شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• پنهنجي پاران

ڪتابن لکڻ واري سلسلي جو هي ٻيو ۽ هڪ اهم ڪتاب آهي. جنهن ۾ دُٻي جي حوالي سان بنيادي نوعيت واري معلومات ڏني وئي آهي. انهي معلوماتي مواد جي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي عمر وارن ماڻهن سان ڪيل ڪچهرين مان معلومات حاصل ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” کي جنهن طريقي سان پيش ڪجي ٿو ان ۾ جنهن قسم جا تفصيل، نقشا، ۽ تصويرون ڏنيون ويون آهن، ان ڳالهه کي ڏسندي ان لاءِ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته هن ۾ پيش ٿيل ماڳ هڪ قسم جي اهميت ۽ سونهن هئڻ جي حيثيت پڻ رکي ٿو. هن کانپوءِ دُٻي بابت اگر ڪو قلم کڻي هٿ مٿي ڪندو ته هن ناچيز کي ضرور ياد ڪندو.
ڪتاب ۾ ڪجهه مواد ٻاهران جو به شامل آهي جنهن جا حوالا لکڻ مهل موقعي تي ڏنل آهن. ڪتاب ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور بابت ٻه ڪالم به لکيل آهن جن ۾ ڪافي معلومات درج آهي. ڪجهه حقيقتون ۽ ڪجهه يادن جا دلچسپ ڪالم به لکيل آهن. آخر ۾ هڪ ٻارن ۾ وڌندڙ بيماري جي بچاءُ متعلق آگاهي به ڏنل آهي. ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۾ وحيد علي جسڪاڻي جو وڌ ۾ وڌ ساٿ رهيو، ننڍي عمر واري هن نوجوان کي ڊگهي ڄمار لاءِ دعا ڪريان ٿو.
هي سڀ ڪجهه لکي هڪ ڪتاب ٺاهي سامعين جي خدمت ۾ پيش ڪيان ٿو اميد ته پسند ايندو. ڪتاب جئين به لڳي آگاھ ڪندا ۽ ڪا خامي رهجي وئي هجي ته نشاندهي ڪندا. ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪنهنجي دل آزاري نه ٿئي ٻي صورت ۾ معذرت ڪريان ٿو.

عطا محمد جسڪاڻي
تاريخ 1 جون 2013ع
(ايڇ _ ايس _ ٽي)
گورنمينٽ ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول
خيرپور ميرس
03003115194