نفيءَ جو فلسفو
توحيد جي عقيدي جو بنياد پڻ نفي تي آهي. ’لا اِلله‘ چوڻ سان نفي ڪجي ٿي، يعني ’ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي.‘ پوءِ ’اِلا الله‘ يعني ’سواءِ الله جي‘ چوڻ سان اثبات ٿئي ٿي. اهڙي ريت صوفين جي فلسفي موجب انسان جيستائين پنهنجي وجود جي نفي يا هستيءَ جو انڪار نه ٿو ڪري، تيستائين هن کي روحاني منزلون حاصل ٿي نه ٿيون سگههن. وحدت الوجود جي نظريي مطابق حقيقي توحيد فقط اها آَهي جو وجودِ اڪبر (الله تعالى) کانسواءِ ٻيو ڪوبه وجود قبول نه ڪيو وڃي. ڇا عرش تي ڇا فرش تي.
نفي جي فلسفي بابت هند سنڌ کان علاوه دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي صوفين لکيو آهي. پر هتي فقط پنهنجي ملڪ سان تعلق رکندڙ اهڙن اهل الله ۽ صوفياء ڪرام جي ڪلام مان نموني طور فقط هڪ هڪ بيت تي اڪتفا ڪجي ٿي.
مرڻ کان اڳ مرڻ جي فلسفي کي حضرت سلطان باهو بيت جي ٻن سٽن ۾ هن ريت سمائي ٿو :
واه نصيبا اوهدا ، جيهڙا وچ حياتي مرَدا هو
مرن تون اگي مرگئي باهو ، تان مطلب نو پايا هـُو
ساڳي نظريي جي اپٽار بلهي شاهه پنهنجي ڪلام ۾ هن انداز سان ڪري ٿو:
موئي تان روز حشر نون اُٺن ، عاشق نه مرجاوي گا
جي تون مرين مرن تون پهلان ، مرني دا مُل پاوي گا
بابا فريد ان فلسفي کي بيت جي چئن سٽن ۾ هيٺين ريت پيش ڪري ٿو :
جنگل جنگل ڦِري فريد ، اور ڪانٽون ڪانٽون جائي
اپني من مين جهانڪي نا تو ، جنگل مين ڪيا پائي!
اگر فريد هي دانش تجهه مين ، ڪالي ناکر ليک
اپني سر ڪو جھڪاڪي پگلي ، بڪڀي گريبان ديک
سچل سائين رحه نفي جي فلسفي کي چئن سٽن جي مالها ۾ هن ريت پوئي ٿو :
پاڻ وڃائي پاڻ، ڳولهي لهج پاڻ کي
پاڻ منجھان ئي پاڻ کي، پوندي پاڻ سڃاڻ
مکڻ آکر هيڪڙو، سو ئي کير سنڀاڻ
اهو اٿئي اهڃاڻ، ڳهلا انهي ڳالهه جو
بيدل فقير پنهنجي ڪلام ۾ نفي جي متعلق فرمايو :
نفي ڌاران ناه ڪا، ويراڳي ٻي واٽ
ساميئڙا سر ڪاٽ، ته اوڏو ٿئين اثبات کي
سيد رکيل شاھ صوفي ان سلسلي ۾ رقمطراز آهي :
ڪَلرَ ڪيري مٽي پايان، نه ڄاڻان پاڻ ڪجهه آهيان
وڃائي وجود دک پايان، پڙهايم بره هي باتي
ڇڏيم هستي خودي ماري، ڪري پئمال هڏ ڳاري
ائين ٿو عشق اوجاري، هميشه درد دل جاني
خوش خير محمد هيسباڻي پنهنجي سرائڪي ڪلام ۾ نفي جي فلاسافي کي هن ريت پيش ڪري ٿو :
جي پڙهدي تکبير فنا دي ، هٿ اکر ’لا‘ دي کاتي
مخفي مرڻ تنها دا هويا ، رهن هميشه حياتي
خوش خير محمد بنان مرڻ نه ٿيوي ، عشق اهو اثباتي
سنڌ جي هڪ ٻي صوفي شاعر ۽ سچل سائين جي خاص مريد نانڪ يوسف نفي بابت پنهنجو خيال پيش ڪندي فرمايو آهي :
اول نفي نيارو، پوءِ الا الله اشارو
منجهه عشق هينئن گذارو ، آهي پرتوو پرين جو
اهڙي طرح صوفي غمدل فقير پنهنجي ڪلام ۾ نفي جي حوالي سان فرمايو :
پاڻ پنهنجو پاڻ ۾، پاڻ ڪري پئمال
پيهي پَس پاتار ۾، جلويگر جمال
وحدت وره جو، واصل وٺي وصال
هاديءَ سندو حال، غمدل پروڙج پاڻ ۾
شاھ لطيف پڻ ساڳي منزل جو پانڌيئڙو ۽ مذڪوره صوفيا ڪرام ۽ ٻين ڪيترن جو پيش رو آهي. هاڻي اسين نفي جي فلسفي بابت ڀٽائي جي ڪلام جو جائزو وٺندا سين.
