ڪتاب جو نالو: شاھ لطيف هر دور جو شاعر
مصنف: ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2008
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 26 جولائي 2020 ع
پڙهيو ويو: 443 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 135 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل فڪر ۽ پيغام بابت مقالن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو لکيل آھي. پاڻ لکن ٿا:
”آئون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جو فني توڙي فڪري جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته لطيف جي شاعري ايڏي ته گھڻ رخي ۽ وسيع آهي جو سندس هڪ هڪ بيت ۽ وائي جا ڪئي پهلو ۽ منجھن ندرتن جا ڪيئي جهان نظر اچن ٿا. منهنجي هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيئي مقالا آهن جن ۾ اوهان شاھ جي ڪلام جي انفراديت، فني ۽ فڪري عروج ۽ ٻوليءَ جي حسناڪين کي محسوس ڪري سگھندا.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • لفظي ۽ معنوي ندرت
  • نفيءَ جو فلسفو
  • سنڌي سماج جي آدرشي قدرن جي عڪاسي
  • پورهيتن جي پچار
  • ٿرين جي خوراڪ ۽ پوشاڪ
  • جدوجهد جو پيغام
  • سُر سورٺ ۾ علامت نگاري
  • شاھ جي نظر ۾ مومل جو مقام
  • اکين جا احوال
  • تجنيسِ حرفي جو ڪمال
  • سُر يمن ڪلياڻ ۾ علم ۽ عمل جو تصور
  • سُر ڪوهياريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سنيهو
  • تشبيهن جي سونهن
  • سُر رِپ ۾ وڇوڙي ۽ ويراڳ جا ورلاپ
  • سُر ڪاپائتي ۾ وقت جي وقعت ۽ پيار ڀريي پورهئي جو پيغام
  • سُر ڪارايل ۾ سچن سان صحبت جو سبق
  • صنعتن جو استعمال
  • انساني عضون جو ذڪر ۽ انهن جي معنوي حقيقت
  • قادرِ مطلق جي هستيءَ جو تصور
  • سُر ڪاموڏ جو روحاني راز
  • سُر ديسي جو مطالعو
  • سُر آسا جو مطالعو
  • سُر سامونڊيءَ جو مطالعو

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    پهريون ڇاپو : 2008ع
    ڪتاب جو نالو : شاھ لطيف ــ هر دور جو شاعر
    ليکڪ : ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    ڪمپوزنگ : احسان ۽ اظهار
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
    www.sindhsalamat.com

    قيمت : 150 رپيا


    SHAH LATIF HAR DOR JO SHAIR
    By: DR. Bashir Ahmed Shaad
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone:021-2737290
    www.sindhica.net
    Email:sindhica_academy@yahoo.com

    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24 نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
    ڪراچي 74400


    انتساب

    سنڌي ٻوليءَ جي عظيم ڏاهي
    ۽ شاھ لطيف جي وڏي پارکو
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    جي نالي ڪيان ٿو
    جنهن پنهنجي سموري حياتي
    سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ارپي ڇڏي آهي.

    (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”شاھ لطيف ھر دور جو شاعر“ اوهان اڳيان پيش آهي. شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل فڪر ۽ پيغام بابت مقالن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو لکيل آھي. پاڻ لکن ٿا:
    ”آئون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جو فني توڙي فڪري جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته لطيف جي شاعري ايڏي ته گھڻ رخي ۽ وسيع آهي جو سندس هڪ هڪ بيت ۽ وائي جا ڪئي پهلو ۽ منجھن ندرتن جا ڪيئي جهان نظر اچن ٿا. منهنجي هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيئي مقالا آهن جن ۾ اوهان شاھ جي ڪلام جي انفراديت، فني ۽ فڪري عروج ۽ ٻوليءَ جي حسناڪين کي محسوس ڪري سگھندا.“
    ھي ڪتاب 2008ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۽ فلسفي جي ڪَٿ ڪرڻ نهايت اوکو ڪم آهي. شاھ جي ڪلام ۾ جيڪا گھرائي، وسعت ۽ لطافت آهي، هن جي لفظن ۾ جيڪا سڳنڌ، ڪشش ۽ معنويت آهي تنهن کي ڪي صاحبِ علم ئي پرکي، پروڙي ۽ سوجھي سگھن ٿا. آئون هڪ طالبِ علم جي حيثيت ۾ ڀٽائي جي شاعري کي سمجھڻ ۽ ساڃاهڻ جي ڪوشش ڪندي سندس فني ۽ فڪري پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي جستجو ۾ گذريل 40 سالن کان مصروف رهيو آهيان. مون جيڪي به رنڊا روڙيا آهن، تَن لاءِ مون هميشه پنهنجي من ۾ محبت جو وکر ضرور رکيو آهي. لطيف فهميءَ جي دعوى نه آئون اڄ ٿو ڪيان نه اڳ ڪڏهن ڪئي آهي، ڇوته لطيف سائين عقل، آگهي، علم، شعور توڙي تصوف جي رمزيت جو اهڙو ساگر آهي جنهن کي پار ڪرڻ سولو نه آهي.....
    آئون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جو فني توڙي فڪري جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته لطيف جي شاعري ايڏي ته گھڻ رخي ۽ وسيع آهي جو سندس هڪ هڪ بيت ۽ وائي جا ڪئي پهلو ۽ منجھن ندرتن جا ڪيئي جهان نظر اچن ٿا. منهنجي هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيئي مقالا آهن جن ۾ اوهان شاھ جي ڪلام جي انفراديت، فني ۽ فڪري عروج ۽ ٻوليءَ جي حسناڪين کي محسوس ڪري سگھندا.
    هن ڪتاب ۾ مون شاھ جي شاعري جي انهن رخن تي به روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن تي لطيف جي پارکن جي يا ته بنهه نظر ئي نه وئي آهي يا وري انهن موضوعن کي رڳو سرسري طور ئي ڇهيو ويو آهي. خاص طور ڪلام جي فني پهلوئن تي قلم کڻڻ وقت مون انهيءَ ڳالهه کي ذهن ۾ رکيو.
    لطيف، سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي. هو سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو مهندار هوندي، سنڌي شاعريءَ جي جديد روايتن سان به سلهاڙيل آهي. ڀٽائي جي فڪر ۽ ذڪر کان سواءِ سنڌي شاعريءَ جي مالها مڪمل ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي. جيسيتائين سنڌ قائم رهندي ۽ جيسيتائين سنڌي ماڻهو زنده هوندو تيسيتائين ڀٽائي جو فڪر زنده رهندو...... اسين پوڻا ٽي سو سالن ۾ لطيف جي عظمت کي جيترو سمجھي سگھيا آهيون، اها رڳو ابتدا آهي. ڇوته شاھ جي عظمت ۽ حيثيت کي سمجھڻ لاءِ اڃا صدين جي سفر جي ضرورت آهي.
    مون پنهنجي هن ڪتاب جو نالو ”شاھ لطيف هر دور جو شاعر“ ان لاءِ رکيو آهي ته شاھ جو فڪر ڪڏهن به پئي پراڻو ٿيڻ وارو نه آهي بلڪه جئن جئن وقت گذرندو ۽ جئن جئن ماڻهوءَ جي شعور ۾ پختگي ايندي تئن تئن انسان جون سماعتون ۽ بصارتون ان جي تازگي ۽ حسن کي ڀرپور نموني محسوس ڪنديون.
    آئون اميد ٿو ڪريان ته منهنجي هن پيار ڀريي پورهيي کي اوهان هميشه وانگر محبت ۽ مانَ جي نگاھ سان ڏسندي قبول ڪندا.

    ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    01 مارچ 2008
    سميع آباد ــ لاڙڪاڻو
    03013470052


    لفظي ۽ معنوي ندرت

    ادبي ٻوليءَ جي بنيادي خوبين ۾ لفظي ۽ معنوي ندرت کي وڏي اهميت حاصل آهي. اها خوبي ٻوليءَ کي معياري ۽ خوبصورت بڻائي ٿي ۽ منجهس نواڻ ۽ مٺاس پيدا ڪري ٿي.
    شاهه سائينءَ جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جو شاهڪار آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي معياري ۽ سڌريل ٻولين جي صف ۾ آڻي بيهاري ٿو. رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته منجهس لفظي ۽ معنوي ندرت جو خزانو ڀريل آهي. هيٺ مختلف سُرن مان اهڙا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
    سُر يمن ڪلياڻ جو بيت آهي:
    ويڄَ مَ ٻڪي ڏي ، الا چڱي مَ ٿيان
    سڄڻ مانَ اچي ، ڪر لاهو ٿي ڪڏهم
    مٿيون بيت لفظي توڙي معنوي ندرت سان سينگاريل آهي. لفظي ندرت ۾ بيت جي ٻي سٽ ۾ لفظ ’ڪر لاهو‘ تي غور ڪجي. ڪَرَ معنى خبر ، ’لاهو‘ معنى لهندڙ يعني خبر لهندڙ. لطيف سائين خبرگيري ڪرڻ لاءِ هڪڙو ئي لفظ استعمال ڪري بيت ۾ ندرت پيدا ڪئي آهي. معنوي ندرت جي لحاظ کان پڻ ڏسبو ته هرڪو انسان ويڄ يا طبيب کان چڱ ڀلائيءَ وارو علاج طلبيندو آهي. پر هتي عاشق طبيب کان اهڙي ٻُڪي ٿو طلبي جنهن سان چڱو ڀلو ٿي نه سگهي. هو ان بيماريءَ واري حالت کي سڄڻ جي ملاقات جو سبب بڻائڻ ٿو چاهي ته من منهنجي اگهائيءَ جي خبر سڻي محبوب مونکان پڇڻ لاءِ اچي نڪري.
    سُر سهڻيءَ ۾ لفظي ندرت جو مثال ملاحظه ٿئي:
    گهڙو ڀڳو ته گھورئو، مر ٻيڙ ٿئي ٻاهم
    طالب المولى مذڪر، اي پَرِ اساهم
    پئان نه پاهم، مون ميهار من ۾
    ٻاهم ، اساهم ۽ پاهم لفظي ندرت جا مثال آهن. ’ٻيڙ ٿي ٻاهم‘ مان مراد آهي ته ميهار جي محّبت ۾ گھڙو ڀڳو ته گھورئو. هاڻي ڀل منهنجي ٻانهين ٻيڻي ٿئي. ’ٻانهنم‘ معنى ٻانهن يا ٻانهين. اهڙيءَ ريت اسانجي معنى ۾ ’اساهم‘ ۽ پوئتي جي معنى ۾ ’پاهم‘ لفظ استعمال ڪري لطيف سرڪار هڪ طرف منفرد قافيه آندا آهن ٻه ٻي طرف ٻوليءَ ۾ ٽن خوبصورت لفظن جو اضافو ڪيو آهي.
    ساڳي سُر مان هڪ ٻيو مثال پيش آهي:
    وڇين سان ويٺي ، سور وياڇي سهڻي
    آن ڪاٿي ڏيٺي ، مينهن جي ميهار سين
    هتي سهڻي وڇين سان ويٺي سورَ اوري. سورن اورڻ لاءِ ’وياڇي‘ جو منفرد لفظ استعمال ٿيل آهي. جڏهن ته ٻي سٽ ۾ ’ڏيٺي‘ ملاقات جي معنى ۾ آيل آهي. سهڻي وڇين سان ويٺي احوال اوري ۽ پڇي ٿي ته ڀلا توهان جي ميهار سان ڪا ملاقات ٿي آهي !
    سُر سهڻيءَ مان لفظي ندرت جو هڪ ٻيو مثال ڏجي ٿو:
    ڪارا ڪُنَ، ڪاري تڳي، جتي ڪاريهر ڪڙڪا
    مئي متي مهراڻ ۾ ، اچن دوپارا دڙڪا
    ويندي ساهڙ سامنهان ، جهول ڏنس جھڙڪا
    کرڪن جا کڙڪا ، سونهان ٿيئڙس سير ۾
    بيت جي ٻي سٽ ۾ لفظ ’دوپارا‘ آيل آهي ، جنهن جي معنى ٻنهي پاسي آهي. دو معنى ٻه. پارا معنى پاسا يعني ٻئي پاسا يا ٻنهي پاسن کان. ٽين سٽ ۾ ’جھڙڪا‘ جي معنى ضربون يا چپيٽون آهي. ٻئي لفظ لفظي ندرت جو عمدو مثال آهن. اهي معنى توڙي مفهوم جي لحاظ کان اهڙا تزُ آهن جئن منڊيءَ تي ٽِڪَ.
    سسئي آبري جو هڪ بيت آهي :
    ڪـُـوڙيون پڇن ڪيچ ، هوت پڇن هتهم
    جن پنهونءَ سين پيچ ، تن پيرين پنڌ وسارئو
    مٿين بيت ۾ لفظ ’هتهم‘ هتي جي معنى ۾ استعمال ٿيل آهي، جيڪو پڻ لفظي ندرت جو نمونو آهي.
    سُر حسينيءَ ۾ پڻ معنوي ندرت جا خوبصورت مثال ملن ٿا.
    آئون ڏوريان شال مَ لهان ! پرين هيئن پَري
    هڏِ نه ساهه سري ، تَنَ تسلي نه ٿئي
    هن بيت ۾ عاشق پنهنجي مطلوب ۽ مقصود کي ڏورڻ ته چاهي ٿو پر ان کي حاصل ڪرڻ جي تمنا نه ٿو رکي ۽ چاهي ٿو ته کانئس ڀل پرين پري هجي ، جئن سندس اها تڙپ ۽ تانگهه قائم رهي ۽ اندر مان اڪير نه لهي ۽ تَنَ کي تسلي نه ٿئي ، متان محبوب جي ملڻ کانپوءِ انهيءَ تڙپ ۽ تانگهه ۾ گھٽتائي اچي وڃي. بيت ۾ ڪيڏي نه معنوي ندرت سمايل آهي.
    لفظي ندرت لاءِ لفظ ’هيئن‘ هجڻ جي معنى ۾ استعمال ٿيل آهي. ساڳئي ئي سُر ۾ اهڙي مفهوم وارو هڪ ٻيو خوبصورت بيت ملي ٿو.
    ڏوريان ڏوريان مَ لهان ، شال مَ ملان هوت
    من اندر جا لوچ ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي
    مٿيون بيت معنوي ندرت جو عمدو مثال آهي.
    سُر معذوري مان لفظي ندرت جو هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
    وَڌو ڪيم وڻاهه ، اونچا ڏونگر مَ ٿيو
    ٽِمو مَ نيڻاهه ، ته پير نهاريان پرينءَ جو
    هتي لفظ ’وڻاهه‘ وڻن جي معنى ۾ آيل آهي. جڏهن ته ٻي سٽ ۾ ’نيڻاهه‘ جو مطلب نيڻ يا اکيون آهن. ٻئي لفظ نواڻ سان ڀرپور آهن. ٻي سٽ جو مفهوم ۽ مطلب معنوي لحاظ کان ڪيڏو نه سهڻو آهي. سسئي پنهنجي اکين سان مخاطب آهي ته توهان نير نه وهايو ، ڳوڙهن سان نه ڀرجي اچو ، جئن مان پرين جو پيرو لهي وٺان. اکين ۾ ڳوڙها ڀرجڻ وقت چٽو نه ڏسي سگھبو آهي.
    معنوي ندرت جو سُر ليلا چنيسر مان هڪڙو مثال ڏجي ٿو.
    الا !‎‎ ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهين ڏک ڏسن
    مون سين مون پرين ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪئا
    گھڻي ڏاهپ ڪڏهن ڪڏهن انسان ۾ غرور ۽ گھمنڊ پيدا ڪندي آهي ۽ سندس گھمراهه ٿي پوڻ جا قوي امڪان پيدا ٿي پوندا آهن. تنهن ڪري الله جي ٻانهن هميشه پنهنجي هست کي نيست ڪيو ۽ پاڻ کي ڪجهه به نه ڀانيو، بلڪه مالڪ کان هميشه اها دعا گھري ته اسان کي اَٻوجھن ۽ اياڻن کي شمار ڪر، ڇوته اهڙن انسانن تي مالڪ جي خاص مهر ڀري نظر هوندي آهي. آقا کي اگلڙا پسند هوندا آهن. بيت ۾ معنويت جي لحاظ کان ڪيڏي نه نواڻ نظر اچي ٿي.
    سُر سورٺ مان لفظي ندرت جو هڪ سهڻو مثال پيش ڪجي ٿو :
    سوءَ سِرن پائي ، جي تند برابر توريان
    اٽل اوڏاهم ٿيي ، جيڏاهن ٻيجل ٻُرائي
    سَکڻو هڏ آهي ، سِرَ ۾ سڃڻ ناهه ڪو
    هن بيت ۾ لفظ ’اوڏاهم‘ ان پاسي جي معنى ۾ استعمال ٿيل آهي ۽ ’سڃڻ‘ مان مراد نذرانو ڏيڻ آهي. لفظي ندرت کان علاوه بيت ۾ وڏا معنى جا موتي سمايل آهن. راءِ ڏياچ هڪ سِرُ ته ڇا پر سوءَ سِرَ ڏئي سرخرو ٿيڻ ٿو چاهي ۽ ان عمل کي نذرانو تصور ٿو ڪري. سندس عقيدت جي انتها آهي جو هو سوءَ سرن کي تند برابر تورڻ بعد به اُٽل ان پاسي ٿو ڀائين جنهن پاسي ٻيجل بيٺو تند تنواري.
    ساڳئي سُر ۾ ساڳئي مفهوم ۽ معنى وارو هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي :
    مٿي اُتي مهجي، جي ڪوڙين هُوَنِ ڪپار
    ته وارئو وارئو وڍيان، سسيءَ کي سوءَ وار
    ته پڻ تند توار، موهان مٿائون مڱڻا!
    مٿين بيت ۾ لفظ ’هُوَنِ‘ هجن جي معنى ڏيکاري ٿو. ٻئي سٽ ۾’وارئو وارئو‘ بار بار يا وري وري جي لاءِ استعمال ڪيل آهي. ٽين سٽ ۾ ’موهان‘ جي معنى مونکان آهي. اهي ندرت جا سهڻا مثال آهن.
    سُر آسا ۾ لفظي خواهه معنوي ندرت جو هڪ خوبصورت بيت ملي ٿو.
    الا کر جيئن ، مدي جن جي من ۾
    اسان ۽ پرين جون اميدون پسن
    تهان پوءِ مرن ،سڙي انهي سور ۾
    هرڪو انسان چاهيندو آ هي ته سندس دشمن نيست ۽ نابود ٿئي. پر هتي معاملو ئي اور آهي. عاشق پنهنجي حريف ۽ دشمن جي عمردرازيءَ لاءِ منفرد دعا گھري ٿو. هو چاهي ٿو ته سندس دشمن تيسيتائين جيئرو هجي جيستائين سندس ۽ پرينءَ جي من جون مرادون پوريون ٿين. اهي مرادون پَسي پوءِ سندس دشمن ڀل انهي سور ۾ سڙي مري. بيت ۾ ڪيڏي نه معنوي ندرت سمايل آهي. لفظي ندرت جي حوالي سان لفظ ’تِهان‘ جو مطلب ’ان کان پوءِ‘ آهي.
    سُر مارئيءَ مان لفظي ندرت جو مثال هن ريت آهي:
    واجھائي وطن کي ، ساري ڏيان ساهه
    بت مهجو بند ۾ ، قيد مَ ڪريجاهه
    پرڏيهاڻي پرينءَ ريءَ ، ڌار مَ ڌريجاهه
    ٿڌي وسائج ٿرن جي ، مٽي مُئيءَ مٿاهه
    جي پويون ٿي پساهه ، ته نجاهه مڙهه ملير ڏي
    مٿين بيت ۾ ڪريجاهه ، ڌريجاهه ، مٿاهه ۽ نجاهه لفظي ندرت ظاهر ڪن ٿا. ’ڪريجاهه‘ معنى ڪجانءِ. ’ڌار مَ ڌريجاهه‘ يعني ڌار نه ڪجانءِ. ’مٿاهه‘ معنى مٿان ۽ ’نجاھ‘ جو مطلب موڪلجانءِ. مارئيءَ جي اندر جو آواز آهي. مٿيان لفظ ٿر ۾ عام مستعمل رهيا آهن. تهنڪري لطيف سائين بيت ۾ اهو ئي رنگ اختيار ڪيو آهي.
    سُر ديسي ۾ لفظي ندرت جا ڪيترائي مثال ملن ٿا.

    سِڪي جان ستياسِ ، تان سِڪَ سمهڻ نه ڏئي
    جاڳي ستيس جن لئه ، سي آيا تان نه اٿياس
    ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي
    هن بيت ۾ ستياس ، اٿياس ۽ ڀلياس لفظي ندرت جا نمونا آهن. ’ستياس‘ معنى سمهي پيس. ’اُٿياس‘ جو مطلب ته اُٿيسِ ۽ ’ڀلياس‘ معنى ڀلي پيس. جتوڻيڪ سمهيس ، اٿيس ۽ ڀليس تمام سادا ۽ سولا لفظ آهن پر لطيف سائين انهن لفظن ۾ مٺاس پيدا ڪري وڌيڪ رنگين ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. بيت جي سٽاء ۾ مذڪوره لفظ ردم جي لحاظ کان به سهڻي جاءِ وٺي بيٺا آهن.
    سُر رِپَ جو هڪ بيت پيش ڪجي ٿو جنهن ۾ لفظي ندرت ملي ٿي.
    گَوني ۽ گُوني ، پرين پٽائين گج جنءَ
    جي منجھوني ، سي ڪئنءَ وڃن وسري
    بيت جي ٻي سٽ ۾ لفظ ’منجھوني‘ جي معنى من ۾ اندر يا منهنجي من ۾ آهي. ’منجھوني‘ لفظ بالڪل نئون آهي. پهرين سٽ ۾ عاشق پنهنجي محبوب جي حسن ۽ نزاڪت جو مثال خوبصورت گلن ٻوٽن واري ڀرت ڀريل ريشمي گج سان ڏئي ٿو. اهڙو سهڻو محبوب ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگھجي جيڪو عاشق جي من ۾ جائگير آهي.


    نفيءَ جو فلسفو

    قرآن حڪيم جي روشني ۾ ڪائنات جي تاريخ تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪائنات جي تخليق ئي نفي سان ٿي آهي. يعني عدم ۾ ڪجهه به ڪونه هو، سواءِ پاڪ هستيءَ جي. پوءِ خلقڻهار ’ڪـُـن‘ يعني ’ٿيءُ‘ جو حڪم فرمايو ته ’فيڪون‘ سان ڪائنات تخليق ٿي پئي.
    توحيد جي عقيدي جو بنياد پڻ نفي تي آهي. ’لا اِلله‘ چوڻ سان نفي ڪجي ٿي، يعني ’ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي.‘ پوءِ ’اِلا الله‘ يعني ’سواءِ الله جي‘ چوڻ سان اثبات ٿئي ٿي. اهڙي ريت صوفين جي فلسفي موجب انسان جيستائين پنهنجي وجود جي نفي يا هستيءَ جو انڪار نه ٿو ڪري، تيستائين هن کي روحاني منزلون حاصل ٿي نه ٿيون سگههن. وحدت الوجود جي نظريي مطابق حقيقي توحيد فقط اها آَهي جو وجودِ اڪبر (الله تعالى) کانسواءِ ٻيو ڪوبه وجود قبول نه ڪيو وڃي. ڇا عرش تي ڇا فرش تي.
    نفي جي فلسفي بابت هند سنڌ کان علاوه دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي صوفين لکيو آهي. پر هتي فقط پنهنجي ملڪ سان تعلق رکندڙ اهڙن اهل الله ۽ صوفياء ڪرام جي ڪلام مان نموني طور فقط هڪ هڪ بيت تي اڪتفا ڪجي ٿي.
    مرڻ کان اڳ مرڻ جي فلسفي کي حضرت سلطان باهو بيت جي ٻن سٽن ۾ هن ريت سمائي ٿو :
    واه نصيبا اوهدا ، جيهڙا وچ حياتي مرَدا هو
    مرن تون اگي مرگئي باهو ، تان مطلب نو پايا هـُو
    ساڳي نظريي جي اپٽار بلهي شاهه پنهنجي ڪلام ۾ هن انداز سان ڪري ٿو:
    موئي تان روز حشر نون اُٺن ، عاشق نه مرجاوي گا
    جي تون مرين مرن تون پهلان ، مرني دا مُل پاوي گا
    بابا فريد ان فلسفي کي بيت جي چئن سٽن ۾ هيٺين ريت پيش ڪري ٿو :
    جنگل جنگل ڦِري فريد ، اور ڪانٽون ڪانٽون جائي
    اپني من مين جهانڪي نا تو ، جنگل مين ڪيا پائي!
    اگر فريد هي دانش تجهه مين ، ڪالي ناکر ليک
    اپني سر ڪو جھڪاڪي پگلي ، بڪڀي گريبان ديک
    سچل سائين رحه نفي جي فلسفي کي چئن سٽن جي مالها ۾ هن ريت پوئي ٿو :
    پاڻ وڃائي پاڻ، ڳولهي لهج پاڻ کي
    پاڻ منجھان ئي پاڻ کي، پوندي پاڻ سڃاڻ
    مکڻ آکر هيڪڙو، سو ئي کير سنڀاڻ
    اهو اٿئي اهڃاڻ، ڳهلا انهي ڳالهه جو
    بيدل فقير پنهنجي ڪلام ۾ نفي جي متعلق فرمايو :
    نفي ڌاران ناه ڪا، ويراڳي ٻي واٽ
    ساميئڙا سر ڪاٽ، ته اوڏو ٿئين اثبات کي
    سيد رکيل شاھ صوفي ان سلسلي ۾ رقمطراز آهي :

    ڪَلرَ ڪيري مٽي پايان، نه ڄاڻان پاڻ ڪجهه آهيان
    وڃائي وجود دک پايان، پڙهايم بره هي باتي
    ڇڏيم هستي خودي ماري، ڪري پئمال هڏ ڳاري
    ائين ٿو عشق اوجاري، هميشه درد دل جاني
    خوش خير محمد هيسباڻي پنهنجي سرائڪي ڪلام ۾ نفي جي فلاسافي کي هن ريت پيش ڪري ٿو :
    جي پڙهدي تکبير فنا دي ، هٿ اکر ’لا‘ دي کاتي
    مخفي مرڻ تنها دا هويا ، رهن هميشه حياتي
    خوش خير محمد بنان مرڻ نه ٿيوي ، عشق اهو اثباتي
    سنڌ جي هڪ ٻي صوفي شاعر ۽ سچل سائين جي خاص مريد نانڪ يوسف نفي بابت پنهنجو خيال پيش ڪندي فرمايو آهي :
    اول نفي نيارو، پوءِ الا الله اشارو
    منجهه عشق هينئن گذارو ، آهي پرتوو پرين جو
    اهڙي طرح صوفي غمدل فقير پنهنجي ڪلام ۾ نفي جي حوالي سان فرمايو :
    پاڻ پنهنجو پاڻ ۾، پاڻ ڪري پئمال
    پيهي پَس پاتار ۾، جلويگر جمال
    وحدت وره جو، واصل وٺي وصال
    هاديءَ سندو حال، غمدل پروڙج پاڻ ۾
    شاھ لطيف پڻ ساڳي منزل جو پانڌيئڙو ۽ مذڪوره صوفيا ڪرام ۽ ٻين ڪيترن جو پيش رو آهي. هاڻي اسين نفي جي فلسفي بابت ڀٽائي جي ڪلام جو جائزو وٺندا سين.
    ’سُر آسا‘ ۾ لطيف نفي جي اپٽار ڪندي فرمايو آهي :
    جان جان پسين پاڻ، تان تان ناھ نماز
    سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئه
    ـــــــــ
    جان جان پسين پاڻ، تان تان ناھ سجود
    وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئه
    الله تعالى جي عبادت ڪرڻ وقت وقت پنهجي وجود جي نفي ڪرڻ ضروري آهي. ڀٽائي سائين جي آڏو اهڙي عبادت ئي بي معنى آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي وجود جي نفي نه ٿو ڪري. جيسين هو خديءَ جو بندو آهي، تيسين خدا جو بندو بڻجي نه ٿو سگھي. پوءِ اها عبادت ۽ رياضت ئي ريا واري آهي. پنهنجي دل مان سمورا غير گمان ڪڍي باطل حيلا وسيلا ترڪ ڪري، وهم ۽ وسوسا وساري اندر کي اجرو ڪرڻو آهي. ان کان پوءِ ئي رب جي عبادت ۽ اطاعت جو صحيح معنى ۾ حق ادا ٿي سگھندو. ساڳي سُر جي هڪ ٻي بيت ۾ لاکيڻي لطيف فرمايو آهي :
    نابودي نيئي، عبد کي اعلى ڪيو
    مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي
    ڪبي اُ ت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳُجهه جي
    جن انسانن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ۽ پنهنجي وجود جي نفي ڪئي، سي فنا في الله ٿي ويا. انهن ئي معرفت جون اعلى منزلون ماڻيون. اهڙن انسانن الله تعالى جي حڪمن جي بجا آوري ڪري دراصل پنهنجي عبديت جو حق ادا ڪيو ۽ علم و عرفان جا صاحب بڻجي ويا. انهن کي جيڪا منزل حاصل ٿي ۽ جيڪي عجب اسرار مٿن کليا، تن جو ذڪر ڪرڻ انهن جي لاءِ مشڪل ۽ محال آهي ڇالاءِ ته ربّ جي ذات بي مثل آهي.
    سُر پرڀاتي جو هڪ بيت آهي :
    ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، ايءُ در اٻوجھن جو
    ان در سي ئي اگھئا، جن نه ڀانيو پاڻ
    ريجھاڻو راڄاڻ، آهي اٻوجھن جو
    مٿين بيت ۾ لطيف سائين ان ڳالهه تي زور ٿو ڏئي ته انسان کي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي گھمنڊ هر گز نه ڪرڻ گھرجي. علم جو ته ڪو اَٿو مَٿو ئي ڪونهي. ڪو ڪيترو به ڄاڻي پر پوءِ به اهو عقلِ ڪل يا علمِ ڪل بڻجي نه ٿو سگھي. سواءِ انهن هستين جي جن لاءِ خدا پاڻ چاهي. تنهن ڪري عام انسان کي گھرجي ته ائين ڄاڻي ڄڻ هو ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي. يونان جي مشهور ڏاهي سقراط به اهو ئي چيو هو ته ”مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان.“ جن پاڻ کي ڀانيو يعني ’مان‘ ڪئي اهي ڀٽڪي ويا. مهربان مالڪ جي در تي ته فقط انهن اڻ ڄاڻن ۽ اٻوجھن جو مانُ آهي، جيڪي من ۾ محبت پائي رنڊا روڙيندا آهن. پوءِ فقط انهن جو ئي اڻ توريو اگھي ويندو آهي.
    ساڳي مفهوم وارو هڪ بيت سُر آسا ۾ ملي ٿو. جنهن ۾ پڻ شاھ سائين وجود جي نفي جي نتيجي ۾ مالڪ جي مهربانين جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو :
    اوڳڻ رُسي سڀ ڪو، ڳڻين پرين رُٺام
    ليکيم جي لسان سان، سي ڪر ڪين ڪئام
    پاڻُ وڃائي پاهيجا، ٿورا ٿڪ هنئام
    بندگي شرمندگي، اها ميڙ مڪام
    تڏهن پرين پرچئام ، ’آئون‘ جڏهن اُٺ گئي
    اها هڪ مسّلمه حقيقت آهي ته بد اعمال، بد افعال ۽ بڇڙي انسان سان ته پنهنجا توڙي پراوا سڀ ناراض هوندا آهن. پر هن بيت ۾ لطيف پرينءَ کي پنهنجي اهڙي طالب سان رُسندي ڏيکاريو آهي، جيڪو صاحبِ ڪردار به آهي ته عبادت گذار به. پر اهڙي طالب جڏهن پاڻ سنڀاليو ته کيس پنهنجا اوڳڻ به آڏو اچي ويا، ۽ پرينءَ جي رُسڻ جو سبب به معلوم ٿي ويو. پوءِ اهڙي طالب جڏهن پنهنجي ’مان‘ کي مات ڪري بندگيءَ تي بانور ڇڏي پرينءَ کي پرچائڻ لاءِ حيلا هلايا ته سندس محبوب مٿس مهرباني جي ڇانوَ ڪئي.
    سُر سهڻي ۾ شاھ سائين نفي جي فلسفي کي اجھو هن ريت پيش ڪيو آهي :
    پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ري وسيلي وڃ
    ڀيلو ڀيري ڀڃ ، اڪنڊن کڻ عميق ۾
    مٿين سٽن ۾ شاھ صاحب سهڻي کي تلقين ٿو ڪري ته ڪنهن به باطل سهاري بغير ميهار جي محبت ڪارڻ فقط سچي سِڪ جو سهارو وٺي موجن ڀريي مهراڻ ۾ ڪـُڏي پئه، ۽ ڀيلي کي ڀڃي ڀورا ڪر ته مقصد ماڻي سگھندينءَ..
    اهڙي طرح سُر رامڪلي ۾ سچن سالڪن جي نفي جو ذڪر ڪندي لطيف سائين فرمايو :
    نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪو ساڻن پاڻ
    اهڙا جن اهڃاڻ ، آئون نه جيئندي ان ري
    سچا سالڪ ۽ مولى جا متوالا فقر جا قائل هوندا آهن ۽ صحيح معنى ۾ فقيري جو حق ادا ڪندا آهن، اهي سادگيءَ کي پنهنجو شعار بڻائيندا آهن. هٺ ۽ وڏائي وٽن نالي ڪارڻ به ڪانه هوندي آهي. هو ته پنهنجي ’مان‘ کي ماري، خوديءَ کي ختم ڪري فقط مالڪ جي محبت ۾ مست و مگن رهندا آهن. پنهنجي وجود جي نفيءَ جي اظهار لاءِ هو ’پاڻ‘ کي پيهي پامال ڪندا آهن.
    ذات جي نفي کان علاوه حالات ۽ ڪيفيات جي نفيءَ بابت پڻ لطيف سائين جي انمول رسالي ۾ نهايت خوبصورت ۽ با معنى بيت ملن ٿا. جن جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ ڀانيان ٿو ته مقالو اڻپورو رهجي ويندو. تنهن ڪري مُٺِ مان خرار پرکڻ جي مصداق چند اهڙا بيت پڻ پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
    جهانن جي خالق هن ڪائنات جي جوڙجڪ ڪهڙي نه حڪمت ۽ ڪاريگريءَ سان ڪئي آهي. اسان ڏسون ٿا ته دنيا جي ڪيترين ئي شين ۽ حالات جا هڪ کان وڌيڪ رُخَ تخليق ڪيا ويا آهن. جهڙي ريت اوندھ جو ٻيو رخ روشني، خشڪيءَ جو تري ۽ بلنديءَ جو پَستي وغيره. اهڙي ريت انساني ڪيفيتن ۾ خوشيءَ جو ٻيو روپ غم، محبت جو ٻيو رخ نفرت ۽ زندگيءَ جو ٻيو رخ موت آهي. الله پاڪ انسان کي انهن سمورين ڪيفيتن سان نه فقط روشناس ڪيو آهي بلڪه کيس انهن ڪيفيتن مان گذرڻ جو حوصلو به عطا ڪيو آهي. جڏهن ته عام انسان هميشه انهن ڪيفيتن جي فقط روشن رخ جو متمّني رهيو آهي. هن هميشه محبت، خوشي، سُک ۽ زندگي طلبيا آهن.
    پر هن دنيا ۾ ڪي اهڙا به اڏول، اورچ ۽ عظيم انسان پيدا ٿيندا پئي رهيا آهن، جن خوشيءَ تي غم، سُک تي ڏکَ ۽ زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏني آهي. اهڙن الله جي پيارن ٻانهن جي انهيءَ ترجيح جي اوٽ علم ۽ حڪمت جا بيش بها خزانا پنهان آهن.
    لاکيڻي لطيف جو شمار پڻ اهڙن ئي عظيم ۽ اڏول انسانن ۾ ٿئي ٿو. مون سندس رسالي مان چند اهڙا بيت پڻ کنيا آهن جن ۾ لطيف حالات ۽ ڪيفيات جي نفيءَ جي فلسفي جي اپٽار ڪئي آهي. هن وصل بدران فراق، سُک بدران ڏک، منزل بجاءِ جستجو ۽ ڏاهپ بدران ڀورائيءَ کي پسند فرمايو آهي. پر انهيءَ فراق، ڏک، جستجو ۽ ڀورائيءَ جي خواهشن جي پٺيان وڏو فلسفو بيان ڪيو اٿس.
    سُر حسيني جو هڪ بيت ملاحظه ٿئي.
    ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت
    من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماندي ٿئي
    انسان هميشه منزل تي رسڻ لاءِ ئي سفر جون صعوبتون برداشت ڪندو آهي، ۽ مطلوبه ماڳ تي پهچڻ کي پنهنجي لاءِ ڪاميابي تصور ڪندو آهي. پر هتي معاملو ئي اور آهي. لطيف سرڪار کي پنهنجي جستجو جاري رکڻ ۾ ئي منزل نظر اچي ٿي. هو نه ٿو چاهي ته سندس اندر ۾ پنهنجي محبوب، مطلوب ۽ مقصود لاءِ جيڪا لوچ ۽ لوڇ، طلب ۽ تات، تڙپ ۽ تانگهه، ووڙ ۽ واجهه آهي، تنهن ۾ ڪا ڪمي اچي. تنهن ڪري سندس اها خواهش آهي ته اها جستجو جاري رهي ۽ اها اڪنڊ ۽ اُڪير تاحيات قائم رهي، متان منزل ملڻ تي اندر جي اُڪير ۾ ڪا ڪمي واقع اچي وڃي.
    شمس العلماء علامه دائود پوٽو صاحب مذڪوره فلسفي کي هيٺين لفظن ۾ ۾ بيان فرمايو آهي :
    ”عاشق جي معشوق لاءِ تلاش ۽ سندس آخري ميلاپ جو اڪثر جسماني موت بعد حاصل ٿئي ٿو، اها جستجو اڻ ٿڪ، دائم ۽ بي انتها آهي. اها سر گرداني عاشق کي مرگهه ترشنا جي جَلَ وانگر هرکائي کيس لڳاتار گولا لاءِ همٿائي ٿي. تان جو انهيءَ طلب ۾ مرندي وڏي وڇوڙي بعد پنهنجي يار سان وصال پائي ٿو. جيئن تلاش زياده تيئن طلب ۽ سڪ سبيل. عشق جي واٽ ۾ فوري وصال سالڪ کي خام ۽ ڪَچو بڻائي ٿو. شاهه انهي کي پي در پي تانگهه ۽ طلب ڏانهن اشارو ڪيو آهي. فوري وصال ڪري اندر جي لوچ وساميو وڃي.“
    لاکيڻي لطيف جو ساڳي سُر مان ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت پيش ڪجي ٿو :

    جيڪي فراقا، سو وصالا نه ٿئي
    اچي اوطاقا، مونکي پرينءَ پري ڪئو
    هن بيت ۾ پڻ لطيف سائين وصال تي فراق کي ترجيح ڏئي ٿو. سندس خيال مطابق سالڪ لاءِ جيڪو وڇوڙي ۾ لطف آهي اهو وصل ۾ هرگز نه آهي. جدائي عاشق جي اندر ۾ سِڪ جي سلي کي سيراب ڪندي رهي ٿي، تنهن ڪري ئي لطيف فرمايو محبوبن جي ميلاپ مونکي مورڳو پرينءَ کان پري ڪري ڇڏيو. جنهن جو مطلب آهي ته اها محبت ماٺي ٿي وئي.
    سُر ليلا چنيسر جي هڪ بيت ۾ ڀٽائي گھوٽ فرمايو آهي :
    الا ! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا
    ڏاهپ جي ڏات سان وانگيل انسان کي هر معاشري ۾ وڏي عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي ۽ هر هڪ انسان اهڙي انمول دولت سان مالا مال ٿيڻ جي تمنا رکندو آهي پر لطيف کي ته ڏاهپ ئي ڏکوئي وڌو آهي تنهن ڪري ئي هو ڏاهپ کان ڀورائيءَ کي ڀلو ٿو ڀانئي. هن ڏاهين کي ڏکن هيٺ ڏٺو آهي. ٻي طرف جنهن پرينءَ سان سندس پيچ پيل آهي ان وٽ وري اڻڄاڻن، اٻوجھڙن ۽ ڀورڙن جو قدر آهي، ڇوته اهي ’مان‘ جي مار ۾ مبتلا نه هوندا آهن. مالڪ اهڙن اٻوجھڙن کي اڏي ڇڏيندو آهي. گھڻي ڏاهپ انسان ۾ غرور ۽ تڪبر پيدا ڪندي آهي. اهڙي ئي فلسفي جي اظهار مان لطيف سائين جي منزل ۽ مقام جو پتو پوي ٿو ته هن ڪيئن ڏاهپ کي ڏٻيندي وڏي ڏاهپ جو اظهار ڪيو آهي.
    لطيف سرڪار جي نفي جو مظهر هڪ بيت سُر يمن ڪلياڻ مان پيش ڪجي ٿو :
    ويڄ مَ ٻُڪي ڏي، الا چڱي مَ ٿيان
    سڄڻ مانَ اچي ، ڪَر لاهو ٿي ڪڏهم
    اگھائي ۽ سگھائي هر ماڻهو سان لاڳو هونديو آهن. اَگھو ماڻهو سگھي ٿيڻ لاءِ وڃي طبيبن تات پوندو آهي ۽ ويڄ يا حڪيم کي اها ئي التجا ڪندو آهي ته ڪو اهڙو علاج ڏي ته ستت صحتياب ٿي وڃان، پر ان ڏس ۾ لطيف جو جذبو ڪيڏو نه لطيف آهي. هو ويڄ کي وينتي ٿو ڪري ته مونکي اهڙو علاج ئي نه ڏي جنهن سان چاڪ چڱو ڀلو ٿي وڃان.
    لطيف جي اهڙي خواهش جو راز بيت جي ٻي سِٽ مان پڌرو ٿي پوي ٿو جنهن ۾ هو فرمائي ٿو ته مان سَگھو ان ڪري نه ٿو ٿيڻ چاهيان ته جيئن منهنجو من گھريو محبوب منهنجي اَگھائيءَ جو احوال سُڻي من اچي منهنجو اڱڻ اجاري ۽ منهنجي خير عافيت معلوم ڪري.
    سُر رامڪلي ۾ سچن سالڪن جي نفيءَ جو ذڪر لطيف سائين هن طرح ڪري ٿو :
    پوڄا ڪر مَ پاڻ کي، پَل ِ پوڄا کان پاڻ
    ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پر تون پورب پار ڏي
    هن بيت ۾ شاھ صاحب سچي سِڪ جي پانڌيئڙي کي هدايت ٿو ڪري ته پنهنجي وجود جي نفي ڪر، پنهنجي پرستش ڇڏي ڏي. ظاهري علم ۽ عقل تي گھمنڊ نه ڪر، ڇوته انهيءَ ’مان‘ گھڻن کي ئي ماري ڇڏيو آهي. تون ’مان‘ کي ماري مات ڪر ته مالڪ جي مهربانيءَ جو حقدار بڻجي سگھين.
    وجود جي نفيءَ جو هڪ عمدو مثال سُر يمن ڪلياڻ جي هيٺين بيت ۾ ڏنل آهي :
    عاشق عزازيل، ٻيا مڙئي سڌڙيا
    منجھان سِڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو
    عزازيل جو ٻيو نالو ابليس آهي. قرآن حڪيم ۾ شيطان کي ابليس جي نالي سان به ڪوٺيو ويو آهي. عزازيل فارسي زبان جو لفظ آهي. جڏهن ته عربي زبان ۾ شيطان جي معنى زيادتي ڪندڙ آهي. مولانا رومي بيان ڪيو آهي ته عزازيل ملائڪن جو به امام هو.
    صد هزاران سال، ابليس و لعين
    بود از ابدال، امير المومنين
    منصور حلاج ۽ لطيف جي نظر ۾ شيطان خدا تعالى جو اهو عاشق آهي جيڪو ابد تائين عشق ۽ توحيد جي عقيدي جي سزا ڀوڳيندو رهندو. لطيف ابليس جي ذاتي نالي ۽ صفت ابليس کي نا پسند ٿو ڪري، ڇوته ان ۾ غرور آهي. وٽس انسان ذات لاءِ نفرت ۽ ڌڪار آهي.
    عزازيل جو الله سان عشق هيو ۽ سندس عشق کي لطيف عاشق بڻجي پرکيو. جيتوڻيڪ عزازيل هر هنڌ لعنطعن جو شڪار بڻل آهي پر سندس الله پاڪ سان عشق جي حقيقت کي فراموش ڪري نه ٿو سگھجي. هن حضرت آدم کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪري الله سان عشق جي انتها ڪري ڇڏي پر ان انتها ئي کيس عزازيل مان شيطان لعنتي بڻائي ڇڏيو. ڇالاءِ ته هن اَمُر تي ادب کي ترجيح ڏني جڏهن ته اَمُر کي ادب تي فوقيت ڏيڻي آهي. عزازيل کي پنهنجي ’مان‘ مارائي وڌو. جڏهن ته هن کي پنهنجي وجود جي نفي ڪري خدا وند تعالى جي حڪم آڏو سر تسليم خم ڪرڻو هو.
    ڪيفيات جي نفيءَ جو هڪ عمدو مثال سُر آسا ۾ ملي ٿو. لطيف سائين فرمايو آهي :
    الا ! کرَ جيئن، مدي جن جي من ۾
    اسان ۽ پرينءَ جون، اميدو پسن
    تهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾
    مٿيون بيت پنهنجي معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان منفرد حيثيت جو حامل آهي، جنهن ۾ ندرت به آهي ته تجسس به. پهرين سٽ ۾ لطيف پنهنجي بد خواھ حريف لاءِ دعاگو آهي ته سندس حياتي وڏي ٿئي ۽ جُڙيو جيئرو رهي. جڏهن ته دشمن جي لاءِ ته دل مان هميشه بد دعا نڪرندي آهي، پر لطيف سائين جي ان دعا جي پس منظر جي خبر آخري ٻن سٽن مان واضح ٿي وڃي ٿي. هو فرمائي ٿو ته سندس حريف ان لاءِ جهان ۾ تيستائين جيئرو هجي جيستائين منهنجون ۽ محبوب جون اميدون تڪميل تي رسي وڃن ۽ پوءِ هو انهيءَ سوز ۽ ساڙ ۾ سڙي ڀسم ٿي وڃي.

    جن ڪتابن تان استفادو ڪيو ويو
    o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر گر بخشاڻي
    o شاھ جو رسالو غلام محمد شهوڻي
    o ڀٽ جو شاھ ايڇ ـــ ٽي سورلي / عطا محمد ڀنڀرو
    o سچل سرمست جو سنڌي ڪلام مرتب : عثمان علي انصاري
    o ڪيميائي سعادت امام غزالي / مرزا قليچ بيگ
    o مضمون ۽ مقالا علامه عمر بن محمد دائود پوٽو
    o علمي خزانو مولانا رومي
    o عرفان ِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    o ڀٽائي 3 (تحقيقي جرنل) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
    o ڪلام ِ بيدل مولف : گل محمد انصاري
    o نانڪ يوسف جو ڪلام مرتب : تنوير عباسي
    o بحر العشق (رسالو سيد رکيل شاھ) فتح چند ڪارڙا
    o ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي مرتب : تنوير عباسي
    o ديوان گلزار غمدل مرتب : فقير لطف علي
    o حضرت سلطان باهو ڊاڪٽر ڪرپال سنگهه خاڪ
    o پنجاب رنگ شفيع عقيل (مرڪزي اردو بورڊ لاهور)


    سنڌي سماج جي آدرشي قدرن جي عڪاسي

    هر قوم جي سماج جا پنهنجا پنهنجا آدرشي قدر هوندا آهن. جن جي بنياد تي قوم کي پرکيو ويندو آهي. انهن آدرشي قدرن جي نشاندهي ڪرڻ وارا ان قوم جا ڏاها، سپورنج، سخنور، شاعر ۽ دانشور هوندا آَهن. سون ورني سنڌ ڌرتيءَ تي وسندڙ قومن جا به روشن آدرشي قدر آهن. جن ۾ حب الوطني ۽ بهادري، سخاوت ۽ مهمان نوازي، حلم ۽ هيٺاهين، عزت ۽ غيرت کان علاوه مذهب سان محبت وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌي قوم جي انهن آدرشي قدرن جو عڪاس حضرت شاھ عبداللطيف آهي، جنهن پنهنجي لاثاني ۽ لافاني ڪلام ۾ انهن قدرن جي ڀرپور نموني عڪاسيءَ جو حق ادا ڪيو آهي.

    حب الوطني
    اسلام ۾ حب الوطني کي ايمان جو جزو قرار ڏنو ويو آهي. جنهن ڌرتيءَ تي انسان جنم وٺي ٿو، پلي نپجي جوان ٿئي ٿو، جنهن زمين جو سينو چيري جياپي جو سامان حاصل ڪري ٿو، جنهن خطي جي پاڻيءَ سان پنهنجي رڳن کي ريج ڏئي ٿو، جنهن سرزمين سان سندس ڏک سک واڳيل رهن ٿا، جنهن جاءِ تي سندس وڏڙن جون مزارون ۽ مقبرا آهن، تنهن ڌرتيءَ سان محبّت رکڻ هر باشعور انسان تي فرض آهي. جيڪو بي حس انسان پنهنجي وطن کي وساري ٿو ويهي تنهن تي ڦٽڪار ٿي وسي. ڀٽائي سائين اهڙن انسانن لاءِ ئي فرمايو :
    حيف تنين کي هوءِ ، وطن جن وساريو
    ڀٽ ڌڻي سنڌي سماج مان مارئي جي روپ ۾ حب الوطني جو اهڙو لازوال ڪردار ڳولي ڪڍيو جنهن جو مثال دنيا ۾ نه ٿو ملي. مارئي کي پنهنجي وَرَ ۽ گھر، ڇن ۽ ڇپر، سانگين ۽ ساڻيهه سان بي پناھ محبّت هئي. هوءَ جيئري ته ڇا پر مُئي کان پوءِ به پنهنجو مڙھ ملير ۾ پورائڻ پسند ڪري ٿي ۽ عمر سومري سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته جيڪڏهن آنءُ ساڻيهه جي سِڪ سيني اندر سانڍي هن دنيا مان ڪـُـوچ ڪري وڃان ته منهنجو مڙھ مارن جي حوالي ڪجانءِ جيئن منهنجي تربت ٿر جي ٿڌڙي مٽيءَ ۾ جُڙي ۽ پنهنجي اباڻي ڏيهه جي خوشبودار ولين جو واس اچي ۽ اهڙي طرح آنءُ مري امر ٿي وڃان. لطيف سرڪار مارئيءَ جي اهڙي جذبي جو اظهار بيت جي چئن سٽن ۾ هن ريت ڪيو آهي :
    واجھائي وطن کي، آئون جي هت مياس
    ته گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس
    ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجھان ولڙين واس
    مُيا ئي جياس، جي وڃي مڙھ ملير ڏي
    ساڳين جذبن جو عڪاس هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي :
    سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساھ
    ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاھ
    هنيون منهنجو هـُت ٿيو، هِت مٽي ۽ ماھ
    پکن منجهه پساھ، قالب آهي ڪوٽ ۾

    بهادري ۽ جرئت
    بهادري ۽ جرئت ڪنهن قوم جا اهڙا گڻ آهن، جيڪي سندس وجود جي بقا جا ضامن بڻجي وڃن ٿا. بهادر قوم ڏي ڪو ميري اک سان نهاري نه ٿو سگھي. هيمون، هوشو، دودو ۽ دولهه دريا خان سنڌ جا اهڙا اڏول ۽ انمول ڪردار آهن جن سنڌ مٿان پنهنجا سر به گھوري ڇڏيا.
    لطيف سنڌ ڌرتيءَ جي بهادر ۽ اڏول انسان جي ونيءَ جا تاثرات بيت جي ٽن سٽن ۾ هن ريت بيان ڪيا آهن :
    ’ڀڳو‘ آئون نه چوان ، ’ماريو‘ ته وسهان
    ڪانڌ مهه ۾ ڌڪڙا ، سيڪيندي سُنهان
    ته پڻ لڄ مران ، جي هونس پٺ ۾
    بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو حق جي واٽ ۾ ڪيو وڃي ته ليکي ۾ ايندو. اهڙن اڙٻنگ انسانن جو هر قدم اڳي کان اڳرو هوندو آهي. اهي جُنگ جوان، ميدان ِ رزم جا شير صف شڪن بڻجي اڳتي وڌندا آهن ۽ دشمن کي ماري موٽندا آهن. اهي دلير هميشه سينا سپر ٿي منهن ڀر ڌڪ جھليندا آهن. انهن بهادرن جون ونيون به اهڙيون ئي بهادر ۽ جرئتمند هونديون آهن. انهن کي پنهنجي سر فروش وَرَن جي چيٺڻ ۾ خوشي محسوس ٿيندي آهي. ڀڄڻ ته بزدلن جو شيوو آهي، پٺيءَ ڀر ته ڀاڄوڪڙ ئي گھاوَ کائيندا آهن. مرڻ مارائڻ جو خيال مهمير ۽ مرد مٿير ئي ڪري سگھندا آهن.

    سخاوت ۽ مهمان نوازي
    سنسار ۾ سخاوت ۽ مهمان نوازي جي خوبين بيان ڪرڻ وقت سنڌ ۽ عرب جي قومن جا نالا سر فهرست ورتا ويندا آهن. سنڌ هميشه ٻاهرين قومن لاءِ امن ۽ عافيت جو گھوارو رهيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي جو اڪثر ٻاهريون قومون هتي ٽانڊي لاءِ آيون ۽ بورچاڻيون بڻجي ويهي رهيون ۽ سنڌ جي اصلي وارثن لاءِ عذاب جو سبب بڻجي ويون. لطيف سائين پنهنجي رسالي ۾ بظاهر سنڌ جي سخي مردن سمن ۽ ابڙن سردارن جي سخاوت ۽ دليري جو ذڪر ڪيو آهي ته اهي ڪيئن پنهنجي راڄ ڀاڳ جا رکوالا هوندا هئا ۽ سامون کڻندا هئا، گڏو گڏ انهن جي سخاوت جا ڳڻ پڻ ڳايا آهن. پر باطني اشارو ٻنهي جهانن جي سردار ڏانهن آهي جيڪي بي ڪسن جا ڀرجھلو ۽ اڙين جا آڌر هئا. جن ڪمزورن سندن دامن پڪڙي اهي هميشه لاءِ حفاظت هيٺ اچي ويا ۽ انهن جا ٻيڙا پار ٿي ويا. سخاوت جي حوالي سان شاھ سائين جا ٻه بيت پيش ڪجن ٿا :
    سرڻين جي سُک لاءِ، سام کڻي سردار
    جي آيون اَبڙي جي آڌار ، سي سونگ نه ڏينديون سومريون
    ــــــــــ
    پرچي ته پاٺ ڀري ، ڏمرجي ته به ڏي
    جُنگ جکري کي ، ٻئي چڱيون چت ۾

    هيٺاهين / نئڙت ۽ نياز
    سياڻن جو چوڻ آهي ته ميويدار وڻ هميشه نمي بيهندو آهي. نئڙت ۽ نياز، حلم ۽ هيٺاهين، عاجزي ۽ انڪساري اهڙيون خوبيون آهن جيڪي انسان کي عظمت تي رسائين ٿيون. تاريخ گواھ آهي ته سنڌي قوم ڪڏهن به ڪنهن مرحلي تي اڳرائي ڪونه ڪئي آهي. سنڌ جي سرزمين تي رهندڙ هن قوم کي مٽي ئي اهڙي مٺي نصيب ٿي آهي جنهن ۾ نئڙت ۽ نياز جون خوبيون اتم درجي تي موجود آهن.
    لطيف جئين ته هن ئي سرزمين جو سپوت هو تنهن ڪري منجھس انتهائي درجي جي نمرتا ۽ نياز هو. هن پنهنجي ڪلام ۾ پڻ اهڙو ئي سبق ڏنو آهي. فرمائي ٿو :
    نِمي کمي نهار، ڏمر وڏو ڏک
    صبر ۾ سڀ سُک، جي سنواريا سمجھين
    يا
    هو چونئي تون مَ چئه ، واتان ورائي
    اڳ اڳرائي جو ڪري ، خطا سو کائي
    پاند ۾ پائي ، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي

    مذهب سان محبت
    سنڌي قوم بنيادي طور مذهبي رهي آهي. منجھس مذهب جو ايتري قدر احترام آهي جو قرآن ڪريم، سيد يا نياڻي وچ ۾ آڻڻ سان خون به بخشي ڇڏيندي آهي. صوم و صلوات جي پابند ۽ عقيدن ۾ پختي هئڻ سبب کيس ڪو تڪڙو ايمان تان ڦيرائي نٿو سگھي. الله، ان جي رسول، قرآن حڪيم، مرشد ۽ سيد جو ايتري قدر احترام ڪندي آهي جو ان واٽ ۾ پنهنجي جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. مطلب ته مذهب جي حوالي سان سنڌي قوم منڍ کان پختي عقيدي واري رهي آهي. هن جو مذهب سان محبّت جو وڏو ثبوت اهو آهي جو قرآن حڪيم کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ ان جو سڀ کان پهريون ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو. مولانا احمد ملاح وري قرآن ڪريم جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪري گويا مسلماني جو حق ادا ڪري ڇڏيو.
    ڀٽ ڌڻي ڀلاري جو تعلق سيد گھراڻي سان هو ۽ هو مذهب جو پڪو پيروڪار هو. تنهن ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي قوم جي انهيءَ انمول آدرشي قدر کي کولي بيان ڪيو آهي ۽ انهيءَ تي مڪمل طور ڪاربند رهڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. هن جو الله پاڪ جي هيڪڙائيءَ ۽ نبي مڪرمﷺ جي رسالت ۾ غير متزلزل ايمان هو ۽ اهڙي ئي پختي عقيدي رکڻ لاءِ اسان کي تلقين ڪندي فرمائي ٿو ته الله پاڪ کي احد ۽ واحد ڄاڻ ۽ نبي ڪريمﷺ کي ڪائنات جو ڪارڻي ڪري مڃ. عبادت ۽ رياضت ۾ ئي نجات جو ذريعو سمايل آهي، تنهن ڪري الله سائين جا فرض واجب توڙي رسول پاڪ ﷺ جون سنتون ادا ڪندو رھ ۽ توبهه استغفار جي تسبيح جو ورد جاري رکندو اچ ۽ پنهجي نفس کي قابو ۾ رک ته دوزخ جي باھ کان بچي وڃي، ڇالاءِ ته نيڪو ڪارن جي ويجھو دوزخ جي باھ هرگز ڪانه ايندي.
    وحده لا شريڪ له، چئي چوندو آءُ
    فرض، واجب، سنتون، تينئون ترڪ مَ پاءِ
    توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ ساڻ پڄاءِ
    نگا پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راھ سونهاءِ
    ته سندي دوزخ باھ، تو اوڏيائي نه اچي
    ان کان علاوه ڀٽائي صاحب جو اهو ايمان هو ته فقط ان ڏاتار کان گھرجي جيڪو ڏهاڙي ڏيندو ٿو رهي. دنيا جا باقي سڀ سهارا ڪوڙا آهن.
    مڱ تنهين کان منڱتا، جو ڏيهاڙي ٿو ڏي
    ڪوڙا در دنيا جا، جاجڪ مڱي جي
    سڀان تهين کي، موٽي ڏيندا مهه ۾
    نبي مڪرمﷺ جي عظمت جي واکاڻ جا ڍڪ ڀريندي لطيف سائين پاڻ ڪريمن کي ڪائنات جو ڪارڻي ۽ رحمت اللعالمين ڪوٺي ٿو. فرمائي ٿو ته سموري ڪائنات ۾ سندن ثاني ڪونه آهي. پاڻ مڙني مرسلن جا مهندار، سردار ۽ سالارآهن. ڪريمن جو شان بيان ڪرڻ کان مٿي آهي. ڪائنات جي خالق ۽ مالڪ سان سندن قربت ”فڪان قاب قوسين او ادنى“ جي لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ۽ سندن دنيا ۾ تشريف آوري کي الله پاڪ جو احسان ڪري ٿو مڃي. لطيف جو اهڙو عقيدو سموري سنڌ جي ماڻهن جي دل جي ترجماني آهي. ڀٽائي جو بيت ملاحظه ٿئي :
    جکري جهو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾
    مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان
    ”فڪان قاب قوسين او ادنى“، ايءُ ميسر ٿيس مڪان
    ايءُ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙم ههڙو


    پورهيتن جي پچار

    شاعرن جي سرتاج ۽ سرواڻ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي قلم کڻڻ وقت منجھي پوندو آهيان ته هن همه صفت جليل القدر انسان جي ڪلام ۽ پيغام جي ڪهڙي پهلوءَ تي لکان! سندس ڪلام جي فصاحت تي لکان يا بلاغت تي لکان. سلاست تي لکان يا جدت تي لکان. سندس فن ۽ فڪر تي لکان يا فلسفي تي لکان. سندس حب الوطني تي لکان يا انسان دوستيءَ تي لکان. سندس عالمگير پيغام تي لکان يا روحاني منزل ۽ مقام تي لکان. شاھ سائين جي ڪلام جا گونا گون پهلو ۽ بيشمار موضوع آهن. هن جو پيغام عالمگير آهي ۽ هو عالمي معنى ۾ محبِ وطن شاعر آهي. سندس پيغام ۽ فلسفو ڪن به حد بندين ۾ آڻي نه ٿو سگھجي.
    سنڌ جي سڄاڻ ليکڪ محترم مقبول احمد ڀٽي لطيف سائينءَ جي همه گير شخصيت ۽ شاعريءَ متعلق پنهنجي مقالي ۾ جن لفظن ۾ تعريف ڪئي آهي، آنءُ ان سان سئه سيڪڙو سهمت آهيان. ڀٽي صاحب رقمطراز آهي :
    ”شاھ صاحب جي ڪلام ۾ امراءالقيص جي رزم آرائي، انوري جي بزم سنجي، متنـّـبي جي معنى خيزي، عُرفيءَ جي سخن گيري، فردوسيءَ جي فصاحت، عطار ۽ سنائيءَ جي پند و نصيحت، رومي جي رواني، جاميءُ جي علميت، سعديءَ جي سادگي ۽ سلاست، عمرِ خيام جي رندي ۽ مستي، غالب جي بلاغت، اقبال جي بلند پروازي ۽ ٽئگور جي مدبرانه سنجيدگي موجود آهي. جيڪا شعر جي هر سٽ مان جھاتيون پائي جھلڪندي نظر اچي ٿي.“
    مونکي هن مقالي ۾ شاھ صاحب جي فقط هڪ پهلو يعني رسالي ۾ پورهيتن بابت آيل احوال ۽ جذبن جو ذڪر ڪرڻو آهي. سڀ کان اول ڏسون ته پورهيت مان مراد ڇا آهي.
    ’پورهيت‘ جي لغوي معنى پورهيو ڪندڙ، ڪاسبي، پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ محنت ڪندڙ، ڪمي ۽ مزدور وغيره آهي. اصطلاحي معنى مطابق اهو ماڻهو جيڪو جسماني محنت ۽ مشقّت سان ذريعه معاش حاصل ڪري. مذهبي لحاظ کان به ان پورهيت کي الله جو دوست سڏيو ويو آهي جيڪو محنت سان رزقِ حلال حاصل ڪري. ’الکاسب حبيب الله.‘ جڏهن ته فقط ذهني پورهيو ڪندڙ کي به پورهيت ئي سڏيو ويندو. جسماني پورهيو ڪرڻ وقت به ذهن جو استعمال ضرور ٿئي ٿو.
    منهنجي مقالي جو عنوان ’شاھ لطيف پورهيتن جو شاعر‘ آهي. پروفيسر تاج جويو پنهنجي ڪتاب ’باهيون بيراڳين جون‘ ۾ لکي ٿو:
    ”شاھ لطيف سنڌ جو اهو پهريون عوامي شاعر آهي، جنهن بيحد سچائي، چٽائي ۽ سچيتائيءَ سان پورهيت ڪردارن کي ڳايو آهي. ۽ پورهئي جي عظمت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جڳهه ڏني آهي. هن پورهئي ۽ ڪردارن ۾ فني سونهن ڀري کين اڻ مِٽُ حيثيت ڏئي ڇڏي. مطلب ته لطيف جي شاعري جو تاڃي پيٽو سنڌ جي پورهيت ۽ مارو ماڻهن جي جيوت سان اُڻيل نظر ايندو.“
    اها حقيقت روز روشن وانگر پڌري آهي. شاھ سائين جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن پنهنجي دور جي هر طبقي جو وڏي گهري ۽ گيرائي سان مشاهدو ڪيو آهي. پورهيت طبقي ۾ لنگھي، لوري ۽ ڪوري، موچيءَ کان ويندي وينجھارن، وڻجارن، غواصن ۽ ملاحن تائين هر هڪ پورهيت جي محنت کي غور سان جاچيو آهي.
    هنن چند صفحن جي مقالي ۾ انهن سمورن پورهيتن جو تفصيلي ذڪر ته ممڪن ناهي، تاهم ڪوشش ڪئي اٿم ته گھڻن کان گھڻن پورهيتن جو ڪجهه نه ڪجهه احوال ضرور اچي وڃي. جن پورهيتن جو هن مقالي ۾ ذڪر آيو آهي انهن ۾ وڻجارو، ملاح، غواص، مهاڻو، ٻيڙا ٺاهڻ وارو هنرمند، سُٽ ڪتيندڙ ڪاپائتي، نازڪ نينهن وارو ڪوري، ڪنڀار، هاري، لوهار، ڌوٻي يا پريٽ، وينجھار، ڏوٿي يا کاهوڙي ۽ ٺاٺار اچي وڃن ٿا.

