لطيفيات

شاھ لطيف هر دور جو شاعر

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل فڪر ۽ پيغام بابت مقالن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو لکيل آھي. پاڻ لکن ٿا:
”آئون پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ جي ڪلام جو فني توڙي فڪري جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته لطيف جي شاعري ايڏي ته گھڻ رخي ۽ وسيع آهي جو سندس هڪ هڪ بيت ۽ وائي جا ڪئي پهلو ۽ منجھن ندرتن جا ڪيئي جهان نظر اچن ٿا. منهنجي هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيئي مقالا آهن جن ۾ اوهان شاھ جي ڪلام جي انفراديت، فني ۽ فڪري عروج ۽ ٻوليءَ جي حسناڪين کي محسوس ڪري سگھندا.“
Title Cover of book شاھ لطيف هر دور جو شاعر

سُر ديسي جو مطالعو

لطيف سرڪار پنهنجي رسالي ۾ سڀني کان وڌيڪ جنهن سورميءَ کي ساراهيو سا آهي سسئي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ساراھ ۾ سڄا سارا پنج سُر چيا اٿس. سسئيءَ وارن سمورن سُرن جو بنيادي پيغام جدوجهد جو سبق آهي. تاهم هر سُر ۾ ٻيا به انيڪ رنگ نظر اچن ٿا. ديسي لفظ جي معنى ڏيهي آهي. هي هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي جيڪا ديپڪ راڳ جي خاندان مان ٻڌائي وڃي ٿي.
مون سُر ديسي مان جن موضوعن کي فوڪس ڪيو آهي تن ۾ جدوجهد کان علاوه خود احتسابي، تقدير، ڪلچر جي عڪاسي، تشبيهات، ندرت ۽ نازڪ خيالي اچي وڃن ٿا.
دنيا ۾ جدوجهد ۽ جاکوڙ سان ئي ماڻهو پنهنجي منزل ماڻي سگھي ٿو. هتي بازي اهو کٽندو جيڪو پنهنجي ننڊ ڦٽائيندو. هن جهان ۾ سالڪ جا مکيه ٽي دشمن آهن،. نفس، دنيوي تعلقات ۽ خودي. سسئي جا به بنيادي طور ٽي دشمن هئا : ڏير، ڏاگھا ۽ ڏونگر. قصي ۾ ڪم آيل ڪردارن، واقعات ۽ حالات جي روحاني تمثيل هن ريت ٻڌائي وڃي ٿي :
• پنهون ـــــــــــــــــــــــــــــــ مطلوب يا محبوبِ حقيقي
• سسئي ـــــــــــــــــــــــــــــــ حق جو طالب يا سچو سالڪ
• درياءُ ـــــــــــــــــــــــــــــــ ماءُ جي جھولي
• کٽي ـــــــــــــــــــــــــــــــ مرشد ڪامل
• وندر ۽ وڻڪار ـــــــــــــــــــــــــــــــ ڪشالا ۽ مشڪلاتون
• ڪيچ ــــــــــــــــــــــــــــــ محبوب جي منزل ۽ مڪان
• ڏاگھا، ڏير ۽ ڏونگر ـــــــــــــــــــــــــ نفس، دنيوي تعلقات ۽ خودي
جهڙي طرح سسئي معمولي غفلت سبب سنگ لاخ زمين تي پنهنجا مينديءَ رتڙا هٿ پير پٿون ڪرايا، وندر ۽ وڻڪار ووڙيا، پٻَ ۽ هاڙهي جي پُر پيچ پيچرن تي پنڌ ڪيا ۽ آخر محبّت جي واٽ ۾ مري پاڻ ملهايو، تڏهن مَسَ وڃي ڀتار جي ڀرِ حاصل ڪئي ۽ پرين پنهل کيس پنهنجو ڪيو. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو نيڪ انسان معمولي غفلت سبب خداوندِ تعالى جو قرب گنوائي ٿو ويهي ته پوءِ وري ساڳي مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي تڏهن مَسَ مَسَ وڃي ساڻس پرين پرچي ٿو.
سسئيءَ کان سهوَ اها ٿي جو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻنڌجڻ کان پوءِ سيج تي پنهونءَ جو انتظار ڪندي ڪندي کيس نڀاڳي ننڊ اچي نهوڙيو ۽ هوءَ غافل ٿي سمهي پئي. ڀلا کيس ڪهڙي ڪَرَ ته اها گھڙيءَ جي غفلت سندس لاءِ زندگيءَ جو روڳ بڻجي پوندي. ورنه سِڪ ۽ انتظار جي ڪيفيت ۾ سمهڻ جو ته سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي. پر چوندا آهن ته انهيءَ ننڊ نڀاڳيءَ وڏن چپاتن جي چيلهه به چٻي ڪري وڌي، سو انهيءَ غفلت واري گھڙيءَ سسئيءَ جو سُک ۽ چين برباد ڪري ڇڏيو. لطيف سائين سندس دل جي ڪيفت کي بيت جي ٽن سٽن ۾ هن ريت سمايو :
سِڪي جان سُتياسِ، تا سِڪَ سمهڻ نه ڏي
جاڳي سُتيسِ جن لئه، سي آيا تان نه اٿياسِ
ڀينر آنءُ ڀلياسِ، نه ته سِڪ سمهڻ ڇا لڳي!

[b]خود احتسابي
[/b]سسئيءَ کي جڏهن پنهنجي غفلت جو احساس ٿيو ته هن خود احتسابي جو عمل اختيار ڪيو ۽ پنهنجي غلطين کي شمار ڪرڻ لڳي ته جڏهن مون ڏينهن جو پنهونءَ جي ڀائرن جو قافلو ڏٺو ته اُٺن جي مهار کي چوٽيءَ جي وارن سان زنجيرن وانگر مضبوط ڪري ڇونه ٻڌو. جيڪڏهن ائين ڪريان ها ته هوند منهنجو پنهل مونکان پري نه ڪري وڃن ها.
اڱڻ مٿي اوپرا، جڏهن ڏاگھا ڏٺئي ڏينهن
وٺي سَرڪَ سسئي، ويهه ويهاڻيءَ سينءَ
چوٽيءَ سين چانگن کي، جَڙِ زنجيرن جيئن
ته هوت تنهنجو هينءَ، پنهون نيائون نه پاڻ سين
هن نماڻيءَ کي اهڙا به خيال اچڻ لڳا ته جيڪڏهن انهن گورن جي گوڏن کي وارن سان ونگي ڇڏيان ها ته هي جبل جا اڻانگا پنڌ ۽ ڪشالا ڪڍڻا ئي ڪونه پون ها.
اڱڻ مٿي اوپرا، ڏٺئي جڏ توڏا
ونگيئه نه وارن سين، تن گورن جا گوڏا
ته لڪن جا لوڏا، هوند نه سَٺئه سسئي!
سسئي ويچاري ته ڪڏهن سوچي ئي نه پئي سگھي ته ڪو پنهل کانئس ائين پري ٿي ويندو. هن پنهونءَ جي ڀائرن کي ته مهمان ٿي ڀانئيو. کيس اها توقع نه هئي ته اهي ڏير هن لاءِ وَيرَ ثابت ٿيندا ۽ مٿس ڪهل ڪرڻ بدران کيس ائين ڪـُهي ويندا. هن ٻانهيءَ کي سورن جو سامان ڏئي رات جي پيٽ ۾ جتَ ساڻس وڏي زيادتي ڪري ويا. هن پنهنجي پنهل کي ته هر وقت پاڻ وٽ رکڻ پئي گھريو.
مون ڀانئيو مزمانَ، هميشه هوندا پرين
ڪـُهي ڪميڻيءَ هلئا، ڪهل ڪيائون ڪانه
ڏيئي ويا ڏاھ کي، سورن جو سامان
جورو رات جوان، جيڏو جَتَ ڪري وئا

