باغــــــــي
ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ـــــ
ٻه ڏينھن اول ھڪ مخبر ديس جي دلال انتظاميا جي اعليٰ آفيسر کي اطلاع ڏنو ته سرمد بلوچستان جي جابلو پٽي کان سنڌ ۾ داخل ٿو ٿئي، توھان ان جو گھيراءُ تنگ ڪيو.
اعليٰ آفيسر پورو پلان جوڙي ڇڏيو، ان پٽي تي پنھنجو جٿو موڪلي ڇڏيائين. سپاھين کي پوري ڊائريڪشن ڏئي ڇڏي، سرينڊر نه ڪرڻ جي صورت ۾ شوٽ آئوٽ جو آڊر آھي.
سرمد جي کاٻي ڪلھي ۾ گولين جو ٿيلھو لڳل ھو ۽ ساڄي ڪلھي ۾ رائيفل، پيرن ۾ بلوچستاني ڇال پاتل ھئي. ھي جبلن جا لڪ لتاڙيندو ٿي آيو، چيتي جھڙي چال، ڊگھين ڊگھين ٻرانگن سان پٿريلي زمين جي ڇاتي ۾ ڄڻ خنجر کوڙيندو ٿي آيو. گرمي جي شدت ۾ چپ خشڪ ٿي ويس. نراڙ تان پگھر اگھي ھڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ کن پل لاءِ ويھي رھيو.
ياد ٿي اچيس اھا رات، جڏھن سنڌو جي گوڏن تي اکيون ٻوٽيون ڪافي دير ليٽو رھيو ۽ سنڌو آڱرين جي ڦڻي وارن ۾ ٿي ڦيري، خاموشي کي ٽوڙيندين ھن ڳالھايو؛
’’سنڌو ؟‘‘
’’ھون !‘‘ کن پل ۾ سنڌو، ماضي کان مستقبل جي سفر تان موٽي آئي.
’’مون سمجھو ... ننڊ اچي وئي اٿئي..!؟‘‘
’’ڪٿي! سنڌو مان عرصي کان ستو ناھيان، ھڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تائين راتين جون راتيون ڀٽڪندو رھيو آھيان ... ڪڏھن ڪڏھن ته رات به پوري ھڪ جاءِ تي ٽڪي ناھيان سگھيو ـــــ پر جڏھن تنھنجي ٻانھن ۾ ھوندو آھيان، مونکي آزاديءَ جو پورو احساس ٿيندو آھي. تنھنجي ڀاڪر ۾ ئي منھنجي پڃري جو پکي پرڙا ساھيندو آھي. جڏھن ته منھنجي سنڌ منھنجو گھر آھي، پوءِ ڀي مان بي گھر آھيان....
سچ پڇين ته مونکي اھڙي گھر جي لوڙ به ڪانھي، جتي غلامي ھجي! بس ھڪڙي حسرت آھي، جڏھن به آزادي جي راھن ۾ ماريو وڃان ته منھنجو لت پت لاش ائين ئي تنھنجي ھنجهه ۾ پيل ھجي. ان کان پوءِ دفن ٿي وڃان، فنا ٿي وڃان مٽي جي وجود ۾ ـــــــ
سنڌو ھٿ وڌائي سرمد جي چپن تي رکي ڇڏيا.
’’نه ڪندو ڪر اھڙيون ڳالھيون، منھنجي ڄمار به توکي لڳي ... مان تنھنجي ئي وجود مان بڻي آھيان ... جئين آدم جي وجود مان حوا...‘‘
سرمد ٿڌو ساھ ڀريو.
’’سنڌو! ھڪڙو مون سان واعدو ڪندينءَ !؟‘‘
’’نڪو !‘‘
بنا سوچي سنڌو ڪنڌ ڌوڻيو.
’’مان توکي ساھ ته ڏئي سگھان ٿي پر توسان ڪو وچن واعدو نه ٿي ڪري سگھان.... توسان وچن واعدن مان مراد اذيتون .... پيڙائون ۽ ڀوڳنائون آھن.... مون گھڻو ئي ڀوڳيو آھي، ھاڻ بس! وڌيڪ آزمائش مان گذرڻ جي مون ۾ سھپ ڪونھي، مونکي ھر پل تنھنجي وڇڙي وڃڻ جو عذاب ماريندو آھي.....
ماڻهو چوندا آھن وصال ۾ لذت آھي، پر مون توسان وصال ۾ به اذيتن کي ڀوڳيو آھي، بس مون تي ھاڻي ٿوڙي دِيا ڪر سرمد !‘‘
سرمد مرڪي پيو. ھلڪڙي مسڪراھٽ چپن جي لڪير بڻجي گم ٿي، ٿي وڃي
’’۽ فراق ؟‘‘ سرمد مذاق جي موڊ ۾ سوال ڪيو .
’’اذيت محسوس ٿيندي آھي جان کي، بي جان بت کي نه ! فراق ۾ خالي ھي بت ھوندو آھي، جان ته تو ۾ اٽڪيل ھوندي آ ... ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي اذيت ٿيندي !؟‘‘
سرمد اٿي ويٺو، ٻنھي ھٿن ۾ سنڌو جا ڳل جھلي ورتا.
’’چري! موت ازل آھي ــ ٽرڻو ناھي، پوءِ بيماري جي بستري تي اچي يا آزادي جي راھن ۾ ، بس ھڪڙو ننڍڙو مون سان واعدو ڪر... توسان وچن ٿو ڪيان، اڳلو جنم تنھنجي حڪمن جي پاسداري ڪبي..‘‘
’’ضد تان ڪونه لھندين، چڱو چئو!‘‘
سرمد ھڪ نظر سنڌو کي غور سان ڏٺو،
’جيڪڏھن منھنجو اولاد پٽ ٿئي ته نالو رکجانس .... مھراڻ....
مان جي آزادي جي دڳن تي ماريو وڃان ته وڏو ٿي منھنجي مقصد کي پورو ڪري، بس ايترو ...!‘‘
سنڌو جي اکين مان لڙڪ زار قطار لڙي پيا، ڄڻ سنڌو دريا جا ٻئي بند ٽٽي پيا ھجن. سرمد سنڌو جي ڳلن تي چپ رکي لڙڪ چمي ورتا.
’’سنڌو! اڄ مان تنھنجي ڳلن تان آب زم زم پي ورتو آھي، منھنجي زندگي سفل ٿي وئي... بس آخري دفعو تنھنجا چپ چمڻ جي حسرت آ..‘‘
سنڌو بي اختيار پنھنجا چپ وڌائي ڇڏيا.ڪي لمحا لفظ گونگا ۽ ٻوڙا رھيا، نيٺ گونگن لفظن کي سرمد جي زبان ملي.
’’سنڌو! سچ پڇين منھنجا چپ تنھنجي چپن کي چمي ناھن سگھيا، تنھنجي چپن جي سرخي جبلن جي تهن جيڏا فاصلا ٿي رکي ...!‘‘
’’......پر... ‘‘ ھڪ ساھي کان پوءِ سنڌو ڳالھايو. ’’آخر ڪيسيتائين ڀڄندو رھندين!؟‘‘
’’جيسين ساھ سرير ۾ آ... سنڌو مان ھنن کان جنم جنم تائين ڊوڙي سگھان ٿو .... تنھنجي خاطر ، سنڌ جي خاطر ... مون کي جيڏي تون پياري آن، اوڏي سنڌ ....! پر منھنجي منزل فراريت ناھي، آزادي آ...
اسر ويل مان ھتان نڪري ويندس، پنھنجو خيال رکجان...‘‘
سياري جي رات ماڪ ٿي وسي، ڀاڪر ۽ بوسن جي بارش ھئي. وصال ۾ رات گذري.
خشڪ نڙي سان ڳيت ٿو ڏئي، اٿي کڙو ٿو ٿئي. دور تائين نظر ڊوڙائي ٿو، پري پري تائين رڃ ئي رڃ....
سنڌو جو الڪو ويتر ٿو ورائيس،
’’ بس ٻه ٽي ڏينھن... اڄ يا سڀاڻي سنڌو ماءُ بڻجڻ واري ھوندي، خبر ناھي ڪھڙي حال ۾ ھجي؟‘‘
آخري دفعو سرمد سنڌو سان تڏھن مليو ھو، جڏھن ٻار جي ڄم ۾ باقي ھفتا بچيا ھا، پاڻ پڪ ڏياريائين سنڌو جتي به ھوندس، ان حال ۾ توسان گڏ ھوندس.
رائيفل ڦرائي کاٻي ڪلھي ۾ وڌائين، تيز تيز جبلن جون لاھيون چاڙھيون لھندو چڙھندو اچي سنڌ جي سرحد کي پھتو. نوڙي ماتر ڀومي جي مٽي کنيائين، مٽي ماٿي تي مليائين.
ٻه قدم اڳتي وڌيو، گھڻو اڳتي اچي وري نظر ڪيائين. چوطرف جبلن جون اوچون اچون ٽڪريون، اڃان اڳتي وڌيو. سامھون نظر پيس، بيھي رھيو. ٻه قدم پوئتي ھٽيو ته ھڪ سپاھي اشاري سان سرمد کي ھٿيار ڦٽو ڪري سرينڊر ٿيڻ جو چيو.
سرمد ڪلھي مان سٽ ڏئي رائيفل لاٿي.
اچانڪ ھڪ گولي پٺ کان سرمد جي ڪلھي ۾ لڳي، ٿيڙ کائي جبل جي پٿر جي اڙ ورتي. ڇڪي رائفل جو گھوڙو چاڙھيو، ھڪ فائر ڪيائين، گولي وڄ جيان واڄٽ ڪـندي نڪتي. ٻي گولي ھن کي پٺ ۾ لڳي. وڄ وانگي ڦيرو پائي پٺ تي فائر ڪيائين.
ٽئين گولي ساڄي گوڏي جي ڍڪڻي ۾ لڳي، ھي گوڏا ڀر ڪريو.
ھڪ گولي سيني کي پروڻ ڪندي وئي، ھي نميو
چئو طرف گولين جي برسات شروع ٿي، ھي نرڙ ڀر زمين تي جھڪي پيو.
ھي سرمد جو ڌرتي کي آخري سجدو ھو
ھوڏانھن نئين ڄاول ٻار جي چيخ گونجي، سنڌو جي ڪک مان مھراڻ جنم ورتو.
ڏور سج جبل جي لڪن کان لِڪو ٿي .....