’سُر آسا‘ ۾ لطيف نفي جي اپٽار ڪندي فرمايو آهي :
جان جان پسين پاڻ، تان تان ناھ نماز
سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چئه
ـــــــــ
جان جان پسين پاڻ، تان تان ناھ سجود
وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئه
الله تعالى جي عبادت ڪرڻ وقت وقت پنهجي وجود جي نفي ڪرڻ ضروري آهي. ڀٽائي سائين جي آڏو اهڙي عبادت ئي بي معنى آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي وجود جي نفي نه ٿو ڪري. جيسين هو خديءَ جو بندو آهي، تيسين خدا جو بندو بڻجي نه ٿو سگھي. پوءِ اها عبادت ۽ رياضت ئي ريا واري آهي. پنهنجي دل مان سمورا غير گمان ڪڍي باطل حيلا وسيلا ترڪ ڪري، وهم ۽ وسوسا وساري اندر کي اجرو ڪرڻو آهي. ان کان پوءِ ئي رب جي عبادت ۽ اطاعت جو صحيح معنى ۾ حق ادا ٿي سگھندو. ساڳي سُر جي هڪ ٻي بيت ۾ لاکيڻي لطيف فرمايو آهي :
نابودي نيئي، عبد کي اعلى ڪيو
مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي
ڪبي اُ ت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳُجهه جي
جن انسانن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ۽ پنهنجي وجود جي نفي ڪئي، سي فنا في الله ٿي ويا. انهن ئي معرفت جون اعلى منزلون ماڻيون. اهڙن انسانن الله تعالى جي حڪمن جي بجا آوري ڪري دراصل پنهنجي عبديت جو حق ادا ڪيو ۽ علم و عرفان جا صاحب بڻجي ويا. انهن کي جيڪا منزل حاصل ٿي ۽ جيڪي عجب اسرار مٿن کليا، تن جو ذڪر ڪرڻ انهن جي لاءِ مشڪل ۽ محال آهي ڇالاءِ ته ربّ جي ذات بي مثل آهي.
سُر پرڀاتي جو هڪ بيت آهي :
ڄاڻين ته به نه ڄاڻ، ايءُ در اٻوجھن جو
ان در سي ئي اگھئا، جن نه ڀانيو پاڻ
ريجھاڻو راڄاڻ، آهي اٻوجھن جو
مٿين بيت ۾ لطيف سائين ان ڳالهه تي زور ٿو ڏئي ته انسان کي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي گھمنڊ هر گز نه ڪرڻ گھرجي. علم جو ته ڪو اَٿو مَٿو ئي ڪونهي. ڪو ڪيترو به ڄاڻي پر پوءِ به اهو عقلِ ڪل يا علمِ ڪل بڻجي نه ٿو سگھي. سواءِ انهن هستين جي جن لاءِ خدا پاڻ چاهي. تنهن ڪري عام انسان کي گھرجي ته ائين ڄاڻي ڄڻ هو ڪجهه به نه ٿو ڄاڻي. يونان جي مشهور ڏاهي سقراط به اهو ئي چيو هو ته ”مان ڄاڻان ٿو ته مان ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان.“ جن پاڻ کي ڀانيو يعني ’مان‘ ڪئي اهي ڀٽڪي ويا. مهربان مالڪ جي در تي ته فقط انهن اڻ ڄاڻن ۽ اٻوجھن جو مانُ آهي، جيڪي من ۾ محبت پائي رنڊا روڙيندا آهن. پوءِ فقط انهن جو ئي اڻ توريو اگھي ويندو آهي.
ساڳي مفهوم وارو هڪ بيت سُر آسا ۾ ملي ٿو. جنهن ۾ پڻ شاھ سائين وجود جي نفي جي نتيجي ۾ مالڪ جي مهربانين جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو :
اوڳڻ رُسي سڀ ڪو، ڳڻين پرين رُٺام
ليکيم جي لسان سان، سي ڪر ڪين ڪئام
پاڻُ وڃائي پاهيجا، ٿورا ٿڪ هنئام
بندگي شرمندگي، اها ميڙ مڪام
تڏهن پرين پرچئام ، ’آئون‘ جڏهن اُٺ گئي
اها هڪ مسّلمه حقيقت آهي ته بد اعمال، بد افعال ۽ بڇڙي انسان سان ته پنهنجا توڙي پراوا سڀ ناراض هوندا آهن. پر هن بيت ۾ لطيف پرينءَ کي پنهنجي اهڙي طالب سان رُسندي ڏيکاريو آهي، جيڪو صاحبِ ڪردار به آهي ته عبادت گذار به. پر اهڙي طالب جڏهن پاڻ سنڀاليو ته کيس پنهنجا اوڳڻ به آڏو اچي ويا، ۽ پرينءَ جي رُسڻ جو سبب به معلوم ٿي ويو. پوءِ اهڙي طالب جڏهن پنهنجي ’مان‘ کي مات ڪري بندگيءَ تي بانور ڇڏي پرينءَ کي پرچائڻ لاءِ حيلا هلايا ته سندس محبوب مٿس مهرباني جي ڇانوَ ڪئي.
سُر سهڻي ۾ شاھ سائين نفي جي فلسفي کي اجھو هن ريت پيش ڪيو آهي :
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ري وسيلي وڃ
ڀيلو ڀيري ڀڃ ، اڪنڊن کڻ عميق ۾
مٿين سٽن ۾ شاھ صاحب سهڻي کي تلقين ٿو ڪري ته ڪنهن به باطل سهاري بغير ميهار جي محبت ڪارڻ فقط سچي سِڪ جو سهارو وٺي موجن ڀريي مهراڻ ۾ ڪـُڏي پئه، ۽ ڀيلي کي ڀڃي ڀورا ڪر ته مقصد ماڻي سگھندينءَ..
اهڙي طرح سُر رامڪلي ۾ سچن سالڪن جي نفي جو ذڪر ڪندي لطيف سائين فرمايو :
نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪو ساڻن پاڻ
اهڙا جن اهڃاڻ ، آئون نه جيئندي ان ري
سچا سالڪ ۽ مولى جا متوالا فقر جا قائل هوندا آهن ۽ صحيح معنى ۾ فقيري جو حق ادا ڪندا آهن، اهي سادگيءَ کي پنهنجو شعار بڻائيندا آهن. هٺ ۽ وڏائي وٽن نالي ڪارڻ به ڪانه هوندي آهي. هو ته پنهنجي ’مان‘ کي ماري، خوديءَ کي ختم ڪري فقط مالڪ جي محبت ۾ مست و مگن رهندا آهن. پنهنجي وجود جي نفيءَ جي اظهار لاءِ هو ’پاڻ‘ کي پيهي پامال ڪندا آهن.
ذات جي نفي کان علاوه حالات ۽ ڪيفيات جي نفيءَ بابت پڻ لطيف سائين جي انمول رسالي ۾ نهايت خوبصورت ۽ با معنى بيت ملن ٿا. جن جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ ڀانيان ٿو ته مقالو اڻپورو رهجي ويندو. تنهن ڪري مُٺِ مان خرار پرکڻ جي مصداق چند اهڙا بيت پڻ پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان.
جهانن جي خالق هن ڪائنات جي جوڙجڪ ڪهڙي نه حڪمت ۽ ڪاريگريءَ سان ڪئي آهي. اسان ڏسون ٿا ته دنيا جي ڪيترين ئي شين ۽ حالات جا هڪ کان وڌيڪ رُخَ تخليق ڪيا ويا آهن. جهڙي ريت اوندھ جو ٻيو رخ روشني، خشڪيءَ جو تري ۽ بلنديءَ جو پَستي وغيره. اهڙي ريت انساني ڪيفيتن ۾ خوشيءَ جو ٻيو روپ غم، محبت جو ٻيو رخ نفرت ۽ زندگيءَ جو ٻيو رخ موت آهي. الله پاڪ انسان کي انهن سمورين ڪيفيتن سان نه فقط روشناس ڪيو آهي بلڪه کيس انهن ڪيفيتن مان گذرڻ جو حوصلو به عطا ڪيو آهي. جڏهن ته عام انسان هميشه انهن ڪيفيتن جي فقط روشن رخ جو متمّني رهيو آهي. هن هميشه محبت، خوشي، سُک ۽ زندگي طلبيا آهن.
پر هن دنيا ۾ ڪي اهڙا به اڏول، اورچ ۽ عظيم انسان پيدا ٿيندا پئي رهيا آهن، جن خوشيءَ تي غم، سُک تي ڏکَ ۽ زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏني آهي. اهڙن الله جي پيارن ٻانهن جي انهيءَ ترجيح جي اوٽ علم ۽ حڪمت جا بيش بها خزانا پنهان آهن.
لاکيڻي لطيف جو شمار پڻ اهڙن ئي عظيم ۽ اڏول انسانن ۾ ٿئي ٿو. مون سندس رسالي مان چند اهڙا بيت پڻ کنيا آهن جن ۾ لطيف حالات ۽ ڪيفيات جي نفيءَ جي فلسفي جي اپٽار ڪئي آهي. هن وصل بدران فراق، سُک بدران ڏک، منزل بجاءِ جستجو ۽ ڏاهپ بدران ڀورائيءَ کي پسند فرمايو آهي. پر انهيءَ فراق، ڏک، جستجو ۽ ڀورائيءَ جي خواهشن جي پٺيان وڏو فلسفو بيان ڪيو اٿس.
سُر حسيني جو هڪ بيت ملاحظه ٿئي.
ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت
من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماندي ٿئي
انسان هميشه منزل تي رسڻ لاءِ ئي سفر جون صعوبتون برداشت ڪندو آهي، ۽ مطلوبه ماڳ تي پهچڻ کي پنهنجي لاءِ ڪاميابي تصور ڪندو آهي. پر هتي معاملو ئي اور آهي. لطيف سرڪار کي پنهنجي جستجو جاري رکڻ ۾ ئي منزل نظر اچي ٿي. هو نه ٿو چاهي ته سندس اندر ۾ پنهنجي محبوب، مطلوب ۽ مقصود لاءِ جيڪا لوچ ۽ لوڇ، طلب ۽ تات، تڙپ ۽ تانگهه، ووڙ ۽ واجهه آهي، تنهن ۾ ڪا ڪمي اچي. تنهن ڪري سندس اها خواهش آهي ته اها جستجو جاري رهي ۽ اها اڪنڊ ۽ اُڪير تاحيات قائم رهي، متان منزل ملڻ تي اندر جي اُڪير ۾ ڪا ڪمي واقع اچي وڃي.
شمس العلماء علامه دائود پوٽو صاحب مذڪوره فلسفي کي هيٺين لفظن ۾ ۾ بيان فرمايو آهي :
”عاشق جي معشوق لاءِ تلاش ۽ سندس آخري ميلاپ جو اڪثر جسماني موت بعد حاصل ٿئي ٿو، اها جستجو اڻ ٿڪ، دائم ۽ بي انتها آهي. اها سر گرداني عاشق کي مرگهه ترشنا جي جَلَ وانگر هرکائي کيس لڳاتار گولا لاءِ همٿائي ٿي. تان جو انهيءَ طلب ۾ مرندي وڏي وڇوڙي بعد پنهنجي يار سان وصال پائي ٿو. جيئن تلاش زياده تيئن طلب ۽ سڪ سبيل. عشق جي واٽ ۾ فوري وصال سالڪ کي خام ۽ ڪَچو بڻائي ٿو. شاهه انهي کي پي در پي تانگهه ۽ طلب ڏانهن اشارو ڪيو آهي. فوري وصال ڪري اندر جي لوچ وساميو وڃي.“
لاکيڻي لطيف جو ساڳي سُر مان ساڳي مفهوم وارو هڪ ٻيو بيت پيش ڪجي ٿو :
جيڪي فراقا، سو وصالا نه ٿئي
اچي اوطاقا، مونکي پرينءَ پري ڪئو
هن بيت ۾ پڻ لطيف سائين وصال تي فراق کي ترجيح ڏئي ٿو. سندس خيال مطابق سالڪ لاءِ جيڪو وڇوڙي ۾ لطف آهي اهو وصل ۾ هرگز نه آهي. جدائي عاشق جي اندر ۾ سِڪ جي سلي کي سيراب ڪندي رهي ٿي، تنهن ڪري ئي لطيف فرمايو محبوبن جي ميلاپ مونکي مورڳو پرينءَ کان پري ڪري ڇڏيو. جنهن جو مطلب آهي ته اها محبت ماٺي ٿي وئي.
سُر ليلا چنيسر جي هڪ بيت ۾ ڀٽائي گھوٽ فرمايو آهي :
الا ! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا
ڏاهپ جي ڏات سان وانگيل انسان کي هر معاشري ۾ وڏي عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي ۽ هر هڪ انسان اهڙي انمول دولت سان مالا مال ٿيڻ جي تمنا رکندو آهي پر لطيف کي ته ڏاهپ ئي ڏکوئي وڌو آهي تنهن ڪري ئي هو ڏاهپ کان ڀورائيءَ کي ڀلو ٿو ڀانئي. هن ڏاهين کي ڏکن هيٺ ڏٺو آهي. ٻي طرف جنهن پرينءَ سان سندس پيچ پيل آهي ان وٽ وري اڻڄاڻن، اٻوجھڙن ۽ ڀورڙن جو قدر آهي، ڇوته اهي ’مان‘ جي مار ۾ مبتلا نه هوندا آهن. مالڪ اهڙن اٻوجھڙن کي اڏي ڇڏيندو آهي. گھڻي ڏاهپ انسان ۾ غرور ۽ تڪبر پيدا ڪندي آهي. اهڙي ئي فلسفي جي اظهار مان لطيف سائين جي منزل ۽ مقام جو پتو پوي ٿو ته هن ڪيئن ڏاهپ کي ڏٻيندي وڏي ڏاهپ جو اظهار ڪيو آهي.
لطيف سرڪار جي نفي جو مظهر هڪ بيت سُر يمن ڪلياڻ مان پيش ڪجي ٿو :
ويڄ مَ ٻُڪي ڏي، الا چڱي مَ ٿيان
سڄڻ مانَ اچي ، ڪَر لاهو ٿي ڪڏهم
اگھائي ۽ سگھائي هر ماڻهو سان لاڳو هونديو آهن. اَگھو ماڻهو سگھي ٿيڻ لاءِ وڃي طبيبن تات پوندو آهي ۽ ويڄ يا حڪيم کي اها ئي التجا ڪندو آهي ته ڪو اهڙو علاج ڏي ته ستت صحتياب ٿي وڃان، پر ان ڏس ۾ لطيف جو جذبو ڪيڏو نه لطيف آهي. هو ويڄ کي وينتي ٿو ڪري ته مونکي اهڙو علاج ئي نه ڏي جنهن سان چاڪ چڱو ڀلو ٿي وڃان.
لطيف جي اهڙي خواهش جو راز بيت جي ٻي سِٽ مان پڌرو ٿي پوي ٿو جنهن ۾ هو فرمائي ٿو ته مان سَگھو ان ڪري نه ٿو ٿيڻ چاهيان ته جيئن منهنجو من گھريو محبوب منهنجي اَگھائيءَ جو احوال سُڻي من اچي منهنجو اڱڻ اجاري ۽ منهنجي خير عافيت معلوم ڪري.
سُر رامڪلي ۾ سچن سالڪن جي نفيءَ جو ذڪر لطيف سائين هن طرح ڪري ٿو :
پوڄا ڪر مَ پاڻ کي، پَل ِ پوڄا کان پاڻ
ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پر تون پورب پار ڏي
هن بيت ۾ شاھ صاحب سچي سِڪ جي پانڌيئڙي کي هدايت ٿو ڪري ته پنهنجي وجود جي نفي ڪر، پنهنجي پرستش ڇڏي ڏي. ظاهري علم ۽ عقل تي گھمنڊ نه ڪر، ڇوته انهيءَ ’مان‘ گھڻن کي ئي ماري ڇڏيو آهي. تون ’مان‘ کي ماري مات ڪر ته مالڪ جي مهربانيءَ جو حقدار بڻجي سگھين.
وجود جي نفيءَ جو هڪ عمدو مثال سُر يمن ڪلياڻ جي هيٺين بيت ۾ ڏنل آهي :
عاشق عزازيل، ٻيا مڙئي سڌڙيا
منجھان سِڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو
عزازيل جو ٻيو نالو ابليس آهي. قرآن حڪيم ۾ شيطان کي ابليس جي نالي سان به ڪوٺيو ويو آهي. عزازيل فارسي زبان جو لفظ آهي. جڏهن ته عربي زبان ۾ شيطان جي معنى زيادتي ڪندڙ آهي. مولانا رومي بيان ڪيو آهي ته عزازيل ملائڪن جو به امام هو.
صد هزاران سال، ابليس و لعين
بود از ابدال، امير المومنين
منصور حلاج ۽ لطيف جي نظر ۾ شيطان خدا تعالى جو اهو عاشق آهي جيڪو ابد تائين عشق ۽ توحيد جي عقيدي جي سزا ڀوڳيندو رهندو. لطيف ابليس جي ذاتي نالي ۽ صفت ابليس کي نا پسند ٿو ڪري، ڇوته ان ۾ غرور آهي. وٽس انسان ذات لاءِ نفرت ۽ ڌڪار آهي.
عزازيل جو الله سان عشق هيو ۽ سندس عشق کي لطيف عاشق بڻجي پرکيو. جيتوڻيڪ عزازيل هر هنڌ لعنطعن جو شڪار بڻل آهي پر سندس الله پاڪ سان عشق جي حقيقت کي فراموش ڪري نه ٿو سگھجي. هن حضرت آدم کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪري الله سان عشق جي انتها ڪري ڇڏي پر ان انتها ئي کيس عزازيل مان شيطان لعنتي بڻائي ڇڏيو. ڇالاءِ ته هن اَمُر تي ادب کي ترجيح ڏني جڏهن ته اَمُر کي ادب تي فوقيت ڏيڻي آهي. عزازيل کي پنهنجي ’مان‘ مارائي وڌو. جڏهن ته هن کي پنهنجي وجود جي نفي ڪري خدا وند تعالى جي حڪم آڏو سر تسليم خم ڪرڻو هو.
ڪيفيات جي نفيءَ جو هڪ عمدو مثال سُر آسا ۾ ملي ٿو. لطيف سائين فرمايو آهي :
الا ! کرَ جيئن، مدي جن جي من ۾
اسان ۽ پرينءَ جون، اميدو پسن
تهان پوءِ مرن، سڙي انهيءَ سور ۾
مٿيون بيت پنهنجي معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان منفرد حيثيت جو حامل آهي، جنهن ۾ ندرت به آهي ته تجسس به. پهرين سٽ ۾ لطيف پنهنجي بد خواھ حريف لاءِ دعاگو آهي ته سندس حياتي وڏي ٿئي ۽ جُڙيو جيئرو رهي. جڏهن ته دشمن جي لاءِ ته دل مان هميشه بد دعا نڪرندي آهي، پر لطيف سائين جي ان دعا جي پس منظر جي خبر آخري ٻن سٽن مان واضح ٿي وڃي ٿي. هو فرمائي ٿو ته سندس حريف ان لاءِ جهان ۾ تيستائين جيئرو هجي جيستائين منهنجون ۽ محبوب جون اميدون تڪميل تي رسي وڃن ۽ پوءِ هو انهيءَ سوز ۽ ساڙ ۾ سڙي ڀسم ٿي وڃي.
جن ڪتابن تان استفادو ڪيو ويو
o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر گر بخشاڻي
o شاھ جو رسالو غلام محمد شهوڻي
o ڀٽ جو شاھ ايڇ ـــ ٽي سورلي / عطا محمد ڀنڀرو
o سچل سرمست جو سنڌي ڪلام مرتب : عثمان علي انصاري
o ڪيميائي سعادت امام غزالي / مرزا قليچ بيگ
o مضمون ۽ مقالا علامه عمر بن محمد دائود پوٽو
o علمي خزانو مولانا رومي
o عرفان ِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد
o ڀٽائي 3 (تحقيقي جرنل) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
o ڪلام ِ بيدل مولف : گل محمد انصاري
o نانڪ يوسف جو ڪلام مرتب : تنوير عباسي
o بحر العشق (رسالو سيد رکيل شاھ) فتح چند ڪارڙا
o ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي مرتب : تنوير عباسي
o ديوان گلزار غمدل مرتب : فقير لطف علي
o حضرت سلطان باهو ڊاڪٽر ڪرپال سنگهه خاڪ
o پنجاب رنگ شفيع عقيل (مرڪزي اردو بورڊ لاهور)