لطيفيات

شاھ لطيف هر دور جو شاعر

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل فڪر ۽ پيغام بابت مقالن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو لکيل آھي. پاڻ لکن ٿا:
”آئون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جو فني توڙي فڪري جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته لطيف جي شاعري ايڏي ته گھڻ رخي ۽ وسيع آهي جو سندس هڪ هڪ بيت ۽ وائي جا ڪئي پهلو ۽ منجھن ندرتن جا ڪيئي جهان نظر اچن ٿا. منهنجي هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيئي مقالا آهن جن ۾ اوهان شاھ جي ڪلام جي انفراديت، فني ۽ فڪري عروج ۽ ٻوليءَ جي حسناڪين کي محسوس ڪري سگھندا.“
Title Cover of book شاھ لطيف هر دور جو شاعر

صنعتن جو استعمال

جهڙي ريت نثر جي سينگار لاءِ علم بديع و بيان جون خوبيون مثلاً تشبيهون، استعارا، ڪنايا، پهاڪا، اصطلاح، چوڻيون ۽ تجنيسون وغيره تمام ضروري آهن، اهڙيءَ ريت شاعريءَ ۾ پڻ ڪي صنعتون استعمال ٿينديون آهن. صنعت جي معنى آهي هنر يا حرفت. شاعري هونءَ ئي هڪ ڏکيو هنر يا فن آهي. شاعري جي مخصوص صنعتن جي استعمال سان وري شاعري جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ هيڪاندو اضافو اچي ٿو ۽ ان کي چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. ان کان علاوه فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ جدت شاعريءَ جون اهڙيون خوبيون آهن جيڪي ڪنهن به شاعر کي وڏن شاعرن جي صف ۾ آڻي بيهارين ٿيون.
لطيف سرڪار جي ڪلام جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سندس ڪلام مذڪوره صنعتن کان علاوه ٻين به ڪيترين ئي اهم صنعتن سان سينگاريو پيو آهي. اهڙين صنعتن جو انگ تمام گھڻو آهي هتي ڪجهه صنعتن جي وصف بيان ڪري رسالي مان انهن جا مختصر مثال پيش ڪجن ٿا.

[b]فصاحت[/b]
فصيح ڪلام اهو آهي جنهن ۾ هر هڪ لفظ اهڙو ڪم آيل هجي جنهن جي اچارڻ ۾ زبان کي ڪابه هٽڪ هٻڪ يا تڪليف نه ٿئي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهن ڪڏهن پر هميشه شاعر جي ڪلام ۾ اختيار ڪيل هجي، نه ته سندس ڪلام کي فصيح نه چئبو.
لطيف سائين جي ڪلام ۾ فصاحت جي خوبي اتم موجود نظر اچي ٿي. مثال طور هيٺيان ٻه بيت ڏسو :
پائي ڪانُ ڪمان ۾، ميان! مار مَ مون
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي
ڪاتب لکن جيئن، لايو لام الف سين
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾
مٿين ٻنهي بيتن ۾ سمورا الفاظ اهڙا استعمال ٿيل آهن جن جي اچارڻ ۾ زبان کي ڪابه هٽڪ يا هٻڪ محسوس ڪانه ٿي ٿئي.

[b]بلاغت[/b]
بليغ ڪلام ان کي چيو وڃي ٿو جيڪو وقت ۽ حال مطابق هجي. شاعر کي انساني سڀاءَ جي سمورين ڪيفيتن کي اهڙي صفائي ۽ چٽائيءَ سان خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪرڻ گھرجي جو پڙهندڙن توڙي ٻڌندڙن جو ڌيان کـُپي وڃي. اهڙي صورت هر دور لاءِ هڪ جهڙي هجي.
ڀٽ ڌڻي جي ڪلام مان بلاغت جا بيشمار مثال ڳڻائي سگھجن ٿا. جئن :
وڳر ڪئو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾
پَسو پکيئڙن، ماڙهوئان ميٺ گھڻو
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو
ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مانُ
ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچئو ان جي
مٿين ٻنهي بيتن ۾ بيان ڪيل ڪيفيت هر وقت ۽ هر دور لاءِ آهي.

