سنڌي سماج جي آدرشي قدرن جي عڪاسي
[b]حب الوطني
[/b]اسلام ۾ حب الوطني کي ايمان جو جزو قرار ڏنو ويو آهي. جنهن ڌرتيءَ تي انسان جنم وٺي ٿو، پلي نپجي جوان ٿئي ٿو، جنهن زمين جو سينو چيري جياپي جو سامان حاصل ڪري ٿو، جنهن خطي جي پاڻيءَ سان پنهنجي رڳن کي ريج ڏئي ٿو، جنهن سرزمين سان سندس ڏک سک واڳيل رهن ٿا، جنهن جاءِ تي سندس وڏڙن جون مزارون ۽ مقبرا آهن، تنهن ڌرتيءَ سان محبّت رکڻ هر باشعور انسان تي فرض آهي. جيڪو بي حس انسان پنهنجي وطن کي وساري ٿو ويهي تنهن تي ڦٽڪار ٿي وسي. ڀٽائي سائين اهڙن انسانن لاءِ ئي فرمايو :
حيف تنين کي هوءِ ، وطن جن وساريو
ڀٽ ڌڻي سنڌي سماج مان مارئي جي روپ ۾ حب الوطني جو اهڙو لازوال ڪردار ڳولي ڪڍيو جنهن جو مثال دنيا ۾ نه ٿو ملي. مارئي کي پنهنجي وَرَ ۽ گھر، ڇن ۽ ڇپر، سانگين ۽ ساڻيهه سان بي پناھ محبّت هئي. هوءَ جيئري ته ڇا پر مُئي کان پوءِ به پنهنجو مڙھ ملير ۾ پورائڻ پسند ڪري ٿي ۽ عمر سومري سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته جيڪڏهن آنءُ ساڻيهه جي سِڪ سيني اندر سانڍي هن دنيا مان ڪـُـوچ ڪري وڃان ته منهنجو مڙھ مارن جي حوالي ڪجانءِ جيئن منهنجي تربت ٿر جي ٿڌڙي مٽيءَ ۾ جُڙي ۽ پنهنجي اباڻي ڏيهه جي خوشبودار ولين جو واس اچي ۽ اهڙي طرح آنءُ مري امر ٿي وڃان. لطيف سرڪار مارئيءَ جي اهڙي جذبي جو اظهار بيت جي چئن سٽن ۾ هن ريت ڪيو آهي :
واجھائي وطن کي، آئون جي هت مياس
ته گور منهنجي سومرا، ڪج پنهوارن پاس
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجھان ولڙين واس
مُيا ئي جياس، جي وڃي مڙھ ملير ڏي
ساڳين جذبن جو عڪاس هڪ ٻيو بيت هن ريت آهي :
سنهي سُئيءَ سبيو، مون ماروءَ سين ساھ
ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاھ
هنيون منهنجو هـُت ٿيو، هِت مٽي ۽ ماھ
پکن منجهه پساھ، قالب آهي ڪوٽ ۾
[b]بهادري ۽ جرئت
[/b]بهادري ۽ جرئت ڪنهن قوم جا اهڙا گڻ آهن، جيڪي سندس وجود جي بقا جا ضامن بڻجي وڃن ٿا. بهادر قوم ڏي ڪو ميري اک سان نهاري نه ٿو سگھي. هيمون، هوشو، دودو ۽ دولهه دريا خان سنڌ جا اهڙا اڏول ۽ انمول ڪردار آهن جن سنڌ مٿان پنهنجا سر به گھوري ڇڏيا.
لطيف سنڌ ڌرتيءَ جي بهادر ۽ اڏول انسان جي ونيءَ جا تاثرات بيت جي ٽن سٽن ۾ هن ريت بيان ڪيا آهن :
’ڀڳو‘ آئون نه چوان ، ’ماريو‘ ته وسهان
ڪانڌ مهه ۾ ڌڪڙا ، سيڪيندي سُنهان
ته پڻ لڄ مران ، جي هونس پٺ ۾
بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو حق جي واٽ ۾ ڪيو وڃي ته ليکي ۾ ايندو. اهڙن اڙٻنگ انسانن جو هر قدم اڳي کان اڳرو هوندو آهي. اهي جُنگ جوان، ميدان ِ رزم جا شير صف شڪن بڻجي اڳتي وڌندا آهن ۽ دشمن کي ماري موٽندا آهن. اهي دلير هميشه سينا سپر ٿي منهن ڀر ڌڪ جھليندا آهن. انهن بهادرن جون ونيون به اهڙيون ئي بهادر ۽ جرئتمند هونديون آهن. انهن کي پنهنجي سر فروش وَرَن جي چيٺڻ ۾ خوشي محسوس ٿيندي آهي. ڀڄڻ ته بزدلن جو شيوو آهي، پٺيءَ ڀر ته ڀاڄوڪڙ ئي گھاوَ کائيندا آهن. مرڻ مارائڻ جو خيال مهمير ۽ مرد مٿير ئي ڪري سگھندا آهن.
[b]سخاوت ۽ مهمان نوازي
[/b]سنسار ۾ سخاوت ۽ مهمان نوازي جي خوبين بيان ڪرڻ وقت سنڌ ۽ عرب جي قومن جا نالا سر فهرست ورتا ويندا آهن. سنڌ هميشه ٻاهرين قومن لاءِ امن ۽ عافيت جو گھوارو رهيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي جو اڪثر ٻاهريون قومون هتي ٽانڊي لاءِ آيون ۽ بورچاڻيون بڻجي ويهي رهيون ۽ سنڌ جي اصلي وارثن لاءِ عذاب جو سبب بڻجي ويون. لطيف سائين پنهنجي رسالي ۾ بظاهر سنڌ جي سخي مردن سمن ۽ ابڙن سردارن جي سخاوت ۽ دليري جو ذڪر ڪيو آهي ته اهي ڪيئن پنهنجي راڄ ڀاڳ جا رکوالا هوندا هئا ۽ سامون کڻندا هئا، گڏو گڏ انهن جي سخاوت جا ڳڻ پڻ ڳايا آهن. پر باطني اشارو ٻنهي جهانن جي سردار ڏانهن آهي جيڪي بي ڪسن جا ڀرجھلو ۽ اڙين جا آڌر هئا. جن ڪمزورن سندن دامن پڪڙي اهي هميشه لاءِ حفاظت هيٺ اچي ويا ۽ انهن جا ٻيڙا پار ٿي ويا. سخاوت جي حوالي سان شاھ سائين جا ٻه بيت پيش ڪجن ٿا :
سرڻين جي سُک لاءِ، سام کڻي سردار
جي آيون اَبڙي جي آڌار ، سي سونگ نه ڏينديون سومريون
ــــــــــ
پرچي ته پاٺ ڀري ، ڏمرجي ته به ڏي
جُنگ جکري کي ، ٻئي چڱيون چت ۾
[b]هيٺاهين / نئڙت ۽ نياز
[/b]سياڻن جو چوڻ آهي ته ميويدار وڻ هميشه نمي بيهندو آهي. نئڙت ۽ نياز، حلم ۽ هيٺاهين، عاجزي ۽ انڪساري اهڙيون خوبيون آهن جيڪي انسان کي عظمت تي رسائين ٿيون. تاريخ گواھ آهي ته سنڌي قوم ڪڏهن به ڪنهن مرحلي تي اڳرائي ڪونه ڪئي آهي. سنڌ جي سرزمين تي رهندڙ هن قوم کي مٽي ئي اهڙي مٺي نصيب ٿي آهي جنهن ۾ نئڙت ۽ نياز جون خوبيون اتم درجي تي موجود آهن.