    وڻجارو ــ غواص ــ ملاح ۽ مهاڻو
    سُر سريراڳ ۾ ڀٽائي سنڌو ماٿر جي انهن محنتي ملاحن ۽ وڻجارن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي آڌيءَ جو اٿي پنهنجا ٻيڙا بحرِ بي ڪنار جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا. پاڻ کي ان اجھاڳ سمنڊ جي جھاڳڻ، ويرين ۽ طوفانن سان منهن مقابل ٿيڻ لاءِ هر دم تيار رکندا هئا. اهڙن جان وڃائڻ وارن خطرن سان کيڏڻ بعد ئي اهي غواص پاتال ۾ پيهي سِپون سوجھي موتين سان مالا مال ٿيندا هئا. پوءِ اهي موتي ڏوراهن ڏيهن ۾ وڃي وڪرو ڪري اتان وري ٻيون قيمتي شيون وڻج لاءِ وٺي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پيا پسار ڪندا هئي. اهڙي ريت هو پنهنجي محنت۽ مشقت جي عيوض خاطر خواھ فائدا حاصل ڪندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو :
    ”سمنڊ پار پرڏيهي واپار ۾ سچن موتين جو وڏو قدر آهي. سمنڊ کي سوجھڻ سان ئي اهي اصل موتي ملن ٿا. غواص اونهي عميق سمنڊ جا خطرا سهن ٿا.“
    لطيف سائين فرمايو :
    سي پوڄارا پر ٿئا، سمنڊ سيئو جن
    آندائون عميق مان، جُوتي جواهرن
    لڌائون لطيف چئي، لعلون مان لهرن
    ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو
    ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت ملاحظه ٿئي :
    اي گت غواصن، جئن سمنڊ سوجھيائون
    پيهي منجهه پاتار ۾، ماڻڪ ميڙيائون
    آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين
    محترم بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ ٻيڙياتن يا وڻجارن جي ڪرت ٽن قسمن جي ٻڌائي آهي. هڪڙا اهي جيڪي مڇي ماريندا هئا. ٻيا اهي جيڪي سمنڊ مان موتي ۽ ٻيا جواهر ڪڍندا هئا. ٽيان اهي جيڪي ديس بديس سوداگري ڪندا هئا. پوين ٻن قسمن جي سامونڊين جو ذڪر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ ۾ ڏنل آهي. سنڌي وڻجارن جو جيڪو ٽيون قسم سوداگرن جو هو، اهي هڪ بندر جو مال ٻي بندر تي پهچائيندا يا وڪڻندا هئا. سندن سفر جو دائرو ايراني نار، يمن ۽ لنڪا تائين هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڻجارن جي واپاري حدن متعلق لکي ٿو :
    ”جاگرافيائي لحاظ سان سنڌ جا واپاري ۽ ناکئا اولهه طرف عربي سمنڊ جھاڳي عدن تائين ٿي ويا ته اوڀر طرف گھڻو پري، جاوا سوماترا جي سامونڊرا حڪومت جي گاديءَ جي شهر ۽ بندر ’پرلڪ‘ تائين پهتا. جنهن کي لڪ يا لڪا به ٿي سڏيو ويو.“
    ڀٽ ڌڻي فرمايو :
    لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اوهريا
    سڻي سَونُ لنڪا جو، سک نه سامونڊين
    پرھ پڳهه ڇوڙئا، کاري کيڙيائين
    وڏي ڀاڳ ڀِڙن، جي ڪهيا ڪارونڀار ۾
    ٻي طرف وڻجارن جون ونيون پنهنجي ورن کي ياد ڪنديون رهن ٿيون. جڏهن سندن ڀتار ٻيڙا ڪاهي اٿاهه سمنڊ ۾ ذريعه معاش حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿي وڃن ٿا، ته نه هاڻي اهي تڙ آباد آهن نه اهي رونقون موجود آهن. انهيءَ وڇوڙي وڻجارن جي ونين کي ماري رکيو آهي. شاهه صاحب سندن دل جي ترجماني هن ريت ڪئي آهي :
    نه سي تڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون
    سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ
    ماريهون فراق، پاڙيچيون پرينءَ جا
    پاڻي جي رخ مٽائڻ جي نتيجي ۾ ڪڏهن آباديون ويرانين ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. لطيف سائين هيٺين بيت ۾ اهڙي ئي منظرڪشي ڪئي آهي ته جن جاين تي غواصن موتي ٿي ميڙيا هاڻي اتي واريءَ جا ڍير لڳا پيا آهن. محصول اڳاڙيندڙ به پنهنجا ٿاڪ پٽي ويا آهن.
    جتي گھوريو گھاتئين، تِتي واريءَ بُٺَ
    سهسين ساٽي مُٺَ، سَرُ سُڪو سونگي گيا
    ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پنهنجي پي ايڇ ــ ڊي ٿيسز ’سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف“ ۾ رقمطراز آهي :
    ”شاھ صاحب ملڪي حالتن تي غور ڪرڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته قوم کي احساسِ ڪمتريءَ مان ٻاهر ڪڍجي، ان ڪري هن هيٺين طبقي جي ماڻهن کي تمام گھڻو ساراهيو آهي ۽ سندن ڌنڌي جي واکاڻ ڪئي آهي.“ ڊاڪٽر صاحب مثال ۾ مهاڻن متعلق لطيف سائين جو هيٺيون بيت ڏنو آهي :
    سڙھ سوان ، لاڄو نوان، مهاڻا سندن مير
    ساٿي سفر هلئا، ٿيا سڻاوا سير
    جي اچن ساڻ اڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين
    مٿين بيت ۾ مهاڻي کي ’مير‘ سڏي شاھ صاحب کيس احساسِ ڪمتري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    سُر ڪاموڏ ۾ شاھ سائين انهن پورهيت ملاحن يا مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي جن جو گذر سفر فقط مڇي مارڻ تي هوندو هو. انهن جي پورهئي سان گڏوگڏ سندن غربت ۽ سادگيءَ جو احوال هن سُر ۾ جابجا ملي ٿو. هتي اهڙا ٻه بيت پيش ڪجن ٿا جن مان اهڙي عڪاسيءَ جي جھلڪ نظر اچي ٿي.
    ککيءَ هاڻيون کاريون ، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄَ
    پاند جنين جي پاند سين ، لڳو ٿئي لڄَ
    ــــــــــ
    ڄاريون کاريون ڇڄ ڇپريون ، جن جي محبّت مڇيءَ ساڻ
    رهن وِهن سر ٻانڌين ، سڀئي بدبوءِ هاڻ
    لُڌڙن جئن لطيف چئي ، پاڻي وجھن پاڻ
    ٻيڙا ٺاهڻ وارو هنرمند پورهيت
    ’سنڌو ماٿر جي سڀيتا‘ جو مصنف محمد ادريس صديقي لکي ٿو :
    ”موهن جي دڙي مان هڪ مهر لڌي وئي آهي جنهن تي ٻيڙيءَ جي تصوير موجود آهي. انهيءَ تي وچ ۾ هڪ ڪوٺي ٺاهيل آهي ۽ پاڇل تي ميربحر ڏيکاريل آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو ٻيڙين ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ وڏي مهارت رکندا هئا.“
    جنهن جي شاهدي ڊاڪٽر زاهد خان انصاري جي ڪتاب History & Culture of Sind مان به ملي ٿي. هو لکي ٿو :
    ”مغل ۽ ڪلهوڙا دور ۾ سنڌو درياء ۾ هر هنڌ ٻيڙا نظر ايندا هئا. سنڌ ۾ ڪاٺ جي ڪمي ڪانه هئي جنهن ڪري هتي بي انداز ٻيڙا ٺهندا هئا. ايتري تائين جو جنگي ٻيڙا به بهترين قسم جا تيار ڪيا ويندا هئا.“
    اهڙي طرحWill Durant پنهنجي ڪتاب History of World Civlization ۾ رقمطراز آهي :
    ”سنڌ جا بحري بندر سامونڊي ٻيڙن جي صنعت لاءِ تمام مشهور هئا ۽ انهن تي اهڙو ته خوبصورت ۽ پائيدار ڪم ڪيو ويندو هو، جو قسطنطنيه جي سلطان کي ان ڳالهه تي حيرت لڳي جو کيس مصر ۾ ٺهندڙ ٻيڙن کان به وڌيڪ سستا ۽ خوبصورت ٻيڙا سنڌ مان ٺهي مليا.“
    شاھ سائين پنهنجي رسالي ۾ ٻيڙن جوڙيندڙ پورهيتن ۽ سندن پورهئي جو ذڪر وڏي محبّت سان ڪيو آَهي.
    سڙھ سوان، لاڄو نوان، اولا سندن عاج
    ساٿي سفر هلئا، ڀري جنگ جهاج
    حاصل ڪرين حاج، واحد! وڻجارن جي
    ’اولا‘ جي معنى ڳن آهي جيڪو عاج جو آهي. جنگ جهاج جو مطلب وڏا ٻيڙا، تنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي ديو قامت ٻيڙا به ٺاهيا ويندا هئا. جيڪي پنهنجي مضبوطيءَ سان گڏوگڏ خوبصورتي ۽ نزاڪت ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا.“
    سُر سامونڊيءَ جو هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي :
    سڙھ ٿي سبيائون، بندر جن تڙن تي
    سڙھ سبي ساڄا ڪري، کوها کنيائون
    بيرقون بحرن ۾، ڇوڙي ڇڏيائون
    لهرون لنگھيائون، لطف ساڻ لطيف چئي
    ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پنهنجي ٿيسز ۾ مٿين بيت تي رايو ڏيندي لکي ٿو:
    ”بندرن تي سڙھ سبڻ، کوها کڻڻ ۽ بحرن ۾ بيرقون لاهڻ اهڙا هنري اصطلاح آهن جن مان شاھ صاحب جي سنڌين جي هنرمنديءَ جي تاريخ جوڙڻ جو ثبوت ملي ٿو.“

    کاهوڙي / ڏوٿي
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي ۾ کاهوڙي متعلق رقمطراز آهي :
    ’کاهوڙي‘ لفظ جي معنى آهي ’کاهي‘ يا ’کهي وارو‘. کاهو يا کهو ڊگھي ڳن سان رنبي مثل سوڙهي ڦر واري ڄڻ هڪ ڪوڏر آهي جنهن سان ڪـَـنڊن ڪانڊيرن وارو ڏکيو جھنگ وڍجي. کاهوڙي اهو پورهيت آهي جيڪو کاهو يا کهو کڻي اورچ ٿي لڳي ۽ ڪنڊن وارو ڏکيو جھنگ وڍي صاف ڪري. اڳين وقتن ۾ جڏهن گذران ڏکيو هو، تڏهن ويچارا غريب ۽ ڪنگال پنهنجي پيٽ گذران لاءِ ڪشالا ڪندا هئا. جھنگن، جبلن ۾ ڦرندا هئا ۽ ڏٿُ گڏ ڪندا هئا.“
    اهڙي طرح ڏوٿيءَ مان مراد به اهو ئي پورهيت آهي. جنهن جو گذ ر ڏٿ تي هجي. ڏٿ وري اهو قدرتي طور ڌرتيءَ مان ڦٽل اَنُ يا ميوو آهي جيڪو جھنگلن ۽ جابلو علائقن ۾ خود بخود اڀري ٿو پوي. ڏٿ ۾ للر، لنب، کنڀيون، چڀڙ، ڀرٽ، گولون، سڱر، پيرون، ڪرڙن جي پسي، ڏونرا، ۽ پڪا وغيره اچي وڃن ٿا. انهن مان اڪثر سانوڻ ۾ مينهن پوڻ کان پوءِ اڀري پون ٿا. پر سياري ۽ ارهڙ ۾ ڏٿ ڏکيو ٿي پوندو آهي. سوڪهڙي واري مند ۾ جھنگن جبلن ۾ ڪن ٻوٽن ۽ ٻوڙن جون پاڙون کوٽي ڪڍڻيون پونديون آهن. جن لاءِ کها ۽ ڪهاڙيون کڻبا آهن. سنڌ ۾ به ٿر جي ريگستاني توڙي جابلو علائقن ۾ ڏٿ جام ملي ٿو. شاھ سائين اهڙن پورهيتن لاءِ فرمايو :
    ڏينهن تتي جو ڏونگرين، ڪارڻ قوت ڪهن
    جھنگن ۾ جھڻڪن، جهه ڏوٿي ڏٿ گڏئا
    ڏوٿي ڏٿ لاءِ ڏورڻ وقت پاڻ سان پاڻيءَ جون کلون به کڻندا هئا، ڇالاءِ ته سڃ جو سفر هوندو هو ۽ اُڃ ۾ انسان بيحال ٿي ويندو آهي.
    هلو ته هلون ڏٿ کي، اُٿيو اُٿيو ڪن
    پاڻي پوتڙن ۾، ڪندر سِر ڪلهن
    ڏونئرا ڏور سجھن، وئي وهامي راتڙي
    کاهوڙين جو پنڌ اڻانگو ۽ منزل ڏور. تنهن ڪري سندن ننڊ حرام هوندي هئي. لڳي ٿو ته لطيف جو به انهن کاهوڙين سان ضرور ميلو ٿيو آهي جو سندن سربستو احوال ويٺو ٻڌائي :
    مون کاهوڙي لَکيا، سمهن ڪين پَئِي
    سمر کنيائون سڃ ۾، ڏوري ڏٿ لهي
    ويا اُت وهي، جت نهايت ناه ڪا
    ڏٿ ووڙڻ لاءِ ڏوٿيئڙا جڏهن ڏونگرن جا راهي ٿي وڃن ٿا ته سندن پونيرن کي اها ڳڻتي ورائي ٿي وڃي ته الاجي کاهوڙين کي ڏٿ ڏورڻ ۾ ڪيتري ڪاميابي ٿي! پوءِ هو انهيءَ واٽ ويندڙن کي نياپا سنيها ڏيندا رهن ٿا :
    پارا پڇي آءُ، خبر کاهوڙين جي
    ته ڏوٿين ڏونگرانءُ، ڪهه پر ڏوريو ڏٿ کي
    ڏوٿين جي ڏکن ڏولائن جو ذڪر شاھ سائين وڏي تفصيل سان ڪيو آهي. اهي پورهيت پورهئي خاطر ڪڏهن ته اهڙن مشڪل ماڳن ڏانهن ويندا هئا، جن ماڳن متعلق ڪيترن کي ته ڪا ڪَلَ ئي ڪانه هوندي هئي. ڀٽ ڌڻي فرمايو :
    ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سئي نه ٻڌي
    پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين
    وڄا ائين ووڙين، جت نهايت ناھ ڪا
    ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت ملاحظه ٿئي :
    کاهوڙي کجن، پسيو پورهيت ويسرا
    ڏوٿيئڙا ڏور وئا، رڃن منجهه رهن
    ڪامُل آهي تن، مون پريان جي ڳالڙي
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مٿين بيت جو مفهوم هن ريت لکيو آهي :
    ”کاهوڙين کي وڏي ڏکي ڳالهه اها لڳي جو پورهيتن کي واندو ويسرو ويٺل ڏٺائون. ٿئي پورهيت ۽ ويهي ويسرو! ڏٿ ڏورڻ وارا ته گھڻو پري رڃن منجهه رهندا آهن. انهن وٽ منهنجي پرينءَ جي ڪا ڳالهڙي آهي.“

    ڪاپائتي
    هي دنيا عمل ۽ سعي جو هنڌ آهي جتي انسان کي پنهنجي جيئاپي لاءِ محنت ڪرڻي پوي ٿي. ڪاپائتي جو ڪردار اهڙين پورهيتن جو عمدو مثال آهي. جيڪا چرخو چوري، سُٽُ ڪَتي پنهنجو پيٽ قوت حاصل ڪري ٿي. شاھ صاحب جي دور ۾ چرخي تي سُٽُ ڪتڻ جو رواج هنر جي حوالي سان اوج تي هو. گھڻو ڪري هر هڪ گھر ۾ ائٽ هوندو هو جنهن تي سگھڙ عورتون ڪَاپَي جو ڪم ڪنديون هيون. ننڍي ٽهيءَ وارين نينگرين کي گھرَ جي ڪم ڪار سان گڏ سُٽُ ڪتڻ جو هنر به سيکاريو ويندو هو، جئن هو گھر ڌياڻيون ٿيڻ کان پوءِ ان هنر ۾ به ماهر ٿي وڃن. پر جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري ڪو وياءُ وڏو ٿي ويو ۽ ائٽ هلائڻ سکي ڪونه سگھيو ته پوءِ وڏي عمر ۾ ان جو هٿ هِرڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. لطيف سائين جي لفظن ۾ اهڙي وڏي وياءَ کي هن ريت تنبيهه ڪئي وئي آهي :
    سي تو ويهي وڃائيا، جي ڪَتڻ سندا ڏينهن
    ارٽ اوڏي نه ٿيئينءَ، ڀوري! ڀوري سينئن
    تند پسندينءَ ڪيئن، هاڻي تون وڏي ٿينئن
    ڀٽ ڌڻي ڪاپائتي کي ’ڪاتاري‘ به ڪوٺيو آهي ۽ انهن ڪاتارين جي هٿ جي نفاست ۽ نزاڪت جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
    تنبائي تاڪيد سين، جن پڃايو پاءُ
    لسي تند لطيف چي، هلي تن هٿاءُ
    ململ منجھان ماءُ، جي سکيون تن سون ڪئو
    ڀٽائي صاحب نه فقط قابل هنرمند پورهيت کي ساراهيو آهي بلڪه جيڪا فقط گذر سفر جي حد تائين پنهنجي حال سارو ٿلهو ڪَتي رنڊا روڙي ٿي ان کي به ڪونه وساريو آهي. فرمائي ٿو :

    جا سنهو نه سکي، سا مَر رنڊائي روڙي
    سُٽُ تنين جو سڦرو، ويا تارازيءَ توري
    ٿلهي ۽ ٿوري، ويچاري سان وڙ ڪئو
    مولانا دين محمد وفائي پنهنجي تصنيف ’شاھ جي رسالي جو مطالعو‘ ۾ لطيف سائينءَ جي حوالي سان ان ڏهاڳڻ پورهيت عورت جو ذڪر ڪيو آهي جيڪا پيٽ گذران لاءِ در در ڀيرا ڏيئي سُٽُ ڪتائڻ لاءِ ماڻهن کي ايلازو ٿيندي هئي.
    پلئه پائي پوڻيون، در در ڀيرا ڏئي
    ڪا مون ڪاتائي، آنءُ ڪاپائتي آهيان
    ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي پي ايڇ ــ ڊي ٿيسز ’شاھ لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ‘ ۾ شاھ صاحب جي دل ۾ پورهيت لاءِ پيار ۽ قدروقيمت متعلق لکي ٿي :
    ”پورهيت ۽ هٿ جي پورهئي جي عزت شاھ صاحب وٽ تمام گھڻي ملي ٿي. هو پورهيت جي هٿن کي سونَ جهڙا ٿو سڏي ۽ چوي ٿو ته انهن مان نڪتل پورهيو ڪڏهن به بيڪار ڪونه ٿيندو آهي.“
    سون ساريڪا هٿڙا، ڪوه نه ڪتين رڏ
    ويهي ڪنڊ ڪاپو ڪر، گھتون گوهيون ڇڏ
    ته سرافاڻي سڏ، مرڪيو هوند مٽائين
    جن ڪاپائتين محنت سان محبت شامل ڪري سويل ئي اٿي پنهنجو چرخو چوريو ته سندن اهڙي خلوص ڀري پورهئي جو صرافن به قدر ڪيو ۽ سندن ڪتيل سٽ کي خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ معقول معاوضو ڏنو. لطيف سائين فرمايو :
    ڪو جو وھ ڪاپايتين، ڪنبن ۽ ڪتين
    ڪارڻ سود سواريون، آتڻ منجهه اچن
    ان جي سونهن سيّد چي، صرافئي سِڪن
    اگھيا سُٽَ سندن، پائي تارازيءَ نه تورئا

    ’ آتڻ‘ جو مفهوم اجاگر ڪندي ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پنهنجي پي ايڇ ــ ڊي ٿيسز ’شاھ لطيف جي شاعري ۾ علامت نگاري‘ ۾ لکي ٿو:
    ”زندگيءَ جي هر مقصد ۾ ڪاميابي تڏهن ٿيندي جڏهن انسان مقصود جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪندو. انهيءَ جدوجهد جي پهلوءَ کي سامهون رکندي لطيف سائين لفظ ’آتڻ‘ استعمال ڪيو آهي. لفظ آتڻ هن سُر ۾ جدوجهد، ڪتڻ ۽ محنت ڪرڻ واري ماڳ مڪان لاءِ ڪتب آيو آهي.“

    ڪوري
    پورهئي ۽ هنرمنديءَ جي حوالي سان ڪوريءَ جو شمار انهن اورچ پورهيتن ۾ ٿئي ٿو جيڪو قديم زماني کان وٺي انسان جو انگ ڍڪڻ وارو عظيم عمل سر انجام ڏيندو رهي ٿو. پراڻي دور ۾ هٿ جي هنرن ۾ آڏاڻي تي ڪپڙي اڻڻ جي پورهئي کي پٺيءَ جي ڪنڊي واري حيثيت حاصل هئي.
    ’قديم سنڌ‘ جو مصنف ڀيرو مل آڏواڻي سنڌ ۾ ڪپڙي جي صنعت جي قدامت متعلق لکي ٿو :
    ”جنهن زماني ۾ ڪيترين قومن کي اڃا پنهنجي بُت ڍڪڻ جي ئي سُڌ ڪانه هئي تنهن زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جا رهاڪو ايتري قدر ترقي ڪري ويا هئا. جو شاهاڻيون پوشاڪون پهريندا هئا ۽ ٻين کي به خلعتون ڍڪائيندا هئا.“
    مهن جي دڙي مان هٿ آيل ڪپڙي جو ٽڪرو مٿين حقيقت تي دلالت ٿو ڪري. جنهن لاءِ تاريخ جي ماهرن جو خيال آهي ته اها ڪپڙي جي پراڻي مان پراڻي دريافت آهي.
    Will Durant ان سلسلي ۾ لکي ٿو :
    ”دنيا ۾ سڀ کان اول ڪپهه جي پوک سنڌ ۾ ٿيندي هئي ۽ ان مان اول اول ڪپڙو موهن جي دڙي وارن ماڻهن ٺاهيو.“
    شاھ صاحب جي دور ۾ هي هنر اوج تي هو. ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ محترم بدر ابڙو لکي ٿو :
    ”ٺٽي کان سٺ ميل پري درياءَ جي ڪناري آباد شهر نصرپور ۾ ڪورين جا ٽي هزار ڪُٽنب هئا. جيڪو ٺٽي جيترو ئي وڏو شهر هو. هتي جيڪو ڪپڙو اڻيو ٿي ويو ان جي ڊيگهه 17 وال ۽ ويڪر اڌ وال هئي. ان ڪپڙي کي ’جوڙي‘ چيو ويندو هو. ساڳي طرح سيوهڻ شهر ۾ ڪورين جا هڪ هزار ڪٽنب هئا. سيوهڻ جا ڪوري به سٺي قسم جو بافتو اُڻندا هئا.“
    لطيف سائين ڪوريءَ جي ڪردار ۽ عمل کي ڪھڙن نه خوبصورت لفظن ۽ لطيف جذبن ۾ خراج ِ تحسين پيش ڪيو آهي. فرمائي ٿو :
    هلو ته هلون ڪورئين ، جتي گھڙجي نينهن
    ڳنڍين سارو ڏينهن ، ڇنڻ مور نه سکيا
    بيت جو هر هڪ لفظ پنهنجي اندر محبت، اتحاد ۽ پنهنجائپ جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سمائي ٿو. گويا ڪوريءَ جو ڪاروبار ۽ عمل سراپا محبت آهي. هو نفاق ۽ نفرت کان نفرت ڪري ٿو.
    مولانا دين محمد وفائي ڪورين جي ڪاروبار متعلق لکي ٿو:
    ”ڪورين کي سُٽُ ڏئي ڪپڙي جو نمونو سمجھايو ويندو هو. ڪي ننڍي بَرَ وارا تاڪيا اهڙا هوندا هئا جن جي تاڃيءَ ۾ فقط ٽي سئه تندون هونديون هيون ۽ وڏن برن وارن ٿانن جي تاڃي هڪ هزار تندن جي رٿي ويندي هئي. جنهن کي ’ڏھ سَئي‘ سڏيندا هئا ۽ ٽن سوَن واريءَ کي ’ٽِه سَئي‘ چوندا هئا.“ انهن اصطلاحن کي ڪم آڻيندي شاھ صاحب فرمائي ٿو :
    تنهنجي ٽه سَئي تاڻ ، هُت ڏڪن ڏھ سَئيءَ واريون
    مٿين سٽ مان لطيف سائين جي مشاهدي واري اک جو پتو پوي ٿو ته هن ڪيئن نه ڪپڙي جي تاڃي پيٽي متعلق معلومات حاصل ڪئي ۽ اهڙي معلومات کي وري ناصحانه نڪتن ذريعي پيش ڪندي ڪمال هنرمنديءَ جو ڪم ڪيو آهي.
    جيتوڻيڪ اسان جي معاشري ۾ تنگ نظريءَ سبب ڪوريءَ کي ڪمتر ڪري پيش ڪيو ويندو آهي پر شاھ صاحب هن پورهيت جي عظيم پورهئي جو قدر ڪندي کيس اصل مانَ ۽ مقام تي آڻي بيهاريو. اهو دراصل لطيف جي عظمت جو ثبوت آهي.

    لوهار
    لوهار جو شمار انهن پورهيتن ۾ ٿئي ٿو جن جو واسطو لوھ، سنداڻ، مترڪن ۽ باھ جهڙين شين سان آهي. جيڪي ڪوئلن جي ڪاراڻ سان راند ڪندا آهن. اهي ڌنوڻ ڌنوين باھ جي شديد گرميءَ آڏو انساني زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن ۽ ٻين سک جي شين تلوار، ڪهاڙي، ڪوڏر کان ويندي ڏاٽي، گھوٻي، زنجير، ڪاتي، ڇري ۽ ٽڦڻيءَ تائين تيار ڪندا آهن. ۽ ائين پنهنجي لاءِ رزقِ حلال حاصل ڪندا آهن. لطيف سائين هن پورهيت جي پورهئي جو ذڪر وڏي محّبت ۽ احترام سان ڪيو آهي ۽ سندس هنر جي حوالي سان بيمثال تشبيهون جوڙيون آهن. مثال طور هي بيت ملاحظه ٿئي :
    ڪڙو منجهه ڪڙي ، جئن لوهارن لپيٽيو
    منهنجو جيءُ جَڙي ، سپرين سوگھو ڪيو
    مٿيون بيت لوهار جي هنر ۽ حرفت جو خوبصورت مثال آهي، جنهن مان سندس محّنت ۽ مشقت پڌري ٿئي ٿي. لوهار ڪيئن نه لوھ کي تپائي ڳاڙهو ڪري مترڪن جي مهميزن سان هڪ هڪ ڪڙو الڳ تيار ڪري وري ڪڙو ڪڙي سان ملائي هڪ اهڙو مضبوط زنجير جوڙي ٿو جنهن جي مضبوطي ۽ طاقت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو جو ٻين ننڍن وڏن جانورن کان ويندي هاٿيءَ جھڙو ديو هيڪل جانور به اهو زنجير ٽوڙي نٿو سگھي. جنهن مان هن هنرمند جي خون ۽ پسيني جي پورهئي جو پتو پوي ٿو.
    اسان جي سماج ۾ هن محنت ڪش جو شمار جيتوڻيڪ عامي پورهيتن ۾ ٿئي ٿو پر درحقيقت هي پورهيت صنعت ۽ حرفت جو گويا سرجڻهار آهي. سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ سائين هن پورهيت کي وڏو مقام عطا ڪيو آهي. فرمائي ٿو :
    سِرُ سانداڻ ڪري، پڇج گھر لوهار جو
    ڌَڪنِ هيٺ ڌري، مانَ گڏنئي رُڪَ سين
    مٿين بيت ۾ لوهار جي حيثيت گويا هڪ مرشد جھڙي ڏيکاري اٿس. جهڙي طرح مريد کي پنهنجي مرشد اڳيان انتهائي عقيدت سان هر امتحان مان پار پوڻ واري جذبي سان حاضر ٿيڻ کپي، اهڙي طرح هتي ’مانَ گڏنئي رُڪَ سين.‘ جو مفهوم به ساڳيو نڪري ٿو، ته سِرَ کي سنداڻ بڻائي پوءِ اهڙي استاد هنرمند جي وڃي شاگردي اختيار ڪر. سِرَ کي سَنداڻ بڻائڻ جو مطلب اهو آهي ته جئن سنداڻ مترڪن جا زبرا ڌڪ ۽ تتل لوھ جي گرمي پنهنجي مٿان برداشت ڪرڻ جي عادي ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح تون پاڻ کي گرمي سردي سهڻ جو عادي بڻائي ڇڏ. ساڳي سُر جو هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي :
    اڄ آڳڙيا آيا، سائو ڪي سُڄاڻ
    لاهيندا مورياڻ، رُڪُ ڪريندا پڌرو
    هن بيت ۾ لوهار کي سائوُ ۽ سڄاڻ ڪوٺيو ويو آهي. ڇوته اهي ڪاريگر لوھ تان ڪَٽُ لاهي رُڪُ تيار ڪندا آهن. رُڪَ بابت هڪ ٻيو بيت آهي :
    پچائي پهاڻ جن، رساڻيون رُڪَ سين
    تنين سندو ڄاڻ، آهي آڳڙين کي
    ڊاڪٽر گربخشاڻي رُڪَ جُڙڻ جي مرحلن بابت لکي ٿو :
    ”’پَهڻ‘ ڪچي ڌات هوندو آهي جنهن کي پگھاري پهريائين پالٽو لوھ، پوءِ گھاڙو لوھ، تنهن کان پوءِ صاف رُڪُ ڪڍندا آهن.“
    لوهارن جي سخت پورهئي جي عڪاسي لطيف سرڪار هيٺين بيت ۾ ڪهڙن نه اثرائتن لفظن ۾ ڪئي آهي. فرمائي ٿو :
    ڪَٽُ ڪَڙهَي، لوھ ٻري، ڌوڌيا جت ڌڳن
    مترڪن منهن ڪڍئا، سانداڻيون سهڪن
    اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مَچَ تي
    ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي چوڻ مطابق ’سانداڻيون سهڪن‘ مان مراد اها آهي جئن لطيف لوهار جي ڌنوڻينءَ کي ساھ کڻندي ڏيکاريو آهي.
    لوهار ڪنهن به اوزار کي شڪل ڏيڻ بعد ان کي ضرورت مطابق تيز ڪرڻ لاءِ سراڻ تي لاهيندو آهي ۽ اوزارن جي تيزي برقرار رکڻ لاءِ انهن کي مخصوص پاڻيءَ مان گذاريندو آهي. سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ سائين لوهار کي آڳڙيو ڪري ڪوٺيو آهي. فرمائي ٿو :
    اڄ آڳڙيا آئيا، سوڌا سراڻي
    پياري پاڻي، تيغون ڪندا تکيون
    ڀٽائي صاحب اهڙي محنت ڪش کي پنهنجي پورهئي تي مطمئن ڏيکاريو آهي. فرمائي ٿو ته جن جي وابستگي يا ناتو سراڻ سان آهي، اهي سرها نظر اچن ٿا. سندن تيغ يعني تلوار کي ڪڏهن به ڪَٽُ ڪانه ٿي لڳي. جنهن مان اهو مطلب ٿو نڪري ته اهي پنهنجو پورهيو انتهائي سچائي ۽ ايمانداري سان سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري سندن ظرف ۽ ضمير مطمئن آهن.
    سرها ڏٺم سي، جن ساڃاھ سراڻ سين
    تيغ تنين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهم

    ڪنڀار
    ڪنڀارڪو هنر قديم زماني کان قائم آهي. دنيا ۾ جيستائين مختلف ڌاتو متعارف ڪونه ٿيا هئا ته فقط مٽيءَ جي جڙيل شين تي اڪتفا ڪئي ٿي وئي. ٺڪر جا ٿانو اسانکي دنيا جي تقريباً سمورن قديم آثارن جي کوٽائي ڪندي مليا آهن. پنج هزار سال اڳ موهن جو دڙو جا ماڻهو ٺڪر جي ٿانون جا ماهر ڪاريگر هئا. جن جي مهارت جا ثبوت مختلف ميوزمس ۾ موجود آهن. جن مان سندن حرفت ۽ هنر، نفاست ۽ نزاڪت بَکي ٿي. ڪاڪو ڀيرو مل ’قديم سنڌ‘ ۾ لکي ٿو :
    ”رِگ ويد واري زماني ۾ به ڪنڀار هوندا هئا، جيڪي نار لاءِ ڪينگريون ۽ گھر ۾ ڪم اچڻ وارا ٺڪر جا ٿانون ٺاهيندا هئا.“
    شاھ سائين پنهنجي ڪلام ۾ هن پورهيت کي به خوب واکاڻيو آهي. جن مرحلن مان ٺڪر جا ٿانون گذري تيار ٿيندا آهن انهن کي دهرائڻ جي هتي ضرورت ڪانه آهي. شاھ لطيف ڪنڀار جي انهن سمورن مرحلن جو وڏي غور ۽ فڪر سان مشاهدو ڪيو ۽ ان مان ڪيئي نصيحت جا نُڪتا به ڪڍي نروار ڪيائين. هيٺ ڪنڀارڪي نهائينءَ يا آويءَ جو ذڪر ڪهڙي نه سهڻي پيرايي ۾ ڪري ٿو :
    نهائينءَ کان نيهن، سِکُ منهنجا سپرين
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
    لطيف سائين سُر سهڻيءَ ۾ پڻ ڪنڀار جو ذڪر جابجا ڪيو آهي:
    ڪچو کان ڪنڀار، اوڳي ڳنئو اٿيين
    لوڙهيا لک لطيف چي، ڪوڙين ڪارونڀار
    ڪه تو ڪني نه سُئي، ڀيلي تي ڀلڪار
    اُڪارين آڌار، آرا آڪي واريون
    يا
    پڪا رڇ ڪنڀار جا، پڪي نهائين
    مونکي تئائين، ڀيلو ڀاڱي آئيو
    شاھ صاحب ڪنڀار کي ساڳي سُر ۾ ڪُلال به ڪوٺيو آهي. جئن فرمائي ٿو:
    ڪڍيا جي ڪُلال ، سي پسي خال خوش ٿينءَ
    يا
    ڪچو ڏيج ڪُلال کي، مهه تي موٽائي

    هاري
    هاري اسانجي معاشري ۾ ڪرنگھي جي هڏيءَ واري حيثيت رکي ٿو. هي اهو پورهيت آهي جيڪو زمين جو سينو چيري اَنُ اُپائي ٿو. آنڌي مانجھي ڪوڏر ڪلهي ڪري محنت ڪري ٿو ۽ خون پسيني جي ڪمائي مان رزقِ حلال حاصل ڪري ٿو. لطيف سائين هن محنت ڪش پورهيت جي شان ۾ ساراھ جا ڍُڪَ ڀريا آهن.
    ڇنا ڇڄ هٿن ۾، ڪلهين ڪوڏارا
    پورهئي خاطر پنهنجي، اُٿن سوارا
    سُر سارنگ سمورو گويا اسان جي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ مسڪين محنتي مارن جي حياتيءَ جي تصوير آهي. جڌهن تاڙي تنوار ڪئي ته مارو ماڻهن سمجھو ته مينهن اجھو آيو ڪه آيو. پوءِ هارين پنهنجا هر ڦار ٺاھي جوڙي رکيا ۽ خوشيءَ ۾ ڪونه ٿي ماپيا. شاھ سائين اها منظرڪشي سُر سارنگ جي سٽن ۾ ڪهڙي نه خوبصورت پيرايي ۾ ڪئي آهي.
    مند تي منڊل منڊيا، تاڙي ڪئي تنوار
    هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگھار
    اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا
    محترم تاج جويو پنهنجي ڪتاب ’باهيون بيراڳين جون‘ ۾ سنڌ جي پورهيت هاري متعلق لکي ٿو.
    ”شاھ صاحب جا هم وطن پورهيت آهن. سندن هٿن ۾ هَرَ آهن. اهي مال ڌاري ۽ چاري ان جي کير مکڻ ، اُنَ ڏاس ۽ گوشت وغيره جي وڪري مان پنهنجو پيٽ گذران ڪن ٿا. مرد ته اهو ڪم ڪن ٿا پر سندن ونيون به وانديون ڪونه ٿيون ويهن. اهي اُنَ ۽ ڏاس مان فراسيون، کٿا، کيس، لويون، ڪاسا، کرڙ جوڙين ٿيون ۽ ڀرت جو ڪم ڪن ٿيون. شاھ جا ديس واسي پنڻ کي عيب سمجھن ٿا.“
    پنڻ منجھان پَلَ، ڪنهن نه ڀريا ڪڏهين
    مانجھي اهي مَلَ، هَرَ جنين جي هٿ ۾

    ڌوٻي / پريٽ
    ڌوٻيءَ جو ڌنڌو ڏاڍو محنت وارو آهي. اڳين دور ۾ هي پورهيت آڌيءَ جو اٿي سياري جي ڏڪڻي توڙي اونهاري جي گرميءَ جي پرواھ ڪئي بغير گھاٽ تي وڃي پاڻي ۾ بيهي ڪپڙن جي گَرُ ۽ غلاظت ڪڍي گراهڪن کي صاف ۽ پاڪ ڪري پهچائيندو هو. ان ڪري هن پورهيت کي به خوب ساراهيو ويو آهي. انهن جي تَنَ کان علاوه مَنَ جي صفائيءَ لاءِ به گواهي ڏني وئي.
    ڌوٻي من جا نه ميرا، سڪ جو گھاٽ وسائن
    سڪ جو گھاٽ وسائن، دل ۾ درد سمائن
    ڌوٻيءَ کي شاھ سائين ’پريٽ‘ به سڏيو آهي. سسئيءَ جي سُرن ۾ هن گھڻو ڪري ’پريٽ‘ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. سسئي جئين ته محمد نالي کٽيءَ جي گھر ۾ پلي نپي جوان ٿي هئي تنهن ڪري هن پاڻ کي پريٽ جي ئي نياڻي سڏايو. جيتوڻيڪ هوءَ وڏ گھراڻي يعني ٻانڀڻ جي ڌيءَ هئي. پنهونءَ جي وڇوڙي تي لطيف سندس دل جي ترجماني هن طرح ڪئي آهي:
    پريٽن پالياس، ٻانڀڻ ٻيٽي آهيان
    يا
    پريٽن جي پاڙي، جاڙ گذاريم جيڏيون

    مٿين ٻن بيتن مان طبقاتي ڀيد ڀاو صاف ظاهر آهي. جيڪڏهن سسئيءَ جي پالنا جو تعلق مزدور ۽ محنت ڪش طبقي سان نه هجي ها ته پنهونءَ جا ڀائر يقيناً سسئيءَ کي ائين رڻ ۾ رولي نه وڃن ها. ڀٽائي انهن جذبن کي بيت جي سٽن ۾ هينئن سمايو آهي :
    اسين پاڻ پريٽ، پورهيت پنهون ڄام جا
    هوت کٿوري هيرئون، مون ۾ صابڻ ڇَٽَ
    آتڻ منجهه اگھُٽ، ڪانڌ ڪنهنجي مَ ڪري
    پر جئين ته پنهونءَ جو ڪو ڏوھ ڪونه هو، هن کي ته ڀائر بي خبريءَ جي ڪيفيت ۾ کڻي ويا هئا، تنهن ڪري شاھ صاحب کيس ڏوهي قرار نه ٿو ڏئي، بلڪه سندس دفاع ۾ فرمائي ٿو :
    گڏيو ڌوٻين ڌوءِ، پنهون پارچو هٿ ۾
    اتي آري ڄام جو، قاصد آيس ڪوءِ
    اي ڪامل ڪم نه سندوءِ، جيئن پهس پڇارين پوتين
    هن بيت ۾ ڀٽائي سائين سڌو ڌوٻيءَ جو لفظ استعمال ڪيو آهي.
    سُر مومل راڻو ۾ پڻ ڌوٻيءَ جو ذڪر هن ريت آيو آهي :
    رچي جي ريٽو ٿيا، ڪين اٻاٽجن اُوءِ
    کنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هُوءِ
    توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه لهي
    هتي هالار جو ذڪر ان حوالي سان آيو آهي جو هالار جي ڪپڙي جو رنگ پڪو هوندو هو. هالار ڪاٺياواڙ جي هڪ علائقي جو نالو آهي.

    وينجھار
    شاھ سائين پنهنجي ڪلام ۾ جتي پنهنجي دور جي معاشري ۽ ماحول، ريتن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، اتي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت کي به نظرانداز ڪونه ڪيو آهي. زيور سنڌي ثقافت جو خوبصورت حصو آهن. زيورن کي مزيد خوبصورت ۽ ديده زيب بڻائڻ لاءِ انهن تي هيرن موتين جي جڙاوت جو ڪم انتهائي نفاست ۽ نزاڪت وارو آهي جيڪو وينجھار جو ڪم آهي.
    وينجھار هيري لعل جا سچا پارکو هوندا هئا. محترم نجم عباسي وينجھارن جي هنر بابت پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو :
    ”هي هيرن ۾ باريڪ سوراخ ڪڍندا هئا، جو ڏاڍو باريڪ ۽ نفيس هنر آهي. جهڙو تهڙو ڪاريگر اهو ڪم ڪندي هيرا ڀڃيو وجھي. شاھ صاحب جي دور ۾ سنڌ ديس ۾ غربت ۽ ڏڪار جون اهڙيون حالتون اچي ويون جو ماڻهن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪونه هو ته هيرا جواهر پائڻ جو شوق ڪٿان ڪندا. ان ڪري وينجھارن پنهنجو ڌنڌو بند ڪري ڇڏيو. هو آبدار موتين جا به پارکو هئا ۽ اکين تي خوردبين چاڙهي موتين جي ڪنارن ۽ پاسن جي چڪاس ڪري انهن جو ملهه مقرر ڪندا هئا.“
    شاھ سائين اهڙي ماحول جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي :
    قدر وارا ڪم ٿيا، کُٽا خريدار
    پاڻيٺ جي پرکڻا، ويا سي وينجھار
    ڪنير پائي اکين ۾، لهن سڀ ڪنهن سار
    صرافئون ڌار، ماڻڪ ملاحظو ٿئي
    ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت لطيف سائين چيو آهي جنهن ۾ ٻڌائي ٿو ته انهن هيري لعل موتي ۽ پکراج جي پارکن جي اُٿي وڃڻ کان پوءِ سندن پويان سيهي جي سڃاڻ رکڻ وارا به ڪونه رهيا آهن. هاڻي انهن وينجھارن جي جاءِ اچي لوهارن والاري آهي، جيڪي فقط لوھ تان ڪَٽُ لاهي ڄاڻن. شاھ صاحب فرمايو آهي :
    ويا سي وينجھار، هيرو لعل ونڌين جي
    تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار
    ڪٽن ڪَٽُ لوهار، هاڻي انهيءَ ڀينڻين

    ٺاٺارو
    پورهيتن ۾ ٺاٺاري جو پورهيو به وڏي محنت ۽ مشقت وارو آهي. هو گھر ۾ استعمال ٿيندڙ ڪُٽِ، ٽامي، پتل ۽ جِست جا ٿانون جوڙي ٿو ۽ ڀڳل ٽٽل ٿانون جي مرمت ڪري انهن کي سڄو ڪري ٿو ۽ انهن تان ڪَٽُ يا ڪَسُ لاهي صاف ڪري چمڪائي ڇڏي ٿو. شاھ صاحب پڻ ٺاٺاري جي هنر جو ذڪر پنهنجي رسالي ۾ ڪيو آهي. سُر سامونڊي جي هڪ وائيءَ ۾ فرمائي ٿو :
    ڀلي ڪري آئيو ٺاٺارو ڏيهاءُ
    سي نه پڄنديون
    ڀڳي ڪُٽِ سڄي ٿي ، لٿي جاڪ ڳراءُ
    سي نه پڄنديون
    مٿين وائيءَ جي سٽن مان هڪ سگھڙ گھر ڌياڻي جي سگھڙائپ بکي ٿي. جيڪا ٺاٺاري جي اچڻ تي خوش ٿئي ٿي. گھَر جي آرائش ۽ زيبائش توڙي استعمال لاءِ ٿانون خريد ڪرڻ کان علاوه ڀڳل ٿانون کي به سڄو ڪرائي انهن تان ڪَٽُ يا ڪَسُ لهرائي ٿي ۽ پوءِ انهيءَ تي خوشي ۽ فخر جو اظهار ڪري ٿي، ته هاڻي سندس پاڙي واريون ساڻس ڪونه پڄي سگھنديون، ڇالاءِ ته وٽس نوان، سٺا ۽ سهڻا ٿانون موجود آهن. پراڻي دور ۾ ٺاٺارا ٿانون جون بڊان کڻي وستين واهڻن ۾ وڃي وڪرو ڪندا هئا ۽ ڀڳل ٿانوَ جوڙيندا ۽ صاف ڪندا هئا. اڃان تائين به سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ ٺاٺارا ويندا آهن.
    لطيف سائين جي رسالي ۾ مذڪوره پورهيتن کان علاوه ڪجهه ٻين هنرمند پورهيتن جو ذڪر به موجود آهي. جيئن اوڏ، مڱڻهار، شراب چڪائيندڙ وغيره وغيره. پر مقالي جي طوالت جي پيشِ نظر انهن کي ذڪر هيٺ نه آندو ويو آهي.

    مددي ڪتابن جو وچور
    o تحقيق اللغات ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    o شاھ جو رسالو غلام محمد شهواڻي
    o شاھ عبداللطيف ڀٽائي (چنڊ مضمون) ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز
    o سنڌ جو شاھ بدر ابڙو
    o باهيون بيراڳين جون تاج جويو
    o سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
    o شاھ جي رسالي جو مطالعو مولانا دين محمد وفائي
    o شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ ڊاڪٽر فهميده حسين
    o شاھ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    o قديم سنڌ ڀيرو مل آڏواڻي
    o مقدمه لطيفي ڊاڪٽر گربخشاڻي
    o سنڌو ماٿر جي سڀيتا محمد ادريس صديقي
    o عرفانِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    o شاھ لطيف جي شاعري ڊاڪٽر تنوير عباسي
    o History and culture of sind Dr. Zakir Khan Ansai
    o History of World Civlization Will Durant


    ٿرين جي خوراڪ ۽ پوشاڪ

    دنيا جي گولي تي نظر ڦيرائبي ته بيشمار ملڪ نظر ايندا، جن ۾ ڪي ترقي يافته آهن ته ڪي ترقي پذير ته ڪي وري پسمانده. هر ملڪ جي ثقافت وري الڳ الڳ آهي. ثقافت مان مراد آهي ان ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي خوراڪ، پوشاڪ، رسم و رواج، ٻولي ۽ مذهب. مطلب ته زندگيءَ جو هر رنگ ۽ ڍنگ. پر جي اڃان باريڪ بينيءَ سان ڏسبو ته هر ملڪ جي مختلف حصن جي ثقافت ۾ وري ٿورو ٿورو فرق ضرور نظر ايندو.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چند سٽن ۾ ثقافت جي تعريف هن ريت ڪئي آهي :
    ”انساني زندگي لاءِ جيڪي شيون ضروري ۽ اهم آهن ۽ جن کي ثقافت جي دائري اندر شامل ڪيو ٿو وڃي مثلن کاڌ خوراڪ، لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ۽ رواج، روحاني ترقي ۽ مذهبي ڀروسا، انهن تي جاگرافيائي حالتون، تاريخ ۽ انساني نسلن جي ارتقائي تاريخ، ٻولي ۽ مذهب گھڻو اثرانداز رهيا آهن.“
    برِ صغير جي تاريخ جو مطالعو ڪجي ٿو ته پراڻي دور ۾ هند ۽ سنڌ ٻه اهم حصا ليکيا ويندا هئا. سنڌ جون سرحدون ڪراچيءَ کان ويندي ملتان ۽ ڪشمير تائين هونديون هيون. سنڌ جي خوشحاليءَ جو ذڪر ٻڌي دنيا جي ڪيترن ئي وڏن حڪمرانن جي وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو ۽ اهي سنڌ جو رخ ڪندا هئا. موجوده سنڌ پاڪستان جي هڪ صوبي جي حيثيت رکي ٿي جنهن جون حدون سوڙهيون ٿي هن وقت ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين محدود ٿي ويون آهن. صوبي سنڌ کي ملڪ ۾ ريڙھ جي هڏيءَ واري حيثيت حاصل آهي، جيڪو ملڪي معيشت ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو.
    سنڌ کي مکيه ٽن وڏن حصن سرو، وچولو ۽ لاڙ ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي. انهن ٽنهي حصن جي ثقافت ۾ خاص طور ٿر جي ثقافت منفرد آهي. معاشي لحاظ کان ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جا ماروئڙا اڪثر بک ۽ افلاس جو شڪار رهندا پئي آيا آهن. انهن حصن جي معيشت جو وڏو دارومدار وسڪاري تي آهي. جيتوڻيڪ ٿر کي خداوندِ تعالى معدنيات جي خزانن سان مالامال ڪيو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به حڪومت انهن خزانن کي پڌرو ڪرڻ جي زحمت ڪونه ڪئي آهي، جنهن سان ٿر واسين جي قسمت بدلجي سگھي ٿي.
    لطيف سرڪار جتي پنهنجي رسالي ۾ انيڪ موضوع اختيار ڪيا آهن، اتي ٿر جي مسڪين ماروئڙن کي به ڪونه وساريو آهي. سُر مارئي ۽ سُر سارنگ ۾ سانگيئڙن جي ثقافت جي ڀرپور عڪاسي ڪيل آهي. هيٺ شاھ صاحب جي ڪلام مان ٿر واسين جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذڪر ڪجي ٿو.
    جڏهن ٿر جي ڳالهه ڪبي ته حب الوطني جي لازوال ۽ بيمثال ڪردار معصوم مارئيءَ جو ذڪر ضرور ايندو. هن عمر سومري جي ڪوٽ ۾ ڏوٺ ڏينهن ڏٺا پر سندس لالچ ۾ نه آئي. ٿرين جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذڪر به لطيف سائين جي هن سُر مان ئي گھڻو معلوم ٿئي ٿو.

    خوراڪ
    ٿر ۾ هونءَ ته خوراڪ جي حوالي سان ڪڻڪ، چانور، جوئر ۽ مڪئي جو استعمال به ٿئي ٿو پر ڀٽائي پنهنجي رسالي ۾ ٿر جي علاقي جي مخصوص خوراڪ جيئن فصلن ۾ ٻاجھر ۽ قدرتي غذائن ۾ ڏٿ، ڏونرا، پنير، سائون، ٽوھ، للر، لنب، پڪا، پيرون، مڃر، مڪ، گولاڙا، کهه، مانڌاڻو، مکڻي، سڱري، ڊامڻ، ميها، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون) کان علاوه کير جو پڻ جھجو ذڪر ڪيو آهي. هيٺ ٿر جي ان خاص قسم جي خوراڪ جي حوالي سان شاھ سائين جي رسالي مان ڪجهه بيت پيش ڪجن ٿا.

    ٻاجھر
    ٻاجھر اهڙو فصل آهي جيڪو ٿر ۾ وسڪاري کان پوءِ ججھو ٿئي ٿو. هي فصل جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به پيدا ٿئي ٿو پر اتي مستقل خوراڪ طور استعمال ڪونه ٿو ٿئي. جڏهن ته ٿر ۾ ٻاجھر باقاعده خوراڪ طور کاڌي وڃي ٿي. هن جو اٽو پيهي ماني پچائي ويندي آهي. ان حوالي سان سُر مارئيءَ مان لطيف سرڪار جو بيت آهي :
    پانڌي پرين پنهوار جو ، مون وٽ جو آئو
    اٺا مينهن ملير تي ، سڀ ڏيهه سوائو
    ٻاجھر پڪي ٻاجهه ٿي ، لٿو ڏوگائو
    جو سرتين سڃائو ، سو هينئڙو هت نه وندري
    مارئيءَ وٽ گويا پنهوارن جو پانڌي اچي پهچي ٿو ۽ کيس احوال ٿو اوري ته ملير ۾ مينهن جا وسڪارا ٿيا آهن، جنهن سان سڀ سولي سڻائي ٿي وئي آهي. ٻاجھر جي فصل پوکڻ سبب صفا سڪار ٿي ويو آهي.

    ٽوھ
    ٽوھ جو شمار ميوي کان علاوه سُتيءَ طور پڻ ٿئي ٿو. ٽوھ انهن سُتين مان آهي جيڪي سخت ڪوڙو ذائقو رکن ٿيون. ڪڙاڻ جي حوالي سان ٽوھ جو مثال ڏنو ويندو آهي ته ’اهڙو ڪوڙو آهي جهڙو ٽوھ.‘ ٽوھ ٿر ۾ تمام گھڻو ٿئي ٿو. شڪل ۾ گول آهي ۽ ڏسڻ ۾ ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي. ٿر جي رستن واٽن تي عام نظر ايندو آهي. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ’سهڻا ٽوھ پٽن پَٽن تي پيا آهن.‘ جنهن جو مطلب اهو ورتو ويندو آهي ته هرو ڀرو ظاهري سونهن ۽ سوڀيا تي ڀروسو نه ڪجي، اندر جي خبر رکڻ به ضروري آهي. ڪي ماڻهو ٽوھ وانگر ٻاهران ڏاڍا سهڻا نظر ايندا آهن پر سندن اخلاق ۽ ڪردار ۾ ڪيئي عيب هوندا آهن، تنهن ڪري ظاهر تي نه وڃجي.
    ٿر واسي ٽوھ کي مختلف طريقن سان استعمال ڪرڻ کان علاوه خوراڪ طور پڻ ڪم آڻيندا آهن. ٽوھ جي ماني پچائي به کائيندا آهن جيڪا ذائقي ۾ ڪوڙي ڪونه ٿيندي آهي. اهو اصل ۾ انهن ماڻهن جو ڪمال آهي جو سخت ڪوڙي ميوي مان ڪڙاڻ کي ڪڍي ان جو ذائقو ئي مَٽائي ڇڏين ٿا. مون پڻ ٿر جي دوري دوران اهڙي مانيءَ جو ذائقو ورتو ته سخت حيرت ٿي.
    لطيف، ٿرين جي ان خوراڪ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
    مٿن ٽوھ ٽسڪڙا، چڪندڙا اچن
    کُڙيون کيهه ڀَڪـُليون، پگھر سين پيرن
    ايءُ ور ويڙهيچن ، مون لوڏان ئي لکئو
    مارئي پنهنجي ماروئڙن لاءِ چوي ٿي ته جڏهن اهي ٽوهن جا ٽس يا ننڍا ننڍا ڳترا ڪري انهن جون وڏيون ڀريون مٿن تي رکي، پگھر ۾ شل مٽيءَ ۽ دز ۾ ڀريل کڙين سان گھرن ڏانهن واپس ورن ٿا ته مان سندن لوڏ مان ئي سڃاڻي ٿي وڃان ته اهي منهنجا ماروئڙا آهن.

    ڏٿ، سانئون، لنب
    ٿر واسين جي خوراڪ ۾ مٿيون شيون به استعمال ٿين ٿيون. جن مان هر هڪ جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

    ڏٿ
    ڏٿ ٿر جي انهن سمورن گاهن ۽ ٻوٽن کي ملائي سڏيو ويندو آهي جيڪو ڏڪار جي وقت ۾ مارو ماڻهو وڏي دقت سان ڳولي پيٽ قوت طور استعمال ڪندا آهن.

    سانئون
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سانئون متعلق ٻڌائي ٿو ته ”هي سنهڙي سائي داڻي وارو گاھ آهي جنهن ۾ اَنُ پيدا ٿيندو آهي، جيڪو ٿر ۾ کاڌي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.“

    لنب
    هي پڻ گاھ جو هڪ قسم آهي، جيڪو سنهڙو ۽ سڌو هوندو آهي، جنهن جي چوٽيءَ ۾ پچڻ وقت چانور جهڙو سنهڙو داڻو ٿئي ٿو. جيڪو ڏٿ طور چانورن وانگر رَڌي کائبو آهي.
    هيٺين بيت ۾ مٿين ٽنهي شين جو ذڪر ڪندي ڀٽائي مارو ماڻهن جي غربت جو نقشو چٽيو آهي. جن جو گذر روزانو آڻڻ ۽ چاڙهڻ تي هوندو آهي. اهي سٿليون ٺاهي سانئون سُڪائيندا آهن. لنب جي داڻي کي چانورن وانگر پچائي کائيندا آهن. مارئي عمر کي چوي ٿي ته منهنجي ملڪ جا مارو سڱرن، پڪن ۽ پيرن جي رَسُ ۾ پڪل شين کي تنهنجي پلائن کان وڌيڪ ٿا ڀانئين. لطيف سڱر، پڪا ۽ پيرون جي لاءِ ’آرهاڙي‘ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. آرهاڙي معنى آرهڙ يعني مئي ۽ جون جي گرميءَ وارن ڏينهن ۾ اسرندڙ خوراڪ جون شيون. بيت ملاحظه ٿئي :
    آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا
    سٿا ڪئو سيد چئي، سانئون سُڪائين
    منجھان لنب لطيف چئي، چائر ڪئو چاڙهين
    پلاءُ نه پاڙين، عمر آرهاڙيءَ سين

    سنڱر / سڱريون
    هي ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ ٿينديون آهن جن کي ٿر ۾ سيڪي کائڻ جو رواج عام ٿو ڀانئجي. جڏهن وليون وڻ ڦلاربا آهن ۽ ڪِرڙ به پچي پڪا ٿيندا آهن ته ان مند ۾ ملير ڄايون سانڍي رکيل سڱر سَيين واگر سيڪي کائينديون آهن. گويا کين سيڪيل سڱرين مان سيين جهڙو ذائقو ايندو آهي. لطيف سائين مارئيءَ جي من جي ترجماني ڪندي فرمايو :
    پانڌي پرين پهنوار جا، نياپا ني ڪي
    ساري ڏيج سرتيين، ياد پونئي جيڪي
    وليون وڻ ڦلاريا، ڪِرڙ پَڪا ڪي ڪي
    سڱر کِيَن سرتيون، سَيين جيئن سيڪي
    زير ڀڃي جي ڪي، مِلان پرينءَ پهنوار کي

    پَڪا، پيرون، مڃر، مَڪ
    ٿر جي مارن جي غذا ۾ ڪرڙن جي پَڪن کان علاوه مڃر ۽ مَڪَ جو گھڻو ذڪر اچي ٿو. مَڪ مان مراد، کٻڙ جي ٻور جو پچي پيرن جي صورت اختيار ڪرڻ آهي. پيرون اتر سنڌ جي به ڪن حصن ۾ ٿيندو آهي، جيڪو وڏي شوق سان کاڌو ويندو آهي. پيرون ٿر وارن جي ته من پسند غذا آهي. مَڃر ۽ مَڪ جو مطلب مختلف ولين جا گل ۽ گونچ ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٿر ۾ کاڌي طور استعمال ڪيا ويندا آهن. سُر مارئيءَ جي هيٺين بيت ۾ پَڪن، پيرن، مَڃر ۽ مَڪ جو ذڪر آيو آهي.
    پَڪا پهنوارن ڏي، ميوا، مَڃر، مَڪَ
    عمر آٿت اُڪنڊئو، حال هماري حق
    لوئي ۽ لڪ، سمن سپرين سين
    مارئيءَ جو پائر پاسي پيرون چونڊڻ جي خواهش متعلق هڪ بيت هن ريت آهي :
    تن ساڏوهِين سَڌَ مران، ڏنگا جنين ڏار
    ڀڻي ساڻ ڀتار، پائر پيرون چونڊيان

    کهه، مانڌاڻو ۽ مکڻي
    هي ٽئي ڏٿَ وارن ٽن گاهن جا نالا آهن. جيڪي ڏٿ طور رڌي پچائي کاڌا ويندا آهن. سُر مارئي جو بيت ملاحظه ٿئي :
    چُرَنِ چِڻڪَنِ چت ۾، گھارين مٿي گھٽ
    ‎کهه، مانڌاڻي، مکڻي، ڍوئن پاسي ڍٽَ
    پهنوارڪي پکڙين، وڃي ڪريان وَٽَ
    ساڻيهه مٿي سَٽَ ، ڪنديس ڀڃي ڪَڙن کي

    ڏونرا
    قدرت ٿر واسين کي جيڪي غذائون وافر انداز ۾ مهيا ڪري ڏنيون آهن، جن کي ڏٿ به سڏيو ويندو آهي، انهن ۾ ڏونرا عام آهن. ڏونرن جي فراواني متعلق سُر مارئي جو هي بيت ڏسو :

    تن وِنهين ويڙيچن ۾، سدائين سُڪار
    چونڊئو آڻئو چاڙهين، سدا ڏونرن ڏار
    جن جو ويڙين سين واپار، سي ڏوٿي هُوَنِ نه ڏٻرا
    مارئي پنهنجي ويڙ وارن جي خوشحاليءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿي ته منهنجا ماروئڙا جھجھا ڏونرا چونڊي اچي چاڙهيندا آهن. شال اهي ڪڏهن بُکيا نه رهن.

    ميها، چڀڙ، ڦنگيون
    سُر سارنگ ۾ ميهن چڀڙن ۽ ڦنگين جو ذڪر آيو آهي. کنڀين کي ٿر ۾ ڦنگيون سڏيو ويندو آهي. مٿيون شيون ٿر ۾ عام جام ٿينديون آهن. لطيف سائين انهن ٽنهي جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي :
    مند تي منڊل منڊيا، ڪِي اوهيڙن اوڪَ
    ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، ميهون چَرن موڪَ
    سرهيون ٿيون سنگھاريون، پويو پائن طوقَ
    ميها، چڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀئي ٿوڪَ
    لاهيين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا

    ڊامڻ
    ٿر پاسي هڪ گاھ پيدا ٿئي ٿو جنهن کي ڊامڻ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. مسڪين مارو انهيءَ گاھ جون پاڙون ڪڍي ڏٿ طور کائيندا آهن. سُر سارنگ ۾ شاھ سائين ڊامڻ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي :
    ڀري ڀٽ تي آئيو، سارنگ سنهج منجھا
    کڙيون کٽڻهار جئنءَ، وڄون اتر وا
    سرها سبزا ٿيا، ڊامڻ ڊٻ ڪيا
    پهري پَٽَنِيا، ڀريائين ڪــُــن ڪراڙ جا

    پنير
    پنير هڪ اهڙي سُتي آهي جيڪا عام طور اسانجي اتر سنڌ ۾ رتُ جي صفائيءَ طور پيتي ويندي آهي. ذائقي ۾ تمام ڪوڙي هوندي آهي. لطيف سائين مارئيءَ جي ملڪ ملير جي حوالي سان جنهن پنير جو ذڪر ڪيو آهي لاشڪ اهو ساڳيو ئي پنير آهي بيت هن ريت آهي :
    وطن مون ملير، قضا آنديس ڪوٽ
    چانڪ پينديس پرينءَ سين، پائر جو پنير
    هاڃا ڪئو همير، بالله ني ٿو بند ۾
    مارئي عمر سومري سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته منهنجو اصل وطن ته ملير آهي. قسمت آڻي هن ڪوٽ ۾ کڻي قيد ڪيو آهي. دل ٿي چاهي ته جيڪر پنهنجي پرينءَ سان پائر جو پنير وڃي پيئان. (پائر ٿر جي هڪ علائقي جو نالو آهي) تو مون مٿان ظلم ڪري مونکي ناحق آڻي اسير ڪيو آهي.
    ٿر ۾ کاڌي طور استعمال ٿيندڙ ٻين شين ۾ گدريون، ڇانهين جو ٻج، ساڳ، سيارڇ ۽ گوار اچي وڃن ٿا. جن جو ذڪر لطيف سائين جي سُر مارئي يا سارنگ ۾ ڪونه آيو آهي. ڊاڪٽر الهنواز ميمڻ پنهنجي مقالي ’ٿري غذائون ۽ صحت‘ ۾ لکي ٿو ”ٿر ۾ برسات جي موسم ۾ پيدا ٿيندڙ شيون جهڙوڪه پپون، ڪونڊير، للر، مريڙو، ڇانهان، چڀڙ، گدريون ۽ گوار غذائي لحاظ کان عمدا آهن.“

    کير
    کير کي بين الاقوامي مشروبات واري حيثيت حاصل آهي. جيڪو پوري دنيا ۾ غذا طور استعمال ڪيو ويندو آهي. کير ۾ قدرت مڪمل غذائيت وارا جزا رکيا آهن. کير ڏيندڙ جانورن ۾ مينهن، ڳئون، ٻڪري ۽ رڍ اچي وڃن ٿا. ٿر ۾ مينهن ۽ ڳئن کان وڌيڪ ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ پاليا ويندا آهن. ٿريلن جي معيشت جو مدار پوکي راهي کان وڌيڪ انهن جانورن تي آهي.
    سُر مارئيءَ جي هيٺين بيت ۾ مارئي عمر کي التجا ٿي ڪري ته جيڪڏهن هو کيس ڪوٽ مان ڪڍي هيءَ امانت منهنجي ملڪ واسين ڏانهن اماڻي ته جيڪر هڪ طرف مٿائنس حرف لهي پوي ۽ ٻي طرف منهنجي موٽڻ جي خوشيءَ ۾ ماروئڙا کير جون وٽيون ڀري پيئن.