[b]سلاست[/b]
سليس ڪلام اهو آهي جنهن ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل هجن جيڪي هر پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي لاءِ آسان هجن. ٻين لفظن ۾ ته شاعريءَ ۾ روز مرھ جي ٻولي استعمال ڪيل هجي. شعر جو مطلب ۽ مفهوم هر ڪو پنهنجي علم، عقل ۽ فهم مطابق سمجھي سگھي.
لطيف سائين جي ڪلام ۾ اها خوبي عام نظر اچي ٿي. ٻه مثال ملاحظه ٿين:
اکين ۾ ٿي ويهه، ته آئون واري ڍڪيان
توکي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پسان ڪي ٻيو
ــــــــــ
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿيئي اونداھ، پير نه لهين پرينءَ جو

[b]جدت[/b]
جدت مان مراد ندرت، نواڻ يا اڇوتو ۽ نئون خيال آهي. شاعر جي ڪلام ۾ مضمون اهڙا منفرد هجن، جن تي ٻين شاعرن طبع آزمائي ڪانه ڪئي هجي. يا ٿورن ڪئي هجي.
شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ اهڙا مثال جا بجا پکڙيا پيا آهن.
ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت
من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي
ــــــــــــ
سانوڻ لهريون، ٿر واري، تر وار
انهائي اَپار، مون سين ڀلي ڀال ڪئا
ڏورڻ کان پوءِ به نه لهڻ جي تمنا ۽ محبوب سان نه ملڻ واري خيال ۾ ڪيڏي نه جدت ۽ ندرت سمايل آهي. ٻي سٽ ۾ ان جي سببن ۾ پڻ نواڻ نظر اچي ٿي. اهڙي طرح ٻي بيت ۾ محبوب جي ٿورن جو شمار سانوڻ جي لهرن، ٿر جي واريءَ جي ذرن ۽ مٿي جي وارن جي ڳڻپ سان ڏئي بيت ۾ جيڪا ندرت آندي آهي اهڙي نواڻ ڀٽائي کان اڳ ۾ شايد ئي ڪنهن آندي هجي.

[b]تشبيهه[/b]
تشبيهه مان مراد ڀيٽ ڪرڻ آهي. جڏهن هڪ شي کي ٻيءَ شيءِ سان قد بت، گڻ اوگڻ وغيره سان ڀيٽيو وڃي ته ان کي تشبيهه يا تمثيل چئبو آهي، جنهن لاءِ جيئن، جيان، جهڙو، وانگي، وانگر، وانگيان ۽ ڄڻ جا الفاظ ڪم ايندا آهن. لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ اهڙيون اڻ ڳڻيون تشبيهون ڪم آنديون آهن جن جو مثال ئي نه ٿو ملي. جيئن :
ڪڙو منجهه ڪڙي، جئن لوهارن لپيٽيو
منهنجو جيءُ جڙي، سپريان سوگھو ڪيو
ــــــــــ
سورَ مَ ڏي ڌوڻ، آئون اڳيئي ڪانهري
جا پَر ِ پاڻيءَ لوڻ، سا پر منهنجي جندڙي
ــــــــــ
پيئي کڻي پساھ، ڏکي ڏيئي وَٽِ جئن
اڄ ڪه سنجهه صباح، چندا ڪي ته منڌ مئي
مٿين بيتن ۾ عاشق جو محبوب جي جيءَ کي جڪڙي رکڻ جي تمثيل ڪڙو منجهه ڪڙي سان يا جندڙي ۾ سورن جي سمائجي وڃڻ جي مشابهت پاڻيءَ ۾ لوڻ جي ڳري وڃڻ يا وري ڏکيءَ جو ڏيئي جي وٽ وانگر هوا سان جنگ جوٽي پساھ پورا ڪرڻ سان ڏئي شاھ سائين ڪمال ڪري ڇڏيو آهي.

[b]استعارو[/b]
استعارو جي معنى اڌارو وٺي ڏيڻ آهي. ٻين لفظن ۾ جڏهن هڪ شي کي ٻيءَ شي جهڙو هوبهو ڪري پيش ڪجي ته اهڙي ترتيب کي استعارو چئبو. مرحوم غلام محمد شهواڻي مطابق ” جيڪڏهن ڀيٽ اهڙي نمايان ۽ کليل نه هجي بلڪه خفيف ۽ لڪل هجي ته ان کي به استعارو ئي چئبو.“
هن صنعت جو استعمال به لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ هنڌ هنڌ نظر اچي ٿو. مثال :
ماڻڪ مَٽُ سندوم، اونداهيءَ ۾ سوجھرو
حشر ويل حساب ۾، ڇڏي نا ويندوم
معروف شاعر ۽ اديب حافظ محمد احسن چنه مٿين بيت مان استعاري جو مفهوم هيٺينءَ ريت بيان ڪيو آهي :
”هت ماڻڪ مان مراد هيرو، جيڪو جبلن مان لڀندو آهي، سو نه آهي. ڇوته اهو حشر جي حساب ۾ ڪيئن ڪم ايندو! تنهن ڪري اهو سرورِ ڪائناتﷺ لاءِ اشارو آهي، جنهن کي اڌاري معنى ڏئي استعاري جي صنعت ۾ لکيو ويو آهي ماڻڪ.“
اهڙي ريت استعاري جو هڪ ٻيو مثال ڏسو :
ساٿي نه پسان سي، جي هئم هينئين ٿوڻيون
هتي ساٿين کي هينئين جي ٿوڻين جهڙيون نه بلڪه خود ٿوڻيون (سهارو) ڪري ٻڌايو آهي.

[b]تجنيسِ حرفي
[/b]جڏهن نثر توڙي نظم جي سٽاءَ ۾ لفظ جو پهريون حرف ساڳيو هجي ۽ اهڙا لفظ اڪثر هڪ ٻي جي پٺيان اچن ۽ هر هڪ لفظ پنهنجي اندر ڀرپور معنى رکندو هجي ته اهڙي ترتيب کي تجنيسِ حرفي چئبو آهي.
لطيف سائين جي ڪلام ۾ هيءَ صنعت ڪمال درجي تي پهتل آهي. هتي تجنيسِ حرفي وارن لفظن هيٺان ليڪ ڏئي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ اهڙن بيتن مان فقط تجنيسِ حرفي واريون سٽون ڏنيون آهن.
والي، واحد، وحده، رازق، رب، رحيم (ڪلياڻ)
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي (ڪلياڻ)
پاڻهي پَسي پاڻ کي، پاڻهين محبوب (ڪلياڻ)
عقابيل اکين ۾، تير تکا توکي (يمن ڪلياڻ)
اونداهي اڌ رات ۾، پرينءَ پَسايو پاڻ (کنڀات)


[b]تجنيس ناقص
[/b]شعر جي سٽن ۾ جڏهن اهڙا لفظ اچن جن جي شڪل صورت هڪ جهڙي هجي ۽ ساڳين ۽ هڪ جيترن حرفن تي ٻڌل هجن پر اعرابن جي حوالي سان انهن جا اچار الڳ نڪرندا هجن ته اهڙي ترتيب کي تجنيسِ ناقص سڏبو آهي.
شاھ سائين جي رسالي مان مثال جو بيت :
وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو
بيت جي هن سٽ ۾ هڪ لفظ جيڪو و ۽ ر تي ٻڌل آهي ٽي ڀيرا آيو آهي پر اعرابن ڏيڻ بعد انهن جي معنى ۾ فرق اچي ٿو وڃي. پهريون آهي ’وَرَ‘ جنهن جي معنى مڙس آهي. ٻيو آهي’وَرُ‘ يعني ڏِنگُ ۽ ٽيون به ’وَرُ‘ آهي جنهن جو مطلب آهي ڦيرو، چڪر يا وڪڙ. سسئي پئي چيو ته منهنجي مڙس ۾ ڪو ڏنگ ڪونه هو پر اصل چڪر ڏيرن هلايو جو پنهل مونکان جدا ڪري ويا.

