شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• نســــــــــــــــــل جي حفاظت (آگاهي)

ڪنهن خاص عنوان سان هي ضروري ڪالم لکي ڪتاب کي پورو ڪري رهيو آهيان. اگر هي ڪالم نه لکان ها ته شايد ڪتاب اڻپورو ۽ نامڪمل ٿي وڃي ها. هن جي لکڻ جو خاص مقصد عام توڙي خاص خاندانن لاءِ هڪ دورانديش سوچ ۽ سوچڻ جو فڪر آهي. اهيو آهي هڪ خطرناڪ ننڍن ٻارن جي موتمار بيماري جو ذڪر جنهن جو نالو آهي ٿيليسيميا ميجر ۽ سندس ٻيو نالو آهي هڪ جسماني اذيت ڏيندڙ بيماري. جنهن جي ڪري انهي بيمار ٻار جا مائٽ ذهني طور پريشان، جسماني طور مفلوج، معاشي طور تباھ ۽ سماجي طور انتهائي ڪمزور ٿي وڃن ٿا. بلڪل دردناڪ ڪهاڻي آهي هن قسم جي ڪهاڻي منهنجي يادن ۾ به شامل آهي ڇو ته مون پورا ويھ سال هن مرحلي ۾ ڪراچي جي هڪ اداري فاطميد فائونڊيشن ۾ گذاريا آهن. جتي بيمار ٻارن کي رت ڏنو ويندو آهي. مان به پنهنجي ٻارن کي ان اداري مان رت ڏياريندو هوس. ان سلسلي ۾ منهنجو ملڪي ۽ غير ملڪي ڊاڪٽرن سان واسطو رهيو انهي معلومات جي لحاظ سان هي سڀ ڪجهه لکي رهيو آهيان.
هن بيماري کان بچڻ لاءِ صرف ۽ صرف احتياط تمام ضروري آهي. بيماري کان بچڻ لاءَ آءُ هن ڪتاب پڙهندڙن ۽ پنهنجي خاندان لاءِ صرف نصيحت يا آگاهي ڏيان ٿو ته جئين ان نصيحت واري ڳالهه تي عمل ڪري پنهنجي نسل جو تحفظ ڪري سگهن. پنهنجي نسل جي حفاظت ته اهي حيوان پکي ۽ جانور به ڪن ٿا. انسان ته وڏي سمجهه رکندڙ ۽ اشرف المخلوق آهي.
1؛ ٿيليسيميا ميجر؛
هي هڪ خطرناڪ موروثي يا خانداني بيماري آهي هن قسم جي مريض ٻار کي هر مهيني رت لڳايو ويندو آهي ۽ خاص دوائون ڏنيون وينديو آهن، اگر وقت تي رت نه لڳايو ويو ته ٻن مهينن دوران موت ٿي ويندو آهي پاڪستان ۾ هن وقت سال ۾ 4000 ٿيليسيميا ميجر جا ٻار پيدا ٿين ٿا ۽ ٽوٽل هن وقت لک کان به وڌيڪ ٻار ٿيليسيميا ميجر ۾ مبتلا آهن.
2؛ ٿيليسيميا مائينر
پاڪستان ۾ هن وقت ميڊيڪل جي انگن اکرن موجب 5 سيڪڙو آبادي ٿيليسيميا مائينر ۾ آهن، ليڪن هن قسم جي مريض کي علاج ڪرائڻو نه پوندو آهي بلڪه ان متعلق ماڻهو کي خبر به نه هوندي آهي ته ڪو ان ۾ مبتلا آهي. هي خبر صرف هڪ ٽيسٽ وسيلي معلوم ڪئي ويندي آهي جنهن جو نالو آهي (Hb-Electrophorisis) ٿيليسيميا مائينر اگر ڪنهن ۾ آهي ته پنهنجي خاندان يا اهڙي جوڙي جي شادي نه ٿيڻ گهرجي. جنهن ۾ هي مرض آهي. ڇو ته ٿيليسيميا مائينر جي جوڙي جي شادي سان انهن جو اولاد وري ٿيليسيميا ميجر ۾ جنم وٺندو آهي جيڪا هڪ دردناڪ ۽ اذيت ڏيندڙ ڪهاڻي آهي.
پنهنجي اچڻ واري نسل کي ٿيليسيميا ميجر کان بچائڻ لاءِ واحد طريقو اهيو آهي ته مرد ۽ عورت ٻئي ٿيليسيميا جي ٽيسٽ ڪرائن ۽ ٿيليسيميا مائينر جي صورت ۾ پاڻ ۾ شادي ڪرڻ کان پرهيز ڪن ان گفلت کان بچاءِ جي لاءِ (Hb-Electrophorisis) ٽيسٽ ڪرائڻ تمام ضروري آهي.
اگر ڪنهن خاندان ۾ هڪ به ٿيليسيميا ميجر جو مريض پيدا ٿيل آهي ته ان خاندان ۾ دوران حمل هيٺين ٽيسٽ ڪرائڻ تمام ضروري آهي جنهن جو نالو، (Chorianic Villus Sampling) CVs) حمل واري ٻار ۾ هن ٽيسٽ جي ذريعي خبر پوي ته پوءِ اهو حمل ضايع ڪرائڻ گهرجي. شرعي عالمن جي فتوى موجب ڪوئي شرئي ڏوھ نه آهي هي ٽيسٽ حمل جي اڍاين کان ٽن مهينن جي دوران ٿيندي آهي.
اگر سڀ ڪجهه سمجهڻ جي باوجود به غفلت کان ڪم ورتو ويو ته ٿيليسيميا جو مرض انهن مريضن ۽ سندن مائٽن لاءِ سڄي زندگي آزمائش بڻجي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته سمجهه جو گهٽ هجڻ ۽ لاپرواهي تمام گهڻين خرابين ۽ پريشانين کي جنم ڏين ٿيون. الله سڀ جو حامي ۽ ناصر رهي. آمين.