    مينڍا ڌوءِ نه مارئي، آهس من ملير
    ڪڍي ته ڪاڻ لهي، هتان هيءَ همير
    کائڙ پيئن کير، جي امانت ات وڃي

    پوشاڪ
    سنڌ جي مختلف خطن ۾ خوراڪ وانگر پوشاڪ ۾ به ڪي قدر نمايان تبديلي نظر اچي ٿي. عام طور تي سڄي سنڌ ۽ خاص طور تي اتر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مردن جي پوشاڪ ۾ گوڏ، پهراڻ، سنڌي ٽوپ، اجرڪ ۽ پٽڪو استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ عورتن جي لباس ۾ شلوار قميص، رئو يا پوتي عام آهي. جڏهن ته ٿر جي مردن توڙي عورتن جي پوشاڪ ۾ مٿين ڪپڙن کان علاوه ڪجهه اهڙيون شيون به ملن ٿيون جيڪي بلڪل مختلف ۽ منفرد آهن. اهي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ گھٽ استعمال ٿين ٿيون يا وري بنهه ڪو نه ٿيون ٿين.

    لوئي
    سُر مارئي ۾ ٿرين جي پوشاڪ بابت جيڪي بيت ملن ٿا انهن ۾ لوئيءَ جو ذڪر وڌ کان وڌ آيو آهي. لوئيءَ کي لڄ يا سَتر جي نشاني سمجھيو ويندو آهي. هتي مذڪوره سُر ۾ لوئيءَ جي ذڪر وارا چند بيت پيش ڪجن ٿا :
    عمر ماروئڙن جا، ٿر ٿر اندر ٿاڪَ
    لاٿائون لطيف چي، مٿان لوئيءَ لاک
    عمر اٿم آک، پهرئو ٿي پَنِ چَران
    ـــــــــ
    عمر ماروئڙن جو، ٿر ٿر اندر ٿانءُ
    سڀ تنهنجو سومرا، ويٺا ڳنهن نانءُ
    اتي ويندس آنءُ، لوئيءَ لڄ مٿي ڪري
    ـــــــــ
    پٽ پرهيان سومرا، جانڪيتان جيان
    آنءُ ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان
    جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻئو
    ـــــــــ
    سون برابر سڳڙا، لونءَ برابر لکُ
    رپو جنهه رد ڪئو، ڪوڙ تنهين کي ڪک
    مون ماروءَ جو مَکُ، تيل نه لاهيان تنهنجو
    لوئيءَ لاءِ ڀٽائي ڪٿي ڪٿي کٿي جو لفظ به ڪم آندو آهي. مثال :
    سبي سيبا ڏي، ڀوريءَ نيهه نه لڄئو
    کٿيءَ وٽيون کـُـٿيون، سبي سيري سي
    مڇڻ چونن ڪي، لڄايئي ٿر ڄائيون
    مارئي جي کٿيءَ جون وٽيون به کسي ويون آهن، جن کي ور ور ويٺي ٽوپا ڏئي ڳنڍي. پر عمر جا قيمتي ڪپڙا اوڍي ٿر ڄاين کي لڄائڻ نه ٿي چاهي.
    هڪ ٻي بيت ۾ نه فقط کٿيءَ جو ذڪر آيو آهي بلڪه انهيءَ جي تيار ڪرڻ واري هنر کي به بيان ڪيو ويو آهي.
    پهنوارن پاٻوهيو، ڪي وسَ واهوندن
    لٿو سيءُ لطيف چي، ٻڌو ڦن ڦرن
    پائر ڏنيون پٺيون، ننڍن نوراڀن
    اوءِ ٿا ڪورين ڪنئري، سرتيون مٿان سسن
    عمر اُنَ اگهوندري، پاسي ڪانڌ ڪتن
    کائر کٿيون خاصيون، اونچيون اُتِ اُڄن
    ڪڍيو پيڻ ڪَهن، ملير گھرجين مارئي
    هن بيت جو حاصل مطلب آهي ته پائر پاسي رڍن جي ڦرڙن جي نرم، صاف ۽ اڇي اُنَ ڪتري انهيءَ مان خوبصورت ۽ اچيون کٿيون تيار ڪيون وينديون آهن.
    لوئي يا کٿيءَ لاءِ هڪ ٻيو لفظ ’ڌٻري‘ جو به آيو آهي، جنهن جي معنى ٿلهي پوتي ٻڌائي وئي آهي. گويا اها لوئي يا کٿيءَ کان ڪجهه مختلف آهي. جيئن هيٺين بيت ۾ ڏسو :
    ميري جي ڌٻري، مَر مٿي تي هوءِ
    متان مارو چوءِ، ته واچا ويئي وسري
    ڌٻري جي معنى سادا، ٿلها، ميرا ڪپڙا به ٻڌائي وڃي ٿي. جيئن:
    ڪيئن ڌئاريا ڌٻرا، وينديس ڪنهه وهاه
    مون مل مارو ناه، اڇا اوڍيان ڪنهه کي
    مارئي عمر سان مخاطب آهي : ”پنهنجي مارن کان مليل سادا ۽ ٿلها ڪپڙا، جيڪي ميرا ٿي چڪا آهن، ڇا لاءِ ڌوئان! مونکي ڪنهن وهانءَ تي ته وڃڻو نه آهي، پوءِ ڪنهن جي ڪارڻ اڇا ڪپڙا اوڍيان.“
    لوئيءَ جي لاءِ ڀاروڙي جو لفظ به استعمال ۾ آيو آهي. جيئن لطيف سرڪار فرمايو :
    ڀرم ڀاروڙي رهي، جنهه ۾ اڇي اُنَ
    ته پڻ ويٺي ونڌيان، توڙي پونس تــُنَ
    غافل رک غريب کي، عمر! منجهه امن
    سرتين سان سَمُنَ، آهم اُٺي مينهڙي

    ڪَنجُرو (چولو)
    ٿر ۾ چولي کي ڪنجرو به سڏيو ويندو آهي. سُر مارئي مان اهڙا ٽي بيت جن ۾ ڪنجري جو ذڪر آهي سي هيٺ پيش ڪجن ٿا :
    سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام
    اباڻن جي آسري، ڪَتي ڪا نه ڪيام
    جا ڍَٽِ ڍڪيام، تَنهنجي پرور پت رهائيين
    ـــــــــ
    سهسين سيبا ڪنجري، ليڙون ٿي لوئي
    واسي وار نه ويڙهيان، ڌارين سين ڌوئي
    ملير مڙوئي، مرڪي شال ملهائيان
    ــــــــــ
    اڳڙيارو ڪنجرو، لوئي سين ليڙن
    ههڙو حال وٺي ڪري، وڃان منجهه ٿرن
    مارو مانَ چون، هئي اسانهين آسري
    مٿين ٽنهي بيتن ۾ ڪنجري خواه لوئيءَ جي زبون حالت ڏيکاري وئي آهي، چولي کي چتيون لڳل آهن ۽ لوئي ليڙون ٿي وئي آهي پر مارئي اباڻن جي لڄ رکڻ خاطر نوان ڪپڙا ڪونه ٿي اوڍي. هوءَ چاهي ٿي ته اهڙي ئي حال ۾ وڃي مارن سان مِلان ته مَنَ اهي ائين چون ته ويچاري اسان جي ئي آسري هئي.

    چُني
    ٿر ۾ پوتيءَ لاءِ چنيءَ جو لفظ به ڪم ايندو آهي. سُر سارنگ ۾ لطيف سائين فرمايو :
    سارنگ سائي سِٽَ ، جهڙي لالي لاک جي
    ايءَ سي اٻن انگيا ، جنءَ سي چُنيءَ چِٽَ
    برسيو پاسي ڀٽَ ، ڀريائين ڪــُـنَ ڪراڙ جا
    مٿين بيت جو مفهوم هن ريت آهي ته رحمت ڀريا ڪڪر، لاک جهڙو ڳاڙهو روپ وٺي اڀريا آهن ۽ چنيءَ جي چِٽَنِ جهڙي ڏيک ڏين ٿا.
    لوئي ۽ ڪنجري کان علاوه پَڙا، چوليون ۽ پولڪا ٿري عورتن جي لباس ۾ شمار ٿين ٿا. اهي پنهنجي ڪپڙن کي رنگ برنگي ڀرت سان نهايت خوبصورت ۽ ديده زيب بڻائين ٿيون.

    مددي ڪتاب
    o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    o شاھ جو رسالو غلام محمد شاهواڻي
    o ٿر مرتب : عبد القادر منگي
    o عرفانِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    o فڪرِ لطيف مرتب : ڊاڪٽر بشير احمد شاد


    جدوجهد جو پيغام

    لاکيڻي لطيف جي آفاقي ڪلام جو بغور مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سمورو ڪلام جدوجهد جو پيغام آهي ۽ شاھ سائين پيامبرِ جهد و عمل آهي.
    هتي آنءُ لطيف سرڪار جي رسالي جي سُرن مان مٺ مان خرار پرکڻ جي مصداق ڪجهه بيت پيش ڪيان ٿو جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ جدوجهد جو پيغام سمايل آهي.

    سُر ڪلياڻ
    رسالي جي ترتيب جي لحاظ کان سڀ کان اول سُر ڪلياڻ رکيو ويو آهي. جيڪو واحد جي واکاڻ سان شروع ٿئي ٿو. منجھس نبي ڪريمﷺ جي رسالت ۽ احڪامِ دين جو ذڪر ڪيل آهي. ان کان سواءِ انسان کي ان مان جدوجهد جو سبق پڻ ملي ٿو.
    زندگيءَ جو صحيح مفهوم عمل سان ئي تعبير ڏنو وڃي ٿو. شاھ صاحب فرمائي ٿو ته اي انسان! جڏهن تون الله جل شانهه جي هيڪڙائيءَ ۾ ايمان رکين ٿو ته پوءِ عملي طور ان تي ڪاربند رھ ۽ خداوندِ تعالى جي حڪمن تي عمل پيرا رهندي عباداتِ الاهي يعني فرض، واجب ۽ سنتون سر انجام ڏيندو رھ. ربّ العالمين جي حضور هر وقت توبهه تائب ٿيءُ. اي غافل! پنهنجي سڀ کان وڏي دشمن، نفس جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ ڪري کيس صحيح ڏس تي گامزن ڪر. يعني تن کي تسيو ڏيئي، من جي سڌن کي مارڻ لاءِ جدوجهد ڪر. جيڪڏهن تون ان جدوجهد ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته پوءِ توکي دوزخ جي عذاب جو ڪوبه خطرو نه رهندو. ٻين لفظن ۾ ته ان وقت تنهنجو شمار الله وارن سچن عاشقن ۾ ٿيندو.
    وحده لاشريڪ لهه، چئي چوندو آءُ
    فرض، واجب، سنتون، تينئون ترڪ مَ پاءِ
    توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ ساڻ پڄاءِ
    نگا پنهنجي نفس کي، ڪا نئين راھ سونهاءِ
    ته سندي دوزخ باھ، تو اوڏيائي نه اچي
    مسلسل جدوجهد سان ئي انسان پنهنجي منزل جي مومل ماڻي ٿو. مقصد جي حصول ۾ طرحين طرحين تڪليفون درپيش اچن ٿيون. ليڪن سچا سالڪ سوريءَ کي به سيج مثل ڀائيندا آهن. اهي عشق جي راھ ۾ ڪڏهن به پير پٺتي ڪونه ڪندا آهن. انهن جي نگاھ ته هميشه منزل ۽ مقصد تي هوندي آهي. اهي پنهنجي ماڳ رسڻ لاءِ سدائين اڳتي وکَ وڌائيندا رهندا آهن. هاڻي جڏهن ڪنهن دنياوي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي ماڻهوءَ کي وڏا وَسَ ڪرڻا پون ٿا ته پوءِ خالقِ ڪائنات جي قرب حاصل ڪرڻ خاطر کيس ڪيڏي نه جدوجهد ڪرڻي پوندي! سوريءَ کي سيج سمجھڻ سولو نه آهي.
    سوري چڙهڻ، سيج پسڻ، اي ڪم عاشقن
    پاهون ڪين پسن، سائو هلن سامهان

    سُر يمن ڪلياڻ
    سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ سائين سچي طالب کي پتنگ ڪري پيش ڪيو آهي. فرمائي ٿو ته سچو سالڪ سڏائڻ سولو نه آهي، ان لاءِ ته سِر جو سانگو لاهڻو ٿو پوي، پتنگ جيان پاڻ کي پچائڻو ٿو پوي، مصيبتن جي مَچَ ۾ پاڻ کي اڇلائڻو ٿو پوي، آزمائش جي انهيءَ آڙاھ مان رچي ريٽو ٿيڻو ٿو پوي. آخر عاشق پنهنجي مسلسل جدوجهد سان انهن سمورين تڪليفن تي غالب پئجي ٿو وڃي تڏهن مسَ وڃي ظلمات جي رات جو خاتمو ٿئي ٿو، پرھ ڦٽي ٿي ۽ سکن جو سج اڀرڻ جا آثار نمايان نظر اچن ٿا پر سمورو وقت عاشق اهي ڪڙا مِٺا سورَ اندر جو اندر ۾ سهندو رهي ٿو، ٻاهر ٻاڦ نه ٿو ڪڍي. لاکيڻو لطيف اهڙي عاشق کي اها ئي هدايت ڪري ٿو.
    پتنگ چايين پاڻ کي، ته ڄيري پوءُ ڄاڻي
    تان تان تاڻج تَوَ ڏي، جان آڳ نه اجھاڻي
    وسهه وهاڻي، آڳ نه ڏجي عام کي
    ساڳي سُر ۾ شاھ سائين اهل الله جو مثال اهڙي محنت ڪش لوهار سان ڏئي ٿو، جيڪو جلائيندڙ باھ جي ڀرسان ويهي ڌنوڻ کي ڌنئين باھ جي اُلَن کي اڀاري لوھ ڪـُٽي رزقِ حلال حاصل ڪري ٿو، پر جيڪڏهن هو نه ڌنوڻ کي ڌنوندو، نه باھ جي ويجھو ويهي ان جي تابش ۽ تاءَ جي اذيت برداشت ڪندو ته پوءِ ان کي محنت ڪش ماهر هرگز نه سڏيو ويندو. اهڙو انسان ’الڪاسب حبيب الله‘ جي زمري ۾ اچي ڪونه سگھندو، نه ئي اهڙي هام هڻي سگھندو.
    اهڙيءَ ريت جيڪو الله پاڪ جي عشق جي راھ ۾ درپيش صبر آزما تڪليفن برداشت ڪرڻ جي قوت نه ٿو رکي ۽ نفس پليد کي ماري مات ڪرڻ لاءِ ڪائي جدوجهد نه ٿو ڪري، سو ڪامل مرشد يا اهل الله سڏائڻ جي دعوى نه ٿو ڪري سگھي.
    ڌوڌا تون نه ڌنئين، آڳ اوڏو نه وڃين
    اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سهين
    اُڀو ائين چئين، ته آنءُ آڳڙيو آهيان

    زندگي جي تعبير محنت ۽ لڳاتار جدوجهد ۾ سمايل آهي. زندگيءَ جو مقصد متعين ڪرڻ وارا عظيم انسان جهد و عمل جا قائل هوندا آهن. دنيا جا درد ۽ دک، سور ۽ سختيون اهڙن انسانن جي راھ ۾ رڪاوٽ ڪونه بڻبا آهن. سچي سائينءَ جي سِڪَ رکڻ وارا سالڪ، سورن جي سبق پڙهڻ جا عادي هوندا آهن. اهي سدائين سوچيندا ۽ لوچيندا رهندا آهن. اهڙن انسانن جي ماٺ ۾ به مام ڀريل هوندي آهي. اهي هميشه اها راھ اختيار ڪندا آهن، جنهن سان پرينءَ کي پسي سگھن. ٿورن لفظن ۾ ته اهي سالڪ سدائين الله پاڪ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ مست و مگن رهندا آهن.
    جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن
    فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن
    پنو سو پڙهن، جنهه ۾ پسن پرينءَ کي
    سچي سڪ رکڻ وارن الله جي عاشقن کي سدائين ’تون هي تون‘ جي وائي وات هوندي آهي، تنهن ڪري مالڪُ مٿن مهربان هوندو آهي ۽ سدائين سندن سار لهندو آهي. اهڙن پنهنجن پيارن ٻانهن جي مٿان هو سدائين مهرباني جي ڇانو ڪندو آهي. اهو ئي فائق جو فرمان آهي. ’فاذڪروني اذڪر ڪم‘ يعني ’اي بندا! تون مونکي ياد ڪر ته مان توکي ياد ڪريان.‘ اهڙن سچن سالڪن جي ساعت به سڄڻ جي سار کان وانجھي نه هوندي آهي. جنهن مان الله وارن جي مسلسل جهد ۽ سراپا عمل هجڻ جو دليل ملي ٿو. انهن وڏا ڪشالا ڪڍي ۽ لڳاتار محنت ڪرڻ بعد ئي پنهنجي ربّ کي راضي ڪيو آهي.
    عاشقن الله جي، سدا وائي وات
    ’فاذڪروني اذڪر ڪم‘، تن ۾ اها تات
    ان کان ڪانه ساعت، سڄڻ ويل نه وسري

    سُر سريراڳ
    سُر سريراڳ ۾ لطيف وڻجاري جي ويس ۾ محنت، مشقت ۽ سچائيءَ جو سبق ڏنو آهي. هو وڻجاري کي تلقين ٿو ڪري ته اهڙو سچ جو سودو خريد ڪر، جيڪو پئي پراڻو نه ٿئي ۽ ڏوراهين ڏيهه ۾ وڪڻڻ وقت جنهن مان چڱو چوکو فاعدو حاصل ڪري سگھين.
    درحقيقت ڀٽ ڌڻي ڀلارو انسان کي سچ جي ساڃاھ ڏئي ٿو. سچائي تي ثابت قدم رهڻ نهايت جرئت ۽ حوصلي جو ڪم آهي جنهن لاءِ وري جدوجهد جي ضرورت آهي. سچائيءَ جو وهنوار ڪندڙ ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ٿئي ٿو. سندس لاءِ اهو عمل نجات جو باعث بڻجي ٿو.
    وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي
    ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ
    سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهه جي اُبهين
    ساڳي سُر ۾ شاھ سائين ڪاهل وڻجاري کي خبردار ٿو ڪري ته جيڪڏهن هينئر کان سفر جا سانباها ڪونه ڪيئه ته اها غفلت توکي نهوڙي نيندي ۽ پاتال ۾ پهچائي ڇڏيندي. تنهن ڪري هاڻي کان ئي پنهنجي دنگيءَ ۾ وکر جا داڻا وجھي، سفر جا سانباها شروع ڪر.
    دراصل شاھ سائين غافل انسان کي سجاڳيءَ جو سبق ڏئي ٿو ۽ کيس عاقبت جي انديشن کان آگاھ ڪري ٿو. فرمائي ٿو ته جدوجهد وسيلي نيڪين ۽ چڱائين جو ثمر جوڙي ڇڏ. ڪاهل بڻجي نه ويهه. خبر ناهي ته ڪڏهن اوچتو موت مٿان اچي ڪڙڪي ته پوءِ جيڪڏهن تون حياتيءَ ۾ غفلت ۾ غرق رهين ته اها توکي تحت السرى جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندي.
    دنگيءَ ۾ داڻا، وٺي وجهه وکر جا
    وِيرَ چڙهندئي ويسرا، ويهه مَ ويڳاڻا
    هي ننڊ نه ڄاڻان، ڪڏھ هڻندءِ تار ۾

    سُر سهڻي
    سُر سهڻي ۾ لطيف سائين بظاهر سهڻيءَ جي جدوجهد جو نقشو چٽيو آهي. فرمائي ٿو ته سکڻيون سڌون ڪرڻ واريون ته ڪيتريون ئي آهن، جيڪي ڪناري تي بيهي ساهڙ کي سارين ٿيون، پر انهن کي پنهنجو ساھ ڏاڍو پيارو آهي، پر جيڪي سِر جو سانگو لاهي، ميهار جي محبّت ۾ دهشت ڀري درياءَ اندر خوشيءَ سان گھڙو کڻي گھڙي پون ٿيون انهن جي ئي من جي مراد پڄي ٿي ۽ ساهڙ سندن ساھ جو سهارو بڻجي ٿو.
    اصل ۾ لاکيڻو لطيف سچي سالڪ جي سِڪ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ڪوڙن ڪانئيرن جي نشاندهي فرمائي ٿو، جيڪي فقط سڌون ڪرڻ سان يا زباني خواهش ڏيکارڻ سان ربّ جي رضامندي جا خواهشمند هوندا آهن. پر جيڪي الله جي راھ ۾ سِر جو سانگو ڪونه ٿا ڪن ۽ خوشيءَ سان پنهنجو جسو، مال مباح ڪرڻ لاءِ تيار رهن ٿا. پنهنجي جهد ۽ عمل سان ربّ کي راضي ڪرڻ لاءِ حيلا هلائين ٿا ته قادر ڪريم به پنهنجي ڪرم جي نظر، انهن جي ئي مٿان وجھي ٿو. حاصل مطلب ته عمل ذريعي ئي انسان پنهنجي عاقبت جو سامان جوڙي سگھي ٿو ۽ ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ٿئي ٿو.
    ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن
    ڪني سانگو ساھ جو، ڪي گھوريس ڪيو گِھڙن
    ساهڙ سندو تن، گھاگھائي گھڙن جي
    سهڻي جي سيني ۾ ميهار جي محبّت آنڌ مانڌ لائي ڏني. هوءَ جانيءَ جي جدائيءَ ۾ پئي پچي پڄري، کامي ۽ لُڇي. هوءَ ڪو هٿ هٿ تي رکي بس ڪري ڪونه ويٺي آهي، بلڪه ميهار سان ملڻ لاءِ پئي لوچي ۽ سوچي. اندر ۾ جيڪا پرينءَ لاءِ پياس اٿس سا ته پوري ٿيڻ جي ئي نه آهي. ان اُڃ اُساٽ کي اُجھائڻ لاءِ هن جي آڏو سمنڊ به سرڪيءَ مثل آهي.
    ساڳيءَ ريت الله وارن جي سموري حياتي سراپا جهد و عمل هوندي آهي. اهي ويسرا ٿي ويهي ڪونه رهندا آهن. بلڪه ربّ کي راضي ڪرڻ لاءِ سندن اندر ۾ هر وقت هورا کورا هوندي آهي. ان سچي سِڪ جي ڪا انتها ڪونه ٿيندي آهي. هنن جي جدوجهد جو مول مقصد سائينءَ آڏو سرخرو ٿيڻ کان علاوه ڪجهه ڪونه هوندو آهي.
    کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان
    تن ۾ تونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان
    جي سمنڊ منهن ڪريان، توءِ سُرڪيائي نه ٿئي

    سُر سسئي آبري
    سسئيءَ جا سمورا سُر جدوجهد، جاکوڙ ۽ ڏورڻ واري ڏسَ سان ڀرپور آهن. هڪ بيت ۾ لطيف سائين عقل جي انڌن جو مثال اهڙن ماڻهن سان ڏنو آهي، جيڪي درياھ ڪنڌيءَ رهندي به اڃارا هجن. اهي پنهنجي اُڃ اجھائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ڪونه ٿا ڪن. بلڪه مورڳو پاڻ کي مُٺو پيا ڀائين.
    دراصل هن تمثيل جي اوٽ ۾ ڀٽائي صاحب اهڙن بدنصيب ۽ مورک انسانن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي زندگيءَ ۾ سوچڻ ۽ لوچڻ جا قائل ئي نه آهن. جن جي ربّ سان رغبت بنهه ڪونهي. جئن اهي انهيءَ حقيقت کان به بيخبر هجن ته ربّ پاڪ کين ساھ رڳَ کان به ويجھو آهي. ’ونحن اقرب مِن حبل الوريد.‘
    اهڙن انسانن کي پنهنجي وجود جي اهميت جو به احساس ڪونهي. اهي بي عمل بيوقوف ماڻهو ڦريلن جيان رڳو پيا دانهون ڪندا آهن. جڏهن ته دنيا جو دستور آ ته جيڪو لوچيندو سو ئي لهندو.
    پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اُڃ مرن
    ساها اوڏو سپرين، لوچي تان نه لهن
    دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن مُٺن جئن
    سورن جي ستايل سسئيءَ کي سنڌ جو سرتاج شاعر سندس غفلت سببان سرزد ٿيل غلطيءَ جي تلافيءَ جو ڏسُ ڏيندي فرمائي ٿو ته ويسلي ٿي ويهي رهڻ سان پرين تائين پهچي ڪونه سگھندينءَ. ڀنڀور کي باھ ڏئي اهي پنڌ پيچرا اختيار ڪر، جن رَندن سان تنهنجي ڪيچ ڌڻيءَ کي نيو ويو آهي. انهن پيچرن تي پنهل کي وڏي واڪ پڪاريندي هل. ڏورڻ سان ئي هوت پنهونءَ جو ڏس ملي سگھندءِ.
    ٻين لفظن ۾ جدوجهد کان سواءِ مقصد ۾ ڪاميابيءَ جي اميد رکڻ ناداني آهي. مقصد جيترو عظيم هوندو ته جاکوڙ به اوڏي پئماني تي ڪرڻي پوندي.
    ويھ مَ مُنڌ ڀنڀور ۾، ڪر ڪو واڪو وسُ
    ٻانهي ٻاروچن جي، گولي ڇڏ مَ گسُ
    ڏورڻ منجھان ڏسُ، پوندئي هوت پنهونءَ جو
    فقط زباني محبّت جي هام هڻڻ مان ڪي به ڪين ورندو. گھر ۾ ويهي گھور ٿيڻ سان پرين تائين پهچڻ مشڪل ۽ محال آهي. جيسين ڏونگر نه ڏوربا، ڪشالا نه ڪڍبا، پير نه پٿون ٿيندا تيسين جانب جو جلوو ۽ جمال ماڻي ڪونه سگھبو. ستلن کي ساجن ڪونه ملندو آهي.

    ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جون سڌون ڪري
    ويٺي گھرِ گھوري، مٿان پرينءَ جندڙو
    ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت ملاحظه ٿئي :
    ويٺي وَرِ نه پون، ستي ملن نه سپرين
    جي رندن مٿي رون، ساجن ملي تن کي

    سُر ڪوهياري
    غافل انسان کي سسئيءَ جي سانحي مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. ڀٽائي ڀلارو فرمائي ٿو ته جيڪي سسئيءَ وانگر نرم بسترن تي پير ڊگھا ڪري سويل ئي سمهي رهنديون انهن جو سپرين ائين ساٿ ڇڏي ويندو جئين پنهل ڄام سسئيءَ کي سيج ۾ سڃ ڳڻائي هليو ويو، پوءِ سسئيءَ جي سيني ۾ سورن جيڪي وڌي وڻ ڪيا تن کان ڪوئي بيخبر ڪونهي.
    انسان جيڪڏهن غفلت ۾ غلطان رهندو ته کيس پڇتاءَ جون تريون مهٽڻيون پونديون. سياڻن جو سخن ڪيڏو نه سچو آهي ’جو سوئي گا وه کهوئي گا.‘ لطيف سائين فرمايو :
    جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگھا ڪري
    تڏهن تنين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو
    ساڳي ڪيفيت جو اظهار ڪندي لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته اهو ڪميڻين جو ڪم آهي، جيڪي ننڊ جي غلبي سبب جھوٽا کائينديون رهن ۽ سويل ئي پير ڊگھا ڪري بي اونيون ٿي سمهي پون. اهڙيون نڀاڳيون پنهنجي پرينءَ جي پچار ڪهڙي منهن سان ڪنديون! جيڪي لوچينديون سي ئي لهنديون آهن. زندگي نالو ئي جهد و عمل جو آهي.
    اي ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگھا ڪري
    لوچين ڇونه لطيف چئي، هاري! لئه هوتن
    ننڊا نڀاڳن کي، اوڀالا اچن
    سي پنهون ڪوھ پڇن، جي سنجھي رهن سمهي

    سُر حسيني
    لطيف سائين سسئيءَ کي پنهنجي ڪوتاهيءَ جو شدت سان احساس ڏياري ٿو ۽ کيس هدايت ٿو ڪري ته هينئر وقت جو ذرو به ضايع ڪرڻو نه آهي. عظم و همت سان هر قدم اڻ ڄا تل منزل ڏانهن وڌائيندي رھ. اها ئي وقت جي تقاضا آهي. هيءَ ويل ويهڻ جي نه آهي. متان تنهنجي مزيد ڪاهلي ڪو وڏو قهر ڪري وجھي ۽ تنهنجي محبوب جي واٽ ۾ ڪا رڪاوٽ بڻجي بيهي ۽ پوءِ پنهل جو پيرو ئي نه لهي سگھين.
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي
    متان ٿئي اونداھ، پير نه لهين پرين جو
    گويا هيءُ هڪ عالمگير پيغام آهي ته انسان کي سستي ۽ ڪاهلي ڇڏي هڪ عظم ۽ حوصلي سان مسلسل جدوجهد ذريعي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان رهڻ گھرجي. ورنه سستيءَ سبب جيڪڏهن وقت وهي ويو ته پوءِ وَيَل وِيل کي ورائڻ مشڪل آهي ۽ پوءِ منزل جي راھ ۾ رڪاوٽن سبب صحيح پيچري جو پتو پوڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو.

    سُر ليلا چنيسر
    هن سُر ۾ شاھ سائين نفس سان جنگ جوٽي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو ڏسُ ڏنو آهي. انسان کي گھرجي ته ان ڪامل هستيءَ سان لونءَ لائي جيڪا ازل کان آهي ۽ ابد تائين قائم رهندي. اها فقط الله پاڪ جي هستي آهي. اهو هڪ اوکو امتحان آهي، جنهن مان فقط مرد ڪامل ئي وڏي جدوجهد کان پوءِ منزل کي رسندا آهن.
    انسان ناقص آهي ۽ سندس سموريون ڪاوشون ۽ ڪوششون به نقصن سان ڀريل آهن. سوءِ انهن خدا جي برگزيده بندن جي، جن کي خداوندِ ڪريم غلطين کان آجو رکڻ چاهي. تنهن ڪري انسان کي پنهنجي ارڏاين جو احساس هئڻ گھرجي. پنهنجي ربّ کي ريجھائڻ لاءِ هر دم هيٺاهون ٿي هلڻ گھرجي. ربّ جي رحمت مان هرگز نا اميد ٿيڻو نه آهي بلڪه جدوجهد ذريعي ٻاجھاري ڌڻيءَ کي راضي رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻي آهي. ليلا کي به ڀلارو ڀٽ ڌڻي چنيسر جي چاهت ورائي حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو ئي ڏسُ ڏئي ٿو.
    جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائيج
    آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو
    سچو طالب پنهنجي مطلوب ۽ محبوب جي مزاج ۽ ناز و ادا جي چڱيءَ ريت خبر رکندو آهي. ليلا کي به چنيسر جي مزاج جي خبر هئي ته هو ڪيترو نه حساس ۽ غيرتمند انسان آهي. تنهن ڪري هـُن پنهنجي جيڏين سرتين کي مخاطب ٿي چيو ٿي ته متان ڪا ڳهيلي منهنجي چنيسر سان ڏنگي هلي ۽ مغروريءَ جو مظاهرو ڪري. منهنجي محبوب کي ته هٺ ۽ وڏائي اصل ڪونه وڻن. هو بيحد حساس آهي، جي ٿورڙي ڳالهه تي ناراض ٿي پوي ته کيس پرچائڻ لاءِ وڏا هيلا هلائڻا پوندا آهن. ليلا جي زباني لطيف سائين فرمايو :
    چنيسر سين چاءُ، متان ڪا منڌ ڪري
    ڪانڌ ڪنهين جو نه وڻي، گيرب ۽ گاءُ
    جي ٿڙي ٿورڙياءُ، ته دوس دسائي داسڙو

    سُر مومل راڻو
    سُر مومل راڻو لاکيڻي لطيف جي انهن سُرن منجھان آهي جن ۾ جدوجهد جو ڀرپور پيغام ملي ٿو. شاھ سائين زندگي جي بي ثباتي جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته جنهن زمين جي مٿان اسين گھمي ڦري رهيا آهيون، تنهن جي پيٽ ۾ اسان جا ڪيترا ئي پرين پيارا آرامي آهن. ڪيئي جُنگ جوان انهيءَ ڌوڙ ۾ دفن ٿيا. اسان پنهنجي اکين سان بيٺي اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ دردناڪ منظر ڏٺا. دراصل حياتي ٻن ڏينهن جو چٽڪو آهي، تنهن ڪري اسان کي گھرجي ته انهيءَ مختصر وقت جي سرمائي کي خيال سان خرچ ڪريون. حياتيءَ جو مقصد متّعين ڪري محنت، مشقت ۽ جدوجهد سان پنهنجا ٻئي جهانَ سنواريون.
    جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين
    ڌِڱ لَٽيا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺا سون
    ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي

    سُر ڪيڏارو
    هن سُر ۾ ڀٽائي گھوٽ اهڙن اڏول ۽ اڙٻنگ انسانن جو ذڪر ڪيو آهي جن جو حق جي راھ ۾ هر قدم اڳي کان اڳرو هوندو آهي. اُهي جُنگ جوان ميدان رزم ۾ صف شڪن بڻجي اڳتي وڌندا آهن ۽ دشمن کي ماري مات ڪري موٽندا آهن. اهڙا دلير آدمي سينا سپر ٿي منهن ڀر ڌڪَ جھليندا آهن. اهڙن سرفروشن جي ونين کي به انهن بهادر وَرَن جي چيٺڻ ۾ خوشي ٿيندي آهي. پٺيءَ ڀر گھاوَ ته ڀاڄوڪڙ کائيندا آهن. مرڻ مارڻ جو خيال فقط مهمير ۽ مرد مٿير ئي ڪري سگھن ٿا. اهڙن جوڌن جانبازن جون ونيون پٺيءَ ڀر کاڌل ڌڪَ کي پنهنجي لاءِ شرمساريءَ جو باعث تصور ڪنديون آهن. اهڙي ئي هڪ ڪونڌر جي ڪنوار جا پنهنجي مرد مٿير لاءِ تاثرات ٻڌائيندي لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو:
    ڀڳو آنءُ نه چئان، ماريو ته وسهان
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُنهان
    ته پڻ لڄ مران، جي هـُوَنس پٺ ۾
    مرد مجاهد کي همٿائيندي شاھ سائين کيس يقيني ڪاميابي جي بشارت ڏئي ٿو. کيس تلقين ٿو ڪري ته اي بهادر آدمي جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ڪاميابي تنهنجا قدم چمي ته پوءِ دل جا وهم وساري، مڙس ٿي پنهنجي جهد وعمل سان دشمن جي مٿان وِڄُ وانگر ڪڙڪي پئه. تلوار دشمن جي تلوار سان ٽڪرائي پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکار ۽ دشمن جو ڌڙ سسئيءَ کان ڌار ڪري ڇڏ ته پوءِ ئي تنهنجو نالو سرفروشن ۾ شمار ٿيندو.
    سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
    هڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين

    سُر آسا
    سچي سِڪ جي تقاضا اها آهي ته طالب کي مطلوب جي ياد سدائين دل ۾ هجي. شاھ سائين اهڙي سچي سالڪ کي تلقين ڪندي فرمائي ٿو ته دنيا جي وهنوار سان به منهن ڏيندو رھ ۽ هٿ پير به هلائيندو رھ. اکين سان دنيا جي معاملات ۽ مسائل جو مشاهدو به ڪندو رھ. پر انهن سمورن عملن دوران تنهنجي دل محبوب جي ياد سان آباد هئڻ گھرجي. دلبر جو تنهنجي دل ۾ ديرو هجي. جنهن جو هردم ديدار ڪري سگھين. تنهنجي دل ۽ دماغ محبوب جي ياد کان آجا نه هجن.
    ظاهر ٿيو ته نه فقط دنيا جي مسائل سان منهن ڏيڻ لاءِ جدوجهد ضروري آهي پر ربّ کي راضي رکڻ ۽ هر دم حاضر ناظر ڄاڻڻ جي تصور تحت پڻ دل جي گھرائي ۽ سچائيءَ سان عمل ڪرڻو آهي.
    هٿن سين هاج ڪر، نيڻن سين نهار
    اُڀا اڱڻا يار، پس پنهنجا سپرين
    صوفياء ڪرام جي عقيدي مطابق حق کي حاصل ڪرڻ ۽ ربّ تائين رسڻ جون چار منزلون ٻڌايون ويون آهن. جيڪي آهن، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت. انهن مان هر هڪ منزل کي عبور ڪرڻ لاءِ انتهائي صبر آزما ۽ ڪَٺن امتحانن مان گذرڻو پوي ٿو. ڀٽ ڌڻي مذڪوره منزلن جي روشني ۾ سالڪ کي صحيح ڏس ڏيندي فرمائي ٿو ته سڀ کان اول منزل مقصود تي رسڻ لاءِ راه جو انتخاب ڪرڻو آهي. طريقت تي مدار رکي، شريعت جي حڪمن تي پوري ريت ڪاربند رهڻو آهي. پنهنجي دل کي هميشه حق ڏانهن مائل رکي، محبوبِ حقيقي جي محبّت کي پنهنجو منزلِ مقصود بڻائڻ بعد ئي سالڪ معرفت جو صاحب بڻجي سگھي ٿو. انهن مرحلن دوران انسان کي وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي. ڇالاءِ ته مقصد جا موتي پاتال ۾ پهچڻ سان ئي حاصل ٿي سگھندا آهن.
    ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ
    هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ
    هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالهو رهين

    سُر رامڪلي
    سُر رامڪلي ۾ شاھ سائين عارفن جي عمل جو ذڪر ڪيو آهي. لالچ ڏاڍي بري بلا آهي، جيڪا انسان جي شخصيت کي بري طرح متاثر ڪري کيس اصولن تان ئي لوڏي رکي ٿي. عارفن ۽ عشاقن هميشه ان بلا کان بچڻ جي تلقين فرمائي آهي. لاکيڻي لطيف ان ڏس ۾ سالڪ کي آگاھ ڪيو آهي، ته جيڪڏهن مالڪِ حقيقي جي محبت جي هام هڻين ٿو ته سڀ کان اول لوڀ ۽ لالچ کي لَتَ هڻي ڇڏ. حرص ۽ هوس کان ڀڄي پاسو ڪر. عاجزي ۽ انڪساري اختيار ڪر. ان حد تائين پاڻ کي ماري ميڻ ڪر جو الله پاڪ جي فرمانبردار ۽ نيڪ بندن جي غلامن جو به غلام ٿي گذار. صبر جي تلوار سان ڪيني ۽ ڪدورت کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏ. جڏهن تون پنهنجي جدوجهد جاري رکندي بغض، ڪيني ۽ لالچ جهڙين براين کي ملياميٽ ڪندين ته پوءِ تنهنجو نالو پرينءَ جي پيارن ۾ لکجڻ ۾ ايندو.
    جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام
    گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام
    صبر جي شمشير سان، ڪر ڪيني کي قتلام
    ته نانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾

    سُر پورب
    الله سان عشق رکڻ وارن جو ته آرام ڦٽل هوندو آهي. هتي ڀٽائي اهڙي عاشق سان مخاطب آهي جيڪو فقط سڌون پيو ڪري ته الله جل شانهه جي نيڪ ۽ صالح ٻانِهَن ۾ سندس نالو شمار ٿئي ۽ هو انعام اڪرام جو مستحق بڻجي. پر انهيءَ لاءِ هو ڪو به ٺوس عملي قدم اختيار نٿو ڪري. منزل تي رسڻ کان اڳ ۾ ئي وچ واٽ تي ٿڪجي پيو آهي، تنهن جي باوجود هو پاڻ کي انعام جو حقدار پيو تصور ڪري. شاھ سائين کيس هدايت ڪندي فرمائي ٿو ته ڳهيلا! توکي ته هردم پنهنجي پرينءَ جي تانگهه ۽ تاڻ لڳل هئڻ گھرجي. تون فقط خالقِ اڪبر جي حڪمن تي ڪاربند رهي پنهنجي جدوجهد ذريعي ئي خدا جي پيارن ٻانهن جي صف ۾ شمار ٿي سگھين ٿو. مالڪِ حقيقي سان لنوُن لڳاءِ ته تنهنجي مَنَ جون مرادون پوريون ٿين.
    سامي چايين سُک طلبين، سکين نه سامي
    اڃان اورين پنڌ ۾، ويٺين وسامي
    گر کي تون نه گڏيين، چايين اَنامي
    دائم مدامي، پورو رهج پرينءَ کي

    سُر پرڀاتي
    دنيا آخرت جي کيتي آهي. انسان هتي جيڪو پوکيندو، سو ئي لڻندو. جَوَ پوکي ڪڻڪ جي اميد رکڻ ناداني آهي. ربّ جي حضور اهو ئي بندو مقبول آهي جيڪو دل جي خلوص سان سندس حڪمن جي بجا آوري ڪري ٿو. مالڪ انهي جي مٿان ئي ڪرم جي نظر ڪري ٿو. ذات پات ۽ رنگ نسل جي بنياد تي ڪنهن به ماڻهوءَ کي فوقيت حاصل ٿي نه ٿي سگھي. سهڻا عمل ئي ڪردار جي ڪسوٽي آهن. ذات تي ڏات هر گز نه آهي جو وهندو سو ئي لهندو. سٺا عمل ئي انسان جي ڇوٽڪاري جو باعث بڻجن ٿا. مالڪ وڏو مهربان آهي. جيڪي ماڻهو سندس غلامي قبولي پنهنجي عبديت جو حق پوريءَ ريت ادا ڪن ٿا انهن جي مٿان ربّ پنهنجون رحمتون موڪلي ٿو ۽ کين پنهنجي پيارن ۾ شمار ٿو ڪري ڇڏي، پوءِ اهڙن اٻوجھن جا انگل ۽ آرا به مڃي ٿو ۽ سندن عرض به اَگھائي ٿو. ڀلا جيڪي راتيون جاڳي ربّ کي راضي ڪندا انهن جا اوجاڳا اجايا ڪيئن ويندا!
    ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي
    آريون اٻوجھن جون، سپڙ ڄام سهي
    جو راءَ وٽ رهي، تنهه جُکي تان نه ٿئي
    اهو ڪاهلن جو ڪم آهي جو پير ڊگھا ڪري سڄي رات سمهي رهن. ننڊ گھڻن کي نهوڙيو آهي. مالڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ ته وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي. ڀٽائي سرڪار هيٺين بيت ۾ اهڙي سُتل انسان کي سُجاڳ ڪندي فرمائي ٿو اي ڪاهل! تون ائين ويسلن وانگر سمهي ننڊون ڪيئن ٿو ڪرين! سجاڳ ٿي ويهاڻيءَ ويل اُٿي الف سان اور. اکين مان ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي ڪيل ڪوتاهين جي مالڪ کان معافي گھر. ڪهڙي خبر ته ’سڀاڻي‘ تنهنجي لاءِ ٿئي به الائي نه! تنهن ڪري اڄ ئي اُٿي ڌڻيءَ در ٻاڏاءِ. جيڪڏهن سڀاڻي توکي نصيب ئي نه ٿئي ته پوءِ تنهنجي هر هڪ شيءِ ته هتي ئي پئي هوندي مگر تون پاڻ ڪونه هوندين. نه موت جي ڪا موسم مقرر آهي ۽ نه ئي حياتيءَ تي ڪو ڀروسو آهي.
    سُتو ڪيئن ننڊون ڪرين، روءِ ويهاڻيءَ روءِ
    سڀا ساز سندوءِ، پيو هوندو پٽَ ۾

    سُر ڏهر
    سجاڳي زندگيءَ جو دليل آهي ۽ زندگيءَ ۾ تحرڪ آهي. ننڊ، غفلت ۽ موت جي نشاني آهي، جنهن ۾ جمود ۽ بيحسي آهي. شاھ سائين سُر ڏهر جي هيٺين بيت ۾ ماڻهوءَ کي سجاڳيءَ جو سبق ڏنو آهي. فرمائي ٿو ته اي غافل انسان! ايڏو غفلت ۾ غلطان نه ٿيءُ اها ننڊ توکي نهوڙي نيندي. اُٿي سجاڳ ٿيءُ. محنت، مشقت ۽ جدوجهد سان زندگيءَ جي مقصد تائين رسائي حاصل ڪر. سُتل رهين ته حياتيءَ جو مقصد ماڻي ڪونه سگھندين. ربّ جي رحمت جو مستحق تڏهن ٿيندين جڏهن راتيون جاڳي، نيڻئون نير هاري پرينءَ کي پرچائيندين. سلطاني سهاڳ ننڊن ڪرڻ وارن کي نصيب نه ٿيندو آهي.
    سُتا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري
    سلطاني سهاڳ، ننڊو ڪندي نه ملي


    سُر سورٺ ۾ علامت نگاري

    حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سمورا سُر ۽ انهن جا ڪردار بيمثال آهن. لاکيڻي لطيف انهن سُرن جي اوٽ انسان کي الاهي عشق، بي لوث محّبت، حب الوطني، قرباني، انسان دوستي ۽ صبر جا اهڙا ته اعلى سبق ڏنا آهن جو جيڪڏهن انسان انهن کي هيئين سان هنڊائي انهن تي عمل ڪري ته هوند پنهنجا ٻئي جهان سوڀارا ڪري سگھي ٿو.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاھ سائين جي ڪلام جي حقيقت متعلق رقمطراز آهي :
    ” ڀٽائي صاحب پنهنجي صوفيانه خيال، فڪر ۽ فلسفي کي شعر جي نازڪ ڏوريءَ سان سنڌ جي قديم قصن ۽ ڪُهنين ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيو آهي.“
    سُر سورٺ ۾ بيان ڪيل داستان جو مطالعو ڪرڻ سان ان ۾ معنى جا انمول موتي ۽ سچائيءَ جا سبق ملن ٿا. مانَ وارن لطيف شناس عالمن ۽ محّققن سُرسورٺ جي قصي کي علامت نگاريءَ جي حوالي سان مختلف زاوين کان ڏٺو آهي. اسان کي هيٺ اهو ڏسڻو آهي ته سُر سورٺ ۾ شاھ سائينءَ حال توڙي خيال جي نقطه نظر کان علامت نگاري جي اوٽ ۾ قصي کي جئن پيش ڪيو آهي، تنهن فڪر ۽ فلسفي کي اسان جي عالمن ۽ عاقلن ڪيئن سمجھيو آهي.
    ڪردار نگاريءَ جي حوالي سان هن لوڪ داستان جا مُکُ ڪردار چار آهن. سورٺ، راءِ ڏياچ، ٻيجل ۽ انيراءِ ۽ ٻيا علامتي اهڃاڻ آهن ڪٽاري، سُرندو،گرنار جو ڪوٽ وغيره.
    مولانا غلام محمد خانزئي ’منهاج العاشقين‘ ۾ علامت نگاريءَ جي حوالي سان هن سُر جي هيٺينءَ ريت معنى ڪئي آهي :
    • ٻيجل مان مراد : مرشد ڪامل، جيڪو مريدن کي نفس جي چنبي مان ڇڏائي راھِ راست تي آڻي ٿو ۽ کين مرڻ کان اڳُ مرڻ جو سبق سيکاري ٿو.
    • راءِ ڏياچ مان مراد : مراد وند مريد يا صالح انسان، جيڪو ڪامل مرشد جي حڪم تي ڌن دولت کي تِڇ تصوّر ڪري ٿو ۽ حق جي واٽ ۾ سِر جو سودو سَهانگھو سمجھي ٿو.
    • سورٺ مان مراد : نفس مطمئن، جنهن کي سِرُ ڏيڻ جي ماهيت جي خبر نه هئي، جنهن ڪري هن راءِ ڏياچ کي سِرَ جي قرباني ڏيڻ کان منع ٿي ڪئي.
    • گرنار جي ڪوٽ مان مراد : هيءُ جهانُ.
    • ٻيجل جي ساز جي تندن واري آواز مان مراد :
    ”الست بربڪم قالوبلى“ يعني ميثاق واري ڏينهن جي يادگيري.
    • ڪَٽاري، جنهن سان راءِ ڏياچ ڪنڌ ڪٽي ٿو ڏئي مان مراد : ذڪر فڪر لا الھ الا الله
    • ڏياچ جو ڪنڌ ڪپائڻ مان مراد : هست کي نيست ڪري فنا في الله ٿيڻ يا صفات کي فنا ڪري ذات ۾ گم ٿي وڃڻ.
    حضرت مولانا رومي جي مثنوي مان ٻن سٽن جو مطلب هن ريت آهي. فرمائي ٿو :
    ”مرشد اڌوري حياتي وٺي، ان جي عيوض سَوَ حياتيون بخشي ٿو ۽ اهڙيون نعمتون عطا ڪري ٿو جي تنهنجي خواب خيال ۾ به نه اينديون.“
    محترم غلام محمد شهواڻي پنهنجي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي جي مُهاڳ ۾ لکي ٿو :
    ”هن سُر ۾ شاھ هڪ اهڙي سالڪ جو ذڪر ڪري ٿو جنهن نفسِ اماره تي قبضو ڪيو هجي ۽ کيس سورٺ جهڙو نفس مطمئنه هجي ۽ ٻيجل جهڙو ڪامل مرشد ملي.“
    گويا سندس خيال مطابق راءِ ڏياچ سچي سالڪ جي روپ ۾ آهي.
    سُر سورٺ جي هڪ ٻي تمثيلي معنى جا سنڌ ۾ قدري عام آهي سا هن ريت آهي :
     ٻيجل (چارڻ يا مڱڻهار) مان مراد : عزرائيل، جيڪو وقت تي ساھ وٺڻ اچي ٿو ۽ بنان ساھ وٺڻ جي واپس نه ٿو موٽي.
     سورٺ مان مراد آهي : حياتي، جيڪا ساھ وڃائڻ نه ٿي گھري. يا سورٺ آهي دنيا، جنهن جي محبّت انسان کي مجبور ڪري ٿي ته من اڃان ڪو دم جيئي.
     راءِ ڏياچ مان مراد : صالح يا نيڪ بندو، جيڪو دنيا جي رغبت جو ڪوبه خيال نه ڪري. خوشيءَ سان سرِ تسليم خم ڪري ٿو.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ سُر سورٺ جي ڪن بيتن جو حوالو ڏيندي ٻيجل جو علامتي ڪردار عزرائيل سان منسوب ڪيو آهي. بيت ملاحظه ٿئي :
    سر مڱي سر گھري، سِر ريءَ ٿئي نه صلاح
    غريبئون نه گذري، ٿو ماري مير ملاح
    نايو نوابن جا، ٿو سوريو ڪڍي ساھ
    خالق سنجهه صباح، ڪونه ڇڏيندو ڪڏهن
    يا
    موٽي مڱڻهار، شال مَ اچين ڪڏهين
    اَٺَ ئي پهر اجل جو، ڪنڊو منجهه ڪپار
    جئن تو سڀ ڄمار، هنيا ڇٽَ پٽن تي

    ٻيجل لاءِ اها علامتي معنى وزندار آهي. بيشڪ ٻيجل ڇٽَ پَٽنِ سان هڻي ڇڏيا.
    ڊاڪٽر گربخشاڻي پڻ راءِ ڏياچ کي مراد وند مريد ۽ ٻيجل کي مرشد ڪامل جي تمثيل طور پيش ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پنهنجي ٿيسز ”شاھ جي شاعري ۾ علامت نگاري“ ۾ هن موضوع تي سير حاصل بحث ڪيو آهي. ۽ ان کي هڪ ٻي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. لکي ٿو :
    ”لطيف سائين، راءِ ڏياچ کي اهڙي نفس جي علامت طور پيش ڪيو آهي جو موسيقيءَ جي روحاني راحت کان بخوبي واقف آهي. هن کي اها به ڪَلَ آهي ته ٻيجل جهڙي چارڻ، سِرَ جي سئن پنهنجي بکئي پيٽ ڀرڻ ۽ دنيوي سهوليتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنئين آهي.“
    هتي ذهن ۾ هڪڙو سوال اُڀري ٿو ته جڏهن راءِ ڏياچ، ٻيجل آڏو نذراني طور هيرا موتي ۽ مال متاع پيش ڪري ٿو ته ٻيجل وراڻيءَ ۾ ائين ڇو ٿو چوي ته مون وٽ مال متاع جي ڪائي ڪَمي ڪانهي. ڇا هيرن جي هڪ ٿالهه ملڻ تي هو بي پناھ دولت جو مالڪ بڻجي ويو هو.!؟
    راجا جو راضي ٿئو، تنهن ڏنا وڏا ڏانَ
    موٽي ڪاريا مڱڻي، طرح تنبي کي تانَ
    مون وٽ مال متاع جي، ڪمي آهي ڪانَ
    ڪارڻ ربّ رحمان، سِرُ وڍي سلطان ڏي
    ڊاڪٽر سڌايو صاحب سورٺ جي ڪردار کي ’نفس لوامه‘ سڏيو آهي. سندس خيال موجب اهو نفس يعني ضمير هميشه ’نفس اماره‘ کي صحيح ۽ راستيءَ واري رستي تي وٺي هلندو آهي. ان ڪري کانئس اهڙو ڪوبه عمل سرزد ڪونه ٿيندو آهي، جيڪو انسانيت ۽ شريعت جي برعڪس هجي.
    ڪلياڻ آڏواڻي پڻ سورٺ کي نفس جي علامت ڪري پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ هن صاحب اهو چوڻ گھريو آهي گويا سورٺ، راءِ کي قربانيءَ کان بازِ رکڻ لاءِ گمراھ ڪيو ھو. جڏهن ته ائين هر گز نه آهي.
    پروفيسر ڀمڀاڻي پڻ ڪلياڻ آڏواڻي تي تنقيد ڪئي آهي. هو صاحب لکي ٿو :
    ”جن سورٺ کي نفس سڏيو آهي تن جو چوڻ آهي ته ٻيجل مان مراد آهي مرشد. پر ٻيجل ته پئسي جي لالچ ۾ اچي راجا کان سِرَ جي طلب ڪئي. سندس زال هيرن جو ٿالهه وٺي رکيو، سو ٻيجل کي ضرور سِرُ وٺڻو هو نه ته راجا سندس سِرُ ڪپائي ها. پاڻ کي بچائڻ لاءِ هن راءِ ڏياچ کان سِرُ طلبيو.“
    پروفيسر ڀمڀاڻي گويا ٻيجل جي ڪردار کي بالڪل نا پسند ڪيو آهي. سندس آڏو ٻيجل هڪ لالچي ۽ خود غرض انسان جو ڪردار هو.
    ڊاڪٽر سڌايو صاحب، پروفيسر ڀمڀاڻيءَ سان سهمت ٿيندي رقمطراز آهي :
    ”پروفيسر ڀمڀاڻي جو رايو منطقي ۽ قابلِ فهم آهي، ڇوته آکاڻي کي هروڀرو تمثيلي رنگ ڏيڻ مان ڪو فائدو ڪونهي. عقل جي ڪسوٽي مطابق جيڪا ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي اها هيءَ آهي ته ٻيجل مايا جي موھ ۾ ڦاسي ۽ انيراءِ جي خوف کان انهيءَ ڪُڌي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. لطيف سائين ٻيجل کي هڪ اهڙي علامت ۾ پيش ڪيو آهي ۽ هي هڪ اهڙو ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي فن، فڪر ۽ معلومات مان ناجائز فائدو حاصل ڪرڻ کان ڪيٻائي نٿو. اهڙا ڪيئي انسان اڄ به سنسار ۾ موجود آهن.
    ٻيجل هڪ ماهر سُرندي نواز آهي جنهن کي سُرَ تي مڪمل مهارت آهي. اهو فنڪار پنهنجو فن ٽڪن تي وڪڻي انساني بهتريءَ جي بجاءِ تخريبي سرگرمين ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. ٻيجل جو ڪردار عام مڱڻهار کان مٿي هڪ علامتي روپ ۾ نروار ٿيو آهي. هو مهان شخص راءِ ڏياچ جي سخاوت واري راڄ کان راضي نه آهي، بلڪه هو دشمن جو ڇاڙتو ۽ ٽڪن تي وڪاڻل آهي. ان ڪري راءِ جي راڄ کي ختم ڪرڻ جي ڪڍ آهي. هن کي اَجل جو ڪُنڍو ڪپار ۾ لڳل آهي.“
    لڳي ٿو ته لطيف سائين به ٻيجل جي ڪردار کان ڪو راضي نه آهي ورنه شايد ائين نه چوي ها :
    موٽي مڱڻهار، شال مَ اچين ڪڏهين
    اٺئي پهر اجل جو، ڪُنڍو منجهه ڪپار
    جئن تون سڀ ڄمار، هنيا ڇَٽَ پَٽنِ تي

    ڊاڪٽر تنوير عباسي پڻ ٻيجل جي ڪردار کان بدظن نظر اچي ٿو. هو لکي ٿو: ”ٻيجل مڱڻهار ناهي، پر اهو مڱڻهار جي حيثيت کان اڳتي وڌي هڪ اهڃاڻ ٿي وڃي ٿو. عام مڱڻهار خطرناڪ ناهي. ان کي اجل جو ڪُنڍو منجهه ڪپار ناهي. اهو مڱڻهار ڇَٽ پَٽن تي هڻي نٿو سگھي.“
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي هڪ تحقيقي مقالي ”سُر سورٺ جي معنى ۽ حقيقت“ ۾ وري هن سُر جي علامتي معنى کي هڪ ٻي طرف ڇڪيو آهي. جيڪا معنى دل سان لڳي ٿي ۽ ڀٽائي صاحب جي روحاني عظمت کي نظر ۾ رکي چئي سگھجي ٿو ته سندس اشارو ان طرف يقيناً هوندو. ڊاڪٽر صاحب جي علامتي معنى وارو اشارو پاڻ ڪريمﷺ جي معراج واري واقعي ڏانهن آهي. هن صاحب، نبي مڪرمﷺ جن جي زمين تان عرشِ عظيم ڏانهن اُسرڻ واري موقعي بابت لطيف سائين جون هي سٽون پيش ڪيون آهن.
    پرديسان پنڌ ڪري، هلي آيو هُون
    اُچو تون عرش تي، آنءُ ڀوڻون مٿي ڀون
    ڪيئن تسندي تون ؟ هيءُ سِرَ سوالي مڱڻو
    يا
    راجا رنگ محل ۾، جاجڪ سر زمين
    ٻنهي جهانن جي سردار جو براق وسيلي معراج تي وڃڻ بابت ڊاڪٽر صاحب هي سِٽ ڏني آهي :
    تازي ڏهوس تڪڙو، جوهر ڀائي زين
    جئن ته پاڻ ڪريمﷺ جن معراج جو سفر رات ۾ ڪرڻ فرمايو. قرآن حڪيم ۾ آهي ”اَسرى بعبده ليله“ لطيف سائين فرمايو :
    چارڻ چنگ ڪلهي ڪري، رمي هليو رات
    اهڙي طرح هڪ منزل تي حضرت جبرئيل جو بيهي رهڻ ۽ مٿي هلڻ کان معذرت ڪرڻ پڻ سُر سورٺ جي هيٺين سٽن مان ظاهر ٿئي ٿو :
    ڏاتار ۽ مڱڻي ڪونه وسيلو وچ
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب معراج جي مقصد تي روشني وجھندي لکي ٿو:
    ”هن ذري پرزي ۽ پار پَتي ڏيڻ کان علاوه ڀٽائي صاحب معراج جي حقيقي مقصد تي به روشني وڌي آهي. سندس خيال موجب معراج جا ٻه مقصد هئا، هڪ حقيقي وصال ٻيو حقيقي راز، جو ان وقت نبي ڪريمﷺ تي کوليو ويو. ڀٽائي صاحب انهن ٻنهي مقصدن، راز توڙي وصال جو اهڃاڻ ڏنو آهي.
    راز ڪيائين راءِ سين، ڪنهن موچاري مهل
    انا احمد بلا ميم، سَئن هنئين سائل
    ڪنهن ڪنهن هنئين ڪل، ته هردو ئي هيڪ ٿئي
    ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ لکي ٿو :
    ”معراج ”الانسان سِري وانا سِره“، جو هڪ منظر ۽ مشاهدو هو. معراج صفاتي انسان ۽ حقيقي مولى جي هڪ ٻيءَ صفات ۽ ذات جي وحدانيت جو ڄڻ بيمثال مثال هو.“

    جن ڪتابن تان استفادو ڪيو ويو
    o منهاج العاشقين الانا غلام محمد خانزئي
    o يادِ لطيف (مقالو: سُر سورٺ جي معنى ۽ حقيقت_ ڊاڪٽر بلوچ)
    o شاھ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    o آوازِ لطيف اطلاعات کاتو ڪراچي
    o شاھ لطيف جي شاعري ڊاڪٽر تنوير عباسي
    o عرفانِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    o شاھ جو رسالو مرتب: ڊاڪٽر گربخشاڻي
    o شاھ جو رسالو مرتب: غلام محمد شاهواڻي
    o شاھ عبداللطيف (ڊاڪٽر بلوچ) مرتب: ڊاڪٽر بشير احمد شاد


