شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• علائقي جو مـــــــاحول

ماحول جي اهميت کان ته هر ڪوئي واقف آهي. ماحول جيڪو انساني آبادي، زراعت، آبي توڙي جهنگلي جيوت سميت ڌرتي تي رهندڙ هر جاندار شيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿو. ان جو خيال ڪرڻ نهايت ضروري آهي ڪائنات اندر ڪيترائي رنگ سمايل آهن انهي ۾ قدرت جا ڪمال ۽ ڪرشما،جبل پاڻي وڻ ۽ ٻوٽن جي شڪل ۾ موجود آهن ڪٿي درياھ ڪٿي ندين جا وهڪرا جن مان فصل اپايا وڃن ٿا ۽ پئڻ جو پاڻي پيدا ٿئي ٿو. ساڳي ئي وقت اتي قدرتي حسن به من کي موهي ٿو. اهي موهيندڙ نظارا جهر جهنگ، سر سبز، چهچ ساوا وڻ، ۽ انهن وڻن ۾ ٻوليندڙ مختلف پکي تن جون مٺيون لاتون، ڪوئل جي ڪوڪ، طوطي جي ٽيون ٽيون، ڳيري جي گهو گهو، جهرڪين جي چر چر، تترن جي پير پير خضر ۽ مختلف آواز ماحول کي ڪيترو خوبصورت ۽ معطر ڪن ٿا. جڏهن اهي پکي انهن وڻن تي ويهي پنهنجو سُريلو راڳ ڳائين ٿا ته اهو آواز ٻُڌي دل کي ڪيتري ته سُڪون ۽ فرحت ملندي آهي. پر اهو سڀ ڪجهه انسان جي قرب ۽ محبت سببان ممڪن آهي ڌرتي جي پوشاڪ وڻ ۽ ٻوٽا آهن جيڪي پکين جا خوبصورت گهر به آهن ماحول کي صاف سٿرو ۽ سهڻو بنائڻ ۾ ماڻهو جو وڏو هٿ آهي جيڪي وڻن ۽ پکين جي سلامتي جو ضامن پڻ آهي. اڄ کان چاليهه پنجاھ سال اڳ ۾ اسان جي علائقي ۾ به هڪ خوبصورت رونق هئي جيڪا افسوس جو هاڻي نه آهي جڏهن به برسات پوندي هئي زمين ته سرسبز ٿي ويندي هئي پر ريگستان به ساوڪ سان ڍڪجي ويندو هو. ڌرتي تي ايترا ته وڻ هئا جو علائقي جي زمين ڄڻ ڪوڇن تي مشتمل هئي. ريگستان ۽ ڍنڍن جي ٻاهران ايتري ته وڻڪار هئي جو انهي جهنگ مان مشڪل سان لنگهي ڍنڍ جي پاڻي تائين پهچڻو پوندو هو ٿوري ايراضي تان تمام گهڻي مقدار ۾ ٻارڻ جو ڪاٺ ملي ويندو هو هر قسم جا پاليل توڙي جهنگلي جانور عام جام هئا. هر قسم جا پکي ماحول جي خوبصورتي هئي. جڏهن آبادي وڌندي وئي ۽ مسائل به وڌندا ويا ته آهستي آهستي هر قسم جا وسيلا گهٽبا ويا اهي رونقون گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون وڻن ۾ واڍي جا سلسلا شروع ٿي ويا ۽ پکين لاءِ پريشانيون وڌنديو ويون. علائقي جا انسان وڻن ۽ پکين سان محبت ڪرڻ بدران نفرت ڪرڻ شروع ڪري ڏني. وڻ توڙي پکي انسان ذات جا خيرخواھ سڄڻ ۽ فائدي مند آهن انسان وري انهن جو دشمن ٿي پيو. ۽ انهن جي وجود جي خلاف اٿي کڙو ٿي پيو. نتيجو اهو نڪتو جو وڻڪار به ختم ٿيندي وئي ۽ پکين جا نسل به ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا. علائقي ۾ ڳيرا، جهرڪيون، طوطا، ۽ تتر عام هئا جن نسل ڪشي شروع ڪئي وئي هڪ وڻن جي تباهي ٻيو پکين جو شڪار ڪري انهن جي نسل کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هاڻي اهي پکي تمام گهٽ بلڪه نه هئڻ جي برابر آهن. ريگستاني علائقن ۾ پڻ وڻن کي ختم ڪيو ويو ۽ ريگستاني ٻوٽن جهڙوڪ ڦوڳ، کپ، ٻوھ، ڪرڙ، ڪنڊي ۽ لئي کي به پري پري تائين ختم ڪيو ويو آهي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وڻ ۽ ٻوٽا جيڪي ماحول کي صاف سٿرو رکندا آهن زندگي برقرار رکن لاءِ آڪسيجن پيدا ڪن ٿا انهن کي تباھ ڪيو پيو وڃي صرف سرن جي بٺي کي ٻارڻ جي لاءِ ريگستان جي خوبصورت علائقي جي پوشاڪ کي ڪپي ۽ ساڙيو وڃي ٿو. هڪ ننڍڙي ڳالھه ڪندا هلون ته زندگي ۽ هي دنيا ٻئي ڏاڍا خوبصورت ۽ سهڻا آهن اسان کي سوچڻ کپي ته انسان ذات جو ٻوٽن وڻن آبي ۽ جهنگلي جيوت ۽ قدرتي عطا ڪيل ماحول سان ڪهڙو رشتو آهي. ڇا انسان ان جي تباهڪارين جي چوڌاري رهي سگهي ٿو؟ اچو ته ان خوبصورت ماحول کي بچايون. ماحول کي بچايون.