شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• ڪڏهن به _ نه ٿيڻ واري ڳالهه

هي مضمون مونکي پنهنجي اڳ ۾ لکيل ڪتاب “زندگي جو ساٿ ” ۾ لکڻو هو پر پبلشر، پريس، يا ڪنهن ٻي غلطي سبب ڇپجي نه سگهيو. ڪافي ٻيا به ڪجهه احوال ۽ بيان رهجي ويا جن جو ڏاڍو ارمان ٿيو. بس ان جو خاص اهيو سبب محسوس ڪيم ته ڪتاب ڇپرائڻ جو تجربو نه هو. هن مضمون کي لکيل ڏسي دل ٻيهر لکڻ لاءِ جوش وٺندي هئي. ان احساس جي پورائي لاءِ هن ڪهاڻي کي توڙي ٺهي يا نه ٺهي واري بنياد تي هن ڪتاب ۾ لکي رهيو آهيان. ته جئين ڪم از ڪم ياد ته رهجي وڃي.
پريشانين ۽ ڏکن کان ڏور مونکي جڏهن پنهنجو بچپن ياد ايندو آهي، سکن واري ۽ ڳڻتين کان بلڪل بي خبر واري زندگي ٻيهر ياد اچي ويندي آهي. حيرت ٿيندي سوچيندو آهيان ڪاش اهو زمانو ٻيهر موٽي اچي جيڪو ڪڏهن به اچي نه ٿو سگهي پر يادون اڃان ياد آهن. انهن يادگيرين کي مان هن طرح ياد ڪندو آهيان. بس ٿوري گهڙي لاءِ اهي بچپن ۽ معصوميت وارا ڏينهن موٽي اچن. گهڙي کن لاءِ ٻار ٿي وڃجي. زندگي ۾ مليل سمورا ڏک،درد گهڙي کن لاءِ وساري ڇڏجن. چند لمحن لاءِ هڙئي پڇتاءُ، سور، کٽڪا، ۽ ڳڻتيون ڀلائي ڇڏجن ۽ ڪجهه لمحن لاءِ ارڏاين، انگلن، ۽ کيچلن جي جيءُ ۾ وڃي جايون جوڙجن. ٿورين گهڙين لاءِ دل جا زخم، هياءُ جا ڦٽ، سمورا گهاءُ ۽ رنج لڪائي ڇڏجن ۽ ڪجهه لمحن لاءِ خوشين جي وطن ۾ وڃي بي پرواھ گهارجي. ٿوري دير لاءِ موجوده مصروفيتن کان منهن موڙي وڃي ٻارن سان گڏ ٻارن جي خوبصورت دنيا ۾ گذارجي. ڳوٺن جي ميدانن، واھن ۽ ڪڙين جي ڪپرن تي ڊوڙون پائجن برسات جي پاڻي ۾ راند ڪجي لڪ ڇپ رانديون ڪجن. وڻن ۽ ڀتين تي چڙهجي. ڀتين تي ليڪا ڪڍجن. پکين ۽ پوپٽن کي پڪڙڻ لاءِ پري پري تائين پنڌ ڪجن. واھ جي ڀر ۾ ٺهيل کامن ۾ راند ڪجي آلي مٽي مان رانديڪا ٺاهجن. حياتي جي خفن کان آجو ٿي وڻن ۾ پينگهه ٺاهي ان ۾ لڏجي. چيڪلا ٺاهي انهن تي چڙهي هڪ جيڏن کي ڦيرائجي ۽ ڪيرائجي ۽ ڌڪ ڏجن. انبن ٽارين ۽ نمن جي ڇانو ۾ ويهي ڪاٺين جا گهر ٺاهجن ٻير جي وڻ مان ٻير پٽجن، ٻٻرن مان کئونر لاهجي. مٽي جا ٿانو ۽ رانديڪا ٺاهي کيڏجن. چانڊوڪين راتين ۾ چور ۽ ڀاڳين واري ۽ اکٻوٽ راند ڪجي. سمورين ڳڻتين کان پري ٿي مائٽن سان انگل ڪجن، مارون کائجن، فرمائشون ڪجن، کيٽا ڪجن، امان ۽ ابي جا دڙڪا سهجن. ٿوري ٿوري ڳالهه تان رسي پئجي. ڀائرن ۽ ڀينرن سان وڙهڻ، ناني ۽ ڏاڏي جا قصا ٻڌجن. ڪهاڻين سان روح ريجهائجي بارش م ڪپڙا پسائجن. اسڪول وڃجي وري گسائجي، استادن جو مارون کائجن ۽ ڪن گوشيون ڪجن هڪ جيڏن سان جهيڙا ڪجن وري روئي روئي دانهون ڏجن، هڪ ٻئي جو سليٽون ڀڃجن، ڪتاب ڦارجن، اکين تي هٿ رکي روئي دانهون ڏجن، چغليون هڻجن، فيصلي کان پوءِ سائين جا ڏنڊا جهلجن چدا راند کيڏجن بس ڇاڇا ڪرڻ وغيره وغيره ٿوري دير لاءِ بس ڪاش ٿوري دير لاءِ اهو وقت موٽي اچي جيڪو بلڪل ناممڪن، ناممڪن بلڪه ڪڏهن به نه ٿيڻ واري ڳالهه..