شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• حــــــــــــــادثاتي واقعات ۾ فوت ٿيل شخصيتون

دنيا وانگر اسان جي ڳوٺ ۾ ڪجهه پيش آيل حادثا ۽ ان جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل ڪجهه شخصيتن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
1؛ وڏيرو شهباز ڏنو جسڪاڻي
شهباز ڏنو ولد وڏيرو يار محمد خان جسڪاڻي راڄ جو چڱو مڙس هو سريلو، سمجهدار، ۽ تعليم يافته شخص هو. سڀني خوبين سبب راڄ کيس چڱ مڙسي جي پڳ ٻڌرائي حالانڪه چئن ڀائرن ۾ ننڍي مان ننڍو هو. 1980ع ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ پنهنجي ئي ٽريڪٽر تي شڪار ڪرڻ لاءِ مٿي اوڀر طرف ريگستان ويا ڪنهن سبب ڪري ٽريڪٽر ڪلٽي ٿي پيو ۽ وڏيرو شهباز ڏنو ان هيٺان اچي ويو. دوستن کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي نه سگهيو. سندس فوت ٿيڻ سبب راڄ ۾ وڏو خال پئجي ويو ان کانپوءِ سندس پڳ سندس پٽ فيض محمد خان کي ٻڌرائي وئي.
2؛ داروغو غوث بخش جسڪاڻي
آبپاشي کاتي ۾ نوڪري ڪندڙ داروغو غوث بخش پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ دوران 1986ع ۾ ڪوٽ بنگلو وٽ ان وقت حادثي جو شڪار ٿي ويو جڏهن هو هڪ سوزوڪي تي اچي رهيو هو. ۽ اڳيان ٻه سانھ (پاڏا) وڙهندي اچي سوزوڪي ۾ لڳا. ۽ سوزوڪي ڪلٽي ٿي وئي. ۽ اتي وفات ڪري ويو. داروغو صاحب ڊيوٽي جو پابند والدين جو فرمانبردار سچ ڳالهائڻ جي ڪري خاص طور سڃاتو ويندو هو. راڻيپور واري درگاھ جو سچو مريد هو سندس وفات ڪري راڄ هڪ اهم شخصيت کان محروم ٿي ويو.
3؛ صوفي طالب علي خاصخيلي
صوفي طالب علي خاصخيلي هڪ هوشيار، ذهين ۽ شوخ طبيعت وارو رٽائر پرائمري استاد هو. 1986ع ۾ طبيعت صحيح نه هئڻ سبب ڊاڪٽر کان انجيڪشن ڪرائي سئي جي ردعمل سبب انتقال ڪري ويو. سندس وفات سبب خاصخيلي قبيلي ۾ اهم شخصيت جو خال پئجي ويو.
4؛ محمد صالح ولد ميهر خان جسڪاڻي
محمد صالح جسڪاڻي ميرواھ ڪئنال مان هڪ ڇوڪري کي ڪلهي تي کڻي واھ مان تري پار اچي رهيو هو، ته واھ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، اها ڇوڪري معجزانه طور بچي وئي.
5؛ ناري ڏانهن ڃڄ کڻي ويندڙ ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ گاڏين سان ايندڙ حادثن سبب ٻه ننڍي عمر وارا ڇوڪرا ظفر ولد بيگ محمد جسڪاڻي ۽ جنسار ولد الله ڏتو جسڪاڻي پڻ فوت ٿي ويا.