• پيرن ۽ فقيرن جو درگــــــــــاهون
1؛ جمال شاھ
ڳوٺ دُٻي کان ٻه يا ٽي ڪلوميٽر اوڀر طرف ريگستان ۾ جمال شاھ نالي هڪ درگاھ آهي ٻه مزارون آهن انهن مٿان هڪ چو ڪنڊي ٺهيل آهي سندس ڀر ۾ هڪ وڏي ڍنڍ جمال شاھ جي نالي تي مشهور آهي سندس پاڻي کارو هجڻ ڪري ماڻهو چمري جي بيماري کان تڙ ڪرڻ ايندا آهن ۽ شفاياب ٿي ويندا آهن. جمال شاھ بابت ڪابه تاريخ وغيره ڪانه آهي هڪ غمنام ڪهاڻي آهي 1960ع ڌارا اسان پاڻ ڏٺو هو ته هتي هر مهيني جي پهرين سومر تي ميلو لڳندو هو. دڪان ٺهندا هئا ۽ ملاکڙو به ٿيندو هو جنهن جي سرپرستي استاد مرحوم محمد رمضان سومرو ڪندو هو ۽ پهلوانن کي انعام ڏيندو هو. پر آهستي آهستي ميلي وارو سلسلو ختم ٿي ويو. علائقي جا مهراڻي ۽ ويسر قبيلي جا ماڻهو اتي مُجاور آهن.
2؛ صوفي طالب علي خاصخيلي
دُٻي جي ڳوٺ ۾ واقع هي درڳاھ آهي سندس مزار مٿان سندس پٽ صوفي ديدار علي هڪ خوبصورت مقبرو ٺهرايو آهي. صوفي طالب علي استاد، اديب، شاعر، ۽ صوفي فقير هو. 1986ع ۾ سندس انتقال ٿيو. هر سال سندس مزار تي ورسي ملهائي ويندي آهي راڳ ويراڳ ٿيندو آهي.
3؛ وريل شاھ بخاري
پير وريل شاھ ميرواھ جي اولهندي پاسي دُٻي کان سامهون هڪ زيارت گاھ آهي وڏن جي چوڻ موجب هڪ قديمي پير آهي. سندس مزار مٿان مقبرو ٺهيل آهي هن پير بابت لکيل ڪا به تاريخ نه آهي سندس ٻاهران وڏو مقام آهي. درڳاھ تي سيال ۽ جسڪاڻي قبيلي جا ماڻهو مجاور آهن ابراهيم فقير کان پوءِ فقير غلام حسين جسڪاڻي ۽ هاڻي علي بخش فقير سندس مجاور آهي. هتي هر سال ننڍو ميلو لڳندو آهي.
4؛ حاجن علي شاھ
سيد حاجن علي شاھ جي درڳاھ دُٻي جي سامهون ميرواھ جي اولهندي ڀر ڳوٺ هاشم گوپانگ ۾ آهي. هن پير کي وصال ڪئي تقريباً ستر يا اسي سال ٿيا آهن. اسان جي وڏن جي چوڻ موجب هي پير وڏي دهشت ۽ ڪرامت وارو پير هو. گوپانگ سندس مجاور آهن، هتي هر سال ميلو لڳندو آهي.
5؛ فقير غلام حيدرگودڙيو ۽ فولاد فقير
هي ٻئي بزرگ صوفي فقير شر قبيلي سان واسطو رکن ٿا فقير غلام حيدر کي ڪنهن مرشد جي دعا سان اعلى مقام مليو جڏهن ته فولاد فقير هڪ درويش ۽ ذهانت ۾ وڏو عالم هو فارسي جي تعليم ۾ مهارت رکندڙ هو ۽ فارسي ۾ ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. ٻنهي بزرگن جون الڳ الڳ درگاهون ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ آهن. غلام حيدر گودڙيو جي باقائدي گادي آهي فقير سڪندر علي شر گادي نشين آهي. هتي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي.