شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• ملاح قبيلو

ملاح قبيلي کي ميربحر جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي جيڪو آهستي آهستي تبديل ٿي ملاح ٿيندو وڃي ٿو. دُٻي ۾ ملاح قبيلي جي آباد ٿيڻ جي شروعات 1940ع کان ٿي. هن وقت اٽڪل پندرهن کان وڌيڪ گهرن تي مشتمل استاد غوث بخش ملاح جي نالي تي هڪ خوبصورت مقام تي محلو آهي استاد غوث بخش ملاح جي هٿ جي لکيل تحرير مون وٽ موجود آهي جنهن ۾ سائين لکيو آهي. ““ اپريل 1940ع ۾ قد جو پورو پنو، بت ۾ گهاٽو، ڳاڙهي ڏاڙهي، ٻن اٺن تي لڏو کڻي، ٻن ڇوڪرن ۽ گهرواري سميت ناري تعلقه جي ڳوٺ ڦاڙهيارو مان هجرت ڪري دُٻي جي تر ۾ ميرواھ هي ڪپ تي رئيس بلاول شر جي زمين لڳ اچي ويٺو. اهو شخص هو ماھ رخ ملاح عرف محمد بخش ملاح.روزگار لاءِ ٻيڙي ميرواھ تي جهلي گذارو ڪرڻ لڳو. وڏن جي چوڻ موجب غيرتمند مرد وڏي رمز وارو عقل جو اڪابر هو. رئيس ميهر خان جسڪاڻي سان سندس واقفيت ۽ سنگت هئي. ميرواھ ڪئنال تي پتڻ جي ضرورت هئي. انهن نياپو ڪري کيس گهرائي ورتو””
ماھ رخ ملاح کي عرف عام ۾ مارخ فقير ڪري چوندا هئا. بحرحال جئين ۽ جڏهن به ملاح دُٻي ۾ آيا دُٻي جي ماڻهن لاءِ علم جي لاٽ ٿي آيا ڇو ته هن فقير جي پٽ استاد غوث بخش تعليم حاصل ڪئي ۽ ان وقت استاد ٿيو جڏهن دٻي ۾ تعليم نه هئي ۽ دُٻي ۾ تعليم جي شمع روشڻ ڪئي. (راقم الحروف) جو استاد هو اهي هن وقت هن دنيا ۾ موجود نه آهن سندن مغفرت لاءِ الله تعالى کان دعاگو آهيون. وڏن جي چوڻ موجب ميهر خان جسڪاڻي ميرواھ تي پتڻ جي سهولت لاءِ انهن کي گهرائي مستقل آباد ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو. بعد ۾ ڪجهه ٻيا عزيز پڻ لڏي اچي ويٺا جن ۾ پنڃل فقير، صديق فقير، ۽ ٻيا شامل آهن. 1960ع کانپوءِ جڏهن مونکي هوش آيو مون ملاحن جا گهر جتي هن وقت ويٺا آهن ان کان تقريباً چار پنج سو وال اتر طرف هڪڙي دڙي تي ڏٺا. جتي هن وقت واري جي اها دڙي موجود نه آهي بلڪه زمين آباد آهي بعد ۾ اتان لڏي موجوده هنڌ مستقل طور آباد ٿي ويا. استاد غوث بخش تعليم جو چرچو شروع ڪري ڏنو نه رڳو اسڪول ۾ ٻار پڙهائيندو هو پر شام جو سندس ننڍڙي اوطاق ۾ پڻ شاگرد رهائي پڙهائيندو هو آءُ خود سندس اوطاق ۾ رهي ان وٽ تعليم حاصل ڪئي. سندس ذهانت جي ڪري پري پري تائين سندس واکاڻ جو دائرو هو. رئيس الاهي بخش خان ٻانڀڻ سندس ذهانت ڪري هتان ظفرآباد فيض گنج بدلي ڪرائي ويندو هو. بحرحال استاد صاحب جتي به رهيو علم جي شمع روشن ڪئي.
