۚ فَمَا الَّذِیۡنَ فُضِّلُوۡا بِرَآدِّیۡ رِزۡقِہِمۡ عَلٰی مَا مَلَکَتۡ اَیۡمَانُہُمۡ فَہُمۡ فِیۡہِ سَوَآءٌ ؕ اَفَبِنِعۡمَۃِ اللّٰہِ یَجۡحَدُوۡنَ. (النحل:71)

    ”۽ (ڏسو) الله اوهان مان هڪڙن کي ٻين کان روزيءَ جي اعتبار کان برتري ڏني آهي (ته ڪو وڌيڪ ڪمائي ٿو ۽ ڪو گهٽ) پوءِ ائين ڇو نٿو ٿئي ته جن کي وڌيڪ روزي ڏني ويئي آهي، اهي پنهنجي روزي پنهنجن زيردستن کي موٽائي ڏين، حالانڪه سڀئي ان ۾ برابر جا حقدار آهن. پوءِ ڇا اهي ماڻهو الله جي نعمتن کان منڪر ٿي رهيا آهن؟“
    دنيا ۾ انساني گذران جو ڪارخانو اهڙي طرح هلي رهيو آهي، جو هر قسم جي نفعي جي ذريعن جا دروازا هر انساني گروهه لاءِ کوليا ويا آهن پر ڪا به شيءِ ڪنهن کي گهر ويٺي نٿي ملي. ملندي ان کي، جيڪو ان جي ڪوشش ڪندو، هٿ پير هڻندو ۽ اهي سڀئي طريقا استعمال ڪندو جيڪي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري هوندا آهن.
    پر هر انسان جي ذهني ۽ جسماني لياقت ۽ قوت هڪ جهڙي نٿي ٿئي. جيئن ته اها قابليت هڪ جهڙي نٿي ٿئي تنهن ڪري روزگار جي ذريعن جي حصول جي لحاظ کان سڀ برابر نه هوندا آهن. ڪنهن گذران جي ذريعن تي وڌيڪ قبضو ڪري ورتو ۽ ڪنهن گهٽ. ڪنهن کي ڪمائڻ جا گهڻا موقعا حاصل ٿيا ۽ ڪنهن کي گهٽ. پهريون جسماني قوتن ۾ مقابلو ٿيو ۽ طاقتور ڪمزور مٿان غالب پئجي ويو. پوءِ ذهن ۽ جسم جو مقابلو ٿيو ۽ ذهني قابليت جسماني قوت تي قابو پائي ورتو.
    اها آيت قرآن جي انهن آيتن مان آهي، جنهن مان اسان معلوم ڪري سگهون ٿا ته ان باري ۾ قرآن جي تعليم جو رخ ڪهڙي طرف آهي. ان مان معلوم ٿيو ته قرآن ان ڳالهه تي اعتراض نٿو ڪري ته گذران جي لحاظ کان سمورن انسانن جي حالت هڪ جهڙي ناهي. ڪنهن وٽ کاڌ خوراڪ جو سامان وڌيڪ ۽ ڪنهن وٽ گهٽ آهي. پر اهو هِن ڳالهه کي برداشت نٿو ڪري ته روزي ڪمائڻ جي لحاظ کان سمورن ماڻهن جي حالت برابر نه هجي. ڪنهن کي ملي ۽ ڪنهن کي نه ملي. هو چوي ٿو ته هر انسان جيڪو پيدا ٿيو آهي، دنيا جي سامان ۽ رزق مان حصي وٺڻ جو هڪ جهڙو حقدار آهي. ڪنهن به ماڻهو ۽ گروهه کي اهو حق حاصل ناهي ته هن کي ان حق کان محروم ڪري. چاهي اهو طاقتور هجي يا ڪمزور، تندرست هجي يا بيمار، قابل هجي يا ناقابل ۽ دولتمند جي گهر پيدا ٿيو هجي يا فقير جي. جيڪڏهن انسان آهي ته ماءُ جي پيٽان اهو حق وٺي آيو آهي ته جيئرو رهي ۽ زندگيءَ لاءِ کاڌ خوراڪ حاصل ڪري.
    هر ماڻهو زندگي جو گذارو ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو؟ جيڪو ڪمزور آهي يا اهڙين حالتن ۾ وڪوڙيل آهي جو ڪمائڻ جو وجهه حاصل ڪري نٿو سگهي يا معذور ۽ لاچار ٿي پيو آهي، پوءِ اهو ڪمائيءَ جو ذريعو ڪٿان حاصل ڪندو؟ قرآن چوي ٿو ته هن طرح ته جن ماڻهن کي ڪمائڻ جو وڌيڪ موقعو مليو آهي، انهن جي ذمي خرچ ڪرڻ جو فرض به وڌيڪ آهي. اهي پنهنجي ڪمائيءَ مان هڪ حصو ڪمزورن کي ”موٽائي ڏين“ ڇاڪاڻ ته حقيقت ۾ ڪمائي جو اهو وڌيڪ حصو انهن ماڻهن جو هو، جيڪي ڪمزور هجڻ ڪري حاصل نه ڪري سگهيا ۽ هاڻي اها ڪمائي طاقتور وٽ هلي ويئي آهي. تنهن ڪري اها حقدارن کي موٽائي ڏني وڃي يعني جيڪو انهن جو حق آهي انهن کي ملي ويندو. قرآن چوي ٿو ته اها ڳالهه اوهان کي ان جو حقدار نٿي بڻائي ته اوهان کي روزي ڪمائڻ جا وڌيڪ موقعا ملي ويا آهن، تنهن ڪري سموري ڪمائي پنهنجي انفرادي زندگيءَ لاءِ رکي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ آمدنيءَ جا ذريعا ڪنهن خاص انسان جي ملڪيت نٿا ٿي سگهن. هت جيڪو ڪجهه آهي سڀني انسانن لاءِ آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ وڌيڪ ڪمايو آهي ته ڪمائي سگهي ٿو، پر ائين نٿو ٿي سگهي جو سموري ڪمائي هن جي ٿي وڃي. جيڪي ڪجهه هن ڪمايو آهي، اهو اصل ۾ انسان ذات جي امانت هو ۽ هاڻي هن جي قبضي ۾ آهي. اهو ان تي قابض رهي سگهي ٿو پر پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري نٿو سگهي. ان جو فرض آهي ته پاڻ به کائي ۽ ڪمزورن کي به کارائي جيڪي روز ي ڪمائڻ کان محروم رهجي ويا آهن.
    حقيقت ۾ قرآن جي ان تعليم ۾ هي بنيادي اصول رکيل آهي ته هو انسان ذات جي مختلف فردن ۽ جماعتن کي هڪ ٻئي کان جدا نٿو سمجهي بلڪه سڀني کي هڪڙي ئي گهر جا ڀاتي سمجهي ٿو. اهڙا ڀاتي جي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل هجن، هڪ ٻئي جي حال کان واقف هجن ۽ هڪ ٻئي سان تعاون ڪندڙ هجن. بيشڪ، اهڙي ڪٽنب جو هر ڀاتي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، پنهنجي پنهنجي لياقت مطابق ڪمائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ٿئي ٿو. تنهن ڪري ڪو وڌيڪ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ ڪو گهٽ، پر ائين ٿي نٿو سگهي ته هڪ ڀاتي، ٻي ڀاتيءَ جي حالت کان لاپرواهه ٿي وڃي. جيڪو وڌيڪ ڪمائي ٿو اهو ٻئي کي کڻي نه ڏيندو، پر ائين به نٿو ڪري سگهي ته ٻي جي بيوسي برداشت ڪري ۽ ان لاءِ پاڻ کي ذميوار نه سمجهي. جيڪو وڌيڪ ڪمائي ٿو، ان وٽ آمدني به وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ جيڪو گهٽ ڪمائي ٿو، ان وقت آمدني به گهٽ ٿئي ٿي پر کائين سڀئي ٿا. بکيو ڪو به نٿو رهي سگهي. ڪمائڻ ۾ سڀ جدا جدا جدوجهد ڪندا، کائڻ ۾ سڀ شريڪ ٿيندا.
    دنيا ۾ نسل ۽ ورثي جي ويجهن رشتن خاندانن جو بنياد وڌو. خاندانن جي اها زندگي بلڪل ان زندگيءَ جو نمونو آهي، جيڪا قرآن چاهي ٿو ته سمورن انسانن جي ٿي وڃي. هڪ ڪٽنب ۾ مختلف فرد ٿين ٿا، پر سڀني جي ڪم ڪار جي لياقت هڪ جهڙي نٿي ٿئي. ڪو گهڻو ڪمائي ٿو ۽ ڪو گهٽ. ڪو اهڙو به هوندو آهي، جو ڪجهه به نٿو ڪمائي يا ڪجهه نٿو ڪمائي سگهي. جيڪو وڌيڪ ڪمائي ٿو. اهو پنهنجي ڪمائي پاڻ وٽ رکي ٿو. ائين نٿو ڪري جو ٻئي کي کڻي ڏي پر مٽي مائٽيءَ ۾ مدد ۽ سار سنڀال جو جيڪو فرض ٿئي ٿو تنهن کي خاندان جو ڪو به ڀاتي نظر انداز نٿو ڪري سگهي. ائين نٿو ٿي سگهي ته خاندان جو هڪ ماڻهو عيش عشرت جي زندگي بسر ڪري ۽ ٻين کي لنگهڻ جي حالت ۾ مرڻ لاءِ ڇڏي ڏي.
    ڪمائڻ ۾ سڀني جون واٽون عليحده ۽ سڀني کي پيش ايندڙ نتيجا به جدا ٿين ٿا پر کائڻ ۾ سڀ هڪ ٻئي سان شريڪ ٿين ٿا. هڪ ٻئي جي فڪر کان لاپرواهه نٿا ٿي سگهن. جيڪڏهن خاندان جو هڪ ماڻهو وڌيڪ ڪمائي ٿو ته سمجهي ٿو ته خرچ ڪرڻ جي ذميواري به هن تي وڌيڪ ٿئي ٿي. ٻيا ڀاتي به چاهين ٿا ته هي وڌيڪ ڪمائي ٿو، تنهن ڪري هن کي اسان جو خيال وڌيڪ رکڻ گهرجي.
    ائين به ٿئي ٿو ته هڪ خاندان ۾ ڪيترائي ڀاتي ٿين ٿا پر هڪ ٻئي جي سنڀال جو فرض وساري ويهن ٿا. هڪ ڀاءُ لک ڪمائي ٿو ۽ ٻيو بک مري ٿو. دنيا اهڙي ماڻهوءَ کي ملامت ڪندي. ماڻهو چوندا ته اهو خاندان جو ننگ ۽ ناموس آهي. هن اها ڳالهه ڪيئن برداشت ڪئي ته پاڻ سُکي زندگي گذاري ۽ سندس ڀاءُ هڪ گرهه لاءِ ويٺو سِڪي.
    قرآن چوي ٿو ته اهڙو اعتقاد انسان ذات ۾ به پيدا ٿئي. هو چوي ٿو ته سڀئي انسان دراصل هڪ ڪٽنب جا ڀاتي آهن. انسانيت انهن جو نسل ۽ زمين سندن وطن آهي. تنهن ڪري ان جو هر فرد اهو حق رکي ٿو ته پنهنجي پنهنجي حالت ۽ لياقت مطابق آمدنيءَ جا ذريعا حاصل ڪري پر هن کي اهو حق ناهي ته پنهنجي ڪمائي صرف پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ۽ پنهنجي ڪمزور ڀاءُ لاءِ ڪجهه نه ڪڍي. ڪمائين سڀئي عليحده ۽ قبضي ۾ به سڀ جدا هوندا پر کائڻ ۾ عليحده نٿا رهي سگهن. خدا جي هن عالمگير ڪٽنب جي هر ڀاتيءَ جو قدرتي حق آهي ته هو ڪمائي سگهي يا نه، پر هن کي جيئرو رهڻ جو سامان ملڻ گهرجي.
    هو چوي ٿو ته ڪمائڻ جي حق جو دامن انفاق (اهل عيال لاءِ مال خرچ ڪرڻ) سان ٻڌل آهي ۽ ٻئي لازم ملزوم آهن. توهان انهن کي هڪ ٻئي کان جدا نٿا ڪري سگهو. هت ڪمائڻ جي معنيٰ ئي آهي خرچ ڪرڻ جي جوابداري کڻڻ. جيڪڏهن توهان نٿا ڪمائي سگهو ته توهان تي خرچ ڪرڻ جي ذميواري ناهي. جيئن توهان ڪمائڻ لڳندؤ ته خرچ ڪرڻ جي ذميواري لاڳو ٿي ويندي. هاڻي جيتري ڪمائي وڌندي، انفاق جي ذميواري به اوتري ئي وڌندي. اهي ڏوڪڙ جيڪي توهان جي کيسي ۾ ايندا، انفاق جي هڪ نئين ذميواري پاڻ سان کنيو ايندو. توهان جي ڪمائڻ تي ڪا به پابندي ناهي، جيترو ڪمائي سگهو ٿا ڪمايو، بلڪه گهرجي ته وڌ کان وڌ ڪمايو، پر اهو نه وساريو ته وڌ کان وڌ ڪمائڻ جو مطلب زياده کان زياده خرچ ڪرڻ آهي.
    قرآن چوي ٿو ته ماڻهن جا هٿ ڪمائڻ لاءِ آهن، پر گروهه جو حق خرچ ڪرائڻ جو آهي. ماڻهو جيترو ڪمائي سگهي ٿو اوترو ڪمائي، پر جمع ڪرڻ لاءِ نه، خرچ ڪرڻ لاءِ. اهو ئي سبب آهي جو قرآن مال جمع ڪرڻ کان روڪي ٿو، يعني سون ۽ چاندي جو ڍير لڳائڻ؛ جنهن لاءِ دردناڪ عذاب جي خبر ڏني ويئي آهي.
    وَ الَّذِیۡنَ یَکۡنِزُوۡنَ الذَّہَبَ وَ الۡفِضَّۃَ وَ لَا یُنۡفِقُوۡنَہَا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ۙ فَبَشِّرۡہُمۡ بِعَذَابٍ اَلِیۡمٍ.
    (التوبھ:34)
    ”۽ جيڪي ماڻهو چاندي ۽ سون پنهنجن خزانن ۾ گڏ ڪندا آهن ۽ الله جي واٽ ۾ خرچ نه ڪندا آهن، ته اهڙن ماڻهن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ.“
    ان سموري تفصيل مان معلوم ٿيو ته جيستائين معاشي نظام جو تعلق آهي، قرآن اڪتساب مال (روزي تلاش ڪرڻ) جو معاملو، انفاق مال سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. هو ماڻهوءَ جي حق اڪتساب تي اعتراض نٿو ڪري، پر ان کي انفاق جي ذميواري سان ڳنڍي ڇڏي ٿو. جيترو ڪمائي سگهو ٿا، ڪمايو، پر ڪا به ڪمائي جائز نه سمجهي ويندي، جيڪڏهن انفاق کان انڪار ڪيو ٿا. هر اها ڪمائي جيڪا صرف مال جمع ڪرڻ لاءِ هوندي ۽ انفاق جو دروازو کليل نه رکندي، قرآن جي نظر ۾ ناجائز، ناپاڪ ۽ عذاب جو ڪارڻ آهي.
    وَ اللّٰہُ فَضَّلَ بَعۡضَکُمۡ عَلٰی بَعۡضٍ فِی الرِّزۡقِ ۚ (النحل-71)
    رزق جي وسيلن جي لحاظ کان سڀني جي حالت هڪ جهڙي ناهي. ڪنهن وٽ وڌيڪ آهي، ڪنهن وٽ گهٽ ۽ ڪو بلڪل محروم رهجي ويو آهي.
    فَمَا الَّذِیۡنَ فُضِّلُوۡا بِرَآدِّیۡ رِزۡقِہِمۡ عَلٰی مَا مَلَکَتۡ اَیۡمَانُہُمۡ (النحل-71)
    ”پر جن کي رزق ۾ وڌايو ويو آهي، اهي ائين ڪرڻ وارا ناهن، جو پنهنجو ڪمايل رزق غلامن ۽ زيردستن کي ڏين. فهم فيه سواءَ. حالانڪه جيڪو رزق انهن ڪمايو آهي، انهن جو پيدا ڪيل ڪو نه آهي، الله جو ڏنل آهي. تنهن ڪري رزق جو حقدار هجڻ ۾ سڀئي برابر آهن. توڻي ڪو زبردست بڻجي محروم ٿي ويو هجي، توڻي ڪو زبردست بڻجي خوشحال ٿي ويو هجي.
    اَفَبِنِعۡمَۃِ اللّٰہِ یَجۡحَدُوۡنَ؟(النحل-71) “
    پوءِ ڇا اهي الله جي نعمت جا منڪر آهن؟ ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ جيتري قدر به معيشت جو سامان موجود آهي، اهو اصل ۾ فطرت جي پيداوار آهي ۽ ڪنهن انساني فرد جو پيدا ڪيل ناهي. جيڪڏهن هڪ ماڻهوءَ جي قبضي ۾ اچي ويو آهي ته اهو الله جو فضل آهي، تنهن ڪري هن کي شڪرگذار ٿيڻ گهرجي ۽ نه اهو ته ان نعمت کان انڪار ڪري. اها شڪر گذاري ڇا آهي؟ انهن ماڻهن تي خرچ ڪرڻ جيڪي رزق حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي ويا آهن.
    هن آيت مان ٻه ڳالهيون معلوم ٿيون. هڪ اها ته ڪمائڻ جا ذريعا سڀني وٽ هڪ جهڙا ناهن ۽ اهو فرق قدرتي آهي. تنهن ڪري ان کي الله تعاليٰ پاڻ ڏانهن منسوب ڪيو. ٻيو هي ته رزق جي حقدار هجڻ ۾ سڀئي برابر آهن. توڻي ڪو آقا هجي يا محڪوم، ڪو طاقتور هجي يا ڪو ڪمزور. جيئن ته اهي ٻئي ڳالهيون هن سوال تي روشني وجهن ٿيون ته معاشي نظام متعلق قرآن جو رخ ڪهڙي طرف آهي، تنهن ڪري ضروري هو ته اهڙي تشريح ڪئي وڃي.
    ان آيت ۾ ”فهم فيھ سواءُ“ جو مطلب بيان ڪندي ڪن مفسرن ان کي عدم تساوي (يعني پاڻ ۾ برابر نه هئڻ) حال تي گمان ڪيو آهي ۽ عبارت هن طرح قرار ڏني آهي ته اَفهم فيه سواءُ؟ ڪن ‘فهُم’ جي ‘وفاءَ’ کي ‘حتيٰ ڪه’ جي معنيٰ ڪري ورتو آهي، پر جملي جو چٽو مطلب اهو ئي آهي، جيڪو مون قرار ڏنو آهي، يعني اها پاڻ ۾ برابر هجڻ جي خبر آهي ۽ نه ان جو انڪار. جڏهن مطلب پورو بيهي ٿو ته پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو جڳهه کان هٽڻ لاءِ بي قرار آهي.

    (تفسير ترجمان القرآن تان ترجمو ڪيل)


    مذهب جي نالي تي دڪانداري

    مذهب جي دڪاندارن جاهليت، تقليد، تعصب ۽ نفس پرستيءَ جو نالو مذهب رکيو آهي. روشن خيال ۽ جديد تحقيق جي عقل فروشن الحاد ۽ ڇڙواڳيءَ کي حڪمت ۽ اجتهاد جي فريبي لباس سان سنواريو آهي. نه مدرسي ۾ علم آهي، نه مسجد جي محراب ۾ اخلاص ۽ نه ئي ميخاني ۾ رند بي ريا! سچائي ۽ پاڪبازيءَ جا پوئلڳ انهن سڀني کان جدا آهن، هو سڀني کان پناهه گُهرن ٿا ۽ انهن جو رستو ئي ٻيو آهي.
    اسان جو عقيدو آهي ته دنيا جي سڀني مذهبن ۽ قومن جي بانين ڪڏهن به شرڪ ۽ انسان پرستيءَ جي تعليم نه ڏني آهي. دنيا ۾ پراڻي کان پراڻي ڳالهه صرف سچائي ۽ خدا پرستي آهي پر مذهب جي مڃڻ وارن شرڪ ۽ بت پرستيءَ جو رستو اختيار ڪري پنهنجين سڀني غليظ سوچن کي انهن ڏانهن منسوب ڪيو. جڏهن ته نبين سڳورن جي صاف ۽ کرين ڳالهين کي ڇا مان ڇا بڻايو ويو. جڏهن امت جي اصلاح ڪرڻ وارا اصل حقيقت کان پري آهن ۽ انهن تي ٻين جو رنگ چڙهي ويو آهي ته پوءِ فتني فساد کان ڪيئن بچي سگهن ٿا؟ دڪانداري چمڪائڻ لاءِ ڪيترن جو معاملو دعاوي شطحيات (سڀ ڪجهه پاڻ کي سمجهڻ جي دعويٰ ڪرڻ)تائين پهچي ويو ۽ اعلان ڪيائون ته وکلام السکاريٰ يحمل ويصرف عن الظاهر (يعني مستن جي ظاهر تي نه هلجي پر ان جي باطني مراد وٺجي) جو ڌنڌو اختيار ڪيو. ڪنهن چيو: لوائي ارفع من لواءِ محمد صلي الله عليه وسلم (يعني نبي محمد ﷺ کان منهنجو جهنڊو اعليٰ ۽ اوچو آهي) ۽ سبحاني سبحاني ما اعظم شاني. (منهنجي ذات پاڪ آهي، منهنجي ذات پاڪ آهي، ڏسو! ڪيڏو نه وڏو منهنجو مرتبو ۽ شان آهي!) ڪنهن صدا هنئي
    ”ليس في جيبي الاالله“
    (الله کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ منهنجي دل ۾ نه آهي)
    هي به چيو ويو ته:
    جئنا بحراً وقف الانبياءَ عليٰ ساحله
    (اسان ته درياهه ٽپي پار ٿي وياسين جڏهن ته انبياءِ سڳورا به ڪناري تي رهجي ويا)
    ۽ هي به مشهور آهي ته: قدمي هذا عليٰ رقبه کل ولي الله (الله پاڪ جي هر وليءَ جي ڪنڌ تي مٿان، منهنجو پير آهي) وغيره..... ڇاڪاڻ ته ڪنهن غير معصوم جو قابل احترام هجڻ ۽ اتباع لاءِ لازمي نه آهي ته ان جو هر قول ۽ چوڻي حجت هجي ۽ نه ڪنهن غير معصوم جي قول ۽ اجتهاد جو غلط هجڻ اها معنيٰ رکي ٿو ته قولن ۽ عملن جي سڀني خوبين کي نظرانداز ڪيو وڃي. قرآن حڪيم ۾ سچن مومنن جو جيڪو شان ٻڌايو ويو آهي، اهو انهن جي گهرڻ واري دعا مان ظاهر آهي.
    وَ لَا تَجۡعَلۡ فِیۡ قُلُوۡبِنَا غِلًّا لِّلَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا (الحشر-10).
    جڏهن عام مومن لاءِ اهو حڪم آهي ته علم ۽ فضيلت جي صاحبن لاءِ ڪينو رکڻ ڪيئن جائز ٿي سگهي ٿو.
    مگر حق ۽ يقين جو اصل بنياد ڪتاب ۽ سنت آهي. اهو بنياد پنهنجي جڳهه تان هٽي نٿو سگهي. ٻين سڀني کي پنهنجي جاءِ ڇڏڻي پوندي. ان در کي ڪنهن ٻئي جي خاطر ڇڏي نٿو سگهجي. ٻين سڀني جا در ڇڏڻا پوندا.
    لايؤمن احدکم حتي اکون احب اليه من والده و لده والناس اجمعين.
    (الحديث)
    سرڪشي ڪرڻ وارن جي غلطي اها آهي ته اهي پنهنجن غير معصوم پيشوائن جي چوڻين ۽ قولن کي اصل بنياد ۽ انهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ناجائز سمجهندا آهن. وري چاهين ٿا ته وحي الاهي ۽ صاحب وحي کي پنهنجي اصلي مقصد کان هٽائي، پنهنجن هٿرادو ٺاهيل خيالن جهڙو ثابت ڪن ۽ جي ٿي سگهي ته زوري به ڪن. ظلم اهو جو ان عمل کي هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جو طريقو چون ٿا. جيڪڏهن اها هڪ جهڙائي يا مطابقت ڪرڻ آهي ته پوءِ ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي ته دنيا ۾ نه تحريف جو وجود باقي رهي ٿو ۽ نه ڪڏهن اهل ڪتاب تحريف ڪئي.
    افسوس! ارادي تحت انهن ڪوڙن عقيدن مسلمانن کي جيڏو نقصان پهچايو آهي، ڪنهن به شيءِ نه پهچايو آهي. نيڪ عملن جي اهميت ويندي رهي! سڄو نظام چند هٿرادو عقيدن تي هلي رهيو آهي. ڪو شخص صرف ان غرور ۾ آهي ته هو الف کان بي تائين نفساني عقيدن جو گهر آهي. ٻين سڀني مسلمانن کي گهٽ ۽ گمراهه سمجهي ٿو. الله سان محبت ۽ نيڪ عمل ڪا به شيءِ ناهن! ڪو شخص تقويٰ ۽ پاڪبازيءَ ۾ ڪيترو ئي نيڪ هجي پر ڪنهن هڪ ننڍڙي عقيدي ۾ ڀليل آهي ته ان جي ساري عمر جي نيڪي ۽ ڀلائي بيڪار ويئي ۽ سموري عمر جي نيڪ عملن ۽ ايمان جي باوجود انهن جي نظر ۾ ڪافر جو ڪافر ئي رهيو! جنهن ڪلمي جي هڪ دفعو پڙهڻ سان ابو سفيان جهڙو اسلام دشمن ۽ حضرت حمزه جو قاتل بخشجي وڃي ٿو، جيڪڏهن ابوجهل به اقرار ڪري ها ته ان جي سموري زندگي جي ناشڪري ۽ سرڪشي معاف ٿي وڃي ها. اڄ اوهين سڄي زندگي ايمان ۽ نيڪ عمل تي بسر ڪري ڇڏيو، پوءِ به مؤمنن جي گروهه ۾ شامل ٿيڻ جو اوهان کي حق ناهي!
    افسوس! 13 سؤ سال گذري ويا پر ڪفر ۽ ايمان جو مسئلو اڄ تائين حل ٿي نه سگهيو. نانگ ۽ وڇون هڪڙي سوراخ ۾ گڏ ويهي سگهن ٿا پر دنيا پرست عالم هڪ جاءِ تي گڏ نٿا ٿي سگهن. ڪتن جي لوڌ هونئن ته خاموش هوندي پر هيڏانهن ڪاسائي هڏو اڇليو ناهي ۽ هوڏانهن انهن جا چنبا تيز ۽ ڏند زهر آلوده ٿيا ناهن. اهو ئي حال انهن دنيا جي پوڄاري ڪتن جو آهي جيڪي سمورين ڳالهين ۾ ته متفق ٿي سگهن ٿا، پر جتي دنيا پرستي جو هڏو ڌپو هڻي رهيو هجي اتي پهچي پنهنجي ڏندن ۽ چنبن تي وس نٿا رکي سگهن. انهن جو سرمايو حقيقي علم ناهي، جيڪو فرقي بازي کي ختم ڪري ۽ مختلف طريقن جي پيروي ڪرڻ بجاءِ هڪ ئي صراط مستقيم تي هلائي. سندن علم جنگ ۽ جدال وارو آهي. نفس پرستي انهن جي بڇڙاين کي اوٻر ڏئي ٿي ۽ دنيا پرستي جي باهه انهن جي ناپاڪيءَ جي بخارن کي اڃا به وڌيڪ اڀاري ٿي. گنهگار ۽ بدڪردار شراب خاني ۾ ڀائرن وانگر هڪ ٻئي جي خيريت معلوم ڪندا آهن، چور ۽ ڌاڙيل گڏجي ڌاڙا هڻندا آهن پر هي ٽولو خدا جي گهر (مسجد) ۾ متحد ٿي نٿو سگهي ۽ هميشه وحشين وانگر هڪ ٻئي کي ڦاڙيندڙ جانورن وانگر چيريندا ڦاڙيندا ۽ چنبا هڻندا رهن ٿا. شراب خاني ۾ پيار جا ترانا ۽ محبت جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون پر مسجدن جي محرابن ۾ اسان کي اڳواڻي واسطي انهن مان هرهٿ ٻئي جي گريبان کي پڪڙيندي نظر اچي ٿو ۽ خونخوار اک ٻئي ڀاءُ جي خون جي تاڙ ۾ آهي. حضرت مسيح عليه السلام احبار يهود لاءِ فرمايو هو ته
    ”اوهان دائود جي گهر کي ڌاڙيلن جو ڀَٽُ بڻايو آهي.”ڌاڙيلن جي ڀَٽُ جي ته خبر ناهي پر مسجدن جي اڱڻن ۾ بگهڙن کي هڪٻئي تي گُرڪندي ۽ خونخوار ڏند ڪرٽيندي ڏسون ٿا.“
    مرض کان ڇوٽڪارو دوا سان ٿيندو آهي، نه مرض کي پيدا ڪرڻ سان. جيڪڏهن دنيا جو اصل مرض يقين ۽ سچي خيال کان محرومي آهي ته پوءِ شڪ ۽ گمان کي ختم ڪرڻ جو علاج اهي ڪيئن ٿا ڪري سگهن جن جو پنهنجي فڪر ۽ سوچ جي حد جو آخري نعرو هي آهي ته ”لا ادري ولااعلم.“ اسين نٿا ڄاڻون ۽ نه ڪجهه چئي سگهون ٿا ته ڇا آهي ۽ ڪنهن لاءِ آهي.) ”اهي پنهنجي خيال جي ذريعي جاهليت کان وڌيڪ نٿا ٻڌائي سگهن. انهن جي علاج جي شفا وارو نسخو ته وحي کان ملي سگهي ٿو جيڪو گمان جي جاءِ تي يقين، انڌيري جي جاءِ تي نور، بي علميءَ جي جاءِ تي علم ۽ بصيرت، بدگماني ۽ انومان جي جاءِ تي حجت، ”لااعلم“ جي جاءِ تي ”اني اعلم“ ۽ ”اني عَليٰ بينَته من رَبي ۽ اِني اُشهد“ بلڪه ”دريت و سمعت“ جي دعويٰ ۽ اعلان ڪري رهيو آهي. سڀني انسانن کي هي چئي سڏ رهيو آهي
    ”ہٰذِہٖ سَبِیۡلِیۡۤ اَدۡعُوۡۤا اِلَی اللّٰہِ ۟ؔ عَلٰی بَصِیۡرَۃٍ اَنَا وَ مَنِ اتَّبَعَنِیۡ“ (يوسف-108)
    ۽ سڀني هٺ ڌرمن کان وري وري گهر ڪري ٿو ته،
    ہَلۡ عِنۡدَکُمۡ مِّنۡ عِلۡمٍ فَتُخۡرِجُوۡہُ لَنَا (الانعام-148)
    يعني هي علم ۽ يقين ۽ خروج من الظلمات والجهل اليٰ نور المعرفھ والحقيقت جو رستو آهي، جنهن جي آءٌ اوهان کي دعوت ڏيئي رهيو آهيان. پوءِ اوهان وٽ به ڪو علم ۽ يقين آهي جنهن کي دنيا اڳيان پيش ڪري سگهو؟
    ہَلۡ یَسۡتَوِی الۡاَعۡمٰی وَ الۡبَصِیۡرُ (الانعام-50) ۽
    ہَلۡ یَسۡتَوِی الَّذِیۡنَ یَعۡلَمُوۡنَ وَ الَّذِیۡنَ لَا یَعۡلَمُوۡنَ؟(الزمر-9)
    هڪڙو چئي ٿو: مون وٽ شڪ آهي، جيڪڏهن اوهين مون ڏانهن اچو ته اوهان کي شڪ ۽ گمان سان معمور ڪري ڇڏيندس. ٻيو چئي ٿو ته مون وٽ صرف يقين ۽ دليل کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.
    َا یَاۡتِیۡہِ الۡبَاطِلُ مِنۡۢ بَیۡنِ یَدَیۡہِ وَ لَا مِنۡ خَلۡفِہٖ ؕ تَنۡزِیۡلٌ مِّنۡ حَکِیۡمٍ حَمِیۡدٍ
    (حم سجده-42)
    ۽ بَلۡ ہُوَ اٰیٰتٌۢ بَیِّنٰتٌ فِیۡ صُدُوۡرِ الَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡعِلۡمَ (الۡعَنۡکَبُوۡتِ-49)
    مان بصيره آهيان، علم جي دعوت آهيان، دليل ۽ يقين جو پيغام آهيان. حقيقت جيڪا هڪ کان وڌيڪ ٿي نٿي سگهي، ان جي هڪ ئي راهه آهيان: اقوام الطريق، اوضح السبل، صراط السوي.
    اَنَّ ہٰذَا صِرَاطِیۡ مُسۡتَقِیۡمًا فَاتَّبِعُوۡہُ ۚ وَ لَا تَتَّبِعُوا السُّبُلَ فَتَفَرَّقَ بِکُمۡ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ
    (الانعام-153)
    پوءِ ٻڌايو دنيا کي تسڪينِ دل جي تڙپ، نفساني بيچيني ۽ گمان جي زخمن سبب موت ويجهو آهي ته ڪنهن جو ساٿ ڏجي؟ ان جو جيڪو شڪ جي اونداهين کاهين ۾ ٺوڪرون کائي رهيو آهي ۽ هڪ گمراهي مان نڪرڻ لاءِ ٻي گمراهي ۾ داخل ٿئي ٿو؟
    اونداهين جو ته اهو حال آهي جو پنهنجو هٿ به نظر نٿو اچيس. هڪڙي مسئلي کي حل ڪرڻ گهري ٿو ته ٻي الجهن ۾ ڦاسي وڃي ٿو.
    اِذَاۤ اَخۡرَجَ یَدَہٗ لَمۡ یَکَدۡ یَرٰىہَا ؕ وَ مَنۡ لَّمۡ یَجۡعَلِ اللّٰہُ لَہٗ نُوۡرًا فَمَا لَہٗ مِنۡ نُّوۡرٍ (نور-40)
    جنهن جون اهي سموريون ڪوششون حقيقت تائين پهچڻ ۽ هستيءَ جو راز معلوم ڪرڻ لاءِ آهن، ان جو اهو حال آهي جو هر مرحلو نئين گمراهيءَ جو پيغام ۽ هر منزل نئين گمراهيءَ ۾ گم ٿيڻ جو ٺڪاڻو آهي، جنهن نظريي کي ڪامياب سمجهي پوڄڻ چاهي ٿو، جڏهن ان تائين پهچي ٿو ته يقين جي جاءِ تي نئين شڪ ۾ مبتلا ٿئي ٿو، جواب جي جاءِ تي نئون سوال جنم وٺي ٿو. اهڙي طرح ان جون سموريون اميدون ۽ خوشيون ان اُڃايل شخص جي اميدن وانگر آهن جيڪو رُڃ کي پاڻي سمجهي ان جي پٺيان ڊوڙندو رهي ٿو.
    سن 1911ع ۾ مولانا شبلي مرحوم عالمن جي هڪ وفد جي قيادت ڪري رهيو هو ۽ ڪجهه وقت ڪلڪتي ۾ ترسيا هئا. عالمن جي وفد مان هڪ بزرگ پڙهڻ پڙهائڻ جي خيال کان هڪ خاص مقام رکندو هو. هڪڙي ڏينهن ان ئي انداز ۾ ڳالهائڻ لڳو جيڪو انهن بزرگن جي لاءِ مخصوص هوندو آهي. انگريزي تعليم يافته شخص جي مذهب کان بي خبري، الحاد ۽ ڇڙواڳي جي شڪايت ڪرڻ لڳو. مون چيو ته اها شڪايت گهٽ ۾ گهٽ اوهان جي زبان تي نٿي سونهين. منهنجي خيال ۾ اوهين ۽ اُهي هڪ ئي آستاني جا مجاور ۽ هڪ ئي سڪي جا ٻه مختلف پاسا آهيو. وڌ کان وڌ اوهان جي قدامت ۽ اوليت کي ڏسندي، انهن کي اوهان جو ننڍو ڀاءُ چئي سگهجي ٿو. اوهين يونانين جا پرستار ۽ اُهي يورپ جا ثناخوان. قرآن ۽ سنت کان اوهين به ڏور ۽ اُهي به بي خبر ۽ اڻڄاڻ- جيڪڏهن حقيقت پڇو ته هڪ لحاظ کان اُهي اوهان تي فوقيت رکن ٿا. اوهان جا رهنما ۽ رهبر يوناني فيلسوف آهن، جن جي ذهنيت عام عادتن ۽ طور طريقن کان اڳتي وڌي نه سگهي. هنن جي علم جا پيشوا يورپي فيلسوف آهن، جن دنيا جي اڳيان تجربن ۽ مشاهدن جو دروازو کوليو. انگريزي تعليم يافتن مان ڪنهن به درجي جو ٻار جيڪو سائنس ۽ فزڪس پڙهي ٿو، اوهان جي مدرسي جي طالب علم کان صحيح رستي تي آهي، جيڪي صدر ۽ شمس بازغه کان اڳتي وڌي نه سگهيا آهن. البت اوهان صاحبن جا مترجم ۽ نقل ڪندڙ عرب هئا جن يونانيت کي عربي جو جامو پهرائي مقدس بڻايو ۽ معتزله ۽ اخوان الصفا وغيره پيدا ڪيا جن کي اهڙا موقعا ميسر ٿي نه سگهيا. سر سيد مرحوم پاڻ اُن جي غير معترف پوئلڳن کان اڳتي وڌي نه سگهيو. جيڪڏهن هنن مان به اهڙي سڀاءُ جو ڪو ماڻهو پيدا ٿئي ها ته ضرور اوهان کان بازي کٽي وڃن ها.
    حقيقت هي آهي ته شڪ شبهو ايتري تائين پيدا نه ٿيندو آهي، جيتري تائين ان کي ختم ڪرڻ وارا کيس پيدا نه ڪن. هميشه مطابقت ۽ برابري ڪندڙن ۽ شڪ شبهي کي ختم ڪندڙن شڪ شبهي کي پيدا ڪيو آهي. قديم علمن جي اشاعت جي زماني ۾ هڪ تمام ننڍڙي جماعت يوناني فلسفي کي پڙهيو ۽ خليفن جي ويجهن درٻارين ۽ ترجمي ڪندڙن کان سواءِ عام ماڻهو به متاثر ٿيڻ بنا رهي نه سگهيا. سڀ کان اول خود معتزله انهن تيرن کان زخمي ٿيا ۽ پوءِ سمورا مسلمان زخمي ٿي پيا. انهن جو علاج عالم قرآن ۽ سنت مان ڪري نه سگهيا. پنهنجو پاڻ کي معالج ۽ طبيب سمجهڻ لڳا ۽ جنهن بيماريءَ جو وجود ئي نه هو، ڪوشش ڪري، هٿ وٺي گهرائي ورتائون. نتيجو هي نڪتو جو انهن جي بحث مباحثي هزارن انسانن جي عقيدي کي لوڏي ڇڏيو. مشهور عالمن ۽ دانائن جو به اهو ئي حال هو. اسان جي زماني جي به ساڳي حالت آهي، جنهن تي اڄ تائين ڪنهن به ويچار نه ڪيو آهي. هن وقت نه ته مسلمانن ۾ نئين علم جي تڙپ رهي آهي ۽ نه جوش ۽ جذبو پيدا ٿيو آهي. صرف ڪجهه ماڻهو هئا جن نه ته يورپ جي ڪا زبان سکي ۽ نه ڪنهن مادي علم جي ڄاڻ حاصل ڪئي، فقط ٻڌل ڳالهين ۽ پوئلڳيءَ جي جوش کان پنهنجي ذهن ۾ شڪ شبها پيدا ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ ئي چوڻ لڳا ته جديد علم اسلام جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي. جديد علم جي سيلاب مسلمانن جي 13 سؤ ساله عقيدن کي لوڏي ڇڏيو آهي. هاڻي ان کان سواءِ چارو ناهي ته اسلامي عقيدن ۾ نئين سر ترميم ڪئي وڃي!
    نتيجي طور ويڇا ۽ دوريون وڌنديون وڃن ٿيون ۽ هاڻي ته هيئن چيو پيو وڃي ته انگريزي تعليم يافته نوجوانن مذهب کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي. حقيقت هي آهي ته انهن سموري امت کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هاڻي غور ڪجي ته ان جو علاج ڪيئن ٿي سگهندو. جيڪڏهن سڀني بيمارين بابت ڄاڻ حاصل نه ڪبي ته بيماريءَ جي سڃاڻپ ڪيئن ٿي سگهندي. وهم ۽ گمان بيماري ناهي پر بد پرهيزي ۽ بي اعتدالي آهي. بيماري ايمان ۽ يقين جو نه هئڻ آهي ته پوءِ بيماريءَ کي ضرور ڳولڻ گهرجي. بيماريءَ جي مڪمل سڃاڻپ ڪرڻ ڪامل طبيب جي قابليت آهي.


    انساني پيدائش جا ڇهه مرحلا ۽ قرآن حڪيم

    قرآن حڪيم سورة المومنون ۽ ٻين مختلف جاين تي، انساني پيدائش جي مختلف مرحلن ۽ احوالن ڏانهن غور ڪرڻ لاءِ ڌيان ڇڪايو آهي. انهن مرحلن ۽ احوالن سان الله تعاليٰ جي قدرت، حڪمت ۽ انسان جي ڄمڻ کان بعد مرڻ جون شهادتو ملن ٿيون. اهي تخليق جا ڇهه مرحلا هي آهن، جيڪي سورة المومنون جي آيت 13 ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

    (1) نطفه جي حالت، جڏهن هو ”قرار مڪين“ ۾ هوندو آهي.
    (2) علقه جي حالت.
    (3) مُضغه جي حالت.
    (4) ”خلقنا المضغھ عظاما“ جي حالت.
    (5) ”کسونا العظام لحما“ جي حالت.
    (6) ”خلقاً آخر“ جي حالت.
    مٿين ڄاڻايل مرحلن مان آخري مرحلي کي قرآن خلقاً آخر سان تعبير ڪيو آهي. يعني ان مرحلي تي پهچندي هڪ اهڙو انقلاب رونما ٿئي ٿو جيڪو بلڪل نئين نموني جي تخليق ظهور ۾ آڻي ٿو. پهرين مرحلي کان وٺي ڇهين مرحلي تائين ڳڀ جون جيڪي حالتون هيون ۽ جنهن قسم جي خلقت ٺهندي رهي، اها ڪنهن ٻي طرح جي مخلوق هئي. هاڻي آخري مرحلي تي پهچي بلڪل ئي هڪ عليحده مخلوق ظاهر ٿي. پيدائش جي مرحلن جون اهي انقلابي حالتون اسان جي مفسرن جي سامهون واضح نه هيون، ان لاءِ قدرتي طور ان جي ڪا ٺهڪندڙ تفسير کانئن ٺهي نه سگهي، ان ڪري مختلف رايا ۽ خيال پيش ڪيائون. ڪن مفسرن چيو ته هن مان مراد روح جو داخل ٿيڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ان مرحلي کان پهرين روح نه هوندو آهي. ڪن چيو، اهو ماءُ جي رِحم مان ٻاهر نڪرڻ طرف اشارو آهي. ڪن چيو ته ان مان مطلب وارن جو پيدا ٿيڻ آهي، ان کان پهرين وار نه هوندا آهن. ڪن چيو ته ان مان مراد ڏند آهن. ڏند انهيءَ آخري مرحلي ۾ پيدا ٿيندا آهن. ڪن مختلف خيالن کي خلقاً آخر سان مطابقت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيائون ته ان مان مراد مڪمل جسم جي تڪميل آهي. پوءِ ان ۾ وار به اچي وڃن ٿا، ڏند به اچي وڃن ٿا. مگر ظاهر آهي ته انهن مان ڪو به تفسير خلقاً آخر جي ڳالهه ۽ مفهوم جي تقاضا کي پورو نٿو ڪري.
    اهڙي طرح تخليق جي پوين مرحلن جي به حقيقت واضح ٿي نه سگهي، ڇو ته ”علقه“ کي ڄميل خون جي معنيٰ ۾ ورتو ويو ۽ ”مضغه“ کي گوشت ٺهڻ جي معنيٰ ۾ ورتو ويو ۽ ائين سمجهيو ويو ته پهريائين خون پيدا ٿيندو آهي ۽ اهو جيري جهڙو ڄميل هوندو آهي. پوءِ ڄميل خون گوشت ٿي پوندو آهي. انهيءَ گوشت ۾ هڏيون پيدا ٿينديون آهن. پوءِ چمڙو چاڙهيو ويندو آهي. انهيءَ چمڙي کي ”کسونا العظام لحماً“ ۾ مجازاً لحم چيو ويو.
    جيڪڏهن ان جي تشريح ۽ تحقيق جو حق ادا نه ٿي سگهيو ته ان لاءِ قديم مفسرن کي قصور وار ٺهرائڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان معاملي ۾ مٿن ڪا ميار نه آهي. علم ۽ تحقيق جي آڌار معاملن جي اها پيرائتي ڇنڊڇاڻ هن زماني جي پيداوار آهي ۽ اها به هاڻوڪي دؤر جي سڀ کان آخري وقت جي پيداوار.
    اوڻيهين صديءَ جو شروعاتي دؤر، جيڪو سڀني علمن جي انڪشافن ۽ انهن جي پورائي جو سڀ کان شاندار دؤر هو، پر ڏينهن ٿي ويا هئا جو فطرت جي ڪارخاني جي انهيءَ راز تان پردو کڄي نه سگهيو. پوءِ جيڪڏهن ارڙهين صديءَ جا مفسر ۽ حڪيم غلط خيال ظاهر ڪري رهيا هئا ته انهن کي ڏوهه ڏيئي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ خوردبين ايجاد ٿي چڪي هئي ۽ انساني جسم جو ڳجهه کلي چڪو هو، ته پوءِ ظاهر آهي ته نائين ۽ ڏهين صديءَ جي مفسرن کي ڪيئن ميار ٿي ڏيئي سگهجي، جن جي سامهون ان کان وڌيڪ ڪجهه نه هو جيترو ارسطو پنهنجي ڪتاب ”حيوان“ ۽ جالينوس پنهنجي مقالي ۾ لکي چڪا هئا.
    حقيقت ۾ حيوانن جي پيدائش متعلق انساني علم جي اڏام گذريل ٻن هزارن سالن تائين انهيءَ حد تي رهي آهي. علم ۽ تحقيق جي ٻين شاخن وانگر، ڳڀجڻ جي علم (Embrology) جو دارومدار به ارسطوءَ جي تحقيقات تي هو. سترهين صديءَ ۾ جڏهن خوردبين جي ايجاد ۾ خاص ترقي ٿي ته پکين جي آنن جو خوردبيني مشاهدو ڪيو ويو ۽ هوريان هوريان هڪ نئين نظرئي جو بنياد پيو، جنهن کي ارتقائي نظريو چيو ويو، جنهن کي هاڻي ”Performation theory“ چيو وڃي ٿو. ان نظرئي جو بنياد هي هو ته، ”پيدائش جو اصل سبب جنس مؤنث جي آني داني (Ovary) آهي. ڳپ تي ڪا نئين حالت نٿي اچي، پر آني دانيءَ ۾ جيڪو ڪامل وجود هوندو آهي، اهو ئي وڌيڪ کلڻ لڳندو آهي.“ مثلاً: انسان جي تخمي ”جيو“ ۾ هڪ مڪمل انسان، پنهنجي داخلي ۽ خارجي عضون سان موجود هوندو آهي پر ايترو ننڍڙو هوندو آهي جو خوردبين سان به ان جو مشاهدو ڪري نٿو سگهجي. انهيءَ ڪامل ۽ شڪل وٺندڙ ذري جو وڌي وڃڻ تخمي جيو جو انسان بنجڻ آهي.
    1690ع ۾ جڏهن هڪ ڊچ عالم ”ليون هاڪ“ مرد جي تخمي جيو (Sperm) جو پتو لڳايو ته هڪ گروهه اهڙو پيدا ٿي ويو، جنهن عورت جي آني داني بجاءِ مرد جي تخمي جيو کي حياتيءَ جو اصل بنياد سمجهيو پر تڏهن به ان راءِ ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي ته ڳڀ جي مرحليوار واڌ نٿي ٿئي، صرف نشو و نما ٿئي ٿي. ارڙهين صديءَ جي وچ تائين اها راءِ مقبول عام هئي. آخرڪار 1795ع ۾ هڪ جرمن محقق ”فريڊرڪ ولف“ انهيءَ نظرئي کي غلط ثابت ڪيو ۽ ڄم جي مرحلن جي وڌيڪ وضاحت ڪئي. 1817ع ۾ ”پانڊر“ ۽ 1828ع ۾ ”بيئر“ انهيءَ نظرئي کي وڌيڪ ترقي وٺرائي. ان کان پوءِ ان بابت وڌيڪ تحقيق ٿيڻ لڳي. پوءِ جڏهن 1759ع ۾ ڊارون جو ڪتاب ”نسل جي اصليت“ شايع ٿيو ته حياتياتي علم جي سڀني پهلوئن ۾ انهيءَ علم جي پڌرائيءَ سان هڪ نئين روشني ملي. آخرڪار اوڻيهين صديءَ جي آخري سالن ۾ ”ارنيسٽ هيڪل“ جي هٿان اها تحقيق مڪمل ٿي. هاڻي ڳڀجڻ جي علم (Embrology) جو هر ڳجهه، نظرين ۽ خيالن کان بي پرواهه ٿي ويو ۽ اڄ جيڪي ڪجهه آهي اهو تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي آهي. هاڻي اهو علم فلسفي جي بحث مباحثي جو محتاج ناهي، ڇاڪاڻ ته علم هڪ حقيقت آهي. ان بحث مباحثي ۾ منهنجو اعتماد ارنيسٽ جي ٻن ڪتابن ”History of Creation“ ۽ ”Evalution of man“ تي آهي.
    قرآن جي بيان ڪيل درجن ۽ مرحلن تي نظر وجهڻ کان پهريان، اهو معلوم ڪرڻ گهرجي ته انساني وجود جي پيدائش ۽ ڳڀجڻ جي احوالن ۽ مرحلن جي ڏس ۾ علم جون حقيقتون ڇا آهن.
    سڀني حيوانن وانگر انسان جي پيدائش به هڪ آني مان ٿيندي آهي جنهن کي سائنسي اصطلاح ۾ (Ovum) چوندا آهن، يعني تخمي جيو. اهو تخمي جيو جنس مؤنث (عورت) ۾ به ٿيندو آهي ۽ مرد ۾ به.
    هي خليو (يا گهرڙو) باريڪ ذري جهڙو مقدار رکندو آهي، يعني ان جو قطر هڪ انچ جو هڪ سؤ ويهون حصو بلڪه انهيءَ کان به گهٽ هوندو آهي. اهو ئي تخمي جيو زندگي ۽ وجود جو اصلي بنياد آهي.
    نطفي جي قرار وٺڻ جو مطلب اهو آهي ته مرد جو تخمي جيو، عورت جي آني داني (Ovary) ۾ داخل ٿئي. داخل ٿيڻ کان بعد ڳڀ جي واڌ مرحليوار شروع ٿئي ٿي. پهريون صرف خلين جو هڪ گول مجموعو ٿئي ٿو. بعد ۾ اهي خليا هڪ کينهون جهڙي شڪل اختيار ڪندا آهن. اهي خليا آهستي آهستي ڊيگهه ۾ وڌڻ شروع ٿيندا آهن. ايتري تائين جو هڪ نعل نما شڪل جهڙا ٿي پوندا آهن. بعد ۾ Amphibia جهڙي شڪل اختيار ڪندا آهن. ان کان پوءِ کير پياريندڙ جانورن جي خلين جهڙي شڪل ظاهر ٿئي ٿي پر پهرين هيٺين درجي جي حيوانن جهڙي، مثلاً آسٽريليا جي خلا آبي (Bill Darck) جهڙي هوندي آهي يا اهڙن حيوانن جهڙي جن کي (Maruspils) چوندا آهن. پوءِ اعليٰ درجي جي حيوانن جهڙي مثلاً گهوڙو ۽ ڏاند وغيره. پوءِ اهو درجو ترقي ڪري هڪ اهڙي ڏاڪي تي پهچي ٿو، جيڪو ڄڻ ته سچ پچ باندر هوندو آهي. پڇ به هوندو اٿس. پوءِ ان ۾ تبديلي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ باندر جي ترقي يافته شڪل ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي، يعني گوريلا، چمپانزي گيبون وغيره جهڙن قسمن جي. انهيءَ مرحلي کان پوءِ آخري ڀيرو تبديلي اچي ٿي يعني سڀئي حيواني خاصيتون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ هڪ نئين قسم جي صورت ظاهر ٿئي ٿي. انهيءَ نئين صورت ۾ انساني وجود پنهنجين سڀني خاصيتن سان ظاهر ٿيڻ لڳندو آهي.
    سڀيئي ابتدائي مرحلا هڪ مهيني جي اندر ظاهر ٿيندا آهن. آخري مرحلو ٻئي مهيني اندر ۽ حمل (ڳڀ) جو باقي وقت انساني صورت جي پورائي ۾ گذرندو آهي.
    ان سلسلي ۾ جيڪا حقيقت سڀ کان وڌيڪ ظاهر ٿي ۽ جنهن علم ۽ تحقيق جي دنيا ۾ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اها پيدائش جي قانون جي عالمگير وحدت آهي. نباتات کان وٺي انساني وجود تائين، پيدائش جو بنياد هڪ ئي آهي. جيتري قدر تخليق جا امتيازي اختلاف پيدا ٿيندا آهن، سي سڀئي نشو و نما ۽ ارتقاءَ جي قانون جي حد ۽ ترتيب جي اندر ٿيندا آهن. انهيءَ لحاظ کان جيڪڏهن انساني ڳڀ تي نظر وڌي ويندي ته هيٺيان مرحلا سامهون ايندا.
    (1) پهرين مرحلي ۾ تخمي جيو جي حالت بلڪل اهڙي هوندي آهي جهڙي سڀني نباتات جي هوندي آهي. انهيءَ ابتدائي مرحلي ۾ انسان جو تخمي جيو اهڙو ئي هوندو آهي جهڙو هڪ وڻ، هڪ مڇي يا هڪ جانور، يا هڪ پکيءَ جو تخمي جيو هوندو آهي. نطفي (تخمي جيو) جي اها شروعاتي حالت هوندي آهي.
    (2) ٻئي مرحلي ۾ خلين جو مجموعو ٿي پوندو آهي. ان مرحلي ۾ اختلاف يا فرق صاف ظاهر هوندو آهي، يعني ڳڀ (تخمي جيو يا نطفو) نباتات جي دائري مان نڪري حيوانات جي دائري ۾ داخل ٿي پوندو آهي. ان مرحلي ۾ سڀني حيوانن جا ڳڀ هڪجهڙا هوندا آهن مگر نباتات جا نه هوندا آهن. اها حالت ٻن هفتن جي اندر ٿيندي آهي.
    (3) ٽئين هفتي تائين ڳڀ ٻيڻي ڊيگهه پيدا ڪري وٺندو آهي. هڪ نشان ظاهر ٿي پوندو آهي جيڪو اڳتي هلي مٿو ٺهي پوندو آهي. اهو ئي نشان ٽن حواسن جو بنياد هوندو آهي. انهيءَ مرحلي ۾ هڪ ٻيو فرق ظاهر ٿيندو آهي يعني ڳڀ حيوانن جي دائري ۾ داخل ٿي پوندو آهي، پر ادنيٰ حيوانن جي دائري ۾.
    (4) چوٿين هفتي ۾ مٿي جو نشان برج جي خاڪي جهڙي صورت پيدا ڪرڻ لڳندو آهي. دماغ جا چارئي خانا به ظاهر ٿي پوندا آهن. عنصري ناليون به اڀري اينديون آهن. دل جا چارئي خانا ٺهي پوندا آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته ڪرنگهو پوري طرح نشو و نما وٺڻ لڳندو آهي. انهيءَ مرحلي تي پهچي ڳڀ اعليٰ درجي جو مماليه حيوانن جون خاصيتون پيدا ڪري وٺندو آهي. يعني هاڻي انساني ڳڀ اهڙو ٿي پوندو آهي، جهڙو گهوڙي، ڏاند، ڪتي ۽ ٻين کير پياريندڙ جانورن جو هوندو آهي. ان تي حمل جو پهريون مهينو ختم ٿي ويندو آهي.
    (5) پنجين هفتي ۾ صورت آرائي جو نمايان دؤر شروع ٿئي ٿو پر اها ڄڻ باندر جهڙي شڪل هوندي آهي. انهيءَ پنجين مرحلي ۾ ڳڀ جي تصوير، باندر جي ڳڀ جي تصوير سان ڀيٽائي ڏسبي ته ٻنهي ۾ ڪو خاص فرق نظر نه ايندو.
    (6) پوءِ اها شڪل، باندر جي اعليٰ قسم جي طرف وڌڻ لڳي ٿي. گوريلا چمپانزي وغيره جي ڳڀن جهڙي ڪيفيت پيدا ٿيڻ لڳندي آهي.
    (7) ان کان پوءِ تبديلي جي آخري ڦيرو رونما ٿئي ٿو ۽ انساني جسم ۾ صورت جون خاصيتون هڪدم اُڀرڻ لڳن ٿيون. ايتري تائين جو تخليق جو هڪ نئون ظهور سامهون اچي ٿو. ٻئي مهيني جي ختم ٿيڻ تائين اهو درجو مڪمل انساني شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي.
    (8) ان کان پوءِ فطرت جي نقاشي نازڪ خوبصورتي کي درست ڪرڻ لڳندي آهي، يعني نوع انساني جا مختلف وطني. موسمي، نسلي ۽ معنوي فرق ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. پوءِ موروثي اثر ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا آهن. هر پيءُ ماءُ کي پنهنجي قوم، ملڪ، نسل ۽ ماحول جي اثر مطابق ٻار پيدا ٿئي ٿو. اهو آخري انساني دور، سڀ کان وڏو دؤر آهي. يعني پهريان ٻه مهينا ڇڏي، باقي سڀئي حمل جا ڏينهن انهيءَ دؤر ۾ گذرندا آهن.
    هاڻي انهن تفصيلن کي سامهون رکندي قرآن مجيد جي وضاحتن تي غور ڪريو ۽ پوين تفسيرن تي به نظر وجهو. جيستائين انساني ڳڀ متعلق اُهي سڀئي حقيقتون ظاهر نه هيون، ته قرآن جي بيان ڪيل مرحلن جي تشريح ڪرڻ ڪيتري نه ڏکي هئي. قديم نظرين سان ساٿ نڀائڻ لاءِ مفسرن کي ڪهڙيون نه تاويلون ڪرڻيون پونديون هيون ۽ پوءِ به ڳالهه ٺهي نه سگهندي هئي پر نين دريافتن کان پوءِ سڄو معاملو صاف ٿي ويو آهي. ڪيئن نه ٻئي بيان برابر آهن ۽ پاڻ ۾ مطابقت رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي جي تشريح ڪري رهيا آهن. ڪيئن نه اڄ علم (سائنس) جون اکيون به اهو ڪجهه ڏسي رهيون آهن جيڪو وحيءَ جي زبان وسيلي ظاهر ڪيو ويو هو. وحيءَ جي اها صدا ڪنهن جي زبان مان نڪتي هئي؟ ڇهين صدي عيسويءَ جي انهيءَ اُمي جي زبان مان جيڪو ريگستان ۾ پيدا ٿيو ۽ جنهن جي سموري زندگي اُتي ئي گذري!
    سترهين صديءَ ۾ خوردبيني مطالعي سان حياتياتي تخمي جيو جو انڪشاف ٿيو پر ان وقت جا حڪيم اصل حقيقت کان واقف ٿي نه سگهيا ۽ ظهور و بروز جو نظريو قائم ڪيائون. هاڻي ڏسو، جهڙي طرح قديم انداز قرآن سان گڏ هلي نٿي سگهيا، اهڙي طرح هي نظريو به قرآن سان هلڻ کان صاف انڪار ڪري رهيو هو، قرآن ڳڀ جي سڀني تبديلين کي انقلابي مرحلا قرار ڏئي ٿو: نطفه، علقه، مضغه، خلقنا المضغه عظاما، فکسونا العظام لحماً، يعني تخليق جي پهرين حالت نطفي جي هوندي آهي. تخليق جي ٻي حالت ”علقه“ هوندي آهي. تخليق جي ٽئين حالت ”مضغه“ هوندي آهي. هي محض اهڙي ڪيڙي جي نشو و نما ناهي، جنهن جي اندر انساني وجود پنهنجي سڀني اصولن سان گڏ موجود هجي، پر هيءَ هڪ تبديليءَ کان ٻي، ٻي کان ٽئين ۽ ٽئين کان چوٿين تبديليءَ جي پيدائش آهي. هر تخليقي پيدائش مرحلن جي نوعيت ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ هڪ ٻئي بعد مختلف مرحلا رونما ٿين ٿا ۽ هر مرحلو نئين پيدائش جو روپ اختيار ڪري ٿو.
    ظهور و بروز جو نظريو، اوڻويهين صديءَ جي آخر تائين عام طور تي تسليم ڪيو ويندو هو ۽ طب جي فن ۾ به ان کي اختيار ڪيو ويندو هو. ان لاءِ جهڙي طرح قديم مسفرن کي ان آيت جي تشريح ۽ تحقيق ۾ ڏکيائي ٿي ۽ طرح طرح جون تاويلون ڪرڻيون پيون؛ اهڙي طرح مصر ۽ هندستان جي مفسرن به ٺوڪر کاڌي. حسن پاشا محمود، سر سيد احمد خان، شيخ محمد عبده وغيره ان نظرئي ۾ ئي گم ٿي ويا. انهن مفسرن ڪوشش ڪئي ته قرآن جي وضاحتن کي ان نظرئي جي مطابق ڪري ڏيکارين. مطابقت نه ٿي نه پئي سگهي. ان لاءِ اها ڪوشش جيڪا زبان ۽ لغت سان ڪري پئي سگهجي، جائز ڪئي ويئي پر اهي مفسر اهو سمجهي نه سگهيا ته ڪجهه سالن کانپوءِ اها ڪوشش بيڪار ٿي ويندي.
    پر قرآن جون وضاحتون پنهنجي جاءِ تي بدستور قائم رهيون. جهڙي طرح پراڻا نظريا قرآن سان مطابقت نٿي رکي سگهيا اهڙي طرح هي نئون نظريو به ساٿ نڀائي نه سگهيو. آخرڪار حقيقت بي نقاب ٿي ۽ نظرين ۽ انومانن جي جاءِ تي دريافتن ۽ مشاهدن جي باک ڦٽي پئي. هاڻي هر هڪ ڏسي سگهي ٿو ته قرآن کي پنهنجي جاءِ تان بي جاءِ نه ٿيڻو پيو. اهو علم (سائنس) ۾ نقص هو، جو صحيح جاءِ وٺي نه سگهيو. آخرڪار علم سائنس کي پنهنجي جاءِ ڇڏڻي پئي ۽ اها صداقت بيان ڪيائين، جيڪا قرآن تيرهن صديون اڳ بيان ڪئي هئي.
    توهان سائنسي علم جي هڪ هلڪي جهلڪ کان متاثر ٿي، قرآن جي ٻڌايل علم کي گهٽ اهميت ڏيو ٿا پر جيڪڏهن اوهين غور ڪندا ته قرآن کي ڪڏهن به بيجا ٿيڻ جي ضرورت نه ٿيندي ۽ ستت يا دير سائنسي علم پنهنجي جاءِ ڇڏيندو ۽ اڳتي وڌي کيس قرآن جي صداقت جو اعلان ڪرڻو پوندو.
    هاڻي سائنسي علم جي روشنيءَ ۾ غور ڪريو ته قرآن جون بيان ڪيل سڀئي وضاحتون ظاهر ٿي رهيون آهن، بغير ان ڳالهه جي ته زبان جي لغت جي قدرتي تقاضن کان انحراف ڪيو وڃي.
    (1) سڀ کان پهرين ”جعلنھ نطفته في قرار مڪين“ تي غور ڪيو. حمل هيئن ٿيندو آهي جو مرد جو تخمي جيو، عورت جي آني داني ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ اهڙي طرح (عورت جي آني سان) ٻوڪجي ويندو آهي، ڄڻ پنهنجي اصلي جاءِ ۾ داخل ٿي ويو آهي. ان حالت لاءِ ”قرار مڪين“ جي ترڪيب ڪيتري قدر نه صحيح آهي. ٻنهي نطفن (تخمي جيو) ۾ ٻئي حالتون وضاحت سان اچي ويون. نطفي جو پنهنجي جاءِ وٺڻ؛ اها جاءِ وٺڻ جي تلاش ڪيئن پيدا ٿي؟ ٻنهي نطفن جي ميلاپ سان. ان ميلاپ ۾ طلب هئي. بغير طلب قرار وٺي نٿي سگهيا.
    هن وقت تائين هي سمجهيو ويو هو ته نطفو ڳڀيرڻ (ٻچيداني) ۾ ٻوڪجي ٿو پر حقيقت ۾ ڳالهه ٺهندي نه هئي. ڳڀيرڻ هڪڙو خول آهي. انهيءَ ۾ هڪ تخمي ذرو پوڻ ”في قرار مڪين“ سان تعبير ڪري نٿو سگهجي. اها تعبير تقاضا ڪري رهي آهي ته نطفي لاءِ ڪا جڳهه هجي، جتي نطفو پهچي ان ۾ اهڙي طرح سمائجي وڃي، ڄڻ پنهنجي اصلي جاءِ تي اچي ويو. پوءِ يقيناً ان مان مراد ڳڀيرڻ جو آنو آهي، نه ڪي پوري ڳڀيرڻ.
    (2) ان کان پوءِ تخمي جيو (نطفي) تي مختلف حالتون اچن ٿيون. پر سڀ کان پهريائين ڪهڙي انقلابي حالت پيدا ٿئي ٿي، جيڪا بلڪل هڪ نئين قسم جي حالت پيدا ڪري ٿي؟ اها ئي نئين حالت ايندڙ تبديلين لاءِ بنيادي ڪم ڪري ٿي. جڏهن تخمي جيو (ڳڀ) گول دائري جي حالت ۾ اوچتو وڌڻ لڳي ٿي ته اهڙي شڪل جو ٿي پوندو آهي جنهن جا ٻئي ڇيڙا ڦهليل هوندا آهن. پروفيسر هيڪل اهڙي تخمي جيو جي ابتدائي حالت کي Sole Shaped ۽ پختي حالت کي Sandal Shaped سان تعبير ڪيو آهي پر اسين ان کي ”نعل نما“ سان تعبير ڪريون ٿا. قرآن انهيءَ حالت کي ”علقه“ جي لفط سان تعبير ڪيو آهي. علقه جي تعبير ان حالت لاءِ اهڙي صاف ۽ مناسب لڳي جو جيئن ئي منهنجي نظر انهيءَ نعل نما شڪل تي پئي تي ته بي اختيار منهنجي زبان مان ”خلق“ الانسان من ”علق“ نڪري ويو.
    سامي زبانن ۾، ڄؤر جي لاءِ علوق، علوقه، علوق نهايت پراڻي تعبير آهي. عبراني زبان ۾ ان کي علوقه چوندا آهن ۽ سڌو سنئون علقه جو لفظ به اُن سان ملي جُلي ٿو. انجيل ۾ هڪ جاءِ تي آهي ته ”ڄؤر جون ٻه ڌيئرون هيون، جيڪي پڪارينديون رهنديون هيون ته آڻيو! آڻيو. “ (30:25) عبراني نسخي ۾ ڄؤر جي لاءِ ‘علوقه’ جو لفظ آيل آهي. اهو لفظ عربيءَ ۾ علق ۽ علقه آهي ۽ ڄؤر جي لاءِ استعمال ڪيل آهي. ڄؤر جي حالت ۽ صورت تي غور ڪجي ته ان ۾ هڏي نه ٿيندي آهي، صرف گوشت جو دڳ هوندي آهي. جڏهن خون پي ڍؤ ڪري ٿي ته بلڪل ڳڀ جي شڪل جهڙي ٿي پوندي آهي.
    پروفيسر هيڪل ڳڀ جي اهڙي حالت کي نعل نما صورت سان تشبيهه ڏني آهي پر قرآن ان کي علقه سان ڀيٽ ڏني آهي؛ جيڪا حيوانن جي خاص ڪڙي آهي ۽ قرآن هڪ لڪل حقيقت ڏانهن به اشارو ڪري ڇڏيو.
    انساني پيدائش جا جيڪي مرحلا مٿي بيان ٿي چڪا آهن، انهن مان اوهان کي خبر پئجي وئي هوندي ته نشو و نما ۽ ارتقاءَ جي قانون جا مختلف مرحلا ڪهڙي طرح انساني نطفي ۾ جمع ٿي ويا آهن ۽ ڪيئن نه انساني ڳڀ اڄ به انهن مرحلن مان گذري انسان بڻجي ٿو ۽ موجوده تخليق تائين پهچي ٿو. هاڻي غور ڪريو ته انهن مرحلن ۾ ابتدائي مخلوق جو مرحلو ڪهڙو آهي. پاڻيءَ واري مخلوق جو يعني ”وَ جَعَلۡنَا مِنَ الۡمَآءِ کُلَّ شَیۡءٍ حَیٍّ“ (الۡانۡۢبِیَآءِ -30) زندگيءَ جو پهريون ظهور پاڻيءَ مان ٿيو ۽ پهرين مخلوق آبي مخلوق پيدا ٿي. ان کان پوءِ خشڪي واري مخلوق جو سلسلو شروع ٿيو. آبي مخلوق ۾ پهرئين درجي واري مخلوق ڪهڙي آهي؟ ڄؤر جي قسم جهڙي ادنيٰ مخلوق ۽ ارتقاءَ جي سبب ٻي اعليٰ قسم جي مخلوق وجود ۾ آئي. پوءِ جيڪڏهن حيواني تخمي جيو، پنهنجي سڀني ارتقائي مرحلن کان گذري آخري درجي تي پهچي ٿو ته ڇا ضروري ناهي ته ان جو ابتدائي درجو آبي مخلوق وارو هجي؟ ۽ ان ۾ سڀ کان پهريائين ڄؤر جهڙي شڪل ظاهر ٿئي ۽ لِڪ سان اها ئي اُها شڪل آهي جيڪا نعمل نما صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي. پوءِ ان کي ”علقه“ سان تعبير ڪرڻ، ڄڻ ان جي تخليقي درجي کي پنهنجي اصلي نالي سان سڏڻ آهي.
    (3) ان کان پوءِ ٽيون مرحلو اهو آهي جڏهن اها نعل نما شڪل اڃا وڌيڪ وڌي ٿي ۽ ان جي مادي ۾ گوشت جهڙي خاصيت پيدا ٿئي ٿي. ان حالت کي قرآن ”مضغه“ سان تعبير ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان مرحلي ۾ ڳڀ ٻوٽيءَ جهڙي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ انهيءَ مرحلي ۾ ئي نقش نگار ٺهڻ لڳندا آهن، جنهن ڪري سورة ”حج“ ۾ اشارو ڪيو ويو ته ”مخلقته و غير مخلقته (5:22) يعني اها مضغه جي حالت آهي جنهن ۾ بگاڙ پوي ٿو يا بنياد پوي ٿو.
    (4) چوٿون درجو اهو آهي، جڏهن مضغه ۾ ڪرنگهي جو ڍانچو نشو و نما وٺڻ لڳي ٿو. هڪ اهڙو ڍانچو ظاهر ٿئي ٿو، جنهن کي مڇيءَ جي ڍانچي سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي. انهيءَ کي ”مخلقنا المضغته عظاما“ سان تعبير ڪيو ويو آهي. ان درجي تي پهچي ڳڀ ڪرنگهي وارن جانورن جون خاصيتون پيدا ڪري وٺندو آهي.
    (5) ان کان پوءِ هڏين ۽ گوشت جو ميلاپ تڪميل تي پهچي ٿو ۽ حيواني شڪل وٺي ظاهر ٿئي ٿو. انهيءَ کي ”فکسونا العظام لحما“ جي درجي سان تعبير ڪيو ويو آهي.
    (6) ليڪن جيڪا صورت لهي ٿي، ڇا اها انساني شڪل هوندي آهي، نه- اهڙي شڪل هوندي، جيڪا مماليه جانورن جي ڳڀ جي شڪل هوندي، اها ارتقاءَ به ڪري ٿي ته ڄڻ باندر جي صورت ۾- پر ان کان پوءِ قدرت جو هٿ هڪ نئون انقلاب پيدا ڪري ٿو. اهو ئي ڳڀ جيڪو صرف مضغه هو، اهو ئي مضغه جيڪو فقط مڇي جي ڍانچي جهڙو هو، اهو ئي ڍانچو جنهن عام حيواني هيئت جهڙي شڪل اختيار ڪئي هئي، اها ئي حيواني هيئت جنهن باندر جهڙي شڪل اختيار ڪئي هئي، اچانڪ انهيءَ شڪل ۾ انساني جسم ۽ صورت جون سڀئي خاصيتون ۽ خوبصورتيون پيدا ٿي پون ٿيون.
    فَتَبٰرَکَ اللّٰہُ اَحۡسَنُ الۡخٰلِقِیۡنَ (الۡمُؤۡمِنُوۡنَ -14)
    اها ئي اُها آخري تبديلي آهي جنهن کي ”خلقاً آخر“ سان تعبير ڪيو ويو آهي.


    غلامن جي ديس ۾ آزاديءَ جو نعرو

    انسان نهايت ئي هٺيلو، ضدي ۽ حڪم عدولي ڪندڙ آهي. هن ڪيترائي ڀيرا حقوق الله سان هٿ چراند ڪئي آهي. هن الله جي ستائش ۽ بزرگيءَ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ چاهيو آهي. سندس وحدانيت کي ڇيهو رسايو، پٿرن ۽ ڪنڪرين کي ان سان شريڪ بڻايو آهي. هن الله جي پاڪائي ۽ قدوسيت کي به پنهنجي انساني جذبن سان شريڪ ڪرڻ ٿي گهريو ۽ ان جي صالح ٻانهن کي هن جو پٽ ۽ دادلو پئي بڻايو آهي.
    هن الله جي موڪليل پيغمبرن کي جادوگر، مجنون ۽ چريو چئي، کين قسمين قسمين اذيتون ڏنيون آهن. هن انهن پيغمبرن سان هر موقعي ۽ مهل تي بداخلاقي ڪئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن الله جي انهن نيڪ ٻانهن کي هن قتل به ڪيو آهي.
    پر ان سرڪش انسان جو خون ايتري قدر قيمتي آهي جو ايڏي بغاوت ۽ نافرماني جي باجود هُن، الله تعاليٰ ان جي عزت ۽ آبروءَ کي قائم رکيو. پر جڏهن انساني جرم ۽ بغاوتون حد کان وڌي ويون ته قانون الاهي کي جوش آيو ۽ الله تعاليٰ انهن ظالم قومن مٿان پنهنجي عظيم الشان مخلوق کي غالب ڪري ڇڏيو. هن انهن جي بدعملن جي هنن کي پوري پوري سزا ڏني. ثمود قوم کي زمين پيهين خاڪ بڻائي ڇڏيو. عاد قوم کي هوا ڪکن پنن وانگر اڏائي وئي. نوح جي قوم کي پاڻيءَ جو سيلاب سڪل پنن وانگر لوڙهي ويو.
    پر الله تعاليٰ پنهنجي حقن جي حفاظت واسطي ڪڏهن به انساني خون جو هڪ ڦڙو نه وهايو آهي. الله تعاليٰ دنيا جي وڏين وڏين مغرور قومن کي نيست ۽ نابود ڪري، سندن نسل کي دنيا تان مِٽائي ڇڏيو. سندن يادگارن کي برباد ڪري ڇڏيو . اهي زمين جي جنهن ٽڪري تي آباد هئا، اتي انهن جي خون جو ڪو نشان ئي ڪو نه آهي.
    البت جڏهن انسان حقوق الله کان اڳتي قدم وڌائي پاڻ جهڙن انسانن جا فطري حق ڦري سندن ملڪن تي قبضو ڪرڻ لڳو. انهن جي آزادي ۽ خودمختياري ختم ڪري سندن ٻارن جي فطري نشوونما کي روڪڻ لڳو، انهن جي زمين جي پيدائش مان پنهنجي لاءِ عيش عشرت جا محل ٺاهڻ لڳو، انهن جي پورهئي جي پگهر ۽ گردنن مان نڪتل خون سان ظلم جي هوس کي تسڪين ڏيئي، پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ عزت ۽ عظمت جا نشان ٺاهڻ لڳو ته جيئن اهي انسان قدرتي واڌ ويجهه کي ڇڏي، هن جي اشارن تي حرڪت ڪن، ته پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي عذاب کي اڳ کان وڌيڪ سخت ڪيو. الاهي سياست جيڪا اڳ ۾ ڪارفرما هئي ان کي بدلايو ويو. پهرين انهن تي عذاب آسمان ۽ زمين طرفان، طوفان ۽ ٻوڏ ذريعي موڪليو ويندو هو، جنهن عذاب جي چڪي چند گهڙين ۾ سڄي قوم کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندي هئي پر هاڻي اها خدمت صرف انسان جي ذمي ڪئي ويئي بلڪه انساني هٿ جي ڏهن آڱرين جي ذمي! اهو هوڏي ۽ هٺيلو انسان جيستائين حقوق الله کي پائمال ڪندو رهيو ته الله تعاليٰ پنهنجي عظيم الشان مخلوق جي هٿان انهن کي عذاب ڏيندو رهيو. هاڻي جڏهن انساني حقن کي تباهه ۽ برباد ڪيو پئي ويو، ان لاءِ الله تعاليٰ انسانيت جي عزت ۽ عظمت کي قائم رکڻ لاءِ خود انسان کي ئي کڙو ڪيو.
    وحشت واري زماني ۾ ان انسان پاڻ جهڙن ڪيترن ئي انسانن جي حقن کي پائمال ڪرڻ سان گڏ، ڪيترن ئي انسانن کي قتل ڪيو هوندو. ڪيترن ٻارن کي ڪٺو ۽ ڪيترين ئي عورتن جي لڄالٽ ڪئي هوندي. انهن حقن جي تحفظ لاءِ تلوارون به چمڪيون هونديون ته نيزن به پنهنجا جوهر ڏيکاريا هوندا. تيرن ۽ ڪمانن جي ڪَڙ ڪَڙ سان ڪيڏو نه خوفائتو منظر پيدا ٿيو هوندو. تاريخ انهن واقعن کي ياد نه رکيو ۽ اها به انهن قومن سان گڏ پهاڙن جي اونداهين غارن ۾ گم ٿي ويئي. پر انساني سماج ان قسم جي سون واقعن ۽ داستانن کي زباني ياد رکيو ۽ انساني خون ڪڏهن به اهڙن نشانن کي مِٽجڻ نه ڏنو آهي.
    صرف ماڻهن جي گهڻائيءَ سان هڪ جانثار هٿياربند فوج بڻجي نٿي سگهي، جيستائين منجهن واحد قوميت جو روح پيدا نٿو ٿئي ۽ انهن ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ هڪ ئي هدف کي حاصل ڪرڻ جو مقصد نه هجي. جيڪي حڪومتون ظلم، ڏاڍ ۽ جبر سان ڪنهن قوم جي جهاد جي جذبي کي ختم ڪرڻ چاهينديون آهن، اهي سڀ کان پهريائين سياسي فريب جي ذريعي منجهن ڏڦيڙ، بغض، ڪينو ۽ هڪ ٻئي سان انتقام جو ناپاڪ روح پيدا ڪري، سندن هيڪڙائيءَ کي ڇيهو رسائينديون آهن ۽ پوءِ اها قوم آهستي آهستي فنا ٿي ويندي آهي پر مڪر ۽ فريب جي اها حرفت ان وقت پيش ايندي آهي، جڏهن ان قوم ۾ ڪي سجاڳ دماغ ۽ درد رکندڙ دل وارا ماڻهو موجود هوندا آهن ۽ اهي سياست جي اهڙين لڪل اٽڪلن کي سمجهندا هجن. پر جڏهن ڪا قوم دل، دماغ ۽ احساس وڃائي ويهندي آهي ته پوءِ اهڙي مڪاري ۽ ٺڳيءَ جي به ضرورت نه رهندي آهي بلڪه ڏينهن ڏٺي ان قوم جي قومي وجود جي ورثي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
    هن دنيا ۾ ملڪن جي تاريخ اهڙين ڪيترين تباهه ٿيل قومن جي نشانن جو ڏس ڏئي ٿي پر مذهب جي تاريخ اهڙن واقعن ۾ ڳانڍاپي ۽ ترتيب کي ناهي ڏسندي، هو صرف دنيا کي عبرت جو افسانو ٻڌائيندي آهي. ان لاءِ هو فقط اهم ۽ گهڻن مقصدن وارن واقعن کي بيان ڪندي آهي. جيڪي سڄي دنيا واسطي تعجب ڪرڻ جهڙا هوندا آهن ۽ دنيا اڳيان انهن واقعن کي وري وري دهرائيندي آهي. ان اصول جي بنياد تي هن اسان کي فرعوني حڪومت جي ظلمن جو داستان ٻڌايو آهي، جنهن جو ظلم ۽ ڏاڍ هي هو ته هو پنهنجي رعيت جي اندر ڏڦيڙ ۽ نااتفاقي پيدا ڪري، سندن مٿان حڪومت ڪندو هو ۽ هڪ ٽولي کي ڪمزور ۽ ٻئي کي طاقتور بڻائيندو هو.
    ”فرعون خدا جي زمين تي وڏي ٽانءِ ۾ ڀرجي ويو هو ۽ ان تي رهڻ وارن ۾ نفاق وجهي انهن کي ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڏيو هئائين. هو انهن مان هڪ ٽولي کي ڪمزور رکندو هو ۽ ان کي اڀرڻ نه ڏيندو هو“. (قصي-4)
    مذهبي حڪومت کان سواءِ ظلم ۽ ڏاڍ دنيا جي هر سلطنت ۽ حڪومت جو بنياد هوندو آهي. مختلف قسم جي ظلم ڪرڻ سان اها حڪومت يا سلطنت پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري ڇڏيندي آهي. پر جڏهن ڪا سلطنت ظلم جي انتها تي پهچندي آهي ۽ انساني حقن جي تباهي ۽ برباديءَ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي آهي ته پوءِ اهي ڏينهن سندس زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن هوندا آهن. ان وقت ان جي تاج ۽ تخت کي اونڌو ڪيو ويندو آهي ۽ ان جي وجود کي غلط اکر وانگر ميساريو ويندو آهي. اڄ به اسين ڏسون ٿا ته خدا جو اهو قانون ڪيئن نه ڪم پيو ڪري.
    هن دنيا تي هڪ ٻئي پٺيان متضاد طاقتن حڪومت ڪئي آهي. رات کان پوءِ هميشه ڏينهن روشن ٿيندو آهي. انڌيري پٺيان روشني ظاهر ٿيندي آهي. ساڳي طرح ظالم سلطنت جي جاءِ تي عادل سلطنت قائم ٿيندي آهي. ظلم جو مٽجڻ ئي عدل ۽ انصاف جي پيدا ٿيڻ جو پيغام آهي. جڏهن ظالم قومن جي طاقت ختم ٿيندي آهي ته هڪ عادل ۽ انصاف وارو نظام قائم ٿي پوندو آهي. فرعون جي جابر سلطنت جو زوال، هڪ ٻي قوم جي عدل واري حڪومت قائم ڪرڻ جو پيش خيمو هو. ان لاءِ الله تعاليٰ فرعونن جي تباهي ۽ برباديءَ سان گڏوگڏ الاهي عدل ۽ انصاف واري حڪومت جي پيغام جي خوشخبري ٻڌائي آهي:
    ”۽ (اسين دائمي عادل قانون جي آڌار چاهيون ٿا ته) جيڪي ماڻهو اسان جي زمين تي ڪمزور آهن، انهن تي احسان ڪيون ۽ انهن کي دنيا جي پيشوائي عطا ڪيون. (وڏين وڏين طاقتور قومن جي تاج ۽ تخت جا) اهي ئي وارث هجن ۽ انهن جي بادشاهي زمين تي قائم هجي. فرعون، هامان ۽ ان جي حڪمران قوم کي سندن پاران جنهن شيءِ جي ڳڻتي هئي ۽ جنهن ڪري اهي هنن کي ڪمزور رکندا هئا، اهي ئي انهن جي سامهون آڻينداسون.“ (قصص-5 ۽ 6)
    اهو ته فرعوني سلطنتِ انقلاب جو داستان هو پر غور ڪريو ته قرآن پاڪ ان آيت سڳوريءَ ۾ ڪهڙي نه طرح قانون الاهي جي خبر ڏني آهي. هو ٻڌائي ٿو ته هيءَ دنيا ڏاڍ وارن لاءِ شان شوڪت، دٻدٻي جي نمائش گاهه ۽ ڪمزور ن لاءِ قتل گاهه آهي. طاقتور قومون، ڪمزور قومن کي پنهنجو غلام بڻائي منجهن نفاق ۽ بغض پيدا ڪنديون آهن. انهن جي مختلف فرقن ۽ گروهن کي پاڻ ۾ ملڻ نه ڏينديون آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي ملي هڪ ٿي وڃن ته پوءِ ڪمزور رهي نه سگهنديون. اتفاق ۽ اتحاد وڏن وڏن ظالمن جي تخت ۽ تاج کي لوڏي ڇڏيندو آهي. اهو ئي حال مصر ۾ بني اسرائيل هٿان فرعونن جو به ٿيو.
    ان کان سواءِ دنيا ۾ هڪ ٻيو قانون به آهي. ڪنهن وقت الله جي قهر کي جوش به ايندو آهي. جڏهن ظلم ۽ ڏاڍ جون شيطاني قوتون وڌي وينديون آهن ته پوءِ ائين به ٿيندو آهي ته هيءَ دنيا طاقتورن بجاءِ ڪمزورن جي حوالي ڪئي ويندي آهي. اها ئي زمين جيڪا هيڻن لاءِ قتل گاهه هوندي آهي سا ڏاڍن جي قتل ٿيڻ جي نمائش گاهه بڻجي پوندي آهي. ان ڏينهن تي هيڻن کي ڏاڍو ۽ ڏاڍن کي هيڻو بڻايو ويندو آهي. اهي جيڪي ڪمزور بڻايا ويا هئا، وقت اچڻ تي الله جي احسان ۽ مدد جا حقدار بڻجن ٿا ۽ ڪمزوريءَ جي جاءِ تي طاقت، بيڪسيءَ جي جاءِ تي فرمانروائي ۽ روئڻ پٽڻ جي جاءِ تي کلڻ ۽ خوشيون ملهائڻ، ماتم جي جاءِ تي عيش عشرت ۽ لٽجڻ جي جاءِ تي لٽڻ وارا بڻجي سڄي دنيا ۾ نمايان ٿي پوندا آهن. فرعوني طاقت جي جاءِ تي موسوي طاقت جهٽ پَٽ ۾ دنيا جو نقشو بدلائي ڇڏيندي آهي ۽ ڪيترين ئي صدين کان ڪريل ۽ تباهه ٿيل قومون رباني ظهور جي لاءِ شان شوڪت سان وري دنيا جون وارث بڻايون وينديون آهن.
    جهڙي طرح تلوار جو آخري وار ظالم سلطنت جي نظام کي ڪاٽي ڇڏيندو آهي، اهڙي طرح عدل ۽ انصاف واري حڪومت کي پهرين ڌڪ سان قائم ڪندو آهي. حڪومت سياست جو سرچشمو آهي ۽ سياست جي اڃ هميشه تلوار ئي اُجهائي آهي. الله تعاليٰ حضرت موسيٰ کي فرعوني حڪومت ختم ڪرڻ ۽ بني اسرائيل جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ هڪ انقلابي ليڊر جي حيثيت ۾ ظاهر ڪرڻ فرمايو، ان لاءِ ڏسو ته ڪيئن نه هُن کي ننڍپڻ کان ئي جنگ جي ميدان جي مصيبتن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪرڻ جي قابل بڻايو ۽ کيس طرح طرح جي تڪليفن ۾ وڌو. اڃا پاڻ هن جهان ۾ پهريون قدم رکيائون ته ماءُ جي هنج کان ڌار ٿي ويا، جنهن کان زمين تي هلندڙ جيت به محروم نه رهندا آهن. الله جي حڪمت ۽ تدبر، پنهنجي نبي اولوالعزم کي ان کان محروم ڪري ڇڏيو ۽ کيس نيل نديءَ جي طوفاني لهرن جي حوالي ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن ان نديءَ جي طوفاني لهرن مان هن کي پنهنجو رستو ڪڍڻو هو.
    ”۽ اسان موسيٰ جي ماءُ جي دل ۾ هي ڳالهه ويهاري ته کيس کير پياري ۽ جيڪڏهن فرعون جي ظلم سبب ان جي جان جو خوف هجي ته درياهه ۾ وجهي ڇڏي ۽ ڪنهن به قسم جو خوف ۽ غم نه ڪري. اسين پوءِ سندس ئي جهوليءَ ۾ ان جي دل جي ٽڪري کي واپس ڪنداسين ۽ ان کي پنهنجو پيغمبر بڻائينداسون.“ (قصي-7)
    حضرت موسيٰ جي والده پنهنجي لخت جگر کي درياهه جي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيو پر نيل نديءَ جون لهرون ان مقدس امانت کي ٻيو ڪيڏانهن به نه کڻي ويون، البته ان محل تائين حفاظت ۽ سلامتيءَ سان پهچائي ڇڏيائون جنهن جي تڪبر ۽ گهمنڊ کي ختم ڪرڻ لاءِ آخرڪار هن ٿڃ پياڪ ٻار کي وڏو ٿيڻو هو. الله تعاليٰ فرعون جي محل جي عورتن کي هن تي مهربان ڪري ڇڏيو. انهن هن جي پنهنجن ٻارن وانگر پالنا ڪئي ۽ سندس ماءُ دائي ٿي. ان ۾ الله جي وڏي مصلحت اها هئي ته جڏهن حضرت موسيٰ بادشاهه جي محل ۾ پرورش وٺندو ته هُن جي دل مان سندن رعب ۽ دٻدٻو ختم ٿي ويندو. ننڍپڻ کان ئي شاهي زندگي، سياست، حڪومت هلائڻ جي طريقن ۽ ظالم حڪومت جي رازن کي هو سمجهي سگهندو.
    ”پوءِ ان کي فرعون جي گهر وارن درياهه مان ڪڍيو ۽ ان ٻار جي پرورش ڪئي ته (هن لاءِ نه ته) جيئن اڳتي هلي هو انهن جو دشمن ۽ سندن رنج ۽ غم جو سبب بڻجي. بيشڪ فرعون، هامان ۽ ان جو لشڪر غلطيءَ تي هئا. جڏهن ته پنهنجي دشمن کي پنهنجي گهر جي اندر پرورش ڏيئي رهيا هئا.“ (قصص-8)
    ان کان پوءِ آزمائش ۽ امتحان جا ڪيترائي موقعا سامهون آيا، هن هڪ ظالم شخص کي ظلم ڪندو ڏسي قتل ڪيو هو.
    ”جڏهن سڀ ماڻهو غافل هئا. موسيٰ شهر ۾ آيو ۽ اتي ٻن ماڻهن کي جهيڙو ڪندي ڏٺائين. ان مان هڪ ماڻهو هن جي قوم جو هو ۽ ٻيو هن جي دشمن ٽولي جو. موسيٰ کي ڏسي سندس قوم جي ماڻهو دشمن جي ظلم جي فرياد ڪئي ۽ موسيٰ ان (دشمن) کي اهڙو ٺونشو هنيو جو هو مري ويو. اهو حال ڏسي هو (موسيٰ) گهٻرائجي ويو ته شيطان مون کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو. بيشڪ، شيطان گمراهه ڪندڙ دشمن آهي.“ (قصص-15)
    هاڻي الله تعاليٰ ظلم، ڏاڍ ۽ انساني غلامي ۽ ٻانهن جي ڌرتيءَ کان هن کي پري رکڻ گهريو، ڇاڪاڻ ته اِن ڳالهه جي ضرورت هئي ته هو ڪنهن آزادا نه ماحول ۾ رهي، اچڻ واري وقت لاءِ تيار ٿئي.
    ”جڏهن موسيٰ مصر کان نڪري مدين طرف روانو ٿيو ته چيائين ته خدا مون کي ضرور سنئين واٽ ڏيکاريندو.“
    (قصص-22)
    الله تعاليٰ سندس نگهباني ڪئي ۽ سنئين واٽ ڏيکاري کيس هڪ صالح ٻانهي جي تربيت هيٺ آڻي ڇڏيو، جتي پورن اٺن سالن تائين آزاديءَ جي ماحول ۾ پنهنجي جذبات ۽ خيالات جي نشو و نما ڪيائون. پوءِ جڏهن موٽيا ته فرعون جي تخت ۽ تاج کي ختم ڪرڻ جي سموري سامان سان مسلح هئا.
    ”۽ اسان موسيٰ کي حڪم ڏنو ته پنهنجي لٺ کي اڇل. موسيٰ پنهنجي هٿ مان لٺ کي اڇليو پر جڏهن ڏٺائين ته اها نانگ وانگر حرڪت ڪري ٿي ته پُٺي ڏيئي وٺي ڀڳو ۽ پوءِ ان طرف منهن ئي نه ڪيائين. اسان چيو: اي موسيٰ! اڳتي وڌ، بلڪل خوف نه ڪر، تون حفاظت ۾ رهندين. پوءِ اسان حڪم ڏنو ته پنهنجي هٿ کي بغل ۾ وجهه. اهو چمڪندڙ ٿي نڪرندو. تنهنجي خدا طرفان فرعون ۽ ان جي درٻارين لاءِ اهي ٻه نشانيون ڏنيون ويون آهن.“
    (قصص-31، 32)
    فوج جي تنظيم ۽ تربيت لاءِ جنهن سپه سالار جي ضرورت هئي، اهو جنگ جي سامان سان مسلح ٿي آيو هو. هن جي ماڻهن مان پنهنجي فوج ٺاهڻ ٿي گهري، انهن جي حياتي مصيبتن ۽ مونجهارن ۾ گرفتار هئي. ان لاءِ هن فرعوني سرڪار کان جيڪو پهريون مطالبو ڪيو اهو ان فوج جي آزاديءَ جو هو.
    ”الله جي انهن ٻانهن کي منهنجي سپرد ڪر، آءٌ تو وٽ هڪ امانتدار پيغمبر بڻجي آيو آهيان.“ (الدخان-18)
    پر فرعون ٻين سڀني ظالم بادشاهن وانگر، ان الاهي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو. ان لاءِ اهو ضروري هو ته مصر ۾ رهي بني اسرائيل جي تعليم ۽ تربيت جو انتطام ڪرڻ گهرجي. صدين جي غلامي بني اسرائيل کي جيتري قدر جهاد جي جذبي کي گهٽايو آهي، ايتري قدر ڪنهن بامقصد تعليم ۽ تربيت جي ذريعي انهن ۾ آزادي ۽ استقلال جي ارادن کي مضبوط ڪيو وڃي.
    ان لاءِ حڪم الاهي مطابق حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي اندروني تبليغ ۽ اصلاح جي پروگرام ۾ مشغول ٿي ويو ۽ بني اسرائيل کي مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيائون. ان تياريءَ جا طريقا ۽ اصول جيڪي قرآن پاڪ ٻڌايا آهن اهي ڪنهن ٻي مجلس ۾ ٻڌائينداسين.
    جڏهن ڳچ وقت گذريو ته حڪم خداوندي ٿيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهيءَ تيار ڪيل فوج کي حرڪت ۾ آڻ. پهرين مهم اها هئي ته فرعوني گورنمينٽ جي ساز و سامان ۽ قانونن جي پاسداري ڪرڻ کان سواءِ، جيڪو بني اسرائيل کي غلاميءَ مان نڪرڻ نٿو ڏئي، تون انهن کي ساڻ ڪري رات رات نڪري پئو. اوهان جو پيڇو ڪيو ويندو پر عذاب الاهي به انهن جي ڪڍ هوندو.
    ”منهنجن ٻانهن کي وٺي راتو رات نڪري پئو ۽ پڪ ڄاڻ توهان جو پيڇو ڪيو ويندو.“ (الدخان، 23)
    هنن الله جي حڪم جي تابعداري ڪئي ۽ جهڙي طرح فوجي ميڙ واسطي بندوبست ڪرڻو پوندو آهي، ڪيو ويو پر فوج صرف ماڻهن جي ان ميڙ جو نالو ناهي، جنهن کي جنگ جي ميدان ۾ ديوار وانگر بيهاريو ويو هجي. بلڪه جهڙي طرح دنيا جي حقيقت مادي ۽ توانائيءَ تي ٻڌل آهي، اهڙي طرح فوج به جسم ۽ روح جي مجموعي جو نالو آهي. اهو پروردگار جو ڪم آهي، جيڪڏهن هو چاهي ته هڪ انسان کي هڪ هزار انسانن مٿان غالب آڻي سگهي ٿو.
    ”اي پيغمبر! مسلمانن کي جهاد لاءِ تيار ڪر، جيڪڏهن توهان مان ويهه ماڻهو به صبر ڪرڻ وارا هوندا ته اهي ٻه سؤ دشمنن تي غالب ٿي پوندا ۽ جيڪڏهن توهان مان هڪ سؤ ماڻهو به صبر ڪرڻ جي طاقت رکندڙ هوندا ته ڪفار جي هڪ هزار ٽولي جي ماڻهن تي غلبو حاصل ڪري وٺندا.“
    (انفال-64)
    ارادي، استقلال، صبر ۽ تحمل جي طاقت صرف گهڻن ماڻهن جي هجڻ سان پيدا نه ٿيندي آهي. ان کي آزاديءَ جهڙي نعمت پيدا ڪندي آهي، جيڪا انساني نشو و نما جي فطري تربيت گاهه آهي.
    پر آزادي هڪ اهڙو جوهر آهي جيڪو ڪڏهن ايترو سستو هوندو آهي جو ريگستان جي واريءَ جي هر ذري ۾ ملي سگهي ٿو ۽ ڪڏهن ايتري قدر مهانگو هوندو آهي جو صرف شاهي تاج ۾ جڙيل موتين جي جهلڪ ۾ نظر ايندو آهي.
    پر حضرت موسيٰ عليه السلام جنهن فوج جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ الله تعاليٰ طرفان مقرر ڪيا ويا هئا، ان جي اندر اهو آزاديءَ جو روح اڻ لڀ ٿي ويو هو، فرعون جي غلامي انهن جي سڀني شريفاڻن جذبن کي ختم ڪري ڇڏيو هو. هُنن ڪڏهن حڪومت جو خواب به نه ڏٺو هو. حضرت موسيٰ عه جي پيغمبرانه دعوت ۽ تبليغ جي قوت سان مومنن جي هڪ ننڍڙو گروهه پيدا ٿيو، جنهن آزاديءَ جي روح سان معمور ٿي فرعون کي للڪاريو.
    ”جيڪو حڪم چاهين اسان لاءِ ڏي. تنهنجي حڪومت وڌ کان وڌ هن دنياوي زندگيءَ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي ته اسان کي قتل ڪيو ويندو . ان کان وڌيڪ اوهين ڇا ٿا ڪري سگهو ؟“ (طھ-72)
    اها ايماني نور جي روح جي ندا هئي، جنهن غلامن جي ديس ۾ آزاديءَ جو نعرو بلند ڪيو، نه ته اسرائيل جي حلقي مان ڪڏهن به ان قسم جي صدا بلند نه ٿئي ها.
    ان لاءِ بني اسرائيل جي فوجي تعليم ۽ تربيت لاءِ اهو ئي قدرتي مرڪز بهتر هو، جتي انسان سڀ کان پهرين آزاديءَ جي هوا کاڌي هجي، يعني آبادين ۽ بستين کان الڳ ڪنهن صحرا ۽ ميدان ۾، جتي نه ڪنهن جي حڪومت هجي ۽ نه ڪنهن انسان جو حڪم هلي. آزاد ۽ خودمختيار پکين جا آکيرا هجن. انهيءَ فطري ۽ حقيقي ڪائنات ۾ رهي اهي پنهنجي وڃايل آزاديءَ کي حاصل ڪري پيا سگهن، جيڪا مصر جي آبادين ۾ گم ٿي ويئي هئي.
    حضرت موسيٰ عليه السلام انهن جي اڳوڻي جاه و جلال ۽ عظمت کي ياد ڏيارڻ ۽ سندن بهادريءَ جي جذبن کي تازو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ چيائين:
    ”جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو هو ته، اي منهنجي قوم وارؤ! الله جي ان نعمت جو خيال ڪريو جيڪا هن توهان کي عطا ڪئي هئي. هن توهان ۾ پيغمبر پيدا ڪيا، توهان کي فرمانروا بڻايو ۽ توهان کي اهو ڪجهه ڏنائين، جيڪو دنيا ۾ ڪنهن کي نه ڏنو هئائين. اي قومي ڀائرو! پختو ارادو ۽ همت ڪريو ۽ مقدس سرزمين ۾ داخل ٿي وڃو. ان جي حڪومت صرف توهان جي قسمت ۾ لکي ويئي آهي ۽ ڪڏهن به بزدلن وانگر پوئين پيرين نه موٽو، نه ته ان جو نتيجو صرف ناڪامي ۽ محروميءَ کان سواءِ ڪجهه نه هوندو.“ (مائده-20-21)
    پر اهو امتحان اهڙي قوم لاءِ فائيمند ثابت نه ٿي سگهيو جيڪا صدين کان غلاميءَ جي لعنت ۾ گرفتار هئي. بني اسرائيل نهايت ئي بزدليءَ سان جواب ڏنو:
    ”اي موسيٰ! مقدس سرزمين ۾ هڪ نهايت هيبتناڪ قوم رهي ٿي. اسين ان ۾ هرگز داخل نه ٿي سگهنداسون. اهي پنهنجي ساز و سامان ۽ طاقت سان اسان کي ختم ڪري ڇڏيندا. جيستائين اهي پنهنجو پاڻ نه هليا وڃن اسان اوڏانهن رخ نه ڪنداسين.“ (مائده-22)
    مقدس شهر ۾ داخل ٿيڻ جو مقصد صرف شاهي جاه و جلال جو منظر ڏيکارڻ نه هو بلڪه بني اسرائيل جي وڃايل قديم عظمت کي خلافتِ الاهيءَ جي صورت ۾ قائم ڪرڻ هو ۽ خلافت الاهي کي قائم ڪرڻ لاءِ جنهن قسم جي شجاعت گهربل هوندي آهي اها صرف ايماني نور سان ئي پيدا ٿي سگهي ٿي. بني اسرائيل قوم جي ماڻهن جون دليون ان کان خالي هيون. ٻن مخلص مومنن پنهنجي ايماني نور جي تجليءَ سان انهن جي دلين ۾ تڙپ پيدا ڪرڻ چاهي:
    ”جيڪي ماڻهو فلسطين ۾ داخل ٿيڻ کان ڊڄي رهيا آهن، انهن مان ٻن ماڻهن جن کي الله پنهنجي نعمت سان نوازيو هو، چيو ته جهاد في سبيل الله کان انڪار نه ڪيو ۽ الله تي ڀروسو رکي مقدس سرزمين ۾ داخل ٿي پئو. جڏهن توهان داخل ٿيندؤ ته پڪ سان توهان ئي غالب ٿيندؤ. جيڪڏهن اوهان مسلمان آهيو ته الله تي ڀروسو ڪيو.“ (مائده-23)
    ان تي به سندن دلين ۾ جهاد جو جذبو پيدا نه ٿيو ۽ انهن صاف لفظن ۾ چيو ته:
    ”اي موسيٰ! جيستائين اهي طاقتور ماڻهو ان شهر ۾ آهن، اسين ان شهر ۾ هرگز داخل نٿا ٿي سگهون. تون ۽ تنهنجو خدا وڃي وڙهو، اسين هتي ويهي تماشو ڏسنداسون.“
    (مائده-24)
    هاڻي حضرت موسيٰ عليه السلام کي مايوسي ٿي ۽ هن، ان بزدل قوم کي عليحده ٿيڻ ٿي چاهيو.
    ”حضرت موسيٰ چيو: خداوند! مان صرف پاڻ تي ۽ پنهنجي ڀاءُ هارون تي وس رکان ٿو، پنهنجي قوم جي بزدلي ۽ روحاني موت جو ڇا ڪريان. هاڻي مون کي ان بدڪار قوم کان عليحده ڪر.“ (مائده-25)
    پر حڪم ٿيو ته اي موسيٰ! تون مايوسي ڪرڻ لاءِ پيدا نه ڪيو ويو آهين. تنهنجي پيغمبرانه استقامت جي طاقت کي انهن مصيبتن ۽ مشقتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. بني اسرائيل کي گهڻي عرصي جي غلامي، جهاد في سبيل الله کان اڻواقف ڪري ڇڏيو آهي. اهي ننڍين ننڍين راحتن جا عادي ٿي پيا آهن. وڏي مقصد جي لاءِ مصيبت کي برداشت ڪرڻ کان گهٻرائين ٿا ۽ غلاميءَ جي زندگي گذارڻ جو اهو ئي نتيجو آهي. ان لاءِ اوهين گهٻرايو نه، انهن کي ڪنهن آزاد ۽ بي قيد ماحول ۾ رهايو، جتي خالص ۽ فطري ماحول ۾ ڪو زمانو زندگي گذارين. غلاميءَ جي دور وارو نسل ختم ٿي وڃي ۽ هڪ نئون نسل پيدا ٿئي، پوءِ اهي جهاد جي رستي ۾ مشڪلاتن کي برداشت ڪري سگهندا.
    ”الله تعاليٰ چيو: بيت المقدس ۾ داخل ٿيڻ انهن تي چاليهن سالن تائين حرام آهي. اهي زمين ۾ ٿاٻا کائيندا وتندا. عظمت حاصل ڪرڻ ۾ اها چاليهن سالن جي دير انهن جي بزدليءَ جو نتيجو آهي. تو کي اهڙن ماڻهن جي محرومي تي افسوس نه ڪرڻ گهرجي.“ (مائده-26)
    اسلامي هٿياربند سکيا نهايت اهم ۽ گهڻي وسيع آهي. سڀ کان پهريائين قرآن جون اهي وضاحتون سامهون اچن ٿيون جن ۾ مسلمانن جون قومي خاصيتون بيان ڪيون ويون آهن ۽ هر خاصيت ۾ هٿيابند تربيت جي هڪ اعليٰ حقيقت موجود آهي. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن صه جي زندگي، سندن نبوت جا قول ۽ عمل، اسوه حسنه، ڏينهن ۽ راتين جا واقعا، جهاد في سبيل الله جون ڪارروايون ۽ حالتون سامهون آڻڻ ۽ انهن ۾ ترتيب پيدا ڪرڻ اڄ جي بحث لاءِ ضروري آهي. پر انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي صرف عام ۽ سرسري نظر وجهي اسلامي ۽ موسوي نظام جي باهمي تعلق کي ظاهر ڪيون ٿا.
    حقوق الله ۽ حقوق العباد جي جيڪا عادلانه ورهاست الله تعاليٰ ڪئي آهي، ان کي عدل و اصليت سان قائم رکڻ هڪ ڪامل مذهب جو فرض آهي. انسان شروع کان ئي حقن ۾ هٿ چراند ڪرڻ شروع ڪئي آهي. هن جيتري قدر حقوق الله کي پائمال ڪيو، ايتري قدر حقوق العباد کي به تباهه ۽ برباد ڪيو آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام جي زماني ۾ حقوق الله جي تباهي پنهنجي آخري حد کي پهچي چڪي هئي ۽ انسان ظاهر ظهور خدائي صفتن جو دعويدار بڻجي چڪو هو.
    ”ڇا اوهين ان شخص کي نٿا ڏسو جنهن ابراهيم سان خدا جي باري ۾ ان غرور تي حجت ڪئي ته خدا هن کي بادشاهه بڻايو آهي. جڏهن ابراهيم چيو ته منهنجو خدا اهو آهي جيڪو زنده ڪندو آهي ۽ ماريندو آهي، ته هُن سرڪش چيو ته مان به زنده ڪندو آهيان ۽ ماريندو آهيان. “
    (بقره-258)
    پر الله تعاليٰ پنهنجن حقن جي حفاظت لاءِ ڪڏهن به زمين تي انساني خون نه وهايو آهي. صرف انسان جي ڏاڍ ۽ ظلم ئي زمين کي خون سان رڱيو آهي ۽ اهو داغ ان وقت کان وٺي لڳو آهي جڏهن هڪ ڀاءُ (قابيل) ٻئي ڀاءُ (هابيل) کي قتل ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو حديثن ۾ سڀني خونن جو ذميوار قابيل کي قرار ڏنو ويو آهي. حضرت موسيٰ عليه السلام جي زماني تائين حقوق الله بلڪل ختم ٿي چڪا هئا ۽ شيطان انسان جي اندر مان صاف ڳالهائي رهيو هو.
    ” ۽ فرعون پنهنجن درٻارين کي چيو ته مان نٿو ڄاڻان ته مون کان سواءِ ٻيو ڪو توهان جو خدا آهي.“ (القصص-38)
    هو جيڪڏهن ايستائين بس ڪري ها ته شايد خدا جي قهر کان بچي وڃي ها. جيئن ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي زماني تائين هن دنيا تي الله تعاليٰ جو لطف ۽ ڪرم ڇانيل رهيو پر فرعون حد کان وڌي حقوق العباد جي دائري ۾ ظلم ۽ ڏاڍ شروع ڪيو. اهڙي ئي موقعي تي الله تعاليٰ جي تلوار مياڻ مان نڪرندي آهي ۽ پوءِ دنيا کي خون جي درياهه ۾ ترڻو پوندو آهي. خدا تعاليٰ پنهنجي حقن کي نظرانداز ڪري پئي سگهيو پر حقوق العباد جي برباديءَ کي برداشت نه ڪري سگهيو. ان لاءِ حضرت موسيٰ کي انهن جي حفاظت لاءِ فرعون ڏانهن موڪليو:
    ”اي موسيٰ فرعون وٽ وڃ، ڇاڪاڻ ته هو نهايت ظالم ۽ سرڪش ٿي ويو آهي.“ (يعني خدا جي ٻانهن تي ڏاڍو ظلم ڪندو آهي) (طھ-24)
    اهو پهريون موقعو هو جڏهن الله جي صالح ٻانهي عدل ۽ امن جي قيام جي حمايت ۾ تلوار هٿ ۾ کنئي ۽ ان ڏينهن کان ئي هٿياربند تربيت جو مذهبي روح هن دنيا ۾ ظاهر ٿيو.
    اسلام الله جو آخري دين آهي، جيڪو حقوق الله ۽ حقوق العباد ٻنهي جو ذميدار آهي. هڪ طرف هو انهن بتن کي ڀورا ڀورا ڪرڻ گهري ٿو جن خدا جي پاڪائي ۽ قدوسيت ۾ پاڻ کي شريڪ بڻايو آهي ۽ ٻئي طرف انسان کي انهن ٻنڌڻن کان مڪمل نجات ڏيارڻ چاهي ٿو جيڪي هر قسم جي سياسي، مذهبي، اخلاقي، معاشرتي ۽ مذهبي غلامين جي صورت ۾ وڪوڙيل آهن، جنهن جي ڪري هي جهان حقوق العباد جي تباهي ۽ بربادي جو جهنم بڻجي چڪو آهي.
    الله جي دين جي تڪميل لاءِ يعني حقوق الله ۽ حقوق العباد جي مڪمل حفاظت لاءِ اسلام سڀني نبين مان صرف ٻن پيغمبرن جي اسوه حسنه کي مسلمانن لاءِ نصب العين قرار ڏنو آهي. حقوق الله جي حفاظت لاءِ حضرت ابراهيم عليه السلام جي نقش قدم تي هلڻ جي تعليم ڏني آهي.
    ”توهان لاءِ ابراهيم ۽ ان جي ساٿين جي ذات ۾ پيروي ۽ اتباع لاءِ بهترين نمونو آهي.“ (الممتحنه-4)
    اسلام جي پوئلڳن ڏهن سالن تائين هر قسم جون جسماني تڪليفون برداشت ڪيون. هر قسم جي دنياوي ذلتن کي منهن ڏنو پر ڪافرن سان ڪنهن به قسم جي سختي نه ڪيائون بلڪه انهن کي نهايت نرمي ۽ محبت سان توحيد جي دعوت ڏيندا هئا. اهڙي طرح جڏهن اهي اسوه ابراهيميءَ جا پيروڪار بڻجي ويا ۽ ان سان گڏ فوجي سکيا جي سڀ کان وڏي عملي مشق يعني صبر، تحمل، پختي ارادي ۽ استقلال جي تڪميل ٿي ويئي ته پوءِ حقوق العباد جي حفاظت لاءِ اسوه موسوي جي پيروي جي تعليم ڏني. الله جي وحي دعوتِ موسوي ۽ دعوت محمدي جي ڀيٽ کي هيئن بيان ڪيو آهي:
    ”اسان اوهان ڏانهن پنهنجو هڪ پيغمبر موڪليو جيڪو حق ۽ انصاف جي شاهدي ڏئي ٿو، جهڙي طرح فرعون ڏانهن پنهنجو هڪ پيغمبر موڪليو هو. “ (المزمل-16)
    ان نقطي کان ئي اسلام جي هٿياربند تربيت عملي طرح شروع ٿئي ٿي. حق ۽ صداقت جو پيغام جيڪو اڳي زبان سان ٻڌايو ويندو هو، هاڻي ان سان تلوار کي به شامل ڪيو ويو.
    اسلام جي سڀني عملن ۽ عبادتن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اهو انقلاب اوچتو نه آيو هو ۽ نه اهو مديني جي انصارن جي مدد يا مڪي جي ڪافرن جي ڏاڍ سبب پيدا ٿيو هو پر ان لاءِ اسلام جو حقيقي دستور صرف جهاد هو ۽ اهو مسلمانن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي چڪو هو. اسلام جي فرضن جي شروعات نماز کان ٿئي ٿي، جيڪا فوجي ڏيک جو هڪ مثال آهي. نماز جا سڀئي رڪن حق جي مجاهدن جي تصوير آهن.
    پاڻ سڳورا ﷺ ۽ سندن ساٿي، جڏهن پهاڙن تي چڙهندا هئا ته تڪبير جي نعري جو آواز بلند ڪندا هئا ۽ جڏهن مٿان کان هيٺ لهندا هئا ته سبحان الله جو نعرو هڻندا هئا. نماز جي قيام، رڪوع، سجدي ۽ تڪبير و تسبيح ۾ به انهيءَ طريقي کي اختيار ڪيو ويو.
    فوج کي جنگ جي ميدان ۾ بک ۽ اڃ جون جيڪي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون، روزي جي ذريعي مسلمانن کي ان جو عادي بڻايو ويو.
    ٻڌايو ويو ته مال ۽ دولت سان به جهاد ڪيو ويندو آهي. يعني حق جي ڪلمي ۽ جان سان گڏ مال کي به لٽائڻ. زڪوات ۽ صدقن جي ذريعي اسلام هڪ باقاعده نظام قائم ڪيو. حج اسلام جي سڀني عملن جو مجموعو آهي ۽ ان ۾ اهم رڪن جهاد به آهي. هٿياربند زندگي گذارڻ لاءِ سفر، سفر جون مصيبتون، مٽن مائٽن کان جدائي، هڪ ئي پوشاڪ تي قناعت ڪرڻ ۽ هڪڙي ئي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ئي ميدان ۾ گڏ ٿيڻ ضروري آهي. تفصيل جو هي موقعو ناهي مگر حج جي اندر فوجي زندگيءَ جي سڄي تعليم موجود آهي.
    اهڙين سڀني عبادتن کي ادا ڪرڻ لاءِ جيڪي شرط ۽ پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن، انهن متعلق اسلام کي ٻين مذهبن مٿان فوقيت حاصل آهي. اسلام عبادتن جي پابندين کي آسان ڪيو آهي. سفر جي حالت ۾ يا ڪنهن ٻي مجبوريءَ ۾ انسان صرف تيمم ڪري نماز پڙهي سگهي ٿو. رڪعتن جي تعداد جي لحاظ کان صرف ٻه رڪعتون ڪافي آهن. سفر جي روزو رکڻ ضروري ناهي پر الله تعاليٰ ان رعايت کي عيش و آرام جو ذريعو ناهي بڻايو، جيئن آرام طلب ماڻهو سمجهندا آهن. ان جو مقصد صرف ان عظيم الشان فرض کي سولو بنائڻ آهي جنهن جو نالو جهاد آهي. ان لاءِ تيمم واري آيت جهاد جي سفر واري موقعي تي نازل ٿي. جيتوڻيڪ قصر نماز ۽ افطار رمضان جو حڪم هاڻي هر قسم جي سفر سان لاڳو آهي پر پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم ۽ اصحابن رضه جي سفر جو مقصد جهاد هوندو هو. ان لاءِ جيڪو مسلمان اسلام جي فرضن ۽ عبادتن جو پابند آهي اهو ئي مسلم آهي ۽ جيڪو مسلم آهي اهو لازمي مجاهد في سبيل الله ۽ الله جو سچو سپاهي آهي.
    ان ڪري هڪ اهڙي جماعت جنهن کي شروع کان ئي هٿياربند سکيا ڏني ويئي هجي، جنهن جون عبادتون فوجي سکيا جو نمونو هجن، جنهن ڏهن سالن تائين صبر، استقلال، عزم ۽ جفا ڪشيءَ جي مشق ڪئي هجي. پوءِ جيڪڏهن بدر، حنين ۾ ڪافرن کي شڪست ڏين ۽ خيبر جي قلعي کي نيست و نابود ڪن ۽ قيصر ۽ ڪسريٰ کي پائمال ڪن ته ڪا تعجب جهڙي ڳالهه ناهي.
    دنيا هميشه فوجي حقيقت کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي. اسلام جو سڀ کان وڏو ڪارنامو هي آهي ته هن ان غلطيءَ جو ازالو ڪيو. ڪيتري زماني تائين دنيا، ماڻهن جي وڏي تعداد کي فوج سمجهندي هئي ۽ سندس طاقت جو اندازو تعداد ۽ هٿيارن مان لڳايو ويندو هو. اڄ به فوجي نظام جنهن جوڙجڪ تي ٻڌل آهي، ان ۾ گهڻائيءَ کي ٿورائيءَ تي ترجيح ڏني وڃي ٿي يا جيڪا فوج زمين جي زياده پکيڙ ۽ گهڻن وسيلن تي قبضو رکندي هجي. ان کان پوءِ ان سرشتي ۾ ڪجهه ترقي ٿي، جنهن ۾ جسماني صحت، تندرستي ۽ بازوءَ جي طاقت جو اضافو ڪيو ويو.
    ان لاءِ اسپارٽا ۾ اهو قانون لاڳو ڪيو ويو هو ته فوجي قابليت کي وڌائڻ لاءِ، جيڪي ٻار فطرتاً ڪمزور پيدا ٿين ٿا انهن کي قتل ڪرڻ گهرجي. اسپارٽا ۾ ان قانون تي عمل ڪيو ويو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ انهن جو ملڪ ٿلهن متارن جسمن وارن نوجوانن سان ڀرجي ويو پر حقيقت ۾ فوجي جوڙجڪ جو اهو اصول غلط فلسفي جي بنياد تي ٻڌل هو. هن نظام جو اصول هو ته فوج صرف جسماني طاقت سان وڙهندي آهي، جنهن ڪري جسماني طاقت کي گڏ ڪرڻ جا صرف ٻه طريقا آهن. هڪ هيءُ ته ماڻهن جي گهڻي انگ کي فوج ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ٻيو اهو ته جيڪڏهن ايئن ممڪن نه ٿي سگهي ته ان گهٽتائيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ طاقتور سپاهي گڏ ڪيا وڃن. جهونين تاريخن ۾ انهيءَ غلط خيال کي فتح ۽ ڪامرانيءَ جو سبب سمجهيو ويندو هو.
    پر حقيقت هيءَ آهي ته فوج جنگ جي ميدان ۾ ڪنهن ٻاهرين قوت سان نه وڙهندي آهي بلڪه اها مخالف سان مقابلو پنهنجي اندروني جذبي سان ڪندي آهي. جوش ۽ جذبي جي اها قوت سپاهين جي گهڻي تعداد ۽ سندن جسماني طاقت تي مدار نٿي رکي. اهو جذبو ۽ جوش ڪمزور انسانن ۽ مسڪينن ۾ به پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙا ئي نتيجا حاصل ٿي سگهن ٿا جيڪي فوج جو هڪ وڏو لشڪر حاصل ڪري سگهي ٿو.
    اسلام پهريون مذهب آهي جنهن هٿياربندتربيت جو بنياد ان اصول تي رکيو آهي ۽ ان اصول تي هن اسلامي مجاهدن جي سکيا شروع ڪئي. اسلام ٻڌايو ته فتح ۽ ڪامراني صرف وڏين وڏين جماعتن لاءِ ناهي بلڪه هڪ ننڍو گروهه به الله تي ڀروسو رکي هڪ عظيم الشان جماعت کي شڪست ڏيئي سگهي ٿو.
    ”ڪيترائي ننڍا گروهه آهن جيڪي الله جي حڪم سان وڏن وڏن گروهن تي غالب اچي ويا ۽ الله صرف پختي ارادي ۽ همت وارن سان گڏ آهي. “(بقره-249)
    اسپارٽا وارن جن ڪمزورن ۽ ناتوان ٻارن کي اڇلايو، اسلام انهن کي پيار ۽ محبت سان پنهنجي سيني سان لڳايو. ڇاڪاڻ ته فوج صرف جذبي ۽ روحاني طاقت سان وڙهندي آهي. جذبن جو اثر ڪمزور انسان تي طاقتور کان وڌيڪ ٿئي ٿو. پوءِ اُهي ئي بهترين خدمت سرانجام ڏيئي سگهن ٿا. انهن کي ڪمزوري ۽ ناتوانيءَ سبب ٺڪرائي نٿو سگهجي. حديثن جي ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جي ڪچهري صرف وڏن جسمن ۽ ويڪرن سينن وارن لاءِ مخصوص نه هوندي هئي پر ان ۾ هميشه ضعيفن ۽ ڪمزورن کي خاص رحمت ۽ محبت سان نوازيو ويندو هو.
    ”مون وٽ ضعيفن کي آڻيو ڇاڪاڻ ته توهان کي انهن جي ڪري روزي ۽ مدد ملي ٿي. “ (الحديث)
    ان لاءِ اسلام فوجي نظام جي سکيا ۾ دنياوي اسباب ۽ طاقت کي بلڪل نظرانداز ڪيو آهي ۽ ان جي تربيت صرف روحاني ڪئي آهي. اهو ئي روح آهي جنهن کي اسلام نظامِ اخلاق چيو آهي.
    اسلام هڪ ڪامل مذهب آهي، ان لاءِ هن عقيدن ۽ عبادتن سان گڏوگڏ اخلاق کي به جاءِ ڏني آهي. اسلام خاص طور تي جنهن حسن اخلاق جي تعليم ڏي ٿو ان جو تعلق هٿياربند گروهه سان آهي. اهو ئي اصل جوهر آهي جنهن سان ڪا به فوج جنگ جي ميدان ۾ ثابت قدم رهي سگهي ٿي. اسلام هن دنيا ۾ حق ۽ صداقت کي زور وٺرائڻ آيو آهي. حق ۽ صداقت کي جهاد جي ذريعي سوڀارو ڪري سگهجي ٿو. جهاد جو پهريون ۽ اصل شرط صبر آهي. ان لاءِ اسلام هميشه حق ۽ صبر کي ضروري ٺهرايو آهي.
    ”زماني جا حادثا ۽ نتيجا شاهد آهن ته انسانن جون قوتون ۽ سندن عمل وڏي خساري ۾ رهيا آهن ۽ صرف اهي ئي انسان ڪامياب ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي اندر حق جي نصيحت ۽ صبر جي تلقين ڪندا رهيا.“ (العصر)


    حضرت يوسف عليه السلام جي سيرت جو مطالعو

    حضرت يعقوب عه کان پوءِ حضرت يوسف عليه السلام جي شخصيت نمايان ٿئي ٿي ۽ اها ئي هت بيان ٿيندڙ ڳالهه جي اصلي شخصيت آهي. هتي پهچندي ئي هڪ خاص حقيقت جو ظهور شروع ٿئي ٿو ۽ ڪهڙي به رخ کان ڏسو، ڪٿان به ڏسو، ان جو منظر سامهون ايندو رهي ٿو. يعني انسان جي سيرت جي فضيلت ۽ انهن فضيلتن جون اٽل ڪاميابيون. حضرت يوسف عه جي سيرت جو مطالعو اسان کي ٻڌائي ٿو ته انساني زندگيءَ جي سڀ کان وڏي طاقت سندس سيرت جي چڱائي آهي ۽ جي اها چڱائي موجود هجي، ته پوءِ ان جي لاءِ فتح ۽ ڪاميابين کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ٿي سگهي. دنيا جا سڀئي سمنڊ ۽ جبل ان جي رستي ۾ رڪاوٽ ٿي پون تڏهن به سندس رفتار گهٽ نه ٿيندي، حادثا ۽ واقعا ان تي اثرانداز نه ٿا ٿي سگهن. ماڻهن ۽ جماعتن جون ڪوششون ان کي فتح نه ٿيون ڪري سگهن. ان لاءِ هر حال ۾ ڪاميابي آهي. ان لاءِ هر هنڌ سوڀ آهي. ان لاءِ هر طاقت تي فرمانروائي آهي. هو عملن ۽ نتيجن جي امتحان گاهه ۾ صرف انهيءَ لاءِ آهي ته اوچي ڳاٽ هجي. عاجزي ۽ انڪساري جي آلاڻ ان کي ڪڏهن به ڇهي نٿي سگهي.
    سترهن سالن کان گهٽ عمر جو هڪ نوجوان، پيءُ جي آغوشِ محبت کان زوري جدا ڪيو وڃي ٿو ۽ اوچتو ئي اوچتو پاڻ کي ڪهڙن ماڻهن ۾ ڏسي ٿو؟ اهڙن ماڻهن جي وچ ۾ جيڪي چند ٽڪن جي لالچ ۾ غلام ڪري وڪڻي رهيا آهن. دنيا جون هڪ لک انساني طبيعتون اهڙي حالت ۾ ڇا ڪن ها؟ ليڪن سوچيو ته هن ڇا ڪيو؟ ائين ٿو معلوم ٿئي ته هڪ تجربيڪار دانشمند وانگر، جنهن حالتن جو پورو پورو جائزو ورتو هجي ۽ پوءِ فيصلو ڪري ڇڏيو هجي ته ڪهڙيون به حالتون پيش اچن، اهي صبر ۽ سڪون سان برداشت ڪرڻ گهرجن ۽ حالتن مطابق ڪم ڪرڻ گهرجي.
    قافلي وارن يوسف عليه السلام کي غلام جي حيثيت سان پيش ڪيو، پاڻ غلام جي حيثيت سان پيش ٿيا. عزيزِ مصر کين غلامن وانگر خريد ڪيو، پاڻ ان جي غلامن وانگر خدمت ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ ان سان اهڙي طرح پيش آيا، جهڙي طرح هڪ اطاعت گذار ۽ وفادار غلام کي پنهنجي مالڪ سان پيش اچڻ گهرجي. ڪٿان به اها ڳالهه ظاهر نٿي ٿئي ته پاڻ ائين ڪرڻ کان هٻڪ محسوس ڪئي هجينِ. ڄڻ هي بي وقت مصيبت جيڪا هزارن، لکن انسانن جي پوري زندگي لاءِ ذلت ٿي پوندي آهي، هن لاءِ ڪا مصيبت ئي نه هئي. پيءُ جي آغوشِ محبت کان نڪري، اوچتو ئي هڪ غير جو غلام ٿي وڃڻ، هن لاءِ اهڙي ڳالهه هئي، جيئن پنهنجي مرضيءَ سان زندگيءَ جو هڪ عيش ڇڏي ٻيو اختيار ڪيو وڃي: نه پوئين ڳالهه تي افسوس ۽ نه موجوده حالتن جو ارمان! نه گذريل جي ياد ۾ روڄ راڙو، نه آئينده جي انديشي ۾ بدحالي، ان ارادي ڪندڙ ۽ اهڙي بي پرواهه ملاح وانگر، جنهن کي نه ته ڪناري ڇڏڻ جو غم ستائي رهيو هجي ۽ نه اچڻ واري طوفان جو انديشو، هن پنهنجي ٻيڙي هلائڻ شروع ڪئي ۽ ڏسو آخرڪار منزل مقصود تي پهچائي دم پٽيائين.
    حادثن ۽ انقلابن جي بٺيءَ ۾ هن کان وڌيڪ ڪهڙو تير هو جيڪو هن تي هلايو نه ويو هو پر هن جي صبر ۽ عزم ان کي ڪک برابر به نه سمجهيو ۽ اهڙي طرح بي داغ حادثن جي چڪر مان نڪري ويو، ڄڻ هن جي خلاف ڪجهه ٿيو ئي نه هو.
    تصور ڪريو ته اهڙو انسان جيڪو دنيا جي مصيبتن ۽ موافقتن ۾ پنهنجو رستو ڳولڻ چاهيندو هجي ته هن معاملي ۾ ڪهڙي نه عظيم الشان عبرت آهي. جيڪڏهن حضرت يوسف عه مصيبتن ۽ ڏکن جي پهرين منزل تي صبر، عزم، اعتمادِ نفس ۽ توڪل علي الله جو اهم عظيم روح پنهنجي اندر پيدا نه ڪري وٺي ها، ته ڇا؟ ان منزل مقصود تي پهچي سگهي ها! جيڪا آخرڪار هن جي منزلِ مقصود ثابت ٿي.
    وري ڏسو، زماني جون گردشتون ڪهڙي طرح آزمائش مٿان آزمائشون پيدا ڪنديون رهيون ۽ ان جي اڏول ۽ بي داغ سيرت ڪهڙي طرح فتحن مٿان فتحون حاصل ڪندي ويئي. سڀ کان پهريائين عزيزِ مصر سان معاملو پيش اچي ٿو. هن، غلام جي حيثيت سان هن کي خريد ڪيو هو ۽ مصر جا آثار ٻڌائين ٿا ته مصرين جو غلام سان ڪهڙو رويو هوندو هو. اُهي غلامن لاءِ ايترائي سنگدل هئا، جيتريون دنيا جون ٻيون قومون رهيون آهن. تنهن هوندي به هن ٿوري وقت ۾ پنهنجي حسن ۽ ڪردار سان ان جي دل کٽي ورتي ۽ غلاميءَ جي جاءِ تي مالڪي ڪرڻ لڳو:
    ”هن پنهنجي گهر واريءَ کي چيو ته هن کي سٺي نموني رکجانءِ، عجب ناهي ته هي اسان کي فائدو ڏي يا اسين هن کي پٽ بڻايون.“ (يوسف 21)
    سوچيو ته سهي، اهو انقلاب ڪيئن پيدا ٿيو هوندو، اها ڪهڙي وفاداري ۽ ديانتداري ۽ راست بازي ۽ امانت شعاري هئي جنهن هڪ مصري امير کي ايتري قدر متاثر ڪيو جو هو هڪ عبراني غلام کي پنهنجي پٽ وانگر چاهڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي سموري گهر ٻار ۽ علائقي جو خودمختيار بڻائي ڇڏيس ٿو.
    ان کان پوءِ عزيز جي عورت جو معاملو رونما ٿئي ٿو. پويون آزمائشون ذهن ۽ دماغ جون هيون، هي جذبات جي آزمائش هئي. انسان جي لاءِ سڀ کان وڏي آزمائش جذبات جي آزمائش ئي هوندي آهي. هو سمنڊ جي ڇولين کان نٿو ڊڄي، جبلن جي چوٽين کان نٿو گهٻرائي، آسمان جي کنوڻ کان نٿو ڪنبي، درندن جي مقابلي کان منهن نٿو موڙي، تلوارن جي ڇانو ۾ کيڏڻ لڳي ٿو پر نفس جي هڪ ننڍڙي ترغيب ۽ جذبات جي ادنيٰ ڪشش جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، پر حضرت يوسف عه جي ڪردار جو پهاڙ هتي به اڏول رهيو. هن جي بي داغ فضيلت تي نفس انساني جو سڀ کان وڏو فتنو داغ لڳائي نه سگهيو.
    قرآن جي معجزانه بلاغت چند لفظن ۾ معاملي جي سڄي تصوير ڇڪي ورتي آهي ۽ جيڪڏهن انهن اشارن ۽ تشريحن کي اڃا وضاحت سان بيان ڪيو وڃي ته ڪيترن صفحن جو داستان ٺهي پوي. اوهين غور ڪريو ته ترغيبات جي ڪارفرمائي جو ڇا حال هو ۽ نفساني عيش جي اها دعوت ڪهڙن نه آرامده سامانن ۽ صبر وارين حالتن سان پيش آئي هئي. عمر، ڀرپور جواني جي عمر ۽ معاملو محبت جو نه بلڪه محبوبيت جو، طلب جو نه پر مطلوبيت جو- پوءِ طلب به ٿي ته ڪهڙي طلب ٿي؟
    ڪا اک ڏسڻ واري ناهي، ڪو به حجاب جو پردو حائل ناهي. ڪير آهي جيڪو اهڙي حالت ۾ به پنهنجو پاڻ کي قابو ۾ رکي سگهي ٿو. عصمت ۽ پاڪيزگيءَ جو ڪهڙو پهاڙ آهي جيڪو انهن بجلين جو تاب سهي سگهي ٿو ها، هڪڙو پهاڙ هو جنهن کي اهي بجليون به لوڏي نه سگهيون. اهو حضرت يوسف عه جو ڪردار هو جيڪو هر حال ۾ اڏول رهيو. خود عزيز جي گهر واريءَ جي لفظن ۾ (۽ ان کان وڌيڪ ان معاملي جو ڪير شاهد ٿي سگهي ٿو).
    ”بيشڪ، مان هن کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هي بچي نڪتو.“ (يوسف-32)
    هو اهڙي حال ۾ به پنهنجي جاءِ کان بي جاءِ نه ٿيو. هن پاڪيزگي جي جبل لاءِ ذرا به لرزش نه هئي.
    وري جڏهن عزيز جي گهر واري جي دعوتِ عيش جي جواب ۾ جيڪي ڪجهه هن جي زبان مان نڪتو اهو ڇا هو: (منهنجي مالڪ ته مون کي سٺي منزلت بخشي -23) تنهنجو مڙس منهنجو مالڪ آهي، هن مون تي اعتماد ڪيو، عزت ۽ احترام سان پيش آيو، پوءِ ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ان جي احساسن جو بدلو اهو ڏيان جو ان جي امانت ۾ خيانت ڪرڻ لڳان!
    غور ته ڪريو! هيءَ برائي اهڙي برائي هئي جو ان کان لنوائڻ لاءِ ڪيترائي بهانا ڪري پيا سگهجن پر هُن جو ذهن ان ڳالهه جي طرف ويو ۽ جنهن کي قرآن به ظاهر ڪري ڇڏيو. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته هُن جي ڪردار جو اصلي جوهر اتي ڳولڻ گهرجي. ايمانداري، پاڪبازي ۽ فرض جي ادائگيءَ جو روح اهڙي طرح هن تي واسو ڪيل هو جو هر موقعي تي سڀ کان پهريائين اهو ئي سامهون ايندو هو.
    پوءِ لائمات (ملامت ڪندڙين) جو معاملو پيش اچي ٿو. اڳي صرف هڪ عزيز جي گهرواريءَ جو فتنو هو ۽ هاڻي دارالحڪومت مصر جا سڀئي فتنه گر اچي گڏ ٿيا هئا ته جيئن هن جي ضبط ۽ تحمل جي اسباب جي برباديءَ ۾ حصو وٺي سگهن. مگر هتي به نتيجو ڪهڙو نڪتو:
    وَ قُلۡنَ حَاشَ لِلّٰہِ مَا ہٰذَا بَشَرًا ؕ اِنۡ ہٰذَاۤ اِلَّا مَلَکٌ کَرِیۡمٌ (یُوسُفَ -31)
    (۽ چيائون ته پاڪ آهي الله تعاليٰ، ناهي هي ڪو آدمي، مگر هڪ فرشتو وڏي مان شان وارو.)
    وري ڏسو ته پاڪبازي ۽ حق پرستيء جي آزمائش اچانڪ ڪهڙي صورت اختيار ڪري ٿي. انسانن کي دنيا ۾ سزائون ۽ مصيبتون ان لاءِ ڀوڳڻيون پون ٿيون جو اهي پاڻ کي ڏوهه ۽ گناهه کان روڪي نٿا سگهن، پر حضرت يوسف عه جي سامهون قيد جي سزا انهيءَ لاءِ آندي پئي ويئي ته هو جرم ۽ گناهه کان پاڻ کي ڇو روڪي رهيو آهي!
    ماڻهن کي قيدخاني جي سزا انهيءَ لاءِ ڀوڳڻي پوي ٿي جو اهي زندگيءَ جو عيش ڳولين ٿا ۽ جڏهن نٿو ملي ته زوري وٺڻ چاهين ٿا پر حضرت يوسف عه کي قيدخاني ذريعي ان ڪري ڊيڄاريو پئي ويو ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي هر عيش پنهنجي سمورين دلفريبين ۽ دلڪشين سان کيس دعوت ڏني ۽ هن انڪار ڪري ڇڏيو.
    حضرت يوسف عه جي ڪردار جو اهو عظيم مظاهرو آهي. اهو عشق حقيقيءَ جو اعليٰ نمونو آهي. اهو پرستاري ۽ صداقت جو دستور العمل آهي. اهو ئي ڪامل ايمان جو پيمانو آهي. جڏهن سندس سامهون ٻه ڳالهيون پيش ڪيون ويون: هڪ هيءُ ته زندگي جو عيش پر گناه جي رستي ۾، ٻيو هيءُ زندگيءَ جا ڏک ڏاکڙا پر پاڪبازي ۽ نيڪيءَ جي راهه ۾ ۽ پوءِ هن عظيم هستيءَ جو قطعي ۽ بغير ڪنهن هٻڪ جي فيصلو هي هو ته
    ”قيدخانو مون کي منظور آهي مگر اها ڳالهه نه جنهن جي مون کي دعوت ڏني پئي وئي.“ (يوسف33)
    اسان جا مفسر ڪرام لکن ٿا ته ”اها حضرت يوسف عه جي بدشگوني هئي جو پاڻ ئي قيدخاني متعلق چيائون. جيڪڏهن تڪڙ ۾ ائين نه چون ها ته اها مصيبت پيش ئي نه اچي ها.“
    افسوس، ڪيتري قدر نه حقيقت کان فراموشي آهي! حضرت يوسف عه جي جيڪا ڳالهه سندس پاڪيزگي ۽ عظمت جو سڀ کان وڏو جوهر هئي، سا هنن حقيقت کان اڻواقفن جي نظر ۾ سندس ڀل هئي. يعني سندن خيال موجب حضرت يوسف عه جو قيدخاني کي گناه تي ترجيح ڏيڻ ۽ ان کي خوشي سان قبول ڪرڻ اهڙي ڳالهه هئي جا نه ٿيڻ کپندي هئي ۽ اها صرف ان ڪري ٿي پئي جو حضرت يوسف عه بدشگوني ڪئي. غور ڪريو ته قرآن ڪٿي ۽ ان جي تشريح ڪرڻ وارا ڪٿي آهن!
    حضرت يوسف عه جو اهو ڪردار ئي آهي جنهن قيدخاني جي سوڙهي ۽ اونداهي ڪوٺيءَ کي به اهڙي طرح روشن ڪري ڇڏيو، جهڙي طرح هن عزيزِ مصر جي ايوان کي روشن ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته ڏيئو ڪٿي به رکيو وڃي ته روشني ئي ڏيندو ۽ هيري جي چمڪ انهيءَ ڪري گهٽ نه ٿيندي جو ان کي شاهي جواهرخاني ۾ رکڻ بجاءِ گند ۾ رکيو وڃي. تورات جي وضاحت پڙهي چڪا آهيو ته قيدخاني جو آفيسر هن جو معتقد ٿي ويو هو ۽ قيدخاني ۾ حضرت يوسف جو اثر رسوخ قائم ٿي چڪو هو.
    وري عين قيدخاني ۾ به دعوتِ حق جو ارادو سندن دل مبارڪ ۾ اٿي ٿو. انهيءَ وقت تائين پاڻ مصر ۾ دين حق جي تبليغ ڪا نه ڪئي هئائون، جيتوڻيڪ پاڻ ان تي قائم هئا پر هاڻي وقت اچي ويو هو ته سندس خانداني نبوت جو ظهور ٿئي. اهو خانداني نبوت جو ئي اثر هو جو پاڻ پنهنجي دل کي تبليغ جي جذبي سان پُر ڪيائون پر هتي ڪير هو جيڪو سندس تبليغ جو مخاطب ٿئي. صرف قيدخاني جا ڪجهه ساٿي، جيڪي طرح طرح جون مصيبتون ڀوڳڻ لاءِ هتي پهچايا ويا هئا. غور ڪريو! پاڻ آزاديءَ جو انتظار نه ڪيائون. قيدين ۾ دعوت حق جي تبليغ شروع ڪري ڏنائون ۽ هاڻي مصر جو قيدخانو دعوت حق جي تعليم جي درسگاهه بڻجي ويو. وري تبليغ حق جي جذبي جو حال ڇا آهي: ٻه نوان قيدي اچن ٿا جيڪي بادشاهه جي خاص خادمن مان آهن ۽ اهي پنهنجو پنهنجو خواب بيان ڪن ٿا. خواب ٻڌندي ئي پاڻ سمجهن ٿا ته هڪ جي آزادي ويجهي آهي ۽ ٻئي جو موت. بس پوءِ وقت جو هڪ لمحو زيان ڪرڻ کانسواءِ تعليم حق کان انهن کي واقف ڪري ڇڏين ٿا.
    ممڪن آهي جيڪو آزادي ماڻڻ وارو آهي اهو ٻج کڻي درٻار ۾ پوکي سگهي ۽ جنهن جو موت ويجهو آهي ته مانَ هو سچائي کي قبول ڪري ۽ دنيا مان وڃي ته راهه حق تي وڃي. تنهن ڪري اسين ڏسون ٿا ته پاڻ خواب ٻڌندي ئي ان جي تعبير نه ٻڌايائون، بلڪه انهن جي توجه جو فائدو وٺي هڪ ٻيو بيان شروع ڪري ڏنائون.
    ”تحقيق مان ترڪ ڪيو آهي مذهب انهيءَ قوم وارن جو جيڪي ايمان نٿا آڻين الله تعاليٰ تي ۽ اهي آخرت (جي برپا ٿيڻ کان به)سڀئي منڪر آهن.“ (يوسف-37)
    سندس سيرت جي ان هنڌ اسين معلوم ڪري سگهون ٿا ته دعوت حق جو فرض ڪيئن ادا ڪيو وڃي ۽ دعوت جي ادائگيءَ جو ڪهڙو حال هئڻ گهرجي. قيدخاني جي زندگي به فرض جي ادائگيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي نه سگهي. اهڙي حالت ۾ فڪر ان ڳالهه جو هو ته مان آزادي ڪيئن حاصل ڪريان بلڪه اهو هو ته خدا جا ٻانها جهالت ۽ گمراهيءَ کان نجات ڪيئن حاصل ڪن. جڏهن به مهلت ملي ۽ جنهن گهڙي به ملي، فوراً انهيءَ مقصد لاءِ ڪم آندي ويئي. جهڙي طرح ان ماڻهوءَ جي هدايت لاءِ جلدي ڪيائون جيڪو اڃا سالن تائين زنده رهڻ وارو آهي. اهڙي طرح ان جي لاءِ به صبر نه ڪري سگهيا جنهن جي ڪنڌ تي موت جي تلوار لٽڪي رهي هئي. ڇاڪاڻ ته انسان زنده رهڻ وارو هجي يا مرڻ وارو، هدايت حاصل ڪرڻ ان جو بنيادي ۽ فطري حق آهي، ان کي اهو حق هڪدم ملڻ گهرجي. پوءِ معاملو صرف ايتري تائين ختم نٿو ٿئي بلڪه جيستائين پهچائڻ جي گنجائش، موقعو ۽ ضرورت سمجهن ٿا ايستائين ڪوشش ڪن ٿا. جيئن ئي کين معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن مان هڪ بادشاهه جي ساقين جو سردار آهي ۽ وري ساڳي عهدي تي ڪم ڪرڻ وارو آهي ۽ هر وقت بادشاهه جي خدمت ۾ رهڻ وارو آهي، ڪيترو نه سٺو ٿيندو جو حق جي دعوت بادشاهه جي ڪنن تائين پهچائي ڇڏجي. اهڙي طرح تعبير بيان ڪرڻ بعد فرمايائون:
    ”جڏهن پنهنجي آقا وٽ وڃين ته مون کي ياد ڪجانءِ. يعني منهنجي هيءَ تعليم ۽ دعوت حق ياد رکجانءِ ۽ پنهنجي آقا سان موقعو وٺي ان جو ذڪر ڪجانءِ. ممڪن آهي ته حق جي پيغام کي قبول ڪري وٺي.“ (يوسف-42)
    عام طور تي حضرت يوسف جي انهيءَ قول جو اهو مطلب ورتو وڃي ٿو ته اهو هن پنهنجي آزاديءَ لاءِ چيو هو يعني پنهنجي آقا وٽ منهنجي سفارش ڪجانءِ. پر جنهن موقعي تي اها ڳالهه ڪئي ويئي آهي تنهن مان ان جي تائد نٿي ٿئي. قيدين سان سندس جيڪا به گفتگو ٿي سا يا ته تعبير جي باري ۾ هئي يا دين حق جي باري ۾، انهيءَ جو ڪو به اشارو نٿو ملي ته پاڻ قيد جي ڏکن جو ذڪر ڪيو هجينِ. پوءِ انهيءَ ڳالهه جو اهو مطلب ٿي سگهي ٿو، جيڪو مٿي بيان ڪيو ويو آهي. هي ڳالهه به صاف ٿي ويئي ته قيدين جو خواب ٻڌي پاڻ تعبير فوراً ڇو نه ٻڌايائون. مفسر لکن ٿا ته وحي جو انتظار هو. جيڪڏهن وحي جو انتظار هجي ها ته پاڻ ايڏي يقين سان ڇو چون ها ته (اڃا ايندو ئي ڪو نه اوهان ٻنهي جو طعام جيڪو توهان کي قيدخاني ۾ کارايو وڃي ٿو، مگر مان ٻڌائيندس توهان کي انهيءَ (خواب جي حقيقت) ۽ وحي جي فيض سان ته سندس دل معمور ٿي رهي هئي. تعبير جي لاءِ انتظار جي ضرورت ڇو پيش آئي. ڳالهه صاف آهي ته دير ڄاڻي واڻي ڪئي هئائون ۽ انهيءَ خيال کان ڪئي هئائون ته تعبير جي غرض ٻنهي کي منهنجي طرف متوجهه ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ توجهه مان جلدي فائدو وٺڻ گهرجي ۽ دين حق جي دعوت ڇيڙڻ گهرجي. اهڙي طرح دعوت جو ذڪر هنن لفظن سان شروع ڪيائون: ”تحقيق مان ترڪ ڪيو مذهب انهيءَ قوم وارن جو جيڪي ايمان نٿا آڻين الله تعاليٰ تي ۽ اهي آخرت جي برپا ٿيڻ کان سڀئي منڪر آهن.“ يعني خواب جي تعبير ته مان ٻڌائي ڇڏيندس. ڇاڪاڻ ته پروردگار مون کي انهيءَ جو علم ڏنو آهي پر منهنجي علم کي اهڙو علم نه سمجهو، جهڙو پنهنجن ڀوپن ۽ جادوگرن کي سمجهو ٿا. منهنجو رستو جدا آهي ۽ اوهان جي طريقي جو پابند ناهيان. پوءِ اهڙي طرح ڳالهين مان ڳالهيون ڪڍندي دين حق جي دعوت شروع ڪري ڇڏيائون.
    وري هن جي ڪردار جي فضيلت جو ڪهڙو نه عجيب منظر سامهون اچي ٿو ته جڏهن مصر جو بادشاهه خواب ڏسي ٿو ۽ ساقين جو سردار اهو معاملو کڻي اچي هن کي ٻڌائي ٿو. دنيا جو هر ماڻهو اهڙي موقعي تي ڇا ڪري ٿو؟ دنيا جو هر اهڙو قيدي ڇا ڪندو جنهن کي بغير ڪنهن ڏوهه ۽ گناهه جي قيد ڪيو ويو هجي ۽ سالن تائين بغير ڪنهن مدد جي قيد هجي؟ يقيناً اهڙي موقعي کي غيبي مدد سمجهي ان مان فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ چوندو ته مان اها مشڪل حل ڪري سگهان ٿو. مون کي قيد کان نڪرڻ ۽ بادشاهه جي حضور ۾ پيش ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي پر اسين ڏسون ٿا ته حضرت يوسف عليه السلام جي طرفان اهڙي ڪا به خواهش ظاهر نٿي ٿئي. پاڻ خواب ٻڌندي ئي ان جي تعبير بيان ڪري ڇڏيائون. ذري برابر به خيال نٿو ٿيئس ته پنهنجي مطلب لاءِ اها قيمتي ڳالهه ٿوري دير لاءِ روڪي ڇڏي. پوءِ نه صرف ايترو جو جيڪا ڳالهه پڇي ويئي هئي اها ئي ٻڌايائون پر ان کان به زياده علم جي بخشش مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيائون؛ يعني خواب ۾ ايندڙ تباهيءَ جي خبر ڏني ويئي هئي. پاڻ تعبير سان گڏ اهو به ٻڌائي ڇڏيائون ته ان تباهي ۽ مصيبت کان بچڻ جو ڪهڙو رستو آهي. سوال بادشاهه جي طرف کان هو پر جنهن جواب ڏنو اهو قيدخاني جي ڪوٺڙيءَ ۾ هوندي پنهنجي علم جي بخشش ۾ بادشاهن کان به وڌيڪ سخي هو.
    حضرت يوسف عليه السلام ائين ڇو ڪيو، انهيءَ لاءِ ته دنيا هن سان ڪجهه به ڪيو هجي پر هو دنيا جي خدمت ۽ هدايت کان سواءِ ڪو به مقصد نٿي رکي سگهيو. جڏهن خواب ٻڌائون ۽ سندس علم ۽ بصيرت خواب جو تعبير معلوم ڪري ورتو ته هڪڙي گهڙيءَ لاءِ به علم ۽ هدايت جي بخشش انسانن کان روڪي نه سگهيا. هن جو فرض هو ته جڏهن به گهر جائو هٿ سندس آڏو اچن ته انهن جي رهنمائي ڪرڻ فرمائين ۽ پاڻ رهنمائي ڪيائون. جيڪڏهن ائين نه ڪن ها ته حق جي دعوت ڏيندڙ ڪيئن سڏجن ها. سندس خدمت جو بي لوث جذبو انهيءَ خود غرضي واري مطلب پروريءَ کي برداشت نه پيو ڪري سگهي ته هڪ انسان جي مشڪل ۽ مصيبت کي پنهنجي آزاديءَ جو ذريعو يا سبب بڻائي. وري جڏهن بادشاهه ملاقات لاءِ مشتاق آهي ۽ پنهنجو قاصد موڪليائين ته گهرجي ها ته خوشيءَ سان انهيءَ پيغام جو استقبال ڪري ها. ڇاڪاڻ ته هاڻي پنهنجو پاڻ آزادي سامهون هئي ۽ آزادي اهڙي حالت ۾ ٿي رهي هئي جو وقت جو بادشاهه زيارت لاءِ مشتاق آهي پر ڏسون ٿا ته حضرت يوسف عليه السلام جي نظرن ۾ معاملي ٻي شڪل اختيار ڪئي. پاڻ قيدخانو ڇڏڻ ۽ بادشاهه سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون ۽ چئي ڇڏيائون ته پهرين منهنجي معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.
    هاڻي بي اختيار ساڳيو سوال وري سامهون اچي ٿو ته (اهڙي صورت حال ۾) دنيا جو هر مظلوم قيدي ڇا ڪري ها ۽ هن حق ۽ صداقت جي پيڪر ڇا ڪيو؟ هن جي سيرت ڪهڙن جواهرن مان ٺاهي ويئي هئي ۽ ڪهڙي نه صبر ۽ ضبط جي بي مثال قوتن سان خود داري، عزت نفس ۽ روح هڪ هڪ ذري ۾ شامل هو. حضرت يوسف عليه السلام جي ان انڪار ۾ سندس اخلاقي ذهنيت جي پوري دنيا لڪل آهي، ڄڻ اهي چئي رهيا آهن ته قيد کان آزادي بيشڪ خوشخبري آهي، پر اهڙي آزادي مون کي ڪهڙي خوشي ڏيئي ٿي سگهي، جيڪا منهنجي بي گناهيءَ جو سبب نه هجي ۽ بادشاهه جو عطيو ۽ بخشش هجي. هيم ته مجرم پر بادشاهه خواب ڏٺو. ڪو تعبير ڪري نه سگهيو، مون کي انهيءَ ڪري بادشاهه خوش ٿي آزاد ڪري ڇڏيو. پوءِ ته هي بادشاهه جو احسان ٿيو، حق ۽ صداقت جو فيصلو ته نه ٿيو. هرگز نه! مان پنهنجي آزادي احسان طور قبول نٿو ڪريان. جيڪڏهن مجرم آهيان ته سزا جو حقدار آهيان، ڇو بخشيو وڃان. جيڪڏهن ڏوهي ناهيان ته منهنجي بي ڏوهي هجڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪري آزاد ڪرڻ گهرجي ته سزا جو حقدار نه هيم، انهيءَ لاءِ نه ته ڪنهن ڏوهه بخشي ڇڏيو.
    عزت نفس ۽ حق جي استقامت جو ڪيڏو بلند مقام آهي ۽ اخلاقي ڪردار جي ڪيتري نه عجيب مضبوطي آهي، جنهن ۾ ڪٿي به لچڪ نظر نٿي اچي. ڪهڙي رخ کان ڏسو ۽ ڪيئن به ڏسو، سندس بي داغ خاصيتون هڪ جهڙيون آهن ۽ اهڙي سج جي روشني ڪڏهن به جهڪي نٿي ٿئي.
    حقيقت ۾ حضرت يوسف عليه السلام جي حسن جون اهي خوبصورتيون هيون جن هڪ ئي نظر ۾ بادشاهه جي دل فتح ڪري ورتي. پوءِ سڀ کان آخر ۾ انهيءَ موقعي جو مطالعو ڪريو جڏهن هن جا ڀائر سامهون اچي بيهن ٿا. ڪهڙا ڀائر؟ جن کيس قتل جو ارادو ڪيو ۽ پوءِ غلام بڻائي غيرن جي هٿ وڪڻي ڇڏيو. ڪنهن جي سامهون اچي بيٺا؟ انهيءَ مظلوم جي سامهون جيڪو اڄ مظلوم ناهي پر وقت جي سڀ کان وڏي سلطنت جو مالڪ ۽ ڏڪر جهڙي سڀ کان وڏي مصيبت ۾ زندگيءَ جو سامان بخشڻ وارو آهي. ڪيڏو نه سٺو موقعو هو ۽ نفس انساني جي انتقام لاءِ ڪيڏي نه صبر واري آزمائش هئي. تڏهن به غور ڪريو ته شروع کان وٺي آخر تائين سندس طرز عمل ڪهڙو رهي ٿو. ڪٿي به اهڙي ڳالهه نظر نٿي اچي جو چئي سگهون ته بغض مان انتقام ۽ بدلو ورتائون، نه صرف ايترو پر پاڻ ته انهن لاءِ سراسر شفقت ۽ رحمت ٿي پيا. بدلي ۽ ملامت جي ڇا ڳالهه؟ هن جي زبان مان ته ڪو اهڙو لفظ ئي نه نڪتو جنهن سان ڀائرن جي دل آزاري ٿيندي هجي. صاف ڏسڻ ۾ پيو اچي ته شرمندگي ۽ پشيمانيءَ جو ڦٽ ڀائرن کان وڌيڪ سندس ئي دل ۾ آهي. هاڻي فڪر هي آهي ته انهن جي دلي تسڪين لاءِ ڪهڙو سامان پيدا ڪجي.
    جڏهن ٽئين دفعي ڀائرن اچن ٿا ۽ پنهنجي مصيبتن جو داستان ٻڌائڻ لڳا ۽ پوءِ سوالي هٿ وڌايائون ته محبت جي جذبي کان بي قرار ٿي پيا. ان وقت ۾ انهيءَ ڳالهه کان سواءِ سندن سامهون ٻيو ڪجهه به نه هو ته منهنجا ڀائر مفلسي ۽ ناداريءَ ۾ مبتلا آهن. مان عزت جي تخت تي ويٺو آهيان ۽ هو پينوئن وانگر سوالي هٿ ڊگهيڙي بيٺا آهن! بي اختيار سندس دل گهريو ته پاڻ کي ظاهر ڪن، ”اوهان کي اها ڳالهه ياد آهي جا يوسف ۽ ان جي ڀاءُ سان ڪئي هُيوَ؟“ چوڻ لاءِ ته چئي ويا، پر انهيءَ چوڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه هو، ڇاڪاڻ ته ياد ڏيارڻو هو ته مصر ڪيئن پهتا ليڪن فوراً خيال ٿيس ته انهيءَ معاملي جي يادگيريءَ ۾ سراسر شرمندگي ۽ ندامت آهي، تنهن ڪري جلدي هڪ اهڙي ڳالهه چئي ڇڏيائون جنهن مان معذرت جو پهلو نڪري آيو ۽ شرمندگي جو بار محسوس نه ڪيائون.
    ”انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اوهان جي نادانين جو زمانو هو.“ (يوسف-89)
    يعني انهيءَ تي شرمنده ٿيڻ جي ضرورت ناهي،ڇاڪاڻ ته ڪير آهي جنهن تي ڪو نه ڪو وقت نادانين جو نه گذريو هجي.
    اهو ٻڌندي جڏهن هُنن سڃاڻي ورتو ۽ عاجزي ۽ شرمندگيءَ کان سر جهڪائي چوڻ لڳا:
    ”خدا جو قسم آهي ته يقيناً فضيلت ڏني آهي تو کي الله تعاليٰ اسان سڀني جي مٿان ۽ بيشڪ اسان آهيون وڏا خطاڪار.“ (يوسف-91)
    ته بنا دير جي هي جواب مليو:
    ”ناهي ڪا به ميار توهان تي اڄ (کان پوءِ) خدا تعاليٰ شال معافي ڏئي توهان کي ۽ الله تعاليٰ وڏو مهربان آهي سڀني مهربانن کان.“ (يوسف-92)
    اڄ جو ڏينهن وڇڙيلن جي ملڻ ۽ ٽٽل لاڳاپن کي ڳنڍڻ جو ڏينهن آهي. ملامت ۽ الزام جو هتي سوال ئي ناهي. منهنجي دل ته هر طرح جي ناراضگيءَ کان صاف آهي. باقي رهيو خدا جو معاملو ته ان لاءِ به منهنجون دعائون توهان سان گڏ آهن. الله، توهان جا سمورا قصور بخشي ڇڏيندو ڇاڪاڻ ته ان کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو ڪير آهي.
    پوءِ اڳتي الله جي فضل و ڪرم جو شڪريو ادا ڪندي ڪهڙي نه طرح اشارو ڪري رهيا آهن:
    ”جڏهن ائين ٿيو هو ته شيطان مون ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪيو هو.“ (يوسف-100)
    يعني معاملي کي شيطان جي طرف منسوب ڪري ڇڏيائون جيئن اهو بار به ڀائرن تي نه پوي. ڄڻ هي شيطان جو فساد هو، نه ته منهنجا ڀائر ائين ڇو ڪن ها. پوءِ ساري معاملي کي هڪ اختلاف سان تعبير ڪيائون جيئن اصل معاملي جي اجائي کول نه ٿئي. پوءِ جيڪو ڪجهه به ظاهر ڪيائون ته هن طرح ته
    ”مون ۾ ۽ منهنجي ڀائرن ۾ اختلاف ٿي پيو هو.“
    (يوسف-100)
    ڀائرن جو بغير ڪنهن سبب جي ڏاڍ نه هو. ڪا اهڙي ڳالهه هئي جيڪا ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪندي آهي. ٻنهي طرفن جو اختلاف ۾ هٿ هوندو آهي، اهو نٿو چئي سگهجي ته هڪ طرف جو قصور هو.
    غور ڪريو ته درگذر جو ڪيڏو نه مقام آهي. همت جي ڪيڏي وسعت آهي جيڪا دشمني ڪرڻ وارن سان اهڙو سلوڪ ڪري سگهي ٿي. جنهن جي سيرت جو اهڙو حال آهي انهيءَ لاءِ فضيلت جي ڪهڙي ڳالهه رهجي ويئي.
    مظلوميت ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ بيشڪ صبر ڪرڻ بزرگي آهي پر طاقت ۽ اختيار جي حالت ۾ بدلو نه وٺڻ ۽ بخشي ڇڏڻ، دنيا جي سڀ کان وڏي بزرگي آهي ۽ سيرت جي عظمت ۾ ٻئي مقام هڪ هنڌ آهي. جڏهن بيوسي هئي ته آه به نه ڀريائون ۽ جڏهن طاقت ملي ته انتقام ۽ بدلي جو وهم ۽ گمان به نه ٿيو، بيشڪ اهو، سندس زندگيءَ جو سڀ کان وڏو اسوه حسنه آهي. سڀ کان آخر ۾ سندس دعا سامهون اچي ٿي، جنهن ۾ هن جي سيرت جي هڪ هڪ ذري کي جاچي سگهجي ٿو. وڏائي ۽ بزرگيءَ جي مقام تي پهچڻ بعد به جيڪا صدا سندن دل ۽ دماغ مان نڪري پئي سگهي، سا اها هئي ته:
    ”زندگيءَ جي سمورين سوڀن جي آخري گهرج ۽ آرزو اها آهي ته اطاعت حق تي خاتمو ٿئي ۽ لاڳاپو انهن سان هجي جيڪي تنهنجا صالح ٻانها هجن.“ (101)

    (مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”تحريڪ آزادي“ تان ترجمو ڪيل)


    عورتن جي نالي سڏائڻ واري روايت

    حيدرآباد دکن کان ح-الف بيگم صاحبه خط لکي مولانا آزاد کان معلوم ڪرڻ گهريو ته ڇا مسلمان عورت خط و ڪتابت ۽ اخبارن ۾ نالا شايع ڪرائي سگهي ٿي. هن وڌيڪ لکيو ته انگريزي طريقو مس ۽ مسز وارو آهي. ڪي ماڻهو ان تي عمل ڪن ٿا ته ڪي بيگم جو لفظ لکن ٿا. مسلمانن ۾ عورت جو نالو ظاهر ڪرڻ معيوب سمجهيو وڃي ٿو. ان لاءِ اوهين اسلامي تعليم جي روشنيءَ ۾ ٻڌايو ته مسلمان عورت ڪنهن تقريب ۾ يا خط و ڪتابت ۾ نالو ظاهر ڪري سگهي ٿي؟ مٿين خط جي جواب ۾ مولانا هيٺين تحرير الهلال نمبر 23، جلد 3. 3 ڊسمبر 1913ع ۾ شايع ڪئي.
    اوهان جو سوال عظيم آهي. اهي ننڍيون ڳالهيون ناهن. ڪنهن مذهب ۽ ترقي يافته قوم لاءِ ضروري آهي ته اها پنهنجي رسم ۽ رواج ۾ هڪ خاص حيثيت رکندي هجي.
    انگريزن جي سماج ۾ ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي نالي سان ۽ عورت پنهنجي مڙس جي نالي سان مشهور ٿيندي آهي، يعني انهن عورتن جا اصلي نالا ڪا به حيثيت نه ٿا رکن. جيڪڏهن مڙس اصلي نالو وٺي سڏي ٿو ته اها هڪ محبت ڀري رسم آهي. جيڪڏهن گرجا جو رجسٽر، والدين ۽ مڙس جو حافظو ڪم نه ڪري ته ڪنهن کي به خبر پئجي نه سگهندي ته ڪنهن عورت جو اصلي نالو ڪهڙو آهي.
    اها روايت ڏسڻ ۾ ته سٺي تهذيب معلوم ٿئي ٿي پر حقيقت ۾ جهالت جي دور جي يادگار آهي. يورپ جي پوئلڳن ۽ فرنگين جي پرستارن کي ان جي خبر ناهي. يورپ ۾ جهالت جو هڪ سخت دور گذريو آهي، جنهن جو آغاز مسيحي ظلم ۽ ڏاڍ سان ٿيو هو ۽ تاريخ ان کي اونداهي دور سان ياد ڪندي رهي ٿي. تورات عورت کي آدم جي گناهه جو نتيجو قرار ڏنو آهي ۽ مسيح ان جي تصديق ڪئي آهي. يورپ مسيحي دور ۾ ان اشرف ۽ اعليٰ جنس کي عملي ۽ اعتقادي طور گهٽ سمجهيو ۽ ان کي سخت غلاميءَ جي حالت ۾ رکيو. گذريل زماني جي سڀني گنهگار انسانن جا جرم ان اڳيان گهٽ آهن، جن جي بيان ڪرڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو.
    عيسائي مذهب عورت جي وجود کي هڪ مستقل وجود تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. پادرين جي عقيدي موجب عورت جي جسم ۾ اهو روح آهي ئي ڪو نه جيڪو مرد جي انساني عزت ۽ عظمت جو اقرار ڪري رهيو آهي. عورت کي حق ناهي جو پنهنجي نالي سان ڏيتي ليتي ڪري ۽ نه قانون ان جي وجود کي تسليم ٿو ڪري. مڙس هوندي، نه هو ڪا جائيداد رکي سگهي ٿي ۽ نه ڪو مالي معاملو ڪري سگهي ٿي. هونئن ته عورت جي مصيبتن ۽ مشقتن جو داستان ڊگهو آهي پر اهي چند اشارا ڪافي آهن.
    گذريل ٽن چئن صدين اندر يورپ ۾ تمدني انقلاب آيو، جنهن عورت کي مسيحي مذهب جي غلاميءَ کان سماجي ۽ معاشرتي آزادي ڏياري ۽ سندس حالت ۽ حقن تي به ڌيان ڏنو. آهستي آهستي عورت جي عزت ۽ احترام جو عقيدو پختو ٿيڻ لڳو. تنهن هوندي به غلامي جا ڪي زنجير اڃا باقي آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته غلامي جي انهن زنجيرن کي سندن ڪنڌ ۾ خوشنما سونن زيورن وانگر پارايو ويو آهي، جتي پهچي هر شيءِ سونهن ڀري ٿي پوندي آهي.
    يک قبا نسيت که شائسته اندام تونيست!
    ان محترم جنس جي غلاميءَ جو نفرت انگريز پهلو هي به آهي ته سماج عورت کي پنهنجي نالي ظاهر ڪرڻ جو حق به نٿو ڏئي. جيستائين هو ڇوڪري آهي ته هن جو وجود سندس پيءُ جي نالي ۾ سمايل آهي ۽ عورت ٿي ته پنهنجي مڙس جي نالي ۾، ڄڻ هن جو ڪو وجود ئي ناهي ۽ نه هن کي نالي رکڻ جو حق آهي.
    اوهان ڪنهن انگريز کي جلسي ۾ پنهنجي گهرواريءَ طرفان اظهار خيال ڪندي ٻڌو هوندو. مثلاً وائسراءِ کي آجياڻو ڏنو وڃي ۽ ان ۾ هن جي گهرواريءَ جي تعريف ڪئي وڃي ته ٿيڻ ائين کپي ته هوءَ پنهنجي تعريف جو شڪريو پاڻ ادا ڪري پر ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. وائسراءِ پنهنجي جوابي تقرير جي آخر ۾ هن طرفان به جواب ڏيندو ۽ چوندو ته هوءَ اوهان جي اظهار محبت ۽ عقيدت جي نهايت شڪرگذار آهي.
    اهو يورپ ۾ ان دور جو يادگار آهي جنهن۾ عورت کي مرد جي وجود وانگر مستقل وجود نه سمجهيو ويندو هو. اها مرد جي موجودگيءَ ۾ ڪا به حيثيت نه رکندي هئي، ان طرفان هن جي هجڻ جو مرد ئي جواب ڏيندو هو.
    مون کي تعجب آهي ته يورپ جون عورتون ان مسئلي تي توجهه ڇو نه ٿيون ڏين. تازو ئي مس اينڊرسن نالي هڪ خاتون پنهنجي مطالبن جو اظهار ڪندي نالي سڏائڻ واري رسم کي نهايت حقارت آميز چيو آهي.
    اڄ جا ترقي پسند، جيڪي يورپ جي هر رسم ۽ رواج جي پيروي ڪرڻ کي پنهنجو اجتهادي دين سمجهندا آهن ۽ هندستان بلڪه سڄي مشرق کي ان جي قديمي جهالت ۽ گمراهيءَ کان ڇوٽڪاري ڏيارڻ جي بدبخت فڪر ۾ مبتلا آهن، اهي لفظ ”آزادي“ جي اُچار کان واقف ته ٿي ويا آهن پر ان لفظ جي حقيقت کي سمجهي نه سگهيا آهن. اهي بيوقوف سمجهن ٿا ته عقيدن ۽ عملن ۾ انگريزي سماج جي ڪن دستورن ۽ قاعدن، چند رسمن رواجن کي روزاني زندگيءَ ۾ اپنائڻ سان سماجي ۽ معاشرتي ترقي کي ڇهي سگهندا. حالانڪه علم ۽ تهذيب جي انهن مفلسن وٽ ٽاءِ ۽ ڪالر جيتري قدر خوش رنگ ۽ چمڪيلو آهي، افسوس فڪري سطح ايتري قدر پختي نه اٿن. اهي جن جي پيروي ڪرڻ کي پنهنجو اجتهاد سمجهن ٿا، خود انهن کي سمجهڻ جي هنن ۾ لياقت ناهي. هُنن يورپ کي ڏٺو آهي پر پڙهيو ناهي ۽ پڙهڻ لاءِ سالم دماغ ۽ روشن اکيون هئڻ گهرجن، اهي اکيون نه جيڪي لنڊن جي گهٽين جي رونق کان متاثر ٿيون هجن!
    ”انهن ماڻهن جو مثال ائين آهي جيئن هڪ ماڻهو (رات جي اونداهي ۾ ڀٽڪي رهيو هو) ان روشني ڪرڻ لاءِ باهه روشن ڪئي، پر جڏهن باهه روشن ٿي ۽ ان جي شعلن سان ماحول روشن ٿيو ته قدرت الله جي ائين ٿيو جو اوچتو شعلا وسامي ويا ۽ روشني ويندي رهي. نتيجو هي نڪتو جو روشنيءَ بعد وري اونداهي ڇانئجي ويئي ۽ اکيون انڌيون ٿي ويون جو ڪجهه ڏسڻ ۾ نٿي آيو. “ (البقره-17)
    انهن جي ان نئين تابعداري جو نتيجو هي آهي ته ماڻهو وڏي شوق ۽ ذوق سان ”مس“ ۽ ”مسز“ جي ترڪيب لکي رهيا آهن ۽ ان طبقي ۾ جيڪي وڌيڪ مشرق نواز آهن، اهي پنهنجي قومي رسم ۽ رواج کي بچائڻ لاءِ ”مسز“ جو ترجمو ”بيگم“ جي لفظ سان ڪري رهيا آهن، مثلاً ”بيگم صاحبه محمود.“
    ڪن ماڻهن ان کي وڌيڪ ترقي ڏيئي بيگم صاحبه محمود جي جاءِ تي محمود بيگم لکڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي پر حقيقت ۾ اها به ساڳي انڌي تقليد آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي ۽ مون کي مسز جي ترڪيب کان زياده بيگم جي ترڪيب تي کل ايندي آهي.
    اوهين جيڪڏهن منهنجي راءِ معلوم ڪرڻ چاهيو ٿيون ته منهنجي راءِ اسلامي تعليمات جي ماتحت آهي. ڪهڙي به ڳالهه هجي، مان سڀ کان پهريائين اسلامي تعليم کي ڏسندو آهيان. گهڻا ماڻهو ان ڳالهه تي کلندا آهن پر مون کي انهن تي افسوس ٿيندو آهي.
    يورپ عورت کي سندس فطري حق ڏيئي نه سگهيو آهي. اسلام دنيا ۾ اِن لاءِ آيو آهي ته هر قسم جي انساني غلاميءَ کي ختم ڪري، جنهن مان هڪ عورت جي غلامي به آهي. هن عورت جي لٽيل عزت ان کي واپس ڏياري، سندس وجود کي هڪ مستقل وجود تسليم ڪيو. مرد ۽ عورت جا هڪ جهڙا حق ٺهرايا. اسلام عورت کي پيءُ ۽ مڙس کان الڳ شخصيت قائم رکڻ جو حق ڏي ٿو. اها خالص پنهنجي نالي سان ملڪيت ۽ جائداد رکي سگهي ٿي ۽ هر قسم جو قانوني معاملو ڪري سگهي ٿي. هوءَ يورپ جي عورت وانگر نه پيءُ جي نالي ۽ نه ئي مڙس جي نالي ۾ سمايل آهي.
    پوءِ ان ڳالهه جو ڪو به جواز نه آهي ته اسين يورپ جي جهالت واري دور جي پيروي ڪندي ”مسز“ يا ”بيگم“ جي ترڪيب سان عورت کي پنهنجي نالي پٺيان مشهور ڪيون. اها غلامي مسيحيت جي بخشيل آهي. اسلام ته ان کان گهڻو مٿاهون آهي. هن مرد جي وجود وانگر عورت جي وجود کي تسليم ڪيو آهي. ان لاءِ هر مسلمان عورت کي اهو نالو ظاهرڪرڻ گهرجي جيڪو پيدائش جي وقت ان تي رکيو ويو هجي. جنهن نالي سان ان مڙس جي رفاقت کي قبوليو هجي، عورت کي ان ئي نالي سان سڏيو وڃي. جيڪڏهن زنده انسان جو اهو حق آهي ته ان کي سندس اصلي نالي سان سڏيو وڃي ته پوءِ ڪهڙي سبب ڪري عورت کي ان کان محروم رکيو وڃي؟
    يورپ جا مرد جنهن نموني رستن ۽ تفريح گاهن ۾ عورت کي پنهنجي بغل جو سهارو ڏيئي سندس خود غرضانه پوڄا ڪري رهيا آهن: عملي ۽ فڪري طرح ان جي غلاميءَ جا ڇو طرفدار آهن.
    مرد وانگر عورت به انسان آهي جنهن پيءُ ماءُ جي گهر ۾ مرد وانگر پرورش ورتي آهي. پوءِ جهڙي طرح پٽ جو نالو رکيو ويندو آهي، اهڙي طرح ڇوڪريءَ جو به نالو هئڻ گهرجي. هوءَ هڪ وجود رکي ٿي ۽ مرد وانگر انسانيت جو حصو آهي. هوءَ مرد سان سماجي ۽ معاشرتي ساٿ نڀائي ٿي ۽ محبت جي بدلي ۾ محبت ڏي ٿي. پوءِ مرد جي گهر ۾ اچي ان جي وجود سان شريڪ ضرور ٿئي ٿي پر پنهنجي وجود کان محروم نٿي ٿئي.
    اها تعليم جيڪا فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا (الروم-30) آهي، طبعي حالت ۾ ڪا به تبديلي نٿي گهري ۽ هي جيڪو اوهان چيو ته عورتن جو نالو ظاهر ڪرڻ شريعت جي خلاف آهي، اهو ان لحاظ کان ته برابر صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته بدقسمتي سان مسلمانن جي شريعت اڄ جا رسم ۽ رواج آهن.
    اِنَّا وَجَدۡنَاۤ اٰبَآءَنَا عَلٰۤی اُمَّۃٍ وَّ اِنَّا عَلٰۤی اٰثٰرِہِمۡ مُّہۡتَدُوۡنَ (الزخرف-22)
    هونئن نه ته اسلامي شريعت ان متعلق ڪو به حڪم نه ڏنو آهي پر تنهن هوندي به اسان جي اڳيان پاڻ سڳورن ﷺ جي پاڪ گهر وارين ۽ اهلبيت جو سهڻو مثال موجود آهي. جڏهن اسين حضرت خديجه، حضرت عائشه، حضرت زينب، حضرت فاطمه وغيرهن رضي الله تعاليٰ عنها جا نالا وٺي سگهون ٿا ته پوءِ مان نٿو سمجهان ته اهو ڪهڙو مسلمان آهي جنهن کي رسول الله جي گهر وارين ۽ نياڻين جا نالا کڻندي شرم نٿو اچي پر پنهنجي زال ۽ ڌيءَ جو نالو کڻندي شرم اچيس ٿو.
    بهرحال منهنجو طرز عمل هي هوندو آهي ته جڏهن به ڪا خاتون لفافي تي منهنجي گهر واريءَ جو نالو مسز يا بيگم جي ترڪيب سان لکندي آهي ۽ منهنجي نظر پئجي ويندي آهي ته مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ۽ مان لکندو آهيان ته مهرباني ڪري آئينده ائين نه ڪجو.
    باقي رهيو اسلام ۾ عورتن جي عزت، عظمت ۽ حقن جو مسئلو ته ان لاءِ اشارو ئي ڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته ان مسئلي تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. پاڻ سڳورن ﷺ ۽ صحابه ڪرام جي عملي زندگي ۽ قرآن ۾ گهڻو ڪجهه بيان ٿيل آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها ته سورت بقره ۾ طلاق جا شرط ٻڌائيندي هڪ ئي جامع جملي ۾ انهيءَ بحث کي قرآن ختم ڪري ڇڏيو آهي:
    ”۽ ڏسو، عورتن جا به مردن تي اهڙا حق آهن جهڙا مردن کي عورتن تي آهن. ساڻن سهڻو سلوڪ ڪريو. البته مردن کي عورتن تي خاص درجو ڏنو ويو آهي ۽ ياد رکو الله زبردست حڪمت رکڻ وارو آهي. “ (البقره-228)
    هيءَ عظيم آيت آهي جنهن ۾ عورتن کي اهي سڀئي سماجي ۽ معاشرتي حق ڏنا ويا آهن جيڪي جهالت ۽ گمراهيءَ سبب عورت کان کسيا ويا هئا. صاف صاف ٻڌايو ويو ته ٻنهي جا حق برابر آهن. توڻي جو اَلرِّجَالُ قَوّٰمُوۡنَ عَلَی النِّسَآءِ (النساءِ-34) جي لحاظ کان مردن کي طبعي فوقيت حاصل آهي. ان جو اهو نتيجو آهي ته سڀني عبادتن ۽ معاملن ۾ اسلام عورت ۽ مرد کي هڪجهڙو حق ڏنو آهي. جڏهن ڳالهه اها آهي ته پوءِ ڪهڙي سبب عورت کي سندس اصلي نالي سان نه سڏيو وڃي؟
    ان مسئلي تي غور ڪندي هڪ خيال ذهن ۾ پيدا ٿيو ته اڄ جا تعليم يافته مذهب ۽ معاشرت ۾ آزادي گهرن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي آزاد رکڻ چاهين ٿا. ان سلسلي ۾ عورت جي آزادي ۽ سندس حق جو مطالبو ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته هندستانين عورت کي غلام بڻايو آهي. پر اهي جيڪي ڪجهه چئي رهيا آهن سو يورپ جي فڪري ۽ عملي غلاميءَ جو شوق آهي. سندن دماغ ۽ عقل جو ان ۾ عمل دخل ناهي. ان جو ثبوت ان ڳالهه مان ملي ٿو، جو ڪنهن معاملي ۾ اسلام آزادي ڏئي ٿو ته اهي ان کي ڇڏي يورپ جي تقليد ڪرڻ چاهيندا آهن، جيڪا حقيقت ۾ آزاديءَ کان خالي هڪ ڇڙواڳي هوندي آهي. مثلاً ان مسئلي کي ئي کڻي وٺو: جيڪي عورتن کي آزادي ڏيارڻ گهرن ٿا ۽ انهن جي حقن جي بلا معاوضي وڪالت ڪندا رهن ٿا. ٿيڻ ائين گهربو هو ته اهي عورت کي ان جي اصلي نالي سان سڏين ها، جيڪو شخصي آزادي ۽ استقلال جو شان به آهي ۽ اها ڳالهه آهي به انهن جي طبيعت جي مطابق پر اهي ان کان بلڪل اڻڄاڻ آهن ۽ ”مس“ ۽ ”مسز“ جي ترڪيب تي فخر ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ ان ترڪيب جهڙو عورت جي ذلت ۽ غلاميءَ جو ڪو مثال نٿو ملي.
    جيئن ته اهي ماڻهو فرنگين جا پيروڪار آهن. ان لاءِ انهن جي نظر پنهنجن فرنگي آقائن جي قولي، فعلي ۽ عملي طريقي تي رهي ٿي. جيتوڻيڪ سندن ثقافتي ورثي ۾ بهتر کان بهتر شيءِ پهريائين کان موجود هوندي آهي، ته به اهي پيروڪاري ۽ تقليد جي جوش سبب ان کي ڏسي نه سگهندا آهن.
    يورپ کان عورت جي آزاديءَ جو نعرو ٻڌي ان تي جهومي رهيا آهن پر نه هنن عورت جي آزاديءَ جو مطلب ۽ مفهوم سمجهيو آهي ۽ نه ئي وري يورپ جي طرز عمل جي حقيقت کي پرکي سگهيا آهن.
    اُولٰٓئِکَ کَالۡاَنۡعَامِ بَلۡ ہُمۡ اَضَلُّ (الاعراف-179)
    مون کي انهن ماڻهن کان ڪڏهن به شڪايت نه ٿئي ها، جيڪڏهن اهي فڪر ۽ عقل سان ان کي پنهنجو ڪن. صرف ڪنهن جي پيروي ڪرڻ سان نه ڪا قوم مهذب ٿي آهي ۽ نه ٿيندي. سڀ کان پهريائين دماغ کي روايتي سوچن کان آزادي ملڻ گهرجي ۽ پوءِ رسم ۽ رواج کان. اهي چند رسمن ۽ رواجن کان قوم کي آزادي ڏيارڻ گهرن ٿا پر پنهنجن سوچن ۽ عملن کي مغرب جو غلام بڻائي ڇڏيو اٿن. قرآن ڪريم اهڙي پيرويءَ کي ڪفر جو بنياد قرار ڏنو آهي.
    اِنَّ شَرَّ الدَّوَآبِّ عِنۡدَ اللّٰہِ الصُّمُّ الۡبُکۡمُ الَّذِیۡنَ لَا یَعۡقِلُوۡنَ.“ (الانفال-22)
    منهنجي هڪ دوست هڪ انگريز جو قول نقل ڪيو آهي، جيڪو ڪالونِ اسڪول لکنوءَ جو پرنسپال هو. هو چوندو هو ته جيڪڏهن هندستاني انگريزي پوشاڪ تقليدن نه بلڪه ان جا فائدا سمجهي پائين ها ته اهي پيرن جي بجاءِ مٿي کان پائڻ شروع ڪن ها. حالانڪه هن وقت حالت ابتڙ آهي. هر اهو شخص جيڪو ان نئين تهذيب جي اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو ته سڀ کان پهريائين بوٽ پائي ٿو. ان کان پوءِ آخري منزل هيٺ (ٽوپلي) جي هوندي آهي پر حقيقت ۾ انگريزي پوشاڪ ۾ سڀ کان مفيد شيءِ ٽوپلو آهي جيڪو اس کان اکين جي حفاظت ڪري ٿو، نه ڪو بوٽ جيڪو سفر کان سواءِ هر حالت ۾ تڪليف ڏيندڙ آهي.


    فڪري مقالا

    هدايت ۽ سعادت جو انساني سفر

    دنيا جون روحاني بيماريون هميشه هڪ جهڙيون رهيون آهن، ان ڪري انهن جو علاج به اصولي طرح هڪ ئي هجڻ گهرجي. دنيا کي جڏهن به پردي پٺيان ڏٺو ويو ته ان جي تلاش سندس ان جستجوءَ کان ڪڏهن به مختلف نه هئي، جيڪا جستجو اڄ اسان کي درپيش آهي. هڪ ئي شيءِ هئي جنهن جي هميشه تلاش جو سفر ڪڏهن به ختم نه ٿيو. هن مضمون ۾ به اڄ اسان ان کي ڳولينداسين.

    حضرت نوح عليه السلام:
    اڄ کان هزارين سال اڳ هن ئي زمين تي خدا جي هڪ مخلص ٻانهي خدا کي درد ۽ پيڙا وچان پڪاري چيو هو ته:
    رَبِّ اِنِّیۡ دَعَوۡتُ قَوۡمِیۡ لَیۡلًا وَّ نَہَارًا ۙ......(نوح-5)
    ”اي منهنجا پالڻهار! مان پنهنجي قوم کي رات ڏينهن حق ۽ هدايت جي دعوت ڏني پر افسوس جو منهنجي دعوت جو اهو نتيجو نڪتو جو هيڪاري وڌيڪ ڀڄڻ لڳا. مون جڏهن به انهن کي سڏيو ته جيئن توڏي لڙي پون ۽ تون کين معاف ڪرين ته هنن پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ پئي وجهي ڇڏيون ته جيئن منهنجو آواز نه ٻڌي سگهن. پنهنجي مٿان لٽو پئي اوڍي ڇڏيائون ته جيئن منهنجو چهرو نه ڏسن. ضد ۽ هٺ ۾ آڪڙجي بيٺا. ان تي به مان ماٺ ڪو نه ڪئي. وري انهن کي سڏي سڏي تنهنجو پيغام پهچايو. ان کان پوءِ به ظاهر توڙي لِڪل نموني هر طرح کين سمجهايم.“
    قَالَ نُوۡحٌ رَّبِّ اِنَّہُمۡ..... (نوح -5-9)
    ”اي منهنجا پالڻهار! ايتري ڪوشش ۽ سمجهائڻ کان پوءِ به هُنن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي غلامي ڪندا رهيا جن سندن مال ۽ اولاد کي فائدي بجاءِ نقصان پهچايو هو.“ (نوح-21)
    تڏهن حضرت نوح به پنهنجي قوم کي انهيءَ تلاش جو ڏس ڏئي رهيو هو.

    حضرت ابراهيم عليه السلام:
    جڏهن ڪالدا جي بتخاني ۾ هڪ پڪي نوجوان نيڪيءَ ڏانهن سڏڻ ۽ بديءَ کان بچائڻ جو فرض ادا ڪيو. جڏهن هن پنهنجي هٿ ۾ ڪاتي کنئي ۽ پنهنجي پياري پٽ کي محبت الاهي جي بي خوديءَ ۾ زمين تي ليٽائي وڌو. جڏهن هن دنيا کان موڪلائڻ وقت پنهنجي خاندان کي الله جي دين تي هلڻ جي وصيت ڪئي ۽ چيو ته:
    یٰبَنِیَّ اِنَّ اللّٰہَ اصۡطَفٰی: (بقره-132)
    ”اي منهنجا فرزندؤ! الله تعاليٰ توهان جي لاءِ هي سچو دين (اسلام) پسند فرمايو آهي. پوءِ سنڀالجو، متان اسلامي فرمانبرداريءَ جي حالت ۾ اچڻ کان اڳ ئي مري وڃو.“
    تڏهن ابراهيم به ان کي ڳولي ۽ ماڻي ورتو هو.

    حضرت يوسف عليه السلام:
    جڏهن فرعون جي تختگاه جي هڪ قيدخاني ۾ ڪنعان جي قيديءَ الله جي دين جي پرچار ڪئي ۽ پنهنجي ساٿين کان پڇيو ته:
    یٰصَاحِبَیِ السِّجۡنِ ءَاَرۡبَابٌ... (يوسف 40-39)
    ”اي منهنجا جيل جا ساٿيو! (توهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته) جدا جدا معبودن جو هئڻ بهتر آهي يا هڪ الله جو، جيڪو يگانو ۽ سڀني تي غالب آهي. توهان ان خدا کان سواءِ جن هستين جي بندگي ٿا ڪيو (تن جي حقيقت هن کان وڌيڪ ڇا آهي ته) فقط ڪي نالا آهن جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن کڻي رکيا آهن. الله تعاليٰ سندن لاءِ ڪا به سند نازل نه ڪئي آهي. حڪومت ته الله جي لاءِ آهي، جنهن جو فرمان هي آهي ته سندس ئي بندگي ڪيو. ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪيو. اهو ئي سنئون سڌو دين آهي. مگر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (اها ڳالهه به) نٿا ڄاڻن. “
    تڏهن يوسف عليھ السلام جي نظر به ان طرف هئي ۽ کيس انهيءَ جي تلاش هئي جنهن جو ڏس پتو کيس ڏسڻ ۾ پئي آيو.

    حضرت موسيٰ عليه السلام:
    هو ايمن جي واديءَ جو مقدس ڌنار جڏهن سينا جبل جي ڪناري اِنِّیۡۤ اَنَا اللّٰہُ رَبُّ الۡعٰلَمِیۡنَ (القصص-30) (مان الله جهانن جو پالڻهار جي) محبت واري سڏ سان مخاطب ٿيو هو ۽ جڏهن هڪ ظالم ۽ جابر حڪومت جي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ جي لاءِ هن اڪيلي ۽ تنها وقت جي حاڪمن سامهون سينو ساهي پيشنگوئي ڪئي هئي ته:
    رَبِّیۡۤ اَعۡلَمُ بِمَنۡ جَآءَ بِالۡہُدٰی..... (القصص-37)
    ”(توهان مڃو يا نه مڃو پر) منهنجو رب انهيءَ کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪو وٽانئس هدايت ۽ سچائي کڻي آيو آهي ۽ جنهن لاءِ عاقبت جو چڱو گهر آهي ۽ هي به يقين آهي ته ظالم ڪڏهن به ڪامياب ڪو نه ٿيندا.“
    تڏهن حضرت موسيٰ به انهيءَ ڳولا جو اعلان ڪري رهيو هو ۽ اها ئي ڳولا هئي جنهن کيس مقصد واري منزل تائين پهچائي ڇڏيو هو.

    حضرت عيسيٰ عليه السلام:
    ”ناصره“ جو اسرائيلي نوجوان جيڪو پوين ڪتابن جي پيشنگوئيءَ مطابق آيو هو، تان ته اسرائيلي دور جي خاتمي ۽ اسماعيلي دور جي آغاز جو اعلان ڪري. جڏهن هن مارچ کان اڳ هڪ باغ جي ڪنڊ ۾ پنهنجي ڀورڙن ساٿين کي چيو هو ته :
    اِنِّیۡ رَسُوۡلُ اللّٰہِ اِلَیۡکُمۡ مُّصَدِّقًا ...... (الصف-6)
    ”مان الله جي طرفان اوهان ڏانهن موڪليل رسول آهيان. مون ڪا نئين شريعت نه آندي آهي بلڪه منهنجو ڪم صرف هي آهي ته تورات جيڪو مون کان پهريان اچي چڪو آهي، تنهن جي تصديق ڪريان ٿو ۽ هڪ اچڻ واري رسول جي خوشخبري ڏيان ٿو، جيڪو مون کان پوءِ ايندو ۽ جنهن جو نالو ‘احمد’ هوندو.“
    تڏهن اهو به ساڳي جستجوءَ جي واديءَ ۾ محبت جو ڪامياب قدم هو.

    حضرت محمد صلي الله عليه وسلم:
    پوءِ انهيءَ عظيم انسانيت جو ظهور ٿيو. اهو عظيم الاهي نعمت جو مجسمو، اهو علم ۽ حڪمت جو استاد، اهو انساني نفسن جو تزڪيو ڪندڙ، اهو سڌي واٽ تي وٺي ويندڙ رهبر، اهو انڪ لعليٰ خلق عظيم جو سراپا مثال، اهو خدا پرستن جو تاجدار، اهو انساني دلين جي قلعن جو فاتح، جنهن جي نور مبين جي تجلي فاران جي چوٽين تي حضرت موسيٰ ڏٺي هئي، جنهن جي عشق ۾ حضرت دائود گيت جهونگاريا هئا، جنهن جي جمال الاهي جي تقديس ۾ حضرت سليمان پنهنجي تخت تي جهڪي ويو هو ۽ جنهن جي لاءِ ناصره جي اسرائيلي نبي (عيسيٰ) پنهنجو سر وڃڻ بهتر سمجهيو هو ته جيئن پنهنجي پيءُ کان جيڪو آسمان تي آهي، سفارش ڪري ته ”جيڪو اچڻ وارو آهي“ ان کي جلد موڪلي ڏي. (يوحنا 18-16)
    مطلب ته جڏهن اهو اچڻ وارو آيو ۽ خدا جي زمين آخري ڀيرو سنواري وئي ته جيئن ان جي ابدي سرواڻي ۽ جلال جو تخت وڇائجي. ته خدا جي فرمان جو آخري اعلان ٿيو:
    وَ مَنۡ یَّبۡتَغِ غَیۡرَ الۡاِسۡلَامِ دِیۡنًا فَلَنۡ یُّقۡبَلَ مِنۡہُ ۚ وَ ہُوَ فِی الۡاٰخِرَۃِ مِنَ الۡخٰسِرِیۡنَ ﴿۸۵﴾
    (آل عمران-85)
    ”هاڻي کان جيڪو ماڻهو به اسلامي حڪمن جي جاءِ تي ڪنهن ٻي تعليم کي تلاش ڪندو ته يقين ڪري ان جي تلاش ڪڏهن به مقبول نه ٿيندي ۽ ان جي سڀني ڪمن جو آخري نتيجو نامرادي ٿيندو. “
    تڏهن هو به انهيءَ جستجو ۾ نڪتو هو جنهن جي جستجوءَ ۾ سڀ نڪتا هئا. انهيءَ کان اڳ جو هو انهيءَ لاءِ بي قرار ٿئي، خود هن بيقرار ٿي سندس هٿ پڪڙي ورتو.
    وَ وَجَدَکَ ضَآلًّا فَہَدٰی ۪(الضحيٰ-7)
    ”اي پيغمبر! اسان ڏٺو ته اسان جي ڳولا ۾ نڪتل آهين، سو اسان (پاڻ ئي)تو کي پنهنجي واٽ ڏيکاري ڇڏي سين.“

    دنيا جي حالت:
    دنيا جي خوشي ڪومايل هئي. ان جي سچائيءَ جو حسن ۽ ان جو هدايت وارو چهرو زخمي ٿي چڪو هو. اولاد آدم جا پنهنجي رسولن جي سامهون خدا سان ڪيل عهد ۽ پيمان گناهن ۽ نافرمانين جي ڪري ٽٽي چڪا هئا. خدا جي رحمت ۽ مهرباني زمين تي وسندڙن کان رُسي چڪي هئي. قدرت جو اهو ازلي ۽ ابدي جمال، جيڪو ان لاءِ بي حجاب هو ته ڳوليندڙن کي محرومي نه ملي، هينئر وري ستر ۽ حجاب ۾ اچي چڪو هو. خدا ۽ سندس ٻانهن ۾ ڪو رشتو باقي نه رهيو هو.
    هائو، ڪير به نه هو جيڪو ان کي ڳولي. ڪو قدم نه هو جيڪو ان جي طرف ڊوڙي. ڪا اک نه هئي جيڪ ان لاءِ ڳوڙها ڳاڙي. ڪا دل نه هئي جيڪا ان جي ياد ۾ کامي ۽ پڄري. ڪو روح نه هو جيڪو کيس پيار ڪري. ان جي دنيا ان کان بي خبر هئي، ان جا ٻانها ان کان غافل هئا. انسان جو ضمير مري چڪو هو. فطرت جو حقيقي حسن جهان جي تاريڪين۾ لڪيو پيو هو. نافرماني ۽ سرڪشيءَ جو سيلاب هو جيڪو برن بحرن تائين اچي پهتو هو ۽ جنهن ۾ خدا جي رسولن جون اوساريل عمارتون لڙهي رهيون هيون.
    ظَہَرَ الۡفَسَادُ فِی الۡبَرِّ وَ الۡبَحۡرِ بِمَا کَسَبَتۡ اَیۡدِی النَّاسِ لِیُذِیۡقَہُمۡ بَعۡضَ الَّذِیۡ عَمِلُوۡا لَعَلَّہُمۡ یَرۡجِعُوۡنَ ﴿۴۱﴾ (روم-41)
    ”بر توڙي بحر ٻنهي تي انسانن جي گناهن ۽ سرڪشيءَ جي ڪري فتنو ۽ فساد ڦهلجي چڪو هو، جو ماڻهن پاڻ پنهنجي هٿن سان بدعمل ڪيا.“

    منزل جو ملڻ:
    جڏهن هي حالت هئي ته پوءِ دنيا بگاڙ کان پوءِ سڌري، انسانيت مري وري زنده ٿي. خدا جو رٺل چهرو بي نقاب ٿي سامهون آيو، جيڪو شام جي مرغزارن ۽ يروشلم جي هيڪل وارن ٿنڀن کان رسي ويو هو. هينئر هن حجاز جي واديءَ کي پيار ونڊڻ لاءِ پنهنجي راز و نياز جي ڳالهين لاءِ هڪ نئين قوم کي چونڊي ورتو. دنيا جيڪا صدين کان کيس وساري چڪي هئي، وري ان جي تلاش ۾ نڪتي ۽ انسان پنهنجي وڃايل منزل کي وري حاصل ڪري ورتو.
    قَدۡ جَآءَکُمۡ مِّنَ اللّٰہِ نُوۡرٌ وَّ کِتٰبٌ مُّبِیۡنٌ ﴿ۙ۱۵﴾ یَّہۡدِیۡ بِہِ اللّٰہُ مَنِ اتَّبَعَ رِضۡوَانَہٗ سُبُلَ السَّلٰمِ وَ یُخۡرِجُہُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ بِاِذۡنِہٖ وَ یَہۡدِیۡہِمۡ اِلٰی صِرَاطٍ مُّسۡتَقِیۡمٍ(المائد- 16-15)
    ”بيشڪ توهان وٽ الله جي طرفان کان (حق جي) روشني اچي ويئي آهي ۽ چٽايون ڪندڙ روشن ڪتاب (قرآن مجيد) اچي چڪو آهي. خدا ان ڪتاب جي وسيلي ماڻهن لاءِ جيڪي (نفساني خواهشن جي بجاءِ) خدا جي راضپي (وارن حڪمن) جي تابعداري ڪن ٿا، کين سلامتيءَ جون واٽون ڏيکاري ٿو ۽ کولي کولي ظاهر ڪري ٿو ڇڏي ۽ پنهنجي حڪم سان (يعني مقرر قانون موجب) هنن کي اونداهين مان ڪڍي ٿو ۽ روشني ۾ آڻي ٿو ۽ (ڪاميابيءَ جي) سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏي ٿو.“
    مطلب ته دنيا جي حياتيءَ ۾ هدايت ۽ سعادت جي حوالي سان انسان تاريخ ۾ منڍ کان وٺي تلاش ۽ جستجوءَ ۾ هميشه بيتاب رهيو آهي. انسان ان هدايت ۽ سعادت جي هر دور ۾ وڃايو ۽ وري هر دور ۾ ان جي تلاش لاءِ نڪتو. اهو جڏهن به ڪريو ته ان کي وڃائڻ جي ڪري ڪريو ۽ جڏهن به اٿيو ته ان جي تلاش جو جذبو کڻي اُٿيو. سندس هادين ۽ سڌارڪن جڏهن به هن کي جاڳايو ته انهيءَ لاءِ جاڳايو ۽ جڏهن به سندس هٿ پڪڙيو ته انهيءَ جستجوءَ ۾ نڪرڻ لاءِ پڪڙيو. ان جي هيءُ تلاش هميشه ڪامياب ٿي ۽ هُن جڏهن سڏ ڏنو ته هن کي ورندي ملي. پاڻيءَ جي ملڻ ۾ ڪڏهن به دير نه ٿي، البته اڃ جو ثبوت هميشه گهريو ويو.
    جال حال شود ترجمان استحقاق
    دليل آب جگر خفتگی و تشنہ لبی است.

    جماعت:
    پر اهو عظيم انقلاب جو انساني هيئت ۾ نروار ٿيو، جنهن دنيا کي يڪسر بدلي ڇڏيو ۽ جنهن وڃايل ورثي کي اها وساري ويٺي هئي، ان جي ڳولا ۽ تڙپ ۾ گم ٿي وري نمودار ٿيو، سو ڪهڙي شيءِ جو نتيجو هو؟
    پڪ سان اها هڪ الاهي صدا هئي پر اها ڪنهن جي اندر مان اڀري؟ بيشڪ اها جمالِ رباني جي هڪ بي نقاب نظاري جي بخشش هئي. ليڪن اهو جلوو پسائيندڙ آفتاب ڪهڙن چهرن جي نرڙ تي جرڪيو؟ انهن جي نرڙ تي، جن لاءِ چيو ويو ته
    ”سِیۡمَاہُمۡ فِیۡ وُجُوۡہِہِمۡ مِّنۡ اَثَرِ السُّجُوۡدِ“ (الفتح- 29)
    (سجدن جي ڪثرت ڪري انهن جي نرڙ تي نشان پئجي ويا آهن- اصل ۾ اها هڪ جماعت هئي. دنيا جي اصلاحي تاريخ ۾ ياد رکڻ گهرجي ته انقلاب ۽ اصلاح جي هر دعوت سڀ کان پهريائين جماعت تيار ڪئي. دعوت الاهي جيڪڏهن ڪو ٻج آهي ته انهيءَ وڻ جي پهرين ٽاري جماعت ئي آهي. دنيا ۾ جڏهن به ڪا اصلاحي تبديلي آئي آهي ته اها رڳو تعليمات سان نه آئي آهي، بلڪه ان تعليمات جي پوئلڳ ۽ محافظ جماعت جي عملن سان آئي آهي. اهي صدائون جيڪي رڳو ڳياڙين مان اڀرن ٿيون، سي هوا جي ڄميل سطح ۾ لهرون ته پيدا ڪري سگهن ٿيون پر دلين جي سمونڊ ۾ لهرون پيدا نٿيون ڪري سگهن. ڪن انهن کي ٻڌي سگهن ٿا پر دليون ان جي اڳيان ڪنڌ نٿيون نوائين!
    اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ جڏهن به حق جي سڌارڪن جو ظهور ٿيو آهي، توڙي اهو ظهور نبين ۽ رسولن جو ٿيو هجي، جيڪي اصل منزل آهن يا انهن جي پوئلڳ مجددن جو جيڪي انهن جي پاڇولو آهن، مگر انهن جو پهريون ڪم هميشه اهو ئي رهيو آهي ته انهن پنهنجي تعليم ۽ دعوت جو نمونو هڪ جماعت جي صورت ۾ پيش ڪيو. پوءِ اهو جماعت وارو بنياد جيترو سگهارو بڻجي سگهيو، اوترو ئي استحڪام بعد جي اڏاوتن کي به حاصل ٿيو.

    نبين سڳورن جا مثال:
    حضرت ابراهيم جي باري ۾ قرآن ڪريم چٽائيءَ سان بيان ڪيو آهي ته:
    قَدۡ کَانَتۡ لَکُمۡ اُسۡوَۃٌ حَسَنَۃٌ فِیۡۤ اِبۡرٰہِیۡمَ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗ ۚ.(الممتحنه-4)
    ”بيشڪ، توهان جي لاءِ پوئواريءَ واسطي بهترين نمونو ۽ نصب العين حضرت ابراهيم جي زندگيءَ ۾ آهي ۽ سندس ساٿين جي زندگيءَ ۾.“
    فرمايائين: ” وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗ “ ۽ اهي ماڻهو جيڪي سندس ساٿي آهن. اهو ئي ”ساٿ“ آهي جيڪو نبوت جي اصلاح وارن عملن جو پوئلڳ ۽ محافظ هوندو آهي ۽ انهيءَ اصلاح ۽ پرچار واري امانت کي دنيا ۾ ڦهلائڻ جي لاءِ سنڀالي وٺندو آهي، جيڪا نبي سڳورا دنيا ۾ کڻي ايندا آهن.
    حضرت نوح جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ته ستر ماڻهو ان سان گڏ هئا. حضرت موسيٰ جو ساٿ ابتدا ۾ خود بني اسرائيلين مان به هڪ ننڍڙي تعداد ڏنو. حضرت مسيح پنهنجي سڄي حياتي ۽ پرچار سان ٻارهن ماڻهن پيدا ڪيا پر حقيقت ۾ اهي ئي جماعتون هيون جن لکين ڪروڙين دلين کي فتح ڪيو ۽ ڌرتيءَ جي وڏن حصن کي پنهنجي اصلاح ۽ پرچار جي آڏو ڪنڌ نوائيندي ڏٺو. ڇاڪاڻ ته اهي پرچار ۽ سڌاري جون جماعتون هيون جيڪي پنهنجي عملن ۽ فعلن ۾ انهيءَ تعليمات جو نمونو رکن پيون؛ انهيءَ ڪري زبان جي پڪار ضايع ٿي سگهي ٿي پر عملن جي صدا ڪڏهن به ورنائجڻ کان وانجهي نه رهندي آهي.

    دنيا جي اونداهين ۾ سوجهرو:
    پوءِ دنيا جي سڌاري جو هي آخري ظهور جنهن الله تعاليٰ جي دين کي ان جي قديمي نالي ”اسلام“ سان پيش ڪيو، سو به دنيا ۾ انهيءَ لاءِ آيو ته هڪ جماعت پيدا ڪري ۽ انهيءَ ”جماعت“ پيدا ڪئي. اها ئي جماعت هئي جنهن کي خدا پنهنجي ڪمن لاءِ چونڊي ورتو ۽ انهن جي دلين کي پنهنجي جمال ۽ الاهي صفتن جو مسڪن بڻايو. عشق الاهيءَ جي اها مقدس آڳ جنهن جي لاءِ نوح عليھ السلام ڪاٺيون ميڙيون، جنهن کي ابراهيم خليل پنهنجي قربانيءَ واري جهول سان هوا ڏني، جنهن جون چڻنگون ايمن واديءَ جي اونداهين ۾ چمڪيون، جنهن جي شعلن کي مسيح عليھ السلام جي قربانيءَ واري خون ڀڙڪايو ۽ جيڪا آخر ڪار بوقلبيس جي غارن ۾ ”سراجاً منيراً بنجي ڀڙڪي، ان جي شعلن سان انهيءَ الاهي جماعت پنهنجي دلين جي چلهن کي دکائي ورتو هو. اهي چلها توڙي جو تعداد ۾ گهٽ هئا ۽ دنيا جي اونداهي وسيع ۽ عالمگير هئي، پر انهن مان پرچار ۽ سڌاري جا اهي لاتعداد ڏيئا روشن ٿيا، جن مان هڪ هڪ ڏيئي وڏين وڏين ايراضين ۽ انسانن جي وڏين وڏين آبادين ۾ جهان کي تاب بخشيندڙ آفتاب بڻجي انڌيرن کي ٽاري ڇڏيو.
    اها ساڳي خدا جي روشني هئي جيڪا ان جي جماعت ۾ چمڪي جنهن کي خدا ”نور الله“ جي نالي سان ياد ڪيو.
    یُرِیۡدُوۡنَ لِیُطۡفِـُٔوۡا نُوۡرَ اللّٰہِ بِاَفۡوَاہِہِمۡ وَ اللّٰہُ مُتِمُّ نُوۡرِہٖ وَلَوۡ کَرِہَ الۡکٰفِرُوۡنَ (صف-8)
    ”اهي ماڻهو چاهن ٿا ته الله جي روشني پنهنجي ڦوڪن سان وسائين حالانڪه الله اها روشني پوري ڪرڻ کان سواءِ رهڻ وارو ناهي، توڙي جو اها ڳالهه ڪافرن کي پسند نه اچي.“

    آسمان جي بادشاهي:
    منهنجو مقصود اسلامي پرچار جي اها پهرين جماعت آهي جنهن حضرت ابراهيم خليل عه جي ساٿي وانگر محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جو ساٿ ڏنو ۽ نبوت جي عملن جي پوئواريءَ ذريعي خود پنهنجي اندر نبوت جون خصلتون ۽ برڪتون پيدا ڪيون.
    مُحَمَّدٌ رَّسُوۡلُ اللّٰہِ ؕ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗۤ اَشِدَّآءُ عَلَی الۡکُفَّارِ رُحَمَآءُ بَیۡنَہُمۡ تَرٰىہُمۡ رُکَّعًا سُجَّدًا یَّبۡتَغُوۡنَ فَضۡلًا مِّنَ اللّٰہِ وَ رِضۡوَانًا ۫ سِیۡمَاہُمۡ فِیۡ وُجُوۡہِہِمۡ مِّنۡ اَثَرِ السُّجُوۡدِ ؕ ذٰلِکَ مَثَلُہُمۡ فِی التَّوۡرٰىۃِ ۚۖۛ وَ مَثَلُہُمۡ فِی الۡاِنۡجِیۡلِ ۚ۟ۛ کَزَرۡعٍ اَخۡرَجَ شَطۡـَٔہٗ فَاٰزَرَہٗ فَاسۡتَغۡلَظَ فَاسۡتَوٰی عَلٰی سُوۡقِہٖ یُعۡجِبُ الزُّرَّاعَ لِیَغِیۡظَ بِہِمُ الۡکُفَّارَ ؕ وَعَدَ اللّٰہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنۡہُمۡ مَّغۡفِرَۃً وَّ اَجۡرًا عَظِیۡمًا ﴿٪۲۹﴾ (الفتح-29)
    ”محمد الله جو رسول ۽ جيڪي ساڻس گڏ (سچا ۽ پاڪ مومن) آهن (تن جي وڏي خصوصيت هي آهي ته) هو حق کان انڪار ڪرڻ وارن لاءِ (جبل جهڙا) سخت آهن مگر هڪ ٻئي سان سراسر رحم (شفقت، همدردي ۽ محبت) سان ڀرپور آهن. (هو دنيا ۾ ڪنهن طاغوتي طاقت جي آڏو نٿا جهڪن) هو فقط الله جي اڳيان جهڪن ٿا. (اي پيغمبر) تون کين ڏسين ٿو ته الله جي فضل ۽ راضپي حاصل ڪرڻ جي نيت سان شروع ۽ سجدا ڪندا رهن ٿا ۽ سجدن جي اثر کان سندن پيشانين تي نشان ٺهي بيٺا آهن. تورات توڙي انجيل ۾ انهن مومنن جو بيان به اهڙي ئي طرح آيل آهي.“
    هيءَ ساڳي جماعت هئي جنهن جي الاهي وهنوار کي حضرت مسيح ”آسمان جي بادشاهت“ ڪري ليکيو، ڇاڪاڻ ته حقيقت ۾ اها دنيا کي شيطاني طاقتن جي ڇنبي مان ڪڍڻ واري هئي ۽ سندن سچن عملن جي ذريعي دنيا ۾ خدا جو عدل ۽ سلامتيءَ وارو تخت وڇائجڻو هو. اهو هڪ ٻج هو جيڪو پوکجڻ وقت توڙي جو معمولي ۽ صفا ننڍو هو پر نسرڻ کان پوءِ هڪ ڪشادو ۽ وڏي جٿي وارو وڻ بڻجڻو هو. ان ڪري مسيح عليھ السلام ان کي تمثيل ۾ بيان ڪيو ته:
    ”آسمان جي بادشاهي سرنهن جي ان داڻي وانگر آهي جنهن کي کڻي ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پوک ۾ پوکيو. اهو سڀني ٻجن کان ننڍو آهي پر جڏهن ڦٽندو آهي تڏهن سڀني ڀاڄين کان وڏو هوندو آهي ۽ اهڙو ٻوٽو هوندو آهي جو هوا جا پکي ان جي ٽارين تي اچي ترسندا آهن.“ (ستي باب 13-آيت 23)
    اهو ئي سبب آهي جو پوئين آيت ۾ انهيءَ تمثيل جي طرف قرآن ڪريم به اشارو ڪيو.
    ذٰلِکَ مَثَلُہُمۡ فِی التَّوۡرٰىۃِ ۚۖۛ وَ مَثَلُہُمۡ فِی الۡاِنۡجِیۡلِ ۚ۟ۛ (فتح-29)
    يعني اها ئي جماعت آهي جنهن جو مثال (کيتيءَ وارو) تورات ۽ انجيل ۾ ڏنل آهي.
    اَصۡلُہَا ثَابِتٌ وَّ فَرۡعُہَا فِی السَّمَآءِ ﴿ۙ۲۴﴾ (ابراهيم-24)
    اهو وڻ جنهن جون پاڙون مضبوط آهن ۽ ٽاريون آسمان ۾ پکڙيل آهن.
    ڏسو! آسمان جي بادشاهت جو هي جيڪو ٻج پوکيو ويو، حقيقت ۾ ڪيترو ننڍڙو هو. هڪ ننڍڙي جماعت، جنهن کي نه دنيا جو ساز و سامان حاصل هو ۽ نه وري ڌرتيءَ تي اقتدار ۽ عزت. نه ان وٽ جنگ جا هٿيار هئا، نه ڪائي مسلح فوج، چند سادا ۽ سپتيا ماڻهو هئا، جن الاهي دعوت جو ساٿ ڏنو. الله جي سڏ کي ٻڌي ان جي تلاش ۾ نڪتا ۽ آسمان واري جي ڪري زمين وارن سان پنهنجو رشتو ٽوڙي ڇڏيائون. نه کين هيبتناڪ جسم هئا، نه ئي موتمار هٿيار، مگر سندن سيني ۾ دل جي سچائي ۽ اکين ۾ صداقت جا ڳوڙها هئا. انهن تعليم الاهي کي پنهنجي عمل جي دستور بنائي ڇڏيو. هر اهو لفظ جيڪو خدا جي مقصد لاءِ پيغمبر جي زبان مان نڪتو، ان کي پنهنجي عملن ۾ سمائي ڇڏيائون. سندن زبانون خاموش هيون، مگر انهن جا عمل ڳالهائيندڙ هئا. هُنن انهيءَ ”اسوه حسنه“ جي زندگيءَ کي پنهنجو نصب العين بڻايو هو جيڪو توڻي جو انسان هو پر پنهنجي هر فعل ۾ خدا جي جلوي جي ڏک ڏيندو هو. هو نه صرف تعليم بلڪه هڪ عملي نمونو کڻي دنيا ۾ وڌيو ۽ آسمان جي بادشاهت جو اهو مقدس تخم، جنهن جي منادي شام جي گلستانن ۾ ٿي هئي سو حجاز جي ريگستانن ۾ اسرڻ لڳو. ٿوري وقت اندر ان سرسبز ۽ ڪشادي وڻ ڌرتيءَ جي گولي کي پنهنجي ڇانورن ۾ آڻي ورتو. هوا جي پکين ان تي پنهنجا آکيرا اڏيا ۽ زمين جي مخلوق ان جي ڇانوري ۾ پناهه ورتي.
    اَصۡلُہَا ثَابِتٌ وَّ فَرۡعُہَا فِی السَّمَآءِ ﴿ۙ۲۴﴾ تُؤۡتِیۡۤ اُکُلَہَا کُلَّ حِیۡنٍۭ بِاِذۡنِ رَبِّہَا ؕ وَ یَضۡرِبُ اللّٰہُ الۡاَمۡثَالَ لِلنَّاسِ لَعَلَّہُمۡ یَتَذَکَّرُوۡنَ ﴿۲۵﴾(ابراهيم 25- 24)
    ”اهو وڻ جنهن جون پاڙون مضبوط آهن ۽ ٽاريون آسمان ۾ پکڙيل آهن. (اهو وڻ) پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر وقت ڦل ڏيندو رهي ٿو. الله تعاليٰ ماڻهن جي لاءِ مثال بيان ڪري ٿو انهيءَ لاءِ ته هو سوچين ۽ سمجهن:

    گهر جي ڳولا يا رهندڙ جي ڳولا:
    ياد رکو! اهو خدا جيڪو مڪان ۽ زمان کان پاڪ آهي، جڏهن دنيا ۾ ايندو آهي ته پنهنجي رهڻ لاءِ گهر طلبيندو آهي. زمين جون شاندار آباديون، پهاڙن جون آسمان کي ڇهندڙ چوٽيون، سمونڊن جون بي ڪنار موجون، ريگستانن جا وسيع ميدان، اهي سڀ ان جي لاءِ بيڪار آهن. بادشاهن جا هيبت ۽ جلال وارا تخت، هيرن جواهرن سان ٻُٽيل خزانا، وڏو گنبذن ۽ ٿنڀن وارا جوڙجڪ ۾ عظيم ايوان ۽ محل ان جو گهر نٿا بڻجي سگهن. توهان ئي ان جي لاءِ هڪ گهر پيدا ڪريو، جيڪو ان جي جمال قدس جو نشيمن ۽ ان جي حسنِ ازل جو ڪاشانو بڻجي. توهان جو ان جي ڳولا ۾ نڪرڻ گهرو ٿا سو بهتر آهي ته پهريائين پنهنجي ڳولا ۾ نڪرو. توهان جيڪي ان جي نه ملڻ جا شاڪي آهيو، گهرجيوَ ته پهريائين پنهنجي وڃائجي وڃڻ تي ماتم ڪريو. جيڪڏهن ڪجهه به ناهي ته اوهان وٽ ناهي. باقي ان جي محبت واري گهر جو دروازو هميشه کليل آهي. ان جي وصل واري ڪاشاني جي عشق نواز دروازي تي ڪو به دربان ڪونهي. اهو ته هر گهڙي ڳوليندڙن جو منتظر آهي، پر سموري محرومي انهيءَ ۾ آهي ته توهان وٽ ڪو گهر ئي ڪونهي جيڪو ان جي محبت ڀريل قدمن جو مسڪن بڻجي سگهي.
    ان جي وسڻ لاءِ چاندي ۽ سون جو محل ۽ صندل ۽ آبنوس جو تخت گهربل ڪونهي، جنهن ۾ هيرن ۽ الماس جا ٽڪرا جڙيل هجن. هو انهن دلين جو طالب آهي جنهن ۾ ان جي محبت جو درد سمايل هجي ۽ ان درد جي زخمن مان خون جا قطرا وهي رهيا هجن، ان جي لاءِ فقيرن ۽ مٽيءَ هاڻن ماڻهن جي هڪ اهڙي جماعت گهرجي جيڪا پاڻ ارپي ڇڏڻ جي منزل تي هجي. پوءِ انهن جي دلين جا ڦٽل کنڊر ئي سندس رهڻ لاءِ ايوان ۽ محل آهن. اهي دليون ئي اجڙي ويل بستيون آهن جن کي هن پنهنجي آباديءَ لاءِ چونڊي ورتو آهي. اها آبادين جي رونق، صحرائن جي فضا، پهاڙن جي بلندي ۽ آسمانن جون رنگينيون هن کي پنهنجي طرف متوجهه نه ڪري سگهيون پر اجڙيل وستين ۽ ڦٽل ديوارن کي هو پنهنجي وصال جو ڪاشانو بڻائي ٿو. ان گهر کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ هن کي پسند ناهي.
    لا وسعني ارضي ولا سمائي ولا کن يسعني قلب عبدي المومن وايضا قال؛ انا عِند المنکسرة قلوبهم.
    (مون کي آسمان ۽ زمين نه بلڪه مؤمن ٻانهي جي دل سمائي سگهي ٿي ۽ وري فرمايائين ”مان ڦٽل کنڊر بڻيل دلين ۾ رهان ٿو!“)
    اِنَّا عَرَضۡنَا الۡاَمَانَۃَ عَلَی السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ الۡجِبَالِ فَاَبَیۡنَ اَنۡ یَّحۡمِلۡنَہَا وَ اَشۡفَقۡنَ مِنۡہَا وَ حَمَلَہَا الۡاِنۡسَانُ ؕ اِنَّہٗ کَانَ ظَلُوۡمًا جَہُوۡلًا ﴿ۙ۷۲﴾ “ (الحزاب-72)

    دلين کي بدلايو:
    پوءِ انهيءَ قدوس ۽ قديم جو دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو گهر ٿي سگهي ٿو ته اهو صرف انسانن جي دلين وارو محبت جو جهوپڙو ئي آهي، جيڪو ان جي رَهڻ ڪَهڻ لاءِ پهريان ئي سنواريل سينگاريل هجي ٿو. اهي انسان ان جي سينگار کان ڪڏهن به غافل نٿا ٿين. دنيا جي گهرن وانگر ان گهر جي سينگار لاءِ نه ريشمي ۽ مخملي پردن جي ضرورت آهي، نه پشم جهڙي قالين جي. ان جي سينگار لاءِ صرف هڪ ئي شيءِ گهربل آهي يعني محبت جي زخم مان وهيل خون جي ڳوڙهن جو وسڪارو، جنهن جي ريج سان ان جي سطح هميشه گلزار رهي!
    جز محبت پرچہ بردم، سود در محشر نداشت
    دين و دانش عرضہ کردم، کس بہ چيزی بر نداشت
    پوءِ جيڪڏهن اوهان ان جا طالب آهيو ته هڪ جماعت پيدا ڪريو ته جيئن ان جي جلال ۽ قدوسيت جو اهو آشيانو بڻجي. جيڪڏهن توهان وٽ گهر ئي ناهي ته پوءِ آباد ٿيڻ واري جي تلاش ۾ ڇو ٿا ڦٿڪو. مڪين کان پهريائين گهرجيوَ ته اوهان مڪان جو فڪر ڪريو.

    انقلاب آسان ڪونهي:
    دنيا ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ آسان ڪونهي. توهان ڪنهن گهر کي هڪ ڀت اڏڻ يا دروازو وجهڻ گهرو ٿا ته ان جي لاءِ ڇا ڇا بندوبست ڪرڻا ٿا پون. پوءِ جيڪي ماڻهو زمين جي گولي تي وڏين وڏين ايراضين ۽ انسانن جي عظيم الشان آبادين جي عملن ۽ اعتقادن کي بدلائڻ گهرن ٿا، تن کي سوچڻ گهرجي ته سندن مقصد ڪيڏو نه ڏکن ۽ ڏولاون وارو آهي.
    دنيا ۾ مادي انقلاب هميشه سلطنتن جي اُٿل پُٿل ۽ خوني جنگين جو نتيجو هوندا آهن. غور ڪريو ته انهن مان هر ننڍي کان ننڍو انقلاب به ڪيڏي مهانگي قدر ۽ قيمت رکي ٿو. زمانن جا زمانا فڪر ۽ تدبر ۾ گذري وڃن ٿا. خزانن جا خزانا کپايا وڃن ٿا. ڪروڙين گينيون قرض ورتيون وڃن ٿيون. پوءِ وري فوجن جا سمونڊ طوفان بڻجي اٿلن ٿا. ڳرين قيمتن وارا هٿيار پنهوار ڪروڙن جي تعداد ۾ تقسيم ڪيا وڃن ٿا. بيشمار ماڻهن جون قربانيون ڦٿڪن ٿيون ۽ خون جون نديون وهي هلن ٿيون. عورتون رنڙ ۽ ٻار يتيم ٿين ٿا ۽ پيءُ ماءُ جيئري ئي قبر ڀيڙا ٿين ٿا. اهو سڀ ڪجهه ٿي وڃڻ کانپوءِ وڃي ڪو هڪ ننڍڙو ملڪي انقلابي پڄاڻيءَ تي پهچي ٿو.
    جڏهن دنيا جي انهن مادي انقلابن جو حال اهو آهي جيڪي صرف انساني حڪومت جي تخت ۽ انساني نسلن جي آباديءَ کي ڦيرائڻ گهرن ٿا ته پوءِ ان روحاني ۽ قلبي انقلاب جو سوچيو، جيڪو زمين جي سطح ۽ انسانن جي جسمن کي نه پر روحن ۽ دلين جي ولايتن کي اٿلائڻ ٿو گهري ۽ ڪروڙين انسانن جي عملن ۽ خصلتن منجهه تبديلي پيدا ڪرڻ گهري ٿو: اهڙن انقلابن جي لاءِ ڇا رڳو انساني قوت ۽ تدبير ۽ رڳو اخلاق ۽ مذهب جي چند رسمي اصولن کي ورد بنائڻ ئي ڪافي ٿي سگهي ٿو؟
    توهان هڪڙو دفعو پاڻ پنهنجي نفس کي آزمائي ڏسو، جنهن تي توهان جي ارادي کي پورو اختيار حاصل آهي. ڇا اوهان هڪ ننڍي کان ننڍڙي تبديلي به پنهنجي نفس ۽ عملن جي اندر آسانيءَ سان پيدا ڪري سگهو ٿا؟
    جڏهن اوهان هڪ نفس جي تبديليءَ تي، جيڪا خود توهان جي اختيار ۾ آهي، قادر ناهيو ته پوءِ انهن ڪروڙين دلين کي ڪيئن بدلائي سگهو ٿا جن تي توهان جي نه، بلڪه صدين جي پرورش ورتل پختن عقيدن ۽ عملن جي ڇتي حڪومت ۽ نفس جو جابر تسلط قائم آهي.

    روحن ۽ دلين جي اٿل:
    اصل ڳالهه هي آهي ته انسان جسمن کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڏئي سگهي ٿو پر روحن کي نه ٿو بدلائي سگهي. برن ۽ بحرن جا نقشا ممڪن آهي ته بدلائي وجهي پر دل ۽ روح جو هڪڙو گوشو به ان جي ڦيرائڻ سان نٿو ڦري سگهي. هو تعليم ڏئي سگهي ٿو ۽ ”سڌارو!“ ”سڌارو!“ به پڪاري سگهي ٿو پر نه فتح منديءَ جو ٻج انسان جي جهول ۾ آهي، نه ان کي سلو بنائڻ واري اوسر سندس قبضي ۾ آهي. اهو صرف ان قدير ۽ حڪيم جي دست قدرت جو ڪم آهي جيڪو دلين کي ڦيرائڻ وارو ۽ حالتن کي سنوارڻ وارو آهي. جيڪو هميشه پنهنجي قدرت واري وهنوار جا عجائب ڏيکاري ٿو ۽ انهن عجائبات تي حيراني ۽ حيرت جون عطائون بخشش ڪري ٿو.
    پوءِ جيئن ته توهان انسان آهيو، انساني روحن ۽ جهانن کي بدلائڻ گهرو ٿا ته ياد رکو، جيستائين اوهان انسان آهيو، ايئن نٿا ڪري سگهو. ڇاڪاڻ ته انسانن کي اهڙي ڪا به سگهه يا قدرت مليل ناهي. البت توهان جيڪڏهن پنهنجي اندر قوتِ الاهي پيدا ڪريو ۽ پنهنجي جماعت منجهه انهيءَ حقيقت ڪارفرما جو هڪ گهر بڻائي وٺو ته توهان جي صدائن جي جاءِ تي توهان جي اندر مان ان جو آواز نڪرڻ لڳندو. توهان جي اکين جي پنبڻين مان توهان جي نظرن جي جاءِ تي، ان جون نگاهون ڪم ڪرڻ لڳنديون. توهان جا عمل ۽ فعل يڪسر انهيءَ قادر ۽ مقتدر جو وهنوار هوندا، جنهن جي عظمت ۽ ڪبريائيءَ جو دامن انهيءَ کان گهڻو اقدس ۽ پاڪ آهي جو ناڪامي، حسرت ۽ افسوس کان آلو ٿئي!

    الله جو هٿ گهربل آهي:
    پوءِ جڏهن اهو جيڪو سڀني جو مالڪ آهي، توهان ۾ هوندو ته توهان کي به ان جي ملڪ جي هر شيءِ تي قدرت ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته توهان جي قدرت حقيقت ۾ انهيءَ جي قدرت هوندي. توهان جي دعوت جو سڏ هڪ انقلاب جو سيلاب هوندو جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه سگهندي. توهان جي زبانن مان جيڪو ڪجهه نڪرندو. اهو دلين ۽ روحن تي نقش ٿي ويندو. پوءِ نه زمين جو پاڻي انهيءَ کي ڌوئي سگهندو ۽ نه آسمان جي بارش ان کي مٽائي سگهندي. اوهان جي تعليم ٻج ۽ ميوو ٻئي پاڻ سان گڏ آڻيندي ۽ توڙي جو توهان چپ رهند ؤ ليڪن اوهان جي خاموشيءَ واري هڪ هڪ عمل جي صدا تي ڪروڙين هستيون پنهنجي دلين کي هٿن تي رکي پيش ڪنديون. توهان جي اکين مان الاهي شعلن سان اُلا نڪرندا ته دنيا ۾ ڪنهن جي اک هوندي جيڪا ان جي سٽ سهي سگهي. توهان جي زبانن سان جڏهن انسان الاهي جي دعوت واري صدا اڀرندي ته خدا جي آواز کي ٻڌي ان جي ڪهڙي مخلوق آهي جيڪا لبيڪ نه چوندي؟


    فڪر جي آزادي ۽ اسلامي حياتي (قرآن حڪيم جي وضاحت)

    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡا قَوّٰمِیۡنَ بِالۡقِسۡطِ شُہَدَآءَ لِلّٰہِ وَ لَوۡ عَلٰۤی اَنۡفُسِکُمۡ
    اَوِ الۡوَالِدَیۡنِ وَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ ۚ.(النسآءِ-135)
    ”مسلمانو! توهان انصاف تي پوري مضبوطيءَ سان قائم رهو ۽ (زمين تي) خدا جا گواهه هجو، توڻي جو اها گواهي خود توهان جي پنهنجي نفس يا ماءُ پيءُ يا مٽن مائٽن جي خلاف ئي ڇو نه هجي. “
    جيڪڏهن هي سچ آهي ته قومي زندگيءَ جي جان اخلاق آهي، ته پوءِ هي به سچ آهي ته اخلاق جي جان راءِ جي آزادي، قول جي آزادي ۽ فڪر جي آزاديءَ ۾ آهي. پر قومي اخلاق جو اهو روح ڀوائتي ۽ ڀيانڪ موت جي پرن هيٺان آهي.
    حفت الجنته بالمکاره. ( )
    ان آب حيات کي حاصل ڪرڻ لاءِ زهر جو پيالو به پيئڻو پوي ٿو:
    الموت جسر يوصل الي الحياة! ( )
    قوم جي اخلاقي ۽ عملي نظام لاءِ هن کان وڌيڪ ڪا به خطرناڪ ڳالهه ناهي، ته موت جو خوف، تڪليف جو ڀؤ، عزت جو خيال، لاڳاپن جو لحاظ؛ سڀ کان آخر ۾ ڪنهن به طاقت جو ڏاڍ ۽ ڏمر، فردن جي فڪر ۽ عمل تي جمود طاري ڪري ڇڏي، تان جو انهن جو ظاهري روپ، باطن جو عڪس نه هجي. انهن جو قول، سندن دل جي ايمان ۽ اعتماد جو اعلان نه هجي. انهن جي زبان، سندن دل جي ترجماني ڪندڙ نه هجي. اِها ئي اُها شيءِ آهي، جنهن کي اسلام جي اصطلاح ۾ ‘نفاق’ ۽ ‘ڪتمان حق’ ( ) چوندا آهن. ان کان وڌيڪ مڪروهه ۽ مبغوض شيءِ، خدا جي نظر ۾ ڪو نه آهي. اسلام جي بيشمار خاصيتن ۽ خوبين مان هڪ اعليٰ خاصيت هي به آهي ته ان جي هر تعليم، بحث جي موضوع جي سمورن پهلوئن جو احاطو ڪري ٿي. اسان توريت جون وضاحتون پڙهيون آهن، زبور جون دعائون به پڙهيون آهن، صحيفئه سليمان جا مثال به نظر کان گذريا آهن، يسوع جي اخلاقي تعليم جا وعظ به ٻڌا آهن. اسان انهن ۾ هر جاءِ تي خاڪساري، انڪساري، ظلم سهڻ، درگذر ڪرڻ، بخشي ڇڏڻ، ٿورا ۽ مهربانيون ڪرڻ جا فريبي ۽ رڃَ جهڙو دوکو ڏيندڙ نظارا ڏٺا آهن پر ڇا هنن ۾ انهن اخلاقي اصولن جو پتو لڳي ٿو، جيڪي قومن ۾ خودداري، سربلندي ۽ حق گوئيءَ جو جوهر پيدا ڪندا آهن؟ جنهن جي نظر بمقابله حق، آقا ۽ غلام، شاهه ۽ گدا، عالم ۽ جاهل، ماضي ۽ حال ۽ سڀ کان وڌيڪ هي ته خود پنهنجو نفس ۽ غير، سڀئي برابر نظر ايندا هجن؟ جنهن جي راست بازي، حريت پسندي ۽ حق پرستي اهڙي مضبوط ڪڙيءَ کي ورتو هجي، جنهن کي نه ڪا ترار ڪپي سگهي، نه ڪا باهه ساڙي سگهي ۽ نه محبت ۽ خوف جو ڀوت ٽوڙي سگهي؟
    فَقَدِ اسۡتَمۡسَکَ بِالۡعُرۡوَۃِ الۡوُثۡقٰی ٭ لَا انۡفِصَامَ لَہَا ؕ(البقره: 256)
    ”ڇاڪاڻ ته انهن اهڙي مضبوط ڪَڙيءَ کي ورتو آهي، جنهن لاءِ ٽٽڻ آهي ئي نه.“
    اسلام هڪ پاسي مسلمانن جي تعريف هن طرح بيان ڪري ٿو:
    المسلم من سلم المسلمون من لسانه ويده.
    ”مسلمان اهو آهي، جنهن جي هٿ ۽ زبان کان مسلمانن کي تڪليف نه پهچي.“ (بخاري)
    ته ٻئي طرف مسلمانن جي حقيقت هن طرح ظاهر ڪري ٿو ته جيڪڏهن خدا ۽ شيطان، حق ۽ باطل، معروف ۽ منڪر، خير ۽ شر ۾ مقابلو هجي ته هو خدا جي رضا، حق جي نصرت، امربالمعروف ۽ دعوت خير لاءِ.
    وَ لَا یَخَافُوۡنَ لَوۡمَۃَ لَآئِمٍ ؕ(المائدة:54)
    ”آسمان جي هيٺان ڪنهن به ٻي هستي جي پرواهه نٿا ڪن.“
    هن غربت سراءِ ۾ حق جو آشيانو صرف هڪ مسلمان جي دل هئڻ گهرجي پر ڪيڏي نه بدبختي آهي، جو اڄ اسان جا سينا باطل جا نشيمن، اسان جون دليون نفاق جون پناهه گاهون ۽ اسان جو باطن حق جو پهريدار بڻجي ويو آهي، حالانڪه اسان اهي آهيون، جن کي حڪم ڏنو ويو هو ته:
    کُوۡنُوۡا قَوّٰمِیۡنَ بِالۡقِسۡطِ شُہَدَآءَ لِلّٰہِ (النساءَ: 135)
    ”دنيا ۾ خدا جا گواهه هجو. “
    لِمَ تَقُوۡلُوۡنَ مَا لَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿۲﴾ (الصف:2)
    ”انهن جا قول ۽ عمل هميشه برابر هجن.“
    وَ تَخۡشَی النَّاسَ ۚ وَ اللّٰہُ اَحَقُّ اَنۡ تَخۡشٰہُ ؕ
    ”انهن جي دل ۽ زبان هميشه هڪ هجي، جن کي خدا کانسواءِ ڪا به هستي مرعوب نه ڪري سگهندي هجي.“ (الاحزاب:37)

    بخشش ۽ قول حق:
    بخشش ۽ درگذر ڪرڻ، عيب ڍڪڻ، غلطيون معاف ڪرڻ هڪ بهترين وصف آهي پر جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي پوليس نرميءَ جي ان اخلاق تي عمل شروع ڪري، يا وڏن وڏن ڏوهارين جي طاقت کان خوفزده ٿي، پنهنجن فرضن ۾ ڪوتاهي ۽ لاپرواهي ڪري ته ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو ٿورن ڏينهن جي اندر امن امان ۽ انتظام برباد ٿي ويندو ۽ هڪ وسندڙ شهر مٽي جو ڍير بڻجي ويندو. هر آزاد راءِ رکندڙ ۽ آزاد فڪر رکندڙ انسان خدا جي آباديءَ جو ڪوٽوال آهي. تنهن ڪري هن جو فرض آهي ته هر غلط ڪم کي روڪي، هر خطاڪار کي تنبيهه ڪري، خير ۽ حق جي فتحمندي ۽ حمايت لاءِ پاڻ کي تيار رکي، ته جيئن حق کي باطل جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان، نور کي ظلمت جي حملي کان محفوظ رکي سگهي ۽ سوسائٽيءَ جي نظام کي تباهي ۽ برباديءَ کان بچائي.
    اسلامي شريعت ان خاص فرض جو نالو امرباالمعروف ۽ نهي عن المنڪر قرار ڏنو آهي ۽ مسلم امت جي خالص وصف هي بيان ڪئي آهي ته:
    کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
    (آل عمران:110)
    ”توهان بهترين قوم آهيو، جيڪا دنيا ۾ ماڻهن لاءِ نمونو بڻائي ويئي آهي، سٺين ڳالهين جي هدايت ڪندا آهيو ۽ بڇڙين ڳالهين کان منع ڪندا آهيو. “
    وَلۡتَکُنۡ مِّنۡکُمۡ اُمَّۃٌ یَّدۡعُوۡنَ اِلَی الۡخَیۡرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۱۰۴﴾ (آل عمران: 104)
    ”اوهان ۾ هڪ گروهه اهڙو هئڻ گهرجي، جيڪو ماڻهن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏي ۽ چڱن ڪمن جي هدايت ڪري ۽ بڇڙن ڪمن کان روڪي ۽ اهو ئي گروهه ڪامياب آهي.“
    غلط آهي جيڪي هي سمجهن ٿا ته صداقت ۽ حق گوئي، امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر، دعوت الي الخير ۽ شر کان منع ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ٻين جي عملن ۽ فعلن تي تنقيد ڪئي وڃي ته اهي ان جا جاسوسي ڪرڻ جي ڏوهه جا ڏوهاري ٿيندا، جنهن کان قرآن حڪيم روڪيو آهي. ان جي لاءِ هي دليل پيش ڪيو وڃي ته:
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اجۡتَنِبُوۡا کَثِیۡرًا مِّنَ الظَّنِّ ۫ اِنَّ بَعۡضَ الظَّنِّ اِثۡمٌ وَّ لَا تَجَسَّسُوۡا وَ لَا یَغۡتَبۡ بَّعۡضُکُمۡ بَعۡضًا ؕ اَیُحِبُّ اَحَدُکُمۡ اَنۡ یَّاۡکُلَ لَحۡمَ اَخِیۡہِ مَیۡتًا فَکَرِہۡتُمُوۡہُ ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ تَوَّابٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۲﴾ (الحجرات:12)
    ”مسلمانو! بدگمانيون ڪرڻ کان بچو! ٻين جي حالتن جي جاسوسي نه ڪريو. هڪ ٻئي جي پرپٺ گلا نه ڪيو، ڇا اوهان پسند ڪندؤ ته ڪنهن ڀاءُ جو لاش پيل هجي، توهان ان جو گوشت پٽي کائو؟ ڇا توهان کي نفرت نه ٿيندي؟ خدا جو خوف ڪريو، جو خدا توبه قبول ڪندڙ ۽ رحمت وارو آهي.“
    پر ان مان اهي شخصي حالتون مراد آهن، جيڪي دين جي معاملي ۾ ۽ قوم جي اصلاح ۾ مؤثر ناهن، نه ته امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي فرض نڀائڻ لاءِ ڪهڙي شيءِ بچي ٿي؟ معاشري جي اصلاح خرابين کي دور ڪرڻ ۽ منڪرات کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪهڙو هٿيار بچي ٿو؟ جيڪڏهن اسان جا عظيم محدث، حديث ۽ راوين جي اخلاقي خوبين ۽ خامين تي تنقيد نه ڪن ها ۽ حق جي مقابلي ۾ دستار ۽ جُبن جي صاحبن جي قوت کان مرعوب ٿي وڃن ها ته ڇا اڄ اسان وٽ حق جي ڪلمي بجاءِ صرف روايتن جو هڪ ڍير نه هجي ها؟
    ان سلسلي ۾ اسان کي هي اعلان ڪرڻ گهرجي ته سڀ کان پهرين هستي، جنهن جو اسان کي محاسبو ڪرڻ گهرجي، جنهن جي افعالن تي سڀ کان پهريون تنقيد ڪرڻ گهرجي، جنهن جي خرابين تي سڀ کان پهريون مذمت ڪرڻ گهرجي، اها خود پنهنجي ذات آهي. دلير اهو ناهي جيڪو ميدان قتال ۾ دشمن کان انتقام وٺي، پر جڏهن توهان ڪنهن ٻئي جي اخلاقي حالتن تي نڪته چيني ڪريو ٿا، ته پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پايو ۽ ڏسو، ڪٿي توهان جي ته اهڙي حالت ناهي؟ جڏهن حق جي اظهار لاءِ اوهان جي زبان ايترا دليل ڏي ٿي، ته پنهنجي گريبان ۾ به ليئو پائي ڏسو ته توهان جي دل جي دنيا ۾ اها ساڳي جنس ته موجود ناهي؟ ڇاڪاڻ ته:
    لِمَ تَقُوۡلُوۡنَ مَا لَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿۲﴾ (الصف:2)
    ”ڇو چونداآهيو، جيڪي توهان خود نه ڪندا آهيو. “
    کَبُرَ مَقۡتًا عِنۡدَ اللّٰہِ اَنۡ تَقُوۡلُوۡا مَا لَا تَفۡعَلُوۡنَ ﴿۳﴾(الصف:3)
    ”خدا کي اها ڳالهه ڏاڍي ناپسند آهي، ته جيڪو توهان جو قول هجي، اهو فعل نه هجي.“
    اَتَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبِرِّ وَ تَنۡسَوۡنَ اَنۡفُسَکُمۡ(البقرة:44)
    ”توهان ٻين کي ته نيڪي جي ڳالهه ٻڌايو ٿا پر خود پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو. “
    یَقُوۡلُوۡنَ بِاَفۡوَاہِہِمۡ مَّا لَیۡسَ فِیۡ قُلُوۡبِہِمۡ ؕ(آل عمران: 167)
    ”وات سان اها ڳالهه چون ٿا، جيڪا هنن جي دل ۾ ناهي.“

    راءِ جي آزادي ۽ قولِ حق جي تعريف:
    راءِ جي آزادي ۽ قولِ حق ڪهڙي شيءِ آهي؟ ان جو جواب گذريل آيتن ۾ آيو آهي. يعني جيڪا ڳالهه حقيقتاً صحيح هجي، دل سان ان تي اعتقاد رکڻ، زبان سان اقرار ڪرڻ ۽ هٿ سان ان تي عمل ڪرڻ. جيڪڏهن غلطي سان حق جي حقيقت ۽ ڪيفيت، هن کان مخفي ٿي ويئي هجي ۽ جڏهن هن کي ان جو علم ٿي وڃي ته هڪدم پنهنجين غلطين جو اعتراف ڪري. جيڪڏهن غير، ان حق جو مخالف ۽ ان صداقت جو دشمن هجي ته، ان جي رعب ۽ دٻدٻي کان، هن جي هٿن ۾ ڏڪڻي، پيرن ۾ ٿڙڪڻي، زبان ۾ هٻڪ ۽ دل ۾ خوف نه هجي. سوسائٽيءَ جو خوف، مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن جي محبت، هن جي زبانِ حق کي ۽ صداقت جي هٿ کي بيڪار نه ڪري. ڌن ۽ دولت جو حرص، عزت ۽ وڏائيءَ جي لالچ، هن جي حق پرستي جي واٽ ۽ صداقت پسندي جي راهه ۾ رڪاوٽ جو پٿر نه بڻجي. ذاتي فائدا ۽ نفساني خواهشون هن کي قيد نه ڪن. خدا جو راضپو ۽ طلب حق کانسواءِ هن جو ٻيو ڪو به مطلب نه هجي، ڇو ته حق پرستي جي مذهب ۾ اهو ئي شرڪ آهي. اِنَّ الشِّرۡکَ لَظُلۡمٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۳﴾

    هر مسلمان فطرتاً آزاد راءِ رکندڙ ۽ حق پرست هجي:
    هر مسلمان موحد آهي ۽ هر موحد وحدانيت جي اوتاري کانسواءِ، سڀني آسٿانن کان بي نياز ۽ واحد القهار کانسواءِ هر هستيءَ کان بي خوف هجي. تنهن ڪري هو پنهنجي ڪنهن به قول ۽ فعل ۾ آزادي ۽ حق ڳالهه چوڻ کان نه ڊڄي. اصحاب سڳورن کي ڏسو ته اُهي قيصر ۽ ڪسريٰ جي درٻار ۾ بغير گهٻراهٽ جي وڃن ٿا. اهو درٻار جو فرش، جيڪو روم ۽ ايران جي سجده گاهه هو، بڙڇين جي نوڪن ۽ گهوڙن جي سنبن سان، انهن جي جاهه و جلال جا لاهه ڪڍي ڇڏيائون. جن درٻارن ۾ زبان جي حرڪت به بي ادبي ۽ گستاخي سمجهي ويندي هئي، اُتي حق جي حمايت ۾ چيلهه سان ٻڌل ترارون حرڪت ۾ اچي وينديون هيون. پوءِ ائين ڇو نه ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته هڪ موحد جو اهو اعتقاد آهي ته، لا نافع ولا ضار الا الله“ خدا کانسواءِ نفعو ۽ نقصان ڪنهن جي هٿ ۾ ناهي.

    هر مسلمان خدا جو سچو گواهه آهي:
    هر مسلمان خدا طرفان دنيا ۾ هڪ سچو گواهه ۽ شاهد آهي.
    وَ کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَکُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ عَلَی النَّاسِ
    ”خدا اوهان کي هڪ شريف قوم بڻايو آهي، ته جيئن ماڻهن تي گواهه هجو.“ (البقرة: 142)
    ڇا ان کان وڌيڪ ڪو بدبخت ٿي سگهي ٿو، جنهن کي خدا، هن دنيا ۾ پنهنجي طرفان گواهه بڻائي موڪليو هجي ۽ اهو حق جي گواهي ڏيڻ کان خاموش رهي يا ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري!
    وَ مَنۡ اَظۡلَمُ مِمَّنۡ کَتَمَ شَہَادَۃً عِنۡدَہٗ مِنَ اللّٰہِ
    ”۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو، جنهن وٽ خدا جي ڪا گواهي هجي ۽ اهو ان کي لڪائي. “ (البقره:140)
    ڇاڪاڻ ته مسلمانن جي خدا جو حڪم آهي ته:
    وَ لَا تَکۡتُمُوا الشَّہَادَۃَ ؕ.(البقره: 284)
    رباني شاهديءَ کي نه لڪايو.
    ”شهادت رباني جي ادائگي ۽ راءِ جي آزادي ساڳي ڳالهه آهي.
    اهڙي طرح جيڪو شخص رباني شاهديءَ کي نٿو لڪائي ۽ خدا جي طرفان جيڪو علم هن جي دل ۾ القاءُ ڪيو ويو آهي ان جو ظاهر ظهور ۽ بغير خوف جي اعلان ڪري ٿو، اهو اُهو ئي آهي، جنهن کي دنيا سچار، باضمير، مستقل مزاج چوي ٿي. پوءِ ڇا اهو شخص جيڪو باضمير ۽ حق پرست ناهي، اُهو ناهي، جيڪو شاهدي لڪائي ٿو ۽ حق جي گواهي ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو؟ حالانڪه اهو پاڪ وجود جيڪو جهان جو غيب ڄاڻيندڙ آهي، وضاحت سان فرمائي ٿو:
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡا قَوّٰمِیۡنَ بِالۡقِسۡطِ شُہَدَآءَ لِلّٰہِ وَ لَوۡ عَلٰۤی اَنۡفُسِکُمۡ اَوِ الۡوَالِدَیۡنِ وَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ ۚ اِنۡ یَّکُنۡ غَنِیًّا اَوۡ فَقِیۡرًا فَاللّٰہُ اَوۡلٰی بِہِمَا ۟ فَلَا تَتَّبِعُوا الۡہَوٰۤی اَنۡ تَعۡدِلُوۡا ۚ وَ اِنۡ تَلۡوٗۤا اَوۡ تُعۡرِضُوۡا فَاِنَّ اللّٰہَ کَانَ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ خَبِیۡرًا ﴿۱۳۵﴾ (النساءِ-135)
    ”مسلمانو! انصاف تي مضبوطيءَ سان قائم رهو ۽ خدا طرفان حق تي شاهد رهو. توڻي جو اها شاهدي خود توهان جي ذات يا توهان جي مٽن مائٽن جي خلاف ئي ڇو نه هجي ۽ اهو توڻي دولتمند هجي يا فقير، شاهدي ڏيڻ ۾ انهن جي پرواهه نه ڪريو. خدا انهن ٻنهي تي وڌيڪ مهربان آهي ۽ نه نفس جي خواهش جي پيرويءَ ۾ حق کان پٺيرا ٿيو. جيڪڏهن توهان بلڪل انحراف ڪندؤ يا منجهيل ڳالهه سان شاهدي ڏيندؤ ته توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته خد ا کان ڪا به ڳالهه لڪل ڪونه آهي. اهو توهان جي هر عمل کان واقف آهي.“
    الله اڪبر! اڄ مسلمان خدا جي ايڏي وڏي فرض کي وساري ويٺا آهن! اهي مسلمان جن کي صرف هڪ کان ڊڄڻو هو، هاڻي هر هڪ کان ڊڄڻ لڳا آهن. اهي حق چوڻ ۾ دولتمندن کان ڊڄن ٿا ۽ سوچين ٿا ته شايد ڪڏهن انهن جي کيسي جا چند سڪا، اسان جي جهولي ۾ اچي پون! اي دولت جي ديوتائن کان ڊڄڻ وارؤ! ڇا توهان تائين هن ڪائنات جي رزاق جو هي فرمان نه پهتو آهي ته،
    نَحْنُ نَرْزُقُكُمْ وَ اِیَّاہُمْ (الانعام۔151)
    ”اسان ئي آهيون جيڪي توهان کي ۽ انهن کي رزق پهچايون ٿا.“ اهي حق جي حمايت ۾ ڪمزورن جو ساٿ نٿا ڏين پر اي ڪمزورن جي مدد نه ڪرڻ وارؤ! ڄاڻو ٿا ته ڪمزورن جو سڀ کان وڏو مددگار ڇا ٿو چوي؟
    وَ نُرِیۡدُ اَنۡ نَّمُنَّ عَلَی الَّذِیۡنَ اسۡتُضۡعِفُوۡا فِی الۡاَرۡضِ وَ نَجۡعَلَہُمۡ اَئِمَّۃً وَّ نَجۡعَلَہُمُ الۡوٰرِثِیۡنَ ۙ﴿۵﴾
    ”اسان انهن ماڻهن تي احسان ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪي دنيا ۾ ڪمزور سمجهيا ويا آهن ۽ هاڻي انهن کي دنيا جو پيشوا ۽ زمين جو وارث بڻائينداسين.“
    اهي حڪومت جي ترار کان ڊڄن ٿا مگر اي حڪومت جي ترار کان ڊڄڻ وارؤ! ڇا اوهان نه ٻڌو آهي ته مصر جي حق پرستن، فرعون کي ڇا چيو هو:
    فَاقۡضِ مَاۤ اَنۡتَ قَاضٍ ؕ اِنَّمَا تَقۡضِیۡ ہٰذِہِ الۡحَیٰوۃَ الدُّنۡیَا ﴿ؕ۷۲﴾(طھ:72)
    ”تون جيڪي ڪجهه ڪري سگهين ٿو ڪر ۽ تون اسان جي هن ذليل دنيوي زندگيء کي ختم ڪرڻ کان سواءِ ڇا ٿو ڪرين سگهين. “
    اسان جي دل ڇو آزاد ناهي؟ اسان حق جا حامي ڇو نه آهيون؟ اسان ۾ فڪري استقلال ڇو نه آهي؟ ماڻهن جي تقليد ڪرڻ جي زنجيرن کي ڇو زيور سمجهون ٿا؟ اسان غلامي جي ڳٽ کي ڇو عظمت جو نشان سمجهيو آهي؟ ان ڪري جو اسان حسن اعتقاد کي معصوميت جي سِدْرَۃِ الْمُنْتَہٰی تائين پهچائي ڇڏيو آهي. حالانڪه هڪ ئي ذات آهي (يعني خدا) جيڪا هر نقص ۽ هر خطا کان پاڪ آهي ۽ هڪ جماعت آهي (يعني انبياءِ) جيڪا گناهن کان معصوم بڻائي ويئي آهي يا ان ڪري جو غير جي محبت اسان جي حق وارن احساسن کي مصلوب ڪري ڇڏيو آهي ؟ حالانڪه اهو جيڪو سراسر محبت آهي. سندس راضپي لاءِ ٻئي غير جي محبت، ان سان عداوت وانگر آهي. يا وري ان ڪري جو اسان دنيا جي هر ذري کان خوف کائون ٿا؟ حالانڪه اهو هڪ آهي، جنهن جو زمين ۽ آسمان ۾ خوف رکڻ گهرجي يعني اهو جيڪو دنيا جي هڪ هڪ ذري تي قابض آهي. يا ان ڪري جو اسان کي انسانن کان ڀلائي ۽ لالچ جي اميد آهي؟ حالانڪه خير جون ڪنجيون ان هڪ ذات جي هٿ ۾ آهن. اسان کي اڪثر عداوت ۽ دشمني، حق چوڻ کان محروم ڪري ڇڏي ٿي، حالانڪه مسلمان جي حق پرست دل، پنهنجي نفس کان به انتقام وٺندي آهي ۽ حق لاءِ دشمن جو به ساٿ ڏيندي آهي.

    حق چوڻ ۾ رڪاوٽون:
    اسان ٻڌايو آهي ته اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي اسان جي زبان کي حق چوڻ کان ۽ پيرن کي حق ڏانهن وڌڻ کان روڪين ٿيون؟ ناجائز نيڪ گمان ڪرڻ، باطل سان محبت ڪرڻ، خوف، طمع ۽ عداوت رکڻ. قرآن مجيد مختلف هنڌن تي نهايت سختيءَ سان آزادي جي انهن رڪاوٽن ۽ حق جي انهن رنڊڪن کي بيان ڪيو آهي ۽ تنبيهه ڪندي ٻڌايو آهي ته انهن کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو.

    ناجائز نيڪ گمان ڪرڻ:
    ڪنهن ۾ نيڪ گمان رکڻ خراب شيءِ ناهي پر نبين سڳورن عليهم السلام کانسواءِ يا جيڪي رباني امر جا سفير آهن، تن مان ڪنهن انسان کي ايڏو رتبو ڏيڻ جو ان جو هر قول ۽ فعل حجت ۽ معيارِ صحت ڪري سمجهيو وڃي. حقيقت ۾ اهو شرڪ في النبوت آهي. نيڪو ڪارن جي عزت ڪرڻ هر انسان تي فرض آهي پر اهو حق ڪنهن کي به نٿو پهچي ته هو اسان جي دلين تي ان حيثيت سان حڪمراني ڪري، جنهن ۾ سمجهيو وڃي ته اهي انسان اهڙا آهن جن جا عمل تنقيد کان بالاتر ۽ بشري خطائن کان پاڪ آهن. جيڪڏهن ائين سچ آهي ته پوءِ ان احڪم الحاڪمين لاءِ ڇا بچي ٿو، جنهن جو اعلان آهي ته، اِنِ الْحُكْمُ اِلَّا لِلہِ (الانعام-57) ”حڪومت صرف خدا جي آهي.“ ڇا خدا نصارن کي چيو هو ته اهي راهبن جي علمن کي حجت ڪري وٺن ۽ انهن جي عملن ۽ قولن کي خطائن کان پاڪ ۽ تنقيد کان بالاتر سمجهن؟ ڇا خدا هي نه چيو آهي ته:
    اِتَّخَذُوۡۤا اَحۡبَارَہُمۡ وَ رُہۡبَانَہُمۡ اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ. (التوبه:31)
    ”نصارن خدا کي ڇڏي پنهنجن عالمن ۽ راهبن کي خدا بڻائي ورتو آهي. “
    ڇا قرآن، انهن کي توحيد جي دعوت هن طرح نه ڏني آهي:
    قُلۡ یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ تَعَالَوۡا اِلٰی کَلِمَۃٍ سَوَآءٍۢ بَیۡنَنَا وَ بَیۡنَکُمۡ اَلَّا نَعۡبُدَ اِلَّا اللّٰہَ وَ لَا نُشۡرِکَ بِہٖ شَیۡئًا وَّ لَا یَتَّخِذَ بَعۡضُنَا بَعۡضًا اَرۡبَابًا مِّنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ ؕ(آل عمران: 64)
    ”اي آسماني ڪتاب وارؤ! هڪ ڳالهه جيڪا اسان ۽ توهان جي وچ ۾ اصولاً هڪجهڙي آهي، اچو ان تي عمل ڪريون، ته اسان صرف خدا کي پوڄيون ۽ ڪنهن کي ان جو شريڪ نه بڻايون ۽ نه خدا کي ڇڏي هڪ ٻئي کي خدا بڻايون.“
    هڪ ٻئي کي خدا بنائڻ ڇا آهي؟ اهو ته اسان پنهنجي فڪري قوت کي عمل ۾ نه آڻيون. حق ۽ باطل جو معيار صرف انهن شخصن جي غير رباني ۽ غير معصوم حڪمن ۽ عملن کي قرار ڏيون، جن جي تقليد ڪريون ٿا جنهن لاءِ اسان کي گذريل ڪجهه صدين جو زمانو هڪ بهترين مثال آهي. جڏهن اسان رعبدار نالن کان مرعوب ٿي ويندا هئاسين، حق ۽ باطل جو معيار فردن جي شخصيت کي قرار ڏيندا هئاسين. اهڙن سڀني معاملن کي نظر ۾ رکي سوچيو ته اسان جي علمن ۽ فنن کي ڪيڏو نه نقصان پهتو ؟ هر علم ۽ فن ۾ اسان جي وجود جي ڪا حيثيت نه رهي. زبانون هيون پر ڳالهائي نه سگهنديون هيون، دليون هيون پر ڌڙڪنديون نه هيون، تحرير جي قيد ۾ جيڪا شيءِ اچي ويئي، اها منسوخ ٿيڻ جي لائق نه سمجهي ويندي هئي. هر ڪتابي ويچار ۽ خيال، جيڪي ڪنهن لکندڙ ڏانهن منسوب هئا، سچائي ۽ پاڪبازيءَ جو نمونو سمجهيا ويندا هئا. هر پهرين عهد جو انسان، پوءِ اچڻ وارن جي عقل ۽ عمل تي حڪومت ڪندو هو. مطلب ته هر سابق هستيءَ جو حڪم، قديم هستيءَ جي حڪم وانگر تسليم ڪيو ويندو هو، جنهن جو شان هي آهي ته:
    لَّا یَاۡتِیۡہِ الۡبَاطِلُ مِنۡۢ بَیۡنِ یَدَیۡہِ وَ لَا مِنۡ خَلۡفِہٖ ؕ(حم السجده: 42)
    ”باطل نه ان جي اڳيان اچي سگهي ٿو ۽ ان جي پٺيان.“

    باطل سان محبت:
    دنيا ۾ باطل سان محبت رکڻ کان وڌيڪ حق کي قيد ڪرڻ جي ٻي ڪا زنجير ڪو نه آهي. ‘حبک الشئي يعمي ويصم’ (حديث صحيح) باطل سان محبت رکڻ،حق کي قبول ڪرڻ کان اکين کي انڌو ۽ ڪنن کي ٻوڙو ڪري ڇڏي ٿي. اسان پنهنجي ذات کي محبوب رکندا آهيون، تنهن ڪري پنهنجي ذات جي مقابلي ۾ حق جي شاهدي ڏيڻ کان لنوائيندا آهيون. اسان مِٽن مائٽن سان ڪوڙي محبت ڪندا آهيون، تنهن ڪري انهن خلاف حق لاءِ گواهي ڏيڻ تي راضي نه ٿيندا آهيون، حالانڪه ان حقيقي شاهد جو فرمان آهي:
    وَ اِذَا قُلۡتُمۡ فَاعۡدِلُوۡا وَ لَوۡ کَانَ ذَا قُرۡبٰی ۚ(الانعام:152)
    ”جڏهن ڳالهايو ته انصاف جي ڳالهه ڪريو، توڻي جو توهان جي ڪنهن مائٽ جي خلاف ئي ڇو نه هجي.“
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡا قَوّٰمِیۡنَ بِالۡقِسۡطِ شُہَدَآءَ لِلّٰہِ وَ لَوۡ عَلٰۤی اَنۡفُسِکُمۡ
    اَوِ الۡوَالِدَیۡنِ وَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ ۚ(النسآءَ: 135)
    ”مسلمانو! پنهنجي نفس جي مقابلي ۾، پنهنجي ماءُ پيءُ جي مقابلي ۾، ۽ پنهنجن مِٽن مائٽن جي مقابلي ۾ انصاف تي مضبوطي سان قائم رهو ۽ خدا جا گواهه ٿي رهو.“
    ان ڪري آزاديءَ جا اڳواڻ ۽ حق چاهيندڙ رهنما اُهي آهن، جيڪي ان واٽ ۾ محبت جا قيدي نه ٿين. جيڪي انهن ظاهري لاڳاپن کان آزاد هجن. جيڪي پنهنجي ذات سان به اهڙي جنگ ڪن، جهڙي دشمن سان، جيڪي پنهنجو سر حق اڳيان ائين جهڪائين ٿا، جيئن غير جو سر جهڪيل ڏسڻ چاهين ٿا. ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي حق جي واٽ ۾ تڪليفن ۽ مصيبتن کان نٿا ڊڄن؟ ۽ ڪيترا آهن، جيڪي حق جي راهه ۾ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ان آيت سڳوري سچائي ۽ آزاديءَ جي جيڪا واٽ مقرر ڪئي آهي، ان تي هلڻ لاءِ گهڻن جا بت ڪنبي ويا ۽ گهڻن ئي جون دليون دهلجي ويون. فَاِنۡ ذالک هُو الْبِلَاءُ مُّبَیِّنَ. ڇاڪاڻ ته اها سڀ کان وڏي آزمائش آهي. ان پرک ۾ جيڪي پورا لٿا ۽ امتحان ۾ ڪامياب ٿيا، اهي ئي آزاديءَ جي ميدان جا جوڌا ۽ حق ۽ سچ جي لڙائيءَ جا فاتح آهن.
    رِجَالٌ صَدَقُوۡا مَا عَاہَدُوا اللّٰہَ عَلَیۡہِ ۚ(الاحزاب:23)
    ”اهي ئي اُهي ماڻهو آهن، جن خدا سان جيڪو واعدو ڪيو هو، ان تي پورا لٿا.“

    خوف:
    اسان غير کان ڊڄي، حق جي گواهي نٿا ڏيون، حالانڪه هڪ ئي ذات آهي، جنهن کان ڊڄڻ گهرجي. ڇا اسان جو اهو عقيدو ناهي ته دنيا جي جنهن شيءِ کان اسان ڊڄون ٿا، اها خدا جي مخلوق آهي؟ دلين تي حڪومت صرف ان هڪ جي آهي. ہُوَ الْقَاہِرُ فَوْقَ عِبَادِہٖ ۽ اهو جيڏانهن چاهيندو آهي، ڦِرائيندو آهي. یُقَلِّبُ کَیۡفَ یَشَآءُ؟ پوءِ ڇو اسان جون دليون پاڻ جهڙي بيوس ۽ بي اختيار مخلوق کان ڊڄن ٿيون؟ اسان مصيبت کان ڊڄون ٿا، پر ڇا اسان جو هي اعتقاد ناهي ته
    مَاۤ اَصَابَ مِنۡ مُّصِیۡبَۃٍ اِلَّا بِاِذۡنِ اللّٰہِ (تغابن:11)
    ”هر مصيبت خدا جي حڪم سان اچي ٿي.“ اسان موت کان ڊڄون ٿا، ڇا اسان جو هي ايمان ناهي ته:
    اِذَا جَآءَ اَجَلُہُمۡ فَلَا یَسۡتَاۡخِرُوۡنَ سَاعَۃً وَّ لَا یَسۡتَقۡدِمُوۡنَ. (يونس:49)
    ”جڏهن سندن ٺهرايل وقت اچي ٿو، ته نه اڳتي وڌي سگهي ٿو ۽ نه پوئتي.“
    جيڪي سچ جي واٽ ۾ جان قربان ڪندا آهن. اهي مرندا ڪٿي آهن؟ اهي ته فاني زندگي ڇڏي، دائمي حياتي حاصل ڪري وٺندا آهن. ڇا ان کي توهان مرڻ چئو ٿا؟ نه:
    وَ لَا تَقُوۡلُوۡا لِمَنۡ یُّقۡتَلُ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ اَمۡوَاتٌ ؕ بَلۡ اَحۡیَآءٌ. (البقره: 154)
    ”جيڪي خدا جي راهه ۾ شهيد ٿين، تن کي مئل نه چئو، اهي ته جيئرا آهن.“
    اهي دنيا ۾ به جيئرا آهن. قوم انهن جي نالن جو ادب ڪري ٿي. دنيا عزت ۽ احترام سان انهن جي نالن کي ياد رکي ٿي. تاريخ انهن جي نالن کي امر بڻائي ڇڏي ٿي. اهي نه صرف پاڻ زنده آهن پر انهن جا زندهه ڪارناما ٻين کي به زندهه رکن ٿا. قوم انهن جي مرڻ سان زندهه رهي ٿي. ملڪ انهن جي موت سان زندگي حاصل ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته:
    یُخۡرِجُ الۡحَیَّ مِنَ الۡمَیِّتِ وَ مُخۡرِجُ الۡمَیِّتِ مِنَ الۡحَیِّ ؕ(الانعام: 96)
    ”خدا مئل شيءِ مان جيئري ۽ جيئري شيءِ مان مئل پيدا ڪندو آهي.“
    وَ تَخۡشَی النَّاسَ ۚ وَ اللّٰہُ اَحَقُّ اَنۡ تَخۡشٰہُ ؕ(الاحزاب:37)
    ”(پوءِ) ڇا انسانن کان ڊڄين ٿو، حالانڪه سڀ کان وڌيڪ ان جو حق آهي، جو تون ان کان ڊڄين.“
    وَ مَنۡ یَّعۡمَلۡ مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَ ہُوَ مُؤۡمِنٌ فَلَا یَخٰفُ ظُلۡمًا وَّ لَا ہَضۡمًا ﴿۱۱۲﴾(طه:112)
    ”۽ جيڪو نيڪوڪار ۽ باايمان آهي، ان کي ڪنهن ظلم ۽ ناانصافيءَ کان ڊڄڻ نه گهرجي.“

    لوڀ:
    آزادي ۽ سچائيءَ جي واٽ جي پانڌيئڙي جي پيرن ۾ دشمن لوهي زنجير وجهندا آهن، ته جيئن هو اڳتي جون منزلون طئي نه ڪري سگهي پر اڪثر اهي زنجير لوهه جي بجاءِ سون جا به هوندا آهن. هو انهن طلسمي زنجيرن کي ڏسي، سچائيءَ جي واٽ ۽ حق پرستيءَ جي منزل کي وساري ڇڏي ٿو. ان ڪري هو ڊوڙي ۽ کلندي دشمن کان، پنهنجن هٿن سان وٺي پيرن ۾ وجهي ٿو، اهو جادوئي زنجير ڇا آهي؟ اميد جي لالچ ۽ مايا جو لوڀ!
    پر افسوس! ڪيتري قدر نه ذليل ۽ ڪم ظرف آهي اهو انسان جيڪو مال جي محبت ۽ ڌن جي الفت لاءِ خدا جي محبت کي ٺڪرائي ڇڏي ٿو ۽ هڪ فاني شيءِ لاءِ، حق ۽ صداقت جي لافاني ۽ لازوال دولت کي وڃائي ڇڏي ٿو! جيڪڏهن هو چاندي ۽ سون جي سڪن کي خدا لاءِ ۽ سندس سچائي لاءِ ٺڪرائي ڇڏي ته خدا هن کي اهي سچائي سان واپس ڏياري سگهي ٿو. پر خدا جي محبت کي، جنهن دولت لاءِ وڃائي ٿو، اها ته هن کي نٿي ملي سگهي. پوءِ انسانيت جو ڪيڏو نه ڀيانڪ موت آهي، جو انسان آسمان جي سڀ کان وڏي عزت کي زمين جي سڀ کان حقير شيءِ لاءِ وڃائي؟
    دولت ۽ دولت جا اهي ڪرشما، جنهن سان لوڀ جي لعنت ۽ لالچ جي ڦٽڪار وسندي آهي، ڇا آهن؟ ڇا اها دولت انسان جي عمر وڌائي ٿي؟ ڇا عيش جي حياتي موت جي خوف کان بي پرواهه ڪري ٿي؟ ڇا اها زندگيءَ جي سمورين مصيبتن جو علاج ۽ انسان جي آرام ۽ سڪون جو ذريعو آهي؟ نه! انهن مان ڪا به ڳالهه هن ۾ ناهي. چاندي ۽ سون جي بنگلن ۾ رهڻ وارو به اهڙي طرح موت جي پڪڙ، مصيبتن ۾ گهربل تڪليفن ۽ ايذائن کان زخمي ٿيل، بي چيني ۽ بي آرامي جي ڪيفيتن ۾ گرفتار ڏٺو ويو آهي، جهڙي طرح هڪ فقير، مفلس، بکيو يا جهوپڙيءَ ۾ بيماريءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ وارو محتاج ۽ بيڪس مسڪين!
    پوءِ ڇا آهي، جنهن جي لاءِ حق جي عزت کي برباد ۽ خدا جي صداقت کي ذليل ڪيو وڃي ٿو؟ اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا، خدا کي ڇڏڻ کانپوءِ حاصل ڪري سگهون ٿا؟ پئسو نه ته اسان کي زمين جي خواري کان بچائي سگهي ٿو ۽ نه آسمان جي لعنت کان. مگر مايا جي محبت ۽ صداقت جي فرض کان خيانت، اسان جا ٻئي جهان چٽ ڪرائي سگهي ٿي.
    ڪيترن ئي وير واپارين، عظيم فاتحن ۽ سپهه سالارن، نالي وارن محب وطن ۽ دلين تي حڪومت ڪندڙ قوم پرست انسانن جي حق پرستي جي اڏول ارادن ي کي ان لوڀ جي لعنت لوڏي ڇڏيو.
    هُنن پنهنجي ملڪ، پنهنجي قوم، پنهنجي فوج ۽ حقيقت ۾ پنهنجي خدا ۽ ان جي سچائيءَ سان غداري ڪئي. دشمن لاءِ دوستن کي، غيرن لاءِ پنهنجن کي، ظالمن لاءِ مظلومن کي، بي رحم فاتحن لاءِ بيوس مفتوحن کي ۽ شيطان جي تخت جي رونق لاءِ خداءِ رحمان جي پُر جلال درٻار جي عزت ۽ عظمت کي ڇڏي ڏنو. تاريخ جا صفحا هميشه ان ڏک ۽ درد تي ماتمي رهيا آهن. قومن ۽ ملڪن جي داستانن هميشه انهن ناپاڪ روايتن تي رت جا ڳوڙها ڳاڙيا آهن ۽ دولت جو پوڄاري لعنتي نسل، ڪائنات جي شروعات کان ئي، انسانيت لاءِ خواريءَ جو سڀ کان وڏو ٽِڪو رهيو آهي!
    حقيقت هيءَ آهي ته حق پرستيءَ جي واٽ ۾ سڀ کان وڏي آزمائش چانديءَ جي چمڪ ۽ سون جي رنگت ۾ آهي ۽ جيڪڏهن اوهان ان دشوار راهه کان لنگهي ويا ته پوءِ توهان جي همت بي پرواهه ۽ حوصلو هميشه بلند ۽ بي خوف آهي. لوڀ جي ان ناپاڪ ديوَ جو چنبو سخت ۽ انساني دل تي گرفت ڏاڍي مضبوط آهي. مايا جي ان لوڀ قوم جي فردن کان غيرن اڳيان جاسوسي ڪرائي. ان وطن جي جوانن کي پڪڙايو ۽ غيرن جي قدمن تي اخلاق جي ناپاڪي ۽ جذبن جي غلاظت جي گند ۾ ڪيرائي ڇڏيو، ته جيئن پنهنجي وطن، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي مذهب، پنهنجي قوم ۽ پنهنجن ماروئڙن خلاف مخبري ڪن! ان عمل وڏن وڏن ملڪ ۽ ملت جي مخدومن جي سالن جي ڪمائيءَ کي، هڪ گهڙيءَ ۾ برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي ڍورن وانگر ذليل ڪري ڇڏيو ته جيئن ورهين جي سچائيءَ کي هڪ لمحي جي لطف ۽ لوڀ لاءِ قربان ڪن. افسوس! انسانيت لاءِ اهو ناپاڪ روح آهي، جيڪو وڏن وڏن پؤتر جسمن، نوراني چهرن، وڏين وڏين علم ۽ عمل تي اڏول دلين ۾ واسو ڪري ويو آهي. فرشتن جهڙو ڪردار رکندڙ، شيطانن جهڙا ڪرتوت ۽ ملڪوتي صفتون رکندڙ هستين خونخوار دردن جهڙا ڪم ڪيا آهن!
    اهو مقدس عالم جيڪو فقهه جي ڪتابن جو مطالعو من پسند اصول جوڙڻ لاءِ ڪري ٿو، اهو شريعت جو مفتي جيڪو ڏوهن ۽ گناهن کي جائز ڪرڻ لاءِ شيطاني غور و فڪر سان نيون نيون پُر فريب ناويلون سوچي ٿو. اهو وعظ ڪندڙ، جيڪو ٻڌندڙن جي اڳيان ان حقيقت کي پيش ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو، جيڪا هن جي ڪارن ڪرتوتن جي خلاف آهي. اهو اهل قلم پنهنجي حق پرستيءَ جي سختيءَ کي نفاق سان مليل نرمي ۽ آزاديءَ جي جهاد حق کي امن جي ڪوڙن گيتن سان بدلائي ٿو، آخر هو ڪهڙي جادو ۽ منتر جو قيدي ۽ ڪهڙي سختيءَ جو شڪار ٿيو؟ ڪهڙو جادو هن تي اثر ڪري ويو جو خدا کان ناراض ٿي شيطان جي تخت اڳيان سجدو ڪرڻ چاهي ٿو؟ ڪهڙي طاقت آهي، جنهن اڳيان شريعت جا حڪم، ضمير جي فتويٰ ۽ حق جو آواز بيڪار ٿي ويو؟ افسوس! ڪو به ناهي لوڀ جي فريبي بت کانسواءِ. ٻيو ڪجهه به ناهي سواءِ دنيا پرستي، مال سال محبت ۽ عهدي يا منصب جي لالچ جي.
    اُولٰٓئِکَ یَلۡعَنُہُمُ اللّٰہُ وَ یَلۡعَنُہُمُ اللّٰعِنُوۡنَ ﴿۱۵۹﴾ۙ(البقره: 159)
    ”اِهي ئي ماڻهو آهن، جن تي الله لعنت ڪندو آهي ۽ سڀني لعنت ڪندڙن جون لعنتون اِنهن جي حصي ۾ اچن ٿيون.“
    مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ الۡعَاجِلَۃَ عَجَّلۡنَا لَہٗ فِیۡہَا مَا نَشَآءُ لِمَنۡ نُّرِیۡدُ ثُمَّ جَعَلۡنَا لَہٗ جَہَنَّمَ ۚ یَصۡلٰىہَا مَذۡمُوۡمًا مَّدۡحُوۡرًا ﴿۱۸﴾(بني اسرائيل:18)
    ”جيڪو دنيا جو طالب آهي، ته اسين جنهن کي چاهيندا آهيون ۽ جيترو چاهيندا آهيون، ان کي دنيا ۾ ڏيندا آهيون، مگر آخرڪار ان لاءِ جهنم آهي، جنهن ۾ اهو خوار ۽ ذليل ٿي رهندو.

    عداوت:
    ياد رکڻ گهرجي ته جهڙي طرح محبت اکين جي بصارت کي حق کان انڌو ۽ صداقت جو آواز ٻڌڻ کان ٻوڙو ڪري ٿي، بلڪل تهڙي طرح عداوت به اکين کان انڌو ۽ ڪنن کان ٻوڙو بڻائيندي آهي. سچائيءَ جي روشني نظر اچي ٿي، پر هو ان کي نٿو ڏسي، حق جو آواز بلند ٿئي ٿو، پر هو نٿو ٻڌي، ڇاڪاڻ ته تڪلف نٿي چاهي ته انسان غير جي سچائي ۽ حقيقت جو اعتراف ڪري. آزاديءَ جي سفر جي هڪ ڏکي ۽ دشوار منزل اها به آهي، جنهن کي صرف اهو ماڻي سگهي ٿو، جيڪو ان ميدان جو مجاهد ۽ ان معرڪي جو بهادر هجي. جيڪڏهن انسان لاءِ اهو مشڪل آهي ته پنهنجي غلطي ۽ انحراف عن الحق کي قبول ڪري، ته هي ان کان به وڌيڪ مشڪل آهي، ته پنهنجي دشمن جي سچي راءِ ۽ سچي عمل کي پنهنجي هٿ ۽ زبان سان قبول ڪري.
    پر مسلمان ۽ مومن جي آزاد زندگيءَ جي فرضن مان هڪ فرض هي به آهي ته جيڪڏهن انصاف ۽ عدل، حق ۽ سچائيءَ هن جي جاني دشمن وٽ هجي، تڏهن به ان ايماني روح اڳيان، جيڪو هن جي هٿ ۾ آهي، پنهنجو سر جهڪائي ڇڏي:
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡا قَوّٰمِیۡنَ لِلّٰہِ شُہَدَآءَ بِالۡقِسۡطِ ۫ وَ لَا یَجۡرِمَنَّکُمۡ شَنَاٰنُ قَوۡمٍ عَلٰۤی اَلَّا تَعۡدِلُوۡا ؕ اِعۡدِلُوۡا ۟ ہُوَ اَقۡرَبُ لِلتَّقۡوٰی ۫ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ خَبِیۡرٌۢ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ ﴿۸﴾
    (المآئده:8)
    ”مسلمانو! الله لڳ حق جي شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار رهو! ڏسو ڪنهن قوم جي عداوت ۽ دشمني، توهان کي حق ۽ عدل کان باز نه رکي. عدل ۽ انصاف کان ڪم وٺو، ڇاڪاڻ ته اُهو پرهيزگاري کي ڏاڍو ويجهو آهي ۽ خدا توهان جي عملن کان چڱي طرح واقف آهي.“
    ڇا ان کانپوءِ به ڪينو ۽ ڪلفت ڪنهن مسلمان کي حق جي اعتراف ڪرڻ کان روڪي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن روڪي سگهن ته، هو اسلام جي برڪت ۽ رحمت کان محروم آهي.

    حاصل مطلب:
    ان سموري بحث جو مطلب هي ٿيو ته هر سچي مسلمان جو وجود دنيا ۾ حق جي شاهدي ۽آزاديءَ جو نمونو آهي. ناجائز نيڪ گمان، نه هن جي عقل ۽ سچائي جي فطرت کي سلب ڪري ٿا سگهن ۽ نه هن کي محبت، حق چوڻ کان انڌو ۽ ٻوڙو ڪري سگهي ٿي. هن کي جان و مال جو خوف حق کان دور رکي نٿو سگهي. طمع ۽ لالچ، مال ۽ ملڪيت جي محبت جي اثر کان قيد ٿي، سچائيءَ جو منڪر نٿو ٿي سگهي. ڪنهن جي دشمني ۽ مخالفت، حق جي پانڌيئڙي جي پيرن ۾ زنجير وجهي نه ٿي سگهي. هو حق جو شيدائي ۽ حق جو طالب، هو حق جو چاهيندڙ ۽ سچ جو ڳولائو آهي، تنهن ڪري ان کي جتي به ڏسي ٿو، حاصل ڪري ٿو،. اهو حقيقي مطلوب هن کي جهڙي به طرح ملي ٿو، ان لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. هڪ مسلمان جو شان هي آهي ته هن کي هميشه باطل کان نفرت ۽ حق لاءِ تڙپ رهي ٿي. دنيا ۾ هن جو حقيقي سرمايو ۽ اصلي معشوق سچ ۽ حق کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪو نه آهي.
    جيڪڏهن اڄ اسين سچا مسلمان هجون، حق جا طالب ۽ آزاديءَ جا شيدائي هجون، حق جي شاهدي ڏيون، جيڪا هر مسلمان جي وجود جو مقصد آهي، ته پوءِ نه اسان کي دوستن جي محبت جي پرواهه هجي ۽ نه ظالم حڪومت جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان مرعوب ٿيون. اسان ۾ نفاق جو وجود به نه هجي. طمع ۽ خوف اسان جي ارادن کي لوڏي نه سگهن، ته پوءِ الاهي واعدي موجب اسان جا سمورا عمل نيڪ ۽ انسان جا سمورا گناهه معاف ٿي وڃن.
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ قُوۡلُوۡا قَوۡلًا سَدِیۡدًا ﴿ۙ۷۰﴾ یُّصۡلِحۡ لَکُمۡ اَعۡمَالَکُمۡ
    وَ یَغۡفِرۡ لَکُمۡ ذُنُوۡبَکُمۡ ؕ(الاحزاب: 71-70)
    ”مسلمانو! خدا کان ڊڄو ۽ سچي ڳالهه چئو، ته جيئن خدا توهان جي عملن کي نيڪ ڪري ۽ توهان جا گناهه بخشي ڇڏي.“ (الهلال، جلد چوٿون، شمارو، 17، اپريل 1914ع تان ترجمو ڪيل.)

    نبوي حديثون ۽ آثار

    قال النبي (ﷺ) من راي منکم منکرا فليغيره بيده ومن لم يستطع فبلسانه ومن لم يستطع فبقلبھ وذلک اضعف الايمان. (ترمذي ۽ مسلم)
    ”رسول الله ﷺ جن فرمائين ٿا، جيڪو مسلمان ڪنهن برائيءَ کي ڏسي، ته ان کي پنهنجي هٿ جي طاقت سان ختم ڪري، جيڪڏهن ائين نه ڪري سگهي ته زبان سان برو چوي ۽ اهو به نه ڪري سگهي ته ان کي دل ۾ برو سمجهي ۽ اهو ايمان جو تمام ڪمزور درجو آهي.“
    گذريل بحث ۾ قرآن جي مختصر وضاحت سان فڪر جي آزاديءَ تي نظر وڌي ويئي هئي ۽ هاڻي نبوي حديثن جون ڪجهه اهم وضاحتون پيش ڪرڻ چاهيون ٿا.

    سوسائٽي ۽ امربالمعروف:
    هڪ حق گو ۽ سچار انسان، اجتماعي نظام ۽ انساني ميڙ يعني سماج جو محافظ ۽ نگهبان هوندو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي حڪومت کي امن جي بحاليءَ لاءِ ۽ شرپسندن کي چيڀاٽڻ لاءِ پوليس جي ضرورت آهي ته انساني سماج کي بدڪارن ۽ شرپسندن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ حق گو ۽ بي رياءُ انسانن جي به ضرورت آهي. اهڙا سچار انسان جن جي زبان جي سچائي دلين کي پگهرائي ڇڏي، جن جي ايمانداري، بڇڙن جون دليون موهي وجهي، جن جي پاڪبازي، سياهه ڪارن لاءِ تنبيهه جو اعلان هجي. جيڪي عملي طرح هن عقيدي جا عڪس هجن ته هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي هڪ اهڙي هستي موجود آهي جيڪا ڪڏهن به غائب نٿي ٿئي. هر پردي ۽ ديوار جي اوٽ کان هڪ اهڙو ڏسندڙ ڏسي رهيو آهي، جنهن جي نظرن کان ڪڏهن به غائب ٿي نٿا سگهون. اِنَّ رَبَّکَ لَبِالۡمِرۡصَادِ ﴿ؕ۱۴﴾ (الفجر-14)
    افسوس آهي ان تمدن تي ۽ ارمان آهي ان سماج تي، جنهن ۾ ڪنهن حق گو ۽ بي رياءُ روح جو وجود نه هجي، جنهن جو آواز سوسائٽيءَ لاءِ امن جو پيغام، ڏوهن ۽ گناهن کي ختم ڪرڻ جو هٿيار نه هجي، ته پوءِ اهڙي سماج جي موت جا ڏينهن ويجها ۽ اُن جي برباديءَ جا ڏينهن قريب آهن.
    عن ابي بکر رضه: اني سمعت رسول الله ﷺ يقول ان الناس اذا را والظالم فلم يا خذوا علي يديه، اوشک ان يعمهم الله بعتاب منه-(الترمذي)
    ”ابوبڪر صديق رضه فرمائين ٿا، مون رسول الله ﷺ جن کي چوندي ٻڌو ته ” ماڻهو جڏهن ظالم ۽ بدڪار کي ڏسن ۽ ان جو هٿ نه روڪين ته عنقريب خدا پنهنجو عذاب انهن سڀني تي نازل ڪندو.“

    ايمانداريءَ جي هيبت ۽ خدا جو خوف:
    قومن جي زندگي ۽ موت، سماج جي جياپي ۽ بربادي تي مدار رکي ٿو ۽ سماج جي زندگي ۽ بربادي فردن جي صالح هجڻ ۽ فسادي هجڻ، اخلاق ۽ اُٿِي ويٺيءَ تي مدار رکي ٿي. اخلاق، ادب ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جون صرف ٻه شيون نگهبان ۽ محافظ آهن: خدا جو خوف ۽ انسانن جو ڀؤ. بابرڪت آهن اُهي جن جون دليون خدا جي خوف سان روشن آهن ۽ هر حالت ۾ انهن اکين کي ڏسندا رهن ٿا، جيڪي اونداهي ۽ روشنائي ٻنهي حالتن ۾ ڏسنديون رهن ٿيون ۽ ظاهر ۽ باطن ٻنهي حالتن ۾ هڪ جهڙي نظر رکن ٿيون.
    پر اُهي جيڪي خدا جي خوف کان محروم آهن، ته انهن جي عملن جو نگهبان ڪير آهي؟ جيڪڏهن انهن ۾ ڪو به ديانتدار ناهي ۽ اهو به ناهي، جيڪو امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو فرض ادا ڪري ته پوءِ انهن بدڪار روحن کي سنئين واٽ تي آڻڻ جي هدايت ۽ مجبور ڪرڻ واري ٻي طاقت ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته هر قوم ۾ انسانن مان اهڙا خدمت گذار هجن، جيڪي هر گمراهي ۽ بڇڙائيءَ کي هٿ سان ختم ڪرڻ لاءِ تيار هجن. اهڙا نه هجن جو رڳو زبان سان بڇڙو چئي هدايت ۽ تنبيهه ڪن. پر جيڪڏهن اهڙا به نه هجن ته پوءِ غضبِ الاهي کي روڪڻ، انسانيت جي بقا ۽ قدرت جي ڏمر کان بچڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اُهي نه هجن، جيڪي طاقت ۽ اختيار نه رکندي، دل ئي دل ۾ بڇڙائيءَ کي برو سمجهن. اهڙي طرح بڇڙن سان گڏ رهندي، پنهنجو پاڻ کي نيڪيءَ خاطر انهن کان جدا ڪن، مسلم ۽ ترمذي جي ان مشهور مقدس حديث جي اها ئي معنيٰ آهي ته:
    من راي منکم منکرا فليغيره بيده ومن لم يسطع فبلسانه ومن لم يستطع فبقلبه وذلک اضعف الايمان. (ترمذي)
    ”جيڪو مسلمان ڪنهن بڇڙائيءَ کي ڏسي ته ان کي پنهنجي هٿ جي طاقت سان ختم ڪري، جيڪڏهن ائين نه ڪري ته زبان سان بڇڙو چوي، جيڪڏهن ائين به نه ڪري سگهي ته دل ۾ بڇڙو سمجهي مگر اهو ڪمزور درجي جو ايمان هوندو.“

    فرد سان محبت ۽ قوم سان نفرت:
    ڪي ماڻهو حق چوڻ کان ڪيٻائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته ان سان بدڪار ماڻهن جون دليون ڏکن ٿيون. قوم جي غدارن کي برو ڀلو چوڻ، خراب سمجهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ان سان قوم جي بدخواهن جي دلين کي رنج رسي ٿو. ڇا انهن کي اهو معلوم ناهي ته چند بدڪارن ۽ گناهگارن سان محبت ڪرڻ، ڄڻ سموري قوم ۽ ملڪ سان نفرت ڪرڻ آهي! ڇا توهان خاموش رهي ان گهر ڌڻيءَ سان دشمني نٿا ڪريو، جڏهن اوهان ڏسو ٿا ته چور قلف ڀڃي گهر ۾ اندر داخل ٿي رهيو آهي؟ اوهان چور تي رحم کائي، صرف هڪ گهر جي مالڪ سان دشمني نٿا ڪريو، بلڪه شهر جي سمورن انسانن سان دشمني ڪريو ٿا. اوهان چور جي حوصلي کي وڌائي ڇڏيو، انساني خوف جنهن کان پهرين ڀؤ ٿيندو هو، هاڻي ان کان نه ٿيندو.

    ٻيڙيءَ جو مثال:
    ٻيڙي معصوم ۽ نيڪ ڪردار انسانن جي هڪ گروهه کي کنيو ڪناري ڏانهن آهستي آهستي اچي رهي آهي. ان ٻيڙيءَ ۾ هڪ بدڪار ۽ گناهگار انسان کي ڏسو ٿا، جيڪو پنهنجي ناجائز دشمني سبب ٻيڙيءَ جي تختي ۾ سوراخ ڪري رهيو آهي پر اوهان رحم کائي ان کي نٿا روڪيو. ڇا ان جو نتيجو اهو نه ٿيندو ته هڪ گناهگار انسان سان محبت ڪري توهان سوين قابل رحم ۽ نيڪ انسانن سان نفرت ڪري رهيا آهيو؟ ڇا اهو سمجهو ٿا ته ٻيڙي غرق ٿي ويندي، پر توهان بچي ويندؤ؟ ڏسو! توهان جي ڇوٽڪاري جي ٻيڙيءَ جو ملاح، پنهنجي هن مبارڪ تمثيل ۾ ڇا فرمائي ٿو؟
    قال النبي ﷺ مثل القائم علي حدود الله والمداهن فيها کمثل قوم الستهموا علي سفينته جي البحر فاصاب بعضهم اولاها واصاب بعضهم اسفلها، فکان الذين في البحر اسفلها يصعدون فيستقون الماءَ فيصيون علي الذين اعلاها. فقال الذين في اولاها لا ندعکم فتصعدون فتوذوننا، فقال الذين في اسفلها فاذا ننقبها، في اسفلها، فان اخذوا علي ايديهم فمنعو هم، نجوا جميهاً، وان ترکوهم غرقوا جمعيا! (بخاري، ترمذي، احمد)
    ”انهن ماڻهن جو مثال جيڪي حدود خداوندي ۾ خيانت ۽ سُستي ڪندا آهن، اهڙو آهي جو هڪ جماعت جنهن هڪ ٻيڙيءَ ۾ حصو ورتو هجي. ڪن جي حصي ۾ مٿيون طبق آيو ۽ ڪن جي حصي ۾ هيٺيون طبق. هيٺين طبق وارا پاڻيءَ لاءِ مٿين طبق ۾ پيا وڃن ۽ انهن تي ڇنڊا پيا ڪيرائن. ان تي مٿين چيو ته هاڻي اسان توهان کي مٿي اچڻ نه ڏينداسين، توهان اسان کي تڪليف ۾ پيا وجهو. هيٺين چيو: جيڪڏهن توهان مٿي اچڻ نه ڏيندؤ ته اسان پاڻيءَ لاءِ هيٺين تختي ۾ سوراخ ٿا ڪڍون. هاڻي جيڪڏهن مٿين حصي وارا هيٺين حصي وارن کي ان کان جهليندا ۽ روڪيندا ته سڀئي بچندا ۽ جيڪڏهن ڇڏي ڏيندا ته انهن سان گڏ پاڻ به هلاڪ ٿيندا.“

    گذريل قومون ۽ عذاب الاهي:
    توهان کان اڳ به هن دنيا ۾ قومون آباد ٿيون ۽ آخرڪار پنهنجن بڇڙن عملن جي ڏوهه ۾ تباهه ۽ برباد ٿي ويون. انهن جا قصا ۽ ڪهاڻيون اسان لاءِ تنبيهه ۽ عبرت جي چهبڪ جي حيثيت رکن ٿا پر ڇا ڪڏهن اوهان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته انهن جي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب ڪهڙو هو؟ هڪ قوم جا ڪجهه فرد پهرين حقوق الله جا ڏوهاري، قوم سان منافقت ۽ غداريءَ جا مجرم ٿين ٿا. جيڪڏهن قوم جو اهل، دانشور ۽ مفڪر، ايمان ۽ اخلاص وارو طبقو انهيءَ وقت خبردار ٿي وڃي ۽ جيڪو فرض الاهي هنن جي ذمي آهي، ان کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪري ته يقيناً اهو اچڻ وارو طوفان، ڪجهه گهڙين ۾ هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي ۽ قوم جي نجات جي ٻيڙي غرق ٿيڻ کان بچي وڃي پر جڏهن عملن جي خرابي، بدبختي جي سياهه ڪاري، بدنصيبيءَ جي شڪل اختيار ڪري وٺي ته پوءِ فرض شناسيءَ جي جاءِ، سستي ۽ ڪاهلي وٺندي، جيڪا گناهگارن کي بيباڪ ۽ بدڪارن کي دلير بڻائيندي. اهڙي طرح گمراهي جي اها هڪ معمولي حرڪت، جنهن پهرين ڪجهه دلين کي فرض شناسي، اطاعت رباني ۽ قومي قربانيءَ کان محروم رکيو هو، هينئر وڌيڪ فردن جي دلين کي ناپاڪ ۽ پليٽ بڻائي ڇڏيندي، جنهن جي ڪري انهن جون اکيون ڏسڻ کان، هٿ حرڪت ڪرڻ کان ۽ پير هلڻ کان مجبور ٿي پوندا. پوءِ ظلم جي اهڙي ي ڪاري چادر ۽ عذاب جي کنوڻ چمڪڻ ۽ ڪڙڪڻ لڳندي ۽ سموري قوم کي موت جو پيغام ٻڌائي، بربادي ۽ تباهي ڦهلائي ڇڏيندي. ڇا اوهان بني اسرائيل جي بربادي ۽ هلاڪت جو افسانو نه ٻڌو آهي؟
    قال رسول الله ﷺ: ان اول مادخل النقص علي بني اسرائيل، کان الرجل يلقي الرجل، فيقول يا هذا اتق الله و دع ما تصنع فانه لايحل لک، ثم يلقاه الله قلوب بعضهم علي بعض. ثم قال ”لعن الذين کفرو! من بني اسرائيل علي لسان داؤد و عيسي بن مريم“ الي قوله ”فاسقون ثم قال: کلا والله لتامرن بالمعروف وتنهون عن المنڪر، ولتا خذن علي يدي الظالم ولتاطرنه علي الحق اطرا وتقصرنه علي الحق قصرا (ابو داؤد)
    ”پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو: سڀ کان پهريون نقص جيڪو بني اسرائيلن ۾ پيدا ٿيو، اهو هي هو ته جڏهن هڪ شخص ٻئي سان ملندو هو، جيڪو گناهه ۾ مبتلا هوندو هو، ته ان کي چوندو هو ته اي شخص خدا کان ڊڄ ۽ ان ڪم کان باز اچي وڃ، تو لاءِ جائز ناهي. وري جڏهن ٻيهر ان گناهگار سان هن جي ملاقات ٿيندي هئي ته هن کي گناهه ڪرڻ کان روڪڻ، ڇڏي ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته هو ان سان شريڪ ڪار ٿي ويندو هو. جڏهن بني اسرائيل ائين ڪرڻ لڳا ته خدا (صحبت جي اثر سبب) انهن جون دليون برابر ڪري ڇڏيون. پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ قرآن جي هي آيت پڙهي، ”دا‍ؤد ۽ عيسيٰ ابن مريم جي زبان سان اهي لعنتي ڪيا ويا، جن بني اسرائيلين مان ڪفر ڪيو.“ پوءِ فرمايائون: اي مسلمانو! خدا جو قسم توهان امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو فرض ادا ڪريو ۽ ظالمن جو هٿ روڪيو ۽ انهن کي حق ۽ انصاف تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو!“
    پوءِ ڪو آهي، جيڪو ان حق جي صدا کي ٻڌي جيڪا نبوي دل مان بلند ٿي ۽ ان زبان کان ادا ٿي جيڪا ‘ما ينطق عن الهويٰ’ جي زباني شاهديءَ سان مقدس ۽ ‘ان هو الا وحي يوحيٰ’ جي تصديق سان پاڪ ڪئي ويئي هئي، گناهه جي اطاعت، ظلم ۽ ڏاڍ جي ان پُر فريب ڪوٽ کي ڪيرائي وجهي، جنهن اسلام جي ڪروڙن پيروڪارن جي نظرن کان خدا ۽ ان جي عدالت کي لڪائي ڇڏيو آهي؟
    ڇا توهان نٿا ٻڌو ته اسلام جو مقدس داعي توهان کي ڇا چئي رهيو آهي ۽ توهان کي زندهه رکڻ وارو ڇا چاهي ٿو؟ ڇا صاف صاف اهو نٿو چوي ته ظالمن جو هٿ روڪيو ۽ انهن کي حق ۽ انصاف تي هلڻ لاءِ مجبور ڪيو؟ پوءِ ڇا توهان ڪڏهن ان هٿ کي روڪيو، جيڪو ڏاڍ ۽ ڏمر لاءِ اُٿي ٿو؟ ڇا ڪڏهن پنهنجي جهاد، صداقت ۽ حريت سان انهن جو مقابلو ڪيو اٿو، جو اهي حق جي پائماليءَ کان باز اچن ۽ خدا جي پاڪ عدالت ۾ حاضر ٿين؟ جيڪڏهن اوهان مومن ۽ مسلم آهيو ته توهان کي انهن وانگر ڪرڻ گهرجي جن کي ان حڪم الاهي جو مخاطب بڻايو ويو يا انهن وانگر جن کي گناهه جي اطاعت، ظلم ۽ ڏاڍ جي وفاداريءَ سان لعنتي بڻائي ناپاڪ ڪيو ويو؟ تنهن ڪري حق تي قائم رهو! توهان کي ظلم ۽ زبردستي تي دانهون ڪرڻ، هٿ پير هڻڻ ۽ زبان کي جهاد لساني ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. خدا جي تڙيل ۽ مردود قومن جي شيطاني وسوسن ۾ نه اچو ۽ پنهنجا فرض انجام ڏيو! سچو مسلمان اهو آهي جيڪو ان حڪم تي عمل ڪري. اهو ظلم پرست روح ڪڏهن به مومن نٿو ٿي سگهي جيڪو فاطر السموات والارض جي حڪم ۽ ختم المرسلين جي دعوت کي وساري ڇڏي ٿو. توهان کان اڳ جيترا به برباد ٿيا صرف ان حڪم کي وسارڻ جي نتيجي ۾ برباد ٿيا ۽ ظلم جي حامي ۽ غاصب ۽ جابر قوتن جا غلام بڻجي ويا. ان ڪري بني اسرائيل جي رحمت لعنت ۾ بدلجي ويئي ۽ سليمان جو تخت ۽ داؤد جو هيڪل خونخوار ظالمن جو آکاڙو بڻجي ويو. اهو سڀ ڇو ٿيو؟ صرف ان ڪري جو انهن پوئلڳن بلڪل اهڙي طرح خدا ۽ ان جي مقدس رسولن جي حق پرستي ۽ حق پرويءَ جي حڪم کي وساري ڇڏيو، جهڙي طرح، اي روءِ زمين ۾ سڀ کان بهتر انسانو، اوهان وساريو آهي!!
    اي اُمت محمدي جا عالمؤ! اي ملت اسلامي جا پيشواؤ!! اُٿو، وقت اچي ويو آهي، همٿ ڪريو، سچائيءَ جي گهرج ۽ اسلام پنهنجي فرض لاءِ پڪاري رهيو آهي! ٻڌو ! حق جو آواز ڇا چوي ٿو؟ ڇا بني اسرائيل جي عالمن ۽ پيشوائن وانگر اوهان جو به هن بڇڙائي ۽ برائيءَ جي دور ۾ خاموش ۽ گونگي رهڻ جو ارادو آهي ته جيئن سموري قوم تي موت ۽ بربادي ڇانئجي وڃي؟ ڇا توهان سڀ کان پهريون ان ڳالهه لاءِ جوابده ناهيو، جنهن لاءِ سموري امت جوابده آهي؟ ڇا توهان کي معلوم ناهي ته بني اسرائيل ۾ پهريون گناهه هنن جي عالمن ۽ پيشوائن کان سرزد ٿيو هو؟ ها! ٻڌو مخبر صادق جو پرسوز آواز ڇا چئي رهيو آهي:
    والذي نفس محمد بيده لتامرن بالمعروف و تنهون عن المنکر وانھ ليوشکن الله ان يبعت عليکم عقابا من عنده ثم لتدعونھ فلا يستجاب لکم. (احمد ۽ ترمذي)
    ”ان ذات جو قسم! جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته توهان نيڪيءَ جو حڪم ڏيندا ۽ برائين جي مخالفت ڪندا رهندؤ. نه ته ٻي حالت ۾ جلد الله توهان تي پنهنجو عذاب نازل ڪندو ۽ پوءِ توهان دعائون گهرندؤ پر اهي قبول نه ٿينديون.“
    ڇا توهان اظهار ڪرڻ، آزاديءَ جي حمايت ڪرڻ ۽ صداقت جو اعلان ڪرڻ لاءِ انهن کان ڊڄو ٿا جيڪي هن دنيا ۾ طاقتور آهن؟ نه ڊڄو! اُهي آخرت ۾ ڪمزور ٿيندا. ڇا ان ڪري ڊڄو ٿا ته اوهان ڪمزور آهيو؟ پر يقين ڪريو ته مستقبل ۾ اوهان ئي طاقتور ٿيندؤ. پر ڇا توهان حق چوڻ کان ان ڪري باز رهو ٿا، جو انسانن کان ڊڄو ٿا، پر ڇا توهان انسانن جي مالڪ کان نٿا ڊڄو، جنهن جو پاڪ پيغمبر فرمائي ٿو:
    لا يحقرن احدکم نفسھ ان يري امر الله تعاليٰ عليه فيه مقال فلا يقول فيه فيلقي الله وقد اضاع ذلک فيقول ا لله ما منعک ان تقول فيه؟ فيقول يارب خشيته الناس. فيقول فاياي کنت احق ان تخشي. (احمد ۽ ابن ماجه)
    ”توهان مان ڪو به هن ڳالهه ۾ پاڻ کي گهٽ نه سمجهي ته هو جنهن ڳالهه کي ڏسي ۽ ان جو ظاهر ڪرڻ هن تي فرض هجي، پر ان ڳالهه کي هو ڪمزوريءَ جي ڪري ظاهر نه ڪري ۽ خاموش رهي ته اهو قيامت ۽ خدا جي سامهون حاضر ٿيندو ۽ ان موقعي کي وسري چڪو هوندو پر خدا هن کان پڇندو ته تو ڇو نه پاڪبازي ۽ سچائيءَ جي ڳالهه ڪئي هئي؟ اهو چوندو ”پالڻهار! ماڻهن جي ڀؤ کان.“ خدا فرمائيندو ته ڇا خدا تنهنجي سامهون نه هو، جنهن کان تون ڊڄين ها؟“
    ان وقت ڪير ان آسماني پاڪائي ۽ وڏائيءَ جي اڳيان ڪوڙ ڳالهائي سگهندو؟ افسوس ۽ ارمان آهي ان اقرار تي، جڏهن اسان شرمساري ۽ ڦڪائيءَ سان قبولينداسين ته ها! اي قادر مطلق! ها، اي دلين جا ڀيد ڄاڻڻ وارا!! اسان انسانن کان ڊناسين پر تو کان نه ڊناسين. اسان مخلوق اڳيان ڪنڌ جهڪايو، پر تو اڳيان ارڏائي ڪئي. اسان حق کي ڇڏي باطل کي سجدو ڪيو. اسان غيرن کي راضي رکيو، پر تو کي ناراض ڪيوسين. ان وقت چيو ويندو ته ڇا توهان منهنجي سچائيءَ جي اعلان ڪندڙ ۽ داعي حق جي آواز کي نه ٻڌو هو، جنهن چيو هو ته:
    ايها الناس! ان الله تعاليٰ يقول: امرو ابالمعروف و نهوا عن المنکر قبل ان تدعوني فلا اُجيبکم وتسالوني فلا اعطيکم وتستغفروني فلا اغفر لکم. (الديلمي)
    ”لوڪو! خدا فرمائي ٿو ته سٺين ڳالهين جو حڪم ڪريو ۽ بڇڙين ڳالهين کان منع ڪيو! ان کان اڳ جو توهان پڪاريو ۽ مان نه ٻڌان، توهان گهرو ۽ مان نه ڏيان. توهان بخشش گهرو ۽ مان بخشش نه ڏيان! (يعني جيڪڏهن اوهان امربالمعروف جو فرض ادا نه ڪيو ته مان پنهنجو تعلق توهان کان ختم ڪري ڇڏيندس.)“
    تنهن ڪري هر مسلمان جو فرض آهي ته هو حق جو ساٿي ۽ باطل جو دشمن، عدل ۽آزاديءَ جو عاشق ۽ ڏاڍ ۽ ڏمر کان متنفر هجي. هن جو فرض آهي ته سچائيءَ لاءِ پنهنجي وڌ کان وڌ پياري شيءِ کي قربان ڪري ڇڏي. حق پرستي ۽ انصاف پسندي هن جي ايمان جو جوهر ۽ روح هجي. هو حق چوڻ جي واٽ ۾ اصل ئي نه ڊڄي، اها ئي هن جي زندگي آهي. سچائيءَ جي عشق ۾ اهو سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏي، جيڪو آدم جو اولاد، هن ڌرتي تي لٽائي سگهي ٿو، اها ئي تعليم معلم رباني اسان کي ڏني آهي.
    تحرو الصدق وان رايتم فيه الهلکته فان فيه النجاة. (ابن ابي الدنيا مرسلاً)
    ”پاڪبازي ۽ سچائيءَ کي تلاش ڪيو، توڻي ان ۾ توهان لاءِ موت ئي ڇو نه هجي، انهيءَ موت ۾ توهان لاءِ نجات آهي.“
    ڪير آهي، جيڪو اهڙي موت کي پسند نه ڪري جنهن ۾ نجات هجي؟ ڪير آهي جيڪو ان زهر جي پيالي کان نفرت ڪري، جنهن ۾ ابدي زندگيءَ جو آب حيات هجي؟ حق جي واٽ ۾ نه صرف شهيد پاڻ زندهه آهي پر هو سموري قوم کي به زندهه رکي ٿو. پوءِ هنن جي بي جان جسمن ۾ روح حرڪت ڪرڻ لڳي ٿو ۽ هنن جي بند رڳن ۾ حياتيءَ جو خوف پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳي ٿو. پوءِ ڇو ماڻهو اهڙي موت کان ڊڄن ٿا؟ ڇا اهي قوم جي زندگيءَ جا خواهشمند ناهن؟ ڇا اهي ابدي حياتيءَ جا طالب ناهن؟
    اهي خدا جي واٽ ۾ انهن انسانن کان ڊڄن ٿا، جيڪي سون ۽ چانديءَ جي ڪرسين تي خدا بڻيا ويٺا آهن. جيڪي پنهنجي فوج جي چند صفن سان قهر الاهي جو مقابلو ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ جي ديويءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ معصوم انسانن جي قرباني ڪن ٿا. جيڪي ڪمزورن کي صرف ان لاءِ تڪليف ڏين ٿا، جو انهن جي آه و زاري هنن کي پسند آهي. جيڪي بي گناهن کي قتل ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته هنن کي انساني خون جي چند ڦڙن جي ضرورت آهي. جيڪي مصيبت ماريلن جي روڄ راڙي کي ناپسند ڪن ٿا، ته جيئن هنن جي عيش عشرت ۽ آرام جي محفل بي مزي نه ٿئي. اهي مظلومن سان ظلم ڪن ٿا ته جيئن هنن جي عدل لاءِ ناگوار نه لڳي.

    مقدس پيشنگوئي:
    هر مسلمان کي اڄ يقين ڪرڻ گهرجي ته هنن جي پاڪ پيغمبر، ان موقعي لاءِ پنهنجي اُمت ڏانهن هي پيغام موڪيلو آهي ۽ هيءَ پيشن گوئي ڪئي آهي:
    انھ سيکون عليکم ائمته تعرفون وتنکرون، فمن انکر فهو بري ومن کره فقد سلم، من رضي وتابع هلک. (احمد ۽ ترمذي)
    ”عنقريب اوهان مان ڪي آفيسر ٿيندا، جن جون ڪي ڳالهيون چڱيون هونديون ۽ ڪي بريون، جنهن انهن کي نه مڃيو اهو بَري ٿيو ۽ جنهن ناپسند ڪيو اهو محفوظ رهيو، پر جنهن راضپو ڏيکاريو ۽ اطاعت ڪئي اهو هلاڪ ٿيو.“
    سيکون امراءَ فتعرفون وتنکرون، فمن کره بري ومن انکر سلم. ولکن من رضي وتابع هلک. (مسلم ۽ ابودائود)
    ”عنقريب اوهان ۾ ڪي اهڙا حاڪم هوندا، جن جون ڪي ڳالهيون سٺيون ۽ ڪي بڇڙيون هونديون. جيڪو انهن کي مڪروهه سمجهندو اهو بري ٿيندو ۽ جيڪو نه مڃيندو اهو محفوظ رهندو پر جيڪو انهن کي ناپسند ڪندو ۽ انهن جي اطاعت ڪندو اهو هلاڪ ٿيندو.“

    جهاد في سبيل الله:
    پوءِ ڇا ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي پيروي، باطل ۽ منڪر جي اطاعت جو ارادو اٿو؟ نه، اوهان مسلمان آهيو ۽ مسلمان دنيا ۾ صرف هن لاءِ آيو آهي ته جيئن دنيا کي هر قسم جي ظلم ۽ فساد، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کان ڇوٽڪارو ڏياري. جهڙي طرح ڪافرن ۽ مشرڪن پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن ۽ غليظ سوچن سان دنيا کي ظلم ۽ ڏاڍ سان ڀري ڇڏيو هو، تهڙي طرح توهان هن دنيا کي عدل ۽ صداقت سان ڀري ڇڏيو. ها، اي ابراهيم جا پٽؤ! اٿو ۽ انهن هيڪلن کي، جن ۾ سنگ مرمر جا انساني بت رهن ٿا، ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو ۽ ان صنم ڪده جي وڏي بت کي، جنهن کي توهان جي پيءُ ابراهيم ان ڪري ڇڏي ڏنو هو ته پنهنجن پوڄارين کي سندن معبودن جي تباهي ۽ برباديءَ جو افسانو ٻڌائي، سڀ کان اڳ ۾ ان کي ڀورا ڀورا ڪريو ته جيئن پنهنجي تباهي جو افسانو به نه ٻڌائي سگهي. قوت ۽ ڪمزوريءَ جو بهانو نه ڪريو، نه توهان مٽيءَ کان ڪمزور آهيو ۽ نه اهي نمرود کان طاقتور.
    تقربوا الي الله ببغض اهل المعاصي، ولقوهم بوجوه مکفرة. والتمسوا رضاءَ الله بسخطهم وتقربوا الي الله بالتباعد منهم. (ابن شاهين)
    ”ظالمن سان عداوت رکو ته جيئن خدا جي محبت توهان کي نصيب ٿئي. ساڻن سختي سان پيش اچو ته جيئن خدا جي رضا توهان کي حاصل ٿئي. انهن کان پري رهو ته جيئن خدا جو قرب حاصل ڪريو ۽ هن جي بارگاهه ۾ عزت ماڻيو.
    مان بغض ۽ نفرت، ظلم ۽ ڏاڍ جا منظر ميدانن ۾ نه، پر دلين جي گوشن ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. آبادين ۾نه، پر قلب جي گهرائين ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو. وذلک اضعف الايمان.

    جهاد جا قسم:
    مان اوهان کي فتنو پيدا ڪرڻ لاءِ نٿو چوان، ڇاڪاڻ ته خدا کي فتنو پسند ناهي. مان توهان کي صرف حق ۽ سچ جي ڳالهه چوڻ جو عرض ٿو ڪريان جو اها ئي ميدان جي اعليٰ ترين بهادري آهي. مان توهان کان صرف ڪلمه حق چوڻ جي گهر ڪريان ٿو، اهو ئي افضل جهاد آهي.
    قال النبي ﷺ: احب الجهاد الي الله کلمته حق يقال لامام جائر.
    (احمد ۽ طبراني)
    ”پاڻ سڳورا ﷺ فرمائين ٿا خدا جي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ محبو ب جهاد اهو ڪلمه حق آهي، جيڪو ڪنهن ظالم حاڪم جي سامهون چيو وڃي.“
    افضل الجهاد کلمته حق عند سلطان جائز.
    (احمد. ابن ماجه، طبراني ۽ البيهقي)
    ”افضل جهاد اهو ڪلمه حق آهي، جيڪو ڪنهن ظالم حاڪم جي آڏو چيو وڃي.“
    ان من اعظم الجهاد کلمته عدل عند سلطان جائر (ترمذي)
    ”جهاد اڪبر، ڪنهن ظالم حاڪم آڏو انصاف ۽ عدل جي ڳالهه چوڻ آهي.“
    اها ڪيڏي نه عظيم غلطي آهي جو اسلامي جهاد کي صرف جنگ ۽ قتال جي دائري ۾ محدود سمجهيو ويو آهي؟ افسوس جو غيرن جا ساٿاري بڻجي اوهان به ساڳي غلطي ڪريو ٿا، حالانڪه صحيح ترمذي ۽ سنن ابن ماجه جون اهي مٿيون ٽيئي حديثون ان خيال کي غلط ثابت ڪن ٿيون. اهي صاف صاف بيان ڪن ٿيون ته جهاد مقدس صرف ان ڪوشش ۽ صالح جدوجهد جو نالو آهي، جيڪا ايثار ۽ قربانيءَ سان حق جي واٽ ۾ ڪئي وڃي، جنهن جو سڀ کان اهم ميدان امربالمعروف. عدل ۽ انصاف جي دعوت آهي. فرمايو ويو. ‘افضل الجهاد ڪلمه حق عند سلطان جائر’ سڀ کان افضل جهاد هي آهي ته هڪ ظالم ۽ انصاف دشمن بادشاهه ۽ حڪومت اڳيان حق ۽ عدل جو بي خوف اظهار ڪيو وڃي، ان مان ثابت ٿيو ته سچو مجاهد اهو راستباز انسان آهي، جيڪو انساني ڏاڍ جي خوف ۽ هيبت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي. هن مٿان خدا جي عدالت ۽ صداقت جي محبت جو ايترو ته اثر هجي جو هن جي ٻانهن جي هيبت جي ڪا به پرواهه نه ڪري.
    اهو سچائي ۽ حق پرستيءَ جو جذبو آهي، جنهن کي دنيا مختلف نالن سان پڪاري ٿي مگر اسلام ان جو نالو جهاد رکيو آهي ۽ هڪ مومن مسلمان جي زندگيءَ جو بنيادي مقصد مقرر ڪيو آهي. افسوس! خود مسلمانن ان فرض جي توهين ڪئي ۽ پنهنجن ۽ غيرن جي خاطر خدا ۽ رسول جي ان پاڪ حڪم کي مٽائڻ گهريو پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسلام پنهنجي پيروڪارن کان ان حڪم جي تعميل جو مطالبو ڪري. الحمد الله ”الهلال“ شروعات کان ئي ان قومي فرض کي نڀائڻ ۽ اسلامي حڪم جي اعلان ڪرڻ جي توفيق ڏني آهي. هن جي دعوت جي سمورن پهلوئن جو بنياد صرف اهو روح ۽ اهو ئي حڪم جهاد في سبيل الله آهي.
    ڇا اسان جا اڳواڻ اهو جهاد ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟ ڇا پارليامينٽ جا مسلمان ميمبر اهڙي شجاعت ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن؟ اسلامي صحافت جا قلمڪار ۽ ايڊيٽر اهو ميدان ملهائڻ لاءِ تيار آهن؟ اوهان کي اهو يقين ڪرڻ گهرجي ته ان جهاد لاءِ هٿ جي نه، دل جي ضرورت آهي. بهادريءَ جي ان مظاهري جو هٿيار ترار نه، بلڪه قلم آهي. ان جنگ لاءِ لوهه جا هٿيار نه، پر ڪجهه دل ۽ جگر جي گوشت جا ٽڪرا گهرجن، جن ۾ صحيح حرڪت ۽ سچي ڌڙڪن هجي!
    توهان جهاد کي ميدانن ۽ معرڪن ۽ ڳوليو ٿا؟ پر مان چوان ٿو ته توهان ان کي پنهنجي دل جي گوشن ۾ ڳوليو. ارادي جي ڪمزوري ۽ باطل پرستيءَ جي اها ئي پناهه گاهه آهي.
    وقال رسول الله ﷺالجهاد اربع: الامربالمعروف والنهي عن المنکر، والصدق في مواطن الصبر: وشنان لفاسق . (ابونعيم)
    ”جهاد چار شيون آهن: چڱي ڳالهه جو حڪم ڪرڻ، بڇڙين ڳالهين کان روڪڻ. صبر ۽ آزمائش جي موقعي تي سچ ڳالهائڻ ۽ بڇڙاين کان نفرت ڪرڻ.“
    جهاد جي قسمن مان ڪهڙو قسم آهي، جنهن جو مظهر دل ناهي؟ ها، دل ٺيڪ ڪريو ته توهان جي ارادن ۾ پختگي، فڪر ۾ گهرائي، حوصلن ۾ بلندي ۽ ثابت قدمي پيدا ٿئي. دل ۽ اها ئي دل، جنهن جي گوشت جو لوٿڙو، توهان جي سيني ۾ آهي، اها سموري جهان جي اصلاح ۽ فساد جي اصلي ڪنجي آهي.
    قال النبي ﷺ: ان في الجسد مضغھ اذا صلحت صلح الجسد کان واذافسدت فسد الجسد کله، اَلاَوهي القلب! (صحاح)
    ”انسان جي بدن ۾ گوشت جو هڪ ٽڪرو آهي، جڏهن اهو صالح هوندو آهي ته سمورو جسم صالح هوندو آهي ۽ جڏهن اهو فاسد هوندو آهي ته سمورو جسم بگڙيل هوندو آهي. ڄاڻو ٿا اهو گوشت جو ٽڪرو ڪهڙو آهي؟ ‘دل’.“


    اسلام جي بقا ۽ ڪفر جي فنا ٿيڻ جي حقيقت

    اڄ اسين چاهيون ٿا ته قرآن حڪيم جي تفسير جي هڪ نهايت اهم مسئلي متعلق مضمونن جو سلسلو شروع ڪريون. اهو مسئلو نهايت عظيم الشان آهي ۽ قرآن حڪيم جي اڪثر بيانن ۽ حڪمن جو بنياد، ان مسئلي کي سمجهڻ تي مدار رکي ٿو. اسين ڪوشش ڪنداسين ته ان سلسلي جي هر صحبت هڪ مڪمل صحبت هجي. مطالعي جي لذت ۽ ڄاڻ جي تڪميل ماسبق وما بعد جي محتاج نه هجي. وما توفيقي الا بالله.

    حق جي بقا ۽ باطل جو فنا ٿيڻ:
    قرآن حڪيم جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ان پنهنجي سموري تعليم جو بنياد هڪ حقيقت ۽ قانون تي رکيو آهي، جنهن کي هو حق جي فتح ۽ باطل جي شڪست ۽ ناڪامي سان تعبير ڪري ٿو. يعني هو چوي ٿوته ڪائنات ۾ هڪ شيءِ آهي جنهن جو نالو حق آهي، ان جي فطرتي صفت اها آهي ته هو صرف ڪاميابي ۽ فتح، بقاءَ ۽ هميشگيءَ لاءِ آهي. ناڪامي ۽ شڪست هن لاءِ ٿي نٿي سگهي. ان جي مقابلي ۾ هڪ ٻي شيءِ آهي جنهن جو نالو ”باطل“ آهي. تنهن ڪري جهڙي ريت پهرين شيءِ صرف بقاءَ لاءِ هئي، تهڙي طرح هي فنا ۽ ناڪامي لاءِ آهي. هن کي ڪڏهن به ڪاميابي نصيب ٿي نٿي سگهي ۽ ڪڏهن به حق مٿان غالب نٿي اچي سگهي. هر جاءِ تي انهن ٻنهي حقيقتن کي مختلف نالن سان بيان ڪيو ويو آهي. مختلف حالتن جي اثر هيٺ انهن جون جدا جدا صورتون بڻجي پيون آهن پر تنهن هوندي به هر هنڌ انهن ٻنهي قدرتي نتيجن جي دعويٰ ۽ اعلان جو چرچو آهي. ان تي ايترو ته زور ڏنو ويو آهي جو قرآن جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو ان قانون ”بقا حق ۽ فنا باطل“ جي ذڪر سان ڀريل آهي. ڪٿي صاف ۽ واضح لفظن ۾ دعويٰ ڪئي ويئي آهي ته ڪٿي دليل ۽ شهادتون ڏيئي، مثالن سان سمجهايو ويو آهي. ڪٿي حق ۽ باطل جي مشهور لڙاين جا قصا بيان ڪيان ويا آهن ۽ ڪٿي مختلف قومن ۽ ملڪن جا داستان ۽ واقعا بيان ڪري، ان حقيقت کي ذهن نشين ڪرايو ويو آهي. وري ڪٿي ان قانون جي نفاذ جا آثار ۽ اهڃاڻ ٻڌايا ويا آهن. ڪٿي انهن مان حاصل ٿيندڙ نتيجن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪٿي ٻڌايو ويو آهي ته ان قاعدي جي حڪومت خلقت جي شروعات کان وٺي آهي ۽ آخري گهڙيءَ تائين قائم رهندي. ڪٿي اها خبر ڏني ويئي آهي ته دنيا جو ماضي ۽ مستقبل ان قانون جي صداقت جي شاهدي ڏيئي رهيو آهي. ڪٿي ته نهايت وضاحت سان انهن سڀني شڪ شبهن ۽ اعتراضن جا جواب ڏنا ويا آهن جن کي اياڻو ۽ غافل انسان ان قانون جي اڻٽر بادشاهت نٿو سمجهي.
    ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه ته هي قانون قرآن حڪيم ۽ دين الاهي لاءِ هڪ اهڙي بنيادي حقيقت آهي جيڪا تعليم ۽ هدايت جي سڀني گوشن مٿان حاوي نظر اچي ٿي. جيڪو ڪجهه چيو وڃي ٿو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو، تنهن مان ان قانون الاهي جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن قصا ۽ واقعا آهن ته ان قانون لاءِ ۽ جيڪڏهن حڪمت ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون آهن ته به ان قانون لاءِ. حڪم ۽ منع آهي ته ان قانون لاءِ ۽ ملڪوت السموات والارض تي فڪر ڪرڻ جي دعوت آهي ته صرف ان لاءِ. غفلت ۽ لاپرواهيءَ تي تنبيهه ڪئي ويئي آهي ته ان قانون خاطر ۽ غور و فڪر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته صرف انهيءَ لاءِ. دنيا ۾ جيڪو ڪجهه آهي ۽ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو، قرآن چوي ٿو ته ان کي انهيءَ قانون جي نظر سان ڏسو ۽ ان کي ئي سمجهڻ لاءِ سوچ ويچار ڪريو. هو چوي ٿو ته جيڪڏهن آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا آهن ۽ ٿڌڙي هير لڳي رهي آهي ته توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو ان قانون کي سمجهي نٿا سگهو. جيڪڏهن سمنڊ ۾ ڇوليون اٿن ٿيون ۽ وڏا وڏا جهاز ان ۾ ڪکن پنن وانگر تري رهيا آهن ته توهان جي اکين کي ڇا ٿي ويو آهي جو ان قانون کي نٿا ڏسو؟ جيڪڏهن پٽن ۽ باغن ۾ گل ٽڙيا آهن ۽ فصلن سائي چادر پکيڙي ڇڏي آهي ته پوءِ قرآن چوي ٿو ته گلن جي پنکڙين ۾ به ان قانون کي پڙهو ۽ فصلن جي نعمتن مٿان به ان قانون جي ڪارفرمائي کي پڙهڻ لاءِ اتان گذرو ته جيئن خدا جي سڀ کان وڏي ۽ پهرين قانون کي سمجهي سگهو.
    اسين هت انهن آيتن کي تفصيل سان نقل نه ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته اهي تمام گهڻيون آهن، جن تي اڳتي هلي بحث ڪنداسين. تنهن هوندي به قرآن جي جنهن به حصي تي نظر وجهندؤ ته ان ۾ قانون جي دعويٰ هر جاءِ تي نظر ايندي.
    وَ قُلۡ جَآءَ الۡحَقُّ وَ زَہَقَ الۡبَاطِلُ ؕ اِنَّ الۡبَاطِلَ کَانَ زَہُوۡقًا ﴿۸۱﴾ (بني اسرائيل:71)
    ” ۽ چئي ڇڏ ته حق آيو ۽ باطل برباد ٿيو، پڪ ڄاڻو ته باطل صرف فنا ۽ تباهه ٿيڻ لاءِ آهي.“
    سورت يونس ۾ آهي:
    وَ یُحِقُّ اللّٰہُ الۡحَقَّ بِکَلِمٰتِہٖ وَ لَوۡ کَرِہَ الۡمُجۡرِمُوۡنَ ﴿٪۸۲﴾ (يونس-72)
    ” ۽ ياد رکو ته الله پنهنجن فرمانن سان حق کي حق ڪري ڏيکاريندو، توڙي باطل پرستن کي اهو ڪيڏو به اَرهو لڳي.“
    هو هر جاءِ تي چوي ٿو:
    اِنَّ اللّٰہَ سَیُبۡطِلُہٗ ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یُصۡلِحُ عَمَلَ الۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۸۱﴾ (يونس-71)
    ”پڪ سان الله سگهوئي باطل کي فنا ڪري ڇڏيندو، هو فسادين کي ڪاميابي نه ڏيندو آهي.“
    حضرت يوسف عليه السلام به اهو ئي فرمايو هو:
    اِنَّہٗ لَا یُفۡلِحُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۲۳﴾ (يوسف-23)
    ”خدا ظالمن کي ڇوٽڪارو نه ڏيندو آهي.“
    قرآن ان سلسلي ۾ اڃا وڌيڪ انهيءَ ڳالهه جي چٽائي ڪندي چوي ٿو ته:
    اِنَّ اللّٰہَ لَا یَہۡدِی الۡقَوۡمَ الۡفٰسِقِیۡنَ ﴿۶﴾ (المنافقون:6)
    ”خدا فاسقن کي هدايت نه ڏيندو آهي.“ يعني انهن کي ڇوٽڪارو نٿو ملي.
    ان کانسواءِ عام طور تي نبين سڳورن ۽ انهن جي پيروڪارن جي زندگيءَ کي ڏٺو وڃي ته انهن جو هڪ هڪ عمل ۽ هڪ هڪ قول ان قانون تي يقين ۽ ان قانون جو ظهور هوندو. قرآن حڪيم کان علاوه جيتري قدر به خدا جا ٻيا صحيفا دنيا ۾ آيا، انهن سڀن ان قانون جي بادشاهيءَ جو اعلان ڪيو. اخلاق جي کيتيءَ ۾ به اسان کي سچائيءَ جي ڪاميابي ۽ باطل جي شڪست جو يقين ڏياريو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن جن کي سچائيءَ جي فتح تي سچو يقين هجي پر اها ڳالهه چوندا سڀئي آهن ته ڪاميابي ۽ فتح صرف ۽ صرف حق لاءِ آهي.
    اهڙي طرح هڪ نهايت اهم سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته قرآن حڪيم ۽ ٻين سڀني مقدس صحيفن جي ان دعويٰ جي حقيقت ڇا آهي؟ ۽ حق جي بقاءَ ۽ فتح، باطل جي ناڪامي ۽ شڪست جي حقيقت کي هڪ قانون جي طور تي ڇو پيش ڪيو وڃي ٿو؟ ائين ڇو سمجهون ته حق ڪامياب ٿيو ۽ هيئن ڇو نه ٿا سمجهون ته ڪاميابي باطل لاءِ آهي؟
    دين الاهي ۽ قرآن حڪيم پنهنجين سمورين دعوائن جي سچائيءَ جو بنياد انهيءَ قانون تي رکيو آهي. سچائي جڏهن به ظاهر ٿي آهي ته ان هميشه اها دعويٰ ڪئي آهي ته ڪاميابي ۽ نصرت ظاهر ٿي پاڻ ئي اهو ٻڌائيندي ته حق ڇا آهي ۽ باطل ڪير آهي؟
    قُلۡ یٰقَوۡمِ اعۡمَلُوۡا عَلٰی مَکَانَتِکُمۡ اِنِّیۡ عَامِلٌ ۚ فَسَوۡفَ تَعۡلَمُوۡنَ ۙ مَنۡ تَکُوۡنُ لَہٗ عَاقِبَۃُ الدَّارِ ؕ اِنَّہٗ لَا یُفۡلِحُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۱۳۵﴾ (الانعام: 135)
    ”اي لوڪو! اوهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو، مان به ڪم ڪري رهيو آهيان. سگهو ئي ڄاڻندؤ ته انجام ڪنهن جو چڱو آهي. الله ڪڏهن به ظالمن کي فلاح نه ٿو ڏئي.“
    اهڙي طرح، جيستائين ان قانون جي حقيقت ۽ سچائي کي نٿا سمجهون، ان وقت تائين نه ڪو انسان قرآن سمجهي سگهي ٿو ۽ نه دينِ حق جي ايمان ۽ حقيقت ماڻڻ ۾ سندس ڪو حصو ٿي سگهي ٿو.

    طبعي يا فطري انتخاب جو قانون يا بقاءِ اَصلَح:
    اصل بحث شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ هي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته ڪائنات جي حيات جاودان ۽ ‘بقاءَ جي ڪوشش’ يعني بقاءَ ۽ زندگيءَ کي قائم رکڻ لاءِ هڪ دائمي جنگ ۽ مقابلو جاري آهي. ان حالت مان ‘فطرتي انتخاب’ ۽ بقاءِ اَصلَح جي حقيقت واضح ٿئي ٿي، يعني فطرت صحيح ۽ طاقتور کي بقا ۽ زندگيءَ لاءِ منتخب ڪندي آهي. اهڙي طرح ڪمزور ۽ غير صالح شين کي فنا ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏيندي آهي.
    دنيا ۾ اسان ڏسون ٿا ته الله تعاليٰ هر وجود جي اندر اهڙي طلب رکي آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي باقي رکي ۽ فنا ٿيڻ کان بچائي. بقاءَ جو اهو عشق وجود جي طبيعت جو خلقي عشق آهي. اهو ايترو ته طاقتور آهي جو جيڪو ڪجهه ڪري ٿو صرف ان لاءِ ڪري ٿو ۽ هن جي حياتيءَ لاءِ جهد جو اهو ئي اصل بنياد آهي.
    پر ٻئي طرف ڪائنات جو حال هي آهي ته ان جو هر گوشو ۽ هر ذرو پنهنجي اندر تخليق جو هڪ مقصد رکي ٿو. هن ڪائنات ۾ اهڙي ڪا به شيءِ ناهي جا بغير ڪنهن مقصد جو وجود رکندي هجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هيءَ دنيا وجود ۽ اعمال خلقت سان ايتري ته ڀريل آهي جو هن جو ڪو به گوشو خالي ۽ بيڪار ڪو نه آهي. ان جو مثال هن طرح سمجهو ته هڪ جاءِ آهي، ان جا ڪيترائي ڪمرا آهن، پر ان گهر جو ڪو به ڪمرو سامان کان خالي ناهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو به ماڻهو گهر جي ڪنهن به ڪمري تي قبضو ڪرڻ چاهيندو ته ائين نه ٿيندو جو ڊوڙي وڃي ڪنهن ڪمري ۾ رهائش پذير ٿئي، پر هن کي ڪوشش ڪرڻي پوندي ته اهو ڪمرو خالي ٿئي ۽ جيڪو شخص اڳ ئي ان ۾ رهيل آهي، اهو يا ته هٽي وڃي يا مِٽجي وڃي.
    ان حالت جو قدرتي نتيجو هي نڪري ٿو ته هر وجود جي جوڙ لاءِ لازمي آهي ته ڪنهن ٻي وجود ۾ بگاڙ ٿئي ۽ هر نئين طاقت جي پيدائش لاءِ ضروري آهي ته ڪا ٻي طاقت ڪمزور ٿئي. اهڙي طرح دنيا ۾ هر زندگي پاڻ کي باقي رکڻ چاهي ٿي ۽ باقي رهڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته هر وجود اهو ڪجهه ڪري رهيو آهي ۽ هن جي هر حرڪت ۾ ڇڪتاڻ ان لاءِ آهي. ان ڪري دنيا ۾ بقاءَ جي خواهش ۽ طلب جي وٺ وٺان سان باهمي جنگ ڇڙيل آهي. اڻ ڳڻيون فوجون آهن، جيڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيون آهن، ٽڪرائجي رهيون آهن ۽ هڪ ٻئي کي برباد ڪري رهيون آهن. هر هڪ فوج ڪوشش ڪري ٿي ته ڪامياب ۽ فتحمند ٿئي ۽ پاڻ ئي باقي رهي ۽ ٻين کي ناس ۽ چٽ ڪري ڇڏي. حيوانات، نباتات، جمادات مطلب ته تمام معنويات ۽ معقولات ۾ به اها جنگ جاري آهي. جيئن ته ان ڇڪتاڻ ۾ بقا لاءِ فنا لازمي آهي ۽ تعمير بغير تخريب جي ٿي نٿي سگهي، تنهن ڪري ناقص شيءِ بگڙي ٿي ۽ سالم وجود وٺي ٿي. ناقص جاءِ خالي ڪري ٿي ۽ سالم قابض ٿئي ٿي. ان حالت جو نالو بقا جي ڪوشش آهي ۽ ان مان فطري انتخاب جو قانون اسان جي سامهون اچي ٿو.
    هاڻي ان ڇڪتاڻ ۾ ڪاميابي ۽ بقا صرف ان لاءِ آهي جنهن ۾ عدل ۽ صحت جي اها حالت پيدا ٿي پوي جنهن جو نالو طاقت ۽ تندرستي آهي. جهڙي طرح جنگ ۾ طاقتور فوج فتح مند ٿيندي ۽ ڪمزور شڪست کائيندي آهي، تهڙي طرح ان ڇڪتاڻ ۾ به طاقت ۽ صحت فتح حاصل ڪندي ۽ ڪمزوري ۽ ناقصي شڪست کائي آهستي آهستي ختم ٿي ويندي آهي. ان مان ئي قانون مدافعت پيدا ٿئي ٿو، يعني ان ڇڪتاڻ ۾ وجود پنهنجو تحفظ طاقت سان حاصل ڪري سگهندو ۽ حملي ڪندڙ کان شڪست کائي نه سگهندو ۽ باقي رهندو.
    اهو اصول ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ طاقت ۽ صحت باقي رهي ٿي ۽ ڪمزوري ۽ ناقصي فنا ٿئي ٿي. قدرت الاهي دنيا ۾ زنده رهڻ، باقي رهڻ، نشو و نما وٺڻ ۽ غالب ٿيڻ کي صرف طاقت ۽ صحت جو خاصو قرار ڏنو آهي. ان اصول تحت قدرت طاقت کي منتخب ڪري ٿي ته جيئن باقي رهي ۽ نٻلائيءَ کي ڇنڊي ڇڏي ٿي ته جيئن فنا ٿي وڃي. دراصل اهو فطري انتخاب جو قانون آهي، يعني طاقت کي باقي رکڻ ۽ ناقص کي فنا ٿيڻ لاءِ جدا ڪرڻ. ان جو نالو طبعي يا فطري انتخاب يا Natural Selection آهي.

    اَصلَح ۽ افضل جي بقا:
    ان فطري انتخاب مان بقاءِ اصلح جي حقيقت واضح ٿئي ٿي. فطري انتخاب جي معنيٰ هي آهي ته فطرت دنيا ۾ صرف طاقت ۽ صحت، سلامتي ۽ تندرستي کي باقي رکي ٿي. تنهن ڪري ان مان معلوم ٿيو ته جيڪو وجود سڀني کان وڌيڪ طاقتور، تندرست، صحيح ۽ سالم، نقص ۽ خرابي کان آجو آهي اهو باقي رهندو، جيڪو اهڙو ناهي اهو فنا ٿي ويندو . بقاءِ اصلح جي اها ئي معنيٰ آهي. اصلح يعني اوفق، امثل، اجود، اعدل، اسلم، اصلح، اصح ۽ اقويٰ.
    هاڻي جيڪڏهن دنيا تي نظر وجهندؤ ۽ ڏسندؤ ته دنيا جي هر خلقت جي حياتيءَ واري وجود جي هر گوشي ۾ ڪهڙي طرح سان ‘قانون بقا اصلح’ عمل ڪري رهيو آهي يعني بغير ڪنهن رنڊڪ جي لاڳيتو ڪم ڪري رهيو آهي.
    حيوانن ۾ سڀ کان پهريان خود انسان کي ڏسو. هن جي انفرادي حالت ۽ اجتماعي حالت جو به مطالعو ڪريو. انسان جو جسم قسمين قسمين داخلي ۽ خارجي عضون جي مجموعي جو نالو آهي. انهن سڀني جا ڪم ۽ خاصيتون آهن. منجهن پاڻ ۾ ترڪيب ۽ اعتدال واري جوڙجڪ آهي. اهو سڀ ڪجهه هئڻ کانپوءِ به انهن تي قوت ۽ ڪمزوري، صحت ۽ بيماري، نقص ۽ سلامتيءَ جون مختلف حالتون اچن ٿيون.
    اهڙي طرح سڀ کان پهريان هن جي هٿ ۾ شڪار ڪرڻ جو نيزو، عمل جو هٿيار، جدوجهد جو متحرڪ هٿ، نفعي ۽ ڪسر جي طلب جو فطري جذبو، جوش ۽ جذبي جو وڌڻ ۽ گهٽجڻ نظر اچي ٿو. هو پاڻ کي زندهه رکڻ ۽ طاقتور بنائڻ لاءِ جن جن شين جو محتاج آهي، انهن مان هر شيءِ کي جدوجهد ڪري حاصل ڪري ٿو. پنهنجي وجود جي بقا جي عشق ۾ ڪيترن وجودن کي فنا ڪري ٿو. هو جانورن کي ذبح ڪري انهن جو گوشت کائي ٿو. انهن جانورن جي مقابلي ۾ اهو اَصلَح آهي. اهڙي طرح اصلح لاءِ غير اصلح فنا ٿي وڃي ٿو. طاقتور ڪمزور کي ختم ڪري ٿو. هو پنهنجي حياتيءَ جي هر عمل ۾ فائدي ۽ طاقت کي حاصل ڪري ٿو. نقص ۽ نقصان کان ڀڄي ٿو. هن جي به اها ئي معنيٰ آهي ته هو باقي رهڻ لاءِ پاڻ کي طاقتور بڻائي ٿو. اهڙي طرح ڪمزوري ۽ هيڻائيءَ کان بچڻ چاهي ٿو. هو هلاڪ ٿيڻ جي هر حملي کان پاڻ کي بچائي ٿو. اهڙن حملن کي ٽارڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي ٿو ۽ هر نقصان پهچائيندڙ اثر کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿو. اها به اُها ئي طلب يعني بقاءِ اصلح بنجڻ جي ڪوشش آهي. بهرحال هن جي هر عمل کي ڏسو، سڀ جي اندر اها شيءِ نظر ايندي. پوءِ ڏسندؤ ته جڏهن انسان ۾ ڪمزوري پيدا ٿي، نقص پيدا ٿيو، فتور آيو، اعتدال کان انحراف ٿيو، هن جي جسم جي ڪارخاني جو ڪو پرزو ٽٽي پيو، زنگجي پيو يا ٻي ڪا اهڙي حالت آئي، جنهن جي ڪري هو اصلح نه رهيو ۽ هن مٿان ڪمزوري ۽ نقص ڇانئجي ويو ته ان جو قدرتي نتيجو اهو نڪرندو ته هو هلاڪ ٿي ويندو ۽ باقي نه رهندو. فطرت ان کي اڇلائي ڇڏيندي، ڇاڪاڻ ته اها چوي ٿي ته منهنجي دنيا صرف اصلح، اسلم ۽ اقويٰ لاءِ آهي، ناقص هت نٿو رهي سگهي.
    وري اجتماعي حالت ۾ ڏسو ته اوهان کي اهو ئي قانون عمل ڪندي نظر ايندو. طاقتور قبيلا ۽ نسل ڪمزور ڪٽنبن ۽ نسلن کي شڪت ڏيئي ڇڏيندا آهن. طاقتور قومون ڪمزور قومن کي فنا ڪري ڇڏينديون آهن. جنهن ۾ گروهه ۽ قوم وٽ طاقت آهي، اها طاقت جي ان قدرتي حق جو هٿيار کڻي اُٿي پوي ٿي ۽ چوي ٿي ته خدا جي زمين منهنجي لاءِ آهي. ڇاڪاڻ ته مان طاقتور آهيان. پوءِ سڀئي ڪمزور قومون هن جي ان دعويٰ اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏين ٿيون. پنهنجي جاءِ خالي ڪن ٿيون ته جيئن طاقتور قومون اها جاءِ والارين. اها به بقاءِ اصلح آهي يعني اصلح، غير اصلح کي شڪست ڏيئي ڇڏي. اهڙي طرح فطرت قومن کي بقا لاءِ ورهائي ڇڏيو.
    اهڙي طرح حيوانن تي به غور ڪريو. طاقتور ۽ صالح حيوان باقي رهن ٿا. ڪمزور ۽ غير صالح ختم ٿي وڃن ٿا. يا اهي پنهنجو پاڻ جاءِ خالي ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته نيستيءَ جو نتيجو موت آهي يا اهي ڪمزوريءَ جي ڪري پنهنجو دفاع نٿا ڪري سگهن ۽ طاقت انهن کي پنهنجو نشانو بڻائي ٿي. شينهن ٻڪريءَ کي کائي ٿو. وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي کائي ٿي. هوا ۾ اُڏامندڙ پکي ننڍن ڪيڙن ۽ جيتن کي ماري پنهنجي غذا حاصل ڪن ٿا.
    نباتات ۾ به ڏسو ته جيڪو وڻ طاقتور هوندو، زمين پنهنجو سينو چيري ان کي جاءِ ڏيندي ۽ جيڪو ڪمزور هوندو ان کي ختم ڪري ڇڏيندي. اهو خشڪ ٿي فنا ٿي ويندو آهي. اڪثر اوهان کي هڪ جاءِ تي ٻه شيون نظر اينديون آهن: هڪ وڏي وڻ جون پاڙون زمين ۾ ڦهليل هونديون آهن ۽ گڏوگڏ ننڍن ننڍن ٻوٽن کي پاڻي ڏيئي پوکجي ٿو. فطرت وڏي وڻ کي قائم دائم رکڻ لاءِ، ننڍن کي ڇنڊي ڇڏي ٿي. وڏي وڻ جون پاڙون زمين مان سموري زرخيزي کڻي وٺن ٿيون ۽ ننڍن ۽ ڪمزور ٻوٽن لاءِ ڪجهه به نٿو بچي. اُهي سڙي سڪي وڃن ٿا. توهان هزارين وڻ لڳايو، ڪيترو ئي ٻج ٻنيءَ ۾ اڇلايو، پر ميوو اهو ڏيندو، زندگي ۽ بقا ان کي ملندي، جيڪو اصلح هوندو ۽ غير اصلح کي زمين قبول نه ڪندي. هو پنهنجي موت پاڻ مري ويندو.
    جمادات جو به اهو ئي حال آهي. البت انهن جي جمود ۽ ٺوس جزن جي ڪري انهن جي عمل ۽ حرڪت جي رفتار تمام سست آهي، جنهن ڪري توهان گهڙيءَ جي سئيءَ سان انهن جي حرڪت ۽ ڦيرگهير کي جاچي نٿا سگهو.
    ان کانسواءِ دنيا ۾ وجود ۽ زندگيءَ مان جيڪو ڪجهه آهي، سڀ بقاءِ اصلح جي تحت آهي. ڪيترائي اهڙا حيوان آهن، جيڪي زمين تي پيدا ٿيا، پر زمين انهن کي قبول نه ڪيو. جيڪي اصلح هئا، انهن حيوانن جا ڪيترا نسل ڪافي عرصي تائين زمين تي زندهه رهيا. مگر باقي اهي رهيا جيڪي اصلح هئا. ڪيترائي وڻ ٻوٽا زمين تي اُڀريا جن زمين جي سطح کي سائي چادر پهرائي ڇڏي پر جن ۾ ضعف ۽ نقص پيدا ٿيو، اهي سڀ جو سڀ ختم ٿي ويا ۽ جيڪي تندرست هئا، باقي رهيا. باغ ۾ ڪيترائي ٻوٽا آهن، انهن مان جيڪي سرسبز آهن، ميون ۽ گلن سان ڀريل آهن، انهن جي رکوالي ۽ نگهباني ڪئي ويندي ۽ انهن کي ئي زندهه رکيو ويندو. مگر جيڪي سڪي ويا، جن جي ٽارين ۾ ساوا پن نه رهيا ۽ انهن جي ڇانو آرام ۽ سڪون نه ڏيئي سگهي، ته اهڙن وڻن کي ڪاٽيو ويندو. انهن جون ڪاٺيون باهه ۾ سڙندي صدائون ڪنديون ته دنيا ۾ زندگي صرف اصلح لاءِ آهي، غير اصلح کي باهه جي اُلن کانسواءِ ڪجهه نه ملندو. ان کي نظير نيشاپوري هيئن بيان ڪيو آهي.
    تو نخل ميوه نشان باش در حديقه دهر.
    کہ کم درخت قوی خشک شد کہ بشکستند.
    (تون زماني جي باغ ۾ ميويدار وڻ ٿي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪيترائي وڻ ڏٺاسين، جيڪي بي ثمر هجڻ ڪري ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا.)
    آبنوس جي وڻ جي ڪاٺيءَ مان ڦڻي ٺهي جا معشوق جي خوشبودار وارن سان همڪنار ٿي پر ان جهڙيون ٻيون ڪاٺيون چُلههِ ۾ سڙي رهيون آهن. ان گهر جي چُلههِ ۾ جنهن جي باغيچي ۾ آبنوس جي وڻ جي ڀرسان معشوق جو هٿ حسن کي سينگارڻ جو لطف وٺي رهيو هو. غور ڪريو ته اهو به بقاءِ اصلح آهي. اصلح اها جاءِ ورتي، جيڪا هن لاءِ اصلح هئي. غير اصلح کي اها جاءِ ملي، جيڪا هن لاءِ قرار ڏني ويئي هئي. اهڙي طرح فطرت چونڊ ڪندي آهي.
    هڪ جاءِ ڪري پوي ٿي ۽ ٻيو گهر مضبوطيءَ سان قائم آهي. ڪڏهن اوهان سوچيو آهي ته اهو ڇا آهي؟ ڇا ائين ناهي ته جيڪا عمارت اصلح ۽ مضبوط آهي سا باقي رهندي ۽ جيڪا غير اصلح ۽ ڪمزور آهي، فنا ٿي ويندي؟
    شهرن کي ڏسو، آبادين کي ڏسو، زمين کي ڏسو، نهرن کي ڏسو. ڪيترائي شهر ساڳي وقت آباد ٿين ٿا پر ڪجهه وقت کانپوءِ ڪن ٿورن جي آبادي وڌي ٿي ۽ اهي قائم رهن ٿا، باقي ڦٽي وڃن ٿا. منجهن انسانن بجاءِ چٻرا واهيرا ڪن ٿا. ڇو ؟ ان لاءِ ته قانون بقاءِ اصلح عمل ڪري رهيو آهي. جيڪو آباد رهيو اهو اصلح هو، جيڪو اُجڙي ويو اهو اصلح نه هو.
    زمين هر جاءِ تي هڪ جهڙي آهي، پر هر زمين آباد نٿي ٿئي. آباد اها ٿيندي جيڪا آباديءَ لاءِ اصلح هوندي. اوهان چئو ٿا ته ان جي زرخيزي سٺي آهي، پاڻي سٺو آهي ۽ آبهوا سٺي آهي. لفظ تمام گهڻا آهن پر سڀني جو مطلب ساڳيو آهي، هيئن کڻي چئو ته جيڪا زمين آباد رهڻ لاءِ اصلح هئي اها آباد ٿي ۽ جيڪا اصلح نه هئي اها آباد نه ٿي. ان جي اصلح نه هئڻ کي نظر ۾ رکو. صاف سٿرو ميدان آهي يا جهنگ آهي پر اشرف المخلوقات جي رهڻ بجاءِ نانگن ۽ وڇونئن جي رهڻ جي جاءِ آهي.
    وري هي ڇا آهي جو هڪ زمين ۾ ڪنڊا ۽ ڪرڙ نظر اچن ٿا ۽ ٻي گلن ۽ ولين سان بهشت بڻيل آهي؟ ان ڪري ته پهرين اصلح ناهي، تنهن ڪري گل نٿا ٿين. اها مفسد آهي. هن کي حق ناهي ته گلن جو تاج پنهنجي سر تي رکي. هن جي سر تي ڪنڊن جو تاج رکيو ويندو. ٻي زمين اصلح آهي. ان ڪري اها وڻندڙ گلن جي خوشبوءِ سان گلزار بڻائي ويئي آهي ۽ حسن ۽ سونهن جو باغ سجايو ويو آهي.
    هڪ نهر ڇو سڪي ويئي، ڇاڪاڻ ته اصلح نه هئي. نهرو وانگر پاڻي جي وهڪري کي جاري رکڻ جي قوت اُن ۾ نه رهي. گنگا ۽ جمنا ڇو وهي رهيون آهن؟ ان ڪري ته اهي اصلح آهن. غير اصلح وهڪرا ۽ نهرون سڀ هنن ۾ سمائجي وينديون.

    عالم معنويات ۽ بقاءِ اصلح:
    هاڻي ڪجهه گهڙين لاءِ هڪ ٻي دنيا ۾ اچو، جنهن ۾ خيال، فڪر، علم، ايجادون، تعليم، قانون، ٻوليون، نالا، اصطلاح، راڳ، چوڻيون، تصنيفون ۽ ڪتاب اچي وڃن ٿا. ان قسم جي سڀني شين کي جن جو تصور ڪري سگهو ٿا، سامهون آڻيو. اوهان ڏسندؤ ته انهن سڀني ۾ به بقاءَ جي ڇڪتاڻ جاري آهي. وري فطري انتخاب، بقا ۽ عاقبت ان لاءِ آهي جيڪو اصلح ۽ مٿانهون آهي. هزراين خيال ۽ ويچار پيدا ٿي ڦهلجن ٿا پر باقي اهي رهن ٿا جيڪي اصلح هوندا آهن. ڪيتري علمي ترقي ٿي آهي، سوين ايجادون ڪيون ويون، پر فطري انتخاب ثابت ڪيو آهي ته جيڪو علم فائدي مند هو، ان کي ڪماليت ۽ اشاعت نصيب ٿي. جيڪو فائدي مند ۽ اصلح نه هو، اهو ختم ٿي ويو ۽ ڪار آمد علم اڳيان بيهي نه سگهيو. ڪيمياگريءَ ۾ سون ٺاهڻ جو علم ڪيتري وقت کان پيدا ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترن انسانن ان لاءِ پنهنجون زندگيون نهوڙي ڇڏيون، پر ڏسو! قانون بقاءِ اصلح ڪهڙو فيصلو ڏنو؟ جتيون ٺاهڻ ۽ لوهارڪو ڌنڌو هزارن سالن کان قائم ۽ دائم آهي، بلڪه ان ۾ روز بروز ترقي ٿي رهي آهي ۽ ان مان لکين ماڻهن کي روزگار ملي ٿو مگر ٽامي مان سون ٺاهڻ جو فن دنيا ۾ ڪنهن کي به معلوم ناهي. قسمين قسمين تعليمي نظريا آهن. قانون ٺاهيا ويا آهن، اصول ۽ ضابطا جوڙيا ويا آهن. مگر فطرت بقا انهن کي ڏني جيڪي اصلح هئا ۽ ٻين کي نابود ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته انهن جي وچ ۾ مقابلو ٿيو ۽ مقابلي ۾ ان کٽيو جيڪو اصلح هو. اهڙي طرح انسان اصلح قانون کي قبول ڪيو ۽ غير اصلح قانون شڪست کائي فنا ٿي ويو.
    اهڙي طرح سوين ٻوليون رائج آهن ڇو ته اصلح آهن ۽ سوين ٻوليون پيدا ٿي، ڪافي عرصي تائين زندهه رهي ختم ٿي ويون. ان ڪري جو اهي اصلح نه هيون. هڪ ملڪ ۾ ڏهه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن ۾ قائم ۽ دائم رهڻ جي ڇڪتاڻ شروع ٿئي ٿي. آخر ۾ فطرت چونڊ ڪري ان کي باقي رکي ٿي جيڪا اصلح آهي. هندستان ۾ ماڻهو اردو ۽ هنديءَ جي مسئلي تي وڙهن ٿا، پر جيڪڏهن اهي ان جو فيصلو فطري انتخاب تي ڇڏي ڏين ته بهتر آهي. جيڪا ٻولي اصلح هوندي اها باقي رهندي. وري ڪيترائي ڪتاب آهن جيڪي ساڳي فن تي لکيا ويا آهن. هاڻ انهن جي وچ ۾ به قبوليت جي حوالي سان بقا جي ڇڪتاڻ شروع ٿئي ٿي. ان ڇڪتاڻ ۾ اصلح باقي رهندو ۽ غير اصلح فنا ٿي ويندو. سعدي جو گلستان، جاميءَ جي بهارستان جي مقابلي ۾ اصلح آهي. ان ڪري اهو زندهه آهي. بهارستان لاءِ ڪو پڇي به نٿو. خواجه، حافظ ۽ سلمان ساڳي دؤر جا شاعر آهن. انهن مان حافظ جو ڪلام اصلح آهي، جنهن جي چاهت سان هر هڪ جي دل ۾ وسيل آهي. سلمان جو ڪلام هن جي مقابلي ۾ اصلح نه هو، تنهن ڪري هاڻي ان جو نالو صرف تذڪرن ۾ پـڙهون ٿا. ساڳي وقت هڪ شيءِ جا ڪيترائي نالا رکيا وڃن ٿا. هڪڙي حقيقت لاءِ مختلف اصطلاح ٺاهيا وڃن ٿا. ساڳي حڪمت لاءِ گهڻيون چوڻيون ۽ پهاڪا ٺهن ٿا. انهن سڀني مان باقي اهي رهندا جيڪي اصلح هوندا. فطرت الاهي ٿورن ڏينهن ۾ فطري انتخاب جو قانون نافذ ڪري، ٻڌائيندي آهي ته ڪير زندگيءَ جو مستحق آهي ۽ ڪنهن کي فنا ٿيڻ گهرجي.
    ڳالهه جو حاصل مطلب هيءَ آهي ته دنيا جي هر شيءِ ۾ قوتن جي وچ ۾ ٽڪراءَ ۽ وٺ وٺان جي جنگ لڳل آهي. هڪ ٻئي تي ڪڙڪي هڪ ٻئي کي ليٿاڙن ٿيون. انهيءَ ڌڪ ڌڪان جو نتيجو آهي جو دنيا ۾ صحت، طاقت ۽ سلامتي قائم آهي ۽ نقص ۽ فساد فنا ٿي وڃي ٿو. ان جو نالو فطري انتخاب آهي. قوت ۽ صحت کي ئي فطرت قائم رکي ٿي؛ جنهن اڳواٽ چئي ڇڏيو آهي ته مان صرف اصلح ۽ افضل سان گڏ آهيان، انهن جي حفاظت ڪندس. انهن کي ڪاميابي ڏيندس ۽ باقي رکندس.
    هاڻي جڏهن اوهان اهو سڀ ڪجهه پڙهي ۽ سمجهي چڪا آهيو ته آخر ۾ مان عربيءَ جا ٻه ننڍا جملا لکندس، جيڪي قرآن حيڪم ۾ آهن، هڪ هي آهي:
    ” اِنَّ الۡبَاطِلَ کَانَ زَہُوۡقًا“ ﴿۸۱﴾ (بني اسرائيل-81)
    ” وَ الۡعَاقِبَۃُ لِلۡمُتَّقِیۡنَ “ ﴿۸۳﴾ (القصص-83)
    هاڻي ايڏي ڊگهي بحث کانپوءِ انهن ٻن جملن جي لکڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ اچو ته انهيءَ تي ويچار ڪريون.

    حق ۽ باطل جي حقيقت ۽ قرآن حڪيم:
    دنيا، دنيا جي سموري مخلوق ۽ انهن جي عملن ۽ نتيجن تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته سڀ کان پهريون اسان کي متضاد ۽ مخالف حقيقتون ۽ انهن جون ٻه صفتون نظر اچن ٿيون، جيڪي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ پنهنجن پنهنجن اثرن ۽ خاصيتن سان موجود آهن. زندگيءَ جا سمورا عمل انهن جي ملڻ ۽ جدا ٿيڻ، جڙڻ ۽ ٽٽڻ، متحد ٿيڻ ۽ مخالف ٿيڻ، ٽڪرائجڻ ۽ وري ويڙهه ۽ ڇڪتاڻ ۾ پوڻ سان تعبير آهن. ڪائنات جو ڪو به گوشو ناهي، جنهن ۾ مخالف قوتن جي ڇڪتاڻ نظر نه ايندي هجي. دنيا نالو ئي متضاد قوتن جي ان ڪشمڪش جو آهي يعني پاڻ ۾ وڙهندڙ ٻن مخالف قوتن جا آثار ۽ خاصيتون دنيا جي هر شيءِ ۾ نظر اچن ٿيون.
    انهن متضاد حقيقتن ۽ حالتن کي مختلف دائرن ۾ مختلف نالن سان پڪاريون ٿا. سڀ کان پهريون نالو ‘ڪون ۽ فساد’ آهي، يعني اسان ڏسون ٿا ته دنيا جي شين جو ٺهڻ، سڌرڻ ۽ درست هئڻ يا ڊهڻ، فنا ٿيڻ ۽ برباد ٿيڻ آهي. ٺهڻ ۽ سڌرڻ تڪوين، ڊهڻ ۽ فنا ٿيڻ فساد آهي. وري جيڪڏهن فلسفي ۽ حڪمت جي نظرين ۾ اچون ٿا ته اسان کي ‘وجود ۽ عدم’ جو اصطلاح سامهون اچي ٿو. اهو به انهن ٻن حقيقتن جو تعبير آهي. فلسفو اسان کي ٻڌائي ٿو ته دنيا ۾ وجود ۽ عدم جو سلسلو لڳاتار جاري آهي. شيون مختلف صورتن ۾ وجود وٺن ٿيون ۽ پوءِ انهن جون صورتون برباد ٿي وڃن ٿيون. تڪوين وجود جو اعلان آهي ۽ فساد عدم جو نالو آهي. مادي علم ۾ انهن ٻنهي حقيقتن کي ٻين نالن سان پڪاريو وڃي ٿو. علم اليڪٽر سٽي (Electricity) ۾ انهن جو نالو واڌو ۽ ڪاٽو چارج آهي. يعني هڪ قوت منفي آهي ۽ ٻي مثبت. علم طبعيات (Physics) ۾ انهن جو نالو ڪشش ۽ ڌڪار جي قوت آهي جنهن کي نفي ۽ اثبات چئون ٿا.
    اخلاق ۾ به اهي ٻئي حقيقتون موجود آهن، جن کي تعمير ۽ تخريب سان تعبير ڪريون ٿا يعني سنوارڻ ۽ خراب ڪرڻ. وري جڏهن ڪجهه اڳتي وڌون ٿا ته ڪون ۽ فساد جا هي ٻئي چهرا خير ۽ شر، نيڪي ۽ بدي، روشني ۽ اوندهه جي روپ ۾ پنهنجي نمائش ڪندي نظر اچن ٿا. اهڙي طرح انهن کي نون نون نالن سان پڪاريو وڃي ٿو. توڙي جو انهن کي ڪيترن نالن سان سڏيو وڃي پر حقيقت هڪ ئي آهي. مختلف علمن ۾ انساني علم انهن جا مختلف نالا رکيا آهن.
    اڃا اڳتي وڌي ڏسو ته اهي ٻئي حقيقتون ڪهڙين ڪهڙين شڪلين ۾ موجود آهن ۽ ڪم ڪري رهيون آهن. سمورن جسمن جي وجود تي نظر وجهو. اوهان کي معلوم ٿيندو ته سڀني موجودات ۾ قوت آهي يا ضعف. طاقت آهي يا ڪمزوري، سالم آهي يا ناقص، عدل آهي يا انحراف. سو اهي به حقيقت ۾ ساڳيون ٻه حالتون آهن، جنهن کي پهريان مختلف نالن سان سڏي چڪا آهيون.
    جسم لاءِ چئون ٿا ته صحتمند ۽ تندرست آهي يا بيمار ۽ ناچاڪ. جذبن ۾ چئون ٿا سرور آهي يا الم. ڏک آهي يا سک، غم جا ڳوڙها آهن يا خوشيءَ جا ٽهڪڙا.
    انهن سڀني کان وڌيڪ هڪ عام اصطلاح ۾ اسين هڪ حالت کي ‘موت’ چئون ٿا ۽ ٻيءَ حالت کي ‘زندگي’. زندگي توهان جي عمل جو عشق آهي ۽ موت نااميديءَ جو پيغام. سو اهي به حقيقت ۾ انهن ٻن مختلف حالتن جون صفتون آهن، جيڪي ان رنگ ۾ اچي ويون آهن ۽ ان کان اڳ ٻين شڪلين ۾ ڏسي چڪا آهيو.
    هاڻي اڃا اڳتي وڌو. توهان انسان آهيو، ان ڪري انهن متضاد حقيقتن ۽ حالتن کي ان کان وڌيڪ ڏسي نٿا سگهو. قرآن حڪيم اڳتي وڌي، انهن متضاد حالتن کي وڌيڪ وسيع، ڪشادن ۽ حقيقت نما اصطلاحن سان بيان ڪري ٿو. توهان تڪوين ۽ فساد ڪوٺيو ٿا ۽ توهان جي نظر ۾ وجود ۽ عدم آهي. تعمير ۽ تخريب آهي. ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ آهي، نقص ۽ عدل آهي، موت ۽ زندگي آهي پر قرآن حڪيم ان کي حق ۽ باطل، اصطلاح ۽ فساد، گمراهي، گنهگاري ۽ تقويٰ، ڀلائي ۽ بڇڙائي ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ جامع اصطلاح ‘اسلام ۽ ڪفر’ سان تعبير ڪري ٿو.
    جهڙي طرح اوهان ڪائنات جي هر عمل ۾ سڌارو ۽ بگاڙ ڏسو ٿا. جسم ۽ وجود ۾ قوت ۽ ضعف ڏسو ٿا. جذبن ۾ غم ۽ خوشيءَ جي ڪيفيت ڏسو ٿا. پنهنجي طبيعت ۾ عدل ۽ انحراف کي ڏسو ٿا ۽ چئو ٿا ته هيءَ تندرستي ۽ بقا آهي ۽ هيءَ بيماري ۽ فنا. بلڪل تهڙي طرح قرآن حڪيم ان کي هدايت ۽ گمراهي، گناهه ۽ تقويٰ، سعادت ۽ شقاوت چوي ٿو. وري جهڙي طرح توهان چئو ٿا ته ڪمزور ميسارجي ويندو ۽ بيمار مري ويندو ۽ طاقت ۽ صحت قائم ۽ دائم رهندي، تهڙي طرح هو چوي ٿو ته باطل نابود ٿي ويندو ۽ گمراهه هلاڪ ٿي ويندو. هدايت انسان کي باقي رکي ٿي ۽ گمراهي فنا ڪري ٿي. صالح عمل صرف بقاءَ لاءِ آهن ۽ مفسد عمل فنا ۽ نقصان لاءِ.
    اوهان پنهنجي محدود علم موجب صرف ايترو ڄاڻو ٿا ته طاقت ۽ صحت، عدل ۽ هدايت زندگيءَ کي وڌائين ۽ نقصان ۽ هلاڪت کان بچائين ٿا پر قرآن ٻڌائي ٿو ته صرف ايترو ناهي بلڪه اڃا اڳتي وڌو ۽ هيئن چئو ته صالح عمل باقي رکن ۽ طاقت بخشين ٿا ۽ غير صالح عمل فنا ڪري، نقصان ۽ ڪمزوري پيدا ڪن ٿا. هو چوي ٿو ته ايترا سارا گهڻا لفظ ڳالهائي، هڪ ئي حقيقت کي گهڻين شڪلين۾ ڏسي گم نه ٿي وڃو پر صرف هڪ لفظ ڳالهايو. دنيا ۾ حق آهي يا باطل، يعني قوت آهي يا نيستي. حق باقي رهندو ۽ باطل تباهه ۽ برباد ٿيندو. يعني طاقت هميشه رهندي ۽ ڪمزوري درجي به درجي موت تائين پهچي فنا ٿي ويندي.
    توهان چئو ٿا ته دنيا ۾ فطري انتخاب يا بقاءِ اصلح جو قانون جاري آهي ۽ دنيا جا سمورا انقلاب ۽ تغير ان جو نتيجو آهن، جنهن ۾ اسان کي وجود ۽ عدم، غلبو ۽ شڪست، زندگي ۽ موت جو سلسلو نظر اچي ٿو. اهو بلڪل سچ آهي پر اوهان ان ڳالهه کي ڇو نه ٿا تسليم ڪريو ته اهو ئي فطري انتخاب جو قانون آهي، جيڪو حق کي هميشگي بخشي ٿو ۽ باطل کي فنا ڪري ٿو.
    انهن اصطلاحن جي اختلاف حقيقت کي ڪيڏو نه منجهائي ڇڏيو آهي. جڏهن توهان فطري انتخاب جي قانون تي بحث ڪريو ٿا ۽ چئو ٿا ته بقاءِ اصلح لاءِ آهي، توهان اهو نٿا ڄاڻو ته ٺيڪ ٺيڪ ان حقيقت جو اقرار ڪريو ٿا، جنهن کي قرآن حق ۽ باطل، اسلام ۽ ڪفر جي نالي سان پيش ڪري ٿو. توهان چئو ٿا ته ڪمزوري ۽ نقص فنا ٿيندو، طاقت ۽ صحت باقي رهندي. قرآن چوي ٿو ته اها شيءِ جنهن کي اوهان ضعف ڪوٺيو ٿا، منهنجي زبان ۾ باطل ۽ ڪفر آهي ۽ ان کي اوهان جيترو سمجهو ٿا هي ان کان گهڻو وسيع آهي. بهرحال بقاءَ صحت لاءِ آهي، طاقت صرف حق، سچ، عدل ۽ عمل صالح ۾ آهي، اهي باقي رهندا، جيڪو انهن جي مقابلي ۾ اُٿندو اهو فنا ٿي ويندو.

    فطري انتخاب ۽ قرآن حڪيم:
    هاڻي هر طرف کان منهن موڙي سڀ کان پهريان قرآن حڪيم ۽ علم حقيقيءَ جي سامهون فطري انتخاب جي مسئلي کي پيش ڪريو. قرآن حڪيم صاف ۽ چٽن لفظن ۾ بقاءِ اصلح ۽ افضل کي هڪ قانون الاهي ۽ امر مقدر قرار ڏئي ٿو. اڳتي هلي گهڻين آيتن جو تفسير ڪيو ويندو، پر هت صرف هڪ آيت سڳوري بيان ڪريون ٿا. سورت رعد ۾ فرمايو ويو آهي:
    اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَسَالَتۡ اَوۡدِیَۃٌۢ بِقَدَرِہَا فَاحۡتَمَلَ السَّیۡلُ زَبَدًا رَّابِیًا ؕ وَ مِمَّا یُوۡقِدُوۡنَ عَلَیۡہِ فِی النَّارِ ابۡتِغَآءَ حِلۡیَۃٍ اَوۡ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثۡلُہٗ ؕ کَذٰلِکَ یَضۡرِبُ اللّٰہُ الۡحَقَّ وَ الۡبَاطِلَ ۬ؕ فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذۡہَبُ جُفَآءً ۚ وَ اَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمۡکُثُ فِی الۡاَرۡضِ ؕ کَذٰلِکَ یَضۡرِبُ اللّٰہُ الۡاَمۡثَالَ ﴿ؕ۱۷﴾ لِلَّذِیۡنَ اسۡتَجَابُوۡا لِرَبِّہِمُ الۡحُسۡنٰی. (رعد-18-17)
    ”الله آسمان کان پاڻي وسايو. ان ڪري پنهنجي پنهنجي گنجائش مطابق زمين جون نيون پاڻيءَ سان ڀرجي ويون ۽ وهي هليون ۽ گڏوگڏ زور شور سان پاڻيءَ جي ڌار ڪرڻ لڳي ۽ پاڻيءَ جي سطح گج (ڦيڻ) سان ڀرجي ويئي. هاڻي ڏسو ڪيئن نه پاڻيءَ جو وهڪرو گج کي وهائي وڃي ٿو ۽ ضرورت آهر پاڻي هيٺ رهجي وڃي ٿو. اهڙي طرح ان وقت به گج ٿيندي آهي، جڏهن باهه تي صفائي لاءِ سون ۽ ٻين قسمين قسمين شين کي رکي تپايو ٿا ۽ کوٽ تري نڪري وڃي ٿي، خالص ۽ صاف سون رهجي وڃي ٿو. بلڪل ساڳيو ئي مثال حق ۽ باطل جو آهي. جيڪا شيءِ گج آهي اها وهي بيڪار ٿي ويندي ۽ ان کي بقاءَ ۽ زندگي نه ڏني ويندي پر جيڪا شيءِ نفعو ۽ فائدو ڏيندڙ آهي ۽ فائديمند وجود رکي ٿي، اها زمين تي باقي ۽ قائم رهندي. اهڙي طرح الله تعاليٰ سعادت ۽ بقاءِ حيات جي حقيقتن کي دانائيءَ جي مثالن سان سمجهائي ٿو ته جيئن اطاعت گذار حق جي نصيحت وٺن.“
    اها آيت سڳوري عجيب و غريب آهي. ٿورن جملن جي اندر اعجاز الاهي ۽ بلاغت رباني، ڪائنات جي حقيقت ۽ معرفت جي دنيا ڀري ڇڏي ٿي. ان جو تفصيل اڳتي ايندو پر هت ڪجهه نڪتا غور طلب آهن.
    1- هن آيت ۾ الله تعاليٰ صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو آهي ته دنيا ۾ وجود جي بقا لاءِ الله تعاليٰ جو ڪهڙو قانون ڪم ڪري رهيو آهي. پوءِ وري اهو به ٻڌائي ٿو ته اهو فطري انتخاب ۽ بقا اصلح جو قانون آهي.
    2- فرمايائين: ان جو مثال هن طرح آهي ته پاڻي وُٺو ۽ زور شور سان نيون، نديون ۽ ڍنڍون وهي هليون. پاڻيءَ جي زور سان وهڻ ڪري گج مٿان گج اُٿي رهي آهي ۽ اُڀامي اُڀامي هر طرف ڦهلجي رهي آهي. پر ڏسو پاڻيءَ جو وهڪرو ڪهڙي نه طرح گج کي وهائي وڃي ٿو، جيڪا بيڪار ۽ لاحاصل آهي ۽ ڪيئن نه پاڻيءَ جو مفيد، ضروري، فائديمند ۽ ضرورت آهر حصو اُتي موجود رهي ٿو. ان کانپوءِ ان حالت کي ان وقت ڏسو جڏهن کوٽ ۽ مر صاف ڪرڻ لاءِ ڪنهن شيءِ کي باهه تي رجايو ٿا. ان وقت به مر ۽ کوٽ گج جي صورت ۾ نڪري اچي ٿي ۽ جيڪڏهن سون آهي ته صاف ۽ نج رهجي وڃي ٿي.
    3- بهرحال اهو جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ڇا آهي؟ فرمايو ويو ته اهو هڪ قانون آهي: واما ماينفع الناس فيمکث في الارض. يعني جنهن شيءِ ۾ نفعو ۽ فائدو آهي اها زمين تي رهندي ۽ جيڪا فائديمند ناهي اها گج ۽ مر وانگر اڇلائي ويندي. ان کي زندگي نٿي ملي سگهي. ائين ڪڏهن به نٿو ٿي سگهي ته پاڻيءَ وانگر گج کي ۽ سون وانگر کوٽ کي محفوظ رکجي.
    4- ان کان پوءِ ڪهڙن چٽن لفظن ۾ فرمايو ويو: کَذٰلِکَ یَضۡرِبُ اللّٰہُ الۡحَقَّ وَ الۡبَاطِلَ ۬ؕ. (الرعد-18) حق ۽ باطل جو به اهڙو ئي مثال آهي: فَاَمَّا الزَّبَدُ فَیَذۡہَبُ جُفَآءً ۚ(الرعد-18) اهڙي طرح گج جيڪا فائمديمند ناهي اها باطل آهي. باطل بيهي نه سگهندو، اڇلايو ويندو ۽ فنا ٿي ويندو. حق جي تعريف ما ينفع الناس جي لفظن مان سمجهي وٺو. يعني اها شيءِ جيڪا فائديمند آهي، تنهن ڪري اصلح، امثل ۽ اوفق آهي سا باقي رهندي ۽ رکي ويندي.
    5- فطري انتخاب ۽ بقا اصلح جي صحيح حقيقت اها آهي. ان آيت مان صاف صاف واضح ٿيو ته بقا حق ۽ فنا باطل ان قانون جو ظهور آهي. جيڪڏهن اوهان چئو ته ان ۾ بقا جي ڇڪتاڻ جي وضاحت ناهي ته پوءِ ان لاءِ سورت بقره جي هي آيت پڙهو، جنهن ۾ فرمايو ويو آهي:
    وَ لَوۡ لَا دَفۡعُ اللّٰہِ النَّاسَ بَعۡضَہُمۡ بِبَعۡضٍ ۙ لَّفَسَدَتِ الۡاَرۡضُ وَلٰکِنَّ اللّٰہَ ذُوۡ فَضۡلٍ عَلَی الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۲۵۱﴾ ( البقرة-251)
    ” ۽ حقيقت هي آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ ائين نه ڪري ها جو هڪڙن انسانن جي ذريعي ٻين کي نه ٽاري ها ته زمين تباهه ٿي وڃي ها (۽ امن عدالت جو نالو نشان به باقي نه رهي ها) پر الله جي حڪمت ڪائنات لاءِ فضل ۽ احسان آهي، (جو هو انسان کي اصلاح سان ٺيڪ ڪري ٿو.)“
    ان آيت سڳوريءَ ۾ چٽي طرح واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن هڪ گروهه جي ذريعي ٻي گروهه کي هٽايو نه وڃي ها ته زمين تي اصلاح باقي نه رهي ها ۽ اها صرف نقص ۽ فساد جو آکاڙو بڻجي پوي ها. خدا تعاليٰ جي حڪمت، بقا جي ڪشمڪش جي ذريعي هڪ ٻي کي ٽاري ٿي ۽ اها ٽاريندڙ قوت فنا ۽ بقاءِ اصلح جو ذريعو آهي. انهيءَ ڪري اها طاقت ۽ اصلح کي ٽارڻ ۽ غلبي جو ذريعو بڻايو آهي ته جيئن دنيا ۾ صرف صحت باقي رهي. اها ئي حقيقت آهي جنهن کي ڊارون حاصل نه ڪري سگهيو ۽ جنهن لاءِ جرمنيءَ جو ڏاهو نٽشي (Nietesche) بيقرار آهي مگر پنهنجي سامهون ڪجهه به نٿو ڏسي.

    (مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ‘هجر و وصال’ تان ترجمو ڪيل)


    الاَمر بالمعروف و النهي عن المنڪر _ چڱائين طرف سڏڻ ۽ مداين کان روڪڻ

    الحب لله والبغض في الله (الحديث)
    (چاهت به الله جي ڪري ۽ ناپسنديدگي به الله جي ڪري)
    کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
    وَ تُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ ؕ (آل عمران-110)
    ”توهان سڀني امتن کان بهتر امت آهيو، جو توهان ماڻهن جي (سڌاري) لاءِ نڪري نروار ٿيا آهيو ۽ توهان نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ وارا ۽ برائين کان روڪڻ وارا آهيو ۽ الله تي سچو ايمان رکڻ وارا آهيو.“
    هي سچ آهي ته پلصراط وار کان سنهي ۽ ترار کان تکي آهي، جنهن جي هيٺان جهنم جي باهه جا شعلا ڀڙڪي رهيا آهن پر ان کي صرف قيامت جي ڏينهن لاءِ ڇو مخصوص سمجهيو ۽ مڃيو وڃي؟ حالانڪه الدنيا مزرعھ الاخرة (دنيا آخرت جي پوکي آهي). هن دنياوي زندگي ۾ به هر ماڻهو جي سامهون پلصراط موجود آهي.
    اها پلصراط حقيقت ۾ اخلاق جي ڏکي ۽ دشوار واٽ آهي. انساني جذبن ۽ عملن جو مسئلو ئي اصلي پلصراط آهي. آدم جي اولاد مان ڪير آهي، جنهن کي ان وار کان سنهي ۽ ترار کان تکي پلصراط تان گذرڻو نه پوندو هجي.
    وَ اِنۡ مِّنۡکُمۡ اِلَّا وَارِدُہَا ۚ کَانَ عَلٰی رَبِّکَ حَتۡمًا مَّقۡضِیًّا ﴿ۚ۷۱﴾ (مريم-71)
    ”توهان مان ڪو به ناهي جيڪو ان تان نه گذري. هي هڪ واعدو ۽ فيصلو آهي جنهن کي پورو ڪرڻ خدا پاڻ مٿان لازم ڪيو آهي.“
    اخلاق جي سَوَن مشڪل مسئلن مان هڪ ڏکيو پر اصولي مسئلو محبت ۽ نفرت، تحسين ۽ تذليل، معاف ڪرڻ ۽ انتقام جو به آهي. هڪ طرف اسان کي اخلاق اها تلقين ڪري ٿو ته دل کي محبت لاءِ مخصوص ڪريو، ڇاڪاڻ ته اهو گهر ان شمع سان ئي منور ٿي سگهي ٿو. اوڻويهه سؤ سال اڳ جي هڪ عيسائي نصيحت ڪندي چيو هو ته، دشمنن سان به محبت ڪريو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اوهين پسند جي ماڻهن سان پريم ڪندؤ ته اوهان لاءِ ڪهڙو اجر؟
    اخلاق جو پهريون ۽ بنيادي سبق اهو آهي ته پيار ڪيو، خاڪسار بڻجو، ڪنهن سان به ڪينو ۽ وير نه رکو، سامهون پوندڙ اڳيان سر نمائي ڇڏيو. سماج به صدين کان انهيءَ تعليم کي اعتقادي طرح قبول ڪري ورتو آهي. اصطلاحي لفظ اخلاق، مروت، شرم، حيا، شرافت ۽ انسانيت انهن معنائن ۾ ڳالهايا وڃن ٿا.
    پر ان جي ابتڙ اخلاق جو هڪ ٻيو پهلو به آهي، جتي اها غريب ۽ مسڪين حالت هڪ سخت، جابرانه ۽ عداوتي رويي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. جڏهن دنيا پهرين اصول تي زور ڏي ٿي ته ان جو ٻيو عمل پنهنجو پاڻ سامهون اچي وڃـي ٿو. دنيا جو قانون چور کي پڪڙي ٿو، قاتل کي ڦاسي تي چاڙهي ٿو. نيڪيءَ جي جيتري تعريف ڪري ٿو، ايترو بڇڙائيءَ کي به برو چوي ٿو. ظالم کان ان جي ظلم جو ۽ ڏوهاريءَ کان ان جي ڏوهه جي حساب جي گهر ڪري ٿو. پهرين حالت ۾ اخلاق جيترو بيوس ۽ مجبور هو، ٻي حالت ۾ ايترو ئي مغرور ۽ متڪبر ٿي وڃي ٿو. پهرين جيڪڏهن عاجزن جي پيشانين کي پنهنجي سيني سان لڳائي ٿو ته ٻي حالت ۾ سرڪشن جي مٿن کي ٿڏن سان پائمال ڪري ٿو. پوءِ گڏوگڏ حالت هي آهي ته ان جي پهرين تعليم سان جيڪڏهن عبادتگاهن ۽ خانقاهن ۾ رونق پيدا ٿئي ٿي ته ان ٻئي عمل سان سموري دنيا ۾ انتظام ۽ قانون قائم ٿي وڃي ٿو.
    اهڙي حالت ۾ اخلاقي اصولن لاءِ ٽڪراءُ ۽ ڪشمڪش جي حالت پيدا ٿئي ٿي ۽ اهڙين متضاد حالتن ۾ فيصلو ٿي نٿو سگهي ته حق ۽ سچ جي واٽ ڪهڙي آهي. بخشش ۽ درگذر کان ڪم وٺجي ٿو ته دنيا مان نيڪي ۽ بديءَ جو فرق ختم ٿي وڃي ٿو. بغض ۽ انتقام جو رستو اختيار ڪجي ته دنيا مان رحم ۽ محبت جو نالو ختم ٿي وڃي ٿو. سڀني کي سٺو چئجي ته سٺن کان سواءِ ڇا ٿو بچي. جيڪڏهن برو چئجي ته ان لاءِ آخري ۽ اصولي فيصلو ڪهڙو آهي.
    اڄ ملڪ ۾ جيڪو طبقو شخصي حڪومت جي مرض ۾ مبتلا آهي اهو پنهنجي وجود جو انڪاري آهي، ان طبقي جي نظر پنهنجي مرض تي نه بلڪه ٻين جي شڪايتن تي آهي. غلاميءَ جي طوق لاءِ سڀني جا گردن حاضر آهن. سالن کان سندن پير ڳورن زنجيرن پائڻ جا عادي ٿي ويا آهن. ضروري ناهي ته غلاميءَ جو اهو طوق ڪنهن تخت ۽ تاج جي ڪري بخشيو ويو هجي بلڪه هر چاندي جي ڍير جو مالڪ، قيمتي ڪپڙو پهريندڙ، قيمتي گاڏيءَ جو مالڪ ۽ هر اهو جنهن کي طاقت ۽ نوٽ هجن، قانوني ۽ موروثي حق رکي ٿو ته جنهن کي چاهي پنهنجي غلاميءَ جو طوق پارائي. رسول عربي ﷺ جي زماني ۾ ٽي سؤ سٺ بت هئا جن سان بيت الله جون ديوارون ڍلڪيل هيون پر اڄ پاڻ سڳورن ﷺ جي امت ۾ هر چمڪندڙ هستي لات ۽ منات جو درجو رکي ٿي. ان ڊوڙ ۾ هر حاڪم، رئيس ۽ وڏيرو سڀن کان اڳرو آهن. هر خوش پوشاڪ ليڊر هڪ بت وانگر آهي ۽ پوري قوم ان جي پوڄا ۾ مشغول آهي. اهي ان پوڄا جو اهو ئي جواب ڏيئي رهيا آهن جيڪو مڪي جي قريشن ڏنو هو.
    مَا نَعۡبُدُہُمۡ اِلَّا لِیُقَرِّبُوۡنَاۤ اِلَی اللّٰہِ زُلۡفٰی ؕ(الزمر-3)
    ”انهن کي رڳو هن لاءِ پوڄيندا آهيون ته اسان کي الله ڏانهن مرتبي ۾ ويجهو ڪن.“
    وَ یَعۡبُدُوۡنَ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ مَا لَا یَضُرُّہُمۡ وَ لَا یَنۡفَعُہُمۡ وَ یَقُوۡلُوۡنَ ہٰۤؤُلَآءِ شُفَعَآؤُنَا
    (يونس-18)
    ”۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آهن سي نه ڪي کين ڏک پهچائيندا آهن ۽ نه ڪي کين سک پهچائيندا آهن ۽ (اهي ئي ماڻهو پنهنجي ليکي) چوندا آهن ته هي الله وٽ اسان جا شفاعت ڪندڙ آهن.“
    ان انسان پرستيءَ جو اهو نتيجو آهي جو طبيعتون خوشامد ۽ چاپلوسيءَ جون عادي ٿي ويون آهن. نڪته چيني، تنقيد ۽ اعتراض کي برداشت ڪري نٿيون سگهن. هر ماڻهو ٻئي کان اها اميد رکي ٿو ته هو ان جي اجائي ساراهه ۽ واکاڻ ڪري. ان خوشامد ۽ چاپلوسيءَ مان اهي ڪڏهن به نٿا ڍاپن. شرڪ ۽ بت پرستيءَ جي اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن ڪا توحيد جي موسوي صدا بلند ٿئي ٿي ته هر طرف کان فرعوني آواز اچي ٿو:
    قَالَ لَئِنِ اتَّخَذۡتَ اِلٰـہًا غَیۡرِیۡ لَاَجۡعَلَنَّکَ مِنَ الۡمَسۡجُوۡنِیۡنَ ﴿۲۹﴾(الشعراءَ-29)
    ”جيڪڏهن مون کان سواءِ ڪنهن ٻي ذات کي تو معبود بڻايو ته مان توکي قيد ڪندس.“
    نه صرف ڪوڙا معبود پر انهن جا پوڄاري به چئني طرفن کان هلان ڪن ٿا. اها هڪ قديمي رسم آهي جيئن حضرت ابراهيم جي معاملي ۾ دنيا ۾ جڏهن به سچائي ظاهر ٿي آهي ته ان کي هميشه اهڙن ماڻهن سان مقابلو ڪرڻو پيو آهي.
    قَالُوۡا حَرِّقُوۡہُ وَ انۡصُرُوۡۤا اٰلِہَتَکُمۡ اِنۡ کُنۡتُمۡ فٰعِلِیۡنَ ﴿۶۸﴾ (انبياءَ-68)
    ”چيائون ته ان کي ساڙيو ۽ جيڪڏهن اوهين ڪي ڪرڻ گهرو ٿا ته پنهنجن بتن جو منهن مٿي ڪريو.“
    اهڙن موقعن تي هميشه اخلاقي وعظ ڏيئي چيو ويندو آهي ته وڏن ماڻهن تي آڱر کڻڻ انسانيت ۽ تهذيب جي خلاف آهي. گاريون ڏيڻ چڱي ڳالهه ڪا نه آهي، اختلاف راءِ هميشه ٿيندو آهي. هي ڪا اهڙي ڳالهه ناهي جو مخالفن کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ۽ انهن جي بي عزتي ڪئي وڃي. پر جيڪڏهن اوهين اصل ائين ڪرڻ لاءِ مجبور آهيو ته لهجي کي نرم ڪيو، شڪايت ڪريو ته اها به سهڻي انداز ۾، نرمي ۽ محنت سان معاملو حل ٿي وڃي ته سختي ڏيکارڻ شرافت جي شان وٽان ناهي.
    اڄ ڪلهه مسلمان روشن خيالي ۽ بيداريءَ جي نه بلڪه تنگ نظري ۽ مدهوشيءَ جي حالت ۾ مبتلا آهي. تنقيد نگارن جي زبانن کي فريبي ۽ اخلاق نما جملن جا قفل لڳايا ويا آهن. ان لاءِ سڀ کان پهرين هن ڳالهه کي ڏسڻ گهرجي ته ان باري ۾ اسان وٽ به ڪو فيصلو آهي يا نه؟ ڪنهن کي برو چوڻ يقينا سٺي ڳالهه ناهي. دل محبت ڪرڻ لاءِ آهي نه عداوت رکڻ لاءِ، پر ڇا اهڙي صورت به آهي جتي اها برائي سڀ کان وڏي نيڪي ۽ ڀلائي ٿي پوي؟
    سڀ کان پهرين ان کي اخلاق جي عام اصول مطابق ڏسو، تڏهن به فيصلو ظاهر آهي. هن دنيا ۾ جنهن ڏينهن اخلاق نيڪيءَ کي نيڪ ۽ نيڪ عمل کي سٺو چوڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ نيڪي زنده رهي نٿي سگهي ته ان ئي وقت هن اهو به چيو ته نيڪيءَ جي خاطر بديءَ کي برو ۽ بري عمل کي قابل نفرت سمجهو. ڇاڪاڻ ته نيڪيءَ جي اوستائين تعريف نٿي ٿئي جيستائين بدي کي ڇينڀ ۽ نفرت نه ملندي.
    ٿورو غور ڪريو ته اها هڪ قدرتي ۽ عام رواجي ڳالهه آهي، جنهن جو توهان کي ادراڪ نه ٿو ٿئي. دنيا ۾ اخلاقي فضيلتون حقيقت ۾ اهي اعتراض آهن، جيڪي بغير ڪنهن اضافي تعلق جي ڪو مستقل وجود رکي نٿا سگهن. اهو ئي سبب آهي جو انهن جو قطعي فيصلو ڪرڻ هميشه ڏکيو آهي. جيڪڏهن انهن گڻن ۽ فضيلتن جو ڪو وجود آهي ته صرف انهن جي ضدن سان ڀيٽ ڪرڻ جو نتيجو جيستائين انساني بداخلاقي کي ظاهر نٿو ڪري، ته انساني چڱايون ظاهر نٿيون ٿين. ان مقصد کي سمجهڻ لاءِ روشني ۽ اوندهه جو مثال ٺهڪي اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته روشنيءَ جو وجود اوندهه جي وجود جو نتيجو آهي.
    اخلاقي تعليم ۽ عملن جو اختلاف ته هر مسئلي ۾ آهي پر حقيقت ۾ انهن ٻنهي صورتن ۾ ڪو به فرق نه آهي. اخلاق بذات خود دنيا ۾ ڪنهن به شيءِ متعلق سٺي ۽ بري هجڻ جو فيصلو نٿو ڏئي بلڪه ان جي تعليم نسبت ۽ اضافت سان تعلق رکي ٿي ۽ ان جي تبديل ٿيڻ سان ڪيفيت بدلجندي رهي ٿي. ان اڳيان نه ته ڪا شيءِ سٺي آهي ۽ نه خراب. ساڳي شيءِ جو نالو ڪن حالتن ۾ بدي آهي ته ڪن ۾ نيڪي. اهو ئي حال هن مسئلي جو به آهي. عفو ۽ درگذر، آشتي ۽ محنت، نرمي ۽ عاجزي انسان لاءِ سڀ کان وڏيون نيڪيون آهن. پر ڪنهن جي لاءِ ؟ عاجزن ۽ بيڪسن لاءِ. ظالمن ۽ مجرمن لاءِ نه. هڪ مسڪين ۽ مصيبت زده تي رحم ڪرڻ، سڀ کان وڏي ڀلائي آهي ۽ هڪ ظالم تي رحم ڪرڻ سڀ کان وڏي بڇڙائي. سرڪشن کي ٺوڪر نه هڻندؤ ته اهي ڪريلن کي وڌيڪ ڪيرائيندا. قانون، جرم کي روڪڻ لاءِ پاڻ جرم ڪري ٿو، ڪنهن جو خون ڪرڻ قانون اڳيان سڀ کان وڏو ڏوهه آهي پر خونريزيءَ کي روڪڻ لاءِ قاتلن جي خون وهائڻ ۾ اهو امن کي ڏسي ٿو. قاتل جو قتل ڪرڻ بدي هو، پر عدالت پاران قتل جي فتويٰ نيڪي ٿي پوي ٿي.
    اسان بغير ڪنهن ترتيب جي ڪجهه جملا ائين لکي ڇڏيا ڇاڪاڻ ته اهي اخلاق جا اهي گڻ آهن جن کي ياد ڏيارڻ ڪافي آهي. ان ڪري جيڪي ماڻهو چون ٿا ته انسان اخلاقاً نرمي ۽ آشتي، محبت ۽ عفو جو مستحق آهي، ڪنهن جو برائيءَ سان ذڪر ڪرڻ اخلاقي اصول جي خلاف آهي، اهي اخلاق جي نالي سان اهڙي بداخلاقي جي تعليم ڏيڻ گهرن ٿا، جيڪڏهن ان تي هڪ گهڙيءَ لاءِ به عمل ڪريو وڃي ته دنيا شيطان جو تخت گاهه بڻجي وڃي. نيڪي ۽ سٺن عملن جو نظام برباد ٿي وڃي. قانون، اخلاق، مذهب، خوبصورتي ۽ بدصورتيءَ جي پرک ۽ نور ۽ ظلمت جو فرق، خدا کي خوش ڪرڻ واري ڪا به شيءِ هن دنيا ۾ نه رهي.
    ياد رکو! هر محبت لاءِ هڪ بغض لازمي آهي. جنهن سان محبت ڪندؤ ان جي مقابل مخالف سان بغض اڻٽر آهي. ايستائين ڪير به نوڙت نٿو ڪري سگهي جيستائين ان جي ضد لاءِ ارڏو ۽ اڙٻنگ نٿو بنجي. نيڪيءَ کي جيڪڏهن پسند ڪندؤ ته ان جي خاطر بدي کي برو چوڻو پوندو. خدا کي خوش ڪرڻ چاهيو ٿا ته شيطان جي دشمنيءَ جي ڪا به پرواهه نه ڪريو.
    ها! ليڪن ايترو ضرور آهي جو ان لاءِ ڪجهه حدون مقرر هئڻ گهرجن. نرمي. آشتي، عفو ۽ درگذر جي جاءِ ڪٿي آهي ۽ سخت پڪڙ ۽ سزا ۽ انتقام جو حق ڪهڙي موقعي تي حاصل ٿئي ٿو.
    اخلاق جا عام اصول شايد انهن سوالن جا جواب ڏيئي سگهن، پر اسين ته دنيا جي هر ڳالهه کي مذهب ۾ ڳوليندا آهيون ۽ پوءِ نه ڏسندا آهيون ته دنيا ۾ ان متعلق ڇا چيو وڃي ٿو. اسان جي هٿ ۾ قرآن ڪريم هڪ امام اعظم، ”تِبْیَانًا لِّكُلِّ شَیۡءٍ،“ ”بَیَانٌ لِّلنَّاسِ،“ ”وَکِتَابٍ مُّبِیۡنٍ“ ۽ انسان جي هر اختلاف ۽ جهڳڙي جي لاءِ هڪ حاڪم ناطق آهي. ان کان پوءِ ان جو عملي نمونو پاڻ سڳورن صه جي پڌري زندگيءَ جا عمل آهن: لَقَدْ کَانَ لَكُمْ فِیۡ رَسُوۡلِ اللہِ اُسْوَۃٌ حَسَنَۃٌ، ان ڪري انهن سوالن جا جواب به اتي ئي ڳولڻ گهرجن.
    اسلام پنهنجي امت جي بقا، تعليم ۽ تربيت لاءِ پهريون ۽ بنيادي اصول مقرر ڪيو آهي، جنهن کي هو ”امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر“ سان تعبير ڪري ٿو.
    وَلۡتَکُنۡ مِّنۡکُمۡ اُمَّۃٌ یَّدۡعُوۡنَ اِلَی الۡخَیۡرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۱۰۴﴾ (آل عمران-104)
    ”توهان مان هڪ جماعت هئڻ گهرجي جيڪا دنيا کي نيڪيءَ جي دعوت ڏي. ڀلائي جو حڪم ڪري ۽ برائيءَ کان روڪي. اُهي ئي فلاح يافته آهن. “ (آل عمران-1-2)
    هن آيت سڳوريءَ ۾ الله تعاليٰ دعوت الي الخير، امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي نموني طور پيش ڪيو آهي ۽ مسلمانن مان هڪ ٽولي تي فرض قرار ڏنو آهي. ان ساڳي رڪوع ۾ اڳتي هلي هڪ ٻي آيت آهي:
    کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
    وَ تُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ ؕ (آل عمران- 110)
    ”سمورين اُمتن ۾ سڀ کان بهتر امت آهيو جو سٺن ڪمن جو حڪم ڪندا آهيو ۽ برائيءَ کان روڪندا آهيو ۽ الله تي ايمان رکند ا آهيو.“ (آل عمران-196)
    هڪ ٽئين آيت ۾ مسلمانن جو هڪ قومي امتياز ۽ فرض وڌيڪ پڌرو ڪري ٻڌايو ويو آهي:
    وَ کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَکُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ عَلَی النَّاسِ وَ یَکُوۡنَ الرَّسُوۡلُ
    عَلَیۡکُمۡ شَہِیۡدًا ؕ(البقرة-143)
    ”۽ اهڙي طرح اسان اوهان کي درمياني امت بنايو آهي ته ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ توهان گواهه بڻجو ۽ توهان جي مقابلي ۾ توهان جو رسول گواهه بڻجي. “ (بقره-28)
    مٿين ٽنهي آيتن ۾ خدا تعاليٰ خاص طور تي مسلمانن جو اصلي مشن. تخليق جو مقصد، قومي مٿڀرائپ ۽ خاص شرف ان شيءِ کي قرار ڏنو آهي. جيتوڻيڪ دنيا ۾ حق جو هوڪو ڏيڻ نيڪ هستين ۽ جماعتن جو فرض رهيو آهي، مگر مسلمانن جي زندگيءَ جو سرمايو اهو ئي فرض آهي. اهي دنيا ۾ هِن لاءِ اٿاريا ويا آهن ته خير ڏانهن سڏيندڙ ۽ نيڪيءَ جي دعوت ڏيندڙ آهن ۽ برائيءَ کي جتي به ڏسندا آهن پاڻ کي ان جي روڪڻ جو ذميوار سمجهندا آهن. آخري آيت ۾ فرمايو ويو ته اوهان کي هڪ درمياني اُمت بڻايو ويو ته جيئن اوهان اڳين ۽ پوين لاءِ گواهه بڻجي سگهو ۽ توهان جو رسول امين، الله اڳيان گواهه بڻجي ته اوهان اهو فرض ادا ڪيو يا نه. اخلاق جي سمورن قانونن جو نچوڙ قرآن جي اهو ئي اصول آهي. دنيا ۾ سماج جي ريتن رسمن جي جوڙجڪ به ان بنيادي اصول تي ئي قائم آهي.
    هي تفصيل جو موقعو ناهي پر تنهن هوندي به انهن آيتن متعلق تفصيلي ۽ تشريحي اشارا ڏيڻ مقصد کي سمجهائڻ ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندا.
    امر بالمعروف هڪ عام حڪم آهي:
    ٻيءَ آيت ۾ ان ڪري المعروف ۽ المنڪر تي الف لام استغراق لاءِ آيا آهن ته جيئن (بقول امام رازي) معروف ۽ منڪر ۾ ڪا خصوصيت ۽ فرق نه رهي ۽ ظاهر ٿئي ته اهي هر نيڪيءَ لاءِ حڪم ڪندڙ ۽ هر بڇڙائيءَ کان روڪيندڙ آهن. هن مان هڪ عام مطلب اهو به آهي ته اهي ڪٿي به ۽ ڪهڙي به حالت ۾ هجن.
    وهذ يقتضي کونهم آمرين لکل معروف و ناهين عن کل منکر:
    (تفسير ڪبير، ج-2، ص 225)
    ”هن جي تقاضا ۽ گُهر هيءَ آهي ته هر هڪ مسلمان جو اهو وڙ هئڻ گهرجي ته هو هر قسم جي چڱائين جو حڪم ڏيندڙ ۽ هر قسم جي برائين کان سڀ ڪنهن کي منع ڪندڙ آهي.

    مسلمانن جي قومي شرف ۽ فضيلت جو شان:
    ”خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ“ کان پوءِ ”اۡمُرْ بِالْمَعْرُوۡفِ“ جو ذڪر ڪيو ويو، اهو ان ڪري ته پهرين وصف بيان ڪري، پوءِ ان جو سبب بيان ڪيو ويو؛ يعني مسلمانن جو بهترين اُمت هجڻ صرف هن وصف تي مدار رکي ٿي ته اهي ”امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر“ تي عمل ڪندڙ آهن. خير جي دعوت ڏيندڙ ۽ شر کان روڪيندڙ آهن. (کما تقول زيد کريم، يطعم الناس و يکسوهم) هتان ئي ثابت ٿئي ٿو ته جيڪڏهن انهن ۾ اها امتيازي وصف نه رهندي ته پوءِ اهي بهترين امت هجڻ جي شرف کان به محروم رهجي ويندا ۽ انهن جو اصلي قومي شان به انهن ۾ نه رهندو.

    ٽين آيت جو تفسير:
    ٽئين آيت ۾ انهن کي درمياني امت قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان جو سبب هي بيان ڪيو ويو ته ”جيئن توهان ماڻهن مٿان گواهه بڻجو. “ افسوس! اهڙي صاف ۽ واضح ڳالهه ۾ به مفسرن حل نه ٿيندڙ بحث شروع ڪري ڇڏيا ۽ هن بحث مباحثي ۾ پئجي ويا ته اها شهادت دنيا ۾ ٿيندي يا آخرت ۾؟ اسلام جو بنيادي مقصد غيرفاني دنيا جي اصلاح ڪرڻ آهي مگر مفسر ان طرف کان ايترو ته غافل آهن جو هر شيءِ کي آخرت ڏانهن منسوب ڪندا آهن. هڪ ٻئي موقعي تي ان گواهيءَ کي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي زباني ذڪر ڪيو ويو:
    وَكُنۡتُ عَلَیۡہِمْ شَہِیۡدًا مَّا دُمْتُ فِیۡہِمْ-
    (مان پنهنجي اُمت مٿان گواهه هوس، جيسائين انهن ۾ موجود هوس.) ظاهر آهي ته حضرت عيسيٰ پنهنجي امت ۾ دنيا اندر ئي موجود هو ۽ نه آخرت ۾؛ تنهن ڪري هِت به شهادت مان اها ئي شهادت مراد آهي، جيڪا دنياوي زندگيءَ ۾ سرانجام ڏيئي سگهجي ٿي.
    تنهن هوندي به علامه رازيءَ جو هميشه ٿورائتو رهڻو ٿو پوي، جو هو هر آيت متعلق طرح طرح جون تشريحون ۽ تاويلون پيش ڪري ٿو پر انهن ۾ ڪا اهڙي تشريح به ضرور هوندي آهي جيڪا اصل حقيقت تان پردو کڻي سندس ذاتي راءِ کي ظاهر ڪري ٿي. هن آيت متعلق به انهن ٻين قولن کي بيان ڪندي هن جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو بلڪل صاف ۽ چٽو آهي. (ج-1،534)

    وچين امت:
    حقيقت هي آهي ته الله تعاليٰ ”امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر“ مسلمانن جو فرض منصبي قرار ڏنو آهي ۽ ائين ڪرڻ جو مطلب دنيا ۾ حقيقي عدل قائم ڪرڻ آهي. جيڪڏهن بڇڙائيءَ کي ختم ڪري، نيڪيءَ کي رائج ڪجي ته دنيا جي انتظام ۽ بندوبست ۾ ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو اعتدال ٿي سگهي ٿو؟ عدل جي معنيٰ آهي بي اعتدالي جو نه هئڻ. يعني ڪنهن شئي جو نه گهٽ ۽ نه وڌ هجڻ ۽ اهو درجو اعتدال يا وچٿرائي جو آهي.
    گناهه جي حقيقت ۽ قرآني اصطلاح ۾ اسراف:
    غور ڪندؤ ته دنيا ۾ جيتري قدر بڇڙايون آهن، اهي بي اعتدالي کان سواءِ ڪا حقيقت نٿيون رکن. انسان جي آزادي ۽ حقن جي حفاظت لاءِ غيرت، غضب ۽ سختيءَ جو هئڻ لازمي آهي. پر جڏهن اهي جذبا حد کان وڌي وڃن ٿا ته فطرت کان بخشيل هڪ شيءِ جيڪا يقينن نيڪي آهي، هڪدم بڇڙائي بڻجي پوي ٿي ۽ پوءِ ان جو نالو جرم ۽ گناهه ٿي پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو قرآن حڪيم پنهنجي اصطلاح ۾ پاپ ۽ گناهه لاءِ هر جاءِ تي اسراف جو لفظ آندو آهي.
    قُلۡ یٰعِبَادِیَ الَّذِیۡنَ اَسۡرَفُوۡا عَلٰۤی اَنۡفُسِہِمۡ لَا تَقۡنَطُوۡا مِنۡ رَّحۡمَۃِ اللّٰہِ ؕ(الزمر-53)
    ”اي منهنجا اهي ٻانهؤ، جن پنهنجن نفسن تي اسراف ڪيو آهي، الاهي رحمت کان مايوس نه ٿيو.“
    هت اسراف ڪندڙن مان مراد سخت درجي جا گناهگار ۽ خطاڪار انسان آهن. ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي آيت جو شان نزول
    (اِنَّ اللہَ یَغْفِرُ الذُّنُوۡبَ جَمِیۡعًا)
    ان جي مڪمل تشريح ڪري ٿو. اسراف جي تعريف
    ”صرف الشيءِ فيما يعبغي، زائداً علي ما ينبغي“
    ۽ ”تجاوز الحد في کل شيءِ“ آهي. (راغب اصفهاني) يعني ڪنهن شيءِ جو ضرورت کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۽ ڪنهن شيءِ جو پنهنجي حد کان وڌي وڃڻ.“
    ان کان وڌيڪ گناهه جي ٻِي ڪهڙي تعريف ٿي سگهي ٿي ته اهو قوتن ۽ خواهشن جي بي اعتدالي جو نالو آهي. اِسراف کان سواءِ قرآني اصطلاح ۾ هڪ لفظ تبذير به آيو آهي.
    جيئن فرمايو ويو:
    اِنَّ الۡمُبَذِّرِیۡنَ کَانُوۡۤا اِخۡوَانَ الشَّیٰطِیۡنِ ؕ(بني اسرائيل-27)
    ”بي موقعي ۽ بغير ضرورت مال ۽ دولت کي ضايع ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر آهن.“
    پر تبذير ۽ اسراف ۾ هڪ معمولي فرق هي آهي ته ڪنهن شيءِ کي خرچ ڪرڻ جون مختلف شڪليون ٿين ٿيون. هڪڙيون شيون ٺيڪ ۽ صحيح مصرف ۾ خرچ ٿين ٿيون پر ٻيون جن جو کاپو ضرورت ۽ مقرر حد کان وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ استعمال ڪرڻ جو طريقو به صحيح نه هوندو آهي، مثلاً، هڪ ڏوهاري تي سندس ڪيل ڏوهه کان وڌيڪ غضبناڪ ٿيڻ ۽ مناسب سزا ڏيڻ بجاءِ رتوڇاڻ ڪري ڇڏڻ. بيشڪ، هڪ ڏوهاري کي سندس ڏوهه جي سزا ملي. ان لحاظ اوهان جي ڪاوڙ ۽ ناراضگي جو اظهار ٺيڪ ٿيو هجي پر جنهن مقدار ۽ جنهن شڪل ۾ ڪاوڙ جو اوهان اظهار ڪري رهيا آهيو، اهو ان جي حد ۽ ضرورت کان وڌيڪ آهي ته انهيءَ جو نالو اسراف آهي.
    ان جي برخلاف تبذير جي تعريف ”صرف الشيءِ فيما لا ينبغي“ ڪئي ويئي آهي. يعني ڪنهن شيءِ کي سندس ٺيڪ جاءِ تي خرچ ڪرڻ کان سواءِ ٻي جاءِ تي خرچ ڪرڻ. مثلاً: دولت پنهنجي آرام ۽ سڪون، مٽن مائٽن جي مدد ۽ نيڪ عملن ۽ ڪمن تي خرچ ڪرڻ لاءِ آهي پر اوهان صرف پنهنجو شان شوڪت، دنيوي عزت ۽ حاڪمن جي نظرن ۾ اثر رسوخ حاصل ڪرڻ لاءِ لٽائڻ شروع ڪيو، ته قرآن حڪيم ان کي تبذير سان تعبير ڪندو. ڇاڪاڻ ته ان جو نقصان اسراف کان سخت آهي، تنهن ڪري سزا به سخت ٻڌائي ويئي. اسراف ڪندڙ لاءِ صرف ”ان الله لا يحب المسرفين“ (خدا، اجايو خرچ ڪندڙن کي دوست نٿو رکي.) فرمايو ويو ۽ تبذير جي ڏوهارين لاءِ ”کانوا اخوان الشياطين“ چئي کين شيطان جي عزيزن قريبن ۾ شمار ڪيو ويو. اسراف ۽ تبذير جو اهو فرق خود قرآن حڪيم مان کنيل آهي، ڪا پنهنجي راءِ ناهي. اهي ٻئي لفظ جتي جتي به ڳالهايا ويا آهن، جيڪڏهن انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اهو فرق پنهنجو پاڻ ظاهر ٿي پوندو. مثلاً:
    کُلُوۡا وَ اشۡرَبُوۡا وَ لَا تُسۡرِفُوۡا ۚ اِنَّہٗ لَا یُحِبُّ الۡمُسۡرِفِیۡنَ ﴿٪۳۱﴾(الاعراف-31)
    ”کائو ۽ پيئو پر اِسراف نه ڪريو. ڇو ته الله اسراف ڪندڙن کي دوست نه رکندو آهي.“
    بک ۽ اڃ ۾ کاڌي ۽ پاڻيءَ جو استعمال هڪ بلڪل صحيح خرچ آهي ۽ بي موقعي خرچ ڪرڻ نه آهي. کاڌو کائڻ لاءِ ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ آهي پر جيڪڏهن ضرورت کان وڌيڪ کاڌو وڃي يا ان جي پچائڻ جي طريقي ۾ بيجا خرچ ڪيو ويو ته اهو اسراف ٿيندو. تنهن ڪري فرمايو ويو ته اسراف نه ڪريو، پر ٻي جاءِ تي شين جي خرچ ڪرڻ جي شڪل مختلف آهي.
    وَ اٰتِ ذَاالۡقُرۡبٰی حَقَّہٗ وَ الۡمِسۡکِیۡنَ وَ ابۡنَ السَّبِیۡلِ وَ لَا تُبَذِّرۡ تَبۡذِیۡرًا ﴿۲۶﴾
    (بني اسرائيل-26)
    ”۽ عزيزن جا حق انهن کي ڏيو، مسڪينن ۽ مسافرن جا حق به ادا ڪريو ۽ دولت کي اجايو ضايع نه ڪريو.“
    جيئن ته مقصد هي هو ته دولت جو صحيح استعمال عزيزن قريبن جا حق ادا ڪرڻ آهي، تنهن ڪري ٻين ڪمن ۾ هن کي زيان نه ڪريو. ان لاءِ اسراف نه چيو ويو بلڪه تبذير جي لفظ سان تعبير ڪيو ويو.

    حاصل مطلب:
    بهرحال مقصد هي آهي ته گناهه، پاپ، فسق، ڏوهه ۽ هر اها شيءِ جنهن جو شمار بڇڙاين ۽ براين ۾ ٿئي ٿو، حقيقت ۾ آهي بي اعتدالي ۽ اڻ برابري. ان جي مقابلي ۾ نيڪي ۽ ڀلائيءَ کي صرف هڪ ئي لفظ ”عدل“ سان تعبير ڪيو ويو. يعني هر اها شيءِ جيڪا عدل تي قائم آهي يقيناً نيڪي ۽ عمل خير آهي. قرآن هر جاءِ تي، هر طرح جي نيڪ عملن کي ان جامع لفظ سان تعبير ڪري ٿو. ان جي اصطلاح ۾ صراط المستقيم، توازن بالقسط، ميزان الموازين، قسطاس المستقيم ۽ عدم تطفف ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي لفظ انهيءَ هڪ مقام عدل سان بيان ڪيا ويا آهن. قرآن هر جاءِ تي ۽ هر تعليم ۾ لاتعتدوا (زيادتي نه ڪريو) ۽ اعدلوا (عدل ڪريو) جي اصول جي دعوت ٿو ڏي ۽ ان واٽ کي اقرب اليٰ التقويٰ ٻڌائي ٿو. هن جي تعليم جو خلاصو هر شيءِ ۾ پوءِ اها الله جي عبادت ۽ بندگي هجي توڙي ان جي واٽ ۾ خير خيرات ڪرڻ هجي، هي آهي ته:
    وَلَا تَجْعَلْ یَدَکَ مَغْلُوۡلَۃً اِلٰی عُنُقِکَ وَ لَا تَبْسُطْہَا كُلَّ الْبَسْطِ فَتَقْعُدَ مَلُوۡمًا مَّحْسُوۡرًا
    (بني اسرائيل-29)
    ”۽ نه ڪِي پنهنجو هٿ اهڙي طرح بند ڪريو ڄڻ گردن سان ٻڌل آهي ۽ نه ڪي سارو کولي ڇڏيو، نه ته خالي هٿين رهجي ويندؤ ۽ ماڻهو توهان تي ملامت ڪندا،
    هر ڪم لاءِ ان آيت ۾ اعتدال جو هڪ جامع مثال بيان ڪيو ويو آهي.
    امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر مان مقصد عدل جو قيام آهي:
    جهڙي طرح اسان شروع ۾ ان طرف اشارو ڪيو هو ته جنهن جماعت جو فرض ”دعوت الي الخير“ ، ”امر بالمعروف“ ۽ ”نهي عن المنڪر“ هوندو، اها دنيا ۾ هڪ اهڙي طاقت هوندي جيڪا صرف نيڪي لاءِ موڪلي ويئي هوندي. جيئن ته نيڪي، عدل قائم ڪرڻ سان ۽ بدي عدل جي عدم سان پڌري آهي، تنهن ڪري اهڙي جماعت عدل کي قائم ڪندڙ ۽ هر بي اعتداليءَ (جيڪا بڇڙائي ۽ گناهه آهي) کي روڪڻ واري هوندي.
    هاڻي عدل جي حقيقت تي غور ڪريو ته اهو حقيقت ۾ هر شيءِ جي وچين ۽ درمياني حالت جو نالو آهي. ڪو هڪ پاسي لٽڪي پيو ته اها بي اعتدالي آهي پر صحيح صحيح وچ ۾ اهڙي طرح بيٺا رهو جو وار جيتري جاءِ به ڪنهن پاسي نه بچي، ته ان جو نالو اعتدال ۽ عدل ٿيندو. قرآن ڪريم ان جو هڪ عمدو مثال ڏنو آهي. هڪ هنڌ فرمايو ويو:
    وَ زِنُوۡا بِالۡقِسۡطَاسِ الۡمُسۡتَقِیۡمِ ؕ ذٰلِکَ خَیۡرٌ وَّ اَحۡسَنُ تَاۡوِیۡلًا ﴿۳۵﴾(بني اسرائيل: 35)
    ”جڏهن ڪا شيءِ توريو ته تارازي جي ڳني سڌي رکو (ته جيئن وزن ۾ دوکو نه ٿئي) اهو ئي خير جو طريقو ۽ نيڪ انجام آهي.“
    وَیۡلٌ لِّلۡمُطَفِّفِیۡنَ ۙ﴿۱﴾(المطففين-1)
    ”تور ۽ ماپ ۾ ڪمي ڪندڙن لاءِ وڏي تباهي آهي.“
    عدل لاءِ سڀ کان وڌيڪ مشاهدي ۾ اچڻ وارو ۽ عام سمجهه ۾ ايندڙ مثال تارازي جو آهي. هن جو صحيح عمل ڪرڻ جو دارو مدار صرف ان جي مٿين سُئي (ڪانٽو) آهي. جيستائين اها سُئي ٺيڪ ٺيڪ وچ ۾ ساڪن ٿي نه بيهي، وزن جو اعتبار نٿو ڪري سگهجي. جيئن ئي ٻنهي پلڙن جو وزن برابر ٿيندو، سُئي هڪدم وچ ۾ اچي بيهندي.
    ان ڪري قرآن اڪثر هنڌن تي ترازو جو مثال ڪم آندو آهي. قيامت جي ڏينهن به انساني عملن جو فيصلو، ان جي هٿ ۾ هوندو:
    فَاَمَّا مَنۡ ثَقُلَتْ مَوَازِیۡنُہٗ ۙ﴿۶﴾ فَہُوَ فِیۡ عِیۡشَۃٍ رَّاضِیَۃٍ ؕ﴿۷﴾ وَ اَمَّا مَنْ خَفَّتْ مَوَازِیۡنُہٗ ۙ﴿۸﴾ فَاُمُّہٗ ہَاوِیَۃٌ ؕ﴿۹﴾ (البقرة:143)
    ”پوءِ جنهن (جي عملن) جا پڙ ڳرا ٿيا، سو دلپسند گذران ۾ هوندو. ۽ جنهن (جي عملن) جا پُڙ هلڪا ٿيا تنهن (جي رهڻ) جي جاءِ هاوِيَه آهي.“ اهو ئي سبب آهي (وَ کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا) ”وسط“ مان مراد به عدل آهي.
    جنهن جماعت جو فرض امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر هجي، ان کان وڌ ٻي ڪهڙي جماعت عندالله ۽ عندالناس عادل ٿي سگهي ٿي؟ اهڙي طرح الله تعاليٰ فرمايو ته:
    ”اسان اوهان کي سموري دنيا لاءِ هڪ عدل قائم ڪرڻ واري امت بڻايو آهي ته جيئن دنيا لاءِ توهان هڪ عادل گواهه جي حيثيت سان شاهدي ڏيئي سگهو.“
    خود قرآن مجيد به ان معنيٰ جي تائيد ڪري ٿو. هڪ جاءِ تي فرمايو ويو ته ”قال اوسطهم“ هت بغير اختلاف جي اوسطهم مان مراد ”اعدلهم“ ئي آهي. امام رازي بروايت قفال هڪ حديث درج ڪئي آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ خود ان آيت جو تفسير هن طرح ڪرڻ فرمايو: ”امته وسطا اي عدلا“ ان کان سواءِ مشهور حديث خير الامور اوسطها ۾ به ”اوسط“ عدل جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، يعني بهتر ڪم اُهي آهن جيڪي عدل تي هجن . پاڻ سڳورن ﷺ بنسبت چيو ويندو هو ته ”اوسط قريش نسباً-“ ظاهر آهي ته هت به اوسط اعدل جي معنيٰ ۾ ڳالهايو ويو آهي ۽ ان بنياد تي هن آيت مان ”اجماع“ جي حجت هئڻ جو دليل ورتو وڃي ٿو، يعني جڏهن امت جي عدالت قرآن جي نص مان ثابت ٿي ته ان جو اجماع يقيناً گمراهي ۽ فساد کان محفوظ هوندو.
    امر ۽ نهي جي ٻنهي آيتن ۾ هڪجهڙائي:
    پهرين ۽ ٻي آيت ۾ خدا تعاليٰ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي فرض جو ذڪر ڪيو آهي پر پهرين آيت ۾ بظاهر لفظ سموري امت لاءِ ناهن، بلڪه امت مان هڪ خاص جماعت لاءِ، ان جو فرض هئڻ معلوم ٿئي ٿو.
    وَلۡتَکُنۡ مِّنۡکُمۡ اُمَّۃٌ یَّدۡعُوۡنَ اِلَی الۡخَیۡرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۱۰۴﴾ (آل عمران-104)
    ”توهان مان هڪ جماعت هئڻ گهرجي جيڪا دنيا کي نيڪيءَ جي دعوت ڏي، چڱائيءَ جا ڪم ڪري ۽ بڇڙائيءَ کان روڪي، اهي ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙ آهن.“
    پر ٻي آيت ۾ ڪنهن هڪ جماعت لاءِ مخصوص ناهي، سموري اُمت جو قومي امتياز ان فرض کي قرار ڏنو ويو آهي.
    کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ(آل عمران-110)
    ”توهان سڀني امتن کان بهتر امت آهيو جو توهان ماڻهن جي (سڌاري) لاءِ نڪري نروار ٿيا آهيو، جو نيڪيءَ جو حڪم ڪريو ٿا ۽ برائيءَ کان روڪيو ٿا.“
    ٻئي آيتون ساڳي سورت ۽ ساڳي رڪوع ۾ آهن. پوءِ ٻنهي ۾ اختلاف ڇو؟ پهرين آيت ۾ اهو فرض محدود ۽ مخصوص ۽ ٻي آيت ۾ عام آهي.
    عام خيال هي آهي ته پهرين آيت ۾ خدا تعاليٰ جن فرضن جو ذڪر ڪيو آهي، ان مان هر فرض پنهنجي تڪميل لاءِ علم جو محتاج آهي. دعوت الي الخير لاءِ ضروري آهي ته خير جي عملن جو علم هجي. امر بالمعروف ڪيئن عمل ۾ اچي سگهندو، جڏهن اهي ڪم معلوم ئي نه هوندا، جن تي معروف جو اطلاق ٿئي ٿو. نهي عن المنڪر ته اڃا وڌيڪ علم، درس تدريس جو متحاج آهي، ڇاڪاڻ ته منڪر ۾ حرام ۽ مڪروهه داخل آهن ۽ جيستائين ان جو علم نه هوندو، ڪنهن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو.
    اسلامي تاريخ ۾ هن تفسير جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويو ته هن آيت ”ولتکن منکم“ ۾ ”من“ خصوصيت يا ”ڪجهه “ کي جدا ظاهر ڪرڻ لاءِ آيل آهي. جنهن مان صرف هڪ گروهه يعني علماءَ مراد آهن. اهي ٽيئي ڳالهيون صرف انهن جي فرضن ۾ داخل آهن.
    عالمن ان عام فرض کي پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو:
    پر حقيقت ۾ اهو خيال عملي ۽ اعتقادي طور هڪ اهڙي خطرناڪ غلطي هئي، جنهن لاءِ نٿو سمجهان ته ڪيئن بيان ڪريان؟ انهن تيرهن سؤ سالن ۾ اسلام کي اهڙين سمورين غلط فهمين سان منهن ڏيڻو پيو، جيڪي اڳين امتن کي پيش اچي چڪيون هيون پر ڪنهن سخت کان سخت تحريف کان به مسلمانن کي اهڙو لاعلاج نقصان نه پهتو جهڙو هن غلطي کان پهتو ۽ پهچي رهيو آهي. اسلام جي اها دعوت الاهي جيڪا هڪ عالمگير اصلاح ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي قيام لاءِ آئي هئي، سا انهيءَ غلط فهميءَ جي ڪري گهڻي عرصي تائين قائم نه رهي سگهي. الاهي خلافت ۽ نيابت جو اهڙو شرف، جيڪو مسلمانن کي عطا ڪيو ويو هو ۽ جنهن جي ڪري قومي حيثيت ۾ اهي سموري دنيا ۾ خدا جو مقدس گروهه هئا، بدبختيءَ سان انهيءَ غلط فهميءَ جي ڪري مٽيءَ ۾ ملي ويو. روحاني مرشدن ۽ مذهبي پيشوائن جيڪي مشرڪاڻا اختيار پاڻ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيا هئا ۽ جن جي غلاميءَ کان دنيا کي نجات ڏيارڻ دين الاهي جو مشن هو، ان جا زنجير وري ان غلط فهميءَ جي لعنت سان مسلمانن جي پيرن ۾ پيا ۽ اهڙا مضبوط پيا جو اڄ تائين نڪري نه سگهيا. ڪروڙين الله جا ٻانها جن کي پنهنجن نيڪ عملن سان دنيا ۾ خدا جي پاڪ واکاڻ جي جاه و جلال جو تخت سنوارڻو هو، اڄ پنهنجين بدعملين جي ڪري سمورن ڏوهن ۽ گناهن ۾ گرفتار آهن ۽ ڪافي وقت کان وٺي قهر الاهي کي دعوت ڏيئي رهيا آهن. اِهي اُهي گناهه آهن جن جي گرفت ۾ گذريل قومن خدا کان پنهنجو تعلق ٽوڙيو هو، جنهن جي ڪري رحمت الاهي، دائود عليھ السلام جي ٺاهيل هيڪل کان منهن موڙي، اسماعيل عليھ السلام جي اوساريل ديوارن کي پنهنجو گهر بڻايو هو ۽ پوءِ انهن گناهن جي ڪري بني اسرائيل کي پنهنجي خلافت کان معزول ڪري مسلمانن کي ان تي سرفراز ڪيو هو.
    وَ لَقَدۡ اَہۡلَکۡنَا الۡقُرُوۡنَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ لَمَّا ظَلَمُوۡا ۙ وَ جَآءَتۡہُمۡ رُسُلُہُمۡ بِالۡبَیِّنٰتِ وَ مَا کَانُوۡا لِیُؤۡمِنُوۡا ؕ کَذٰلِکَ نَجۡزِی الۡقَوۡمَ الۡمُجۡرِمِیۡنَ ﴿۱۳﴾ ثُمَّ جَعَلۡنٰکُمۡ خَلٰٓئِفَ فِی الۡاَرۡضِ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ لِنَنۡظُرَ کَیۡفَ تَعۡمَلُوۡنَ ﴿۱۴﴾(يونس-13-14)
    ”۽ توهان کان پهريون به ڪيتريون ئي قومون گذري چڪيون آهن، جڏهن انهن ظلم ۽ ڏاڍ تي سندرو ٻڌو ته اسان انهن کي هلاڪ ڪيو، انهن جا رسول چٽيون نشانيون کڻي آيا هئا، مگر انهن کي ايمان نصيب نه ٿيو. ڏوهارين کي اسان اهڙي سزا ڏيندا آهيون. وري انهن کي هلاڪ ڪرڻ کان پوءِ اسان اوهان کي دنيا جي بادشاهي ڏيئي جانشين مقرر ڪيو ته جيئن ڏسون ته ڪيئن ٿا عمل ڪريو؟“
    اها بدبختي به صرف ان غلط فهميءَ جو نتيجو هئي پر اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو؟ ان ڪري جو اعتقاد کان عمل واقع ٿيندا آهن. ان غلط فهميءَ جو پهريون نتيجو اهو نڪتو جو امر بالمعروف، جيڪو هر مسلمان فرد جو فرض هو (۽ اصحاب سڳورن جون زندگيون عملي شهادت جي طور تي اسان جي اڳيان آهن) اهو روزانو محدود دائري ۾ سُڪڙندو ويو ۽ هڪ غير محسوس نقطو بڻجي رهجي ويو. هاڻي ان جي وجود ۾ به شڪ آهي!
    دنيا ۾ سڀني مذهبن جي تنزل ۽ تباهيءَ جو هڪ وڏو ڪارڻ مذهبي پيشوائن جو معبودانه اقتدار آهي. اسلام ان زهر جو علاج ان بنيادي اصول کي تجويز ڪرڻ سان ڪيو هو ته امر بالمعروف جي خدمت کي اهڙي طرح عام ۽ اُمت جي هر ماڻهوءَ تي لاڳو ڪيو جو وري ڪنهن به مخصوص گروهه کي، ان خصوصيت جي آڙ ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهي ۽ هندن جي برهمڻن ۽ عيسائين جي ڪيٿولڪ فادرن وانگر مذهبي دعوت ۽ اصلاح کي ڪا جماعت پنهنجي زميني حڪمراني نه بڻائي ڇڏي جو ”يفعل مايشاءُ ويحکم مايريد.“ (جيئن وڻينِ ڪندا وتن ۽ جيڪو چاهينِ، حڪم ڏيندا وڃن) پر صدين کان پوءِ ڏسون ٿا ته مسلمان جن زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ آيا هئا، هاڻي خود سندن پير انهن زنجيرن ۾ ٻڌل آهن. ان فرض الاهيءَ کي عالمن پنهنجو موروثي حق سمجهي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي دخل ڏيڻ جي اجازت ناهي. شيطان پنهنجي پراڻي عادت مطابق، جڏهن ضرورت سمجهندو آهي ته پنهنجن شيطاني عملن لاءِ هٿيار بڻائي وٺندو آهي ۽ امر بالمعروف و نهي عن المنڪر جي جاءِ تي امر بالمنڪر و نهي عن المعروف جا فرض انهن جي هٿان سرانجام ڏياري وٺندو آهي. باقي سمورا مسلمان پنهنجي ان فرض کان غافل ۽ لاپرواهه آهن ۽ مذهبي جهالت سبب عالمن طرفان ان کسيل عام حق تي راضي به رضا آهن. خدا جي حڪومت ڪو به پاڻ مٿان محسوس نٿو ڪري. نيڪين ڪرڻ کان سڀني جون اکيون بند آهن ۽ بڇڙائين مٿان هر شخص ائين گذري وڃي ٿو ڄڻ هن کي ڪن ٻڌڻ ۽ اکيون ڏسڻ لاءِ مليون ئي نه آهن.
    فَاِنَّہَا لَا تَعۡمَی الۡاَبۡصَارُ وَلٰکِنۡ تَعۡمَی الۡقُلُوۡبُ الَّتِیۡ فِی الصُّدُوۡرِ ﴿۴۶﴾(الحج-46)
    ”انهن وٽ دليون هجن ها ته سوچين سمجهن ها، ڪن هجن ها ته ٻڌڻ سڻن ها. حقيقت هي آهي ته جڏهن ڪو انڌائپ ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو ته اکيون انڌيون نٿيون ٿين (جيڪي منهن ۾ آهن) پر دليون انڌيون ٿي وڃن ٿيون، جيڪي سيني ۾ لڪل آهن. “

    ٻنهي آيتن جو مطلب ساڳيو آهي:
    حقيقت اها آهي ته ٻنهي آيتن ۾ ڪو به اختلاف ڪو نه آهي. مطلب ٻنهي جو ساڳيو آهي. ٻئي آيتون ان فرض کي بغير ڪنهن خصوصيت جي، توحيد جي ڪلمي کي قبول ڪندڙ هر فرد جو فرض قرار ڏين ٿيون. البت پهرين آيت ۾ ”ولتکن منڪم“ جو لفظ گمان پيدا ٿو ڪري ته منڪم خصوصيت يا ڪجهه کي جدا ظاهر ڪرڻ لاءِ آيل آهي. يعني توهان منجهان ڪن ماڻهن جي هڪ جماعت ان فرض کي پنهنجي ذمي سمجهي پر جيئن ته اڳتي هلي ٻي آيت ۾ ان فرض ۾ سموري اُمت کي شامل ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري هت ”منڪم کي تبعيض (ڪجهه) لاءِ قرار ڏيڻ ئي غلط آهي، بلڪه اهو لفظ يقيناً وضاحت لاءِ آيو آهي جيئن هر ٻولي جي محاورن ۾ ڳالهايو ويندو آهي.
    مثلاً: عربي ۾ چونداسين: للامير، من غلمانھ عسکر-ولفلان، من اولاده جند: ”يعني امير جي ڇوڪرن مان فوج جا سپاهي آهن ۽ فلاڻي شخص جي اولاد مان لشڪر تيار ٿي رهيو آهي.“ هن مان مراد امير جا سڀئي ڇوڪرا هوندا، نه ڪي ڪجهه. خود قرآن ۾ هڪ جاءِ تي فرمايو ويو آهي ته فَاجۡتَنِبُوا الرِّجۡسَ مِنَ الۡاَوۡثَانِ: يعني بُتن جي پليتيءَ کان بچندا رهو. (الحج-30) مگر ان جو مطلب اهو ناهي ته بتن کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جي ناپاڪيءَ کان پرهيز نه ڪيو وڃي. مطلب ته هِت ”من“ معنيٰ جي افاديت جي وضاحت ڪري ٿو، نه ڪا خصوصيت جِي. امام رازي ٻي قول کي بيان ڪندي ان تي ڪافي بحث ڪيو آهي. تفصيل لاءِ ڏسو تفسير ڪبير (جلد2-228)
    پر هِن بحث کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان قرآن مجيد جي هڪ ٻي آيت پيش ڪريون ٿا. جيڪڏهن امام رازي به ان آيت کي سامهون رکي ها ته هن کي مختلف خيالن جي تشريح ڪرڻ جي بي مقصد ضرورت نه پوي ها. سورت حج جي پنجين رڪوع ۾ الله تعاليٰ ڪافرن جي انهن ظلمن ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جن کان بچڻ لاءِ شروعاتي مسلمانن کي منهن ڏيڻو پيو هو. پوءِ دفاع ۽ نفس جي حفاظت لاءِ قتال جي اجازت ڏني وئي. تنهن کان پوءِ فرمايو ويو:
    اَلَّذِیۡنَ اِنۡ مَّکَّنّٰہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَوُا الزَّکٰوۃَ وَ اَمَرُوۡا بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ نَہَوۡا عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ لِلّٰہِ عَاقِبَۃُ الۡاُمُوۡرِ ﴿۴۱﴾(الحج-41)
    ” جيڪڏهن اسان (انهن مظلوم مسلمانن کي) حڪومت ۽ خلافت ڏيئي زمين ۾ غلبو ڏيون ته اهي نهايت سٺا ڪم ڪندا يعني نماز پڙهندا، زڪوات ڏيندا، ماڻهن کي چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙائيءَ کان روڪيندا ۽ سڀني جي عاقبت الله جي هٿ ۾ آهي.“
    اها آيت ان باري ۾ صاف ۽ فيصلو ڪندڙ آهي. خدا تعاليٰ مسلمانن کي ڪامياب ڪرڻ جو هڪ سبب هي بيان ڪيو آهي ته هو زمين تي حڪمران هئڻ کان پوءِ چڱا ۽ نيڪ ڪم ڪندا. پوءِ انهن ڪمن جي ترتيب سان وضاحت ڪندي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو آهي.( ) جنهن مان مذڪوره سڀني ڪمن جي هڪجهڙائيءِ جي اهميت ظاهر ٿئي ٿي. پهريون نماز جو ذڪر ڪيو ويو ، پوءِ زڪوات جو ۽ اهي ٻئي عمل قرآن ۾ هر جاءِ تي گڏ بيان ڪيا ويا آهن. ان کان پوءِ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو ذڪر آيو آهي. انهن عملن جي سلسلي ۾، جنهن ۾ نماز ۽ زڪوات واجب ۽ فرض واري لهجي ۾ بيان ڪيا ويندا آهن. ان مان ثابت ٿيو ته:
    (1) مسلمانن کي خدا جيڪا نصرت، فتح ۽ دنيا ۾ ڪاميابي عطا ڪئي، ان جو ڪارڻ آهي نيڪ عمل سرانجام ڏيڻ.
    (2) اهي نيڪ عمل خاص ڪري نماز قائم ڪرڻ، زڪوات ڏيڻ ۽ امر بالمعروف و نهي عن المنڪر آهن.
    (3) جهڙي طرح نماز ۽ زڪوات هر مسلمان تي فرض آهي، اهڙي طرح امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر به هر مسلمان جي فرضن ۾ داخل آهي.

    عمل ۽ اعتقاد:
    گذريل بحث مان ثابت ٿيو ته اسلام امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي پنهنجي هر پيروڪار تي فرض ڪيو آهي پر اصل بحث اڃا باقي آهي. ان تعليم کي اصولي ۽ اعتقادي طور ڪير نٿو مڃي؟ پر ياد رکڻ گهرجي ته اخلاق ۽ مذهب جي هر تعليم ۾ اعتقاد ۽ عمل ٻه مختلف شيون آهن. جيڪو اصول عمل ڪرڻ جي قابل نه هجي اهو ڪاغذ جي صفحن تي ڪيترو به وڻندڙ ڇو نه هجي مگر انساني مصيبتن لاءِ فائديمند ٿي نه ٿو سگهي. ڏسڻو اهو آهي ته دنيا ان اصول تي عمل به ڪري سگهي ٿي يا نه؟
    اسلام سراسر عمل جو نالو آهي. مذهبي تاريخ ۾ جيڪي انقلاب ذهن ۽ اصول کان عمل جي طرف اچن ٿا ۽ جن جي ابتدائي حالت جو مڪمل نمونو گوتم ٻڌ ۽ آخري صورت مسيحي تحريڪ هئي؛ اسلام ان انقلاب جو آخري نالو آهي، جنهن کان پوءِ مذهب هڪ خالص عملي قانون جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويو. اُهي سڀئي شيون نڪري ويون، جيڪي هن جي عملي طاقت کي نقصان پهچائينديون هيون. تنهن ڪري جيڪڏهن اهو سچ آهي ته امر بالمعروف هڪ اسلامي اصول آهي ته پوءِ هي به سچ آهي ته اهو اصول صرف اعتقادي زندگي رکڻ وارو ناهي بلڪه انسان جي عملي زندگيءَ ۾ تبديلي پيدا ڪرڻ وارو قانون آهي.
    حب ۽ بغض، بخشش ۽ انتقام:
    سڀ کان وڏي مشڪل جيڪا ان اصول جي عملي واٽ ۾ سامهون اچي ٿي، اها اخلاقي تعليم جي دورنگي (ٻٽائي) آهي. هڪ پاسي بخشش ۽ معافي، محبت ۽ انڪساري جي تعليم آهي ته ٻئي پاسي نيڪي ۽ بديءَ جو احتساب، انتقام ۽ انجام تي پهچائڻ جي ڳالهه آهي. خود قرآن ڪريم جي تعليم ۾ به اها مشڪل پيش اچي ٿي. هڪ پاسي بخشش ۽ نرمي، وعظ ۽ نصيحت جو حڪم آهي ته ٻئي پاسي سختي ۽ بدلي جي حڪمن تي زور ڏنو ويو آهي. يورپ جا مورخ جڏهن تعصب ۽ جهالت جي اونداهيءَ ۾ اسلام جو مطالعو ڪن ٿا ته انهن کي ان اخلاقي تعليم ۾ ڪجهه نظر نٿو اچي. پوءِ پريشان ٿي ان اختلاف کي ”مڪي“ ۽ ”مدني“ زندگيءَ جي اختلافي حالتن جو نتيجو ٻڌائين ٿا. چون ٿا ته جڏهن اسلام بيوس ۽ محتاجيءَ جي حالت ۾ هو ته بخشش ۽ معافي جي تعليم مان زندگيءَ جو سهارو ڳوليندو هو پر جڏهن مديني ۾ اچي تلوار هٿ ۾ آئي ته حڪومت ۽ طاقت جي حالت ۾ عاجزي ۽ انڪساري جي ضروت نه رهي.
    وَ اللّٰہُ یَعۡلَمُ اِنَّہُمۡ لَکٰذِبُوۡنَ ﴿٪۴۲﴾ (توبھ-42)
    هي بحث جو موقعو ناهي پر اسلام امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر کي جنهن اصول تي قائم ڪيو آهي اهو هيٺين طرح آهي:
    فقيهن جو هڪ اصول آهي ته ”اصل هر شيءِ جي اباحت (جائز ڪرڻ) آهي ته جيئن حرمت جو ڪو سبب پيدا نه ٿئي.“
    انگور جو خالص عرق هڪ مفيد ۽ سٺي شيءِ آهي پر جڏهن ان ۾ نشو اچي وڃي ۽ نشي جي ڪري انسان جي دماغ ۽ اخلاق کي نقصان ۽ ان نقصان جي ڪري امن امان ۾ خلل ۽ سماج کي نقصان پهچي ته پوءِ اهو قطعي حرام آهي.
    بلڪل ان وانگر اخلاق ۾ به بنيادي عمل ”محبت“ آهي، ته جيئن ڪو سبب بڻجي محبت، بغض ۾ تبديل نه ٿي پوي. يعني دنيا ۾ هر شيءِ محبت جي قانون تحت عمل ڪري ٿي. ڪو به ناهي جيڪو محبت ۽ پيار جي لائق نه هجي پر ان محبت جي مٿان به هڪ عام قانون جي حڪومت آهي، يعني ”فائدو پهچائڻ ۽ حقوق العباد جي نظرداري ڪرڻ.“
    تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو اهڙو سبب پيدا ٿي پوي، جنهن جي ڪري محبت جي صورت پنهنجي محبوبيت کي مسخ ڪري ڇڏي، ته پوءِ هي هر محبوب شيءِ کي پنهنجين نظرن ۾ قابل نفرت سمجهو. جيتري قدر محبت جي واٽ ۾ محبت جو جوش رکندا رهندا هيؤ، هاڻي محبت جي خاطر بغض جي واٽ ۾ بغض جو جوش ظاهر ڪريو.
    غور ڪريو، قانون دنيا ۾ ڇا چاهي ٿو؟ محبت يعني امن کي قائم ڪرڻ پر محبت خاطر عداوت ۽ امن خاطر بدامني هن کي به ڪرڻي پوي ٿي. هن جي آخري خواهش هي ٿئي ٿي ته انسان جي زندگيءَ کي هلاڪ ڪندڙ شين کان ڇوٽڪارو ڏياري پر زندگي بخشڻ لاءِ هن کي موت جو حربو استعمال ڪرڻو پوي ٿو. انسانن کي ڦاهي تي چاڙهي ماري ٿو ۽ چوي ٿو ته اهو ان ڪري آهي ته جيئن انسانن کي گهٽو ڏيئي نه ماريو وڃي.
    اسيمبلي ۽ جمهوريت امن ۽ آزادي چاهين ٿيون پر امن خاطر انهن کي به شخصي حڪومت ۾ بدامني پيدا ڪرڻي پوي ٿي ۽ اڳتي قتل کي روڪڻ لاءِ ڪيترن کي قتل ڪرڻو پوي ٿو.
    قرآن حب ۽ بغض، نرمي ۽ سختيءَ جي اصول کي ان بنياد تي قائم ڪيو آهي. هن جي عام تعليم هي آهي ته:
    خُذِ الۡعَفۡوَ وَ اۡمُرۡ بِالۡعُرۡفِ وَ اَعۡرِضۡ عَنِ الۡجٰہِلِیۡنَ ﴿۱۹۹﴾ وَ اِمَّا یَنۡزَغَنَّکَ مِنَ الشَّیۡطٰنِ نَزۡغٌ فَاسۡتَعِذۡ بِاللّٰہِ ؕ اِنَّہٗ سَمِیۡعٌ عَلِیۡمٌ ﴿۲۰۰﴾(الاعراف-200، 199)
    ”خطائن کي معاف ڪر، چڱن ڪمن جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان منهن موڙ ۽ جيڪڏهن (اي پيغمبر)تنهنجي دل ۾ انتقام ۽ بدلي وٺڻ جو جوش پيدا ٿئي ته خدا کان پناهه گهر. بيشڪ، اهو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. “
    هڪ ٻي جاءِ تي احسان، عاجزي ۽ انڪساريءَ کي هن انداز ۾ بيان فرمايو:
    وَ لَا تَمۡشِ فِی الۡاَرۡضِ مَرَحًا ۚ اِنَّکَ لَنۡ تَخۡرِقَ الۡاَرۡضَ وَ لَنۡ تَبۡلُغَ الۡجِبَالَ طُوۡلًا ﴿۳۷﴾ کُلُّ ذٰلِکَ کَانَ سَیِّئُہٗ عِنۡدَ رَبِّکَ مَکۡرُوۡہًا ﴿۳۸﴾
    ”۽ زمين تي آڪڙ ڪري نه گهم، اهڙي طرح هلڻ سان، نه ڪي زمين کي چيري سگهندين ۽ نه فخر سان هلڻ ڪري ڊيگهه ۾ جبلن جي چوٽيءَ کي پهچي سگهندين، اهي سڀئي ڳالهيون خدا وٽ ناپسند آهن.“
    سورت فرقان ۾ پنهنجن نيڪ ٻانهن ۽ سچن مومنن جا اوصاف بيان ڪندي، انهن جو پهريون گڻ هيءُ ٻڌايو ويو آهي:
    وَ عِبَادُ الرَّحۡمٰنِ الَّذِیۡنَ یَمۡشُوۡنَ عَلَی الۡاَرۡضِ ہَوۡنًا وَّ اِذَا خَاطَبَہُمُ الۡجٰہِلُوۡنَ قَالُوۡا سَلٰمًا ﴿۶۳﴾
    (الفرقان-63)
    ”۽ ٻاجهاري خدا جا رحمدل ٻانها اُهي آهن جيڪي زمين تي نهايت نوڙت سان گهمندا آهن ۽ جڏهن جاهل انهن سان جهالت جون ڳالهيون ڪندا آهن ته سلام ڪري جدا ٿي ويندا آهن.“
    سورت شوريٰ ۾ هڪ اهڙي موقعي تي مومن جو سڀ کان وڏو گڻ هي قرار ڏنو ويو آهي ته:
    وَ اِذَا مَا غَضِبُوۡا ہُمۡ یَغۡفِرُوۡنَ ﴿ۚ۳۷﴾(الشوريٰ-37)
    ”۽ جڏهن انهن کي ڪاوڙ اچي ٿي ته خطائن کي بخشيندا آهن.“
    قرآني اصطلاح ۾ ”عزم امور“ (همت جا ڪم) هڪ تمام چڱو گڻ آهي جيڪو نبين جي ساراهه ۾ آيو آهي پر بخشش ۽ صبر ڪرڻ واري لاءِ به ان کي استعمال ڪيو ويو آهي.
    وَ لَمَنۡ صَبَرَ وَ غَفَرَ اِنَّ ذٰلِکَ لَمِنۡ عَزۡمِ الۡاُمُوۡرِ ﴿٪۴۳﴾(الشوريٰ-43)
    ”۽ البت جيڪو صبر ڪري ۽ خطائون بخشي ڇڏي ته بيشڪ اهي وڏا همت جا ڪم آهن.“
    عام ڀلائيءَ جي ان تعليم جي سلسلي ۾ ڪوشش ڪئي وڃي ته اهڙيون ڪيتريون ئي آيتون ملنديون.
    اها تعليم عام ۽ بنيادي اخلاقي اصولن جو حڪم ڏي ٿي پر جڏهن بڇڙائين کان حالتون خراب ٿي وڃن، بخشش ۽ درگذر ڪرڻ جا جيڪي ڪارڻ هئا (يعني خلق لاءِ فائدو ۽ نقصان کان بچاءُ) خود بخشي ڇڏڻ سان تباهه ٿيڻ لڳن ته اهڙي حالت ۾ عدل ۽ اعتدال کي هٿان نه ڇڏيندي، ٻنجي ڏيڻ ۽ بدلي وٺڻ جي سختي ڪرڻ جائز آهي.
    وَ جَزٰٓؤُا سَیِّئَۃٍ سَیِّئَۃٌ مِّثۡلُہَا ۚ (الشوريٰ-40)
    ”برائيءَ جو بدلو اهڙي برائي آهي.“
    اڳتي هلي ان کي هيئن چٽو ڪيو ويو:
    وَ لَمَنِ انۡتَصَرَ بَعۡدَ ظُلۡمِہٖ فَاُولٰٓئِکَ مَا عَلَیۡہِمۡ مِّنۡ سَبِیۡلٍ ﴿ؕ۴۱﴾ اِنَّمَا السَّبِیۡلُ عَلَی الَّذِیۡنَ یَظۡلِمُوۡنَ النَّاسَ وَ یَبۡغُوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ بِغَیۡرِ الۡحَقِّ ؕ(الشوريٰ-41-42)
    ” ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي ظلم ٿيو هجي ۽ ان کان پوءِ بدلو وٺي ته اهڙا ماڻهو معذور آهن. مٿن ڪو به ڏوراپو ڪو نه آهي. ڏوراپو انهن تي آهي جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪندا آهن ۽ بغير حق جي زيادتي سان پيش ايندا آهن. “
    ڪافرن ۽ مخالفن سان عام حڪم نرمي، بخشڻ، درگذر ڪرڻ ۽ سهڻي نموني نصيحت ۽ وعظ ڪرڻ جو آهي.
    اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡعِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ وَ جَادِلۡہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ ؕ
    ”خدا جي واٽ ڏانهن حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان سڏ ۽ جيڪڏهن بحث به ڪرين ته اهڙي طرح ڪر جيڪو وڻندڙ طريقو هجي.“
    ٻي جاءِ تي خاص طور تي يهودين ۽ نصارن لاءِ چيو ويو:
    وَ لَا تُجَادِلُوۡۤا اَہۡلَ الۡکِتٰبِ اِلَّا بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ ٭ۖ (العنڪبوت-46)
    ”اهل ڪتاب سان بحث نه ڪر، مگر پسنديده طريقي تي.“
    پر پوءِ ٻين موقعن تي جهاد في سبيل الله کي هڪ ديني فرض قرار ڏنو ۽ سورتن جون سورتون ان حڪم جي نسبت نازل ٿيون.
    وَ قَاتِلُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ الَّذِیۡنَ یُقَاتِلُوۡنَکُمۡ(البقرة: 190)
    ”جيڪي ماڻهو توهان سان وڙهن، توهان به الله جي راهه ۾ انهن سان قتال ڪريو.“
    وَ اقۡتُلُوۡہُمۡ حَیۡثُ ثَقِفۡتُمُوۡہُمۡ وَ اَخۡرِجُوۡہُمۡ مِّنۡ حَیۡثُ اَخۡرَجُوۡکُمۡ(البقرة-191)
    ” ۽ انهن کي جتي ڏسو قتل ڪريو ۽ جتان اوهان کي انهن ڪڍيو آهي، توهان به انهن کي لوڌي ڪڍو.“
    پهرين عام طور تي نرمي ۽ آشتيءَ جو حڪم ڏنو ويو هو پر هينئر قتل ڪرڻ تائين به ڍر نه ڪري وڌ کان وڌ سختي تي زور ڏنو ويو.
    قَاتِلُوا الَّذِیۡنَ یَلُوۡنَکُمۡ مِّنَ الۡکُفَّارِ وَ لۡیَجِدُوۡا فِیۡکُمۡ غِلۡظَۃً ؕ(توبه -123)
    ”پنهنجي چؤطرف ڪافرن سان وڙهو ۽ گُهرجي ته اهي اوهان ۾ سختي ڏسن.“
    ٻنهي تعليمن ۾ ايتري قدر فرق ۽ اختلاف آهي پر ٻنهي جو مطلب ساڳيو آهي. پهريون حڪم عام ڀلائي، محبت ۽ بنيادي اخلاقي اصول تي ٻڌل آهي پر جڏهن براين ۽ بڇڙاين سان حالتون بدلجي ويون، جهڙي طرح پهرين انسانن جي آرام ۽ سڪون ۽ فائدي لاءِ نرميءَ جو حڪم ڏنو هو، اهڙي طرح ان ساڳي مقصد لاءِ هت سختي ۽ قتل جو حڪم ڏنو ۽ ان جو ڪارڻ کولي بيان ڪيو ته:
    وَ الۡفِتۡنَۃُ اَشَدُّ مِنَ الۡقَتۡلِ-(البقرة-191)
    ”فساد خون ريزيءَ کان وڌيڪ برائي آهي.“
    وَ قٰتِلُوۡہُمۡ حَتّٰی لَا تَکُوۡنَ فِتۡنَۃٌ(البقرة-193)
    ”ايستائين انهن کي قتل ڪيو جو ملڪ ۾ فساد نه رهي.“
    جهڙي طرح قانون قتل جي برائيءَ کي روڪڻ لاءِ خود قتل جي برائيءَ کي مجبوراً اختيار ڪري ٿو، اهڙي طرح قرآن فتني ۽ فساد کان الله جي ڌرتيءَ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ترار کان مدد وٺڻ جي اجازت ڏئي ٿو. بيشڪ نرمي ۽ نرم گفتاريءَ کي خدا دوست رکي ٿو، پر سختي ڪندڙن ۽ ظالمن کي ڏاڍ ڪرڻ کان دور رکڻ لاءِ جيستائين انهن سان سختي نه ڪئي ويندي، نرمي قائم نٿي ٿي سگهي. فتنو ۽ فساد هن کي پسند ناهي پر فتني ۽ فساد کي روڪڻ لاءِ اهڙي ئي فتني سان علاج ڪرڻو پوي ٿو.
    وَ لَوۡ لَا دَفۡعُ اللّٰہِ النَّاسَ بَعۡضَہُمۡ بِبَعۡضٍ لَّہُدِّمَتۡ صَوَامِعُ وَ بِیَعٌ وَّ صَلَوٰتٌ وَّ مَسٰجِدُ یُذۡکَرُ فِیۡہَا اسۡمُ اللّٰہِ کَثِیۡرًا(الحج-40)
    ”۽ جيڪڏهن خدا ماڻهن کي هڪ ٻئي جي هٿن سان نه ٽاري ها ته سڀئي خانقاهون ۽ گرجائون ۽ عبادت گاهون ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو، ڪڏهوڪيون ڊاٺيون وڃن ها.“
    يعني الله جي مشيت، شفقت، رحمت ۽ عام احسان آهي پر جڏهن ڪو گروهه خدا جي زمين کي فتني ۽ فساد سان آلوده ڪري ٿو، بغير ڪنهن جرم ۽ قصور جي، صرف عبادت الاهي ڪرڻ تي ان جي نيڪ ٻانهن تي ظلم ۽ سختي ڪري ٿو، انهن کي گهرن کان ڪڍي ٿو، الله جي عبادت گاهن ڏانهن وڃڻ کان روڪي ٿو، پوءِ جڏهن اهي پنهنجا گهر ڇڏي وطن کان بي وطن ٿي، هڪ ٻئي شهر ۾ پناهه وٺن ٿا ۽ اتي به انهن کي آرام سان ويهڻ نٿو ڏنو وڃي، ته اهڙين حالتن ۾ مجبور ٿي پيغمبر کي فتنو روڪڻ، مظلومن کي بچائڻ، اسلامي قدرن جي حفاظت ڪرڻ ۽ حرمت کي قائم رکڻ ۽ رحمت کان دنيا جي محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ سختيءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو ۽ تلوار کي ڪٽڻ لاءِ تلوار بلند ڪئي وڃي ٿي.
    وڪذالڪ جعلناڪم امة وسطا
    هن موقعي تي گذريل بحث جي ان ٽڪري تي نظر وجهو، جنهن ۾ ”امت وسطا“ تي بحث ڪيو ويو آهي.خدا تعاليٰ مسلمانن کي پنهنجي خلافت ۽ نيابت بخشي هئي، تنهن ڪري ضروري هو ته اهي به اخلاق الاهي جي صفتن لائق ٿين. خدا رحيم ۽ محبت ڪرڻ وارو آهي، تنهن ڪري حڪم ڏنو ويو ته:
    ارحموا علي الارض يرحمکم من في السماءِ
    ”زمين وارن تي رحم ڪريو، ته اهو جيڪو آسمان تي آهي توهان تي رحم ڪري. “ پر رحيم هئڻ سان گڏ هو عادل به آهي. تنهن ڪري رحم ۽ محبت ۾ به عدل ۽ وسط جو هئڻ اڻٽر آهي. ان بنياد تي تعليم ڏني ويئي ته جڏهن بي اعتدالي حد کان وڌي وڃي ته ان کي روڪڻ لاءِ اوهان به بي اعتدالي ڪريو. صفرا وڌي ويو آهي ته توهان به وڌيڪ کٽا ٿيو. توهان تي ترار کنئي ويئي آهي ته ان کي تلوار سان ئي ڪٽيو. توهان ذليل ڪيا ويا آهيو ته اوهان به انهن کي ذليل ڪريو ته برابري ۽ اعتدال پيدا ٿئي. اهو سڀ ڪجهه رحم ۽ محبت آهي، نه سختي ۽ ڏاڍ. ڊاڪٽر مريض جي مائٽن کان گهٽ مريض تي مهربان نٿو ٿئي. مريض جي پير جي تريءَ ۾ ڪنڊو لڳو آهي جنهن سان سور جون سَٽون ٿيون اڀرن. هاڻي ان درد کي ختم ڪرڻ لاءِ نشتر جي چهنب سان اهو ڪنڊو ڪڍڻو پوندو.
    لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا رُسُلَنَا بِالۡبَیِّنٰتِ وَ اَنۡزَلۡنَا مَعَہُمُ الۡکِتٰبَ وَ الۡمِیۡزَانَ لِیَقُوۡمَ النَّاسُ بِالۡقِسۡطِ ۚ وَ اَنۡزَلۡنَا الۡحَدِیۡدَ فِیۡہِ بَاۡسٌ شَدِیۡدٌ وَّ مَنَافِعُ لِلنَّاسِ. (الحديد-25)
    ”اسان پنهنجي پيغمبرن کي پڌرين نشانين سان موڪليوسون ۽ ساڻن ڪتاب ۽ تارازي موڪلي سون. اِن لاءِ ته ماڻهو عدل ۽ انصاف تي قائم رهن ۽ پڻ لوهه پيدا ڪيوسون (جيڪو هٿيارن جي شڪل ۾) سخت خطرناڪ به آهي ۽ گڏوگڏ ماڻهن لاءِ ٻيا فائدا به پنهنجي اندر رکي ٿو.“
    هن آيت ۾ قرآن مڪمل وضاحت سان ڪائنات جي نظام جي بنيادي قانونن کي بيان ڪيو آهي. خدا هدايت ۽ اصلاح لاءِ نبين کي موڪليندو آهي ۽ انهن کي ميزان (عدل کي قائم ۽ نافذ ڪندڙ قوت) ڏئي ٿو، ته جيئن دنيا ۾ الله جي عدل کي قائم ڪن، پر جيئن ته ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن قهر ۽ ڏاڍ جي ضرورت هئي، تنهن ڪري کين عدل قائم ڪرڻ لاءِ جنگ ۽ قتال جي به اجازت ڏني. هُن لوهه پيدا ڪيو جيڪو مختلف نموني جي هٿيارن جون شڪليون اختيار ڪري ٿو. تنهن ڪري اهو فائديمند به آهي ته نقصانڪار به.

    تشبھ بالله ۽ تخلق باخلاق الله
    اهڙي طرح امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر به الاهي صفتن مان هڪ صفت آهي. اسلام انسانن اڳيان روحاني ترقي جي واٽ کولي ٿو، جيڪا عبديت جي مقام يعني عاجزي ۽ انڪساري کان شروع ٿئي ٿي مگر ان جو مٿاهون نقطو تشبھ بالله (يعني خدا جي صفتن سان مشابهت پيدا ڪرڻ جو مقام) آهي ۽ ان طرف ان مشهور حديث ۾ اشارو ڪيو ويو آهي ته ”تخلقوا باخلاق الله “ (خدا جو اخلاق پاڻ ۾ پيدا ڪريو) تنهن ڪري ضروري هو ته جنهن ملت کي خدا دنيا ۾ پنهنجي خلافت ۽ نيابت بخشي هئي، اها به ان الاهي صفت سان سنواريل هجي ها. خدا اطاعت ۽ عبادت سان (يعني ڪم جيڪي فطرتي قوتن جي صحيح استعمال تي هجن) خوش ٿئي ٿو. اهڙي طرح هڪ مومن شخص کي به خوش ٿيڻ گهرجي. خدا ڪفر ۽ بدعملين سان (يعني اهڙا سڀ ڪم جيڪي فطري قوتن جو اسراف ۽ تبذير هجن) ناراض ٿئي ٿو ۽ پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪري ٿو، ان ڪري مومن ۽ مسلمان کي به ناخوش ٿيڻ گهرجي ۽ ناراض هئڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. مون اڳ ۾ ”اسراف“ ۽ ”تبذير“ جي حقيقت تي بحث ڪيو آهي. خدا عادل آهي. رحم ۽ محبت، نرمي ۽ آشتيءَ ۾ به اسراف ۽ تبذير پسند نٿو ڪري. جيڪڏهن ”بائيبل“ جو ”ابن الله“ مورڳو رحم جو مجسمو آهي ۽ عدل جي ترازوءَ کي هٿ ۾ کڻڻ نٿو گهري ته نه کڻي، مگر ان کي ڇهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي. هن انسان جي سڀني جرمن، ڏوهن ۽ گناهن کي محبت جي جوش ۾ اچي معاف ڪرڻ گهريو، پر پوءِ به بديءَ کي سزا وار ثابت ڪرڻ لاءِ سموري آدم جي اولاد کي نه سهي، مگر پنهنجي پياري پٽ کي ٽن ڏينهن تائين لعنت ۾ گرفتار ڪري خوني ڏوهارين وانگر ڦاهيءَ تي چاڙهڻو ئي پيو. هي ضروري آهي ته دنيا لاءِ محبت جي صورت موهيندڙ هجي مگر افسوس جو اها فائدي مند ناهي. جيتوڻيڪ عدل جي چهري تي سونهن ۽ سوڀيا جي جاءِ تي سختي ۽ تلخيءَ جا گُهنج آهن پر دنيا جو سمورو انتظام ان سان ٻڌل آهي. تنهن ڪري خدا به پنهنجي عيال کي پنهنجي صفتن جي دعوت ڏني ۽ پنهنجي شان عدل وانگر هن کي به ”امته وسطا“ قرار ڏنو، ته جيئن هن زمين تي هڪ عادلانه خلافت هجي ۽ هن وانگر نه ڪنهن جذبي ۾ اسراف ڪري (يعني رحم جي موقعي تي رحم کي ۽ سختيءَ جي موقعي تي سختيءَ کي ان جي ضرورت کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ) ۽ تبذير جو طريقو اختيار ڪري. (يعني رحم جي جاءِ تي قهر ۽ قهر جي جاءِ تي رحم.)

    محبت الاهيءَ جو مقام ۽ ”يحبهم ويحبونه“:
    اهو ئي راز آهي جو خدا سڀني قومن کي سندن دؤر ۾ پنهنجي خلافت بخشي ۽ هر صالح گروهه کي ان الاهي ورثي جو حقدار بڻايو (ان الارض يرثها عبادي الصالحون) مگر ڪنهن کي به پنهنجي محبوبيت ۽ معشوقيت جو درجو عطا نه ڪيو. حضرت دائود عليھ السلام جي نسبت ضرور فرمايو ته:
    یٰدَاوٗدُ اِنَّا جَعَلۡنٰکَ خَلِیۡفَۃً فِی الۡاَرۡضِ. (ص-26)
    ”اي داؤد! اسان توکي زمين تي پنهنجي خلافت بخشي.“
    بني اسرائيل به ڪافي عرصي تائين ان تي سرفراز رهيا پر انهن لاءِ ڪڏهن به نه فرمايو ته اهي خدا جا دوست ۽ محبوب بڻايا ويا هئا. اها هن امت مرحومه جي سونهن هئي:
    فَسَوۡفَ یَاۡتِی اللّٰہُ بِقَوۡمٍ یُّحِبُّہُمۡ وَ یُحِبُّوۡنَہٗۤ ۙ (المآئده-54)
    ”عنقريب الله اهڙو گروهه پيدا ڪندو جن کي هو پنهنجو محبوب بڻائيندو ۽ اهي خدا کي محبوب رکندا.“
    پر ان گروهه جي علامت هي ٻڌائي ويئي ته:
    اَذِلَّۃٍ عَلَی الۡمُؤۡمِنِیۡنَ اَعِزَّۃٍ عَلَی الۡکٰفِرِیۡنَ ۫ یُجَاہِدُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ لَا یَخَافُوۡنَ لَوۡمَۃَ لَآئِمٍ ؕ
    (المآئدة-54)
    ”مومنن سان نرم مگر ڪافرن سان سخت، الله جي واٽ ۾ پنهنجيون جانيون قربان ڪندا ۽ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا.“
    هيءَ مختصر آيت ان مشڪل جو پورو حل آهي. مومن محبوب الاهي آهي. ڇاڪاڻ ته ايمان بالله کان وڌيڪ محبت الاهي لاءِ ٻي ڪهڙي شيءِ ڪشش ڪندڙ ٿي سگهي ٿي پر خدا پنهنجي محبت سان گڏ، سامهين محبت جو به ذڪر ڪيو: ”مان انهن کي چاهيان ٿو، اهي مون کي چاهين ٿا:“ (يحبهم ويحبونھ)
    هت ارباب ذوق لاءِ هڪ عجيب نقطو آهي. حضرت يوسف واري معاملي ۾ سراسر عشق ۽ محبت جو افسانو آهي پر اها محبت صرف هڪ طرفي هئي.
    ”يحبهم ويحبونهم“ وانگر ٻنهي طرفن کان نه هئي. صرف زليخا جي نسبت فرمايو ته:
    قَدۡ شَغَفَہَا حُبًّا ؕ(يوسف-30)
    ”يوسف جو عشق هن جي دل ۾ بيهي ويو آهي“
    اهو ئي سبب هو جو زليخا جيڪو ڪجهه ڪندي هئي پنهنجي نفس لاءِ ڪندي هئي، يوسف جي خوشي مطلوب نه هئي. جڏهن عزيز مصر تي حقيقت ظاهر ٿي ته ذلت ۽ رسوائيءَ کان بچڻ لاءِ انتهائي پيار ۽ محبت جي باوجود هيءَ صلاح ڏنائين ته:
    مَا جَزَآءُ مَنۡ اَرَادَ بِاَہۡلِکَ سُوۡٓءًا اِلَّاۤ اَنۡ یُّسۡجَنَ اَوۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ ﴿۲۵﴾(يوسف-25)
    ”جيڪو شخص تنهنجي گهر واريءَ سان بدڪاريءَ جو ارادو ڪري تنهن جي اها ئي سزا آهي ته قيد ڪيو وڃي يا سخت عذاب ۾ گرفتار ٿئي. “
    پر عشق ۽ خود پرستي ٻئي هڪ دل ۾ گڏ رهي نٿا سگهن. عشق جي تعريف هيءَ آهي ته ”اولها قتل و آخرها حرق:“
    ”هن جي ابتدا نفس جو قتل آهي ۽ انتها سڀني خواهشن ۽ هَوس جو فنا ٿيڻ آهي.“ هت سڀ کان وڏو گناهه پنهنجي وجود جو حس ۽ اثبات آهي.
    وجودک ذنب لا يقاس بھ ذنب
    (تنهنجو وجود گناهه آهي، تنهن ڪري تون پنهنجو پاڻ کي پاڪ ۽ وڏي شيءِ نه سمجهه)
    محبت جو اصلي مقام اهو آهي، جتي پهچي نفس پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي ٿو ۽ پوءِ محبوب جي هٿ ۾ هڪ بي روح جسم بڻجي رهجي وڃي ٿو، هن جي دل سندس سيني ۾ نه هوندي آهي بلڪه محبوب جي آڱرين ۾ ”يقلبها ڪيف يشاءَ“ ”جنهن طرف چاهي ٿو ڦيري ڇڏي ٿو.“ محبت جو استغراق خود هن کي محبوب جي صفتن ۽ خصلتن جو هڪ ٻيو پيڪر بڻائي ڇڏي ٿو. هو ڏسندو آهي ته اُن جي نظر سان ۽ ٻڌندو آهي ته اُن جي ڪنن سان. هن جي پنهنجي ڪا به مرضي ۽ خواهش نه هوندي آهي. محبوب جي خواهش هن جي خواهش، محبوب جي مرضي هن جي مرضي بڻجي پوي ٿي. زليخا کي به اهو درجو حاصل نه ٿيو هو، نه ته پنهنجي ذلت ۽ رسوائيءَ جي ڀؤ کان يوسف کي ٻارهن سالن تائين قيد نه ڪرائي ها. البته جڏهن ان واٽ ۾ پختي ٿي ته پوءِ نفس جي ننگ ۽ ناموس جون زنجيرون پنهنجو پاڻ ٽٽي پيون ۽ پڪاري چوڻ لڳي:
    وَ مَاۤ اُبَرِّیُٔ نَفۡسِیۡ ۚ اِنَّ النَّفۡسَ لَاَمَّارَۃٌۢ بِالسُّوۡٓءِ-(يوسف-53)
    ”پنهنجي نفس کي الزام کان نٿي بچايان. بيشڪ، منهنجو نفس برائي تي آماده ڪرڻ وارو آهي.“
    خدا پنهنجن مومن ٻانهن کي صرف پنهنجو محبوب نه چيو (جو اها ته صرف زليخا ٿئي ها) بلڪه ”يحبهم و يحبونهم“ فرمايو: مان انهن کي محبوب رکان ٿو ته اهي به مون کي محبوب رکن ٿا. ان محبت جي تعلق کي محب ۽ محبوبي، عشق ۽ معشوقيءَ جو مرڪب بڻائي ڇڏيو آهي ته جيئن ايمان جي مقام جي اصلي علامت ۽ خصوصيت ظاهر ٿئي. ايمان بالله حقيقت ۾ الله جي محبت جو نالو آهي.
    وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَشَدُّ حُبًّا لِّلّٰہِ(البقرة-165)
    ”۽ ماڻهن ايمان آندو آهي، انهن جي الله سان انتها درجي جي محبت آهي.“
    محبت جو پهريون شرط فنا في المحبوب آهي، ان ڪري سچو مومن به اهو آهي، جيڪو پنهنجين سڀني خواهشن ۽ قوتن کي وساري، پنهنجو پاڻ کي خدا جي مرضي ۽ ارادي تي ڇڏي ڏي. خدا جي مرضي هن جي مرضي ۽ خدا جي خوشي هن جي خوشي هجي. اها ئي معنيٰ خلافت الاهي جي آهي ته هو دنيا ۾ الله جي ڪامل صفتن جو ظهور هجي ۽ ان ڪري ان جو جانشين آهي.
    الحب في الله والبفض في الله:
    پوءِ جڏهن ايمان جو مقام محبتِ الاهي ۽ محبت بغير فنا في المحبوب حاصل ڪرڻ مشڪل هجي ته اُتان ئي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو فرض بي نقاب ٿي وڃي ٿو. ”مومن“ جي تعريف هيءَ آهي ته هن جي نه ڪنهن سان دوسي هجي ۽ نه دشمني. نه ڪنهن جي ساراهه ڪري ۽ نه ڪنهن جي گلا. پر خدا جي هٿ ۾ هڪ بي جان بت بڻجي پنهنجي محبت ۽ دشمنيءَ کي محبوب لاءِ قربان ڪري ڇڏي. جيڪي خدا جا دوست هجن اهي هِن جا به دوست هجن، جيڪي خدا جا دشمن هجن، اهي هِن جا به دشمن هجن. الله خاطر دوستي به، ته دشمني به. الحب في الله والبغض في الله- خدا نيڪ ۽ چڱن عملن سان خوش ٿئي ٿو. تنهن ڪري هي به جتي نيڪي کي ڏسي ته پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏي. خدا بدي ۽ بڇڙن عملن تي ناراض ٿئي ٿو. (لايرضي لِعباده الڪفر) تنهن ڪري هڪ مومن کي جتي به بدي نظر اچي، الاهي صفتن جي چادر اوڍي قهر جو مجسمو بڻجي پوي. اذلته علي المؤمنين، اعزة علي الکافرين. نيڪيءَ لاءِ عاجزي ۽ انڪساري، بديءَ اڳيان مغروري ۽ سختي هجي.
    ڇا نٿا ڏسو ته خدا تعاليٰ جتي امر بالمعروف جو ذڪر ڪيو آهي، اُتي گڏوگڏ ايمان بالله جي ڳالهه به ڪئي آهي.
    کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
    وَ تُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ ؕ- (آل عمران-110)
    ”سڀني اُمتن ۾ سڀ کان بهتر امت آهيو جو نيڪ ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڪندا آهيو ۽ برائيءَ کان روڪيندا آهيو ۽ الله تي ايمان رکندا آهيو.“
    اهو ان ڪري چيو ويو، ڇاڪاڻ ته امر بالمعروف جو فرض، بغير ڪامل ايمان بالله جي ادا نٿو ٿي سگهي. هڪ انسان جيڪو نفساني خواهشن ۾ گرفتار آهي، پئسي ڏوڪڙ کي پوڄي ٿو، نفس جي لذت ۽ دنيوي عيش عشرت کي پنهنجو ڪعبو بڻائي ٿو ۽ اثر رسوخ ۽ عزت کي پنهنجو معبود سمجهي ٿو، ان ڪري ممڪن ناهي ته پنهنجي اندر نيڪيءَ جو حڪم ۽ بديءَ کي روڪڻ جي طاقت سمجهي. اهو مشرڪ آهي، توڻي زبان سان ايمان جي دعويٰ ڪري ٿو، مگر ايمان جي مٺاڻ چکڻ کيس نصيب نه ٿي آهي.
    وَ مَا یُؤۡمِنُ اَکۡثَرُہُمۡ بِاللّٰہِ اِلَّا وَ ہُمۡ مُّشۡرِکُوۡنَ ﴿۱۰۶﴾ (يوسف-106)
    ” ۽ انهن ۾ گهڻا اهڙا آهن جيڪي ايمان جي دعويٰ ڪن ٿا پر حقيقت ۾ شرڪ ۾ گهريل آهن.“
    عبادت ۽ بندگيءَ جي معنيٰ ڪنهن بت کي پوڄڻ نه آهي پر هر اها شيءِ، جنهن جي وٺڻ جو حق صرف خدا کي هو، اهو حق، جيڪڏهن ڪنهن ٻي هستيءَ کي ڏنو وڃي ته اهو به شرڪ آهي، (ان جي وضاحت جو هي موقعو ناهي.)
    خدا سڀ ڪجهه انسان لاءِ ۽ انسان کي پاڻ لاءِ بڻايو. تنهن ڪري ايمان بالله جي معنيٰ اها آهي ته انسان سڀ ڪجهه ٻين کي ڏي پر پنهنجو پاڻ کي ڪنهن جي حوالي نه ڪري. جيڪڏهن هو پنهنجي مرضي ۽ خواهش کي هُن جي مرضي ۽ خواهش کان مٿانهون سمجهي ٿو ته پوءِ هو ايمان جي دعويٰ ۾ سچو ناهي.
    خيالن جي گهڻائيءَ سان سخن جو سلسلو بار بار ٽٽندو رهي ٿو ۽ وري ڪجهه قدم هلي واپس ٿئي ٿو. ڳالهه جو مطلب هيءُ آهي ته امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر اهو ڪري سگهي ٿو جيڪو ايمان بالله ۾ راسخ هجي ۽ اهو به تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن محبت الاهيءَ جي واٽ ۾ سنئين راهه تي هجي. سڀ ڪجهه خدا لاءِ ڪري ۽ سڀني کي خدا لاءِ ڇڏي. هن جي پنهنجي ذاتي محبت ۽ عداوت نه هجي. نه پنهنجي مطلب جي ياري رکي ۽ نه دشمني. هو هر شيءِ کي خدا جي اک سان پيار ڪري ۽ اُن جي نظر سان دشمن کي ڏسي. هن جو ڪو وجود، ڪا زندگي ۽ ڪا صدا نه هجي. جڏهن هلي ته خدا جي پيرن سان هلي ۽ جڏهن ٻڌي ته خدا جي ڪنن سان ٻڌي ۽ جڏهن ڳالهائي ته خدا جو آواز هن جي گلي مان اچي: ولنعم ما قيل في هذا المقام:

    من بجانان زنده ام و زجانا نيم
    من ز جاں بگذشتم و جانا نيم

    چشم و گوش و دست و پايم او گرفت
    من بدر رفتم سرايم او گرفت

    اين بصر و اين سمع چوں آلات اوست
    بلک ذرات تنم مرات ازوست

    نغمہ از نائيست نہ از نی بران
    مستی از ساقيست نہ از می بران

    چون مرا ديدي خدا را ديده
    گر ده کعبہ صدق برگرديده

    گفتن من گفتن الله بود
    گرچہ از حلقوم عبدالله بود

    ما چو مست از ديدن ساقي شديم
    مست گشتيم از فنا باقی شديم

    اهو عارف روميءَ جو صرف پرسوز نغمو ناهي پر ان حديث قدسي جو ترجمو آهي، جنهن کي امام بخاري ڪتاب التواضح ۾ آندو آهي.
    ”جڏهن منهنجو ڪو ٻانهو نفلن ذريعي منهنجي ويجهو ٿئي ٿو ته ان کي محبوب بڻائيندو آهيان. پوءِ جڏهن هو محبوب بڻجي ٿو ته مان هن جا ڪن ٿي وڃان ٿو، منهنجن ڪنن سان ٻڌي ٿو ۽ هن جون اکيون ٿي وڃان ٿو، منهنجي اکين سان ڏسي ٿو ۽ هن جا پير ٿي پوان ٿو، منهنجن پيرن سان هلي ٿو ۽ ان جي زبان ٿي پوان ٿو، منهنجي زبان سان ڳالهائي ٿو. اهو جيڪي ڪجهه گهري ٿو، عطا ڪريان ٿو ۽ جڏهن پناهه گهري ٿو ته پناهه ڏيان ٿو.“
    ”يجبهم و يحبونھ“ جو اهو ئي مقام آهي ۽ اتي پهچي ”پير هرات“ پنهنجي فرياد روڪي نه سگهيو ۽ بيچين ٿي چيائين:
    ”خدايا اين چه بو العجبي ست کھ بادوستان خود ميکني؟ تاوقتيکھ ترامي جستيم خود را يافتيم اکنو نه خود را مي جوئيم، ترامي يابيم“
    ”اي الله سائين، اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي، جيڪا تون پنهنجن دوستن سان ڪرين ٿو، جيستائين تنهنجي جستجو ڪريان ٿو، پاڻ کي لهان ٿو يا سمجهان ٿو پيو. پاڻ کي پاڻ سمجهندي تو کي سمجهي ويس.“
    اصحابن سڳورن جي جماعت هڪ وڻ هيٺان ويهي رسول عربي محمد ابن عبدالله ﷺ جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي، مگر ارشاد الاهي ٿيو ته اهو هٿ عبدالله جو نه هو بلڪه خود الله جو هٿ هو.
    اِنَّ الَّذِیۡنَ یُبَایِعُوۡنَکَ اِنَّمَا یُبَایِعُوۡنَ اللّٰہَ ؕ یَدُ اللّٰہِ فَوۡقَ اَیۡدِیۡہِمۡ ۚ(الفتح-10)
    جيڪي ماڻهو پيغمبر اسلام جي هٿ تي اتباع ۽ بيعت جو هٿ ڏين ٿا ته سندن هٿن مٿان پيغمبر اسلام جو هٿ ناهي بلڪه خدا جو هٿ هوندو آهي.
    وَ مَا رَمَیۡتَ اِذۡ رَمَیۡتَ وَلٰکِنَّ اللّٰہَ رَمٰی ۚ
    ” ۽ (اي پيغمبر صه) جڏهن تو (جنگ جي ميدان ۾ ڌوڙ جي مٺ) اُڇلي ته حقيقت اها آهي ته (اُها) تو نه اڇلي پر خدا اڇلي.“
    و وراءَ ذاک، فلا اقول لاتني
    سوءَ لسان النطق عنھ اخرس
    ” ۽ ان کان پوءِ ايئن نه چئو ته مان آهيان، ايئن ڳالهائڻ گفتگوءَ جي بڇڙائي آهي.“
    جيڪڏهن ڊيگهه کان تنگ نه ٿيا آهيو ته هڪ قسط اڃا ان موضوع تي باقي آهي:
    لذيذ برد حکايت دراز تر گفتم
    چنانکه حرف عصا نه گفت موسيٰ اندر طور
    ”ڪهاڻي وڻندڙ هئي تنهن ڪري ڊيگهه ڪيم، جيئن حضرت موسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ سان ڳالهائيندي عصا يعني پنهنجي لٺ واري ڳالهه کي ڊگهو ڪري بيان ڪيو.“


    دين جي دعوت ۽ ان جو طريقو

    بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیۡمِ
    اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡعِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ وَ جَادِلۡہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ ؕ اِنَّ رَبَّکَ ہُوَ اَعۡلَمُ بِمَنۡ ضَلَّ عَنۡ سَبِیۡلِہٖ وَ ہُوَ اَعۡلَمُ بِالۡمُہۡتَدِیۡنَ ﴿۱۲۵﴾ (النحل-125)
    ”اي پيغمبر) پنهنجي پالڻهار جي واٽ ڏانهن ماڻهن کي سڏ، اهڙيءَ طرح ، جو حڪمت جون ڳالهيون بيان ڪر ۽ سهڻي نموني چڱي نصيحت ڪر ۽ مخالفن سان بحث مباحثو ڪرين ته (اهو به) اهڙي طريقي سان ڪر، جيڪو حُسن ۽ خوبي جو طريقو هجي. تنهنجو پروردگار بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير ان جي واٽ کان گمراهه ٿي ويو آهي ۽ اهو ئي ڄاڻي ٿي ته ڪير سڌي واٽ تي آهي.“
    هن آيت ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته دعوت الي الحق جو طريقو ڪهڙو آهي. فرمايو ويو: سراسر حڪمت ۽ سهڻي نصيحت. حڪمت يعني دانائيءَ جون ڳالهيون ۽ موعظھ حسنھ يعني دل کي نرم ڪندر ڳالهين سان نصيحت، جيڪا سهڻي انداز ۾ ڪئي وڃي. ان کان پوءِ فرمايو: وجادلهم بالتي هي احسن: جيڪڏهن بحث مباحثو ڪرڻو پوي ته ڪري سگهو ٿا پر اهڙو بحث مباحثو جيڪو سهڻي نموني تي هجي. ان مان معلوم ٿيو ته دعوت حق جو طريقو حڪمت ۽ سهڻي نصيحت جو طريقو آهي. بحث مباحثي جي اجازت صرف ان صورت ۾ آهي، جڏهن اهو سهڻي انداز ۾ هجي. اهڙي طرح جيڪو بحث مباحثو احسن طريقي تي نه هجي، اهو دعوت جو طريقو نه آهي.
    احسن طريقي مان ڪهڙو مقصد آهي؟ مقصد: حق جي طلب آهي، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ نه آهي. مخالف جي اندر ۾ يقين پيدا ڪرڻو آهي. هن کي ڳالهين سان هارائڻو نه آهي. جيڪڏهن هو ڳالهين ۾ لاجواب ٿي ويو ۽ دل مان کٽڪو نه نڪتو ته پوءِ اهڙي بحث مان ڪهڙو فائدو. اهڙو اسلوب، وعظ جو نمونو، ٻول چال ۽ اهڙي نموني جا لفظ نه ڳالهايا وڃن، جيڪي مخالف جي دل کي ڏک پهچائين يا هن کي ٻڌندڙن اڳيان پشيمان، ذليل ۽ رسوا ڪندڙ هجن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن بحث مان مقصد حق جي دعوت آهي ته مخالف جي دل کي نرمي ۽ محبت سان حق ڏانهن متوجه ڪرڻو آهي، نه ڪِي ان کي ڏک پهچائڻ، ضد ۾ آڻڻ ۽ نفرت ڏيارڻ آهي. بدقسمتيءَ سان دنيا ۾ طلب حق جي وات به جهڳڙي ۽ فساد جي راهه بڻجي پئي آهي. اسان پنهنجا دنيوي مقصد ۽ مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهڻ ۽ جهڳڙي ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. جڏهن به ڪو اهڙو جهڳڙو سامهون اچي ٿو ته صرف پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ وڙهندا آهيون. ان خيال سان نه وڙهندا آهيون ته حق ۽ انصاف ڇا آهي؟ اڪثر اسان جو پنهنجو ضمير به گواهي ڏيندو آهي ته اسان حق تي نه آهيون ۽ مخالف سچ جي واٽ تي آهي، پر جيئن ته پنهنجو مطلب ڪنهن طرح حاصل ڪرڻو آهي، ان لاءِ ڪڏهن به حقيقت جو اعتراف ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون. حق ۽ انصاف جي واٽ تان اسان جيتري قدر ٿِڙي وڃون ٿا، بحث ۽ تڪرار جي سرگرمي ايتري قدر وڌي وڃي ٿي. جيڪڏهن اسان جي دعويٰ گهڻو ڪمزور هوندي ته اسان سوچينداسين ته بحث ۽ تڪرار جي ڪوشش سڀ کان وڌيڪ هجڻ گهرجي.
    ٿيڻ ته هيئن گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ دين جي معاملي ۾ ائين نه ڪريون. دنياوي معاملن ۾ ڪجهه ڏي وٺ ٿيندي رهي ٿي. تنهن ڪري خود غرض ماڻهو پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو پر دين جي واٽ ‘ڏي جواب وٺ جواب’ واري واٽ نه آهي. سچ کي سچ مڃڻ جي واٽ آهي. جيڪڏهن اسان ڪنهن ڳالهه کي سچ نه سمجهي به، سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو دين جو رستو نه بلڪه ان جي ابتڙ ٿي پوندو. پر مصيبت هيءَ اهي ته اسان سچ جي ڪم کي به ڪوڙ جو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي. اسان دين جي باري ۾ به اهڙو ئي جهڳڙو ڪريون ٿا، جهڙو دنيا جي معاملن ۾ ڪندا آهيون. اسان جڏهن به ڪنهن سان بحث ڪنداسين ته دل ۾ خيال ئي نه ايندو ته ان راهه ۾ بنيادي مقصد حق جي طلب آهي. اسان تي فرض آهي ته جيئن حق سامهون اچي، ان کي قبول ڪريون، پر اسان بحث ان ڪري ڪنداسين ته پنهنجي ۽ پنهنجي ساٿيءَ جي ڳالهه مڃرائڻي آهي. ڇا به ٿي پوي مخالف کي هارائڻو آهي. جيڪڏهن ڏسنداسين ته اسان حق ۽ انصاف تي ناهيون ته اجاين ڳالهين تي زور ڏينداسين، گندي گفتگو ڪنداسين، مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي وينداسين ۽ پوءِ چونداسين ته اسان کٽي وياسين:
    قرآن چوي ٿو ته اهو جهڳڙي جو طريقو آهي دعوت جو طريقو ناهي ۽ دين جي واٽ دعوت جي واٽ آهي، جهڳڙي ۽ فساد جي ناهي. جيڪڏهن بحث ڪرڻو آهي ته صرف احسن طريقي سان ڪري سگهجي ٿو. يعني سنئين واٽ، ديانتداري، شيرين ڪلامي ۽ وڻندڙ ڳالهه سان ڪريو. اڳتي سورت عنڪبوت (46) ۾ به اهو ئي حڪم آهي: وَ لَا تُجَادِلُوۡۤا اَہۡلَ الۡکِتٰبِ ”اهل ڪتاب سان بحث نه ڪيو، مگر نهايت سهڻي وڻندڙ طريقي سان.“
    ان کان علاوه ٻئي هنڌ فرمايو ويو.
    وَ اِنۡ عَاقَبۡتُمۡ فَعَاقِبُوۡا بِمِثۡلِ مَا عُوۡقِبۡتُمۡ بِہٖ ؕ وَ لَئِنۡ صَبَرۡتُمۡ لَہُوَ خَیۡرٌ لِّلصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۲۶﴾
    (النحل-126)
    ”۽ مخالفن جي سختيءَ جي جواب ۾ سختي ڪريو، ته گهرجي ته اهڙي ۽ اوتري ڪريو، جيتري توهان سان ڪئي ويئي آهي ۽ جيڪڏهن توهان صبر ڪريو (يعني برداشت ڪيوَ ۽ سختيءَ جو جواب سختيءَ سان نه ڏنَو) ته بيشڪ صبر ڪرڻ وارن لاءِ صبر ئي ڀلو آهي.“
    جيڪڏهن مخالف ناحق ڪرڻ، سختي ۽ زيادتي ڪرڻ ۾ سرگرم آهي ته ائين نه ٿيڻ گهرجي ته توهان به آپي کان نڪري وڃو. ائين ڪرڻ راست بازيءَ جو طريقو ناهي. اهو هڪ برائيءَ جي بدلي ۾ ٻي برائيءَ جو عمل ٿيندو، جيڪو ممڪن آهي ته پهرئين کان به وڌيڪ بڇڙو هجي. بهتر ڳالهه ته هيءَ آهي جو سختيءَ جو جواب سختيءَ سان نه ڏيو، برداشت ڪيو دل ۾ نه ڪيو ۽ بخشي ڇڏيو. ان ۾ اوهان جي حقيقي ڪاميابي آهي پر جيڪڏهن طبيعت کي قابو ۾ نٿا رکي سگهو ۽ سختيءَ جو جواب سختيءَ سان ڏيڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ انصاف کي هٿان نه ڇڏيو. جهڙي ۽ جيتري سختي توهان سان ڪئي وئي آهي، اهڙي ۽ اوتري اوهان به ڪيو، ان کان وڌيڪ زيادتي نه ڪيو. ٿوري به زيادتي ڪيو ته اهو ظلم ٿيندو ۽ ظلم پاڪبازيءَ سان گڏ نه رهندو آهي.
    غور ڪريو ته قرآن جو صرف هڪ لفظ يا هڪ ترڪيب ڪهڙيءَ طرح مقصد ۽ مسئلن جا فيصلا ڪري ڇڏي ٿي. پهرين امر جي صيغي ۾ دعوت جو حڪم ڏنو ويو: ادع الي سبيل ربڪ: اهڙي طرح هت به بدلي وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي ها ۽ چيو وڃي ها ته جيڪڏهن توهان سان سختي ڪئي ويئي آهي ته اوهان به اهڙي ئي سختي ڪريو، مگر ائين نه فرمايو ويو بلڪه چيو ويو: وان عاقبتم. جيڪڏهن ائين ٿئي جو توهان مخالف جي سختيءَ جي جواب ۾ سختي ڪرڻ گهرو ته حد کان نه وڌو. ان مان معلوم ٿيو ته سختيءَ جي جواب ۾ سختيءَ جو حڪم ناهي صرف اجازت آهي. يعني جيڪڏهن ڪو شخص اهو مرتبو حاصل نٿو ڪري سگهي، جيڪو ان باري ۾ بهتر ۽ خوبيءَ جو اصل رُتبو آهي. ليڪن اجازت کي بمثل ما عوقبتم سان پابند ڪيو ويو آهي ته جيئن زيادتيءَ جو دروازو بلڪل بند ٿي وڃي. هاڻي ٻه واٽون کليل رهجي ويون. هڪ ڀلائي ته سهپ ۽ بخشي ڇڏڻ ۾ آهي ۽ ٻي، اجازت هن جي ملي ته جيتري سختي ڪئي ويئي آهي، اوتري اوهان به ڪريو، ان کان وڌي نٿا سگهو.
    ان آيت جي تفسير ۾ امام غزالي رحمت الله عليه جي هڪ تقرير مقبول آهي، جيڪا هن قسطاس المستقيم ۾ لکي آهي ۽ پوءِ جي اڪثر مفسرن ان کي اختيار ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته برداشت ۽ فهم جي لحاظ کان هر انسان کي طبيعت هڪ جهڙي ناهي ۽ هر ذهني حالت هڪ خاص طرز جو خطاب چاهي ٿي. ارباب دانش لاءِ استدلال جي ضرورت آهي، عوام لاءِ وعظ ۽ نصيحت ۽ عداوت پسندن لاءِ بحث مباحثي جي ضرورت آهي. اهڙيءَ طرح هن آيت ۾ قرآن ٽنهي گروهن لاءِ اهي ٽي طريقا ٻڌايا آهن ته ارباب دانش کي حڪمت سان مخاطب ٿيو، عوام کي وعظ ۽ نصيحت سان ۽ عداوت پسندن لاءِ بحث مباحثي جي اجازت آهي پر احسن طريقي سان.


    احتساب جو فلسفو

    ترقي ۽ تنزل جا مختلف ڏيک ۽ درجا:
    الله تعاليٰ هن مادي دنيا جي وجود جي تخليق ۽ تقويم صرف انسانذات جي فائدي لاءِ ڪئي آهي. جهڙي ريت زمين جو فرش اسان لاءِ وڇايو ويو آهي، جنهن کي پيرن سان لتاڙيون ٿا، ساڳيءَ ريت هوا به اسان لاءِ گردش ۾ آهي، جنهن کي هٿ سان ڇُهي به نٿا سگهون. جهڙي طرح خاڪ جو هر ذرو، اسان لاءِ فضا ۾ چمڪي ٿو، اهڙي طرح سج به اسان لاءِ پنهنجي مرڪز جي چوڌاري گهمندي نور پکيڙي رهيو آهي. جهڙي طرح اسان جي جسم جو تنتي سرشتو هڪ احساس جي ڪيفيت کي نهايت تيزيءَ سان دماغ تائين پهچائي ٿو، اهڙي طرح آسمان جي سڀني سيارن جي باهمي ڪشش جي قوت کي به هڪ نظام جو پابند بڻائي، سندن گڏيل فائدن ۽ نفعن کي اسان لاءِ مهيا ڪيو ويو آهي.

    مادي جا مختلف شان (حال):
    الله تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ پنهنجي هِن جهان ۾ پيدا ڪيل شين واري احسان جو ذڪر بار بار ڪيو آهي. هڪ آيت ۾ فرمايائين ته آسمان ۽ زمين جي هر مخلوق پاڻ سان گڏ فائدي ۽ نفعي جو هڪ ڀرپور ذخيرو رکي ٿي، تنهن ڪري خدا جا صالح ٻانها اُهي آهن جيڪي هميشه ان خزاني جي ڳولا ۾ مشغول رهندا آهن.
    اِنَّ فِیۡ خَلۡقِ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ اخۡتِلَافِ الَّیۡلِ وَ النَّہَارِ لَاٰیٰتٍ لِّاُولِی الۡاَلۡبَابِ ﴿۱۹۰﴾ۚۙ الَّذِیۡنَ یَذۡکُرُوۡنَ اللّٰہَ قِیٰمًا وَّ قُعُوۡدًا وَّ عَلٰی جُنُوۡبِہِمۡ وَ یَتَفَکَّرُوۡنَ فِیۡ خَلۡقِ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ ۚ رَبَّنَا مَا خَلَقۡتَ ہٰذَا بَاطِلًا ۚ(آل عمران: 190-191)
    ”يقيناً آسمانن ۽ زمين جي خلقت ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير گهير ۾ عقل ۽ بصيرت وارن لاءِ حڪمت جون وڏيون نشانيون رکيون ويون آهن. اُهي سمجهه وارا جيڪي بيٺي، ويٺي ۽ ليٽندي مطلب ته هر حال ۾ الله تعاليٰ کي ۽ سندس قدرت ۽ حڪمت کي ياد ڪندا آهن ۽ آسماني وسعتن، زميني ڪشادگين جي حقيقت تي هميشه غور ڪندا آهن ۽ آخرڪار علم ۽ يقين جي هن نُڪتي تي پهچي وڃن ٿا ته الله تعاليٰ ڪائنات جي ڪنهن هڪ ذري کي به بغير ڪنهن مصلحت ۽ فائدي جي پيدا نه ڪيو آهي ۽ اهو سڀ ڪنهن اتفاقي تخليق ۽ سٽاءُ جو نتيجو ناهي.“
    وَ مَا خَلَقۡنَا السَّمَآءَ وَ الۡاَرۡضَ وَ مَا بَیۡنَہُمَا لٰعِبِیۡنَ ﴿۱۶﴾ (انبياءَ: 16)
    ”۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪو ڪجهه انهن ۾ آهي، صرف کيل ۽ تماشو نه بڻايو آهي بلڪه انهن مان هر شيءِ پنهنجي اندر تخليق جو هڪ خاص مقصد، هڪ خاص خاصيت، هڪ خاص اثر ۽ هڪ نرالو ڪارڻ رکي ٿي.“
    پوءِ فرمايو ويو ته اهي سڀئي فائد ا۽ نفعا صرف انسان لاءِ مخصوص آهن پر جيئن ته انسان زمين تي رهي ٿو ۽ ان جا فائدا آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري زمين جي ئي نفعن کي خاص طور تي بيان ڪيو ويو.
    ہُوَ الَّذِیۡ خَلَقَ لَکُمۡ مَّا فِی الۡاَرۡضِ جَمِیۡعًا(البقرة-29)
    ”اُهو آسمانن ۽ زمين جو رب ئي ته آهي، جنهن زمين جي هر شيءِ کي، توهان لاءِ پيدا ڪيو ته جيئن توهان ان مان فائدو وٺو. “
    ان کانپوءِ ڪيترين ئي آيتن ۾ سڀني وڏين وڏين تخليقن جو تفصيل بيان ڪيو ۽ انهن کي به پنهنجي هڪ نشاني قرار ڏنو.
    وَ جَعَلۡنَا السَّمَآءَ سَقۡفًا مَّحۡفُوۡظًا ۚۖ وَّ ہُمۡ عَنۡ اٰیٰتِہَا مُعۡرِضُوۡنَ ﴿۳۲﴾
    وَ ہُوَ الَّذِیۡ خَلَقَ الَّیۡلَ وَ النَّہَارَ وَ الشَّمۡسَ وَ الۡقَمَرَ ؕ کُلٌّ فِیۡ فَلَکٍ یَّسۡبَحُوۡنَ ﴿۳۳﴾
    (انبياءِ: 32-33)
    ” ۽ ڏسو اسان آسمان کي زمين مٿان مضبوط ۽ محفوظ ڇت وانگر بڻايو ۽ ڪهڙي طرح ان مان پنهنجي حڪمت، قدرت ۽ طرح طرح جي مصلحتن ۽ رازن جو اظهار ڪيو پر انسان جي گمراهي آهي جو هُن سڀ ڪجهه هوندي به آسماني موجودات جي عجيب ۽ غريب نشانين کان بهاکيون ٻوٽي رکيون آهن. پوءِ ڏسو، ته ان ذات کانسواءِ ٻيو ڪير آهي، جنهن رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ کي زمين لاءِ قائم ڪيو؟ ۽ سج ۽ چنڊ کي پيدا ڪيو جيڪي آسمان ۾ ترندا رهندا آهن.“
    اَللّٰہُ الَّذِیۡ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ وَ اَنۡزَلَ مِنَ السَّمَآءِ مَآءً فَاَخۡرَجَ بِہٖ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزۡقًا لَّکُمۡ ۚ وَ سَخَّرَ لَکُمُ الۡفُلۡکَ لِتَجۡرِیَ فِی الۡبَحۡرِ بِاَمۡرِہٖ ۚ وَ سَخَّرَ لَکُمُ الۡاَنۡہٰرَ ﴿ۚ۳۲﴾
    (ابراهيم:32)
    ”اهو الله ئي ته آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آسمان کان پاڻي وسايو، ان جي آبياري سان توهان لاءِ قسمين قسمين غذائون پيدا ڪيائين، پوءِ اها ته ان پاڻيءَ جي فائدن جي پالوٽ هئي، جيڪو مٿان ڪري ٿو، پر جيڪو پاڻي توهان جي پيرن هيٺيان وهي رهيو آهي، ان جو فائدو به اوهان کي بخشي ڇڏيائين. پوءِ سمنڊ جي دهشت ڀرين موجن تي اوهان کي اهڙي ريت قابض ڪيائين جو اوهان ٻيڙيون ٺاهيون ۽ اهي اهڙيون آسانيءَ سان پاڻي تي ترنديون رهن ٿيون ڄڻ سمنڊ به خشڪي وانگر اوهان جو گذر گاهه آهي ۽ توهان ان جي جنهن حصي ۾ وڃڻ چاهيو، خشڪيءَ وانگر هلي وڃي سگهو ٿا.“
    کَذٰلِکَ سَخَّرۡنٰہَا لَکُمۡ لَعَلَّکُمۡ تَشۡکُرُوۡنَ ﴿۳۶﴾ (حج: 36)
    ”اهڙي طرح اسان اوهان جي لاءِ جانورن کي مُٺ ۾ آڻي ڇڏيو ته جيئن توهان الله جي نعمتن جو شڪر ڪريو.“
    اَلَمۡ نَجۡعَلِ الۡاَرۡضَ مِہٰدًا ۙ﴿۶﴾ وَّ الۡجِبَالَ اَوۡتَادًا ﴿۪ۙ۷﴾ وَّ خَلَقۡنٰکُمۡ اَزۡوَاجًا ۙ﴿۸﴾
    (النبا: 6-7-8)
    ”ڇا اسان زمين کي توهان لاءِ هڪ پٿرڻي وانگر نه وڇائي ڇڏيو آهي؟ ڇا هي اسان جي حڪمت ۽ قدرت ناهي جو جبلن کي بلند ڪيوسين ۽ ميخن وانگر کوڙيوسين؟ پوءِ ڇا اهي اسان ئي ناهيون، جنهن اوهان کي ٻن جنسن (نر ۽ مادي) ۾ ورهائي ڇڏيو؟“

    مادو ۽ قوت:
    دنيا مادي ۽ قوت ٻنهي جي مجموعي جو نالو آهي، تنهن ڪري دنيا جو ڪو به عمل انهن جي ميلاپ/گڏجڻ کان سواءِ پورو ٿي نٿو سگهي. مادي سرشتي جي هر ڪڙي ان وقت تائين وکريل رهي ٿي، جيستائين قوت ان ۾ ترتيب ۽ وجود ۾ آڻڻ جو عمل يا تڪوين پيدا نه ڪري. ان بنياد تي خدا انهن مادي حالتن سان گڏ اسان جي اندر مختلف قوتون به پيدا ڪيون، جيڪي هن ڪائنات جي مادي مان فائدو وٺڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو قرآن ۾ اسان جي مٿان انهن قوتن جي ذريعي احسان ڪرڻ جو ذڪر هر هنڌ ڪيو ويو آهي.
    قُلۡ ہُوَ الَّذِیۡۤ اَنۡشَاَکُمۡ وَ جَعَلَ لَکُمُ السَّمۡعَ وَ الۡاَبۡصَارَ وَ الۡاَفۡـِٕدَۃَ ؕ قَلِیۡلًا مَّا تَشۡکُرُوۡنَ ﴿۲۳﴾
    (الملڪ: 23)
    ”چئو ته اها اهڙي جوڙ جوڙيندڙ ذات آهي، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان جي اندر باطني ۽ ظاهري حواس ۽ ان جون قوتون رکيائين.“
    انهن قوتن مان فائدو وٺڻ لاءِ ڪامل وسعت ۽ طاقت جي ضرورت هئي. ان لاءِ خدا ان احسان جي به تڪميل ڪري ڇڏي.
    قُلۡ ہُوَ الَّذِیۡ ذَرَاَکُمۡ فِی الۡاَرۡضِ وَ اِلَیۡہِ تُحۡشَرُوۡنَ ﴿۲۴﴾ (الملڪ:24)
    ”خدا ئي اوهان کي زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ته پنهنجن قوتن ذريعي پوري ڪشادگيءَ سان فائدو وٺو ۽ پوءِ اهو ئي اوهان کي پاڻ ڏانهن سهيڙي وٺندو.“

    مٿاهين تدبير ڪندڙ قوت:
    پر اهي قوتون توانائي ۽ هوا، بخارجڻ ۽ ٻاڦجڻ وانگر حرڪت پيدا ڪرڻ جي طاقت ته رکن ٿيون پر اسان کي بذات خود منزل مقصود تائين وٺي وڃي نٿيون سگهن. اهي صرف حرڪت پيدا ڪري سگهن ٿيون پر حرڪت لاءِ کاٻي، ساڄي ڏکڻ ۽ اتر، هيڏي ۽ هوڏي؛ سڀئي راهون هڪ جهڙيون آهن. اهي قوتون واٽ ۽ طرف مقرر نٿيون ڪري سگهن. تنهن ڪري اهي زمين جي هيٺاهين ۽ مٿاهين ليول ۾ فرق به نٿيون ڪري سگهن . خدا ئي آهي جنهن اسان کي خير ۽ شر جون ٻئي واٽون پڌريون ڪري ڏيکاري ڇڏيون آهن.
    اَلَمۡ نَجۡعَلۡ لَّہٗ عَیۡنَیۡنِ ۙ﴿۸﴾ وَ لِسَانًا وَّ شَفَتَیۡنِ ۙ﴿۹﴾ وَ ہَدَیۡنٰہُ النَّجۡدَیۡنِ ﴿ۚ۱۰﴾
    (البلد: 8-9-10)
    ”ڇا اسان انسان کي اکيون، چپ ۽ ڄڀ ڏيئي خير ۽ شر، حق ۽ ناحق، اتر ۽ ڏکڻ جا ٻه رستا نه ڏيکارياسون.“
    جهڙي طرح انجڻ کي هلائڻ لاءِ هڪ ڊرائيور جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن اها ٻاڦ جي طاقت کي سڌي رستي تي لڳائي، تهڙي طرح اهي قوتون به هڪ ذي شعور محاسب جون محتاج ٿين ٿيون، جيڪو انهن ۾ تنظيم ۽ ترتيب ۽ صحيح ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته کانئن بلڪل صحيح ۽ عادلانه ڪم وٺي ٿو. تنهن ڪري خدا هر شيءِ جي اندر فطري طور تي محاسب کي به پيدا ڪيو.
    قَالَ رَبُّنَا الَّذِیۡۤ اَعۡطٰی کُلَّ شَیۡءٍ خَلۡقَہٗ ثُمَّ ہَدٰی ﴿۵۰﴾ (طٰھ: 50)
    ”منهنجو پالڻهار اهو آهي، جنهن هر شيءِ کي خلقت ڏني ۽ پوءِ ان کي ظاهري ۽ باطني حواس ڏيئي، عمل جو رستو به ڏيکاريائين.“
    فطرت انسان کي اهو حصو ٻي مخلوق کان وڌيڪ ڏنو.
    لَقَدۡ خَلَقۡنَا الۡاِنۡسَانَ فِیۡۤ اَحۡسَنِ تَقۡوِیۡمٍ ۫﴿۴﴾ (والتين:4)
    ”اسان انسان کي هڪ تمام سهڻي عادل فطرت جي قالب ۾ پيدا ڪيو آهي.“
    اها ئي سهڻي ۽ عادل فطرت ۽ مٿاهين خلقت آهي، جيڪا نبين سڳورن جي روپ ۾ ظاهر ٿي، تنهن ڪري اهي خدا جي ان احسان جو بار بار ذڪرڪندا آهن. اها ئي اصلي صالح فطرت آهي، جيڪا انهن جي زماني ۽ دور جي عام اونداهي ۽ گمراهيءَ ۾ چمڪي، حقيقي محبوب ڏانهن سنئين واٽ ڏيکاري ٿي.
    وَ اِذۡ قَالَ اِبۡرٰہِیۡمُ لِاَبِیۡہِ وَ قَوۡمِہٖۤ اِنَّنِیۡ بَرَآءٌ مِّمَّا تَعۡبُدُوۡنَ ﴿ۙ۲۶﴾ اِلَّا الَّذِیۡ فَطَرَنِیۡ فَاِنَّہٗ سَیَہۡدِیۡنِ ﴿۲۷﴾ (الزخرف: 27-26)
    ”ابراهيم پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو، هڪ خدا کي ڇڏي توهان پنهنجي پوڄا جا جيڪي ڪوڙا معبود ٺاهيا آهن، آئون پنهنجو پاڻ کي انهن کان الڳ ڪريان ٿو، آئون صرف ان معبود حقيقي جو ٿي رهيو آهيان، جنهن مون کي پيدا ڪيو، ان ڪري صرف اهو ئي آهي جو منهنجي صالح فطرت جي ذريعي هدايت ڪندو.“

    جهان کي قائم رکندڙ ٽي ارڪان:
    اهڙي طرح دنيا جو فطري نظام ٽن شين يا رڪنن سان مڪمل ٿئي ٿو: مادو، قوت ۽ انهن ٻنهي کان مٿاهين هڪ ذي شعور طاقت، جيڪا انهن ٻنهي ۾ اتفاق ۽ اتحاد پيدا ڪري ٿي. اها ذي شعور طاقت صالح فطرت آهي، جا خود انسان ۾ به موجود آهي.
    خدا تعاليٰ ڪائنات جي نظام ۾ انهن ٽنهي ڪڙين جو ذڪر ترتيب سان هڪ سورت ۾ هن طرح ڪيو آهي.
    وَ الشَّمۡسِ وَ ضُحٰہَا ۪ۙ﴿۱﴾ وَ الۡقَمَرِ اِذَا تَلٰىہَا ۪ۙ﴿۲﴾ وَ النَّہَارِ اِذَا جَلّٰىہَا ۪ۙ﴿۳﴾ وَ الَّیۡلِ اِذَا یَغۡشٰىہَا ۪ۙ﴿۴﴾ وَ السَّمَآءِ وَ مَا بَنٰہَا ۪ۙ﴿۵﴾ وَ الۡاَرۡضِ وَ مَا طَحٰہَا ۪ۙ﴿۶﴾ وَ نَفۡسٍ وَّ مَا سَوّٰىہَا ۪ۙ﴿۷﴾ فَاَلۡہَمَہَا فُجُوۡرَہَا وَ تَقۡوٰىہَا ۪ۙ﴿۸﴾ قَدۡ اَفۡلَحَ مَنۡ زَکّٰىہَا ۪ۙ﴿۹﴾
    وَ قَدۡ خَابَ مَنۡ دَسّٰىہَا ﴿ؕ۱۰﴾ (الشمس: 1-10)
    ”سج ۽ ان جي حرارت ۽ روشني ۽ چنڊ جيڪو ان کان پوءِ روشني ڦهلائي ٿو ۽ ڏينهن جيڪو رات جي اونداهيءَ کي ختم ڪري ٿو ۽ رات جي اونداهي جيڪا ڏينهن جي روشني مٿان ڇائنجي وڃي ٿي، آسمان ۽ سندس عجيب غريب بناوٽ، زمين ۽ سندس حيرتناڪ ڦهلاءُ ۽ وري مادي دنيا جي سڀني لقائن ۽ شين کانپوءِ روح انساني ۽ ان جو قادر مطلق، جنهن اهڙي مناسب، موزون، سنئين ۽ عادلانه صالح فطرت ڏني ۽ آخرڪار خير ۽ شر، حق ۽ باطل، صحت ۽ بيماري، عدل ۽ اسراف، نور ۽ گمراهي ٻنهي واٽن کي هن تي کولي ڇڏيو. اهڙي ريت هاڻي ڪامياب وجود اهو آهي، جنهن پنهنجي محتسب قوت جي عمل سان، پنهنجي صالح فطرت کي ملاوٽ کان بلڪل پاڪ رکيو ۽ اهو نامراد انسان آهي، جنهن ان کي ضايع ڪيو.“
    هن سورت ۾ سڀ کان پهرين الله تعاليٰ ڪائنات جي مظهرن ۽ مادي شين جي شهادت ڏني آهي. تنهن کانپوءِ نفس انساني جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان جي فطري اصلاح طرف اشارو ڪيو آهي. آخر ۾ فلاح ۽ گهاٽي جو معيار هيءُ ٻڌايو ته الهام، خير ۽ شر جي تڪرار ۽ ڪشمڪش ۾ سنئين واٽ تي ۽ محتسب رهڻ، صالح فطرت کي گمراهي کان پاڪ رکڻ ۾ آهي. ان ۾ پهريون درجو مادي جو آهي، ٻيو قوت جو ۽ ٽيون انهن کان مٿاهون ذي شعور عامل ۽ محتسب قوت جو آهي.
    اهو ئي آخري جزو، جيڪو مادي ۽ قوت ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ پوءِ صحيح عمل پيدا ڪري ٿو، حيقيت ۾ اهو ئي احتساب جو بنياد آهي ۽ ان تي ئي امربالمعروف و النهي عن المنڪر جي عظيم الشان عمارت قائم ٿئي ٿي. قرآن حڪيم ان کي امر بالمعروف ۽ النهي عن المنڪر يعني نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ چيو آهي ۽ فطرت جو صحيح علم قرار ڏنو آهي. ڪائنات جو نظام عدل ۽ تڪوين، انهن ٽنهي ارڪانن تي قائم آهي.

    احتساب جا درجا:
    هن دنيا جو نظارو ترقي پذير آهي، تنهن ڪري ان نظام جي هر ڪڙي ترقيءَ ڏانهن قدم وڌائي رهي آهي. مادو ڪائنات جي تخليق جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين سوين روپ ڌاري چڪو آهي. هڪ طاقتور جسم ننڍپڻ کان پوڙهائپ تائين ترقي ۽ تنزل جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪري ٿو. اهڙي طرح ارتقاءَ ۽ نشو و نما جي اصول تحت، قوت سان گڏ قوت احتساب به ترقي ڪندي رهي ٿي. بهرحال سڀ کان پهريون انسان جي اندر مان بڇڙائيءَ جي صدا بلند ٿئي ٿي:
    اِنَّ النَّفۡسَ لَاَمَّارَۃٌۢ بِالسُّوۡٓءِ . (يوسف-53)
    ”نفس برائي ڏانهن تمام گهڻو ڇڪيندڙ آهي.“
    تنهن ڪري هن جي قوت احتساب سڀ کان پهرين نفس جي خلاف عمل ڪري ٿي. گناهه ڪرڻ کانپوءِ هر شخص پشيمان ٿئي ٿو، هن جو ضمير جهڙي نموني هن تي ملامت ڪري ٿو، حقيقت ۾ اهو ان فطري احتساب جو اثر آهي.
    وَ لَاۤ اُقۡسِمُ بِالنَّفۡسِ اللَّوَّامَۃِ ؕ﴿۲﴾ (القيامه-6)
    ”ان پاڪ روح جو قسم جو گناهه ڪرڻ کانپوءِ انسان کي ڏاڍي ملامت ٿو ڪري.“
    ارتقا جي اصول موجب اهو ترقيءَ جو اهو نقطو آهي، جتان ارتقاءَ (جسمانيت مان) حرڪت ڪري جمادات ۽ نباتات جي قالب ۾ اچي ٿي. تنهن کانپوءِ ان قوت جي حيواني مظهرن جي منزل شروع ٿئي ٿي. حيوانن وانگر انسان به پنهنجن ٻارن جي تربيت ۽ رهنمائي لاءِ ان قوت کي استعمال ڪري ٿو. جيڪا تڙپ هن جي اندر ٿئي ٿي سا پنهنجي اولاد ۾ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.
    یٰبُنَیَّ اَقِمِ الصَّلٰوۃَ وَ اۡمُرۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ انۡہَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ اصۡبِرۡ عَلٰی مَاۤ اَصَابَکَ ؕ اِنَّ ذٰلِکَ مِنۡ عَزۡمِ الۡاُمُوۡرِ ﴿ۚ۱۷﴾ (القمان:17)
    ”اي منهنجا پٽ! صلوات الاهيءَ کي قائم ڪر، نيڪيءَ جو ماڻهن کي حڪم ڏي، برائي کان روڪ ۽ ان احتساب جي فرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪي تڪليفون سهڻيون پون، انهن تي صبر ڪر، اهي پختي ارادي ۽ اعليٰ درجي جا ڪم آهن.“
    حيوانن جي تڪميل جي آخري نقطي کان انسانيت جي حد شروع ٿئي ٿي. هڪ ڪامل انسان دنيا جي تختي تي جلوه گر ٿي، خدا جي نور کي پنهنجي اندر جذب ڪري دنيا اڳيان ظاهر ڪري ٿو.
    اِنَّ اللّٰہَ یَاۡمُرُ بِالۡعَدۡلِ وَ الۡاِحۡسَانِ وَ اِیۡتَآیِٔ ذِی الۡقُرۡبٰی وَ یَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ وَ الۡبَغۡیِ ۚ یَعِظُکُمۡ لَعَلَّکُمۡ تَذَکَّرُوۡنَ ﴿۹۰﴾ (النحل-90)
    ”خدا عدل، احسان ۽ مائٽيءَ وارن جا حق ادا ڪرڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ هر قسم جي بڇڙاين ۾ هر قسم جي ظلم کان روڪي ٿو. خدا اها نصيحت ان ڪري ٿو ڪري ته مانَ اوهين عبرت وٺو.“
    چنڊ دنيا ۾ اها ئي روشني ڦهلائي ٿو، جيڪا هو سج کان حاصل ڪري ٿو. اهڙي ريت هي انسان به اهو ئي فرض ادا ڪري، جنهن تي خدا هن کي مقرر ڪيو آهي.
    یَاۡمُرُہُمۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہٰہُمۡ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ یُحِلُّ لَہُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیۡہِمُ الۡخَبٰٓئِثَ
    (الاعراف-157)
    ”انهن کي نيڪي جو حڪم ڪندو آهي، بڇڙاين کان جهليندو آهي، سٺيون ۽ صالح شيون حلال ڪندو آهي ۽ بڇڙيون شيون حرام ڪندو آهي.“
    هاڻي انهن ئي خوبين ۽ گڻن کي اپنائي، هن جو پاڪ نسل دنيا ۾ پکڙجي ٿو ۽ ڪامل انسانيت جو ظهور عام ٿي وڃي ٿو:
    کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
    (آل عمران:110)
    ”توهان ماڻهو دنيا جي بهترين اُمت آهيو، جنهن کي خدا دنيا جي هدايت لاءِ ظهور ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ ته نيڪيءَ جو حڪم ڪندا آهيو ۽ بڇڙائيءَ کان جهليندا آهيو.“

    روحاني ارتقا:
    ترقيءَ جي ان مقام تي پهچي، ارتقا جون اهي چارئي منزلون طئي ٿي وڃن ٿيون ۽ هن عالم کي طئي ڪرڻ جو سَهرو Evolution جي مٿان آهي.
    ساڳي وقت مادي ارتقا ۽ امر بالمعروف جي درجن ۾ هڪ باريڪ فرق آهي. جڏهن واڌ ۽ ترقيءَ جي واٽ ۾ جمادات جي ترقي پنهنجي آخري منزل تي پهچي وڃي ٿي ۽ انساني نسل زمين تي ڦهلجي وڃي ٿو ته مادي جي ارتقاءَ جا قانون هڪدم معطل ٿي وڃن ٿا ۽ ان کان پوءِ ٻيو ڪوبه نئون قانون عمل ۾ نٿو اچي پر امر بالمعروف و النهي عن المنڪر پنهنجي آخري درجي تي پهچي ۽ هڪ نئين قوت پيدا ڪري ٿو جنهن کي شريعت جي اصطلاح ۾ صلواة الاهي چئجي ٿو. صلواة الاهي ۾ اهي سڀئي ڪامل، حقيقي ۽ عادلانه عمل موجود آهن، جن کي هڪ ڪامل انسان خدا جي اطاعت جي برتري ذريعي انجام ڏيئي سگهي ٿو. اهڙي ريت هر عام ‘انساني فعل’ اڃا وڌيڪ تحرڪ، ترقي ۽ نشو و نما وٺي ‘عبادت’ ٿي پوي ٿو. مطلب ته اها ئي قوت آهي، جيڪا پنهنجي خاموش زبان سان دنيا کي هدايت ڪري ٿي:
    اِنَّ الصَّلٰوۃَ تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ(العنڪبوت: 45)
    ”نماز هر قسم جي بڇڙاين کان روڪي ٿي.“
    حضرت شعيب عليه السلام جي قوم کي اها ئي اعليٰ ترين عملي قوت، شرڪ ۽ بت پرستيءَ کان جهليندي هئي، تنهن ڪري انهن ماڻهن چيو:
    اَصَلٰوتُکَ تَاۡمُرُکَ اَنۡ نَّتۡرُکَ مَا یَعۡبُدُ اٰبَآؤُنَاۤ. (هود: 87)
    ”ڇا تنهنجي عبادت تو کي اهو حڪم ڏي ٿي ته، ان واٽ کي ڇڏي ڏيون، جنهن تي اسان جا پيءُ ڏاڏا عمل ڪندا هئا ۽ جنهن شيءِ کي اهي پوڄيندا هئا؟“

    تنزل جو قانون:
    پر جهڙي احتسابي قوت ترقي ڪئي هئي، تهڙي ريت تنزل جا درجا به شروع ٿين ٿا. جيڪو ماڻهو/انسان پنهنجي ٻارن جي احتسابي قوت کي ترقي وٺائي سگهيو هو، وقت اچڻ تي خود پنهنجي احتسابي قوت کي فنا ڪري ڇڏي ٿو. هن جا سڀئي ظاهري ۽ باطني حواس گمراهيءَ جي اثر سبب معطل ٿي وڃن ٿا. ايستائين جو هو ظاهر ظهور منڪرات ۽ گناهه ڪرڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجي صالح ۽ سليم فطرت کي بگاڙي ڇڏي ٿو. حضرت لوط عليه السلام فرمايو هو ته:
    اَئِنَّکُمۡ لَتَاۡتُوۡنَ الرِّجَالَ وَ تَقۡطَعُوۡنَ السَّبِیۡلَ ۬ۙ وَ تَاۡتُوۡنَ فِیۡ نَادِیۡکُمُ لۡمُنۡکَرَ ؕ(العنکبوت:29)
    ”توهان ماڻهو خلاف وضع فطري جا مرتڪب آهيو، ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙا هڻندا آهيو ۽ پنهنجين مجلسن ۾ ظاهر ظهور بڇڙايون ڪندا آهيو.“
    ان ڪري زندگيءَ جا نباتاتي ۽ حيواني ٻئي درجا فنا ٿي وڃن ٿا. ڪامل انسانيت جو ظهور درجي به درجي ترقيءَ جي عمل جو نتيجو هو. جڏهن ان جون ابتدائي ڪڙيون ٽٽي پون ٿيون ته انسانيت جو ڪامل درجو به (جيڪو آخري ڪڙيءَ جي حيثيت رکي ٿو) فنا ٿي وڃي ٿو، بلڪه فنا ڪيو وڃي ٿو:
    اِنَّ الَّذِیۡنَ یَکۡفُرُوۡنَ بِاٰیٰتِ اللّٰہِ وَ یَقۡتُلُوۡنَ النَّبِیّٖنَ بِغَیۡرِ حَقٍّ ۙ (آل عمران: 21)
    ”اهي ماڻهو جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهن جو سڀ کان وڏو انڪار هي آهي جو انهن جي پهچائيندڙن ۽ دعوت ڏيندڙن کي ناحق قتل ڪن ٿا.“
    هاڻي انهن ئي ماڻهن جي هٿان، ڪامل انسانن جو اهو نسل به فنا ٿي وڃي ٿو، جيڪو ان احتساب جي فرٰض کي ادا ڪري ٿو.
    وَّ یَقۡتُلُوۡنَ الَّذِیۡنَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡقِسۡطِ مِنَ النَّاسِ ۙ(آل عمران-21)
    ” ۽ اهي بدبخت انهن پاڪ انسانن کي به قتل ڪن ٿا جيڪي عدل ۽ صراط مستقيم طرف انسانن کي سڏين ٿا ۽ حق جو حڪم ڪن ٿا.“
    پر ترقي ۽ تنزل جا اهي درجا ساڳي اصول جي تابع آهن. جهڙي ريت حق پرست نسل درجي به درجي ترقيءَ کانپوءِ پيدا ٿيو هو، فنا به اهڙي ريت ٿئي ٿو. امر بالمعروف ۽ انساني احتساب جي ترقيءَ جا ڪيترائي درجا آهن. ان وانگر ان نسل جو تنزل به ٽن درجن ۾ ورهايل آهي. جيتوڻيڪ اهو گمراهه نسل شروعات ۾ پاڻ نيڪيءَ تي عمل نٿو ڪري پر ٻين کي رسمي طور ۽ عادتن طور نيڪي ڪرڻ جو حڪم ضرور ڏيندو رهي ٿو. اهو تنزل جو پهريون درجو آهي.
    اَتَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبِرِّ وَ تَنۡسَوۡنَ اَنۡفُسَکُمۡ (البقرة:44)
    ”ٻين کي ته نيڪيءَ جو حڪم ڏين ٿا پر خود پنهنجن نفسن کي وسارين ٿا، جيڪي سڀ کان وڌيڪ ان حڪم جا مستحق آهن.“
    پوءِ آهستي آهستي اها حالت ايستائين پهچي ٿي جو اهو نسل ٻين کي برائيءَ جو حڪم ڏيڻ لڳي ٿو. ان ريت حقيقي احتساب جو آخري نشان به مٽجي وڃي ٿو. تنهن هوندي به اهو اڃا ٻيو درجو آهي.
    الَّذِیۡنَ یَبۡخَلُوۡنَ وَ یَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبُخۡلِ (النساء-37)
    ”اهي بدبخت جيڪي پاڻ به بخل ڪندا آهن ۽ ٻين کي به بخل ڪرڻ جو حڪم ڪندا آهن (ان ريت الله جي ڏنل طاقت کي سندس واٽ ۾ نه ته خرچ ڪرڻ گهرن ٿا ۽ نه ٻين کي خرچ ڪرڻ ڏين ٿا.)“
    ان کانپوءِ هڪ درجو ٻيو به اچي ٿو. ان ٻئي درجي ۾ اهو نسل بڇڙائيءَ جو صرف حڪم ڏيندو هو پر نيڪ ڪمن ۾ رڪاوٽ پيدا نه ڪندو هو. هاڻي هي ٽيون درجو الاهي قوت جو گم ٿيڻ ۽ شيطان جي تسلط جي سامهون اچي ٿو، جنهن ۾ صرف هي نٿو ٿئي ته بڇڙائي ڪجي ۽ بڇڙائي جي تعليم ڏجي، پر ابليسيت جي انهن ٻنهي وصفن سان گڏ هي شيطانيت به ٿئي ٿي جو باطل جا پرستار، حق جي خلاف ويڙهه ڪندا آهن ۽ سچائي ۽ نيڪيءَ کي دنيا مان بلڪل فنا ۽ برباد ڪرڻ گهرندا آهن.
    اَلۡمُنٰفِقُوۡنَ وَ الۡمُنٰفِقٰتُ بَعۡضُہُمۡ مِّنۡۢ بَعۡضٍ ۘ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمُنۡکَرِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمَعۡرُوۡفِ
    (توبه:67)
    ”منافق مرد ۽ منافق عورتون جيڪي باطل جي مدد ۾ ۽ حق جي مخالفت ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي آهن، بڇڙائيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ ان سان گڏ دنيا کي نيڪيءَ کان جهلين ٿا.“
    پستي ۽ زوال جو اهو ئي درجو آهي جتي پهچي ان نسل جو خاتمو ٿي وڃي ٿو. امر بالمعروف جي حڪم ڪندڙن کي ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو وڃي ٿو. انهن کي يعني سندن جماعت کي قسمين قسمين تڪيلفون ۽ دنيوي سزائون ڏيئي قتل ڪيو وڃي ٿو، جيڪي دنيا کي هڪ عام دعوت ڏيندا هئا ۽ اها ئي انسانيت ڪبريٰ جي مقام جي آخري منزل هئي.

    ضرورت ۽ مقصد:
    ان مان اوهان اندازو لڳائي ورتو هوندوته امر بالمعروف و النهي عن المنڪر هڪ روح عامه جو نالو آهي، جيڪو سموري ڪائنات مٿان حڪومت ڪري ٿو پر ان روح جا روپ مختلف ٿين ٿا. حيوان ۽ انسان ٻنهي ۾ روح آهي پر ٻنهي جا آثار ۽ نتيجا مختلف هوندا آهن. حيوان روح ۾ اهو نور ناهي جنهن سان انسان جو دماغ روشن آهي. اهڙي ريت امر بالمعروف جو روح جيتوڻيڪ سموري عالم تي اثر رکندڙ آهي، پر ترقي ۽ تنزل جي لحاظ کان ان جا به مختلف درجا آهن. ان روح جو سڀ کان اعليٰ نماءُ خود خدا ذوالجلال جي ذات آهي.
    اِنَّ اللّٰہَ یَاۡمُرُ بِالۡعَدۡلِ وَ الۡاِحۡسَانِ وَ اِیۡتَآیِٔ ذِی الۡقُرۡبٰی وَ یَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ
    وَ الۡمُنۡکَرِ وَ الۡبَغۡیِ ۚ(نحل:90)
    ”خدا عدل، احسان، مائٽن جا حق ادا ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿو ۽ هر قسم جي بڇڙاين ۽ هر قسم جا حق غصب ڪرڻ کان روڪي ٿو.“
    پر خدا جي نور کي اهي ماڻهو ڏسندا آهن، جن جي دلين ۾ خدا جو خوف هوندو آهي:
    اِنَّمَا یَخۡشَی اللّٰہَ مِنۡ عِبَادِہِ الۡعُلَمٰٓؤُا ؕ(فاطر:28)
    ”خدا جي ٻانهن مان صرف اهي خدا جو خوف پنهنجي اندر رکندا آهن، جيڪي ارباب علم ۽ بصيرت آهن.“
    تنهن ڪري اهو روح سڀ کان پهرين انهن جي دلين ۾ امر بالمعروف و النهي عن المنڪر جو احساس پيدا ڪري ٿو.
    وَ اَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ وَ نَہَی النَّفۡسَ عَنِ الۡہَوٰی ﴿ۙ۴۰﴾ (النزعات:40)
    ”اهو شخص جيڪو پنهنجي خدا کان ڊنو ۽ جنهن نفس کي برين خواهشن کان روڪي رکيو.“
    اهو روح ڪڏهن ڪڏهن ترقي ڪري وڏا وڏا درجا ماڻي ٿو ۽ ڪڏهن ان جو جزو نبوت بڻجي پوي ٿو.
    يامرهم بالمعروف و ينهاهم عن المنڪر و يحل لهم الطيبات و يحرم عليهم الخبآئث. هي آيت سڳوري مٿي بيان ٿي چڪي آهي.
    وري ڪڏهن اهو روح هڪ مسلم ۽ عادل اُمت جي خلافت مان ظاهر ٿئي ٿو.
    اَلَّذِیۡنَ اِنۡ مَّکَّنّٰہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَوُا الزَّکٰوۃَ وَ اَمَرُوۡا بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ نَہَوۡا عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ لِلّٰہِ عَاقِبَۃُ الۡاُمُوۡرِ ﴿۴۱﴾ (الحج:41)
    ”اهي خدا جا مومن ٻانها، جيڪڏهن اسان انهن جي خلافت کي دنيا ۾ قائم ڪيون ته انهن جو ڪم هي هوندو ته صلواة الاهي کي قائم ڪندا، الله جي واٽ ۾ پنهنجو مال خرچ ڪندا، نيڪي جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙائيءَ کان روڪيندا ۽ انجام الله جي هٿ ۾ آهي.“
    ڪڏهن نيڪ ماڻهن جي عملن مان ظهور پذير ٿئي ٿو:
    وَ اَقِمِ الصَّلٰوۃَ ؕ اِنَّ الصَّلٰوۃَ تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ لَذِکۡرُ اللّٰہِ اَکۡبَرُ
    (العنکبوت:45)
    ”صلواة الاهي کي قائم ڪر، بيشڪ اها سڀني براين کان جهليندي آهي ۽ الله جي ذڪر جو اثر ان کان به زياده ٿي سگهي ٿو.“
    ڪڏهن اهو روح هڪ حق پرست گروهه مان جلوه افروز ٿئي ٿو:
    مِنۡ اَہۡلِ الۡکِتٰبِ اُمَّۃٌ قَآئِمَۃٌ یَّتۡلُوۡنَ اٰیٰتِ اللّٰہِ اٰنَآءَ الَّیۡلِ وَ ہُمۡ یَسۡجُدُوۡنَ ﴿۱۱۳﴾ یُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ یُسَارِعُوۡنَ فِی الۡخَیۡرٰتِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ مِنَ الصّٰلِحِیۡنَ ﴿۱۱۴﴾ (آل عمران: 113-114)
    ”اها حق پرست جماعت، جنهن جي فردن جو حال هي آهي ته راتين جو اُٿي الله جو ڪلام تلاوت ڪندا آهن ۽ انهن جا سر هن جي اڳيان جهڪيل رهندا آهن. الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي يقين رکندا آهن. نيڪيءَ جو حڪم ڏيندا آهن ۽ بڇڙائيءَ کان جهليندا آهن ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ سرگرم رهندا آهن، سو اهي ئي ماڻهو آهن جن جو شمار ‘صالحن’ ۾ آهي.“
    مطلب ته هر حالت ۾ اهو روح هڪ روشني آهي جو دنيا کي ڏنو وڃي ٿو، تنهن ڪري سڀ کان پهريون هو امر بالمعروف تي عمل ڪندڙن کي ٺوڪرن کان بچائي ٿو. اهي دنيا جي ڏکن ڏولاون ۽ دردن سورن کان بچي صحيح سالم نڪري وڃن ٿا:
    فَلَمَّا نَسُوۡا مَا ذُکِّرُوۡا بِہٖۤ اَنۡجَیۡنَا الَّذِیۡنَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ السُّوۡٓءِ (الاعراف:165)
    ”۽ جڏهن انهن ماڻهن الله جي بخشيل هدايت کي وساري ڇڏيو، جيڪا امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي حڪم ذريعي انهن کي ياد ڏياري ويئي هئي ته اسان انهن جي بڇڙاين کان حق جي دعوت ڏيندڙن کي بچائي ورتو ته جيئن بدڪارن جو ظلم انهن کي نقصان نه پهچائي سگهي.“
    جيڪڏهن اها روشني نه هجي ها ته دنيا ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ وادي بڻجي پوي ها ۽ عقل جي اک ڪجهه به نه ڏسي سگهي ها:
    فَلَوۡ لَا کَانَ مِنَ الۡقُرُوۡنِ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ اُولُوۡا بَقِیَّۃٍ یَّنۡہَوۡنَ عَنِ الۡفَسَادِ فِی الۡاَرۡضِ اِلَّا قَلِیۡلًا مِّمَّنۡ اَنۡجَیۡنَا مِنۡہُمۡ ۚ وَ اتَّبَعَ الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا مَاۤ اُتۡرِفُوۡا فِیۡہِ وَ کَانُوۡا مُجۡرِمِیۡنَ ﴿۱۱۶﴾ (هود:116)
    ”جيڪي طاقتون اوهان کان اڳ گذري چڪيون آهن، انهن مان اهڙا حق جي دعوت ڏيندڙ ڇو نه پيدا ٿيا جيڪي ظلم ۽ فساد کان روڪين ها؟ بيشڪ ٿيا پر ڪي ٿورا ۽ اهي ئي ارباب اصلاح ۽ معروف هئا، جن کي ڏوهارين نقصان پهچائڻ گهريو مگر اسان انهن کي بچايو ۽ ظالم ۽ فسادي پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مبتلا رهيا. بيشڪ، اهي مجرمن مان هئا جو انهن قانون الاهي کان بغاوت ڪئي.“
    پر عام ماڻهن تي ان جي ترقي ۽ تنزل جي درجن جو اثر هڪجهڙو پوي ٿو. جهڙي ريت ڪوهيڙي ۾ روشنيءَ کي هر اک نٿي ڏسي سگهي، اهڙي ريت سج جي گولي تي به ڪو نگاهه نٿو ڄمائي سگهي. جڏهن عالمن جي احتسابي قوت سڌو سنئون عمل نٿي ڪري سگهي ته ان وقت خدا پنهنجي ڪنهن نيڪ ۽ ڪامل ٻانهي کي منتخب ڪري ٿو، جيڪو الاهي نور کي جذب ڪري سگهي ٿو. جنهن جي بصيرت ۾ سج کي ڏسڻ ۽ نور کي جمع ڪرڻ جي ڪامل طاقت موجود ٿئي ٿي. اهو ٻين جي اندر به روشنيءَ جي انهن ڪرڻن کي نافذ ڪري سگهي ٿو. اهو ئي درجو نبوت جو اعليٰ مقام آهي. ان ڪري هر شخص کي بغير ڪنهن بحث مباحثي جي انهن جي حڪمن کي قبول ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر شخص بذات خود اهو نور حاصل نٿو ڪري سگهي. هو هڪ قوت قائمه ۽ منوره جو محتاج آهي. اها منور قوت صرف مقام نبوت جي خصوصيت آهي، تنهن ڪري خدا مسلمانن کي اهو حڪم ڏنو آهي ته:
    وَ مَاۤ اٰتٰىکُمُ الرَّسُوۡلُ فَخُذُوۡہُ ٭ وَ مَا نَہٰىکُمۡ عَنۡہُ فَانۡتَہُوۡا ۚ(الحشر:7)
    ”رسول جن شين جو اوهان کي حڪم ڏي، ان تي عمل ڪيو ۽ جن شين کان روڪي ته انهن کان رڪجي وڃو.“
    اهو حڪم زوري ناهي، پر عين فطرت جي مطابق آهي، تنهن ڪري فطرت اڳيان انسان کي ڪنڌ جهڪائڻ گهرجي. گڏوگڏ هر شخص جو هي به فرض آهي ته ان روشنيءَ کي دنيا ۾ ڦهلائي ۽ جيڪڏهن دنيا ان کي قبول نه ڪري ته مايوس ۽ نااميد نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته نيڪي جو حڪم ڪڏهن به بي اثر ٿي نٿو سگهي ۽ هر حال ۾ دنيا کي بُرائي کان روڪي ٿو.
    لَوۡ لَا یَنۡہٰہُمُ الرَّبّٰنِیُّوۡنَ وَ الۡاَحۡبَارُ عَنۡ قَوۡلِہِمُ الۡاِثۡمَ وَ اَکۡلِہِمُ السُّحۡتَ ؕ لَبِئۡسَ
    مَا کَانُوۡا یَصۡنَعُوۡنَ ﴿۶۳﴾(المآئدة:63)
    ”جيڪڏهن الله وارا ۽ عالم يهودين کي بڇڙين ڳالهين کان ۽ حرام کائڻ کان نه روڪين ها ته اهي اڃا به وڌيڪ براين ۾ بدڪارين ۾ مبتلا ٿين ٿا، (مجددين حق ۽ امر بالمعروف جي دعوت ڏيندڙن جي تعليم جي باوجود) جيتريون انهن ۾ نظر اچي رهيون آهن.“

    (مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪتاب ”هجر و وصال“ تان ترجمو ڪيل)


    احتساب ۽ اسلام

    انسان جي اکين تي غفلت جا پردا اچي وڃن ٿا. هن جي دل تي جهالت ۽ گمراهيءَ جي مهر لڳي وڃي ٿي. هن جي ڏسڻ جي قوت بيهجي وڃي ٿي، تنهن هوندي به هو ايترو انڌو نٿو ٿئي جو نور ۽ ظلمت جي واضح فرق کي محسوس نه ڪري سگهي. ايتري قدر ٻوڙو به نٿو ٿئي جو سُريلو آواز ۽ تلخ گفتگو، هن جي ڪنن جي پردن تي ٻه مختلف گونجون پيدا نه ڪري سگهن. هو ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو، سمجهي ٿو. بلڪل ائين ئي هو ڪڏهن نٿو ڏسي، نٿو ٻڌي ۽ نٿو سمجهي. ڇاڪاڻ ته:
    ذَہَبَ اللّٰہُ بِنُوۡرِہِمۡ وَ تَرَکَہُمۡ فِیۡ ظُلُمٰتٍ لَّا یُبۡصِرُوۡنَ ﴿۱۷﴾ صُمٌّۢ بُکۡمٌ عُمۡیٌ فَہُمۡ لَا یَرۡجِعُوۡنَ ﴿ۙ۱۸﴾
    (البقرة-17-18)
    ”خدا انهن ماڻهن جي اکين جو نور کسي ورتو ۽ کين اونداهي ۾ ڇڏي ڏنو. هاڻي انهن کي ڪجهه نظر نٿو اچي. ٻوڙا، گونگا، انڌا ٿي ويا آهن. بهرحال ڪنهن به طرح اهي سنئين واٽ تي نٿا اچي سگهن.“
    هي لفطن جي ضدن جو ميڙ ناهي، بلڪه ڪائنات جو هڪ لڪل راز آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ ڏوهه ناهي، بلڪه هنر آهي. دنيا جي هر شيءِ ۾ خير ۽ شر مليل آهي. گلن سان گڏ ڪنڊا آهن. ماکيءَ جي لار زهريلن ڏنگن هيٺان آهن، نور، ظلمت سان ڳنڍيل آهي. مٺو پاڻي ۽ کارو پاڻي گڏوگڏ وهن ٿا.
    مَرَجَ الۡبَحۡرَیۡنِ یَلۡتَقِیٰنِ ﴿ۙ۱۹﴾ (رحمان:19)
    ”هن کاري پاڻي ۽ مٺي پاڻي جا ٻه سمنڊ ڪڍيا، جيڪي پاڻ ۾ گڏوگڏ وهن ٿا.“
    پر ان ميل جول ۽ ربط جي باوجود ٻنهي جي وچ ۾ هڪ هلڪو پردو به ڏنو ويو:
    بَیۡنَہُمَا بَرۡزَخٌ لَّا یَبۡغِیٰنِ ﴿ۚ۲۰﴾ (رحمٰن:20)
    ”انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو ڏنل آهي، جنهن جي ڪري هڪ ٻئي ڏانهن وڌي نٿا سگهن.“
    اها هڪ جزوي تمثيل آهي ۽ قرآن حڪيم جي خطاب جو نمونو به اهو آهي جو هو ڪليات کي جزئيات ذريعي سمجهائي ٿو ۽ پوءِ ڪليات کي حذف ڪري ڇڏي ٿو.
    اهو فرق عبادات، معاملات، سياسيات، اخلاقيات مطلب ته سڀني شين ۾ نظر اچي ٿو. نبوت جي ضرورت ۽ نبين سڳورن جي وجود جو صرف اهو ئي مقصد آهي ته خير ۽ شر جي وچ ۾ جيڪو پردو ڏنو ويو آهي، ان کي گمراهيءَ جي طوفان کان بچائي، قائم رکن، ته جيئن قانون الاهي جي تحفظ سان گڏوگڏ دنيا ۾ عدل ۽ اعتدال قائم رهي.
    پر آنڌاري اُٿي ٿي، طوفان اچي ٿو ۽ ڇوليون ڪناري سان ٽڪرائجن ٿيون، ته ان وقت فطرت جا پارکو گهٻرائيندا آهن ته ڪٿي خير ۽ شر، نور ۽ ظلمت، اتر ۽ ڏکڻ، مٺو ۽ کارو پاڻي پاڻ ۾ ملي نه وڃن. پوءِ هو هٿ وڌائي، انهن جي پردن کي پڪڙيو وٺن. تڏهن آنڌاري رڪجيو وڃي. سيلاب رڪجيو وڃي ۽ ڇوليون خاموش ٿيو وڃن. ڇاڪاڻ ته جيڪو هٿ حق جي حمايت لاءِ کڙو ٿئي ٿو، اهو اهڙي لوهي پُل جي طاقت رکي ٿو، جنهن مٿان سيلاب گذري وڃي ٿو، مگر اها تباهه نه ٿي ٿئي.
    خير ۽ شر، هدايت ۽ گمراهي، حق ۽ باطل جو اهو تعلق امر بالمعروف و النهي عن المنڪر جي واٽ کولي ٿو. جيڪي ماڻهو انهن جي وچ ۾ فرق کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن جو نالو ‘آمرين بالمعروف والناهين عن المنڪر’ آهي. نبين سڳورن جو صرف اهو ڪم آهي ته شين جي فائدي ۽ منافعي کي، جيڪو ڪيترن پردن اندران لڪل ٿئي ٿو، بي نقاب ڪن، ته جيئن تاساري دنيا مٺي پاڻيءَ کي حاصل ڪري ۽ ان کان محروم نه رهي.
    اَلَّذِیۡنَ یَتَّبِعُوۡنَ الرَّسُوۡلَ النَّبِیَّ الۡاُمِّیَّ الَّذِیۡ یَجِدُوۡنَہٗ مَکۡتُوۡبًا عِنۡدَہُمۡ فِی التَّوۡرٰىۃِ وَ الۡاِنۡجِیۡلِ ۫ یَاۡمُرُہُمۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہٰہُمۡ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ یُحِلُّ لَہُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیۡہِمُ الۡخَبٰٓئِثَ. (الاعراف:157)
    ”اهو نبي اُمي رسولِ خدا آهي، جنهن متعلق توريت ۽ انجيل ۾ بشارت ڏني ويئي آهي، اهو نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو آهي، بڇڙائيءَ کان جهليندو آهي، سٺيون شيون حلال ۽ پليت حرام ڪندو آهي.“

    تمدن ۽ احتساب:
    مذهب جا سڀئي ارڪان سڌي يا اڻ سڌي طرح تمدن سان تعلق رکن ٿا ۽ وري احتساب سموري تمدني دنيا تي حاوي آهي بلڪه سلطنت ۽ حڪومت کي به (جيڪي تمدن جون محافظ آهن) احتساب ئي پيدا ڪيو آهي. فطرت جو هي قانون اوهان کي معلوم هوندو ته هر شيءِ خير ۽ شر سان مليل آهي، جنهن ڪري انسان کي هر وقت هوشيار ڪرڻ ۽ جاڳائڻ جي ضرورت رهي ٿي، ته جيئن هو ماکيءَ بجاءِ زهر نه کائي وجهي ۽ لعل بدران ٽانڊا نه کڻي وٺي. جيڪڏهن ڪو شخص وحيءَ جي ذريعي ان فرق کي سڃاڻي قائم رکي ٿو ته اهو پيغمبر آهي. جيڪڏهن ڪو شخص فلسفي ۽ اخلاقي اصول ۾ اهو راز ٻڌائڻ چاهي ٿو ته اهو فيلسوف آهي. جيڪڏهن ڪو شخص حڪومت جي طاقت سان ان فرض کي ادا ڪري ٿو ته اهو حاڪم آهي. جيڪڏهن ڪو شخص واٽ تي ويهي انڌن کي راهه ڏيکاري ٿو ته اهو خدا جو نيڪ ٻانهو آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ماڻهن کي بازار جا اگهه صحيح ٻڌائي ٿو ته اهو ايماندار واپاري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو صرف سچائي کي سچائيءَ سمجهي وعظ ۽ نصيحت ڪري ٿو ۽ نيڪيءَ جو دروازو کولي ٿو ته اهو مومن ۽ مسلم آهي.
    وَ مَنۡ اَحۡسَنُ قَوۡلًا مِّمَّنۡ دَعَاۤ اِلَی اللّٰہِ وَ عَمِلَ صَالِحًا وَّ قَالَ اِنَّنِیۡ مِنَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ ﴿۳۳﴾
    (حٰم السجده-33)
    ”ان تعاون ۽ همراهيءَ جو (يعني پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ۽ نقصان ۽ خرابي کان بچائڻ جو) نالو تمدن آهي. احتساب جي ضرورت صرف تمدن جي حفاظت لاءِ آهي. جيڪڏهن اهو نه رهي ته تمدن به قائم نٿو رهي سگهي.“
    تعاون ۽ مدد هر هڪ مسلمان تي فرض آهي. ان ڪري هر مسلمان طبيعتاً محتسب ٿئي ٿو ۽ اهڙي طرح هر مومن هن عالم جي تمدن جو محافظ ٿئي ٿو. جيڪڏهن ايمان ۽ اسلام جي حقيقت دنيا مان غائب ٿي وڃي ته دنيا برباد ٿي وڃي. ان ڪري الله تعاليٰ هر مسلمان کي هڪ ٻئي جو معاون ۽ مددگار چيو آهي:
    وَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتُ بَعۡضُہُمۡ اَوۡلِیَآءُ بَعۡضٍ ۘ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ
    (التوبه: 71)
    ”مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون هڪ ٻئي جا مددگار آهن، نيڪيءَ جو حڪم ڪندا آهن ۽ بڇڙائيءَ کان جهليندا آهن.“
    هت ‘ولي’ جو لفظ فرمايو ويو آهي. ‘ولي’ جو صرف هي ڪم آهي ته هو جنهن جو ولي آهي، ان کي نيڪ واٽ ڏيکاري ۽ بڇڙائيءَ کان روڪي. هن جي نيڪين ۽ ڀلاين جو لحاظ رکي. هن جي ضرورتن ۽ گهرجن جو محافظ هجي. سڀني براين، بڇڙاين، شيطاني ۽ ابليسي تسلط کان هن کي بچائڻ جو آرزو مند هجي.
    حڪومت جي مختلف کاتن جي ورهاست ان امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو نتيجو آهي. رستي ۾ ڪنڊا وڇايل آهن، تنهن ڪري هر شخص جو فرض آهي ته لنگهندڙن کي ٻڌائي ته خيال سان هلو. پر هڪڙو ماڻهو هر جاءِ تي موجود رهي نٿو سگهي ۽ هر ڪم نٿو ڪري سگهي. تنهن ڪري ورهاست جي لحاظ کان ڪم، فرض ۽ ڌنڌا عليحده ٿي وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو تمدن جيتري قدر ترقي ڪندو آهي، ورهاست به ايتري قدر ترقي ڪندي آهي. اهڙي طرح اسلام احتساب جي ان بهترين اصول کي هر موقعي تي قائم رکيو ۽ چيائين ته قاعدن، قانونن ۽ معاملن لاءِ هميشه هڪ شخص کي پنهنجو امير مقرر ڪيو. ايستائين جو جيڪڏهن صرف ٽي مسلمان ڪيڏانهن ويندا هجن ته انهن لاءِ به ضروري آهي ته پاڻ مان هڪ کي امير مقرر ڪن:
    لايحل لثالاثته يکونون بفلاة من الارض، الا امروا احدهم. (الحديث، ابوداؤد)
    ”ٽن ماڻهن لاءِ اهو جائز ناهي ته اهي ڪنهن ميدان ۾ هجن ۽ هڪ کي پنهنجو امير مقرر نه ڪن.“
    ڇاڪاڻ ته هدايت ۽ رهنمائيءَ جي هر وقت ضرورت رهي ٿي. ان لاءِ امير يا حاڪم جو اهو فرض ناهي ته اهو گلن جي سيج تي ويهي هدايت ۽ ارشاد ڪري، هن کي پيرن اگهاڙو ٻين سان گڏ ڪنڊن تي هلڻ گهرجي ته جيئن ٻين جي پيرن ۾ ڪنڊا نه لڳن!

    عبادات ۽ احتساب:
    اسلامي عبادتن جي حڪمت ۽ مصلحت متعلق گهڻو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته اهي سڀئي حڪمتون ۽ مصلحتون هڪ لاڳو عالمگير قانون جو حصو آهن. احتساب تمدن جو محافظ آهي ۽ اسلام هڪ تمدني زندگيءَ جو خالص ۽ حقيقي اخلاقي ضابطو آهي. ان بنياد تي احتساب جو قانون به اسلام جي سموري تعليم ۾ عمل جي هڪ جهڙي قوت سان لاڳو آهي. نماز خود هڪ محتسب اعظم آهي:
    اِنَّ الصَّلٰوۃَ تَنۡہٰی عَنِ الۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ(العنڪبوت-45)
    ”نماز بڇڙين ڳالهين ۽ سڀني بداخلاقين کان روڪي ٿي.“
    احتساب تمدن جو محافظ آهي ۽ تمدن پنهنجو پاڻ ۾ مدد ۽ سهڪار جو نالو آهي. ان ڪري زڪوات ۾ احتساب هي آهي جو ان سان فقيرن کي مدد ملي ٿي ۽ اها ئي نماز جي حقيقت آهي.
    یُقِیۡمُوۡنَ الصَّلٰوۃَ وَ مِمَّا رَزَقۡنٰہُمۡ یُنۡفِقُوۡنَ ۙ﴿۳﴾(البقرة-3)
    ”نماز قائم ڪندا آهن ۽ اسان جيڪو ڪجهه انهن کي ڏنو آهي، ان مان ماڻهن کي به ڏيند اآهن.“
    سموري قرآن جو مطالعو ڪريو، توهان کي هر جاءِ تي قيام صلواة سان گڏ ايتاءِ زڪوات جو ذڪر ملندو. اهڙي طرح حج تعاون ۽ مدد جي بهترين نمائش گاهه آهي ۽ ساڳي وقت واپار جو ذريعو به آهي.
    لَیۡسَ عَلَیۡکُمۡ جُنَاحٌ اَنۡ تَبۡتَغُوۡا فَضۡلًا مِّنۡ رَّبِّکُمۡ. (البقرة-198)
    ”توهان تي ڪو گناهه ڪونهي جو خدا جي فضل (مال ۽ واپار) جي تلاش ڪريو.“
    واپار باهمي سهڪار جو نالو آهي، جيڪو زڪوات جي راهه هموار ڪري ٿو.
    فَمَنۡ کَانَ مِنۡکُمۡ مَّرِیۡضًا اَوۡ بِہٖۤ اَذًی مِّنۡ رَّاۡسِہٖ فَفِدۡیَۃٌ مِّنۡ صِیَامٍ اَوۡ صَدَقَۃٍ اَوۡ نُسُکٍ ۚ.
    (البقرة-196)
    ”توهان مان جيڪو ماڻهو مريض هجي يا هن جي مٿي ۾ ڪو اهنج هجي ته ان کي گهرجي ته فدئي ۾ روزا رکي يا صدقو ڏي يا قرباني ڪري.“
    روزو تقويٰ تي دلالت ڪري ٿو ۽ تقويٰ جي لغوي معنيٰ ‘بچڻ’ آهي. شريعت جي اصطلاح ۾ هر بڇڙائيءَ کان بچڻ جو نالو تقويٰ آهي ۽ وري ڏسو ته ‘بچڻ ۽ بچائڻ’ جو نالو احتساب آهي.
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُتِبَ عَلَیۡکُمُ الصِّیَامُ کَمَا کُتِبَ عَلَی الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ
    لَعَلَّکُمۡ تَتَّقُوۡنَ ﴿۱۸۳﴾ۙ (البقرة-183)
    ”مسلمانو! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا آهن، جيئن اوهان کان اڳين ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ته جيئن توهان تقويٰ حاصل ڪريو.“
    اهي محتسب اوهان وٽ پنج وقت اچن ٿا، هر سال اچن ٿا، سڄي عمر ۾ هڪ دفعو اچن ٿا، مگر افسوس! جو وري به توهان کي هدايت نٿي ملي؟ فاين تذهبون: ”توهان گمراهيءَ ۾ سرشار ٿي ڪيڏانهن ڀُليا وڃو ٿا؟“

    اسلامي تعليم جا ضابطا:
    اسلام جا اخلاقي ضابطا ان احتساب جون شاخون آهن. مون وٽ چانهه جو چمچو ناهي، اهو تو کان گُهران ٿو ۽ تون نٿو ڏين. ان سان تون احتساب يعني تعاون جو هڪ بي بها موقعو وڃائي رهيو آهين. تو کي اهو موقعو معمولي لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته تون املهه شين جو قدردان آهين پر شريعت جي احتسابي نگاهه ڪجهه ٻيو اشارو ڪري ٿي:
    الَّذِیۡنَ ہُمۡ یُرَآءُوۡنَ ۙ﴿۶﴾ وَ یَمۡنَعُوۡنَ الۡمَاعُوۡنَ ٪﴿۷﴾ (الماعون: 7-6)
    ”ڦٽڪار آهي انهن ماڻهن تي جيڪي رياءُ ڪندا آهن ۽ معمولي شين ڏيڻ ۾ نٽائيندا آهن.“
    توهان ڪنهن لاءِ سودو توريو ٿا ۽ پنهنجي هٿ جي چالاڪيءَ سان اُن ۾ هڪ تولو گهٽ ڪريو ٿا. ڇا هڪ تولو ڪا وڏي ڳالهه آهي؟ ها، مادي سامان ۾ ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر روحاني اعتبار سان اها وڏي ڳالهه آهي. ان سان تعاون ۾ رخنو پوي ٿو ۽ احتساب جو عمل ٽٽي پوي ٿو. ان جي ٽٽڻ ۾ هڪ رتي جو معاملو به اهڙو ئي آهي، جهڙو هڪ مڻ جو.
    وَیۡلٌ لِّلۡمُطَفِّفِیۡنَ ۙ﴿۱﴾ الَّذِیۡنَ اِذَا اکۡتَالُوۡا عَلَی النَّاسِ یَسۡتَوۡفُوۡنَ ۫﴿ۖ۲﴾ وَ اِذَا کَالُوۡہُمۡ اَوۡ وَّزَنُوۡہُمۡ یُخۡسِرُوۡنَ ﴿ؕ۳﴾ (المطففين: 3-1)
    ”گهٽ تورڻ وارن لاءِ ويل آهي، جيڪي ماڻهن کان وٺندا آهن ته توري پورو ڪري وٺندا آهن، پر جڏهن ڏيندا آهن ته گهٽائي ڏيندا آهن.“
    رستي ۾ هڪ پٿر پيو آهي، توهان هٽائي ڇڏيو ٿا، اهو توهان لاءِ دلي اطمينان جو شغل آهي. ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن زخمي ٿيل پير کي ان کان بچايو آهي؟ جيڪڏهن بچايو آهي ته پوءِ احتساب جو فرض ادا ٿيو. تنهن ڪري اهو صدقو آهي، جنهن جو اوهان کي ثواب ملندو. جيڪڏهن اوهان احتساب جو عمل قائم ڪريو ته ان لاءِ اوهان کي يورپ جي ڪنهن قانون تي عمل ڪرڻ جي ضرورت ناهي، صحاح سته (حديث جا ڇهه صحيح ڪتاب) ڪافي آهي.

    اسلامي مساوات:
    حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنھ فرمايو ته:
    لم استعبد تم الناس وولدتهم امهم احرارا
    ”توهان ماڻهن کي ڇو غلام بڻايو آهي، حالانڪه انهن جي مائرن ته انهن کي آزاد ڄڻيو آهي.“
    آزاد ۽ غلام ۾ اوهان کي ڪهڙو فرق نظر اچي ٿو؟ اهو ته توهان ڪرسيءَ تي ويهو ٿا، هو زمين تي. توهان گوشت کائو ٿا، هو سڪل ماني. اوهان ريشمي ڪپڙو ڍڪيو ٿا ۽ هو ٿلهو ٽاٽ جو ڪپڙو. ها، هڪ مغرور انسان اهو ئي ڪجهه سمجهندو پر خدا جي اک هن کان وڌيڪ روشن آهي:
    لَا تُدۡرِکُہُ الۡاَبۡصَارُ ۫ وَ ہُوَ یُدۡرِکُ الۡاَبۡصَارَ ۚ (الانعام: 103)
    ”هن کي اکيون نه ٿيون ڏسي سگهن، مگر اُهو اکين کي ڏسندو آهي.“
    اهو اکين جي نگهباني ڪندو آهي ته ڪٿي ميوي کي ڇڏي کل تي ته نه ٿيون پون. ان ڪري جڏهن نگاهون ڀٽڪيل ڏسي ٿو ته هوشيار ڪري ٿو:
    اِنَّ اَکۡرَمَکُمۡ عِنۡدَ اللّٰہِ اَتۡقٰکُمۡ ؕ. (الحجرات-13)
    ”توهان مان تمام شريف اهو آهي جيڪو ڏاڍو پرهيزگار آهي.“
    يا ٻين لفظن ۾ جيڪو سڀ کان وڌيڪ ناهي عن المنڪر يعني محتسب آهي. هاڻي آزاد ۽ ٻانهي، مالڪ ۽ مملوڪ، آقا ۽ غلام جي اصلي صورت ڏسي وٺو. توهان کي نظر گهٽ هئڻ جي شڪايت هئي، عينڪ توهان جي اڳيان آهي. ڇا توهان عينڪ کي به نٿا ڏسو؟
    حضرت امام ابو حنيفه رحمت الله عليه فرمايو آهي ته لا حجر علي الحر (آزاد کي ڪو آزادي استعمال ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهي.) ان ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙي طرح هن کي احتساب جي ان مقدس فرض کان ڪير نٿو روڪي سگهي. اهو ئي هڪ غلام ۽ آزاد زندگيءَ جو حقيقي فرق آهي. تنهن ڪري اسلام غلاميءَ کي ته ختم ڪري ڇڏيو پر پابندي ۽ مطيع هجڻ کي قائم رکيو، جيڪو تعاون لاءِ ضروري آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو حڪومت کان ان ڪري آزادي گهري ٿو ته هو به ان گلاس ۾ شراب پئي جنهن ۾ فرانس جو هڪ متوالو پئي ٿو، ته اهو خالص آزادي جو طالب ناهي بلڪه غلاميءَ جو عارضي طوق لاهي، لعنت جو ابدي طوق پائڻ گهري ٿو:
    اِنَّا جَعَلۡنَا فِیۡۤ اَعۡنَاقِہِمۡ اَغۡلٰلًا فَہِیَ اِلَی الۡاَذۡقَانِ فَہُمۡ مُّقۡمَحُوۡنَ ﴿۸﴾ (يٰس: 8)
    ”اسان سندن ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن، جيڪي انهن جي کاڏين تائين اچي ويا آهن ۽ انهن جا سر ڳاٽي ٽنگيل آهن.“
    ها، جيڪڏهن هو احتساب جو ميدان وسيع چاهي ٿو ته پوءِ پنهنجي آزاديءَ جو صحيح استعمال ڪري دنيا کي بڇڙاين کان بچائي ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪري، ته هو خدا جو سچو ٻانهو آهي ۽ هن کي سچي آزاديءَ جو سچو سک ملڻ گهرجي.
    ان اصول تي اسلام حريت ۽ مساوات جي تعليم ڏي ٿو. جيئن هر مسلمان طبيعتاً بالمعروف و النهي عن المنڪر تي عمل ڪري ٿو، ان ڪري مساوات هن جي مادي جو خمير آهي. ”الهلال“ ان مساوات جي دعوت ڏي ٿو. حريھ افرنجيه ۽ حريت اسلاميه جو اهو عظيم فرق، هن جي دعوتي طريقي کي آزاديءَ جي ٻين طريقن کان ممتاز ۽ مختلف ڪري ٿو.
    دنيا اڃا تائين حريت جي مفهوم کي نه سمجهيو آهي. اها آزاديءَ جي روح کي، جيڪا شرعي تعليم جي غلاف ۾ لڪل آهي، ڪيئن ٿي سمجهي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو دعوت جي ان طريقي جي راز تان پردو کڻڻو ٿو پوي پر کڄي نٿو. انهيءَ ڳجهه کي سلڻ لاءِ حضرت موسيٰ عليه السلام دعا گهري هئي:
    وَ احۡلُلۡ عُقۡدَۃً مِّنۡ لِّسَانِیۡ ﴿ۙ۲۷﴾ (طٰه: 27)
    ”خدايا، منهنجي زبان جي هٻڪ ختم ڪر.“
    بهرحال مساوات جو ٻيو نالو احتساب آهي ۽ وري احتساب جو نالو آهي اسلام؛ ان ڪري اسلام مساوات جو حقيقي روح آهي.

    هڪ خاص فضيلت:
    دنيا جي سڀني مذهبن ۾ اختلاف موجود آهن. اهل ڪتاب کانسواءِ ڪي مذهب اهڙا به آهن، جيڪي آخرت جي سزا ۽ جزا جا قائل ناهن پر دنيوي آرام ۽ سڪون جي وسيلن ۾ ڪنهن کي به اختلاف ناهي. اهو احتساب هر مذهب جو حصو آهي. ان جي سزا دنيا جي اخلاقي معيار کي قائم رکي ٿي. سلطنت جي اطاعت، والدين جي فرمانبرداري، قانون جي پابندي هر مذهب جي تعليم ۾ سمايل آهي:
    وَ مَنۡ یَّعۡصِ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ وَ یَتَعَدَّ حُدُوۡدَہٗ یُدۡخِلۡہُ نَارًا خَالِدًا فِیۡہَا ۪ وَ لَہٗ
    عَذَابٌ مُّہِیۡنٌ ﴿٪۱۴﴾ (النساءِ-14)
    ”جيڪو شخص خدا ۽ ان جي رسول جي نافرماني ڪري ٿو ۽ انهن جي قانونن جي خلاف ورزي ڪري ٿو ته ان کي باهه جي عذاب ۾ وجهندو، جنهن هو هميشه رهندو ۽ هن لاءِ ڏکوئيندڙ هوندو.“
    پر ان باري ۾ اسلام کي هڪ خاص شرف حاصل آهي يعني اسلام احتساب جي سمورن عملن ۽ شرطن جو مجموعو آهي:
    وَ یُحِلُّ لَہُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیۡہِمُ الۡخَبٰٓئِثَ. (الاعراف-157)
    ” ۽ انهن لاءِ سڀئي پاڪ شيون حلال ڪندو آهي ۽ سڀئي پليت شيون حرام ڪندو آهي.“
    پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي بعثيت هنن جامع لفظن ۾ بيان فرمائي آهي:
    انما بعثت لاتمم مکارم الاخلاق (الحديث)
    ”مان صرف ان لاءِ مبعوث ٿيو آهيان ته جيئن اخلاقي اوصافن جي تڪميل ڪريان.“
    ان مان ثابت ٿيو ته اخلاقي اوصافن جي تڪميل اڃا رهيل هئي. شريعت واري محل جي آخري سر ان عمارت کي مڪمل ڪري ڇڏيو.
    حقيقت هيءَ آهي ته احتساب قديم مذهبن جو به جزو هو پر هڪ ناقص جزو، ڪنهن به شريعت دنياوي شين جي فائدن ۽ نقصانن کي ماڻهن اڳيان اهڙي وضاحت ۽ جامعيت سان پيش نه ڪيو هو، جهڙي وضاحت سان اسلام انهن کي پيش ڪيو ۽ اهو هن جو اعليٰ شان آهي. ڪن مذهبن ته ڪو به پرهيز نه رکيو. جيتوڻيڪ ‘الحميته راس الدواءَ’ يعني پرهيز دوا جو بنياد آهي.
    کُلُّ الطَّعَامِ کَانَ حِلًّا لِّبَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ اِلَّا مَا حَرَّمَ اِسۡرَآءِیۡلُ عَلٰی نَفۡسِہٖ .(آل عمران: 93)
    ”سڀ کاڌي جون شيون بني اسرائيل لاءِ حلال هيون مگر اهي جيڪي اسرائيل پاڻ پنهنجي مٿان حرام ڪيون هيون.“
    يعني ٻين مذهبن ۽ شريعتن ۾ خاص خاص حڪم احتساب جي دائري اندر اچي ويا هئا پر هر شخص ان فرض کي ادا نه ڪندو هو ۽ نه اهو هنن جو فرض قرار ڏنو ويندو هو. منطق جي ز بان ۾ هيئن سمجهڻ گهرجي ته صرف جزوي قوت جزوي مادي ۾ عمل ڪندي هئي.
    مگر اسلام جي اصلي فضيلت ڪبريٰ ۽ زينت عظميٰ اها آهي ته سموري دنيا ۾ صرف اها ئي اخلاقي نيڪيءَ جي پهرين بادشاهي آهي، جنهن هڪ طرف انسان جي هر عمل کي احتساب جي پڪڙ جي ماتحت ڪري ڇڏيو ته ٻئي طرف هر انسان تي احتساب فرض ڪري محتسب قوت کي بلڪل عام ڪري ڇڏيو. جهڙي طرح هڪ مومن نماز پڙهي ٿو ۽ روزو رکي ٿو، بلڪل تهڙي طرح هن کي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو هڪ دائمي محتسب به هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته مومن اهو آهي جيڪو نيڪي ۽ انصاف لاءِ محتسب هجي.
    ڪن مذهبن کي صرف ڪجهه شين کان پرهيز ڪرڻ لاءِ چيو ويو:
    فَبِظُلۡمٍ مِّنَ الَّذِیۡنَ ہَادُوۡا حَرَّمۡنَا عَلَیۡہِمۡ طَیِّبٰتٍ اُحِلَّتۡ لَہُمۡ. (النساءَ: 160)
    ”پوءِ يهودين جي ظلم سببان اسان انهن تي اهي پاڪ شيون حرام ڪيون، جيڪي انهن لاءِ حلال هيون.“
    پر اسلام سمورين ننڍين وڏين شين تي حلت ۽ حرمت جي فتويٰ لڳائي. ان سان نفعي ۽ نقصان جو ڪو به پهلو لڪل نه رهيو:
    وَ یُحِلُّ لَہُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیۡہِمُ الۡخَبٰٓئِثَ (الاعراف: 157)
    (سٺيون شيون اُنهن لاءِ حلال ڪندو آهي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آهي)
    حلت ۽ حرمت جي ڄاڻ محتسب لاءِ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته طبيب اهو آهي، جنهن کي شين جي خاصيتن جي خبر هجي. جيتوڻيڪ اسلامي تعليم ان فرض کي سڀني شين تي لاڳو ڪيو هو پر شروعات ۾ دعوت جو اهو طريقو عام نه هو. حجته الوداع احتساب جا سڀئي رستا کولي ڇڏيا ۽ دنيا احتساب جو هڪ کليل ميدان ڏٺو. بهرحال آسماني وحي جي زبان کلي ۽ زمين وارن کي شريعت جي تڪميل جي خوشخبري ٻڌائي ويئي:
    اَلۡیَوۡمَ اَکۡمَلۡتُ لَکُمۡ دِیۡنَکُمۡ وَ اَتۡمَمۡتُ عَلَیۡکُمۡ نِعۡمَتِیۡ وَ رَضِیۡتُ لَکُمُ الۡاِسۡلَامَ دِیۡنًا ؕ(المآئدة:3)
    ”اڄ اوهان جو دين ڪامل ڪيم، پنهنجيون نعمتون توهان تي پوريون ڪيم ۽ توهان لاءِ اسلام جو مذهب پسند ڪيم.“
    احتساب جو اهو تعلق صرف مادي سان هو پر اُن وقت تائين قوت فاعلي غير متعين هئي. مادي جي عموميت متعلق آيتون مٿي بيان ٿي چڪيون آهن. هاڻي قوت فاعلي جي ڪليت تي نظر وجهون ٿا.
    وَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتُ بَعۡضُہُمۡ اَوۡلِیَآءُ بَعۡضٍ ۘ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ
    عَنِ الۡمُنۡکَرِ. (التوبه: 71)
    ”مسلمان مرد ۽ عورتون هڪ ٻئي سان نيڪيءَ ۾ مددگار آهن. هڪ ٻئي کي نيڪيءَ جو حڪم ڪندا آهن ۽ بڇڙائيءَ کان جهليندا آهن.“
    هڪ ٻي جاءِ تي فرمايو ويو:
    کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ.
    (آل عمران-110)
    ”اوهان اهڙي ڀلي اُمت آهيو، جيڪا دنيا ۾ انساني هدايت لاءِ موڪليل آهي. نيڪيءَ جو حڪم ڪندا آهيو ۽ بڇڙائيءَ کان جلهيندا آهيو. “
    توهان پڇندؤ ته ڇا انڌا، منڊا ۽ گونگا به محتسب آهن؟ ڇا هي فالج جو ماريل هٿ به مادي شين کي حرڪت ۾ آڻي سگهي ٿو؟ اهو ته ڇا پر ان سان اوهان انساني قوت جي غير محدود وسعت ۽ طاقت کي بلڪل پابند ڪري ڇڏيو، سو، جيڪڏهن هٿ حرڪت پيدا نٿا ڪري سگهن، پير نٿا هلي سگهن، زبان نٿي اُٿلي ته ڇا دل به حرڪت نٿي ڪري سگهي؟ ڇا اوهان سرد لاش آهيو؟ ڇا اوهان کي روشني ۽ اوندهه ۾ ڪو فرق نظر نٿو اچي؟ ڇا اوهان کي ماکيءَ جي مٺاڻ ۽ ايريي جي ڪوڙاڻ هڪ جهڙي محسوس ٿئي ٿي؟ يعني ڇا توهان کي بڇڙائي، خراب معلوم نٿي ٿئي؟ جيڪڏهن نٿي ٿئي ته پوءِ ان احساس يعني خير ۽ شر، معروف ۽ منڪر، صلح ۽ فساد، نور ۽ ظلمت جو نالو احتساب آهي ۽ توهان محتسب آهيو. پر جي اهو احساس ختم ٿي ويو ته پوءِ مومن به ناهيو:
    وليس وراءَ ذلک من الايمان حبته خردل مِن اِيمان
    ”ان کانسواءِ ايمان هڪ ذري جيترو به ناهي.“ (الحديث)

    احتساب جو طريقو:
    احتساب جي دعوت جي مختلف طريقن جي لحاظ کان اسلام کي ٻين مذهبن مٿان فضيلت آهي. قديم قومن ۾ سڀ کان وڌيڪ مڪمل مذهب حضرت موسيٰ عليه السلام جو آهي. ان مذهب ۾ دين ۽ دنيا جي جهلڪ ڏسي سگهو ٿا. تنهن ڪري اسلام جي ڀيٽ ان سان ڪرڻ گهرجي.
    امر بالمعروف جو آخري طريقو قتال آهي، جيڪو ديني جهاد جو آخري ڏاڪو آهي پر ڪڏهن به دنيا جي ڪنهن قوم ان لاءِ جهاد نه ڪيو آهي، ته نيڪي پکڙجي. جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي امت کي جهاد لاءِ اُڪسايو ته انهن هي جواب ڏنو:
    اِنَّ فِیۡہَا قَوۡمًا جَبَّارِیۡنَ ٭ۖ وَ اِنَّا لَنۡ نَّدۡخُلَہَا حَتّٰی یَخۡرُجُوۡا مِنۡہَا ۚ(المائدة: 22)
    ”ان ملڪ ۾ هڪ نهايت سخت ۽ جابر قوم رهي ٿي. اسان ان وقت اتي وڃي سگهون ٿا، جڏهن اهي ماڻهو اُتان نڪري وڃن. اهڙي طرح اسان انهن سان مقابلو نه ڪنداسين.“
    هڪ عرصي کانپوءِ جڏهن آماده به ٿيا ته هن لاءِ نه، ته ڪو نيڪي ۽ انصاف جو گهر آباد ڪنداسين، پر ان لاءِ ته اسان جا گهر اُجاڙيا ويا آهن، اهي آباد ڪنداسين.
    وَ مَا لَنَاۤ اَلَّا نُقَاتِلَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ قَدۡ اُخۡرِجۡنَا مِنۡ دِیَارِنَا وَ اَبۡنَآئِنَا ؕ(البقرة-246)
    ”اسان خدا جي راهه ۾ ڇو نه وڙهون، حالانڪه اسان پنهنجي گهرن مان ڪڍيا وياسون ۽ اسان جي اولاد کي به ظلم جو نشانو بڻايو ويو.“
    سندن حال هي هو ته:
    فَلَمَّا کُتِبَ عَلَیۡہِمُ الۡقِتَالُ تَوَلَّوۡا اِلَّا قَلِیۡلًا مِّنۡہُمۡ ؕ(البقرة-246)
    ”جڏهن مٿن قتال فرض ڪيو ويو ته انهن ان کان انڪار ڪيو، سواءِ هڪ ٿورڙي تعداد جي جيڪي اطاعت لاءِ تيار هئا.“
    پر جڏهن اسلام جهاد جو اعلان ڪري ٿو ته سمورو مدينو اُٿي پوي ٿو. ڇا مديني جا ماڻهو به بني اسرائيل وانگر پنهنجن گهرن مان ڪڍيا ويا هئا؟ ڇا انهن جي ڪنهن سلطنت تي نظر هئي؟ جيڪڏهن حضرت خالد جو نالو کڻو ٿا، ته حضرت ابوذر کي به نه وساريو. جيڪڏهن مهاجرن جي فهرست اوهان جي نظر ۾ آهي ته انصارن کي به ياد ڪيو. بيشڪ، مڪي جا مهاجر ظلم ۽ ڏاڍ جو بدلو وٺي پئي سگهيا، پر مديني جي انصارن کي ته قريشن پنهنجن گهرن مان ڪو نه ڪڍيو هو؟ بهرحال نيڪي جي حمايت، مظلومن جي نصرت، حق جو اعلان، معروف جو اظهار، باطل ۽ فساد کي ختم ڪرڻ کانسواءِ انهن جو ڪهڙو مقصد هو؟ ها، انهن جو جهاد صرف هِن لاءِ هو ته:
    وَّ یَکُوۡنَ الدِّیۡنُ لِلّٰہِ(البقرة-193)
    ”۽ دين صرف الله لاءِ ٿي وڃي. “
    جيڪي پنهنجي گهر لاءِ وڙهيا هئا، خدا ڄاڻي انهن کي گهر مليو الائجي نه؟ پر اسان کي معلوم آهي ته غنيمت ڪو نه ملي. انهن کي رڳو پنهنجي ٻارن جو فڪر هو، اهي انهن کي مليا هوندا. پر هڪ قوم جيڪا پنهنجو گهر گهاٽ، مال ملڪيت ۽ ٻار ٻچا ڇڏي حق لاءِ جهاد ڪري ٿي، جنهن جا ٻار يتيم ٿي وڃن ٿا، جنهن جون عورتون بيواهون ٿي وڃن ٿيون ۽ جنهن جي گهرن جو سرمايو برباد ٿي وڃي ٿو؛ ته ضروري هو ته خدا تعاليٰ انهن جي دل جي بلنديءَ کي قائم رکي ۽ ان جو انهن کي معاوضو غنيمت ۽ يمن ملڪ جي شڪل ۾ ڏي. توهان ان کي غلامي سمجهو ٿا ۽ اسان ان کي لازمي تعليم جو ذريعو سمجهون ٿا. جيڪڏهن انسان پاڻ نيڪ بڻجڻ نٿو چاهي ته اسان هن کي زوري به نيڪ بڻائينداسون. توهان غلامن کان درباني ۽ پهريداريءَ جو ڪم وٺندا هيؤ پر اسان ته انهن کان يگاني خدا لاءِ اذان چورائي!
    پر اسلام ماديات تي راضي نٿو ٿي سگهي. هن کي روحاني غذا جو معاوضو به ملڻ گهرجي. توهان چوندؤ ته ان مان جنت مراد آهي؟ بيشڪ آهي، پر توهان کي ان فضل الاهي جي ڏسڻ جو موقعو ڪيئن ملي سگهندو. تنهن ڪري روحاني انعام سان گڏوگڏ محسوس انعام به هجي، جيڪو هن دنيا ۾ حق جي ڪاميابي جو ظهور آهي. جنهن قوم جو هر فرد سچائيءَ جو مجسمو هجي، جيڪو دنيا ۾ صرف نيڪي ڦهلائڻ لاءِ آيو هجي، ان جي مجموعي قوت ڪڏهن به ڀٽڪي نٿي سگهي. جنهن قوم جو هر فرد امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر هجي، جڏهن اها قوم پاڻ ۾ ملي هڪ شيءِ کان روڪي ٿي ۽ ٻي کي اپنائڻ لاءِ چوي ٿي، ته ان ۾ هڪ اهڙي الاهي طاقت پيدا ٿي وڃي ٿي، جنهن کي ڪا به قوت فتح نٿي ڪري سگهي: ويد الله علي الجماعھ: (الحديث) ۽ الله جي مدد جو هٿ جماعت سان آهي. ان جو نالو اُمت جو اجماع آهي. اهو شرف ڪنهن به اُمت کي حاصل نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اُمت احتساب جي فرض کي ڪامل طور تي ادا نه ڪيو هو.

    احتساب جي ترتيب:
    پر ڪنهن محتسب کي صرف ان تي بس نه ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن جو هر برائيءَ تي هٿ پڪڙي وٺي يا زبان سان ان کي جهلي يا دل ۾ برو سمجهي بلڪه احتساب هڪ خاص ترتيب جو پابند آهي. ان مقدس فرض کي ان ترتيب سان ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ سڀ کان پهريون پنهنجي نفس جي اصلاح آهي:
    اِنَّ النَّفۡسَ لَاَمَّارَۃٌۢ بِالسُّوۡٓءِ . (يوسف:53)
    ” نفس بڇڙائيءَ ڏانهن آماده ڪرڻ وارو آهي.“
    ان ڪري جڏهن پنهنجو من ميرو هجي ته سڀ کان پهرين ان کي پاڪ ۽ صاف ڪيو. ان سان ٻين جا ڌوڙ ٿيل چهرا ڪيئن پاڪ ٿي سگهندا؟ الله تعاليٰ هڪ ٻئي موقعي تي ان کان وڌيڪ وضاحت سان فرمايو:
    قَدۡ اَفۡلَحَ مَنۡ زَکّٰىہَا ۪ۙ﴿۹﴾ وَ قَدۡ خَابَ مَنۡ دَسّٰىہَا ﴿ؕ۱۰﴾ (الشمس: 10-9)
    ”اهو ڪامياب ٿيو جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو، اهو نامراد ٿيو جنهن پنهنجي خير جي قوت کي برباد ڪيو.“
    اهڙي طرح هيءُ به فرمايو:
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا قُوۡۤا اَنۡفُسَکُمۡ وَ اَہۡلِیۡکُمۡ نَارًا. (التحريم:6)
    ”مسلمانو! پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل عيال کي باهه جي عذاب کان بچايو!“
    پاڻ سڳورن ﷺ کي جڏهن تبليغ جو حڪم ٿيو ته الله تعاليٰ ان جي تربيت هن طرح قرار ڏني:
    یٰۤاَیُّہَا الۡمُدَّثِّرُ ۙ﴿۱﴾ قُمۡ فَاَنۡذِرۡ ۪ۙ﴿۲﴾ وَ رَبَّکَ فَکَبِّرۡ ۪﴿ۙ۳﴾ وَ ثِیَابَکَ فَطَہِّرۡ ۪﴿ۙ۴﴾
    وَ الرُّجۡزَ فَاہۡجُرۡ ۪﴿ۙ۵﴾ . (المدثر: 5-1)
    ”اي چادر ويڙهي سمهڻ وارا! اُٿ، پوءِ ماڻهن کي ڊيڄار، پنهنجي خدا جي وڏائي بيان ڪر، پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک ۽ بتن کان پري رهه.“
    نفس جي اصلاح کانپوءِ آل اولاد، عزيزن قريبن جو درجو آهي:
    وَ اَنۡذِرۡ عَشِیۡرَتَکَ الۡاَقۡرَبِیۡنَ ﴿۲۱۴﴾ۙ (الشعراءِ: 214)
    ان کانپوءِ پنهنجي قوم آهي:
    وَ ہٰذَا کِتٰبٌ اَنۡزَلۡنٰہُ مُبٰرَکٌ مُّصَدِّقُ الَّذِیۡ بَیۡنَ یَدَیۡہِ وَ لِتُنۡذِرَ اُمَّ الۡقُرٰی وَ مَنۡ حَوۡلَہَا ؕ.
    (الانعام: 92)
    ”۽ هي قرآن الله جو ڪتاب آهي، جنهن کي اسان نازل ڪيو، جيڪو برڪت وارو آهي ۽ انهن ڪتابن جي تصديق ڪري ٿو، جيڪي هن کان اڳ موجود آهن ۽ اي پيغمبر! اسان قرآن ان ڪري لاٿو ته جيئن تون مڪي وارن ۽ سندن آس پاس ماڻهن کي بڇڙن عملن جي نتيجن کان ڊيڄارين ۽ دين حق جي دعوت ڏِين.

    قوم کانپوءِ سموري دنيا:
    وَمَاۤ اَرۡسَلۡنٰکَ اِلَّا کَآفَّۃً لِّلنَّاسِ. (سبا-28)
    ”۽ اسان تو کي نه موڪليو، مگر سموري عالم جي انسانن جي نجات لاءِ.“
    وَ مَاۤ اَرۡسَلۡنٰکَ اِلَّا رَحۡمَۃً لِّلۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۰۷﴾ . (الانبيآءَ: 107)
    ”۽ اسان اي پيغمبر، تو کي سموري جهان لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي.“
    اهڙي طرح حضرت داعي اسلام عليه الصلوة والسلام، ان ترتيب سان احتساب حق شروع ڪيو ۽ انهيءَ اسوه حسنه اندر احتساب جي سلسلي جي قدرتي ترتيب سمايل آهي.

    محتسب جي شخصيت:
    ڪتاب ۽ سنت ۾ احتساب جو اصلي طريقو اهو ئي آهي پر ڇا هڪ اهڙو شخص به اهو فرض ادا ڪري سگهي ٿو، جيڪو خود گناهه گار هجي ۽ مٽن مائٽن جي اصلاح کان بي خبر هجي پر هو عوامي ميڙ ۾ اسٽيج تي اچي، سموري دنيا کي احتساب جي دعوت ڏي ٿو. هو هڪ پلڪار وانگر ڪنهن هڪ نقطي تي ڄمي نٿو بيهي، هوا ۾ دائري جي چوڌاري گردش ڪندو رهي ٿو. پوءِ ڇا ان جي اها دعويٰ صحيح آهي؟ ڇا هن جي ان دعوت کي قبول ڪجي؟ ان باري ۾ عالمن ۾ اختلاف آهن. جڏهن ته قرآن مجيد هيئن چوي ٿو:
    اَتَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبِرِّ وَ تَنۡسَوۡنَ اَنۡفُسَکُمۡ. (البقرة-44)
    ”ڇا توهان ٻين ماڻهن کي نيڪيءَ جو حڪم ڏيو ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو ٿا.“
    عقلي دليل به ان جو ساٿ ڏين ٿا:
    1- احتساب جو مقصد هي آهي ته غيرن کي صالح بنجڻ جي هدايت ڪجي ۽ بڇڙاين ۽ براين کان بچائجي. اهو هڪ عظيم احسان آهي، جيڪو محتسب دنيا تي ته ڪرڻ گهري ٿو پر پاڻ مٿان اهو احسان ڪرڻ غير جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر آهي.
    2- جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي ڪنهن شيءِ کان منع ڪري ٿو، پر پاڻ اها شيءِ واپرائي ٿو ته ان جو ابتو اثر ٿيندو. اڳيون سمجهندو ته اهو علم هئڻ جي باوجود پاڻ اها واپرائي ٿو، تنهن ڪري هن کي روڪڻ ۽ منع ڪرڻ جي حقيقت معلوم ڪو نه آهي. پوءِ يقيناً بيان ڪيل نقصان هن اڳئين ۾ ناهن پر جيڪڏهن نقصان آهن به ته اهڙا خطرناڪ ناهن جو انهن کي هڪدم ڇڏي ڏجي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته معلم ۽ نصيحت ڪندڙ پهريان ئي ان کي ڇڏي ڏي ها. مطلب ته اهو ان کان بچڻ بجاءِ، اڃا وڌيڪ عمل ڪرڻ جو خواهشمند ٿي پوندو، جيئن عام چوڻي آهي: الانسان حريص علي ما منع.
    3- هڪ ماڻهو وعظ ان ڪري ٿو ڪري ته جيئن ماڻهن تي اثر ٿئي پر جڏهن اهو خود گناهن ۾ گهريل آهي ته پوءِ اثر بجاءِ هن جي وعظ ۽ نصيحت کان نفرت پيد اٿيندي.
    4- هڪ فاسق ۽ فاجر احتساب جو فرض ادا ڪري ٿو. فرض ڪريو، هو هڪ عورت سان زنا ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت هن کي هيئن به چوي ٿو ته نامحرم کي منهن ڏيکارڻ حرام آهي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ناداني ٿي سگهي ٿي.
    5- سڀ کان وڌيڪ هي ته احتساب جو فرض ۽ دعوت الي الحق هڪ الاهي مقصد ۽ هڪ زباني عمل آهي ۽ ان جون نوراني برڪتون ڪڏهن به اهڙي زبان سان ادائگي نه چاهينديون، جنهن پنهنجي نفس کي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو مخاطب نه بڻايو هجي. ٿي سگهي ٿو ته اهڙي محتسب جو وعظ ڪجهه گهڙين تائين ٻن چئن دلين تي اثر ڪري پر دلين جي اندر سچي قبوليت ۽ عملن ۾ حقيقي تبديلي پيدا ڪرڻ ۾ هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندو. ان جو حقيقي بنياد صرف نبين سڳورن جي اسوه حسنه ۾ آهي، جن جو هي حال هو ته جيڪا صدا زبان مان نڪرندي هئي، عمل ۽ ڪم ان جو پيڪر ۽ عملي نمونو هوندا هئا.

    هڪ اهم نقطو:
    البت هڪ سخت ۽ عالمگير غلط فهميءَ جو ازالو ڪرڻ به ضروري آهي، جنهن بدقسمتيءَ سان اڄ جي مسلمانن جي دلين ۾ جاءِ جوڙي ورتي آهي ۽ جنهن جي ڪري امر بالمعروف، اجتماعي ۽ انفرادي احتساب اڻلڀ آهي.
    بيشڪ، محتسب لاءِ ضروري آهي ته هو سڀ کان پهريون صالح عمل اختيار ڪري ۽ پنهنجي نفس جي احتساب کان غافل نه هجي پر ان جي اها معنيٰ ڪو نه آهي ته جيستائين ڪو شخص سمورين براين ۽ غلطين کان پاڪ نه ٿئي، تيستائين امر بالمعروف لاءِ زبان به نه کولي؟ اسلام هر مسلمان تي احتساب فرض ڪيو آهي ۽ هي به ظاهر آهي ته هر مسلمان ابوذر رضه ۽ سلمان رضه نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي جنيد ۽ جيلاني بڻجي سگهي ٿو. غلطيون سڀني کان ٿين ٿيون ۽ نفس جو فريب سڀني لاءِ سخت آهي. بهرحال جيڪڏهن احتساب لاءِ محتسب جو ڪامل ۽ صالح هجڻ ضروري سمجهيو وڃي ته پوءِ اهو فرض ڪيئن عام ٿي سگهندو ۽ هر مسلمان ڪيئن محتسب بڻجي سگهندو؟
    بدقسمتيءَ سان ايئن ئي سمجهيو ويو آهي، جنهن جو نتيجو اهو آهي جو ماڻهو امر بالمعروف لاءِ وڏن وڏن عابدن ۽ زاهدن کي ڳوليندا رهندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان گنهگار ڪير ٿيندا آهيون جو ماڻهن کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيون! اهو ئي سبب آهي جو دعوت معروف جون صدائون خاموش ٿي ويون آهن. منڪرات جي عام واهپي کي روڪڻ لاءِ ڪير به ڪونهي. هڪ شخص مسلمان هجڻ جي باوجود اهو جائز سمجهي ٿو ته پنهنجي سامهون بڇڙايون ٿيندي ڏسي ۽ منافق ۽ گونگي شيطان وانگر خاموش رهي!
    حقيقت هيءَ آهي ته مڪلف انسان کي ٻن شين جو حڪم ڏنو ويو آهي. پنهنجو پاڻ کي گناهن کان بچائڻ ۽ ٻين کي گناهه نه ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ. تنهن ڪري اهو ضروري ناهي ته جيڪڏهن هڪ مسلمان هڪ فرض کي چڱي طرح ادا نٿو ڪري سگهي ته ٻيو فرض به ادا نه ڪري.

    احتساب جا شرط:
    جيڪڏهن اوهان کي جنگ ڪرڻي آهي ته پهرين هٿياربند ٿيڻ گهرجي. جهالت ۽ گمراهي، فتني ۽ فساد، نفس جي بربادي ۽ ضمير جي تباهي، بڇڙن عملن ۽ غير معياري اخلاق، ظلم ۽ ڏاڍ، مطلب ته سڀني منڪرات، دنيا جي چهري تي ڪاري چادر وجهي ڇڏي آهي. ابليسي لشڪر اهڙي ٻات اونداهيءَ ۾ راتاهو هڻي رهيو آهي. اوهان کي ان سان جهاد ۽ قتال ڪرڻو آهي. تنهن ڪري اوهان کي هٿيار کڻڻ گهرجن. جيتوڻيڪ اهو بلڪل سچ آهي ته:
    آهن بآهن توان کرد نرم!
    ‘لوهه کي لوهه سان نرم ڪري سگهجي ٿو.’
    جيڪا مخلوق باهه مان پيدا ڪئي ويئي آهي، ان مٿان ٻرندڙ اُماڙيون وسائڻ گهرجن پر پنهنجي فطرت کي هر موقعي تي محفوظ رکڻ به اخلاقي فتحمندي آهي ۽ وقتي فتحمندين تي اصلي فطرت کي مقدم رکڻ گهرجي. خدا اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. تنهن ڪري توهان کي ان جي قوت ۽ خاصيتن جو بهترين مظهر بڻجڻ گهرجي. احتساب لاءِ علم جو هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن هڪ نيم حڪيم، مريض جو علاج ڪري ٿو ۽ ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو ڏس ڏي ٿو، پر اهو انهن شين جي خاصيتن ۽ اثرات جو علم نٿو رکي ته پوءِ پڪ سمجهو ته اهو مريض کي ماري رهيو آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته مريض کي جنهن شيءِ کان روڪي رهيو آهي، اها ماکي آهي ۽ جيڪا استعمال ڪرائي رهيو آهي، اها زهر آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ سڳورن ﷺ علم جي واڌاري جي دعا گهري:
    رَّبِّ زِدۡنِیۡ عِلۡمًا ﴿۱۱۴﴾ .(طٰھ: 114)
    ” اي خدا منهنجي علم ۾ واڌارو ڪر!“
    هڪ دفعي حضرت ابن عباس کي جهوليءَ ۾ ويهاري هي دعا ڏني هيائون:
    اللهم فقهھ في الدين!
    ”اي خدا، هن کي دين جي فڪر ۽ نظر جي قوت ڏي.“
    علم کانپوءِ ۽ تلقين، هدايت، نصيحت ۽ دعوت ۽ عمل جو وارو اچي ٿو. ٻڌندڙن جون طبيعتون مختلف هونديون آهن. ڪو سخت، ڪو نرم، ڪو ماٺيڻو، ڪو ويڙهاڪ، ڪو ضدي، ڪو هوڏي، ڪو عالم ۽ ڪو جاهل، مطلب ته توهان کي دنيا ۾ مختلف ۽ متضاد قوتن سان منهن ڏيڻو پوندو. پوءِ ڇا توهان هر شخص سان وڙهندا رهندؤ؟ نه، اوهان کي نرمي اختيار ڪرڻ گهرجي!
    اِدۡفَعۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ. (المومنون: 96)
    ”ڏاڍي چڱي طريقي سان مدائيءَ کي ٽار.“
    وَ لَوۡ کُنۡتَ فَظًّا غَلِیۡظَ الۡقَلۡبِ لَانۡفَضُّوۡا مِنۡ حَوۡلِکَ ۪. (آل عمران-159)
    ”جيڪڏهن تون الهڙ ۽ سخت دل هجين ها ته ماڻهو تو کان ڀڄي وڃن ها.“
    ماکان الرفق في شي الا زانه وما کان العنف في شي الاشانه. (الحديث)
    ”نرمي هر شيءِ کي زينت ڏي ٿي ۽ سختي ان کي بدنما ڪري ٿي.“
    ان الله رفيق يحب الرفق في الامر کله ويعطي مالا يعطي علي العنف. (الحديث)
    ”خدا نرم آهي ۽ هر شيءِ ۾ نرمي کي پسند ڪري ٿو ۽ نرميءَ تي هو ايترو ڪجهه ڏي ٿو، جيڪو سختيءَ تي نه ڏيندو آهي.“
    سمنڊ ۾ طوفان اُٿي ٿو، ڇوليون بلند ٿي جبلن سان ٽڪرائجن ٿيون ۽ اهو ڀورا ڀورا ٿي وڃي ٿو پر توهان کي ان مثال تي مغرور ٿي، سختي نه ڪرڻ گهرجي. توهان کي ڪو ڏونگر ڪو نه ڏارڻو آهي پر شيشي جي دل ۾ عڪس وانگر نيڪيءَ کي سڃاڻڻو آهي. ان ڪري اوهان کي بجليءَ جي وهڪر وانگر هلڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن کي خبر نه پوي ۽ دنيا جا سمورا پرزا حرڪت ۾ اچي وڃن. ايستائين جو دل جو لطيف شيشو ان روح کي جذب ڪري.
    دنيا ۾ بڇڙائي مخفي طريقي سان پکڙي آهي. اوهان ان گابي واري سامري لاءِ نه ٻڌو آهي ته هو ڪيئن بني اسرائلين جي دلين ۾ خاموشي سان گهر ڪري ويو هو؟
    وَ اُشۡرِبُوۡا فِیۡ قُلُوۡبِہِمُ الۡعِجۡلَ. (البقرة-93)
    ”انهن جي دلين ۾ گابي جي پريت وڌي ويئي.“
    پر نيڪي ته بڇڙاين کان وڌيڪ ڇانئجڻ واري آهي:
    اِنَّمَا الۡمُؤۡمِنُوۡنَ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ اللّٰہُ وَجِلَتۡ قُلُوۡبُہُمۡ وَ اِذَا تُلِیَتۡ عَلَیۡہِمۡ اٰیٰتُہٗ
    زَادَتۡہُمۡ اِیۡمَانًا. (الانفال:2)
    ”سچا مومن اهي آهن، جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، ته انهن جون دليون ڊڄنديون آهن ۽ جڏهن خدا جون آيتون انهن کي پڙهي ٻڌائبيون آهن، تڏهن اهي انهن جي ايمان کي اڃا وڌائين ٿيون.“
    جيڪي دليون پنهنجو پاڻ زخمي ٿي پيون آهن، انهن تي زخم ڇو ٿا هڻو؟ ڪپهه جو پهو بڻجي وڃو ڇاڪاڻ ته زخمين کي ان جي ضرورت آهي پر دنيا بلڪه خود فطري قانون حسن اخلاق جو قدردان آهي. دنيا هڪ خطرناڪ سمنڊ آهي، جيڪو خاموشي سان وهندو رهي ٿو. جيڪڏهن موتي وانگر گوشه نشيني مقصد هئي ته پوءِ هڪ تنگ حجرو بڻائجي ها پر توهان ته جر جي ڦوٽي وانگر پاڻيءَ جي سطح تي ترڻ گهرو ٿا، تنهن ڪري لهرن جا لوڏا اڻٽر آهن. توهان بجليءَ جي وهڪري وانگر دنيا جي ڪارخاني ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ چاهيو ٿا. ان ڪري اوهان کي ٽڪراءُ ۽ مقابلو ڪرڻو پوندو. توهان نرمي سان ڳالهائيندؤ، جواب سخت لفظن سان ملندو. توهان جهڪندؤ، توهان جي سامهون ڳاٽ اوچو ڪيو ويندو. پوءِ اهڙي حالت ۾ اوهان کي آڪڙجڻ گهرجي؟ ان جو جواب حضرت لقمان عه پنهنجي پٽ کي هيئن ڏنو هو:
    وَ اۡمُرۡ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ انۡہَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ اصۡبِرۡ عَلٰی مَاۤ اَصَابَکَ ؕ اِنَّ ذٰلِکَ
    مِنۡ عَزۡمِ الۡاُمُوۡرِ ﴿ۚ۱۷﴾ . (لقمان-17)
    ”نيڪيءَ جو حڪم ڏي، بڇڙائيءَ کان روڪ ۽ جيڪي ڏک تو کي پهچن، تن تي صبر ڪر، اهي وڏا همت وارا ڪم آهن.“
    اهڙي طرح خود حضرت داعي اسلام عليه السلام کي رسالت جي فرضن ۽ تعليم کانپوءِ هي حڪم ڏنو ويو:
    وَ لِرَبِّکَ فَاصۡبِرۡ ؕ﴿۷﴾ . (المدثر: 7)
    ”پنهنجي رب لاءِ صبر ڪر.“
    فَاصۡبِرۡ کَمَا صَبَرَ اُولُوا الۡعَزۡمِ مِنَ الرُّسُلِ. (احقاف: 35)
    ”صبر ڪر، جهڙي طرح تو کان پهريون سڀئي پيغمبر ڪندا آيا آهن.“
    بهرحال احتساب لاءِ علم، نرمي، صبر، بُردباري ۽ سنجيدگيءَ جي سخت ضرورت آهي.
    هر حال ۾ احتساب:
    پر جيڪڏهن اوهان علم نٿا رکو، نرمي اختيار نٿا ڪريو، جيڪڏهن توهان ۾ صبر ۽ بردباري ناهي، ته ڇا احتساب جو فرض يتيم ٿي، دنيا ۾ لاچار ٿي ويندو؟ اهو سچ آهي ته علم هڪ الماس آهي پر ڪڏهن ڪڏهن حسن بغير زيور جي به دنيا کي متاثر ڪندو آهي. ان ڪري اوهان کي نفس جي فريب ۾ مبتلا ٿيڻ نه گهرجي. بيشڪ، اهي صفتون پاڻ ۾ پيدا ڪريو، پر انهن کان سواءِ خدا جو ڪم جاري رکي سگهجي ٿو. اوهان غور ڪندؤ ته ٽي ضرورتون اوهان جي سامهون آهن:
    1- عدم احتساب جو نقصان، انهن صفتن ۽ خاصيتن جي کوٽ کان وڌيڪ هوندو، جيڪي احتساب لاءِ ضروري شرط آهن.
    2- ڪڏهن برابر.
    3- ڪڏهن گهٽ.
    پهريون ٻئي صورتون وڌيڪ عام آهن، تنهن ڪري باوجود انهن خاصيتن جي، احتساب جي عمل کي جاري رکجي. البته ٽين صورت ۾ سچ چوندڙ زبان ۽ هٿ جي عمل کي روڪڻ گهرجي. پوءِ به دل جي حرڪت لازمي آهي ۽ ايمان جو يا ٻين لفظن ۾ روحاني حياتيءَ جو اهو ئي آخري درجو آهي.
    هاڻي اوهان کي معلوم ٿي ويو هوندو ته ڪفر خاموش آهي مگر ايمان غلغه انداز، باطن ساڪن آهي ۽ حق شور انگيز، گمراهي جمود ۾ آهي، مگر هدايت حرڪت جو نالو آهي. حرڪت ۾ ئي برڪت آهي، تنهن ڪري هڪ مسلمان ڪڏهن به خاموش ۽ ساڪن نٿو رهي سگهي.
    حضرت محمد ﷺ جن فرمايو: سچو نالو حارث (ڪمائي ڪندڙ) ۽ همام (ارادو ڪرڻ وارو ) آهي.“

    (الهلال، جلد پنجون، شمارو پنجون ۽ ڇهون، جولاءِ 1914ع تان ترجمو ڪيل)


    ويڙهه جو فلسفو: ڪارڻ ۽ اثر

    انسان فطري طور تي ماده پرست آهي، تنهن ڪري مادي شين کي پنهنجو حقيقي سرمايو سمجهي ٿو. دنيا جي چمڪ دمڪ هن کي اڃا به وڌيڪ موهي وجهي ٿي. زمين اندر سون، جبل اندر لعل، سمنڊ اندر موتي واقعي انسان جو قيمتي خزانو آهن، پر سون جڏهن سِڪي جي شڪل اختيار ڪري ٿو، لعل جڏهن جبل کان نڪري شاهي تاج ۾ پنهنجي آب تاب سان چمڪي ٿو، موتي جڏهن ڪنهن حسين جي ڳچيءَ جي هار ۾ جاءِ وٺي، پنهنجي قسمت تي ناز ڪري ٿو، ته ان وقت هو ڪائنات جي چهري جي سونهن ۽ سوڀيا ۽ عالم اسباب جو چشم و چراغ بڻجي پوي ٿو. جنگ جي زماني ۾ دنيا آهه و زاري ڪندي نظر اچي ٿي ۽ انسانيت ماتم ڪبريٰ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. همدردي مرثيه خواني ڪرڻ لڳي ٿي. رحمدليءَ جو روڄ راڙو حساس دلين کي نرم ڪري ڇڏي ٿو. پر جڏهن سوال ڪيو ٿو وڃي ته اهو روڄ راڙو، روئڻ پٽڻ ۽ دل ڏاريندڙ پار ڪهڙي وڃايل مال ۽ ملڪيت تي ڪڍيا پيا وڃن؟ تڏهن وهندڙ خون جو درياءُ، تڙپندڙ لاشن جو ڍير، ڪٽيل سرن جو ڍڳ ڏيکاريو ٿو وڃي جنهن کي زماني جي حالتن ان ڪري هڪ جاءِ تي محفوظ ڪري رکيو، ڇاڪاڻ ته ٺوڪرن لڳائڻ لاءِ اهڙو ناهموار ۽ هيٺ مٿاهون ميدان ضروري آهي. پر حقيقت تي نظر رکندڙ اکيون ان حسرت انگيز نظاري تي ڳوڙها نٿيون وهائين، ڇو ته اهي جذبن کان خالي ٿين ٿيون ۽ ڏاڍيون سنگدل ۽ بي رحم آهن. اهي صرف کل تي لڳايل زخمن تي ڳوڙها نٿيون وهائين، پر اندرين ناسورن کي به ڏسڻ چاهن ٿيون. هي سچ آهي ته خون جو اهو درياءُ، لاشن جو اهو ڍير، ڪٽيل سرن جو ڍڳ نهايت بيدردي ۽ بي رحميءَ سان پائمال ڪيو ويو آهي پر اصل سوال هي آهي ته انسان جي ان بي بها خون، سهڻي جسم ۽ مغرور سر کي ڇو هر شخص جي پيرن هيٺان لتاڙجڻ لاءِ موت جي واٽ ۾ اڇليو ويو آهي؟ اهو هڪ اهم سوال آهي، جنهن جو جواب انسان جي دماغ ۾ نه پر هن جي کيسي ۾ آهي. زمين پنهنجي اندر مان سون کي ظاهر ڪري ٿي، جبل لعل ۽ الماس ٻاهر ڪڍن ٿا ۽ سمنڊ پاڻيءَ جي ڇولين رستي ڪناري تي موتين جو ڍير لڳائي ٿو. انسان ان قيمتي سرمائي کي حسرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اڳتي وڌي پنهنجي کيسي ۾ وجهڻ چاهي ٿو پر ٻاهريون قوتون مزاحمت ڪن ٿيون، جنهن ڪري انهن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوي ٿي. هاڻ انسان جو اهو املهه خون، پنهنجو پاڻ جوش کائي وهڻ گهري ٿو. اهڙي ريت جنگ جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو ۽ سون جي مٽيءَ هاڻي سر تي لکين انساني لاش تڙپڻ لڳن ٿا. لعل جي هڪ داڻي تي خون جا هزارين قطرا وهايا وڃن ٿا ۽ موتيءَ جي تجليءَ تي جسم جي هزارين رطوبتن کي ناس ڪيو وڃي ٿو. مطلب ته انسان جو سرمايو اهو املهه خون ناهي، جنهن تي هو ماتم ڪري ٿو. اهو حسين جسم به ناهي، جنهن جي زخمن تي دانهون ڪري ٿو ۽ اهو مغرور سر به ناهي، جنهن جي ڪپجڻ تي روڄ راڙو ڪري ٿو. پر هو پنهنجو حقيقي سرمايو مٽيءَ جي ان ٻُڪ کي سمجهي ٿو، جنهن ۾ سون جا ذرڙا چلڪي رهيا آهن ۽ اهو لعل، جيڪو راتين جو روشن ڏيئي ۽ ڪوه طور جي تجلي وانگر، جبلن جي چوٽين تي جرڪي ٿو ۽ موتين جي اها چمڪ، جنهن جو نماءُ سمنڊ جي ڪناري تي ٿئي ٿو. جنگ کانپوءِ املهه خون تي روڄ راڙو ڪرڻ، جسم جي خوبصورتيءَ تي روئڻ پٽڻ ۽ ڪپيل مغرور سر تي مرثيه خواني، محفل ۾ افسانوي رنگ جي حيثيت اختيار ڪري ٿي، جنهن سان اڳين جي ڪڏهن ڪڏهن ياد تازي ڪئي وڃي ٿي پر دولت جو جيڪو نقصان جنگ جي نظر ڪيو وڃي ٿو، تنهن جو داغ ڪافي وقت تائين دلين ۾ دُکندو رهي ٿو. خون زمين تي ڪري غائب ٿي وڃي ٿو، لاشن جو ڍير زمين ۾ دفن ٿي وڃي ٿو، سر ڪپجي مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي وڃن ٿا پر ان جي برعڪس عظيم الشان عمارتون ڊهي کنڊر بڻجي به قائم رهن ٿيون، سرسبز پوکون اُجڙي به پنهنجا نشان قائم رکن ٿيون. يتيمن جا ڳوڙها بيهجي وڃن ٿا پر بک نٿي بيهي. بيواهه عورتن جا سڏڪا بند ٿي وڃن ٿا، پر هاضمي جي سرشتي جو عمل بند نٿو ٿئي.
    بهرحال جنگ کانپوءِ دنيا ڌن دولت تي حقيقي روڄ راڙو ڪرڻ ۾ رڌل رهي ٿي پر جن بيدردن لاشن جي ايڏي انبار کي نهايت بي پرواهيءَ سان زمين جي کاهين ۾ دفن ڪري ڇڏيو، اهي جنگ جي خرچ جو ڪاٿو نهايت باريڪ بيبيءَ سان لڳائي، دنيا اڳيان پيش ڪن ٿا ته جيئن هر شخص سندن غم زده دل جي ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي. پر انسان جو سڄو سرمايو هن جي ٽجوڙي تائين محفود ناهي، ان جو هڪ بهترين حصو سندس دماغ ۾ به آهي. جيڪڏهن اسين برباد ٿيل عمارتن جي کنڊرن تي، اجڙيل باغن تي ۽ وڃايل سُڪون تي ماتم ڪندي، خيال ڪريون ٿا ته جنگ جو طوفاني سيلاب انهن کي لوڙهي ويو، ته ساڳي وقت اسان کي پنهنجي ذهن ۾ دماغ کي به جنجهوڙڻ گهرجي ته ميدان جنگ ۾ چمڪندڙ ترار مردن سان گڏ زندهه انسانن جي هوش ۽ حواس جي سرمائي کي ته نه برباد ڪري ڇڏيو آهي؟ جيڪڏهن بيدرد فوج اسان جي سرسبز پوکن سان گڏ اسان جي عقل کي به چٽ ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ اسان کي پنهنجي مال متاع جي ماتم کان واندو ٿي، پنهنجي عقلي قوتن جي ان برباديءَ تي به چند ڳوڙها ڳاڙڻ گهرجن پر اها عقلي بربادي نهايت ڳجهي نموني ٿئي ٿي. خود ترارن، نيزن، ڪمانن ۽ تيرن تفنگن کان وڌيڪ، ترارن جي چمڪ، تيرن جي حرڪت، ڪمانن جو ڪشجڻ، بندوقن جا ٺڪاءُ ۽ توبن جا ڌڌڪا ان عقلي ميدان کي فتح ڪن ٿا. ان عقلي جنگ ۾ جوهر زياده ڪم نٿو ڪري، پر ميدانِ مرض جي هٿ ۾ رهي ٿو. جنگ جي زماني ۾ ڌن دولت جي بربادي جو ڏيک صرف دنيا جي هڪ بدقسمت حصي ۾ نظر اچي ٿو پر هي عقلي ڦرمار عام ٿئي ٿي ۽ هر جاءِ تي جهڪيل ڪنڌ نظر اچن ٿا ۽ انهن جُهڪيل سِرن ۾ ڪا به حرڪت نه هوندي آهي. مادي برباديءَ جو خاص اثر، ڏڪار ۽ بک جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو پر عقلي تباهيءَ جا ڪيترائي روپ ٿين ٿا، جيڪي مختلف شڪلين ۾ نظر اچڻ لڳن ٿا جن مان ٿورن جو تفصيل هن ريت آهي.
    جنگ جي زماني ۾ هزارين غلط افواهه اُٿاريا وڃن ٿا، جن تي سموري دنيا يقين ڪري ٿي. واقعن تي تنقيد ڪرڻ جو اهو واضح بي ميل اصول آهي. جنگ جي زماني ۾ اهڙيون سوين اڻ ٺهڪندڙ ۽ ناقابل يقين خبرون شايع ٿين ٿيون، جن تي اڪثر ماڻهو ڪامل يقين سان اعتبار ڪري، انهن کي ڌيان ۽ چاهه سان ٻڌندا آهن. ايمڊن ( ) جي تسخير ۽ عدم تسخير جي حقيقت هڪ جهڙي ڪشش سان سامهون اچي ٿي.
    جنگ جي زماني ۾ وهمي ڳالهيون گهڙڻ جي قوت تيز ٿي وڃي ٿي ۽ انسان جو دماغ هميشه گمان ۽ شڪ شبها گهڙڻ ۾ مصروف رهي ٿو. ان وهم پرستيءَ جي ڪري فوجون اڪثر جنگي غلطيون ڪري وجهن ٿيون. تازو ئي هي خبر شايع ٿي آهي ته بحر بالٽڪ ۾ هڪ فريق خود پنهنجن جهازن مٿان حملو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجا جهاز، دشمن جا جهاز ڏسڻ ۾ آيا. ڪن اخبارن ۾ هوائي جهازن متعلق اکين ڏٺيون شهادتون شايع ٿيون آهن، جيڪي جنگ جي زماني جي وهم پرستيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. ڪي ديندار ماڻهو قسم کڻڻ لاءِ تيار آهن ته هنن جرمني جا هوائي جهاز ڏٺا آهن.
    اهڙي ريت هڪ معمولي وڳوڙ به اهڙا ئي نتيجا پيدا ڪري ٿو. ماڻهو مسجد ڪانپور جي حادثي واري زماني ۾ درياءُ جي اندران ڪلمه شهادت جو ورد ٻڌندا هئا. اهڙن واقعن تي يقين، ماڻهن جي شهادتن جي بنياد تي ڪيو ويندو هو. جنگ جي واقعن جو اسان جي روزاني وهنوار تي به واضح اثر پوي ٿو. جڏهن انسان سڄي ڏينهن جي ڪم ڪار کان ٿڪجي پوي ٿو ته ٻين سان دل وندرائڻ چاهي ٿو. انسانن جا مختلف گروهه آهن ۽ هر ماڻهو پنهنجي لاءِ مناسب گروهه ڳولي ٿو. زاهد ۽ عبادت گذار، مسجد جي متولين سان گڏ ويهي جنت ۽ دوزخ جو ذڪر ڪن ٿا. ان ريت جيڪي ماڻهو علمي ذوق رکن ٿا، اهي ڪنهن درسگاهه يا اڪيڊميءَ ۾ وڃي چند خشڪ دماغ انسانن جي فڪري نتيجن کان لطف انداوز ٿين ٿا. جنگ جي زماني ۾ عبادت گاهن مان دُعائن جون صدائون بند ٿي وڃن ٿيون. ميخانن مان گيتن جا آواز خاموش ٿي وڃن ٿا. علمي حلقي مان ڏاهپ جا نقطا بيان ٿيڻ رڪجي وڃن ٿا. سموري دنيا هم خيال ساٿين جي مجلس بڻجي پوي ٿي، جنهن ۾ صرف فتح ۽ شڪست جا داستدان ٻڌايا وڃن ٿا. جنگ جي واقعن کانسواءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته اهو ناگوار لڳي ٿو. غلط افواهن جو اثر گهڻو ڪري اڻ پڙهيل ۽ ضعيف الدماغ ماڻهن تي پوي ٿو. موجوده جنگ جو سڀ کان وڌيڪ اثر واپارين ۽ واپارين مان به مارواڙين تي اڃا وڌيڪ پيو آهي. واپار کي جيڪو نقصان جنگ پهچايو آهي، تنهن کان وڌيڪ انهن اڻ پڙهيل واپارين پنهنجي بدحواسي ۽ پريشان خيالن سان حاصل ڪيو آهي.
    جيتوڻيڪ جنگ جي زماني ۾ ماڻهو فتح ۽ شڪست جون خبرون نهايت دلچسپي سان ٻڌن ٿا پر فتح ۽ ڪاميابيءَ جو جشن نهايت ئي جوش سان ملهايو وڃي ٿو. ڪنهن لاڳاپي ۽ تعلق کانسواءِ فاتح جي خوبين ۽ خامين جو غير معمولي طور تي اعتراف ڪيو وڃي ٿو. اڄڪلهه هندوستان جي قسمت سلطنت برطانيا سان وابسته آهي ۽ رعيت وفاداري نڀائڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي. ان هوندي به جنگ جي شروعاتي پيش قدميءَ جي خبرن مان، عوام جي دلين ۾ جرمنيءَ جي وقعت قائم ٿي آهي. جنگ جي زماني ۾ نهايت آسانيءَ سان ڪنهن شخص کي بدنام ۽ نيڪ نام ڪري سگهجي ٿو. رستم جي نيڪ نامي صرف شاهنامي جي داستان سرائي جو ڪارڻ آهي. عيسائين، مسلمانن کي صليبي جنگين جي زماني جي گهڙيل واقعن سان بدنام ڪيو هو، تنهن لاءِ جهاد جي سفر کي منتخب ڪيو ويو. جيڪو الزام لڳايو هو، تنهن لاءِ جهاد جي سفر کي منتخب ڪيو ويو، ان مقصد لاءِ ئي جرمني ڏانهن سوين وحشاڻيون ڪارروايون منسوب ڪيون وڃن ٿيون. حضرت عمر رضي الله عنه تي اسڪندريه جي ڪتب خاني کي باهه ڏيڻ جو الزام جنگ جي زماني ۾ ئي لڳايو ويو. جنگ جي ذريعي اتحاد ۽ اتفاق، بغض ۽ ڪيني جي جذبن کي گهڻو وڌائي سگهجي ٿو. پرنس بسمارڪ ( )، جرمنيءَ جي اتحاد جو خواب جنگ جي خطرناڪ ميدانن ۾ ڏٺو هو. موجوده جنگ ۾ اٽلي، جرمنيءَ کان جيڪا عليحدگي اختيار ڪئي آهي، ان پراڻي همدردي واري جذبي کي عداوت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. روس، فرانس، فرطانيا، جرمني، آسٽريا ۽ سربيا وغيره جو باهمي سهڪار وارو معاهدو اڳ کان وڌيڪ پائيدار ۽ جٽادار ٿيو آهي. اسلام جي ابتدائي دؤر ۾ مسلمانن ۾ جنهن اتحاد ۽ اتفاق سان، گهرو تعلق پيدا ٿيو هو، اهو ان ڪارخاني جو ئي پيدا ٿيل هو، جتي ترارون تيار ٿينديون آهن. جنگ جي زماني ۾ هر قسم جا، مذهبي، اخلاقي ۽ ملڪي انقلاب نهايت تيزيءَ سان آڻي سگهجن ٿا. فرانس جو جمهوري نظام جنگ جي نتيجي جو ڪارڻ آهي.
    قرآن مجيد جي تعليم پکڙجڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو جهاد في سبيل الله هو، جنهن عرب جي ادبي ۽ اخلاقي نظام ۾ هڪدم انقلاب آڻي ڇڏيو. عمرو بن ڪلثوم جي مشهور ۽ پرجوش شعرن کي بنو تغلب قبيلي جو هڪ هڪ ٻار سندس جنگي ڪارنامن جي ڪري زباني ياد رکي ٿو. شاهنامي جي مقبوليت صرف هن ڪري ٿي جو ان ۾ گذريل جنگين جي واقعن کي ٻيهر زندهه ڪيو ويو. هومر جي اليڊ جي شهرت ان بنياد تي، يوناني حڪمت جي ساک کي نقصان پهچايو جو ان ۾ جنگ جي ميدان جو رنگين خاڪو آهي. 1870ع ۾ فرانس ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ لڳل جنگ فرانسين جي بهادري ۽ دليريءَ جو خاتمو آڻي ڇڏيو. جنهن جو اثر اڄ به ميدان جنگ ۾ صاف نظر اچي رهيو آهي. اڄڪلهه جرمن سپاهين جي رڳن ۾ جيڪو گرم خون ڊوڙي رهيو آهي، ان کي صرف تيز و تند شراب سان پيدا نه ڪيو ويو آهي، پر ان ۾ 1870ع جي خوني سيلاب جي نظارن جو هٿ به شامل آهي. يهودين ۾ موجود بد اخلاقيون جنگ ۾ لڳاتار شڪستون کائڻ جو نتيجو آهن. بيت المقدس ۾ هن قوم ٽي دفعا شڪست کاڌي. فرعون جي درٻار ۾ غلام ٿي رهي. عرب جي ميدانن ۾ اُڀرندڙ روحاني قوت به هن قوم لاءِ ڪا جاءِ نه ڇڏي. اهڙين مسلسل ذلت آميز شڪستن جو داغ هر يهوديءَ جي اخلاقي دامن تي نظر اچي رهيو آهي. جيتري قدر جهاد مسلمانن جي اخلاقي معيار کي بلند ڪيو، حضرت عيسيٰ عه جي اخلاقي تعليم ايتري قدر ان جي مقابلي ۾ بلڪل بي اثر ٿي ويئي. مطلب ته هر قسم جو انقلاب صرف جنگ جي ذريعي ئي آڻي سگهجي ٿو. فلسفي اڄ تائين ڪائنات جي نظام ۾ ڪا به تبديلي ڪو نه آندي آهي پر جنگ هڪ ذرڙي کي سج ۽ ڪڻي کي جبل بڻائي ڇڏيو آهي. جبلن کي صرف زلزلا متزلزل ڪري سگهن ٿا. ڪا قوم قديم عقيدن، رهڻي ڪهڻي ۽ اُٿي ويٺي کي نٿي بدلائي سگهي، جيڪا ڪجهه عرصي کان پوءِ اڏول جبل بڻجي پوي ٿي پر لڙائيءَ جو صرف هڪ واچوڙو هن کي پاڙن کان ڪڍي ڦٽو ڪري سگهي ٿو. مساوات جو حقيقي روح صرف جنگ جي زماني ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو. فرانس جي وڳوڙن جو نتيجو، مساوات جي صورت ۾ سامهون آيو.
    مساوات عدل ۽ انصاف جي هڪ شڪل آهي. عدل ۽ انصاف جي ٿنڀي کي صرف قوت ۽ طاقت سان قائم رکي سگهجي ٿو. جنگ جي زماني ۾ هر شخص جي مخفي قوت هڪدم جوش کائي ٿي. فوج جنهن دلسوزي ۽ بي جگريءَ سان جنگ جي ميدان ۾ وڙهندي آهي. امن جي حالتن ۾ ان جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. اخبارن جا نمائندا جنگ جون خبرون گڏ ڪرڻ ۾ جهڙي ڪاوش ڪندا آهن، تهڙي امن جي خبرن ۾ محنت نه ڪندا آهن. ايڊيٽرن جي قابليت جو غير معمولي اظهار، جنگ بابت لکيل مضمونن مان ٿئي ٿو. حافظي جي قوت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي وڃي ٿو. عرب جي ٻن اڳوڻن شعرن کي ان غير معمولي حافظي محفوظ رکيو ۽ وري عرب جي ان حيرت ۾ وجهندڙ روايتي قوت کي فوجي اثر ترقي ڏياري. شاهنامي جو سرمايو جيڪو فردوسي کي آساني سان ملي ويو هو، اهو ترار جي ان جوهر کان ان ڪري محفوظ رهيو، جو هن جي دماغ ۾ گهڙي ويو هو، جنگ ۾ ماڻهو درندگي ۽ بداخلاقيءَ ڏانهن گهڻو لاڙو رکندا آهن. فوج ته ان نشي ۾ مست هوندي آهي پر عام ماڻهو به رعيت جي جان، مال، عزت آبروءَ کي نهايت بي دردي سان پائمال ڪري ٿو. 1857ع واري جنگ آزادي ۾ فوج کان وڌيڪ بدمعاشن لٽ مار، قتل غارت ڪئي ۽ عزتون لٽيون هيون. پر هڪ اعليٰ قيادت اهڙين وحشياڻين ڪاررواين کي روڪي سگهي ٿي. اسان کي پاڻ سڳورن ﷺ جن نبوت ۽ صحابه رضه جي دؤر ۾ اهڙا ڪيترائي شاندار مثال ملن ٿا. موجوده زمانو به اهڙن مثالن کان خالي ڪو نه آهي. فوج بک وگهي مري ٿي پر مال غنيمت جو بهترين سرمايو پنهنجي سپه سالار جي قدمن ۾ آڻي گڏ ڪري ٿي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي خيانت نٿي ڪري. 1848ع جي وڳوڙن ۾ جنهن گروهه قصر سويلري تي حملو ڪيو هو، ان اتان جي بهترين يادگارن کي هٿ به نه لڳايو هو. روس ۽ جاپان جي جنگ ۾ جاپاني سپاهي ڪنهن مقتول جي کيسي مان جڏهن گيني ڪڍندو هو، ته ان کي پنهنجي آفيسر کان لڪائي رکڻ ۾ ڪاميابي ۽ بهتري سمجهندو هو، پر اسلام جي مجاهدن جو ڪردار اڄ به دنيا اڳيان موجود آهي ۽ تاريخ ان کي محفوظ رکيو آهي. دنيا ان کي ڏسي پاڻ فيصلو ڪري سگهي ٿي.
    جيتوڻيڪ هر جنگ، بلڪه معمولي وڳوڙ به اهڙا سڀئي نتيجا لازمي طور تي پيدا ڪري ٿو، جن ڏانهن گذريل بحث ۾ مٿاڇرو اشارو ڪيو ويو آهي پر جنگي صلاحيت ۽ حرفت انهن نتيجن کي گهٽ وڌ ڪري سگهي ٿي يعني جنگ جو حملو، جهڙي شدت سان جسم ۽ مادي تي ٿيندو، تهڙي سختيءَ سان عقل ۽ روح کي به متاثر ڪندو. جيڪڏهن جنگ ۾ مٿي کي ڪا معمولي ٺوڪر لڳندي ته، دماغ ۾ به هڪ هلڪو جهٽڪو پيدا ٿيندو. مطلب ته جهڙيءَ طرح هر جنگ ڪائنات جي چهري کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور زخمي ڪري ٿي، تهڙي طرح اسان جو دماغ به ان جي حملي کان مڪمل طور تي محفوظ رهي نٿو سگهي.
    تنهن ڪري جڏهن اسين املهه خون ۽ خون کان وڌيڪ عزيز مال متاع جي برباديءَ تي ماتمي مجلس منعقد ڪريون ٿا، ته ان سان گڏ اسان کي پنهنجي هوش ۽ عقل جي سرمايي جي تباهي تي به ماتمي مجلس منعقد ڪرڻ گهرجي. سڀئي نتيجا مڪمل طور تي اسان جي سامهون آهن ۽ اسان جي عقل ۽ روح جي ڪائنات جي برباديءَ جو حيرت انگيز نظارو پيش ڪري رهيا آهن. جنگ جو ميدان گرم ٿيڻ سان، اسان جو عقل ايترو ته انڌو ٿي وڃي ٿو جو بي ميل، اڻ ٺهڪندڙ ۽ ناقابل عمل ڪاررواين کي به ممڪن سمجهڻ لڳي ٿو.
    ان وقت هن لاءِ روايتي اصول بيڪار ٿي وڃن ٿا. هڪ شخص کي سندس معمولي غلطيءَ تي بدنام ڪري ٿو ۽ هن جي سمورين خوبين ۽ چڱاين کان اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو. هڪ شخص کي ايترو ته وڌائي شهرت ڏي ٿو، جو ڪڏهن هن کي فرشتو ۽ ڪڏهن ديوتا بڻائي ڇڏي ٿو. هو جنگ جي ميدان ۾ اخلاقي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪري، وحشت ۽ بهيمت ۾ نواڻ پيدا ڪري ٿو. ڪٿي ڪٿي فائدي مند نتيجا به پيدا ڪري ٿو ۽ تاريخ کي محفوظ رکي ٿو ۽ ادبي لٽريچر کي زباني ياد ڪرائي ٿو. مرده جسمن ۾ شجاعت ۽ بهادريءَ جو روح ڦوڪي ٿو. اهي فضيلتون اختياري نٿيون ٿين، بلڪه صرف اضطراري ٿين ٿيون ۽ وري اهو ڪڏهن ان وچٿري واٽ کان اڳتي وڌي وڃي ٿو.
    بهرحال جنگ اسان جي دماغ ۾ هڪ جوش، هڪ طوفان ۽ هڪ ڇڪتاڻ جو عالم پيدا ڪري ٿي. ان ڪري جيڪا شيءِ اسان کي ٺوڪرن کائڻ کان بچائي سگهي ٿي، اها خود مسلسل ٺوڪرون کائڻ لڳي ٿي، تنهن ڪري جنگ جي زماني ۾ اسان کي نه صرف پنهنجي کيسي کي جانچڻ گهرجي پر دماغ کي به جهنجهوڙڻ گهرجي ته هن ۾ ڇا آيو ۽ ڇا ويو؟
    جنگ جي زماني ۾ جيڪو جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو، سو ايترو ته واضح ٿئي ٿو، جو ان جي سببن تي تحقيق ۽ غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت ئي نٿي رهي. پر دماغ جي حالت ان کان بلڪل مختلف ٿئي ٿي. هو پنهنجي سموري سرمائي کي وڃائي ڇڏي ٿو پر هن کي خبر به نه ٿي پوي. اسان جي سامهون ئي اسان جي عقل جو خزانو لٽجي وڃي ٿو پر ان ڦرلٽ کي اسان پنهنجين اکين سان نٿا ڏسون.
    هاڻي عقلي نقصانن جي فهرست مرتب ٿي چڪي آهي، جيڪا اسان جي سامهون آهي، تنهن ڪري اسان کي ان جي سببن جو پتو لڳائڻ گهرجي جيڪي ان محفوظ ۽ مخصوص سرمائي کي هڪدم برباد ڪن ٿا، تنهن ڪري اسان چند مقدما مرتب ڪريون ٿا، جن جو تفصيل هيٺين ريت آهن:
    گروهه جي وصف ۽ مخصوص خاصيتون:
    1- عام طور چند فردن جي ميڙ تي گروهه جو لفظ لاڳو ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن هڪ وسيع ميدان يا وسيع سڙڪ تي سؤ ٻه سؤ ماڻهو گڏ ٿين ته عام ماڻهو اهڙي ميڙ تي گروهه يا فرقي جو لفظ لاڳو ڪندا آهن پر فلسفين گروهه جي هڪ نئين ترتيب قائم ڪئي آهي. گروهه جي ترڪيب لاءِ ماڻهن جو اجتماع ضروري ناهي، پر صرف دماغي ۽ خيالي رابطي جو اتحاد ڪافي آهي. جيڪڏهن هڪ لک ماڻهو ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪنهن پُر فضا ميدان ۾ بيهاريا وڃن، پر انهن ۾ ڪنهن به قسم جو دماغي تعلق نه هجي ته انهن تي گروهه جي لفظ جو اطلاق نٿو ڪري سگهجي. ان جي برعڪس چار ماڻهو اوڀر ۽ اولهه، اُتر ۽ ڏکڻ جي ڪنڊن ۾ جدا جدا بيهاريا وڃن سندن خيالن ۽ عقيدن جي هڪجهڙائي منجهن اتحاد ۽ اتفاق جو تعلق پيدا ڪيو هجي، ته اُهي هڪ حقيقي گروهه آهن.
    تنهن ڪري گروهه کي صرف دماغ مرتب ڪري سگهي ٿو. اهو ڪم هٿن ۽ پيرن جي وس جو ناهي. البته اهو دماغي اشتراڪ ڪڏهن ڪڏهن جسمن ۾ اتحاد ۽ اتفاق به پيدا ڪري وجهي ٿو، تنهن ڪري هم خيال ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃن ٿا. دنيا جون رنگين محفلون، دلچسپ جلسا، مفيد ڪانفرنسون انهن هم خيال ماڻهن جي اجتماع جو نتيجو آهن. پر اهو هڪ اجتماع، گروهه جي حقيقت ۾ داخل ناهي، بلڪه عارضي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جاپان جو سوشلسٽ، پنهنجو پاڻ کي روس جي سوشلسٽن جي گروهه ۾ داخل سمجهي ٿو، حالانڪه هن، انهن ماڻهن جي صورت به نه ڏٺي آهي، تنهن هوندي به دماغي اشتراڪ ۽ جسماني اجتماع ۾ هڪ قسم جو مخفي رابطو ضرور آهي. ڪجهه ماڻهو هڪ هنڌ گڏ رهندي رهندي، پاڻ ۾ هم خيال ٿي وڃن ٿا ۽ وري ساڳي رجحان وارا ماڻهو خود بخود هڪ جاءِ تي گڏ ٿي وڃن ٿا، کين دماغ هڪ بڻايو آهي.
    2- مطلب ته گروهه دماغن، خيالن ۽ عقيدن جي عقلي مجموعي جو نالو آهي. پر جهڙي طرح چند مادي عنصرن جي ملاوٽ ۽ جوڙجڪ سان هڪ نئين حقيقت وجود ۾ اچي ٿي ۽ انهن جي جزن جون اڳيون سڀئي خوبيون ۽ خاصيتون هڪ نئين ڪيفيت ۾ جمع ٿي وڃن ٿيون. جهڙي ريت آڪسيجن ۽ هائيڊروجن جا ماليڪيول ملي پاڻي جي شڪل اختيار ڪن ٿا، انفرادي حالت ۾ انهن جون جيڪي خاصيتون هيون، اهي هڪ نئين ڪيفيت ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. بلڪل ايئن ئي چند دماغن جي ميلاپ ۽ ترڪيب سان هڪ مستقل دماغ پيدا ٿي پوي ٿو، جنهن جون عقلي قوتون فرد جي دماغ کان بلڪل مختلف ٿين ٿيون. ان ملاوٽ ۽ ترڪيب کان اڳ انهن ۾ هڪ دماغ ارسطوءَ جو، ٻيو افلاطون جو، ٽيون هڪ چرئي شخص جو ۽ چوٿون هڪ نهايت بي عقل شخص جو هو، پر هاڻي اشتراڪ ۽ اتحاد جي عمل انهن سڀني مختلف عقل جي ماڻهن کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. شراڪت جي ان مجموعي ۾ شامل ٿي ارسطو ۽ افلاطون جون مخصوص دماغي قوتون بلڪل فنا ٿي وڃن ٿيون. تنهن ڪري اسان کي دماغن جي ان مجموعي ۾ ارسطو ۽ افلاطون جي انهن مخصوص فڪري قوتن کي تلاش نه ڪرڻ گهرجي، جن مشايه ۽ اشراقيه فلسفي جي مستقل شاخن کي قائم ڪيو هو. اسان کي ان مجموعي ۾ ان بي عقل ۽ چرئي شخص جا کِل ڏياريندڙ خيال به نٿا ملن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن اسان لاءِ چرچي جو سامان پيدا ڪن ٿا. هاڻي هڪ مستقل دماغ ۽ جديد خيال جو هڪ سلسلو پيدا ٿي ويو آهي. اهو ئي دماغ آهي جنهن کي گروهه جو دماغ ۽ انهن خيالن کي گروهه جو علم ۽ عقيدو ڪوٺيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ان دماغ ۾ چرين جهڙيون ڪيفيتون آهن ته سمجهو ته ارسطو ۽ افلاطون چريا ٿي ويا آهن پر جيڪڏهن اهو دماغ ارسطو ۽ افلاطون جي عقلي قوتن جو مرڪز بڻجي پيو آهي ته پوءِ يقين ڪرڻ گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن چريا ۽ بي عقل شخص به ارسطو ۽ افلاطون بڻجي وڃن ٿا.
    اجتماعي صورت جي دماغ جي بي قراري:
    3- چند دماغن جي ترڪيب سان جيڪو مستقل دماغ ٺهي ٿو، جيتوڻيڪ اهو ڪڏهن ڪڏهن ارسطو ۽ افلاطون جي فڪري نتيجن سان لبريز ٿئي ٿو پر اڪثر پريشان خواب ئي ڏسندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن جون دماغي ڪلون سندس وس ۾ نٿيون رهن. اهي اضطراري طور تي ڪنهن اندروني برقي طاقت سان پنهنجو پاڻ هلنديون رهن ٿيون ۽ ڪڏهن به ٿڪجن نٿيون، بلڪه هميشه جديد اثرات کي قبول ڪرڻ جون منتظر نظر اچن ٿيون.
    جيتري قدر مادو صورت کي قبول ڪرڻ لاءِ آماده هوندو، صورت ايتري قدر آسانيءَ سان عمل ۾ اچي ويندي. اهڙي ريت گروهه جو دماغ به اثرات کي قبول ڪرڻ لاءِ منتظر ۽ تيار رهي ٿو، جنهن ڪري هو هر قسم جي غلط افواهن ۽ ناقابل يقين خبر کي قبول ڪري، نواڻ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. حقيقت جي هن کي ڪا به غرض نٿي ٿئي. جهڙي طرح سخت بک سان سٺي ۽ خراب کاڌي جو خيال نٿو رهي، اهڙي طرح گروهه جو دماغ به بک جي ان مرض (جؤالبقر) ۾ مبتلا رهي ٿو ۽ ان ڪري هر قسم جي غذا کي آسانيءَ سان هضم ڪري وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو قديم لٽريچر ۾ جيڪي عجيب و غريب قصا بيان ٿيل آهن، انهن کي گروهه جي دماغ ئي خوبصورتيءَ جي پوشاڪ پهرائي آهي.

    بي مقصد سفر:
    انسان کي صرف نتيجا ئي وچٿري واٽ تي هلائين ٿا. جيڪڏهن اوهان کي بازار مان سودو خريد ڪرڻو آهي ته اوهان ان رستي سان ويندؤ، جيڪو سڌو بازار ڏانهن وڃي ٿو، پر جيڪڏهن اوهان هوا خوريءَ لاءِ نڪتا آهيو ته پوءِ اوهان لاءِ هر سڙڪ هڪ جهڙي اهميت رکي ٿي. گروهه تمام مختلف قسم جي هم خيال ماڻهن جو مرڪب ٿئي ٿو. ان اتحاد ۽ اتفاق جو اڪثر ڪو حقيقي مقصد نٿو ٿئي. تنهن ڪري هن جو دماغ هميشه آواره گردي ڪندو رهي ٿو. في کل واديهيمون. (هر واديءَ ۾ ڀٽڪندا ڦرن ٿا. القرآن) آواره گرد ماڻهو هميشه تيزيءَ سان قدم کڻندا آهن. ان ريت گروهه جو دماغ به عام طور تي اجائي ڊيگهه طرف لاڙو رکندڙ ٿئي ٿو ۽ مختلف دماغن جي ترڪيب سان هن جي ڊيگهه پسندي جي قوت ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿي وڃي ٿو ۽ هر شيءِ ۾ وڌاءُ پيدا ڪري ٿو. خبرن جي اشاعت نهايت مبالغه انگيز طريقي تي ڪئي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح گروهه جو دماغ ڪنهن شخص جي تعريف ڪري ٿو ته سندس واکاڻ ۾ وڌاءُ لازمي ٿئي ٿو، جيڪڏهن گلاڪرڻ تي آماده ٿئي ٿو ته انسان کي چوپايو جانور بڻائي ڇڏي ٿو. ڪنهن سان دوستي رکي ٿو ته هن جي محبت ۾ بغض ۽ حسد جي سمورن جذبن کي وساري ڇڏي ٿو. وري جڏهن دشمن ٿئي ٿو ته پراڻي دوستيءَ واري ناتي کي ياد نٿو رکي. اهڙي حالت ۾ هو بداخلاق به ٿي پوي ٿو. هن جي نظر ۾ خون، پاڻيءَ جي برابر ٿئي ٿو. هو مسجد ۽ بت خاني ۾ بلڪل ڪو فرق نٿو سمجهي. ڪڏهن ڦرلٽ ڪري ٿو، ڪڏهن باهه لڳائي ٿو، ڪڏهن خون وهائي ٿو ۽ ڪڏهن عظيم الشان عمارتن کي ڊاهي ڇڏي ٿو. اهڙي حالت ۾ هن جي جسماني قوت ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو. پُلين کي ڊاهي وجهي ٿو ۽ جبلن کي مسمار ڪري ڇڏي ٿو.
    ڪڏهن ڪڏهن هن جي اها اجائي ڊيگهه هڪ نئون رستو اختيار ڪري ٿي. يعني جڏهن واقعن ۾ وڌاءُ جو ڪو نئون پهلو پيدا ڪري نٿو سگهي ته ان کي مسخ ڪري ڇڏي ٿو. قديم زماني جي جنگجو قومن جا خوفناڪ چهرا، هيبتناڪ هٿيار ۽ جنگي فن جي عجيب ۽ غريب داستانن کي ، اڄ اسين کِل جهڙو سمجهون ٿا پر حقيقت ۾ اهي اصليت کان خالي ڪو نه آهن. البته گروهه جي دماغ انهن کي اسان جي اڳيان بگاڙي پيش ڪيو آهي، تنهن ڪري انهن جي اصلي شڪل و صورت اسان جي نظرن کان غائب ٿي وڃي ٿي.
    4- مناسب هي هو ته ان زماني ۾ اهي مصنوعي پردا هٽايا وڃن ها ۽ دنيا انهن واقعن کي اصلي صورت ۾ ڏسي ها پر گروهه جنهن عالمگير مرض ۾ مبتلا ٿئي ٿو، اهو وڌيڪ پکڙجندڙ ٿئي ٿو. هو هڪ اک سان ڏسي ٿو ۽ هڪ ڪن کان ٻڌي ٿو ۽ هڪ ئي دل سان يقين ڪري ٿو. ان ڪري هڪ شخص جيڪي ڪجهه چوي ٿو، ڄڻ سموري گروهه جي زبان جي ترجماني ڪري ٿو. هر شخص ان تي اهڙيءَ طرح يقين ڪري ٿو، جهڙي طرح چوڻ واري ان تي ايمان آندو هو.

    ڪجهه مثال:
    گذريل واقعن مان ان جا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. فرانس ۾ اتفاقي طور تي ٻه ڇوڪريون ٻڏي ويون. جڏهن لاش ڪڍيا ويا ته ڪجهه ماڻهن انهن جي سڃاڻپ ڪئي. ان تي ٻين کان شاهدي ورتي ويئي ۽ ماڻهن انهن جي تائيد ڪئي. پوليس انسپيڪٽر انهن ماڻهن جي شاهديءَ تي هنن جي دفنائڻ جو حڪم ڏنو پر ٿورن ڏينهن کانپوءِ معلوم ٿيو ته اُهي ڇوڪريون زندهه آهن. انهن زندهه ڇوڪرين ۽ ٻڏي ويل ڇوڪرين ۾ ڪا معمولي مشابهت هئي، جنهن هڪ گروهه کي دوکي ۾ وجهي ڇڏيو. اهڙي ريت هڪ ڇوڪري ٻي ڇوڪريءَ جي لاش جي سڃاڻپ ڪئي ۽ ڪيترن ماڻهن هن جي سڃاڻپ تي يقين ڪيو. ان واقعي جي ڦهلجڻ تي هڪ عورت روئيندي پٽيندي آئي ته ”اهو منهنجو پٽ هو!“ لاش تان ڪپڙو لاٿو ويو ته هن جي پيشانيءَ تي هڪ زخم هو، تنهن کي ڏسي عورت دانهن ڪئي ته ‘بيشڪ، اهو منهنجو ئي پٽ آهي’ جيڪو ڪيترن مهينن کان گم هو. ڪي ماڻهو هن کي اغوا ڪري ويا هئا ۽ بعد ۾ قتل ڪري ڇڏيائون. ان عورت جا مٽ مائٽ آيا، جن به چيو ته بيشڪ، هي اهو ئي ڇوڪرو آهي. جنهن اسڪول ۾ پڙهندو هو، ان استاد کان به تصديق ڪرائي ويئي. هُن به هن جي ڳچيءَ ۾ پاتل تعويذ کي ڏسي چيو ته واقعي هي اهو ئي ڇوڪرو آهي، ڇاڪاڻ ته مان تعويذ کي ڏسي هن کي سڃاتو آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته اهي سڀئي شاهديون غلط هيون. اهو ڇوڪرو شهر جي بورڊر جو پٽ هو ۽ اتي ئي قتل ڪيو ويو هو. عورت جي پٽ سان هن جو ڪو به تعلق ڪو نه هو.

    سريان خيال:
    گروهه جي ان دماغي مرض جو نالو سريان خيال آهي. هڪ دماغ پهرين ٻن شين جي معمولي ڀيٽ سان هڪ غلط خيال کي جنم ڏي ٿو. پوءِ سڄو گروهه اکيون بند ڪري، ان تي يقين ڪري ٿو. پاڻيءَ ۾ پٿر اڇلائڻ سان جيڪو گول دائرو پيدا ٿئي ٿو، اهو آهستي آهستي سموري پاڻي جي سطح تي ڦهلجي وڃي ٿو. بلڪل اهڙي طرح گروهه ۾ هڪ شخص ڪو خيال قائم ڪري ٿو، جنهن کي گروهه جي دماغ جي ڪارروائي عام ڪري ڇڏي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو گروهه جون سڀئي روايتون غلط ٿين ٿيون يا گهٽ ۾ گهٽ اختيار ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ جي قابل نٿيون ٿين. سريان خيال جو اثر اڪثر ضعيف العقل ماڻهن تي، توهم پرستيءَ ۾ مبتلا رهڻ ڪري ٿئي ٿو ۽ گروهه عام طور تي ضعيف الدماغ ٿئي ٿو. ان ڪري ارسطو ان گروهه ۾ شامل ٿي پنهنجي دماغ جون بهترين خاصيتون وڃائي ويهي ٿو.
    گروهه جي دماغي حالت عورتن سان مشابهت رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اهو توهم پرستيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. اڄ اهي ماڻهو جيڪي ڪلڪتي کان ڀڄي رهيا آهن، اهي ان سريان خيال جي وهندڙ لهر آهن! گروهه ۾ جيڪي مخصوص اوصاف ٿين ٿا، انهن جو بنياد به سريان خيال جي ڪري آهي. هڪ فرد گروهه ۾ شامل ٿي، ٻين فردن جي شرڪت سان طاقت حاصل ڪري ٿو. جهڙي طرح مسمريزم (Mesmerism) جو عمل انسان جي شعور جي اصلي قوت کي فنا ڪري هڪ نئون منظر پيدا ڪري ٿو، جنهن سان عجيب ۽ غريب فعل سرزد ٿين ٿا، اهڙي طرح فردن جي باهمي تاثير ۽ تاثر سان هڪ برقي وهڪرو پيدا ٿي وڃي ٿو، جنهن کي سريان خيال يا عددي چوندا آهن. اهو ئي سريان خيال گروهه جي عقيدن، خيالن ۽ مقصدن کي متحد ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان سان اهڙا عجيب و غريب فعل ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا، جيڪي شخصي حالتن ۾ بلڪل مشڪل هوندا آهن: هن جا سمورا عقيدا تبديل ٿي وڃن ٿا، قديم اخلاقي نظام تباهه ٿي وڃي ٿو ۽ شخصي عارضو به ختم ٿي وڃي ٿو. ڪنجوس، سخي ٿي وڃي ٿو، ڪمزور طاقت حاصل ڪري وٺي ٿو. مادي اصول مطابق جيڪا شيءِ جنهن قوت سان اُڀري ٿي، ان ساڳي قوت سان دٻجي به ٿي. جنگ جي زماني ۾ مذهبي عقيدا، وطني جوش، اخلاقي خوبيون، ادبي لٽريچر، مطلب ته هر شيءِ ۾ اُڀار پيدا ٿي پوي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن قوم انهن کي دٻائي ڇڏيو ته اهي هميشه لاءِ دٻجي ويندا ۽ جيڪڏهن کڙو ڪيو ته هميشه لاءِ کڙا ٿي ويندا. جنگ ۾ جيڪا اُٿل پُٿل ٿي پوي ٿي، اها ان سريان خيال جو نتيجو ٿئي ٿي.
    برقي رو ۽ مسمريزم وانگر جيتوڻيڪ سريان خيال جي ڪا وصف بيان نٿي ڪري سگهجي، تنهن هوندي به اها هڪ فطري شيءِ آهي ۽ انسان کان وٺي حيوانن تائين موجود آهي. جڏهن ٻڪرين جي ڌڻ ۾ هڪ بگهڙ اچي پوي ٿو، ته هڪ ٻڪري ان کي ڏسي ڀڄي ٿي. ٻين ٻڪرين کي بگهڙ جي خبر ناهي پر ڀڄڻ ۾ سڀئي هن سان شامل ٿي وڃن ٿيون. اردوءَ ۾ ڀيڙ چال (انڌي تقليد) هڪ عام محاورو آهي. ڪنهن خطري جي حالت ۾ هڪ گهوڙو هڻڪار ڪري ٿو ته ٻين سڀني گهوڙن جا ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا. انسانن ۾ تقليد جو مادو به ان سريان خيال جي ڪري پيدا ٿيو آهي. سريان خيال دماغ سان گڏوگڏ جسم تي به اثر وجهي ٿو. طبي تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪي ڊاڪٽر چرين جو علاج ڪندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن اُهي به چريا ٿي پوندا آهن.
    سريان خيال لاءِ گروهه جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ضروري ناهي. اهو هڪ سيلاب آهي جيڪو پنهنجو پاڻ اسان تائين پهچي وڃي ٿو. سن 1848ع ۾ پيرس ۾ جيڪا انقلابي هلچل هلي هئي، تنهن ٿورن ئي ڏينهن اندر سموري يورپ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.
    گروهه جي سڀني وحشياڻن فعلن جو اهو ئي ڪارڻ آهي. انسان کي ڪنهن ڪم کان صرف لعنت ۽ ملامت باز رکي سگهي ٿي پرسريان خيال، گروهه جي سمورن فردن کي هم خيال بڻائي ڇڏي ٿو. ان ڪري هڪ فرد ڪنهن ٻئي فرد کي جهل پل نٿو ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو گروهه جيڪو ڪجهه چاهي ٿو ڪري وجهي ٿو ۽ ان ۾ هن کي ڪنهن به قسم جي ندامت نٿي ٿئي. خود هر فرد جي اخلاقي حس جي قوت فنا ٿي وڃي. ٻيا فرد ان کي روڪي پيا سگهن پر اهي به ان مرض ۾ مبتلا آهن. اهڙي حالت ۾ انڌن کي ڪير رستو ڏيکاري سگهندو؟
    ڪن ڊاڪٽرن تجربي سان ثابت ڪيو آهي ته جنگ جي زماني ۾ سڄي قوم؛ خاص ڪري فوج جنون ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي. ممڪن آهي ته اها سريان خيال جي غلط تعبير هجي يا دماغي هيجان کي حقيقي جنون پيدا ڪيو هجي.
    شايد ڪنهن جو خيال هجي ته گروهه ڪي فائدي مند ڪم به ڪري ٿو، يعني هو مذهبن جو بنياد وجهي ٿو، قديم عقيدن کي محفوظ رکي ٿو، آزاديءَ جي پيڙهه جو پٿر رکي ٿو، عزت جو عَلَم بلند ڪري ٿو، مظلومن جي حمايت ۾ جان ڏيڻ کان نٿو ڪيٻائي. اهي سڀئي ڪم ڪنهن شعور جي قوت سان سرانجام نٿا ڏئي سگهجن. انهن ۾ هڪ لازوال روح حيات ڏسجي ٿو پر حقيقت ۾ اهو خيال صحيح ناهي. ڪنهن عمل جو فائديمند هجڻ، هن ڳالهه جو دليل نٿو ٿي سگهي ته اهو ڪنهن بيدار دماغ جي فڪري قوت جو نتيجو آهي.
    دنيا جو نظام لاشعوري قوتن جي اشاري تي هلي رهيو آهي. سج جي تپش، چنڊ جي روشني، درياءُ جي رواني، هوا جا جهوٽا دنيا لاءِ ڪيتري قدر فائديمند آهن؟ پر ڇا اهي ذي شعور هستيون آهن؟ خون ماده حيات آهي پر اهو اسان جي رڳن ۾ تيز ڊوڙي رهيو آهي. هاضمي جي عمل تي زندگيءَ جو دارو مدار آهي پر هاضمي جي قوت ۾ ڪو حس ۽ ادراڪ ناهي.
    سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ ته تيز ۽ چالاڪ دماغ تي مسمريزم جي عمل جو تمام گهڻو اثر ٿئي ٿو. گروهه خود ڪمزور دماغ ٿئي ٿو، تنهن ڪري سريان خيال جي پڪڙ ۾ اچي وڃي ٿو. ان ڪري هو پنهنجي ذهن ۽ ذڪاءُ کي محفوظ رکي ٿو. گروهه کان سڀئي فائديمند ڪم اڳواڻ وٺي ٿو. گروهه صرف ڪم ڪرڻ ڄاڻي ٿو، هن جو نفعي ۽ نقصان سان ڪو واسطو نٿو ٿئي. عظيم الشان عمارتون مزدور ٺاهين ٿا پر عمارت جو نقشو ڪنهن ٻي دماغ جو نتيجو ٿئي ٿو. مزدور ان جي خوبصورتي ۽ بدصورتي کان ناواقف ٿين ٿا.
    بهرحال گروهه دماغ رکي ٿو، مگر عقل ۽ شعور کان خالي ٿئي ٿو. پر سوال هي آهي ته گروهه ۾ داخل ٿي فردن جي حالت ۾ اهڙو عجيب غريب انقلاب ڇو ٿو پيدا ٿئي؟ بظاهر اها هڪ تعجب ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ارسطو به چريو ٿي پوي ٿو ۽ وري ڪڏهن بي عقل ماڻهو افلاطون جهڙين ذهني خاصيتن جو مالڪ بڻجي پوي ٿو. حضرت ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنه جي سنجيدگي، بُردباري بي مثال آهي.
    ڇا اهو دنيا کان ڪو جدا واقعو آهي؟ ڇا اهو ڪنهن مادي اصول جي دائري ۾ نٿو اچي سگهي؟ دنيا جن خارجي اثرات سان ڀريل آهي، اهي اثر جهڙي نموني دنيا تي جابرانه حڪومت ڪن ٿا، انهن کي سامهون رکڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته اهو انقلاب به مادي نظام جي دائري ۾ اچي سگهي ٿو. اهو ڪيترو ئي عجيب و غريب هجي پر ڪو معجزو ناهي جنهن کي بيان نه ڪري سگهجي.

    گروهه جا خارجي اثرات:
    دنيا ۾ فردن مٿان مختلف شيون اثر وجهن ٿيون: مذهب، قوميت، سياست، رسم و رواج ۽ زمانو، مطلب ته انسان اهڙي قسم جي سمورن اثرن کان شخصي حالت ۾ متاثر ٿيندو رهي ٿو. خطاب ڪندڙن جون تقريرون ٻڌي ٿو، کيل گهرن ۾ وڃي ٿو، متحرڪ تصويرن جو تماشو ڏسي ٿو ۽ انهن سڀني شين جون هن تي مختلف نمونن سان اثر پوي ٿو. هو بخمل جي پوشاڪن، پوليس جي وردي ۽ سلطنت جي جهنڊي جي ڦڙڪڻ کان مرعوب ٿي وڃي ٿو. هو اخبار پڙهي ٿو ۽ هيبتناڪ خبرن سان هن جي اعصابن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوي ٿي. هو خاڪ نشين فقيرن جي معنوي روحانيت اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿو. مطلب ته دنيا جي هر شيءِ هن تي اثر وجهي ٿي ۽ انساني وجود انهن اثرن کي حاصل ۽ قبول ڪرڻ جو هڪ نمونو ۽ مثال آهي.
    گروهه تي به اهي ئي شيون اثر وجهن ٿيون پر گروهه جي معنوي جوڙجڪ عام طور تي رقيق، نرم ۽ لچڪدار ٿئي ٿي، تنهن ڪري هن تي فردن جي ڀيٽ ۾ انهن اثرن جو دٻاءُ وڌيڪ شدت سان پوي ٿو ۽ مسمريزم جي عمل وانگر، هن جي شعور جي قوت کي ختم ڪري ڇڏي ٿو.
    ڪن شخصي حالتن ۾ ضعيف الدماغ فردن کي ڏٺو ويو آهي ته خارجي اثرن جي دٻاءُ کان بدحواس ٿي ويندا آهن. هڪ سڙيل لاش کي ڏسي يا ڪنهن ڪٽيل ڪنڌ تي نظر وجهڻ سان ڪيتريون ئي عورتون بي هوش ٿي وينديون آهن.
    ساڳي طرح گروهه عام طور تي ضعيف الدماغ هوندو آهي ۽ تمام گهٽ حالتن ۾ هن جو دماغ قوت جي نمائش ڪري سگهندو آهي. تنهن ڪري اهي خارجي اثرات ان تي ڇانئجي وڃن ٿا ۽ ان جي هر فرد کي هڪ جنون ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا. اهو ئي جنون گروهه جي عجيب و غريب ڪردارن ۽ افڪارن جو بنياد بڻجي پوي ٿو.
    جيتوڻيڪ گروهه دنيا جي هر شيءِ جي اثرن کان تقريباً متاثر ٿئي ٿو، ليڪن ڪن شين جو اثر هن تي خاص طور شديد ۽ اڻٽر ٿئي ٿو. انهن اثرات کي گروهه جا ‘اهڙن اثرن’ سمجهڻ گهرجي. اسان هت انهن جو نمبر وار تفصيلي ذڪر ڪنداسين.

    شديد ۽ مخصوص اثر:
    هر گروهه هڪ ليڊر جي اثر هيٺ ٿئي ٿو پر ليڊر جنهن شيءِ سان گروهه تي حڪومت ڪري ٿو، اها هڪ مخفي طاقت ٿئي ٿي، جنهن کي نفوذ (اثر) يا روحانيت چوندا آهن. ڪو به ليڊر ان طاقت کانسواءِ ليڊر بڻجي نٿو سگهي. البت اهو نفوذ ڪن ماڻهن ۾ فطري طور تي ڪجهه سرس ٿئي ٿو جيئن نيپولين. هو پنهنجي مخصو ص اڳواڻي ۽ سرداريءَ جي لياقت پاڻ سان گڏ ڄمندي کڻي آيو هو. يا تاريخ اسلام ۾ امير معاويه، تيمور ۽ نادر وغيره ۾ قدرتي طور تي سختيءَ جي قوت موجود هئي. ان قسم جو فطري نفوذ دنيا تي هڪ لازوال طاقت سان فرمانروائي ڪندو آهي. سڪندر مري ويو ۽ نيپولين پنهنجا آخري ڏينهن ڪسمپرسي ۾ گذاريا. مگر انهن جي شهرت اڳيان اڄ به اسان جا ڪنڌ جهڪي وڃن ٿا. انهن جا نالا ٻڌي اسان ڪنبي وڃون ٿا، حجاب محسوس ڪيون ٿا ۽ هڪ عجيب و غريب مخفي اثر جي عظمت جو احساس محسوس ڪريون ٿا!
    اڪثر حالتن ۾ اهو نفوذ خارجي اسباب جو نتيجو ٿئي ٿو. مال متاع، شان و شوڪت، ڏيک ويک ۽ خطابن ۽ لقبن جي ذريعي ڪي ماڻهو قوم ۾ نمايان ٿي، قوم کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏين ٿا. پوليس کي وردي ان ڪري پارائي وڃي ٿي جو ان ۾ رُعب ۽ دٻدٻو لڪل آهي. علماء جو جبو ۽ دستار ان خارجي ۽ مصنوعي نفوذ جو هڪ خطرناڪ آشيانو آهي. بادشاهن جي سواري جڏهن ڌام ڌوم سان نڪري ٿي ته رعب، دٻدٻي ۽ شان و شوڪت جي ڪيفيت طاري ٿي پوي ٿي. سلطنتون انهن ماڻهن کي خطاب ڏينديون آهن، جن جي اثر کان اهي ڪم وٺنديون آهن.
    ان عارضي نفوذ ۽ فطري نفوذ ۾ ڪو به تضاد ڪو نه آهي، بلڪه ٻئي هڪ ذات ۾ جمع ٿي سگهن ٿا. نيپولين پنهنجي ذاتي نفوذ کي فوجي لباس ۾ اڃا به وڌيڪ نمايان ڪندو هو، پر اڪثر ٻئي جدا جدا جلوه گر ٿيندا آهن ۽ اڪثر ائين به ٿيندو آهي ته مصنوعي نفوذ کي بغير ذاتي نفوذ جي پيدا ڪيو وڃي ٿو. جنرل زوفري ( ) ۽ سر جان فرنچ ( )جي صورت ڪيڏي رعبدار ۽ شاندار آهي؟ مگر غالباً دل جي آتشڪدي ۾ نفوذ جي هڪ چڻنگ به ناهي، نه ته هن وقت تائين يورپ جي جنگ جو نقشو بدلجي چڪو هجي ها.
    ان عارضي نفوذ جي نمائش لاءِ ليڊرن جو شاهاڻو استقبال ڪيو وڃي ٿو. اهو ئي مصنوعي نفوذ فوجن کي ويڙهائي ٿو ۽ انهن کي خون ۽ باهه جي درياهه ۾ اڇلي ڇڏي ٿو. گروهه ان مخفي اثر کان مدهوش ٿي وڃي ٿو ۽ هن کي پنهنجي عملن جي نتيجن جي بلڪل ئي خبر نٿي پوي.
    پر هر نفوذ هر گروهه تي اثر نٿو وجهي سگهي، گروهه ۽ ليڊر جي عقيدن ۽ خيالن ۾ مناسبت هئڻ گهرجي. هڪ جنرل، زاهد ۽ عبادت گذار تي ڪو به اثر نٿو وجهي سگهي، ڇو ته زاهد صرف وعظ ۽ نصيحت ئي متاثر ڪري سگهن ٿا. انبياءِ ڪرام عليهم الصلواة والسلام ان ڪري امت جي قديم عقيدن ۽ خيالن جو لحاظ رکندا هئا، جڏهن باهه جا اهي ٻئي شعلا يعني جماعت ۽ قيادت پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا ته پوءِ جماعت اهڙا عجيب و غريب ڪم ڪري وجهي ٿي، جن کي معجزن ۽ عجائبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو!
    2- ڪنهن ڳالهه کي وري وري دهرائڻ سان گروهه تي ڏاڍو اثر پوي ٿو. نيپولين جو قول آهي ته ‘دنيا ۾ اهو شخص ڪامياب ٿي سگهي ٿو، جيڪو هڪ ڳالهه کي بار بار دهرائي ٿو.’ پر ان باريڪ نقطي کي تمام گهٽ ماڻهو سمجهن ٿا ۽ تنهن کان به گهٽ ان جي تقليد ڪري سگهن ٿا.
    ڪي ليڊر سڄي حياتي هڪ ئي موضوع تي تقرير ڪندا رهندا آهن. اخبارن ۾ اشتهار ان مقصد لاءِ وري وري ڇاپيا ويندا آهن- پر هر تاڪيد مؤثر ٿي نٿي سگهي ۽ نه ڪي هر دفعي ڳالهه کي دهرائڻ فائدي مند ٿي سگهي ٿو. اهو هڪ خاص اصول جو پابند آهي. تاڪيد جملي کي سادو، مختصر ۽ دلدل کان خالي هئڻ گهرجي. قرآن حڪيم شراب متعلق صرف هيترو چيو:
    فَہَلۡ اَنۡتُمۡ مُّنۡتَہُوۡنَ ﴿۹۱﴾ (المائدة-91)
    ”ڇا توهان باز نه ايندؤ؟“
    حضرت عمر رضي الله عنه پڪاري چوڻ لڳا: انتهينا، انتهينا!! ‘اسان باز آيا سون، اسان باز آياسون.’
    پر جيڪڏهن هڪ ڳالهه مختلف نمونن سان بدلائي ڪئي وڃي ته تاڪيد جو اهو اڃا به موثر ترين طريقو آهي. هڪ سادي اشتهار کي جڏهن رنگين ڪاغذ تي ڇاپيو وڃي ٿو ته ان جو اثر ڏاڍو وڌي وڃي ٿو!
    تڪرار جو هر شخص تي اثر پوي ٿو، پر جيئن ته گروهه جي معنوي بناوٽ نهايت ڳوڙهي آهي، ان ڪري هن جو جيڪو نقش، تڪرار جي ذريعي قائم ٿئي ٿو، اهو ڪڏهن به نٿو ميسارجي.
    انسان جڏهن هڪ ڳالهه مختلف ماڻهن کان ٻڌي ٿو ته ان تي مجبورن يقين ڪري ٿو. ان ريت جڏهن گروهه ساڳي ڳالهه بار بار ۽ مختلف طريقن سان ٻڌي ٿو ته هن تي ان جو اهو ئي اثر پوي ٿو، جيڪو هڪ شخص تي ڪنهن روايت جي مختلف وصفن ۽ ڪيترن راوين جي روايت سان پوي ٿو. ان تڪرار جي اثر کان گروهه ۾ يقين ۽ اعتبار جي پختي ڪيفيت پيدا ٿي پوي ٿي، جنهن جو نالو ‘سريان خيال’ آهي ۽ گروهه کي فڪر و عمل جي رشتي ۾ يڪجا ڪري ڇڏي ٿو!
    3- گروهه صورت کان ڏاڍو متاثر ٿيندو آهي پر ان جي ابتڙ حقيقت جو مٿس گهٽ اثر پوي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن گروهه کي ٻڌايو وڃي ته فلاڻي پاڙي ۾ ڏهه ماڻهو تپِ دق جي مرض ۾ لوڙي مري ويا آهن، ته هن تي ڪو به اثر نه ٿيندو، پر جيڪڏهن ان واقعي کي هن طرح بدلائي بيان ڪجي ته هڪ گهر جي ڪِرڻ سان پنج ماڻهو دٻجي مري ويا ته اهو چؤٻول گهر گهر تائين ڦهلجي ويندو!
    پليگ ۾ هر سال لکين جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون. اسان اخبارن ۾ انهن متعلق خبرون پڙهندا آهيون، مگر ان کي هڪ معمولي واقعو سمجهندا آهيون. پر ڪنهن اخبار ۾ اسان جي نظر کان هڪ سٽ جي خبر گذري ٿي ته فلاڻو جهاز غرق ٿي ويو ۽ ان جو ڪو به مسافر زندهه نه بچيو ته هڪدم اسان جا اعصاب متزلزل ٿي وڃن ٿا ۽ اسان جي اندر ۾ ڏک ۽ غم جي ڪيفيت پيدا ٿي پوي ٿي!
    تقرير ۾ خطاب جو اثر گروهه تي رڳو ان لاءِ پوي ٿو، جو ان وسيلي سندس ذهني صورتن کي اڳيان آڻي بيهاريو وڃي ٿو. بلڪه خطاب ڪندڙ جي چرپر، سندس ڳالهائڻ جو انداز ۽ اشارا، خود هن کي ان شيءِ جي تصوير بڻائي ڇڏين ٿا، جنهن تي هو ڳالهائي رهيو آهي. گروهه ڪنن سان هن جي تقرير ٻڌي ٿو ۽ اکين سان هن کي ڏسي ٿو. ان ڪري اندر ۽ ٻاهر ٻنهي جاين تي هن جي نگاهه جو مرڪز هڪ متحرڪ صورت ۾ نظر اچي ٿو ۽ هن جي مٿان ان صورت جو اثر پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي اڪثر ليڊرن هٿن کان وڌيڪ زبان سان دنيا کي فتح ڪيو آهي!
    لفظن جون معنائون هر زماني ۾ بدلجنديون رهن ٿيون. آزاديءَ جو جيڪو مفهو م اڄ آهي اهو گذريل زماني ۾ اهڙو نه هو، تنهن ڪري تقرير ڪندڙ کي لفظن جي وقتي اثر ۽ مفهوم جو به لحاظ رکڻ گهرجي. جڏهن ڪا تقرير اهڙين سڀني خوبين سان ٽمٽار هوندي آهي ته پوءِ اها جماعت تي گهرا اثر ڇڏيندي آهي.
    لفظ جماعت جي سامهون، جنهن معنيٰ جي مجسمي کي کڙو ڪن ٿا، سو پرده پوش هوندو آهي، پر کيل گهر ۽ متحرڪ تصويرون هن کي بلڪل بي نقاب ڪري ڇڏين ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو جماعت تي انهن جو شديد اثر پوي ٿو.
    رومن قوم جيڪا دنيا جي هڪ متحرڪ ۽ زنده قوم هئي، هميشه ناٽڪ گهرن کي پنهنجي ڪاميابيءَ جي منزل مقصود سمجهندي هئي. هاڻي به باغي خيال ان جي ذريعي ڦهلايا وڃن ٿا. شخصي حڪومتون انقلابي مضمونن وانگر تصويرن کي به ضبط ڪنديون آهن. پيرس ۾ هڪ ايڪٽر هڪ مجرم جو پارٽ ادا ڪيو ۽ هن جي ڏوهه جا مختلف منظر ڏيکاريا. تماشائين ۾ ايتري قدر هنگامو پيدا ٿيو جو هر شخص ان فرضي مجرم تي حملو ڪرڻ لاءِ وڌيو. جيڪڏهن پوليس ان ايڪٽر کي پنهنجي پهري هيٺ نه وٺي ها ته هو پنهنجي فرضي ڏوهه جي حقيقي سزا کائي ها. ناٽڪ گهر ۽ چرندڙ تصويرون (Bioscope) ان ڪري به گروهه تي زياده اثر وجهن ٿيون جو گروهه واقعن جي نتيجن جي تلاش نٿو ڪري. هو صرف واقعن جي اصلي صورت ڏسڻ چاهي ٿو. اسان ٻڌندا آهيون ته جنگ ۾ پنج هزار ماڻهو مري ويا پر چرندڙ تصويرون اسان کي انهن جي جسمن جا زخم ۽ گردنن مان وهندڙ خون ڏيکارين ٿيون. نتيجن جي لحاظ کان اخبارن جي خبرن ۽ چرندڙ تصويرن جي تماشن ۾ ڪو به فرق ناهي پر گروهه تي نتيجو ڪو به اثر نٿو وجهي. موت کان وڌيڪ خون جو سيلاب ۽ زخم کان وڌيڪ رت جي لالاڻ هن جي جذبن کي ڀڙڪائي ٿي. هڪ مئل فلاسفر جو لاش جماعت لاءِ ڪا مؤثر شيءِ ناهي پر هڪ زندهه سپاهيءَ جو خون جو هڪ قطرو هن کي هوش کان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو!!
    4- گروهه تي وسوسن جو به نهايت شديد اثر پوندو آهي. هو حقيقت کي نٿو پوڄي پر حقيقت جي وهمي ڏيکاءُ جي پرستش ڪري ٿو. بت پرستيءَ جو رواج ان بنياد تي پيو جو انسان خدا کي انسان جي شڪل ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. جيڪڏهن بت خانا نه هجن ها ته بتن جي طاقت جو خاتمو ٿي وڃي ها. اسان عظيم الشان عمارتن جي برباديءَ تي ماتم ڪندا آهيون، پر پٿرن ۽ سرن جي ان ڍير ۾ ڇا رکيو آهي؟منجهس اسان جي ابن ڏاڏن جي گذريل عظمت جي وهمي حقيقت لڪل هوندي آهي. سڄي دنيا ان وهم پرستيءَ جي ڪري پنهنجن قديم قدرن ۽ روايتن کي قائم رکي ٿي. عجائب گهر ان ڪري قائم ڪيا ويندا آهن جو اهي قديم زماني جي يادگارن کي ڏيکاري اسان جي دل ۾ اها تصوير ويهارڻ چاهن ٿا. تمدن ۽ تهذيب جي ٿنڀ کي ان وهمي حقيقت قائم رکيو آهي. جيڪڏهن انهن يادگارن کي برباد ڪيو وڃي ته دنيا جي قديم وحشت وري جاڳي پوي. ميدان ۾ هزارين لاش ڪٽجي ڪرن ٿا، مگر انسانيت جي اکين مان صرف ڳوڙها وهي هلن ٿا، پر جيڪڏهن هڪ ڪتاب گهر، هڪ عجائب گهر يا هڪ قلعو ڊاٿو وڃي ٿو ته تهذيب ۽ تمدن جي اک رت جي ڳوڙهن جو سيلاب وهائي ٿي. ڇا انساني خون کان اهي شيون وڌيڪ قيمتي آهن؟ ڇا انسان لاءِ سڀ ڪجهه آهي يا انسان سر ۽ پٿر تي ماتم ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي؟
    پر جماعت انهن جي حفاظت لاءِ پنهنجو خون وهائي ٿي، ڇاڪاڻ ته اها صرف وهمي اميد تي زندگي بسر ڪري ٿي ۽ هن جي اميدن جو مرڪز سندس دماغ آهي. هن پنهنجي شعور جي قوت کي وڃائي ڇڏيو آهي. هن جي اميد جو آشيانو هن جي قلعي جا برج هوندا آهن. جيستائين اهي قائم آهن، جماعت زندهه آهي. جيڪڏهن اهي برباد ٿي ويا ته سمجهڻ گهرجي ته جماعت جو سلسلو ٽٽي پيو!
    جنگ جي ميدان ۾ بادشاهه جو تاج اوچتو زمين تي ڪري ٿو. هڪ فلاسفر جي نظر ۾ اهو نهايت معمولي واقعو آهي پر سموري فوج جا پير اُکڙي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو ئي هنن جي اميد جو سهارو هو.
    5-هڪ گروهه تجربي کان به ڏاڍو متاثر ٿئي ٿو. جيڪڏهن بار بار جي تجربي سان اهو ثابت ڪيو وڃي ته ڪا قوم يا هڪ سلطنت ظالم آهي ته گروهه کي هن جي خلاف آسانيءَ سان ڀڙڪائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن لڳاتار واقعا ڪنهن قوم جي خوبين کي ظاهر ڪري چڪا هجن ته گروهه ان جي حمايت ۾ نهايت گرمجوشيءَ سان تيار ٿي وڃي ٿو. اسلام جي معاشرتي طريقن جنگ جي موقعن تي اڪثر ان حقيقت کي نمايان ڪيو آهي. مسلمانن جي مستقل همدردانه ۽ عادلانه رويي ۽ سهڻي سلوڪ، مختلف قومن کي پاڻمرادو، هن جي حلقي ۾ آڻي ڇڏيو هو. تاريخ اسلام ان جا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهي ٿي.

    (الهلال، جلد-5، نمبر 15، 16 ۽ 17، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1914ع تان ترجمو ڪيل)


    انقلاب ۽ جنگ جي اصليت

    حرب ۽ اسلام ۾ ڪنهن به قسم جو اتحاد ۽ اشتراڪ ڪو نه آهي. هِجِي ۽ ترڪيب جي لحاظ کان انهن ٻنهي لفطن ۾ هڪڙي اکر جو به ميل ميلاپ ڪونهي. لغوي معنيٰ ۾ اڃا ان کان به وڌيڪ اختلاف آهي. حرب جي لغوي معنيٰ کان هر هڪ واقف آهي پر جيڪڏهن ڪو بدقسمت انسان اهڙو به آهي، جنهن کي ان جي تحقيق جي ضرورت آهي ته قاموس ۽ لسان العرب جي ورق گرداني ڪرڻ بجاءِ هن کي دنيا جي برباديءَ جي تاريخ جو غور سان مطالعو ڪرڻ گهرجي، جنهن جو هڪ هڪ صفحو ان لفظ جو عبرت ۾ وجهندڙ تفسير بيان ڪري رهيو آهي.
    جيڪڏهن هن کي ان مان به اطمينان نه ٿئي ته هن وقت يورپ جو جنگي ميدان( ) جامع لغت وانگر دنيا اڳيان کليل آهي. رت جا ريلا هن جي هڪ هڪ سٽ کي واضح ڪري رهيا آهن ۽ انهن سٽن ۾ اِن لفظ جي لالاڻ سولائيءَ سان نظر اچي سگهي ٿي!
    پر جڏهن الله جي ڌرتيءَ جو امن خون جي لهرن ۾ ٻڏي ويو آهي. صلح ۽ آشتيءَ جي ديوي خون سان ٻڏل چادر ۾ منهن لڪائي ڇڏيو آهي. اطمينان ۽ سڪون کي خونخوار توبن ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ته اهڙي حالت ۾ لفظ اسلام جي لغوي تحقيق ڪرڻ نهايت مشڪل آهي. پوءِ دنيا کي ڪيئن يقين ڏيارجي ته ”ان لفظ جو مادو سلم آهي ۽ جنهن جي معنيٰ صلح آهي.“ صلح جو آخري نتيجو اطاعت ۽ فرمانبرداري آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن اهو صحيح آهي ته اسلام جي معنيٰ ”ڪنڌ جهڪائڻ“ آهي ته پوءِ دنيا جي سڀني مذهبن ۾ صرف اهو ئي هڪ مذهب اهڙو آهي، جيڪو صلح ۽ ڀائيچاري جو آخري سهارو آهي.
    وَ اذۡکُرُوۡا نِعۡمَتَ اللّٰہِ عَلَیۡکُمۡ اِذۡ کُنۡتُمۡ اَعۡدَآءً فَاَلَّفَ بَیۡنَ قُلُوۡبِکُمۡ فَاَصۡبَحۡتُمۡ
    بِنِعۡمَتِہٖۤ اِخۡوَانًا. (آل عمران-103)
    ”۽ خدا جي ان احسان کي ياد ڪريو، جڏهن توهان هڪ ٻئي جا دشمن هيؤ، ته خدا اوهان ۾ محبت ۽ الفت پيدا ڪئي ۽ اوهان ان جي فضل سان ڀائر ٿي ويؤ.“
    جيئن ته هينئر پاڻ ۾ نفرت ۽ حقارت، اختلاف ۽ مخالفت، دشمني ۽ عداوت آهي. هن وقت تائين يورپ انهن ٻنهي لفظن (حرب ۽ اسلام) کي هم معنيٰ ۽ هڪ ٻئي جو مترادف سمجهندو رهيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن يورپيءَ اڳيان اسلام جو نالو ورتو وڃي ٿو ته سندس نظرن اڳيان جنگ جو هڪ وسيع، خونريز ۽ وحشت انگيز، غارت گر ۽ بدامنيءَ جو خوني منظر سامهون اچي وڃي ٿو. ان منظر کي ڏسي سندس نگاهه رت جي وهڪرن سان ملي وڃي ٿي. هن جي سامهون بي پرده ۽ اگهاڙين ٻانهين جون قطارون بيٺل نظر اچن ٿيون. هن جي آڏو خزاني جو هڪ ڍير لڳي وڃي ٿو، جنهن کي هر مجاهد لوڀ ۽ لالچ سان لٽي ۽ ڦري ٿو!
    جيتوڻيڪ ان جو مخالفانه جواب نهايت سولائي سان يورپ جي جديد ۽ قديم تاريخ مان ڏيئي سگهجي ٿو، جو يورپ جي مذهبي جنون جي يادگار صليبي جنگ جي تاريخ کان وٺي دنيا جي امن ۽ سڪون کي پنهنجي اندر لڪائي ڇڏيو آهي. ان کان به وڌيڪ اهو ته يورپ جو موجوده جنگي ميدان ڪافي وقت کان قيامت جي حشر جهڙو بڻيل آهي، جنهن جي توپن جي منهن مان هي صدائون بلند ٿي رهيون آهن.
    یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اتَّقُوۡا رَبَّکُمۡ ۚ اِنَّ زَلۡزَلَۃَ السَّاعَۃِ شَیۡءٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱﴾ یَوۡمَ تَرَوۡنَہَا تَذۡہَلُ کُلُّ مُرۡضِعَۃٍ عَمَّاۤ اَرۡضَعَتۡ وَ تَضَعُ کُلُّ ذَاتِ حَمۡلٍ حَمۡلَہَا وَ تَرَی النَّاسَ سُکٰرٰی وَ مَا ہُمۡ بِسُکٰرٰی وَلٰکِنَّ عَذَابَ اللّٰہِ شَدِیۡدٌ ﴿۲﴾ (الحج-2-1)
    ” اي لوڪو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، ڇو ته وعدي ڪيل وقت وارو ڌڏاءُ وڏي مصيبت آهي. جنهن ڏينهن سڀ ڪا ٿڃ پياريندڙ ماءُ پنهنجي ٿڃ پياڪ ٻار کي (دهشت کان) وساريندي ۽ سڀ ڪنهن ڳڀ (حمل) واري جو ڳڀ ڪري پوندو ۽ توهان ماڻهن کي ڏسندؤ ته اُهي بيهوش ۽ بدحواس هوندا، حالانڪه اهي بيهوش نه هوندا پر خدا جو عذاب ڏاڍو سخت آهي، جنهن انهن کي بدحواس ڪري ڇڏيو آهي!“

    الحرب ۽ العرب:
    پر ان سوال جي تحقيقي جواب لاءِ اسان کي سڀ کان پهريون عرب جي قديم تاريخ کي ڏسڻ گهرجي، جتان اسلام جو ظهور ٿيو هو، جنهن سماج ۾ اسلام نشو و نما پاتي هئي ۽ جنهن لاءِ يورپ کي گمان آهي ته اسلام خون جو درياهه وهايو هو. عربن ٻين قومن وانگر شروع کان ئي جنگ جو نهايت اڻ وڻندڙ مثال قائم ڪيو هو. سندن اڪثر لڙايون ڦرلٽ لاءِ هونديون هيون، جيڪي جنگيون غيرت ، خود داري، ننگ ناموس جي لاءِ وڙهيون وينديون هيون، تن ۾ پڻ غارتگريءَ جو وحشياڻو جنون صاف نظر ايندو هو، بلڪه اهڙي قسم جي جنگين ۾ بغض ۽ عداوت جا شعلا انهن وحشياڻين ڪاررواين کي اڃا به وڌيڪ خوفناڪ ڪر ي ڇڏيندا هئا. عرب جي جنگين جون خاصيتون هيٺينءَ ريت هيون.
    (1) عورتن کي عام طور بي پردي ڪيو ويندو هو ۽ ان ڳالهه تي فخر محسوس ڪيو ويندو هو.
    و عقليه يسعي عليها قيم
    متفطرس ابديت عن خلخالها
    ”گهڻيون پرديدار عورتون آهن جن جا خوددار مڙس انهن جي حفاظت جي ڪوشش ڪن ٿا پر ان جي باوجود مان انهن جا پازيب لاهي ورتا.“
    ان ڪري اهل عرب عورتن جي حفاظت ۽ سندن پردي کي پنهنجو سڀ کان وڏو ڪارنامو سمجهندا هئا. مٿئين شعر مان ان جي تصديق ٿئي ٿي. هڪ ٻيو شاعر چوي ٿو:
    وخمار غاشيھ عقدت براسها
    اصلاو کان منشرا بشمالها
    ” ۽ هڪ نوجوان عورت کي مون شام جي وقت رئو اوڍائي ڇڏيو، حالانڪه هوءَ سڄو ڏينهن بي پردي ۽ بدحواس رهي چڪي هئي.“
    جنگ جي ميدان ۾ دشمن جي لاش کي بغض ۽ عداوت جي نشي ۾ ذليل ۽ خوار ڪرڻ ۽ گهلڻ اڪثر جو معمول هو. تنهن ڪري هي چوڻ ته ”مان مخالف کي جنگ جي ميدان ۾ پيرن کان وٺي گهليو،“ ان جملي جي مترادف هو ته ” مان هن کي قتل ڪيو،“ ڄڻ قتل ڪرڻ ۽ لاش کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ لازم ۽ ملزوم هو.
    هڪ شاعر چوي ٿو:
    وشدواشده اخريٰ فجروا
    بارجل مثلهم ورموا جوينا
    ”دشمنن ٻيو حملو ڪري پنهنجي مخالف جا پير پڪڙيا ۽ گهليو ۽ جوين کي تير ماريو.“
    (2) دشمن جو نڪ ۽ ڪن ڪٽڻ ۽ سندس پيشانيءَ کي بگاڙڻ نه صرف مردن تائين محدود هو، بلڪه عورتون به ان ڪم ۾ مردن کان اڳريون هيون.
    تاريخ اسلام ۾ حضرت حمزه رضه جي لاش جي هنده جنهن وحشياڻي نموني توهين ڪئي، سا ڏکوئيندڙ منظر پيش ڪري رهي آهي.
    (3) دشمن کي زندهه باهه ۾ ساڙڻ هڪ تاريخي ڪارنامو ليکيو ويندو هو. هڪ شخص ڪنهن قوم کي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو هو، جنهن جي ياد ۾ عربن هن کي مُحرِق (جلائيندڙ) جو لقب ڏنو هو. عرب جي جنگي تاريخ ۾ هڪ نئين روايت پيدا ڪئي وئي. اهڙي طرح هڪ شاعر عرب جي چند بهادرن جي ساراهه ۾ ڪيڏي نه شان ۽ فخر سان چوي ٿو:
    کانوا عليٰ الاعداءَ نار محرق،
    ولقو مهم حرما من الاحرام.
    ”اهي ماڻهو دشمن لاءِ ته محرق جي باهه هئا، جنهن هڪ قوم کي زندهه ساڙي ڇڏيو هو، مگر پنهنجي قوم لاءِ پناهه گاهه وانگر هڪ پناهه گاهه هئا.“

    لغوي استدلال:
    جيتوڻيڪ جنگ دنيا لاءِ هميشه هڪ مصيبت سمجهي وڃي ٿي پر عرب جي وحشياڻن جنگي طريقن، روم ۽ بابل جي جنگ اڃا به وڌيڪ هيبتناڪ ۽ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو هو. عربي ٻوليءَ ۾ جنگ لاءِ جيڪي لفظ، ترڪيبون استعارا استعمال ڪيا ويا هئا، تن سڀني مان ان جو اظهار ٿئي ٿو.
    اهل عرب جنگ کي باهه سان تشبيهه ڏيئي، باهه جون سڀئي ڪيفيتون ثابت ڪرڻ گهرندا هئا:
    و اوقد نارا بينهم بضرامها
    لها وهج للمصطلي غير طائل
    ”۽ خدا ٻنهي قبيلن ۾ باهه جا شعلا ڀڙڪائي، جيڪي ڏنڀجڻ واري لاءِ سخت تڪليف ده هجن.“
    خود قرآن مجيد به ان استعاري کي استعمال ڪري هڪ لطيف روايت پيدا ڪئي آهي.
    کُلَّمَاۤ اَوۡ قَدُوۡا نَارًا لِّلۡحَرۡبِ اَطۡفَاَہَا اللّٰہُ ۙ.(المائدة-64)
    ”ته جڏهن انهن جنگ جي باهه کي ڀڙڪايو ته الله ان کي وسائي ڇڏيو.“
    جنگ کي اُٺ سان ڀيٽ ڏيند اهئا، جيڪو سڀني کان وڌيڪ انتقام وٺندڙ جانور آهي ۽ جڏهن زمين تي ويهي ٿو ته سندس وزني سيني ۽ گردن جي بار سان ان شيءِ کي چُور چُور ڪري ڇڏي ٿو جيڪا هن جي هيٺان اچي وڃي ٿي.
    انختم علينا کلکل الحرب مرة
    فنحن منيخوها عليکم بکلکل
    ”جهڙي طرح اوهان، اسان جي مٿان جنگ جي اٺ کي ويهاري اسان کي چُور چُور ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءُ طرح اسان به اوهان کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏينداسين.“
    مفرد استعارا به اهڙي مفهوم تي دلالت ڪندا آهن. النطاح دنبن جي ويڙهه کي چوندا آهن. جيئن ته جنگين ۾ به اهڙي قسم جي درندگي ۽ حيوانيت جو اظهار ڪيو ويندو هو، ان ڪري حملو ڪرڻ کي ان لفظ سان ڀيٽ ڏيندا هئا.
    والکر بعد الفراذ
    کره التقدم والنطاح
    ” ۽ پاسو بچائڻ کان پوءِ حملو، جڏهن اڳتي وڌڻ ۽ ٽڪر هڻڻ ناگوار معلوم ٿيندو آهي.“
    ان کانسواءِ مفرد لفظ به اهڙي قسم جي معنيٰ تي ٻڌل هوندا هئا. عربي ٻوليءَ ۾ جنگ لاءِ هڪ مروج لفظ ‘روع’ آهي، جنهن جي معنيٰ خوف ۽ دهشت آهي.
    اذا حملتني والسلاح مشيحھ
    اليٰ الروع لم اصبح عليٰ سلم وائل
    ”جڏهن گهوڙو مون کي هٿيارن سميت کڻي ڪنهن ميدان طرف ڊوڙندو ته مان بڪر بن وائل جي صلح کي قبول نه ڪندس بلڪه ڄمي وڙهندس.“
    لڙائيءَ کي يوم ڪريهه به چوندا هئا، جنهن جي معنيٰ آهي مصيبت ۽ تڪليف جا ڏينهن. جيڪي ماڻهو مانجهي مجاهد هوندا هئا، تن کي ‘ابن الڪريهه’ جو لقب ڏيندا هئا يعني مصيبت جو فرزند:
    امافي بني حصن من ابن کريهھ
    من القوم طلاب التراث غشمشم
    ”ڇا قبيلي بني حصن ۾ ڪو مصيبت (جنگ) جو انتقام وٺندڙ ۽ اولوالعزم فرزند ڪو نه آهي؟“

    حرب:
    عربي ٻوليءَ جي ڪشادگي ان قسم جا سوين بلڪه هزارين مثال پيش ڪري سگهي ٿي پر سڀ کان وڌيڪ مناسب لفظ حرب هو جيڪو لغوي معنيٰ جي لحاظ کان جنگ جي مقصدن جو هڪ جامع تفسير آهي. دنيا ۾ صرف ڦرمار ڪرڻ يا بغض ۽ انتقام وٺڻ لاءِ جنگ جي باهه کي ڀڙڪايو ويندو هو. پهرين قسم جي جنگين کي (جيڪي صرف ڦرمار ڪرڻ لاءِ وڙهيون وينديون هيون) عربن هڪ معمول جي روايت بڻائي ڇڏيو هو، جنهن ڪري انهن ڪا به تاريخي حيثيت حاصل ڪا نه ڪئي پر ٻي قسم جي جنگين جي عبرت انگيز داستانن کي تاريخ محفوظ رکيو، جنهن لاءِ ادب جي اصطلاح ۾ ‘ايام الحرب’ جو لفظ جوڙيو ويو آهي.
    لفظ ‘حرب’ انهن ٻنهي قسمن جي لڙاين جي سببن ۽ مقصدن تي پورو بيهي ٿو، جيئن لغت جي وضاحت مان ثابت ٿئي ٿو ته:
    حرب خشمگين شدن، تحريب بر غالا نيدن و خشم گرفتن، و بخشم آوردن و تيز کردن سنان را، حربيھ الرجل مالُه الذي يعيش به، حربُ گرفتن مال کسي و بي چيز ماندن. وقد حرب مالُه اي سلبه فهو محروب و حريب واحربته اي دللته عليٰ ما يغنمُه من عدو.
    ”حرب جي معنيٰ ڪاوڙجڻ آهي ۽ تحريب جي معنيٰ ڀڙڪائڻ، ڪاوڙ ڪرڻ، ڪاوڙ ڏيارڻ ۽ نيزو تيز ڪرڻ آهي. حربيھ ان مال کي چوندا آهن جنهن تي ماڻهو زندگي گذاري ٿو. حرب جو اطلاق ڪنهن جو مال وٺڻ ۽ ڪنگال رهجي وڃڻ تي به ٿئي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ”حُرِب ماله“ يعني هن جو مال کسيو ويو. ڦريل شخص کي ‘محروب’ ۽ ‘حريب’ چوندا آهن. چئبو آهي ته ”احربتُه“ يعني مان ڪنهن کي دشمن جي مال متاع جو ڏس ڏنو.
    اها ئي قوم، اهو ئي لٽريچر ۽ اها ئي ٻولي هئي، جنهن ۾ قرآن مجيد نازل ٿيو. هاڻي اسان کي ڏسڻ گهرجي ته قرآن عربن جي عقيدن، عملن، چال چلت ۽ اٿي ويٺيءَ ۾ ڪهڙا سڌارا آندا ۽ تبديليون ڪيون. عرب جي جنگي تاريخ تي ۽ ٻي سموري دنيا جي جنگي تهذيب تي انهن تغيرات ۽ سڌارن جو ڪو اثر پيو به يا نه؟

    الحرب ۽ القرآن:
    قرآن مجيد عقيدن، عملن، اخلاق، اُٿي ويٺي ۽ چال چلت متعلق جيڪي سڌارا آندا، سي رڳو اندروني سطح تائين محدود ناهن پر انهن جو اثر ظاهري طور تي به ٿيو آهي. لفظ ۽ اصطلاح جيتوڻيڪ حقيقي شيءِ ناهن پر معنيٰ جو پردو ضرور آهن، جيڪو مٿن چاڙهيو وڃي ٿو. پر جيئن ته اسلام باطني توڙي ظاهري اصلاح ڪئي، ان ڪري هن ٻين سمورين شين سان گڏ عربي لٽريچر ۽ عربي ٻوليءَ جو پڻ سڌارو ڪيو آهي.
    ٻولي حقيقت ۾ اسان جي نفسياتي ڪيفيتن جي سفير ٿئي ٿي، جيڪا نهايت ديانتداريءَ سان اسان جي دل جو پيغام دنيا کي پهچائي ٿي. ان بنياد تي اها اسان جي خيالن، عقيدن، اخلاق ۽ عادتن جي ماتحت آهي. جيئن ته جاهليت جي زماني ۾ انسان جا خيال نهايت ڪُڌا ۽ ذليل هوندا آهن، ان ڪري لفظن ۽ ٻوليءَ تي به انهن جو اثر پوندو آهي. ڪمينين قومن ۾ سوين فحش لفظ ان اخلاقي زوال جي ڪري رواج ۾ اچي وڃن ٿا، جن کي هڪ مهذب ۽ با اخلاق ماڻهو ٻڌڻ به پسند نٿو ڪري. عرب جي جاهليت ۽ بدويت ان قسم جا جيڪي لفظ پيدا ڪيا هئا، تن کي اعليٰ درجي جو اهو تمدن قبول ڪري نٿي سگهيو، جنهن کي قرآن مجيد پيدا ڪرڻ چاهيو ٿي. تنهن ڪري قرآن مجيد اهڙن سمورن لفظن جي اصلاح ڪري، انهن کي بدلائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هيٺ چند مثال پيش ڪجن ٿا.
    خيالن جي اظهار جو سڀ کان وڌيڪ نازڪ موقعو اهو هوندو آهي، جڏهن انسان ازدواجي تعلق ۽ ميل ميلاپ جا لاڳاپا بيان ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندو آهي. عرب جي مشهور شاعر امرا القيس، جنهن فحش نموني اهڙن خيالن کي ظاهر ڪيو هو، اسلامي ادب جي سموري تهذيب ان کان پاڪ آهي.
    و مثلک حلبي قد طرقت و مرضع
    فالهيتها عن ذي تمائم محول
    ‘تو جهڙيون ڪيتريون محبوبائون جيڪي پنهنجن ٻارن کي کير پياريندڙ آهن، تن کي مان پنهنجي محبت ۾ ايڏو ته مست ڪيو، جو اهي پنهنجن معصوم ٻارن کي وساري ويٺيون.’
    پر قرآن مجيد ۾ خاص ڪري عورتن متعلق سورت النساءَ نازل ٿي. جيئن ته ان ۾ عورتن جي نڪاح ۽ طلاق جا سڀئي مسئلا بيان ٿيل آهن، تنهن ڪري فطري طور تي نازڪ موقعا بار بار بيان ٿيڻا هئا پر قرآن مجيد جن مهذب لفظن ۽ لطيف اشارن سان انهن جو ذڪر ڪيو آهي، شرم ۽ حياءَ تن کي پنهنجي چهري جو نقاب سمجهي ٿو.
    مثال طور هي مفهوم ادا ڪرڻو هو ته پنهنجي گهرواريءَ سان جماع ڪرڻ کانپوءِ حق مهر واپس نٿو وٺي سگهجي. ان کي قرآن مجيد هنن لفظن ۾ ادا ڪيو آهي.
    وَ کَیۡفَ تَاۡخُذُوۡنَہٗ وَ قَدۡ اَفۡضٰی بَعۡضُکُمۡ اِلٰی بَعۡضٍ وَّ اَخَذۡنَ مِنۡکُمۡ مِّیۡثَاقًا غَلِیۡظًا ﴿۲۱﴾
    (النساء: 21)
    ” ۽ توهان انهن کان حق مهر ڪيئن ٿا واپس وٺي سگهو، حالانڪه توهان مان هڪ، ٻئي تائين پهتو ۽ عورتن توهان کان پڪو واعدو ورتو.“
    قرآن حڪيم هڪ ٻئي موقعي تي ان لاءِ لمس جو خاص لفظ ڪتب آندو آهي، جنهن جي معنيٰ ‘ڇهڻ’ آهي. مرد ۽ عورت جي ميلاپ کي صرف ‘عورت کي ڇهڻ’ سان تعبير ڪري ٿو:
    اَوۡ لٰمَسۡتُمُ النِّسَآءَ فَلَمۡ تَجِدُوۡا مَآءً فَتَیَمَّمُوۡا صَعِیۡدًا طَیِّبًا. (النساء: 43)
    ”جيڪڏهن اوهان عورتن کي ڇهيو هجي ۽ غسل لاءِ پاڻي نه ملي ته پاڪ زمين تي تيمم ڪندا ڪريو.“
    انسان جي ڪن فطري حاجتن جو ذڪر ڪرڻ به اڪثر حالتن ۾ تهذيب جي خلاف سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري قرآن حڪيم جاءِ ضرورت جو خيال لاهڻ جو ذڪر ‘غائط’ سان ڪيو آهي، جنهن جي معنيٰ هموار زمين آهي، ڇاڪاڻ ته انسان فضاءَ حاجت لاءِ اڪثر سڌي زمين جي چونڊ ڪندو آهي.
    اَوۡ جَآءَ اَحَدٌ مِّنۡکُمۡ مِّنَ الۡغَآئِطِ اَوۡ لٰمَسۡتُمُ النِّسَآءَ فَلَمۡ تَجِدُوۡا مَآءً فَتَیَمَّمُوۡا
    صَعِیۡدًا طَیِّبًا.(النساء: 43)
    ”جيڪڏهن اوهان مان ڪو شخص جاءِ ضرورت جي خيال کان ٿي اچي يا عورتن کي ڇُهيو هجيوَ ۽ پاڻي نه لهو، ته پاڪ زمين تي تيمم ڪندا ڪريو.“
    ماڻهو اڪثر کل ڀوڳ ۾ يا بيعزتي ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا نالا بگاڙي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ اهي بگڙيل نالا اصلي ٿي پوندا آهن. مديني ۾ ان جو عام رواج هو. بظاهر اها هڪ معمولي ڳالهه هئي پر ان ڳالهه متعلق قرآن مجيد ۾ هڪ خاص آيت نازل ٿي:
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا یَسۡخَرۡ قَوۡمٌ مِّنۡ قَوۡمٍ عَسٰۤی اَنۡ یَّکُوۡنُوۡا خَیۡرًا مِّنۡہُمۡ وَ لَا نِسَآءٌ مِّنۡ نِّسَآءٍ عَسٰۤی اَنۡ یَّکُنَّ خَیۡرًا مِّنۡہُنَّ ۚ وَ لَا تَلۡمِزُوۡۤا اَنۡفُسَکُمۡ وَ لَا تَنَابَزُوۡا بِالۡاَلۡقَابِ ؕ بِئۡسَ الِاسۡمُ الۡفُسُوۡقُ بَعۡدَ الۡاِیۡمَانِ ۚ وَ مَنۡ لَّمۡ یَتُبۡ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۱۱﴾ (حجرات: 11)
    ”مسلمانو! ڪا قوم ڪنهن قوم تي ٺٺولي نه ڪري، شايد اها ان کان بهتر هجي ۽ نه زالون ٻين زالن سان ٺٺوليون ڪن جو متان اُهي انهن کان ڀليون هجن. هڪ ٻئي جي بيعزتي ڪرڻ جي غرض سان اشاري بازيون نه ڪريو، ماڻهن جا نالا نه بگاڙيو، ايمان آڻڻ کانپوءِ اهڙن نالن جو هجڻ ڪيڏي نه خراب ڳالهه آهي ! ۽ جيڪي ماڻهو هاڻي به نه مُڙيا ته اهي ظالم آهن.“
    اهي اصطلاح انهن خيالن جي اظهار جي طريقي متعلق نه هئا جن جي حقيقت کي اسلام نه بدلايو هو پر اسلام جنگ جي حقيقت، ان جي سببن ۽ مقصدن ۾ هڪ عظيم الشان انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، جيئن پهريان بيان ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري جنگ متعلق عربن جو لٽريچر ان اصلاح جي وڌيڪ لائق هو. عرب ۾ جنگ لاءِ سوين لفظ، ترڪيبون، محاورا ۽ استعارا پيدا ڪيا ويا هئا پر اهي سڀئي هڪ وحشياڻي جنگ لاءِ مناسب هئا. هڪ مهذب قوم، ترقي يافته نظام، صلح پسند مذهب، هڪ امن جي ڳولائو جماعت لاءِ اهي لفظ استعمال ڪرڻ جي قابل نه هئا.

    الجهاد:
    تنهن ڪري جنگ جي حقيقت ۽ انقلاب سان گڏ اسلام سڀني لفظن ۽ محاورن کي هڪدم بدلائي ڇڏيو ۽ اسلامي غذوات لاءِ صرف هڪ سادولفظ ”جهاد“ استعمال ڪيو، جنهن مان جنگ وانگر نه غضب ۽ درندگيءَ جا جذبا ظاهر ٿين ٿا ۽ نه ڦر لٽ ۽ حيوانيت جي بوءِ اچي ٿي، بلڪه اهو لفظ صرف ان ڪوشش تي اُڪسائي ٿو، جيڪا هڪ اعليٰ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري سگهجي ٿي. پوءِ چاهي اها طاقت، زبان، بدني افعال يا ترار جي نوڪ ذريعي حاصل ڪري سگهجي.
    وَ اَنۡ لَّیۡسَ لِلۡاِنۡسَانِ اِلَّا مَا سَعٰی ﴿ۙ۳۹﴾ (النجم: 39)
    ”انسان کي صرف پنهنجي ڪوشش جو صلو ملي سگهي ٿو.“
    قرآن حڪيم جنگ جي هر موقعي تي انهيءَ لفظ کي استعمال ڪيو آهي ۽ قرآن جي اصطلاح ۾ ان لفظ جو اطلاق ۽ استعمال صرف جنگ ۽ خون ريزيءَ تائين محدود ناهي، بلڪه عام ڪري ان ذريعي ايثار ۽ قرباني، نفس تي ضابطي ۽ پاڪائي، امن ۽ سلامتي ۽ اخلاق ۽ ڪردار جو اظهار ڪيو ويو آهي.
    لٰکِنِ الرَّسُوۡلُ وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مَعَہٗ جٰہَدُوۡا بِاَمۡوَالِہِمۡ وَ اَنۡفُسِہِمۡ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ لَہُمُ الۡخَیۡرٰتُ ۫ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۸۸﴾ (التوبه: 88)
    ” مگر رسول ۽ اهي ماڻهو جن هن سان گڏ ايمان آندو، سي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجي جان و مال ٻنهي سان جهاد ڪيو ۽ سڀئي ڀلايون ۽ خوش نصيبيون انهن لاءِ مخصوص آهن ۽ اهي ڪامياب آهن.“
    وَ الَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمۡ سُبُلَنَا ؕ وَ اِنَّ اللّٰہَ لَمَعَ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿٪۶۹﴾
    (العنکبوت: 69)
    ” ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي راهه ۾ (يعني حق جي واٽ تي هلڻ لاءِ) هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا تن کي اسان پنهنجي (سڌين ۽ حقيقي) واٽن تي آڻينداسين ۽ (ياد رکو ته) يقيناً الله تعاليٰ نيڪي ڪندڙن سان شامل آهي ۽ سندن مددگار آهن.“
    ان آيت ۾ نفس ۽ روح جي جهاد جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کي هيٺين ام الاحاديث يعني حديث جبريل ۾ پاڻ سڳورن ﷺ بلڪل واضح ڪري ڇڏيو آهي:
    ان تعبد الله کانک تراه فالم تکن تراه فِانه يراک (مشڪوات)
    ”خدا جي عبادت اهڙي طرح ڪيو ڄڻ توهان ان کي ڏسي رهيا آهيو ۽ جيڪڏهن ائين نٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته استغراق ضرور هجي ڄڻ هو توهان کي ڏسي رهيو آهي.“
    ثُمَّ اِنَّ رَبَّکَ لِلَّذِیۡنَ ہَاجَرُوۡا مِنۡۢ بَعۡدِ مَا فُتِنُوۡا ثُمَّ جٰہَدُوۡا وَ صَبَرُوۡۤا ۙ اِنَّ رَبَّکَ مِنۡۢ بَعۡدِہَا لَغَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۱۰﴾٪ (النحل:110)
    ”انهن ماڻهن لاءِ جن سخت آزمائش کانپوءِ هجرت ڪئي، پوءِ جهاد ڪيو ۽ صبر ڪيو، الله جو فضل تيار آهي. خدا اهڙين صداقتن کان پوءِ ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.“
    وَ تَوَاصَوۡا بِالۡحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ ٪﴿۳﴾ (العصر:3)
    ”اهي مسلمان ڪامياب آهن، جن حق ۽ صبر جي تلقين ڪئي.“
    اِنَّ اللّٰہَ یُحِبُّ الَّذِیۡنَ یُقَاتِلُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِہٖ صَفًّا کَاَنَّہُمۡ بُنۡیَانٌ مَّرۡصُوۡصٌ ﴿۴﴾ (الصف:4)
    ”خدا انهن ماڻهن کي دوست رکي ٿو جيڪي هن جي واٽ ۾ اهڙي طرح استقلال سان صف ٻڌي وڙهندا آهن، ڄڻ اُهي سيهي پلٽيل ديوار آهن.“

    القتال اسلامي:
    انهن آيتن مان واضح ٿئي ٿو ته اسلامي جهاد جي حقيقت صبر ۽ استقلال، ايثار ۽ قربانيءَ سان متقوم ٿئي ٿي. مال غنيمت جي تمنا، غضب ۽ قهر جو اظهار نه ته هن جي حقيقت ۾ داخل آهي ۽ نه ئي ان جو مقصد. اهي صرف عارضي شيون آهن. جهاد جو اصلي مقصد انهن کان گهڻو مٿانهون آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسلام جي شروعاتي دور ۾ مال غنيمت جي طلب تي عتاب الاهي نازل ٿيو هو.
    فلما کان يوم بدر وَهو في الغنائم قبل ان تحل لهم فانزل الله ”لولاکتابُ من الله سبق لمسکم فيمآ اخذتم عذاب عظيم.“ (الانفال-68) (ترمذي ڪتاب التفسير، ص:305)
    ”جڏهن بدر جو واقعو پيش آيو ته صحابي مال غنيمت گڏ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا، حالانڪه اهو اڃا حلال نه ٿيو هو ، ان تي خدا هيءَ آيت نازل فرمائي ته جيڪڏهن خدا جي مشيت ان (معافيءَ) جو فيصلو نه ڪري ڇڏيو هجي ها ته جيڪو مال توهان بطور غنيمت جي لٽيو آهي، ان تي تمام وڏو عذاب نازل ٿئي ها.“
    ان حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام جي سڀ کان پهرين ۽ وڏي جهاد جي معرڪي ۾ غنيمت جو مال حرام هو، حالانڪه جيڪڏهن اسلامي جهاد جو مقصد ڦرمار ڪرڻ هجي ها ته قريش جي تجارت جو قافلو اسلام جي دامن کي چڱي طرح ڀري پئي سگهيو. ان لاءِ اهو ئي ان جو مناسب موقعو هو. جيتوڻيڪ ان کانپوءِ غنيمت جو مال حلال ڪيو ويو، تنهن هوندي به ان سان جهاد جي ثواب ۽ نيت جي پُرخلوص هجڻ ۾ ڪمي اچي ويندي هئي.
    مَامن غازية تغزوا في سبيل الله فيصيبون الغنيمته الا تعجلوا ثلثي اجرهم من الاخرة ويبقي لهم الثلثُ وان لم يصيبوا غنيمته تم لهم اجر. (مسلم، جلد:2)
    ”جيڪا فوج خدا جي واٽ ۾ وڙهي مال غنيمت حاصل ڪندي آهي ته ان کي آخرت جي ثواب جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو فوراً ملي وڃي ٿو ۽ باقي هڪ ڀاڱي ٽي وڃي بچندو آهي ۽ پوءِ جڏهن ڦرلٽ نٿي ڪري ته اهو ٽيون حصو به ملي وڃي ٿو.“
    انتقام وٺڻ جي جذبي تي خود پاڻ سڳورن ﷺ کي خدا خبردار ڪيو ويو:
    لَیۡسَ لَکَ مِنَ الۡاَمۡرِ شَیۡءٌ اَوۡ یَتُوۡبَ عَلَیۡہِمۡ اَوۡ یُعَذِّبَہُمۡ فَاِنَّہُمۡ ظٰلِمُوۡنَ ﴿۱۲۸﴾
    (آل عمران: 128)
    ”اوهان کي ان جو ڪو حق ناهي، يا ته خدا انهن جي توبه قبول ڪندو يا عذاب ڏيندو، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو ظالم آهن.“

    وعدو پاڙڻ:
    دوکو ۽ بيوفائي جنگ جي عام روايت هوندي هئي. عورتن، ٻارن، قاصدن ۽ نوڪرن کي قتل ڪرڻ ۾ ڪو فرق نه رکيو ويندو هو، بلڪه سڀني کي ترار سان ڪٺو ويندو هو. دشمن کي جيئرو باهه ۾ ساڙيو ويندو هو، دشمن جا نڪ ۽ ڪن ڪٽي فخر طور هار ڪري پاتا ويندا هئا. دشمن جا هٿ ۽ پير ٻڌي کين قتل ڪيو ويندو هو، کائڻ پيئڻ لاءِ رستي ۾ ڪنهن کي ڦرڻ معمولي ڳالهه هئي پر اسلام جنگ جي ان وحشياڻي روايت کي بدلائي، اهڙين سمورين وحشياڻين ڪاررواين کي ختم ڪري ڇڏيو.
    لکل غادر لواءُ يوم القيام يعرف به يقال هذا غدرة فلان (مسلم)
    ”قيامت ۾ هر بد عهد لاءِ هڪ جهنڊو کڙو ڪيو ويندو، جنهن جي ذريعي هو سڃاتو ويندو ۽ اعلان ٿيندو ته فلاڻي وعدي جي خلاف ورزي جو جهنڊو آهي.“
    هڪ ٻي حديث آهي ته:
    ان امراة وجدت في بعض مغازي رسول الله مقتولته فانکر رسول الله قتل النساءِ والصبيان. (مسلم)
    ”پاڻ سڳورن ﷺ ڪنهن لڙائيءَ ۾ هڪ عورت کي قتل ٿيل ڏٺو ته ان تي پاڻ ﷺ جن ٻارن ۽ عورتن کي قتل ڪرڻ کان سختيءَ سان منع فرمايائون.“
    مسيلمه ڪذاب جو جڏهن قاصد خط کڻي آيو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو:
    لولا ان الرسول لا تقتل لضربت اعنا قکا (ابودائود)
    ”جيڪڏهن قاصد کي قتل ڪرڻ جائز هجي ها ته مان تنهنجي گستاخيءَ جي بدلي ۾ تنهنجي ڪنڌ ڪپايان ها. هاڻي وڃ تون امن ۾ آهين.“
    ابو دائود ۾ هڪ ٻي وضاحت هن طرح آهي:
    لاتقتلن امراة ولاصبيا
    ” عورتن ۽ ٻارن کي هرگز قتل نه ڪيو وڃي.“
    باهه ۾ ساڙڻ کان به روڪي ڇڏيائون.
    لاينبغي ان يعذب بالنار الارب النار. (ابو دائود)
    ”باهه جو عذاب صرف خدا ڏيئي سگهي ٿو.“
    پاڻ سڳورن ﷺ مسلمانن لاءِ جهاد ۾ اخلاق جو اعليٰ ترين نمونو قائم ڪيو ۽ اخلاقي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو:
    قال: اعفُ الناس قتلته اهل ايمان.
    ”سڀ کان وڌيڪ محفوظ ۽ باپرده مسلمانن جا مقتول دشمن آهن.“
    عضوا ڪپڻ جي جاهلاڻي رسم جي منع ڪيائون. ان باري ۾ ڪيتريون ئي وضاحتون آهن:
    کان يحثنا علي الصدقه وَينهانا عن المثلته. (ابودائود)
    ”پاڻ سڳورا ﷺ اصحابن کي صدقو ڏيڻ جي ترغيب ڏيندا هئا ۽ ماڻهن جا عضوا وڍڻ کان روڪيندا هئا.“
    دشمن کي ٻڌي عضوا ڪپڻ ۽ عذاب ڏيئي مارڻ جو رواج اڄڪلهه جي مهذب قومن لاءِ فخر سمجهيو وڃي ٿو پر اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ حجاز جي ريگستان جو اسلامي تمدن هي هو:
    غزونا مع عبدالرحمان بن خالد بن وليد فاتي باربعته اعلاج من العدو فامربهم يقتلوا صبرا.... فبلغ ذلک بايوب الانصاري فقال سمعت رسول الله (صلي الله عليھ وآلھ وسلم) نهي عن قتل الصبر فوالذي نفسي بيده لو کانت دجاجھ مان صبرتها. فلغ ذلک عبدالرحمن بن خالد بن اوليد فاعتق اربعة رقاب.
    (ابو دائود)
    ”اسين عبدالرحمان بن وليد سان هڪ غزوي ۾ شريڪ هئاسين ته چئن ڪافر دشمنن کي پڪڙي آندو ويو. هن انهن کي ٻڌي قتل ڪري ڇڏيو. ابو ايوب انصاري رضه کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته ان چيو ته پاڻ سڳورن ﷺ اهڙي قسم جي قتل کان منع فرمايو آهي. خدا جو قسم! جيڪڏهن ڪڪڙ به هجي ها ته ان کي ٻڌي ايئن نه ڪُهان ها. خالد کي جڏهن معلوم ٿيو ته هن ان جي ڪفاري ۾ چار غلام آزاد ڪري ڇڏيا!!“
    الله اڪبر! ڇهين صدي عيسويءَ جي ريگستان ۾ رهندڙ عربن جي اخلاق ۾ انسان دوستيءَ جو اهو حال هو جنهن جهڙو مثال اڄ بيلجيم جي مهذب ايوانن ۾ به نٿو ملي سگهي. اڃا وڌيڪ اهو ته ڦرمار ڪرڻ ۽ مال متاع لٽڻ کان مسلمانن کي خاص طور روڪيو ويو:
    قال ان النهبة ليست باحل من الميتة. (ابودائود)
    ” پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته ڦرمار جو مال بلڪل اهڙو ئي آهي جهڙو مردار گوشت، اهو مردار گوشت کان وڌيڪ حلال ناهي.“
    ان کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي جزوي ڳالهيون هيون جيڪي بظاهر معمولي معلوم ٿينديون هيون پر حقيقت ۾ ان قسم جون شيون وحشت ۽ پرامن شهريت جي وچ ۾ هڪ حد قائم ڪن ٿيون. مثلاً عرب رومين ۽ قرطاحنين وانگر جنگ ۾ ڏاڍو گوڙ ڪندا هئا، ان ڪري ويڙهه کي، عربي ٻولي ۾ ‘وغيٰ’ چوندا آهن جنهن جي معنيٰ گوڙ گهمسان آهي. جاهليت واري دؤر جو هڪ شاعر چوي ٿو:
    قد ضجت معن بجمع ذي لجب،
    قيساً و عبد الهم بالمنهب
    ”قيس قبيلو پنهنجن تابعدارن سان گڏ منهب ۾ معن قبيلي جي گوڙ ڪرڻ وارن جانبازن کان شڪست کائي ويو ۽ ڦرجي ويو.“
    پر اسلام لڙ ۽ ڌمچر جي جاءِ تي غزوات ۾ سڪون ۽ وقار پيدا ڪيو.
    کان اصحاب النبي (ﷺ) يکرهون الصوت عند القتال.
    ”اصحاب ڪرام جنگ ۾ گوڙ کي ناپسند ڪندا هئا.“
    هڪ دفعي اصحاب سڳورن ڪنهن غزوي ۾ زور سان تڪبير جا نعرا هنيا ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته:
    اربعو اعليٰ انفسکم انکم لاتدعون اصم. (ابودائود)
    ”ابودائود روايت ڪيو آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته آهستي آهستي، خدا ٻوڙو ته ناهي جو اوهان زور سان ان کي پڪاريو ٿا.“
    عرب جي جنگجو فطرت هميشه جنگ ۽ جهڙي جي منتظر رهندي هئي ۽ ان کي مال حاصل ڪرڻ جو ذريعو سمجهندي هئي. هڪ جاهلي شاعر چوي ٿو:
    فلئن بقيت لا رحلن بغزوة،
    تحوي الغنائم اويموت کريم.
    ”هاڻي جيڪڏهن جيئرو رهيس ته هڪ اهڙي جنگ جي تياري ڪندس جيڪا مال غنيمت گڏ ڪرڻ جو بهترين ذريعو هوندي، نه ته شرافت جي زندگي گذاري مري ويندس.“
    پر پاڻ سڳورن ﷺ جن مسلمانن کي اهڙين اڻ وڻندڙ اميدن کان منع فرمايو ۽ قتل ڪرڻ جي تمنا کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو:
    قالا لاتمنوا لقاءَ العدو فاذا لقيتمو هم فاصبروا (مسلم)
    ”دشمن سان مقابلي ڪرڻ جي آرزو نه ڪريو پر جڏهن مقابلو ٿئي ته پوءِ صبر ڪريو.“

    القتال ۽ الحرب:
    جنگ جون اهي وحشياڻيون ڪارروايون هيون، جن تي ‘حرب’ جو مفهوم مشتمل هو ۽ اهل عرب عملي طور حرب جو اهو ئي نمونو قائم رکيو هو، جيڪو دنيا جي ٻين سڀني قومن بڻايو هو پر اسلام جنگ جي انهن سڀني آثارن ۽ نشانن کي ميساري هڪ نئون سماجي نظام قائم ڪيو. ان بنيادي لغت ۽ حقيقت جي حيثيت سان اسلامي جهاد تي حرب جو اطلاق نه ٿي سگهندو هو. اهو ئي سبب آهي ته قرآن مجيد ۾ جهاد لاءِ ڪٿي به ان لفظ کي استعمال نه ڪيو ويو آهي. البت جهاد جي هڪ خاص صورت کي قتال سان تعبير ڪيو ويو آهي جيڪو بي عقلن لاءِ ظاهري مفهوم جي لحاظ کان نهايت خطرناڪ لفظ آهي، حالانڪه جهاد ۽ قتال ۾ هڪ طرح جو عام ۽ خاص جو فرق آهي:
    فَاقۡتُلُوا الۡمُشۡرِکِیۡنَ حَیۡثُ وَ جَدۡتُّمُوۡہُمۡ. (التوبه:5)
    ”ڪافرن کي جتي به لهو تتي کين قتل ڪيو.“
    وَ اقۡتُلُوۡہُمۡ حَیۡثُ ثَقِفۡتُمُوۡہُمۡ وَ اَخۡرِجُوۡہُمۡ مِّنۡ حَیۡثُ اَخۡرَجُوۡکُمۡ.(البقر ة:191)
    ”ڪافرن کي جتي لهو اتي قتل ڪيو ۽ جتان اوهان کي ڪڍيائون اُتان اوهان به انهن کي ڪڍو.“
    پر هڪ ٻي آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته اها لفظ جي لفظ سان ڀيٽ آهي، جيڪا ڳالهه ۾ زور پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي. خدا پاڻ متعلق فرمائي ٿو:
    وَ مَکَرُوۡا وَ مَکَرَ اللّٰہُ ؕ وَ اللّٰہُ خَیۡرُ الۡمٰکِرِیۡنَ ﴿٪۵۴﴾ .(آل عمران:54)
    حالانڪه خدا مڪار ناهي پُرزور طريقي سان ڪافرن جي برن عملن جو جواب ڏنو ويو آهي. جيئن اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ چوندا آهيون ته برائي جو بدلو برائي آهي، حالانڪه برائي خود برائي آهي مگر هن جو بدلو برائي ناهي پر اهو ته عدل جي قانون جو احسن انجام آهي. ارشاد خداوندي آهي:
    وَ جَزٰٓؤُا سَیِّئَۃٍ سَیِّئَۃٌ مِّثۡلُہَا ۚ.(الشوريٰ-45)
    ”برائي جو بدلو اُهڙي برائي آهي.“
    اهڙي نموني ان لفظ کي استعمال ڪيو ويو آهي، نه ته ان جي حقيقي معنيٰ برائي ناهي ۽ نه ٿي سگهي ٿي. جهڙي طرح خدا جي مڪر مان حقيقي مڪر مراد نٿي وٺي سگهجي. اهڙيءَ طرح هت قتال مان مراد نيا جو عام قتال ناهي:
    فَاِنۡ قٰتَلُوۡکُمۡ فَاقۡتُلُوۡہُمۡ ؕ. (البقرة:191)
    ”جيڪڏهن اوهان سان مقابلو ڪن ته توهان به انهن سان مقابلو ڪيو.“
    جيڪڏهن ان کي تسليم نه ڪيو وڃي، تڏهن به خود ڪافرن جي عملن جي شامت جو نتيجو آهي ۽ جهاد جو اصل مقصد ناهي. اهڙيءَ طرح هڪ ٻي آيت ۾ ان جي وضاحت ڪئي ويئي آهي:
    فَمَنِ اعۡتَدٰی عَلَیۡکُمۡ فَاعۡتَدُوۡا عَلَیۡہِ بِمِثۡلِ مَا اعۡتَدٰی عَلَیۡکُمۡ ۪ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ مَعَ الۡمُتَّقِیۡنَ ﴿۱۹۴﴾.(البقرة-194)
    ”جيڪو شخص اوهان تي زيادتي ڪري، توهان به ان جهڙي زيادتي ڪري سگهو ٿا پر ان کان وڌيڪ زيادتي ڪرڻ ۾ خدا کان ڊڄو ۽ يقين ڪريو ته خدا پرهيزگارن سان گڏ آهي.“

    ڇهه آيتون:
    سموري قرآن مجيد ۾ جهاد تي لفظ ‘حرب’ جو اطلاق ڪٿي به نه ڪيو ويو آهي. صرف ڇهن جاين تي حرب جو لفظ آيو آهي. حالانڪه سمورو قرآن مجيد جهاد جي ترغيب سان ڀريو پيو آهي.
    1-وَ الَّذِیۡنَ اتَّخَذُوۡا مَسۡجِدًا ضِرَارًا وَّ کُفۡرًا وَّ تَفۡرِیۡقًۢا بَیۡنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ وَ اِرۡصَادًا لِّمَنۡ حَارَبَ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ مِنۡ قَبۡلُ ؕ.(التوبه: 107)
    ” جن ماڻهن مسلمانن کي نقصان پهچائڻ، ڪفر ڪرڻ ۽ منجهن ڦوٽ وجهڻ ۽ ان شخص جي وجهه وٺڻ لاءِ جنهن خدا ۽ ان جي رسول سان اڳ ويڙهه ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪفر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مسجد ٺاهي آهي.“
    هن آيت ۾ لفظ حرب کي استعمال ڪيو ويو آهي پر ان جو اسلامي جهاد سان ڪو به واسطو ناهي. هڪ عرب ابو عامر واهب هو، جنهن مذهبي لئي کي پاڻ سڳورن ﷺجي بعثت سان نقصان پهتو هو. ان پنهنجي عزت ۽ مان کي قائم رکڻ لاءِ ڪيتريون ئي جنگيون ڪيون هيون. ان ڪري آيت ۾ مِن قَبلُ جو لفظ خود ان ڳالهه جي دلالت ڪري ٿو پر جڏهن هوازن قبيلي شڪست کاڌي ته هو شام ڏانهن ڀڄي ويو. اُتان مديني ۾ رهندڙ منافقن ڏانهن پيغام موڪليائين ته توهان هڪ مسجد ٺاهي اُتي آکاڙو ڄمايو ۽ جنگي هٿيار به گڏ ڪيو. مان قيصر روم کان مدد وٺي اچان ٿو ۽ محمد (ﷺ) کي مديني مان ڪڍي ساهه پٽيندس. ان جي اشاري تي مديني ۾ رهندڙ منافقن هڪ مسجد ٺاهي، جنهن کي بعد ۾ پاڻ سڳورن ﷺ ڊاهي باهه لڳائي ڇڏي. ان مان صاف ظاهر آهي ته ان جنگ جو مقصد صرف، بغض، انتقام، دغا ۽ دولاب، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ رياست جي طلب هو، جنهن تي لفظ حرب جي لغوي حقيقت بلڪل ٺهڪي اچي ٿي. ان ڪري قرآن مجيد ان لفظ کي صحيح لغوي مفهوم ۽ معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي، نه ڪِي جهاد لاءِ.
    2- اِنَّمَا جَزٰٓؤُا الَّذِیۡنَ یُحَارِبُوۡنَ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ وَ یَسۡعَوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ فَسَادًا اَنۡ یُّقَتَّلُوۡۤا اَوۡ یُصَلَّبُوۡۤا اَوۡ تُقَطَّعَ اَیۡدِیۡہِمۡ وَ اَرۡجُلُہُمۡ مِّنۡ خِلَافٍ اَوۡ یُنۡفَوۡا مِنَ الۡاَرۡضِ ؕ ذٰلِکَ لَہُمۡ خِزۡیٌ فِی الدُّنۡیَا وَ لَہُمۡ فِی الۡاٰخِرَۃِ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ﴿ۙ۳۳﴾. (المائدة-33)
    ”جيڪي ماڻهو خدا ۽ سندس رسول سان وڙهن ٿا ۽ زمين ۾ فساد ڦهلائين ٿا، تن جي سزا هيءَ آهي ته انهن کي قتل ڪيو وڃي يا انهن کي ڦاهي ڏني وڃي يا انهن جا هڪ هڪ سڄا ۽ کٻا هٿ پير وڍيا وڃن يا جلاوطن ڪيا وڃن. دنيا ۾ اها انهن لاءِ ذلت ۽ رسوائي آهي ۽ آخرت ۾ انهن لاءِ سخت عذاب تيار آهي.“
    هيءَ ٻي آيت انسانن جي قاتلن، ڪوڙن، امن ۽ اخلاق کي بگاڙيندڙ رهزنن ۽ ڌاڙيلن متعلق آهي. ڦرمار ۽ قتل غارت حرب جي مفهوم ۾ داخل آهي ۽ ان ڪري هيءَ آيت پهرين آيت کان به وڌيڪ واضح آهي.
    3- یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰہَ وَ ذَرُوۡا مَا بَقِیَ مِنَ الرِّبٰۤوا اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۲۷۸﴾ فَاِنۡ لَّمۡ تَفۡعَلُوۡا فَاۡذَنُوۡا بِحَرۡبٍ مِّنَ اللّٰہِ وَ رَسُوۡلِہٖ ۚ .(البقرة:278-279)
    ”مسلمانو! خدا کان ڊڄو ۽ جيڪا توهان جي وياج جي رقم ٻين تي رهيل آهي، جيڪڏهن مسلمان آهيو ته ان کي ڇڏي ڏيو ۽ جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪيو ته الله ۽ ان جي رسول جو توهان سان جنگ جو اعلان آهي.“
    هن ٽئين آيت ۾ الله تعاليٰ بيشڪ پاڻ ڏانهن ۽ پنهنجي رسول ڏانهن ‘حرب’ کي منسوب ڪيو آهي، پر هتي به ان لفظ مان جهاد مراد ناهي. خود مفسرن کي اهو شڪ آهي ته مسلمانن سان ان طرز جو خطاب صرف ڳالهه کي زور وٺائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، پر اهو ڪيئن سمجهيائون ته اسلام جي هر جنگ جو مقصد جهاد ٿئي ٿو. ان جا ڪي سياسي ۽ دنيوي مقصد به ٿي سگهن ٿا. ان لحاظ سان اهو لفظ به اهڙي جنگ جي حقيقت تي پورو بيهي ٿو. وياج کائڻ هڪ قسم جو ڌاڙو آهي ۽ هر وياج خور هڪ ڌاڙيل آهي جيڪو خدا جي ٻانهن جو مال مفت ۾ ڦري وٺي ٿو، ان ڪري خدا فرمايو ته جهڙي طرح توهان غريبن جو مال ڦٻايو ٿا، اسان به اهڙي طرح توهان جو مال ڦري انهن کي واپس ڏينداسين. اها ئي لفظ حرب جي معنيٰ به آهي.
    4- وَ اَلۡقَیۡنَا بَیۡنَہُمُ الۡعَدَاوَۃَ وَ الۡبَغۡضَآءَ اِلٰی یَوۡمِ الۡقِیٰمَۃِ ؕ کُلَّمَاۤ اَوۡ قَدُوۡا نَارًا لِّلۡحَرۡبِ اَطۡفَاَہَا اللّٰہُ ۙ وَ یَسۡعَوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ فَسَادًا ؕ وَ اللّٰہُ لَا یُحِبُّ الۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۶۴﴾ .
    (المائدة:64)
    ”اسان يهودين ۽ نصارن جي پاڻ ۾ قيامت تائين دشمني وجهي ڇڏي آهي. جڏهن به اهي جنگ جي باهه ڀڙڪائين ٿا ته خدا ان کي وسائي ڇڏي ٿو مگر اهي دنيا ۾ فساد ڦهلائن ٿا ۽ الله فسادين کي دوست نٿو رکي.“

    هي آيت ڪنهن به تاويل جي محتاج ناهي. هي يهودين ۽ نصارن متعلق آهي، جن پاڻ ۾ جنگيون جوٽيون هيون. انهن جنگين جو سبب صرف بغض ۽ انتقام، شر ۽ فساد هو، جنهن جي لغوي حيثيت تي اهو لفظ دلالت ڪري ٿو. بهرحال خدا ان کي پسند نٿو ڪري ۽ ان ڀڙڪندڙ باهه کي وسائي ڇڏي ٿو. کلما اوقدوا نارً لِلحرب اطفاءَ ها الله. ”جڏهن به اهي جنگ جي باهه ڀڙڪائين ٿا ته خدا ان کي وسائي ڇڏي ٿو.“ هاڻي اها باهه ٻيهر مسيحي دنيا ۾ ان الاهي اعلان جي دائمي تصديق کي پختو ڪندي ڀڙڪي پئي آهي.
    5- اَلَّذِیۡنَ عٰہَدۡتَّ مِنۡہُمۡ ثُمَّ یَنۡقُضُوۡنَ عَہۡدَہُمۡ فِیۡ کُلِّ مَرَّۃٍ وَّ ہُمۡ لَا یَتَّقُوۡنَ ﴿۵۶﴾ فَاِمَّا تَثۡقَفَنَّہُمۡ فِی الۡحَرۡبِ فَشَرِّدۡ بِہِمۡ مَّنۡ خَلۡفَہُمۡ لَعَلَّہُمۡ یَذَّکَّرُوۡنَ ﴿۵۷﴾ . (الانفال: 56-57)
    ”اهي ماڻهو جن سان توهان انجام ڪيو پر هر ڀيري اهي پنهنجي انجام کي ٽوڙيندا آهن ۽ خدا کان بلڪل نٿا ڊڄن، تنهن ڪري جيڪڏهن تون انهن کي جنگ ۾ لهين ته گهرجو ته انهن تي ڏاڍو دٻاءُ وجهو ته جيڪي ماڻهو انهن جي پٺيان آهن، انهن کي به ڀڄڻو پوي.“
    هيءَ آيت بنو قريظه قبيلي متعلق آهي، جن اسلا سان ڪيترائي دفعا معاهدا ڪري ٽوڙي ڇڏيا هئا ۽ عرب جي سمورن قبيلن کي پاڻ سڳورن ﷺ سان جنگ ڪرڻ تي آماده ڪيو هو. آيت ۾ لفظ حرب مان اها ئي حرب مراد آهي، جيڪا انهن جي شرارتن جو نتيجو هئي ۽ هي به ظاهر آهي ته انهن جيڪي جنگيون وڙهيون هيون تن جو ڪارڻ صرف بغض، عداوت، شر ۽ فساد هو. تنهن ڪري هتي ‘حرب’ مان مطلب اسلامي جهاد ناهي بلڪه، اها ئي لغوي حقيقت يعني حيوانيت ۽ درندگي آهي.
    6- فَاِذَا لَقِیۡتُمُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا فَضَرۡبَ الرِّقَابِ ؕ حَتّٰۤی اِذَاۤ اَثۡخَنۡتُمُوۡہُمۡ فَشُدُّوا الۡوَثَاقَ ٭ۙ فَاِمَّا مَنًّۢا بَعۡدُ وَ اِمَّا فِدَآءً حَتّٰی تَضَعَ الۡحَرۡبُ اَوۡزَارَہَا ۬ .(محمد:4)
    ”جڏهن توهان جو ڪافرن سان جنگ ۾ مقابلو ٿئي تڏهن انهن جا ڪنڌ ڪپي ڇڏيو. ايستائين جو جڏهن گهڻي رتوڇاڻ ٿئي تڏهن انهن کي غلام بڻايو، ان کان پوءِ يا ته انهن تي احسان ڪري ڇڏي ڏيو يا فديو وٺي آزاد ڪيو، ايستائين جو جنگ پنهنجا هٿيار رکي.“ (يعني ختم ٿي وڃي).
    هن آيت ۾ بيشڪ اسلامي جهاد تي حرب جو اطلاق ڪيو ويو آهي پر تشريح کان پوءِ معلوم ٿيندو ته اها ئي آيت جهاد جو مقصد ٻڌائي ٿي ۽ جهاد جي مقدس حقيقت انهيءَ لفظ ۾ سمايل آهي، جنهن جي سمجهاڻي اڳتي ڏني ويندي.

    جنگ ۾ صلح:
    جيتوڻيڪ يورپ فطرت جا سمورا راز کولي ڇڏيا آهن پر هن وقت تائين التوحيد في التثليث ۽ التثليث في التوحيد جي ڳجهه کي سلي نه سگهيو آهي. اسلام السلم في الحرب والحرب في السلم جي ڳجهه کي حل ڪري سگهي ٿو. يعني ”امن ۽ صلح ۾ جنگ ۽ جنگ ۾ امن ۽ صلح! “ مگر ان مسئلي ۾ اسان کي سڀ کان پهرين يورپ جي عملي ڪارنامن تي نظر وجهڻ گهرجي.
    امن ۽ صلح جي جنهن دؤر کي اسلام قائم ڪيو هو، دنيا ۾ درندگي ۽ حيوانيت جيتوڻيڪ ان کي جنگ ۽ فساد ۾ بدلائي ڇڏيو پر ڪڏهن ڪڏهن سياسي صلح ڪرائيندڙن جي زبان تي اها وساريل حقيقت اچي وڃي ٿي ۽ ان وسريل خواب کي ٻيهر ياد ڪيو وڃي ٿو. انهن صلح ڪرائيندڙن جو گذريل ڏينهن هيگ ۾ اجلاس ٿيو هو، جنهن جو نالو سياسي ڪارندن ”هٿياربند صلح“ (Armed Peace) رکيو هو!
    عرب جي ڪنهن شاعر هڪ قبيلي جي گل ۾ چيو هو ته ”اهي نه مرد آهن ۽ نه عورتون، جهڙي طرح شترمرغ نه پکي آهي ۽ نه اُٺ.“ اهڙي طرح ان صلح جي حقيقت جيتوڻيڪ شڪ ۾ پيل آهي پر اسين امن جي فرشتي بجاءِ اُٺ پکيءَ جي پر جي ڇانوَ ۾ زندگي گذاري سگهون ٿا. تنهن جي باوجود بعد ۾ ايندڙ خوني واقعن ثابت ڪيو آهي ته اهو اٺ پکي به ڪن خاص موسمن ۾ پنهنجي کنڀن جي ڇانو ظاهر ڪري ٿو!
    ان هوندي به جنگ ۾ صلح جي ان ملاوٽ دنيا لاءِ نهايت دلچسپ سول پيدا ڪيو آهي ته ڇا جنگ جو خاتمو ٿي سگهي ٿو؟ ڇا جنگ جا شعلا، جلندڙ چهرن تي امن ۽ سڪون جي ڪڪر جي ٻيهر دائمي ڇانوَ آڻي سگهن ٿا؟ يورپ جي وڏن وڏن مسئلن کي حل ڪندڙ مفڪرن ۽ سياسي ڪارندن ان سوال جو جواب مختلف طريقن سان ڏنو آهي پر هڪ امن چاهيندڙ شخص لاءِ انهن مان ڪو به جواب دلجاءِ ڪندڙ ناهي. آمريڪا جو اڳوڻو صدر چوي ٿو ته، ”ها دنيا کي صلح ۽ آشتيءَ جا وسيلا مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي پر هر صلح به پسنديده نٿي ٿي سگهي. دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ظالم پيدا ٿي پيا آهن جن جو سينو فتح جو خطرناڪ ۽ تنگ ميدان آهي، پر اهي ان ميدان کي صلح ۽ امن جو گهوارو چون ٿا.
    ڪيترائي ماڻهو بزدلي، رسوائي، مڪر ۽ فريب کي به امن ۽ ٺاهه جي پردي ۾ لڪائي رهيا آهن. تنهن ڪري اسان تي فرض آهي ته پنهنجو پاڻ کي اهڙي ٺاهه کان عليحده رکون، جنهن جو بنياد ظلم ۽ بزدليءَ تي ٻڌل هجي. بهرحال ظالماڻيون جنگيون گهڻيون ۽ ظالماڻا ٺاهه گهٽ هوندا آهن پر ٻئي نفرت قابلِ آهن.“
    لارڊ اوبيري سر جان ليڪ جي راءِ هن ريت آهي.
    ”مون کي ٺاهه جي اميد تمام گهٽ آهي، خود اسان انگريز پنهنجي بري ۽ بحري جنگي خرچن کي وڌائي، دنيا اڳيان جنگ جي تياريءَ جو بدترين نمونو پيش ڪري رهيا آهيون.“
    سر فيڊرڪ پواليڪ پنهنجن قانوني تجربن جي بنياد تي، جيڪي هن کي جنگ جي زماني ۾ حاصل ٿيا هئا، هي راءِ قائم ڪئي آهي:
    ” عام خيال هي آهي ته سلطنت جا جهڳڙا به شخصي جهڳڙن جهڙا ٿيندا آهن، ان ڪري حڪم ڏيڻ جي ذريعي انهن جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو، پر سلطنتن جون اڪثر حالتون شخصي جهڳڙن کان مختلف ٿين ٿيون. مثال طور گڏيل معاهدن جي شرطن جي تشريح يا انهن جي خلاف ورزي جو فيصلو عدالتن ۽ ٽياڪڙن ذريعي نٿو ٿي سگهي. سڀ کان وڏو مسئلو حڪومت ۽ اقتدار جو آهي، جنهن کي هڪ سلطنت ڪنهن ملڪ تي قائم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙين سمورين ڳالهين جو فيصلو صرف سڀني سلطنتن جي اتحاد ۽ اتفاق سان ٿي سگهي ٿو، ان اتحاد کي ان قوت کان وڌيڪ پائيدار ۽ مضبوط هئڻ گهرجي جيڪا هن جي مخالف بڻجي مقابلو ڪرڻ گهري ٿي. پر پوءِ به اهو اتفاق ۽ اتحاد صرف ننڍن جهڳڙن ۽ جنگين کي روڪي سگهي ٿو. اها عظيم الشان سلطنت جيڪا ٻي سلطنت کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي يا ان کي پاڻ سان ملائڻ جي طاقت رکي ٿي، سا ان اتحاد ۽ معاهدي جي پرواهه بنهه نٿي ڪري.“
    سر گلبرٽ پارڪر نهايت دليريءَ سان صلح ڪانفرنس جي خلاف هي راءِ ظاهر ڪري ٿو:
    ” مان صلح جي خوش نما اميدن سان پنهنجي دل کي مطمئن نٿو ڪري سگهان، واقعا اسان کي هڪ خطرناڪ جنگ ڏانهن ڌڪيندا ٿا وڃن. جيستائين وحشت موجود آهي ۽ جيستائين مڪمل طور تي تهذيب يافته قومون زمين تي آباد آهن تيستائين اتفاق ۽ اتحاد ناممڪن آهي. اسان کي خدا تي ڀروسو رکي پنهنجي بارود کي ختم ڪرڻ گهرجي.“
    سر ٿامس برڪلي جو خيال آهي:
    ”دائمي صلح آسان ناهي. ڪي لڙايون زندگيءَ جي جدوجهد جي ارتقائي قانون جي ثابت ٿيل اصولن لاءِ ڪيون وڃن ٿيون. نو آبادين لاءِ صرف ان مقصد تحت جنگيون وڙهيون وڃن ٿيون ته انسان لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ جو دائرو تنگ ٿي وڃي ٿو ۽ هو ٻين قومن کي ڌڪي اڳتي وڌڻ گهري ٿو، ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ هن جو زندهه رهڻ ناممڪن آهي.“
    ڪي جنگيون ظلم ۽ ڏاڍ ڏيکارڻ لاءِ وڙهيون وڃن ٿيون، ڪي جنگيون وري پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي قائم رکڻ جي غرض سان وڙهيون وڃن ٿيون. جيڪڏهن درندگي ۽ حيوانيت پنهنجي آخري حد تي پهچي ويئي آهي ته ان قسم جون جنگيون پرامن شهريت جي ڀلائيءَ لاءِ نيڪ گمان آهن.
    ان کانسواءِ جاهليت وارن جذبن جي جوش کي به روڪي نٿو سگهجي. جنگ کي روڪڻ جيتوڻيڪ ڏکيو آهي پر تنهن هوندي به هر انگريز، هر فرينچ، هر آمريڪي ۽ هر جرمن جنگ کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ۽ ان ۾ پنهنجي دلچسپي ۽ شوق نٿو رکي.“
    مسٽر آئزڪ آمريڪا جو هڪ سياسي فلاسافر آهي. سندس خوشنما اميدون هن طرح آهن:
    ” منهنجي خواهش آهي ته جنگ کان عليحدگي اختيار ڪجي پر اها منزل اڃا گهڻو پري آهي. گهڻا مسئلا ٽياڪڙيءَ رستي حل ٿي سگهن ٿا پر زيادتي ڪندڙ اقتدار کي ڪير روڪي ٿو سگهي؟ هر طاقتور حڪومت ٻي حڪومت کي نيچ رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جنهن کي امن ۽ سڪون جي آخري حد سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان کي يورپ جي ترقي يافته قومن سرانجام ڏنو آهي پر امن جو اهو فرشتو يورپ کان نڪري بلقان، طرابلس ۽ ايران جو دورو ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي خود پنهنجي يورپي ٺڪاڻي جي تخت کي چنبڙي دنيا کي پنهنجو زخمي چهرو ڏيکاري رهيو آهي.
    وَّ حُمِلَتِ الۡاَرۡضُ وَ الۡجِبَالُ فَدُکَّتَا دَکَّۃً وَّاحِدَۃً ﴿ۙ۱۴﴾ فَیَوۡمَئِذٍ وَّ قَعَتِ الۡوَاقِعَۃُ ﴿ۙ۱۵﴾ وَ انۡشَقَّتِ السَّمَآءُ فَہِیَ یَوۡمَئِذٍ وَّاہِیَۃٌ ﴿ۙ۱۶﴾ .(الحاقه: 14-16)
    ”آسمان ۽ زمين کڻي گڏ هيٺ ڪيرايا ويا ۽ اهي هڪدم ڪُٽجي ويا پوءِ اڄ قيامت جو سڀ کان وڏو ڏينهن اچي ويو، آسمان ڦاٽي پيو ۽ هن جون چوڙون ڍليون ٿي پيون!!“

    جنگ جي سببن جي تشريح:
    سياست جي زبان جيتوڻيڪ ڪن حالتن ۾ جنگ جي سببن ۽ مقصدن کي نهايت پيچدار لفظن ۾ بيان ڪري ٿي پر مجموعي ۽ جزوي تحقيق سان ان جو تعين نهايت آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو.

    ابن آدم جي پهرين جنگ:
    قرآن مجيد مان ثابت ٿئي ٿو ته دنيا جي سڀ کان پهرين جنگ کي صرف بغض ۽ حسد جي جذبن برپا ڪيو هو:
    لَئِنۡۢ بَسَطۡتَّ اِلَیَّ یَدَکَ لِتَقۡتُلَنِیۡ مَاۤ اَنَا بِبَاسِطٍ یَّدِیَ اِلَیۡکَ لِاَقۡتُلَکَ ۚ اِنِّیۡۤ اَخَافُ اللّٰہَ رَبَّ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۲۸﴾ اِنِّیۡۤ اُرِیۡدُ اَنۡ تَبُوۡٓاَ بِاِثۡمِیۡ وَ اِثۡمِکَ فَتَکُوۡنَ مِنۡ اَصۡحٰبِ النَّارِ ۚ وَ ذٰلِکَ جَزٰٓؤُا الظّٰلِمِیۡنَ ﴿ۚ۲۹﴾ فَطَوَّعَتۡ لَہٗ نَفۡسُہٗ قَتۡلَ اَخِیۡہِ فَقَتَلَہٗ فَاَصۡبَحَ مِنَ الۡخٰسِرِیۡنَ ﴿۳۰﴾ فَبَعَثَ اللّٰہُ غُرَابًا یَّبۡحَثُ فِی الۡاَرۡضِ لِیُرِیَہٗ کَیۡفَ یُوَارِیۡ سَوۡءَۃَ اَخِیۡہِ ؕ قَالَ یٰوَیۡلَتٰۤی اَعَجَزۡتُ اَنۡ اَکُوۡنَ مِثۡلَ ہٰذَا الۡغُرَابِ فَاُوَارِیَ سَوۡءَۃَ اَخِیۡ ۚ فَاَصۡبَحَ مِنَ النّٰدِمِیۡنَ ﴿ۚۛۙ۳۱﴾ مِنۡ اَجۡلِ ذٰلِکَ ۚۛؔ کَتَبۡنَا عَلٰی بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ اَنَّہٗ مَنۡ قَتَلَ نَفۡسًۢا بِغَیۡرِ نَفۡسٍ اَوۡ فَسَادٍ فِی الۡاَرۡضِ فَکَاَنَّمَا قَتَلَ النَّاسَ جَمِیۡعًا ؕ وَ مَنۡ اَحۡیَاہَا فَکَاَنَّمَاۤ اَحۡیَا النَّاسَ جَمِیۡعًا ؕ وَ لَقَدۡ جَآءَتۡہُمۡ رُسُلُنَا بِالۡبَیِّنٰتِ ۫ ثُمَّ اِنَّ کَثِیۡرًا مِّنۡہُمۡ بَعۡدَ ذٰلِکَ فِی الۡاَرۡضِ لَمُسۡرِفُوۡنَ ﴿۳۲﴾
    ” ۽ آدم جي ٻنهي پٽن جو صحيح صحيح قصو انهن ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ. جڏهن انهن ٻنهي خدا لاءِ قرباني ڪئي پر هڪ جي قرباني قبول پئي ۽ ٻئي جي قبول نه پئي. ان تي ٻئي حسد وچان چيو: ‘مان تو کي قتل ڪندس.’هن جواب ڏنو اهو حسد ناحق آهي، ان ۾ منهنجو ڪو به قصور ڪونهي. خدا ته صرف پرهيزگارن جي ئي قرباني قبول ڪندو آهي. جيڪڏهن تون مون کي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ ڊگهيڙيندين ته خير مون کي قتل ڪري ڇڏ مگر مان ته پنهنجو هٿ تنهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڊگهو نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته مان دنيا جي پالڻهار کان ڊڄان ٿو. مان چاهيان ٿو ته تو تي ئي منهنجي ۽ تنهنجي ٻنهي گناهن جو وبال پوي ۽ تون ئي دوزخي بڻجين. ظالمن کي ظلم جو اهو ئي بدلو ملڻو آهي. نيٺ سندس دل کيس پنهنجي ڀاءُ جي قتل تي آماده ڪيو ۽ هن کي قتل ڪري پنهنجي اڳيان ناڪاميءَ جو رستو کولي ڇڏيائين. پوءِ خدا هڪ ڪانءُ کي موڪليو جيڪو زمين کوٽڻ لڳو ته جيئن هن کي پنهنجي ڀاءُ کي دفن ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي. اهو ڏسي چوڻ لڳو: حيف آهي منهنجي حال تي، مان هن ڪانءُ جهڙو به نه ٿي سگهيس! هو ته پنهنجي هڪ هم جنس کي پورڻ لاءِ زمين کوٽي رهيو آهي پر مان انسان ٿي ڪري پنهنجي ڀاءُ سان اهڙو سلوڪ ڪريان ٿو! مطلب ته هو پنهنجي دل ۾ ڏاڍو پشيمان ٿيو. انهيءَ ڪري اسان بني اسرائيل تي اهو لاڳو ڪري ڇڏيو ته جنهن ماڻهو ڪنهن هڪ انسان کي بغير ڪنهن فساد جي قتل ڪيو ته ان ڄڻ پنهنجي گردن تي سڀني انسانن جي قتل جو خون کنيو ۽ جنهن ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي قتل ٿيڻ کان بچايو، ان ڄڻ سڀني انسانن کي زندهه ڪيو. “ (المائدة: 27-32)
    ان بيان کي تورات سان ملائڻ کانپوءِ واضح ٿئي ٿو ته اهي آدم جا پٽ هابيل ۽ قابيل هئا. هابيل جي قرباني قبول ٿي. ڇاڪاڻ ته نيڪيءَ جي قرباني ڪڏهن به رد نٿي ٿئي ۽ قابيل جي قرباني قبول نه ڪئي ويئي جو اهو دل جو نيڪ نه هو ۽ بڇڙائيءَ جو عمل ڪڏهن به قبول نٿو ڪيو وڃي. اها دنيا جي پهرين ويڙهه هئي جنهن ۾ آدم جي اولاد شيطان کان پنهنجي بهيميت سکي.
    حقيقت ۾ اهي آدم جا پٽ نه هئا بلڪه جنگ ۽ صلح جا ٻه مجسما هئا ۽ انهن مان هر هڪ دنيا کي جنگ ۽ صلح جا ٻه مختلف منظر هڪ ئي وقت ڏيکاري رهيو هو. هڪ حسد جي جذبي کان پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري سندس گناهن بلڪه سموري دنيا جي گناهن جو بار پنهنجي مٿان کنيو. هن بهيمي ۽ شيطاني جذبي جو بدترين نمونو قائم ڪري، انسان ذات لاءِ سڀ کان وڏي مصيبت جو بنياد رکيو. کما ورد في الحديث: قال ﷺ:
    لا تقتل نفس الا کان علي ابن آدم کفل منها (بخاري)
    ”هر اهو شخص جيڪو قتل ڪيو وڃي ٿو، سندس قتل جو هڪ حصو آدم جو ان پٽ جي ئي ڳچي ۾ پوي ٿو، جنهن قتل ۽ خونريزيءَ جو سڀ کان پهريون بنياد وڌو.“
    پوءِ ان ناپاڪ جو گناهن جي بار سببان ۽ شرم کان ڪنڌ جهڪي وڃي ٿو. “ فَاَصۡبَحَ مِنَ النّٰدِمِیۡنَ ﴿ۚۛۙ۳۱﴾ (المائدة-31)
    پر ٻئي صلح جو هٿ اڳتي وڌايو ۽ خون وهائڻ تي آماده نه ٿيو. هن چيو ته تون منهنجي قتل لاءِ هٿ کڻي ٿو ته ڀل کڻ مگر مان تنهنجي قتل لاءِ هٿ نٿو کڻي سگهان. آخرڪار صلح ۽ امن جي ملڪوتيت مٿان جنگ جي بهيميت غالب آئي ۽ هو قتل ڪيو ويو. پوءِ فضا ۾ اُڏامندڙ هڪ مڪروهه، بدشڪل، مردار خور ۽ ذليل پکي، جيڪو جنگ ۾ قتل ٿيندڙن جي لاشن کي چنهب سان پٽي کائي ٿو، اچي ٿو ۽ پنهنجي هم جنس جي لاش کي دفن ڪري قبر کوٽڻ جو طريقو ٻڌائي ٿو. ان تي قاتل جي بهيميت کي ڪانءُ جي حيوانيت کان به شرم اچڻ لڳي ٿو ۽ پڪاري چوي ٿو ته :
    یٰوَیۡلَتٰۤی اَعَجَزۡتُ اَنۡ اَکُوۡنَ مِثۡلَ ہٰذَا الۡغُرَابِ فَاُوَارِیَ سَوۡءَۃَ اَخِیۡ ۚ فَاَصۡبَحَ مِنَ النّٰدِمِیۡنَ ﴿ۚۛۙ۳۱﴾ (المائدة:31)
    نيٺ خدا جنگ ۽ صلح جي ان پهرين تمثيل کانپوءِ هميشه لاءِ هڪ عدل جو نظام قائم ڪري ڇڏي ٿو.
    مِنۡ اَجۡلِ ذٰلِکَ ۚۛؔ کَتَبۡنَا عَلٰی بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ. (المائدة:32 الخ)

    اسلام ۽ صلح:
    اسلام ان هابيلي صلح جو آخري نتيجو ۽ انهيءَ نظامِ عدل جي آخري ڪڙي آهي. اها ڪڙي ان ابتدائي بشري عهد کان لڳاتار وڌندي رهي ۽ مختلف شڪلين ۽ تعليمات ۾ ظاهر ٿيندي رهي پر دنيا ۾ هميشه نيڪي بڇڙائيءَ کان پوءِ ڦهلجي ٿي ۽ نور هميشه اونداهيءَ کانپوءِ جلوه گر ٿئي ٿو.
    عرب جون سڀئي جنگيون بغض ۽ انتقام، حسد، ساڙ، نفرت ۽ حقارت جو نتيجو هيون. جنگ داحس ۽ غبراءَ ( ) جي ڪري سڄي عرب ۾ باهه لڳائي ويئي. حرب بسوس ( ) صرف هڪ ڏاچيءَ جي ڪري سڄي عرب ۾ قيامت برپا ڪري ڇڏي!
    مهذب سلطنتن ۾ ملڪ گيري لاءِ جيڪو جنگي سلسلو قائم ٿي وڃي ٿو، اهو جيتوڻيڪ پنهنجي خاصيتن ۾ غير تهذيب يافته قومن جي وحشياڻين جنگين کان ڪنهن قدر مختلف نظر اچي ٿو پر حقيقت ۾ ان جي آخري ڪڙي به ان بنيادي فطرت سان وڃي ٿي ملي، جنهن جو ظهور قابيل جي شيطانيت مان ظاهر ٿيو هو ۽ جنهن جي تمثيل توريت ۽ قرآن ٻنهي ڏني آهي.
    اسلام جڏهن دنيا ۾ آيو ته انهن ٻنهي قسم جي جنگين زمين جي مٿاڇري کي هڪ جنگي معرڪو بڻائي رکيو هو پر اسلام هڪدم جنگ جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو؛
    لاتبا غضوا ولا تحاسدوا ولا تدابروا
    ” هڪ ٻئي سان دل ۾ عداوت ۽ ڪينو نه رکو! پاڻ ۾ حسد نه ڪيو! ۽ نه ئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي جاءِ تي هن کي هٽائي قبضو ڪيو.“
    وَ کُنۡتُمۡ عَلٰی شَفَا حُفۡرَۃٍ مِّنَ النَّارِ فَاَنۡقَذَکُمۡ مِّنۡہَا ؕ کَذٰلِکَ یُبَیِّنُ اللّٰہُ لَکُمۡ اٰیٰتِہٖ لَعَلَّکُمۡ تَہۡتَدُوۡنَ ﴿۱۰۳﴾ (آل عمران: 103)
    ”۽ اوهان پاڻ ۾ جنگ ۽ جدل، قتل ۽ خونريزيءَ جي ڪري ڄڻ باهه جي آڙاهه جي ڀَر تي بيٺا هيؤ ته اها باهه ڀڙڪي رهي هئي پر خدا اسلام جي تعليم ڏيئي توهان کي ان باهه مان ڪڍي ورتو.“
    روم ۽ فارس جون مهذب سلطنتون ملڪ گيريءَ لاءِ پاڻ ۾ جنگ ۾ رُڌل هيون. اسلام انهن جي مقابلي ۾ اعلان ڪيو ته دنيا ۽ دنيا جي زمين ان لاءِ نه بڻائي ويئي آهي ته ان جي مٿان انسان ذات جو خون وهايو وڃي. هڪ ڌُر ٻي ڌُر کي ختم ڪري سڄي زمين تي قابض ٿي وڃي ۽ آدم جي بي گهر اولاد کي نو آباديون ڳولڻيون پون. بلڪ دنيا جي سطح صرف ان لاءِ آهي ته هن تي آدم جو هر ٻچو پنهنجي مرڪز تي قائم رهندي خدا جي عبادت ۾ مصروف رهي ۽ جيڪا خلقت عبادت الاهي لاءِ بڻائي ويئي آهي، اها جنگ ۽ خونريزيءَ جي ڪمن لاءِ ٿي نٿي سگهي:
    وَ مَا خَلَقۡتُ الۡجِنَّ وَ الۡاِنۡسَ اِلَّا لِیَعۡبُدُوۡنِ ﴿۵۶﴾ (الذارايت:56)
    ”۽ اسان جنن ۽ انسانن کي صرف پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي.“
    ان وقت جڏهن دنيا امن جي نظام کي بلڪل بدلائي ڇڏيو هو، جڏهن هڪ فريق ٻئي کي نيست و نابود ڪري رهيو هو، جڏهن هڪ سلطنت ٻي سلطنت جي ملڪن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري رهي هئي، ته اسلام آيو ۽ ان ظالماڻي نظام کي تبديل ڪري هڪ نئون عادلاڻو نظام قائم ڪيو، جنهن جو مقصد دنيا جي سمورين جنگين کان بلڪل مختلف هو.

    جنگ جو مقصد:
    دنيا جي خونريز جنگين جو مقصد جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، صرف بغض ۽ انتقام جي خبيث روحن جي اُڃ اُجهائڻ هو. انسان غيظ ۽ غضب جي حالت ۾ جيتوڻيڪ جنگ کي هڪ عظيم الشان مقصد خيال ڪري ٿو پر حقيقت اها آهي ته جنهن شيءِ کي انساني ڏاڍ عظيم مقصد تصور ڪري ٿو، اعليٰ شهريت ان کي ڪو مقصد قرار نٿي ڏي. ڌاڙو ۽ رهزني ڪنهن مهذب انسان جو مقصد نٿو ٿي سگهي. ظلم ۽ ڏاڍ انساني صفت ٿي نٿي سگهي، بغض ۽ انتقام کانپوءِ انسان جي هٿ ۾ انسانيت لاءِ ڇا وڃي بچي ٿو؟ جيڪڏهن تمدن سچو ۽ شائستگي واقعي شائستگي آهي ته اهو قومي ۽ ذاتي بغض ۽ انتقام سان ڪڏهن به گڏجي نٿي سگهي.
    عرب کان سواءِ ٻي ڪنهن قوم ان قسم جي جنگ ۽ خونريزيءَ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي هوندي؟ پر ڏسو خدا تعاليٰ خود چوي ٿو:
    قُلۡ ہَلۡ نُنَبِّئُکُمۡ بِالۡاَخۡسَرِیۡنَ اَعۡمَالًا ﴿۱۰۳﴾ؕ اَلَّذِیۡنَ ضَلَّ سَعۡیُہُمۡ فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا وَ ہُمۡ یَحۡسَبُوۡنَ اَنَّہُمۡ یُحۡسِنُوۡنَ صُنۡعًا ﴿۱۰۴﴾ (الڪهف:103-104)
    ” ڇا اسان اوهان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ۾ رهڻ وارن جي سُڌ ڏيون؟ اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جون ڪوششون هن دنيا جي زندگيءَ ۾ به بيڪار ويون، حالانڪه اُهي سمجهي رهيا آهن ته هڪ وڏو ڪم ڪري رهيا آهن.“
    حقيقت اها آهي ته ان بنياد تي اسلام کان پهرين جنگ جو نمونو حقيقي روح يعني مقصد کان بلڪل خالي هو ۽ دنيا کي خون خرابي کانپوءِ شرمساري کانپوءِ ڪجهه به هٿ نه ايندو هو. اهڙي طرح هڪ جاهلي شاعر جنگ جي آخري نتيجن جو ذڪر هنن حسرت ڀرين لفظن ۾ ڪري ٿو:
    فابوا بالرماح مکسرات وابنا بالسيوف قد انحنينا
    ”اهي ماڻهو ڀڳل نيزا ۽ مڏيون ترارون کڻي جنگ جي ميدان کان واپس آيا.“
    اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي ٻولين ۾ جنگ لاءِ ڪو به اهڙو لفظ نه جوڙيو ويو هو، جيڪو ان مقصد کي ظاهر ڪري ها. بلڪه جنگ جا سڀئي نالا صرف اِن جي نتيجن ۽ صفتن جو بيان هئا پر اسلام جنگ کي ”جهاد“ جي هڪ وسيع اصطلاح هيٺ آڻي سندس مقصد ۽ حقيقت کي ان نالي سان واضح ڪيو.
    اهو ئي اعليٰ مقصد آهي جنهن لاءِ اسلام هر موقعي تي جدوجهد، ڪوشش، سعي ۽ ڊڪ ڊوڙ جي ترغيب ڏني آهي.
    لَا یَسۡتَوِی الۡقٰعِدُوۡنَ مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ غَیۡرُ اُولِی الضَّرَرِ وَ الۡمُجٰہِدُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ بِاَمۡوَالِہِمۡ وَ اَنۡفُسِہِمۡ ؕ فَضَّلَ اللّٰہُ الۡمُجٰہِدِیۡنَ بِاَمۡوَالِہِمۡ وَ اَنۡفُسِہِمۡ عَلَی الۡقٰعِدِیۡنَ دَرَجَۃً ؕ وَ کُلًّا وَّعَدَ اللّٰہُ الۡحُسۡنٰی ؕ وَ فَضَّلَ اللّٰہُ الۡمُجٰہِدِیۡنَ عَلَی الۡقٰعِدِیۡنَ اَجۡرًا عَظِیۡمًا ﴿ۙ۹۵﴾
    ”مسلمانن ۾ جيڪي ماڻهو معذور نه هئا ان جي باوجود گهر ۾ ويٺا رهيا، اهي انهن ماڻهن جهڙو درجو نٿا وٺي سگهن جن پنهنجن مالن ۽ جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو، اهڙن مجاهدن کي گهر ۾ ويهي رهندڙن مسلمانن تي هڪ خاص درجي تائين بزرگي ڏني، جيتوڻيڪ ٻنهي لاءِ خدا بهتري جو واعدو ڪيو مگر مجاهدن لاءِ غير مجاهدن جي مقابلي ۾ عظيم اجر آهي. “(النساء: 95)
    اهو اعليٰ مقصد ڪهڙو هو؟
    قرآن مجيد ان جو جواب نهايت مختصر ۽ سادن لفظن ۾ هيئن ڏنو آهي:
    حَتّٰی لَا تَکُوۡنَ فِتۡنَۃٌ وَّ یَکُوۡنَ الدِّیۡنُ کُلُّہٗ لِلّٰہِ ۚ(الانفال: 39)
    ”دنيا ۾ فتنو، ظلم ۽ فساد باقي نه رهي ۽ دين الله لاءِ ٿي وڃي.“
    ہُوَ الَّذِیۡۤ اَرۡسَلَ رَسُوۡلَہٗ بِالۡہُدٰۦ وَ دِیۡنِ الۡحَقِّ لِیُظۡہِرَہٗ عَلَی الدِّیۡنِ کُلِّہٖ ؕ.(الفتح: 28)
    ”اهو خدا جنهن پنهنجي رسول کي انسان ذات جي هدايت ۽ دين حق جي دعوت لاءِ موڪليو، ته جيئن ان جي سچائيءَ کي دنيا جي سڀني دينن تي غالب ڪري.“
    انهن ئي سادن ۽ ٿورڙن لفظن عرب جي جنگي تاريخ جي ڍانچي کي بدلائي ڇڏيو.
    قديم قومن جي جنگين جو اصل مقصد عام طور قتل عام، ملڪ گيري جي هوس، عزت ۽ ناموس ۽ بهادري جو اظهار هوندو هو، عرب جو به اهو ساڳيو حال هو جنهن ۾ اسلام جي دعوت شروع ٿي.
    وايا منا مشهورة في عدونا،
    لها غرر معلومھ وحجول.
    ”اسان جا معرڪا اسان جي دشمنن ۾ ڏاڍا مشهور آهن، انهن جا نقش نغار اڃا تائين چڱي طرح چمڪي رهيا آهن.“
    والا الکن کل الشجاع فانند،
    بضرب الطلي والهام حق عليم.
    ”جيتوڻيڪ مان وڏو بهادر نه آهيان، پر تنهن هوندي به سر ۽ گردن اڏائي ڇڏڻ جو ماهر آهيان.“ (اها ڄڻ ڪسر نفسي آهي.)
    مشينا مشينھ الليث،
    عدا وا لليث غضبان
    ” اسان جنگ جي ميدان ۾ شينهن جي چال هلياسين، اهو شينهن جيڪو صبح جي وقت شديد بُک ۾ نهايت غضبناڪ ٿي شڪار جي ڳولا ۾ اُٿي کڙو ٿيندو آهي.“
    ان مقصد جو اظهار صرف جنگ جي ميدان ۾ نه ڪيو ويندو هو پر اُتان موٽي، عورتن کي پنهنجي بهادريءَ جا افسانا ٻڌائي، انهن کي پنهنجن ڪارنامن کان مرعوب ڪندا هئا:

    فانک لورايت ولن تريه
    اکف القوم تخرق بالقنيتا.
    ”اي محبوبه! جيڪڏهن تون ڏسين ها حالانڪه تنهنجو جگر ۽ دل اهڙي ناهي جو ڏسي سگهين ته دشمنن جا هٿ ڪيئن نه نيزن سان چڀجي رهيا آهن، ته تو کي قيامت جي ميدان جو منظر نظر اچي وڃي!“
    کفاک التاي ممن لم تريه
    ورحبت العواقب للبنينا.
    ”جيڪڏهن تو مون کي ان معرڪي ۾ نه ڏٺو ته اهو بهتر آهي، نه ته پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي فرزندن لاءِ تون به دعاءِ خير ڪرين ها.“
    جهڙيءَ طرح عرب جو اصل مقصد ”غارتگري“ ان مقصد جي خلاف نه هو، بلڪه ٻئي گڏوگڏ پورا ڪيا ويندا هئا، اهڙيءَ طرح حق جي اعلان ۽ پرچار ۽ سچائي ۽ عدل جي دعوت سان گڏ به ان مقصد کي پورو ڪري پيو سگهجي. عرب جي سڀني جنگين جون خاصيتون اصحابن رضوان الله عليهم جي سامهون موجود هيون ۽ انهن جو جوش اڃا وڌيڪ ان کي نمايان ڪرڻ گهرندو هو. هڪ اصحابي پاڻ سڳورن ﷺ جن کان پڇي ٿو:
    الرجل يقاتل للمغنم و الرجل يقاتل للذکر والرجل يقاتل ليري مکانه فمن هم في سبيل الله؟ (بخاري)
    ” ماڻهو ڪڏهن ڦرمار ڪرڻ لاءِ وڙهي ٿو ۽ ڪڏهن مشهوريءَ لاءِ ۽ ڪڏهن ميدان ۾ پنهنجي بهادري ڏيکارڻ لاءِ پر حضور جن ٻڌائين ته انهن مان ڪهڙو ماڻهو مجاهد في سبيل الله آهي؟“
    اسلام هر عمل جو بنيادي اصول هيءُ مقرر ڪيو آهي:
    انما الاعمال بالنيات (حديث)
    ” هر عمل جو ثواب توهان جي نيتن تي مدار رکي ٿو.“
    تنهن ڪري جيتوڻيڪ اهي مقصد حق جي ڪلمي جي اعلان جي خلاف نه هئا، پر تنهن هوندي به اسلام جنهن خلوص ۽ جنهن حق ۽ عدل جو اعلان ڪندڙ هو، ان لحاظ کان ضروري هو ته ان باري ۾ سڀ کان پهرين نيتن کي درست ڪجي، ڇاڪاڻ ته انهن جو اثر عملن تي به پوي ٿو. پاڻ سڳورن ﷺ ان سائل کي جواب ڏنو:
    من قاتل لتکون کلمته الله هي العليا فهوفي سبيل الله! (بخاري)
    ” جنهن شخص ان نيت سان جنگ ڪئي ته خدا جي ڳالهه مٿي ٿئي ۽ ان جي سچائي قائم ڪئي وڃي ته صرف ان جو قتال خدا جي واٽ ۾ آهي.“
    حقيقت جيڪڏهن حقيقت آهي ته پردي ۾ رهي نٿي سگهي. حضرت داعي اسلام عليه الصلواة والسلام اسلامي جهاد جو ان حقيقت سان اظهار ڪيو ته خدا عملي نمونو قائم ڪري ان جي مشابهت کي ختم ڪري ڇڏيو. هڪ غزوي ۾ هڪ ماڻهو ڏاڍي دليري سان وڙهيو. ايتري تائين جو جنگ جي ميدان کان موٽي، سڀني اصحابن سندس بهادريءَ جي ساراهه ڪئي پر پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو، ”اهو دوزخي آهي.“ هڪ اصحابيءَ کي ان تي ڏاڍو تعجب ٿيو. ان هن جي جنگي حالتن جي جانچ شروع ڪري ڏني. اتفاقي طور تي اهو هڪ موقعي تي سخت زخمي ٿي پيو ۽ تڪليف کان بيقرار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏيائين (جيڪا حرام آهي، ڇاڪاڻ ته اسلام جي نظر ۾ پنهنجو پاڻ کي جيئرو رکڻ انسان جو بنيادي فرض آهي.) اهو اصحابي ڀڄندو پاڻ سڳورن ﷺ جن جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين، ”بيشڪ، اوهان خدا جا رسول آهيو.“ پاڻ سڳورن ﷺ جن فرمايو ته، ”توهان صرف هن جو ظاهر حال ڏسي متاثر ٿي ويؤ پر خدا ته نيتن کي ڏسندو آهي. اهو ماڻهو نهايت دليريءَ سان جنگ ۾ وڙهيو پر جيئن ته خلوص ۽ سچائيءَ جي جذبن کان محروم هو، ان ڪري حرام موت مري پنهنجي سموري محنت ختم ڪري ڇڏيائين، تنهن ڪري مان هن کي جهنمي چيو هو.
    ان الرجل ليعمل عمل اهل الجنھ فيما يبدو للناس وهو من اهل النار وان الرجل ليعمل عمل اهل النار فيما يبدو للناس وهو من اهل الجنھ. (بخاري)
    ”هڪ ماڻهو بظاهر اهل جنت جو ڪم ڪري ٿو حالانڪه اهو دوزخي هوندو آهي ۽ هڪ ماڻهو بظاهر دوزخين وارو طريقو اختيار ڪري ٿو پر اهو جنتي هوندو آهي.“
    اسلام جي اولين دعوت جو مقصد مخلصين ۽ قانتين جي هڪ پاڪباز جماعت پيدا ڪرڻ هو، اهڙيون خاصيتون جن کي هر گروهه، هر جماعت، هر زندگي، هر حال ۽ هر هڪ فرد ۾ هئڻ گهرجي. فوج جي تنظيم ۽ ترتيب ۾ به هميشه اهو ئي مقصد سامهون رکڻ گهرجي. ان ڪري جيڪڏهن آب زم زم ۾ شراب جو هڪ ڦڙو به ملي وڃي ته اسلام جي خلوص جي دامن تي ان جو داغ ٿي پوي ٿو.
    اهڙي طرح هڪ دفعي غنيمت جي لالچ ۾ هڪ مشرڪ پاڻ سڳورن ﷺ سان جهاد ۾ شامل ٿيڻ گهريو. هُن ٽي دفعا عرض ڪيو پر پاڻ سڳورن ﷺ هر ڀيري انڪار ڪري ڇڏيو. اهو واقعو تفصيل سان حديث جي ڪتابن ۾ نقل ٿيل آهي.

    (الهلال، جلد-5، نمبر- 10، 11 ۽ 12، سيپٽمبر- آڪٽوبر 1914ع)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927513
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760894
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