[b]تجنيس تام
[/b]تام جي معنى ڪامل يا پورو آهي. شعر ۾ جڏهن ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ اهڙا ڪم اچن جيڪي لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ هڪ جهڙا هجن مگر معنى ۾ مختلف هجن ته ان کي تجنيس تام چئبو آهي. شاھ سائينءَ جي رسالي ۾ ان جا ڪيترا ئي مثال ملن ٿا. جيئن :
جا هڙ اندر جيءَ، سا هڙ ڏني ساھ کي
سا هڙ ڇڙي نه ساھ جي، سا هڙ ساهڙ ري
ساهڙ ميڙ سميع، ته سا هڙ ڇڙي ساھ جي
هن بيت ۾ لفظ ’ساهڙ‘ ڇهه دفعا ڪم آندل آهي. ظاهر ۾ لفظ جي معنى هڪ ته سهڻيءَ وارو ساهڙ يا ميهار آهي ۽ ٻي معنى پريت واري ڳنڍ آهي.

[b]تجنيس زائد
[/b]جڏهن شعر ۾ ٻه لفظ هڪ جنس جا حرفن ۽ حرڪتن ۾ هڪ جهڙا هجن، مگر هڪڙي ۾ ٻي کان هڪ حرف زياده هجي. پوءِ اهو منڍ ۾ وچ ۾ يا پڇاڙي ۾ ئي ڇونه هجن. اهڙي ترتيب کي تجنيس زائد چئبو آهي.
لطيف سرڪار جي ڪلام ۾ تجنيس زائد جا مثال ملن ٿا.
گھوريندي گھور پئا، اَگھور گھوريائون
مڪر ماريائون، مارن مهه سنرا
مٿين بيت ۾ گھور ۽ اَگھور ۾ اکر ”الف“ زياده آهي.

[b]صنعت تضاد
[/b]تضاد جي معنى مخالف يا برخلاف آهي. جڏهن شعر جي سٽن ۾ هڪ ٻي جي برخلاف يا مخالف معنى يا ضد وارا الفاظ ڪم آڻجن ته اهڙي صنعت کي صنعت تضاد چئبو آهي.
لطيف سائين جي ڪلام مان صنعت تضاد جا مثال ڏسو، جن ۾ هڪ ئي سٽ ۾ تضاد وارا ٻئي لفظ اچن ٿا.
هونديان هوت پري، اوڏو آهي اڻ هوند کي
مٿين سٽ ۾ هوند ۽ اڻ هوند هڪ ٻئي جا ضد آهن.
وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪـُل
هتي وحدت ۽ ڪثرت متضاد آهن.
نه ڪا ابتدا عبد جي، نه ڪا انتها
هن سٽ ۾ ابتدا ۽ انتها هڪ ٻئي جا ضد آهن.
هيٺ اهڙو بيت ڏجي ٿو جنهن جي ٻن سٽن ۾ متضاد لفظ اچن ٿا.
پرينءَ سندي پار جي، مڙئي مٺائي
ڪانهي ڪڙائي، چکي جي چيت ڪري
هتي پهرين سٽ ۾ مٺائي ۽ ٻي سٽ ۾ ڪڙائي متضاد لفظ آهن.

[b]صنعت ابهام
[/b]ابهام جي معنى آهي وهم ۾ وجھڻ يا منجھائڻ. جڏهن شعر ۾ ڪي لفظ يا عبارتون اهڙيون ڪم آڻجن جن جون ٻه معنائون هجن، هڪڙي ويجھي ۽ ٻي پري. ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جو ڌيان نزديڪ معنى تي وڃي پوي پر شاعر جو مقصد پري معنى وارو هجي.
شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪيئي مثال ملن ٿا. جيئن:
محبت جن جي من ۾، تن تشنگي تار
پي پيالو اُڃَ جو، اڃ سين اڃ اٿيار
پنهون پاڻ پيار، ته اڃ سين اڃ اجھائيان
مٿين بيت ۾ اڃ لفظ جو تڪرار آهي. جنهن جي ظاهري معنى ۾ ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جو ڌيان تاس يا پياس ڏانهن ڇڪجي ويندو، جيڪا نزديڪ معنى آهي پر شاعر جو مقصد عشق واري اڃ ۽ ميلاپ واري ڪيفيت آهي.

