شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• دُٻــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي ۾ تعليم

1950ع کان اڳ ۾ ڳوٺ دُٻي ۾ ڪا به تعليم نه هئي پوري ڳوٺ ۾ هڪ ماڻهو استاد حاجي محمد ڇٽل پڙهيل ۽ استاد هو. جيڪو اسڪول عثمان رند ۾ نوڪري ڪندو هو ان وقت دُٻي مان تمام ٿورا ٻار عثمان رند ۾ پڙهڻ لاءِ ميرواھ مٿان بيٺل ٻيڙي تان ٽپي دُشوار رستو پار ڪري ويندا هئا. جيڪي صحيح طرح تعليم حاصل نه ڪري رهيا هئا. ان وقت دُٻي ۾ تمام ٿورا گهر ۽ مختصر آبادي هئي روڊ رستا نه هوندا هئا تعليم کاتي جون سڀ آفيسون ضلعي هيڊ ڪواٽر خيرپور ۾ هيون جتان پوري ضلعي کي ڪنٽرول ڪيو ويندو هو. آفيسرن جو اچڻ وڃڻ صرف واهن جي بندن وسيلي ٿيندو هو. مونکي پنهنجن وڏن حاجي محمد صديق، امام بخش خان ۽ منهنجي والد صاحب بلڪه اڃا به علائقي جي گهڻن ماڻهن دُٻي واري اسڪول جي ڪهاڻي بڌائيندي چيو ته 1952ع ۾ هڪ ڏنهن تعليم کاتي جو وڏو عملدار جناب الله ڏتو کورکاڻي بلوچ صاحب خيرپور کان ٺري دوري تي آيل هو. جڏهن اهيا خبر دُٻي جي هڪ باشندي بهادر علي فقير خاصخيلي کي پئي ته هن چند ٻار گڏ ڪري بلوچ صاحب جي واپسي واري رستي ميرواھ جي بند تي آڏو هيٺ اچي ويهي رهيو ۽ تعليم کاتي جو آفيسر جڏهن آيو ته نهايت عاجزي واري حالت ۾ بهادر علي فقير کيس عرض ڪيو ته سائين اسان کي هڪ ننڍڙو اسڪول ۽ هڪ استاد مقرر ڪري ڏيو ته جيئن اسان جا ٻار الف ب لکي ۽ پڙهي سگهن. اسان ٻار واھ جي هُن ڀر موڪلي نه ٿا سگهون ڇو ته متان اسان جا ٻار واھ ۾ ڪري ٻڏي وڃن. عثمان رند وارن جي سخت مخالفت جي باوجود بلوچ صاحب کي رحم آيو ۽ واھ ٽپي دُٻي ۾ آيو. اتان جا حالات ۽ ماڻهن جي عاجزي ڏسي اسڪول کولڻ جي منظوري ڏني. خيرپور وڃي اسڪول جي منظوري جو حڪم جاري ڪيائين ۽ استاد مرحوم محمد مٺل سوڍڙو پهريون استاد هو جنهن کي اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو اهڙي طرح اسان جي ڳوٺ ۾ 1952ع کان علم جو چرچو شروع ٿي ويو. هوڏانهن ٻاهر جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهي آيل شاگردن کي به ماستري جا آرڊر مليا. جن ۾ استاد غوث بخش ملاح ۽ حسن بخش جسڪاڻي هئا. پر في الحال انهن کي ٻاهر ناري تعلقي ۾ مقرر ڪيو ويو. اسڪول دُٻي ۾ تعليم ڪجهه ترقي ڪئي جو هڪ مان ٻه استاد اسڪول ۾ مقرر ڪيا ويا پر ٻاهر جا ڪڏهن رندن جا ته ڪڏهن سوڍڙن جا استاد ايندا هئا.
