شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• جسڪاڻي قبيلو

تاريخي پسمنظر

جسڪاڻي قبيلي جي به ٻين بلوچ قبيلن ۽ سماٽ قبيلن وانگر هڪ تاريخ آهي بلوچستان جي تاريخ ۾ لکيل آهي ته جسڪاڻي گورچاڻي قبيلي جي چوٿون نمبر شاخ آهي. جيڪي اصل قلات رياست ۾ آباد هئا جتان وقت جي وهڪري ۾ پاڻي گاھ ۽ روزگار جي تلاش ڪندا پنجاب جي شهر بکر ۽ ليه ۾ اچي آباد ٿيا جتي اڄ به گهڻي تعداد ۾ جسڪاڻي قوم آباد آهي اڃا به وڌيڪ ڦهلجي سنڌ جو رخ ڪيائون جتي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿي ويا.
ڊاڪٽر عطا محمد حامي صاحب جيڪو تعليم ۽ تاريخ جو ماهر هو ان پنهنجي هڪ لکيل ڪتاب خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ جسڪاڻي قبيلي جو ذڪر ڪندي صفحي 333 تي لکيو آهي ته جسڪاڻي بلوچ رند جي هڪ شاخ آهن سندن اصلي مقام لهڙي بلوچستان ۾ آهي ۽ اتي اڄ تائين سندن نالي به واھ ارگو ۽ ڦرگو مشهور آهن هنن جو وڏو دريا خان جسڪاڻي هالاڻي جي جنگ وقت مير سهراب خان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو ان کان علاوه ٻيا به تاريخن مان حوالا ملن ٿا ته هي قبيلو اصل بلوچستان ۾ آباد هو جتان ڦرندو ڦرندو سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو پر هن وقت پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پڻ هي قبيلو گهڻي تعداد ۾ موجود آهي. سندن اصلي ٻولي بلوچي هئي پر پنجاب ۽ سنڌ ۾ سرائڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌ ۾ هن وقت جسڪاڻي قبيلي جا وڏا وڏا ڳوٺ آهن منهنجي هٿ ڪيل ڪتابن ۽ معلوماتي مواد تان ورتل معلومات موجب سنڌ ۽ ان سان لڳو لڳ هن وقت هيٺين علائقن ۾ جسڪاڻي آباد آهن.
ٽنڊوڄام، ٽنڊوالهيار، گريڪس محلا ماڙي پور ڪراچي، جوهي دادو، هوت ننگر، مراد خان جسڪاڻي ڪوٽڏجي، دُٻي تلي خيرپور ميرس، شيداڻي شريف رحيم يار خان، اُڏيرو لال، جيمس آباد، ٽنڊو محمد خان، ديرا غازي خان، ميوو جسڪاڻي بدين، بهاول جسڪاڻي، صوبدار خان جسڪاڻي، خان پور مهر گهوٽڪي، شيرخان جسڪاڻي دهلواروجنوجي نارو، حاجي شربت خان جسڪاڻي، روهڙي، علي واهڻ، امير بخش جسڪاڻي دادو، صدورو خان نواب شاھ، حاجي خان جسڪاڻي، صادق خان جسڪاڻي نواب شاھ، نئون ڪوٽ، ڳوٺ علي خان جسڪاڻي قادرپور، لاڙڪاڻو، تنوير خان جسڪاڻي، پنجل جسڪاڻي حيدرآباد، قبولو جسڪاڻي، مهتاڻي.
تاريخ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته رند، جسڪاڻي، منڌراڻي، سرگاڻي، مهتاڻي، ممداڻي، ۽ قلندراڻي هڪ ئي قبيلي جون شاخون هيون. جيڪي اڪبر بادشاھ جي دور ۾ بکر ۽ ليه کان ڦهلجي ٻين حصن ۾ اچي آباد ٿيا.

دُٻــي ۾ آباد جسڪاڻي

دُٻي ۾ آباد جسڪاڻي قبيلي بابت ڪابه تاريخ ڪونه ٿي ملي ان جو واحد سبب تعليم جو نه هئڻ هو تنهنڪري ڪنهن به ان بابت نه لکيو آهي البته جڏهن اسان جي دور ۾ تعليم عام ٿي ان وقت جي وڏي عمر وارن ماڻهن سان ڪيل ڪچهرين مان جيڪا معلومات حاصل ڪئي سون ان موجب سمجهه ۾ ائين اچي ٿو ته جسڪاڻي سترهين صدي کان ئي دُٻي ۾ ئي آباد هئا. ان جو ثبوت ان مان ملي ٿو ته اسان جو هڪ وڏو امام بخش خان جسڪاڻي نوي سالن جي ڄمار ۾ 1969ع ۾ وفات ڪري ويو غالباً سندس جنم 1880ع ۾ ٿيو هو سندس چوڻ موجب سندس پيءُ الھه ڏتو ۽ ان جو پيءُ لعل بخش جون پڪيون ٺهرايل قبرون اڄ به ڍوري واري قبرستان ۾ موجود آهن ۽ سندن چوڻ موجب ته ان قبرستان کان اڳ ۾ هڪ قبرستان سوڍڙن جي ڀر ۾ پير ڳاڙهو تي واقع آهي جيڪو قديمي قبرستان چيو وڃي ٿو اتي پري پنڌ ڪري وڃي اسان جا وڏا پنهنجن وڏن کي دفن ڪندا هئا. غالباً اها سترهين صدي سمجهي وڃي ٿي، ڇو ته 1880ع ۾ جنم وٺندڙ امام بخش جي پيءُ ۽ ڏاڏي به زندگي هن ڳوٺ دُٻي ۾ گذاري ته پوءِ اها سترهين صدي سمجهڻ گهرجي. هتان جي وڏن جي گهرن ۽ حالتن جي لحاظ کان اها خبر پوي ٿي ته جسڪاڻي دُٻي ۾ گهڻي وقت کان آباد آهن ۽ اهڙو ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي ته دُٻي ۾ جسڪاڻي ڪنهن ٻي جاءِ تان لڏي آيا. وڏا پڇڻ تي به اهو پيا ٻُڌائن ته سڀ اصلي هتان جا هئاسين. بحرحال هتي جسڪاڻي قبيلي جا ٻه پاڙا آهن هڪ لشڪراڻي ٻيو نرڪاڻي پر برادري رشتن ۽ رواجن موجب سڀ هڪ ٻئي سان ڳنڌيل ۽ هڪئي ڳالھه ۾ آهن ڪوبه فرق نه آهي دُٻي کان سواءِ دهلوارو نارو، جسڪاڻي ڪوٽڏجي، روهڙي، ۽ اڳڙا ڀر سان مهتاڻي ۾ رهندڙ جسڪاڻين سان تعلقات ۽ برادر آهي.
يادگيريون هڪ اهڙو دستاويز آهي جنهن ۾ ڪنهن ماڻهو جو سڌو واسطو سندس سماجي توڙي اخلاقي زندگي سان هوندو آهي. اهڙي طرح مون به هن ڪتاب ۾ اهڙيون نه وسرندڙ يادگيرين جو ذڪر ڪيو آهي جنهن کي پڙهڻ سان عجيب احساس پيدا ٿئي ٿو. 1960ع کان پوءِ جڏهن مون هوش سنڀاليو ته مون انهن ماڻهن کي ڏٺو جيڪي پنهنجي پنهنجي گهر ۾ وڏا هئا ۽ اهي گهر انهن جي نالن سان سڏيا ويندا هئا پر افسوس جو هن وقت نه اهي گهر آهن نه اهي وڏا آهن نه اهي نالا آهن جيڪي ان وقت سان وابسته هئا. سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي. وڏي عمر وارن ماڻهن سان منهنجي اڪثر مُلاقات هڪ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد جي حيثيت سان ٿيندي هئي. انهن وٽان جيڪي گذريل وقت جي معلومات حاصل ٿيندي هئي ان تي مان ڏاڍو سوچيندو هوس، ۽ الهائي ڇاڇا محسوس ڪندو هوس. 1960ع کان پوءِ جڏهن مون هوش سنڀاليو تڏهن اُهي ان وقت جا عمر رسيده ماڻهو موجود هئا جيڪي هن وقت ته نه آهن پر سندن يادون ڪردار ۽ تصويرون مونکي چٽيون ياد آهن. جسڪاڻي قبيلي سان واسطو رکندڙ اهي ماڻهو جن کي مون ڏٺو ۽ پوءِ گذاري ويا ڪجهه ياد آهن ۽ ڪي ياد نه آهن. جيڪي ياد آهن انهن جا نالا هيٺ لکان ٿو.
وڏيرو يار محمد خان ۽ سندس سڀ پٽ محمد بخش، شهباز ڏنو، علي محمد خان، واحد بخش ۽ حضوربخش.
حيدر بخش، غوث بخش، الله جوڙيو، حاجي علي نواز خان،رسول بخش، مريد خان حاجي فقير.
حسيب خان، ٻڍو فقير، منهنجو والد محترم حاجي عبدالله عرف حاجي ميوو. ڏاڏو امام بخش، حاجي محمد صديق، داروغو غوث بخش، لعل بخش، محمد بخش، مشغول، الله ڏتو، ميهر خان ۽ سندس پٽ سچل، مير خان، محمد صالح، ڪرم خان.
علي مردان، محمد سومر، بيگ محمد، خير محمد، گنهور خان، شهداد خان، صاحب خان، بچل، شير خان، نياز حسين، ۽ جيوڻ خان جيڪو تمام خوبصورت هو.
ان کان علاوه کنڊو خان، زوار دوست علي، محمد لائق خان، سليمان خان، شفيع محمد، اوباهيو، محمد، غلام علي، قلندر بخش، ٽوھ خان، سهراب، محمد موسى. علي شير، سلطان، فقير محمد، سونو، ڀاڳيو، گل محمد، قيصر، غلام نبي فقير، لونگ خان، خميسو خان، الله بخش، محمد هاشم، مولا بخش، محمد باقر، ڪريم بخش فقير، الاهي بخش، آچر، جيئند، شبن مجاهد، عابد حسين. رحيم، بچل، استاد بهادر علي، استاد حسن بخش، استاد محمد صادق.
هتي اها ڳالهه ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته سن 1967ع ۾ آءُ جڏهن ستين جماعت پڙهندو هئس، ته چاچي حاجي محمد صديق مونکي اسان جي قبيلي جو هڪ شجرو لکرايو جيڪو مون اڄ تائين محفوظ رکيو آهي حاجي محمد صديق جو چوڻ هو ته هن هي شجرو سندس ڏاڏي الله ڏتي کان ٻڌي ياد ڪيو هو. حاجي محمد صديق 88 سالن جي عمر سن 1999ع ۾ وفات ڪري ويو. ان شجري کي هن ڪتاب ۾ لکي محفوظ ڪريان ٿو.

شجرو

___
شجرو ڏسڻ لاءِ پي ڊي ايف ڪتاب جو معالعو ڪيو