[b]ازل جو انگ
[/b]سسئيءَ جو اهو پختو ايمان هو ته پنهل سان سندس ازل جو انگ آهي. جڏهن ربّ پاڪ روحن کي تخليق ڪيو ته سندس روح عالمِ ارواح ۾ پنهل جي روح سان ڳانڍاپيل هو. ميثاق واري ڏينهن اهو ازل جو انگ لکيو ويو هو. سسئيءَ کي حضرت علي رضه جي ان قول ۾ پڪو ڀروسو هو ته ’جڏهن ڪو انسان ڪنهن شيءِ جي طلب ڪري ٿو ۽ ان لاءِ لوچي ٿو ته اهو ضرور لهي ٿو.‘ هوءَ پنهونءَ جي پيزار (جُتي) تان پاڻ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر کيس هڪ ڀيرو پنهل سان ملڻ جي شديد تمنا آهي. جنهن لاءِ هوءَ پنهنجين جيڏين سرتين کي به دعا ڪرڻ لاءِ عرض ڪري ٿي.
جڏهن ڪن فيڪون، تڏنئو آرياڻي ارواح
انگ اڳهين لکئو، منهنجو ميثاقاه
من طلب شيئاً وجد وجد، اُتو علي شاھ
اڃان ان حديث جو آسرو مون آھ
پنهونءَ جي پيزار تان منهنجو موت مباح
سرتيون دعا ڪجاھ، مانَ ميڙائو مون ٿئي
توڙي جو سسئي پنهنجي غلطيءَ ۽ غفلت تي پشيمان هئي پر، هن انهيءَ سڄي واردات کي قسمت جي ڪوتاهي ٿي تصور ڪيو. چوي ٿي ته جي منهنجو مقدر نه ڦِٽي ها ته هي ڪٺن ڏينهن ڏسڻا ئي ڪونه پون ها. ڏيرن جو ڪهڙو ڏوھ! اُٺن توڙي اوٺيئڙن کي ڪهڙي مجال!! وير ته انهن جي وَسِ ئي نه آهي پر لوھ قلم جي لکئي کي مان ڪميڻي ڪيئن ٿي مِٽائي سگھين.
ڇا جي ڏِنگا ڏير، منهنجو ڏينهه ڏنگو مَ ٿئي
اُٺن اُٺيئڙن جي، ڇا وهيڻو وير
هيءَ ڪميڻي ڪير، جا اَمُرَ کي آڏو ڦِري
مقدر جو ئي فيصلو سمجھندي هڪ ٻي بيت ۾ هن ريت اظهاري ٿي :
ڏاگھن، ڏيرن، ڏونگرن، ڏکن آنءُ ڏڌي
پڇان پير پنهونءَ جو، وجھان وک وڌي
لکئي آنءُ لڌي، نا ته پٽن ڪير پنڌ ڪري!

[b]جدوجهد
[/b]سسئي عزم ِ مصمم جو مثال هئي. هن پختو ارادو ڪيو هو ته پنهل کي پڄان نه پڄان پر هر قدم اڳي کان اڳڀرو ئي هوندو. پنهنجو سمورو وَسُ هلائيندسِ ته ڪنهن پرِ منزل تي رَسي سگھان، پر جي ان ڪَٺن سفر ۾ رڙندي روئندي موت مٿان اچي ويو ته به گھاٽي جو سودو نه آهي. جستجوءَ ۾ جان وڃي ته وڃي. منَ مُئي پڄاڻان ساٿ ۾ ساک ملي ۽ اها ڳالهه ڳائڻ ۾ اچي ته ويچاري سسئي پنهل پڄاڻان رائي ۾ رَڙي مُئي.
پڄان جي نه پڄان، وڃڻ سين وَسَ ڪريان
سڳر مانَ سُڄان، ته رائي ۾ رَڙي مُئي
جبلن جا آڏا ترڇا دشوارگذار رستا جن سسئيءَ جا پير پٿون ڪري ڇڏيا هئا. پر هن پُر عظم عورت همت ڪانه هاري، سندس قدم اڳي کان اڳرو هو. منزلون طئي ڪندي پنهل کي ان آسري پڪاريندي رهي ته من منهنجي ڪا ڪوڪ پرينءَ جي ڪَننَ تائين پهچي. ڀلا سندس وَسَ ۾ ته فقط واڪا ئي هئا.
آڏا ترڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا
ڪيم آھ عجيب کي، سِڪَ منجھان سا ڪا
پئي هٿيڪي هوت کي، ڪوڪ ڪنين ڪا ڪا
منهنجو وَس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
سسئيءَ جي همت ۽ حوصلي کي داد ڏيڻ کان سوا رهي نه ٿو سگھجي. هوءَ جبل جي پُر پيچ پيچرن کان خوفزده ڪانه ٿي ٿئي، بلڪه سندس اندر جا احساس اهي آهن ته سندس ۽ پنهل جي درميان رڪاوٽ بڻجي جبل ڀل پيو جَکَ هڻي ته هو ڪو مونکي آڏو اچي روڪي بيهاريندو. اهڙا لکين لَڪَ هجن تڏهن به سُپرينءَ جي سِڪَ ۾ سمورا اُڪري پار پونديسِ.
جبل ماري جَکَ، جو آڏو عجيبن کي
توڻي لڪن لکَ، سڀ لنگھنديس سِڪَ سين
هڪ نحيف ۽ نفيس عورت ايڏا ڪشالا ڪڍي! في الحال ته عقل دنگ رهجي ٿو وڃي، پر هن پُر عظم عورت ته مٿير مردن کي به ڇيهه ڏئي ڇڏيو.
مرد جنهه مات ڪئا، سسئيءَ لنگھئو سو
جبل وڏو جو، نِوَڻ مڙيئي نيهه کي
سسئي جي همت، حوصلي، جرئت ۽ عزم جو اظهار لطيف سرڪار بيت جي هيٺين ٽن سٽن ۾ ڪهڙي نه سهڻي پيرايي ۾ ڪيو آهي. فرمائي ٿو :
وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪئو
نهارينديس نڪري، بوتن ڪارڻ بَرُ
آڏو ٽڪرَ ٽَرُ، متان روھ رتيون ٿئين
سسئي چوي ٿي ته منهنجي پنهل جو ته ڪو قصور ئي ڪونهي. مون سان ته ڏيرَ، ويرَ وجھي وڙهيا جو منهنجو پيارو پنهل دغا سان مونکان جدا ڪري ويا. پر مان ته پنهنجي پنهونءَ کي ووڙڻ خاطر بر بيابان ۽ جھنگ جبل لتاڙي وڃي پارِ پونديس. انهن قافلي وارن اُٺن کي اڪيلي سِر ئي تلاش ڪنديس. پوءِ رستي ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ جبلن ۽ ٽڪرن سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته منهنجي آڏو نه اچو، منهنجي عزم جي سامهون رڪاوٽ نه بڻجو ته ڪٿي منهنجو عزم اوهان کي پرزا پرزا نه ڪري ڇڏي. بيت جي آخري سِٽَ ۾ لفظ ’ٽَرُ‘ ۾ ڪيتري نه جرئت نظر اچي ٿي.

[b]ڪلچر جي عڪاسي
[/b]ماضيءَ ۾ اسان جي معاشري ۾ ڪي اهڙا ساٺ سنوڻ ۽ رسمون مروج رهيون آهن، جيڪي اسان جي نج ڳوٺاڻي تهذيب جو حصو هيون. جيئن چيو وڃي ٿو ته جڏهن ڪو ماڻھو مسافريءَ تي روانو ٿيندو هو ته جي واٽ جي ساڄي پاسي ۽ ساڄي هٿ تي تتر تنواريو ته سڻائو يا سڀاڳو سنوڻ ليکبو هو ۽ جنهن مقصد لاءِ گھران نڪتو آهي سندس اهو مقصد پورو ٿيندو پر جي تِتِر کاٻي پاسي کان ٻوليو ته سنوڻ اڻائو ليکبو ۽ مطلب پورو نه ٿيندو. اهڙي صورت ۾ مسافر کي پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽڻو پوندو هو ورنه سندس راھ ۾ رڪاوٽون پيش اچڻ جا امڪان هوندا هئي.
مذڪوره سنوڻ کي خيال ۾ رکي سسئي آس ٿي ڪري ته جنهن ساٿ ۾ سندس پيارو پنهل آهي ان ساٿ جو جبلن مان اُڪرندي شل سنوڻ سجايو يا سڻائو ٿئي ۽ تتر ساڄي پاسي کان ٻولي :
ڪرڙا ڏونگر ڪهه گھڻي، جت رڻ تتو رائو
تِتِر ٿئي مَ تن کي، ڏونگر ۾ ڏائو
جڏ ڄام پنهون ڄائو، تڏ ٿئو سولو تالع ساٿ جو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”ٿر ۾ مالهاريءَ جو سنوڻ مشهور ۽ مروج آهي، جنهن مطابق ڪنهن پاسي ويندي جيڪڏهن واٽ تي ملاري پکي کٻي پاسي کان اڏاڻو ۽ سڄي پاسي ويو ته سنوڻ سولو ڀائنبو. گويا واڌائي ملي ته اڳتي وڃجي سفر سڦلو ٿيندو، پر جيڪڏهن ملاري ساڄي طرف کان اڏاڻو ۽ کاٻي پاسي ويو ته سنوڻ اولو ليکبو، هاڻي اڳتي نه وڃجي جو انهيءَ ۾ ئي بهتري آهي.“
مٿين سنوڻ جي پس منظر ۾ سسئي مالاري پکيءَ سان مخاطب ٿيندي چوي ٿي ته پنهل جي قافلي آڏو کاٻي پاسي کان اڏامي ساڄي پاسي نه وڃجانءِ. بلڪه ساڄي پاسي کان اُڏي کاٻي پاسي وڻ جي ٽاري ڏانهن وڃجانءِ، جيئن قافلي وارا ان کي بد سنوڻ سمجھي ڪجهه وقت لاءِ بيهي رهن يا تڪڙو اڳتي نه وڌن ته من مان اڻ سونهين انهيءَ بهاني وڃي ڪيچ ڌڻيءَ کي گڏجان.
سڄي هٿ ساٿين جي، مَ وانءُ مالاري
ڏائي جا ڏيرن جي، مڻج سا ٽاري
مانَ ورمن وچ ۾، اولاڻي آري
اَسونهه ويچاري، ڪهه پَرِ مڙي ڪيچ کي