1958ع کان پوءِ جڏهن مون هوش سنڀاليو ته آءُ پنهنجن وڏن ڀائرن سان گڏجي اسڪول ويندو هوس پر پڙهڻ جي اڃا خبر نه هئي 1958ع استاد حاجي محمد ڇٽل جنهن کي عرف عام ۾ استاد وڏو ڪري چيو ويندو هو. بدلي ڪري دُٻي ۾ مقرر ڪيو ويو. استاد وڏي مونکي 1959ع ۾ جنرل رجسٽر جي نمبر 81 تي داخل ڪيو هي نمبر اڳتي هلي هڪ رڪارڊ طور ان ڪري مشهور آهي جو آءُ اسڪول دُٻي جو پهريون شاگرد آهيان جنهن مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ڪاليج پڙهي استاد ٿي دُٻي ۾ نوڪري ڪري اتان جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. ان کان اڳ جو ذڪر ڪجي ته 1960ع کان پوءِ استاد غوث بخش ملاح به بدلي ڪرائي دُٻي پهچي ويو. جن اچي اسان کي پڙهايو هن عرصي دوران استاد گل حسن ملاح، محمد صادق جسڪاڻي، ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ علي بخش به نوڪري ۾ اچي ويا. اسان جو ڳوٺ تعليم جي لحاظ کان اڳتي اچي ويو ۽ آهسته آهسته تعليم عام ٿي وئي مان اڃان اسڪول ۾ شاگرد هوس ته اسڪول ۾ پنهنجي ڳوٺ جا استاد مقرر ٿي ويا. جن تمام گهڻي محنت ڪئي، انگريزي اسڪول ٺري ۽ بوزدار وڏا ۾ هئا. تنهن ڪري تعليم پرائمري کان مٿي نه پئي هلي سگهي. استاد غوث بخش کي سدائين اهيو خيال رهندو هو ته ٻارن کي انگريزي پڙهائي وڃي. ان سلسلي ۾ استاد صاحب جون ڀلايون جو مونکي منهجند کان پوءِ سندس اوطاق ۾ پڙهائيندو هو منهنجي ريس تي ٻين ڇوڪرن به مونسان گڏ استاد وٽ پڙهڻ شروع ڪيو اهڙي طرح اسان جي ڳوٺ ۾ انگريزي جي تعليم به شروع ٿي وئي 1970ع کان پوءِ استاد حاجي محمد ڇٽل رٽائر ٿي ويو. اسڪول استاد غوث بخش جي نگراني ۽ لوڪل استادن جي محنت رنگ لاتو جو 1972ع ۾ مونکي به نوڪري جو آرڊر ملي ويو ۽ دُٻي استاد غوث بخش ملاح صاحب کي به انگريزي پڙهائڻ جي اجازت ملي وئي. ان سان گڏ 1974ع ۾ گرلس پرائمري اسڪول دُٻي به منظور ٿي ويو، هاڻي بوائز کان علاوه گرلس جي تعليم به شروع ٿي وئي 1974ع ۾ منهنجي بدلي به دُٻي اسڪول ۾ ٿي آئي ۽ استاد غوث بخش جو مددگار ٿي انگريزي تعليم کي وڌايو سين. هاڻي دُٻي ۾ تعليم عام ٿي وئي. هن موقعي تي اسان جي تعليم کي سخت ڌچڪو آيو جو اسان جي ڳوٺ جو هڪ اهم استاد نهايت اعلى شخصيت استاد محمد صادق جسڪاڻي 1975ع ۾ وفات ڪري ويو. سڄو ڳوٺ ڄڻ سوگوار ٿي وياسين 1976ع ۾ اسان جو اسڪول برانچ مڊل اسڪول منظور ٿيو ۽ اٺين جماعت تائين تعليم حاصل ٿي رهي هئي. سٺا سٺا نوجوان تعليم ۾ اڳتي اچي ويا ۽ ڳوٺ جي ماحول ۾ هڪ قسم جو نکار نظر آيو. اسان جي ڳوٺ جا شاگرد ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. ڳوٺ جي شاگردن کان علاوه ٻاهر ناري ۽ روهڙي تعلقي جا شاگرد به دُٻي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. 1980ع ۾ اسان جي اسڪول ۾ ٻارهن استاد تعليم ڏئي رهيا هئا هن ئي عرصي دوران عبدالستار جسڪاڻي، محمد بخش خاصخيلي کي به نوڪري ملي وئي هن موقعي تي سينئر استاد غوث بخش ملاح، حسن بخس جسڪاڻي، ۽ بهادر علي جسڪاڻي رٽائر ٿي ويا. استادن جو تعداد اڃان به وڌڻ لڳو 1987ع ۾ وڌيڪ ڳوٺ جا ماڻهو نوڪري ۾ آيا جن ۾ محمد ابراهيم، جميل احمد، قاصد حسين خاصخيلي، دوست محمد جسڪاڻي، قطبالدين جسڪاڻي، ۽ منظور ملاح به استاد ٿي ويا. غلام محي الدين جسڪاڻي اسٽيٽ بينڪ ۾ آفيسر ۽ خادم علي سومرو نيشنل بينڪ ۾ آفيسر ٿي ويو، جيڪو پڻ دُٻي ۾ پڙهيو هو، 1989ع ۾ منهنجو پروموشن ٿيو ۽ پرائمري مان هاءِ اسڪول ٽيچر ٿي دُٻي ۾ هيڊ ماستر ٿيس. اسان جو اسڪول اڃان برانچ مڊل اسڪول طور هلي رهيو هو. قاصد حسين خاصخيلي اسڪول کي پڪو مڊل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو سندس ڪوشش رنگ لاتو ۽ 1998 ۾ پڪو مڊل اسڪول منظور ڪرايو، اهڙي طرح سينئر استادن جي رٽائرمينٽ ۽ نون استادن جي مقرري جو سلسلو به جاري رهيو. ادا علي بخش ۽ گل حسن ملاح رٽائر ٿيا ۽ ڪيترائي نوان استاد مقرر ٿيا، جن ۾ ظفر علي جسڪاڻي، ذاڪر ملاح، ولي محمد ملاح، علي راض ملاح، علي بخش خاصخيلي ۽ منهنجي نياڻي به پرائمري استاد ٿي. هاڻي ڳوٺ ۾ مڪمل طور نوجوان تعليم يافته هئا. تعليم کاتي کان سواءِ ڳوٺ مان تقريباً 80 نوجوان فوج ۾ ڀرتي ٿيا، 20 نوجوان پوليس ۾ ڀرتي ٿيا. اهيو سڀ تعليم حاصل ڪرڻ جو نتيجو هو. حڪومت طرفان دُٻي ۾ اسڪولن جون بلڊنگس جو ٺهڻ شروع ٿي ويو. پرائمري سان گڏ 2003ع ۾ مڊل اسڪول جي بلڊنگ ٺهي 2012ع ۾ هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ٺهي ملي. هن وقت دُٻي ۾ گرلس پرائمري اسڪول جون ٻه بلڊنگون آهن. بوائز پرائمري جون ٽوٽل پنج بلڊنگون آهن. جڏهن ته بوائز مڊل ۽ هاءِ اسڪول جون بلڊنگون آهن. قاصد حسين خاصخيلي جيڪو استاد پڻ آهي وڏي جدوجهد کان پوءِ ڪراچي مان هاءِ اسڪول منظور ڪرايو جيڪو اڄ ڪلهه ڪاميابي سان هلي رهيو آهي. هن وقت ڳوٺ دُٻي جا پڙهيل نوجوان ڪراچي، حيدرآباد، ۽ اسلام آباد تائين سٺن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه دُٻي جا ست استاد هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ ويھ استاد پرائمري ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن. ڳوٺ ۾ ستر سيڪڙو نوجوان تعليم يافته آهن.