• ٿــــــــــــــــــــــــر ٿياس (سفر نـــــــــامو)
حزب الله گهمرو
عبدالشڪور ميمڻ
گل حسن ڦلپوٽو
نبي بخش مڪول
احسان علي سومرو
محمد رفيق انڙ
محمد اعظم سولنگي
عطا محمد جسڪاڻي (سفر لکندڙ)
سعيد احمد لاڙڪ
اسد الله سومرو
محمد اقبال جتوئي
عبدالمجيد منگي (فوٽو گرافر)
غلام قادر سومرو
خادم حسين ڪٽوهر
شهمير عباسي (اڳواڻ)
دستور موجب هر ڪنهن کائڻ پيئڻ ۽ ٻيو ضروري سامان کڻي صبح جو اسڪول ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا ڪي دير ڪي سوير ڪي خوش ڪي اداس پر هلڻ لاءِ سڀ بي تاب. الهائي ڪهڙين مجبورين سبب اسان جي گاڏي ستين بجاءِ ٻارهين بجه آئي اسان سڀئي سفر جي دعا پڙهي گاڏي تي سوار ٿي خير سان روانا ٿياسين. سي اين جي تي رش سبب چونڊڪو ۾ ٻه اڍائي ڪلاڪ دير ٿي وئي ۽ چانهه پيئڻ جو وقت ملي ويو. اسان جي قافلي ۾ اڪثريت انهن استادن جي هئي جيڪي نماز جا پابند هئا تنهن ڪري نماز جو وقت ڏسي گاڏي روڪي نماز پڙهون پيا. اهڙي طرح ٻن پهرن جي نماز چونڊڪي ۾ پڙهيسون. گاڏي ۾ گئس ڀرائي تقريباً ٽين بجي ڌارا گئس فيلڊ واري روڊ سان روانا ٿياسين. اهڙي طرح تجل کان ٿيندا دلچسپ ماحول ۾ منڍ جمڙاهو تائين پهتاسون گاڏي جو ڊرائيور اڳتي جو واقف نه هو تنهن ڪري اڳتي ڏس پتي تي هلڻ لڳو، اسان جي ڀاڳ ۽ مقدر جو انداز به ڪجهه نرالو هو جو اڳيان اپر ۾ استاد عبدلشڪور ميمڻ ۽ استاد حزب الله ويٺا. مولوي ميمڻ صاحب ويهڻ سان ننڊ ڪندو هليو ۽ حزب الله جي ڳالهائڻ ۾ رنڊڪ هئي تنهن ڪري ڪو ڪنهن جي ڳالهه ڪون نه پيو سمجهي. اگر ڪنهن کان روڊ جو پڇن پيا ته اهو ماڻهو نه پيو سمجھي ته سنڌڙي يا سِنجهورو. بحرحال جمڙائو جو منظر ڏسي سانگهڙ تائين آساني سان پهچي وياسين. سانگهڙ ۾ ڪجهه وقت ترسي گاڏي ۾ گئس وجهرائي پاڻ کاڌو به کاڌوسين، نماز به پڙهي سون. اتان فارغ ٿي سنڌڙي جو رُخ ڪيوسين ۽ آساني سان سنڌري پهتاسون. هتان مير پور خاص اچڻ بجاءِ غلطي ۾ کپرو واري روڊ تي اچي وياسين. مون وٽ هڪ نقشو هو ڪجهه نه ڪجهه خبر ته پوي پئي پر جڏهن آءُ اهو نقشو دوستن کي ڏئي نشان دهي ڪيان پيو ته نقشو ڏسي يڪدم واپس ڪن پيا ته ۽ ڳالهه نه پيا سمجهن. آخر غلطي محسوس ڪيائون ته ميرپور خاص هلون ها، رستي ۾ عام ماڻهن کان رستو پڇڻ شروع ڪيوسين ته گروڙ شريف ڪٿي آهي مختلف رستن کان فرندا گرندا وڃي رهيا هئاسون. استاد گل حسن جي ذهن ڪم ڪيو ۽ هڪ دوست جنهن جو نالو ارشد محمود هو ڏانهن فون ڪيائين. جيڪو پٿورو لڳ هڪ ننڍڙي شهر بچاءءُ بند ۾ رهندو آهي سندس رهائش ميرپور خاص ۾ به آهي. بس ان دوست فون وسيلي جيئن رموٽ ڪنٽرول ڪندو آهي اسان کي ڦيرائي بچاءُ بند ۾ آندو. تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي استاد ارشد محمود صاحب اسان لاءِ سٺو انتظام ڪيو، رات جي ماني هوٽل ۾ کارائي ۽ چانهه پياري، ۽ رهائش جو بندوبست ڪيائين پر اتي اسان هڪ مسجد شريف م رهياسين ان جو خاص سبب نماز وضو ڪرڻ ۽ باٿ روم جو سٺو انتظام هيو. رات اتي گذاري صبحُ جو نماز پڙهي 24 مارچ تي سفر جي تياري ڪئي، غسل ڪري، ڪپڙا تبديل ڪري عمر ڪوٽ روانو ٿيڻ کان اڳ ۾ ناشتو به اتي بچاءُ بند ۾ ڪيوسين اڳتي جي رهنمائي لاءِ هڪ واقف ماڻهو امير علي شر به ساڻ کنيوسين جيڪو علائقي جو واقف هو. گاڏي ۾ عمر ڪوٽ جو رُخ ڪيوسين تقريباً هڪ ڪلاڪ جي سفر باد عمر ڪوٽ پهتاسين. اتان گئس نه ملي سگهي ۽ اسان پيٽرول جو بندوبست ڪيو. عمر ڪوٽ جي قلعي جي گيٽ وٽ گاڏي بيهاري ڪوٽ گهمڻ وياسون، ڪوٽ پُراڻو ۽ زبون ٿيل آهي. پر پنهنجي وقت جي اوج جو ذڪر ڪري رهيو آهي. هڪ تاريخ آهي، هڪ ڪهاڻي آهي ۽ عبرت حاصل ڪرڻ جو منظر آهي. جيڪو اسان لاءِ هڪ سبق آهي ته وقت ڇا آهي ۽ الله تعالى جي ذات کانسواءِ سڀ شئي فنا آهي. اسان جي فوٽو گرافر عبدالمجيد منگي صاحب تاريخي ماڳ جا يادگار منظر پنهنجي ڪئميرا جي اک م بند ڪيا. هن ڪوٽ جي اندر حڪومت طرفان هڪ عجائب گهر ٺهرايو ويو آهي جنهن ۾ تاريخي نوادرات رکيل آهن ڪوٽ گهمي ۽ عجائب گهر ۾ نوادرات ڏسي ڪافي دير بعد ٻاهر نڪري آياسون. عمر ڪوٽ جي شهر جو ڪجهه حصو گهمياسون، ريگستان تي آباد هي وڏو ۽ خوبصورت شهر نظر آيو . جئين جو اسان جي منزل اڃا اڳتي هئي تنهن ڪري ٽائيم بچائي گهڻي مقدار ۾ پيٽرول وٺي اڳتي وڌياسون. عمر ڪوٽ کان ريگستان شروع ٿي ويو. رڻ ۽ ريگستان جي وچ ۾ بهترين روڊ ٺهيل آهي روڊ جي ٻنهي پاسي واري جا وڏا وڏا پهاڙ جيترا دڙا نظر اچي رهيا هئا. پر چوندا آهن ته ٿر آهي ئي برسات پوڻ سان ٻي صورت ۾ رڳو بر. پر جئين جو هي موسم بهار جي هئي ته ٿر ۾ وڻڪار ۽ ساوڪ جي وڏي رونق هئي. سڀ کان وڌيڪ ٿر جي ڌرتي تي ڦلڙين سان ڀريل اڪ جا گهاٽا ٻوٽا هئا، ڦوڳي سان ٽمٽار ڦوڳ هئا، ڪنڊين ۾ ٻور، ٻج وارين ڦرين سان ڀريل کپ، ڪرڙن ۾ پسي، ڦير، ٿوهر ۽ سڻ ۾ گل هئا. کبڙن ۾ پيرون ۽ هڪ خوبصورتي ۾ اضافو ڪندڙ لوهيڙي جو وڻ هو جنهن ۾ ڳاڙهن پيلن ۽ ناسي رنگ جي گلن جي هُٻڪار هُئي ڪٿي ڪٿي ته هڪ خوبصورت وادي جو منظر نظر اچي رهيو هو هن موقعي تي استاد نظير احمد سولنگي ڏاڍو ياد اچي رهيو هو سفر دوران انور جکرو کي به ياد ڪريون پيا. هوڏانهن ريگستاني سفر ۾ استاد گل حسن، خادم حسين، اسد الله ڳاڙهو ۽ غلام قادر سومري هڪ ٻئي سان ڀوڳ ۽ چرچا ڪري وڌيڪ دلچسپي پيدا ڪري چڏي. هڪ طرف کل ۽ مسخري ٻئي طرف استاد عبدالشڪور جي ننڊ محفل ۾ چار نه پر چوڏنهن چنڊ لڳائي چڏيا. ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ ٽائيم ۾ ڊرائيور گاڏي کي اچي اسلام ڪوٽ شهر پهچايو. اسلام ڪوٽ جو شهر صاف سٿرو ۽ خوبصورت لڳي رهيو هو هن شهر مان مختلف شهرن ڏانهن روڊ پيا نڪرن اسان جي گاڏي پيٽرول پمپ تي اچي بيٺي اسان سڀ لهي علائقي جي خوبصورتي مان مزو وٺي رهيا هئاسون. ڪجهه ٽائيم ترسي اڳتي ننگر پارڪر جيڪو اٽڪل 90 ڪلوميٽر پري هو جوسفر شروع ڪيوسين. بهترين روڊ هو خوشي مان ڊرائيور به گاڏي کي ڇڪيو اسان سائيڊ سان وڏا دڙا خوبصورت وڻ ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جون بستيون جيڪي ٿر جي ثقافت موجب چوءَ نرن تي مشتمل هيون ڏسندا وڃي رهيا هئاسين. اٽڪيل اڌ پنڌ تي ڳوٺ لوڻيون سما واري علائقي ۾ اسان جي گاڏي خراب ٿي پئي سڀ پريشان ٿي وياسون گهڙي کن لاءِ ڀوڳ چرچا به بيهي ويا جن کي ننڊ هئي سي به جاڳي پيا. سٽون سٽڻ لڳاسين هاڻي ڇا ڪجي ۽ ڇا نه ڪجي؟ ڪو ڪهڙي صلاح پيو ڪري ته ڪو ڪهڙي؟ اتي هڪ ننڍڙو هوٽل هو ان جي مالڪ تعاون ڪيو ٽيلفون ڪري اسلام ڪوٽ مان ڪيڪڙو گاڏي گهرائي ڏنائي. جنهن وسيلي اسان پنهنجي گاڏي ٽوچن ڪري ٺهڻ لاءِ اسلام ڪوٽ موڪلي. امير شر جيڪو اسان سان سونهون ٿي آيو هو انکي به گاڏي سان واپس ڪيوسين جئين ڊرائيور جي مدد ڪري سگهي. ڊرائيور سان پروگرام سيٽ ڪري اسان لوڪل سواري ۾ ننگر شهر لاءِ سوچيو. بس ۾ ڪجهه دير هوئي موقعي جو فائدو وٺي مسجد ۾ نماز به پڙهي سون ۽ هوٽل ۾ چاءِ به پيتي سون. وقت مسئلو حل ڪيو ۽ بس به اچي وئي سامان کڻي بس تي چڙهي اچي ننگر شهر ۾ داخل ٿياسين هي علائقو انڊيا جي سرحد سان ويجهو آهي تنهن ڪري ٻن ٽن جاين تي سڪيورٽي وارن چيڪنگ ڪئي. ننگر پارڪر جو شهر ڪارونجهر جبلن جي دامن ۾ بلڪل ننڍڙو شهر ۽ جايون گهڻي ڀاڱي ساديون ۽ ننڍيون هيون. البته سرڪاري جايون شاندار هيون اسان ٽولي جي صورت ۾ هڪ واقف ڪار سان گڏجي ان شخصيت جي بنگلي تي وياسون جنهن جو نالو ڪاپڙي خان کوسو هو سندس ڀائٽيو مليو جيڪو علائقي جو چڱو مڙس هو ۽ پاڻ تعلقه ناظم به رهي چڪو هو. اسان کي پاڻي به پياريائون ۽ عزت به ڪئي خوشي مان رهائش ۽ ماني جو بندوبست به ڪيائون. اسان سامان اتي رکي شهر جو چڪر به ڏنو ۽ مغرب جي نماز هڪ مسجد ۾ پڙهي. بعد ۾ هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ اتان جي هڪ ڪلارڪ سان واقفيت ڪري وياسون اسڪول جي ڇت تان شهر ۽ انڊيا جي بجلي جي روشني جو نظارو ڪري موٽي ساڳي رهائش گاھ تي آياسين. جتي اڳ ۾ ئي اسان لاءِ رهائش کٽون بسترا ۽ رات جي ماني جو بندوبست ٿيل هو. سٺي نموني ماني کائي سڪون ڪيوسين. ٿڪل هئاسون ڏاڍي ننڊ آئي، خادم ڪٽوهر جيڪو ننڊ جي ٽڪي کائيندو هو ان کي ٽڪي کائڻ بغير ننڊ اچي وئي. ڪجهه استادن گوگهرا هڻي گهري ننڊ ڪئي. هتي مونکي اهيو ٻڌائڻ وسري ويو ته اسان جڏهن ننگر شهر پهتاسون ته موبائل سروس خراب هئڻ سبب بند هئي جنهن ڪري اسان کي پنهنجن علائقن ۽ مائٽن سان رابطو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيوهو. ٻئي ڏينهن سروس بحال ٿي وئي ۽ رابطي ۾ آساني ٿي وئي ايندڙ ڏينهن جي مصروفتن کان اڳ ۾ ٿر جي معلومات بابت ڪجهه لکان ته ٿر جو علائقو خوبصورت ضرور آهي پر اتي پاڻي جي سخت کوٽ آهي تنهنڪري اتان جي ماڻهن جو گذارو اڪثر مزدوري محنت ۽ چوپايو مال آهي. ٿر ۾ اونهيون کوهيون آهن جن مان مشڪل سان پاڻي ڪڍي مال کي پيارين. جر جو پاڻي به اڪثر کارو آهي نه ته پري پري کان پاڻي ڀري اچڻ وارو سلسلو آهي. ماڻهن جي اڪثريت هندو قبيلي جي ماڻهن جي آهي جن ۾ ڪولهي، ڀيل، مينگهواڙ، ۽ ٺاڪُر قبيلي جا ماڻهو آهن. مسلمان به آهن. سندن رهڻي ڪهڻي پوشاڪ ۽ ثقافت ۾ فرق آهي ڳالهائڻ جو لهجو به مختلف آهي. ڇوڪري کي ڏوڪري پيا ڪوٺين جڏهن ته ڪچي علائقي جي رستن کي چيلهو پيا چون. اهڙي طرح ٻيا به دلچسپ لفظ ڳالهائين پيا ٿر ۾ چوپايو مال ڳئون، ٻڪريون ۽ اُٺ گهڻي تعداد ۾ نظر اچن پيا پر ڏٻرا هجن. شايد برسات نه پوڻ ڪري ٿر ۾ گاه جو نه هئڻ هو، ماڻهو سادا ۽ ڪجهه گدلا هئا، جيڪي پڻ ٿر ۾ پاڻي گهٽ هئڻ جو احساس ڏيارين پيا بحرحال جيڪي به هو. تاريخ 25 مارچ 2013 تي صبح جو آغار نماز پڙهڻ سان ٿيو ان بعد سير تفريح لاءِ تياري ڪئي وئي تڙ ڪري پوشاڪ تبديل ڪري ميڪ اپ ڪيا ويا. ڪن تيل هنيا ڪن سينٽ هنيا ۽ گنجن به وارن کي فڻي ڏني. سامان بنگلي تي ئي رکيل هو گهمڻ نڪتاسين صبح جو ناشتو هڪ هوٽل تي ڪيو ويو گهمڻ لاءِ لوڪل سوارين جو بندوبست ڪيو ويو ٻه جيپون ڪرائي تي ڪري ننگر کان ڏکڻ طرف ڪاسبو جو علائقي ڏانهن وياسين ڪارونجهر جي هيٺيان ڪچو رستو وٺي اٽڪل پنج يا ڇهه ڪلوميٽر جي فاصلي تي هڪ ننڍي آبادي تي مشتمل ڳوٺ هو ڪچا گهر ۽ ٻاهران لوڙها آيل هئا. هتان جون ٻه خاص ڳالهيون هيون هڪ ته کوهن جي پاڻي تي ڪجهه ايڪڙ زمين تي بصر، هيرڻ، ڪجهه ڪڻڪ ۽ سبزيون پوکي ماڻهون گذارو ڪن ٿا. ٻيو ته هتي هندن جي هڪ عبادت گاھ آهي جتي گهڻي تعداد ۾ مور آهن. اسان جڏهن لهي هتي علائقي ۾ داخل ٿياسون گهڻا ماڻهو ڏسي مور پکين ۾ ڀاڄ پئجي وئي سٺ ستر مورن جو ٽولو اڏامي هليو ويو. مشڪل سان انهن کي ڏٺوسين پر فوٽو به نه ڪڍي سگهياسين. پري پري وڻن ۾ وڃي ويٺا. عبادت گاھ تي ويٺل ماڻهن سان ڪچهري ڪري معلومات وٺي واپس انڊيا جي سرحد جي قريب هڪ ڪچو رستو وٺي اٽڪل چاليهه ڪلوميٽر پري چوڙيون جي علائقي ۾ آياسون. اتي ماڻهن جي ٿوري آبادي هئي هن عرصي دوران رينجرس جي چيڪنگ مان به گذرڻو پوي پيو چوڙيون جي هڪ خاص ۽ عجيب اها ڳالهه آهي ته اتي وڏا وڏا عجيب قسم جا ڳاڙهي رنگ وارا جبل هئا. ۽ نرالي انداز جا ٺهيل ڏسي حيراني ٿئي پئي. پٿر جو وڏيون وڏيون ڇپون ڄڻ کڻي ڪنهن ڪاريگر ڪنهن نموني سان ٺاهيو هجي. صفائي ايتري هئي جو ڄڻ مثال هو. جبل تي چڙهڻ لاءِ سيمنٽ جي هڪ ڪشادي ڏاڪڻ ٺاهيل آهي جنهن تي چڙهڻ کان پوءِ اوچائي جي لحاظ کان هڪ خاص قسم جو خوف طاري ٿي وڃي ٿو مٿي وڃڻ کان پوءِ آساني سان هيٺيان هندستان ۽ پاڪستان جي سرحدي باڙ ڏسجي ٿي . سرحد باڙ سفيد رنگ ۾ نظر کٽي وڃڻ تائين ڪڇ جو رڻ ڏسجي پيو. باڙ جي قريب انڊيا جو روڊ ۽ سيڪورٽي جون گاڏيون ۽ مورچا وغيره ويجها ڏسجن ٿا، ڦوٽو ڪڍڻ جي اجازت نه هئي. ٻي اتان جي اها ڳالهه هئي ته اتي جبل جي اندر هڪ غار ۾ هندن جي عبادت گاھ هئي جنهن ۾ هڪ خوبصورت ۽ سجايل مورتي هئي. دروازا بند هيا. صرف پري کان اسان گرل مان ڏسي سگهياسون ڪجهه وقت اتي رهي واپس لهي آياسون ۽ ننگر شهر ڏانهن واپس آياسون. رستي تي ماڻهن جا ڳوٺ بستيون ۽ چوپايو مال پاڻي لاءِ کوهن تي بيتاب ڏٺوسين. عجيب رنگ ڏسي واپس موٽي آياسون منجهند ٿي چڪي هئي اڃا هڪ گهمڻ جي جاءِ گاڏيون اسان کي ڪارونجهر جبلن ۾ وچ تي وٺي آيون. جتان چوءَ طرف ڪارونجهر جا اوچا اوچا جبل هئا ائين محسوس پيو ٿئي ڄڻ اسان ڪنهن ويڪري کوھ جي سڪل تري ۾ بيٺا آهيون. اتي تمام هيٺاهين تي هندن جو مندر هو. مان اوڏانهن ان ڪري نه ويس جو تمام اونهي جڳهه تي وڃڻو پوي پيو ۽ واپسي ۾ مٿي چڙهڻو پيو پوي. استاد گل حسن، استاد شهمير ۽ خادم ڪٽوهر به اوڏانهن نه ويا. باقي جيڪي ويا انهن جي واپسي جو انداز ائين هو جو ساڻا بي حال ٿي پيا. سندن حالت ڏسي ڏاڍو رحم آيو پر ڪري به ڇا پئي سگهياسون. اسان ته کين روڪيو پر هليا ويا. گاڏين تي چڙهي لاهيون چاڙهيون ڪراس ڪري کوسي صاحب جي بنگلي تي اچي لٿاسون. ٿورو ساھ پٽي پاڻي پي پنهنجي اصلي گهرن کي ياد ڪيوسين ته واپس هلجي. تڪڙ تڪڙ ۾ بنگلي جي مالڪ کان موڪلائي سامان کڻي اچي واپسي واري بس ۾ ويٺاسون. مونکي هڪ ارمان دل ۾ رهجي ويو ڳوٺ ڀالوا جيڪو مارئي جو تاريخي ماڳ هو اتي سندس نالي تي اهو کوھ به هو جتان کيس عمر سومري کنيو هو نه ڏسي سگهياسون. انهي جو خاص سبب اسان جي گاڏي جو خراب ٿيڻ هو پر ان ۾ سڀ الله جي حڪمت هوندي آهي ۽ نصيب جي ڳالهه آهي.
ٺيڪ سوا ٻي بجه ننگرپار کان بس اسلام ڪوٽ ڏانهن رواني ٿي اسي نوي ڪلوميٽر ٿر جو پنڌ ڪري اچي اسلام ڪوٽ پهتاسون. جتي ويگن موجود هئي اڳئين ڏينهن خراب ٿيل ويگن کي ڊرائيور وڏي تڪليف سان ٺهرايو، هوٽل تي ويٺاسون ماني کائي ٽي پهري جي نماز پڙهي ويگن ۾ سوار ٿي مٺي جو سفر ڪيوسين. وچ وارا منظر ڏسندا رات جو مٺي پهتاسين. مٺي ۾ به هڪ دوست رات رهڻ جي آڇ ڪئي ليڪن سنگت اڳتي هلڻ پئي چاهيو. مٺي ۾ تمام مختصرترسياسون ۽ شهر هلندي ڏٺوسين. ريگستان جو هي صاف شهر تمام گهڻو وڻيو ۽ خوبصورت شهر آهي. استاد عبدالمجيد منگي جو هڪ دوست استاد ڀورو مينگهواڙ نئون ڪوٽ ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيو هو اڳتي روڊ تي اچي اسان جو انتظار ڪيائين رات جي انڌيري ۾ منزل ماري نئون ڪوٽ ۾ آياسون جتي دوست اسان سڀني جو دوست بڻجي ويو تمام گهڻي خوشي وچان اسان کي پنهنجي جاءِ تي وٺي آيو. ڏاڍو قرب ڏنائين اهو استاد اڳ ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ به آيل هو. اتي ريفريشمينٽ ٿي. سومهڻي جي نماز نئون ڪوٽ جي هڪ مسجد ۾ پڙهي سون. جيڪا بس اسٽينڊ وٽ آهي. عاليشان مسجد ٺهرايل آهي ڪافي دير تائين ان جي خوبصورتي ڏٺي سون ۽ ان ۾ ڪجهه دير تائين رهياسون. رهائش جو انتظام ڪجهه ڪلوميٽر اڳتي ٻهراڙي جي هڪ ڳوٺ ۾ رکيل هو. استاد ڀورو مينگهواڙ موٽر سائيڪل تي چڙهي اڳ ۾ سونهون ٿي اتي ڇڏي ويو. جتي ڳوٺ نصير هنڱورجو ۾ محمد منظور مولائي هنڱورجو اسان جي رهائش جو مڪمل انتظام ڪيون انتظار ۾ ويٺو هو. اوطاق جي اڳيان جيترا ماڻهون هياسون اوتريون کٽون بسترن سان سجايون پيون هيون. اسان جا ڪجهه ساٿي اهڙا ته ٿڪل هئا جو پنهنجو پاڻ کڻي بستري تي ڇڏيايون. ماني جو لاجواب انتظام ٿيل هو همراهن کي ننڊ مان جاڳائي ماني کارايائون محمد منظور مولائي ڪچهري به ڪئي پر استاد ٿڪ سبب ننڊ پئجي ويا. صبح جو تاريخ 26 مارچ 2013ع تي اٿي اڳ ۾ الله کي ياد ڪري نماز پڙهي تياري ڪئي سون. صبح جو سويل ميزبان اسان کي ناشتو ڪرايو ۽ چاءِ پياري. ان دوست کان موڪلائي واپسي جو سفر جاري رکيوسين. هي ڏينهن اسان جي ٽوئر جو آخري ڏينهن هو ۽ تقريباً ڏينهن جو گهڻو حصو گاڏي ۾ ويهي سفر ڪيوسين. صبح جو گاڏي ۾ سوار ٿي نئون ڪوٽ آياسون ۽ قلعو گهمياسين. جيڪو مير ڪرم علي خان ٽالپور جي نالي سان منصوب آهي. گهڻو وقت گذرڻ ۽ انتظاميه جي عدم دلچسپي سبب هن ڪوٽ جي خوبصورتي گهٽ نظر آئي. هن موقعي تي اسانجي اسڪول جو هڪ استاد مير شهداد خان ٽالپور به ياد آيو. اتان ٿي جهڏو شهر آياسون رستي جي واقفيت گهٽ هئڻ سبب ڪجهه پريشاني ٿي. جهڏو کان سامارو ۽ اتان وري بچاءُ بند کان ٿيندا پٿورو پير تي آياسين جيڪو هندن جو مرشد هو تعميراتي ڪم هلندڙ هو ڏاڍو پسند آيو اتان گرهوڙ شريف آياسون جتي مخدوم عبدالرحمان گرهوڙي جي زيارت ڪئي سون هن جڳهه تي اسان جو ساٿي امير شر اسان کان موڪلائي پنهنجي ڳوٺ هليو ويو اسان سفر کي تمام مختصر ڪندا وياسون ۽ ميرپور خاص آياسون ۽ اتي گاڏي ۾ گئس ڀرائي سون. اسان جو پهريون دوست ارشد محمود بچاءُ بند وارو موجود هو جنهن اسانکي ٿڌو پاڻي پياريو. ان کان موڪلائي ٽنڊو الهه يار وري اتان ٽنڊو آدم ۾ آياسون اتي هوٽل تي ماني کائي ۽ نماز پڙهي سون. ٽنڊو آدم کان ڀٽ شاه آياسون شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي زيارت ڪري وري هالا شريف ۾ اچي مخدوم نوح رح جي زيارت ڪئي سين هالا ۾ استادن ڪجهه شاپنگ به ڪئي اتي گهمي ڦري گاڏي ۾ ويهي واپسي جو سفر ڪيوسين. ڊگهو سفر ڪري ڪنڊياري ۾ رات جو ڏهين بجه اچي چاءِ پيتي سين جيڪي سفر جي آخري مصروفيت هئي. ڪنڊياري مان گاڏي تي چڙهي سڌو خيرپور آياسون ۽ استاد عبدالشڪور کي ننڊ مان جاڳائي سندس بيڪري وٽ لاٿوسين ۽ باقي استاد صاحب به پنهنجي پنهنجي منزل تي لهي ويا. شڪر الحمدُالله سفر خير سان پورو ٿيو.
چئن مندن ۾ پورو سال وري به ٿئي ٿو ساڳيو حال
عطا محمد جسڪاڻي
خيرپور ميرس
تاريخ 29 مارچ 2013ع