شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• ڍنڍون

دُٻي ڳوٺ جي اصل سڃاڻ ۽ اصل خوبصورتي ان ڍنڍن ۽ شڪار گاهن جي ڪري به آهي جيڪي وسيع علائقي تي مشتمل آهن. هي ڍنڍون ضلع خيرپور ۾ وڏي ۾ وڏيون ڍنڍون ۽ مشهور شڪار گاهون آهن. جن ۾ راڻي پور جي مشهور اوليائن سخي صالح شاھ،، غازي احمد شاھ، ۽ پير عبدلقادر شاھ جيلاني آبي پکين جو شڪار ڪندا هئا. هن ڍنڍ ۾ شڪار لاءِ پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا ۽ صدر ايوب خان به شڪار ڪيو هو. هڪ هڪ ڍنڍ جي ايراضي ڪيئي چورس ڪلوميٽرن تائين آهي. جن جو ذڪر رياست خيرپور جي تاريخ ۾ به نمايان لکيل آهي. سندن پاڻي چهرو نمڪياتي، شفاف، ۽ اونهائي ۾ ڪٿي ڪٿي ويهن کان ٽيهن ڦوٽن تائين آهي. سندن سڃاڻپ لاءِ مختلف نالا رکيل آهن. سندن نالا کُٿ، ڪتڻ وارو، جمال شاھ، ڇارٻارو، ٻڪري وارو، وڏي سم، تل، ڳريڻو رکيل آهن. هر ڍنڍ جي پنهنجي پنهنجي الڳ اهميت آهي بس هنن ۾ گڏيل ڳالھ صرف هڪ آهي ته اُهي سڀ پاڻي جون ڍنڍون آهن هر هڪ جي پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ آهي جيڪا هن طرح آهي.

1 کٿ :
ايراضي جي لحاظ کان هي وڏي مان وڏي ڍنڍ آهي 1970ع کان اڳ ۾ هن ڍنڍ جي ٻاهران وڏو جهنگ ۽ ڪاٺ هو آبادي جي وڌڻ ڪري اهو جهنگ ڪٽجي ختم ٿي ويو آهي هاڻي صاف ڍنڍ نظر اچي رهي آهي 1965ع ۾ هن ۾ مڇي جو ٻج وڌو ويو جيڪو تيزي سان وڌي عام ٿي ويو. نه رڳو هن ڍنڍ ۾ پر ٻين ڍنڍن ۾ به مڇي عام ٿي وئي علائقي جا ماڻهو هتان روزانو مڻن جا مڻ مڇي ماري سفر گذر ڪندا هئا هاڻي ڪنهن خاص سبب جي ڪري مڇي گهٽ ٿي وئي آهي. سياري جي موسم ۾ هتي پاڻي وارا پکي عام ايندا هئا. 1980ع تائين هتي اڻ کٽ پکي لهندا ۽ رهندا هئا پر آبادي جي وڌڻ ۽ شڪار عام ٿيڻ سبب هاڻي پکي تمام گهٽ رهي ٿو. علائقي جي ماڻهن بندوقن سان هن پکي جو شڪار ڪري انهن جو نسل گهٽ ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي پکي يا ته ڪونه ٿو اچي يا تمام گهٽ ٿي ويو آهي. هن ڍنڍ جي اوڀر واري پاسي کي ڪتڻ وارو سڏيو ويندو آهي جيڪي پکي سياري جي موسم ۾ هتي اچن ٿا انهن ۾ نيرگ، رتبو، لنگهو، آڙي، ٻولاهي، ٿورانڌو، ٽگوش، ڦارهو، ۽ ٻيا پکي آهن.

2 ٻڪري وارو ۽ وڏي سم :

هي ٻئي ڍنڍون هڪ ٻئي جي قريب ۽ ويڪر نالي هڪ وادي سان لڳو لڳ آهن ٻنهي جي وچ تي واري جو دڙو آهي، سندن پاڻي شفاف ۽ تمام گهڻو اونهو آهي هڪ عجيب قدرت جو ڪرشمو به آهي ته هڪ ئي ڍنڍ جو ڏکڻ وارو حصو کارو آهي ته اتر واري پاسي جو پاڻي مٺو آهي توڙي پاڻي به هڪ ڍنڍ تي مشتمل ۽ ڳنڍيل آهي. هي ٻئي ڍنڍون وڏو شڪار گاهه آهن جتي عام ۽ خاص ڪامورا شڪار ڪندا آهن سندن چو طرف ريگستان جا وڏا دڙا آهن جن تي شڪاري بيهي شڪار ڪن ٿا ۽ اُڏرندڙ پکين کي نشانو بڻائن ٿا.

3 جمال شاھ واري ڍنڍ :

هن جو پاڻي تمام تيز ڪڙو آهي جنهن ڪري خارش يا چمڙي جي بيماري تي شفا ڪري ٿو پري پري کان ماڻهو اچي هتي وهنجندا آهن ۽ شفا ياب ٿيندا آهن هن تي جمال شاھ واري ڍنڍ جو نالو ان ڪري پيو جو سندس ڪناري تي جمال شاھ نالي هڪ اولياءَ جي مزار آهي جنهنجي ڪابه تاريخ نه آهي هڪ هڪ قسم جي گمنام ڪهاڻي آهي.

4 ڳريڻو :

هن ڍيڍ مان گهڻي مقدار ۾ لوڻ ڪڍيو وڃي ٿو هتي لوڻ جي کاڻ آهي. علائقي جا ماڻهو ضرورت پٽاندر پنهنجي لاءِ لوڻ گڏ ڪري ڇڏيندا آهن. برسات پوڻ سان لوڻ ڳري ويندو آهي.
باقي ڍنڍن ۾ مڇي ۽ پکي جو شڪار ڪيو ويندو آهي ان کان علاوھ هنن ڍنڍن ۾ جانورن جو چارو نڙاول به عام ٿئي ٿي جيڪي ماڻهو پنهنجي چوپائي مال کي کارائيندا آهن پاڻي جي تري ۾ هڪ قسم جو گاھ آهي جيڪو مڇي جي خوراڪ آهي هنن سمورن ڍنڍن ۾ ڪوبه اهڙو خطرناڪ پاڻي جو جانور نه آهي جيڪو چوپائي مال، ماڻهو، پکي، يا مڇي کي نقصان پهچائي.