    شاھ جي نظر ۾ مومل جو مقام

    شاھ سائين جي ’سُر مومل راڻو‘ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ سائين مومل جو ڪردار ٻين سورمين جي ڀيٽ ۾ ٻن حوالن سان منفرد انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
    1. مومل جي حسن و جمال جي غير معمولي هاڪ.
    2. مومل جو پڇتاءُ، انتظار ۽ اوسيئڙو.
    لطيف سرڪار ٻين سورمين جو ذڪر ڪرڻ وقت سندن همت، حوصلي، جرئت، پاڪ دامني، حب الوطني، پڇتاءُ وغيره کي تمام گھڻو ساراهيو آهي. پر سندن حسن و جمال، سونهن سوڀيا ۽ لباس جي نالي ماتر تعريف ڪئي آهي. جڏهن ته ’سُر مومل راڻو‘ ۾ لطيف، مومل توڙي سندس سهيلين سرتين جي سونهن ۽ سوڀيا جو ذڪر ڪري کين آسماني اپسرائن سان وڃي ملايو آهي ۽ ائين سندن ڪردار کي اَمر بڻائي ڇڏيو آهي.
    مومل جي حسن و جمال جا مثال ملاحظه ٿين :
    گُجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون
    هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون
    ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون
    يا
    مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس
    نه ڪا عام نه خاص، جي ويا سي وڍيا
    وري مومل ۽ سندس ساٿ ۾ رهندڙ ڀينرن ۽ سهيلين سرتين جي لباس ۽ سونهن سينگار کي شاھ سائين ڪهڙي نه خوبصورت پيرايي ۾ بيان ڪيو آهي:
    جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس
    چوٽا تيل چنبيليا، ها ها ! هو هميش
    پسيو سونهن سيد چئي، نينهن اچن نيش
    لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اُڄهي
    يا
    جهڙا پانن پَنَ، تهڙيون سالون مٿن سائيون
    عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪيائون تَنَ
    مڙهيا گھڻو مُشڪ سين، چوٽا ساڻ چَندنَ
    سُونهَنِ رپي سون سين، سندا ڪامِڻ ڪَنَ
    ڪيائين لطيف چئي، وڏا ويس وَرَنَ
    منجهه مرڪيس مَنَ، سوڍي سين سڱ ٿئو
    يا
    سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن
    اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽنِ
    اوتيائون عنبير جا، مٿي تاڪ تڙن
    ٻاٽن ٻيليون ٻَڌيون، پسيو سونهن سڙن
    ٿيا لاهوتي لطيف چئي، پسڻ لئه پرين
    اجھي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
    شاھ صاحب جي هن سُر کي چوندا ئي حسن ۽ جمال جو سُر آهن. هن ۾ جمالياتي حسن Aesthatic Beauty ۽ عشق جو برملا اظهار آهي. ان ڪري هي ٻين سُرن کان مختلف ۽ منفرد سُر آهي.
    محترم محمد حسين ڪاشف پنهنجي ڪتاب ’ڪنڌيءَ ڪونر ٽڙن‘ ۾ شاھ سائين جي اهڙي ڪمال حڪمت ۽ بي مثال تخيّل جي ساراھ هنن لفظن ۾ ڪئي آهي :
    ”جيڪڏهن مومل سهڻي ۽ ڪونج جهڙي ڪامڻي هئي ته سندس ڀيڻ سومل ۽ سرتيون سهجان ۽ مرادي به حسن ۾ با مراد هيون. نه صرف اهي پر سڀ سوڍيون سونَ ورني حسن جو پيڪر هيون. ائين ڄاڻجي ته ڪونجن جو ويڙهو هو. جن وٽ سونهن ۽ سيتلتا سان گڏ حرفت، کيڏ ۽ ناٽ جو به نيهو هو.“
    ٻي طرف ڏٺو وڃي ته مومل جي ڪردار متعلق تجزيه نگارن ۽ ماهر نقادن جي ڪا سٺي راءِ نظر نه ٿي اچي. انهن مومل جي ڪردار تي تنقيد ڪئي آهي. پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي پنهنجي ڪتاب ’شاھ جون سورميون‘ ۾ لکي ٿو:
    ”مومل ته فقط پيسي ميڙڻ لاءِ ڪاڪ وارو طلسمي ٽڪساٽ اڏيو. هن سمجھيو ٿي ته ڪوبه آدمي وٽس پهچي ڪين سگھندو. ناتر جهڙيون حرفتي ٻانهيون هن کي منجھائي ڇڏينديون. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته ڪنواري مومل هڪ هلڪي طبيعت واري ڇوڪري هئي، جنهن ۾ سچي عشق کان وڌيڪ ظاهري ناز نخرو هو. هوءَ پنهنجي ماڻي ۽ نينهن جي نيش سان آسائتن جو اندر جلائيندي هئي.“
    ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي پي ايڇ ــ ڊي ٿيسز ۾ رقمطراز آهي :
    ”هن قصي ۾ لڳي ٿو ته شاھ صاحب شعوري طور ڪوشش ڪري مومل جي ڪردار جي Image کي مٿڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مومل جي سيرت سان شاھ وڌيڪ محنت ڪئي ٿي ڏسجي.“
    دراصل مومل ۾ هڪ سورميءَ وارا گڻ ته هئا ئي ڪونه. هن جيڪو مقصد ماڻڻ لاءِ سڄو ٽڪساٽ سِٽيو هو ان جي پٺيان ڪو عظيم مقصد يا سچائي ڪارفرما ڪونه هئي. اها لطيف جي ڪمال حرفت، حڪمت ۽ عقلمندي آهي جو هن مومل جي جسماني حسن ۽ جمال کي بنياد بڻائي کيس سورمين جي صف ۾ شمار ڪري ڇڏيو. ان کـــان ســـواءِ ته هن جي آڏو ڪـــو عظيم مقصد يا انـــدروني واردات ( Inner Feeling) درد، ڪَرب، پڇتاءُ يا محبت واري ڪيفيت ڪانه هئي. تنهن ڪري سندس پڇتاءَ ۾ به اهو اثر ڪونه هجي ها. پر شاھ صاحب مومل جي حسن و جمال سان گڏ سندس پڇتاءَ کي به اهڙي درد انگيز پيرايي ۾ پيش ڪيو آهي جو مومل جو ڪردار پنهنجين سمورين اوڻاين پوڻاين باوجود لازوال ۽ اَمر بڻجي پيو آهي.
    ڊاڪٽر فهميده حسين پڻ اهڙن خيالن سان سهمت نظر اچي ٿي. لکي ٿي :
    ”منهنجي خيال ۾ هن سُر ۾ ڪردار جي ظاهري سونهن جي ساراھ شاھ صاحب ان ڪري ڪئي آهي جو ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ مومل سورمي ڪانه بڻجي سگھي ها. قصي جي مختلف روايتن کي ٿو ڏسجي ته منجھس ٻين سورمين واري ڪردار جي ته ڪا خاصيت ۽ خوبي نظر ئي ڪانه ٿي اچي. بلڪه پاڻ ڪردار ۾ خامي اٿس. شاھ صاحب ان کي برابر ( Balance ) ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو هن ۾ ڪردار جي جيڪا خامي موجود آهي ان ڪري ٻين سورمين جهڙي همدرديءَ جي لائق بڻجي نه ٿي سگھي. سندس آهُن داهُنِ ۾ اهو تاثر محسوس ڪونه ٿئي ها. سندس سڪ ۾ سسئيءَ ۽ سهڻيءَ واري سچائي ۽ پاڻ ارپڻ جي چاهنا ڏسڻ ۾ ڪانه اچي ها. منڍ کان وٺي وٽس اها صداقت ڪانه هئي.“

    مومل جو پڇتاءُ، انتظار ۽ اوسيئڙو
    مومل جي ڪردار جي حوالي سان هن سُر جو هڪ ٻيو اهم پهلو مومل جو اهو پڇتاءُ آهي جيڪو راڻي جي رُسامي بعد اندر جي اڌمن جي صورت ۾ سندس دل مان نڪتو آهي. جيتوڻيڪ اها ڪيفيت رسالي جي ڪجھ ٻين سورمين جي به اظهاريل آهي. جئن هار تي هرکجي وَرَ وڃائڻ بعد لِيلا جو پڇتاءُ، سسئيءَ جي سويل سمهي رهڻ جي نتيجي ۾ پنهل جي کڄي وڃڻ بعد سسئيءَ جو پڇتاءُ ۽ آھ و زاري. باقي سورمين سهڻي، مارئي، سورٺ ۽ نوريءَ جي ڪيفيت منفرد رهي آهي. پر مومل جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شاهه سائين سندس پڇتاءَ واري ڪيفيت کي اهڙي ته موثر نموني پيش ڪيو آهي جو مومل جو اهو پهريون رنگ جنهن ۾ سندس طبيعت ۾ لوڀ، لالچ، فريب ڪاري، مڪاري، اٽڪل، چالبازي، ڪوڙو شان شوڪت ۽ غرور نمايان نظر پئي آيو سو هاڻي بلڪل ئي ختم ٿي چڪو هو. گويا هي مومل جو نئون روپ يا جنم هو. جنهن ۾ هاڻي هوءَ سراپا عجز ۽ نياز بڻجي وئي هئي. هاڻي ماضي ياد ڪري هوءَ هنجون هاري رهي هئي. کيس اڪيلائي کائڻ ٿي آئي. مومل جي پڇتاءَ جا چند مثال پيش ڪجن ٿا :

    رئان ٿي راڻا! هنڌ نهاريو حجرا
    پيئي کهه کٽن تي، ٿيا پلنگ پراڻا
    ڌريا ئي ڌوڙ ٿيا، وَرَ ريءَ وهاڻا
    جايون گل جبات وڻ، تو ريءَ ڪوماڻا
    مينڌرا ماڻا، تو ريءَ ڪنديس ڪن سين
    ــــــــــــ
    ڪاڪ ڪڙهي وڻ وئا، ٻريا رنگ رتول
    تو پڄاڻان سپرين ! هينئڙي اچن هول
    جي مون سين ڪيئي قول، سي سِگھا پارج سپرين
    ــــــــــــ
    اڀي اڀاريام، نکٽ سڀ نئي ويا
    هڪ ميو ٻيو مينڌرو، رات سڄي ساريام
    ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سورج شاخون ڪڍيون
    ـــــــــــ
    ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اڀا ٽيئي
    راڻو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي
    کوءِ ساکاڻي راتڙي، جا پرينءَ ريءَ پيئي
    مونکي ڏنءِ ڏيئي، وڃي ڍوليو ڍٽ قرارئو
    مومل جي پڇتاءَ جو انداز به عجيب آهي. هن سهڻي، سسئي ۽ ليلا وانگر گھر نه ڇڏيو بلڪه ڪاڪ ڪنڌيءَ ئي دانهيندي رهي. البته ان ۾ لطيف سائين سچي دل وارو پڇتاءُ سٽن جي مالها ۾ اهڙيءَ ريت پويو آهي جو پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي مومل جا ورلاپ ڳاري ٿا ڇڏين.
    ڍٽ نه وڃج ڍول، ڪاڻياري ڪاڪ ڪري
    آنءُ اڳيئي آهيان، ٻڌي تنهنجي ٻول
    توکي ساري سپرين، رنم منجهه رتول
    ٽڪاڻا ۽ ٽول، وسهه ! مون وِه ٿيا
    ــــــــــــ
    شمع ٻاريندي شبَ، پرھ باکون ڪڍيون
    موٽ مران ٿي ميندرا، راڻا ڪارڻ رَبَّ
    تنهنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا
    ــــــــــ
    وَٽِ سوريندي ولها! ويو تيل ٻري
    موٽ مسافر سپرين، چانگي تي چڙهي
    راڻي لاءِ رڙي، وئي وهامي راتڙي
    ـــــــــــ
    تون ڍاٽي ڍٽ ڌڻي، ڍولا تنهنجو ڍٽ
    پائي تراڙي توريان، ته ملڪ نه تنهنجي مَٽُ
    لاهي ڪسر ڪَٽُ، اچي کوڙِ قناتون ڪاڪ ۾
    ـــــــــــ
    ڪاڪ ڪڙهي وڻ وئا، لوٺو لڊاڻو
    تو پڄاڻان سپرين! آتڻ اجھاڻو
    مُين سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا
    لطيف سائين، سچل سرمست جي مومل وانگر راڻي کي ڏوراپا ڪونه ڏيارا آهن. کيس ڪَچو ڪونه ڪيو آهي. جئن سچل سائين فرمايو :
    هڪ جوءِ ٻي جوءِ، ڇڏين ڪين جوان
    اهي ڀي انسان جي ننگن تان نثار ٿيا
    يا
    هڪ جوءِ ٻي جوءِ، مرد نه ڇڏين مينڌرا
    تو پڻ پرينءَ پوءِ، ڪوه لڄايو ڪاڪ کي
    يا
    مومل مهڻي هاب، راڻا ڪر نه راءِ تون
    جَوئِن کي جواب، مرد نه ڏين مينڌرا
    پر لطيف مومل کي سراپا عجز ۽ نياز ڏيکاريو آهي. جنهن جي مزاج ۾ هاڻي فقط پڇتاءُ آهي. هن سمورا ڏوھ پنهنجي حصي ۾ کنيا آهن. گھمنڊ ۽ غرور واري مومل مري ويئي.
    راڻا رهاڻيون، سوڍا! ويٺي ساريان
    سهسين سج اُلَٿاَ، راتيون وهاڻيون
    ڪوڙين مون ڪاڻيون، ڍولا ! ڍڪي آءُ تون
    آخر مومل جي عاجزي ۽ پڇتاءُ انهيءَ حد کي پهچي ٿو، جو راڻو سندس رڳ رڳ ۾ رچي وڃي ٿو. پوءِ هوءَ هڪ مرحلي تي چئي ٿي ڏئي:
    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو ؟ چوڏس چٽاڻو
    منجھين ڪاڪ ڪڪوري، منجھين لڊاڻو
    راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي، ٻيو ناه ڪو
    اسان جا ڪي محّقق مومل سان همدردي ڪندي کيس معصوم ۽ بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا دليل ڏين ٿا. سندن خيال مطابق مومل معصوم هئي. هن کي گمراھ ڪرڻ ۾ بنيادي هٿ سندس سڳي ڀيڻ سومل جو هيو. سومل ئي حرفت هلائي مومل کي راڻي کان جدا ڪرڻ ۽ راڻي جي دل ۽ دماغ تي غلط فهمي ۽ ڪَٽر وجھڻ خاطر سڄو مانڊاڻ منڊيو هو ۽ مرداڻي لباس ۾ مومل سان سندس ننڊ واري حالت ۾ اچي ستي هئي.
    ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پنهنجي تحّققي مقالي ’شاھ جي شاعري ۾ علامت نگاري‘ ۾ مذڪوره ڳالهه کي هٿي ڏيندي لکي ٿو :
    ”حقيقت هن ريت آهي ته مومل پاڻ مرادو ڪو ڏوھ ڪونه ڪيو هو، پر اهو سڄو مانڊاڻ منڍ کان سومل جو سٽيل هو. مومل کي مايا جي محّبت، حرفت ۽ چالبازي هجي ها ته هوند راجانند جي خزاني وارو ڏند فقير کي ڪين ڏئي ها. هوءَ ته پاڪ پَوتر هئي. سندس دماغ اٽڪلن کان صاف هو. اها سومل ئي هئي جنهن کيس هٿيار طور استعمال ڪري ڪاڪ محل جوڙي منجھس مومل جي حسن جو وستار ڪري ڏوڪڙ ڪمايا.“
    هتي هڪڙو سوال ٿو پيدا ٿئي ته آيا مومل کي ڏند جي اهميت جي خبر هئي؟ جي خبر هئي ته پوءِ هوءَ اياڻي چئبي جنهن ڏند وڃائي سڄي ڪٽنب کي ڏوٺ ڏينهن ڏسڻ تي مجبور ڪيو. منهنجي خيال ۾ ائين ڪونه هوندو. هن پڪ بي خبريءَ ۾ اهڙي غلطي ڪئي هوندي.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مومل جي هڪ خطا جو ذڪر هيٺين لفظن ۾ ڪيو آهي :
    ”مومل جي اها خطا جو راڻي جي اچڻ ويل سومل سان ستي ۽ غفلت واري ننڊ ڪيائين. نينهن جي ناتي ۾ ذرو به غفلت روا ناهي.“
    سچل سرمست ڪانفرنس خيرپور جي موقعي تي مون پنهنجي مقالي ’سچل سرمست جي سُر راڻو ۾ طالب ۽ مطلوب‘ جي آخر ۾ هڪ ڳالهه ڪئي هئي جيڪا هتي پڻ ورجائڻ مناسب ٿو سمجھان. مون لکيو هو ته :
    ”ڪيترا ئي فاضل اديب ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي لوڪ داستانن جي هر ڪردار ۽ واقعي کي هروڀرو روحاني رنگ ڏئي، ان مان پنهنجا روحاني مطلب ۽ معنائون ڪڍڻ ضروري سمجھندا آهن، جيڪي تمثيلون بعض اوقات جڙتو ۽ انتهائي غيرمناسب لڳنديون آهن. مثال طور: هن داستان ۾ ڪن صاحبن ’راڻي‘ جي ڪردار جي تمثيل ’حق تعالى‘ سان ڏني آهي ۽ ’مومل‘ کي ’روحاني طالب‘ ڏيکاريو آهي. هاڻي جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح مڃجي ته پو۽ راڻي کي اصل حقيقت جو پتو پاڻ ئي پئجي وڃڻ کپندو هو، جيئن الله پاڪ کي پنهنجي بندن جي هر عمل جي ڄاڻ آهي. هو ته دلين جو پارکو آهي، پر راڻي کان ته مختلف اوقات ۾ ڪيئي ڪوتاهيون به سرزد ٿيون، جيئن راڻي جي رسامي جو بنياد ئي غلط فهميءَ ۽ جلدبازيءَ واري عمل تي هو. کيس کپندو هو ته ٻنهي تان لٽو لاهي پڪ ڪري ها ۽ پوءِ موقعي جي تقاضا مطابق عمل ڪري ها، پر هن ائين نه ڪيو ۽ ڪاوڙ ۾ موٽي هليو ويو، ۽ اهو عين انساني عمل آهي. ربّ ڪريم جي ذات ته ڪوتاهين، غلط فهمين ۽ جلدبازيءَ جي خامين کان مبرا ۽ بلڪل پاڪ آهي، تنهن ڪري اهڙي بي وقتي ۽ اڻ سونهندڙ تمثيل ڏيڻ منهنجي نظر ۾ بلڪل غلط آهي. البته مناسب جاءِ تي جڙائيندڙ تمثيل ڏيڻ سان معنى توڙي مفهوم واضح بيهي ٿو، ۽ مضمون جي وقعت وڌي وڃي ٿي. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پڻ پنهنجي ٿيسز ’شاھ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري‘ ۾ منهنجي ڳالهه جي تاعيد ڪندي نظر اچي ٿو. هو صاحب لکي ٿو:”جيڪڏهن خدا وندِ ڪريم جي علامت ۾ ’راڻو‘ پيش ٿيل هجي ها ته اهو خدائي شان جي خلاف آهي، جو حق ۽ سچ جي کيس پروڙ نه پوي، هو ته سميع ۽ بصير آهي.“
    تنهنڪري اسان کي گھرجي ته لطيف سرڪار جي ڪلام کي رڳو روحاني رنگ جي عينڪ پائي نه ڏسون. سندس ڪلام ۾ ٻيون به انيڪ فڪري توڙي فني خوبيون ۽ نزاڪتون موجود آهن.


    جن ڪتابن تان استفادو ڪيو ويو
    o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    o شاھ جو رسالو غلام محمد شهواڻي
    o شاھ جي شاعري ۾ عورت جو روپ ڊاڪٽر فهميده حسين
    o شاھ جي شاعري ۾ علامت نگاري ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    o شاھ جون سورميون پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي
    o عرفان لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    o ڪنڌيءَ ڪونر ٽڙن محمد حسين ڪاشف
    o سچل سرمست جي سُر راڻو ۾ طالب ۽ مطلوب (مقالو)
    ڊاڪٽر بشير احمد شاد ــ (سرمست 22 : مرتب: مولا بخش لاڙڪ)


    اکين جا احوال

    الله پاڪ انسان کي جيڪي انمول نعمتون عطا ڪيون آهن، انهن ۾ اکين کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. اکين کي دل جو دروازو به سڏيو ويندو آهي. اکيون جيڪي ڪجهه پَسن ٿيون، انهن جو عڪس دل ۽ دماغ تي سڌو سنئون پوي ٿو. پوءِ ئي انسان پنهنجن جذبن جو اظهار ڪري ٿو. حواسِ خمسه ۾ اکين جو عمل وڏي اهميت جو حامل آهي. اکين جي اهميت متعلق ٻوليءَ ۾ اسان وٽ ڪيتريون ئي چوڻيون ملن ٿيون. جئن ’نور آ ته جهان آ نه ته انسان قبر جي مثال آ.‘ يا ’اکين جي نعمت جو قدر انڌن کان پڇو‘ وغيره. اکين ذريعي ئي انسان ڪائنات جا منظر پسي سگھي ٿو. گوناگون رنگينيون ڏسي سگھي ٿو. انسان ٻين جي ڪيفيتن جو مشاهدو ڪري سگھي ٿو ۽ پنهنجا جذبا اظهاري سگھي ٿو. دنيا جي هر ٻوليءَ جي شاعرن ۽ اديبن اکين جي موضوع تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن.
    سنڌ جي سدا حيات شاعر ۽ مفڪّر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي پڻ پنهنجي ڪلام ۾ اکين جو ذڪر مختلف حالتن ۽ ڪيفيتن ۾ ڪيو آهي. هتي اول اهڙين حالتن ۽ ڪيفيتن جو ذڪر ڪجي ٿو. ان کان پوءِ انهن جا مثال مختلف سُرن مان پيش ڪبا. هتي اهڙن بيتن جي گھڻي تشريح کي غير ضروري سمجھي فقط بيت لکيا ويا آهن، جن جو مختصر مفهوم پيش ڪيو ويو آهي. جيڪو ئي اسان جي هن مقالي جو اصل مقصد آهي.
    سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ سائين محبوب جي اکين جي تمثيل عقاب واري تيز طرارين اکين سان ڏني آهي ۽ انهن اکين ۾ تکا تير يا باري بان ڏيکاريا آهن، جن سان گھڻا ئي عاشق ڦٽجي پيا آهن. اهڙي معنى وارا مذڪوره سُر مان بيت پيش ڪجن ٿا.
    عقابيل اکين ۾، توکي باري بان
    اُڀو اڳرايون ڪرين، ماڳُ هڻئو مستان
    جانب تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين
    ــــــــــ
    عقابيل اکين ۾، توکي تِکا تير
    ساجن انهم سينگ سين، ڦٽيئي گھڻا فقير
    ٻئو نه مارج مير! تهجو پهريون ئي پورو ٿئو
    ــــــــــ
    عقابيل اکين ۾، تير تکا توکي
    ساجن انهم سور جي، ڪَل نه آ ڪهه کي
    مارين ٿو مونکي، چاڙهي لوھ لطيف چئي
    ــــــــــ
    عقابيل اکين سين، تير چلايا تو
    ٻئو مر ماري سو، جهه جو پهريون پورو نه ٿيي
    سُر سهڻي ۾ وري انهن اکين جي اها ڪرامت ڏيکاري وئي آهي ته جن محبت جي واٽ ۾ پنهنجون اکيون وڇائي پوري توجه سان ميهار ۾ مهو رکيون اهي ڀل ته تار درياءَ ۾ گھڙي پون ته به درياءَ کي مجال نه آهي جو کين ٻوڙي سگھي.
    اکيون مهه ميهار ڏي، رکيون جن جوڙي
    ري سندَ سيد چئي، تار گھڙي توڙي
    تنين کي ٻوڙي، سائر سگھي ڪين ڪي
    سُر سسئي آبري ۾ وري لاکيڻي لطيف آري ڄام جي اکين کي ئي سسئيءَ جو سهارو ڪري پيش ڪيو آهي. سسئي آري ڄام جي اکين سان وندر جا وڻ ڏسي ٿي ۽ پنهنجي پنهل جي پيشاني به پسي سگھي ٿي.
    اکيون آري ڄام جون، انڌيءَ سين آهين
    هو جي وڻ وندر جا، سي مون سُنهائين
    ڏسئو ڏيکارين، پيشاني پنهونءَ جي
    ــــــــــ
    اکيون آري ڄام جون آهن انڌيءَ ساڻ
    پسي ڪنديون پاڻ، پيشاني پنهونءَ جي
    سُر حسيني ۾ لطيف سرڪار اکين کي ڏوراپا ڏنا آهن ۽ کين ئي ڏوهي قرار ڏنو آهي ته پنهل جي وڇوڙي ويل بيٺي ڏٺائون پر رتُ نه رنيون! انهن کاڻين، لوٺين اکين ان وقت ڪجهه به نه ڪڇيو. هاڻي جڏهن سندن پنهل وڃي پار پهتو آهي ته مُٺيون ماٺِ ئي نه ٿيون ڪن.
    اکين ڪين ڪِئو، رَت نه رنائون!
    اڀي ڏٺائون، ڦوڙائبا سپرين
    ــــــــــ
    کاڻيون، لوٺيون اکيون، ڪٺيون ڪين ڪڇن
    مُٺيون ماٺ نه ڪن، هَيُون رهن هوت ري
    سُر مومل راڻو جي هڪ بيت ۾ مومل جي اکين جي تشبيهه هيرن سان ڏني وئي آهي. جنهن سان هوءَ عام خاص کي وڍيندي ڪَٽيندي رهي ٿي. هيرو ڪٽڻ جي ڪم به ايندو آهي. ٻئي بيت ۾ سندس اکين کي ڪهاڙي يا وڍيندڙ تکي اوزار سان ڀيٽيو ويو آهي، جن سان هن زور ڀريون زبرون هڻي حاڪمن جا ڪنڌ ڪٽيا آهن. جنهن جي گواهي ڪاڪ ڪنڌيءَ پرڏيهن جون قبرون ڏين ٿيون. هڪ مرحلي تي جڏهن مومل جو راڻي سان نينهن اڙجي ويو ته سندس انهن جادوگر اکين جو ڄڻ سحر ئي ختم ٿي ويو ۽ ساڳين اکڙين ۾ فقط راڻي لاءِ انتظار ۽ اونو اچي جائگير ٿيو. کائنس ڪاڪ جا ڪرشما سڀ وسري ويا.
    مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس
    نه ڪا عام نه خاص، جي ويا سي وڍيا
    ــــــــــ
    گجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون
    هڻي حاڪمين کي، زور ڀريون زبرون
    ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون، پسو پرڏيهين جون
    ــــــــــ
    سوڍي منهنجي ساھ سين، جيڏيون! جئن ڪئو
    ڪڙي مون ڪاڪ ٿي، آسڻ وسرئو
    پسان ڪين ٻئو، تو ريءَ اکڙين سين

    سُر سارنگ ۾ لطيف سائين اکين جي تمثيل جُھڙ سان ڏني آهي. يعني اهي نيڻ سدائين آگميا بيٺا آهن. هاڻي جيڪڏهن محبوب اکيون کڻي مرڪي پوي ته سمورا دک درد دفع ٿي وڃن. ٻي بيت ۾ شاھ سائين مينهن سان مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته جيڪڏهن تون اکڙين کان وسڻ جو هنر سکي پوين ته هوند رات ڏينهن بس وسندو ئي رهين اصل بَسِ نه ڪرين. گويا محبوب جي فراق ۾ عاشق جو اکيون اٺئي پهر وسنديون رهن ٿيون.
    ڪڪر منجهه ڪپار، جُھڙ نيڻئون نه لهي
    جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگهه ملهار
    کڻ اکيون کل يار، وڃن سور سَنڌا ڪيون
    ــــــــــ
    وسڻُ اکين جئن، جي هند سکين مينهه
    ته هوند راتو ڏينهه، بَس بونديئون نه ڪرين
    ــــــــــ
    جھُڙ نيڻئون نه لهي، ڪڪر هُونِ نه هُونِ
    ساريو سپرين کي، لڙڪ ڳلن تي پُونِ
    سي مر رويو رُونِ، جن مسافر سپرين
    سُر آسا ته اکڙين جي اپٽار سان ڀريو پيو آهي. هن سُر ۾ لطيف سائين اکين جو مختلف ذاوين کان ذڪر ڪري ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. ڪٿي ٿو فرمائي ته جن اکين ۾ پرينءَ جو پرتوو ڪونهي ۽ دل محبوب جي ياد سان آباد ناهي، انهن سکڻن ۽ بيسود ماڻهن جو جيئڻ ئي جنجال آهي. ڪٿي وري اهڙين اکين جو ذڪر ٿو ڪري جيڪي گند ڪچري سان ڀريل آهن، پوءِ اهي اهڙي ڪيفيت ۾ پرينءَ کي ڪيئن پسي سگھنديون! ڪڏهن وري پرينءَ کي اکين ۾ ويهاري اکيون ٻوٽي ڇڏڻ جي تمنا رکي ٿو ته جئن سندس محبوب کي ڪوبه ڏسي نه سگھي ۽ پاڻ به ڪنهن کي نظر کڻي نه پَسي. ڪڏهن وري محبوب کي تارن ۾ تڪيو ڪرڻ ۽ ونين ۾ ويهڻ لاءِ چوي ٿو. اهڙي مفهوم وارا بيت پيش ڪجن ٿا.
    پرين نه اکڙين ۾، هنئون نه حاضر جن
    سي هينئين جاڙ جيئن، ٺلها ٺاٻر سکڻا
    ــــــــــ
    مورک مام نه ٻُجھڻا، هيڏانهه هوڏانهه ڪنِ
    سي ڪنئه پرين پسن، ڪٽر جن اکين ۾
    ــــــــــ
    اکين ۾ ٿي ويهه، ته آنءُ واري ڍڪيان
    توکي ڏسي نه ڏيهه، آنءُ نه پسان ڪي ٻيو
    تارن ۾ ڪر تڪيو، ونين ۾ ٿي ويهه
    اکين ۾ ٿي پيهه، ته آنءُ آچارو ٿيان
    ساڳي سُر ۾ شاھ سائين عاشق سان مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته جيڪي اکيون صبح ويل سج اڀرڻ سان پرينءَ کي نه ٿيون پسن، انهن کي ڪڍي ڪانگن جي حوالي ڪرڻ گھرجي. ڪٿي وري لطيف انهن اکين جا ٿورا ٿو مڃي، جيڪي هر وقت کيس پرينءَ جو جلوو ۽ جمال پسائينديون رهن ٿيون. ڪٿي ته وري پرھ ڦٽيءَ ويل اکين سان پرين پسڻ کي حضوري حج ( حج ِ اڪبر) جيترو مقدس عمل ڪوٺي ٿو. وري اکيون جڏهن پرينءَ جو ديدار ڪري واپس ورن ٿيون ته سندن آرام حرام ٿي وڃي ٿو ۽ هو ٻيهر ڪڏهن به سُک سان نه ٿيون سمهن.
    اڀرندي ئي سج، پرين جي نه پسنديون
    ڪڍي ٻيئي ڏج، اکڙيون ڪانگن کي
    ــــــــــ
    مونکي اکڙين، وڏا ٿورا لائيا
    ته پڻ پرين پسن، کڻان جي کرَ سامهون
    ــــــــــ
    اکيون پرينءَ ري، جي ڪي ٻئو پسن
    ته ڪڍي کي ڪانگن، نوالا نيڻ ڏيان
    ــــــــــ
    تن نيڻن کي نيرانِ، جن ساجھر سيڻ
    جيءُ جسي ۽ جان، ڪَرَ حضوري حج ڪئو
    ــــــــــ
    ڪي جو ڪهين پارِ، اکيون پَسي آئيون
    ٿيون ديوانيون دل ۾ اَپر لڳين آر
    تنهان پوءِ قرارِ ، ستيون ڪين سيد چئي
    ڀٽ ڌڻي ڀلاري سُر آسا ۾ اکين بابت دل کولي احوال اوريو آهي. فرمائي ٿو ته اکين جون به عجب عادتون آهن. پرائي ساٿ جا سور وڃي خريد ڪري اچن. اهي اتي اڙجي ويون جتي هٿيارن جي حاجت ئي نه آهي. يعني محبوب جون اکيون پاڻ هٿيار مثل آهن. اکين کي گھڻا ئي ڀيرا منع ڪئي ته ڪٿي نه اَڙو پر ننڊ ۾ لوڪُ لتاڙي وڃي ساجن کي لڌائون. عاشق لاءِ ته عذاب ٿيو پر پرينءَ سان پاڻ سو پرچي آيون. لطيف سرڪار هن سُر ۾ ڪٿي اُلٽي اک ڌارڻ جي تلقين فرمائي ٿو. جي لوڪ لهوارو وهي ته تون اوڀار ۾ اوچو وَھُ. نئڙت ۽ نهٺائيءَ سان ادب وچان پرينءَ جي پٺيان پٺيان هل. هڪ بيت ۾ وري اهڙين اکين ڌارڻ جي ڳالهه ٿو ڪري جن سان فقط پرينءَ کي پسي سگھجي. ڪنهن به ٻي پاسي نهارڻ جي اجازت نه آهي، ڇوته تنهنجو پرين غيرتمند آهي. هڪ بيت ۾ وري فرمائي ٿو ته سياهيءَ جو سرمو مردن کي نه ٿو سونهين، اهو ته عورتن جو مَرَڪُ آهي. تون پنهنجي اکين کي پرينءَ جي جلوي ۽ جمال سان پُر ڪري ڇڏ. مٿين مفهوم وارا بيت پيش ڪجن ٿا.
    اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتون
    سور پرائي ساٿ جا، وڃيو ويهائين
    اُتي لونءَ لائين، جت حاجت ناهي هٿيار جي
    ـــــــــــ
    اکِ اُلٽي ڌارِ، ونءُ ابتو عام سين
    جي لهوارو لوڪ وهي، تون اوچو وَھُ اوڀار
    منجھان نوچ نهار، پر پٺيرو پرينءَ ڏي
    ـــــــــــ
    اکيون سي ئي ڌارِ، جن سان پسين پرينءَ کي
    ٻي ڏانهن ڪين نهار، گھڻو ريسارا سپرين
    ـــــــــــ
    سرمو سياهيءَ جو، رنن کي رهاءِ
    ڪاني ڪارائيءَ جي، مڙس ٿي مَ پاءِ
    اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالن جي
    سُر آسا ۾ اکين جي متعلق ٻيا به ڪيترا ئي بيت ملن ٿا. هتي مختصر طور هيٺ اهڙن بيتن جي فقط اها هڪ سٽ لکجي ٿي جنهن ۾ اکين جو ذڪر اچي ٿو.
    اکڙيون علي الصباح، دوس ديکڻ آئيون
    ــــــــــ
    ڪي جو ڪيڏانهن، اکيون پسي آئيون
    ــــــــــ
    ڪي جو وڃي ڪال، اکيون پسي آئيون
    ــــــــــ
    اکڙيون اکڙين تي، ڏمر ڏوس ڪرين
    ــــــــــ
    اکين کي آئون، جان ڪي جُھلون پائيان
    ــــــــــ
    اکڙين آرو، مُنهان پڇي نه ڪيو
    سُر رِپَ ۾ اکڙين کي پرينءَ جي سار ۾ اوجاڳيل ڏيکاريو ويو آهي جيڪي هرگز نه ٿيون ٻوٽجن.
    نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکين
    اجھاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين
    سُر بروو سنڌيءَ ۾ لطيف سائين اکين کي اهڙو قاتل ڪوٺيو آهي، جيڪي عاشق کي ڪوٺي ڪهي ٿيون ڇڏين. عاشق جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري باقي وڃي ڪرنگھو ٿيون بچائين. مٿان وري حق تي رهڻ ۽ صبر جي تلقين ٿيون ڪن. عاشق مسڪين به تڪليفن جا اهڙا ته عادي ٿي وڃن ٿا جو اهي معشوق کي پاڻ دعوت ٿا ڏين ته اي محبوب! تون نظرن جا تير چتائي نشانو وٺي وري واپس نه ڪر. اکين کي ڇڏي ڏي ته اهي پنهنجي عادت ڀل پوري ڪن.
    ڪوٺي ڪٺائون، اڄ پڻ اکڙين سين
    ماسُ وراهي هليا، ڪرنگل ڇڏيائون
    وتوا صو باالحق و توا صو بالصبر، اينءَ اُتائون
    مُئي ماريائون، کِلي گھائيو سڄڻين
    ـــــــــــ
    کوڙي کڻ مَ سپرين! کنيئي تان کوڙ
    عادت جا اکين جي، سا نيئي نباهج توڙ
    مون ۾ عيبن ڪوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين
    سُر پورب ۾ شاھ صاحب انهن اکين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي جڏهن مرڪندي چهري سان پرين مٿي کڻي ٿو ته عاشق جا سڀ ڏکَ ڏور ٿي وڃن ٿا. عام ماڻهو انهيءَ ڪيفيت کي بک مثل ڀانئن ٿا جڏهن ته پرينءَ جي انهي ادا سان سمورا سور لهي وڃن ٿا.
    تِن اکين اتان سُکَ، کلندي کڻن جي
    پرين پاٻوهڻ سين، ڏور ڪئا سڀ ڏُکَ
    ماڻهن ليکي بُکَ، سامن سور سنا ڪئا
    سُر ڏهر ۾ پڻ اکين جو احوال ملي ٿو. هڪ بيت ۾ لطيف سائين مگتي کي صلاح ٿو ڏي ته تون اکين کي پير ڪري مديني پاڪ وڃي پهچ، جتي پاڻ ڪريمن ﷺ جي جلوي ۽ جمال جي هر سو روشني پکڙيل آهي. اها جمال جي جوت پَسي اُمتين جا نيڻ ٺري ٿا پون. تون به گھڻي سِڪَ ۽ اڪير وچان پير ڀري وڃي اها مقدص زيارت پسڻ جي سعادت حاصل ڪر.
    ونءُ مديني مڱڻا، اکيون پير ڪري
    جتي ماڻڪي محمد مير جي، جرڪيو جوت ڪري
    پَسئو جوت جمال جي، جت اُمتين نيڻ ٺري
    پريتئون پير ڀري، ڪج زيارت ذوق سين
    سُر ڏهر ۾ اکين جي حوالي سان ٻيا به بيت ملن ٿا جن ۾ پنهون ڄام ۽ اوٺين جو ذڪر آيو آهي.
    اوٺين ڪارڻ اڄ، نيڻ نهارا مون ڪيا
    پنهون ڄام پهڄ، ته لاهيون اُڃَ اکين جي
    ـــــــــــ
    نيڻ نهاري مهجا، روئي رَتُ ٿئا
    جي هتان هوت ويا، سي اچن تان آجي ٿيان
    ـــــــــــ
    نيڻ نهاري مهجا، رَتُ ٿيا روئي
    ڏکن جي ڏوئي، آئي هٿ اسونهه جي
    اهڙي ريت شاھ سائين جي اڪثر سرن ۾ اکين جو احوال اچي ٿو. مگر هن مقالي ۾ ان موضوع جي حوالي سان سرسري جائزو پيش ڪيو ويو آهي.


    تجنيسِ حرفي جو ڪمال

    سنڌي ٻولي جي عالمن ٻوليءَ جي سينگھار طور جيڪي خوبيون ڳڻايون آهن انهن ۾ فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ جدت کان علاوه تشبيهون، استعارا، چوڻيون، پهاڪا، مثال، ورجيسيون ۽ تجنيسون وغيره اچي وڃن ٿيون. هن مقالي جو موضوع ٻوليءَ (شاعري) جي هڪ خاص خوبي ’تجنيس‘ متعلق آهي. تجنيس جا نمايان ٽي قسم آهن. جن ۾ تجنيسِ حرفي، تجنيس ِتام ۽ تجنيس ِناقص شامل آهن. انهن سمورين تجنيسن مان تجنيس ِحرفي وري مقبول عام حيثيت رکي ٿي. تجنيس ِ حرفي ۾ لفظ ساڳي حرف سان شروع ٿيندا آهن. هڪ ٻئي سان گڏ ايندا آهن ۽ انهن ۾ معنى توڙي مفهوم جي لحاظ کان ڪي قدر ربط پڻ هوندو آهي.
    لطيف سائينءَ جو رسالو سنڌي ٻوليءَ جو انمول سرمايو ۽ سرچشمو آهي تنهنڪري رسالي مان ئي فقط تجنيس حرفي وارا بيت چونڊيا ويا آهن ۽ وري انهن بيتن مان مثال طور اهي سٽون ڏنيون آهن جن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي تجنيس ِحرفي وارا لفظ گڏ آيل آهن. رسالي ۾ تجنيس ِحرفي وارا بيشمار بيت ملن ٿا ۽ سمورن بيتن جي بار بار وضاحت هڪ طرف ورجاءَ جو سبب بڻجي ها ته ٻئي طرف مقالو گھڻو طويل ٿي وڃي ها، تنهنڪري هتي هر هڪ سُر مان چونڊ هڪ ٻن بيتن جي لفظن جي وضاحت ڪري ان سُر جا باقي چند بيت بنان وضاحت جي ڏنا ويا آهن. تاهم انهن بيتن جي تجنيس ِحرفي وارن لفظن کي هيٺان ليڪ ڏئي چِٽو ڪيو آهي. سُرن جي ترتيب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل رسالي مطابق رکي ويئي آهي.
    رسالي جو پهريون سُر ڪلياڻ آهي. انهيءَ سُر جو پهريون بيت ئي تجنيس ِحرفي سان سينگھاريل آهي.
    اول، الله عليم، اعلى عالم جو ڌڻي
    قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آھ قديم
    والي، واحد، وحده، رازق، ربّ، رحيم
    سو ساراھ سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
    ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي
    هن بيت جي ٽن سٽن ۾ تجنيس ِحرفي جا چار مثال آيل آهن. پهريون والي، واحد، وحده ٻيو رازق، ربّ، رحيم ٽيون سو ساراھ سچو ۽ چوٿون جوڙئون جوڙ جهان جي. جن مان پهريان ٽي لفظ ’و‘ سان ٻيا ’ر‘ سان ٽيان ’س‘ سان ۽ چوٿان چار لفظ ’ج‘ شروع ٿين ٿا. معنى توڙي مفهوم جي لحاظ کان به انهن ۾ ربط نظر اچي ٿو.
    ساڳي سُر مان هڪ ٻيو بيت پيش آهي :
    چڙهئو، چڪاسن، چاھ، آڳ ٻرندي آئيا
    وهسن واڙي ڦلَ جئن، محبتي مَچَ لاءِ
    آڻئو پاڻ اڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾
    بيت جي پهرين سٽ جا پهريان ٽي لفظ ’چڙهئو‘، ’چڪاسن‘، ’چاھ‘ تجنيس ِ حرفي وارا آهن جيڪي حرف ’چ‘ سان شروع ٿين ٿا ۽ انهن ۾ هڪ خاص ردم سمايل آهي. سُر ڪلياڻ مان ڪجهه ٻيا مثال :
    پاڻهين پسي پاڻ کي، پاڻهين محبوب
    پاڻهين خلقي خوب، پاڻهين طالب تنهه جو
    ـــــــــــ
    سڀ ڪنهين ڏانهه سامهون، ڪو هنڌ خالي نانهه
    احدان جي ارڳ ٿئا، سي ڪانهر ڪبا ڪانهه
    محب منجھين منَ مانهه، مون اَڄاڻندي اُجھئو

    طالب ڪسر، سونهه سَرُ، ايءَ روميءَ جي اوطاق
    پڇين درِ فراق، ته منجھين مشاهدو ماڻيين
    سر يمن ڪلياڻ مان تجنيس ِ حرفي جو مثال پيش آهي :
    عقابيل اکين ۾، تير تکا توکي
    ساجن انهيءَ سيگ سين ڦٽيئي گههڻا فقير
    ٻئو مَ مارج مير، تهجو پهريون ئي پورو ٿئو
    بيت جي پهرين سٽ ۾ تير، تکا، توکي، تجنيس ِ حرفي وارا لفظ آهن، جيڪي ٽئي حرف ’ت‘ سان شروع ٿين ٿا. ٽين سٽ ۾ مَ، مارج، مير، ٽي لفظ آهن جن جي ابتدا ۾ ’م‘ اچي ٿو.
    ساڳي سُر مان هڪ ٻيو مثال :
    پائي ڪانُ ڪمان ۾، ميان! مار مَ مون
    مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي
    مٿين بيت ۾ ميان، مار، مَ، مون، چارئي لفظ تجنيس ِحرفي وارا آهن جن جي شروعات ’م‘ سان ٿئي ٿي ۽ پنهنجي اندر ڀرپور معنويت رکن ٿا.
    سُر يمن ڪلياڻ مان باقي مثال پيش ڪجن ٿا :
    تتو تَنُ تنور جنءَ، ته ڇنڊي ساڻ ڇماءِ
    آڻي آڳ ادب سين، ٻاري جان جلاءِ
    برقعا اندر بازيون، پنهنجون سڀ پچاءِ
    لڇڻ لئون لطيف چئي، پڌر هَڏِ مَ پاءِ
    متان لوڪ لکاءِ، وسالان وِچ پئي
    هَي هَي وهي هـُوءِ، من ۾ محبوبن جي
    جيرا جوش جلائيا، بُڪين مُڪي بوءِ
    اچي پسو روءِ، جي ويساھ نه وسهو
    سُر کنڀات مان تجنيس ِ حرفي وارن بيتن جا مثال پيش ڪجن ٿا:
    تارا تِرَ تروکڙيون، مٿن ڦلڙيون
    وَرِ سي راتڙيون، جي مان اوريون پرينءَ سين
    مٿن بيت جي پهرين سٽ جي شروع ۾ تارا، تِرَ، تروکڙيون تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جيڪي ٽئي ’ت‘ سان شروع ٿين ٿا.
    سُر کنڀات مان ٻيا مثال :
    اونڌاهي اڌ رات ۾، پرين پسايو پاڻ
    چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي وئو پڙلاءَ ۾
    ـــــــــــ
    آيو چنڊ چڙهي، چاريءَ جو چيو ڪري
    اڀو ات اڙي، جت ڏٺائين پرينءَ کي
    سُر بروو ۾ تجنيس ِحرفي جا ڪيترا ئي مثال ملن ٿا. جن مان ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
    ڪري ڪانگ ڪرنشيون، پيرين پرين پئيج
    آنءُ جو ڏيئين سنيهڙو، سو وچ مَ وساريج... الخ
    هن بيت جي پهرين سٽ ۾ ئي ٻن هنڌن تي تجنيس ِحرفي آيل آهي. پهرين حصي ۾ ڪري، ڪانگ، ڪرنشيون ۽ ٻئي حصي ۾ پيرين، پرين، پئيج تجنيس ِحرفي پارا لفظ آهن جيڪي ’ڪ‘ ۽ ’پ‘ سان شروع ٿين ٿا. شاھ سائينءَ جو اهو ڪمال چئجي جو هڪ ئي سٽ ۾ اهڙن لفظن جو انتخاب ڪيو اٿس جن ۾ روانيءَ سان گڏ وگڏ تجنيس ِحرفي سان خوبصورت نڀاءُ ڪري ويو آهي. سُر بروو جا ٻيا مثال:
    نيڻ سڪيلا سپرين، ڀونر، ڀرون، ڀالا
    چڪيم چاڪ پرينءَ جا، اندر ۾ آلا
    يار ميڙين يا الله، جنهن جي صحبت ڪاڻ سڪي هينئون
    ـــــــــــ
    عشق اهڙي ذات، منجھائي مَيَن کي
    ڏينهان، ڏورڻ، ڏونگرين، روئن سڄائي رات
    اٿئي ويٺي تات، ميان محبوبن جي
    ـــــــــــ
    جن ريءَ سري مَ ساھ، رتي رُس مَ تن سين
    هوءِ ڪرهين ڪڇج ڪيم ڪين، ڪج سيد چئي صلاح
    ٻي وروهڻ واھ، ڪا توکي آهي تَن ري !
    ـــــــــــ
    منهنجي مداين جي، جي ڪَل پريان پيئي
    ڪڏهن ڪوسا نه ٿئا، ڏوراپا ڏيئي
    ساجن سڀيئي، ڍڪيم ڍول ڍلائيون
    سُر سريراڳ مان تجنيس ِ حرفي جا مثال هن ريت آهن.
    اٿي اور الله سين، ڪوڙ ڪماءِ مَ ڪَچ
    ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ
    ان پر اٿي اچ، ته سودو ٿئي سڦرو
    بيت جي پهرين سٽ ۾ اٿي، اور، الله تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جن ٽنهي جي شروع ۾ ’ا‘ اچي ٿو. ساڳي سُر مان هڪ ٻيو مثال:
    جيڪي منجهه جهان، سو تاريءَ تڳي تنهنجي
    لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪانه
    عدل ڇٽان آنءُ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو
    سُر سريراڳ جو هيٺيون بيت تجنيس ِحرفي جي حوالي سان انتهائي خوبصورت ۽ مثالي بيت آهي جيڪو جملي ڇهن سٽن تي مشتمل آهي ۽ انهن مان ٽن سٽن ۾ تجنيس ِحرفي پنهنجي پوري فن سان سمايل نظر اچي ٿي.
    هيڪي ٻانهي چت ۾، ٻي جوڙي جوڙ جبار
    ڪڍي اونهي ڪـُنَ مان، اي آگي جو آڌار
    جهاز جوهرين جو، تنهه ڀئي مَ ڏي ڀتار
    ننڍا وڏا مڪرا، سڀ پسندا پار
    منهه مديني سامهون، جت محمد شاھ موچار
    سٻاجھو ستار، ستر سڀيئي ڪري
    ـــــــــــ
    وٺي وجهه وکر جا، دنگيءَ ۾ داڻا
    وِيرَ ورندءِ ويسرا، ويهه مَ ويڳاڻا
    هي ننڊ نه ڄاڻا، ڪڏهن هڻندءِ ڪـُن ۾
    سُر سامونڊي مان تجنيس ِحرفي جا مثال پيش ڪجن ٿا :
    لڙ لهريون لس ليٽ، جت انت نه آب جو
    الله ات مَ اولين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ....... الخ
    مٿين بيت جي پهرين سٽ ۾ تجنيس ِحرفي وارا هڪ ئي وقت چار لفظ آيل آهن. لڙ، لهريون، لس، ليٽ جيڪي سڀ ’ل‘ سان شروع ٿين ٿا ۽ انهن لفظن ۾ غضب جي رواني آهي.
    سُر سامونڊي مان ٻيو مثال :
    ڏٺي ڏياري، سامونڊرين سڙھ سنباهيا
    وجھئو ور ونجهه کي، روئي وڻجاري
    ماريندم ماري، پرين سور پرينءَ جا
    سُر گھاتو ۾ تجنيس ِحرفي جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. جئن هي بيت ملاحظه ٿئي.
    گھوريندن گھورئيا، اَگھور گھوريائون
    مانگر ماريائون، ملاحن منهه سنرا

    هن بيت جي ٻي سٽ ۾ مانگر، ماريائون، ملاحن، منهه وارا لـفظ تجنيس ِحرفي جا سهڻا مثـال آهن، جيڪي چارئي ’م‘ سان شروع ٿين ٿا. سُر گھاتو مان ٻيا مثال :
    ائين جا لڏو لوڏ، نه ايءَ پر گھاتوئڙن جي
    ڪـُن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سک نه ستا ڪڏهين
    ـــــــــــ
    متو آهين مڇ، ٿلهو ٿئو ٿونا هڻين
    تو جا ڏٺي اڇ، تهه پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا
    سُر کاهوڙي مان تجنيس ِ حرفي جا مثال :
    گنجي ۾ گـُن گھڻا، پير پروڙي پاءِ
    کاهوڙي کڙوئا، نڪا اوڏي ماءِ
    جني ڏٺي جاءِ، تني موٽڻ ميهڻو
    پهرين سٽ جا آخري ٽي لفظ پير، پروڙي، پاءِ تجنيس ِحرفي وارا آهن جن جي شروع ۾ حرف ’پ‘ آندل آهي…هڪ ٻيو مثال :
    جي ڪو ڏٿ ڪري، ته ڏونگر ڏورڻ ڏاکڙو
    ڇپر ڪونه ڏي، سوکڙيون ستن کي
    هيٺ سُر ڪاپائتي مان تجنيس ِحرفي جا مثال پيش ڪجن ٿا :
    تنبائي تاڪيد سين، جن پڃايو پاءُ
    لسي تند لطيف چي، هلي تن هٿاءُ
    ململ منجھان ماءُ، جي سکيون تن سون ڪئو
    مٿين بيت جي ٽين سٽ جي شروع وارا ٽئي لفظ ململ، منجھان، ماءُ تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جيڪي ’م‘ سان شروع ٿين ٿا. ساڳي سُر مان ٻيا بيت هن ريت آهن.
    اڄ پڻ اجھڻ کي مرين، نڪي ڪَتوءِ ڪال
    ارٽ اوڏيائي نه وهين، محڪم وٺي مال
    ڀوري توسين ڀال، ڪانڌ ڪريندو ڪيترا
    ــــــــــــ
    تانسينءَ ڀڳو ئي ڀير، جانسينءَ رتو راس ٿئي
    بريءَ بيڪاريءَ سين، هاري پاڻ مَ هير
    ڪت ڪتيندي ڪير، نئين سين نڄاڻجي
    سُر بلاول مان تجنيس ِحرفي وارا چونڊ بيت هن طرح آهن :
    ڀيريون ڀيري ڀڃ، هي جي منجھان پوريون
    ٻئي در ڪنهه نه وڃ، ري هاشمي هيڪڙي
    بيت جي پهرين سٽ ۾ ڀيريون، ڀيري، ڀڃ تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جن جي شروعات حرف ’ڀ‘ سان ٿئي ٿي.
    اکين سو ئي اوڙکئو، جو ڪنين سئوم ڪَرَنُ
    ماءُ منهنجو مَنُ، ڄام پسند هين پتئو
    ـــــــــــ
    جکري جهو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾
    مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان
    ايءُ آگي جو احسان، جنهه هادي ميڙيم ههڙو
    سُر پرڀاتي مان تجنيس ِحرفي وارا بيت پيش آهن.
    ستو ڪيئن ننڊون ڪرين، ور وهاڻيءَ ووءِ
    سڀان ساز سندوءِ، پيو هوندو پٽ ۾
    مٿين بيت جي پهرين سٽ ۾ ور، وهاڻي، ووءِ ۽ ٻي سٽ ۾ سڀان ساز سندوءِ تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جن مان پهريان ’و‘ ۽ پويان ’س‘ سان شروع ٿين ٿا.
    الانسان سري واناسره، ان پر اتائين
    ڳُجهه ڳُجھاندر ڳالهيون، راز رکيائين... الخ
    سُر ڪارايل مان تجنيس ِحرفي وارا بيت پيش آهن.

    سَر سُڪي سال ٿيا، هنج هريوئي پير
    ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي انهيءَ رموز کي
    هن بيت جي پهرين سٽ ۾ سَرَ، سُڪي، سال تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جيڪي ٽئي ’س‘ سان شروع ٿين ٿا.
    سُر ڪارايل جو هڪ ٻيو بيت :
    موران موٽڻ ميهڻو، نوڻي نانگ نه ڪن
    ڪارايل ڪارن کي، ڳاراڪئو ڳهن
    وٽين وھ پين، سِڪ سُرڪين نه لهي
    سُر ڏهر ۾ تجنيس ِحرفي وارا ڪيترائي بيت ملن ٿا.
    لاکا لڄ سندياءِ، اوڏ اگلي آهيان
    پکا سي پرتاءِ، جي اجھي تنهنجي اڏيا
    پهرين سٽ ۾ اوڏ، اگلي، آهيان ٽئي ’ا‘ سان شروع ٿين ٿا ۽ تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن. ساڳي سُر مان ٻه وڌيڪ مثال هن ريت آهن:
    ريٻارڻ روئي، واڙيءَ وڌا وڇڙا
    سمورا سوئي، هڻي ساٿ هيڪلي
    ــــــــــ
    چڻي چيتاري، ڪونج ڪاڇي ڪنڌيين
    سڳر سو ساري، هئي جنهه جي هيرئين
    سُر سسئي آبري مان تجنيس ِحرفي جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا.
    موٽي مران مَ ماءُ ! موٽڻ کان اڳي مران
    لڇي لالن لاءِ، شال پنديس پير تي
    بيت جي پهرين سٽ ۾ موٽي، مران، مَ، ماءُ، موٽڻ ۽ ٻي سٽ ۾ لڇي، لالن، لاءِ تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جن ۾ پهرين سٽ وارا لفظ ’م‘ سان شروع ٿين ٿا. جڏهن ته ٻي سٽ ۾ لفظن جي شروعات ’ل‘ سان ٿيل آهي.
    تجنيس ِحرفي سان سينگھاريل آبري جو هڪ ٻيو بيت :
    آڌر، نڌر اڀري، اسونهين آئون
    چٽيا چور چنجن ۾، بَرَ ۾ بلائون
    موٽ پنهون پاهون، متان محب مري وڃان
    سُر معذوري مان تجنيس ِحرفي جا مثال ملاحظه ٿين :
    جيڪين چيس جيڏيين، سو نه ڪئائين ڪَنِ
    معذور مرڻ منِ، ڪيچين لئه قبولئو
    بيت جي ٻي سٽ ۾ معذور، مرڻ، من تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جيڪي ٽئي حرف ’م‘ سان شروع ٿين ٿا.
    ساڳي سُر مان ٻيا مثال :
    راتيان روئي رت ڦڙا، منڌ مرڪي ڏينهه
    اندر نعرو نينهه، ٻاهر واھ وڙن سين
    ــــــــــ
    رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪَرَ ڪڻڪي ڪونج
    نعرو منجهه نڪونج، ايءَ تان آھ عشق جي
    سُر ديسي مان تجنيس ِحرفي وارا بيت پيش ڪجن ٿا :
    ڏاگھن ڏيرن ڏونگرن، ڏکن آنءُ ڏڌي
    پڇان پير پنهونءَ جو، وجھا وک وڌي
    لکي آنءُ لڌي، نا ته پَٽن ڪير پنڌ ڪري
    بيت جي پهرين سٽ ۾ ڏاگھن، ڏيرن، ڏونگرن، ڏکن تجنيس ِحرفي وارا لفظ ’ڏ‘ سان شروع ٿين ٿا. ٻي سٽ ۾ پڇان، پير، پنهونءَ ۽ وجھا، وِکَ، وڌي وارا لفظ آيل آهن جن مان پهريان ’پ‘ سان ۽ پويان حرف ’و‘سان شروع ٿين ٿا. اهڙي طرح هن بيت ۾ هڪ ئي وقت تجنيس ِحرفي جو استعمال ٽن هنڌن تي ڪيل آهي.
    ساڳي سُر مان هڪ ٻيو مثال :
    ور واراڪا وچ ۾، لکين آڏو لَڪَ
    هوءِ جي آڏا حق، سي ڪندا ڪوھ ڪُٺيءَ کي
    سُر ڪوهياري ۾ تجنيس ِحرفي جا ڪيئي مثال ملن ٿا.
    ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين
    من تن اندر تئن، جئن وڻ وڍي واڍو
    اي ڪرم جو ڪاڍو، نا ته پٿر ڪير پنڌ ڪري
    بيت جي پهرين سٽ ۾ ڏاڍو، ڏاڍا، ڏاڍايون ٽئي لفظ ڪيڏا نه وقتائتا ۽ با معنى آهن جيڪي ٽئي حرف ’ڏ‘ سان شروع ٿين ٿا. ٻي سٽ ۾ وڻ، وڍي، واڍو تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جيڪي ’و‘ سان شروع ٿيل آهن.
    ساڳي سُر مان ٻه ٻيا مثال پيش ڪجن ٿا :
    ڇپر پير ڇنام، آنءُ ڪنهه پَرِ هلان ڪيچ ڏي
    ڏيرن ڏک ڏنام، ڪين ڏکويس ڏونگرين
    ـــــــــــ
    اچو اچو چون، ’ويهه‘ وئا ته گھورئا
    سرتين سانگ سکن سان، مون جئن رت نه رون
    اوءِ مر ويٺيون هُون، مون سانگا تو سور ٿئا
    سُر حسيني مان تجنيس ِحرفي جا مثال ملاحظه ٿين :
    مون سڏيندي سڏڙا، ساٿي سڏ نه ڏين
    ولهيءَ جي وٿاڻ تي، توڏ نه تنوارين
    هيڏا هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾
    بيت جي پهرين سٽ ۾ هڪ ئي وقت تجنيس ِحرفي جا چار لفظ آيل آهن. سڏيندي، سڏڙا، ساٿي، سڏ، جيڪي سڀ ’س‘ حرف سان شروع ٿين ٿا.
    سُر حسيني مان ٻيا مثال :
    ويٺي مون وئو، لڙي سج لڪن تان
    آئون ڏوريندي ڪيترو، پهڻن پير پئو
    سورن ساڻ سِهو، اچي ٿيم جيڏيون
    ــــــــــ
    لڳم ٻاڻ ٻروچ جو، امڻ! پَل مَ مون
    سڀ رنڱينديس رت سين، ڪيچا اوري ڀون
    مادر! مٿان مون، لڪن لوڏون لائيون
    سُر راڻو مان تجنيس ِحرفي جا مثال پيش ڪجن ٿا :
    ڪالهه گڏيو سون ڪاپڙي، بابو بکاري
    سامي سيلو سِرَ تي، مالها موچاري
    ڏيئي ڏکاري، ڦٽي دل فقير وئو
    بيت جي ٻي سٽ ۾ سامي، سيلو، سر تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جيڪي ٽئي حرف ’س‘ سان شروع ٿين ٿا. سُر راڻو مان ٻيا مثال:
    ويٺي ٻاريان ٻانگهه سين، ڪوڙين اڄ قنديل
    هَي هَي هنجون هاريان، منجھان سِڪ سبيل الخ
    ــــــــــ
    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو
    منجهه هين ڪاڪ ڪڪورئي، منجهه هين لڊاڻو
    راڻو ئي راڻو، راڻي ري ڪين ٻئو
    سُر ليلا چنيسر مان تجنيس ِحرفي جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
    ميڻي تي موهجي، هاري! ڳيڙءِ هار
    ڪوڙين ڪيا ڪيترا، انهيءَ خر خوراڪ
    ڀري وئو ڀتار، آيئي ڏنءُ ڏهاڳ جو
    مٿين بيت جي ٻي سٽ ۾ ڪوڙين، ڪيا، ڪيترا تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جيڪي حرف ’ڪ‘ سان شروع ٿين ٿا.
    سُر ليلا چنيسر مان ٻيا مثال :
    مڻيو وجھان مچ ۾، هائيءَ هڻان هار
    ڀِري جي ڀتار، ته ميريائي مانُ لهان
    ــــــــــ
    الا! ڏاهي مَ ٿيان ! ڏاهيون ڏکَ ڏِسن
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪئا
    ــــــــــ
    سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هار
    پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، سهسين ڪن سينگھار
    ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي
    سُر ڪاموڏ مان تجنيس ِحرفي جا مثال پيش ڪجن ٿا.
    کاڄ جنين جون ککيون، مال جنين جا مڏ
    سمي سيئي سيڻ ڪئا، هيڻا جني هڏ
    ڄام پرتئي لڏ، ساٽين جي سيد چئي
    بيت جي ٻي سٽ ۾ سمي، سيئي، سيڻ تجنيس ِ حرفي وارا لفظ آهن. جيڪي ٽئي حرف ’س‘ سان شروع ٿين ٿا.
    سُر ڪاموڏ مان ٻيا مثال :
    ڪاريون، ڪوجھيون، ڪـُوَڙِيون، منهه ميريون ميون
    ڀاڪر پائي ڀن کي، پاڻي ۾ پيون
    جي سام سمي وييون، تن تان لٿو حرف حساب جو
    ــــــــــ
    ڪاريون، ڪوجھيون، ڪـُوَڙِيون منهه نه موچاريون
    وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون
    اُني جون آريون، سمي ري ڪير سهي
    سُر سورٺ مان تجنيس ِحرفي جا مثال هن ريت آهن :
    ٻئا در ڏيئي ٻن کي، آيس تنهني دَرِ
    سونهارا سورٺ وَرَ، ڪا منهنجي ڪَرِ
    ڀلا ڀيري ڀَرِ، پالهو پنڌ پينار جو
    بيت جي آخري سٽ ۾ تجنيس ِحرفي جا ٻه مثال پيش ڪيل آهن. اول ڀلا، ڀيري، ڀَرِ ۽ پوءِ پالهو، پاند، پينار. پهريان لفظ حرف ’ڀ‘ سان ۽ پويان ٽي لفظ ’پ‘ سان شروع ٿين ٿا. سُر سورٺ مان ٻيا مثال:
    ڪنجھي ڪيرت ڪينرو، واڄو ولاتي
    هنئي تند حضور ۾، تنهه پارس پيراتي .... الخ
    مٿو مور نه پاڙيان، تنهنجي تند تنوار
    سر ۾ سڄڻ ناھ ڪين، موٽُ مَ مڱڻهار
    ڪينهين منجهه ڪپار، لڄيندو ٿو لاهيان
    سُر ڪيڏارو مان تجنيس ِحرفي جا مثال پيش آهن :
    هوڏاھ هن هاڪارئو، هيڏاھ هي هڻن
    سرنايون ۽ سنڌڙا، ٻنهي پار ٻرن
    گھوٽن ۽ گھوڙن، رڻ ۾ لائون لڌيون
    مٿين بيت جي پهرين سٽ ۾ هڪ ئي وقت تجنيس ِحرفي وارا ڇهه لفظ آيل آهن. هوڏاھ، هن، هاڪارئو، هيڏاھ، هي، هڻن. جيڪي سمورا حرف ’ھ‘ سان شروع ٿين ٿا. هي تجنيس ِحرفي جو عمدو مثال آهي. ٻيا مثال هن ريت آهن.
    محرم موٽي آئيو، آئيا تان نه امام
    مديني جا ڄام، مولا! مونکي ميڙيين
    ــــــــــ
    ڏٺو محرم ماھ، سنڪو شهزادن ٿئو
    مڪي مديني ماڙهين، رنو مٿي راھ
    تنهه واحد کي واھ، جو حڪم ههڙائي ڪري
    سُر رِپَ مان تجنيس ِحرفي جا مثال پيش ڪجن ٿا :
    نه مون سَوَڙِ نه گبرو، اتر اوتون ڏي
    سيءُ سارينديون سي، جني نڌر نجھرا
    بيت جي ٻي سٽ ۾ سيءُ، سارينديون، سي تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جن جي شروع ۾ حرف ’س‘ آيو آهي. ٻيا مثال :
    نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکين
    اُجھامئو ٻرن، توکي سارئو سپرين
    ــــــــــ
    سئو سُکن ساٽي ڏيئي، ورھ وهايم هيڪڙو
    مون کي تنهه، نيئي پير ڏيکاريو پرين جو
    سُر پورب مان تجنيس ِحرفي جا مثال :
    نانگن ڪين نمائيو، ناٿُ نمايو نينهه
    مڙهين اُٺا مينهه، جوڳيان سندي ذات کي
    مٿين سٽ ۾ نمائيو، ناٿ، نمايو، نينهه، تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جيڪي سمورا ’ن‘ سان شروع ٿين ٿا. سُر پورب مان ٻيا مثال:
    نڪين نمن ناٿ کي، ناٿ نه نمائين
    جاٽرا ڪن نه جوڳ کي، جوڳُ نه جوهارين
    آديسي آڻين، اهڃاڻيون الماس جون
    ـــــــــــ
    جي تون چيلو چائيين، تان پَرِ گروءَ جي پار
    هوائون هينگلاج ڏي، ويندي سڀ وسار
    نانگا ناٿ نهار، سامي وڏي سڪ سين
    سُر رامڪليءَ ۾ تجنيس ِحرفي جا تمام گھڻا مثال ملن ٿا، جن مان چند هيٺ پيش ڪجن ٿا :
    ڪن ڦٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا، ڪن ڪٽ
    دونهان جن دکائيا، هلي مٿي هٽ
    خاڪ جنين جي کٽ، هلو تڪيا پسون تن جا
    مٿين بيت جي پهرين سٽ ۾ هڪ ئي وقت تجنيس ِ حرفي وارا ڇهه لفظ آندا ويا آهن. ڪن ڦٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪنوٽيا، ڪن ڪٽ جيڪي سمورا حرف ’ڪ‘ سان شروع ٿين ٿا. ساڳي سُر مان ڪجهه ٻيا مثال :
    ڪن ڪپائي ڪاپڙي، جندا ٿيءُ جوان
    ڪاھ ته لڳئي ڪانُ، نانگن هٿان نينهه جو
    ــــــــــ
    ڪن ڦٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، لنگ لانگوٽيا لال
    لاهوتي لطيف چئي، موهيا ڪنهه نه مال
    ههڙا جني حال، هلو تڪيا پسون تن جا
    ـــــــــــ
    اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳيان ذات
    ڏينهان ڏورڻ ڏک سين، رئڻ سڄيائي رات
    تَنِ جنين جي تات، سي لاهوتي لڏي وئا
    سُر آسا مان تجنيس ِحرفي جا مثال هن ريت آهن :
    جئن جئن ڏمر ڪن، تئن تئن نشا نينهه جا
    محبّت محبوبن، ماڻي مان معلوم ٿئي
    بيت جي ٻي سٽ ۾ محبّت، محبوبن، ماڻي، مان، معلوم تجنيس ِحرفي وارا لفظ آهن جن جي شروعات حرف ’م‘ سان ٿئي ٿي. هيٺ ٻيا مثال ملاحظه ٿين :
    کَرَ کي کپر کاءُ، نانگ مڻيارو نڪري
    اُڀو جو اوناءُ، سِر ڀر سندي سڄڻين
    ــــــــــ
    مونکي ماءُ مجاج، پڃاري جئن پڃئو
    هٿن ڇڏي هاج، ويئي سار سرير مان
    ــــــــــ
    جتي’ آھ‘ نه ’ناھ‘ ڪا، ايءُ خاڪي جو خيال
    جانب جو جمال، پسڻا پري ٿئو
    سُر مارئي ۾ تجنيس ِحرفي جا ڪيترا ئي مثال موجود آهن، جن مان چند مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا :
    اتان اوٺي آئيو، خبر کينءَ کري
    ٻنهي پاسي ٻاجهه ٿي، پئه مَ منڌ مري
    ويندينءَ ويڙِ وري، مليرَ اٺي مينهڙين
    مٿين بيت جي پهرين سٽ ۾ اتان، اوٺي، آئيو ۽ ٽين سٽ ۾ ويندينءَ، ويڙ، وري، تجنيس ِحرفي ورا لفظ آهن جن مان پهريان ٽي حرف ’ا‘ سان ۽ پويان ٽي حرف ’و‘ سان شروع ٿين ٿا.
    سُر مارئيءَ مان ڪجهه ٻيا مثال :
    پاڇاهي نه پاڙيان،سرتيون سُئيءَ ساڻ
    ڍڪي اگھاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ
    ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، اِبِرَ جي اوصاف کي
    ــــــــــ
    هن مند مارو سَنَرا، ڍنگر ڍار رهن
    پاڻي پوڄ پٽن ۾، پکي پاند پين
    هِن کي لوھ لطيف چئي هوءِ کائڙ منجهه کلن
    کاٽونبا کاڄن، مينهه وسندا موٽ تون
    مٿين بيت جي ٻي سٽ ۾ پاڻي، پوڄ، پٽن ۽ پکي، پاند، پين ڇهئي لفظ حرف ’پ‘ سان شروع ٿين ٿا.
    سکو سڀ سرتيون، سِپُنِ مُلا سِيرُ
    ٻئو مٽائي مير، اڀيون اَبرَ آسري
    سُر سهڻي مان تجنيس ِحرفي جا مثال پيش ڪجن ٿا :
    گھڙي گھڙو هٿ ڪري، چيلهه ٻڌي چوتو
    منهنجو من ميهار کي، پار وڃي پهتو
    گوتي ۾ گوتو، مونکي محب ميهار جو
    مٿين بيت جي ٻي سٽ ۾ منهنجو، من، ميهار ۽ ٽين سٽ ۾ مونکي، محب، ميهار ڇهئي لفظ حرف ’م‘ سان شروع ٿين ٿا.
    دهشت دم درياھ ۾، جت هيبت هلاچو
    ورڄي ويرين وچ ۾، ڪاڏي وئو ڪَچو
    ساهڙ ڄام سچو، ساڻي ٿيندم سير ۾
    ـــــــــــ
    ڪارا ڪـُن ڪاري تڳي، گرهڙ ڪن گڙڪا
    مئي متي مهراڻ جا، دوپارا دڙڪا
    ويندي ساهڙ سامهان، جھول ڏنس جھڙڪا
    اچي پيئي اتهين، جت سير سندا سڙڪا
    کرڪن جا کڙڪا، سونهان ٿيڙس سير ۾
    سُر سارنگ ۾ تجنيس ِحرفي جا انيڪ مثال ملن ٿا جن مان چند پيش ڪجن ٿا :
    مون منجھيئي مينهه، ڪوھ ڪرينديس ڪڪرين
    سرلو سارو ڏينهه، مون پريان جو نه لهي
    مٿين بيت جي پهرين سٽ ۾ تجنيس ِحرفي جو ٻه ڀيرا استعمال ٿيل آهي. اول مون، منجھيئي، مينهه ۽ پوءِ ڪوھ، ڪرينديس، ڪڪرين. جن مان پهريان لفظ حرف ’م‘ سان ۽ پويان حرف ’ڪ‘ سان شروع ٿين ٿا. وڌيڪ مثال هن ريت آهن :
    پيه پسايو پانهنجو، نظارو ناگاھ
    لٿو ڪٽ قلوب تان، ٿي ورونھڻ واھ
    اميدون ارواھ، پيه پسندي پنيون
    ــــــــــــــ
    اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برج سين
    ساز، سارنگيون، سرندڙا، بجائيين برچنگ
    صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڊام تي
    واهند ئان وڄ ٿي، گڙيون ڏونهه گنباٽَ
    ڪنڍيون ڪاهي ڪسَ ڪريو، وَڇون ڪريو واٽَ
    سنگھارن سک ٿئا، لٿي اڃ اساٽ
    جھڙ ڦڙ ڏيئي جھاٽ، پُسائينديون پَٽيون
    شاھ سائينءَ جي رسالي جو اڃان باريڪ بينيءَ سان مطالعو ڪبو ته منجھس تجنيس ِحرفي جي سونهن سان سينگاريل وڌيڪ ڪيترائي بيت نظر ايندا. مون هن مختصر مقالي ۾ ڀٽائي جي فقط چند نمايان سُرن مان اوهان کي ان سونهن جا جھلڪا پَسايا آهن.


