جدوجهد جو پيغام
هتي آنءُ لطيف سرڪار جي رسالي جي سُرن مان مٺ مان خرار پرکڻ جي مصداق ڪجهه بيت پيش ڪيان ٿو جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ جدوجهد جو پيغام سمايل آهي.
[b]سُر ڪلياڻ
[/b]رسالي جي ترتيب جي لحاظ کان سڀ کان اول سُر ڪلياڻ رکيو ويو آهي. جيڪو واحد جي واکاڻ سان شروع ٿئي ٿو. منجھس نبي ڪريمﷺ جي رسالت ۽ احڪامِ دين جو ذڪر ڪيل آهي. ان کان سواءِ انسان کي ان مان جدوجهد جو سبق پڻ ملي ٿو.
زندگيءَ جو صحيح مفهوم عمل سان ئي تعبير ڏنو وڃي ٿو. شاھ صاحب فرمائي ٿو ته اي انسان! جڏهن تون الله جل شانهه جي هيڪڙائيءَ ۾ ايمان رکين ٿو ته پوءِ عملي طور ان تي ڪاربند رھ ۽ خداوندِ تعالى جي حڪمن تي عمل پيرا رهندي عباداتِ الاهي يعني فرض، واجب ۽ سنتون سر انجام ڏيندو رھ. ربّ العالمين جي حضور هر وقت توبهه تائب ٿيءُ. اي غافل! پنهنجي سڀ کان وڏي دشمن، نفس جون واڳون پنهنجي قبضي ۾ ڪري کيس صحيح ڏس تي گامزن ڪر. يعني تن کي تسيو ڏيئي، من جي سڌن کي مارڻ لاءِ جدوجهد ڪر. جيڪڏهن تون ان جدوجهد ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته پوءِ توکي دوزخ جي عذاب جو ڪوبه خطرو نه رهندو. ٻين لفظن ۾ ته ان وقت تنهنجو شمار الله وارن سچن عاشقن ۾ ٿيندو.
وحده لاشريڪ لهه، چئي چوندو آءُ
فرض، واجب، سنتون، تينئون ترڪ مَ پاءِ
توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ ساڻ پڄاءِ
نگا پنهنجي نفس کي، ڪا نئين راھ سونهاءِ
ته سندي دوزخ باھ، تو اوڏيائي نه اچي
مسلسل جدوجهد سان ئي انسان پنهنجي منزل جي مومل ماڻي ٿو. مقصد جي حصول ۾ طرحين طرحين تڪليفون درپيش اچن ٿيون. ليڪن سچا سالڪ سوريءَ کي به سيج مثل ڀائيندا آهن. اهي عشق جي راھ ۾ ڪڏهن به پير پٺتي ڪونه ڪندا آهن. انهن جي نگاھ ته هميشه منزل ۽ مقصد تي هوندي آهي. اهي پنهنجي ماڳ رسڻ لاءِ سدائين اڳتي وکَ وڌائيندا رهندا آهن. هاڻي جڏهن ڪنهن دنياوي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي ماڻهوءَ کي وڏا وَسَ ڪرڻا پون ٿا ته پوءِ خالقِ ڪائنات جي قرب حاصل ڪرڻ خاطر کيس ڪيڏي نه جدوجهد ڪرڻي پوندي! سوريءَ کي سيج سمجھڻ سولو نه آهي.
سوري چڙهڻ، سيج پسڻ، اي ڪم عاشقن
پاهون ڪين پسن، سائو هلن سامهان
[b]سُر يمن ڪلياڻ
[/b]سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ سائين سچي طالب کي پتنگ ڪري پيش ڪيو آهي. فرمائي ٿو ته سچو سالڪ سڏائڻ سولو نه آهي، ان لاءِ ته سِر جو سانگو لاهڻو ٿو پوي، پتنگ جيان پاڻ کي پچائڻو ٿو پوي، مصيبتن جي مَچَ ۾ پاڻ کي اڇلائڻو ٿو پوي، آزمائش جي انهيءَ آڙاھ مان رچي ريٽو ٿيڻو ٿو پوي. آخر عاشق پنهنجي مسلسل جدوجهد سان انهن سمورين تڪليفن تي غالب پئجي ٿو وڃي تڏهن مسَ وڃي ظلمات جي رات جو خاتمو ٿئي ٿو، پرھ ڦٽي ٿي ۽ سکن جو سج اڀرڻ جا آثار نمايان نظر اچن ٿا پر سمورو وقت عاشق اهي ڪڙا مِٺا سورَ اندر جو اندر ۾ سهندو رهي ٿو، ٻاهر ٻاڦ نه ٿو ڪڍي. لاکيڻو لطيف اهڙي عاشق کي اها ئي هدايت ڪري ٿو.
پتنگ چايين پاڻ کي، ته ڄيري پوءُ ڄاڻي
تان تان تاڻج تَوَ ڏي، جان آڳ نه اجھاڻي
وسهه وهاڻي، آڳ نه ڏجي عام کي
ساڳي سُر ۾ شاھ سائين اهل الله جو مثال اهڙي محنت ڪش لوهار سان ڏئي ٿو، جيڪو جلائيندڙ باھ جي ڀرسان ويهي ڌنوڻ کي ڌنئين باھ جي اُلَن کي اڀاري لوھ ڪـُٽي رزقِ حلال حاصل ڪري ٿو، پر جيڪڏهن هو نه ڌنوڻ کي ڌنوندو، نه باھ جي ويجھو ويهي ان جي تابش ۽ تاءَ جي اذيت برداشت ڪندو ته پوءِ ان کي محنت ڪش ماهر هرگز نه سڏيو ويندو. اهڙو انسان ’الڪاسب حبيب الله‘ جي زمري ۾ اچي ڪونه سگھندو، نه ئي اهڙي هام هڻي سگھندو.
اهڙيءَ ريت جيڪو الله پاڪ جي عشق جي راھ ۾ درپيش صبر آزما تڪليفن برداشت ڪرڻ جي قوت نه ٿو رکي ۽ نفس پليد کي ماري مات ڪرڻ لاءِ ڪائي جدوجهد نه ٿو ڪري، سو ڪامل مرشد يا اهل الله سڏائڻ جي دعوى نه ٿو ڪري سگھي.
ڌوڌا تون نه ڌنئين، آڳ اوڏو نه وڃين
اُلا جي عشق جا، سي تان تون نه سهين
اُڀو ائين چئين، ته آنءُ آڳڙيو آهيان
زندگي جي تعبير محنت ۽ لڳاتار جدوجهد ۾ سمايل آهي. زندگيءَ جو مقصد متعين ڪرڻ وارا عظيم انسان جهد و عمل جا قائل هوندا آهن. دنيا جا درد ۽ دک، سور ۽ سختيون اهڙن انسانن جي راھ ۾ رڪاوٽ ڪونه بڻبا آهن. سچي سائينءَ جي سِڪَ رکڻ وارا سالڪ، سورن جي سبق پڙهڻ جا عادي هوندا آهن. اهي سدائين سوچيندا ۽ لوچيندا رهندا آهن. اهڙن انسانن جي ماٺ ۾ به مام ڀريل هوندي آهي. اهي هميشه اها راھ اختيار ڪندا آهن، جنهن سان پرينءَ کي پسي سگھن. ٿورن لفظن ۾ ته اهي سالڪ سدائين الله پاڪ جي ذڪر ۽ فڪر ۾ مست و مگن رهندا آهن.
جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن
فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن
پنو سو پڙهن، جنهه ۾ پسن پرينءَ کي
سچي سڪ رکڻ وارن الله جي عاشقن کي سدائين ’تون هي تون‘ جي وائي وات هوندي آهي، تنهن ڪري مالڪُ مٿن مهربان هوندو آهي ۽ سدائين سندن سار لهندو آهي. اهڙن پنهنجن پيارن ٻانهن جي مٿان هو سدائين مهرباني جي ڇانو ڪندو آهي. اهو ئي فائق جو فرمان آهي. ’فاذڪروني اذڪر ڪم‘ يعني ’اي بندا! تون مونکي ياد ڪر ته مان توکي ياد ڪريان.‘ اهڙن سچن سالڪن جي ساعت به سڄڻ جي سار کان وانجھي نه هوندي آهي. جنهن مان الله وارن جي مسلسل جهد ۽ سراپا عمل هجڻ جو دليل ملي ٿو. انهن وڏا ڪشالا ڪڍي ۽ لڳاتار محنت ڪرڻ بعد ئي پنهنجي ربّ کي راضي ڪيو آهي.
عاشقن الله جي، سدا وائي وات
’فاذڪروني اذڪر ڪم‘، تن ۾ اها تات
ان کان ڪانه ساعت، سڄڻ ويل نه وسري
[b]سُر سريراڳ
[/b]سُر سريراڳ ۾ لطيف وڻجاري جي ويس ۾ محنت، مشقت ۽ سچائيءَ جو سبق ڏنو آهي. هو وڻجاري کي تلقين ٿو ڪري ته اهڙو سچ جو سودو خريد ڪر، جيڪو پئي پراڻو نه ٿئي ۽ ڏوراهين ڏيهه ۾ وڪڻڻ وقت جنهن مان چڱو چوکو فاعدو حاصل ڪري سگھين.
