ٿرين جي خوراڪ ۽ پوشاڪ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چند سٽن ۾ ثقافت جي تعريف هن ريت ڪئي آهي :
”انساني زندگي لاءِ جيڪي شيون ضروري ۽ اهم آهن ۽ جن کي ثقافت جي دائري اندر شامل ڪيو ٿو وڃي مثلن کاڌ خوراڪ، لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ۽ رواج، روحاني ترقي ۽ مذهبي ڀروسا، انهن تي جاگرافيائي حالتون، تاريخ ۽ انساني نسلن جي ارتقائي تاريخ، ٻولي ۽ مذهب گھڻو اثرانداز رهيا آهن.“
برِ صغير جي تاريخ جو مطالعو ڪجي ٿو ته پراڻي دور ۾ هند ۽ سنڌ ٻه اهم حصا ليکيا ويندا هئا. سنڌ جون سرحدون ڪراچيءَ کان ويندي ملتان ۽ ڪشمير تائين هونديون هيون. سنڌ جي خوشحاليءَ جو ذڪر ٻڌي دنيا جي ڪيترن ئي وڏن حڪمرانن جي وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو ۽ اهي سنڌ جو رخ ڪندا هئا. موجوده سنڌ پاڪستان جي هڪ صوبي جي حيثيت رکي ٿي جنهن جون حدون سوڙهيون ٿي هن وقت ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين محدود ٿي ويون آهن. صوبي سنڌ کي ملڪ ۾ ريڙھ جي هڏيءَ واري حيثيت حاصل آهي، جيڪو ملڪي معيشت ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو.
سنڌ کي مکيه ٽن وڏن حصن سرو، وچولو ۽ لاڙ ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي. انهن ٽنهي حصن جي ثقافت ۾ خاص طور ٿر جي ثقافت منفرد آهي. معاشي لحاظ کان ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جا ماروئڙا اڪثر بک ۽ افلاس جو شڪار رهندا پئي آيا آهن. انهن حصن جي معيشت جو وڏو دارومدار وسڪاري تي آهي. جيتوڻيڪ ٿر کي خداوندِ تعالى معدنيات جي خزانن سان مالامال ڪيو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به حڪومت انهن خزانن کي پڌرو ڪرڻ جي زحمت ڪونه ڪئي آهي، جنهن سان ٿر واسين جي قسمت بدلجي سگھي ٿي.
لطيف سرڪار جتي پنهنجي رسالي ۾ انيڪ موضوع اختيار ڪيا آهن، اتي ٿر جي مسڪين ماروئڙن کي به ڪونه وساريو آهي. سُر مارئي ۽ سُر سارنگ ۾ سانگيئڙن جي ثقافت جي ڀرپور عڪاسي ڪيل آهي. هيٺ شاھ صاحب جي ڪلام مان ٿر واسين جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذڪر ڪجي ٿو.
جڏهن ٿر جي ڳالهه ڪبي ته حب الوطني جي لازوال ۽ بيمثال ڪردار معصوم مارئيءَ جو ذڪر ضرور ايندو. هن عمر سومري جي ڪوٽ ۾ ڏوٺ ڏينهن ڏٺا پر سندس لالچ ۾ نه آئي. ٿرين جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو ذڪر به لطيف سائين جي هن سُر مان ئي گھڻو معلوم ٿئي ٿو.
[b]خوراڪ[/b]
ٿر ۾ هونءَ ته خوراڪ جي حوالي سان ڪڻڪ، چانور، جوئر ۽ مڪئي جو استعمال به ٿئي ٿو پر ڀٽائي پنهنجي رسالي ۾ ٿر جي علاقي جي مخصوص خوراڪ جيئن فصلن ۾ ٻاجھر ۽ قدرتي غذائن ۾ ڏٿ، ڏونرا، پنير، سائون، ٽوھ، للر، لنب، پڪا، پيرون، مڃر، مڪ، گولاڙا، کهه، مانڌاڻو، مکڻي، سڱري، ڊامڻ، ميها، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون) کان علاوه کير جو پڻ جھجو ذڪر ڪيو آهي. هيٺ ٿر جي ان خاص قسم جي خوراڪ جي حوالي سان شاھ سائين جي رسالي مان ڪجهه بيت پيش ڪجن ٿا.
[b]ٻاجھر[/b]
ٻاجھر اهڙو فصل آهي جيڪو ٿر ۾ وسڪاري کان پوءِ ججھو ٿئي ٿو. هي فصل جيتوڻيڪ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به پيدا ٿئي ٿو پر اتي مستقل خوراڪ طور استعمال ڪونه ٿو ٿئي. جڏهن ته ٿر ۾ ٻاجھر باقاعده خوراڪ طور کاڌي وڃي ٿي. هن جو اٽو پيهي ماني پچائي ويندي آهي. ان حوالي سان سُر مارئيءَ مان لطيف سرڪار جو بيت آهي :
پانڌي پرين پنهوار جو ، مون وٽ جو آئو
اٺا مينهن ملير تي ، سڀ ڏيهه سوائو
ٻاجھر پڪي ٻاجهه ٿي ، لٿو ڏوگائو
جو سرتين سڃائو ، سو هينئڙو هت نه وندري
مارئيءَ وٽ گويا پنهوارن جو پانڌي اچي پهچي ٿو ۽ کيس احوال ٿو اوري ته ملير ۾ مينهن جا وسڪارا ٿيا آهن، جنهن سان سڀ سولي سڻائي ٿي وئي آهي. ٻاجھر جي فصل پوکڻ سبب صفا سڪار ٿي ويو آهي.
[b]ٽوھ[/b]
ٽوھ جو شمار ميوي کان علاوه سُتيءَ طور پڻ ٿئي ٿو. ٽوھ انهن سُتين مان آهي جيڪي سخت ڪوڙو ذائقو رکن ٿيون. ڪڙاڻ جي حوالي سان ٽوھ جو مثال ڏنو ويندو آهي ته ’اهڙو ڪوڙو آهي جهڙو ٽوھ.‘ ٽوھ ٿر ۾ تمام گھڻو ٿئي ٿو. شڪل ۾ گول آهي ۽ ڏسڻ ۾ ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي. ٿر جي رستن واٽن تي عام نظر ايندو آهي. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ’سهڻا ٽوھ پٽن پَٽن تي پيا آهن.‘ جنهن جو مطلب اهو ورتو ويندو آهي ته هرو ڀرو ظاهري سونهن ۽ سوڀيا تي ڀروسو نه ڪجي، اندر جي خبر رکڻ به ضروري آهي. ڪي ماڻهو ٽوھ وانگر ٻاهران ڏاڍا سهڻا نظر ايندا آهن پر سندن اخلاق ۽ ڪردار ۾ ڪيئي عيب هوندا آهن، تنهن ڪري ظاهر تي نه وڃجي.
ٿر واسي ٽوھ کي مختلف طريقن سان استعمال ڪرڻ کان علاوه خوراڪ طور پڻ ڪم آڻيندا آهن. ٽوھ جي ماني پچائي به کائيندا آهن جيڪا ذائقي ۾ ڪوڙي ڪونه ٿيندي آهي. اهو اصل ۾ انهن ماڻهن جو ڪمال آهي جو سخت ڪوڙي ميوي مان ڪڙاڻ کي ڪڍي ان جو ذائقو ئي مَٽائي ڇڏين ٿا. مون پڻ ٿر جي دوري دوران اهڙي مانيءَ جو ذائقو ورتو ته سخت حيرت ٿي.
لطيف، ٿرين جي ان خوراڪ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
مٿن ٽوھ ٽسڪڙا، چڪندڙا اچن
کُڙيون کيهه ڀَڪـُليون، پگھر سين پيرن
ايءُ ور ويڙهيچن ، مون لوڏان ئي لکئو
مارئي پنهنجي ماروئڙن لاءِ چوي ٿي ته جڏهن اهي ٽوهن جا ٽس يا ننڍا ننڍا ڳترا ڪري انهن جون وڏيون ڀريون مٿن تي رکي، پگھر ۾ شل مٽيءَ ۽ دز ۾ ڀريل کڙين سان گھرن ڏانهن واپس ورن ٿا ته مان سندن لوڏ مان ئي سڃاڻي ٿي وڃان ته اهي منهنجا ماروئڙا آهن.
[b]ڏٿ، سانئون، لنب
[/b]ٿر واسين جي خوراڪ ۾ مٿيون شيون به استعمال ٿين ٿيون. جن مان هر هڪ جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
[b]ڏٿ[/b]
ڏٿ ٿر جي انهن سمورن گاهن ۽ ٻوٽن کي ملائي سڏيو ويندو آهي جيڪو ڏڪار جي وقت ۾ مارو ماڻهو وڏي دقت سان ڳولي پيٽ قوت طور استعمال ڪندا آهن.
[b]سانئون[/b]
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سانئون متعلق ٻڌائي ٿو ته ”هي سنهڙي سائي داڻي وارو گاھ آهي جنهن ۾ اَنُ پيدا ٿيندو آهي، جيڪو ٿر ۾ کاڌي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.“
[b]لنب[/b]
هي پڻ گاھ جو هڪ قسم آهي، جيڪو سنهڙو ۽ سڌو هوندو آهي، جنهن جي چوٽيءَ ۾ پچڻ وقت چانور جهڙو سنهڙو داڻو ٿئي ٿو. جيڪو ڏٿ طور چانورن وانگر رَڌي کائبو آهي.
هيٺين بيت ۾ مٿين ٽنهي شين جو ذڪر ڪندي ڀٽائي مارو ماڻهن جي غربت جو نقشو چٽيو آهي. جن جو گذر روزانو آڻڻ ۽ چاڙهڻ تي هوندو آهي. اهي سٿليون ٺاهي سانئون سُڪائيندا آهن. لنب جي داڻي کي چانورن وانگر پچائي کائيندا آهن. مارئي عمر کي چوي ٿي ته منهنجي ملڪ جا مارو سڱرن، پڪن ۽ پيرن جي رَسُ ۾ پڪل شين کي تنهنجي پلائن کان وڌيڪ ٿا ڀانئين. لطيف سڱر، پڪا ۽ پيرون جي لاءِ ’آرهاڙي‘ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. آرهاڙي معنى آرهڙ يعني مئي ۽ جون جي گرميءَ وارن ڏينهن ۾ اسرندڙ خوراڪ جون شيون. بيت ملاحظه ٿئي :
آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا
سٿا ڪئو سيد چئي، سانئون سُڪائين
منجھان لنب لطيف چئي، چائر ڪئو چاڙهين
پلاءُ نه پاڙين، عمر آرهاڙيءَ سين
[b]سنڱر / سڱريون
[/b]هي ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ ٿينديون آهن جن کي ٿر ۾ سيڪي کائڻ جو رواج عام ٿو ڀانئجي. جڏهن وليون وڻ ڦلاربا آهن ۽ ڪِرڙ به پچي پڪا ٿيندا آهن ته ان مند ۾ ملير ڄايون سانڍي رکيل سڱر سَيين واگر سيڪي کائينديون آهن. گويا کين سيڪيل سڱرين مان سيين جهڙو ذائقو ايندو آهي. لطيف سائين مارئيءَ جي من جي ترجماني ڪندي فرمايو :
پانڌي پرين پهنوار جا، نياپا ني ڪي
ساري ڏيج سرتيين، ياد پونئي جيڪي
وليون وڻ ڦلاريا، ڪِرڙ پَڪا ڪي ڪي
سڱر کِيَن سرتيون، سَيين جيئن سيڪي
زير ڀڃي جي ڪي، مِلان پرينءَ پهنوار کي
[b]پَڪا، پيرون، مڃر، مَڪ
[/b]ٿر جي مارن جي غذا ۾ ڪرڙن جي پَڪن کان علاوه مڃر ۽ مَڪَ جو گھڻو ذڪر اچي ٿو. مَڪ مان مراد، کٻڙ جي ٻور جو پچي پيرن جي صورت اختيار ڪرڻ آهي. پيرون اتر سنڌ جي به ڪن حصن ۾ ٿيندو آهي، جيڪو وڏي شوق سان کاڌو ويندو آهي. پيرون ٿر وارن جي ته من پسند غذا آهي. مَڃر ۽ مَڪ جو مطلب مختلف ولين جا گل ۽ گونچ ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٿر ۾ کاڌي طور استعمال ڪيا ويندا آهن. سُر مارئيءَ جي هيٺين بيت ۾ پَڪن، پيرن، مَڃر ۽ مَڪ جو ذڪر آيو آهي.
پَڪا پهنوارن ڏي، ميوا، مَڃر، مَڪَ
عمر آٿت اُڪنڊئو، حال هماري حق
لوئي ۽ لڪ، سمن سپرين سين
مارئيءَ جو پائر پاسي پيرون چونڊڻ جي خواهش متعلق هڪ بيت هن ريت آهي :
تن ساڏوهِين سَڌَ مران، ڏنگا جنين ڏار
ڀڻي ساڻ ڀتار، پائر پيرون چونڊيان
[b]کهه، مانڌاڻو ۽ مکڻي
[/b]هي ٽئي ڏٿَ وارن ٽن گاهن جا نالا آهن. جيڪي ڏٿ طور رڌي پچائي کاڌا ويندا آهن. سُر مارئي جو بيت ملاحظه ٿئي :
چُرَنِ چِڻڪَنِ چت ۾، گھارين مٿي گھٽ
کهه، مانڌاڻي، مکڻي، ڍوئن پاسي ڍٽَ
پهنوارڪي پکڙين، وڃي ڪريان وَٽَ
ساڻيهه مٿي سَٽَ ، ڪنديس ڀڃي ڪَڙن کي
[b]ڏونرا[/b]
قدرت ٿر واسين کي جيڪي غذائون وافر انداز ۾ مهيا ڪري ڏنيون آهن، جن کي ڏٿ به سڏيو ويندو آهي، انهن ۾ ڏونرا عام آهن. ڏونرن جي فراواني متعلق سُر مارئي جو هي بيت ڏسو :
تن وِنهين ويڙيچن ۾، سدائين سُڪار
چونڊئو آڻئو چاڙهين، سدا ڏونرن ڏار
جن جو ويڙين سين واپار، سي ڏوٿي هُوَنِ نه ڏٻرا
مارئي پنهنجي ويڙ وارن جي خوشحاليءَ جو ذڪر ڪندي چوي ٿي ته منهنجا ماروئڙا جھجھا ڏونرا چونڊي اچي چاڙهيندا آهن. شال اهي ڪڏهن بُکيا نه رهن.
[b]ميها، چڀڙ، ڦنگيون
[/b]سُر سارنگ ۾ ميهن چڀڙن ۽ ڦنگين جو ذڪر آيو آهي. کنڀين کي ٿر ۾ ڦنگيون سڏيو ويندو آهي. مٿيون شيون ٿر ۾ عام جام ٿينديون آهن. لطيف سائين انهن ٽنهي جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي :
مند تي منڊل منڊيا، ڪِي اوهيڙن اوڪَ
ڇاڇر ٿي ڇنن ۾، ميهون چَرن موڪَ
سرهيون ٿيون سنگھاريون، پويو پائن طوقَ
ميها، چڀڙ، ڦنگيون، جت ٿين سڀئي ٿوڪَ
لاهيين مٿان لوڪ، ڏولائي جا ڏينهڙا
[b]ڊامڻ[/b]
ٿر پاسي هڪ گاھ پيدا ٿئي ٿو جنهن کي ڊامڻ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. مسڪين مارو انهيءَ گاھ جون پاڙون ڪڍي ڏٿ طور کائيندا آهن. سُر سارنگ ۾ شاھ سائين ڊامڻ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي :
ڀري ڀٽ تي آئيو، سارنگ سنهج منجھا
کڙيون کٽڻهار جئنءَ، وڄون اتر وا
سرها سبزا ٿيا، ڊامڻ ڊٻ ڪيا
پهري پَٽَنِيا، ڀريائين ڪــُــن ڪراڙ جا
[b]پنير[/b]
پنير هڪ اهڙي سُتي آهي جيڪا عام طور اسانجي اتر سنڌ ۾ رتُ جي صفائيءَ طور پيتي ويندي آهي. ذائقي ۾ تمام ڪوڙي هوندي آهي. لطيف سائين مارئيءَ جي ملڪ ملير جي حوالي سان جنهن پنير جو ذڪر ڪيو آهي لاشڪ اهو ساڳيو ئي پنير آهي بيت هن ريت آهي :
وطن مون ملير، قضا آنديس ڪوٽ
چانڪ پينديس پرينءَ سين، پائر جو پنير
هاڃا ڪئو همير، بالله ني ٿو بند ۾
مارئي عمر سومري سان مخاطب ٿي چوي ٿي ته منهنجو اصل وطن ته ملير آهي. قسمت آڻي هن ڪوٽ ۾ کڻي قيد ڪيو آهي. دل ٿي چاهي ته جيڪر پنهنجي پرينءَ سان پائر جو پنير وڃي پيئان. (پائر ٿر جي هڪ علائقي جو نالو آهي) تو مون مٿان ظلم ڪري مونکي ناحق آڻي اسير ڪيو آهي.
ٿر ۾ کاڌي طور استعمال ٿيندڙ ٻين شين ۾ گدريون، ڇانهين جو ٻج، ساڳ، سيارڇ ۽ گوار اچي وڃن ٿا. جن جو ذڪر لطيف سائين جي سُر مارئي يا سارنگ ۾ ڪونه آيو آهي. ڊاڪٽر الهنواز ميمڻ پنهنجي مقالي ’ٿري غذائون ۽ صحت‘ ۾ لکي ٿو ”ٿر ۾ برسات جي موسم ۾ پيدا ٿيندڙ شيون جهڙوڪه پپون، ڪونڊير، للر، مريڙو، ڇانهان، چڀڙ، گدريون ۽ گوار غذائي لحاظ کان عمدا آهن.“
[b]کير[/b]
کير کي بين الاقوامي مشروبات واري حيثيت حاصل آهي. جيڪو پوري دنيا ۾ غذا طور استعمال ڪيو ويندو آهي. کير ۾ قدرت مڪمل غذائيت وارا جزا رکيا آهن. کير ڏيندڙ جانورن ۾ مينهن، ڳئون، ٻڪري ۽ رڍ اچي وڃن ٿا. ٿر ۾ مينهن ۽ ڳئن کان وڌيڪ ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ پاليا ويندا آهن. ٿريلن جي معيشت جو مدار پوکي راهي کان وڌيڪ انهن جانورن تي آهي.
سُر مارئيءَ جي هيٺين بيت ۾ مارئي عمر کي التجا ٿي ڪري ته جيڪڏهن هو کيس ڪوٽ مان ڪڍي هيءَ امانت منهنجي ملڪ واسين ڏانهن اماڻي ته جيڪر هڪ طرف مٿائنس حرف لهي پوي ۽ ٻي طرف منهنجي موٽڻ جي خوشيءَ ۾ ماروئڙا کير جون وٽيون ڀري پيئن.
مينڍا ڌوءِ نه مارئي، آهس من ملير
ڪڍي ته ڪاڻ لهي، هتان هيءَ همير
کائڙ پيئن کير، جي امانت ات وڃي
[b]پوشاڪ[/b]
سنڌ جي مختلف خطن ۾ خوراڪ وانگر پوشاڪ ۾ به ڪي قدر نمايان تبديلي نظر اچي ٿي. عام طور تي سڄي سنڌ ۽ خاص طور تي اتر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مردن جي پوشاڪ ۾ گوڏ، پهراڻ، سنڌي ٽوپ، اجرڪ ۽ پٽڪو استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ عورتن جي لباس ۾ شلوار قميص، رئو يا پوتي عام آهي. جڏهن ته ٿر جي مردن توڙي عورتن جي پوشاڪ ۾ مٿين ڪپڙن کان علاوه ڪجهه اهڙيون شيون به ملن ٿيون جيڪي بلڪل مختلف ۽ منفرد آهن. اهي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ گھٽ استعمال ٿين ٿيون يا وري بنهه ڪو نه ٿيون ٿين.
[b]لوئي[/b]
سُر مارئي ۾ ٿرين جي پوشاڪ بابت جيڪي بيت ملن ٿا انهن ۾ لوئيءَ جو ذڪر وڌ کان وڌ آيو آهي. لوئيءَ کي لڄ يا سَتر جي نشاني سمجھيو ويندو آهي. هتي مذڪوره سُر ۾ لوئيءَ جي ذڪر وارا چند بيت پيش ڪجن ٿا :
عمر ماروئڙن جا، ٿر ٿر اندر ٿاڪَ
لاٿائون لطيف چي، مٿان لوئيءَ لاک
عمر اٿم آک، پهرئو ٿي پَنِ چَران
ـــــــــ
عمر ماروئڙن جو، ٿر ٿر اندر ٿانءُ
سڀ تنهنجو سومرا، ويٺا ڳنهن نانءُ
اتي ويندس آنءُ، لوئيءَ لڄ مٿي ڪري
ـــــــــ
پٽ پرهيان سومرا، جانڪيتان جيان
آنءُ ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان
جانسين ٿي جيان، ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻئو
ـــــــــ
سون برابر سڳڙا، لونءَ برابر لکُ
رپو جنهه رد ڪئو، ڪوڙ تنهين کي ڪک
مون ماروءَ جو مَکُ، تيل نه لاهيان تنهنجو
لوئيءَ لاءِ ڀٽائي ڪٿي ڪٿي کٿي جو لفظ به ڪم آندو آهي. مثال :
سبي سيبا ڏي، ڀوريءَ نيهه نه لڄئو
کٿيءَ وٽيون کـُـٿيون، سبي سيري سي
مڇڻ چونن ڪي، لڄايئي ٿر ڄائيون
مارئي جي کٿيءَ جون وٽيون به کسي ويون آهن، جن کي ور ور ويٺي ٽوپا ڏئي ڳنڍي. پر عمر جا قيمتي ڪپڙا اوڍي ٿر ڄاين کي لڄائڻ نه ٿي چاهي.
هڪ ٻي بيت ۾ نه فقط کٿيءَ جو ذڪر آيو آهي بلڪه انهيءَ جي تيار ڪرڻ واري هنر کي به بيان ڪيو ويو آهي.
پهنوارن پاٻوهيو، ڪي وسَ واهوندن
لٿو سيءُ لطيف چي، ٻڌو ڦن ڦرن
پائر ڏنيون پٺيون، ننڍن نوراڀن
اوءِ ٿا ڪورين ڪنئري، سرتيون مٿان سسن
عمر اُنَ اگهوندري، پاسي ڪانڌ ڪتن
کائر کٿيون خاصيون، اونچيون اُتِ اُڄن
ڪڍيو پيڻ ڪَهن، ملير گھرجين مارئي
هن بيت جو حاصل مطلب آهي ته پائر پاسي رڍن جي ڦرڙن جي نرم، صاف ۽ اڇي اُنَ ڪتري انهيءَ مان خوبصورت ۽ اچيون کٿيون تيار ڪيون وينديون آهن.
لوئي يا کٿيءَ لاءِ هڪ ٻيو لفظ ’ڌٻري‘ جو به آيو آهي، جنهن جي معنى ٿلهي پوتي ٻڌائي وئي آهي. گويا اها لوئي يا کٿيءَ کان ڪجهه مختلف آهي. جيئن هيٺين بيت ۾ ڏسو :
ميري جي ڌٻري، مَر مٿي تي هوءِ
متان مارو چوءِ، ته واچا ويئي وسري
ڌٻري جي معنى سادا، ٿلها، ميرا ڪپڙا به ٻڌائي وڃي ٿي. جيئن:
ڪيئن ڌئاريا ڌٻرا، وينديس ڪنهه وهاه
مون مل مارو ناه، اڇا اوڍيان ڪنهه کي
مارئي عمر سان مخاطب آهي : ”پنهنجي مارن کان مليل سادا ۽ ٿلها ڪپڙا، جيڪي ميرا ٿي چڪا آهن، ڇا لاءِ ڌوئان! مونکي ڪنهن وهانءَ تي ته وڃڻو نه آهي، پوءِ ڪنهن جي ڪارڻ اڇا ڪپڙا اوڍيان.“
لوئيءَ جي لاءِ ڀاروڙي جو لفظ به استعمال ۾ آيو آهي. جيئن لطيف سرڪار فرمايو :
ڀرم ڀاروڙي رهي، جنهه ۾ اڇي اُنَ
ته پڻ ويٺي ونڌيان، توڙي پونس تــُنَ
غافل رک غريب کي، عمر! منجهه امن
سرتين سان سَمُنَ، آهم اُٺي مينهڙي
[b]ڪَنجُرو (چولو)
[/b]ٿر ۾ چولي کي ڪنجرو به سڏيو ويندو آهي. سُر مارئي مان اهڙا ٽي بيت جن ۾ ڪنجري جو ذڪر آهي سي هيٺ پيش ڪجن ٿا :
سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام
اباڻن جي آسري، ڪَتي ڪا نه ڪيام
جا ڍَٽِ ڍڪيام، تَنهنجي پرور پت رهائيين
ـــــــــ
سهسين سيبا ڪنجري، ليڙون ٿي لوئي
واسي وار نه ويڙهيان، ڌارين سين ڌوئي
ملير مڙوئي، مرڪي شال ملهائيان
ــــــــــ
اڳڙيارو ڪنجرو، لوئي سين ليڙن
ههڙو حال وٺي ڪري، وڃان منجهه ٿرن
مارو مانَ چون، هئي اسانهين آسري
مٿين ٽنهي بيتن ۾ ڪنجري خواه لوئيءَ جي زبون حالت ڏيکاري وئي آهي، چولي کي چتيون لڳل آهن ۽ لوئي ليڙون ٿي وئي آهي پر مارئي اباڻن جي لڄ رکڻ خاطر نوان ڪپڙا ڪونه ٿي اوڍي. هوءَ چاهي ٿي ته اهڙي ئي حال ۾ وڃي مارن سان مِلان ته مَنَ اهي ائين چون ته ويچاري اسان جي ئي آسري هئي.
[b]چُني[/b]
ٿر ۾ پوتيءَ لاءِ چنيءَ جو لفظ به ڪم ايندو آهي. سُر سارنگ ۾ لطيف سائين فرمايو :
سارنگ سائي سِٽَ ، جهڙي لالي لاک جي
ايءَ سي اٻن انگيا ، جنءَ سي چُنيءَ چِٽَ
برسيو پاسي ڀٽَ ، ڀريائين ڪــُـنَ ڪراڙ جا
مٿين بيت جو مفهوم هن ريت آهي ته رحمت ڀريا ڪڪر، لاک جهڙو ڳاڙهو روپ وٺي اڀريا آهن ۽ چنيءَ جي چِٽَنِ جهڙي ڏيک ڏين ٿا.
لوئي ۽ ڪنجري کان علاوه پَڙا، چوليون ۽ پولڪا ٿري عورتن جي لباس ۾ شمار ٿين ٿا. اهي پنهنجي ڪپڙن کي رنگ برنگي ڀرت سان نهايت خوبصورت ۽ ديده زيب بڻائين ٿيون.
[b]مددي ڪتاب
[/b]o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
o شاھ جو رسالو غلام محمد شاهواڻي
o ٿر مرتب : عبد القادر منگي
o عرفانِ لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد
o فڪرِ لطيف مرتب : ڊاڪٽر بشير احمد شاد