[b]صنعت ڪنايه
[/b]ڪنايه جو مطلب رمز يا اشارو آهي. جڏهن شاعر ڪن لفظن يا عبارتن ۾ اهڙي رمز يا اشارو رکي جنهن جي جيڪڏهن اصلي معنى نه به وٺجي ته به درست هجي ته اهڙي صنعت کي صنعت ڪنايه چئبو آهي. هن صنعت ۾ وڏي فنڪاري درڪار هوندي آهي. ڀٽ ڌڻي مذڪوره صنعت سان به خوب نڀايو آهي. مثال طور هيٺيون بيت ڏسجي :
اسان تِتان آهيون، جتي کهنبو ناھ
جي وڃون منجهه وهانءِ، ته پڻ مٿئون لوئيون
هي سُر مارئي جو بيت آهي جنهن ۾ بظاهر ته مارئي پنهنجي ديس جي ويس جو ذڪر ٿي ڪري ۽ عمر کي ٻڌائي ٿي ته اسان جي لوءِ ۾ کهنبا ڪپڙا ڪونه هوندا آهن. وهانءَ تي وڃڻ وقت به مٿي تي لوئيون ڍڪيون وينديون آهن. پر ڪنايه طور مراد هيءَ اٿس ته اي عمر! مونکي هتي تنهنجا کهنبا ۽ قيمتي ڪپڙا ڍڪڻا ئي نه آهن.

[b]صنعت تجاهل عارفانه
[/b]صنعت تجاهل عارفانه نهايت دلچسپ صنعت آهي. هن صنعت مطابق شاعر هر ڪا حقيقت ڄاڻڻ باوجود بظاهر پاڻ کي بي خبر رکندو آهي ۽ هو خوبصورت ۽ معنى دار لفظن سان شعر کي سينگاري پيش ڪندو آهي.
لطيف سائين پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ هن صنعت کي نهايت سهڻي نموني استعمال ڪيو آهي. مثال ۾ هي شعر ڏسو :
سِرُ ڍونڍيان ڌَڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سِرُ ناھ
هٿ ڪرايون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهه
وحدت جي وهانءِ، جي ويا سي وڍيا
هتي شاھ صاحب کي جيتوڻيڪ پنهنجي سِر، ڌڙ، هٿ، ڪاراين ۽ آڱرين جي هئڻ جي بخوبي خبر آهي مگر محويت ۽ استغراق سبب پاڻ کي بي خبر ڄاڻائي ٿو ۽ چوي ٿو ته مونکي ته خبر ئي نه آهي ته منهنجا اهي عضوا ڪٿي آهن.

[b]صنعت مراعات النظير
[/b]جڏهن ڪنهن شعر ۾ هڪ ئي هنڌ اهڙا الفاظ استعمال ڪيا وڃن جن جي هڪ ٻي سان پاڻ ۾ مناسبت هجي ۽ اهي پنهنجي اندر ڀرپور معنى رکندا هجن ته اهڙي صنعت کي مراعات النظير چئبو آهي. ڀٽائي جي رسالي مان مراعات النظير جو مثال پيش ڪجي ٿو.
ڪاتي جا قريب جي، سا هڏ چيري چم
عاشق پنهنجو لحم، لله ڪارڻ وڍئو
هتي ڪاتيءَ جي ذڪر سان هڏ، چم ۽ لحم (گوشت) جا لفظ پاڻ ۾ مناسبت رکن ٿا.

[b]صنعت مجاز مرسل
[/b]جڏهن شعر ۾ ڪنهن شي جي عام نالي وٺڻ بدران ان ڌاتوءَ يا شيءِ جو نالو ورتو وڃي جنهن مان اها جڙيل آهي ته اهڙي صنعت کي مجاز مرسل چئبو آهي.
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ مجاز مرسل جا انيڪ مثال ملن ٿا.
اي ڪرم جو ڪاڍو، نا ته پٿر ڪير پنڌ ڪري

هتي ’جبل‘ جي بدران پٿر جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
ٻيو مثال ڏسو :
مارين ٿو مونکي ! چاڙهي لوھ لطيف چئي
هتي لوھ مان مراد تير آهي. يعني تير جي بدران لوھ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. تير اصل ۾ ته لوھ مان ئي ٺهيل هوندو آهي.
اُڀيون اوري پار ڏي، ڪوڙيون ڪک پڇن
هتي ’ترهي‘ بدران ڪک لفظ استعمال ڪيل آهي. سهڻي ٿي چوي ته سکڻي سڌ رکڻ واريون درياءَ جي اوري ڀر بيهي ترهي جو انتظار ڪنديون رهن ٿيون.

[b]صنعت تضمين
[/b]جڏهن ڪو شاعر پنهنجي شعر کي سينگارڻ ۽ وڌيڪ وزندار بڻائڻ خاطر ڪنهن ٻي وڏي شاعر جي شعر مان سٽ وٺي ته اهڙي صنعت کي تضمين چئبو.
شاھ صاحب جي شاعريءَ ۾ صنعت تضمين جا مثال به ملن ٿا. جيئن :
سهڻي گھڙي سِير ۾، ٻهون نهاري ٻنگ
سِر در قدم يار، فدا شد چه بجا شد، وصل اهو ئي ونگ
‎رات جنين جو رنگ، الا! سي اڪاريين
هتي ڀٽائي صاحب فارسي جي شعر مان سٽ ورتي آهي.

[b]صنعت حسن ِ تعليل
[/b]هيءَ معنوي ۽ مخفي حقيقت ڏانهن اشارو ڪندڙ صنعت آهي. جنهن ۾ شاعر ڪنهن مشهور ۽ معلوم سبب کي ڄاڻي واڻي ڇڏي، پنهنجو خيالي سبب ڏيندو آهي، جيڪو معنى مان ظاهر ٿيندو آهي. جڏهن ته ظاهري لفظن مان ڪو پتو ڪونه پوندو آهي. شاھ جي ڪلام مان صنعت حسن ِتعليل جو هڪ خوبصورت مثال پيش آهي :

ادا ڙي ٻانڊي، توکي ڪڙهان ڪه پاڻ کي
‎سوڌي خبر سڄڻين، تو ڪا تڙ آندي؟
تون پاتارئان پانڌي،اسان پنڌ پرينءَ ڏي
مٿين بيت جو تعلق سهڻيءَ سان آهي، جيڪا درياءَ جي وهڪري ۾ وهي ايندڙ بنڊ سان مخاطب آهي ۽ کيس پاڻ وانگر ميهار جو پانڌيئڙو ٿي سمجھي، پر کيس ڪناري تي نه ٿي ڪڍي. هوءَ کانئس پڇي ٿي ته منهنجي ساهڙ جو ڪو سنيهڙو ته ڪونه آندو اٿئي؟ جي نه ته پوءِ منهنجو پنڌ پري آهي مان اڳتي وڃان ٿي. بُنڊ کي نه ڪڍڻ، ان کي ڏوراپو ڏيڻ بلڪه ان تي الزام رکڻ جو ڪهڙو نه مناسب سبب بيان ڪيو اٿس.

[b]صنعت تلميح
[/b]هن صنعت ۾ شاعر پنهنجي شعر ۾ قرآن حڪيم جي ڪا آيت، نبي ڪريمﷺ جي ڪنهن حديث يا ڪنهن قصي ڏانهن اشارو ڪندو آهي.
لاکيڻي لطيف جو رسالو هن صنعت سان ڀريو پيو آهي. مثال طور ٻه بيت پيش ڪجن ٿا :
سو ئي راھ رد ڪري، سو ئي رهنما
وتعز من تشاءُ، وتذل من تشاءُ
هتي ٻي سٽ ۾ قرآن ڪريم جي آيت مبارڪ ڏني وئي آهي.
ٻيو مثال :
نه ڪهه ڄايو ڄام کي، نه ڪو ڄام وياءُ
ننڍي وڏي گندري، سڀن آھ سياءُ
لم يلد ولم يولد، ايءُ نجابت نياءُ
ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچي ڄام جو
مٿين بيت جي ٽين سٽ ۾ قرآن ڪريم جي آيت ‘لم يلد ولم يولد‘ آيل آهي.

