شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• ٻهراڙي جي زبان ۽ سٻاجهڙي ٻــــــــــولي

هميشه اهو ياد رکڻ گهرجي ته سياڻو ماڻهو ڳالهائڻ کان اڳ ڪجهه سوچي پوءِ ڳالهائيندو آهي. پر جڏهن ته جاهل ماڻهو ڳالهائي پوءِ سوچيندو آهي. تنهن ڪري اسان کي اهڙي غلطي نه ڪرڻ گهرجي هر ڳالهه اسان جي ذهن ۾ هميشه هئڻ گهرجي ته اسان ڳالهائڻ ۾ ڪمي اختيار ڪريون ڇو ته قدرت طرفان اسان کي زبان هڪ ڏني وئي آهي پر ڪن ٻه ڏنا ويا آهن انهي لاءِ ته اسان ڳالهائڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٻڌون. اسان کي گهرجي ته هميشه زبان جو استعمال سٺو ڪريون ڇو ته پير جي ترڪڻ سان پاڻ کي سنڀالي سگهجي ٿو پر زبان جي ترڪڻ سان پاڻ سنڀالڻ مشڪل ٿيندو آهي. اهي ته هئا ڳالهائڻ جا آداب. پر ٻهراڙي جا سٻاجهڙا ماڻهو زبان به سٻاجهڙي ۽ ٻولي به سٻاجهڙي ڳالهائيندا آهن. منجهن سونهن، وسعت، لهجو ۽ مزاج عجيب ۽ نرلي لڳندي آهي. سندن ٻولي جو اگر جائزو وٺبو ته خبر پوندي ته انهن جي ٻولي ۾ گفتگو انتهائي سادي سٻاجهي ادب ۽ خلوص سان ڀريل اهڙا اهڙا محاورا ۽ اصطلاح استعمال ڪندا آهن جيڪي عجيب ۽ دل کي وڻندڙ لڳندا آهن. مون هڪ رسالي مان پوائٽ وٺي هي مضمون ترتيب ڏنو آهي. جيڪو هيٺ ڏجي ٿو
. ٻهراڙي ۾ جڏهن ڪنهن ٻار کي بخار ٿئي ته سندس ماءُ چوندي ““اڄ دشمن تپيا اٿس، يا ڪڻس اچي وئي اٿس”” گهر مان چور چوري ڪري وڃن ته چون “باقي الله جو ناءُ ڇڏي ويا آهن” يا چون “ چورن لوڙهو لتاڙيو آهي” جيڪڏهن عورت کي حمل ٿئي ته چون “ دوپستي آهي، يا پيرين ڀاري آهي” ويم کي ويجهو اچي ته چون “پنهنجا مهينا اٿس يا پورن مهينن سان آهي” ۽ جڏهن عورت جو ويم ٿيندو ته چون“پير لڌا اٿس يا هلڪي ٿي آهي” ٻار کي پٽڻو هوندو ته چوندس“ پاڙ سائي ٿيئي يا دشمن مرني يا الله سولي ڪرئي” دعا ڪرڻي هجيس ته چون “الله جي امان هجئي يا الله نگهبان هجئي، الله جي ۽ ان جي حبيب جي آسري، شل آڍڙو ٻڍڙو ٿيندي، ڪوڙي ول وانگر وڌندين يا جبل جيتري عمر ماڻيندي، عرشون اڏبين، شل ڪو ڪوسو واءُ نه لڳندئي.” نوڪري يا روزي سان لڳل هوندو ته چوندس“ بس ماني مڇي جي لائق آهي” گهر جو ڀاتي بيمار ٿيندو ته “الله راض ٿيندس” اگر ڪو مرڻ کي ويجهو هوندو ته چوندس“ هيئر الله سان ڳالهيون اٿس، هيئر شيءَ مالڪ تائين پهتل آهي” اگر مري وڃي ته چون “رضا ڪري ويو آهي” وڏي ماڻهو جي مرڻ تي چوندا “ پيالو ڪري ويو يا وصال ڪيو اٿس” مرشد وفات ڪري ويو ته چوندس ته “برقعو مٽايو اٿس” ڍور ڍڳن کي مال ڀٽارو چون. مينهن لڳي ته چون “مينهن سائي ٿي آهي” کير ڄمائڻ لاءِ لسي ملائڻ کي “سباڻ” چون بچيل ڏڌ کي اگر هارڻو آهي ته چون “ڏڌ وڌائي ڇڏ” زمين ۾ ٻج گڏائڻ يا رونبو ڪرڻ کي چون “ٻنو سائو ٿي ويو آهي” ان تورڻ ۽ ڀرڻ کي هڪ جي بدران چون“ووهي برڪت يا ڪل جو ڀلو” ٻن کان پوءِ ٻيانوي ۽ ٽن جو نالو نه وٺندا جو ان ۾ طلاق جو دخل هوندو آهي، تنهن ڪري انکي “وڌين تون ” اهڙي طرح پنجن کي گنج ۽ نوانوي کي وڌانوي چون مسجد کي “الله جو گهر” ۽ قرآن شريف کي وري “ڀلو سونهارو يا ٻنهي جهانن جو وسيلو” چون. ڏاڙهي کي “سونهاري” ڳالهائڻ جي واري وٺڻ لاءِ اڳلي کي چون “الله ڀلو ڪرئي يا تنهنجي وات ۾ مصري”، ماٺ ڪرائڻي هوندي ته “ادا وڏو ٿي پٽڪي کي ڏس”، خدا نخواسته نانگ چڪ هڻي ته چون “ڪک سنگهيو اٿس” ڏيئو وسائڻو آهي ته“ڏيئو گل ڪر” اهڙي قسم جا ٻيا به هزارين مهاورا ۽ اصطلاح ۽ استعمال ٿيندا آهن. جيڪي اسانجي ثقافت جا وڻندڙ رنگ آهن.