سُر ڪاموڏ جو روحاني راز
لطيف سائينءَ جي سُر ڪاموڏ ۾ بظاهر ته ’نوري ۽ ڄام تماچي‘ جو داستان بيان ڪيل آهي. پر اصل ۾ انسان کي پنهنجي حيثيت جو احساس ڏياريو ويو آهي ۽ ’هست‘ کي ’نيست‘ ۾ تبديل ڪري هن دنيا ۾ عجز ۽ انڪساريءَ، نوڙت ۽ نياز سان هلڻ جو سبق سيکاريو ويو آهي.
شاھ جي رسالي جو مرتّب مرحوم غلام محمد شاهواڻي ’منهاج العاشقين‘ جي حوالي سان سُر ۾ آندل تشبيهن، ڪناين ۽ علامتن جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو :
ڄام تماچي ـــــــــــ ربّ جي پاڪ ذات
نوري ـــــــــــ مومن جو روح يا مردِ ڪامل
ڪينجھر ـــــــــــ هيءُ جهان
ڄام جو نوريءَ سان ناتو ــــــــــ ذات جي صفات طرف ڪشش
هتي نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي قصي دهرائڻ جي ضرورت نه آهي. البته ايترو ضرور چئبو ته نوريءَ جي حسن ۽ جوانيءَ کان وڌ جنهن ڳالهه سمي ڄام جي سيني ۾ سِڪ جي سلي کي سيراب ڪيو، سا نوريءَ جي نئڙت ئي هئي. نوريءَ جي فطري سادگي ۽ عجز انڪساريءَ ڄام جو من موهي وڌو ۽ کِکيءَ هاڻين کارين ۽ ڇڇيءَ هاڻين ڇڄن تان اٿاري کڻي پنهنجي پٽ راڻي بڻايو.
هڪ غريب گندري جڏهن سمي سردار جي راڻي بڻجي وڃي ٿي، تڏهن به سندس طبيعت ۾ ڪو گيرب ۽ گاءُ ڪونه آيو. بلڪه اڳي کان به وڌيڪ حلم ۽ هيٺاهين سان هلڻ لڳي. پنهنجي اصليت کي ڪونه وساريائين. هوءَ پاڻ کي عيبدار ۽ خطاوار سمجھندي رهي. مٿس دولت ۽ حشمت جو نشو ڪونه چڙهيو. هيءَ غريب گندري سمي ڄام جي انيڪ احسانن جا ڳڻ هر وقت ڳائيندي رهي. حاڪم جي من تي حڪمراني ڪرڻ جي باوجود انهيءَ احساس هيٺ سدائين ڪنبندي رهي ته ڪٿي هو مون مسڪين جا عيب قطاري، مونکان منهن نه موڙي ڇڏي. تنهن ڪري کيس هر وقت نوازش جي نگاھ رکڻ لاءِ التجا ڪندي رهي.
تون سمون، آنءُ گندري، مون ۾ عيبن ڪوڙ
پسي کِکيءَ کوڙ، متان ماڱر مٽئين
رب العالمين وٽ به انسان جو عجز ۽ انڪساري ئي درڪار آهي. ڇالاءِ ته مالڪِ حقيقي جي ڪبريائيءَ آڏو انسان جي حيثيت ’ڪين‘ برابر آهي. سو جڏهن هو پاڻ کي ’ڪين‘ تصور ڪندو، تڏهن ئي ربّ جي رحمت جو حقدار ٿيندو. جن ’مان‘ ڪئي سي مُٺا. جيڪي انسان پنهنجي ’هستيءَ‘ کي ’نيستيءَ‘ ۾ تبديل ڪندا آهن، انهن تي ئي ربّ ڪريم پنهنجي خاص ڪرم جي نظر ڪندو آهي ۽ سندن رتبا وڌائيندو آهي.
لطيف سائين نوريءَ کي اهڙي عاجز انسان جي علامت طور پيش ڪيو آهي، جنهن کي پنهنجي اڻ مين اوڻاين جو شدت سان احساس هجي. انهيءَ ڪري ئي هوءَ تماچي تڙ ڌڻيءَ کي التجا ٿي ڪري ته اي سما سردار! متان مون مسڪين مهاڻيءَ جي اوڻائين کي آڏو آڻي مون کان مهنڙو مَٽي ڇڏين.
تون سمون، آنءُ گندري، مون ۾ عيبن ويهه
پسي مِئڪي ڌيءَ، متان ماڱر مٽئين
انسان کي خطا جو گھر سڏيو ويو آهي. هو ڪيترو به مٿي وڃي ۽ کيس ڪيتري به عزت، شهرت ۽ دولت حاصل ٿئي پر پوءِ به انسان آهي. الله پاڪ جي عظمت ۽ وڏائيءَ آڏو هن کي هميشه حلم ۽ هيٺاهينءَ سان هلڻو آهي. پنهنجين ڪمين ۽ ڪوتاهين جو عاجزيءَ سان اعتراف ڪرڻو آهي.
لاکيڻي لطيف جي مشاهدي واري اک جو اعتراف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھجي. جڏهن هو ڪينجھر ڪناري رهندڙ غريب گندرين جي سقيم حالي، شڪل و شباهت توڙي ڪرت ۽ ڪاروبار جي منظر ڪشي ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪاريون، ڪوجھيون، ڪُوَڙيون ڪوٺي ٿو. جيڪي کِکيءَ جون کارين کڻي واٽن تي وڃي ويهن ٿيون. پوءِ اهڙين ڪوجھين ۽ گدلين گندرين جا انگل ۽ آرا فقط سمون ڄام سلطان ئي سهي ٿو. لطيف انهيءَ تخيّل کي لفظن جي مالها ۾ پوئي هن ريت پيش ڪري ٿو :
ڪاريون ڪوجھيون، ڪُوَڙيون، مور نه موچاريون
وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريو
انين جون آريون، سمي ريءَ ڪير سهي؟
هتي ڪارين، ڪوجھين، ڪـُـوَڙين مان لطيف سائين جي مراد اهي گنهگار، عيبدار، اَٻوجهه ۽ اَگِلڙا انسان آهن، جن جي مڙني مداين کي درگذر ڪري ربّ العالمين مٿن شفقت جو پاڇو ڪندو رهي ٿو. ڇا لاءِ ته هو غفور الرحيم آهي. هو فقط عبادت گذارن ۽ نيڪوڪارن جو ربّ نه آهي، بلڪه هو ته ربّ العالمين آهي. تنهن ڪري مالڪ سائين ڪِنن ڪوجھڙن ٻانهن مٿان به رحمت جو ڪڪر وسائيندو رهي ٿو.
اهڙي طرح ”سُر ڪاموڏ“ جي هڪ بيت ۾ حضرت ڀٽائي گھوٽ فرمايو آهي :
کوءِ سميون، ٻَنِ سومريون، جي اچن اوچي ڳاٽ
وَرُ سي ڪينجھر ڄائيون، جن تماچيءَ جي تات
راڻين مُلا رات، ماڻڪ مي پرائيو
بيت جي ظاهري معنى ۾ انهن سمين ۽ سومرين راڻين جو ذڪر آهي، جيڪي پنهنجي منصب جي گھمنڊ ۾ اوچي ڳاٽ هلن ٿيون ۽ فخر وچان ڪنهن کي به پاڻ جهڙو نه ٿيون سمجھن. لطيف سائين انهن جي مقابلي ۾ ڪينجھر ڪناري وسندڙ مين، مهاڻِين ۽ غريب گندرين کي بهتر ٿو ڀانئي جن پنهنجي اصليت ڪانه وساري آهي ۽ سدائين سندن زبان تي ان محسن مهربان تماچيءَ جو نالو آهي، جنهن مٿن اڻ ميا احسان ڪيا آهن. پوءِ سمي ڄام به مغرور راڻين کي نذر انداز ڪري غريب گندريءَ جي نياز ۽ نئڙت کان متاثر ٿي کيس نعمتن سان نوازي ڇڏيو.
بيت جي باطني ۽ روحاني معنى تي غور ڪجي ٿو ته ربّ سائين جي حضور به اوچي ڳاٽِ هلڻ وارن انسانن کي ننديو ويو آهي. وڏائي فقط هڪ ربّ جي ذات کي سونهي، باقي مخلوق ته سندس غلام آهي. غلام کي پنهنجي آقا آڏو ڪنڌ کڻي هلڻ جي هرگز اجازت نه آهي. غرور ۽ تڪّبر ته شيطان جو شيوو آهي. نمرود، فرعون، هامان ۽ يزيد دنيا جي تاريخ جا اهڙا ڪردار آهن جن روءِ زمين تي پنهنجي طاقت، حشمت، وڏائي، ظلم ۽ بربريت جا بدترين رڪارڊ قائم ڪيا. پر انهن جي عبرت ناڪ اَنت جا گواھ به تاريخ جا ورق ئي آهن.
لطيف نوريءَ جي ڪردار کي هيٺاهين ۽ حلم، نياز ۽ نئڙت، عجز ۽ انڪساري جو مثال ڪري پيش ڪيو آهي. جنهن ڪري نوريءَ جو ڪردار لازوال ۽ بي مثال بڻجي پيو آهي. جئين ڄام سمي کي نوريءَ جي ان نياز واري ادا موهي ڇڏيو ۽ کيس فرش تان کڻي عرش تي رسايو. اهڙي ريت الله تعالى وٽ به انهن ئي انسانن جو قدر آهي جيڪي سندس ربوبيت آڏو پنهنجي ڪمين ۽ ڪوتاهين جو تههِ دل سان اعتراف ڪن ٿا ۽ ان حاڪم جي حڪمن جي پوئواريءَ ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪندا رهن ٿا. پوءِ اهڙن ئي خوش بخت انسانن جي مٿان ربّ ڪريم پنهنجي رحمتن، برڪتن ۽ نعمتن جي پالوٽ ڪري ٿو ۽ کين وڏا مرتبا عطا ٿين ٿا.
سمي ڄام سلطان جو به اعلى مقام آهي. ڪنهن گندريءَ ڪو هن کي ڪونه ڄڻيو آهي، نه ئي مهاڻن مان سندس ڪو اولاد آهي. تِنهن جي باوجود هو نوريءَ جي ناتي سان سڀني گندرين جو ڄڻ ڪو عزيز بڻجي پيو آهي، ۽ هو سڀني تي مهربان آهي. هن سڀني کي اَڏي ڇڏيو آهي.اها سندس شرافت ۽ انسان دوستيءَ جي انتها آهي. هن جي وڏائيءَ جي اها حد آهي جو هن غريب گندريءَ ۽ سمين راڻين جو درجو هڪ جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. ڄام تماچيءَ جو تخت ڪو رواجي نه آهي بلڪه وڏي شان ۽ دٻدٻي وارو آهي. لطيف سائين فرمايو آهي :
نه ڪهه ڄايو ڄام کي، نڪو ڄام وياءُ
ننڍي وڏي گندري، سڀن آھ سياءُ
”لم يلد ولم يولد“، ايءُ نجابت نياءُ
ڪبر ڪبرياءُ، تخت تماچي ڄام جو
خداءِ ذوالجلال جي ذات ”لم يلد ولم يولد“ جي صفات رکي ٿي. باري تعالى جي نظرِ ڪرم به هر خاص و عام تي آهي. هو پنهنجي پيارن جي صدقي جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي. کانئس ڪو پڇڻ وارو نه آهي. هو ته بي پرواھ بادشاھ آهي. جنهن جو اندر اُجرو ڏسي ٿو، تنهن کي ڇڪي پنهنجن پيارن منجھان بڻائي ٿو ڇڏي. سندس عظمت، حڪمراني ۽ جاه و جلال جو ڪو حد حساب ئي ڪونهي. هو ته سڀني کان عظيم آهي.
هڪ ٻي بيت ۾ شاھ سائين ڄام تماچيءَ جي حڪمرانيءَ ۽ وقار جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته هي سڄو تڙ تماچي ڄام جو آهي ۽ هن تڙ جو حڪمران، مالڪ ۽ مختيار آهي. تڙ واسين ۽ غريب گندرين کي سندس ئي ته سهارو آهي. تنهن ڪري تڙ واسين کي گھرجي ته هو ان سخي ۽ عادل حاڪم جا ڳُڻ ڳائيندا رهن. جيڪي ان سخي مرد جي ساراھ جو حق ادا ڪندا اهي ئي انعام اڪرام جا مستحق ٿيندا.
تڙ تماچي ڄامَ جو، تماچي تڙ راءِ
تماچيءَ جي تڪيي، تون تماچي ڳاءِ
ته تون تماچياءِ، تماچي تڙ لهين
بيت جي باطني معنى تي غور ڪبو ته ان جو مطلب ۽ مفهوم ڪجهه هن طرح ٿيندو. تڙ مان مراد هي جهان آهي. تڙ راءِ جو مطلب حاڪم آهي. حاڪم جو اشارو ان احڪم الحاڪمين ڏانهن آهي. جهان ۾ نيڪوڪار، بدڪار، ارڏا توڙي اَگِلڙا سڀ رهن ٿا. جهان جو خالق ۽ مالڪ ربّ ڪريم آهي. لطيف سائين ان خالقِ حقيقي جي مخلوق سان مخاطب ٿيندي هدايت ٿو فرمائي ته سمورن انسانن جو اَجھو ۽ آسرو ان مالڪ جي ذات ئي آهي. تنهن ڪري انسان جي مٿان فرض عائد ٿو ٿئي ته هو پنهنجي مقصود ۽ مطلوب کي ويجھو ٿي عارفن ۽ سالڪن جو درجو ماڻڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوشش ڪندو رهي. ان حاڪم جي حڪمن جي پابندي ڪري مقصدِ حيات حاصل ڪري.
ڪينجھر ڪناري رهندڙ مهاڻا جن جو اَٺَ ئي پهر پاڻيءَ سان واهپي سبب رنگ ڪاراٽجي ويل ۽ سندن جسم ۽ ڪپڙن ۾ کِکيءَ ۽ ڇڇيءَ جي بدبوءِ، انهن وٽ نوريءَ جهڙي سهڻي ستابي ۽ نياز جي پيڪر جو پيدا ٿيڻ ويرانيءَ ۾ گل ٽڙڻ کان گھٽ ڪونه هو. شاھ صاحب نوريءَ جي انفراديت جو ذڪر نهايت خوبصورت پيرايي ۾ هن ريت ڪيو آهي.
هٿين پيرين ارکڻي، مهه نه مهاڻي
جئن سڳو وچ سرندڙي، تئن راڻين ۾ راڻي
اصل هئي ان کي، اهل ڄاماڻي
سمي سڃاڻي، ٻِيِڙو ٻڌس ٻانهن ۾
بيت جو ظاهري مطلب ته پڌرو آهي ته نوري سڀني وصفين سهڻي هئي. منهن مهانڊن ۾ مهاڻي مور ڪونه ٿي لڳي. ٻين راڻين ۾ به سندس حيثيت منفرد هئي. لطيف سائين ان حيثيت جي تشبيهه سُرندڙي جي سڳي سان ڏئي وڏي ندرت ۽ نازڪ خيالي کان ڪم ورتو آهي. نوريءَ جي روش ۽ ڍنگ (اٿڻي ويهڻي) به وڏ گھراڻين جهڙو هو. اهو ئي سبب هو جو سمي ڄام سندس خوبين کان متاثر ٿي کيس کڻي پنهنجي راڻي بڻايو.
بيت جي باطني معنى هن ريت ٿيندي ته جيڪي انسان دنيا ۾ وڏا روحاني رتبا ماڻيندا آهن، اهي پنهنجي عادات و اطوار توڙي صورت ۽ سيرت ۾ منڍ کان منفرد هوندا آهن. اهي عام انسانن سان رهڻ باوجود عام ڪونه هوندا آهن. اهڙن ئي انسانن کي ربّ پاڪ عام انسانن مان کڻي پنهنجن پيارن ۽ خاص ٻانِهَنِ ۾ شامل ڪري ڇڏيندو آهي.