    سُر يمن ڪلياڻ ۾ علم ۽ عمل جو تصور

    عام طور تي علم جي معنى ڄاڻ، خبر يا معلومات ۽ عمل جو مطلب ڪاربند رهڻ يا ڪري ڏيکارڻ ورتو ويندو آهي. پر هتي علم ۽ عمل جا لفظ پنهنجي اندر منفرد معنى رکن ٿا. علم مان مراد اهو علم آهي، جيڪو بندي کي خدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ۾ معاون ۽ مددگار ثابت ٿئي ۽ انسان کي زندگيءَ جي مقصد جي تڪميل جو ڏسُ ڏئي. اهڙي طرح عمل مان مراد عبادت آهي. عبادت اهو عمل آهي جنهن سان انسان پنهنجي مالڪ ۽ خالق ڏانهن رجوع ٿئي ٿو ۽ ربّ جي ربوبيت جو پنهنجي عبديت واري عمل ذريعي اعتراف ڪري ٿو.
    علم ۽ عمل جو هڪ ٻئي سان گھرو لاڳاپو آهي. علم کان سواءِ عمل اڌورو ۽ نامڪمل آهي. علم ۽ عمل وري محبت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. محبّت هڪ اهڙو جذبو آهي، جيڪو سڀني عملن تي حاوي آهي. محبت جو ڪائنات سان ازلي انگ آهي جيڪو جيڪو تا ابد قائم رهندو. اهو ئي فطري جذبو هڪ طرف انسان جي شخصيت جي تعمير ۽ تڪميل ڪري ٿو ته ٻئي طرف مشيئتِ ايزديءَ مطابق زندگي گذارڻ ۾ مدد ڪري ٿو. مذهب انسان کي محبّت جي ترغيب ڏئي ٿو. دنيا ۾ جن انسانن جو نالو بيحد عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو، تن جي عظمت ۽ مقام جي پس منظر جو جائزو وٺبو ته اسانکي علم، عمل ۽ محبت وارا ٽئي عنصر ڪارفرما نظر ايندا.
    هونئن ته شاھ صاحب جو سڄو رسالو علم ۽ عرفان جي کاڻ آهي. پر مون هتي فقط ’سُر يمن ڪلياڻ‘ مان علم ۽ عمل بابت شاھ سائين جي فلسفي جي روشنيءَ ۾ چند بيتن جو انتخاب ڪيو آهي.
    لطيف سائين علم جي حصول کي تيسيتائين اهميت وارو نه ٿو سڏي، جيسيتائين اهو علم، عمل جي صورت اختيار نه ٿو ڪري. چيو ويندو آهي ته ’پڙهيو آهي پر ڪڙهيو ڪونهي.‘ اُٺ ڪتابن جا پڙهڻ سان ڪو ماڻهو قابلِ تعظيم ڪونه ليکبو، جيسيتائين هن انهيءَ علم کي هيئين سان هنڊايو نه آهي. جيڪو علم قلب جي ڪسُ لاهڻ جو باعث نه بڻجي پوءِ ڀلي اهو ڪيڏو به وسيع ڇونه هجي پر ان جي اصل ۾ ڪا اهميت ڪانه آهي. بقول ڀٽائي گھوٽ اهو علم وڌيڪ خساري جو سبب بڻجي ٿو جو انسان ورق ته گھڻا ورائي ڇڏي پر اهو علم سندس انسانيت ۽ نيڪيءَ جي راھ ۾ ڪا رهنمائي ڪري نه سگھي. هتي علم مان مراد سطحي، فروعي ۽ ظاهري علم آهي. لطيف سائين فرمايو :
    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾
    پاڻان ڏوھ چڙهن، جي ورق ورائن وترا
    ظاهري ۽ دنياوي علم مان دنوي فائدا ته حاصل ٿي سگھن ٿا پر زندگيءَ جو اصل مقصد جنهن لاءِ انسان کي تخليق ڪيو ويو پورو نه ٿو ٿئي. علم اهو سُڦلو آهي جيڪو پرينءَ تائين پُڄائڻ جي واٽ سونهائي. پرين کي پسڻ لاءِ اهڙن پنن پڙهڻ جي ضرورت آهي جيڪي انسان کي سندس مطلوب ۽ مقصود، ڪائنات جي خالق ۽ مالڪ ڏانهن رجوع ڪن. دنيا ۾ عام طور دنيوي ۽ ظاهري علم ڏانهن رغبت وڌيڪ آهي، ان ڪري شاھ صاحب اهڙن انسانن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي فرمايو :
    سا سِٽ نه سارين، الف جنهن جي اڳَ ۾
    ناحق نهارين، پنا ٻيا پرينءَ لئي
    دنيا اهڙن انسانن کان صفا خالي ڪونه ٿي وئي آهي، جيڪي زندگيءَ جو مقصد ئي وساري ويٺا هجن. اهڙا خدا جا بندا هن زمين تي هر دور ۾ موجود رهيا آهن، جن اشرف المخلوقات واري شرف جو حق ادا ڪيو ۽ حاڪم جي حڪمن جي پوئواري ڪئي. هنن الست بربڪم ۽ قالوبلى وارو قول ڪونه وساريو ۽ الله سان پنهنجي لونءَ لڳائي. اهڙن انسانن جو ان محبوبِ حقيقي کان سواءِ ٻنهي جهانن ۾ ڪو مقصود ڪونه هو ۽ ائين اهي سوڙهن پيچرن ۽ مشڪل امتحانن مان پار پئي وڃي پنهنجي مطلوب ۽ مقصود سان مليا. اهڙن انسانن ظاهري علم جي بجاءِ اٿي الف ( الله ) سان اوريو ۽ مقصد جا موتي حاصل ڪيا. لطيف سرڪار فرمايو :
    سا سِٽ ساريائون، الف جنهن جي اَڳَ ۾
    لامقصود في الدارين، ان پر اتائون
    سڳر سوٺائون، ٿئا رسيلا رحمان سين
    سالڪن جي صحبت ۾ رهڻ وارن کي هميشه اها ئي تلقين ڪئي وئي آهي ته هو فقط پنهنجو ڌيان ان علم جي سرچشمي ڏانهن مرڪوز ڪن جيڪو جيڪو علمِ ڪُل آهي. اهو مرڪز الله پاڪ جي ذات آهي، جنهن جي اسانجي دلين تي حڪمراني آهي. سو جڏهن انسان ان علم ۽ حڪمت جي مخزن ڏانهن پنهنجو توجه مرڪوز ڪندو ۽ ان سان لونءَ لڳائيندو ته ٻين پنن پڙهڻ جي کيس ضرورت ئي درپيش ڪانه ايندي. ٻيا علم ازخود سندس سيني ۾ سمائجي ويندا. لاکيڻي لطيف سچي سالڪ جي حيثيت ۾ اها ئي هدايت فرمائي آهي ته الله جي ياد سان اندر کي اُجاري اڇو ڪَرِ، جيڪو خدا رسائيءَ جو بنيادي شرط آهي، ٻيا سڀ ورق وساري ڇڏ.
    اکر پڙھ الف جو، ورق سڀ وسار
    اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا
    جئن ته علم جو محور ۽ منبه ربّ پاڪ جي ذات ئي آهي ۽ دنيا جا سمورا علم انهيءَ جي سرچشمي مان ئي ڦٽي نڪتا آهن. انهن علمن جي حاصل ڪرڻ لاءِ ان ڄاڻ جي کاڻ ڏانهن ئي رجوع ڪرڻو آهي. پوءِ جيڪڏهن ڪامل يقين، پختي ايمان ۽ بي لوث محبت وچان ان خالق ۽ مالڪ سان لونءَ لڳائبي ته پوءِ ڪوڙين ڪتابن پڙهڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪانه رهندي. ڇالاءِ ته انهن ڪتابن وارو علم پڻ ان محور جي ئي مرحونِ منت آهي ۽ ان جو پرتوو پڻ. تنهنڪري اهڙي طالب لاءِ فقط بسم الله ئي ڪافي آهي. لطيف ان خوبصورت خيال کي بيت جي مالها ۾ پوئي هن ريت پيش ڪري ٿو :
    ڪوڙئين ڪتابن ۾، حرف مڙيو ئي هيڪ
    جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿي
    ساڳي فلسفي سان ٺهڪندڙ هڪ ٻي بيت ۾ لطيف سائين فرمايو آهي :
    تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرينءَ جو
    ڪهڙي ڪاتب ڪرين، مٿي پنن پيهه
    جي ورق ورائين ويهه، ته اکر اهوئي هڪڙو
    عمل ذريعي انسان پنهنجي جذبن، اُمنگن عقيدن ۽ نظرين جو اظهار ڪري ٿو. جنت ۽ جهنم جو فلسفو پڻ عمل تي مدار رکي ٿو. بقول علامه اقبال :
    عمل سي زندگي بنتي هي، جنت بهي جهنم بهي
    يه خاکي اپني فطرت مين، نه نوري هي نه ناري هي
    انسان لاءِ عمل اهو ئي بهتر آهي، جنهن سان هو پنهنجي خلقڻهار کي راضي ڪري سگھي. ٻين لفظن ۾ عمل مان مراد عبادتِ الاهي آهي. عبادت جو معيار ڪهڙو هئڻ گھرجي! تَنهنجو ڏسُ ڏيندي شاھ صاحب فرمائي ٿو ته پنهنجي تنَ کي عبادت گاھ (مسجد) ۽ دل کي محبوب جو مَسڪن بڻائي ڇڏ ۽ پوءِ اَٺ ئي پهر انهيءَ پرينءَ جي پچار ڪندو رھ، ۽ ان عمل جي ايتري ته مشق ڪر جو توکي اها هستي جيڪا پَسڻ کان پري هئي، تَنهنجو جلوو ڪائنات جي هر هڪ شيءِ ۾ نظر اچي. اها فنا في الله واري منزل آهي، جنهن لاءِ وڏي محنت ۽ مشقت، زهد يا تقوى جي ضرورت آهي. مذڪوره مفهوم کي لاکيڻي لطيف هن بيت ۾ فرمايو آهي :
    تَنُ کُڏي، مَنُ حجرو، ڪيم چاليها رکُ
    ڪهه نه پوڄيو پوڄين، اَٺئي پهر الکُ
    تان تون پاڻ پرکُ ! سڀ ڪهه ڏانهن سامهم
    پوءِ جڏهن انسان مسلسل عملي جدوجهد سان مَنَ جون سَڌون ماري، نفس پليد تي قابض ٿي شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جون منزلون اُڪري فنا واري منزل تي رَسي ٿو ته پوءِ هر وقت سندس زبان تي حق تعالى جو ذڪر رهي ٿو ۽ هو هڪ ساعت لاءِ به غافل نه ٿو رهي، ۽ ’فاذ کروني اذکرکم‘ وارو عمل جاري رهي ٿو يعني ٻانهي جي سڏ ۾ مالڪ سڏ ڏئي ٿو. اهڙي انسان کي ربّ العالمين پنهنجن پيارن ٻانهن ۾ شامل ڪري ٿوڇڏي .
    عاشقن الله جي، سدا وائي وات
    فاذ کروني اذکرکم، تَنَ ۾ اها تاتِ
    ان کان ڪانه ساعت، سڄڻ ويل نه وسري
    عمل ۽ عبادت جي اعلى قدرن جي ترجماني ڪندي لاکيڻي لطيف نهايت خوبصورت خيال پيش ڪيا آهن. فرمائي ٿو ته اي سالڪ ! جيڪڏهن الاهي عشق جي تابش توکي تنور وانگر تپائي ڇڏي ته صبر جو دامن هٿان نه ڇڏ، پر ان کي صبر ۽ شڪر جا ڇنڊا هڻي جھَڪو ڪرِ ۽ ادب واري واٽ وٺي انهيءَ محبت واري مٺي باھ ۾ پچندو رھ. پوءِ ايڪانت اختيار ڪري مراقبي ۾ عشق جي راھ جون ڪَٺن منزلون طيءِ ڪندو رھ. هن سموري واردات کي هر خاص ۽ عام آڏو پڌرو نه ڪر، متان لوڪ جي چوءِ پچوءِ تنهنجي وصال واري واٽ ۾ رخني جو سبب نه بڻجي پوي.
    جي تتو تن تنور جئن، ته ڇنڊي سان ڇماءِ
    آڻي آڳ ادب جي، ٻاري جان جلاءِ
    برقئا اندر بازيون، پهجيون سڀ پچاءِ
    لڇڻ لنون لطيف چي، پڌر هڏ مَ پاءِ
    متان لوڪ لکاءِ، وصالا وچ پئي
    هاڻي جڏهن انسان عمل ذريعي پنهنجي ربّ کي ويجھو وڃي ٿئي ٿو ته پوءِ سندس طبيعت جو رنگ ئي مٽجي وڃي ٿو، منجھس تـفــّڪر ۽ تدّبر جون خوبيون اُڀري اچن ٿيون. صبر ۽ استقامت سندس شيوو بڻجي وڃن ٿا. درد ۽ سور سندس ساٿي ٿي رهن ٿا. پوءِ هن جي زبان ۽ قلب تي فقط ذڪرِ الاهي جو ورد رهي ٿو ۽ ائين هو پنهنجي پرينءَ کي پَسندو رهي ٿو.
    جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن
    فڪرَ ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪن
    پنون سو پڙهن، جنهن ۾ پسنِ پرينءَ کي


    سُر ڪوهياريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سنيهو

    حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي هڪ اهڙو وينجھار هو جنهن جو پورهيو ڪڏهن به پئي پراڻو نه ٿيندو. هن اهڙا ته هيرا ۽ موتي، پارس ۽ پکراج عالم کي آڇيا آهن، جن جو قدر ۽ قيمت، چمڪ ۽ دمڪ هر دور ۾ اڳي کان اڳري رهندي.
    شاھ سائين لوڪ داستانن کي پنهنجي رسالي ۾ جاءِ ڏئي هميشه لاءِ اَمر ڪري ڇڏيو آهي. انهن داستانن جي ڪردارن ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن ڪردار کي پنهنجي ڪلام ۾ سمايو اٿس، سو سسئيءَ جوڪردار آهي. جنهن کان لاکيڻو لطيف ايتري قدر ته متاثر ٿيو، جو سندس حالتن ۽ ڪيفيتن کي پورن پنجن سُرن ۾ پيش ڪيو اٿس.
    سسئيءَ جي ڪردار کي منفرد ڪوٺيندي ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي پي ايڇ . ڊي ٿيسز ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ ۾ لکي ٿي :
    ” دنيا جي شاعريءَ ۾ سسئيءَ جهڙا ڪردار تمام ٿورا آهن. البته خود سسئيءَ جو ڪردار سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪي، پنجابي، بلوچي، راجستاني، ڪڇي، اردو، هندي ۽ فارسي شاعرن ڳايو آهي.“
    ترتيب جي لحاظ کان ’سُر ڪوهياري‘ سسئيءَ وارن سُرن ۾ چوٿين نمبر تي آندل آهي. جيڪو جملي ڇهن داستانن ۽ نون واين تي مشتمل آهي. داستان پهرين ۾ 17، ٻي ۾15، ٽين ۾ 8، چوٿين ۾ 11، پنجين ۾ 12 ۽ ڇهين ۾ 13 بيت آهن. اهڙي طرح بيتن جو ڪُل تعداد 76 آهي. اهي انگ اکر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏنل رسالي ”شاھ جو رسالو شاھ جو ڪلام“ جلد 8 ۽ 9 مان ورتل آهن.
    لفظ ’ڪوهيار‘ ڪوھ يعني جبل جي معنى ۾ آيل آهي. هن سُر ۾ ان لاءِ ڏونگر جو لفظ گھڻو استعمال ڪيل آهي. اهي ڏونگر جيڪي سسئيءَ جي انهيءَ اڻانگي سفر ۾ کيس آڏو آيا. ڏونگر لاءِ سسئيءَ جي ٻين سُرن ۾ ڪوھ، روھ، ڇپر، ٽڪر وغيره جا لفظ ڪم آندل آهن. هن سُر جو مُکُ موضوع اها غفلت ڀري ننڊ نڀاڳي آهي، جنهن سسئيءَ کي اهي ڏوٺ ڏينهن ڏيکاريا. هن سُر ۾ شاھ صاحب پڻ سسئيءَ کي انهيءَ غفلت واري عمل تي خوب ڇينڀ ڪڍي آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سُر ڪوهياريءَ ۾ بيان ڪيل مُکُ موضوع متعلق لکي ٿو : ”غفلت واري ننڊ ۾ سمهڻ جي سسئيءَ تي ميار، هن سُر جو مُکُ موضوع آهي.“
    جئن جمود، موت جي مثال آهي ۽ تحرڪ زندگيءَ جي معنى رکي ٿو، تئن ننڊ موت جو دليل ۽ سُجاڳي زندگيءَ جي تعبير آهي. هي دنيا سعي ۽ عمل جي جاءِ آهي. هتي جيڪو لوچيندو سو ئي لهندو. ٻين لفظن ۾ لوچڻ، سوچڻ، ڳولهڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو نالو ئي زندگي آهي.
    هونءَ ته ڀٽ ڌڻي ڀلاري جو گھڻو ئي ڪلام سجاڳيءَ جي سبق سان ڀريو پيو آهي، پر سندس سسئيءَ متعلق پنجن ئي سُرن ۾ اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته مقصد جا موتي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۽ سجاڳيءَ جي سخت ضرورت آهي.
    پير ڊگھا ڪري بي اونو ٿي سمهي پوڻ واري عمل کي لطيف سائين ڪمينن جو ڪم سڏيو آهي. سسئي به ته بي فڪر ٿي سمهي پئي هئي. ڀٽائي صاحب ساڻس مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته اهو ڪمينن وارو ڪم تو ڪيئن ڪيو! پير ڊگھا ڪري سوير ئي سمهي پئينءَ. تو هوتن ڪارڻ جاڳي رات اکين تي ڇونه ڪاٽي. اهڙين اڻاسين کي ته ننڊ واري غفلت جي نتيجي ۾ طعنا ۽ ملامتون ئي نصيب ٿينديون آهن. هاڻي جيڪي ننڊ جي ڪڙولن ۾ ڪڙجي وينديون سي ڀلا پنهونءَ کي ڪيئن پَسي سگھنديون!
    اي ڪم ڪميڻين، جئن ستينءَ پير ڊگھا ڪري
    ننڊران نماڻين کي، اوڀالا اچن
    ليٽينءَ ڪيئن لطيف چئي، هاري ريءَ هوتن
    سي ڪيئن پنهون پسن، جن کي نِيرُ ننڊ جو
    لطيف سرڪار سسئيءَ کي مسلسل پنهنجي غفلت ۽ غلطيءَ جو احساس ڏياريندو ٿو اچي. فرمائي ٿو ته سسئي! تو پاڻ سان وڏي جٺ ڪري ڇڏي جو پير ڊگھا ڪري بي پرواھ ٿي بستري تي پئجي رهينءَ. توکي ته دروازي لڳ اُڀو ٿي بيهي پنهل جو انتظار ڪرڻ گھربو هو. تنهنجي اندر ۾ اهو کٽڪو به هئڻ کپندو هو ته متان ڏيرن جي من ۾ مير هجي. اُڀي ٿي انتظار ڪرڻ سان شايد تون سندن ڪو ڀڻڪو، ڪا سُر پُر، ڪو آواز ٻڌي وٺين ها. ڪا مام پروڙي سگھين ها. تون ڀلا پنهون ڄام جي ڪا سڳي سياء يا ويجھي مائٽياڻي ته ڪونه هئينءَ. آخر ته پنهل سان تنهنجو پاند اٽڪيو هو، جيڪو وڏ گھراڻو ۽ سردار جو پُٽ هو. تنهنڪري تنهنجي اندر کي هڪ اڻڄاتل اونو ضرور هئڻ کپندو هو. پر اي بدنصيب! تو ته پاڻ کي نڀاڳي ننڊ جي حوالي ڪري پنهنجي لاءِ اڻ کُٽ درد خريد ڪيو.
    وڏي جاڙ ڪياءِ، جئن سُتينءَ پير ڊگھا ڪري
    دَرَ ڀَر اُڀيين دوست جي، ته سُر ٻُر هوند سُياء
    اصل آري ڄام جِي، سڳي تون نه سياءِ
    پنهونءَ سين پيياءِ، تون اڀاڳي ننڊرون ڪرين
    سسئي کي جڏهن سندس غفلت جي سزا ملي ۽ مٿس تڪليفن جا پهاڙ ٽٽي پيا ته هوءَ ڏيهنِ کي ڏسَ ڏيڻ لڳي. هوءَ پنهنجي جيڏين، سرتين، سهيلين سان مخاطب ٿي کين چوڻ لڳي، جيڏيون! جيڪڏهن منهنجي مٿان ويساھ ڪيو ته پنهنجن نيڻن کي ننڊ تي اصل نه هيرايو، ڇوته ويسرن ۽ بي خبرن جا سڄڻ غفلت واري ننڊ جو فائدو وٺي هميشه هليا ويا. پوءِ وهاڻيءَ ويل لوڪ جا طعنا ۽ تُنڪا انهن بي لڄين کي سَهڻا پون ٿا. تنهنڪري هميشه سُجاڳُ رهو. جئن پرينءَ کي پَسي به سگھو ۽ لوڪ جي طعنن کان بچي به سگھو.
    اصل اسارن جا، سُتي وَهَيا سيڻ
    وهاڻيءَ جا ويڻ، ٿيون لوٺيون سهن لوڪ ۾
    چوندا آهن ته تِرَ جي گُٿي سَوَ چوٽون کائي! سسئي به تِرَ تان گُٿي هئي. سو هاڻي هن سرتين کي اهو ڏس پئي ڏنو ته جيڏيون! ننڊ کي پنهنجو ويري تصّور ڪجو. متان غفلت ۾ غلطان ٿي سمهي رهو ۽ پوءِ مون وانگر ويهي هَنجون هاريو، ڳوڙها ڳاڙيو ۽ وَيڙِ ۾ ويهي واڪا ڪيو. سُجاڳيءَ جي صورت ۾ ئي اوهان جو پرين اوهان کي حاصل ٿيندو.
    ننڊ ويرياڻي هوءِ، جيڏيون جِمَ سمهو
    مَڇُڻِ مون جئن روءِ، ڪا واڪا ڪئو وَيڙِ ۾
    لطيف سائين علامتن جي اوٽ عام انسان کي به سجاڳيءَ جو سبق ڏئي ٿو. سسئيءَ جي غفلت ۽ غلطيءَ واري عمل جو اظهار علامتي طور پيش ڪندي ساڻس مخاطب ٿئي ٿو. گويا کيس اڳواٽ ئي هوشيار ڪندي فرمائي ٿو. اي غافل! تون غفلت ڇڏي ڏي. اي بي لڄي! تون ڪٿي ننڊ جي گھوماٽن ۾ پنهنجو پيارو پنهل نه وڃائي ويهي رهين. هو چپ چپات ۾ نڪري وڃي پنهنجي منزل تي رسي ۽ تون گھڻو پوئتي رهجي وڃي. پوءِ ويٺي وڻن ۾ واڪا ڪرين. يعنى توکي غفلت سبب مصيبتن جا پهاڙ جھاڳڻا پون.
    غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪئن اڻاسي اوجھَرين
    هوءِ چُپَاتا چڙهي وئا، وڃي پهتا توڙِ
    نيڻين ننڊ اُ کوڙ، جَمَ وڻن ۾ واڪا ڪرين
    دراصل ان علامت جي اوٽ لطيف سائين عام انسان کي آگاھ ٿو ڪري ته مقصد ماڻڻ لاءِ سجاڳيءَ جي سخت ضروت آهي. تنهن ڪري تون غفلت ۾ غلطان ٿي پاڻ کي مصيبتن جي مَچَ ۾ نه ڦٽو ڪر. ورنه توکي پشيمانيءَ جا هٿ مهٽڻا پوندا.
    انسان جا به ويرا آهن. ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن. سسئيءَ کي به جڏهن دردن تپايو پئي ته ان وقت کانئس پنهنجي ڪوتاهي وسري ٿي ويئي. پوءِ پرپٺ پنهونءَ کي پئي ميارون ڏنائين.
    ڏونگر ڏوراپو، پهرين چونديس پرينءَ کي
    پهڻن پير پٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو
    رحم نه پيئي روح ۾، قدر منهنجو ڪو
    واڪو ڪنديس وو، مونسين جبل ٿو جاڙون ڪري
    هونءَ ته سسئيءَ ڏوراپو ڪنهن حد تائين ٺهي به پيو، ڇوته پنهل کيس غفلت جي ننڊ ۾ ستل ڇڏي ڀائرن سان روھ ڏانهن راهي ٿيو. پر انهيءَ ڏوراپي جي ته نوبت ئي نه اچي ها جيڪڏهن هوءَ اکين کي اوجاڳو ڏيئي پنهونءَ جو سيج تي جاڳي انتظار ڪري ها. ٻين لفظن ۾ ته اهو سسئيءَ جي پنهنجي ئي سُستيءَ ۽ غفلت جو نتيجو هو جنهن کيس پهاڙن جي اڻانگن پيچرن تي پنڌ ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سندس پير پٿون ٿيا. تريون ڇلجي پيون ۽ لَٽا ليڙون ٿيا. چنڊ جهڙو چهرو ڪومائجي ويو.
    سسئي جڏهن ڪيچين کي ڪچو ٿي ڪيو ته لطيف سرڪار ان گھڙي کيس وري به پنهنجي غفلت ۽ ڪوتاهي ياد ڏياري ۽ چيو ته مئن وانگر سويلي ئي مُنهن ويڙهي سمهين ته پاڻ رهينءَ. پنهنجي اکين کي اوجاڳي تي هيرائين ها ته هرگز توکي هي ڏينهن ڏسڻا ڪونه پون ها. هاڻي هٿ وڍيءَ کي وساري ڪيچين کي ڪَچو پئي ڪرين! هاڻي ته توکي ايڏي غفلت ۽ غلطيءَ جو ازالو ڪرڻو ئي پوندو.
    منهن ويڙهي مئن جئن، سُتينءَ سنجھي ئي
    اوجاڳو اکين کي، ڄاتوءِ نه ڏيئي
    هٿان تو پيئي، ٿي ڪَچو ڪيچين کي ڪرين
    سُر ڪوهياريءَ ۾ لطيف سائين انسان کي سسئيءَ جي ان صبر آزما ۽ عبرت انگيز سانحي مان سُجاڳي جو سبق سکڻ جي هن ريت هدايت فرمائي ٿو :
    جيڪي سسئيءَ وانگر نرم بسترن تي پير ڊگھا ڪري سويل ئي سمهي رهنديون، انهن جو سپرين ائين ساٿ ڇڏي هليو ويندو، جئن پنهل ڄام، سسئيءَ کي سيج ۾ سُڃ ڳڻائي هليو ويو.
    جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگھا ڪري
    تڏهن تنين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو
    لطيف سرڪار ان رات جي اهميت متعلق سسئيءَ کي سُڌِ ڏيندي چوي ٿو ته توکي کپندو هو ته اها رات مهمانن سان گڏ ويهي گذارين ها. پر تو ته اها رات اکين تي ڪاٽڻ بجاءِ غفلت ڀري ننڊ ۾ گذاري. تڏهن ته توکي ان غفلت جي نتيجي ۾ اهي ڏوٺ ڏينهن ڏسڻا پيا.
    ليل نه جاڳين لک سين، ڪُلي نومُ ڪئاءِ
    قُم ٿي پهچ قريب کي، اِجلس تو نه جُڳاءِ
    مُٺي مهمانن سين، ويهي رات وِهاءِ
    جيلاه ننڊ نئاءِ، تي روز روئين ٿي راه کي
    ساڳي ئي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي.
    ليل نه جاڳينءَ لک سين، سُتينءَ رات سڄي
    هتان هوتاڻين جيون، ويون خُرزِينُون کڄي
    ڀوري تو ڀڄي، سَبَبِ ڪنهه ساٿ مِڙين
    آخر هڪ مرحلي تي سسئيءَ کي پنهنجين ڪمين ۽ ڪوتاهين جو شدت سان احساس ٿيو. هاڻي هوءَ بي حد شرمسار هئي. پر هن همت ڪونه هاري. همت ۽ حوصلي جي پيڪر هيءَ نحيف نماڻي عورت وِيرئون وير وَڌ هئي. اڳتي وڌندي رهي. هن کي هاڻي اهو به احساس ٿيڻ لڳو هو ته پنهل ڄام سان ڀلا سندس حجت جي واٽ ڪهڙي! هن ته پاڻ کي جهڙي تهڙي ڀائين ٻاروچن جي ٻانهي سڏائڻ ۾ فخر محسوس پئي ڪيو. پاڻ کي هيچ ۽ نيچ سڏيو. جانب جي ته جُتيءَ مَٽُ به پاڻ کي ڪونه ڀانيو. ڀلا جنهن محبوب سان اَزلَ جو انگ هجي، ان کي ڪو وساري به سگھجي ٿو ڇا!
    جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي
    حجت هوت پنهونءَ سان، مون ڪميڻيءَ ڪيهي
    هو جا پائن پير ۾، تنهن جُتيءَ نه جيهي
    وِساري ويهي، تن ڪيچين کي ڪيئن رهان


    مددي ڪتاب
    o شاھ جو رسالو ـــ شاھ جو ڪلام (جلد 8_9) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
    o شاھ جو رسالو مرتب: غلام محمد شهواڻي
    o شاھ جي شاعري ۾ عورت جو روپ ڊاڪٽر فهمده حسين
    o لطيف جو پيغام ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي
    o عرفانِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد


    تشبيهن جي سونهن

    تشبيهه مان مراد آهي هڪ شيءِ جي ٻي شيءِ سان سندس گڻن ۽ اوگڻن ۾ هڪ جهڙائي ڏيکارڻ. پوءِ اهي گڻ يا اَوگڻ ڪهڙي به نوعيت جا هجن. مثلاً قد بت، شڪل شباهت، رنگ ڍنگ، عادات اطوار وغيره وغيره. سولن لفظن ۾ ٻن اسمن جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪرڻ کي تشبيهه چئبو. ڪنهن به سڌريل ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ تشبيهه جو استعمال عام هوندو آهي. کڻي چئجي ته تشبيهون ادبي ٻوليءَ جي جان هونديون آهن. پنهنجو مطلب ۽ مفهوم سمجھائڻ لاءِ به تشبيهن جو سهارو وٺڻ ضروري هوندو آهي. اسان جي سنڌي زبان تشبيهن جي دولت سان مالا مال آهي.
    لطيف سائين جي رسالي جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان جا سمورا سُرَ تشبيهن سان ٽمٽار آهن. تشبيهون به اهڙيون ته موزن مناسب ۽ موقعي مهل توڙي مفهوم جي لحاظ کان آنديون ويون آهن جو پڙهندڙ حيران ٿي وڃي ٿو ۽ لطيف سائين جي مشاهدي کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھي. هتي رسالي جي ڪجهه سُرن مان خوبصورت تشبيهن جا مثال پيش ڪجن ٿا. جنهن مان لاکيڻي لطيف جي فن، فڪر ۽ مشاهدي جو بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سُر يمن ڪلياڻ جو هڪ بيت آهي.
    ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾
    لام ( ل ) کي الف ( ا ) سان ملائڻ جون ٻه صورتون آهن. هڪ ’لا‘ ۽ ٻي ’لا‘. لطيف سائين لام کي الف سان ملائڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. هتي پهرين شڪل ۾ لام ۽ الف ڌار بيٺا آهن. يا انهن کي ڌار ڪري سگھجي ٿو. جڏهن ته ٻي شڪل ۾ لام ۽ الف اهڙي صورت اختيار ڪئي آهي جو انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري ئي نه ٿو سگھجي. جي انهن کي ڌار ڪبو ته انهن جي شڪل ئي بگڙي ويندي. لاکيڻي لطيف محبوب جي عاشق جي روح ۾ رچي وڃڻ واري تشبيهه ان ڪاتب جي لام الف واري ڳانڍاپي سان ڏني آهي. جنهن مان سندس فڪر جي بلنديءَ جو پتو پوي ٿو.
    سهڻي کي ميهار جي محبّت ماري وڌو هو. ويتر وڇوي جي واءُ ته سندس حواس ئي خطا ڪري ڇڏيا هئا. ميهار سان ملاقات کي به مدت گذري چڪي هئس، تنهن ڪري سخت پريشان هئي. لطيف سرڪار کي سندس انهيءَ آنڌ مانڌ جو بخوبي احساس هيو. جنهن جو اظهار بيت جي هيٺين سٽن ۾ ڪيائين.
    ڏٺي ڏينهن ٿئام، ڪهه ڄاڻان ڪهڙا پرين
    ولين جئن وريام، گندر غم پرين جا
    سهڻيءَ کي پرين جي غم ۽ گوندر گھيري ويا هئا، جنهن جي تشبيهه لطيف سائين ڪهڙي نه خوبصورت انداز ۾ ڏني آهي. جئن وليون وڌڻ ۾ ويرم ئي نه ڪنديون آهن. وڻ ويڙهيءَ جو ئي مثال وٺجي ته اها ولِ ڪيترو نه تيز رفتاريءَ سان وڻن کي وڪوڙي وٺندي آهي. سهڻيءَ کي غمن گوندرن ائين وڪوڙي ڇڏيو هو.
    سهڻيءَ جي سيني ۾ ميهار جي محبّت جي ميخ اٽڪيل هئي. ميهار سندس من موهي وڌو هو. جئن هن پارس بڻجي سهڻيءَ کي سون بڻائي ڇڏيو هجي. هوءَ ميهار جي اهڙي محبّت لاءِ ڪيتري ٿورائتي آهي. سندس دل جي ترجماني ڪندي لطيف سرڪار خوبصورت تشبيهون ڏئي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. ان ڀلي جي ڀالن جي پهرين تشبيهه سانوڻ ۾ درياءَ جي انهن لهرين سان ڏئي ٿو جن کي شمار ڪري ئي نه ٿو سگھجي. ٻي تشبيهه ٿر جي واريءَ جي ذرن سان ڏني اٿس جيڪي پڻ اڻ کٽ آهن. ٽين تشبيهه تِر وارن سان ڏئي ٿو جن کي ڳڻي سگھڻ مشڪل ۽ محال آهي. پر سهڻي، ميهار جا انهن کان به وڌيڪ ٿورا ٿي ڀانئين. لطيف سائين فرمايو :
    سانوڻ لهريون، ٿر واري، تِر وار
    انهائي اَپارَ، مون سين ڀلي ڀال ڪئا
    سسئي ۽ پنهونءَ جو به مثالي عشق هو. پنهون جڏهن سسئيءَ کان ڌار ڪيو ويو ته هي نماڻي نار مشڪلاتن هيٺ اچي ويئي. انهن تڪليفن سان منهن مقابل ٿي جيڪي عورت ذات جي اُڪارڻ کان ئي مٿي هيون. لطيف سرڪار سسئيءَ جي سورن کان بي خبر ڪونه هو. بلڪه هن ان موقعي تي سندس همت وڌائڻ لاءِ ساڻس مخاطب ٿي چيو:
    متان مُٺي ! ڇڏيين، پريتڻو پاڻا
    ڄاپن جئن ڄاڻا، تون پڻ هوئج تن جيئن
    يعني سسئي متان گھٻرائجي انهيءَ پريت جي پيچ کي ڇني ڇڏين. بلڪه تنهنجو پنهونءَ سان اهڙن جاڙن جهڙو ڳانڍاپو هئڻ گھرجي، جيڪي هڪ ٻئي سان ٻٽُ هوندا آهن ۽ هڪ ٻئي تان جان نڇاور ڪندا آهن. پريت جي پيچ جي جاڙن ٻارن جي هڪ ٻئي سان محبّت سان تشبيهه ڪيڏي نه خوبصورت لڳي ٿي. لفظ ’ڄاڻا‘ جاڙن جي معنى ۾ استعمال ٿيل آهي.
    سسئيءَ جو به اچي پربت پهاڙن سان واسطو پيو هو. اڻانگا ۽ اڻ سنوان پٿريلا رستا، جن سندس پير پٿون ڪري ڇڏيا هئا، پر هيءَ عورت ذات ڪري به ڇا پئي سگھي! انهن سمورين صعوبتن کي تقدير جو ليک سمجھي پئي وکَ وڌائي. هوءَ ڏونگر کي ڏوراپو پئي ڏئي ته تو مونسان وڏيون ڏاڍايون ڪيون آهن. لطيف سائين سندس اندر جي ڪيفيت کي سُرُ ڪوهياري جي بيت ۾ هن ريت سمايو آهي.
    ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا! ڏاڍايون ڪرين
    مون تَنَ اندر تئن وهين، جئن وڻ وڍي واڍو
    ايءُ ڪرم جو ڪاڍو، نا ته پٿر ڪير پنڌ ڪري
    بيت جي ٻي سٽ ۾ لاکيڻو لطيف سسئيءَ جي مٿان جيڪي مصيبتن جا پهاڙ ڪريا پئي ۽ انهن سندس اندر ۾ جيڪي وڍَ ٿي وڌا تن جي تشبيهه واڍي جي وڻ وڍڻ واري عمل سان ڏئي ڪمال ڪيو آهي.
    سُر حسيني ۾ پڻ خوبصورت تمثيلن وارا بيت ملن ٿا. هڪ بيت ملاحظه ٿئي :
    منجھان منهنجي روح، جي وڃي ساڄن وسري
    ته مَرُ لڳي لوھَ، ٿر ٻا ٻيهو ٿي مران
    سسئي پنهنجو پنهل هڪ ساعت لاءِ به وسارڻ کي اذيت ناڪ موت برابر سمجھي ٿي. اهڙي موت جي تشبيهه ’لوھَ‘ ۾ ٿر ٻاٻيهي جي موت سان ڏئي ٿي. چيو وڃي ٿو ته ٿر ۾ وسڪارو نه ٿيڻ واري ٺوٺ سوڪَ واري مند ۾ جڏهن سخت گرم جھولي وگھي ڪانءَ جي پئي اَکِ نڪرندي آهي ته اهڙي ماحول ۾ ٿر جو هڪ ننڍڙو پکي ٻا ٻيهو خشڪي ۽ پياس وگھي نهايت درد ڀرئي آواز ۾ مسلسل دانهيندي پَٽَ تي ڪري پنهنجي جان ڏيندو آهي. اهڙي خوبصورت تشبيهه ڏيڻ سان شاھ سائين جي باريڪ بينيءَ واري مشاهدي ۽ مطالعي جو پتو پوي ٿو.
    سسئيءَ بابت ساڳي سُرَ ۾ هڪ ٻيو تمثيلي بيت آيل آهي جنهن ۾ سسئي پنهنجي اڀري، ڪمزور ۽ معصوم هجڻ جو اعتراف ڪندي انهن سورن ۽ سختين سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته مونکي ايڏو نه ستايو، مان اڳ ۾ ئي نحيف، نٻل ۽ ڪمزور آهيان. لطيف سائين سسئيءَ جي اهڙن ڳرن ڏکن جن سندس جيءَ کي جھوري وڌو آهي، جي تمثيل پاڻيءَ ۾ لوڻ سان ڏني آهي. يعني جئن لوڻ پاڻي ۾ وجھڻ سان پنهنجي وجود وڃائي ويهندو آهي ۽ پاڻيءَ ۾ ڳري ويندو آهي، ائين سسئيءَ جي جندڙيءَ کي ڏکن ڳاري ڇڏيو آهي. بيت جون سٽون هن ريت آهن :
    سورَ ! مَ ڏي ڌوڻ، آنءُ آهيان اڳهين ڪانهري
    جا پَرِ پاڻيءَ لوڻ، سا پَرِ منهنجي جندڙي
    مومل ۽ راڻي جي به مثالي محبّت هئي. مومل جو راڻي کان سواءِ روح ريڌو ئي ڪونه ٿي. هوءَ هر وقت سندس لاءِ منتظر هوندي هئي. تيل ڦليل جا ڏيئا ٻاري ٻانگن تائين اوسيئڙي ۾ رهندي هئي. لطيف سائين کي سندس انهيءَ تڙپ ۽ بيقراريءَ جو بخوبي احساس هو، تنهن ڪري هن مومل جي ان بيقراريءَ ۽ راڻي سان سندس روح جي ٻنڌڻ جي تمثيل ان ٻيڙيءَ سان ڏني آهي، جنهن کي ڪناري تي لنگرانداز ڪري ڪِيرن سان جڪڙي مضبوط ڪيو ويندو آهي. مومل جو روح راڻي وٽِ ائين سوگھو هو. هاڻي هن ويهڻ وِھُ مثل ٿي ڀانئيو تنهن ڪري هر وقت ويٺي نير وهايائين. لطيف سائين مٿين روداد کي بيت جي سٽن ۾ هيئن بيان ڪيو آهي :
    راڻي سندو روح ۾، پسو! پڳهه پئوم
    ٻيڙيءَ جئن ٻڌي وئو، سڌو ساھ سندوم
    ويهڻ وِھُ ٿئوم، جاڳيو ٿي جر هاريان
    مارئي لطيف سائين جو لاثاني ۽ لافاني ڪردار آهي جنهن جو محور ۽ مرڪز ساڻيهه جي سِڪَ آهي. وطن، جنهن لاءِ ڀٽائي صاحب فرمايو ’ حيف تنين تي هوءِ، وطن جن وساريو‘. ڌرتيءَ سان انسان جو ازلي ۽ ابدي رشتو آهي. عمر جي قهري ڪوٽ ۾ مارئي وطن واسين کي هر ساعت پئي ساريو. اتان جي گولاڙن ۽ گاهن کي ياد پئي ڪيو. سندس بُتُ بند ۾ هيو باقي ساھ پساھ مارن وٽ هو. هيٺين بيت ۾ ڀلاري ڀٽ ڌڻي مارئي جي محبّت جو مثال سِبڻَ واري سئيءَ سان ڏئي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. سئي جيڪا بظاهر اسان جي آڏو هڪ معمولي ۽ ننڍڙي شيءِ آهي، ان جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪري پڙهندڙ جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. جنهن مان لطيف سائين جي باريڪ نگاهي جو پتو پوي ٿو. مارئيءَ جو ساھ مارن سان سنهي سُئيءَ واري ٽوپي وانگر ڳنڍيل آهي.
    سنهي سُئيءَ سبيو، مون مارن سين ساھ
    ويٺي ساريان سومرا! گولاڙا ۽ گاھ
    هينئون منهنجو هِت ٿئو، هُتِ مٽي ۽ ماھ
    پَکَنِ منجهه پَساھُ، قالب آهي ڪوٽَ ۾
    سُر مارئيءَ جي هڪ بيت ۾ شاھ صاحب هڪ ئي وقت ٻه تشبيهون ڏنيون آهن. بيت ملاحظه ٿئي :
    جَرَ ۾ سپون جيئن، آهن اَبَرَ آسري
    جيئن ڪونجون سارين روه کي، مون تن اندر تيئن
    هُتِ واعدا وڃڻ جا، هِتِ نه ڀانئيم هيئن
    ڪوٺي ويهان ڪيئن ! جي نظر بندياڻي نه هئان
    بيت جي پهرين سِٽَ ۾ سانگين جي سڪ جو مثال سمنڊ واري سِپَ سان ڏنو ويو آهي، جيڪا مهر ڀرئي مِينهن جي ڦڙي لاءِ آسائتي هوندي آهي ۽ سمنڊ جي سطح تي اچي ان جو انتظار ڪندي آهي. ٻي سِٽَ ۾ وري جئين وَلرَ کان وڇڙيل ڪونج پنهنجي روه کي ساريندي آهي، مارئيءَ جي منَ ۾ مارن لاءِ به اهڙي سِڪَ ۽ آنڌ مانڌ آهي.
    ساڳي سُر ۾ هڪ نهايت خوبصورت تمثيلي بيت ملي ٿو. جنهن ۾ لطيف سائين مارئيءَ جو پنهنجي مارن سان من جي ڳانڍاپي جو مثال ڳنڍير ۾ ڳنڍين سان ڏنو آهي. يعني جيئن ڳنڍير جون ڳنڍيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل يا جڙيل هونديون آهن، تيئن مارئي جو من ماروئڙن سان جُڙيل آهي.
    جئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، تئن مون منُ ماروئڙن سين
    سي ماروئڙا ٿرِ ٿيا، جي ڳڻن جا ڳهير
    تننِ ريءَ همير! گھنگھر گھاريا ڏينهڙا
    نوري پنهنجي صورت توڙي سيرت ۾ سڀني وصفين سهڻي هئي. ان ڪري ئي هن پنهنجي نياز توڙي ناز سان ڄام تماچيءَ جي جيءَ ۾ جايون جوڙيون. مُنهن مهانڊي ۾ هوءَ مهاڻي ته لڳي ئي ڪانه ٿي. وري هن جو منڍ کان ئي رنگ ڍنگ شاهاڻو هو. تنهن ڪري هوءَ ڄامَ وٽ به پٽَ راڻي بڻجي ويٺي. لطيف سرڪار نوريءَ جي ان حيثيت جي تشبيهه سرندڙي جي وچ واري سَڳي يا تار سان ڏني آهي. جڏهن ته سُرندي ۾ پاسن کان ٻيون به تارون هونديون آهن، پر وچ واري تار جي اهميت ئي اور هوندي آهي، جو وچين سڳي سورڻ سان ئي ساز جو سُرُ جُڙندو آهي. شاھ سائين جي سُر ڪاموڏ مان هيٺيون بيت ملاحظه ٿئي :
    هٿين پيرين ارکڻي، مُنهن نه مهاڻي
    جيئن سَڳو منجهه سرندي، تيئن راڻين ۾ راڻي
    اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي
    سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻَڌس ٻانهه ۾

    ظاهري توڙي باطني معنى جي لحاظ کان سُر سارنگ لطيف سرڪار جو شاهڪار سُر آهي. جنهن ۾ ٻين انيڪ خوبين سان گڏ خوبصورت منظر ڪشي ۽ تشبيهات جو رنگ جا بجا نظر اچي ٿو. جيئن هن بيت ۾ ڏسو ته شاھ صاحب ڪيئن مِينهن کي نِينهن سان مشابهت ڏئي ڪمال ڪيو آهي.
    مِينهان ۽ نِينهان، ٻئي اکر هيڪڙي
    جي وسڻ جا وَسَ ڪري، ته ڪڪر ڪن ڪيهان
    بادل ٿي بيهان، جي آگمُ اچڻ جا ڪري
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مِينهن ۽ نِينهن جي تمثيل کي هن ريت سمجھايو آهي :
    ”مِينهان، مينهن جو جمع ۽ نِينهان، نينهه جو جمع آهي. مينهن ۽ نينهن ائين برابر آهن جو ٻنهي جي اچڻ جي ڪا مند ڪانهي. ٻئي جڏهن اچن ته اچي وڃن. جڏهن وَسي تڏهن وَسَ. نِينهن به جڏهن لڳي ته لڳي وڃي. وسڪاري کان اڳُ ڪڪر جُڙي ڪينهان ڪندا آهن، جيڪي وسڻ جا آثار هوندا آهن.“
    سُر رِپَ جي هيٺين بيت ۾ لطيف سائين محبوب جي وڇوڙي جي ڪيفيت لاءِ ڪيڏي نه خوبصورت تشبيهه ڏني آهي :
    اُٺي جنءَ مورن، اوڀڙِ ولهارن ۾
    سا پَرِ گوندر ڪن، جهه ڦوڙائو سڄڻين
    يعني جيئن هيٺاهينءَ يا نشيب واري علائقي ۾ مِينهن وسڻ سان اڀڙِ اڀري پوندي آهي، گل گاھ ٻوٽا ڦٽي پوندا، ائين ئي محبوب جي وڇوڙي ۾ عاشق جي اندر ۾ غمن ۽ گوندرن جا گونچ ڦٽي پوندا آهن. فراق جو غم عاشق جي اندر کي گھائي رکندو آهي.
    ساڳي ئي سُر ۾ شاھ سائين جو هڪ ٻيو بيت ملي ٿو جيڪو تشبيهه جي حوالي سان شاهڪار بيت آهي. فرمائي ٿو :
    ڳَرهَ ۾ ڳجھو روءِ، پڌر وِجهه مَ پرينءَ ري
    سورن سڀرُ هوءِ، هِيڙا ڪُمَ ڪڻن ۾

    هتي لطيف سائين عاشق کي تنبيهه ٿو ڪري ته دکن دردن جي روداد پرينءَ کان علاوه ڪنهن ٻي آڏو پيش نه ڪر، بلڪه اڪيلائيءَ ۾ پاڻ سان سورَ ويٺو سَلِ ۽ پاڻ منجهه سورن سانڍڻ جي سگهه پيدا ڪر. اهي سور تو وٽ ايترا ته ڪٺا ٿي وڃن جو تون انهن سان ڀرجي وڃي. انهن سورن جي شمار جي تشبيهه ڀٽ ڌڻي ڪُمن جي ڪڻن سان ڏئي ٿو. ڪُمُ ڍنڍن ۽ تلائن ۾ اُڀرندڙ پٻڻ جي وَلِ جي گول گُبي کي چئبو آهي جنهن ۾ گھاٽا سنهڙا ڪڻا ڳوڙهو ٿيل هوندا آهن.
    مٿين تشبيهه تي غور ڪجي ٿو ته لطيف سائينءَ جي باريڪ بينيءَ وري اکِ کي داد ڏيڻو پوي ٿو. هن پاڻيءَ جي تري ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ عام ۽ بظاهر خسيس شيءِ کي دردن جي ڳاڻيٽي سان تشبيهه ڏئي عامَ جي توجه جو مرڪز بڻائي ڇڏيو.
    سُر رِپَ جو ئي هڪ بيت پيش ڪجي ٿو جيڪو پنهنجي اندر تشبيهه جي لحاظ کان وڏي معنى رکي ٿو.
    چيتاريان چُڻڪن، وساريان نه وسرن
    ويرون تار ڏکن، سڄڻ ڀڳي هڏ جئن
    شاھ سائين عاشق جي پيڙا جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته هو جئن جئن پرينءَ کي ياد ٿو ڪري تئن تئن سندس سيني ۾ نوان نوان درد اُتپن ٿين ٿا. وسارڻ ته سندس وَسَ ۾ ئي نه آهي. انهن سورن جي اُڀرڻ جو مثال ويرون تار پاڻيءَ سان ڏئي ٿو، معنى تمام گھڻو ستائيندڙ درد. ان درد جي تشبيهه لطيف سرڪار ڀڳل هَڏ سان ڏئي ٿو. يعني جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪو هڏ ڀڄي پوي ته ان ۾ مسلسل درد رهندو آهي. عاشق جي اندر کي به هر ساعت ائين درد ستائيندو رهي ٿو.
    لطيف جي تشبيهن جو به جواب ناهي. هو پرينءَ جي حسن و جمال، نفاست ۽ نزاڪت جي تشبيهه خوبصورت گلن ٻوٽن ۽ سهڻن رنگن واري ڀرت ڀريل ريشمي گجَ سان ڏئي ٿو. اهڙي پرينءَ کي وساري ويهڻ عاشق جي وَسَ ۾ ناهي، ڇو ته محبوب سندس مَنَ ۾ ديرو دمايو آهي. سُر رِپَ جو هيٺيون بيت ڏسو :
    گوني ۽ گُوني، پرين پٽائين گَجَ جئن
    جي منجھوني، سي ڪيئن وڃن وسري
    پرينءَ جي ياد دل مان وساري ويهڻ مشڪل ۽ محال آهي. عاشق جي دل ته محبوب جي ياد سان ئي آباد هوندي آهي. لطيف سائين طالب ۽مطلوب جي روح جي ڳانڍاپي جي تمثيل کوهي نار سان ڏئي ٿو. فرمائي ٿو ته جهڙي ريت ڪچي کوهيءَ تي چڙهيل نار مان واري گاڏڙ پاڻي وهندو آهي ۽ ان واريءَ کي پاڻيءَ کان جدا ڪري ڪونه سگھبو آهي، اهڙي طرح محبوب جي ياد به عاشق جي رڳ رڳ ۾ رچي ويندي آهي. سُر رِپَ جو ئي هڪ بيت آهي :
    جئن سي کوهيءَ نار، وهن واريءَ گاڏئان
    هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري
    محبت جي واٽ ۾ جيڪي مشڪلاتون درپيش اچن ته انهن کي صبر سان سَهڻو آهي. عامَ ۾ واويلا ڪرڻي نه آهي. ان ۾ ئي عاشق جو معراج آهي. شاھ سائين سُر رِپَ ۾ عاشق کي ڪنڀر جي جي آويءَ کان نينهن جو سبق سکڻ جي تلقين ڪري ٿو. جهڙي ريت آويءَ ۾ اندر ته ڏينهن رات باھ جا آڙاھ پيا ٻرندا آهن پر ٻاهر ٻاڦ به ڪانه نڪرندي آهي. انهيءَ ٻاڦ سانڍڻ جي نتيجي ۾ ئي مٽيءَ جا ڪچا ٿانون پچي پڪا ٿي پوندا آهن. اهڙي ريت عاشق کي به پنهنجي اندر عشق جي آڳ سانڍڻي آهي. ان جي ٻاٻور هرگز ٻاهر ڪڍڻي نه آهي. پوءِ جڏهن هو عشق جي آڙاھ مان رچي ريٽو ٿي نڪرندو تڏهن هن جي آڏو دنيا جي ڪائي طاقت بيهي نه سگھندي ۽ هو عشق جي مملڪت جو بي تاج بادشاھ بڻجي ويندو.
    نهائينءَ کان نينهن، سِکُ منهنجا سپرين
    سَڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
    سُر بروو سنڌي ۾ پڻ تشبيهن جا ڪيئي مثال ملن ٿا. انساني رشتن ۾ ڪي ماڻهو ويجھو رهندي به ڏور محسوس ٿيندا آهن ڇالاءِ ته انهن سان محض سماجي تعلق رهندو آهي. پر جن سان اندر جي اوت ۽ روح جو رشتو ڳنڍيل هوندو آهي، اهي ڏور هوندي به هميشه دل جي آڳر تي موجود هوندا آهن. محض رسمي تعلقات وارن انسانن کي شاذ و نادر ئي ياد ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته محبوبن جي ياد وسارڻ جي ئي نه هوندي آهي. لطيف سائين عاشق سان معشوق جي ان تعلق ۽ ڳانڍاپي جي تشبيهه ڪُنڍي مينهن جي سڱن جي صفا گول ونگ سان ڏئي ٿو.
    ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين
    ڪي سنڀرجن نه ڪڏهين، ڪي نه وسرن مور
    جنءَ مينهن ڪُنڍيءَ پور، تنءَ دوست واراڪو دل سين
    سُر بروو سنڌي جو هڪ ٻيو خوبصورت تمثيلي بيت هن ريت آهي :
    ڪڙو منجهه ڪڙي، جنءَ لوهارن لپيٽيو
    منهنجو جيءُ جڙي، سپريان سوگھو ڪئو
    هن بيت ۾ شاھ صاحب سچي سپرينءَ سان نينهن جي ناتي جي تمثيل لوھ جي ڪڙي سان ڏني آهي. جهڙي طرح لوهار لوھ جا ڪيترائي ڪڙا ٺاهي انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي مضبوط زنجير جوڙيندو آهي. اهڙي طرح عاشق جو جيءُ محبوب سان جَڙيل هوندو آهي.
    سُر رِپَ وانگر سُر بروو سنڌي ۾ به تشبيهه وارا اڪيچار بيت ملن ٿا. هيٺ پيش ڪيل بيت تشبيهه جي حوالي سان شاهڪار بيت آهي.
    اڄ پڻ انگيم انگ، هٿان حبيبن جي
    ساجن ريءَ سرتيون، روح نه رچن رنگ
    جاني آيو جوءِ ۾، منجھان نينهه نسنگ
    جا پَرِ ساٽي سنگ، سا پَرِ سورن سان ٿئي
    بيت جي پهرين سِٽ ۾ اڄ پڻ انگيم انگ مان مراد آهي ته اڄ منهنجو محبوب منهنجي جسم ۽ جان جو مالڪ بڻجي ويو. هاڻي مونتي مالڪيءَ جي دعوى ٻيو ڪوبه ڪري نه ٿو سگھي. اهڙي مالڪيءَ جو مثال ان ريت ڏئي ٿو ته جئن ڪنهن اَنَ جو انبار ڦٽين جو ڍڳُ يا ڪو ٻيو مال انگي ڇڏبو آهي. يعني ان تي نشان ڪڍي پنهنجي رکواليءَ هيٺ آڻبو آهي. جئن ڪو ٻيو ان جي مالڪيءَ جي دعوى نه ڪري سگھي يا چورائي نه سگھي. ائين محبوب منهنجي تن ۽ من جو مالڪ بڻجي ويو آهي. بيت جي چوٿين سٽ ۾ ’جا پَرِ ساٽي سنگ‘ مان مطلب آهي ته محبوب جي اهڙي ڪرم نوازيءَ سبب منهنجن ڏکن سان اهڙي حالت ٿي آهي جهڙي سارين ۽ ڪڻڪ جي سنگن سان ٿيندي آهي. جڏهن ساٽو ڪندا آهن ته موڙيون ٺاهي سنگ واري چوٽي تختي تي سٽيندا آهن جنهن سان سنگ سٽجي ختم ٿي ويندا آهن ۽ انهن مان داڻا ڇڻي ڌار ٿي ويندا آهن. منهنجا ڏکَ به ائين ڇڻي ختم ٿي ويا آهن.
    سُر ڪارايل ۾ تشبيهن وارا بيت ملن ٿا. هڪ تمام معروف بيت آهي. جنهن ۾ ڀنور جو گل سان عشق جو ذڪر آهي. جنهن جي تمثيل ان طالب سان ڏنل آهي جيڪو پنهنجي مطلوب کان دور ٿو رهي. پر سچي سِڪ ۽ محّبت آخر کيس پنهنجي محبوب تائين رسائي ٿي ڇڏي.
    ڪونر پاڙون پاتار ۾، ڀنور ڀري آڪاس
    ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس
    تنهه عشق کي شاباس، جهه محبّتي ميڙيا
    جيئن ڪنول گل جون پاڙون پاتال ۾ هونديون آهن. پر ڀنور پاڻي کان مٿي آڪاس ۾ پيو اڏرندو آهي پر سندس چاهت ڪنول گل سان هوندي آهي. پر قدرت ان جي سچي محبّت ۽ چاهت سبب فاصلي کي قربت ۾ مَٽائي ٿي ڇڏي.
    سُر ڪارايل ۾ لاکيڻي لطيف سچار انسانن جي تمثيل مورن ۽ هنجن سان ڏني آهي. جڏهن ته ڪوڙن ۽ ڪـُـپتين جو مثال ڪانئرن سان ڏئي ٿو. فرمائي ٿو :
    ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو
    انهن آکيرن تي، ويٺا چٻ چڙهي
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو
    يعني اهي مور ئي مري ويا ۽ نه ئي ڪو هنج رهيو آهي. انهن جي جاءِ اچي چٻرن ۽ ڪوڙن ڪانئيرن ورتي آهي. معاشري ۾ نظر ڦيرائڻ سان اها حقيقت روز روشن وانگر پڌري نظر ٿي اچي. انمول انسانن جي روز بروز گھٽتائي ٿيندي ٿي وڃي. اهي مورن جهڙا مڻيادار مرد پنهنجا محبوبي منهن لڪائي وڃي ابد ۾ آرامي ٿيا. انهن جي جاءِ ناعاقبت انديش ۽ بي عمل ڪوڙن انسانن اچي والاري آهي.