[b]تشبيهات
[/b]سُر ديسي کي لطيف سائين خوبصورت تشبيهن سان سينگاريو آهي. مثال طور بيت جون هي ٻه سٽون ڏسو :
پيئي کڻي پساھ، ڏکي ڏيئي وٽِ جئن
اڄ ڪه سنجهه صباح، چندا ڪي ته منڌ مئي
ڏيئي جي وٽ جڏهن ٻري ٻري باقي وڃي بچندي آهي ۽ سندس روشني جھيڻي ٿي ويندي آهي ته به پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ هوءَ هوا سان مهاڏو اٽڪايو بيٺي هوندي آهي پر آخر شڪست کائي وسامي ويندي آهي. سورن جي ستايل سسئي به پنهل جي تلاش ۾ ڏينهن رات سرگردان رهي ۽ آخر ڏيئي جي وَٽِ جيان سندس ساھ پساهن تي پهتو ۽ هوءَ ڪنهن وقت به دارالبقا ڏانهن راهي ٿي پئي سگھي. ڪيڏي نه تز ۽ خوبصورت تشبيهه آهي.
سسئي دل جي هٿان مجبور هئي، ان پڪو قصد ڪيو هو ته هن واٽ ۾ مرڻ گھڙيءَ تائين جدوجهد جاري رکندي. سندس واسطو به سنگلاخ پهاڙن سان پيو هو. وٽس ته ڪو اوزار به ڪونه هو، جنهن سان ٽڪر ٽاڪي سگھي. لطيف سائين پهاڙن جي هيبت ۽ حشمت کي هاٿي سان تمثيل ڏني آهي. جانورن ۾ وڌ کان وڌ سگھارو ۽ متارو جانور هاٿي ئي ته آهي. لطيف سرڪار فرمايو :
ڪوڏر نه ڪاتي، جنهه سان ٽڪر ٽاڪيان
جيڪو جبل لنگھيان، سو هيبت جو هاٿي
پنهونءَ جا پاتي، سا جَڙَ جيئري نه لهي

[b]ندرت ۽ نازڪ خيالي
[/b]آخر ۾ سُر ديسيءَ مان ندرت ۽ نازڪ خياليءَ جو هڪ مثال پيش ڪجي ٿو :
گسڙَ ٿئي مَ گسَ، پڻي پوءِ مَ پرينءَ تي
جنهه سَرِ ساجن سپرين، تهه اُٺَ مَ لڳي اُس
پنهون پاڪَ پُرسَ، هوت نه ڪجن هيڏيون
سسئيءَ کي پنهل سان اڻ ميو پيار هو. هن اهو به ڪونه ٿي برداشت ڪيو ته قافلي جي هلڻ سان جيڪا دسڙ يا دز اڏندي آهي سا سندس پرينءَ تي پوي. هوءَ نه رڳو پنهل لاءِ اهڙا جذبات رکي ٿي بلڪه جنهن اُٺَ تي سندس سپرين سوار آهي تنهن اُٺَ لاءِ چوي ٿي ته شل ان کي اسَ به نه لڳي. هوءَ پنهنجي پنهل کي پاڪ پُرس يعني اعلى درجي جي اوصاف جو مالڪ سڏي ٿي. آخر ۾ کيس ڏوراپو به ڏئي ٿي ته اي پنهل! توکي مونسان ايڏيون جٺيون ڪونه پيون جڳائين.

[b]جن ڪتابن تان استفادو ڪيو ويو
[/b]o شاھ جو ڪلام شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
o شاھ جو رسالو غلام محمد شاهواڻي
o شاھ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
o شاھ لطيف ۽ سنڌي ثقافت ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
o عرفان ِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد