نفــــــــرتــــــــــون ...
.... پر شھمير اڃان به بدلي جي باھ ۾ پڄري رھيو ھو. سندس جسم جان بدلي جي باھ ۾ ائين ٿي ٻريو جئين جبلن تان لائو ٻري ٻري ڪرندو آھي
تڪرار ته گھڻو اڳئي ٻني ٻاري گاھ پٺي پاڻي جي واري تان شروع ٿيو ھو پر ھاڻ الاءِ ڪيترا دفعا شھمير سومر وارن جا گھٽ گھيڙ جھليا آھن پر وجهه نه ٿي مليو. کيس سومر وارن جو اھو حشر ڪرڻو آ جھڙو حشر سومر وارن سندس ڀاءُ غلام جو ڪيو ھو. جيستائين شھمير پلاند نه ٿو ڪري تيستائين سک چين حرام آھي.
تڏھن ماڻھن جي ڀيڙ ۾ وڃي غلام جي لاش مٿان بيٺو ھو، جھٽ ۾ ڪنڌ ڦيري ڇڏيو ھئائين. ھوش خطا ٿي پيا ھس. جسم سڄو لرزي ويو ھو. غلام جو لت پت لاش نور واھ جي ڪڙ تي واري جي ڊسڙ ۾ پيو ھو. سندس ھٿن پيرن جا نهه نڪتل ھا، اکين مٿان تپيل شيخن جا ڪارا ڪارا ڏنڀ ڏنل ھا، ڪپڙن ۾ آر پار پنج ڇهه گولين جا سوراخ ھا،وار منھن مٿو ڌوڙ ۾ ٻڏل ھا، گولين واري جاءِ کان آلي ڊسڙ چھٽي پئي ھئي.
ھاڻ سومر وارن جي گھٽ گھيڙ کان وڄ وارا وراڪا پاتا اٿائين پر اڃان ڪو وجهه وٺي ناھي سگھيو روز بروز ڀاءُ جي پلاند جا اندر ۾ وڍ ٿا پون.
ان ڏينھن پاڻي جي واري تي جڏھن غلام ڪوڏر سان پاڻي جو اوھاندو کوليندي چيو ھو
’’ادا! ڇوري انب آھي، ڏاڍا اشارا ٿي ڪري ...صفا راتين جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي اٿس ...ٻُڌي ڇڏ ھڪ ڏينھن ڇوري کي ڀڄائيندس ضرور..‘‘
شھمير ٻٻر جي ٽيڪ کان اٿي پيو ھو. ٻني جي ڪڙ تي رکيل رپيٽر جھٽ ڏئي کڻي ورتو ھئائين رپيٽر غلام جي سيني تي سڌو تاڻي ورتو ھو. ’’دل ٿي چوي سڌو سيني واري گولي ھڻانءِ پر تون مڙندين ڪونه .... ڪيترو جھليو اٿمائين نه ويندو ڪر ھنن جي پاڙي ...ويتر دشمني وڌائيندين ... خبر به اٿئي، رڳو رمو جي خبر پئي ھئي ته ڀيڻس سان عشق ٿو ڪري ته غريب کي جيئرو زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو ھون ... نه ڪا داد ٿيس نه فرياد ....
ڏنگا مڙس آھن .... اھڙن ڦڏن کان بچ ... ڪٿي وجھين نه آزار ۾...‘‘
پر الاءِ ڪئين غلام اٻراھپ ڪري ويٺو ھو.
ان رات شھمير کي شاڪ لڳو جڏھن خبر پئي ته غلامُ ، راڻيءَ کي ڀڄائي نڪتو آھي. ڪھڙو رخ ورتو اٿس؟ اھا ته خبر نه ھئي! پر ايتري ڄاڻ ملي ھئي ته سومر وارا ھٿيارن سان ڪڍ نڪتا آھن.
شھمير جي پيرن ھيٺان ذري گھٽ زمين نڪري وئي ھئي ۽ ٽئين ڏينھن غلام جو لت پت لاش نور واھ جي ڪڙ تي پيل مليو ھو.
تڏھن کان شھمير جون ننڊون حرام آھن. رات به دير تائين ننڊ نه پئي آئي. نيٺ کٽ تان اٿي سيراندي کان رپيٽر کڻي ڪلھي ۾ وڌائين. ٻئي ڪلھي ۾ گولين جو ٿيلھو وجھي گھر جو در بند ڪري گھٽي کان ٻاھر نڪتو. ٻن ڳوٺن جي درميان فاصلو ڇهه ست ڪلوميٽرن جو آھي. ڪنڊي واري اڏ ٻنھي ڳوٺن جو سينٽر / وچ آھي. ھڪ پاسي شھمير وارن جون زمينون ڳوٺ آھي. ٻئي سائيڊ يعني ڪنڊي واري اڏ کان سومر وارن جون زمينون ڳوٺ. ڏينھن ھجي يا رات ٻئي سائيڊ ٻنھين ڌرين کي ڪنھن به کھنس ڪرڻ جي اجازت ناھي.
ھي ٻنين مان ٿيندو وڃي ڪنڊي واري اڏ تي چڙھيو. ھن نظر ڪئي ڏور گھرن ۾ ميرانجھڙي روشني ٿي ٻري. وھندڙ اڏ جي پاڻي ۾ اڌ چنڊ جو عڪس نظر ٿي آيو.
شھمير اڏ ٽپيو.
ھي چيتي جھڙي چال ۽ لومڙي واري سوچ سان اڳتي وڌندو رھيو. ڪجهه ڪنڊين ديوين ٻٻرن ٻيرن جي واڙي مان وڻن جي اڙ ڏيندو اچي ڳوٺ جي ڀر ۾ نڪتو. آھستي آھستي ھڪ ڪچي اوڏڪي ديوار جي اڙ ورتي. ديوار جي اوٽ ويھي ٿيلھي ۾ گوليون چيڪ ڪيون. رپيٽر لوڊ ڪري ورتو. لڪي لڪي سومر وارن جي گھر جي پٺ واري ديوار ٽپيو.
ٽاھ کائي پريان چانڊوڪي ۾ ڪنڊي تان چٻرو اڏري ويو. ھن ھڪ نظر گھر جي کٽن تي وڌي. ڀت جي کاٻي پاسي کان ھڪ کٽ جي ڀر سان عورتاڻي جتي رکيل ھئي. ان جي ڀر ۾ پيل ٻي کٽ جي سيراندي کان پائي سان لڪڻ ٽيڪيل ھئي. پنجن ڇھن قدمن جي فاصلي تي ٻه ٻيون کٽون رکيل ھيون. ھڪ اولھندي پاسي کان ٻي کٽ اتر واري پاسي کان جيڪا الھندين پاسي کٽ ھئي ان جي ھيٺان مرداڻا بوٽ پيل ھا. ۽ اتر واري پاسي جي کٽ وٽ سينڊل.
ھي دٻيل قدمن سان اچي اولھندي پاسي واري کٽ تان بندوق کڻي ورتي. ستل تي نظر وڌي ته سومر ھو. دٻيل دٻيل قدمن سان اتر واري کٽ ڏي وڌيو. ٻئي کٽ تي سومر جو ڀاءُ اختيار ستل ھو. شھمير ان کٽ تان به ھٿيار کڻي ورتو. ٻئي ھٿيار ڀت جي پريان ڦٽا ڪيا.
موٽي اڳتي وڌيو. وڌي اچي سومر جي کٽ مٿان بيٺو. رپيٽر سومر تي تاڻي ورتو. ھڪل ڪئي ’’اٿ ڀڙوا‘‘
شھمير جي ھڪل تي جئين سومر اٿيو ته آواز تي ڇرڪ ڀري ڀر واري کٽ تان اختيار اٿي پيو. کٽ تي ھٿوراڻيون ھڻي ھيڏان ھوڏانھن ھٿيار ڳولڻ لڳو. اختيار جئين ئي کٽ تان اٿڻ جي ڪئي. شھمير پھرين گولي اختيار تي ھلائي. اختيار وڃي زمين تي ڪريو. جئين اختيار زمين تي ڪريو ته سومر کٽ تان اٿڻ جي ڪئي. سومر تي رپيٽر تاڻي ٻي ڳولي سومر کي ھنئي. سومر اتي ئي کٽ تي ڪري پيو. شھمير وڌي وڃي رپيٽر سيني تي رکيس. ڪيڏي مھل مريم دانھون ڪندين ڊوڙندي آئي.
اچي شھمير جي پيرن ۾ چنبڙي پئي.
’’نه مار ادا کي نه مار ... ھي پوتي پيرن تي اٿئي...‘‘
چنڊ جي چانڊوڪي ۾ مريم جا وار چمڪڻ لڳا ھا. چانڊوڪي ۾ چنڊ جھڙو چھرو ويتر ٻرڻ لڳو ھو. مريم جي چھري تي حقارت ھئي. اکين ۾ رت لھي آيس. يڪ ٽڪ حقارت مان شھمير کي ڏسندي رھي.
شھمير دٻيل دٻيل قدمن سان پٺتي ھٽڻ لڳو.
مريم جون نظرون بڙڇي جيئان سيني ۾ ويتر کپنديون ٿي ويون.....
ھي تڪڙو تڪڙو گھر کان ٻاھر نڪتو. ان رات گھر نه ويو. سڌو قبرستان وڃي ڀاءُ غلام جي قبر تي گوڏن ڀر ڪري پيو. ھن ڀاءُ جي زخمن جا سارا حساب وٺي ڇڏيا ھا پر پوءِ به ڪنھن ھارايل سپاھي جيئان ھزارين من اندر ۾ شڪست جا گھاءَ ھئا.
ٻئي صبح جاءِ واردات تي پوليس پڳي. سومر اختيار جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موبائل ۾ وڌو. ھڪ آفيسر تفتيش دوران مريم کان سوال جواب ڪيا. مريم پار پتن ۾ شھمير جي نشاندھي ڪئي.
پوءِ ڪيترا ڏينھن رات پوليس شھمير جي گھر تي چڙھائي ڪئي. ڇاپا ھنيا پر شھمير ھٿ نه ٿي آيو.
ٺيڪ پندهرين يا سورھين رات شھمير، سومر وارن جي وري گھر گھڙيو. سڌو اچي مريم جي کٽ مٿان بيٺو. مريم جي ٻانھن جھلي ورتي.
مريم ڇرڪ ڀري جاڳي پئي، ھيسيل ھرڻي جيئان سٽ ڏئي ٻانھن ڇڏائي پوئتي ھٽي بيٺي.
’’ڇو آيو آھين ؟ اڃان توکي ھن گھر مان ڇا کپي؟ مونکي مارڻ آيو آھين؟ ماري ڇڏ ! يا ھُن پوڙھيءَ کي مارڻ آيو آھين... ماري ڇڏ .... ٻنھين کي ماري ڇڏ ... مار جنھن کي مارڻو اٿئي مار ...
مار ـ مار ـ مار‘‘
شھمير مريم جي چھري تان خوف ۽ حقارت کي پڙھي ورتو.
’’نه ! نه مان ڪنھن کي مارڻ آيو آھيان، نه ڪنھن کي ڌمڪائڻ، نه وري ڪو افسوس ڪرڻ آيو آھيان. مونکي ڪو افسوس ڪونھي ۽ مان اھو به ڄاڻان ٿو پوليس منھنجي ڪڍ آھي ۽ پوليس کي شاھدي به تو ڏني آھي. مونکي انھي ڳالهه تي به افسوس ڪونھي. جيل ريل ڏسيو ويٺو آھيان. مونکي جيل ريل جو به ڀئو ڪونھي. بس منھنجي ھڪڙي ڳالهه ٻڌ !‘‘
مريم منھن پرتي ڦيري ڇڏيو.
’’مان ڪا به تنھنجي ڳالهه ٻڌڻ نه ٿي چاھيان، مونکي نفرت آ توکان، ھليو وڃ ھتان .....‘‘
شھمير سٽ ڏئي مريم جي ٻانھن جھلي ورتي.
’’ڳالهه ٻڌ منھنجي .... مان عشق بشق پيار محبت کي بڪواس سمجھندو آھيان ... نه ڄاڻ ان رات کان پوءِ يڪو مان سمھي ناھيان سگھيو. ننڊ ڏوراھين ھلي وئي آ ... بستر ڪاوا ۽ ڪنڊا بڻجي پيو آھي، اوجاڳن چين سڪون وڃائي ڇڏيو آھي ... بس ھر پل ھر گھڙي نظرن آڏو رڳو تنھنجو چھرو ترندو ٿو رھي ... دل تي ڪو وس نه ٿو ھلي... ڪيان ته ڇا ڪيان ... سچ پڇين ته ڄاڻي واڻي ھلي نه آيو آھيان. قدم آھن جيڪي گھلي اچي تنھنجي اڱڻ تي بيھاريو آھي. سچ پڇين مان ڏاڍو بيوس ٿي پيو آھيان ! مان چاھيان ته توکي کنڀي کڻي وڃي سگھان ٿو، ڪنھن مھل به ! پر نه ! الاءِ ڇو دل بي وس ٿي پئي آ
مان ھر گناھ جي توکان معافي وٺڻ لاءِ تيار آھيان. بس ھڪ دفعو مونکي معاف ڪر....
مون سان شادي ڪر !‘‘
مريم شادي جھڙي لفظ تي وڌيڪ حيران پريشان ٿي وئي.
’’شادي... ھرگز نه ..... مان زھر پي ڇڏيندس پر توسان شادي نه ڪندس. ‘‘
شھمير مريم جي پيرن ۾ گوڏن ڀر ڪري پيو. ٻئي ٻانھون مريم جي ٽنگن ۾ ڀڪوڙي ورتائين. اکين مان ڳوڙها زار قطار لڙي پيس.
’’ڏس مان پيرين ٿو پوانءِ ... مونکي معاف ڪر .... مونکي معاف ڪر....‘‘
مريم سٽ ڏئي شھمير جون ٻانھون ڇڏائي ٻه قدم پوئتي ھٽي بيٺي.
’’مان پنھنجي ڀائرن جي قاتل کي ڪڏھن به معاف نه ٿي ڪري سگھان ... ڪڏھن به نه ! ھليو وڃ ھتان ... مان چوانءِ ٿي ھليو وڃ ھتان ... وري پنھنجو مُنھن نه ڏسجان. جئين مون پنھنجي ڀائرن جا مئا منھن ڏٺا ھا، تئين تنھنجو مئو منھن ڏسڻ ٿي چاھيان. دنيا ۾ مان اگر ڪنھن سان نفرت ٿي ڪيان ته اھو تون آھين....
ھليو وڃ ... ھليو وڃ ... مان چوان ٿي ھليو وڃ ھتان .... ڪَن کولي ٻڌي ڇڏ ..... مان توسان نفرت ڪيان ٿي ٻڌئي، ڇا ٻڌئي مان توسان نفرت ڪيان ٿي ــــ نفرت ــ نفرت ــــ نفرت‘‘
شھمير جي ڪنن ۾ پڙلاءِ گونجڻ لڳو . مان ــ توسان ــــ نفرت ــــ
مان ـــ توسان ــــ نفرت ـــ مان توسان نفرت نفرت نفرت .....
شھمير پٽ تان اٿي کڙو ٿيو. قدم قدم پوئتي ھٽندو رھيو. ڪنن ۾ پڙلاءِ گونجي ٿو
مان ـــ توسان ــــ نفرت ـــ مان توسان نفرت .... مان توسان نفرت نفرت نفرت.....
ٻئي صبح شھمير ٿاڻي تي گرفتاري ڏني ۽ قتل جي ذميواري قبولي ورتي. شھمير کي ڪورٽ ۾ حاضر ڪيو ويو. وڪيل سومر ۽ اختيار جي قاتل جي شاھدي لاءِ مريم کان سوال ڪيا ؟
مريم ڪٽھڙي ۾ بيٺل شھمير ڏانھن آڱر سڌي ڪئي. جج ڏوھ جي عتراف ۽ مريم جي شاھدي کي مد نظر رکي شھمير کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي. شھمير ڪنھن ھارايل جواري جيئان مريم جي سڌي آڱر کي يڪ ٽڪ تڪيندو رھيو . ڪنن ۾ ساڳيو پڙلاءُ ٿو گونجي.
مان ــ توسان ــــ نفرت
مان توسان نفرت نفرت نفرت .....
ھٿن ۾ ھٿڪڙيون لڳل شھمير چار سپاھين سان گڏ ٿڪل ٿڪل قدمن سان وڃي پوليس موبائل ۾ ويٺو ......