عطيت
ھڪ گھر کان ٻيو گھر، ٻئي گھر کان ٽيون گھر، ٽئين گھر کان چوٿون ـ چوٿين کان پنجون، ڇھون، ستون، اٺون ۽ قطار تي گھرن وچ ۾ ڪا به ديوار نه .... ھر گھر جي آڳنڌ کي ننڍڙا ننڍڙا ڪٽھڙا ڏنل، انھن ڪٽھڙن تان ٽپندا ڪڏندا راند ڪندا ھا سين، ھڪ گھر کان آخري گھر تائين، لڪي ڇپي واري راند.
مرد عورتون وڏا پڪا پوڙھا پنھنجي گھر جي آڳنڌ تي کٽون وڇايو ويٺا ھوندا ھا ته، اول گھر کان آخري گھر تائين ھر گھر جي ڀاتي جي چرپر تي نظر چٽي پئي پوندي ھئي ۽ جڏھن شام جو سج لڙندو ھو، ھلڪڙي ميرانجھڙي شروع ٿيندي ھئي، ٻاھران ڪمند جي فصلن مان ھوا پئي سرڙاٽ ڪندي ھئي، ان ويل گھر گھر ۾ گئس جا گولا ٻرڻ شروع ٿيندا ھا. ڪي چٽا روشن ته ڪي ميرانجھڙي روشني سان پيا ٽمٽمائيندا ھا. رات جو ڪائين پھر تائين پيا راند روند ڪندا ھا سين، خبر ڪانه پوندي ھئي. نئين صبح جو سج ياد ڏياريندو ھو ته رات گذري وئي.
مان اڪثر ادي ڪلثوم سڪينا ۽ آمنا سان گھڻو کيڏندو ھوس ۽ صبح ڪڏھن ماسات صالو سان زمين تي ھليو ويندو ھوس يا وري بگي سان بڙ واري ڇانو ۾ ٻڪريون ويھاري، سڄو ڏينھن ڏڪي ڏڪر لاٽون لاٽون يا بلورين پيا راند ڪندا ھا سين ۽ وري رات ادي ڪلثوم سڪينا آمنا سان ساڳي راند روند جي ڪرت. مان گھڻو ڪري آمنا سان وچڙندو ھوس، يا ته مونکي وڻندي ھئي، يا ھم عمر ھئي انھي ڪري. رسڻ پرچڻ وري ٺاھ، وري رسڻ وري پرچڻ وري وڙھڻ وري ٺھڻ.
ھڪ دفعي راند کيڏندي کيڏندي مون راند ڦٽوڙي ڪئي، آمنا جي گڏڙين جو گهرڙو ڊاھي ڇڏيو ھو. ڪاوڙ ۾ آمنا مون کي ڪلھي ۾ چڪ پاتو ھو. مون به وارن مان پڪڙي دسي ڊنب ڏني ھئي مانس. اوڏي مھل روئندي روئندي ماسي مريم کي وڃي دانھن ڏني ھئائين. ماسي مريم دانھن کڻي گھر پھتي ھئي، امان سان جھيڙو ڪيو ھو، مون کي چيو ھو، ’’ھاڻ جي آمنا سان کيڏڻ لاءِ آيو آھين ته ڊنب ڪڍندي سانءِ، پڪڙي مَنهه جي ٿوڻي سان ٻڌي ڇڏيندي سانءِ ... پوءِ ڀل ماڻھين اچئي ڇڏائڻ....‘‘
۽ امان سان يڪو لڙ پئي ھنيائين. ماسي گھڻو لڙ ھڻي گھر موٽي وئي ھئي. اوڏي مھل ڪجهه دير کان پوءِ آمنا جي گھر وڃي نڪتو ھوس. مَنهه کان ٿونڙي جي اوٽ ڏئي بيٺو ھوس، آمنا چلهه تي لسي سان ماني پئي کاڌي. ماسي مريم دڙڪو ڏيندين چيو ھو،
’’دير ڪيئي ! وري آيو آھين ـ ميسڻا ڏيانءِ ڊنب ... روز وڙھندو آھين، وري روز آمنا ڏي ڀڳو بيٺو آھين ...سرئي به ڪانه ٿي، وڙھڻ کان مڙين به ڪونه ٿو...‘‘
ماسي مريم جي ڪاوڙ ۽ ڇڙٻن ۾ به مصري جھڙي مٺاڻ ھئي.
تصور ئي نه ڪيو ھوم ته ڪو سڄي زندگي ائين گڏ پئي گذرندي ..... سڄي عمر ٻار ھوندا سين.
سڪينا آمنا ڪڏھن وڏيون ٿيون، ان ڳالهه جو احساس ئي نه رھيو ۽ ھڪ ڏينھن ٻئي پرڻجي ويون. ڏاڍو اداس ٿي پيو ھوس ، دل کي يقين نه ٿي آيو ته ڪو آمنا ۽ سڪينا پرڻجي ويون آھن
ائين به ٿيندو آ ڇا ڀلا !!
نه نه ڄڻ زبردستي منھنجون ڪنھن ٻئي ٻانھون ڪٽي ورتيون ھجن، ھڪ دم مونکي اپاھج بڻائي ڇڏيو ھجي. جسماني طور تي ته مان ڪافي قد ڪڍي آيو ھوس، مڇن جي ساول به نڪري آئي ھئي پر منھنجي اندر جو ٻار اداس ٿي پيو ھو، جيڪو اڃان وڏو نه ٿيو ھو.
ڪڏھن ڪڏھن سڪينا آمنا جي گھر ھليو ويندو ھوس، ڪجهه ڊپ ڊاء به ٿيندو ھو، جڏھن سڪينا آمنا جا مڙس گھر ۾ موجود ھوندا ھا پر جي ڪڏھن آمنا يا سڪينا گھر ۾ اڪيلي ھوندي ھئي ته ، منھنجي اندر جو ٻار ڪڏ پائي ٻاھر نڪري پوندو ھو، ۽ وري پيا راند روند ڪندا ھاسين. مونکي ڪڏھن ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو ته ڪو مان جسماني طور وڏو ٿي ويو آھيان، ھاڻ مان بالغ ٿي ويو آھيان. ڪجهه اعتراض اٿيا، ڪجهه روڪ ٽوڪ شروع ٿي ، ائين آھستي آھستي پاڻ پلڻ لڳس. وقت ڄڻ جبري منھنجو قد ڇڪي ڊگھو قداور ڪري ڇڏيو ھجي پر منھنجي اندر جو ٻار ته اڃان به ٻار ئي رھيو ، جيڪو اندر ئي اندر پيو روئندو، انگل ڪندو ھو آمنا سڪينا سان راند روند ڪرڻ جو .... ..من جي ٻار جو ڄڻ منھنجي جسم سان ڪو تعلق ئي نه ھو.
نيٺ آھستي آھستي ڪچا گھر پڪا ٿيڻ لڳا، گھرن جون ديوارون اوچون ٿينديون ويون، وڇوٽيون وڌنديون ويون ۽ ھاڻ سچ ۾ مان وڏو ٿي چڪو ھوس.
نيٺ بابا سائين لاڙ مان لڏي اچي دادو ۾ آباد ٿيو، ڪجهه وقت بابا سائين ڇھين ستين مھيني لاڙ وٺي ويندو ھو
جڏھن بس تان شام سج لڙي جو پڪي تي لھندا ھاسين ته ماما ڏاند گاڏي ڪاھيو بيٺو ھوندو ھو. ڏاند گاڏي ۾ ٻيڻيون رليون وڇايل ۽ وھاڻا رکيل ھوندا ھا. سڀئي ڏاند گاڏي تي چڙھي ويھندا ھاسين پوءِ ڪچي جو پنڌ ئي پنڌ .... ڏاند گاڏي ۾ ڏاندن کي سنڀالڻ به جھڙي تھڙي جي وس جي ڳالهه ڪونه ھوندي ھئي، انھي ڪري ماما ڏاندن کي سنڀالڻ ۽ ھڪلڻ لاءِ چاچا پنھون کي ڏاند گاڏي ھلائڻ لاءِ ڏيندو ھو. پوءِ ڪچي رستي جي لوڏن ۾ سڄي واٽ چاچا پنھون پيو ڏاندن سان ڳالھائيندو ھو.
’’ھڪ اٿئي .... ڪاڏي ٿو مرين!؟‘‘
ساڄي ... کاٻي. لٺ جو پيو چونگ ڏيندو ھو، ڪيڏي مھل بگي ڏاند کي ته ڪيڏي مھل ڪٽي ڏاند کي. منزل ئي منزل، ۽ ڍڳو پير پيران....
گوني جي ٻنھي ڪپرن سان جھونن سرھن جي وڻن جي ڊگھي قطار ..... گھرن تائين صفا لڙھي پوندا ھاسين، پر بابا ماما ۽ امان جي ڪچھري پئي ھلندي ھئي ...
بابا جي وفات کان پوءِ اھو سلسلو بند ٿي ويو، وري ڪڏھن لاڙ وڃڻ نه ٿيو.
سالن کان پوءِ ھڪ ڀيرو لاڙ ويو ھوس، ور وڪڙ کائيندڙ ڪچي دڳ تي انھي جھوني بڙ جي ڇانوَ ۾ وڃي بيٺو ھوس. پري کان انھن گھرن کي گھوريو ھوم، جتي پنھنجو عطيت ڇڏي آيو ھوس. کن پل لاءِ منھنجي من جو ٻار مونکي بڙ جي ڇانوَ ۾ ڇڏي، پنھنجي عطيت ۾ ڊوڙ پاتي ھئي .... انھن گھرن انھن آڳنڌن تي جتي ھي پنھنجو بچپن ڇڏي آيو ھو، اھي رشتا جيڪي وقت جي واچوڙي ۾ سڀ ڪک پن ٿي چڪا ھا.
ھڪ ساھي کان پوءِ پنھنجي اکين مان ٽمندڙ ڳوڙھن کي ھٿ جي تري سان اگھي اتان ئي واپس موٽي پيو ھوس ....