لطيف جئين ته هن ئي سرزمين جو سپوت هو تنهن ڪري منجھس انتهائي درجي جي نمرتا ۽ نياز هو. هن پنهنجي ڪلام ۾ پڻ اهڙو ئي سبق ڏنو آهي. فرمائي ٿو :
نِمي کمي نهار، ڏمر وڏو ڏک
صبر ۾ سڀ سُک، جي سنواريا سمجھين
يا
هو چونئي تون مَ چئه ، واتان ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري ، خطا سو کائي
پاند ۾ پائي ، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي
[b]مذهب سان محبت
[/b]سنڌي قوم بنيادي طور مذهبي رهي آهي. منجھس مذهب جو ايتري قدر احترام آهي جو قرآن ڪريم، سيد يا نياڻي وچ ۾ آڻڻ سان خون به بخشي ڇڏيندي آهي. صوم و صلوات جي پابند ۽ عقيدن ۾ پختي هئڻ سبب کيس ڪو تڪڙو ايمان تان ڦيرائي نٿو سگھي. الله، ان جي رسول، قرآن حڪيم، مرشد ۽ سيد جو ايتري قدر احترام ڪندي آهي جو ان واٽ ۾ پنهنجي جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي آهي. مطلب ته مذهب جي حوالي سان سنڌي قوم منڍ کان پختي عقيدي واري رهي آهي. هن جو مذهب سان محبّت جو وڏو ثبوت اهو آهي جو قرآن حڪيم کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ ان جو سڀ کان پهريون ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو. مولانا احمد ملاح وري قرآن ڪريم جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪري گويا مسلماني جو حق ادا ڪري ڇڏيو.
ڀٽ ڌڻي ڀلاري جو تعلق سيد گھراڻي سان هو ۽ هو مذهب جو پڪو پيروڪار هو. تنهن ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي قوم جي انهيءَ انمول آدرشي قدر کي کولي بيان ڪيو آهي ۽ انهيءَ تي مڪمل طور ڪاربند رهڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. هن جو الله پاڪ جي هيڪڙائيءَ ۽ نبي مڪرمﷺ جي رسالت ۾ غير متزلزل ايمان هو ۽ اهڙي ئي پختي عقيدي رکڻ لاءِ اسان کي تلقين ڪندي فرمائي ٿو ته الله پاڪ کي احد ۽ واحد ڄاڻ ۽ نبي ڪريمﷺ کي ڪائنات جو ڪارڻي ڪري مڃ. عبادت ۽ رياضت ۾ ئي نجات جو ذريعو سمايل آهي، تنهن ڪري الله سائين جا فرض واجب توڙي رسول پاڪ ﷺ جون سنتون ادا ڪندو رھ ۽ توبهه استغفار جي تسبيح جو ورد جاري رکندو اچ ۽ پنهجي نفس کي قابو ۾ رک ته دوزخ جي باھ کان بچي وڃي، ڇالاءِ ته نيڪو ڪارن جي ويجھو دوزخ جي باھ هرگز ڪانه ايندي.
وحده لا شريڪ له، چئي چوندو آءُ
فرض، واجب، سنتون، تينئون ترڪ مَ پاءِ
توبهه سندي تسبيح، پڙهڻ ساڻ پڄاءِ
نگا پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راھ سونهاءِ
ته سندي دوزخ باھ، تو اوڏيائي نه اچي
ان کان علاوه ڀٽائي صاحب جو اهو ايمان هو ته فقط ان ڏاتار کان گھرجي جيڪو ڏهاڙي ڏيندو ٿو رهي. دنيا جا باقي سڀ سهارا ڪوڙا آهن.
مڱ تنهين کان منڱتا، جو ڏيهاڙي ٿو ڏي
ڪوڙا در دنيا جا، جاجڪ مڱي جي
سڀان تهين کي، موٽي ڏيندا مهه ۾
نبي مڪرمﷺ جي عظمت جي واکاڻ جا ڍڪ ڀريندي لطيف سائين پاڻ ڪريمن کي ڪائنات جو ڪارڻي ۽ رحمت اللعالمين ڪوٺي ٿو. فرمائي ٿو ته سموري ڪائنات ۾ سندن ثاني ڪونه آهي. پاڻ مڙني مرسلن جا مهندار، سردار ۽ سالارآهن. ڪريمن جو شان بيان ڪرڻ کان مٿي آهي. ڪائنات جي خالق ۽ مالڪ سان سندن قربت ”فڪان قاب قوسين او ادنى“ جي لفظن ۾ بيان ڪري ٿو ۽ سندن دنيا ۾ تشريف آوري کي الله پاڪ جو احسان ڪري ٿو مڃي. لطيف جو اهڙو عقيدو سموري سنڌ جي ماڻهن جي دل جي ترجماني آهي. ڀٽائي جو بيت ملاحظه ٿئي :
جکري جهو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾
مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان
”فڪان قاب قوسين او ادنى“، ايءُ ميسر ٿيس مڪان
ايءُ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙم ههڙو