    سُر رِپ ۾ وڇوڙي ۽ ويراڳ جا ورلاپ

    الله تعالى انسان کي اهڙي فطرت تي پيدا ڪيو آهي، جو هو وقت ۽ حالتن مطابق تبديل ٿيندڙ ڪيفيتن سان منهن مقابل ٿيڻ جي سگهه رکي ٿو. ٻين ڪيفيتن کان علاوه خوشي ۽ غم انسان جي زندگيءَ جون ٻه اهم ڪيفيتون آهن. هر خوشيءَ جي تعاقب ۾ غم آهي ۽ هر غم جي پڄاڻيءَ تي خوشيءَ جي انڊلٺ اُڀري بيهي ٿي. جيڪا عام طور عارضي هوندي آهي. گويا انسان جي زندگيءَ ۾ خوشيءَ کان وڌيڪ غمن ۽ پريشانين جو حصو آهي.
    هر غم جي پنهنجي نوعيت آهي. هڪڙا غم انسان جي اندر کي اُجاري اڇو ڪري ڇڏيندا آهن گويا هو رَچي ريٽو ٿي پوندو آهي. فراق ۽ جدائيءَ جو غم وري ٻين سمورن غمن تي حاوي هوندو آهي. غم جي اهميت ۽ افاديت متعلق ويهين صديءَ جو ڏاهو ۽ عظيم فلاسافر خليل جبران پنهنجي خيالن جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪري ٿو:
    ”غم هڪ بيش بها نعمت آهي. جيڪو هر هڪ کي ميسّر ڪونه ٿيندو آهي. مان پنهنجي غم تي فخر ڪريان ٿو. جڏهن منهنجو غم پيدا ٿيو ته مون گھڻي احتياط ۽ وڏي محنت سان سندس پرورش ڪئي. منهنجو غم پرورش کانپوءِ تمام طاقتور ۽ خوبصورت بڻجي پيو. منهنجي غم جي زبان فصيح هئي ۽ منهنجي زبان به منهنجي لڪل درد جي خوبصورت طريقي سان ترجماني ڪندي هئي. ليڪن افسوس جو منهنجو غم به ٻين فاني شين وانگر فنا ٿي ويو.“
    لاکيڻي لطيف پڻ اهڙي ئي غم سان شناسا هو. تنهن ڪري ئي شايد ههڙو اظهار ڪري ويٺو :
    ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت
    مَنَ اَندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي
    ڀٽ ڌڻي پنهنجي درد وارن اڌمن جو اظهار ’سُر رِپ‘ ۾ ڪيو آهي. رِپ جي معنى وڏي پربت جيڏي آفت ٻڌائي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ اهڙو دشمن جنهن جي ڏسڻ سان ڏهڪاءُ طاري ٿي وڃي. هن سُر ۾ وڇوڙي ۽ فراق جي اُپٽار ڪيل آهي، تنهنڪري جدائيءَ جي صبرآزما غم کي ’رِپَ‘ سڏيو ويو آهي. هتي جدائيءَ مان مراد روح جي ربّ کان جدائي آهي. روح کي جسم جي قفس ۾ قيد ڪيو ويو، جتي هو پڃري بند پکيءَ جيان بيتاب ۽ بيقرار آهي. عالمِ ارواح ۾ روحن پنهنجي ربّ سان رهاڻيون ٿي ڪيون. هاڻي جسم جي قيد ۾ هنن لاءِ اها جدائي غم جو پهاڙ بڻجي پئي آهي. روح هڪ ولر کان وڇڙيل ڪونج جيان ڏکن جي ڏِيل ۾ پيو گذاري. سچي سالڪ جي روح جي دانهن حضرت مولانا رومي جي مثنوي ۾ بيان ڪيل بانسريءَ جي درد انگيز سُر جي صدا جهڙي آهي، جيڪا سَرَ کان ڪـَـٽجي جدائيءَ جا ڏنڀ سهي، ڪاتين جي ڪورَ هيٺ اچي ٿي، تنهن کان پوءِ ئي منجھانئس اهڙي درد ڀري دانهن نڪري ٿي.
    شاھ صاحب جي ڪلام ۾ علامت نگاري جي خوبي سموري رسالي ۾ نظر اچي ٿي. هن گھڻو ڪري علامت جي اوٽ ۾ ئي روحاني پيغام رسائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. سُرُ رِپَ ۾ پڻ شاھ سائين روح جي علامت طور هڪ اهڙي آسوندي عورت جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا پنهنجي محبوب جي فراق ۾ لڇي ۽ تڙپي ٿي، ۽ سندس من ميلاپ لاءِ ماندو آهي. وڇوڙي جي سورن، سورمي جو سَنڌ سَنڌ سيڪي ۽ لونءَ لونءَ لَوئي ۽ لوساٽي ڇڏي آهي. ڀلا سڄڻن کان ڌار ڏکن جي ڏيهه ۾ اڪيلو گھارڻ ڪو سَهنجو ڪم آهي!
    سچن سالڪن جو روح به اهڙي طرح هن دنيا جون صعوبتون اڪيلو سهندو رهي ٿو ۽ سدائين سچي سپرينءَ جي وصال لاءِ واجھائيندو رهي ٿو. لطيف سائين فرمايو :
    ڪڙه ۾ قطارون ڪري، سورن لايا سير
    مون جِهي گھاري ڪير، هيڪلي ريءَ سڄڻين
    اڄ سڄڻن کي ياد ڪري نماڻيءَ جا نيڻ ٽمي پيا آهن. مٿس غمن جا ڪڪر ڪارونڀار ڪري بيٺا آهن. محبوب جي محّبت سندس چِتُ چريو ڪري رکيو آهي. هو کيس ساري ۽ پڪاري ٿي ته اي سڄڻ! مون وِلهيءَ جي ڪا واهر ڪر. اچي ڪا مون ڏکويل جي سار سنڀال لهه. تنهنجي ياد وڏ ڦڙي وانگر وسي پئي آهي ۽ مونکي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ڇڏيو اٿس.
    عارف ۽ عشاق به مولا جي محّبت ۾ ائين زار و قطار روئندا آهن. اهي به اهڙي ريت مالڪ در ملتجي هوندا آهن ته مٿن ڪا ڪرم جي نظر ٿئي ۽ سڀ ڏولاوا ڏور ٿي وڃن. لطيف سائين اهڙن لطيف جذبن جي عڪاسي اِجھو هن ريت ٿو ڪري :
    ڪڪر منجهه ڪپار، جُھڙُ نيڻون نه لهي
    اڄُ منهنجي چِتِ، اُٺا مينهن اپار
    آءُ سڄڻ لهه سار، ورهه ويڙهي آهيان
    ڀلا جن کي جيءَ ۾ جھوري لڳل هجي، اول ته انهن جي نيڻن جي ننڊ ئي حرام هوندي آهي. پر جي اهڙيون اکڙيون ڪڏهن ننڊاکڙيون ٿينديون به آهن، تڏهن به ٻوٽجي وري هڪدم پٽجي وينديون آهن. ڇا لاءِ ته کين سدائين محبوب جو اونو ۽ انتظار هوندو آهي، ۽ اهڙا طالب پنهنجون اکڙيون محبوب جي واٽن ۾ وڇايو ويٺا هوندا آهن، ته ڪڏهن ٿا قريب قُرب ڀريا قدم ڀري اچي سندن اڱڻ اُجارين. لطيف سائين فرمايو :
    نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکين
    اُجھاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين

    آسونديءَ پنهنجي دل کي پرينءَ لاءِ پريشان ٿيڻ کان سَوَ وار منع ڪئي. پر جنهن دل ۾ عشق جي لوري ۽ جھوري لڳل هجي اها دل ته هزار ڀيرا جھلَ پلَ جي باوجود به پرين جي پچار کان پاڻ پَلي ڪانه سگھندي آهي. بلڪه ’جئن ٿڌ تئن وَڌِ ‘ جي مصداق انهي جھوريءَ ۾ وڌيڪ جھِڄڻ لڳندي آهي ۽ هڪ پَلَ لاءِ به پرينءَ جي ياد پاڻان پري ڪري ڪونه سگھندي آهي. ڳهيلي دل کي جيترو جھوريءَ کان جھلبو اوترو اها جھوريءَ وچان جھِڄڻ لڳندي. ڀٽ ڌڻي انهي جذبي جو اظهار بيت جي ٻن سٽن ۾ ڪهڙي نه خوبصورت انداز ۾ ڪري ٿو :
    پل پل ۾ پليانس، پل نه رهي پرينءَ ريءَ
    جن جھوريءَ کان جھليانس، جھڄيو تن جھوري پوي
    پرين جي ياد وساري ويهڻ پنهنجي وَسَ ۾ ئي ناهي. جهڙي ريت ڪچي کوھ تي چڙيل نارَ مان واريءَ گاڏڙ پاڻي وهندو آهي ۽ ان واريءَ واري لڙاٽيل پاڻيءَ کان واريءَ کي سولائيءَ سان جدا ڪري ڪونه سگھبو آهي. اهڙي ريت پرينءَ جي ياد طالب جي رڳ رڳ ۾ ائين رچي ويندي آهي جو ان کي ڪڍي ڇڏڻ يا وساري ويهڻ ممڪن ئي نه آهي. پرين ته جيءَ ۾ جايون جوڙي ويهندو آهي. لطيف سرڪار اهڙي عمدي تمثيل هن ريت ڏني آهي :
    جئن سي کوهي نار، وَهَن واريءَ گاڏئان
    هيڙو پريانءَ ڌار، نبيرياس نه نبري
    مسلسل اوسيئڙي ۽ انتظار سبب سالڪ جي اندر ۾ سُپرينءَ سان سلڻ لاءِ سوين ڳالهيون نسرجي پونديون آهن. ڪيئي ڏک ۽ ڏوراپا اڀري بيهندا آهن. آخر اهي وڌي وڻُ ٿي ويندا آهن. ملاقات کان محروميءَ سبب سالڪ اهي سور سڄڻ سان سَلي ڪونه سگھندو آهي. سندس منَ ۾ مونجهه متل هوندي آهي، ته مَنَ ڪو موقعو ملي ته اندر جي اَورَ سپرينءَ سان اوريان ۽ محبوب سان ڪي گوشائتا گفتا ڪريان. اهڙيون پاڪيزه ۽ راز جون ڳالهيون ڌارين سان ته ڪري به ڪونه ٿيون سگھجن! اهڙي آسرونديءَ جي اندر جو احوال ڀٽ ڌڻي بيت جي ٻن سٽن ۾ هن طرح بيان ڪري ٿو :
    ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون
    پر سي مون نه ڪيون، گوشي پرين نه گڏيا
    جنهن سالڪ کي فراق جي چوٽ رسي هجي، تَنهنجي غم ۽ گوندر، فراق ۽ انتظار جي تشبيهه ڀٽائي گھوٽ ڪهڙي نه عمدي پيرايي ۾ ڏني آهي. فرمائي ٿو ته جهڙي ريت مينهن وَسڻ کانپوءِ غير آباد زمينن ۾ قدرتي طور جھنگلي گاھ ٻوٽا ۽ وڻ ٽڻ اڀري بيهندا آهن، يا ڪچي جي زمين تي اُٺي کان پوءِ فصل اوڀڙ کائي اڀرندو آهي، اهڙي ريت عاشق جي اندر کي محبوب جي فراق سبب غمَ ۽ گوندر وڪوڙي ويندا آهن. بيت جون سٽون هن ريت آهن :
    اُٺي جئن مُورَن، اوڀڙ ولهارن ۾
    سا پَرِ گوندر ڪن، جه ڦوڙائو سڄڻين
    جيستائن محبوب سان ملاقات ڪانه ٿي هيس، تيسيتائين آسائتي جي اندر ۾ انيڪ اڌما اٿندا رهيا. ڪيئي خواهشون ڪَرَ موڙي اٿيون. محبوب سان ميلاپي ٿيس ته جبل جيڏي جدائي ۽ صبر آزما ڪيفيت جون ڳالهيون، ڏک ۽ ڏوراپا چڱيءَ طرح ياد ڪري ساري سنڀالي کيس ٻڌائينديس. پر جڏهن ساھ سيباڻي سپرينءَ اچي سندس اڱڻ اُجاريو ته ان بي بدل خوشيءَ سبب هن جا سڀ اولا ئي لهي ويا. سمورا دک درد ۽ ڏوراپا کانئس وسري ويا. هن ائين محسوس ڪيو ڄڻ مٿس وڇوڙي ۽ ويراڳ جي ڪا گھڙي آئي ئي ڪانه هجي. هونءَ به محبوبن سان ڦورا ڦولبا ئي ناهن. لطيف سائين آسائتي جي اندر جي اها ڪيفيت هن ريت بيان فرمائي آهي :
    چيتياري چوندياس، ڳالهيون سَڀوئي سڄڻين
    جه مقابل ٿياس، ته سڀ وڃنم وسري
    طويل انتظار بعد جڏهن وڇوڙي جي ماريل آسائتيءَ جو محبوب موٽي اچي ساڻس ميلاپي ٿئي ٿو، تڏهن هوءَ کيس التجا ڪندي چوي ٿي ته اي منهنجا سپرين! منهنجي مٿان پنهنجي ڪرم جي نظر قائم رک ۽ مون تي پنهنجي مهربانين جو رحمت ڀريو مينهن سدائين وسائيندو رھ، جئن منهنجي اندر مان سمورا خام خيال، وهم ۽ وسوسا لهي وڃن. محبوب ! تنهنجي ميلاپ سان ته منهنجا سالن جا غم الم سڀ ڏور ٿي ويا آهن.
    مون تان لاھ مَ سپرين، اکين جا آگم
    ڪري ملار مينهن جئن، وسي لاھ وهم
    تو ڏٺي مون غَمَ، ڏينهن جا ڏور ٿئا
    عشق انسان جي اندر کي اُجاري ٿو. شخصيت کي نکاري ٿو ۽ صبر، تحّمل ۽ بردباري سيکاري ٿو. جيسيتائين انسان ۾ صبر جو مادو پيدا نه ٿيو آهي تيستائين هو سور ۽ سختيون سهڻ جي لائق ئي نه ليکبو. صبر ۽ بردباري عشق جي اولين تقاضا آهي. محّبت جي راھ ۾ جيتريون مشڪلاتون درپيش اچن انهن کي صبر سان سهڻو آهي. کلي عام واويلا مچائڻي نه آهي ۽ نه ئي ٻاهر ٻاڦ ڪڍڻي آهي.
    لاکيڻي لطيف ڪنڀر جي آوي (نهائين) کان نينهن جو سبق وٺڻ جي تلقين ڪئي آهي. جهڙيءَ ريت آويءَ ۾ اندر ڏينهن رات باھ ٻرندي آهي پر ٻاهر ٻاڦ به ڪانه نڪرندي آهي ۽ انهيءَ ٻاڦ سانڍڻ جي نتيجي ۾ ئي مٽيءَ جا ڪچا ٿانوَ پچي پڪا ٿي پوندا آهن. اهڙي ريت عاشق کي پنهنجي اندر ۾ عشق جي آڙاھ کي سانڍڻو آهي، ۽ ان جي ٻاٻور ٻاهر ڪڍڻي ئي نه آهي. پوءِ جڏهن هو عشق جي آڙاھ ۾ رچي ريٽو ٿي نڪرندو تڏهن هن جي آڏو دنيا جي ڪائي طاقت بيهي ڪانه سگھندي ۽ هو عشق جي مملڪت جو بادشاھ بڻجي ويندو. الله پاڪ پنهنجن اهڙن سچن عارفن ۽ عشاقن کي ئي وڏا رتبا عطا ڪندو آهي ۽ انهن جو جڳُ سلامي هوندو آهي.
    نهائينءَ کان نينهن، سِکُ منهنجا سپرين
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
    حضرت مولانا جلال الدين رومي پنهنجي معرڪته الآرا تصنيف ’مثنوي‘ جي ٽين دفتر ۾ ڏُکَ جي فلسفي کي نصيحت جي انداز ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي :
    ”اي انسان! توکي خدا تعالى جيڪي سُکَ عطا ڪيا آهن، سي انهيءَ لاءِ آهن ته سُکن ۾ پلجي تون امتحان وارن ڏکن سهڻ جي لائق ٿئين. جڏهن امتحان وارا ڏُکَ صبر ۽ شڪر سان سهي وڃي پارِ پوندين، تڏهن يقين ڄاڻ ته تون دائمي سُکَ ماڻڻ ۽ روحانيت جي اعلى درجي تي پهچڻ جي لائق ٿي پوندين.“

    مددي ڪتاب
    o شاھ جو رسالو غلام محمد شهواڻي
    o ڀٽ جو شاھ ايڇ ــــ ٽي سورلي / عطا محمد ڀنڀرو
    o جامع سنڌي لغات (جلد پنجون) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    o عرفانِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    o علمي خزانو (ترجمو: مثنوي مولانا روم) (ڀاڱوٽيون) غلام محمد شهواڻي
    o ڪلياتِ خليل جبران مرتب : ملڪ اشفاق


    سُر ڪاپائتي ۾ وقت جي وقعت ۽ پيار ڀريي پورهئي جو پيغام

    لاکيڻي لطيف جي آفاقي ڪلام جو بغور مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس سمورو ڪلام جهدوعمل جو بهترين پيغام آهي ۽ سُر ڪاپائتي ان جو اعلى آدرش آهي. ڪاپائتي چرخي تي سُٽ ڪتيندڙ عورت کي سڏيو ويندو آهي. شاھ سائين جي رسالي جي ٻين سُرن جيان هن سُر تي پڻ علامت نگاري جو عنصر غالب نظر اچي ٿو. ڪاپائتي محنت ۽ مشقت جو هڪ مثال آهي. شاھ صاحب ڪاپائتيءَ جي ڪردار جي اوٽَ ۾ انسان کي پيار ڀريي پورهئي جو سبق ڏنو آهي.
    دنيا آخرت جي کيتي آهي. انسان جيڪي پوکيندو سو ئي لڻندو. اهو هڪ عالمگير اصول آهي. محنت جو صلو ضرور ملندو آهي. پر محبت کان وانجھيل محنت جو مثال بنان کنڊ جي کير جهڙو آهي. جڏهن محنت ۾ محبت جو عنصر شامل هوندو ته گويا سون تي سهاڳي وارو ڪم ٿي ويندو. دنيا جي برک فلسفي خليل جبران پيار ڀريي پورهئي متعلق نهايت قيمتي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هو چوي ٿو :
    ”محنت جو بهترين مظاهرو محبت آهي. قدرت ڏينهن رات محنت ڪندي رهي ٿي، انهيءَ لاءِ ته انسان به سبق سکي. ڇوته حياتي امنگ کان سوا بي معنى، اُمنگ عقل کانسواءِ انڌو، عقل محنت کان سواءِ خالي دهل ۽ محنت محبت کان سواءِ هڪ عذاب آهي. ڪوري ڪپڙو ٿو اُڻي، کيس گھرجي ته هڪ هڪ تار اهڙي محنت ۽ محبت سان وجھندو رهي، جو ڄڻ ته اهو ڪپڙو پنهنجي محبوب لاءِ ٿو تيار ڪري. رازو گھر ٿو ٺاهي. کيس هر هڪ سِرَ اهڙي پريم سان هڻڻ گھرجي ڄڻ ته ان گھر ۾ سندس پريتم اچي رهندو.“
    هن سُر ۾ پڻ شاھ صاحب ڪاپائتيءَ کي پيار ڀريي پورهئي لاءِ تلقين ڪئي آهي. جنهن کي چرخو چوري، سُٽُ ڪَتي پنهنجي محنت جو معاوضو حاصل ڪرڻو آهي. هي دنيا سعي ۽ عمل جي جاءِ آهي. هتي انسان کي مقصد جا موتي ميڙڻ لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙڻو پوي ٿو. دنيا جي وهنوار ڏانهن نظر کڻي نهاربو ته اسان کي اهو ئي اصول ڪارفرما نظر ايندو. زندگيءَ جو صحيح مفهوم عمل سان ئي اُجاگر ٿئي ٿو ۽ حياتيءَ جي تعبير سخت محنت ۽ مسلسل عمل ۾ ئي سمايل آهي.
    مبادا ڪو چوي ته هن سُر جو ڪو باطني مفهوم نه آهي. شاھ صاحب فقط پورهئي جي عظمت بيان ڪرڻ خاطر ڪاپائتيءَ جو مثال ورتو آهي ته آنءُ عرض ڪندس ته ائين هرگز نه آهي. ڇالاءِ ته اسان کي هتي ڪيترا ئي بيت ملن ٿا جيڪي دنيا جي ’محنت ۽ اجوري واري اصول‘ تي ڪونه ٿا ٺهڪن ۽ انهن کي اسين محض ظاهري معنى تائين محدود رکي ڪونه ٿا سگھون. مثال هڪ بيت آهي :
    جا سنهو نه سِکي، سا مَرُ رنڊا ئي روڙي
    سٽُ تنين جو سڦرو، وئا تارازي توري
    ٿلهي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سان وڙ ٿئو
    هاڻي دنيا جي وهنوار ۾ آيا اهڙو ڪو واپاري ٿي سگھي ٿو، جيڪو فقط انهي جذبي تحت ٿلهي منجھيل ۽ سادي ڪتيل سُٽَ جو پورو پورو اُجورو ڏئي ويچاريءَ تي وَڙَ ڪري، جو ڀائين ته اهو سٽ ان ڪاپائتيءَ محبت ڀري جذبي سان ڪَتِيو هوندو. اها ته فقط الله جي ذات ئي آهي جيڪا اگلڙن تي اهڙا احسان ڪندي رهي ٿي. زماني جي وهنوار ۾ ته جيڪو جيتري محنت ڪندو ان کي اوترو اجورو ملندو. لهاذا ان حقيقت کان انڪار ڪري ئي نه ٿو سگھجي ته شاھ صاحب جي رسالي جي ٻين سُرن جيان هي سُرُ پڻ روحاني رازن رمزن جو ڀنڊار آهي، سُر جي باطني معنى تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان ۾ انسان لاءِ سُجاڳيءَ جو سبق سمايل آهي. زندگيءَ جي مقصد جي نشاندهي ٿيل آهي. وقت جي وقعت ٻڌايل آهي محنت ۽ مشقت جي تلقين ڪيل آهي ۽ سالڪ کي سئين راھ سونهايل آهي.
    سجاڳي زندگيءَ جو دليل آهي ۽ زندگي جي معنى تحّرڪ آهي. جڏهن ته ننڊ، غفلت ۽ موت جي نشاني آهي ۽ موت جي معنى جمود ۽ بي حسي آهي. وقتُ وڏي وِٿَ آهي ۽ وَيَل ويلَ واپس ورڻي نه آهي. شاھ صاحب هن سُر ۾ سُٽُ ڪتيندڙ عورت کي وقت جي وقعت ٻڌائي ٿو ۽ کيس وقت جو قدر ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. چوي ٿو اي ويسلي! ويٺي وقت نه وڃاءِ. اُٿ جيترو به سُٽُ ڪَتي سگھين ته ڪَتي وٺُ ڇوته هر ڪا ڪاپائتي سُٽُ ڪَتيندي ئي سهڻي لڳي ٿي. جن کي محنت جي عظمت جو احساس هوندو آهي اهي ڪپهه جي پوڻيءَ کي هٿن کا جدا ئي ڪونه ڪنديون آهن.
    جان ڪتين تان ڪَتِ، هي هڏ وهاڻي
    ڪاپائتي سڀ ڪا، ڪتي سيباڻي
    ڄاتو جن ڄاڻي، تن هٿان پهي نه ڇڏي
    ڌڻيءَ در به اهي ئي اگھامن ٿا جيڪي وقت جو قدر ڪندي جهد و عمل جو دامن هٿان نه ٿا ڇڏين. اهڙن انسانن کي ئي عارف ۽ اهل الله سڏيو ويندو آهي.
    ڀٽائي گھوٽ ڪاپائتيءَ کي ويندڙ وقت جو احساس ڏياريندي فرمائي ٿو وقت ڪنهن جو انتظار ڪونه ڪندو آهي. تنهنڪري وقت جو قدر ڪر. اُٿي چرخو چورِ. محّبت سان محنت ڪرِ. ويڳاڻين جيان ويهي نه رھُ. جيڪڏهن تو اڄ محنت ڪانه ڪئي ته سڀاڻي صراف تنهنجو اڌوگابرو ۽ بي توجهيءَ سان ڪَتيل سُٽُ تنهنجي مُنهن تي موٽائي هڻندا. پوءِ ان وقت توکي پشيمانيءَ جا هٿ مهٽڻا پوندا.
    هي هڏ وهاڻي، تون ڪڙه ڪالوڻي ڏينهن کي
    اٿي اور ارٽَ سين، ويهه مَ ويڳاڻيڄ
    ته صراف سڀاڻي، موٽائي هڻنئي نه مُهه تي
    دراصل شاھ سائين غافل انسان کي ڌونڌاڙي سُجاڳ ڪري ٿو ۽ کيس آگاھ ٿو ڪري ته حياتيءَ جو سجُ اُلهڻ وارو اٿئي، تنهن ڪري اُٿُ ڪو عاقبت جو فڪر ڪرِ. ويسرن وانگر نه ويهه. پنهنجي نيڪ اعمال ذريعي ربّ کي ريجھاءِ. ورنه تنهنجا اهي رياڪاريءَ وارا فعل ۽ گيرب گاڏڙ عمل قيامت واري ڏينهن تنهنجي مُنهن تي موٽائي هنيان ويندا.
    هيٺين بيت ۾ شاھ صاحب اهڙي ڪاپائتيءَ سان مخاطب آهي جنهن پنهنجو ويٺي وقت وڃايو آهي. کيس فرمائي ٿو اي نادان! ڪتڻ وارن ڏينهن ۾ تون سولي ٿي سمهي رهينءَ. اهي نهايت ڪارائتا ڏينهن ته تو غفلت ۾ گنوائي ڇڏيا، چرخي کي چورڻ لاءِ تون سندس ويجھو ئي نه وئينءَ. هاڻي ڀلا ڪهڙي مُنهن سان صراف جي آڏو ايندينءَ! اُتي ڪهڙو سودو سليندينءَ!!
    سي تو ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن
    اَرٽَ اوڏي نه ٿئين، ڀوري! ڀوري سينءَ
    ڪنڌ کڻندينءَ ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي!
    انسان پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن غفلت ۾ گذاري ٿو ڇڏي جيڪي انتهائي ڪارائتا ۽ عبادت ڪرڻ جا ڏينهن آهن. ڇالاءِ ته جوانيءَ جو هڪڙو سجدو ٻڍاپي جي ڪيئي سجدن تي حاوي آهي. ڀٽائي ڀلارو دراصل اهڙي ئي انسان سان هم ڪلام آهي. فرمائي ٿو اي هٺيلا هوڏي نادان انسان! ربّ جي آڏو سِرُ جھڪائڻ خاطر تون پنهنجي حياتيءَ جي عرصي مان وقت ڪڍي ڪونه سگھين. جوانيءَ وارو ملهائتو دور گمراهيءَ ۾ گذاري ڇڏيئه. احڪم الحاڪمين جي حڪمن جو تو ذرو خيال ڪونه ڪيو. رڳو رُڃ پٺيان ڊوڙندو رهين. هينئر تنهنجي حياتيءَ جو سج ٽپهريءَ تي پهتو آهي. پوءِ ڀلا ربّ ذوالجلال جي آڏو ڪهڙو ڪنڌ کڻي هلندين! عاقبت موچاري ڪرڻ لاءِ ڪهڙو ثمر ساڻ کنيون اٿئي!!
    ڀٽ ڌڻي ڪاپائتيءَ کي جڏهن اڃان به غافل ٿو ڏسي ته کيس خداوندِ تعالى جي بخشيل نعمتن جو احساس ڏياريندي فرمائي ٿو ته اي ڪم عقل ضدي عورت! مولا مهربان توکي سون جهڙا هٿ عطا ڪيا آهن، پوءِ تون ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي انهن سان چرخو چوري سُٽُ ڇونه ٿي ڪتين. اهي گھمريون ۽ گوهيون ڇڏي، محبت ڀري محنت جو مظاهرو ڪر. جيئن مرڪندڙ مُنهن سان صراف کي سُٽُ ڏيئي پنهنجي پورهئي جا پئسا وٺي سگھين.
    سون ساريڪا هٿڙا، ڪوه نه ڪتين رڏ
    ويهي ڪنڊ ڪاپو ڪر، گھڻيون گوهيون ڇڏ
    ته صرافاڻي سڏ، مرڪيون هند مٽائين
    مذڪوره بيت جي باطني مفهوم ۾ وڏي معنى جا موتي رکيل آهن. الله تعالى انسان کي بيشمار نعمتن سان نوازيو آهي ۽ کيس بري ڀلي جي تميز بخشي آهي. ربّ جا اهي احسان وسارڻ جوڳا نه آهن. انسان کي شڪراني طور خلقڻهار جي حڪمن جي بجا آوري ڪرڻي آهي. شاھ صاحب اهڙي بي شڪري انسان سان مخاطب آهي. جيڪو الله جي انهن نعمتن جو ڪو قدر نٿو ڪري ۽ پنهنجي جهد و عمل سان ربّ کي راضي نٿو رکي. فرمائي ٿو ته اي سرڪش انسان! خالقِ اڪبر ته توکي پنهنجي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي. پوءِ تو الله جي احڪام جي پابندي ڇونه ٿو ڪرين. اُٿ غفلت جي غار مان نڪري گوشائتو ويهي خالقِ ڪائنات جا ڳڻ ڳاءِ ۽ ذڪر فڪر ڪر. پنهنجي جهد و عمل سان خلقِ خدا جي خدمت ڪري سچي سائينءَ آڏو سرخرو ٿيءُ ته جيئن يومِ حساب تنهنجي نيڪ اعمال جو صلو مالڪ توکي عطا ڪري .
    جڏهن ڪا ڪاپائتي پنهنجي پورهئي تي ناز ڪري غرور ۽ تڪّبر جي تاثرات سان سنهو ڪَتي صرافن آڏو آڻي ٿي ته سندس دڪو ئي داخل ڪونه ٿو ٿئي. سندس غرور گاڏڙ محنت ضايع ٿي وڃي ٿي. ڪتڻ سان گڏ ڪنبڻ ضروري آهي. شاھ سائين فرمائي ٿو :
    چاوت پائي چِتَ ۾، سنهو ڪتيو جن
    تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو
    جنهن ’مان‘ ڪئي سو مٺو. وڏائي فقط هڪ ربّ جي ذات کي سونهين. باقي انسان کي پنهنجي عملن تي تڪّبر ۽ غرور ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. ڇوته سندس اهڙا عمل جن ۾ خود نمائيءَ جو عنصر شامل آهي اهي بارگاھِ الاهي ۾ هر گز قابلِ قبول نه آهن.
    پر جڏهن ڪاپائتي من ۾ محبّت پائي پيار ڀريو پورهيو ڪري ٿي ته صراف سندس اڻ توريو ئي اگھائي ٿا ڇڏين. پوءِ ڀل ان جو سُٽُ سادو ۽ ٿلهو ئي ڪَتيل ڇونه هجي. شاھ صاحب فرمايو :
    محبت پائي مَنَ ۾، رنڊا روڙيا جن
    تَنِ جو صرافن، اڻ توريو ئي اگھائيو
    جڏهن ڪو انسان پنهنجين سمورين ڪمين ڪوتاهين جي باوجود خلوصِ دل سان ربّ پاڪ کي ياد ڪري ٿو ته بخشڻهار سندس انهن ڪمين ڪوتاهين تي پرده پوشي ڪندي مٿس ڪرم جي نظر ڪري ٿو ۽ اهڙي انسان جا گيرب گاڏڙ عمل اگھي وڃن ٿا. الله تعالى انسان جي دلين جو پارکو آهي.


    سُر ڪارايل ۾ سچن سان صحبت جو سبق

    لطيف سائين جو رسالو عقل وارن انسانن لاءِ ڪيمياگريءَ جو ڪتاب آهي. جنهن ۾ اهڙا مفيد نسخا تحرير ٿيل آهن، جو انهن تي عمل ڪرڻ سان انسان کي انمول روحاني خزانا هٿ اچي سگھن ٿا، ۽ هو هفت عقليم جي ڌڻيءَ کان به وڌيڪ دولتمند ٿي سگھي ٿو. لاکيڻي لطيف جو ڪلام روحاني رازن ۽ رمزن جو هڪ بي انت بحر آهي. جنهن ۾ ماهر غواص ٽٻي هڻي پاتال ۾ پيهي مقصد جا موتي ميڙي وٺن ٿا. هن مها ساگر مان ڪوبه غواص نااميد ۽ نراس ٿي ڪونه موٽيو آهي. بلڪه هر هڪ کي پنهنجي فهم ۽ فراست آهر محنت ۽ محبت جي موٽ ضرور ملي آهي.
    ’سُر ڪارايل‘ پڻ اهڙن ئي انمول موتين سان مزّين آهي. ’ڪارايل‘ جي لفظي معنى لاءِ لطيف جي پارکن مان ڪن ’مور‘ لکيو آهي ته ڪن وري ’ڪارو هنج‘. بهرحال ٻئي پکي پنهنجي سونهن سوڀيا توڙي عادتن ۽ خصلتن ۾ پنهنجو مٽُ پاڻ آهن. البته ’سُر ڪارايل‘ ۾ مور سان منسوب فقط ٻه ٽي بيت ملن ٿا. جڏهن ته هنج جي حوالي سان ڪيترا ئي بيت موجود آهن.
    ’هنج‘ مان سالڪ جي مراد مرشد ڪامل آهي. جيڪو انسانن کي سئين راھ سونهائي ٿو. ڪائنات جي سڀ کان ڪامل ۽ اڪمل هستي نبي ڪريمﷺ جن جي آهي. جتان رُشد و هدايت جا چشما ڦٽي نڪتا. سموري امت ۾ حضورِ اقدسﷺ جن جي بابرڪت ذات ارفع ۽ اعلى آهي. پاڻ ڪريمﷺ جن رهبرن جا رهبر ۽ مرشد ڪامل هئا.
    ’ٻگهه‘ مان مراد عام دنيوي انسان آهي. جيڪو ٻگهه وانگر دنيا جي ’ڍونڍ‘ جو متلاشي رهي ٿو. کيس دنيا جو فڪر سدائين دامنگير رهي ٿو. جڏهن ته هنج پنهنجي غذا پاتال مان حاصل ڪري ٿو. هنج جي نظر عميق تائين رهندي آهي. تانگھي ۾ تُڙڳڻ تي ته هو هريل ئي ناهي. هو هميشه اونهي ۾ رهڻ جو عادي آهي. سچي سالڪ کي به فقط الله پاڪ جي ذڪر فڪر ۽ انسان ذات جي خدمت مان روحاني غذا حاصل ٿئي ٿي. هو دنيا جي ڍونڍ ڏانهن نظر کڻي به نٿو نهاري.
    اکڙيون اوڙاھ ۾، اُڀو تڪي تار
    پٿون جي پاتار، هنج تنين جو هيرئون
    هيٺين بيت ۾ شاھ صاحب اهي انسان سان مخاطب آهي، جيڪو تذبذب جي ڪيفيت ۾ مبتلا آهي. دنيا جي رنگ و بو کان به پاڻ پلي نه ٿو سگھي. ٻئي طرف مالڪ جي محبت جو به خواهشمند آهي. پنهنجي ’هستيءَ‘ کي ’نيست‘ ڪرڻ کان به قاصر آهي، جو دنيا جي دولاب جو مٿس رنگ چڙهيل آهي. عاقبت جي نتيجي کان به خوفزده آهي، جنهن ڪري ربّ ڏانهن رجوع ٿيڻ جا به خيال رکي ٿو. ڀٽائي گھوٽ کيس هدايت ٿو ڪري ته وهمن ۽ وسوسن ۾ وڪوڙيل ڇوٿو رهين! ٺڳيءَ وارو لبادو لاهي ڦٽو ڪر. جن انسانن هٺُ ۽ غرور جي غلامي قبولي آهي ۽ ’آئون‘ ۽ ’اسين‘ جي خول ۾ جڪڙيل آهن، انهن کان ڀڄي پاسو ڪر. انهن جي صحبت توکي نهوڙي نيندي. تون ته اهڙن سئين واٽ جي سُونهنِ جي وڃي لڙھ لڳ، جيڪي تنهنجي رهنمائي ڪري توکي واحد جي ويجھو وٺي وڃن. مرشد ڪامل جو اهو ئي ڪم آهي.
    ويٺو جيئن وماسين، حيرت پئي مَ هڏ
    لاتيون جي لباس جون، سي ڇپائي ڇڏ
    ’آئون اسين‘ ڪن جي، پاسي تن مَ اڏِ
    تَنُ طالبن گڏِ، ته ويجھو ٿين وصال کي
    سچن سالڪن جي صحبت ۾ جيڪو ساءُ آهي، تَهنجي پروڙ ته تنهن کي ئي پوندي، جيڪو انهيءَ محبت جو مزو چکي چڪو هوندو. شاھ صاحب انهيءَ لذت کان آشنا هو تنهن ڪري ٻين انسانن کي انهيءَ انمول نعمت جو احساس ڏياريندي فرمائي ٿو : جيڪڏهن هڪ ڀيرو تنهنجي صحبت الله وارن سان ٿي پوي ۽ انهن جي منزل ۽ مقام پروڙي وٺين ته هوند جيڪا سچي چاهت جي چڻنگ تنهنجي چولي ۾ دکي رهي آهي سا ڀڀڙ بڻجي ڀڙڪي پوي، تنهنجي دنيا ئي بدلجي وڃي ۽ عام ماڻهن واريون عادتون ئي مٽائي ڇڏين ۽ انهن جي صحبت کان سُري پاسو ڪرين.
    هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نهارين
    ٻگھن سين ٻيهار، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين
    هنج پکي جو ٻين عام پکين کان مانُ مٿاهون آهي. سندس خصلتون خصوصي آهن ۽ اهي خصلتون مڙني هنجن ۾ هڪ جهڙيون آهن. ڇالاءِ ته هنج مڙيو ئي هنج آهن. اهي جنهن به تلاءَ يا ڍنڍ تي رهندا آهن ان کي اُجاري ڇڏيندا آهن ۽ اهڙو سَرُ سرهو ٿي پوندو آهي.
    اهڙيءَ ريت خداوندِ ڪريم جي نيڪ ٻانهن ۾ انبياء، اولياء، غوث، قطب، قلندر ۽ ابدال اچي وڃن ٿا. جن مڙني جو مانُ مٿاهون آهي. سڀئي الله پاڪ جا پيارا ۽ برگزيده بندا آهن. هر هڪ پنهنجي محنت مطابق مقام حاصل ڪيو آهي. سڀني جو پنهنجو پنهنجو درجو آهي. ڌرتيءَ جي جنهن به خطي تي انهن ڀلارن جو قيام رهي ٿو، ۽ اهو خطو ڀلائي ۽ برڪت وارو بڻجي پوي ٿو. اتان فيض جا درياء وهي نڪرن ٿا، جنهن مان پريت جا پهيڙا پُر جام پيئن ٿا.
    هنجَ مڙيوئي هنجَ، ميرو منجھن ناھ ڪو
    جتي رهن سنجهه، سو سَرُ ڪن سَرهو
    سرورِ ڪائناتﷺ جن جي هستي دنيا جي مٿان رحمت جو ڪڪر بڻجي وسي. جنهن رحمت مان ڪيترن اڃايلن جي اُڃَ اُساٽَ اجھي، ڪيئي سينا سيراب ٿيا ۽ محبت جي متوالن پُر جام پيتا. جيتوڻيڪ پاڻ ڪريمﷺ جن کي دنيا مان وصال فرمائي 14 سوَ سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي پر سندن اهو فيض جو درياءُ اڃان تائين جاري ۽ ساري آهي ۽ تا ابد جاري رهندو. حتاڪه حشر ۾ به پاڻ ئي حامي ٿيندا.
    شريعت جو پابند سالڪ اڄ به سندن ڏسيل صراطِ مستقيم تي گامزن آهي. عشقِ رسولﷺ سندس شخصيت کي عجب رنگ لائي ڇڏيو آهي. اهڙي محبت جي رمز کي ڀلا عام ماڻهو ڇا سمجھي سگھندو! عميق سان الفت ته هنجَ کي ئي هوندي آهي باقي ڪنگ کي ڪهڙي ڪَرَ ته انت ۾ ڪهڙو انمول خزانو لڪل آهي.
    سَرَ سُڪي سال ٿيا، هنجُ هريو ئي پيرُ
    ڪنگ ويچارو ڪيرُ، جو رسي انهيءَ رمز کي
    عام انسان دنيا ۾ هزارها نفساني خواهشن جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل رهي ٿو. جيڪي کيس شڪار وانگر لقمو بڻائڻ چاهين ٿيون. طرح طرح جا سبز باغ ڏيکاري لالچائن ٿيون. راهِ راست ۾ رڪاوٽون وجھي ان تان هٽائڻ لاءِ هزار حيلا هلائين ٿيون. عام انسان انهيءَ پنجوڙ مان جان ڇڏائڻ جي اٽڪل کان نا آشنا آهي. تنهن ڪري پاڻُ ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ پاڻ کي ڦاسائي وجھي ٿو ۽ آخر اتان نڪرڻ هن جي لاءِ مشڪل ۽ محال ٿي پوي ٿو ۽ هو رحمان جي بجاءِ شيطان جي غلامي اختيار ڪري ويهي ٿو. پر حق جا متلاشي ۽ پرستار الله ۾ آسرو رکي توڪّل جو ترهو ٻڌي انهن باطل قوتن سان جنگ جوٽين ٿا. ’سچ جي ٻيڙي لُڏي پر ٻڏي ڪانه‘، جي مصداق هو انهن لهرين لوڏن مان آخر اُڪري پار پون ٿا ۽ سندن نالو لاهوتن ۾ لکجي ٿو. توڪل جا ٻيڙا هميشه پار ٿيا آهن.
    سَرَ ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيڙي پنجاھ
    سندي آس الله، لُڏي لهرين وچ ۾
    ڪڏهن ته وري هن دورنگي دنيا جي دولاب ۾ مانجھي مڙس به منجھي پيا. ظاهري ڏيک ويک تي هرکجي زندگيءَ جي مقصد کان منهن موڙيندي اهڙي آڙاھ ۾ وڃي ڪريا، جتان مهمير به موٽي ڪونه سگھيا. ڀٽائي گھوٽ انهيءَ مفهوم کي ڪهڙي نه سهڻي تمثيلي انداز ۾ پيش فرمايو آهي.
    جهڙيءَ ريت ماري پکي ڦاسائڻ لاءِ ڪکن ڪانن جو ڪوڙو پکي تيار ڪري جيئرن جاڳندن پکين کي دلبو ڏئي ڪوڙڪيءَ ۾ قابو ڪندو آهي ۽ پوءِ ويچارا پکي جيئن پاڻُ ڇڏائڻ لاءِ لڇندا ڦتڪندا آهن، تئين وڌيڪ ڦاسندا ويندا آهن. اهڙي ريت دنيا جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ کان پوءِ انسان جئن ڦتڪندو آهي تئين پنهنجي اڻڄاڻائيءَ سبب وڌيڪ ان ۾ غرق ٿيندو ويندو آهي. شيطان لعين جي گرفت مٿس مضبوط ٿي ويندي آهي.
    دلبو منجهه درياءَ، پکي پسي آئيا
    ويچارا! ويساھ، آڻي اُتِ اڙائيا
    دنيا ۾ ڪيئي انسان ’ٻاهر ماکي اندر ٻور‘ جي مثال ملندا. جن جي مُنهن تي ته مُرڪ هوندي آهي پر سندن اندر ۾ تکا ڪات هوندا آهن، اهڙن ٻهروپن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ به اکِ جي ضرورت آهي. عام انسان هنن جي ظاهري زبان ۽ مُنهن جي ميٺاج مان ڌوڪو کائي ويندو. پر اندر جي اک رکندڙ فهم ۽ فراست جا صاحب الله جا پيارا ٻانها، اهڙن انسانن جي رڳَ رڳَ مان واقف هوندا آهن. جنهن ڪري اهي سچا سالڪ، انسان ذات کي انهن ترڪتالن جي ڦندن ڦيرن کان بچڻ جي تلقين ڪندا رهندا آهن. ڀٽائي ڀلاري پڻ اهڙن انسانن کان خبردار ڪيو آهي. فرمائي ٿو ته انهن ٻهروپن جي ظاهري رويي ۽ ڏيک ويک تي ويساھ ڪري نه ويهه. انهن کي بي ضرر نه ڄاڻ، اهي انسانيت جا دشمن واسينگن جو اولاد آهن، جن جي جَھڙپ سان هاٿي به ڦتڪي دمُ ڏئي ڍيري ٿي پوي. يعني وڏي کان وڏو طاقتور انسان به انهن جي مڪاريءَ جي وارَ کان پاڻُ بچائي نه ٿو سگھي، تنهن ڪري تون ويسلو ٿي نه ويهه.
    سنها ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسينگن جا
    جنين جي جھڙپَ، هاٿي هنڌان ئي نه چُري
    دنيا جي ناقدر شناسيءَ سبب سچا لوڪَ لڏيندا ٿا وڃن، ڪوڙن ۽ ڪُپَتي انسانن جو عدد وڌندو وڃي ٿو. لاکيڻي لطيف سچار انسانن جي تشبيهه ’مور‘ سان ڏني آهي ۽ انهن کي ’هنج‘ به سڏي ٿو. جڏهن ته ڪوڙن جو مثال ڪانئرن سان ڏنو اٿس. فرمائي ٿو : اهي مور مري ويا ۽ نه ئي ڪو هنج ئي باقي رهيو آهي. انهن جي جاين تي چٻرا اچي قابض ٿيا آهن. افسوس معاشري ۾ نظر ڦيرائڻ سان اها حقيقت روز روشن وانگر عيان ٿئي ٿي ته هتي قحط الرجال آهي. ملهائتن ماڻهن جي روز بروز ڪَمي ٿيندي رهي ٿي ۽ انهن جي اها ڪمي شدت سان محسوس ڪئي وڃي ٿي. اهي مورن جهڙا مڻيادار مرد پنهنجو محبوبي مُنهن لڪائي وڃي ابد ۾ آرامي ٿين ٿا ۽ انهن جون جايون ناعاقبت انديش ۽ ڪوڙا بي عمل انسان اچي والارين ٿا.
    ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو
    انهن آکيرن تي ويٺا چٻَ چڙهي
    وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو


    صنعتن جو استعمال

    جهڙي ريت نثر جي سينگار لاءِ علم بديع و بيان جون خوبيون مثلاً تشبيهون، استعارا، ڪنايا، پهاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ تجنيسون وغيره تمام ضروري آهن، اهڙيءَ ريت شاعريءَ ۾ پڻ ڪي صنعتون استعمال ٿينديون آهن. صنعت جي معنى آهي هنر يا حرفت. شاعري هونءَ ئي هڪ ڏکيو هنر يا فن آهي. شاعري جي مخصوص صنعتن جي استعمال سان وري شاعري جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ هيڪاندو اضافو اچي ٿو ۽ ان کي چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. ان کان علاوه فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ جدت شاعريءَ جون اهڙيون خوبيون آهن جيڪي ڪنهن به شاعر کي وڏن شاعرن جي صف ۾ آڻي بيهارين ٿيون.
    لطيف سرڪار جي ڪلام جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڪلام مذڪوره صنعتن کان علاوه ٻين به ڪيترين ئي اهم صنعتن سان سينگاريو پيو آهي. اهڙين صنعتن جو انگ تمام گھڻو آهي هتي ڪجهه صنعتن جي وصف بيان ڪري رسالي مان انهن جا مختصر مثال پيش ڪجن ٿا.

    فصاحت
    فصيح ڪلام اهو آهي جنهن ۾ هر هڪ لفظ اهڙو ڪم آيل هجي جنهن جي اچارڻ ۾ زبان کي ڪابه هٽڪ هٻڪ يا تڪليف نه ٿئي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهن ڪڏهن پر هميشه شاعر جي ڪلام ۾ اختيار ڪيل هجي، نه ته سندس ڪلام کي فصيح نه چئبو.
    لطيف سائين جي ڪلام ۾ فصاحت جي خوبي اتم موجود نظر اچي ٿي. مثال طور هيٺيان ٻه بيت ڏسو :
    پائي ڪانُ ڪمان ۾، ميان! مار مَ مون
    مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي
    ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين
    اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾
    مٿين ٻنهي بيتن ۾ سمورا الفاظ اهڙا استعمال ٿيل آهن جن جي اچارڻ ۾ زبان کي ڪابه هٽڪ يا هٻڪ محسوس ڪانه ٿي ٿئي.

    بلاغت
    بليغ ڪلام ان کي چيو وڃي ٿو جيڪو وقت ۽ حال مطابق هجي. شاعر کي انساني سڀاءَ جي سمورين ڪيفيتن کي اهڙي صفائي ۽ چٽائيءَ سان خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪرڻ گھرجي جو پڙهندڙن توڙي ٻڌندڙن جو ڌيان کـُپي وڃي. اهڙي صورت هر دور لاءِ هڪ جهڙي هجي.
    ڀٽ ڌڻي جي ڪلام مان بلاغت جا بيشمار مثال ڳڻائي سگھجن ٿا. جئن :
    وڳر ڪئو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾
    پَسو پکيئڙن، ماڙهوئان ميٺ گھڻو
    ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو
    ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مانُ
    ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچئو ان جي
    مٿين ٻنهي بيتن ۾ بيان ڪيل ڪيفيت هر وقت ۽ هر دور لاءِ آهي.

    سلاست
    سليس ڪلام اهو آهي جنهن ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن جيڪي هر پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي لاءِ آسان هجن. ٻين لفظن ۾ ته شاعريءَ ۾ روز مرھ جي ٻولي استعمال ڪيل هجي. شعر جو مطلب ۽ مفهوم هر ڪو پنهنجي علم، عقل ۽ فهم مطابق سمجھي سگھي.
    لطيف سائين جي ڪلام ۾ اها خوبي عام نظر اچي ٿي. ٻه مثال ملاحظه ٿين:
    اکين ۾ ٿي ويهه، ته آئون واري ڍڪيان
    توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پسان ڪي ٻيو
    ــــــــــ
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي
    متان ٿيئي اونداھ، پير نه لهين پرينءَ جو

    جدت
    جدت مان مراد ندرت، نواڻ يا اڇوتو ۽ نئون خيال آهي. شاعر جي ڪلام ۾ مضمون اهڙا منفرد هجن، جن تي ٻين شاعرن طبع آزمائي ڪانه ڪئي هجي. يا ٿورن ڪئي هجي.
    شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ اهڙا مثال جا بجا پکڙيا پيا آهن.
    ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت
    من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي
    ــــــــــــ
    سانوڻ لهريون، ٿر واري، تر وار
    انهائي اَپار، مون سين ڀلي ڀال ڪئا
    ڏورڻ کان پوءِ به نه لهڻ جي تمنا ۽ محبوب سان نه ملڻ واري خيال ۾ ڪيڏي نه جدت ۽ ندرت سمايل آهي. ٻي سٽ ۾ ان جي سببن ۾ پڻ نواڻ نظر اچي ٿي. اهڙي طرح ٻي بيت ۾ محبوب جي ٿورن جو شمار سانوڻ جي لهرن، ٿر جي واريءَ جي ذرن ۽ مٿي جي وارن جي ڳڻپ سان ڏئي بيت ۾ جيڪا ندرت آندي آهي اهڙي نواڻ ڀٽائي کان اڳ ۾ شايد ئي ڪنهن آندي هجي.

    تشبيهه
    تشبيهه مان مراد ڀيٽ ڪرڻ آهي. جڏهن هڪ شي کي ٻيءَ شيءِ سان قد بت، گڻ اوگڻ وغيره سان ڀيٽيو وڃي ته ان کي تشبيهه يا تمثيل چئبو آهي، جنهن لاءِ جيئن، جيان، جهڙو، وانگي، وانگر، وانگيان ۽ ڄڻ جا الفاظ ڪم ايندا آهن. لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ اهڙيون اڻ ڳڻيون تشبيهون ڪم آنديون آهن جن جو مثال ئي نه ٿو ملي. جيئن :
    ڪڙو منجهه ڪڙي، جئن لوهارن لپيٽيو
    منهنجو جيءُ جڙي، سپريان سوگھو ڪيو
    ــــــــــ
    سورَ مَ ڏي ڌوڻ، آئون اڳيئي ڪانهري
    جا پَر ِ پاڻيءَ لوڻ، سا پر منهنجي جندڙي
    ــــــــــ
    پيئي کڻي پساھ، ڏکي ڏيئي وَٽِ جئن
    اڄ ڪه سنجهه صباح، چندا ڪي ته منڌ مئي
    مٿين بيتن ۾ عاشق جو محبوب جي جيءَ کي جڪڙي رکڻ جي تمثيل ڪڙو منجهه ڪڙي سان يا جندڙي ۾ سورن جي سمائجي وڃڻ جي مشابهت پاڻيءَ ۾ لوڻ جي ڳري وڃڻ يا وري ڏکيءَ جو ڏيئي جي وٽ وانگر هوا سان جنگ جوٽي پساھ پورا ڪرڻ سان ڏئي شاھ سائين ڪمال ڪري ڇڏيو آهي.

    استعارو
    استعارو جي معنى اڌارو وٺي ڏيڻ آهي. ٻين لفظن ۾ جڏهن هڪ شي کي ٻيءَ شي جهڙو هوبهو ڪري پيش ڪجي ته اهڙي ترتيب کي استعارو چئبو. مرحوم غلام محمد شهواڻي مطابق ” جيڪڏهن ڀيٽ اهڙي نمايان ۽ کليل نه هجي بلڪه خفيف ۽ لڪل هجي ته ان کي به استعارو ئي چئبو.“
    هن صنعت جو استعمال به لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ هنڌ هنڌ نظر اچي ٿو. مثال :
    ماڻڪ مَٽُ سندوم، اونداهيءَ ۾ سوجھرو
    حشر ويل حساب ۾، ڇڏي نا ويندوم
    معروف شاعر ۽ اديب حافظ محمد احسن چنه مٿين بيت مان استعاري جو مفهوم هيٺينءَ ريت بيان ڪيو آهي :
    ”هت ماڻڪ مان مراد هيرو، جيڪو جبلن مان لڀندو آهي، سو نه آهي. ڇوته اهو حشر جي حساب ۾ ڪيئن ڪم ايندو! تنهن ڪري اهو سرورِ ڪائناتﷺ لاءِ اشارو آهي، جنهن کي اڌاري معنى ڏئي استعاري جي صنعت ۾ لکيو ويو آهي ماڻڪ.“
    اهڙي ريت استعاري جو هڪ ٻيو مثال ڏسو :
    ساٿي نه پسان سي، جي هئم هينئين ٿوڻيون
    هتي ساٿين کي هينئين جي ٿوڻين جهڙيون نه بلڪه خود ٿوڻيون (سهارو) ڪري ٻڌايو آهي.

    تجنيسِ حرفي
    جڏهن نثر توڙي نظم جي سٽاءَ ۾ لفظ جو پهريون حرف ساڳيو هجي ۽ اهڙا لفظ اڪثر هڪ ٻي جي پٺيان اچن ۽ هر هڪ لفظ پنهنجي اندر ڀرپور معنى رکندو هجي ته اهڙي ترتيب کي تجنيسِ حرفي چئبو آهي.
    لطيف سائين جي ڪلام ۾ هيءَ صنعت ڪمال درجي تي پهتل آهي. هتي تجنيسِ حرفي وارن لفظن هيٺان ليڪ ڏئي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ اهڙن بيتن مان فقط تجنيسِ حرفي واريون سٽون ڏنيون آهن.
    والي، واحد، وحده، رازق، رب، رحيم (ڪلياڻ)
    ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي (ڪلياڻ)
    پاڻهي پَسي پاڻ کي، پاڻهين محبوب (ڪلياڻ)
    عقابيل اکين ۾، تير تکا توکي (يمن ڪلياڻ)
    اونداهي اڌ رات ۾، پرينءَ پَسايو پاڻ (کنڀات)


    تجنيس ناقص
    شعر جي سٽن ۾ جڏهن اهڙا لفظ اچن جن جي شڪل صورت هڪ جهڙي هجي ۽ ساڳين ۽ هڪ جيترن حرفن تي ٻڌل هجن پر اعرابن جي حوالي سان انهن جا اچار الڳ نڪرندا هجن ته اهڙي ترتيب کي تجنيسِ ناقص سڏبو آهي.
    شاھ سائين جي رسالي مان مثال جو بيت :
    وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو
    بيت جي هن سٽ ۾ هڪ لفظ جيڪو و ۽ ر تي ٻڌل آهي ٽي ڀيرا آيو آهي پر اعرابن ڏيڻ بعد انهن جي معنى ۾ فرق اچي ٿو وڃي. پهريون آهي ’وَرَ‘ جنهن جي معنى مڙس آهي. ٻيو آهي’وَرُ‘ يعني ڏِنگُ ۽ ٽيون به ’وَرُ‘ آهي جنهن جو مطلب آهي ڦيرو، چڪر يا وڪڙ. سسئي پئي چيو ته منهنجي مڙس ۾ ڪو ڏنگ ڪونه هو پر اصل چڪر ڏيرن هلايو جو پنهل مونکان جدا ڪري ويا.

    تجنيس تام
    تام جي معنى ڪامل يا پورو آهي. شعر ۾ جڏهن ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ اهڙا ڪم اچن جيڪي لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ هڪ جهڙا هجن مگر معنى ۾ مختلف هجن ته ان کي تجنيس تام چئبو آهي. شاھ سائينءَ جي رسالي ۾ ان جا ڪيترا ئي مثال ملن ٿا. جيئن :
    جا هڙ اندر جيءَ، سا هڙ ڏني ساھ کي
    سا هڙ ڇڙي نه ساھ جي، سا هڙ ساهڙ ري
    ساهڙ ميڙ سميع، ته سا هڙ ڇڙي ساھ جي
    هن بيت ۾ لفظ ’ساهڙ‘ ڇهه دفعا ڪم آندل آهي. ظاهر ۾ لفظ جي معنى هڪ ته سهڻيءَ وارو ساهڙ يا ميهار آهي ۽ ٻي معنى پريت واري ڳنڍ آهي.

    تجنيس زائد
    جڏهن شعر ۾ ٻه لفظ هڪ جنس جا حرفن ۽ حرڪتن ۾ هڪ جهڙا هجن، مگر هڪڙي ۾ ٻي کان هڪ حرف زياده هجي. پوءِ اهو منڍ ۾ وچ ۾ يا پڇاڙي ۾ ئي ڇونه هجن. اهڙي ترتيب کي تجنيس زائد چئبو آهي.
    لطيف سرڪار جي ڪلام ۾ تجنيس زائد جا مثال ملن ٿا.
    گھوريندي گھور پئا، اَگھور گھوريائون
    مڪر ماريائون، مارن مهه سنرا
    مٿين بيت ۾ گھور ۽ اَگھور ۾ اکر ”الف“ زياده آهي.

    صنعت تضاد
    تضاد جي معنى مخالف يا برخلاف آهي. جڏهن شعر جي سٽن ۾ هڪ ٻي جي برخلاف يا مخالف معنى يا ضد وارا الفاظ ڪم آڻجن ته اهڙي صنعت کي صنعت تضاد چئبو آهي.
    لطيف سائين جي ڪلام مان صنعت تضاد جا مثال ڏسو، جن ۾ هڪ ئي سٽ ۾ تضاد وارا ٻئي لفظ اچن ٿا.
    هونديان هوت پري، اوڏو آهي اڻ هوند کي
    مٿين سٽ ۾ هوند ۽ اڻ هوند هڪ ٻئي جا ضد آهن.
    وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪـُل
    هتي وحدت ۽ ڪثرت متضاد آهن.
    نه ڪا ابتدا عبد جي، نه ڪا انتها
    هن سٽ ۾ ابتدا ۽ انتها هڪ ٻئي جا ضد آهن.
    هيٺ اهڙو بيت ڏجي ٿو جنهن جي ٻن سٽن ۾ متضاد لفظ اچن ٿا.
    پرينءَ سندي پار جي، مڙئي مٺائي
    ڪانهي ڪڙائي، چکي جي چيت ڪري
    هتي پهرين سٽ ۾ مٺائي ۽ ٻي سٽ ۾ ڪڙائي متضاد لفظ آهن.

    صنعت ابهام
    ابهام جي معنى آهي وهم ۾ وجھڻ يا منجھائڻ. جڏهن شعر ۾ ڪي لفظ يا عبارتون اهڙيون ڪم آڻجن جن جون ٻه معنائون هجن، هڪڙي ويجھي ۽ ٻي پري. ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جو ڌيان نزديڪ معنى تي وڃي پوي پر شاعر جو مقصد پري معنى وارو هجي.
    شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪيئي مثال ملن ٿا. جيئن:
    محبت جن جي من ۾، تن تشنگي تار
    پي پيالو اُڃَ جو، اڃ سين اڃ اٿيار
    پنهون پاڻ پيار، ته اڃ سين اڃ اجھائيان
    مٿين بيت ۾ اڃ لفظ جو تڪرار آهي. جنهن جي ظاهري معنى ۾ ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جو ڌيان تاس يا پياس ڏانهن ڇڪجي ويندو، جيڪا نزديڪ معنى آهي پر شاعر جو مقصد عشق واري اڃ ۽ ميلاپ واري ڪيفيت آهي.

    صنعت ڪنايه
    ڪنايه جو مطلب رمز يا اشارو آهي. جڏهن شاعر ڪن لفظن يا عبارتن ۾ اهڙي رمز يا اشارو رکي جنهن جي جيڪڏهن اصلي معنى نه به وٺجي ته به درست هجي ته اهڙي صنعت کي صنعت ڪنايه چئبو آهي. هن صنعت ۾ وڏي فنڪاري درڪار هوندي آهي. ڀٽ ڌڻي مذڪوره صنعت سان به خوب نڀايو آهي. مثال طور هيٺيون بيت ڏسجي :
    اسان تِتان آهيون، جتي کهنبو ناھ
    جي وڃون منجهه وهانءِ، ته پڻ مٿئون لوئيون
    هي سُر مارئي جو بيت آهي جنهن ۾ بظاهر ته مارئي پنهنجي ديس جي ويس جو ذڪر ٿي ڪري ۽ عمر کي ٻڌائي ٿي ته اسان جي لوءِ ۾ کهنبا ڪپڙا ڪونه هوندا آهن. وهانءَ تي وڃڻ وقت به مٿي تي لوئيون ڍڪيون وينديون آهن. پر ڪنايه طور مراد هيءَ اٿس ته اي عمر! مونکي هتي تنهنجا کهنبا ۽ قيمتي ڪپڙا ڍڪڻا ئي نه آهن.

    صنعت تجاهل عارفانه
    صنعت تجاهل عارفانه نهايت دلچسپ صنعت آهي. هن صنعت مطابق شاعر هر ڪا حقيقت ڄاڻڻ باوجود بظاهر پاڻ کي بي خبر رکندو آهي ۽ هو خوبصورت ۽ معنى دار لفظن سان شعر کي سينگاري پيش ڪندو آهي.
    لطيف سائين پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ هن صنعت کي نهايت سهڻي نموني استعمال ڪيو آهي. مثال ۾ هي شعر ڏسو :
    سِرُ ڍونڍيان ڌَڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سِرُ ناھ
    هٿ ڪرايون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهه
    وحدت جي وهانءِ، جي ويا سي وڍيا
    هتي شاھ صاحب کي جيتوڻيڪ پنهنجي سِر، ڌڙ، هٿ، ڪاراين ۽ آڱرين جي هئڻ جي بخوبي خبر آهي مگر محويت ۽ استغراق سبب پاڻ کي بي خبر ڄاڻائي ٿو ۽ چوي ٿو ته مونکي ته خبر ئي نه آهي ته منهنجا اهي عضوا ڪٿي آهن.

    صنعت مراعات النظير
    جڏهن ڪنهن شعر ۾ هڪ ئي هنڌ اهڙا الفاظ استعمال ڪيا وڃن جن جي هڪ ٻي سان پاڻ ۾ مناسبت هجي ۽ اهي پنهنجي اندر ڀرپور معنى رکندا هجن ته اهڙي صنعت کي مراعات النظير چئبو آهي. ڀٽائي جي رسالي مان مراعات النظير جو مثال پيش ڪجي ٿو.
    ڪاتي جا قريب جي، سا هڏ چيري چم
    عاشق پنهنجو لحم، لله ڪارڻ وڍئو
    هتي ڪاتيءَ جي ذڪر سان هڏ، چم ۽ لحم (گوشت) جا لفظ پاڻ ۾ مناسبت رکن ٿا.

    صنعت مجاز مرسل
    جڏهن شعر ۾ ڪنهن شي جي عام نالي وٺڻ بدران ان ڌاتوءَ يا شيءِ جو نالو ورتو وڃي جنهن مان اها جڙيل آهي ته اهڙي صنعت کي مجاز مرسل چئبو آهي.
    شاھ لطيف جي ڪلام ۾ مجاز مرسل جا انيڪ مثال ملن ٿا.
    اي ڪرم جو ڪاڍو، نا ته پٿر ڪير پنڌ ڪري

    هتي ’جبل‘ جي بدران پٿر جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
    ٻيو مثال ڏسو :
    مارين ٿو مونکي ! چاڙهي لوھ لطيف چئي
    هتي لوھ مان مراد تير آهي. يعني تير جي بدران لوھ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. تير اصل ۾ ته لوھ مان ئي ٺهيل هوندو آهي.
    اُڀيون اوري پار ڏي، ڪوڙيون ڪک پڇن
    هتي ’ترهي‘ بدران ڪک لفظ استعمال ڪيل آهي. سهڻي ٿي چوي ته سکڻي سڌ رکڻ واريون درياءَ جي اوري ڀر بيهي ترهي جو انتظار ڪنديون رهن ٿيون.

    صنعت تضمين
    جڏهن ڪو شاعر پنهنجي شعر کي سينگارڻ ۽ وڌيڪ وزندار بڻائڻ خاطر ڪنهن ٻي وڏي شاعر جي شعر مان سٽ وٺي ته اهڙي صنعت کي تضمين چئبو.
    شاھ صاحب جي شاعريءَ ۾ صنعت تضمين جا مثال به ملن ٿا. جيئن :
    سهڻي گھڙي سِير ۾، ٻهون نهاري ٻنگ
    سِر در قدم يار، فدا شد چه بجا شد، وصل اهو ئي ونگ
    ‎رات جنين جو رنگ، الا! سي اڪاريين
    هتي ڀٽائي صاحب فارسي جي شعر مان سٽ ورتي آهي.

    صنعت حسن ِ تعليل
    هيءَ معنوي ۽ مخفي حقيقت ڏانهن اشارو ڪندڙ صنعت آهي. جنهن ۾ شاعر ڪنهن مشهور ۽ معلوم سبب کي ڄاڻي واڻي ڇڏي، پنهنجو خيالي سبب ڏيندو آهي، جيڪو معنى مان ظاهر ٿيندو آهي. جڏهن ته ظاهري لفظن مان ڪو پتو ڪونه پوندو آهي. شاھ جي ڪلام مان صنعت حسن ِتعليل جو هڪ خوبصورت مثال پيش آهي :

    ادا ڙي ٻانڊي، توکي ڪڙهان ڪه پاڻ کي
    ‎سوڌي خبر سڄڻين، تو ڪا تڙ آندي؟
    تون پاتارئان پانڌي،اسان پنڌ پرينءَ ڏي
    مٿين بيت جو تعلق سهڻيءَ سان آهي، جيڪا درياءَ جي وهڪري ۾ وهي ايندڙ بنڊ سان مخاطب آهي ۽ کيس پاڻ وانگر ميهار جو پانڌيئڙو ٿي سمجھي، پر کيس ڪناري تي نه ٿي ڪڍي. هوءَ کانئس پڇي ٿي ته منهنجي ساهڙ جو ڪو سنيهڙو ته ڪونه آندو اٿئي؟ جي نه ته پوءِ منهنجو پنڌ پري آهي مان اڳتي وڃان ٿي. بُنڊ کي نه ڪڍڻ، ان کي ڏوراپو ڏيڻ بلڪه ان تي الزام رکڻ جو ڪهڙو نه مناسب سبب بيان ڪيو اٿس.

    صنعت تلميح
    هن صنعت ۾ شاعر پنهنجي شعر ۾ قرآن حڪيم جي ڪا آيت، نبي ڪريمﷺ جي ڪنهن حديث يا ڪنهن قصي ڏانهن اشارو ڪندو آهي.
    لاکيڻي لطيف جو رسالو هن صنعت سان ڀريو پيو آهي. مثال طور ٻه بيت پيش ڪجن ٿا :
    سو ئي راھ رد ڪري، سو ئي رهنما
    وتعز من تشاءُ، وتذل من تشاءُ
    هتي ٻي سٽ ۾ قرآن ڪريم جي آيت مبارڪ ڏني وئي آهي.
    ٻيو مثال :
    نه ڪهه ڄايو ڄام کي، نه ڪو ڄام وياءُ
    ننڍي وڏي گندري، سڀن آھ سياءُ
    لم يلد ولم يولد، ايءُ نجابت نياءُ
    ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچي ڄام جو
    مٿين بيت جي ٽين سٽ ۾ قرآن ڪريم جي آيت ‘لم يلد ولم يولد‘ آيل آهي.

    صنعت سوال و جواب
    هن صنعت ۾ شاعر هڪڙي شعر ۾ سوال پڇندو آهي ۽ ٻي شعر ۾ وري پاڻ ئي ان جو جواب ڏيندو آهي. لطيف سائين جي رسالي ۾ اهڙا بيت پڻ ملن ٿا. سُر سهڻيءَ مان هي مثال ڏسو :
    سوال وارو بيت :
    متان گھڙين سهڻي ! اڄ درياھ ۾ دم
    ڪاري رات ڪـُنن ۾، ڪهڙو اٿئي ڪم؟
    متان جاڳي ڏم، پڇي پاڙي واريين
    جواب وارو بيت :
    پڇي پاڙي واريون، ڪوھ ڪريندو ڏمُ
    ڪاري رات ڪنن ۾، آھ ڪاڻيارين ڪمُ
    هي هڏو ۽ چم، گھورئو محب ميهار تان

    صنعت مبالغو
    جڏهن شاعر پنهنجي تعريف يا ذڪر ڪندي تمام گھڻو مبالغو ڪري جيڪو حد کان وڌيڪ، نا ممڪن يا عقل ۽ عادت جي برخلاف هجي اهڙي صنعت کي صنعت مبالغو چئبو آهي. هونءَ ته شاعريءَ ۾ هڪ حد تائين مبالغو مباح سمجھيو ويندو آهي جنهن سان شعر جي سونهن ۽ ڪشش ۾ اضافو ايندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن شاعر هن صنعت جي استعمال ڪندي گھڻي وڌاءَ کان ڪم وٺندو آهي.
    لطيف سرڪار پڻ هن صنعت جو استعمال ڪيو آهي جنهن جا مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. جيئن :
    چار تراريون چيلهه سين، ٻڌي ٻه پاڳون
    اڳين جون آڳيون، ڪونر ڪِلي ۾ موکيون
    هتي چيلهه سان چار تراريون ۽ مٿي تي ٻه پڳون ٻڌڻ صنعت مبالغو آهي.

    صنعت تفسير
    جڏهن ڪو شاعر پنهنجي شعر ۾ ڪي اهڙا مبهم لفظ آڻي جن جو تفسير يا بيان ڪرڻ ضروري ٿي پوي ۽ شاعر انهن لفظن جو تفسير انهن سٽن ۾ پاڻ ئي ڪري وڃي ته اهڙي صنعت کي صنعت تفسير چئبو آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ مان هن صنعت جو مثال پيش ڪجي ٿو :
    هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪهه پرياڻ
    ونحن اقرب من حبل الوريد، تنهنجو توهين ساڻ
    پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي
    هن بيت ۾ ’هوت تنهنجي هنج ۾‘ جو تفسير ٻي سٽ ۾ ’ونحن اقرب من حبل الوريد‘ (الله تعالى اسان کي ساھ رڳ کان به ويجھو آهي) جي لفظن ۾ ڏنل آهي. ۽ ’تنهنجو توهين ساڻ‘ سان مفهوم کي وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي. ڀٽائي بيت جي ٽين سٽ ۾ سڄي مطلب کي چٽو ڪري پيش ڪيو آهي.

    صنعت ممتنع
    اهو شعر جو بظاهر پڙهڻ ۾ آسان هجي پر ان جي معنى پراهين ۽ مشڪل هجي. هيءَ صنعت ڏسڻ ۾ ته سولي لڳندي آهي پر لکڻ ۾ ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي ڇالاءِ ته هن جي معنى ۽ مطلب ڳجھو رکڻو پوي ٿو.
    لطيف سائين جي شاعريءَ مان صنعت ممتنع جو مثال پيش ڪجي ٿو:
    احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق
    آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾
    مٿيون بيت جيتوڻيڪ بظاهر پڙهڻ ۾ آسان آهي جنهن احد ۽ احمد جي وچ ۾ فقط ميم جو فرق ڏيکاريو ويو آهي پر انهيءَ فرق کي معلوم ڪرڻ لاءِ سڄو عالم گھري سوچ ۾ گم آهي. هتي اهڙي ريت ان کي ڳجهو رکي ڀٽائي صنعت ممتنع سان نهايت خوب نڀاءُ ڪيو آهي.

    صنعت مڪّرر
    جڏهن شعر ۾ ساڳيو لفظ ٻه يا وڌيڪ ڀيرا اچي ۽ هر ڀيري پنهنجي پنهنجي معنى ڏيکاري ته اهڙي صنعت کي صنعت مڪــّرر چئبو آهي. هن صنعت جا شاھ صاحب جي رسالي مان مثال هن ريت آهن.

    ’مون‘ مهين ۾ سپجي، مون کي ’مون‘ جڳاءِ
    مهين جي سا ڃاءِ، مهين منجھان مون ٿئي
    مٿين بيت ۾ پهرين ’مون‘ جو اشارو ربّ پاڪ جي ذات ڏانهن آهي جيڪو انسان جي ساھ رڳ کان به ويجھو آهي. ٻي ’مون‘ جو مطلب خدا تعالى جي ڪبريائي ڏانهن آهي. ان ذاتِ واحد جي وڏائي جي اڳيان بندي جي مان ڪائي حيثيت نه ٿي رکي. تنهن ڪري ان ئي هستي کي مون جڳائي ٿي.

    صنعت سياقت الاعداد
    شعر ۾ جڏهن ڪي عدد ترتيبوار توڙي بي ترتيب ڪم آڻجن يا ڪي صفتون يا ڳالهيون شمار ڪرڻ ۾ اچن ته اهڙي صنعت کي سياقت الاعداد چئبو آهي.
    شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ هن صنعت جا به ڪجھ مثال ملن ٿا. جيئن :
    اٺ ويري، اوٺار ويري، ٽيان ويري ٿيڙم ڏير
    چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لٽيا پنهونءَ پير
    پنجون ويري سج ٿيو، جنهن الهي ڪئي اَوير
    ڇهون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سنوان ڪيا نه سير
    ستون ويري چنڊ ٿيو، جو کڙيو نه وڏي وير
    واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين

    صنعت ارسال المثل
    صنعت ارسال المثل اهڙي صنعت کي سڏبو آهي جنهن ۾ شعر جي سٽن ۾ ڪو پهاڪو يا مثال ڪم آندو وڃي. جڏهن هڪ ئي بيت ۾ ٻه پهاڪا يا مثال ڏنا وڃن ته ان کي ارسال المثلين چئبو آهي.
    ڀٽائي گھوٽ جي ڪلام ۾ اهڙا ڪجهه بيت ملن ٿا جن ۾ پهاڪا يا مثال ڪم آندل آهن. جئين :
    ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ري
    جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري
    مٿين بيت جي پهرين سٽ ’ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ري‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ ضرب المثل طور استعمال ٿيندو آهي.

    صنعت ترجمه
    جڏهن شعر ۾ ڪنهن هڪڙي ٻوليءَ جو بيت / شعر يا مصرع ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ آڻجي ته اهڙي صنعت کي صنعت ترجمو چئبو آهي.
    لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ اهڙا انيڪ مثال موجود آهن. جيئن مولانا رومي جي مثنوي جي پهرين ئي بيت جو ترجمو ڀٽ ڌڻي هن ريت ڪيو آهي:
    وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري
    هن پَنَ پنهنجا ساريا، هي هنجون هڏن لئه هاري
    مولانا رومي جي فارسي زبان ۾ لکيل مثنوي جون سٽون آهن:
    بشنو از بے چوں حکايت می کند
    واۓ از جدائی ها شکايت می کند

    مددي ڪتاب
    o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    o شاھ جو رسالو غلام محمد شهواڻي
    o علم بديع (ڇاپو ٽيون) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    o بحرالفصاحت مولوي محمد نجم الحسن
    o سنڌي ويا ڪرڻ (ڀاڱو چوٿون) مرزا قليچ بيگ
    o املهه ماڻڪ (ڀاڱو پهريون) مرزا قليچ بيگ
    o پيهي منجهه پاتال ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    o سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر
    o عرفان ِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد


    انساني عضون جو ذڪر ۽ انهن جي معنوي حقيقت

    انسان، جنهن کي الله تعالى سموري مخلوق ۾ اعلى ۽ اشرف ڪري خلقيو آهي، سو روح ۽ جسم جو مرڪّب آهي. روح کان سواءِ جسم اڻپورو ۽ جسم کان سواءِ روح اڌورو هو. جيتوڻيڪ روح جي تخليق ته جسم جي تخليق کان به اڳ ۾ ٿي هئي. جڏهن اڃان الله پاڪ جسم کي ڪونه خلقيو هو، تڏهن به روح عالمِ ارواح ۾ موجود هئا. پوءِ امر ربّي سان روح جسم جي قالب ۾ داخل ٿيا ۽ ائين انسان جي تخليق ٿي. معلوم ٿيو ته روح ۽ جسم جو رشتو قديم آهي. انسان کي خداوندِ تعالى فعلاً مختيار بڻائي موڪليو. سندس فعل ۽ قول جو تعلق جئين ته جسم سان ئي آهي، تنهن ڪري سٺن يا برن عملن جي جزا يا سزا به جسم کي ئي ملي ٿي. روح پاڪ آهي، تنهن ڪري اهو هر سزا کان آجو آهي.
    جسم جي هر عضوي جو وري جدا جدا عمل آهي ۽ هر ڪو عضوو پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکي ٿو. انسان جي جذبن جو اظهار عضون ذريعي ئي ممڪن آهي. شاعر جِي انهن جذبن توڙي عضون جي نقل و حرڪت تي گھري نگاھ رهي ٿي، جنهن جو اظهار هو پنهنجي شاعريءَ ذريعي ڪري ٿو. شاعرن جي سرتاج ۽ سرواڻ ان ڏس ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. سندس ڪلام ۾ انساني عضون جي عمل ۽ ڪيفيت جو با معنى ۽ خوبصورت اظهار ملي ٿو. هيٺ رسالي جي مختلف سُرن مان مختصر طور اهڙا مثال پيش ڪجن ٿا.

    سُر ڪلياڻ
    سُر ڪلياڻ جو هڪ بيت آهي :
    اصل عاشق پهجي، سسي نه سانڍين
    لاهيو سِر لطيف چئي، ساھ سلاڙئو ڏين
    ڪـُلنئون ڪاٽين، پڇن پوءِ پريتڻو
    هن بيت ۾ انساني جسم جي ٻن عضون سسي (سِرُ) ۽ ڪلهن جو ذڪر آيو آهي. عشق جي واٽ ۾ عاشقَ پنهنجي جان پياري ڪونه ڪندا آهن بلڪه هو ته پنهنجو سِرُ ڪلهن وٽان ڪوري محبوب جي آڏو پيش ڪندا آهن ۽ ائين محّبت جي واٽ ۾ سُرخرو ٿيندا آهن. اهو ئي محّبت جو معراج آهي. عشق هميشه قربانيءَ جو طالبو هوندو آهي.
    ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت پيش آهي :
    اصل عاشقن جو، سِرُ نه سانڍڻ ڪم
    سئه سسنئان اڳرو، سندو دوسان دم
    هي هڏو ۽ چم، پِڪَ پريان جي نه پڙي
    هن بيت ۾ سِرَ کان علاوه هڏي ۽ چَمَ جو ذڪر پڻ آيو آهي. عاشق پنهنجو سِرُ سانڍي ڪونه رکندا آهن. هو ته دوست جي هڪ ساعت يا دم جي ميلاپ بدلي پنهنجون سئه سسيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن ۽ پنهنجي هڏ ۽ چم يعني پنهنجي وجود کي پرينءَ جي پِڪَ برابر به ڪونه سمجھندا آهن.
    سُر ڪلياڻ جي هيٺين بيت ۾ هٿ ۽ وات جو ذڪر آهي :
    تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تهجي
    فاذکروني اذکرکم، ايءَ پروڙج بات
    هٿ ڪاتي، ڳڙ وات، پڇڻ پَرِ پرينءَ جي
    يعني جهڙي طرح عاشق کي اندر ۾ هر پل محبوب جي تار ۽ تنوار لڳل هوندي آهي ساڳي طرح توڙي يار بي پرواھ آهي ته به پنهنجي عاشق کي ياد ڪندو رهندو آهي. قرآن ڪريم ۾ به الله پاڪ پنهنجن بندن لاءِ فرمايو آهي ته ’اوهان مونکي ياد ڪريو ته مان اوهان کي ياد ڪندس.‘ انهيءَ قربت ۽ محّبت کي سمجھڻ جي ضرورت آهي.
    محبوب کي هٿ ۾ توڙي جو ڪاتي آهي جنهن سان عاشق جي مٿان ظلم ڪندو رهي ٿو پر تڏهن به هو پنهنجي مٺي گفتي سان هن جو حال به پڇندو رهي ٿو. اها ئي سندس ادا ۽ عادت آهي.

    سُر يمن ڪلياڻ
    سُر يمن ڪلياڻ جو بيت آهي :
    ڪانڊين، ٽانڊين ٻاٻرين، پچان مَرُ پيئي
    جيرا، جگر، بڪيون، سيخن ۾ ٽيئي
    ويڄئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين
    مٿين بيت جي ٻي سٽ ۾ انساني جسم جي ٽن اهم عضون جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيرا، جگر، ۽ بڪـيون انساني زندگي جي بقا ۾ يقيناً وڏي اهميت رکن ٿا. لطيف سرڪار سچي سالڪ جي اندر جي اذيت واري ڪيفيت جو اظهار ڪهڙي نه خوبصورت پيرايي ۾ ڪيو آهي. ڪَنڊيءَ ۽ ٻٻر جي ٽانڊن تي گويا جيرا، جگر ۽ بڪيون سيخن ۾ پيون پچن ۽ پڄرن ٿيون. انهيءَ جو علاج ويڄن ۽ طبيبن کان به زور ٿي ويو آهي. هاڻي ته سڀ ڪجهه فقط سڄڻن جي ئي اختيار ۾ آهي.
    اذيت ۽ تڪليف جي تمثيل ڪَنڊيءَ ۽ ٻٻر جي ٽانڊن سان ڏئي لطيف سائين ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. مٿين ٻنهي وڻن جي ڪاٺيءَ جي ٽانڊن جي تپش ۽ تاءُ ٻين ڪاٺين کان وڌيڪ سخت ليکيو ويندو آهي. ٻي طرف اهڙن ٽانڊن تي جسم جا ٽي انتهائي نازڪ ۽ نرم عضوا پچندي ۽ پڄرندي ڏيکاريا ويا آهن.
    هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي :
    سِر جو سڃئو سڄڻين، ڀَرِ ڀيڏيءَ ڏيئي
    ڪانُ ڪرنگر ڪپئو، پکن سِر پيهي
    جيرا، جگر، بڪيون، پاساڙا ٻيئي
    ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين
    هن بيت ۾ جيري، جگر ۽ بڪين کان علاوه جسم جي ڪجهه ٻين حصن ڀيڏي، ڪرنگھي ۽ پاسيرين جو به ذڪر آيو آهي. محبوب ڀيڏيءَ ڀر ويهي تير جو تُز نشانو ورتو جيڪو ڪرنگھي کان ٿيندي جيري، جگر ۽ بڪين کا لڙي پاسيرين تائين وڃي پهتو ۽ انهن سڀني عضون کي گھائل ڪري رکيو. هاڻي عاشق جي اهڙي حالت جو علاج حڪيمن جي وس ۾ ڪونه رهيو آهي وري به ان جو معالج محبوب ئي ٿي سگھي ٿو.

    سُر کنڀات
    هن سُر جي هيٺين بيت ۾ هڪ ئي وقت اکين، نڪ ۽ پيشانيءَ جو ذڪر آندو ويو آهي :
    چنڊ چوانءِ حق، جي مَٺو مور نه ڀائين
    ٻه اکيون ٽيون نڪ، تو ۾ ناهي پيشاني پريءَ جي
    سُر کنڀات ۾ چنڊ سان خطاب وارن بيتن ۾ لطيف سائين جو محبوب نبي ڪريمﷺ جن جي ذات والا صفات آهي. پاڻ ڪريمﷺ جي شبيهه مبارڪ جا ڳڻ ڳائيندي هو چنڊ کي چوي ٿو ته منهنجي محبوب جهڙو نڪ نقشو تو وٽ ڪٿي آهي! تنهنجو چهرو ته داغدار آهي.

    سُر سسئي آبري
    هن سُر جو هڪ بيت آهي جنهن ۾ لطيف سائين ڪَن جو ذڪر ڪهڙي نه خوبصورت پيرائي ۾ ڪيو آهي :
    ڪَنُ ٿيءُ، ڪيچن ڪڇئو، ڪڇ مَ، ٿا ڪڇن
    اشارتون ان جيون، سُڪوتان سڄن
    وٽان ويهي تن، سڻ ته سوز پرائيين
    لطيف سرڪار طالب کي تنبيهه ٿو ڪري ته ڪَنُ ٿي پئه، يعني پوريءَ طرح ڪَنُ ڏيئي غور سان ٻڌ، جيڪي محبوب فرمائين ٿا. تون ڪجهه نه ڪُڇُ نه ئي تون پنهنجا دليل ڏي بلڪه جيڪي هو ٿا چون اهو ٻڌ. هو توکي اشارن ۾ ڪجهه ٻڌائڻ ٿا چاهين. ماٺ ڪري سڪون سان ويهي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندين ته سِڪ ۽ سوز پرائيندين.

    سُر معذوري
    هن سُر جو هڪ بيت آهي :
    ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻي لک لڳن
    آڱر آڱوٺي نه مڙي، ڇپون پير ڇنن
    ويندي ڏانهن پرين، جتي جات نه پائيان
    هن بيت ۾ هڪ ئي وقت پيرن، آڱرين ۽ آڱوٺن جو ذڪر آيو آهي. سسئي جا سمورا سُر سوز سان ڀريا پيا آهن. هن مسڪين پنهل کي ڏوريندي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا، پوءِ به هوءَ مضبوط ارادي سان اڳتي وڌنڌي رهي. هن جا ارادا اٽل هئا. هن چيو پئي ته ڀل پيرن ۾ لکين ڪنڊا لڳن، آڱريون ۽ آڱوٺا ڦٽجي پون ۽ جبل منهنجي پيرن کي پٿون ڪري پر پرينءَ واري پنڌ ۾ پيرن ۾ جُتي به ڪونه پائينديس.
    ساڳي سُر جي هڪ بيت ۾ هٿن پيرن سان گڏ گوڏن جو پڻ ذڪر آيو آهي.
    هٿين پيرين مونڙين، هلج ساڻ هيين
    عشق آري ڄام جو، نباهي نيين
    جان جان ٿي جيين، تان پاڙج ڪو مَ پنهوءَ سين
    لطيف سائين سسئي جي رهنمائي ڪندي کيس فرمائي ٿو ته آري ڄام جو عشق نباهڻ خاطر هٿن پيرن ۽ گوڏن ڀر هلندي رھ. پر ان دوران تنهنجي دل جي تار پنهنجي پنهل سان ضرور ڳنڍيل هجي. يعني دل جي جذبي سان اڳتي وڌنڌي رھ. جيستائين تنهنجي سرير ۾ ساھ آهي تيستائي ڪنهن به ٻي کي پنهل جو ثاني نه سمجهه.
    ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت آهي جنهن ۾ هٿن پيرن ۽ مونن کان علاوه پيشانيءَ جو پڻ ذڪر آيو آهي :
    هٿين پيرين مونڙين، ڪهج ڀر قــُدام
    وچ وسيلو ناھ ڪو، اوري آري ڄام
    هيين لائي هام، پاڙج ڪو مَ پنهونءَ سين
    هت قدام جي معنى پيشاني آهي بيت جو باقي مفهوم ساڳيو آهي.

    سُر ڪوهياري
    هن سُر جي هيٺين بيت ۾ پيرن جو ذڪر آهي :
    جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگھا ڪري
    تڏهن تنيين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو
    لطيف سائين سسئي جي حوالي سان عام انسان کي نصيحت ڪندي فرمائي ٿو ته اوهان کي سسئي جي غفلت مان سبق سکڻ گههرجي. جيڪا پٿرڻين تي پير ڊگھا ڪري غفلت جي ننڊ ۾ غلطان رهي ته کيس ساٿ ستي ئي ڇڏي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو.
    اهڙي طرح هڪ ٻي بيت ۾ اکين ۽ چهري جي اپٽار ڪيل آهي:
    سُتينءَ سنجھي ئي، مهه ويڙهي مُئن جئنءَ
    اوجاڳو اکين کي، ڄاتوءِ نه ڏيئي
    هٿا تو پيئي، ٿي ڪَچو ڪيچين کي ڪرين!
    جڏهن سسئي مئلن وانگر منهن ويڙهي سويري ئي بي فڪر ٿي سمهي رهي ۽ اکين کي اوجاڳو ئي نه ڏنائين ته نتيجي ۾ مٿس مصيبتن جا پهاڙ ڪري پيا پر هن ان لاءِ ڪيچين کي قصوروار ٿي سمجھو. هن کي شڪايت هئي ته هو کيس ننڊ ۾ ڇڏي ويا. ڀٽائي هن بيت ۾ سسئي کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ڏياري ٿو ته اها ڀوڳنا توکي پنهنجي غفلت سبب ڪاٽڻي پئي آهي، ڪيچين جو ته ڪوئي قصور ئي ڪونهي.

    سُر حسيني
    هيٺن بيت ۾ هٿن، ڪراين ۽ آڱرين جو ذڪر آيو آهي :
    ڪـُـهه ڄاڻان ڪـُـهه ٿئو، ڪيڏانهن ٿي وڃان
    هٿ، ڪرايون، آڱريون، موڙئون سڀ ڀڃان
    ٻئن گھر ڳڃان، مون هاريءَ هوت وڃائيو
    سسئي جڏهن پنهل جي تلاش ۾ گھران نڪتي ته کيس انهيءَ اوچتي حادثي تي حيرت هئي. هن دل ۾ پئي چيو ته هي اچانڪ ڇا ٿي ويو! مان آخر ڪيڏانهن ٿي وڃان؟ پوءِ ستت ئي جڏهن هن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ته کيس پاڻ تي سخت غصو آيو ۽ هن ڪاوڙ وچان پنهنجي هٿن، ڪراين ۽ آڱرين کي مروٽي ڀڃڻ جي پئي ڪئي.کيس ان وقت ڀنڀور جي ٻين گھرن جي سُک ۽ آرام وارو منظر ياد اچي ويو جتي هر طرف خوشين ۽ مبارڪن وارو ماحول هوندو هو.
    هن سُر جي هڪ ٻي بيت ۾ ڪـُـلهن ۽ مٿي جو ذڪر آيو آهي:
    ڪلهن ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگھاڙو
    منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾
    سسئي پنهنجي پنهل جي پويان ڀنڀور ڇڏي اڻ ڄاتل ۽ اڻانگن رَندن ۽ راهن تي رواني ٿئي ٿي. هاڻي ڀنڀور ۾ سندس لاءِ ڪا ڪشش ئي ڪانه رهي آهي. هلندي هلندي سندس پوتي ليڙون ليڙ ٿي وڃي ٿي ۽ چولي ڪلهن کان ڦاٽي پوي ٿي. هوءَ اهڙي حالت ۾ مٿي اگھاڙي جھنگ ۽ جبل ۾ ڀٽڪندي رهي ٿي.

    سُر ليلا چنيسر
    هيٺين بيت ۾ هڪ ئي وقت ڪنن، ڳچيءَ، ٻانهن ۽ وارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي:
    سونا ڪـُـرَ ڪنن ۾، ڳچيءَ ڳاڙها هار
    ٻانهوٽا ٻانهن ۾، سينڌ سڻڀا وار
    تيلاھ پيءِ پچار، ڪاند مهجي ڇڏي
    ليلا چنيسر جي قصي ۾ عورت جي زيورن سان غير معمولي رغبت ۽ پيار واري فطري ڪمزوري ڏيکاريل آهي. ليلا، نوَ لکي هار تي هِرکي پنهنجو ورُ وڃائي ويهي ٿي، هوءَ پڇتاءَ بجاءِ ڪنن ۾ سونا پنڙا (ايرينگ) ڳچيءَ ۾ سونا هار ۽ ٻانهن ۾ ٻانهوٽا پائي سينڌ کي سڻڀو رکي، هار سينگار جا سمورا لوازمات پورا ڪري ٿي، ان ڪري ئي هوءَ چنيسر جي دل تان ڪري پئي ٿي. ڪانڌ جي اهڙي رسامي باوجود هوءَ پنهنجي فطرت هٿان مجبور آهي ۽ هار سينگار کان ڪونه ٿي مڙي.

    سُر سورٺ
    سُر سورٺ جي مٿين بيت ۾ مٿي يا سِرَ جو ذڪر ڪيل آهي.
    مٿي اتي مهجي، جي هئا سِرن سوَ هزار
    ته تنهنجي تند تنوار، هر هر وڍئم هيڪڙو
    ٻيجل پنهنجي سرندي سان راءِ جي روح کي ايترو ريجھائي وڌو هو جو هو ان ساز جي سُرَ عيوض هڪ سِرُ ته ڇا پر سوين سِرَ واري واري قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
    مٿي يا ڪنڌ جي حوالي سان هڪ ٻيو بيت پيش آهي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بيجل جي ساز جو سُرُ ٻيجل جو ڪاتُ ۽ راءِ ڏياچ جو ڪنڌ ٽئي ملي هڪ ٻئي سان راضي ٿي ويا آهن. بيت هن ريت آهي:
    ٽيئي پرچئا پاڻ ۾، تند، ڪٽارو، ڪنڌ
    تنهه جهو ئي ناھ ڪين، جو تو چارڻ ڪئو پنڌ
    اي شڪر الحمد، جنءَ مٿو گھريوءِ مگتا!
    ٻي سٽ ۾ راءِ ڏياچ ٻيجل سان مخاطب ٿي چوي ٿو ته تنهنجي پنڌ جو ته مان قدر ۽ قيمت ڏئي ئي نه ٿو سگھان. ڌڻيءَ جا لک شڪرانا جو تو مونکان سِرَ جي قرباني گھري جيڪو مون وٽ موجود آهي، پر جيڪڏهن ڪا اهڙي شي گھرين ها جيڪا مون وٽ موجود ئي نه هجي ها ته پوءِ منهنجي لاءِ وڏو لاچار ٿي پوي ها.

    سُر پورب
    هن سُر جي هيٺين بيت ۾ هيانوَن يا دل جو ذڪر ڪيل آهي :
    ڪڍي ڪانگا تو ڏيان، هِيون ساڻ هٿن
    وڃي کاءُ ولات ۾، اڳيان عجيبن
    پرين مانَ چون، هنءَ قربان ڪير ٿي
    عاشق پنهنجي محبوب ڏانهن ڪانگل کي قاصد بڻائي ٿو موڪلي ۽ کيس پنهنجي دل هٿن سان ڪوري ڪڍي ٿو ڏئي ۽ چوي ٿو ته منهنجي دل کڻي ولايت ۾ وڃي محبوبن اڳيان کاءُ. مَنَ پرين توکان پڇي وٺن ته هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي آهي.

    سُر ڪيڏارو
    هن سُر جي هڪ بيت ۾ ڪلهي، ڪرنگھي ۽ ڪنڌ جو ذڪر آيل آهي :
    مير مدينئا نڪري، رڙهيا مٿي رَند
    گھوڙا تن گھوٽن جا، پرئا مٿي پنڌ
    جتي رهيا راتڙي، سي سنهارا هنڌ
    ڪـُـلا، ڪرنگر، ڪنڌ، جھرن جھونجھارن جا
    اهلبيت ڪرام مديني پاڪ کان قافلي جي صورت ۾ ڪوفي لاءِ روانا ٿيا. گھوڙن تي سوار هي مختصر قافلو صبر آزما تڪليفن وارا پنڌ ۽ منزلون ڪندو اڳتي وڌندو رهيو. لطيف سرڪار انهن منزلن وارن ماڳن کي مبارڪ سڏي ٿو. جڏهن انهن بهادرن ۽ جيالن جو قافلو، ڪربلا جي پڙ ۾ پهتو ته تمام گھڻي ٿڪاوٽ سبب انهن سر فروشن جا ڪلها، ڪرنگھا ۽ ڪنڌ ڏکڻ لڳا.
    ساڳي سُر جي هڪ ٻي بيت ۾ حضرت امام حسين عه جي سونهاري ۽ دندان مبارڪ جو بيان آندل آهي.
    ڏاڙهي رَتُ رتياس، ڏند ته ڏاڙهوءَ گلَ جنءَ
    چوڏهين ماھ چنڊ جنءَ، پِڙَ ۾ پاڳڙياس
    ميڙي ۾ محمد مير جي، مر مَرڪي ماس
    تهه سورھيه کي شاباس، جو مٿي پِڙَ پرزا ٿئو
    ڪربلا جي پِڙ ۾ حق ۽ باطل جي هن معرڪي ۾ ظالم يزيد جي جرار لشڪر جي مقابلي ۾ امامن سڳورن جي مختصر لشڪر جا سرفروش پنهنجي سرن جي قرباني ڏئي شهادت جو جام نوش ڪندا رهيا. آخر حضرت امام حسين عه پاڻ دشمن جي لشڪر جي سامهون آيو ۽ ڪيترن ئي دشمنن جا سِرَ تن کان جدا ڪيائين. آخر دشمن جي هڪ وارَ جي نتيجي ۾ امام سائين جي سونهاري مبارڪ رت ۾ ريٽي ٿي پئي ۽ ڏند مبارڪ رتُ جي ڳاڙهن نشانن سبب ڏاڙهوءَ گل جيان ڏِکَ ڏئي رهيا هئا ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ امام سڳوري جي دستار مبارڪ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان جرڪي رهي هئي. آخر حق جي راھ ۾ حضرت امام حسين سِرَ جي قرباني ڏئي سُرخرو ٿيو. قيامت ڏينهن نبي ڪريمﷺ آڏو امام سائين جي امڙ حضرت فاطمته الزهرى جي منهن مبارڪ تي مرڪ هوندي ۽ سندس ڪنڌ ان عظيم قربانيءَ سبب اوچو هوندو.

    سُر رامڪلي
    شاھ جي هن سُر جي هيٺين بيت ۾ ڪنن جو ذڪر آيو آهي.
    هي جي ڪن ڪپار جا، سوڌو سي نه سڻين
    اندر جي آهين، سڻ سنيهو ان سين
    لطيف سرڪار ڪن ڪٽ ڪاپڙين سان مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته توهان کي هي جيڪي ڪپار ۾ ظاهري ڪَـنَ آهن اهي صحيح معنى ۾ حق جو هوڪو سڻي ڪونه ٿا سگھن، انهن ۾ اها صلاحيت ئي ڪونه آهي. اندر جي ڪنن سان سڄڻن جو سنيهو ٻڌڻ جي ڪوشش ڪريو. اندر جي ڪنن مان مراد ضمير جي سجاڳي آهي. ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت ڏسو:
    هي ڪَـن گاڏها وڪڻي، ڪن هي ٻيا ڳنهيج
    تنين ساڻ سڻيج، پريان سندي ڳالهڙي

    سُر مارئي
    هن سُر جي هيٺين بيت ۾ ٻانهن جو تذڪرو آيو آهي :
    مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون
    سون برابر سڳڙا، مونکي ٻانهن ٻڌائون
    عمر جو آئون، پَٽُ ڪنءَ پرهيان سومرا
    مارئي، عمر سومري سان مخاطب آهي. کيس چوي ٿي ته مون ته کيت سان اباڻن واري ساڳي لوئيءَ ۾ لانئون لڌيون آهن. ان موقعي تي منهنجي ٻانهن کي جن رنگين سڳڙن سان سينگاريو ويو هو انهن سڳڙن کي جڏهن مان سون جي مَٽُ ٿي ڀانئيان ته پوءِ اي عمر! مان تنهنجا پَٽَ جا قيمتي ڪپڙا ڪيئن اوڍينديس. ان مان مارئيءَ جي پنهنجن اباڻن سان غير معمولي اکنڊ ۽ اڪير جو پتو پوي ٿو.

    سُر ڏهر
    هن سُر جي هيٺين بيت ۾ ڪَلين جو ذڪر آيو آهي :
    ڪـُـنڍي ڪَلين وچ ۾، جڏهن هئين جن
    موٽي مون پرين، ڪڍڻ جي ڪانه ڪئي
    عام طور مڇي ڦاسائڻ لاءِ ڪـُـنڍي ڪم ايندي آهي، جيڪا مڇيءَ جي ڪَليءَ ۾ ڦاسي پوندي آهي. مٿين بيت ۾ اهڙي ڪـُـنڍي محبوب، عاشق جي ڪَلين ۾ هڻي کيس سوگھو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪڍڻ جي صفا نه ٿو ڪري. گويا هن عاشق لاءِ اها سزا مقرر ڪري ڇڏي هجي.
    ساڳي سُر ۾ ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي :
    ڪـُـنڍي ڪَلين وچ ۾، جڏهن هنيائون
    اڦٽ نه ماريائون، ڏور ڏئي ويا ڏک جي
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مٿين سٽن جي تشريح هن ريت ڪري ٿو:
    ”محبت جي مهراڻ ۾ محبوب ڄڻ گھاتو ٿي اچي عاشق کي ڪَلين ۾ ڪـُـنڍي وڌي آهي. جئن ڪنڍي لڳل مڇي به جيئري پئي پاڻيءَ ۾ لڙهندي ۽ ايذاءَ سهندي پر مرندي ڪانه آهي تئن محبوب جي هنيل ڪنڍي عاشق جو به اهڙو ئي حال ڪري ٿي. “


    قادرِ مطلق جي هستيءَ جو تصور

    قادرِ مطلق جي هستي ڪائنات جي ذري ذري ۾ لڪل هوندي به ظاهر آهي. روحاني علم جي اک رکندڙن لاءِ سندس نور جو ظهور هن عالمِ رنگ و بو جي جملي شين ۾ نمايان آهي، جنهن جي تجلي اهي ئي محسوس ڪري سگھن ٿا، جن روحاني عشق جي پاتال ۾ غواص جيان غوطا هڻي، سچي محبّت جا ماڻڪ موتي ميڙيا آهن. اهڙي مرد مومن جي نگاھ هر لحظي جانب جو جمال پسي ٿي ۽ هر طرف کيس انهيءَ حقيقي محبوب جو نور نظر اچي ٿو. پوءِ اهڙي وقت تي اهو عاشق بيساخته چئي ڏئي ٿو :
    ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون
    سڪ جو سودو سوڌيندي سچو سالڪ جڏهن عشق جي امتحان جون سموريون منزلون اڪري پار پوي ٿو، تڏهن هو ڄڻ ته کوري مان پچي رچي ريٽو ٿيو پوي ۽ کيس ٻي ڪنهن به هستيءَ جي طلب ۽ تات ڪانه ٿي رهي. سندس دل ۾ فقط مالڪِ حقيقي جي محبّت لاءِ جڳهه رهي ٿي. هاڻي کيس ڪنهن به دنيوي علم جي لوڙ ڪانه ٿي رهي. کيس دنيا جي هر چيز ۾ پاڪ پروردگار جو پرتوو پوندو نظر اچي ٿو ۽ سندس زبان تي تون ئي تون جو ورد رهي ٿو.
    ڪيو مطالعو مون، هو جو ورق وصال جو
    تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري
    سچي عشق جي منزل عاشق ئي ڄاڻن ٿا. دنياوي عشق ۾ به عقوبتون سهڻيون پون ٿيون. ٿڌا ساھ کڄن ٿا. ڳوڙها ڳڙن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن پٿر ۽ ڪنڊا به قبول ڪجن ٿا. جبل جھاڳڻا پون ٿا ۽ صحرائن جو سفر مقدر بڻجي ٿو. پر حقيقي عشق ان کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ قربانيون گھري ٿو. من جون سڌون ماري، دنيا جي لوڀ لالچ کي لت هڻي، شريعت، طريقت ۽ حقيقت جون منزلون اُڪري انسان وڏين صبرآزما سَٽن سهڻ بعد مس وڃي معرفت کي رسي ٿو. انهن منزلن طئي ڪرڻ ۾ جيڪي ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا، اهو هر ڪنهن جو ڪم نه آهي. شاھ سائين فرمائي ٿو :
    عشق نه آهي راند، جو کيڏن ڳڀرو
    سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي
    جيڪي عارف اهي سموريون منزلون طئي ڪري وڃي پار پهچن ٿا، تن جي مٿان الاهي رازن جي حقيقت کـُـلي پوي ٿي ۽ کين وڻ ٽڻ توڙي ڪک پن مان فقط ’هو‘ واري هڪڙي ئي وائي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ۽ جڏهن طالب، مطلوب ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي ٿو ته ان وقت زماني جي ڪوتاھ نظريءَ سبب الزام تراشي جي جواب ۾ سندس جسم جي رڳ رڳ مان هي آواز اڀري ٿو ”هن زماني ۾ ڪيئي منصور آهن، تون ڪيترن کي سوريءَ جو سينگار بڻائيندين.“
    جر تڙ تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي
    سڀيئي شي ٿيا، سوريءَ سزا وار
    همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهين
    حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سچ جي سوداگرن جيڪي جتن ڪيا، جبل جھاڳيا، وندر ووڙيا، کٿيون ڪفنيون ۽ بيراڳڻيون کڻي جوڳ ڪڍيا، سامين جي سنگت ۾ تپشائون ڪيون، لاهوت ۽ هاهوت جا ڦيرا ڪيا، فاقا ڪڍيا، مالائون جپيون ۽ ڪنٺا پاتا، تن مٿان ته ڪٿان به حقيقت جا راز ڪين کليا. پر جڏهن ڪنهن سالڪ جي نظر پنهنجي وجود جي اٿاھ گھرائين ۾ رسي ته مٿس حجاب جا پردا کلي پيا. جنهن محبوب کي ڳولڻ لاءِ هن جر ٿر هڪ ڪيو هو، سو کيس ساھ جي رڳ کان به ويجھو نظر آيو. راهرو پنهنجي منزل تي رسي خود منزل بڻجي ويو. ان وقت کيس پنهنجون سموريون ڪاوشون ڪمتر نظر آيون. انهيءَ معرفت جي منزل ماڻڻ تي ڀٽائي فرمائي ٿو :
    هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪهه پرياڻ
    ونحن اقرب من حبل الوريد، تنهنجو توهين ساڻ
    پنهنجو آهين پاڻ، آڏو عجيبن کي
    منزل تي رسڻ لاءِ آسان ۽ سنئون سڌو رستو اختيار ڪرڻ ۾ ئي عقلمندي آهي، زندگيءَ جون حقيقتون ۽ روحانيت جا راز جھنگلن ۾ ڀٽڪڻ ۽ دنيا کان ڪٽجي وڃي رهبانيت اختيار ڪرڻ ۾ ملي ڪونه سگھندا. بلڪه هن دنيا جي گهه پيهه ۾ رهي، زندگيءَ جي تلخ تجربن مان گذرندي ۽ نفس پليت جي هزارين خواهشن کي ٺڪرائي، زندگي جي حقيقتن ۽ خالقِ حقيقي جي قربت ۽ ڪمال حاصل ڪري سگھجن ٿا. پاڻ ۾ پيهي ’مان‘ کي مارڻ سان ئي تائيدِ ايزدي حاصل ٿي سگھي ٿي. پنهنجي ’فاني‘ وجود کي ’باقي‘ ۾ ضم ڪرڻ سان ئي روحانيت جا راز کلي پون ٿا ۽ سالڪ کي پنهنجي وجود اندر ئي مقصود ملي وڃي ٿو.
    ڪونهي ات ڪوهيار، جت تو ڀوري ڀانئيو
    پنڌ مَ ڪر پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار
    ڌاريا ڀائنج ڌار، پڇ پريان ڪر پاڻ تون
    ڪيترا يوگي ۽ جوڳي جن جي دل ۾ حق کي حاصل ڪرڻ جي اڻ تڻ هوندي آهي، سي پنهنجي مطلوب ۽ مقصود کي ماڻڻ لاءِ تن کي تسيا ڏئي، من جي مهس ماري، دنيا جي جھنجھٽن ۽ فرب ڪارين کان دور، لڪن ۽ لنگھن کي پيچرو بڻائي، وندر ووڙي، جهنگل جھاڳي، ڪن خاص آسٿانن يا مڪانن جا وڃي مڪين ٿيندا آهن. ۽ سموري زندگي انهيءَ جستجو ۾ گذاريندا آهن، پر کين حاصل ڪي ڪين ٿيندو آهي، معرفت جا موتي ته انهن جي هيئين جو هار ۽ ڳچيءَ جو سينگار بڻبا آهن، جيڪي دنيا جي معاملات سان منهن ڏيندي، حقوق العباد تي عمل پيرا رهي، وقت ڪڍي ايڪانت ۾ ويهي نهايت عجز ۽ انڪساريءَ سان ربّ کي ريجھائڻ ۽ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اکين مان نير وهائيندا آهن ۽ اهڙي ريت من کي اجاري اڇو ڪندا آهن.
    لطيف سائين به مذڪوره مرحلن مان گذريل پيو ڀانئجي. انهيءَ ڪري ئي انهن يوگين ۽ جوڳين کي محبوب جي مسڪن جو صحيح ڏس ڏئي رهيو آهي.
    ڇو وڃين وڻڪار، هت نه ڳولهين هوت کي
    لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار
    ٿي سَتي ٻڌ سندرو، پرت پنهونءَ سين پار
    نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو
    عارف جي اک ڪائنات جي ذري ذري ۾ پنهنجي حقيقي محبوب جو جمال پسي ٿي ۽ کيس هر ڪا شيءِ خالقِ ڪائنات جي مدح خوان نظر اچي ٿي. ”ڪک پن ڪن اقرار، اسين ٻانها تون ڌڻي.“
    هاڻي جڏهن جو سالڪ تي روحاني رازن جي اپٽار ٿي آهي ته کيس انهن سمورن وٿاڻن ۾ به ساڳيو ئي نور نظر اچي رهيو آهي.
    ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جت جي
    والله بِڪـُـل شيءِ محيط، اي آرياڻي اهڃاڻ
    سڀ ۾ پنهون پاڻ، ٻيو ناھ ٻروچ ريءَ


    سُر ڪاموڏ جو روحاني راز

    شاھ سائين جو سمورو رسالو معرفت جي موتين سان ٽمٽار آهي. وري سنڌ جي لوڪ داستانن کي جيڪا دائمي حياتي لاکيڻي لطيف بخشي آهي، تَنهنجو ته مثال ملڻ محال آهي. انهن داستانن جي اوٽ سمجهه وارن ۽ سالڪن لاءِ بيشمار روحاني راز پنهان آهن.
    لطيف سائينءَ جي سُر ڪاموڏ ۾ بظاهر ته ’نوري ۽ ڄام تماچي‘ جو داستان بيان ڪيل آهي. پر اصل ۾ انسان کي پنهنجي حيثيت جو احساس ڏياريو ويو آهي ۽ ’هست‘ کي ’نيست‘ ۾ تبديل ڪري هن دنيا ۾ عجز ۽ انڪساريءَ، نوڙت ۽ نياز سان هلڻ جو سبق سيکاريو ويو آهي.
    شاھ جي رسالي جو مرتّب مرحوم غلام محمد شاهواڻي ’منهاج العاشقين‘ جي حوالي سان سُر ۾ آندل تشبيهن، ڪناين ۽ علامتن جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو :
     ڄام تماچي ـــــــــــ ربّ جي پاڪ ذات
     نوري ـــــــــــ مومن جو روح يا مردِ ڪامل
     ڪينجھر ـــــــــــ هيءُ جهان
     ڄام جو نوريءَ سان ناتو ــــــــــ ذات جي صفات طرف ڪشش
    هتي نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي قصي دهرائڻ جي ضرورت نه آهي. البته ايترو ضرور چئبو ته نوريءَ جي حسن ۽ جوانيءَ کان وڌ جنهن ڳالهه سمي ڄام جي سيني ۾ سِڪ جي سلي کي سيراب ڪيو، سا نوريءَ جي نئڙت ئي هئي. نوريءَ جي فطري سادگي ۽ عجز انڪساريءَ ڄام جو من موهي وڌو ۽ کِکيءَ هاڻين کارين ۽ ڇڇيءَ هاڻين ڇڄن تان اٿاري کڻي پنهنجي پٽ راڻي بڻايو.
    هڪ غريب گندري جڏهن سمي سردار جي راڻي بڻجي وڃي ٿي، تڏهن به سندس طبيعت ۾ ڪو گيرب ۽ گاءُ ڪونه آيو. بلڪه اڳي کان به وڌيڪ حلم ۽ هيٺاهين سان هلڻ لڳي. پنهنجي اصليت کي ڪونه وساريائين. هوءَ پاڻ کي عيبدار ۽ خطاوار سمجھندي رهي. مٿس دولت ۽ حشمت جو نشو ڪونه چڙهيو. هيءَ غريب گندري سمي ڄام جي انيڪ احسانن جا ڳڻ هر وقت ڳائيندي رهي. حاڪم جي من تي حڪمراني ڪرڻ جي باوجود انهيءَ احساس هيٺ سدائين ڪنبندي رهي ته ڪٿي هو مون مسڪين جا عيب قطاري، مونکان منهن نه موڙي ڇڏي. تنهن ڪري کيس هر وقت نوازش جي نگاھ رکڻ لاءِ التجا ڪندي رهي.
    تون سمون، آنءُ گندري، مون ۾ عيبن ڪوڙ
    پسي کِکيءَ کوڙ، متان ماڱر مٽئين
    رب العالمين وٽ به انسان جو عجز ۽ انڪساري ئي درڪار آهي. ڇالاءِ ته مالڪِ حقيقي جي ڪبريائيءَ آڏو انسان جي حيثيت ’ڪين‘ برابر آهي. سو جڏهن هو پاڻ کي ’ڪين‘ تصور ڪندو، تڏهن ئي ربّ جي رحمت جو حقدار ٿيندو. جن ’مان‘ ڪئي سي مُٺا. جيڪي انسان پنهنجي ’هستيءَ‘ کي ’نيستيءَ‘ ۾ تبديل ڪندا آهن، انهن تي ئي ربّ ڪريم پنهنجي خاص ڪرم جي نظر ڪندو آهي ۽ سندن رتبا وڌائيندو آهي.
    لطيف سائين نوريءَ کي اهڙي عاجز انسان جي علامت طور پيش ڪيو آهي، جنهن کي پنهنجي اڻ مين اوڻاين جو شدت سان احساس هجي. انهيءَ ڪري ئي هوءَ تماچي تڙ ڌڻيءَ کي التجا ٿي ڪري ته اي سما سردار! متان مون مسڪين مهاڻيءَ جي اوڻائين کي آڏو آڻي مون کان مهنڙو مَٽي ڇڏين.

    تون سمون، آنءُ گندري، مون ۾ عيبن ويهه
    پسي مِئڪي ڌيءَ، متان ماڱر مٽئين
    انسان کي خطا جو گھر سڏيو ويو آهي. هو ڪيترو به مٿي وڃي ۽ کيس ڪيتري به عزت، شهرت ۽ دولت حاصل ٿئي پر پوءِ به انسان آهي. الله پاڪ جي عظمت ۽ وڏائيءَ آڏو هن کي هميشه حلم ۽ هيٺاهينءَ سان هلڻو آهي. پنهنجين ڪمين ۽ ڪوتاهين جو عاجزيءَ سان اعتراف ڪرڻو آهي.
    لاکيڻي لطيف جي مشاهدي واري اک جو اعتراف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھجي. جڏهن هو ڪينجھر ڪناري رهندڙ غريب گندرين جي سقيم حالي، شڪل و شباهت توڙي ڪرت ۽ ڪاروبار جي منظر ڪشي ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪاريون، ڪوجھيون، ڪُوَڙيون ڪوٺي ٿو. جيڪي کِکيءَ جون کارين کڻي واٽن تي وڃي ويهن ٿيون. پوءِ اهڙين ڪوجھين ۽ گدلين گندرين جا انگل ۽ آرا فقط سمون ڄام سلطان ئي سهي ٿو. لطيف انهيءَ تخيّل کي لفظن جي مالها ۾ پوئي هن ريت پيش ڪري ٿو :
    ڪاريون ڪوجھيون، ڪُوَڙيون، مور نه موچاريون
    وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريو
    انين جون آريون، سمي ريءَ ڪير سهي؟
    هتي ڪارين، ڪوجھين، ڪـُـوَڙين مان لطيف سائين جي مراد اهي گنهگار، عيبدار، اَٻوجهه ۽ اَگِلڙا انسان آهن، جن جي مڙني مداين کي درگذر ڪري ربّ العالمين مٿن شفقت جو پاڇو ڪندو رهي ٿو. ڇا لاءِ ته هو غفور الرحيم آهي. هو فقط عبادت گذارن ۽ نيڪوڪارن جو ربّ نه آهي، بلڪه هو ته ربّ العالمين آهي. تنهن ڪري مالڪ سائين ڪِنن ڪوجھڙن ٻانهن مٿان به رحمت جو ڪڪر وسائيندو رهي ٿو.
    اهڙي طرح ”سُر ڪاموڏ“ جي هڪ بيت ۾ حضرت ڀٽائي گھوٽ فرمايو آهي :
    کوءِ سميون، ٻَنِ سومريون، جي اچن اوچي ڳاٽ
    وَرُ سي ڪينجھر ڄائيون، جن تماچيءَ جي تات
    راڻين مُلا رات، ماڻڪ مي پرائيو
    بيت جي ظاهري معنى ۾ انهن سمين ۽ سومرين راڻين جو ذڪر آهي، جيڪي پنهنجي منصب جي گھمنڊ ۾ اوچي ڳاٽ هلن ٿيون ۽ فخر وچان ڪنهن کي به پاڻ جهڙو نه ٿيون سمجھن. لطيف سائين انهن جي مقابلي ۾ ڪينجھر ڪناري وسندڙ مين، مهاڻِين ۽ غريب گندرين کي بهتر ٿو ڀانئي جن پنهنجي اصليت ڪانه وساري آهي ۽ سدائين سندن زبان تي ان محسن مهربان تماچيءَ جو نالو آهي، جنهن مٿن اڻ ميا احسان ڪيا آهن. پوءِ سمي ڄام به مغرور راڻين کي نذر انداز ڪري غريب گندريءَ جي نياز ۽ نئڙت کان متاثر ٿي کيس نعمتن سان نوازي ڇڏيو.
    بيت جي باطني ۽ روحاني معنى تي غور ڪجي ٿو ته ربّ سائين جي حضور به اوچي ڳاٽِ هلڻ وارن انسانن کي ننديو ويو آهي. وڏائي فقط هڪ ربّ جي ذات کي سونهي، باقي مخلوق ته سندس غلام آهي. غلام کي پنهنجي آقا آڏو ڪنڌ کڻي هلڻ جي هرگز اجازت نه آهي. غرور ۽ تڪّبر ته شيطان جو شيوو آهي. نمرود، فرعون، هامان ۽ يزيد دنيا جي تاريخ جا اهڙا ڪردار آهن جن روءِ زمين تي پنهنجي طاقت، حشمت، وڏائي، ظلم ۽ بربريت جا بدترين رڪارڊ قائم ڪيا. پر انهن جي عبرت ناڪ اَنت جا گواھ به تاريخ جا ورق ئي آهن.
    لطيف نوريءَ جي ڪردار کي هيٺاهين ۽ حلم، نياز ۽ نئڙت، عجز ۽ انڪساري جو مثال ڪري پيش ڪيو آهي. جنهن ڪري نوريءَ جو ڪردار لازوال ۽ بي مثال بڻجي پيو آهي. جئين ڄام سمي کي نوريءَ جي ان نياز واري ادا موهي ڇڏيو ۽ کيس فرش تان کڻي عرش تي رسايو. اهڙي ريت الله تعالى وٽ به انهن ئي انسانن جو قدر آهي جيڪي سندس ربوبيت آڏو پنهنجي ڪمين ۽ ڪوتاهين جو تههِ دل سان اعتراف ڪن ٿا ۽ ان حاڪم جي حڪمن جي پوئواريءَ ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪندا رهن ٿا. پوءِ اهڙن ئي خوش بخت انسانن جي مٿان ربّ ڪريم پنهنجي رحمتن، برڪتن ۽ نعمتن جي پالوٽ ڪري ٿو ۽ کين وڏا مرتبا عطا ٿين ٿا.
    سمي ڄام سلطان جو به اعلى مقام آهي. ڪنهن گندريءَ ڪو هن کي ڪونه ڄڻيو آهي، نه ئي مهاڻن مان سندس ڪو اولاد آهي. تِنهن جي باوجود هو نوريءَ جي ناتي سان سڀني گندرين جو ڄڻ ڪو عزيز بڻجي پيو آهي، ۽ هو سڀني تي مهربان آهي. هن سڀني کي اَڏي ڇڏيو آهي.اها سندس شرافت ۽ انسان دوستيءَ جي انتها آهي. هن جي وڏائيءَ جي اها حد آهي جو هن غريب گندريءَ ۽ سمين راڻين جو درجو هڪ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. ڄام تماچيءَ جو تخت ڪو رواجي نه آهي بلڪه وڏي شان ۽ دٻدٻي وارو آهي. لطيف سائين فرمايو آهي :
    نه ڪهه ڄايو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ
    ننڍي وڏي گندري، سڀن آھ سياءُ
    ”لم يلد ولم يولد“، ايءُ نجابت نياءُ
    ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچي ڄام جو
    خداءِ ذوالجلال جي ذات ”لم يلد ولم يولد“ جي صفات رکي ٿي. باري تعالى جي نظرِ ڪرم به هر خاص و عام تي آهي. هو پنهنجي پيارن جي صدقي جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي. کانئس ڪو پڇڻ وارو نه آهي. هو ته بي پرواھ بادشاھ آهي. جنهن جو اندر اُجرو ڏسي ٿو، تنهن کي ڇڪي پنهنجن پيارن منجھان بڻائي ٿو ڇڏي. سندس عظمت، حڪمراني ۽ جاه و جلال جو ڪو حد حساب ئي ڪونهي. هو ته سڀني کان عظيم آهي.
    هڪ ٻي بيت ۾ شاھ سائين ڄام تماچيءَ جي حڪمرانيءَ ۽ وقار جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته هي سڄو تڙ تماچي ڄام جو آهي ۽ هن تڙ جو حڪمران، مالڪ ۽ مختيار آهي. تڙ واسين ۽ غريب گندرين کي سندس ئي ته سهارو آهي. تنهن ڪري تڙ واسين کي گھرجي ته هو ان سخي ۽ عادل حاڪم جا ڳُڻ ڳائيندا رهن. جيڪي ان سخي مرد جي ساراھ جو حق ادا ڪندا اهي ئي انعام اڪرام جا مستحق ٿيندا.
    تڙ تماچي ڄامَ جو، تماچي تڙ راءِ
    تماچيءَ جي تڪيي، تون تماچي ڳاءِ
    ته تون تماچياءِ، تماچي تڙ لهين
    بيت جي باطني معنى تي غور ڪبو ته ان جو مطلب ۽ مفهوم ڪجهه هن طرح ٿيندو. تڙ مان مراد هي جهان آهي. تڙ راءِ جو مطلب حاڪم آهي. حاڪم جو اشارو ان احڪم الحاڪمين ڏانهن آهي. جهان ۾ نيڪوڪار، بدڪار، ارڏا توڙي اَگِلڙا سڀ رهن ٿا. جهان جو خالق ۽ مالڪ ربّ ڪريم آهي. لطيف سائين ان خالقِ حقيقي جي مخلوق سان مخاطب ٿيندي هدايت ٿو فرمائي ته سمورن انسانن جو اَجھو ۽ آسرو ان مالڪ جي ذات ئي آهي. تنهن ڪري انسان جي مٿان فرض عائد ٿو ٿئي ته هو پنهنجي مقصود ۽ مطلوب کي ويجھو ٿي عارفن ۽ سالڪن جو درجو ماڻڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوشش ڪندو رهي. ان حاڪم جي حڪمن جي پابندي ڪري مقصدِ حيات حاصل ڪري.
    ڪينجھر ڪناري رهندڙ مهاڻا جن جو اَٺَ ئي پهر پاڻيءَ سان واهپي سبب رنگ ڪاراٽجي ويل ۽ سندن جسم ۽ ڪپڙن ۾ کِکيءَ ۽ ڇڇيءَ جي بدبوءِ، انهن وٽ نوريءَ جهڙي سهڻي ستابي ۽ نياز جي پيڪر جو پيدا ٿيڻ ويرانيءَ ۾ گل ٽڙڻ کان گھٽ ڪونه هو. شاھ صاحب نوريءَ جي انفراديت جو ذڪر نهايت خوبصورت پيرايي ۾ هن ريت ڪيو آهي.
    هٿين پيرين ارکڻي، مهه نه مهاڻي
    جئن سڳو وچ سرندڙي، تئن راڻين ۾ راڻي
    اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي
    سمي سڃاڻي، ٻِيِڙو ٻڌس ٻانهن ۾
    بيت جو ظاهري مطلب ته پڌرو آهي ته نوري سڀني وصفين سهڻي هئي. منهن مهانڊن ۾ مهاڻي مور ڪونه ٿي لڳي. ٻين راڻين ۾ به سندس حيثيت منفرد هئي. لطيف سائين ان حيثيت جي تشبيهه سُرندڙي جي سڳي سان ڏئي وڏي ندرت ۽ نازڪ خيالي کان ڪم ورتو آهي. نوريءَ جي روش ۽ ڍنگ (اٿڻي ويهڻي) به وڏ گھراڻين جهڙو هو. اهو ئي سبب هو جو سمي ڄام سندس خوبين کان متاثر ٿي کيس کڻي پنهنجي راڻي بڻايو.
    بيت جي باطني معنى هن ريت ٿيندي ته جيڪي انسان دنيا ۾ وڏا روحاني رتبا ماڻيندا آهن، اهي پنهنجي عادات و اطوار توڙي صورت ۽ سيرت ۾ منڍ کان منفرد هوندا آهن. اهي عام انسانن سان رهڻ باوجود عام ڪونه هوندا آهن. اهڙن ئي انسانن کي ربّ پاڪ عام انسانن مان کڻي پنهنجن پيارن ۽ خاص ٻانِهَنِ ۾ شامل ڪري ڇڏيندو آهي.