[b]صنعت سوال و جواب
[/b]هن صنعت ۾ شاعر هڪڙي شعر ۾ سوال پڇندو آهي ۽ ٻي شعر ۾ وري پاڻ ئي ان جو جواب ڏيندو آهي. لطيف سائين جي رسالي ۾ اهڙا بيت پڻ ملن ٿا. سُر سهڻيءَ مان هي مثال ڏسو :
سوال وارو بيت :
متان گھڙين سهڻي ! اڄ درياھ ۾ دم
ڪاري رات ڪـُنن ۾، ڪهڙو اٿئي ڪم؟
متان جاڳي ڏم، پڇي پاڙي واريين
جواب وارو بيت :
پڇي پاڙي واريون، ڪوھ ڪريندو ڏمُ
ڪاري رات ڪنن ۾، آھ ڪاڻيارين ڪمُ
هي هڏو ۽ چم، گھورئو محب ميهار تان

[b]صنعت مبالغو
[/b]جڏهن شاعر پنهنجي تعريف يا ذڪر ڪندي تمام گھڻو مبالغو ڪري جيڪو حد کان وڌيڪ، نا ممڪن يا عقل ۽ عادت جي برخلاف هجي اهڙي صنعت کي صنعت مبالغو چئبو آهي. هونءَ ته شاعريءَ ۾ هڪ حد تائين مبالغو مباح سمجھيو ويندو آهي جنهن سان شعر جي سونهن ۽ ڪشش ۾ اضافو ايندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن شاعر هن صنعت جي استعمال ڪندي گھڻي وڌاءَ کان ڪم وٺندو آهي.
لطيف سرڪار پڻ هن صنعت جو استعمال ڪيو آهي جنهن جا مثال پيش ڪري سگھجن ٿا. جيئن :
چار تراريون چيلهه سين، ٻڌي ٻه پاڳون
اڳين جون آڳيون، ڪونر ڪِلي ۾ موکيون
هتي چيلهه سان چار تراريون ۽ مٿي تي ٻه پڳون ٻڌڻ صنعت مبالغو آهي.

[b]صنعت تفسير
[/b]جڏهن ڪو شاعر پنهنجي شعر ۾ ڪي اهڙا مبهم لفظ آڻي جن جو تفسير يا بيان ڪرڻ ضروري ٿي پوي ۽ شاعر انهن لفظن جو تفسير انهن سٽن ۾ پاڻ ئي ڪري وڃي ته اهڙي صنعت کي صنعت تفسير چئبو آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ مان هن صنعت جو مثال پيش ڪجي ٿو :
هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪهه پرياڻ
ونحن اقرب من حبل الوريد، تنهنجو توهين ساڻ
پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي
هن بيت ۾ ’هوت تنهنجي هنج ۾‘ جو تفسير ٻي سٽ ۾ ’ونحن اقرب من حبل الوريد‘ (الله تعالى اسان کي ساھ رڳ کان به ويجھو آهي) جي لفظن ۾ ڏنل آهي. ۽ ’تنهنجو توهين ساڻ‘ سان مفهوم کي وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي. ڀٽائي بيت جي ٽين سٽ ۾ سڄي مطلب کي چٽو ڪري پيش ڪيو آهي.

[b]صنعت ممتنع
[/b]اهو شعر جو بظاهر پڙهڻ ۾ آسان هجي پر ان جي معنى پراهين ۽ مشڪل هجي. هيءَ صنعت ڏسڻ ۾ ته سولي لڳندي آهي پر لکڻ ۾ ڏاڍي ڏکي ٿيندي آهي ڇالاءِ ته هن جي معنى ۽ مطلب ڳجھو رکڻو پوي ٿو.
لطيف سائين جي شاعريءَ مان صنعت ممتنع جو مثال پيش ڪجي ٿو:
احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق
آهي مستغرق، عالم انهيءَ ڳالهه ۾
مٿيون بيت جيتوڻيڪ بظاهر پڙهڻ ۾ آسان آهي جنهن احد ۽ احمد جي وچ ۾ فقط ميم جو فرق ڏيکاريو ويو آهي پر انهيءَ فرق کي معلوم ڪرڻ لاءِ سڄو عالم گھري سوچ ۾ گم آهي. هتي اهڙي ريت ان کي ڳجهو رکي ڀٽائي صنعت ممتنع سان نهايت خوب نڀاءُ ڪيو آهي.

