تاثر: قصه گوئي جو فن ۽ ذلفي زنئور جون ڪهاڻيون
قصه گوئي هڪ اوکو فن آھي۔ هر ڪنهن کي ڪهاڻي چوڻ نه ايندي آھي۔ هتي چوڻ مان منهنجي مراد لکڻ يا ٻڌائڻ به آھي۔ هڪ سٺي ڪهاڻي ڪيئن هجڻ گهرجي، اهو وري جدا بحث آھي۔
ڪي ڪهاڻيون پاڳل جي خودڪلاميءَ وانگر هونديون آھن جن کي نه ڪا ترتيب هوندي آھي، نه تسلسل هوندو آھي، نه ڪو مقصد هوندو اٿس۔ حقي جي اجائي گڙ گڙ جهڙي انهيءَ ڪهاڻي جو حاصل وقت جي ذيان کان سواء ڪجهه نه هوندو آھي۔
”ادب براءِ ادب يا ادب براءِ زندگي“ جي بحث ۾ پاڻ نٿا پئون پر ڪنهن به ڳالهه جو ڪو کر پير ۔۔ ڪا معنيٰ ڪو مفهوم۔۔ ڪو مقصد ته لازمي آھي۔ يعني فڪري اڏام سان گڏ زندگيءَ جي سچاين سان ڪو لاڳاپو ته هجي۔ ان کان پوء اهو ڏسڻو آھي ته اظھار جو ڍنگ ڪهڙو آھي۔ جنهن کي ادبي ٻوليءَ ۾ اسلوب چون۔ اسلوب سان گڏ ٻوليءَ جو به وڏو عمل دخل ٿئي ٿو۔
ڪهاڻيءَ جي ٻوليءَ سادي آھي۔ عوامي آھي يا ادبي چاشنيءَ واري دل لڀائيندڙ لهجو اٿس! منهنجو خيال آھي ته۔۔۔ بلڪه عام خيال آھي ته ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي ٻولي ان جي ڪردارن ۽ ماحول سان مطابقت رکندڙ سونهندي آھي۔ خاص طور ناول۔ ڪهاڻي ۽ ڊرامي ۾ ڪردار نگاريءَ تي زور ڏنو ويندو آھي ۔ ٻوليءَ ۽ لهجي کي اهميت ڏبي آھي۔
مثال طور ڪهاڻيءَ جو ماحول ڳوٺاڻو آھي ڪردار ڪو مزدور يا هاري هجي ۽ ليکڪ ان کان ادب ۽ فلسفي جا پاٺ پڙھائي ته ڇا پڙھندڙ ان ڪهاڻيءَ کي رد ڪرڻ جو حق نٿو رکي!؟
اهڙي طرح ڪهاڻي يونيورسٽي جي ماحول يا شھر جي ڪنهن بنگلي جي هجي ۽ ان ۾ ڪردار ٻولي ٿر ۽ ڪاڇي جي ڳالهائن ته پڙھندڙ ڪيئن هضم ڪري سگهندو!
هتي پاڻ نقاد جي ته ڳالهه ئي نٿا ڪريون جيڪو ظالم وار جي کل لاهڻ لاء هر وقت تيار ملندو آھي!
پاڻ وٽ سڀ کان وڌيڪ مقبول ڪهاڻيون اهي رهيون آھن، جن جي ٻولي۔ ماحول ۽ ڪردار نج ڳوٺاڻا رهيا آھن۔ شھري ماحول وارا ڊراما ۽ ڪهاڻيون پسند ڪندڙن جو تعداد ٿورو هجڻ جو سبب شايد اسان جي عام پاٺڪ جي گهڻائي ان ماحول سان لاڳاپيل هجڻ آھي۔ سنڌي جون گهڻي ڀاڱي ڪلاسڪ جي حيثيت رکندڙ ڪهاڻيون انهي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون۔ پر اڄ جو ليکڪ سنڌي ڪهاڻيءَ کي شهري سماج طرف به وٺي اچڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيو آھي ۽ پڙھندڙن جو لاڙو شاعري بدران نثر طرف وڌيو آھي۔ اهوئي سبب آھي جو اڄ جو پبلشر شاعري جي ڪتاب بدران ناول ۔ ڪهاڻين۔ آتم ڪهاڻين ۽ تاريخي ڪتابن جي ڇپائي کي اهميت ڏئي ٿو۔ سنڌي ۾ ناول جي کوٽ جا بحث ٿيندا هئا پر اڄ ڌڙا ڌڙ ناول ڇپجي رهيا آھن جن جي ڪوالٽي ضرور بحث طلب هوندي پر اسان جو ليکڪ ان طرف راغب ته ٿيو، اها هڪ سٺي نويد آھي!
سنڌ جي انهن نون اڀرندڙ ليکڪن ۾ ذلفي زنئور به شامل آھي۔ هي ڪتاب ”ورھ جا روڳ“ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آھي جنهن ۾ ڪل ارڙھن ڪهاڻيون شامل آھن۔
مون لاء ذلفي زنئور جو ڪهاڻيءَ جي حوالي سان نالو نئون هو۔ جڏهن هن پنهنجو مجموعو لکڻ لاء موڪلي ڏنو۔ مون سڀ کان پهرين سندس ”وڻجاري“ جي عنوان سان ڪهاڻي پڙھي۔ جيڪا لاحاصل محبت جي درد جو بيان آھي ۽ جنهن جي ٻولي سادي سلوڻي ۽ اڻت شاندار آھي! جيئن پاڻ مٿي سٺي ڪهاڻيءَ جي خوبين جو ذڪر ڪري آيا آهيون۔ هيءَ ڪهاڻي پنهنجي ماحول مان ڳالهائي ٿي! ان جي سادگيءَ ۾ حسن آھي۔ ڪردارن جو پنهنجو الڳ لهجو آھي۔ ڏک سک جو الڳ ڏيک آھي!
مجمموعي طور ذلفي زنئور جي ڪهاڻين جو اسلوب ۽ ٻولي سادي آھي جيڪا هر عام ماڻھوء جي روزمره زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندي رهي ٿي ۽ مڙني ڪردارن جون جڙون به پنهنجيءَ ڌرتيءَ ۾ کُتل ملن ٿيون۔ انهن مان ڪو هڪ به اوپرو يا انوکو ڪونهي!
هن ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي ”ورھ جا روڳ“ تجريدي قسم جي وارتا آھي ۽ سندس هڪ ٻي ڪهاڻي ”سنگسار“ ۾ پڻ اهوئي تجريديت وارو عنصر ملي ٿو! هي ڪهاڻي عورت جي احساسن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ صدين کان حوا جي ڌيءَ تي لڳندڙ تهمتن جو داستان آھي.
”ناچڻي“ جي عنوان سان ڪهاڻي هڪ رقاصا ۽ ليکڪ جي وچ ۾ مڪالمو آھي. رقاص جو خيال آھي ته ليکڪ اڻپورين حسرتن ۽ نفساني خواهشن مان پنهنجيون ڪهاڻيون چونڊي کڻن ٿا۔ کين حقيقي مسرت جي خبر ڪونهي جيڪا عورت جي جسم سان لاڳاپيل آھي ۔ ايئن هوءَ پنهنجي وجود جي اونهاين مان ليکڪ جي اڃ کي سيراب ڪري ٿي. ”نفرتون“ ڪهاڻي ۾ قاتل کي مقتول جي ڀيڻ سان اوچتي محبت کي پيش ڪيو ويو آھي! هي شديد ڏک ۽ نفرت جي ڪهاڻي آھي.
”ورھ جا روڳ“ نالي هن ڪهاڻين جي مجموعي جي ڪهاڻي ”گناه“ اڻ جهل خواهشن جو تاڃي پيٽو آھي جنهن ۾ هڪ ڪنواري ڇوڪري جسماني ضرورتن کان هارائي ويهي ٿي! جڏهن ته ”نيڪي“ ۽ ”حسرتون“ عام فهم ڪهاڻيون آھن!
”ضمير جو فيصلو“ ڪهاڻي شوبز جي ماحول ۽ هڪ هدايتڪار جي پرسنل ۽ پروفيشنل لائف جو وچور آھي۔ هن مجموعي ۾ شامل ”تنهنجون يادون“ ”محبت“ ”اجنبي ڪير هو“ ”بڪواس عشق“ ڪهاڻيون روايتي ۽ عاميانه آھن پر ”سرحدون“ ۽ ”خودڪشي“ ڳڻپ جوڳيون ڪهاڻيون آھن۔ جن مان ”سرحدون“ فڪري طور وڌيڪ مضبوط چئي سگهجي ٿي!
جيڪا لکڻي جيڪا فڪري حوالي سان سوال اٿاري ۽ ماڻھو کي سوچڻ تي مجبور ڪري، ان کي ئي هڪ مڪمل تخليق جو درجو ڏئي سگهجي ٿو۔ مون کي هنن ڪهاڻين جو مجموعي انداز بيان سادو ۽ عام فهم ته نظر آيو آھي پر صورتخطيءَ جون انيڪ غلطيون شربت جي گلاس ۾ لوڻ جي ڳنڍي وانگر آھن۔
ڇاڪاڻ ته ذلفي زنئور نئون ۽ اڀرندڙ ليکڪ آھي ۽ وٽس ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو فن به موجود آھي پر منهنجو خيال آھي ته هن کي مطالعي طرف وڌيڪ توجهه ڏيڻ گهرجي! جنهن سان سندس فڪر ۾ گهرائي ۽ فن ۾ پختگي پيدا ٿيدي۔ دنيا جو سٺو ادب سرجڻ لاءِ سٺي کان سٺو ادب پڙھڻ به لازمي هوندو آھي۔ ڳوٺاڻي زندگيءَ سان ويجهڙائي هجڻ جي ڪري هن وٽ ٻوليءَ حسن ۽ مشاهدي جو خزانو به آھي، جيڪڏهن هن جو مطالعي طرف ايترو ئي ڌيان هجي ته سندس تخليق نوان رستا دريافت ڪري سگهندي!
ايوب گل
ڪراچي