مھاڳ……
مختصر ڪھاڻي جي فني تعريف يا وصف ٿورن لفظن ۾ اِها ڪڍي سگهجي ٿي ته مختصر ڪھاڻي هڪ اهڙو مختصر فڪري داستان آهي، جنهن ۾ ڪنهن هڪ خاص واقعي يا هڪ ڪردار تي روشني وڌي وڃي. مختصر ڪھاڻي جي پلاٽ ۾ واقعن جا تفصيل ڳنڍيل ۽ ڳتيل هُجن ۽ بيان ايتريقدر منظم هجي، جو اُن مان صرف هڪڙو واحد تاثر جُڙي سگھي. سمورن ڳالهين مان اِها ڳالهه واضع ٿيو وڃي ته ڪھاڻيءَ جون ظاهري ۽ فني خصوصيتون جيتوڻيڪ پلاٽ واقع بيان ۽ ڪردار نگاري وغيره چئي سگهجن ٿيون، پر اُن جي اندروني بناوت ۾ صرف ٻه تخليقي عنصر پوشيده آهن. انهن مان هڪڙو ته فنڪار جي اِها ڪوشش آهي، جنهن مان تخليق ۾ ايجاز جو نشان پيدا ٿئي، ٻيو ته اُن مان لازمي طور ڪونه ڪو تاثر اُڀري بيهي. انسان جي زندگيءَ ۾ بيشمار واقعا پيش اچن ٿا ۽ سندس زندگي ڪيترن ئي تجربن مان گذري ٿي، پر ڪھاڻيڪار انهن مان ڪنهن به هڪ واقعي، حادثي يا ڪنهن ڪردار کي چونڊي پنهنجي ڪھاڻيءَ جو اساس قرار ڏئي ٿو ۽ اُها ڳالهه به ظاهر آهي ته سڀئي ماڻهو هر واقعي جو هڪ جِھڙو ۽ هڪ جيترو اثر قبول نه ٿا ڪن.
هر ماڻهو پنهنجي نفسياتي مزاج ۽ روشن ضمير آهر اُن واقعي جو اثر وٺي ٿو. جڏهن ته فنڪار يا ڪھاڻيڪار هڪ حساس طبع انسان آهي، هن جي شعور ۽ لاشعور ۾ ڪيترائي واقعا گڏ ٿيندا رهن ٿا، جنهن وقت ڪو واقعو سندس ذهن ۾ هڪ اُٿل پُٿل مچائي ٿو، اُن وقت هو پنهنجي ذهني تحرڪ جو ڀرپور تاثر پڙهندڙن تائين پھچائڻ چاهي ٿو. پر هو هوبهو واقعو پيش نه ٿو ڪري ، پر اُن ۾ پنهنجي فڪري رو ۽ جذبو شامل ڪري ٿو.
ڪھاڻي شايد لابارو ڪندڙ ڇوڪريءَ جيان آهي. جنھن لاءِ وليم ورڊس ورٿ، solitary reaper نظم چيو هو، ’جِهرڪيون ماريندڙ‘ سڏجندڙ هِن شاعر کي فطرت سان بي انتها پيار هو. اُنڪري هُن پنهنجي سموري زندگي گهر جي ٻاهران واري هڪ باغ ۾گُذاري ڇڏي. ائين ئي ڪھاڻي جا عاشق ۽ چاهيندڙ به پنھنجون عمرون ڪھاڻي جي بالاخاني تي وڃائي ڇڏيندا آهن يا وري سندس بازارِ ۾ نيلام ٿي ويندا آهن. الائي وليم ورڊس ورٿ کي ڪھاڻي جي ڪا ڄاڻ هئي يا نه، پر سندس نظمن ۾ ڪھاڻيءَ جا گهنگهرو ڇِمڪندي محسوس ٿيندا آهن، جيئن سرڪار لطيف ڀِٽ ڌڻيءَ جي بيتن مان ڪيئي ڪھاڻيون ليئا پائيندي نظر اينديون آهن.
ڪھاڻي لابارو ڪندڙ اُن ڇوڪريءَ جيان آهي جيڪا تنھائي/اڪيلائي لُڻيندڙ آهي. جيڪا پنھنجي رنگ ۾ بنھه سُريلو گيت ڳائيندي رهي ٿي جيڪو پُرجوش هجڻ سان گڏوگڏ درد سان ٽُٻٽار آهي. ڪھاڻي اُن لابارو ڪندڙ ڇوڪريءَ جيان آهي جنهن جو گريبان چاڪ آهي، پوءِ به هوءَ ميڊونا جي ناچ گاني جيان بيباڪ آهي. سندس سُريلو آواز جي ڪوڪ، ڪوئل جي ڪوڪار کان وڌيڪ پُر اثر آهي جيڪا سمونڊن جي خاموشيءَ کي ٽوڙي رکي ٿي.
ها! اهڙي ئي ڪھاڻي، منھنجي سنڌ جي به آهي جيڪا ڌرتيءَ جي هِن ننڍڙي ذري تي به ڄڻ ڪائنات بڻيل آهي. منھنجي ڪهاڻيءَ جو ڳاٺ فخر سان اوچو آهي. منهنجي سنڌ جي ڪھاڻي، نئين جلوي ۽ ترنگ سان چيلهه تي دِلو رکي ڪنهن ڪامڻيءَ وانگي ٽلِندي اچي. ڪنهن معصوم اُبهم وانگي بانبڙا پائيندي اچي، ڪنهن ڦوهه جوان ڪنيا وانگي ناز نخرا ٿي ڪندي رهي ته وري ڪٿي جُهور ڪُراڙين ڪھاڻين جيان هيڻي ۽ عليل به آهي.
ڪنهن چيو ته ڪھاڻي مري يا رُڪجي وئي آهي؟ جڏهن زندگي رُڪي ۽ سنڌ مُئي ته پوءِ اِهي ڳالهيون ڪبيون. زندگي به چُري پئي ۽ سنڌ به جيئي پئي... سو ڪھاڻي به ڊوڙي نه ته رڙهي ضرور پئي. سنڌ ۾ جيڪا ڪھاڻي لکجي پئي، سا مان مسلسل پڙهان پيو. انيڪ نالا آهن، جيڪي ڪھاڻي سان جُڙيل آهن. سنڌ ۾ هِن وقت جيڪا ڪھاڻي لکجي پئي، اُن مان جهلڪ نظر اچي پئي ته ها ٻيلي، اُها هاڻي جيڪا اڃان ننڍڙي آهي اٻوجهه آهي، ڪمزور آهي، سا ضرور جوان ٿيندي ۽ اسان جي کُٽي ويل جُهڪي ويل ڪُٻين پوڙهين ڪهاڻين کي ڪُلهن تي ضرور کڻندي. مان ڪنهن ٻئي لاءِ نٿو چوان، پنهنجي لاءِ ٿو چوان ته منهنجي ڪهاڻي وقت جي وير ۾ هڪ ڏينهن ضرور لٽجي ويندي، ۽ نئين ڪهاڻي وقت جي اسڪرين تي نئين جلوي ۽ چمڪي سان چمڪندي.
ڪھاڻي جيتوڻيڪ اَڪ جي ماکي ڪونهي ته لاهي وٺجي پر کجيءَ جو تُور به ناهي جو ڇاڻي نه سگهجي، اڻ ڄاڻ ته اک جي ماکي به لاهي نه سگهندو، سو ڳالهه وري به آهي اُن ڏانءُ جي جيڪو کجيءَ جو تور به لاهي سگهي.
ارتقا جيڪا زندگيءَ جو حِصو آهي، سا ئي ارتقا ڪهاڻيءَ جو به حصو آهي، جو ڪھاڻي زندگيءَ کان ڪنهن به ريت ٻاهر ڪونهي، ڪنهن کي به امر يا وڏو ڪوٺڻ يا بس اُتي دنگ ڪري ڇڏڻ کان اڳ اِهو ضرور سوچڻو آهي ته پويان هڪڙو قافلو آهي، جيڪو ڪاهيندو اچي ۽ ضرور اُهو ڪافلو ارتقا جي مرحلي مان گذري تڪميل ڏانهن وڌندو، سو مان ته گهٽ ۾ گهٽ نااُميد ناهيان.
اُميد جي اُن ڪِرڻي ۾ ذُلفي زنئور به شامل آهي جنھن ڪھاڻي جي سفر ۾ وِکون کڻڻ شروع ڪيون آهن. سندس ڪھاڻي ننڍڙي اُبهم، ڪمزور نه سھي، بانبڙن واري صورت مان وکون کڻڻ واري حالت ۾ هلي چُري آهي. مان مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته، هر ماڻهو پنهنجي نفسياتي مزاج ۽ روشن ضمير آهر، هر اُن واقعي جو اثر وٺي ٿو، جيڪو سندس زندگيءَ ۾ رونما ٿئي ٿو. جڏهن ته فنڪار يا ڪھاڻيڪار هڪ حساس طبع انسان آهي، هن جي شعور ۽ لاشعور ۾ ڪيترائي واقعا گڏ ٿيندا رهن ٿا، جنهن وقت ڪو واقعو سندس ذهن ۾ هڪ اُٿل پُٿل مچائي ٿو، اُن وقت هو پنهنجي ذهني تحرڪ جو ڀرپور تاثر پڙهندڙن تائين پهچائڻ چاهي ٿو. پر هو هوبهو واقعو پيش نه ٿو ڪري ، پر اُن ۾ پنهنجي فڪري رو ۽ جذبو شامل ڪري ٿو، اُن حوالي سان چوڻ چاهيندس ته ذلفي زنئور پنھنجي سمورين ڪھاڻين کي انتھائي سادگيءَ سان پيش ڪيو آهي، فِڪري توڙي جذباتي طور هو بنهه سادو شخص آهي جنھن جو عڪس سندس ڪھاڻين ۾ نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻيون جيئن جو تئين واقعن تان نقش ڪيل آهن جِن ۾ هُن پنھنجي احساسن ۽ محسوسات جا هلڪا رنگ ڀريا آهن.
ذولفيءَ! زندگيءَ جي جِن واقعن کي کڻي پنھنجي ڪھاڻين ۾ چِٽيو آهي، اُهي ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان سندس مُشاهدي ۾ آيا هوندا، هُن ڪٿي به اُنھن مُشاهدن جي تِکاڻ کي پنھنجي ساده طبع سان گهٽايو ڪونهي نه وري ڪٿي ڪنھن چالاڪيءَ جو مظاهرو ڪندي واقعن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو آهي. اِهوئي سبب آهي جو سندس ڪھاڻيون سندس لاڙ جي سرزمين جيان ٿوريون ڪلراٺيل سهي پر ڳاڙهن چانورن جي خوشبوءِ سان هُٻڪاريل آهن. لاڙ جو پَٽَ سان وابسطه دادو جي هٺيلي سرزمين وسائڻ باوجود سندس طبيعت ۾ ساڳيو لاڙ جِھڙو سڀاءُ آهي جيڪو سندس ڪھاڻي عطيت يعني گذريل يا ماضيءَ ۾ نظر اچي ٿو. لاڙ جي پسمنظر ۾ لکيل سندس هيءَ ڪھاڻي هڪ اهڙي ڳوٺ جو ماحول چِٽي ٿي جنھن ۾ محبت ۽ معصوميت جا پنھنجا رنگ آهن. هي جملا پڙهڻ وٽان آهن،
”تصور ئي نه ڪيو ھوم ته ڪو سڄي زندگي ائين گڏ پئي گذرندي، سڄي عمر ٻار ھوندا سين. سڪينا آمنا ڪڏھن وڏيون ٿيون, ان ڳالھه جو احساس ئي نه رھيو ۽ ھڪ ڏينھن ٻئي پرڻجي ويون. ڏاڍو اداس ٿي پيو ھوس ,دل کي يقين نه ٿي آيو ته ڪو آمنا ۽ سڪينا پرڻجي ويون آھن. ائين به ٿيندو آ ڇا ڀلا !! نه نه ڄڻ زبردستي منھنجون ڪنھن ٻئي ٻانھون ڪٽي ورتيون ھجن, ھڪ دم مونکي اپاھج بڻائي ڇڏيو ھجي. جسماني طور تي ته مان ڪافي قد ڪڍي آيو ھوس, مُڇن جي ساول به نڪري آئي ھئي، پر منھنجي اندر جو ٻار اُداس ٿي پيو ھو, جيڪو اڃان وڏو نه ٿيو ھو.“
”ضمير جو فيصلو“ سادگيءَ ۾ لکيل هڪڙي سُھڻي ڪھاڻي آهي. هِن ڪھاڻي کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو، ته ڊائريڪٽر پنھنجي فلم ”ضمير جو فيصلو“ ۾ جنھن نوجوان اداڪارا ڪومل کي ڪاسٽ ڪري ٿو، اُن جو انجام به عام ڪھاڻين جيان ٿيندو، جنھن ۾ ڊائريڪٽر اڪثر ڇوڪرين سان عشق محبت جو ڊرامو ڪري، کين استعمال ڪري ڇڏي ڏيندا آهن. پر ائين نه ٿو ٿئي ڊائريڪٽر پنھنجي فلم ضمير جو فيصلو جيان، ضمير جو فيصلو ڪري ٿو، ڪومل سان شادي جو فيصلو ڪري ٿو، پر اُن دوران هُو، ڪومل کان پُڇي ٿو ته ڪومل زندگيءَ ۾ ڪنهن کي چاهيو آهي؟ جنهن تي هوءَ کيس ’پنھنجي سوٽ واحد جي چاهت جو ٻُڌائي ٿي. سندس شادي واحد سان اِن ڪري نه ٿي سگهي جو سندس چاچو سندس اداڪاريءَ جي خلاف هو.‘ بھرحال ڊائريڪٽر سان سندس شادي طئه ٿئي ٿي، ڄڃ اچي ٿي، گهوٽ جڏهن موڙ مٿي ڪري ٿو ته اُهو واحد آهي. مطلب ڊائريڪٽر ضمير جو فيصلو ڪندي ڪومل جي شادي واحد سان ڪرائي ٿو.
”سرحدون“ ، ”تنھنجون يادون“ ۽ ”محبت“ هڪ طرفي چاهت ۽ محبت جون ڪھاڻيون آهن جن کي پڻ ڏاڍي سادگيءَ وچان بيان ڪيو ويو آهي.
اسانجي سنڌي ڪھاڻيءَ کي سئو سال کان مٿي جو عرصو ٿي چُڪو آهي، دنيا جَھان ۾ هن وقت ڪھاڻيءَ تي مختلف تجربا ٿي ٿي رهيا آهن، ڪھاڻي هن وقت محبت چاهت جي چڪرن مان نڪري معاشرتي ناسورن جو احاطو ڪندي فن ۽ آرٽ جي نئين سرحدن کي ڇُھڻ لڳي آهي. ڪھاڻي سفر ۾ ڪُلهو ڪُلهي سان مِلائي هلڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪھاڻي لِکڻ لاءِ صرف پنھنجي نڪ هيٺان ئي ناهي نِھارڻو پر نگاهه کي هر رُخ ۾ ڦيرائڻو آهي نوَن ۽ اڻ ڇُھيل موضوعن تي به لکڻو آهي اُن لاءِ رياضت سان گڏوگڏ تمام گهڻي مُشاهدي ۽ مطالعي جي به ضرورت آهي.
”بڪواس عشق“ معاشرتي ناسور تي لکيل چڱي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ ٻه دوست ’سچي عشق‘ ۽ ’عشق صرف جسم‘ تي شرط رکن ٿا. هڪ دوست اُها شرط اِن طرح کٽي وڃي ٿو جو هو سچو عشق ڪندڙ دوست جي محبوبا جا لَٽا لھرائي کيس ڏيکاري ٿو. ممڪن آهي، اڄوڪي سيٽلائيٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا واري دور ۾ الائي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي، پر ڪھاڻي ۾ جڏهن اهڙي موضوع تي لکجي ته اُن کي پنھنجي آرٽ ۽ فن سان نرالي نموني سان پيش ڪرڻ گهرجي جيئن ڪھاڻيءَ جو تاثر ڀرپور جُڙي سگهي، باوجود هڪ ڇِرڪائيندڙ موضوع جي ڪھاڻي پنھنجو ڪو به تاثر ڇڏي نه سگهي آهي.
”نفرت“ پڻ هڪڙي معاشرتي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ هڪ قاتل ۽ عاشق جي ضمير جو فيصلو ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو صرف ان ڪري پنھنجي گرفتاري پيش ڪري ٿو ۽ ڏوهه جو اعتراف ڪري ٿو جيئن سندس سئوٽ ۽ محبوبا کيس معاف ڪري، پر هوءَ ساڻس بي حد نفرت ڪندي رهي ٿي.
”سنگسار“ چڱي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ ڪھاڻيڪار، سنگسار ٿيڻ ۽ ڪرڻ واري رسم کي روايتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، گڏوگڏ اها به ٻڌائڻ چاهيو آهي ته ڪنھن کي محبت يا گناهه جي ڏوهه ۾ ڪيترو به سنگسار ڪجي، اِها بغاوت ٿيندي رهندي.
”خواهشون“ به عام رواجي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ هڪ عام ۽ مزدور ماڻهوءَ جي خواهشن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
”وڻجاري“ ضمير متڪلم ۾ ليکيل ڪھاڻي آهي جنھن ۾ هڪ پينو فقيرياڻيءَ جو ذڪر ٿيل آهي. هيءَ ڪھاڻي هڪ احساساتي ڪھاڻي آهي جيڪا ماڻھوءَ جي جذبن ۽ احساسن کي بيان ڪري ٿي ته هڪ عام ماڻهو ڪيئن هڪڙي پينو فقيرياڻيءَ کان متاثر ٿئي ٿو ۽ سموري عمر کيس ياد ڪندو رهي ٿو.
”گناھ“ ڪھاڻي پڻ سماج جو عڪس پيش ڪندي نظر اچي ٿي، هِن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ جيتوڻيڪ عورت کي هڪ طرفو گناهگار بنائڻ، الزامن لڳائڻ جو ڪيس پيش ڪرڻ چاهيو آهي پر ڪھاڻيءَ جي اُڻت ۾ عورت کي به جسٽيفائيڊ ڪري نه سگهيو آهي. ماڻھن جي مٿاڇري سوچ جا عڪس ڪھاڻيڪار هن ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪرڻ چاهيا آهن.
”ناچڻي“ هڪ ليکڪ جي ڪامپليڪس ۽ احساس محروميءَ تي لکيل ڪھاڻي آهي، جنھن جو انت پڻ رويتي ٿئي ٿو.
مجموعي طور ذلفي زنئور جون ڪھاڻيون عام ۽ ساديون ڪھاڻيون آهن، هُن پنھنجي سمجهه ۽ سوچ آهر جيئن سماج کي سمجهيو ۽ محسوس ڪيو آهي تيئن پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيو آهي. ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ کيس اڃان گھڻي محنت، مُشاهدي ۽ مطالعي جي ضرورت آهي. سندس اندر ۾ جيڪو احساساتي ڪھاڻيڪار لِڪل آهي اُن کي نکارڻ لاءَ وڏي رياضت جي ضرورت آهي. ذولفي جيڪڏهن محنت ۽ لگن سان ڪھاڻيءَ کي جيءَ سان هنڍايو ته ضرو ر هو اڳتي هلي ڪھاڻيءَ کي سُھڻي نموني لکي ۽ پيش ڪري سگهندو. سندس ڪھاڻين جي هن مجموعي ۾ جيتوڻيڪ صور خَطيءَ ۽ پروفن جون ڪجهه ضرورتون آهن جن تي نظرثاني به ضروري آهي. سندس ڪھاڻي ۾ اردو يا وري هندي فلمي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن جن کان گُريز ڪرڻ کپي. مان اميد رکان ٿو ته اڳتي هلي ذولفي ڪھاڻي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ ۽ لکڻ جي ڪوشش ڪندو.
ضراب حيدر
28مارچ 2020
حيدرآباد.