[b]صنعت مڪّرر
[/b]جڏهن شعر ۾ ساڳيو لفظ ٻه يا وڌيڪ ڀيرا اچي ۽ هر ڀيري پنهنجي پنهنجي معنى ڏيکاري ته اهڙي صنعت کي صنعت مڪــّرر چئبو آهي. هن صنعت جا شاھ صاحب جي رسالي مان مثال هن ريت آهن.

’مون‘ مهين ۾ سپجي، مون کي ’مون‘ جڳاءِ
مهين جي سا ڃاءِ، مهين منجھان مون ٿئي
مٿين بيت ۾ پهرين ’مون‘ جو اشارو ربّ پاڪ جي ذات ڏانهن آهي جيڪو انسان جي ساھ رڳ کان به ويجھو آهي. ٻي ’مون‘ جو مطلب خدا تعالى جي ڪبريائي ڏانهن آهي. ان ذاتِ واحد جي وڏائي جي اڳيان بندي جي مان ڪائي حيثيت نه ٿي رکي. تنهن ڪري ان ئي هستي کي مون جڳائي ٿي.

[b]صنعت سياقت الاعداد
[/b]شعر ۾ جڏهن ڪي عدد ترتيبوار توڙي بي ترتيب ڪم آڻجن يا ڪي صفتون يا ڳالهيون شمار ڪرڻ ۾ اچن ته اهڙي صنعت کي سياقت الاعداد چئبو آهي.
شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ هن صنعت جا به ڪجھ مثال ملن ٿا. جيئن :
اٺ ويري، اوٺار ويري، ٽيان ويري ٿيڙم ڏير
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لٽيا پنهونءَ پير
پنجون ويري سج ٿيو، جنهن الهي ڪئي اَوير
ڇهون ويري ڇپر ٿيو، جنهن سنوان ڪيا نه سير
ستون ويري چنڊ ٿيو، جو کڙيو نه وڏي وير
واهيري جي وير، ڇلون ڪريان ڇپرين

[b]صنعت ارسال المثل
[/b]صنعت ارسال المثل اهڙي صنعت کي سڏبو آهي جنهن ۾ شعر جي سٽن ۾ ڪو پهاڪو يا مثال ڪم آندو وڃي. جڏهن هڪ ئي بيت ۾ ٻه پهاڪا يا مثال ڏنا وڃن ته ان کي ارسال المثلين چئبو آهي.
ڀٽائي گھوٽ جي ڪلام ۾ اهڙا ڪجهه بيت ملن ٿا جن ۾ پهاڪا يا مثال ڪم آندل آهن. جئين :
ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ري
جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري
مٿين بيت جي پهرين سٽ ’ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ري‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ ضرب المثل طور استعمال ٿيندو آهي.

[b]صنعت ترجمه
[/b]جڏهن شعر ۾ ڪنهن هڪڙي ٻوليءَ جو بيت / شعر يا مصرع ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ آڻجي ته اهڙي صنعت کي صنعت ترجمو چئبو آهي.
لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ اهڙا انيڪ مثال موجود آهن. جيئن مولانا رومي جي مثنوي جي پهرين ئي بيت جو ترجمو ڀٽ ڌڻي هن ريت ڪيو آهي:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري
هن پَنَ پنهنجا ساريا، هي هنجون هڏن لئه هاري
مولانا رومي جي فارسي زبان ۾ لکيل مثنوي جون سٽون آهن:
بشنو از بے چوں حکايت می کند
واۓ از جدائی ها شکايت می کند

[b]مددي ڪتاب
[/b]o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
o شاھ جو رسالو غلام محمد شهواڻي
o علم بديع (ڇاپو ٽيون) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
o بحرالفصاحت مولوي محمد نجم الحسن
o سنڌي ويا ڪرڻ (ڀاڱو چوٿون) مرزا قليچ بيگ
o املهه ماڻڪ (ڀاڱو پهريون) مرزا قليچ بيگ
o پيهي منجهه پاتال ڊاڪٽر بشير احمد شاد
o سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر
o عرفان ِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد