مــــــــــحبت
جڏھن وڏو ٿيو تڏھن محبت جي معنا سمجهه آئي. ساڻس ننڍپڻ کان ئي محبت ھئي. ھاڻ ھڪ ٻئي جي گھر اچڻ وڃڻ تمام گھٽ ٿي ويو ھو پر ڪڏھن ڪڏھن ڪو بھانو ڪري چاچا جي گھر ويندو ھو يا ڪڏھن ڪنھن ڪم سانگي سھڻي گھر ايندي ھئي.
دلين جا پيغام ته اڳيئي پڳل ھا بس ملڻ لاءِ ڪو بھانو پيو ڳولبو ھو.
نيٺ محبوب ماءُ پيءُ کي سھڻي جي سڱ لاءِ مڃائي ورتو. سندس پيءُ چاچا سان رشتو پڪو ڪري آيو. مھيني ڏيڍ ۾ شادي جي رسم پوري ٿي.
ــــ الاءِ ڇا وجهه ھئي شادي جي ڪجهه ھفتن کان وچ ۾ اڻبڻت ـ دوري پيدا ٿيندي پئي وئي. پھرين ته محبوب ڪم کان جلدي گھر موٽي ايندو ھو. ڪجهه ڏينھن کان گھر دير اچڻ لڳو. ڪڏھن ڪڏھن ته رات به گھر نه ايندو ھو.
شادي کي ٽي چار سال گذريا پر اولاد جي نعمت کان الله سائين اڃان نه نوازيو ھو. محبوب الاءِ ڪيترن درگاھن تي باسون پڙ باسيا. دعائون گھريون پر ھڪ به دعا نه اگھاڻي. ھاڻ محبوب قدرت جي قانون کان باغي ٿي پيو ھو. اندر ئي اندر ڀڄندو ڀرندو رھيو ھو. ھاڻ پنھنجو پاڻ سان نفرت ٿي پئي ھئس ۽ ان نفرت جو ڪارڻ به کائنس کان سھڻي جي نفرت ھئي.
سھڻي اندر ئي اندر پڄرڻ لڳي ھئي. بس ٻڙڪ ٻاھر نه ٿي ڪڍي.
سھڻي پڙھائي جو ڪورس پورو ڪري ھڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ جاب ڪرڻ لڳي. ھاڻ ڪو اتفاق سان سھڻي محبوب جي وچ ۾ ميل ملاقت ٿيندي ھئي. گھڻو تر ٽائيم سھڻي اسڪول کي ڏيڻ لڳي. اڪثر اوور ٽائيم به اسڪول ۾ گذرڻ لڳو.
ڪالهه اسڪول ۾ سندس پروفيسر ساجد فنڪشن رکيو ھو. جنھن جي خاص مھمان سھڻي ھئي. پروفيسر ساجد کي اول ٻه شاديون آھن. ٻي زال حيدرآباد لطيف آباد گلي نمبر 13 ۾ رھندي آھي، جيڪا ڌاري آھي، پھرين زال ذات واري مائٽياڻي آھي، پرفيسر ساجد عمر ۾ لڳ ڀڳ پنجونجاھ سٺ سال جو آھي پر کاڌ خوراڪ سٺي ھجڻ جي ڪري جسم جي فٽنيس سٺي آھي.
اسڪول جي باقي ٽيچرن ۾ پروفيسر ساجد ۽ سھڻي جي باري ۾ ڪافي چوٻول رھي ٿي. چوٻول کي ويتر طول تڏھن ملي جڏھن پروفيسر ساجد سھڻي کي اسڪول جو ھيڊ ڪري رکيو.
ھڪ ڏينھن اسڪول جي ڇٽي کان پوءِ پروفيسر ساجد سھڻي لاءِ اسپيشل دعوت رکي ھئي. تنھن ڏينھن سھڻي رات دير گھر آئي ھئي. انھي چوٻول جا قصا محبوب تائين ڪنو ڪن پڳا ھا.
تنھن رات محبوب ۽ سھڻي جي وچ ۾ لڙي رات تائين تڪرار ٿيو ھو. قصو ايترو ته وڌي ويو ھو جو ٻئي صبح سھڻي وڏي ڀاءُ منظور کي سعودي چٺي لکي ھئي.خط جو جواب مليو ھوس.
’’ڪجهه ھفتن ۾ مان اچان ٿو... تيسيتائين صبر کان ڪم وٺ. ايندي ئي فيصلو ھڪڙي پاسي ڪبو.‘‘
۽ جڏھن منظور پھتو، سھڻي کي گھر گھرائي، سڄو حال احوال ورتو، سھڻي محبوب سان نفرت جو زھر اوڳاڇڻ لڳي،
’’ھڪ عورت مرد مان جيڪو سک چاھي ٿي، تنھن سک ڏيڻ جي محبوب ۾ ڪمي آھي. مان وڌيڪ نه ٿي پڄري سگھان. مونکي محبوب کان طلاق گھرجي.‘‘
طلاق جھڙي لفظ تي منظور ڪي پل سڪتي ۾ رھيو. ڪي پل خاموشي کان پوءِ پڇيائين؛
’’طلاق کان پوءِ به ته زندگي اڪيلي گذارڻي پوندئي...‘‘
’’پوءِ ـــــ ؟‘‘
سھڻي بغير گھٻراھٽ جي چئي ڏنو ته ’’ادا! جي توھان راضي ھجو ته طلاق کان پوءِ پروفيسر سجاد مون سان نڪاح ڪرڻ لاءِ تيار آھي.‘‘
منظور نه رڳو سھڻي جو ڀاءُ آھي پر پيءُ جي شفقت به ڏني آھي. ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ ھن فيصلو واري ورتو ته سڀاڻي محبوب کان تنھنجي طلاق ڪرائيندس.
ٻئي ڏينھن ٽن شاھدن سان محبوب جي گھر پھتو.
قصو طلاق تائين پھتو.
طلاق کان سواء محبوب وٽ ڪو آپشن نه ھو.
محبوب سوچن جي پاتال تائين گوتا کائڻ لڳو.
سوچي ٿو؛ ’’جسماني تعلقات ايڏا ضروري ڇو ھوندا آھن؟ محبت ته من سان ڪجي ٿي ....! ڪنھن کي چاھجي ٿو روح جي گھراين تائين... ڪاش ھڪ چڪر سھڻي من ۾ جھاتي پائي ڏسي سگھي ھا ته ڪئين محبت جو سمنڊ ازل کان اٿليو ٿي ... ڪا پل سانت ناھي. دردن جون موجون حالاتن سان پنھنجو سر ٽڪرائي ٽڪرائي ساڻيون ٿي ـ ٿي موٽيون‘‘
۽ جڏھن محبوب شاھدن جي وچ ۾ ٽي دفعا ھڪ لفظ ورجايو
طلاق ـ طلاق ـ طلاق
اٿي تڪڙو تڪڙو ڪمري ۾ آيو، ڪمري ۾ اچي در بند ڪري، سھڻي جي ھنجهه ۾ سر رکي الاءِ ڪيتري دير تائين رئندو رھيو ھو. بس آخر ۾ ايترو چيو ھئائين؛
’’سھڻي! جسم ته محض خاڪي ھوندا آھن، ھڪ ڏينھن خاڪ جي ڍير ۾ دفن ٿي ويندا. محبت ته ٻن آتمائن جي ٿيندي آھي ۽ منھنجي آتما مئي پڄاڻا تو لاءِ ڀٽڪندي رھندي ــــ‘‘
سھڻي ھن جو سر پنھنجي ھنجهه مان کڻي تڪڙي تڪڙي در کان ٻاھر نڪتي.
۽ ھي کٽ جي ٻانھي تي يڪو سر نمايو پيو رھيو