شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• دُٻـــي جي جاگرافيائي لحاظ کان پسگردائي

بيهڪ جي لحاظ کان ڳوٺ دُٻي جي خاص اهميت آهي ڇو ته هي ٻن تعلقن ميرواھ ۽ ناري جي سنگم تي آهي هڪ طرف سر سبز ۽ شاداب فصل ۽ باغات آهن ۽ ٻئي طرف قدرت جي سونهن سان ڀريل ٿر ۽ ريگستاني ڀٽون ۽ اڻ کٽ حسين واديون آهن هتي جيڪا زرعي زمين آهي سا مڪمل طور زرخيز ۽ آباد آهي جنهن ۾ هر قسم جو فصل سبزيون ۽ باغات پوکيا وڃن ٿا فصل ۽ سبزين ۾ ربيع توڙي خريف جا فصل ۽ سبزيون ٿين ٿيون. ٻئي طرف اوڀر واري طرف ڏانهن خوبصورت ريگستاني علائقو آهي جنهن ۾ واري جا دڙا به آهن ۽ قدرتي چشما به آهن. جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جي نباتات به آهي ته حيوانات به آهي. خشڪي به آهي ته پاڻي به آهي. جهنگلي جيوت به آهي ته آبي جيوت به آهي، انهن سڀني ڳالهين جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو .
دُٻي جي ڀر ۾ ريگستاني علائقي کي سڃاڻڻ لاءِ به علائقي جي ماٿرين ۽ دڙن تي علائقي جي ماڻهن جا نالا رکيل آهن ، جيڪي دُٻي وانگر پراڻي وقت جا رکيل آهن. لُنڊي دڙي، ڍوري وارو دڙو، ڇارٻاري وارو دڙو، وڍ، پير پڌرو، ويڪر وارو دڙو، ٻڪري وارو دڙو وغيره. انهي ريگستان ۾ جهنگلي جانور، گدڙ، جهنگلي ٻلا، لومڙ، سهو،سيڙهه رهندڙ آهن. 1980ع تائين هن ريگستان ۾ هرڻ به رهندا هئا، جن جو آبادي جي واڌ ۽ گهڻو شڪار ڪرڻ سان نسل ختم ٿي ويو آهي ريگستاني علائقي ۾ ڪجهه دائمي ٻوٽا آهن ۽ ڪجهه برسات پوڻ بعد گاھه ڦٽندا آهن. اهي ٻوٽا توڙي گاھه جيئن ڦوڳ، ٻُوھ، کپ، لاڻون، ڦير، ٿمون، سڻ، وغيره ريگستاني علائقي جي نه رڳو سونهن ۽ خوبصورتي آهن پر علائقي جي جانورن جهڙوڪ رڍ، ٻڪري، ڳئون، ۽ اُٺ جو خاص چارو به آهي.