درحقيقت ڀٽ ڌڻي ڀلارو انسان کي سچ جي ساڃاھ ڏئي ٿو. سچائي تي ثابت قدم رهڻ نهايت جرئت ۽ حوصلي جو ڪم آهي جنهن لاءِ وري جدوجهد جي ضرورت آهي. سچائيءَ جو وهنوار ڪندڙ ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ٿئي ٿو. سندس لاءِ اهو عمل نجات جو باعث بڻجي ٿو.
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ
سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهه جي اُبهين
ساڳي سُر ۾ شاھ سائين ڪاهل وڻجاري کي خبردار ٿو ڪري ته جيڪڏهن هينئر کان سفر جا سانباها ڪونه ڪيئه ته اها غفلت توکي نهوڙي نيندي ۽ پاتال ۾ پهچائي ڇڏيندي. تنهن ڪري هاڻي کان ئي پنهنجي دنگيءَ ۾ وکر جا داڻا وجھي، سفر جا سانباها شروع ڪر.
دراصل شاھ سائين غافل انسان کي سجاڳيءَ جو سبق ڏئي ٿو ۽ کيس عاقبت جي انديشن کان آگاھ ڪري ٿو. فرمائي ٿو ته جدوجهد وسيلي نيڪين ۽ چڱائين جو ثمر جوڙي ڇڏ. ڪاهل بڻجي نه ويهه. خبر ناهي ته ڪڏهن اوچتو موت مٿان اچي ڪڙڪي ته پوءِ جيڪڏهن تون حياتيءَ ۾ غفلت ۾ غرق رهين ته اها توکي تحت السرى جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندي.
دنگيءَ ۾ داڻا، وٺي وجهه وکر جا
وِيرَ چڙهندئي ويسرا، ويهه مَ ويڳاڻا
هي ننڊ نه ڄاڻان، ڪڏھ هڻندءِ تار ۾
[b]سُر سهڻي
[/b]سُر سهڻي ۾ لطيف سائين بظاهر سهڻيءَ جي جدوجهد جو نقشو چٽيو آهي. فرمائي ٿو ته سکڻيون سڌون ڪرڻ واريون ته ڪيتريون ئي آهن، جيڪي ڪناري تي بيهي ساهڙ کي سارين ٿيون، پر انهن کي پنهنجو ساھ ڏاڍو پيارو آهي، پر جيڪي سِر جو سانگو لاهي، ميهار جي محبّت ۾ دهشت ڀري درياءَ اندر خوشيءَ سان گھڙو کڻي گھڙي پون ٿيون انهن جي ئي من جي مراد پڄي ٿي ۽ ساهڙ سندن ساھ جو سهارو بڻجي ٿو.
اصل ۾ لاکيڻو لطيف سچي سالڪ جي سِڪ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ڪوڙن ڪانئيرن جي نشاندهي فرمائي ٿو، جيڪي فقط سڌون ڪرڻ سان يا زباني خواهش ڏيکارڻ سان ربّ جي رضامندي جا خواهشمند هوندا آهن. پر جيڪي الله جي راھ ۾ سِر جو سانگو ڪونه ٿا ڪن ۽ خوشيءَ سان پنهنجو جسو، مال مباح ڪرڻ لاءِ تيار رهن ٿا. پنهنجي جهد ۽ عمل سان ربّ کي راضي ڪرڻ لاءِ حيلا هلائين ٿا ته قادر ڪريم به پنهنجي ڪرم جي نظر، انهن جي ئي مٿان وجھي ٿو. حاصل مطلب ته عمل ذريعي ئي انسان پنهنجي عاقبت جو سامان جوڙي سگھي ٿو ۽ ٻنهي جهانن ۾ سرخرو ٿئي ٿو.
ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن
ڪني سانگو ساھ جو، ڪي گھوريس ڪيو گِھڙن
ساهڙ سندو تن، گھاگھائي گھڙن جي
سهڻي جي سيني ۾ ميهار جي محبّت آنڌ مانڌ لائي ڏني. هوءَ جانيءَ جي جدائيءَ ۾ پئي پچي پڄري، کامي ۽ لُڇي. هوءَ ڪو هٿ هٿ تي رکي بس ڪري ڪونه ويٺي آهي، بلڪه ميهار سان ملڻ لاءِ پئي لوچي ۽ سوچي. اندر ۾ جيڪا پرينءَ لاءِ پياس اٿس سا ته پوري ٿيڻ جي ئي نه آهي. ان اُڃ اُساٽ کي اُجھائڻ لاءِ هن جي آڏو سمنڊ به سرڪيءَ مثل آهي.