    سُر ديسي جو مطالعو

    لطيف سرڪار پنهنجي رسالي ۾ سڀني کان وڌيڪ جنهن سورميءَ کي ساراهيو سا آهي سسئي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ساراھ ۾ سڄا سارا پنج سُر چيا اٿس. سسئيءَ وارن سمورن سُرن جو بنيادي پيغام جدوجهد جو سبق آهي. تاهم هر سُر ۾ ٻيا به انيڪ رنگ نظر اچن ٿا. ديسي لفظ جي معنى ڏيهي آهي. هي هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي جيڪا ديپڪ راڳ جي خاندان مان ٻڌائي وڃي ٿي.
    مون سُر ديسي مان جن موضوعن کي فوڪس ڪيو آهي تن ۾ جدوجهد کان علاوه خود احتسابي، تقدير، ڪلچر جي عڪاسي، تشبيهات، ندرت ۽ نازڪ خيالي اچي وڃن ٿا.
    دنيا ۾ جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ئي ماڻهو پنهنجي منزل ماڻي سگھي ٿو. هتي بازي اهو کٽندو جيڪو پنهنجي ننڊ ڦٽائيندو. هن جهان ۾ سالڪ جا مکيه ٽي دشمن آهن،. نفس، دنيوي تعلقات ۽ خودي. سسئي جا به بنيادي طور ٽي دشمن هئا : ڏير، ڏاگھا ۽ ڏونگر. قصي ۾ ڪم آيل ڪردارن، واقعات ۽ حالات جي روحاني تمثيل هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي :
    • پنهون ـــــــــــــــــــــــــــــــ مطلوب يا محبوبِ حقيقي
    • سسئي ـــــــــــــــــــــــــــــــ حق جو طالب يا سچو سالڪ
    • درياءُ ـــــــــــــــــــــــــــــــ ماءُ جي جھولي
    • کٽي ـــــــــــــــــــــــــــــــ مرشد ڪامل
    • وندر ۽ وڻڪار ـــــــــــــــــــــــــــــــ ڪشالا ۽ مشڪلاتون
    • ڪيچ ــــــــــــــــــــــــــــــ محبوب جي منزل ۽ مڪان
    • ڏاگھا، ڏير ۽ ڏونگر ـــــــــــــــــــــــــ نفس، دنيوي تعلقات ۽ خودي
    جهڙي طرح سسئي معمولي غفلت سبب سنگ لاخ زمين تي پنهنجا مينديءَ رتڙا هٿ پير پٿون ڪرايا، وندر ۽ وڻڪار ووڙيا، پٻَ ۽ هاڙهي جي پُر پيچ پيچرن تي پنڌ ڪيا ۽ آخر محبّت جي واٽ ۾ مري پاڻ ملهايو، تڏهن مَسَ وڃي ڀتار جي ڀرِ حاصل ڪئي ۽ پرين پنهل کيس پنهنجو ڪيو. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو نيڪ انسان معمولي غفلت سبب خداوندِ تعالى جو قرب گنوائي ٿو ويهي ته پوءِ وري ساڳي مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي تڏهن مَسَ مَسَ وڃي ساڻس پرين پرچي ٿو.
    سسئيءَ کان سهوَ اها ٿي جو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻنڌجڻ کان پوءِ سيج تي پنهونءَ جو انتظار ڪندي ڪندي کيس نڀاڳي ننڊ اچي نهوڙيو ۽ هوءَ غافل ٿي سمهي پئي. ڀلا کيس ڪهڙي ڪَرَ ته اها گھڙيءَ جي غفلت سندس لاءِ زندگيءَ جو روڳ بڻجي پوندي. ورنه سِڪ ۽ انتظار جي ڪيفيت ۾ سمهڻ جو ته سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي. پر چوندا آهن ته انهيءَ ننڊ نڀاڳيءَ وڏن چپاتن جي چيلهه به چٻي ڪري وڌي، سو انهيءَ غفلت واري گھڙيءَ سسئيءَ جو سُک ۽ چين برباد ڪري ڇڏيو. لطيف سائين سندس دل جي ڪيفت کي بيت جي ٽن سٽن ۾ هن ريت سمايو :
    سِڪي جان سُتياسِ، تا سِڪَ سمهڻ نه ڏي
    جاڳي سُتيسِ جن لئه، سي آيا تان نه اٿياسِ
    ڀينر آنءُ ڀلياسِ، نه ته سِڪ سمهڻ ڇا لڳي!

    خود احتسابي
    سسئيءَ کي جڏهن پنهنجي غفلت جو احساس ٿيو ته هن خود احتسابي جو عمل اختيار ڪيو ۽ پنهنجي غلطين کي شمار ڪرڻ لڳي ته جڏهن مون ڏينهن جو پنهونءَ جي ڀائرن جو قافلو ڏٺو ته اُٺن جي مهار کي چوٽيءَ جي وارن سان زنجيرن وانگر مضبوط ڪري ڇونه ٻڌو. جيڪڏهن ائين ڪريان ها ته هوند منهنجو پنهل مونکان پري نه ڪري وڃن ها.
    اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏاگھا ڏٺئي ڏينهن
    وٺي سَرڪَ سسئي، ويهه ويهاڻيءَ سينءَ
    چوٽيءَ سين چانگن کي، جَڙِ زنجيرن جيئن
    ته هوت تنهنجو هينءَ، پنهون نيائون نه پاڻ سين
    هن نماڻيءَ کي اهڙا به خيال اچڻ لڳا ته جيڪڏهن انهن گورن جي گوڏن کي وارن سان ونگي ڇڏيان ها ته هي جبل جا اڻانگا پنڌ ۽ ڪشالا ڪڍڻا ئي ڪونه پون ها.
    اڱڻ مٿي اوپرا، ڏٺئي جڏ توڏا
    ونگيئه نه وارن سين، تن گورن جا گوڏا
    ته لڪن جا لوڏا، هوند نه سَٺئه سسئي!
    سسئي ويچاري ته ڪڏهن سوچي ئي نه پئي سگھي ته ڪو پنهل کانئس ائين پري ٿي ويندو. هن پنهونءَ جي ڀائرن کي ته مهمان ٿي ڀانئيو. کيس اها توقع نه هئي ته اهي ڏير هن لاءِ وَيرَ ثابت ٿيندا ۽ مٿس ڪهل ڪرڻ بدران کيس ائين ڪـُهي ويندا. هن ٻانهيءَ کي سورن جو سامان ڏئي رات جي پيٽ ۾ جتَ ساڻس وڏي زيادتي ڪري ويا. هن پنهنجي پنهل کي ته هر وقت پاڻ وٽ رکڻ پئي گھريو.
    مون ڀانئيو مزمانَ، هميشه هوندا پرين
    ڪـُهي ڪميڻيءَ هلئا، ڪهل ڪيائون ڪانه
    ڏيئي ويا ڏاھ کي، سورن جو سامان
    جورو رات جوان، جيڏو جَتَ ڪري وئا

    ازل جو انگ
    سسئيءَ جو اهو پختو ايمان هو ته پنهل سان سندس ازل جو انگ آهي. جڏهن ربّ پاڪ روحن کي تخليق ڪيو ته سندس روح عالمِ ارواح ۾ پنهل جي روح سان ڳانڍاپيل هو. ميثاق واري ڏينهن اهو ازل جو انگ لکيو ويو هو. سسئيءَ کي حضرت علي رضه جي ان قول ۾ پڪو ڀروسو هو ته ’جڏهن ڪو انسان ڪنهن شيءِ جي طلب ڪري ٿو ۽ ان لاءِ لوچي ٿو ته اهو ضرور لهي ٿو.‘ هوءَ پنهونءَ جي پيزار (جُتي) تان پاڻ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر کيس هڪ ڀيرو پنهل سان ملڻ جي شديد تمنا آهي. جنهن لاءِ هوءَ پنهنجين جيڏين سرتين کي به دعا ڪرڻ لاءِ عرض ڪري ٿي.
    جڏهن ڪن فيڪون، تڏنئو آرياڻي ارواح
    انگ اڳهين لکئو، منهنجو ميثاقاه
    من طلب شيئاً وجد وجد، اُتو علي شاھ
    اڃان ان حديث جو آسرو مون آھ
    پنهونءَ جي پيزار تان منهنجو موت مباح
    سرتيون دعا ڪجاھ، مانَ ميڙائو مون ٿئي
    توڙي جو سسئي پنهنجي غلطيءَ ۽ غفلت تي پشيمان هئي پر، هن انهيءَ سڄي واردات کي قسمت جي ڪوتاهي ٿي تصور ڪيو. چوي ٿي ته جي منهنجو مقدر نه ڦِٽي ها ته هي ڪٺن ڏينهن ڏسڻا ئي ڪونه پون ها. ڏيرن جو ڪهڙو ڏوھ! اُٺن توڙي اوٺيئڙن کي ڪهڙي مجال!! وير ته انهن جي وَسِ ئي نه آهي پر لوھ قلم جي لکئي کي مان ڪميڻي ڪيئن ٿي مِٽائي سگھين.
    ڇا جي ڏِنگا ڏير، منهنجو ڏينهه ڏنگو مَ ٿئي
    اُٺن اُٺيئڙن جي، ڇا وهيڻو وير
    هيءَ ڪميڻي ڪير، جا اَمُرَ کي آڏو ڦِري
    مقدر جو ئي فيصلو سمجھندي هڪ ٻي بيت ۾ هن ريت اظهاري ٿي :
    ڏاگھن، ڏيرن، ڏونگرن، ڏکن آنءُ ڏڌي
    پڇان پير پنهونءَ جو، وجھان وک وڌي
    لکئي آنءُ لڌي، نا ته پٽن ڪير پنڌ ڪري!

    جدوجهد
    سسئي عزم ِ مصمم جو مثال هئي. هن پختو ارادو ڪيو هو ته پنهل کي پڄان نه پڄان پر هر قدم اڳي کان اڳڀرو ئي هوندو. پنهنجو سمورو وَسُ هلائيندسِ ته ڪنهن پرِ منزل تي رَسي سگھان، پر جي ان ڪَٺن سفر ۾ رڙندي روئندي موت مٿان اچي ويو ته به گھاٽي جو سودو نه آهي. جستجوءَ ۾ جان وڃي ته وڃي. منَ مُئي پڄاڻان ساٿ ۾ ساک ملي ۽ اها ڳالهه ڳائڻ ۾ اچي ته ويچاري سسئي پنهل پڄاڻان رائي ۾ رَڙي مُئي.
    پڄان جي نه پڄان، وڃڻ سين وَسَ ڪريان
    سڳر مانَ سُڄان، ته رائي ۾ رَڙي مُئي
    جبلن جا آڏا ترڇا دشوارگذار رستا جن سسئيءَ جا پير پٿون ڪري ڇڏيا هئا. پر هن پُر عظم عورت همت ڪانه هاري، سندس قدم اڳي کان اڳرو هو. منزلون طئي ڪندي پنهل کي ان آسري پڪاريندي رهي ته من منهنجي ڪا ڪوڪ پرينءَ جي ڪَننَ تائين پهچي. ڀلا سندس وَسَ ۾ ته فقط واڪا ئي هئا.
    آڏا ترڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا
    ڪيم آھ عجيب کي، سِڪَ منجھان سا ڪا
    پئي هٿيڪي هوت کي، ڪوڪ ڪنين ڪا ڪا
    منهنجو وَس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
    سسئيءَ جي همت ۽ حوصلي کي داد ڏيڻ کان سوا رهي نه ٿو سگھجي. هوءَ جبل جي پُر پيچ پيچرن کان خوفزده ڪانه ٿي ٿئي، بلڪه سندس اندر جا احساس اهي آهن ته سندس ۽ پنهل جي درميان رڪاوٽ بڻجي جبل ڀل پيو جَکَ هڻي ته هو ڪو مونکي آڏو اچي روڪي بيهاريندو. اهڙا لکين لَڪَ هجن تڏهن به سُپرينءَ جي سِڪَ ۾ سمورا اُڪري پار پونديسِ.
    جبل ماري جَکَ، جو آڏو عجيبن کي
    توڻي لڪن لکَ، سڀ لنگھنديس سِڪَ سين
    هڪ نحيف ۽ نفيس عورت ايڏا ڪشالا ڪڍي! في الحال ته عقل دنگ رهجي ٿو وڃي، پر هن پُر عظم عورت ته مٿير مردن کي به ڇيهه ڏئي ڇڏيو.
    مرد جنهه مات ڪئا، سسئيءَ لنگھئو سو
    جبل وڏو جو، نِوَڻ مڙيئي نيهه کي
    سسئي جي همت، حوصلي، جرئت ۽ عزم جو اظهار لطيف سرڪار بيت جي هيٺين ٽن سٽن ۾ ڪهڙي نه سهڻي پيرايي ۾ ڪيو آهي. فرمائي ٿو :
    وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪئو
    نهارينديس نڪري، بوتن ڪارڻ بَرُ
    آڏو ٽڪرَ ٽَرُ، متان روھ رتيون ٿئين
    سسئي چوي ٿي ته منهنجي پنهل جو ته ڪو قصور ئي ڪونهي. مون سان ته ڏيرَ، ويرَ وجھي وڙهيا جو منهنجو پيارو پنهل دغا سان مونکان جدا ڪري ويا. پر مان ته پنهنجي پنهونءَ کي ووڙڻ خاطر بر بيابان ۽ جھنگ جبل لتاڙي وڃي پارِ پونديس. انهن قافلي وارن اُٺن کي اڪيلي سِر ئي تلاش ڪنديس. پوءِ رستي ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ جبلن ۽ ٽڪرن سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته منهنجي آڏو نه اچو، منهنجي عزم جي سامهون رڪاوٽ نه بڻجو ته ڪٿي منهنجو عزم اوهان کي پرزا پرزا نه ڪري ڇڏي. بيت جي آخري سِٽَ ۾ لفظ ’ٽَرُ‘ ۾ ڪيتري نه جرئت نظر اچي ٿي.

    ڪلچر جي عڪاسي
    ماضيءَ ۾ اسان جي معاشري ۾ ڪي اهڙا ساٺ سنوڻ ۽ رسمون مروج رهيون آهن، جيڪي اسان جي نج ڳوٺاڻي تهذيب جو حصو هيون. جيئن چيو وڃي ٿو ته جڏهن ڪو ماڻھو مسافريءَ تي روانو ٿيندو هو ته جي واٽ جي ساڄي پاسي ۽ ساڄي هٿ تي تتر تنواريو ته سڻائو يا سڀاڳو سنوڻ ليکبو هو ۽ جنهن مقصد لاءِ گھران نڪتو آهي سندس اهو مقصد پورو ٿيندو پر جي تِتِر کاٻي پاسي کان ٻوليو ته سنوڻ اڻائو ليکبو ۽ مطلب پورو نه ٿيندو. اهڙي صورت ۾ مسافر کي پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽڻو پوندو هو ورنه سندس راھ ۾ رڪاوٽون پيش اچڻ جا امڪان هوندا هئي.
    مذڪوره سنوڻ کي خيال ۾ رکي سسئي آس ٿي ڪري ته جنهن ساٿ ۾ سندس پيارو پنهل آهي ان ساٿ جو جبلن مان اُڪرندي شل سنوڻ سجايو يا سڻائو ٿئي ۽ تتر ساڄي پاسي کان ٻولي :
    ڪرڙا ڏونگر ڪهه گھڻي، جت رڻ تتو رائو
    تِتِر ٿئي مَ تن کي، ڏونگر ۾ ڏائو
    جڏ ڄام پنهون ڄائو، تڏ ٿئو سولو تالع ساٿ جو
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”ٿر ۾ مالهاريءَ جو سنوڻ مشهور ۽ مروج آهي، جنهن مطابق ڪنهن پاسي ويندي جيڪڏهن واٽ تي ملاري پکي کٻي پاسي کان اڏاڻو ۽ سڄي پاسي ويو ته سنوڻ سولو ڀائنبو. گويا واڌائي ملي ته اڳتي وڃجي سفر سڦلو ٿيندو، پر جيڪڏهن ملاري ساڄي طرف کان اڏاڻو ۽ کاٻي پاسي ويو ته سنوڻ اولو ليکبو، هاڻي اڳتي نه وڃجي جو انهيءَ ۾ ئي بهتري آهي.“
    مٿين سنوڻ جي پس منظر ۾ سسئي مالاري پکيءَ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿي ته پنهل جي قافلي آڏو کاٻي پاسي کان اڏامي ساڄي پاسي نه وڃجانءِ. بلڪه ساڄي پاسي کان اُڏي کاٻي پاسي وڻ جي ٽاري ڏانهن وڃجانءِ، جيئن قافلي وارا ان کي بد سنوڻ سمجھي ڪجهه وقت لاءِ بيهي رهن يا تڪڙو اڳتي نه وڌن ته من مان اڻ سونهين انهيءَ بهاني وڃي ڪيچ ڌڻيءَ کي گڏجان.
    سڄي هٿ ساٿين جي، مَ وانءُ مالاري
    ڏائي جا ڏيرن جي، مڻج سا ٽاري
    مانَ ورمن وچ ۾، اولاڻي آري
    اَسونهه ويچاري، ڪهه پَرِ مڙي ڪيچ کي

    تشبيهات
    سُر ديسي کي لطيف سائين خوبصورت تشبيهن سان سينگاريو آهي. مثال طور بيت جون هي ٻه سٽون ڏسو :
    پيئي کڻي پساھ، ڏکي ڏيئي وٽِ جئن
    اڄ ڪه سنجهه صباح، چندا ڪي ته منڌ مئي
    ڏيئي جي وٽ جڏهن ٻري ٻري باقي وڃي بچندي آهي ۽ سندس روشني جھيڻي ٿي ويندي آهي ته به پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ هوءَ هوا سان مهاڏو اٽڪايو بيٺي هوندي آهي پر آخر شڪست کائي وسامي ويندي آهي. سورن جي ستايل سسئي به پنهل جي تلاش ۾ ڏينهن رات سرگردان رهي ۽ آخر ڏيئي جي وَٽِ جيان سندس ساھ پساهن تي پهتو ۽ هوءَ ڪنهن وقت به دارالبقا ڏانهن راهي ٿي پئي سگھي. ڪيڏي نه تز ۽ خوبصورت تشبيهه آهي.
    سسئي دل جي هٿان مجبور هئي، ان پڪو قصد ڪيو هو ته هن واٽ ۾ مرڻ گھڙيءَ تائين جدوجهد جاري رکندي. سندس واسطو به سنگلاخ پهاڙن سان پيو هو. وٽس ته ڪو اوزار به ڪونه هو، جنهن سان ٽڪر ٽاڪي سگھي. لطيف سائين پهاڙن جي هيبت ۽ حشمت کي هاٿي سان تمثيل ڏني آهي. جانورن ۾ وڌ کان وڌ سگھارو ۽ متارو جانور هاٿي ئي ته آهي. لطيف سرڪار فرمايو :
    ڪوڏر نه ڪاتي، جنهه سان ٽڪر ٽاڪيان
    جيڪو جبل لنگھيان، سو هيبت جو هاٿي
    پنهونءَ جا پاتي، سا جَڙَ جيئري نه لهي

    ندرت ۽ نازڪ خيالي
    آخر ۾ سُر ديسيءَ مان ندرت ۽ نازڪ خياليءَ جو هڪ مثال پيش ڪجي ٿو :
    گسڙَ ٿئي مَ گسَ، پڻي پوءِ مَ پرينءَ تي
    جنهه سَرِ ساجن سپرين، تهه اُٺَ مَ لڳي اُس
    پنهون پاڪَ پُرسَ، هوت نه ڪجن هيڏيون
    سسئيءَ کي پنهل سان اڻ ميو پيار هو. هن اهو به ڪونه ٿي برداشت ڪيو ته قافلي جي هلڻ سان جيڪا دسڙ يا دز اڏندي آهي سا سندس پرينءَ تي پوي. هوءَ نه رڳو پنهل لاءِ اهڙا جذبات رکي ٿي بلڪه جنهن اُٺَ تي سندس سپرين سوار آهي تنهن اُٺَ لاءِ چوي ٿي ته شل ان کي اسَ به نه لڳي. هوءَ پنهنجي پنهل کي پاڪ پُرس يعني اعلى درجي جي اوصاف جو مالڪ سڏي ٿي. آخر ۾ کيس ڏوراپو به ڏئي ٿي ته اي پنهل! توکي مونسان ايڏيون جٺيون ڪونه پيون جڳائين.

    جن ڪتابن تان استفادو ڪيو ويو
    o شاھ جو ڪلام شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    o شاھ جو رسالو غلام محمد شاهواڻي
    o شاھ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    o شاھ لطيف ۽ سنڌي ثقافت ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
    o عرفان ِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد


    سُر آسا جو مطالعو

    شاھ لطيف جي رسالي جا سمورا سُر علم ۽ حڪمت، شعور ۽ آگهي توڙي فن ۽ فڪر سان ٽمٽار آهن جن مان ڪي سُر هندستاني راڳڻين تي ٻڌل آهن جن ۾ ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، ڪاموڏ، سورٺ، ڪيڏارو، سارنگ، بروو، پرڀاتي ۽ آسا اچي وڃن ٿا.
    رسالي جي ٻين سرن جيان ’سُر آسا‘ پڻ روحاني رمزن ۽ الستي رازن جو ڀنڊار آهي . جنهن ۾ الله پاڪ جي وحدانيت جي واکاڻ ڪيل آهي. مشرڪن کي سنئين راھ سونهائڻ جو سبق سمايل آهي. خالص خدا ڪارڻ عبادت جا اصول ڏسيل آهن. حلم ۽ هيٺاهينءَ سان هلڻ جي تلقين ٿيل آهي. نفس کي نابود ڪرڻ جا گُر ٻڌايل آهن. انسان کي پاڻ سڃاڻڻ جو ڏس ڏنل آهي. اکين ۾ عجيبن جي ناتي ۽ نينهن جو ذڪر به ٿيل آهي ته اکين جون عجب جهڙيون عادتون به ٻڌايل آهن. وحدت الوجود جي نظريي جي پرچار به ڪيل آهي. ڀٽ جي گھوٽ ٻڌايو آهي ته دنيا حق جو پاڇو آهي ۽ ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه آهي سو سڀ خدا جي نور جو مظهر آهي.

    متيون سڀ منجھاءِ، پاڻُ ڇڏي اُو ڄاڻ تون
    پهرين پاڻ پٿون ڪري، پرين پوءِ پڇاءِ
    وحدت ساڻ وڃاءِ، ڪثافت ڪثرت جي
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سُر آسا جي معنويت ۽ حقيقت بابت رقمطراز آهي :
    ”سُر آسا هڪ وڏو معنوي سُر آهي ۽ ان ۾ مجاز ۽ حقيقت بابت ڳوڙها معنوي اشارا ڏنل آهن. هن سُر ۾ ڪنهن روايتي پس منظر ۽ ماحول بدران تصوف جي رازن ۽ رمزن وارو فڪر سمايل آهي، جنهن ۾ مجاز ۽ حقيقت جي مثالن، صوفيانه فڪر جي اُلٽن اشارن ۽ سالڪن جي سلوڪ وارين منزلن ۽ مرتبن جا اُهڃاڻ ڏنل آهن.“
    الله پاڪ انسان جي اندر عجب اسرار رکيا آهن. کيس سموري مخلوق ۾ شرف وارو ڪري خلقيو آهي. حديث قدسي ۾ اچي ٿو : ”الانسان سري وانا سره“ يعني انسان منهنجو (الله تعالى) ڳُجهه آهي ۽ آنءُ سندس ڳُجهه آهيان. شاھ صاحب وحدت الوجود جي نظريي جو قائل هو. جنهن نظريي مطابق انسان، خالقِ ڪائنات جي تخليق جو مظهر آهي. انهي اسرار کي فقط علم ۽ معرفت جا صاحب ئي پروڙي سگھن ٿا. جئن ڀٽ ڌڻي فرمايو:
    هُو پڻ ڪينهين، هِنَ ري، هي نه هُنَهان ڌار
    الانسان سري وانا ســره ، پروڙج پچـــار
    ڪندا وئا تنوار ، عالمَ، عــارف اهـڙي
    انسان جسم ۽ روح جو مرڪب آهي. جسم فاني آهي، جڏهن ته روح باقي آهي. روح ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندو. جهڙي ريت انسان جي پيدائش روح جي پيدائش يا شروعات نه آهي، اهڙي طرح سندس موت، روح جو موت يا پڄاڻي نه آهي. جڏهن خالقِ ڪائنات انسان جي جسم کي تخليق ڪونه ڪيو هو، تڏهن به روح عالمِ ارواح ۾ موجود هئا. موت انسان جي جسم جي فنا ٿيڻ جو نالو آهي. جسم جي فنا ٿيڻ سان روح فنا ڪونه ٿو ٿئي. بلڪه جسم جي فنا ٿيڻ بعد روح، عالمِ ارواح ۾ واپس وڃي آرامي ٿئي ٿو. اصل اهميت روح کي آهي ۽ روح رب جي اَمُر هيٺ آهي. جن انسانن الله پاڪ جي ذات کي ڪونه سڃاتو ۽ اهڙي اسرار کي ڪونه ڄاتو، سي پنهنجي هائيءَ هڄي ويا ۽ اهڙي گمراهيءَ ۾ غرق ٿيا، جتان وري واپس ڪونه وريا.
    الله جي نيڪ بندن آڏو اهڙي عبادت بي معنى آهي جنهن ۾ انسان خوديءَ جي غلاميءَ کان جان ڇڏائي ڪونه سگھيو آهي. لاکيڻي لطيف اهڙي مفهوم کي ڪهڙي نه سهڻي پيرايي ۾ ادا ڪيو آهي. فرمائي ٿو ته جيسين تون خديءَ جو بندو آهين تيسين تنهنجي عبادت (نماز) ناقص آهي. پنهنجي دل مان سمورا غير گمان ڪڍي، باطل حيلا وسيلا ترڪ ڪري، وهم ۽ وسوسا وساري اندر کي اجرو ڪر. ان کان پوءِ ئي رب جي اطاعت ۽ عبادت جو صحيح معنى ۾ حق ادا ڪري سگھندين.
    جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه نماز
    سڀ وڃائي ساز، تِهان پوءِ تڪبير چئه
    لطيف سائين جي مٿين بيت جي روح تائين پهچڻ لاءِ مان دنيا جا ٻه مثال پيش ڪندس. بادشاھ جي درٻار ۾ سندس دربان ڪيڏي تابعداري ۽ احترام سان سِرُ جھڪايو بيٺا هوندا آهن. اهي شاھ جي هر فرمان تي لبيڪ چئي حڪم جي پوئواري ڪندا آهن. اهڙي ريت فوج جو سپاهي پنهنجي ڪمانڊر آڏو ڪيئن چابڪدستيءَ سان حڪم ۾ بيٺل هوندو آهي. جنهجو مطلب ٿيو ته بادشاھ جو دربان توڙي فوج جو سپاهي پنهنجي فرض جي سرانجاميءَ وقت پاڻ ارپي ڇڏيندا آهن. حڪم عدوليءَ جي صورت ۾ کين جوڳي سزا پڻ ملندي آهي.
    هاڻي ڏسجي ته انسان کي ان شهنشاھِ حقيقي جي درٻار ۾ ڪيتري نه عجز ۽ انڪساري، حلم ۽ هيٺاهين سان سَر بَسجود ٿيڻ کپي. عبادت جو مطلب فقط اونڌا سوان سجدا ڏيڻ هرگز نه آهي، بلڪه خداوندِ ڪريم جي شانِ ڪريمي کي تصور ۾ رکي ان ذات جي آڏو اهڙي نموني جھڪڻو آهي جئن جھڪڻ جو حق صحيح نموني ادا ڪري سگھي. لطيف سائين جو سُر آسا ۾ ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت پڻ ملي ٿو.
    جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناھ سجود
    وڃائي وجود، تِهان پوءِ تڪبير چوء
    الله تعالى کي انسان جي جيڪا وڌ کان وڌ عادت پسند آهي، سا آهي انسان جو عبديت جو حق ادا ڪرڻ. عبديت معنى ٻانهپ. ٻانهو يا غلام پنهنجي آقا جي حڪمن جي پوئواري ڪندو آهي ۽ ان کي پنهنجي خوشنودي ۽ خوشي سمجھندو آهي. لطيف سائين هيٺين بيت ۾ اهڙن ئي نيڪ ٻانهن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ٻانهپ جو پورو پورو حق ادا ڪيو. انهن پنهنجي ’مان‘ کي ماري وجود وڃائي ڇڏيو ۽ فنا في الله ٿيا. اهڙي منزل تي رَسڻَ لاءِ انهن کي ڪيترن ئي ڪٺن مرحلن مان گذرڻو پيو. من جون سڌون ماريائون. نفساني خواهشن کي ختم ڪيو. شريعت، طريقت ۽ معرفت جون دشوارگذار ۽ صبر آزما منزلون طيءِ ڪري جڏهن حقيقت کي رسيا ته مٿن روحاني راز کليا، پوءِ اهي اول فنا في المرشد پوءِ فنا في الرسول ۽ آخر ۾ فنا في الله ٿيا. جڏهن ڪو انسان فنا في الله واري منزل کي پهچندو آهي ته پوءِ هو ظاهري عبادتن ۽ رياضتن جي حد کان ٻاهر نڪري ويندو آهي. هاڻي سندس سمورو وجود خالقِ حقيقي جي ذڪر ۽ ثنا ۾ محو ٿي ويندو آهي. بقول لاکيڻو لطيف پوءِ اهڙن انمول انسانن جي لاءِ ظاهري عبادتون ڪا معنى ئي نه ٿيون رکن. اهي قيام، قعود ۽ سجدن کان بالا ٿي وڃن ٿا. انهن کي ڀلا اهو رنگ ڪئين لڳو!؟ تنهن لاءِ شاھ سائين فرمايو ته انهن پنهنجي بود کي نابود ڪيو. يعنى پنهنجي وجود ۽ هستيءَ کي نيست ڪيو. پنهنجي انانيت کي ماريو ۽ الله جي حڪمن جي پوئواري ڪئي، تڏهن ئي ان ابدي هستيءَ سان ميلاپي ٿيا.
    جن وڃايو وجود، سي فنا ٿيا في الله ۾
    ‎‎نه تن قيام نه قعود، نه ڪي ڪن سجود
    جيلاه ٿئا نابود، تيلاه گڏيا بود کي
    مسلمان سڏائڻ ته سولو آهي پر سچو مومن بڻجڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڀٽائي ڀلاري نهايت بيباڪيءَ سان اهڙن انسانن کي تنبيهه ڪئي آهي ته فقط ڪلمو پڙهي الله پاڪ تي ايمان آڻڻ جي دعوى ڪرڻ خام خيالي آهي. جيسيتائين تنهنجي دل ۾ دغا ۽ دُوئي آهي ۽ تون شيطان جو طابع آهين، تيسيتائين مومن بڻجي نه ٿو سگھين. پوءِ بظاهر ڇونه تنهنجي شڪل و صورت مسلمانن جهڙي هجي. تنهنجو اندر اجرو نه آهي تنهنڪري تون رحمان جو نه پر شيطان جو غلام آهين. تنهنجي دل جو ڪفر اڃان قائم آهي، تنهنڪري تون سچي مسلمان سڏائڻ جي هام هڻي نه ٿو سگھين.
    ان پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائين
    دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان
    مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين
    انسان ڪهڙي به مڪتبهء فڪر سان تعلق رکندو هجي، ڪهڙي به مذهب جو پيروڪار هجي، کيس پنهنجي نظريي، عقيدي ۽ مذهب سان سچو رهڻ گھرجي. حضرت ڀٽائي گھوٽ ابتدائي دور ۾ حق جي تلاش ۾ جڏهن جوڳين ۽ سامين سان لاهوت، هاهوت ۽ گرنار جا پنڌ ڪيا. وندر ووڙيا، جبل جھاڳيا ۽ڪشالا ڪڍيا، تڏهن کيس هندو مذهب جي پيروڪارن کي ويجھو کان ڏسڻ جو موقعو مليو. شاھ سائين محسوس ڪيو ته انهن مان اڪثريت اهڙن جي هئي، جيڪي اصل ۾ پنهنجي مذهب سان سچا نه هئا. انهي ڳالهه ڀٽائي صاحب کي ڏاڍو ڏکوئيو. اهڙي موقعي تي هن پنهنجي احساسات جو اظهار هن ريت ڪيو آهي :
    ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافرَ مَ ڪوٺاءِ
    هندو هڏ نه آهين، جڻيو تو نه جڳاءِ
    تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين
    مٿين بيت ۾ شاھ سائين ڪفر سان ڪوڙن انسانن کي تنبيهه ڪندي فرمايو ته توهان کي ڪافر ڪوٺائڻ جو ڪو حق ئي ناهي ڇالاءِ ته توهان پنهنجي ڪفر سان سچا نه آهيو. جڻيو پائي تلڪ لڳائڻ توهان کي نه ٿو سونهين. ڇوته توهان هندو سڏائڻ جي لائق ئي نه آهيو. سندر جو تلڪ ته انهن جي پيشاني تي سونهندو جيڪي شرڪ سان سچا هجن.
    دنيا ۾ ڪيئي ٻهروپيا انسان گذارين ٿا، جن جو ظاهر هڪڙو ته باطن ٻيو هوندو آهي. اهڙن ئي انسانن لاءِ سياڻن چيو ”ٻاهر ٻولي هنجهه جي، اندر ڪارو ڪانءَ.“ اهي ظاهري طرح شڪل و صورت مان وڏا متقي ۽ پرهيزگار لڳندا آهن، اهڙي ٻهروپي انسان کي شاھ سائين تلقين ڪندي فرمائي ٿو ته ”اي ڀٽڪيل انسان! اهڙي خام خبيث نفس پليد کي پنهنجي اندر مان ڪڍي ڦٽو ڇونه ٿو ڪرين!“ هتي اشاروشيطاني قوتن ڏانهن آهي جيڪي انسان کي ورغلائي گمراهي جي غار ڏانهن ڌڪي ڇڏينديون آهن. هاڻي جيڪڏهن انسان شيطاني حملن کان پاڻ بچائيندو ته پوءِ سندس ظاهر ۽ باطن هڪ جهڙو ٿي پوندو. لطيف سائين فرمايو :
    مهه ته موسى جهڙو، اندر ۾ ابليس
    اهڙو خام خبيس، ڪڍي ڪوه نه ڇڏيئن
    سچائي اهڙي قوت آهي جنهن سان انسان ڪنهن به معاملي جي حقيقت تائين رسي سگھي ٿو. جن انسانن حقيقت پسندي ۽ سچائيءَ جو سهارو ورتو، تن جي سوڀ ٿي. انهن جو اندر اجرو ٿي ويو. اهڙن انسانن کي زندگيءَ جو مقصد ملي ويو. دنيا جي ظلمات ۾ انهن کي نور نظر آيو ۽ ائين اهي رب اللعالمين وٽ سرخرو ٿيا. ڀٽ ڌڻي فرمايو :
    سُرمون سفيديءَ جو، جڏهن پاتو جن
    تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم ۾
    اکين جو ڪم ڏسڻ يا مشاهدو ڪرڻ آهي. اهي هر نيڪ ۽ بد کي ڏسن ٿيون. پنهنجي توڙي پرائي ڏانهن نهارين ٿيون. پر ڀٽائي گھوٽ اهڙين اکين رکڻ جي تلقين ٿو ڪري جيڪي فقط پرينءَ کي پسن. غير ڏانهن نهارڻ کي به گناھ تصور ڪن. فرمائي ٿو ته اهڙيون اکڙيون ڌارِ جن سان پنهنجي محبوبِ حقيقي جو مشاهدو ڪري سگھين، ڪنهن غير ڏانهن نگاھ کڻي به نه نهار، ڇالاءِ ته تنهنجو پرين نهايت غيرتمند آهي. اهو تنهنجي اهڙي عمل کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو.
    اصل اشارو ربّ جي ذات ڏانهن آهي. انسان کي انهي خالق ۽ مالڪ سان لونءَ لڳائڻ کپي. ڪنهن به غيرالله ڏانهن هرگز واجھائڻو نه آهي. الله پاڪ جي ذات وڏي غيرتمند آهي جيڪا ڪڏهن گوارا نه ٿي ڪري ته سندس خلقيل ٻانهو کانئس علاوه ڪنهن ٻئي ڏانهن مشڪل ڪُشائي ۽ حاجت روائي لاءِ واجھائي ۽ ڪنهن ٻي کي سندس پاڪ ذات سان شريڪ ڪري.
    اکيون سي ئي ڌار، جن سان پسين پرينءَ کي
    ٻي ڏانهن ڪيمَ نهار، گھڻو ريسارا سپرين
    سچي سالڪ جي تقاضا اها آهي ته طالب کي مطلوب جي ياد سدائين دل ۾ هجي. ڀٽائي گھوٽ اهڙي عاشق کي تلقين ڪندي فرمائي ٿو ته تون دنيا جي وهنوار سان به منهن ڏيندو رھ. ڪمن ڪارين ۾ به پنهنجا هٿ پير هلائيندو رھ. اکين سان دنيا جي معاملات جو مشاهدو به ڪندو رھ. پر انهن سمورن عملن دوران تنهنجي دل محبوب جي ياد سان آباد هجي. محبوب جو تنهنجي دل ۾ ديرو هجي. جنهن جو هر دم تصور ۾ ديدار ڪندو رهين ۽ تنهنجو دل ۽ دماغ ساعت لاءِ به پرين جي ياد کان وانجھا نه هجن. اها ئي سچي سالڪ جي تقاضا آهي.
    هٿن سان هاج ڪر، نيڻن سين نهار
    اڀا اڱڻا يار، پَسُ پنهنجا سپرين
    شاھ صاحب پنهنجي ڪلام ۾ حضرت مولانا رومي جو ذڪر وڏي عقيدت ۽ احترام سان ڪيو آهي. کيس پنهنجي مرشد واري حيثيت ڏني آهي. چيو وڃي ٿو ته ڀٽ ڌڻي کي ٽي ڪتاب هر وقت ساڻ هوندا هئا، جن ۾ قرآن حڪيم ۽ شاھ ڪريم جي رسالي کان علاوه ٽيون ڪتاب مولانا رومي جي مثنوي هئي. مولانا جي مثنوي علم ۽ عرفان جو خزانو آهي. لطيف سرڪار پنهنجي رسالي ۾ مثنوي مان ڪي عقل ڀريا نقل پڻ ڏنا آهن.
    سُر آسا ۾ مثنوي جو مشهور نقل، بيت جي چئن سٽن ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي :
    مُئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن
    مناڙين هٿن سين، اکين ڪين پسن
    في الحقيقت فيل کي، سڄا سڃاڻن
    سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري
    مثنوي ۾ اصل نقل ڪجهه هن ريت آهي ته ”چئن انڌن گھگهه اونداهيءَ ۾ مئل هاٿيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ هٿن سان ڇهيو ۽ هر هڪ پنهنجي پنهنجي اندازي مطابق رايو قائم ڪيو. هڪ هاٿيءَ جي ٽنگن کي ڇهيو ته چيائين هاٿي ٿنڀي جهڙو آهي. ٻئي جا هٿ هاٿيءَ جي ڪنن ۾ پيا تنهن چيو ته هاٿي وڃڻي وانگر آهي. ٽين جا هٿ سونڊ ۾ پيا تنهن رايو قائم ڪيو ته هاٿي نلڪي وانگر آهي. چوٿين جا پڇ ۾ هٿ پيا تنهن چيو ته هاٿي رسي جهڙو آهي.
    لطيف سائين مٿين نقل مان عقل جو نُڪتو اهو بيان ڪيو آهي ته جز کي جاچڻ سان ڪُلَ جي ڪَلَ ڪانه پوندي. جيڪي ’ڪُلَ‘ کي ڇڏي جز کي چنبڙيا تن کي اصل حقيقت حاصل ڪانه ٿي. ’ڪُلَ‘ کي سڃاڻڻ لاءِ اندر جي اک رکڻ وارن سالڪن ۽ صالحن جي صحبت ضروري آهي. جيڪي ظاهري اکين وارن انڌن کي به سئين دڳ لڳائي سگھن ٿا.
    لطيف سرڪار پنهنجي رسالي ۾ ڪٿي اهڙيون ته ڪمال جون تشبيهون ۽ ترڪيبون ڏنيون آهن جو پڙهندڙ جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو. مثال طو سُر آسا جو هيٺيون بيت ڏسو :
    جي ڀائين پرينءَ مڙان، ته سِک چوران ڪي تاتِ
    جاڳڻ جشن جن کي، سُک نه ساري رات
    اجھي ٻجھي آئيا، وائي ڪن نه وات
    سَلَي سوريءَ چاڙهئا، بيان ڪن نه بات
    توڙي ڪـُـسن ڪاتِ، ته به ساڳي سَلِنِ ڪين ڪي
    چور کي هر معاشري ۾ نفرت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي. ڇالاءِ ته سندس چوريءَ واري عمل کي ڪنهن به صورت ۾ ساراهي نه ٿو سگھجي. پر ڏسو ته شاھ صاحب چور جي اهڙي نفرت ڀري ۽ ڪُڌي عمل مان به ڪهڙو خوبصورت ۽ مثبت مفهوم ورتو آهي. هو سچي سڪ رکڻ واري طالب سان مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته جي تون پرينءَ تائين پهچڻ جي خواهش رکين ٿو ته پاڻ منجهه چورن واريون عادتون پيدا ڪر. جيڪي ساري رات سک سان ڪونه سمهندا آهن بلڪه جاڳڻ کي جشن ڪري ڀائيندا آهن. هو چوريءَ تي وڃڻ کان اڳ اهي پنڌ پيچرا ۽ مشڪل گس ۽ رڪاوٽون ڏسي پَڪَ ڪري ايندا آهن جن سان انهن کي چوريءِ لاءِ وڃڻو پوندو آهي. چوندا آهن ته ”سوء راتيون چور جون هڪ رات ساڌ جي.“ سو آخر هڪ ڏينهن پڪڙجي به پوندو آهي. پوءِ کانئن چوري اوڳاڇڻ لاءِ مٿن سخت تشدد ڪيو ويندو آهي. پر هو ڪوشش ڪري ٻاڦ ٻاهر ڪونه ڪڍندا آهن. پر جي مٿن اهڙي نوبت اچي به ويندي آهي جو کين اوَس چوري واپس ڪرڻي پوي ته به چوريءَ واري اصلي شيءِ واپس نه ڪندا آهن بلڪه چوندا ”ساڳي نه ويڳي واپس ڪندا سون.“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مطابق دراصل اهي چوراڻي ڌنڌي جا ٻه خاص اصطلاح آهن.
    چورن جي مٿين عمل مان سالڪ کي اهو سبق ڏنو ويو آهي ته تون سڄيون سڄيون راتيون جاڳي صبح ڪر ۽ انهي اوجاڳي کي پنهنجي لاءِ سعادت تصور ڪر. پرينءَ تائين پهچڻ لاءِ انهن سچن سالڪن وارن اختيار ڪيل مشڪل ۽ دشوارگذار پنڌن پيچرن کان واقف ٿيءُ ۽ انهن اڻانگن پنڌن لاءِ پاڻ کي ذهني طور تيار رک. پوءِ انهيءَ سچي محّبت جي حاصل ڪرڻ لاءِ تنهنجي مٿان ڀل جانِ ليوا تڪليفون ڇونه اچن پر دانهن نه ڪر. ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍ. سڀ تڪليفون صبر سان سهندو رھ. شاھ صاحب انهن تڪليفن کي سَلَ ڪڍي سوريءَ تي چاڙهڻ ۽ ڪات سان ڪُسڻ وارن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي.
    جن انسانن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ۽ پنهنجي ’مان‘ کي ماري مات ڪيو سي فنا في الله ٿي ويا. انهن معرفت جون اعلى منزلون ماڻيون. اهڙن انسانن الله پاڪ جي حڪمن جي بجا آوري ڪري پنهنجي عبديت جو صحيح حق ادا ڪيو ۽ علم و عرفان جا صاحب بڻجي ويا. انهن کي جيڪا روحاني منزل حاصل ٿي ۽ جيڪي سندن درجا بلند ٿيا، جيڪي عجب اسرار انهن ڏٺا، تن جو ذڪر ڪرڻ انهن لاءِ مشڪل ۽ محال آهي. ڇالاءِ ته ربّ جي ذات بي مثل آهي. لطيف سائين اهڙي ڪيفيت جو اظهار بيت جي ٽن سٽن ۾ هن ريت ڪيو آهي :
    نابودي نيئي، عبد کي اعلى ڪيو
    مورت ۾ مخفي ٿئا، صورت پڻ سيئي
    ڪبي ات ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي


    سُر سامونڊيءَ جو مطالعو

    لطيف سائين جو ڪلام عالمگير پيغام آهي. سندس رسالو عقل وارن انسانن لاءِ ڪيمياگري جو ڪتاب آهي. جنهن ۾ اهڙا مفيد نسخا تحرير ٿيل آهن جن تي عمل ڪرڻ سان انسان کي انمول خزانا حاصل ٿي سگھن ٿا. سنڌ جي سدا حيات شاعر پنهنجي ڪلام ۾ جتي پنهنجي دور جي ماحول ۽ ريتن رسمن جو ذڪر ڪيو آهي اتي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن توڙي رومانوي داستانن کي به نظر انداز ڪونه ڪيو آهي. بلڪه سنڌ جي لوڪ داستانن کي جيڪا دائمي حياتي لاکيڻي لطيف بخشي آهي تِنهن جو مثال ملڻ محال آهي.
    شاھ سائين جي ڪلام جو تجزيو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ وڏو جهان ديد انسان هيو. سندس مشاهدي جي قوت عام شاعرن کان گھڻو مٿي هئي. سير سفر دوران هن جيڪي ڪجهه ڏٺو ان جو باريڪ بينيءَ سان مشاهدو ڪيائين. سُر سامونڊي پڻ ان جو سهڻو مثال آهي.
    شاھ صاحب جي رسالي جو مولف محترم غلام محمد شاهواڻي سُر سامونڊي جي مضمون بابت رقمطراز آهي :
    ”سر سامونڊي ۾ وڻجارن ۽ سندن وهن جو احوال عمدي پيرايي ۾ ڏنل آهي. شاھ جيڪو زال ذات جي جذبن ۽ امنگن جو نقش هتي ويهي چٽيو آهي تنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سفر ڪندي شاعر اکيون اُپٽي ۽ ڪن کولي موحول جو گھري نظر سان مشاهدو ۽ مطالعو ڪندو پئي ويو. ڪراچيءَ جي لاڙي حصي جو مغل ڀئين وٽ جيڪو سامونڊين جي وڇڙيل وهن ۽ منڌل منڌن جو حال هن اکين سان ڏٺو هو، تنهن جي هن سُر ۾ چٽي تصوير نڪتل آهي. وڻجارين جي من جو مونجھارو، اندر ۾ اٿندڙ ۽ پل پل پوندڙ پور، ڪانڌن جي ڦوڙائي ۾ آگي اڳيان التجائون، سندن صحيح سلامت واپس ورڻ لاءِ قسمين قسمين حيلا ۽ تپشائون، تڙن تي ورن ورڻ لاءِ اوسيئڙو ۽ انتظار، بندر تي ناکئن کان پڇائون، پيرن تي پڙ باسڻ، دريا تي اَکا پائڻ، چوواٽن تي ڏيا ٻارڻ وغيره. انهن جو نهايت دل سوز ۽ رقت آميز نموني ۾ بيان ڪيو آهي.“
    مون پنهنجي مقالي ۾ سڀ کان اول وڻجارن جي ونين جي اندر جي اڌمن جو نفسياتي جائزو پيش ڪيو آهي. جنهن کان پوءِ وڻجارن جي مسلڪ ۽ مذهب بابت کناکيڙ ڪئي اٿم ۽ آخر ۾ سُر سامونڊي جي روحاني راز جي اُپٽار ڪئي آهي.
    خوشي ۽ غم انساني زندگيءَ جا ٻه اهم پهلو آهن. انسان پنهنجي حياتي دوران انهن ٻنهي ڪيفيتن سان همڪنار رهي ٿو. هر خوشي جي تعاقب ۾ غم آهي ۽ هر غم جي پڄاڻيءَ تي خوشيءَ جي انڊلٺ اڀري بيهي ٿي. جيڪا عام طرح عارضي هوندي آهي. هونءَ به خوشيءَ جي مقابلي ۾ غم جي عمر طويل ٿئي ٿي. فراق ۽ جدائيءَ جو غم ٻين سمورن غمن تي حاوي هوندو آهي.
    اڄ سڪ جي ستايل ۽ فراق جي ماريل وڻجاري جي ونيءَ جنهن جو وَرُ سهسين سُکائن کانپوءِ مس مس وري آيو آهي، سا نه ٿي چاهي ته سندس محبوب چند ڏينهن جي قيام بعد وري کيس وڇوڙي جو داغ ڏئي هليو وڃي. پر ”جي وڃون وڃون ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو.“ وڻجارا جن جو ڪم ئي ڏورانهن ڏيهن سان آهي، سي ڀلا ڪيترو وقت ترسي پوندا. آخر ته کين سفر سِڌارڻو ئي آهي. تنهن ڪري انهن وٽ سدائين سفر جا سانباها هوندا آهن ۽ اَٺئي پهر هو ڪنهن نئين سفر جي تياريءَ لاءِ پيا پاڻ ۾ پچار ڪندا آهن. اڄ پڻ هو وري اسهڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن.
    اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون
    اٺئي پهر اٿن، سعيو ڪنهن سفر جو
    اهو منظر ونيءَ لاءِ ويراڳ ۽ وڇوڙي جي واٽ بڻائي ٿو. هوءَ پنهنجي جيجل ماءُ سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته، وڻجارا وري ڪنهن سفر تي اُسهڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. سندن ارادو اٽل پيو ڀانئجي. هنن منهنجي روڄ راڙي ۽ ميڙ منٿ کي به مهت ڪونه ڏنو. جيجل! مان انهن سمنڊ جي مسافرن کي ڀلا ڪيترو جھلي پلي سگھان ٿي، جن ٻيڙن جا سڙھ به کولي انهن کي بحرِ بي ڪنار جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
    اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون
    هلڻ هارا سپرين، رئان تان نه رهن
    آئون جھليندي ڪيترو، آيل! سامونڊين
    پڳهه ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾
    سامونڊي سفر تي روانا ٿي چڪا آهن. انهن جون ڳالهيون ياد ڪري هوءَ تڙ تي گوندر ۾ گذاري رهي آهي. سامونڊين جي تار ۽ تنوار سندس من موڳو ڪري رکيو آهي.
    سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان
    مونکي ٿي ماري، انهن سندي ڳالھڙي
    هاڻي ته وڻجاري جي وني جي دل ۾ سِڪ جو سَلو وڌي وڻ ٿي ويو آهي. اها ڏکن ڏَڌل پنهنجي پياري ڀتار جي انتظار ۾ تڙپي تانگھي ۽ تاڻي ٿي ته اوچتو سندس نظر سمنڊ جي سطح کان سرڪندي پنهنجي سامونڊين جي جهاز جي سڙھ تي وڃي پوي ٿي. سندس جان ۾ ساھ پئجي وڃي ٿو. هوءَ وڏيءَ سِڪ ۽ اُتساھ مان اچي ماءُ کي ٻڌائي ٿي ته آيل! اِجھو پنهنجا سامونڊي سڄڻ اچي ماڳ ڀيڙا ٿيا آهن. مون جاني جي جهاز جا سڙھ سڃاتا آهن. پر شل منهنجو محبوب به ان جهاز ۾ خير سان موجود هجي.
    سڙھ سڃاڻئو چوءِ، ماءِ سامونڊي آئيا
    مانَ منهنجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾
    ونيءَ جو ورُ ته وري آيو آهي ۽ کيس سک جون ڪي ساعتون نصيب ٿيون آهن پر آخر هو هتي ڪيترو وقت ترسندو. ڪي پهر ڪي ڏينهن! ۽ اهي پهر ۽ ڏينهن ته وڻجاري جي ونيءَ لاءِ ڄڻ اک ڇنڀ ۾ گذري ويندا ۽ سندس سڪ سيني ۾ اڌوري ئي رهجي ويندي. اوسيئڙو ۽ انتظار ته سندس ازلي ساٿي آهن.
    ...... ۽ اجھو اڄ پرھ ڦٽيءَ جو وڻجارن ڪنهن نئين سفر جو تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. انهن جي تياري ڏسي سهاڳڻين جو هينيون هارجي پيو آهي. سندن دل غمن جي اٿاھ گهراين ۾ ٻڏي رهي آهي. اهڙي سهاڳڻ پنهنجي غم الم جو اظهار پنهنجي رازدار ۽ غمگسار ماءُ سان ڪندي چوي ٿي ته پياري امڙ! سامونڊين جي تياري ڏسي ۽ سندن جدائي ۽ تڪليفن جو تصّور ڪري منهنجا ته ڳچَ ٿا ڳرن. هنن جي اسهڻ کان پوءِ کين ياد ڪري مان ته مري وينديس.
    وڻجارن وري، پرھ پڳهه ڇوڙيا
    اوليون پسي ان جون، پَيَڙم ڳچ ڳري
    وينديس ماءِ مري، ساري سامونڊين کي
    هاڻي وڻجاري جي وني پنهنجي مجازي خدا جي جدائيءَ بعد جيڏين سرتين سان مخاطب آهي، وڻجارا سفر سڌاري چڪا آهن انهن وئي پڄاڻان نه اهي تڙ آباد آهن ۽ نه بيٺڪن ۾ بهاري آهي. نه ئي وري ساھ سيباڻن سامونڊين جي مٺڙي گفتار پئي ٻڌجي. اي سهڻيون سرتيون! سامونڊين کي ساري منهنجو من ملول ٿي پيو آهي ۽ دل تي غمن جا پهاڙ ڪري پيا آهن. جدائيءَ جا ڦٽ اُکڙي ۽ اُڊڙي پيا آهن. اي منهنجيون پاڙي واريون ڀينرون سامونڊين جي سِڪَ ۽ سوز صفا ماري ڇڏيو آهي.
    نه سي تڙ اوطاق، نه وايون وڻجارن جون
    سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ
    ماريهون فراق، پاڙيچون پرين جا
    سڪ جي ستايل سورميءَ جو من ميلاپ لاءِ ماندو آهي. سندس دل ۾ اها ئي طلب ۽ تات آهي ته جيڪر منهنجو محبوب هاڻي واپس ورڻ جي ڪا واٽ واري ۽ جلد اچي مون سان ملي، جئين منهنجي گھايل من جي مراد پوري ٿئي. مان پنهنجي محبوب سان دل کولي روح رهاڻيون ڪريان. هو پنهنجي دل جو اڌمو اندر ۾ سانڍي ڪانه ٿي سگھي، سو پنهنجي پياري آيل سان مخاطب ٿي چوي ٿي. پياري امڙ! جيڪڏهن منهنجو وَرُ پنهنجو وڙُ ڪري اچي منهنجو اڱڻ اجاري ته هوند مان ساڻس ڳلي لڳي فراق ۽ جدائيءَ جا سمورا احوال اوريان.
    جيڪر اچي هاڻ، ته ڪيان روح رچنديون
    آيل! ڍوليي ساڻ، مند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان
    فراق جي اهڙي ڪيفيت جون بي انت ساعتون گذري ويون. ساعتن مان پهر ٿيا ۽ پهرن مان ڏينهن. ڏينهن مهينن ۾ مٽجي ويا ۽ هاڻ ته سندس صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي، جو سَر به نسري رهيا آهن ۽ اُتر جون ٿڌڙيون هوائون گُهلي رهيون آهن. هن پنهنجي محبوب جي اچڻ جي آس ۾ سوين سُکائون باسيون آهن.
    سَرَ نِسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون
    ايترن پِيرن ڀيٽڻ کان پوءِ وڻجاريءَ جو ورُ وٽس وري آيو آهي. سندس لاءِ گويا سکن جو سج اُڀري پيو آهي، پر ڪيسيتائين! ڪي پهر ڪي ڏينهن.
    ...... ۽ اهي ڏينهن آخر اچي پورا ٿيا، جيڪي خواب وانگر گذري ويا. اڄ وڻجارا وري ڪنهن نئين سفر جي لاءِ سنبري رهيا آهن. هوءَ پنهنجي ڪانڌ کي آزيون نيزاريون ڪري ٿي ته ڍوليا واپس ورڻ جي وائي وساري ڪجهه عرصو ته مونسان گذار. پر موٽ ۾ کيس مايوسي ئي ملي ٿي. پوءِ هوءَ آخري اميد طور پنهنجي ور جي آيل سان مخاطب ٿي کيس سفارش ٿي ڪري ته منهنجو پرين ٻارهن مهينن کان پوءِ مس مس مون وٽ وري آيو آهي ۽ اجھو وري هو نئين سفر جا سانباها پيو ڪري. تون ئي کيس اهڙي ارادي کان موڙي وجهه. ڇا تون کيس جھلي پلي ڪونه ٿي سگھين!
    وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلين!
    آيو ٻارهين ماھ، پڻ ٿو سفر سنبهي.

    وڻجارن جو مذھب
    سنڌ جو معروف اديب ۽ عالم پروفيسر لطف الله بدوي مرحوم پنهنجي مقالي ”شاھ ڀٽائي جو رسمن بابت مطالعو“ ۾ سر سامونڊيءَ ۾وڻجارن جي وستيءَ، مروّج ريتن ۽ رسمن بابت لکندي سندن مذهب ۽ عقيدن تي به روشني وڌي آهي. هو صاحب لکي ٿو :
    ”سر سامونڊيءَ ۾ انهن سڀني حقيقتن، رسمن رواجن جي خبر پوي ٿي جي ان وقت موجود هئا. مثلاً اهي سامونڊي اڪثر سياري جي مند ۾ سمنڊ جو سفر ڪندا هئا. جڏهن منجھس ڪوبه شور ۽ شر نه هوندو هو ۽ پاڻي ماٺيڻو هوندو هو. اڪثر هو پنهنجي سفر کي ڏياريءَ جي ڏڻ گذارڻ بعد جاري رکندا هئا. جئن ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو :
    ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھ سنباهيا
    وجھو وَرَ ونجهه کي، روئي وڻجاري
    ماريندءِ ماري، پرھ سور پرينءَ جا
    بدوي صاحب وڌيڪ لکي ٿو :
    ”هي سامونڊي اڪثر ڇهه مهينا سفر ڪندا هئا ۽ بهار ۾ موٽندا هئا. جئين شاھ سائين فرمايو آهي :
    لڳي اُتر اوهريا، واهوندن ورن
    آئون گھڻو ئي گھوريان، سودو سامونڊين
    اڱڻ جن اچن، عيد ورتي ان کي
    ”ڇهن مهينن جو اوسيئڙو ڪو ٿورو نه آهي. وڻجاريون پنهنجن ورن لاءِ رات ڏينهن پيون نهارينديون هيون. معلوم ائين ٿو ٿئي ته اهي وڻجارا اڪثر هندو هوندا هئا، ڇوته شاھ ڀٽائي انهن جي رسمن جو ذڪر افراط سان ڏئي ٿو. هندو عورتون جڏهن آسائتيون هونديون آهن ته جَر تي اَکا پائينديون آهن. اَٽي جا ڏيئا ٺاهي مٿن سندر جا ٽڪا ڏئي گھر مان ٻاري ٿالهيءَ ۾ رکي جَرَ تي وڃي رکي اينديون آهن. سنڌ ۾ اڪثر کوهن تي سهاڳڻيون هندو عورتون ميڙ ڪري هيءَ رسم بجا آڻينديون آهن. شاھ صاحب انهن ڏانهن اشارو ڪندي فرمائي ٿو:

    اُڀيون تَڙِ پوڄين، وهون وڻجارن جون
    آڻيون اَکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي
    ”ٻي رسم هندن ۾ آهي ته اهي پپر جي وڻن ۾ ڳاڙهي ڪپڙي جون جھنڊيون ٽنگيندا آهن. انهيءَ لاءِ ته سندن آس پوري ٿئي. ڀٽائي گھوٽ فرمائي ٿو :
    جَرَ تَڙِ ڏيئو ڏي، وڻ ٽڻ ٻڌي وائنٽيون
    الا! ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان
    مرحوم بدوي صاحب جي راءِ سورنهن آنا صحيح نظر اچي ٿي ته وڻجارن جي اڪثريت جو تعلق هندو مذهب سان هو. ڇوته ساڳي سُر مان ٻيا به ڪي بيت ملن ٿا جن ۾ هندن جي رسمن رواجن جو ذڪر آيو آهي. مثلاً چکيا تي چڙهڻ جي رسم جنهن کي ستي لڪڙي سڏيو ويندو هو. جنهن ۾ مڙس جي مري وڃڻ تي سندس زال پڻ باھ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي سَتي بڻبي هئي. لطيف سائين ان رسم کي چّيءَ چاڙهڻ سڏيو آهي. فرمائي ٿو :
    سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا
    رئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيءَ
    مونکي چاڙهي چّيءَ، وئو وڻجارو اوهري
    ان کان علاوه ٻين به ڪن بيتن ۾ ڏيئن ٻارڻ ۽ اَکا وجھڻ جو ذڪر اچي ٿو. جئن هيٺيون بيت ملاحظه ٿئي :
    جا جَرِ جاٽون نه ڏئي، ڏيئا نه موهي
    سڌون ڪوه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون
    تاهم اهڙا به بيت به ملن ٿا جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وڻجارن ۾ مسلمان به هئا. مثال طور هيٺين بيت ۾ ڏسو. وڻجاري جي وني پنهنجي محبوب کي الوداع چوڻ لاءِ تَڙَ تي بيٺي آهي. پرين پڳهه ڇوڙيا آهن، هوءَ الله جي آسري کين روانو ڪري رهي آهي ۽ انهن لاءِ دم دم دعائون ڪندي الله ۾ اها آس رکي ٿي ته سندس محبوب وٽس وري ضرور موٽي ايندو.
    مون اُڀِي تَڙِ پاس، پرين پڳهه ڇوڙئا
    هو الله هار اهريا، آئون دم دم دعا ڪندياس
    آس نه لاهيندياس، موٽي ايندا مان ڳري

    روحاني راز
    سُر سامونڊيءَ جي باطني معنى ۽ مقصد تي نظر ڪبي ته معلوم ٿيندو ته ڀٽ ڌڻي ڀلارو هن سُر ۾ سچي سالڪ کي مسلسل جدوجهد جو سبق ڏئي ٿو ۽ ان واٽ ۾ مرشد ڪامل جي لڙھ لڳڻ جي تلقين ڪري ٿو. ملڪوتي منزل ماڻڻ لاءِ عارف کي الائي ڪيترن ڪٺن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. طريقت جي هن اوکي ۽ پيچيده پيچري پار ڪرڻ ۾ صاحبِ دل معمولي لغزش جي ڪري مورانهون منزل کان پري ٿي ويندا آهن.
    لطيف سائين سُر سامونڊي ۾ انهن ملاحن جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته اهي ڪنهن نئين سفر تي اُسهڻ کان اڳ ڪنهن سونهين کان رهبري وٺي پوءِ روانا ٿيندا آهن ۽ ائين ڪرڻ سبب هو ڪڏهن به منزل کان ڪونه ڀٽڪيا ۽ سدائين ڪامياب ۽ ڪامران رهيا. هتي سونهين مان مراد مرشد ڪامل آهي. جيڪو سالڪ کي سئين واٽ سونهائيندو آهي. ڀٽائي سائين فرمايو :
    سڙھ ٿي سبيائون، بندر جن تڙن تي
    ملا معّلم خبرون، پڇي پوريائون
    سُتڙ سوٺيائون، اَوَتڙ ڪنهن نه اوليا
    سنڌ جو معروف محقق ۽ عالم جناب مير محمد ڀيو پنهنجي مقالي ”سر سامونڊي جو روحاني راز“ ۾ رقمطراز آهي :
    ”هونءَ ته شيطان انسان جو ازلي ۽ وڏو دشمن آهي ۽ کيس انساني عروج ڪڏهن به پسند نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هو سراسر بدي آهي. ان ڪري شيطان عام انساني اقدار کان مٿي اهلِ دل ۽ عارف جو ته خاص ويري هوندو آهي ۽ سندس هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته هو اهڙي عارف کي ڪنهن نه ڪنهن ريت ملڪوتي منزل ماڻڻ کان اڳ هيٺ ڪيرائي، يا اهڙي عظمت حاصل ٿيڻ کان روڪي وجھي. حضرت شيخ عبد القادر جيلاني فرمايو ته هڪ دفعي آنءُ جڏهن بغداد جي کنڊرن ۾ الله جي عبادت ۾ مصروف هوس ته اوچتو آسمان ۾ جُھڙ ٿي ويو ۽ ان سان گڏ بجلي چمڪڻ لڳي. ايتري برسات وسي جو کنڊر پاڻيءَ سان ڀرجي ويا. اوچتو ئي اوچتو آسمان ۾ اُهاءُ ٿيو ۽ آواز آيو ته ’اي عبد القادر! اسان تنهنجي زهد ۽ عبادت مان ايترا ته خوش آهيون جو اڄ کان پوءِ توتان عبادت معاف.‘ مون هڪ دم لا حول والا قوت چيو. منهنجو پڙهڻ ۽ شيطان جو ظاهر ٿيڻ. چيائين ته ’اي عبد القادر! توکي پنهنجي علم بچائي ورتو نه ته ان جاءِ تان مون ڪيئي قطب راھ تان هٽائي ڇڏيا.‘ اتي مون وري کيس چيو ته ’نه مونکي پنهنجي علم نه پر پنهنجي ربّ جي فضل بچائي ورتو.‘

    مددي ڪتاب
    o شاھ جو رسالو غلام محمد شاهواڻي
    o شاھ جو رسالو (گنج) ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز
    o سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
    o شاھ جي شاعري ۾ علامت نگاري ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    o عرفانِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد
    o پيهي منجهه پاتال ڊاڪٽر بشير احمد شاد


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 971
    ڪتابن جو مشاهدو: 3159595
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 826160
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