سرحدون
ڳوليان ڳوليام لھان ـ شال م ملان ھوت ــــ
جڏھن نه آتما جسم جو بار گھلي گھلي ساڻي ٿي پوندي آھي، ماڻهو لاءِ پنھنجو ئي وجود ڪيڏو ڀاري ٿي پوندو آھي.
ياد ٿو اچيس؛ آڳنڌ تي نم ۾ ٽنگيل اھو پڃرو، جنھن ۾ ٻه ننڍڙا ايراني طوطا ڌاريا ھئائين. ھڪ ڏينھن اچانڪ مادي مري وئي ھئي، ۽ طوطو الاءِ ڪيترا ڏينھن پڃري ۾ چر چر ڪندو رھيو ھو.
خيال آيو ھوس ته آزاد ڪري ڇڏيس، پر ھي ائين ڪري نه سگھيو ھو. ان کان اول ھڪ ٻيو طوطو پڃري مان اڏامي ويو ھو، ڪانوَن اوپرو پکي سمجھي ڊوڙائي ڊوڙائي ماري وڌو ھوس.
پوءِ ڪيترا ڏينھن طوطو پڃري ۾ چر چر ڪندو رھيو ھو، ۽ ھڪ ڏينھن مري ويو ھو.
ڪي پل پاڻ کي ان طوطي وانگيان پڃري ۾ چر چر ڪندي ڀانيو ھئائين، بس رڳو دم نه ٿي نڪتو.
.... جي سچل زور نه ڀري ھا ته ڪڏھن به ھا جي حامي نه ڀري ھا. ٻئي گڏ پڙھيا، سچل سائنس ۾ دلچسپي ورتي، ھن وري تاريخ کي ترجيح ڏني. اڄ سچل ناسا اداري جو ميمبر آھي، ايملي جي تصوير سان گڏ واٽس اپ ڪيو ھئائين ته ، ’’ايملي فرينڊ آھي، مڪلي ۽ موھن جي دڙي تي ٿيسز لکڻ لاءِ سنڌ اچڻ ٿي چاھي.‘‘
جواب ۾ لکيو ھئائين؛ ’’دنيا کٽي آھي، آخر سنڌ ئي ڇو !؟‘‘
ريپلاءِ آيو ھوس؛ ’’چري سمجھي ٿي سنڌ پيار امن جي ڌرتي آھي. تاريخ ۾ جڏھن عورت غلام سمجھي ويندي ھئي، تڏھن موھن جي دڙي کان سنڌ ۾ عورت جو مانُ مرتبو اوچو رھيو آھي...‘‘
اھڙي ڳالهه تي مرڪي پيو ھو. لکيو ھئائين؛ ’’ھتي عورت ڪاري ڪري ماري ويندي آھي، عورت کي آزادي جو ڪو حق ڪونھي!‘‘
ياد ٿو ڏياريس سدوري جو واقعو، سومر کي ’’ادا... ادا‘‘ ڪري چوندي ھئي ۽ ھڪ ڏينھن ڀائرن سومر سان ڪاري ڄاڻائي، ڪھاڙين سان جسم ڳڀا ڳڀا ڪيو ھو.
بحث طويل ٿي ويو ھو.
قصو کٽائڻ ۽ ڳالهه مڃائڻي ھئي. نيٺ سارنگ ھا ڪئي ھئي.
تنھن ڏينھن وڃي ڪراچي جناح ايئر پورٽ نڪتو ھو، ماڻھن جي قطار ۾ وڃي لوھي گرل وٽ بيٺو ھو. ڀر ۾ بيٺل ھڪ سڪلڙي پان چٻاڙيندين پڇيو ھو، جناب آپ سنڌ سے آئے ھو ؟
ھن کي ڪو تعجب ڪونه لڳو ھو، سوچڻ لڳي ٿو يا ته مان سنڌ ۾ نه ٿو رھان ـ يا ھي !
جواب ۾ صرف ايترو چيو ھوس،
مصر کي تاريخ سے بھی موھن کے دڑو کی تارخ پراني ھے، موھن کے دڑو کي مٽي سے ميرے آب و اجدا کا تعلق ھے
اور آپ ؟
جناب کراچي کا ھون، ھن فخر سان چيو ھو
اور آپ ڪے آب و اجداد !؟
ھي ڦڪو مٺو ٿي پيو ھو، سوال جي ڪنڊي ڄڻ نڙي ۾ اٽڪي پئي ھجيس جواب ڏيڻ کان سواء پتلون کي مٿي ڇڪي اڳتي کسڪي ويو ھو.
اوچتو ھوا جو جھونڪو لڳو، دل جي کڙڪي کلي . بند ٿي ھئي. ايملي اچي اکين آڏو بيٺي ھيس.
ڪلھن تي ور وڪڙ کائيندڙ ڊگھا گھنڊڙي وار، ھوا ۾ ائين چر پر ڪرڻ لڳا ھا ڄڻ واسنگ الرون ھڻندا ھجن. اڇي کير مان ڌوتل سنگ مرمر جھڙو بدن، گوريون چٽيون ٻانھون، ٽماٽر جھڙا ڳاڙھا ڳٽول ڳٽا، لڳو ھس ڦنڊڪ ھڻندس ته ڳٽن مان رت ٽمي پوندو، اکيون نيريون گھريون وشال آسمان جھڙيون، بي حجاب ڳراٽڙي پائي ملي ھئي.
ايئر پورٽ تان اچي بس جي دري کان ويٺو ھو، شام جا پاڇا لڙڻ لڳا ھا. بس ڪراچي جي ڪشادن رستن تي ڊوڙڻ لڳي ھئي ، دري مان وشال آسمان کي گھوريو ھئائين، جيڪو ڪجهه دير اول ايملي جي اکين ۾ نظر آيو ھو. خاموشي کي ٽوڙيندين ايملي ڳالھايو ھو
’’سارنگ مان پوري سنڌ گھمڻ ٿي چاھيان، ڪشمور کان ڪارونجھر تائين، مڪلي کان موھن جي دڙو تائين، پوري سنڌ ـــ‘‘
سارنگ ھا ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ھو.
۽ ٻي ڏينھن سنڌ ياترا شروع ٿي ھئي، مڪلي کان موھن جي دڙي تائين، موھن جي دڙي کان سر سبز کيتن تائين.
ھڪ ڏينھن کيتن ۾ ڊوڙي وڃي سرنھن جي پيلن گلن جي ڦولارن ۾ بيٺي ھئي، ٻئي ٻانھون آسمان ڏانھن اڀيون ڪيو ھئائين، ھن جون ٻانھون آسمان کي ڇوھڻ لڳيون ھيون، لڳو ھوس ڄڻ پولارن مان ڪا پري سنڌ ڌرتي تي لٿي ھجي، ٻانھن جا اشارا ڪري سارنگ کي پڪاريو ھئائين، سارنگ اچي ڀر ۾ بيٺو ھوس، ويجھڙو تمام ويجھڙو.
سارنگ جي اکين ۾ اکيون وجھي چيو ھئائين،
’’سارنگ! ڪو ته رشتو آھي منھنجو سنڌ ڌرتي سان، يا ڪو به ناھي ! يا منھنجو وطن ھُن پار آھي؟‘‘
اھڙي سوال تي کن پل ۾ سرحد جي لڪير اڳيان، پاڻ کي سرحد جي ھِن پار ۽ ايملي کي ھُن پار ڀانيو ھئائين۽ پوءِ سارنگ جون ٻانھون جھلي پيلن گلن جي ڦولارن ۾ گھڻو پنڌ ھلي ھئي، ڀانيو ھئائين ڄڻ جنمن کان ھن جو ھٿ جھلي ھلندي ھجي.
الاءِ ڪيترا ٽھڪ ھن جا ھوا ۾ گونجيا ھا، ڪائنات جون سموريون خوشيون جھومڻ نچڻ ڳائڻ لڳيون ھيون.... اڪثر ماڻهو محبت ڪري ويھندو آھي، پر اظھار لاءِ لفظ گونگا ٿي پوندا آھن. ڪڏھن صديون لمحن ۾ گذري وينديون آھن، ته ڪڏھن لمحا صدين ۾ گذرندا آھن. اک ڇنڀ ۾ وقت اچي سرحد جي ان لڪير تي بيھاريو ھوس، جتي پاڻ کي سرحد جي ھِن پار، ۽ ايملي کي ھُن پار ڀانيو ھئائين.
آخري دفعا ايملي کيس ڀاڪر پائي موڪلايو ھو.
’’ سارنگ! توسان گھاريل لمحا ھميشھ ياد رھندا....‘‘
۽ ھن الوداع جا ھٿ لوڏيا ھا، جھاز نيڻ نھار تائين پولارن ۾ گم ٿي ويو ھو ھُن پار ، ۽ ھِن پار رھجي ويو ھو ، ھن جو اڪيلو وجود ....!