ساڳيءَ ريت الله وارن جي سموري حياتي سراپا جهد و عمل هوندي آهي. اهي ويسرا ٿي ويهي ڪونه رهندا آهن. بلڪه ربّ کي راضي ڪرڻ لاءِ سندن اندر ۾ هر وقت هورا کورا هوندي آهي. ان سچي سِڪ جي ڪا انتها ڪونه ٿيندي آهي. هنن جي جدوجهد جو مول مقصد سائينءَ آڏو سرخرو ٿيڻ کان علاوه ڪجهه ڪونه هوندو آهي.
کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان
تن ۾ تونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان
جي سمنڊ منهن ڪريان، توءِ سُرڪيائي نه ٿئي
[b]سُر سسئي آبري
[/b]سسئيءَ جا سمورا سُر جدوجهد، جاکوڙ ۽ ڏورڻ واري ڏسَ سان ڀرپور آهن. هڪ بيت ۾ لطيف سائين عقل جي انڌن جو مثال اهڙن ماڻهن سان ڏنو آهي، جيڪي درياھ ڪنڌيءَ رهندي به اڃارا هجن. اهي پنهنجي اُڃ اجھائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ڪونه ٿا ڪن. بلڪه مورڳو پاڻ کي مُٺو پيا ڀائين.
دراصل هن تمثيل جي اوٽ ۾ ڀٽائي صاحب اهڙن بدنصيب ۽ مورک انسانن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي زندگيءَ ۾ سوچڻ ۽ لوچڻ جا قائل ئي نه آهن. جن جي ربّ سان رغبت بنهه ڪونهي. جئن اهي انهيءَ حقيقت کان به بيخبر هجن ته ربّ پاڪ کين ساھ رڳَ کان به ويجھو آهي. ’ونحن اقرب مِن حبل الوريد.‘
اهڙن انسانن کي پنهنجي وجود جي اهميت جو به احساس ڪونهي. اهي بي عمل بيوقوف ماڻهو ڦريلن جيان رڳو پيا دانهون ڪندا آهن. جڏهن ته دنيا جو دستور آ ته جيڪو لوچيندو سو ئي لهندو.
پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، مورک اُڃ مرن
ساها اوڏو سپرين، لوچي تان نه لهن
دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن مُٺن جئن
سورن جي ستايل سسئيءَ کي سنڌ جو سرتاج شاعر سندس غفلت سببان سرزد ٿيل غلطيءَ جي تلافيءَ جو ڏسُ ڏيندي فرمائي ٿو ته ويسلي ٿي ويهي رهڻ سان پرين تائين پهچي ڪونه سگھندينءَ. ڀنڀور کي باھ ڏئي اهي پنڌ پيچرا اختيار ڪر، جن رَندن سان تنهنجي ڪيچ ڌڻيءَ کي نيو ويو آهي. انهن پيچرن تي پنهل کي وڏي واڪ پڪاريندي هل. ڏورڻ سان ئي هوت پنهونءَ جو ڏس ملي سگھندءِ.
ٻين لفظن ۾ جدوجهد کان سواءِ مقصد ۾ ڪاميابيءَ جي اميد رکڻ ناداني آهي. مقصد جيترو عظيم هوندو ته جاکوڙ به اوڏي پئماني تي ڪرڻي پوندي.
ويھ مَ مُنڌ ڀنڀور ۾، ڪر ڪو واڪو وسُ
ٻانهي ٻاروچن جي، گولي ڇڏ مَ گسُ
ڏورڻ منجھان ڏسُ، پوندئي هوت پنهونءَ جو
فقط زباني محبّت جي هام هڻڻ مان ڪي به ڪين ورندو. گھر ۾ ويهي گھور ٿيڻ سان پرين تائين پهچڻ مشڪل ۽ محال آهي. جيسين ڏونگر نه ڏوربا، ڪشالا نه ڪڍبا، پير نه پٿون ٿيندا تيسين جانب جو جلوو ۽ جمال ماڻي ڪونه سگھبو. ستلن کي ساجن ڪونه ملندو آهي.
ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جون سڌون ڪري
ويٺي گھرِ گھوري، مٿان پرينءَ جندڙو
ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت ملاحظه ٿئي :
ويٺي وَرِ نه پون، ستي ملن نه سپرين
جي رندن مٿي رون، ساجن ملي تن کي
[b]سُر ڪوهياري
[/b]غافل انسان کي سسئيءَ جي سانحي مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. ڀٽائي ڀلارو فرمائي ٿو ته جيڪي سسئيءَ وانگر نرم بسترن تي پير ڊگھا ڪري سويل ئي سمهي رهنديون انهن جو سپرين ائين ساٿ ڇڏي ويندو جئين پنهل ڄام سسئيءَ کي سيج ۾ سڃ ڳڻائي هليو ويو، پوءِ سسئيءَ جي سيني ۾ سورن جيڪي وڌي وڻ ڪيا تن کان ڪوئي بيخبر ڪونهي.