هر انسان کي ڪجهه ڳالهيون هميشه لاءِ ياد رهجي وينديون آهن ملاحن جي حولي سان هڪ ڳالهه مونکي به اهڙي ياد آهي جيڪا هتي تحرير ڪريان ٿو اسان منجهند کان پوءِ روزانو استاد غوث بخش ملاح وٽ اوطاق ۾ پڙهندا هئاسين. اوطاق جي اڳيان هڪ ننڍي مسجد هئي جيڪا هن وقت تعمير ٿيل شاندار مسجد آهي. پنڃل فقير ملاح هڪ نيڪ صفت انسان هو. جنهن جي اسان جي وڏن سان به بيحد محبت هئي. ان مسجد ۾ ٻن پهرن جي نماز پڙهڻ لاءِ پاڻي جو وڏو ڪونئرو ڀري اچي وضو ڪندو هو. بچيل پاڻي اتي پوکيل نازبو جي ٻوٽي کي ڏيندو هو کيس کنگهه جي بيماري هئي وضو ڪندي کيس کنگهه اچي ويندي هئي ۽ ڪجهه وقت لاءِ کنگهه م ٻڏي ويندو هو. جڏهن کيس کنگهه ڇڏي ويندي هئي ۽ هوش ۾ ايندو هو ته کنگهه کي مخاطت ٿيندي چوندو هو هڪ ڏينهن پاڻهي ڇڏي وينديءِ، سڏ ڪرڻ سان به سڏ نه ڏينديءَ. انهن لفظن کي وري وري دهرائيندو هو. اهو به لکندو هلان ته ان نيڪ صفت انسان وفات کان اڳ وصيت ڪئي هئي ته مونکي ناري ڪبير شاھ جي قبرستان ۾ دفن ڪجو. سندس وفات کانپوءِ منهنجو والد صاحب سندس عزيزن سان گڏ کيس کڻائي اتي دفن ڪرائي آيو هو.
مونکي سڀ ڪجهه ياد آهي ملاحن ۾ هن دنيا کي رخصت ڪري ويندڙ پڃيل فقير، محمد صديق فقير، عبدلمجيد، غلام حسين، کبڙ، جمالاالدين، غلام قادر ۽ استاد غوث بخش ڄڻ هن وقت به نظرن اڳيان بيٺا آهن. هن وقت استاد گل حسن ملاح ۽ جنسار حسين ملاح سندن محلي جا وڏا آهن. دُٻي ۾ ملاحن جي زمين نه آهي پر سندن روزگار جو ذريعو تعليم کاتي ۾ نوڪريون ڪرڻ ۽ باقي مزدوري ۽ واپار به ڪن ٿا. شروع کان وٺي شريف ۽ غير مُتنازيه ماڻهو آهن. استاد غوث بخش جا ٻه پٽ اعلى عهدن تي آهن ۽ ڪجهه خيرپور شهر ۾ رهن ٿا. دُٻي کان ٻاهر سندن واسطا نارو، ٺڪراٺو، حيدرآباد ۽ ڪجهه ٻين جاين تي ملاحن سان آهي.
استاد غوث بخش ملاح جيڪو منهنجو استاد هو ڳوٺ جي ڪيترن ئي ماڻهن جي باري ۾هٿ جي لکت ۾ ““ماڳ جا موتي”” ۾ پنهنجو اظهار ڪيو اٿس. جيئن آءُ هي ڪتاب ۽ استاد صاحب بابت ڪجهه لکيو آهي تنهن ڪري سائين جيڪو منهنجي لاءِ لکيو آهي هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو. سندس تحرير اکر به اکر هيٺ لکان ٿو.
““مسٽر عطا محمد ولد حاجي عبدالله جسڪاڻي 1954ع ۾ ڄائو هو. جڏهن اسڪول جهڙو ٿيو ته منهنجي استادي نصيب ٿيس. ننڍي کانئي سٻاجهو ۽ فرمانبردار هو. مون به کيس پيار ۽ حب سان سنڌي کان پوءِ انگريزي شروعاتي ڪلاس پڙهايا. 1970ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ان بعد پرائمري استاد ٿيا. پرائيويٽ محنت ڪري (ايم اي، بي ايڊ) جهڙا وڏا امتحان پاس ڪيائين 1989ع ۾ کيس HST اسڪيل مليو. هينئر پاڻ انگريزي سينئر استاد آهن. محنتي ۽ جفا ڪش استاد آهي هن سال 1990ع ۾ پنهنجي ماڳ جي اسڪول ۾ خدمت ڪري رهيا آهن منهنجي شاگردن ۾ پهريون استاد پندرھ اسڪيل ۾ ٿيو آهي. جنهن تي مونکي فخر آهي سٺو استاد ۽ سٺو ڄاڻو آهي. اميد آهي ته هي پنهنجي ڳوٺ جي خدمت ڪرڻ ۾ سٺو ثابت ٿيندو.
دل جــــــا ڪشــــــادا ۽ سٺــــــا جــــــــن دمــــــــاغ
مــــاڳ جــي مٽي تي ســــــي برسائيندا بـــــــــاغ
هاڻـــــــي دلين جا داغ مٽجي ويندا ملاح چــــوي.