انسان جيڪڏهن غفلت ۾ غلطان رهندو ته کيس پڇتاءَ جون تريون مهٽڻيون پونديون. سياڻن جو سخن ڪيڏو نه سچو آهي ’جو سوئي گا وه کهوئي گا.‘ لطيف سائين فرمايو :
جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگھا ڪري
تڏهن تنين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو
ساڳي ڪيفيت جو اظهار ڪندي لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته اهو ڪميڻين جو ڪم آهي، جيڪي ننڊ جي غلبي سبب جھوٽا کائينديون رهن ۽ سويل ئي پير ڊگھا ڪري بي اونيون ٿي سمهي پون. اهڙيون نڀاڳيون پنهنجي پرينءَ جي پچار ڪهڙي منهن سان ڪنديون! جيڪي لوچينديون سي ئي لهنديون آهن. زندگي نالو ئي جهد و عمل جو آهي.
اي ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگھا ڪري
لوچين ڇونه لطيف چئي، هاري! لئه هوتن
ننڊا نڀاڳن کي، اوڀالا اچن
سي پنهون ڪوھ پڇن، جي سنجھي رهن سمهي
[b]سُر حسيني
[/b]لطيف سائين سسئيءَ کي پنهنجي ڪوتاهيءَ جو شدت سان احساس ڏياري ٿو ۽ کيس هدايت ٿو ڪري ته هينئر وقت جو ذرو به ضايع ڪرڻو نه آهي. عظم و همت سان هر قدم اڻ ڄا تل منزل ڏانهن وڌائيندي رھ. اها ئي وقت جي تقاضا آهي. هيءَ ويل ويهڻ جي نه آهي. متان تنهنجي مزيد ڪاهلي ڪو وڏو قهر ڪري وجھي ۽ تنهنجي محبوب جي واٽ ۾ ڪا رڪاوٽ بڻجي بيهي ۽ پوءِ پنهل جو پيرو ئي نه لهي سگھين.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اونداھ، پير نه لهين پرين جو
گويا هيءُ هڪ عالمگير پيغام آهي ته انسان کي سستي ۽ ڪاهلي ڇڏي هڪ عظم ۽ حوصلي سان مسلسل جدوجهد ذريعي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان رهڻ گھرجي. ورنه سستيءَ سبب جيڪڏهن وقت وهي ويو ته پوءِ وَيَل وِيل کي ورائڻ مشڪل آهي ۽ پوءِ منزل جي راھ ۾ رڪاوٽن سبب صحيح پيچري جو پتو پوڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو.
[b]سُر ليلا چنيسر
[/b]هن سُر ۾ شاھ سائين نفس سان جنگ جوٽي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو ڏسُ ڏنو آهي. انسان کي گھرجي ته ان ڪامل هستيءَ سان لونءَ لائي جيڪا ازل کان آهي ۽ ابد تائين قائم رهندي. اها فقط الله پاڪ جي هستي آهي. اهو هڪ اوکو امتحان آهي، جنهن مان فقط مرد ڪامل ئي وڏي جدوجهد کان پوءِ منزل کي رسندا آهن.
انسان ناقص آهي ۽ سندس سموريون ڪاوشون ۽ ڪوششون به نقصن سان ڀريل آهن. سوءِ انهن خدا جي برگزيده بندن جي، جن کي خداوندِ ڪريم غلطين کان آجو رکڻ چاهي. تنهن ڪري انسان کي پنهنجي ارڏاين جو احساس هئڻ گھرجي. پنهنجي ربّ کي ريجھائڻ لاءِ هر دم هيٺاهون ٿي هلڻ گھرجي. ربّ جي رحمت مان هرگز نا اميد ٿيڻو نه آهي بلڪه جدوجهد ذريعي ٻاجھاري ڌڻيءَ کي راضي رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻي آهي. ليلا کي به ڀلارو ڀٽ ڌڻي چنيسر جي چاهت ورائي حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو ئي ڏسُ ڏئي ٿو.
جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائيج
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجھيندڙ گھڻو
سچو طالب پنهنجي مطلوب ۽ محبوب جي مزاج ۽ ناز و ادا جي چڱيءَ ريت خبر رکندو آهي. ليلا کي به چنيسر جي مزاج جي خبر هئي ته هو ڪيترو نه حساس ۽ غيرتمند انسان آهي. تنهن ڪري هـُن پنهنجي جيڏين سرتين کي مخاطب ٿي چيو ٿي ته متان ڪا ڳهيلي منهنجي چنيسر سان ڏنگي هلي ۽ مغروريءَ جو مظاهرو ڪري. منهنجي محبوب کي ته هٺ ۽ وڏائي اصل ڪونه وڻن. هو بيحد حساس آهي، جي ٿورڙي ڳالهه تي ناراض ٿي پوي ته کيس پرچائڻ لاءِ وڏا هيلا هلائڻا پوندا آهن. ليلا جي زباني لطيف سائين فرمايو :
چنيسر سين چاءُ، متان ڪا منڌ ڪري
ڪانڌ ڪنهين جو نه وڻي، گيرب ۽ گاءُ
جي ٿڙي ٿورڙياءُ، ته دوس دسائي داسڙو
[b]سُر مومل راڻو
[/b]سُر مومل راڻو لاکيڻي لطيف جي انهن سُرن منجھان آهي جن ۾ جدوجهد جو ڀرپور پيغام ملي ٿو. شاھ سائين زندگي جي بي ثباتي جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته جنهن زمين جي مٿان اسين گھمي ڦري رهيا آهيون، تنهن جي پيٽ ۾ اسان جا ڪيترا ئي پرين پيارا آرامي آهن. ڪيئي جُنگ جوان انهيءَ ڌوڙ ۾ دفن ٿيا. اسان پنهنجي اکين سان بيٺي اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ دردناڪ منظر ڏٺا. دراصل حياتي ٻن ڏينهن جو چٽڪو آهي، تنهن ڪري اسان کي گھرجي ته انهيءَ مختصر وقت جي سرمائي کي خيال سان خرچ ڪريون. حياتيءَ جو مقصد متّعين ڪري محنت، مشقت ۽ جدوجهد سان پنهنجا ٻئي جهانَ سنواريون.
جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين
ڌِڱ لَٽيا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺا سون
ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي
[b]سُر ڪيڏارو
[/b]هن سُر ۾ ڀٽائي گھوٽ اهڙن اڏول ۽ اڙٻنگ انسانن جو ذڪر ڪيو آهي جن جو حق جي راھ ۾ هر قدم اڳي کان اڳرو هوندو آهي. اُهي جُنگ جوان ميدان رزم ۾ صف شڪن بڻجي اڳتي وڌندا آهن ۽ دشمن کي ماري مات ڪري موٽندا آهن. اهڙا دلير آدمي سينا سپر ٿي منهن ڀر ڌڪَ جھليندا آهن. اهڙن سرفروشن جي ونين کي به انهن بهادر وَرَن جي چيٺڻ ۾ خوشي ٿيندي آهي. پٺيءَ ڀر گھاوَ ته ڀاڄوڪڙ کائيندا آهن. مرڻ مارڻ جو خيال فقط مهمير ۽ مرد مٿير ئي ڪري سگھن ٿا. اهڙن جوڌن جانبازن جون ونيون پٺيءَ ڀر کاڌل ڌڪَ کي پنهنجي لاءِ شرمساريءَ جو باعث تصور ڪنديون آهن. اهڙي ئي هڪ ڪونڌر جي ڪنوار جا پنهنجي مرد مٿير لاءِ تاثرات ٻڌائيندي لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو:
ڀڳو آنءُ نه چئان، ماريو ته وسهان
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُنهان
ته پڻ لڄ مران، جي هـُوَنس پٺ ۾
مرد مجاهد کي همٿائيندي شاھ سائين کيس يقيني ڪاميابي جي بشارت ڏئي ٿو. کيس تلقين ٿو ڪري ته اي بهادر آدمي جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته ڪاميابي تنهنجا قدم چمي ته پوءِ دل جا وهم وساري، مڙس ٿي پنهنجي جهد وعمل سان دشمن جي مٿان وِڄُ وانگر ڪڙڪي پئه. تلوار دشمن جي تلوار سان ٽڪرائي پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکار ۽ دشمن جو ڌڙ سسئيءَ کان ڌار ڪري ڇڏ ته پوءِ ئي تنهنجو نالو سرفروشن ۾ شمار ٿيندو.
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
هڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين
[b]سُر آسا
[/b]سچي سِڪ جي تقاضا اها آهي ته طالب کي مطلوب جي ياد سدائين دل ۾ هجي. شاھ سائين اهڙي سچي سالڪ کي تلقين ڪندي فرمائي ٿو ته دنيا جي وهنوار سان به منهن ڏيندو رھ ۽ هٿ پير به هلائيندو رھ. اکين سان دنيا جي معاملات ۽ مسائل جو مشاهدو به ڪندو رھ. پر انهن سمورن عملن دوران تنهنجي دل محبوب جي ياد سان آباد هئڻ گھرجي. دلبر جو تنهنجي دل ۾ ديرو هجي. جنهن جو هردم ديدار ڪري سگھين. تنهنجي دل ۽ دماغ محبوب جي ياد کان آجا نه هجن.
ظاهر ٿيو ته نه فقط دنيا جي مسائل سان منهن ڏيڻ لاءِ جدوجهد ضروري آهي پر ربّ کي راضي رکڻ ۽ هر دم حاضر ناظر ڄاڻڻ جي تصور تحت پڻ دل جي گھرائي ۽ سچائيءَ سان عمل ڪرڻو آهي.
هٿن سين هاج ڪر، نيڻن سين نهار
اُڀا اڱڻا يار، پس پنهنجا سپرين
صوفياء ڪرام جي عقيدي مطابق حق کي حاصل ڪرڻ ۽ ربّ تائين رسڻ جون چار منزلون ٻڌايون ويون آهن. جيڪي آهن، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت. انهن مان هر هڪ منزل کي عبور ڪرڻ لاءِ انتهائي صبر آزما ۽ ڪَٺن امتحانن مان گذرڻو پوي ٿو. ڀٽ ڌڻي مذڪوره منزلن جي روشني ۾ سالڪ کي صحيح ڏس ڏيندي فرمائي ٿو ته سڀ کان اول منزل مقصود تي رسڻ لاءِ راه جو انتخاب ڪرڻو آهي. طريقت تي مدار رکي، شريعت جي حڪمن تي پوري ريت ڪاربند رهڻو آهي. پنهنجي دل کي هميشه حق ڏانهن مائل رکي، محبوبِ حقيقي جي محبّت کي پنهنجو منزلِ مقصود بڻائڻ بعد ئي سالڪ معرفت جو صاحب بڻجي سگھي ٿو. انهن مرحلن دوران انسان کي وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي. ڇالاءِ ته مقصد جا موتي پاتال ۾ پهچڻ سان ئي حاصل ٿي سگھندا آهن.
ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ
هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ
هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالهو رهين
[b]سُر رامڪلي
[/b]سُر رامڪلي ۾ شاھ سائين عارفن جي عمل جو ذڪر ڪيو آهي. لالچ ڏاڍي بري بلا آهي، جيڪا انسان جي شخصيت کي بري طرح متاثر ڪري کيس اصولن تان ئي لوڏي رکي ٿي. عارفن ۽ عشاقن هميشه ان بلا کان بچڻ جي تلقين فرمائي آهي. لاکيڻي لطيف ان ڏس ۾ سالڪ کي آگاھ ڪيو آهي، ته جيڪڏهن مالڪِ حقيقي جي محبت جي هام هڻين ٿو ته سڀ کان اول لوڀ ۽ لالچ کي لَتَ هڻي ڇڏ. حرص ۽ هوس کان ڀڄي پاسو ڪر. عاجزي ۽ انڪساري اختيار ڪر. ان حد تائين پاڻ کي ماري ميڻ ڪر جو الله پاڪ جي فرمانبردار ۽ نيڪ بندن جي غلامن جو به غلام ٿي گذار. صبر جي تلوار سان ڪيني ۽ ڪدورت کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏ. جڏهن تون پنهنجي جدوجهد جاري رکندي بغض، ڪيني ۽ لالچ جهڙين براين کي ملياميٽ ڪندين ته پوءِ تنهنجو نالو پرينءَ جي پيارن ۾ لکجڻ ۾ ايندو.
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام
گولا جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام
صبر جي شمشير سان، ڪر ڪيني کي قتلام
ته نانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾
[b]سُر پورب
[/b]الله سان عشق رکڻ وارن جو ته آرام ڦٽل هوندو آهي. هتي ڀٽائي اهڙي عاشق سان مخاطب آهي جيڪو فقط سڌون پيو ڪري ته الله جل شانهه جي نيڪ ۽ صالح ٻانِهَن ۾ سندس نالو شمار ٿئي ۽ هو انعام اڪرام جو مستحق بڻجي. پر انهيءَ لاءِ هو ڪو به ٺوس عملي قدم اختيار نٿو ڪري. منزل تي رسڻ کان اڳ ۾ ئي وچ واٽ تي ٿڪجي پيو آهي، تنهن جي باوجود هو پاڻ کي انعام جو حقدار پيو تصور ڪري. شاھ سائين کيس هدايت ڪندي فرمائي ٿو ته ڳهيلا! توکي ته هردم پنهنجي پرينءَ جي تانگهه ۽ تاڻ لڳل هئڻ گھرجي. تون فقط خالقِ اڪبر جي حڪمن تي ڪاربند رهي پنهنجي جدوجهد ذريعي ئي خدا جي پيارن ٻانهن جي صف ۾ شمار ٿي سگھين ٿو. مالڪِ حقيقي سان لنوُن لڳاءِ ته تنهنجي مَنَ جون مرادون پوريون ٿين.
سامي چايين سُک طلبين، سکين نه سامي
اڃان اورين پنڌ ۾، ويٺين وسامي
گر کي تون نه گڏيين، چايين اَنامي
دائم مدامي، پورو رهج پرينءَ کي
[b]سُر پرڀاتي
[/b]دنيا آخرت جي کيتي آهي. انسان هتي جيڪو پوکيندو، سو ئي لڻندو. جَوَ پوکي ڪڻڪ جي اميد رکڻ ناداني آهي. ربّ جي حضور اهو ئي بندو مقبول آهي جيڪو دل جي خلوص سان سندس حڪمن جي بجا آوري ڪري ٿو. مالڪ انهي جي مٿان ئي ڪرم جي نظر ڪري ٿو. ذات پات ۽ رنگ نسل جي بنياد تي ڪنهن به ماڻهوءَ کي فوقيت حاصل ٿي نه ٿي سگھي. سهڻا عمل ئي ڪردار جي ڪسوٽي آهن. ذات تي ڏات هر گز نه آهي جو وهندو سو ئي لهندو. سٺا عمل ئي انسان جي ڇوٽڪاري جو باعث بڻجن ٿا. مالڪ وڏو مهربان آهي. جيڪي ماڻهو سندس غلامي قبولي پنهنجي عبديت جو حق پوريءَ ريت ادا ڪن ٿا انهن جي مٿان ربّ پنهنجون رحمتون موڪلي ٿو ۽ کين پنهنجي پيارن ۾ شمار ٿو ڪري ڇڏي، پوءِ اهڙن اٻوجھن جا انگل ۽ آرا به مڃي ٿو ۽ سندن عرض به اَگھائي ٿو. ڀلا جيڪي راتيون جاڳي ربّ کي راضي ڪندا انهن جا اوجاڳا اجايا ڪيئن ويندا!
ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي
آريون اٻوجھن جون، سپڙ ڄام سهي
جو راءَ وٽ رهي، تنهه جُکي تان نه ٿئي
اهو ڪاهلن جو ڪم آهي جو پير ڊگھا ڪري سڄي رات سمهي رهن. ننڊ گھڻن کي نهوڙيو آهي. مالڪ کي راضي ڪرڻ لاءِ ته وڏي جدوجهد جي ضرورت آهي. ڀٽائي سرڪار هيٺين بيت ۾ اهڙي سُتل انسان کي سُجاڳ ڪندي فرمائي ٿو اي ڪاهل! تون ائين ويسلن وانگر سمهي ننڊون ڪيئن ٿو ڪرين! سجاڳ ٿي ويهاڻيءَ ويل اُٿي الف سان اور. اکين مان ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي ڪيل ڪوتاهين جي مالڪ کان معافي گھر. ڪهڙي خبر ته ’سڀاڻي‘ تنهنجي لاءِ ٿئي به الائي نه! تنهن ڪري اڄ ئي اُٿي ڌڻيءَ در ٻاڏاءِ. جيڪڏهن سڀاڻي توکي نصيب ئي نه ٿئي ته پوءِ تنهنجي هر هڪ شيءِ ته هتي ئي پئي هوندي مگر تون پاڻ ڪونه هوندين. نه موت جي ڪا موسم مقرر آهي ۽ نه ئي حياتيءَ تي ڪو ڀروسو آهي.
سُتو ڪيئن ننڊون ڪرين، روءِ ويهاڻيءَ روءِ
سڀا ساز سندوءِ، پيو هوندو پٽَ ۾
[b]سُر ڏهر
[/b]سجاڳي زندگيءَ جو دليل آهي ۽ زندگيءَ ۾ تحرڪ آهي. ننڊ، غفلت ۽ موت جي نشاني آهي، جنهن ۾ جمود ۽ بيحسي آهي. شاھ سائين سُر ڏهر جي هيٺين بيت ۾ ماڻهوءَ کي سجاڳيءَ جو سبق ڏنو آهي. فرمائي ٿو ته اي غافل انسان! ايڏو غفلت ۾ غلطان نه ٿيءُ اها ننڊ توکي نهوڙي نيندي. اُٿي سجاڳ ٿيءُ. محنت، مشقت ۽ جدوجهد سان زندگيءَ جي مقصد تائين رسائي حاصل ڪر. سُتل رهين ته حياتيءَ جو مقصد ماڻي ڪونه سگھندين. ربّ جي رحمت جو مستحق تڏهن ٿيندين جڏهن راتيون جاڳي، نيڻئون نير هاري پرينءَ کي پرچائيندين. سلطاني سهاڳ ننڊن ڪرڻ وارن کي نصيب نه ٿيندو آهي.
سُتا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري
سلطاني سهاڳ، ننڊو ڪندي نه ملي